سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي صوفي راڳي ۽ استاد انورالدين جتوئيءَ تي ڀيٽا طور لکيل مضمونن جو مجموعو ”سڄڻ تنھنجي سار“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو مرتب ڪندڙ ادريس جتوئي آھي.
انورالدين جتوئي سنڌ جو يگانو راڳي ۽ استاد ھو. ھن جي رڳ رڳ ۾ راڳ ۽ سُر ڀريل ھو. ھن راڳ جي فن کي ڪڏھن بہ ذاتي ڪمائيءَ جو ذريعو نہ بنايو پر پنھنجي عشق جي تڪميل جو وسيلو سمجهيو. ھن ڪتاب ۾ انورالدين جتوئيءَ جي زندگي، شخصيت ۽ فن تي مختلف ليکڪن پاران لکيل مقالا، تاثراتي لکڻيون، پروفائيل، انٽرويو ۽ ٻيو مواد شامل آھي.
ھي ڪتاب 2015ع ۾ انورالدين جتوئي يادگار ڪميٽي، مورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي