ننڍي هوندي پڙهڻ نه ايندو هو ته استاد جي مار کائيندو هوس. ڪجھ استاد جي مار ۽ ڪجھ رب پاڪ جو ڪرم جو پڙهي پيس. پر لکڻ ان کان به ڏکيو آهي. مون هيءَ جيڪا ڪوشش ڪئي آهي اُها پورن پندرهن سالن جي لڳاتار ڪوشش آهي. ڇو ته 2005ع ۾ رٽائر ٿيس ۽ انجو مذڪور لکڻ شروع ڪيو هئم. جيڪي ڪجھ لکيو آهي صرف يادگيرين جي بنياد ۽ جيڪي ڪجھ ريسرچ ڪرڻ دوران پڙهيو هئم ان مطالعي جي آڌار تي هيءُ دفتر قلمبند ڪيو اٿم.
هڪ ڳالهه ضرور ڪندس ته پڙهندڙ ڪيترو ٿو محظوظ ٿئي انجي پروڙ ناهي، پر هيءَ به ڳالهه ڪندس ته پوريءَ دلجمعيءَ سان لکيو آهي ۽ محبت ڀريو مٺاس ۽ چاشني ان ۾ شامل ڪئي آهي، باقي اگر ڪٿي پٽڙيءَ تان لهي ويو آهيان ۽ خيال ۾ نظم ۽ ضبط نه رکي سگھيو آهيان ته مهرباني ڪري معاف ڪندا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي:
محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن
مون به هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي ته درگذر ڪري ڇڏي ڇو ته مان نه ته ڪو اديب، نه ليکڪ آهيان نه وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.
هونئن به ڏاهن جو چوڻ آهي ته هن حياتيءَ کي انمول سمجھي ڪري زندگي گذاريو ۽ جيڪي ڪجھ اوهان حاصل ڪيو يا وڃايو انکي تحرير ۾ آڻيو ته جيئن معاشرو ان مان لاڀ حاصل ڪري ۽ اُهي غلطيون نه دهرائي جيڪي لکندڙ ڪيون آهن. ان مان اهو فائدو ٿيندو ته معاشرو سٺو ۽ صاف زندگي گذاريندو ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جو گند ڪچرو نه هوندو.
هيءَ حقيقت پنهنجي جاءِ تي مسلم آهي ته ڏک ڏولاوا حياتيءَ ۾ ايندا ۽ اچڻ به کپن ڇو ته اهي ڏک به زندگيءَ جي سونهن آهن. ڇو ته بغير ڏکن جي زندگيءَ جو مزو ئي ختم ٿي ويندو.
هيءَ به حقيقت آهي ته معاشري جي هر فرد تي جيڪي به ڏک درد اچن ٿا اُها انجي عملن جي شامت هوندي آهي، ورنه رب پاڪ پنهنجي طرفان هروڀرو تڪليف ڪونه ڏيندو آهي. هو ته ڪريم، غفار ۽ ستار آهي، ان کان علاوه ٻين جي عيبن کي ڍڪيندو آهي.
مون عيبدار ۽ گنهگار جي عيبن کي مالڪ پاڪ ڍڪيو آهي اها انجي ڪرم نوازي آهي جو هي مذڪور لکي سگھيو آهيان ۽ معاشري جي اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان.
هن دفتر کي سهيڙي مون ڀاڱن ۽ بابن ۾ ورهايو آهي. انجو سبب هي آهي ته جيئن پڙهندڙ ائين نه سمجھي ته هيءَ ڪا ڇَتي ڪوريءَ واري ڊيگھ آهي، پر ائين سمجھي ته هڪ ڪتاب سندس هٿن ۾ آهي.
هن کان اڳم منهنجو اڳيون ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو يعني حصو ٻيو. ۽ هيءُ منهنجي دوست علي نواز گھانگھري وٽ ڏنل هو، پر ڪن حالتن جي ڪري هن دوست مون سان تعاون ڪونه ڪيو. تنهن تي مون ادا عمر سومري سان مشورو ڪيو ۽ هن مونکي دلداري ڏيندي، هيءُ بار به پاڻ تي کنيو ۽ کوڙ تڪليف وٺي ڪمپوز ڪيو ۽ ڇپائي ڏنو. سندس مهرباني. ان لاءِ آءٌ دلي طرح سندس شڪر گذار آهيان ۽ ٿورائتو پڻ. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي:
“ٿورا م ٿورا مون تي ماروئڙن جا”.