لطيفيات

لطيفي لات

ھن ڪتاب ۾ 27 ۽ 28 مئي 1992ع تي ڪراچيءَ ۾، ثقافت کاتي طرفان منعقد ڪيل شاھ لطيف قومي ڪانفرنس ۾ شاھ لطيف جي شخصيت، شاعري ۽ پيغام تي دنيا جي وڏن عالمن ۽ محققن جي پڙھيل مقالن کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آھي. سندن فھم، فڪر ۽ لطيف سائينءَ جي پيغام جي تشريح ملڪي ۽ عالمي تناظر ۾ ڪيل ڏسجي ٿي، جنھن کي پڙھڻ ۽ سمجهڻ جي تمام گهڻي ضرورت آھي. ڪتاب ۾ اردو ٻوليءَ ۾ لکيل 5 جڏھن تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل 20 مقالا ۽ مضمون شامل آھن.

Title Cover of book لطيفي لات

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ممتاز مرزا پاران مرتب ڪيل تحقيقي مقالن جو ڪتاب ”لطيفي لات“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
ھن ڪتاب ۾ 27 ۽ 28 مئي 1992ع تي ڪراچيءَ ۾، ثقافت کاتي طرفان منعقد ڪيل شاھ لطيف قومي ڪانفرنس ۾ شاھ لطيف جي شخصيت، شاعري ۽ پيغام تي دنيا جي وڏن عالمن ۽ محققن جي پڙھيل مقالن کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آھي. سندن فھم، فڪر ۽ لطيف سائينءَ جي پيغام جي تشريح ملڪي ۽ عالمي تناظر ۾ ڪيل ڏسجي ٿي، جنھن کي پڙھڻ ۽ سمجهڻ جي تمام گهڻي ضرورت آھي. ڪتاب ۾ اردو ٻوليءَ ۾ لکيل 5 جڏھن تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل 20 مقالا ۽ مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان ميراڻيءَ جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي