ٻاراڻو ادب

ٽام اينڊ جيري (ڪارٽون ڪھاڻيون)

سرمد عباسي اهڙن ليکڪن مان هڪ آهي. جيڪي ڊگهي وقت کان ٻارن لاءِ مستقل طور تي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. سرمد نه رڳو ڪهاڻيون لکي ٿو پر ان سان گڏ نئون تجربو ڪندي سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ ”ڪارٽون ڪهاڻيون“ جي سري هيٺ سيريز لکي رهيو آهي. جيڪي دلچسپ هجڻ سان گڏ ٻارن جي اصلاح به ڪن ٿا، هو لکڻين ۾ سولي سادي ٻولي ۽ تشبيهون ڪتب آڻي ٿو جيڪي ٻار سولائي سان سمجهي سگهن ٿا. سرمد جڏهن پنهنجون اهي ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ ڪارٽون ڪهاڻيون فيس بوڪ تي شيئر ڪندو آهي ته ڪيترائي والدين کيس رايا ڏيندا آهن ته هو پنهنجن ٻارڙن کي سندس اهي ڪهاڻيون پڙهي ٻڌائن ٿا جيڪي اهي وڏي شوق سان ٻڌندا (پڙهندا)  آهن.

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ٽام اينڊ جيري (ڪارٽون ڪھاڻيون)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ سرمد عباسيءَ پاران ٻارن لاءِ لکيل ڪارٽون ڪھاڻين جي سيريز تي لکيل ڪھاڻين جو ڪتاب ”ٽام اينڊ جيري“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
سرمد عباسي اهڙن ليکڪن مان هڪ آهي. جيڪي ڊگهي وقت کان ٻارن لاءِ مستقل طور تي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. سرمد نہ رڳو ڪهاڻيون لکي ٿو پر ان سان گڏ نئون تجربو ڪندي سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ ”ڪارٽون ڪھاڻيون“ جي سري هيٺ سيريز لکي رهيو آهي. جيڪي دلچسپ هجڻ سان گڏ ٻارن جي اصلاح بہ ڪن ٿا، هو لکڻين ۾ سولي سادي ٻولي ۽ تشبيهون ڪتب آڻي ٿو جيڪي ٻار سولائي سان سمجهي سگهن ٿا. سرمد جڏهن پنهنجون اهي ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ ڪارٽون ڪهاڻيون فيس بوڪ تي شيئر ڪندو آهي تہ ڪيترائي والدين کيس رايا ڏيندا آهن تہ هو پنهنجن ٻارڙن کي سندس اهي ڪهاڻيون پڙهي ٻڌائن ٿا جيڪي اهي وڏي شوق سان ٻڌندا (پڙهندا)  آهن.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇپايو. ٿورائتا آھيون سرمد عباسيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڊجيٽل ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

پياري ڀاڻيجِي صوفيہ نديم عباسي جي نانءُ ... منھنجي پرنسس،شال سدائين الله جي امانَ ۾ ھجو ... اَوج ماڻيو ... آمين يارب العالمين ...

سرمد عباسي ٻاراڻي ادب ۾ نواڻ آڻيندڙ ليکڪ: زاهد منگي

مون سميت ڪيترائي ليکڪ آهن جن لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي. ان زماني ۾ ٻارن لاءِ ڪافي رسالا ۽ اخبارون جا هفتيوار صفحا شايع ٿيندا هئا. جن ۾ ڪيترائي اديب لکندا هئا. تنهن هوندي به اها شڪايت عام هوندي هئي ته ٻاراڻي ادب تي ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. وڏا اديب ٻارن لاءِ نه ٿا لکن. وقت گذرڻ سان زماني جي ٻين شين ۾ جيئن بدلاءُ آيو تيئن ٻاراڻي ادب تي به اثر پيو. ڇپجندڙ رسالا بند ٿي ويا ته اخبارن به ٻارن لاءِ صفحا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا. ان وقت جا ليکڪ جڏهن پاڻ وڏا ٿيا ته انهن به ٻارن لاءِ ذري گهٽ لکڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. هن مهل ٻاراڻي ادب جي صورتحال ڪا گهڻي بهتر ناهي. نظم واري پاسي اڃان ڪجهه ڪم ٿئي پيو جو وقفي وقفي سان ڪتاب شايع ٿين ٿا. باقي نثر ۽ ان ۾ وري ڪهاڻيءَ واري پاسي ڏي ڪم نه هجڻ برابر آهي. ٻارن لاِءِ لکڻ به هڪ نرالو فن آهي. اهو جيترو بظاهر سولو لڳي ٿو اوترو ئي ڏکيو آهي. ڇاڪاڻ ته ليکڪ کي پڻ ٻار جي سطح تائين لهي اچڻو پوي ٿو. ٻار پنهنجي پتڪڙي دماغ ۾ ڇا ٿو سوچي. ان جي معصوم سوچن ۾ ڪهڙيون ڳالهيون اچن ٿيون. هو ڪهڙي ڳالهه دلچسپيءَ سان پڙهي يا ٻڌي سگهي ٿو. انهن سڀني شين جو ليکڪ کي خيال رکڻو پوي ٿو. اڄوڪي دور ۾ اها چيلينج اڃان وڌي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ جي ٻار وٽ تفريح جا ٻيا ذريعا اچي ويا آهن. ٽچ موبائيل فون ۽ ڪمپيوٽر جي اچڻ کانپوءِ ٻارن جي وندر جون ترجيحون به بدلجي ويون آهن. موبائيل فونن ۾ موجود ڪارٽون ڏسن سميت بي شمار گيمون ٻار وڏي شوق سان کيڏن ٿا. ايسيتائين جو ٻارن کان جسماني راند روند کيڏڻ به هلي وئي آهي. اهڙي ماحول ۾ ٻار کي ادب پڙهڻ لاءِ مائل ڪرڻ لاءِ لکڻيءَ ۾ به اها ڇڪ پيدا ڪرڻي پوندي جيڪا ٻار کي پاڻ ڏي ڇڪي. حاضر دور ۾ سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي جهجهي استعمال جو اثر ٻاراڻي ادب تي به پيو آهي. اهو ئي وڏو سبب آهي جو ٻاراڻو ادب هاڻي اڳ جيترو تخليق نه ٿو ٿئي. جن ليکڪن ٻاراڻي ادب کان لکڻ شروع ڪيو هيو. انهن مان ڪجهه ئي باقي آهن جيڪي اڃان تائين ٻار لاءِ لکي رهيا آهن. سرمد عباسي به اهڙن ليکڪن مان هڪ آهي. جيڪو ڊگهي وقت کان ٻارن لاءِ مستقل طور تي ڪهاڻيون لکي رهيو آهي. سرمد نه رڳو ڪهاڻيون لکي ٿو پر ان سان گڏ نئون تجربو ڪندي سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ ”ڪارٽون ڪهاڻيون“ جي سري هيٺ سيريز لکي رهيو آهي. جيڪي دلچسپ هجڻ سان گڏ ٻارن جي اصلاح به ڪن ٿا، هو لکڻين ۾ سولي سادي ٻولي ۽ تشبيهون ڪتب آڻي ٿو جيڪي ٻار سولائي سان سمجهي سگهن ٿا. سرمد جڏهن پنهنجون اهي ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ ڪارٽون ڪهاڻيون فيس بوڪ تي شيئر ڪندو آهي ته ڪيترائي والدين کيس رايا ڏيندا آهن ته هو پنهنجن ٻارڙن کي سندس اهي ڪهاڻيون پڙهي ٻڌائن ٿا جيڪي اهي وڏي شوق سان ٻڌندا (پڙهندا) آهن. هن موجودهه سوشل ميڊيا جي يلغار سبب ٻارن جي بدليل ذوق ۽ مزاج کي نظر ۾ رکي سنڌيءَ ۾ ڪارٽون ڪهاڻين جو انوکو تجربو ڪيو آهي. سرمد ڪمال ڪاريگريءَ سان مشهور ڪارٽون ڪردارن ٽوم ۽ جيري کي به سنڌي بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪا هڪ خوشگوار نواڻ آهي. جيڪڏهن ڪو ادارو انهن ڪارٽون ڪهاڻين کي سنڌيءَ ۾ فلمائي ته هوند ڏاڍو سٺو ٿي پوندو ۽ ٻارن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪارٽون ڏسڻ لاءِ ملي ويندا. سرمد کي هڪ صلاح ته هو اها مشق جاري رکي يقينن سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ سندس ان ڪم کي قدر جي نظر سان ياد رکيو ويندو.

ڪارٽون ڪھاڻيون

---

ٽام ۽ جيري

”ڪُڪڙو ڪُو“
"گُڙ گُڙ گُڙ...گُڙ گُڙ گُڙ ..."
عجيب قسم جي لاڳيتو ايندڙ آوازن جي ڪري، جيريءَ جي اک کلي پئي.ھُو پنھنجي ماچيسَ جي دَٻيءَ واري بستري(ھنڌَ) تان اُٿيو ۽ ٻِرَ جي مُنھنَ وٽان ٻاھر جهاتي پاتائين.
گهرَ جي وڏي ھالَ ۾ قالينَ تي ٽام ليٽيل ھو ۽ گُڙ گُڙ جو آواز سندس پيٽَ مان پئي آيو.
صبح جو وقت ھو.گهرَ جي مالڪياڻي رَنڌِڻي ۾ ڪم ڪار ڪري رھي ھئي .
جيريءَ جي چپن تي مرڪَ اچي وئي.کيس چڱيءَ ريت ڄاڻَ ھئي تہ گُڙ گُڙ جا اھي آواز ٽام جي پيٽَ مان ڇو پئي آيا.
ڪالھہ صبح ئي ٽام کي نيرن ۾ ڇِيڇڙا ۽ کيرَ جو پيالو مليا ھئا.جيڪي ھنَ کائڻَ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو ۽ ھر ھرَ فرج ڏانھن اشارا پئي ڪيائين تہ کيس ان ۾ رکيل ٻاڪري گوشتَ جي ٻُوٽي کپي .
"ٽام کائڻو اٿئي تہ اھو ئي کاءُ. فرج ۾ رکيل گوشت رات مھمانن جي دعوت لاءِ آھي تو جھڙي بيڪار ٻِلَي لاءِ نہ."مالڪياڻيءَ ڪاوڙ ۾ چيو ھو .
پرَ ٽام ضد ۾ اچي ڇِيڇڙا کائڻَ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کير بہ نہ پِيتو ھئائين.منجهند بہ ھنَ ايئن ڪيو ۽ رات جو بہ دعوت کا پوءِ بچيل ھڏا ڪو نہ کاڌا ھئائين.اھو ئي سبب ھو جو ھنَ مھلَ بک جي ڪري سندس پيٽَ مان گُڙ گُڙ جا آواز پئي آيا.
نيٺ لاچار ٿي ٽام رنڌڻي ڏانھن ويو ۽ ڏاڍي معصوميتَ سان چيائين..."مِيائون مِيائون". پوءِ پنھنجا پِيلا ڏندَ ٽيڙي . مالڪياڻيءَ ڏانھن نھارڻ لڳو .
اھو ڏسي،جيري ٽھڪَ ڏيڻَ لڳو
"ٽام تون ھڪ ناشڪرو ٻلو آھين. ھاڻ تو کي سڀاڻي صبحَ جو ئي ماني ملندي.اھا تنھنجي سزا آھي." مالڪياڻيءَ جو آواز آيو ۽ ٽام بيمارن جيان ھلندو واپس پنھنجي ھنڌَ تي ليٽي پيو.کيس ڏاڍي بک لڳي ھئي.
"صبح تائين تہ مان مري ويندس. مون کي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻو ئي پوندو."ٽام سوچيو .
اُنھيءَ مھلَ ئي ٻاھر روڊَ تي ڪي کَڙڪا ٿيا .
ٽام اُٿيو ۽ ھالَ جو درُ کولي ٻاھر اڱڻَ ۾ ھليو ويو .
جيري،ٽام کي ويندو ڏسي تڪڙ ۾ ھالَ جي دريءَ وٽ پھتو ۽ شيشي مان ٽام ڏانھن ڏسڻَ لڳو .
ٽام ٻاھرين درَ جي چاٻيءَ واري سوراخَ مان ڪجهہ ڏسي رھيو ھو .
"ھي ڇا پيو ڏسي؟"جيري سوچيو
جلد ئي ٽام مڙيو ۽ درَ سان ٽيڪَ ڏئي بيھي رھيو. ھاڻ ھنَ جي مُنھن تي خوشي ھئي.سندس اکيون ايئن پئي چمڪيون ڄڻ سندس آڏو ٻُوٽين سان ڀريل پليٽ پئي ھجي .
اھو ڏسي جيري،دريءَ جي تاڪن جي وِٿيءَ مان ٽَپي اڱڻَ ۾ ھليو آيو ۽ ٽام کان لڪندو لڪندو ٻاھرين ڀت تي چڙھي ٻاھر روڊ ڏانھن ڏسڻَ لڳو .
ٻاھر روڊَ تي محمود ڪُڪڙين واري جِي گاڏي بيٺل ھئي.جنھن جي پوئين کليل حصي ۾ ڪيترائي لوھي سِيخن وارا پڃرا رکيل ھئا.جن ۾ محمود بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ پنھنجون پاليل ديسي ڪڪڙيون ۽ بيدن جون پيتيون رکي رھيو ھو.
محمود ھڪ سٺو انسان ھو.سندس ايمانداري سڄي شھر ۾ مشھور ھئي .
جيري ٽام ڏانھن نھاريو جيڪو ٻيھر چاٻيءَ واري سوراخَ مان ٻاھر ڏسي رھيو ھو .
جيري ھڪ ذھين ڪوئو ھو سو سمجهي ويو تہ ٽام،محمود جون ڪُڪڙيون کائڻ جو ارادو ڪيو آھي.جيري کي اھا ڳالهہ نہ وڻي.ھن پڪو پھہ ڪيو تہ ھو محمود جي ڪڪڙين کي ڪجهہ بہ ٿيڻ نہ ڏيندو .
محمود درَ کي تالو ڏنو ۽ گاڏيءَ ۾ چڙھي بازار ڏانھن روانو ٿي ويو .
ٽام،محمود جي ويندي ئي،بنا ڪو آواز ڪرڻَ جي درُ کوليو ۽ ٻاھر نڪري محمود جي درَ وٽ پھچي وِٿين مان اندر نھارڻَ لڳو
جيري بہ ڀت تان لٿو ۽ ٽام کان بچندو ھڪ پائيپ وسيلي محمود جي گهرَ جي ڀت تي چڙھي ويو. ھنَ ڏٺو تہ ٽام بہ درَ تي چڙھڻَ جي ڪري رھيو ھو.
جيري ڀت تي ڊڪڻ شروع ڪيو ۽ محمود جي گهرَ جي پٺئين حصي ڏانھن وڌي ويو .
محمود جي گهر جي پٺئين حصي ۾ بہ ويڪرو اڱڻ ھو.جتي ھڪُ لوھي ڄاريون لڳل ڪمري ۾، ڪُڪڙيون ۽ چُوزا واڙيلَ ھوندا ھئا .
انَ ڪمري جي درَ وٽ ئي نم جو گهاٽو وڻ ھو.جنھن جي ھڪ ڏارَ تي جيري جو نئون دوست ڪُڪڙو ڪُو اکيون ٻُوٽي ويٺل ھو .
ڪُڪڙو ڪُو ھڪ ديسي ڪڪڙِ جو چوزو ھو.جنھن کي مٿي تي ڳاڙھي رنگ جو پتڪڙو تاج ھو.ھنَ جي بَتَ تي ڳاڙھسرا کنڀَ ھئا ۽ ھنَ جون کَڙھون چُھنبدار ۽ تکيون ھيون.ڏسڻَ ۾ ڪنھن وڏي ڪڪڙَ جيان لڳندو ھو .
محمود ٻہ ٽي ڏينھن اڳُ ئي ڪُڪڙو ڪُو ڪنھن ڳوٺَ مان وٺي آيو ھو.پھرين ڏينھن ئي جيري ۽ ڪُڪڙو ڪُو جي پڪي دوستي ٿي وئي ھئي .
جيري ڀت تي ڊڪندو وڻَ وٽ پھتو ۽ ڪُڪڙو ڪُو کي جاڳائڻَ لاءِ سيٽي وڄايائين. سيٽيءَ جي آواز تي ڪُڪڙو ڪُو ڇرڪ ڀريو ۽ اڌ کليل اکين سان جيري ڏانھن نھاري ھڪ وڏي اوٻاسي ڏئي ٻيھر اکيون ٻُوٽي ڇڏيائين.
جيري ڪاوڙ وچان ھڪ ڀيرو ٻيھر سيٽي وڄائي. ھيلَ ڪُڪڙو ڪُو چُريو بہ ڪو نہ.
انھيءَ مھلَ ئي ٽام ٻِلو اچي پھتو.
پڃرن ۾ واڙيلَ ڪڪڙين ۽ چوزن تي نظر پوندي ئي ھنَ جي گِگَ ڳڙي پئي ۽ ھُو ھوشياريءَ سان ڪمري جي درَ ڏانھن وڌڻَ لڳو.
ڪڪڙين ۽ چوزن جي جيئن ٽام تي نظر پئي اھي سڀ ڀوَ وچان ڪمري جي ڪُنڊَ ۾ ڪٺا ٿي ويا ۽ پرَ ھڻندي ڪُڙ ڪُڙ ڪُڙُڪ جا آواز ڪڍڻَ لڳا.
جيري ڀت تي ڍُونڍو ٿي ويھي رھيو تہ جيئن ٽام کيس ڏسي نہ سگهي.
ايترو گوڙ ٿيڻ کان پوءِ بہ،ڪُڪڙو ڪُو جي اک نہ کلي.اھو ڏسي جيري کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.ھنَ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو تہ کيس ھڪ پٿرُ ڏسڻَ ۾ آيو.ھنَ تڪڙ ۾ اھو پٿرُ کنيو ۽ ڏارَ تي ويٺل ڪُڪڙو ڪُو کي ھڻي ڏنو.پٿر لڳندي ئي ڪُڪڙو ڪُو جاڳي پيو ۽ ڪاوڙ وچان جيري ڏانھن ڏسڻَ لڳو.جيري کيس ھيٺ ڏسڻَ جو اشارو ڪيو.ڪُڪڙو ڪُو ھيٺ نھاريو ۽ جيئن ئي سندس نظرَ ٽام تي پئي ھنَ کان دانھن نڪري وئي ۽ ھن ڏارَ تان ھيٽ ٽَپو ڏنو.
ڪُڪڙو ڪُو سڌو اچي ٽام جي ڀرسان لٿو ۽ ڪاوڙ ۾ ٽام ڏانھن نھارڻ لڳو.
ٽام جي جيئن ھن تي نظرَ پئي سندس وات پَٽجي ويو ۽ ھو لوڀَ مان ڪُڪڙو ڪُو کي ڏسڻَ لڳو.
"بک ڪاٽڻَ کان پوءِ ان چُوزي جي نيرن ملي تہ پوءِ ٻيو ڇا کپي؟"ٽام،چپن تي زبان ڦيريندي سوچيو.
"ڪُڙ ڪُڙ ڪُڙ ڪُڙ..."ڪُڪڙو ڪُو ڪاوڙ ۾ آواز ڪڍيو
."گُڙ گُڙ گُڙ گُڙ..."ٽام جي پيٽَ مان آواز آيو
ڪُڪڙو ڪُو حيرت مان ٽام جي پيٽَ ڏانھن نھاريو .
ٽام پنھنجي ڦِڪائپَ لڪائڻ لاءِ پھرين پنھنجن چَنبن مان نَنھن ڪڍيا ۽ پوءِ چَپَ ٽيڙي ڏندَ ڏيکارڻَ لڳو .
"ڪُڙ ڪُڙ..."ڪُڪڙو ڪُو،ٽام جي وات مان ايندڙ ڌَپَ جي ڪري تڪڙ ۾ پوئتي ٿي ويو .
ٽام "مِي....يا....ئووووو" جو ڀوائتو آواز ڪڍي ڪُڪڙو ڪُو کي ڊيڄاريو ۽ کيس کائڻَ لاء اڳتي وڌيو .
اھو لقاءُ ڏسي ڀت تي ويٺل جيري وڻَ جي ھڪ ٽاريءَ کي ڇڪي پاڻَ ڏانھن ڪيو ۽ ٻي گهڙي ھو ٽارزن جيان ٽاريءَ تي لڙڪندي اڳتي وڌيو ۽ ٽام جي مٿان پھچي ٽاريءَ کي ڇڏي ڏنائين.
ھو سڌو اچي ٽام جي ڀرسان لٿو .
ٽام جي نظر جيئن ئي مٿس پئي ھو ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو.ھن موقعي تي جيري کي ڏسي ھنَ کي شڪار پنھنجي ھٿن مان ويندو نظر آيو .
جيري ڪاوڙ وچان ٽام کي ڏٺو ۽ ھٿَ سان کيس ھليو وڃڻ جو اشارو ڪيو .
ٽام اھو ڏسي ٽوڪَ مان ٽھڪ ڏنو ۽ ڪُڪڙو ڪُو ڏانھن ڏسي چپن تي زبان ڦيري .
اھو ڏسي ڪُڪڙو ڪُو،جيري کي ھڪَ پاسي ٿيڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻَ ڪاوڙ وچان ٽام ڏي ڏٺو .
جيري ڊڪندو محمود جي گهر ۾ ويو ۽ فرج مان جوسَ جو دٻو کڻي واپس اچي ٽنگَ،ٽنگَ تي چاڙھي ويھي رھيو.
ڪُڪڙو ڪُو وڏي آواز ۾ ٻانگ ڏني ۽ ٽام ڏانھن وڌيو.ٽام ھنَ کي ڏسي اوٻاسي ڏني ۽ لاپرواھي سان ٻي پاسي نھارڻَ لڳو .
"ڪُڪڙو ڪُو..."ڪُڪڙو ڪُو جو آواز آيو ۽ ٻي گهڙي ھو ٽپ ڏئي،پرَ ھَڻندو مٿي وڻَ ۾ گم ٿي ويو .
جيري کان ڇرڪ نڪري ويو .
"ڇا ڪُڪڙو ڪُو ڀڄي ويو؟"جيري سوچيو
ٽام پھرين تہ حيران ٿي ويو ۽ پوءِ ڪاوڙ مان جيري ڏانھن ڏسڻ لڳو.جيري کي پڪَ ٿي وئي تہ ھاڻي سندس خير ناھي.ھنَ ڳيتَ ڏني ۽ ڀَڄڻَ لاءِ رستو ڳولهڻ لڳو .
انھيءَ مھل ئي آسمان ڏانهن ڪنھن جيٽ جھازَ جي اُڏامڻَ جو آواز آيو .
ٽام ۽ جيري مٿي نھارڻَ لڳا ۽ اھو ڏسي ٽام جون اکيون ڦوٽارجي ويون تہ نِم جي ٻِن ڏارن جي وچ مان ڪُڪڙو ڪُو ڪنھن جيٽ جھاز جيان ھن ڏانھن اچي رھيو ھو .
ٽام ڀَوَ مان ڀڄي پاسو وٺڻَ جي ڪوشش ڪئي پر ان کان اڳ ئي ڪُڪڙو ڪُو سندس مٿي تي ٽي چار ٺُونگا ھڻي فرش تي لھي آيو .
ٽام جي مٿي تان وارَ پٽجي ويا ۽ ٽِڪڻ تي ننڍڙي بالَ نموني جي سوجِ ظاھر ٿي پئي.تڪليف مان ھو دانھون ڪرڻ لڳو
اھو ڏسي جيري ۽ ڪُڪڙو ڪُو کلڻ لڳا .
کين کلندو ڏسي ٽام جي ڪاوڙ اڃان وڌي وئي ھُو تيزيءَ سان اڳتي وڌيو پر ان کان اڳ جو ڪُڪڙو ڪُو کي ڌڪُ ھڻي ھا،ڪُڪڙو ڪُو پنھنجا پرَ پکيڙيا ۽ ڳچي جُهڪائي ھن ڏانھن وڌيو ۽ ٽپُ ڏئي پنھنجون ٻئي کَڙون ٽام جي بُتَ ۾ کُپائي ڇڏيائين. پوءِ تہ ٽام جي دانھُنِ آسمان لوڏي ڇڏيو.ھُو زمين تي ڪِريو ۽ ڦَٿڪڻَ لڳو .
جيري افسوس وچان ڪنڌ لوڏيندو جوس پيئندو رھيو.جڏھن تہ ڪُڪڙو ڪُو ٽام جي اُٿڻَ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ٻِن ڌَڪن،بُکايل ٽام کي ساڻو ڪري وڌو ۽ ھو اٿڻَ بدران اٿي ئي پيو رھيو.جڏھن جيري،ٽام جي ڀَرسان بيھي جُوس جي خالي دَٻي جو ٺَڪاءُ ڪڍيو تڏھن بہ ٽام ڪو نہ چُريو.اھو ڏسي ڪمري ۾ واڙيلَ ڪڪڙيون ۽ چوزا ڏاڍيان ڪُڙ ڪُڙ ڪرڻ لڳا.
"اميدَ آھي تہ مانيءَ بدران مارَ کائي ٽام اھو سبق ضرور سکيو ھوندو تہ کاڌي جو ادب ڪرڻ گهرجي." جيري سوچيو ۽ ڪُڪڙو ڪُو سان ھٿُ مِلائي،ٽام کي پُڇَ کان پڪڙي ٻاھر پاسي گِھلڻَ لڳو.

پَلُوٽو : "بَبَر شِينھُن"

صُبحَ جو وقت ھو .
پَلُوٽو نالي ڪتو گهرَ جي اڱڻَ ۾ ٺھيل پنھنجي ڪاٺَ جي ننڍڙي گهر ۾ اکيون ٻُوٽي ليٽيل ھو.ٻاھر گهرَ جي باغيچي ۾ ٿڌڙي ٿڌڙي ھِيرَ لڳي رھي ھئي .
جنھن ۾ ٻوٽن تي ٽِڙيل جدا جدا رنگن جا گلَ لُڏي رھيا ھئا.وڻن جي ٽارين تي ويٺل پکين جي ٻولين سان سموري باغيچي ۾ مٺڙو مٺڙو گوڙ ھو. پلوٽو اڄ گهرَ ۾ اڪيلو ھو.سندس مالڪَ ڪنھن ڪمَ سانگي ٻي شھر ويل ھئا .
پلوٽو ڪنھن ڪنھن مھلَ ڪنڌُ کڻي انَ دَٻي ڏانھن نھاري رھيو ھو جنھن ۾ ھن جي لاءِ سڄي ڏينھن جو کاڌو رکيل ھو.انَ دٻي تي نظرَ پوندي ئي پلوٽو جي واتَ ۾ پاڻي ڀَرجي ٿي آيو .
صبح لاءِ کيرُ،منجهند لاءِ تريلَ ٻُوٽيون ۽ رات جو کائڻ لاءِ ھَڏو
"يَم...يَم..."کاڌي لاءِ سوچي،پلوٽو جي واڇن مان گِگَ پئي ڳَڙي. ھنَ جي دل تہ چاھيو پئي تہ ھُو اھو سڀ جو سڀُ کاڌو،ھڪَ مھلَ ئي کائي ڇڏي پرَ کيس خبرَ ھئي تہ جي ھنَ ايئن ڪيو تہ پوءِ سڄو ڏينھن کيس بُکَ تي رھڻو پوندو.ڇو جو گهرَ جا مالڪَ گھرَ جي اندرئين حصي کي تالو لڳائي ويا ھئا.پلوٽو اندر نہ پئي وڃي سگهيو .
پلوٽو کي ڪجهہ بکَ لڳي تہ رھي ھئي پرَ ھنَ چاھيو پئي تہ کيس اڃان ڪجهہ وڌيڪَ بک لڳي تہ پوءِ ئي ھو کير جي نيرن ڪري.مزي مزي سان .
پلوٽو ھڪ ڀيرو وري کاڌي واري دٻي ڏانھن نھاريو ۽ اکيون ٻُوٽي ڇڏيائين .
"ڪان...ڪان..."ٻاھران آواز آيو
اھو آواز ٻُڌي،پلوٽو کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.اھو ڪانءُ پلوٽو جو پڪو دشمن ھو ۽ وارو ملڻَ تي پلوٽو جو کاڌو کڻي،اڏامي ويندو ھو .
پلوٽو پنھنجي ڪاٺَ جي گهرَ مان ٻاھر نڪتو .
"ڪان...ڪان..."ڀتِ تي ويٺل ڪانءَ ھن کي ڏسي چِٻرا ڪڍڻَ لڳو.
"ڀَئُو...ڀَئُو...ڀَئُو..."پلوٽو ڀَؤنڪندو ڪانءَ ڏانھن ڀڳو تہ ڪانءُ ڀت تي ٻہ ٽي ٺينگَ ٽَپا ڏنا ۽ ڪان... ڪان...ڪندو اڏامي ويو.
"ھَئہ...ھَئہ..."پلوٽو کليو ۽ مستيءَ ۾ پُڇُ اُڀو ڪري،باغيچي جي ڇَٻرَ تي ڊُڪڻَ لڳو. ھنَ کي ڊُڪندو ڏسي وڻن تي ويٺل پکي بہ ھڪ ٽاريءَ کان ٻِي ٽاريءَ تي ٺينگَ ٽَپا ڏيڻَ لڳا.
ڪجهہ دير مستي ڪرڻَ کان پوءِ پلوٽو اَچي پنھنجي گهر ۾ ليٽي پيو.
انھيءَ مھلَ ئي ٻاھر اڱڻَ ۾ ڪو چڱو ڀلو آواز ٿيو.
پلوٽو جي مُنھن تي ڪاوڙ اچي وئي.ھُو سمجهي ويو تہ ڪانءُ وري ڪا اٽڪلَ پيو ڪري تہ جيئن پلوٽو کان سندس کاڌو کسي سگهي.
پلوٽو بنا ڪو آواز ڪرڻَ جي اُٿيو ۽ پنھنجي ڪاٺَ جي گهرَ مان نڪري ھيڏانھن ھوڏانھن نھارِڻَ لڳو. پرَ کيس ڪو بہ ڏسڻَ ۾ نہ آيو.ڀتِ تي ڪانءُ بہ ڪو نہ ھو.
پلوٽو وري پنھنجي گهر ۾ وڃڻَ وارو ئي ھو جو، اولهہ پاسي گلابَ جي گلن جا گهاٽا ٻُوٽا لُڏڻَ لڳا.
پلوٽو حيرتَ مان ٻُوٽن ڏانھن نھارڻَ لڳو.کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ھوا بہ ايتري تيز ڪا نہ پئي ھلي پوءِ ٻوٽا ڪيئن پئي لُڏيا؟
ھُو چِتائي ٻُوٽن ڏانھن نھارڻَ لڳو پرَ ٻوٽا ايترا تہ گهاٽا ھئا جو انھن جي پُٺيان ڪجهہ ڏسڻَ ۾ ئي نہ پئي آيو.
اُنھيءَ مھلَ ئي ھڪُ آواز ٻُڌي پلوٽو کي پنھنجو ساھُہ نڪرندي محسوس ٿيو.ھُو سڄو ڏڪڻَ لڳو.
اُھو آواز شِينھَن جي گجگوڙ جو ھو ۽ ٻوٽن واري پاسي کان آيو ھو.آواز ايترو تہ ڀَوائتو ھو جو وڻن تي ويٺل پکي ٽاھُہ کائي اڏامي ويا ۽ باغيچي ۾ ماٺِ پکڙجي وئي.انَ ماٺِ پلوٽو جي ڀَوَ کي ويتر وڌائي ڇڏيو.ھنَ ۾ ايتري بہ ھمتَ ڪا نہ ھئي جو پنھنجي گهرَ ۾ وڃي لِڪي.
اُمالڪ(اوچتو) گلابَ جا ٻوٽا وري لُڏڻَ لڳا ۽ شِينھن جي گجگوڙ جو آواز بہ آيو.
"وَؤؤؤؤ..."پلوٽو ڀَوَ مان دانھن ڪئي ۽ ھڪدم ڪجهہ ئي اڳتي رکيل ڪرسيءَ ھيٺان وڃي لڪيو. ھنَ اڳيان ٻئي چَنبا (پيرَ) پنھنجي اکين تي رکي ڇڏيا ۽ ڏڪڻَ لڳو.ھنَ جي ڏَڪڻيءَ تي ڪرسي بہ لُڏڻَ لڳي.
پلوٽو کي پڪَ ٿي وئي تہ ڪو شِينھن گهرَ ۾ گهڙي آيو آھي ۽ جلد ئي کيس کائي ويندو.
ھُو پنھنجي مالڪن کي ياد ڪرڻَ لڳو ۽ دعا گهرڻَ لڳو تہ اھي ھن مھلَ ئي موٽي اچي کيس شِينھن کان بچائي وٺن.
گهٽيءَ ۾ ڪنھن گاڏيءَ جو آواز ٻُڌي پلوٽو کي اميد ٿي تہ متان مالڪَ موٽي آيا ھجن.
"ٻُڌو ٻُڌو...ھڪ اعلان ٻڌو."گهٽيءَ مان ايندڙ اھو آواز ٻڌي،پلوٽو جي ڏڪڻي بند ٿي وئي ھن ھڪ ڪنَ کي اُڀو ڪري ڇڏيو تہ جيئن اعلان چِٽي نموني ٻُڌي سگهي.
"شھرَ جي راڻي باغَ مان آسٽريليا جو بَبر شِينھن ڀَڄي ويو آھي. مھرباني ڪري جَنھن کي بہ ببر شِينھَن جي باري ۾ ڪا ڄاڻَ ھجي تہ اسان کي ٻڌائي."اِھو ٻُڌي پلوٽو وري ڏڪڻَ لڳو.کيس پڪَ ٿي وئي تہ اھو ببر شينھن گلاب جي ٻوٽن پويان لڪيل آهي ۽ جلد ئي کيس کائي ويندو.
."وَؤؤؤؤ..."پلوٽو ڊَپَ مان روئڻَ لڳو
ڪي آواز آيا.جن کي ٻُڌي پلوٽو ھڪ چنبو پنھنجي وڏي واتَ تي رکي ڇڏيو تہ جيئن سندس وات مان ڪو آواز نہ نڪري ۽ ڌيان سان ٻُڌڻَ لڳو.
اھي ڪنھن جي ھلڻَ جا ھلڪڙا آواز ھئا.
"پڪَ سان ببر شينھن مون کي کائڻَ پيو اچي." پلوٽو سوچيو ۽ پنھنجون اکيون زورَ سان بند ڪري ڇڏيائين.
"سُڙُپ...سُڙُپ...پِچِ...پِچِ...ٽِڙِڪ...ٽِڙِڪ..."اھي نرالا آواز ٻُڌي پلوٽو اکيون کولي ڇڏيون پرَ کيس سمجهہ ۾ نہ آيو تہ اھي آوازَ ڇا جا ھئا.
ھڪ ڀيرو ويجهو کان شينھن جي گجگوڙ جو آواز آيو.
پلوٽو کان ننڍڙي دانھن نڪري وئي.ھنَ درَ ڏانھن نھاريو پر کيس ڀَڄڻَ جو رستو نظر نہ آيو.ڇو جو درَ کي تہ ٻاھران تالو لڳل ھو.پلوٽو پنھنجي پُٺي ڪاٺَ واري گهرَ ڏانھن ڪري ڇڏي تہ جيئن شينھن ڏانھنس اچي تہ کيس ڏسڻَ ۾ نہ اچي.
ھڪ ڀيرو وري آواز آيا ۽ ٻوٽا بہ لُڏڻَ لڳا.
پلوٽو اکيون ٻُوٽي پنھنجي جاءِ تي ڏڪندو رھيو.
."ڪير آھي ھنَ گهر ۾. ڪٿي اسان جو ببر شينهن تہ اتي ناھي؟"ڪنھن ماڻهوءَ جو آواز آيو ۽ در بہ کڙڪيو.
پلوٽو ھمت ڪري اکيون کوليون ۽ ٻاھرين درَ ڏانھن ڏِٺو.
ٻاھرين ڀت تان ھڪ ماڻهو گهر ۾ اندر نھاري رھيو ھو.ان ماڻهوءَ کي ٽوپي پاتل ھئي.
."ڀَئُو...ڀَئُو...ڀَئُو..."پلوٽو ڀؤنڪَ ڪئي
"اڙي تون آھين منھنجا دوستَ.ڇا ھتي آسٽريليا وارو ببر شينھن آيو آھي؟"ان ماڻهوءَ پڇيو.
پلوٽو تڪڙ ۾ ڪرسيءَ ھيٺان نڪري آيو ۽ گلاب جي ٻوٽن ڏانھن اشارو ڪري ھا ۾ ڪنڌ لوڏڻ لڳو.
"ھُون...چئبو تہ اھا ڳالهہ آھي. ترس تہ کيس جَهٽيان (پڪڙيان) ٿو.ڏاڍو تپايو اٿائين."انَ ماڻهوءَ چيو ۽ ڀِتِ ٽَپي گهرَ ۾ ھليو آيو.ھنَ جي ھٿَ ۾ ڪپڙي جي ڳوٿري ٻَڌلَ ھڪَ ڊِگهي بانسَ جي لٺِ ھئي.
اھا لٺِ ڏسي،پلوٽو جا ٻئي ڪنَ اُڀا ٿي ويا.
"ڪٿي ھي ماڻهو چريو تہ ناھي. ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ ببر شينھن ڪيئن جهٽبو؟" پلوٽو پنھنجي واڇَ مان زبان ڪڍي،سَھڪندي سوچيو.
اھو ماڻهو پلوٽو کي ماٺِ رھڻَ جو اشارو ڪندي ٻوٽن ڏانھن وڌڻَ لڳو.
پلوٽو وري ڪرسيءَ جي ھيٺان وڃي لڪيو ۽ افسوس مان انَ ماڻهوءَ ڏانھن نھارڻ لڳو.اھو ماڻهو لٺِ سان ببر شينھن پڪڙڻَ وڃي رھيو ھو.پلوٽو کي پڪَ ھئي تہ ببر شينھن ان ماڻهوءَ کي کائي ويندو.
ماڻهو،گلابَ جي ٻُوٽن وٽ پھتو ۽ جُهڪي ٻوٽن ڏانھن ڏسڻَ لڳو.ھنَ ڳوٿريءَ واري لٺِ اُڀي ڪري ڇڏي ھئي.
انھيءَ مھلَ ئي ببر شينھن جي گجگوڙ جو آواز آيو ۽ ان ماڻهوءَ لٺِ سوڌو ٻوٽن ۾ ٽپُ ڏئي ڇڏيو.
ببر شينھن جي گجگوڙ جي آوازن سان گڏ ٻوٽن جي ٽارين جي ڀَڄڻَ جا آواز آيا ۽ ماٺِ ٿي وئي.
پلوٽو ڀوَ ۾ وري پنھنجن چنبن سان اکيون ڍَڪي ڇڏيون ۽ انتظار ڪرڻ لڳو تہ اجهو ٿيون ماڻهوءَ جون دانھون ٻڌڻَ ۾ اچن
"آھا پڪڙجي پيو اسان جو ببر شينھن. ڪيڏو تہ حرڪتي آھين تون."ماڻهوءَ جو آواز ٻڌي،پلوٽو تڪڙ ۾ اکيون کوليون ۽ ٻوٽن واري پاسي نھاريو.
راڻي باغَ وارو ماڻهو واپس اچي رھيو ھو.ڊگهي لٺِ سندس ڪلهي تي ھئي ۽ ان ۾ ٻڌل ڳوٿريءَ تي نظرَ پوندي ئي پلوٽو کان وڏي دانھن نڪري وئي.ھنَ جو مٿو ڪرسيءَ سان لڳو ۽ پلوٽو اتي ئي ڪري پيو.
ڪپڙي واري ڳوٿريءَ مان ھڪ وچولي ڄمارَ وارو ڪتو پلوٽو ڏانھن نھاري رھيو ھو.
پلوٽو جو وات ڦاٽي ويو.کيس يقين ئي نہ پئي آيو تہ ھو سچ ۾ ڪنھن ڪتي کي ڏسي رھيو آھي.
جڏھن اھو ماڻهو پلوٽو وٽان لنگهيو تہ ڳوٿريءَ واري ڪتي وات ڦاڙيو ۽ شينھن جيان گجگوڙ ڪيائين.
."وَؤؤؤؤ..."پلوٽو ڊپَ ۾ پوئتي گسڪي ويو
اھو ڏسي ماڻهوءَ ٽھڪ ڏيندي چيو..."ڊِڄُ نہ ڪُتڙا. ھي تو وانگر ئي ھڪ ڪُتو آھي.بس ھن کي شينھن جيان گجگوڙ ڪرڻ ايندي آھي تنھن ڪري اسان ھنَ جو نالو ببر شينھن رکيو آھي."اھو چئي ماڻهو ڀت ٽَپي ھليو ويو.
پلوٽو بہ بيمارن جيان ھلندو پنھنجي گهر وٽ پھتو. کيس ڏاڍي بکَ لڳي رھي ھئي.
"مان سمورو کاڌو ھن مھل ئي کائي ٿو ڇڏيان."ھنَ پنھنجي ڊگهي زبان پنھنجن چپن تي ڦيريندي سوچيو.
پرَ اھو ڏسي ھو گهر جي درَ وٽ ئي ڪري پيو تہ سندس کاڌي وارو دٻو خالي پيل ھو.
پلوٽو تہ ببر شينھن کان بچي ويو ھو پرَ سندس کاڌو نہ بَچي سگهيو ھو .

ٽُوِيٽي

جيري ڪُوئو،اڱڻَ ۾ رکيل ڪُونڊيءَ پٺيان لِڪِي بسڪيٽ کائي رھيو ھو جو سندس ڪنن ۾ ٻاھران روڊَ تان ايندڙ آواز پيو.
"پَکِي ڏيو،پئسا وٺو...پَکِي ڏيو،پئسا وٺو..."
جيري بسڪيٽ کائي پورو ڪيو ۽ ڊُڪندو پائيپَ وسيلي ٻاھرين ڀتِ تي چڙھي ويو.
روڊَ تي ھڪَ گاڏي بيٺل ھئي.جنھن جو پويون حصو ٽرالي جيان ٺھيل ھو.گاڏيءَ جي اڳين حصي ۾ ويٺل ھڪ ماڻهو لائوڊ اسپيڪرَ تي اھي ھوڪا ڏئي رھيو ھو.انَ گاڏيءَ وٽ ڪيترائي ماڻهو ڪَٺا ھئا ۽ پنھنجا پاليل پکي کپائي رھيا ھئا.
"واؤ..."ھڪُ آواز جيري جي ڪنن ۾ پيو. جيري پنھنجي ساڄي پاسي نھاريو تہ کيس ٽام ٻِلو بہ ڀت تي ويٺل نظر آيو.ٽام اکيون ڦاڙي ۽ ڏندَ ٽيڙي گاڏيءَ ڏانھن ڏسي رھيو ھو.جيري ڏٺو تہ ٽام گاڏيءَ جي ٽرالي تي ٺھيلَ تصوير کي ڏسي گَِگَ ڳاڙي رھيو ھو.
ٽرالي تي ڦڪي(پِيلي) رنگَ جي پکيءَ جي تصويرَ ٺھيل ھئي ۽ انَ جي ڀرسان ئي لکيل ھو تہ "جيڪو بہ ھي پَکي کپائيندو ان کي ٻہ ھزار روپيہ ملندا“.
اھو پڙھي جيري کي ڳالهہ سمجهہ ۾ اچي وئي تہ ٽام ڇو پئي گِگَ ڳاڙي؟
اھڙو ئي ڦِڪي رنگَ جو پَکي ھنن جي گهرَ ۾ بہ ھو. جنھن جو نالو ٽُويٽِي ھو.ٽويٽي جيري جو پڪو دوست ھو.پر ٽام سدائين ان ڳڻتيءَ ۾ ھوندو ھو تہ ڪيئن بہ ڪري ٽويٽي مان جِندُ ڇَڏائي.ڇو جو جيري ۽ ٽويٽي،ٽام جي ھر سازش کي سمجهي ويندا ھئا ۽ ھنَ کي ڪا بہ ٺَڳي ڪرڻ نہ ڏيندا ھئا.
ھنن جي ڪري ٽام کي ڪيترائي ڀيرا مالڪياڻيءَ کان مارَ بہ ملي ھئي. ٽام،ٽويٽي کي کائڻَ جي بہ ڪوشش ڪئي ھئي پرَ جيري،ٽويٽيءَ جي حياتي بچائي ورتي ھئي.ھاڻي لڳي رھيو ھو تہ ٽام،ٽويٽي کي ان گاڏيءَ واري وٽ کپائي پئسا ڪمائڻ جي چڪرَ ۾ ھو.
ٽام ڀتِ تان ھيٺ لَٿو ۽ گهرَ جي اندرين حصي ۾ ھليو ويو.گهرَ جي ھڪ وڏي ھالَ ۾ ڪٻاٽَ جي مٿان ٽويٽي جو پڃرو رکيل ھو.ٽويٽي پنھنجي پڃري ۾ لڳل پِينگهہ تي لُڏندي سِيٽي وَڄائي رھيو ھو.ھُو ڦِڪي رنگ جو،طوطي جھڙو سُھڻو پکي ھو.
ٽام ڏاڍي ھوشياريءَ سان ڪَٻاٽَ تي چڙھيو ۽ ٽويٽي جي پڃري ڏانھن وڌيو.
ٽويٽي ٽام کي ڏسي ٽَپُ ڏَئي پِينگهہ تان لٿو ۽ ڊپَ وِچان پڃري جي پٺئين پاسي ڏانھن ھليو ويو ۽ پنھنجي دوست جيري کي ڳولڻَ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻَ لڳو.
جيري بہ ٽام جي ڪڍَ اُتي پھچي ويو ھو.ٽام کي ٽويٽي جي پڃري ڀرسان بيٺل ڏسي ھُو ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو.ھن شِيشي واري مَيزَ تي رکيل اُنَ جي ڏور وارو گولو کنيو ۽ سامھون رکيل شوڪيسَ تي چڙھي ويو.
ھوڏانھن ٽام ٽويٽي جي پڃري جو درُ کولڻ لاءِ پنھنجو ھٿُ(چَنبو) اڳتي وڌايو تہ ٽويٽي دانھون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون.
جيري تڪڙ ۾ اُنَ جي ڏور واري گولي جو ھڪ سِرو (مُنڍُ) پاڻَ وٽ سُڪَ ڪيو ۽ گولي کي پکي ڏانھن اُڇليائين.اُنَ جو گولو ڇِتِ واري پکي جي ڏنڊي کي ويڙھجي ھڪ پرَ تي وڃي ڪريو.جيري پاڻَ وٽ سُڪَ ٿيل اَنَ جي ڏور کي ڇِڪيندي پاڻَ کي ڇَڏي ڏنو ۽ ڏور وسيلي لڙڪندو ڪٻاٽَ ڏانھن وڌيو.اِنَ کان اَڳُ جو ٽام پڃري جو درُ کولي ھا،جيري وٽس پھچي پنھنجون ٻئي پويون ٽَنگون زور سان ٽام کي ھنيون.ٽام کي جَهٽڪو لڳو ۽ ھُو دانھَن ڪندو ھيٺ رکيل شيشي واري مَيزَ تي وڃي ڪريو.شيشو ھڪ ڌَماڪي سان ڀَڃي پيو ۽ شيشي جا ڪيترائي ٽُڪرا ٽام جي بُتَ ۾ گهڙي ويا.سور جي ڪري ٽام کان ھڪ دانھن ٻِي نڪري وئي.
اھو ڏسي ٽويٽي خوشيءَ مان سِيٽي وڄائي.
انھيءَ مھلَ ئي روڊَ تان گاڏيءَ واري جو آواز آيو.
"اسان پنجَ منٽَ ٻِيا بہ بيٺا آھيون. جلدي جلدي پنھنجا پَکي کڻي اچو.ھاڻي اسان اوھان کي ڦِڪي رنگَ واري پَکيءَ جا ٽي ھزارَ ڏينداسين“.
اھو ٻُڌي ٽام کان پنھنجا سُورَ وسري ويا.ھُو اُٿي بيھي رھيو ۽ ٽويٽي ڏانھن وَڌڻَ لڳو.
جيري،ٽام کي ايندو ڏسي تڪڙ ۾ پڃري جو درُ کوليو ۽ ٽويٽي کي پَکي ڏانھن اشارو ڪيو.ٽويٽي سندس اشارو سمجهيو ۽ ٻاھر نڪري اُڏامي وڃي پَکي جي پرَ تي ويٺو.ھن اُنَ جي ڏور وارو گولو پنھنجي پرن ۾ جهليو ۽ جيري ڏانھن ڏِسڻَ لڳو.جيري بہ اُنَ جي ڏور وسيلي لڙڪندو پَکي تائين پھتو ۽ انَ جي ڏور مَٿي ڇِڪي ڇَڏيائين.
"مَخ...مَخ...مَخ..."ٽام ٽھڪ ڏنو ۽ ٻِيھرَ ڪٻاٽَ تي چَڙھي پَکي ڏانھن نِھارڻَ لڳو. ھنَ جو ارادو پکي ڏانھن ٽَپُ ڏيڻَ جو ھو.
جيري ۽ ٽويٽي ھنَ جو ارادو سمجهي ويا ۽ ھڪَٻِئي ڏانھن نِھارڻَ لڳا.ڪُجهہ سوچي جيري تڪڙ ۾ اُنَ جي ڏور وارو گولو،سمورو کولي ڇڏيو ۽ ان جو سِرو ٽويٽي کي چُھُنبَ ۾ ڏَئي،ٽام ڏانھن اشارو ڪيائين.ٽويٽي پنھنجي دوستَ جي ڳالهہ تڪڙ ۾ سمجهي ويو.
ٽام جيئن ئي ڪٻاٽَ تان پَکي ڏانھن ٽَپُ ڏنو،ٽويٽي بہ اُنَ جي ڏور چھنبَ ۾ پڪڙي پَکي جي پرَ تان اُڏاميو ۽ انَ کان پھرين جو ٽام پَکي تائين پھچي ھا ٽويٽي،ٽام جي چؤڦير ڪيترائي ڦيرا ڏئي ٽام کي ڏور سان ٻڌي ڇڏيو.ٻَڌائين بہ ڪُجهہ اھڙي نموني جو ٽام جون ٻَئي اڳيُون ٽَنگون بہ بُتَ سان ٻَڌِجي ويُون.ٽام جيئن ئي پَکي جي پرَ کي پڪڙڻ چاھيو ھنَ جون ٽَنگون کُليون ئي نہ ۽ ھُو اُونڌو ٿي ھيٺ ڪرڻَ لڳو.ٽام کان ھڪ ڊگهي رڙ نڪري وئي ۽ ھنَ پنھنجي پوئين ٽَنگن جي چَنبن سان پَکي جي پَرَ کي سوگهو ڪيو ۽ تارَ تي ٽَنگيل ڪپڙي جيان لڙڪڻَ لڳو.
اھو ڏسي جيري ۽ ٽويٽي ھڪَٻئي ڏانھن ڏٺو۽ ڪنڌَ لوڏي ٽام ڏانھن وڌيا.
ٽويٽي ٽام جي ھڪَ پيرَ تي ٺُونگا ھڻڻ شروع ڪيا ۽ جيري ٻئي پيرَ تي پنھنجن تِکن ڏندن سان چَڪُ پاتو.ٽام ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ ڪنھن نموني پاڻَ کي بچائي سگهي پرَ پيارا ٻارو غلط ڪمَ جو نتيجو سدائين غلط ئي نڪرندو آھي.ٽام پاڻَ کي بچائي نہ سگهيو ۽ ھڪ زوردار رڙ ڪندو ھيٺ فرشَ تي وڃي ڪريو.انَ سان گڏُ ئي پَکي جو ھڪ پَرُ بہ ٽُٽِي اچي ٽام جي مَٿي تي لڳو.ٽام سورَ کان دانھون ڪرڻَ لڳو.سندس اکين آڏو اوندھہ بہ اچي وئي.
اُن مھلَ ئي ھڪ ڪمري جو درُ کُلڻ جو آواز ٿيو.ايڏي گوڙَ تي ٽام ۽ ٽويٽي جي مالڪياڻي جاڳي پئي ھئي.آواز ٻُڌي جيري پنھنجي ٻِرَ ڏانھن ڀَڳو ۽ ٽويٽي پنھنجي پڃري ۾ وڃي پينگهہ لُڏڻَ لڳو.
مالڪياڻي ڀَڳل سامان ۽ ٽام جي حالتَ ڏسي سڀ ڪجهہ سمجهي وئي.ھنَ ھڪ ٻُھارو کنيو ۽ ٽام کي وَھائي ڪڍيو. اڃان ھنٕ ٻيھر ٻُھارو اُڀو ڪيو ئي مَسَ ھو جو ٻاھران آواز آيو "جي توھان وٽ ڪو ٻِلو آھي تہ اسان اھو پنجَ ھزارن ۾ وٺنداسين“،
اھو ٻُڌي مالڪياڻيءَ ٻُھارو ڦِٽي ڪيو ۽ ٽام کي ڪَنڌ مان پڪڙي دروازي ڏانھن ڀَڄڻَ لڳي.
جيري ۽ ٽويٽي ھڪَٻئي ڏانھن نِھاريو ۽ ٽھڪَ ڏيڻَ لڳا.

سَزا

اھو ڏينھن جيري ڪُوئي لاءِ سٺو نہ ھو.
جيري جيئن ننڊَ مان اُٿِي ڪجهہ کائڻَ لاءِ پنھنجي ٻِرَ مان نڪتو تہ سندس تاڙَ ۾ بيٺل ٽام ٻِلَي کيس جَهٽي (پڪڙي) وڌو.جيري پاڻَ کي ڇڏائڻَ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پرَ ڪامياب نہ ٿِي سگهيو.
ٽام جون ڳاڙھيون اکيون ڏسي جيري کي ڊَپُ ٿِيڻَ لڳو.کيس پڪَ ٿِي وئي تہ اڄ ٽام کيس ضرور کائي ويندو.
ٽام،جيري کي اڱڻَ ۾ کڻي آيو ۽ کيس ھڪ ٿُلهي ڌاڳي سان ٻَڌي اُتي ھڪَ تار تي اُونڌو لڙڪائي ڇڏيائين.
جيري پنھنجا ننڍڙا چَنبا جوڙي کيس ڇڏڻ لاءِ ڏاڍا اشارا ڪيا پر ٽام مرڪندو اندر ھليو ويو.جيري وري پاڻَ کي بچائڻَ جي ڪوشش ڪئي پر انَ کان اَڳُ جو ھُو سوڀارو (ڪامياب) ٿئي،ٽام موٽي آيو.ھنَ وٽ ھڪ رانديڪو پستول ھو جنھن ۾ پلاسٽڪ جون گوليون پونديون آهن.
ٽام،انَ پستولَ سان جيري کي گوليون ھڻڻ شروع ڪيون.ڪا گولي جيري کي مٿي تي پئي لڳي تہ ڪا مُنھَن ۽ پيٽَ تي.جيري ڏاڍيون دانھُون ڪيون پرَ ٽام کي رحم نہ آيو.رھندو ھو جيري جي رڙين تي ٽھڪَ ڏيڻ لڳو.ڄڻ تہ ھُو پنھنجي وڻندڙ راند کيڏي رھيو ھجي.
نيٺ جڏھن ٽام ٿڪجي پيو تہ پوءِ ھنَ جيري کي تارَ تان لاٿو ۽ اندر ھالَ ۾ وٺي آيو.
ھالَ جي ھڪ ڪُنڊَ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل ھڪ شيشي جي ننڍڙي ٽانڪي رکيل ھئي.جنھن ۾ سُھڻي نالي مڇي رھندي ھئي.
ٽام،ٽانڪي وٽ پھچي ان جو ڍَڪُ لاٿو ۽ ڌاڳي جو مُنڍُ پڪڙي،جيري کي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. جيري پاڻيءَ ۾ ڪِريو ۽ تَري ۾ ھليو ويو.سُھڻي مڇي بہ ڇرڪ ڀري ھڪ پاسي ٿي وئي.ٽام ڌاڳي کي پاڻي ۾ ڦيرائڻَ لڳو.ايئن ڪرڻَ سان اندر جيري بہ بيوسيءَ سان ھيڏي ھوڏي غوطا کائڻَ لڳو.ھنَ جو ساھُہ مُنجهي رھيو ھو پر ٽام کيس ٻاھر نڪرڻ نہ پئي ڏنو.جيري ترندو جيئن مٿي پئي پھتو،ٽام ھڪدم ڌاڳي کي مٿي ڪري وري ھيٺ پئي ڪري ڇڏيو.ايئن جيري ويچارو ٻيھر ٽانڪي جي تَري ۾ پئي ڪِريو.ھنَ کي ڏاڍي تڪليف ٿي رھي ھئي پرَ ھُو ڪجهہ بہ ڪرڻَ کان لاچار ھو.
اھو ڏسي سھڻي مڇي کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.ھوءَ ڏسندي ھئي تہ ٽام ڪيئن نہ جيري کي تنگ ڪندو ھو.اڄ تہ ٽام،جيري تي ڏاڍو ظلم ڪري رھيو ھو.
ٽام کي ٽھڪَ ڏيندو ڏسي سھڻي مڇي تَري ۾ ھلي وئي ۽ پوءِ ڪنھن جيٽ جھازَ جيان مَٿي اچڻَ لڳي.پاڻيءَ مان نڪرندي ئي ھوءَ ڀرسان بيٺل ٽام وٽ پھتي ۽ سندس مٿي تي پنھنجي پُڇَ وسيلي سِڌي بيھي رھي.ان کان اڳُ جو ٽام ڪجهہ ڪري ھا سهڻيءَ ٽام جي ڪنَ ۾ چَڪُ وِڌو ۽ کيس پنھنجي پُڇَ سان ٽي چَپاٽون ھڻي واپس پاڻيءَ ۾ اَچي ڪِري.ٽام جو مُنھن ڳاڙھو ٿي ويو ۽ ھُو رڙيون ڪندو ڪجهہ پوئتي ھَٽي ويو.جيري وارو ڌاڳو بہ سندس چَنبي مان ڇڏائجي ويو. جيري پاڻيءَ ۾ غوطا کائڻَ لڳو. سھڻي مڇي تيزيءَ سان جيري ڏانھن وئي ۽ کيس پنھنجي مُنھن سان ڌِڪيندي مَٿي کڻي آئي.جيري توڙي جو ساڻو ٿي ويو ھو پرَ پوءِ بہ ھمتَ ڪري پنھنجن ننڍڙن چَنبن سان ٽانڪي جو ڪنارو پڪڙيو ۽ پنھنجو مُنھن پاڻيءَ مان ٻاھر ڪڍي تَڪِڙا تڪڙا ساھَہ کڻڻَ لڳو.سھڻي مڇي تَري ڏانھن ھلي وئي. جيري اکيون ٻُوٽي سَھڪي رھيو ھو.ھنَ اڃان صحيح نموني ساھُہ ئي ڪو نہ پَٽيو ھو جو ٽام ٻِيھرَ کيس جَهٽي ورتو ۽ کيس کڻي رنڌڻي ڏانھن آيو.جتي سندس مالڪياڻي قِيمو ٺاھڻَ لاءِ گوشتَ جون ٻُوٽيون ڪري رھي ھئي.ٻُوٽيون ڏِسي ٽام جي واتَ ۾ پاڻي ڀرجي آيو.ھنَ جيريءَ ڏانھن نھاريو ۽ ٻِي گهڙي جيريءَ کي مالڪياڻيءَ ڏانھن اڇلائي ڇڏيائين.جيري سِڌو وڃي انَ ٿالهہ ۾ ڪِريو جنھن ۾ مالڪياڻي ٻوٽيون ڪري رھي ھئي.مالڪياڻي ڪوئن کان ڊڄندي ھئي سو جيري تي نظرَ پوندي ئي کانئس ڇرِڪُ نڪري ويو.ھوءَ تڪڙ ۾ پوئتي ٿِي ۽ِ رڙيون ڪندي رنڌڻي مان ڀَڄي وئي.جيري بہ ٽَپُ ڏئي ٿالهہ مان نڪتو ۽ پاڻيءَ جي نيڪال واري پائيپَ وسيلي گهرَ کان ٻاھر نڪري ويو.
رنڌڻي ۾ فرشَ تي ڪريل ٻُوٽيون ڏسي ٽام جي واتَ ۾ پاڻي ڀَرجي ويو.ھُو رنڌڻي ۾ اڪيلو ھو سو دير ئي نہ ڪيائين.ٻِن منٽن ۾ سموريون ٻوٽيون کائي،ھالَ ۾ اچي پنھنجي گدي تي ليٽي پيو ۽ جلد ئي کيس ننڊَ وٺي ويئي.
جيري بہ ڊُڪندو ڊُڪندو پاڙي جي ھڪ گهرَ جي ڀتِ تي وڃي ويھي رھيو.
انَ گهرَ ۾ اسپائيڪ نالي ڪتو رھندو ھو.
"ڀَئُو...ڀَئُو..."ڪتي جي ڀؤنڪڻَ جو آواز ٻُڌي،جيري گهرَ ۾ اندر نھاريو.
گهرَ جي اڱڻَ ۾ اسپائيڪ جھڙا ڀوائتا ڪتا ويٺل ھئا.جيڪي پڪَ سان اسپائيڪ جا دوستَ ھئا.ھنن وٽ ھڪ فوٽو ھو جيڪو ھُو اسپائيڪ کي ڏيکاريندي ڪجهہ چئي رھيا ھئا.
جيري ڀِت تي ڊڪندو،ڪتن کي ويجهو ٿيو.فوٽوءَ تي نظرَ پوندي ئي جيري جو وات ڦاٽي ويو.اھو فوٽو ڪاري پُڇَ ۽ اڇي بُتَ واري ٻِلَي جو ھو.
فوٽو جي ڀرسان ئي لکيل ھو تہ "ھيءُ ٻلو روز اسان جو گوشت کائي وڃي ٿو.جيڪو ھنَ کي پڪڙيندو انَ کي ڏھہ ھزار روپيہ ملندا“،
جيري جي چپن تي خطرناڪ مرڪ اچي وئي.ھنَ کي ٽام کان بدلو وٺڻ جو سٺو موقعو ملي ويو ھو.
جيري چَپٽِي وڄائي ۽ ڊوڙندو پنھنجي گهر ڏانھن وڌي ويو.
گهرَ جي ھالَ ۾ ٽام گدي تي گهري ننڊَ ستل ھو ۽ کونگهرا ھڻي رھيو ھو.کيس خبرَ ئي نہ ھئي تہ جيري کي تنگ ڪرڻَ جي کيس ڀوائتي سزا ملڻَ واري آھي.
جيري اُتي بيھڻَ بدران گهر جو اجايو سامان رکڻَ واري ننڍي ڪمري "اسٽور" ۾ گهڙي ويو.
ذري گهٽ ڏھن منٽن کان پوءِ جيري ٻيھر اسپائيڪ جي گهر پھتو.اسپائيڪ جا دوستَ کانئس موڪلائي رھيا ھئا.
اسپائيڪ شڪاري ڪتو ھو ۽ جيري سان ھن جي سٺي دوستي ھئي.اسپائيڪ ڪيترائي ڀيرا جيري جي ڪري ٽام کي ٺاھوڪي مارَ بہ ڏني ھئي.
اسپائيڪ وٽ پھچي جيري سيٽي وڄائي.اسپائيڪ جيري کي ڏسي کيس پنھنجي چَنبي ۾ کڻي ويجهو ڪيو.
جيري،اسپائيڪ جي دوستن جي چَنبن ۾ جهليل فوٽو ڏانھن اشارو ڪري وري پنھنجي گهرَ ڏانھن اشارو ڪيو.
اسپائيڪ جي اکين ۾ ڪاوڙ اچي وئي ۽ ناسُن مان "شُون شُون جا آواز اچڻ لڳا“.
اسپائيڪ سمجهي ويو تہ جيري کيس چئي رھيو آھي تہ "اھو ٻِلو سندس گهر ۾ آھي“.
"ڀَئُو... ڀَئُو..."ھنَ پنھنجي دوستن کي چيو ۽ جيري کي اشارو ڪيائين.
جيري ھا ۾ ڪنڌ لوڏي پنھنجي گهرَ ڏانھن ڊڪڻَ لڳو.اسپائيڪ بہ سندس ڪڍَ ھو.
پنھنجي گهرَ جي اڱڻ ۾ پھچي جيري اُتي رکيل ڊَرمن ڏانھن اشارو ڪيو.
اسپائيڪ ڏٺو تہ سندس نظر ڊرمن جي پاسي کان ڪاري رنگَ جي پُڇَ تي پئي.اسپائيڪ اھو ڏسي خبرداريءَ سان اڳتي وڌيو ۽ ڊرمن جي ويجهو پھچي،پُڇَ تي ٽپو ڏنائين.
ڊرمَ ھڪ پاسي وڃي ڪِريا ۽ ڪاري پڇَ ڦِڪي بتَ وارو چور ٻِلو اسپائيڪ جي ھيبتناڪ چَڪَ ۾ ڦاسي پيو.ھنَ ڪيتريون ئي دانھون ڪيون پرَ اسپائيڪ ھنَ کي ڪجهہ اھڙي نموني سوگهو ڪيو ھو جو ھو پاڻَ کي ڇڏائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.
ٻاھر اچي اسپائيڪ چور ٻلي کي دوستن حوالي ڪيو ۽ جيري کي ڏھہ ھزار وٺرائي ڏنا.
جيري خوشيءَ مان ڊڪندو گهر آيو.
ٻاھران چور ٻِلي جي رڙين جا آواز پئي آيا.جنھن کي اسپائيڪ ۽ سندس دوست ڪُٽي رھيا ھئا.
ڪاوڙ ۾ ڪُتن کي اھو بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ اھو چور ٻِلو نہ پرَ ٽام آھي جنھن کي جيري سزا ڏيڻ لاءِ ڪارو ۽ اڇو رنگ ڪري ۽ ٻاھر ڊرمن وٽ لِڪائي چورُ ٻِلو ٺاھي ڇڏيو ھو.

شِينھِڻ جو ٻَچو

ھڪَ ڏينھن اُڀَ تي ڪارا ڪَڪر پکڙيلَ ھئا.ٿڌي ھوا لڳي رھي ھئي.ٽام ٻاھر باغيچي ۾ ڇَٻرَ تي ليٽي مُندَ جو مزو وَٺِي رھيو ھو.
."ٽِين...ٽِين..." ٻاھرين درَ وٽ لڳل گهنٽي وڳي
ٽام سُستيءَ مان درَ ڏانھن ڏٺو ۽ اکيون ٻُوٽي ڇڏيون.ھونءَ تہ سدائين ٽام ئي در کوليندو ھو پرَ اڄ ايتري تہ سستي ھيس جو اٿڻَ تي دل ئي نہ پئي چئيس.
گهنٽي وري وَڳي ۽ لاڳيتو وَڄندي رھي.ٽام ھڪ ڊِگهي اوٻاسي ڏئي چپن تي زبانَ ڦيرائي ۽ ماٺِ ڪَيُون ليٽيو رھيو.
"ٽام...سُست ٻِلا. درُ ڇو ڪو نہ ٿو کولين؟"اندران مالڪياڻيءَ جو آواز ٻڌي بہ ٽام نہ اُٿيو.
گهر جو اندريون در کلڻ جو آواز ٿيو آنَ سان گڏُ ئي ٽام تي ٻُھارن جو وسڪارو شروع ٿي ويو.
مالڪياڻي ڏاڍي ڪاوڙ ۾ ھئي.
ٻھاريءَ جا ڌڪَ لڳندي ئي ٽام تڪڙ ۾ اٿيو ۽ ڊوڙندو وڃي درُ کوليائين.
"مِي...آآآ...اوووون..."در کوليندي ئي ٽام ڪاوڙيل آوازُ ڪڍيو
درَ تي چاچو شڪاري بيٺو ھو..
ڊِگهي قدَ ۽ طوطي جي چُھنبَ جھڙي نڪَ وارو چاچو شڪاري ھڪ چالاڪ شڪاري ۽ مالڪياڻيءَ جو مائٽُ ھو.ٽام کي چاچو شڪاري صفا ڪو نہ وڻندو ھو.ھڪ تہ ٽام کان ڪم گهڻو ڪرائيندو ھو مٿان وري چانھہ بہ ڏاڍي پيئندو ھو.جنھن ڏينھن چاچو شڪاري ايندو ھو ٽام کي پيئڻَ لاءِ کير نہ ملندو ھو.ڇو جو گهر جي سموري کير جي چاچي شڪاريءَ لاءِ چانھہ ٺھندي ھئي.
اڄُ چاچو شڪاري گهر ۾ اندر اچڻَ بدران اتي ئي بيھي مالڪياڻيءَ سان ڳالهائڻَ لڳو.ٽام بہ سندن ڳالهيون ٻُڌڻ لڳو.
"اڄ مان ويھندس ڪو نہ. بس تون ڪجهہ دير لاءِ ٽام کي منھنجي حوالي ڪر.مون کي ضروري ڪم سان وڃڻو آھي."چاچي شڪاري ٽام ڏانھن ڏسندي چيو.
اھو ٻُڌي ٽام جا ڪنَ اُڀا ٿي ويا.ھُو سوچڻَ لڳو تہ چاچي شڪاري سان گڏ وڃي يا ڀَڄي جان ڇڏائي.
"ھي بيڪار ٻلو منھنجي ڪھڙي ڪم جو. ڀلي وٺي وڃينس."مالڪياڻيءَ جو جواب ٻڌي ٽام ڪاوڙ ۾ مالڪياڻيءَ ڏانھن نھاريو.اھو ڏسي مالڪياڻيءَ ٻھارو اُڀو ڪيو پر ان کان اڳ جو ٻھارو ٽام کي لڳي ھا ٽام ڊڪندو ٻاھر اچي چاچي شڪاريءَ جي ڪار وٽ بيھي رھيو.ڪار جي پٺئين پاسي سامان رکڻ واري ڊِڪيءَ مان ڪا سرھاڻ (خوشبو) پئي آئي. ٽام ڊڪيءَ جي ويجهو وڃي وڏا وڏا ساھہ کنيا تہ سندس اکيون چمڪڻ لڳيون.اھا تازي گوشت جي سرھاڻ ھئي.
"شايد چاچو شڪاري مون کي ڪنھن دعوت ۾ وٺي ھلي پيو. جتي کائڻ لاءِ گوشت ۽ کير ھوندو." ٽام سوچيو ۽ خوش ٿيڻ لڳو.
ڪجهہ ئي دير ۾ چاچو شڪاري اچي پھتو.
"ٽام مان تو کي پڪنڪ تي جهنگ ۾ وٺي پيو ھلان. اُتي پاڻ ڏاڍو گهمنداسين.کائيندا پيئنداسين.واھہ واھہ..."چاچي شڪاري گاڏيءَ ۾ ويھندي چيو.
اھو ٻڌي ٽام جي ڪنن ۾ شينھن،چيتن،رڇن ۽ بگهڙن جا آواز گونجڻَ لڳا.ھو ڏڪڻ لڳو.کيس جهنگ جي جانورن کان ڏاڍو ڊپ ٿيندو ھو.
ٽام کي ڏڪندو ڏسي چاچو شڪاري ٽھڪَ ڏيڻَ لڳو
"نہ ڊڄُ ٽام. مون وٽ بندوق بہ آھي.تو کي ڪجهہ بہ ٿيندو."چاچي شڪاري چيو.چاچي شڪاري جي ڳالهہ ٻڌي ٽام ڊگهو ساھہ ڇڏيو ۽ ڪار جي سيٽ سان ٽيڪَ ڏئي ويھي رھيو.
ڪجهہ دير کان پوءِ ھُو گهاٽي جهنگ ۾ پھچي ويا. جتي چاچي شڪاري ڪار بيھاري ۽ ٽام کي لھڻَ لاءِ چيو.
چاچي شڪاري ڪار جي ڊِڪيءَ مان پلاسٽڪ جي ڇَٻِي (ٽوڪري) ڪڍي تہ انَ مان تازي گوشت جي سُرھاڻ اچڻ لڳي.ٽام سمجهي ويو تہ انَ ۾ سندس کائڻَ لاءِ گوشت آھي.
"متان اسان پھريان کاڌو کائون ۽ پوءِ گهمون."ٽام دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي سوچيو.
ھو ٻئي اڳتي وڌڻَ لڳا.جهنگ ڏاڍو گهاٽو ھو ۽ اتي جدا جدا جنسن جا ڊگها وڻ ۽ ٻيا ٻُوٽاَ ھئا.ڪيترن ئي جانورن جا آواز بہ آيا پئي.ٽام کي ھاڻي ڊپ نہ پئي ٿيو جو چاچي شڪاريءَ جي ڪلهي تي بندوق بہ ھئي.
ھڪ ھنڌ پھچي چاچي شڪاري ٽام کي وڻَ تي چڙھڻَ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻَ بہ وچڙھي ويو.
"لڳي ٿو تہ اسان وڻَ تي کاڌو کائينداسين."ٽام سوچيو ۽ وڻَ تي چڙھي ويو.
ھڪ ڏارَ تي ويھي چاچي شڪاريءَ ڇَٻيءَ جو ڍَڪُ لاٿو ۽ گوشت جي وڏي ٻُوٽي ڪڍي.اھو ڏسي ٽام جي واتَ ۾ پاڻي اچي ويو.ھن پنھنجي چنبن جون تريون مھٽيون ۽ وات کولي ڇڏيو.پر چاچي شڪاريءَ ٻوٽي ٽام جي وات ۾ وجهڻَ بدران،وڻَ کان ڪجهہ پَرتي ڦِٽي ڪري ڇَڏي.ايئن ئي ھنَ ٽي وڏيون ٻُوٽيون ڦٽي ڪيون ۽ چِتائي انھن ٻُوڙن ڏانھن ڏسڻَ لڳو جيڪي وڻ جي صفا سامھون ھئا.
ٽام کي ڪاوڙ سان گڏ حيرت بہ ٿِي تہ چاچي شڪاري ٻوٽيون کيس ڏيڻَ بدران ڦِٽي ڇو ڪري ڇڏيون؟ھو وات ڦاڙي چاچي شڪاريءَ کي ڏسڻَ لڳو.
ان کان اڳ جو ھُو ڪا دانھن ڪري ھا،صفا ويجهو کان شينھن جي گجگوڙ جو آواز آيو ۽ ٻُوڙن مان ھڪَ شِينھِڻ ٻاھر نڪري آئي.ٽام کي ڊپَ وچان ڏڪڻي وٺي وئي ۽ ھو وڻَ جي ڏارَ کي ايئن چنبڙي پيو ڄڻ تہ ھنَ ۾ ڪا سگهہ (طاقت) ئي نہ ھجي.
شِينھِڻ جي گجگوڙ جو آواز ٻيھر آيو ۽ ھوءَ سِنگهندي سِنگهندي انَ پاسي وڃڻَ لڳي جنھن پاسي چاچي شڪاريءَ گوشت جا ٽُڪرا ڦٽا ڪيا ھئا.
اھو ڏسي چاچو شڪاري خوش ٿي ويو ۽ ھنَ ٽام کي ھيٺ لھڻ لاءِ چيو.پرَ ٽام شِينھِڻِ کي ڏسي ايترو تہ ڊِڄي ويو ھو جو پنھنجي جاءِ تان چُريو بہ نہ. چاچي شڪاريءَ ڪاوڙ وچان ٽام کي پُڇَ کان پڪڙيو ۽ ڇَٻِيءَ سوڌو وڻَ تان ھيٺ لھي آيو ۽ خبرداريءَ سان انھن ٻوڙن ڏانھن وڌيو جن مان شِينھِڻ نڪتي ھئي.ھنَ جي ھڪ ھٿَ ۾ ڇَٻي ۽ ٻئي ۾ اونڌو لٽڪيل ٽام ھو.ٽام جي زبان سندس وات جي ڪنڊَ کان لڙڪي رھي ھئي ۽ اکيون ايئن ٻاھر نڪتل ھئس ڄڻ ڪنھن کيس گهٽو ڏنو ھجي.
چاچو شڪاري گهاٽن ٻوڙن ۾ لھي ويو.اُتي ھڪ پاسي سڪل گاھہ تي شينھن جا ٻہ ٻچا ويٺل ھئا.ھنن کي ڏسندي ئي اھي ٻچا گاھ ۾ لڪي ويا ۽ مُنڍيون ڪڍي،ڊپَ مان "کِي کِي" جا آواز ڪڍڻَ لڳا.
چالاڪ چاچو شڪاري انھن ٻچن جي ڪڍَ ئي جهنگ ۾ آيو ھو.تہ جيئن ھڪ ٻچو چورائي ان کي وڪڻي پئسا ڪمائي.ٽام کي گڏ ان ڪري آندو ھئائين تہ جيئن ان کي ٻچي جي جاءِ تي رکي ڪجهہ دير شينھڻ کي ڀُلائي سگهي.
چاچي شڪاري تڪڙ ۾ ھڪ ٻچو کڻي ڇَٻيءَ ۾ وڌو ۽ ان جي جاءِ تي ٽام کي ليٽائي مٿس سڪل گاھہ وجهي ڇڏيو.
ٻاھران شِينھِڻ جي گجگوڙ سان گڏ سندس ھلڻ جو آواز اچڻ لڳو.
چاچو شڪاري تيزيءَ سان ٻُوڙن مان نڪتو ۽ پنھنجي ڪار ۾ ويھي رھيو.شينھڻ جي ٻچي واري ڇٻي ھن ڀرسان واري سيٽَ تي رکي ڇڏي ۽ گاڏي اسٽارٽ ڪرڻ چاھيائين.پرَ سندس گاڏي اسٽارٽ ئي نہ ٿِي.ھن گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نہ ٿيو.گجگوڙ جو آواز ٻڌي ھنَ ڪنڌ ورائي پوئتي نھاريو تہ شِينھِڻ کي ٻُوڙن ۾ ويندي ڏٺائين.
"جي گاڏي نہ ھَلِي تہ شِينھِڻ ٽام کان پوءِ مون کي بہ کائي ويندي."چاچي شڪاريءَ پنھنجو پاڻ سان ڳالهايو.
اوچتو ٻچي واري ڇَٻي لُڏڻَ لڳي ۽ ان جو ڍَڪُ بہ لھي ويو. اھو ڏسي چاچو شڪاري حيران ٿِي ويو تہ انَ مان ھڪ ڪوئو نڪتو.ڪوئي جي مٿي تي شِينھڻ جو ٻچو ويٺل ھو.ٽِنھي ھڪ ٻئي کي ڏسي دانھون ڪيون ۽ پوءِ ڪوئو ٻچي کي کنيو گاڏيءَ جي کليل دريءَ مان ٻاھر نڪري ويو.
اھو ڪوئو جيري ھو.
جيڪو ڪجهہ دير اڳ ٽام کي گاڏيءَ ۾ ويھندو ڏسي پاڻ بہ گهمڻ جي لالچ ۾ گاڏيءَ ۾ چڙھي پيو ھو ۽ ھاڻ ٽام کي مصيبت ۾ ڏسي سندس مدد ڪري رھيو ھو.
پيارا ٻارو!!!ھوڏانھن شِينھِڻ ٻُوڙن ۾ پھچندي ئي اھو محسوس ڪري ورتو تہ سندس گهر ۾ ڪو ٻيو جانور بہ موجود آھي.ھوءَ پنھنجي ٻچن ڏانھن وڌي.کيس ڏسي سندس ٻچو ٻاھر نڪري آيو.جنھن کي شِينھڻ سِنگهي وري ٻئي ٻچي ڏانھن نھارڻ لڳي.جيڪو اصل ۾ ٽام ھو.شِينھڻ ٽام تان گاھہ ھٽايو تہ ٽام کي مَٿي ۾ ڦيري اچي وئي.کيس پڪَ ٿي وئي تہ اجهو ٿي شِينھڻ کيس کائي.شِينھڻ جيئن ئي ٽام کي سِنگهيو کيس پڪَ ٿِي وئي تہ اھو سندس ٻچو ناهي.ھنَ ٽام کي ڪَنڌَ مان چڪُ ھڻي ٻاھر ڪڍيو.اھو ڏسي ٽام ڏڪڻَ لڳو ۽ پنھنجي جان بچائڻَ لاءِ شِينھڻ جي ٻَچي جھڙو آواز ڪڍڻَ جي ڪوشش ڪئي.
"مِي آآآ...اُووون..."ٽام جي وات مان ٻَچي جي آوازَ بدران سندس پنھنجو ئي آواز نڪتو. ڇو جو ھُو ٻِلو ھو،شِينھِڻِ جو ٻَچو نہ.
سندس آواز ٻُڌي شِينھڻ ڪاوڙ ۾ وٺجي وئي.ھن زوردار گجگوڙ جو آواز ڪڍيو ۽ پنھنجا ڀوائتا ڏندَ ڪڍي ٽام ڏانھن وڌي.
انھيءَ مھلَ ئي شِينھڻ جي پُٺيان سِيٽيءَ جو آواز آيو.شيُنھڻ سيٽيءَ جو آواز ٻُڌي پُٺتي نھاريو تہ کيس پنھنجو ٻيو ٻَچو،جيريءَ جي مٿي تي ويٺل نظر آيو.شينھڻ ٽام کي ڇڏي پنھنجي ٻچي ڏانھن آئي ۽ کيس چَٽڻَ لڳي.جيري ٽپَ ڏيندي کيس ٻاھر ڏانھن اشارا ڪرڻ لڳو.شينھڻ ٻاھر نڪري ڏٺو تہ کيس چاچو شڪاري ڏسڻَ ۾ آيو.ھوءَ سمجهي وئي تہ اھا سموري حرڪت ان ماڻهوءَ جي آھي ۽ اھو ماڻهو سندس ٻچو کَسِڻ ٿو چاھي.شُينھِڻ ھڪ زوردار گجگوڙ ڪئي ۽ چاچي شڪاريءَ ڏانھن وڌي.چاچو شڪاري جيڪو جيري کان شِينھڻ جو ٻَچو کَسِڻَ لاءِ گاڏيءَ مان لٿو ھو سو شينھڻ کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي رڙيون ڪندو گاڏيءَ ۾ وڃي ويھي رھيو.کائس پنھنجي بندوق بہ وسري وئي.
شينھڻ ۽ سندس ٻچا گاڏيءَ جي چوڌاري ڦِرڻَ لڳا.
اِھو ڏسي جيري،ٽام کي پُڇَ کان ڇِڪيندو گهاٽن وڻن ۾ گم ٿي ويو.
جيري کي پڪ ھئي تہ جلد ئي چاچي شڪاريءَ جي گاڏي اسٽارٽ ٿي ويندي ۽ رستي ۾ ھُو بہ اُنَ گاڏيءَ تي چڙھي ٽام سوڌو پنھنجي گهر پھچي ويندو.

ويچارو ٽام

ٽام،ڇت تي بيٺو ھيٺ نھاري رھيو ھو.
ھيٺ باغيچي ۾ ھڪ ماڻهو،جيري جا فوٽو ڪڍڻ لاءِ تياري ڪري رھيو ھو.
ڪجهہ ئي ڏينھن اڳ،ھڪ ٽي وي چينل طرفان پالتو جانورن جون تصويرون ڪڍي موڪلڻ لاءِ چيو ويو ھو.اھو ھڪ مقابلو ھو.جنھن ۾ نہ رڳو سھڻي پالتو جانورَ کي پرَ انَ جي مالڪَ کي بہ انعام ملڻو ھو ۽ ان پالتو جانور جون تصويرون بہ سڄو ڏينھن ٽي وي تي ڏيکاريون وڃن ھا.ٽام جي مالڪياڻيءَ ان مقابلي ۾ ٽام جو فوٽو ڏياري موڪليو ھو.ڪالهہ جڏھن ان مقابلي جي کٽيندڙ جو اعلان ٿيو تہ ٽام جون دانھون نڪري ويون ھيون.ڇو جو اھو مقابلو جيري کٽي ويو ھو.جڏھن تہ ٽام ڏھين نمبر تي مسَ آيو ھو.
"جيري اھو مقابلو ڪيئن کٽي ويو؟جڏھن تہ ھنَ جو فوٽو بہ ڪنھن ناھي موڪليو." ٽام سوچي سوچي ٿڪجي پيو پر کيس سمجهہ ۾ نہ آيو ھو. اھا تہ رڳو جيري کي ڄاڻ(خبر) ھئي تہ جنھن مھلَ مالڪياڻي،ٽام جي تصوير لفافي ۾ رکي کونئر کڻڻ وئي ھئي ۽ ٽام خوشيءَ ۾ غاليچي تي ليٿڙيون پائي رھيو ھو تہ ان مھل جيري ڏاڍي خبرداريءَ سان لفافي مان ٽام جي تصوير سان گڏ پنھنجي تصوير بہ وجهي ڇڏي ھئي.ھاڻي جيري اھو مقابلو کٽي ويو ھو ۽ اڄ ٽي وي وارن جو فوٽوگرافر جيري جون تصويرون ڪڍڻ پھچي ويو ھو.
ٽام ڇت تي ڪاوڙ مان جيري کي تصويرون ڪڍرائيندي ڏسي رھيو ھو.ھن جو وسُ ھلي ھا تہ جيڪر ھو جيري کي پري ڪري پنھنجا فوٽو ڪڍرائي ھا.پر کيس ڄاڻ ھئي تہ جي ھن ايئن ڪيو تہ کيس مالڪياڻي ٻھاري سان ڪٽيندي. ھونءَ تہ مالڪياڻي جيري کان ڏاڍو ڊڄندي ھئي پر جيري جي کٽڻ جو ٻڌندي ئي ھن جو جيري سان سلوڪ مَٽجي ويو ھو.مالڪياڻيءَ جيري لاءِ ٻہ ٽي وڳا بہ ورتا ھئا ۽ ھرَ ھرَ جيري کي ڪيڪَ بسڪوٽَ بہ کارائي رھي ھئي.
ڇت تي بيٺي بيٺي ڪاوڙيل ٽام جي دماغَ ۾ ھڪ شيطاني خيال آيو.
"جي منھنجا فوٽو نہ نڪرندا تہ پوءِ جيري جا بہ نڪرڻ نہ ڏيندس."ٽام سوچيو ۽ ھُو تڪڙ ۾ ھيٺ لھي ويو. ڪجهہ دير کان پوءِ جڏھن واپس آيو تہ ھن جي چنبن ۾ ڪاري رنگَ سان ڀريل ھڪ دٻو ھو.ٽام جي نيت ٺيڪ نہ ھئي.
جيري ان مھل باغيچي ۾ انب جي وڻَ ھيٺان نئون وڳو پائي بيٺو ھو ۽ فوٽوگرافر سندس فوٽو ڪڍي رھيو ھو.انب جي وڻَ جون ٽاريون ڇت کي ويجهو ھيون.ٽام ڇت جي ڀت تي چڙھيو ۽ ھڪ ٽاريءَ تي لڙڪندي اڳتي وڌڻ لڳو.
انب جو اھو وڻ ڏاڍو گهاٽو ھو ۽ ان جي ٽارين تي ڪيترن ئي پکين ۽ نوريئڙن جا آکيرا ھئا.اتي رھندڙ نوريئڙن جي سردار جو نالو "نيمنو" ھو.نيمنو گهڻي دير کان ٽام کي ڏسي رھيو ھو.کيس ٽام جا ارادا خطرناڪ لڳي رھيا ھئا.جڏھن ھن ٽام کي رنگ جي دٻي سوڌو وڻ تي چڙھندي ڏٺو تہ ھو ڪاوڙ ۾ اچي ويو.ھن ھڪ سيٽي وڄائي.سيٽيءَ جو آواز ٻڌندي ئي سڀ نوريئڙا ھن جي آکيري وٽ پھچي ويا.
"ھو ڏسو ٽام ٻلو اسان کي پڪڙڻ لاءِ پيو اچي.پڪَ سان ھُو اسان کي کائي ويندو."نيمني چيو.اھو ٻڌي سڀ نوريئڙا ڊڄي ويا.
"ڊڄو نہ.ھو اڪيلو آھي ۽ اسان اٺ ڄڻا آھيون.جي ھمتَ ڪيون تہ پاڻَ کي بچائي سگهون ٿا."نيمني جي ڳالهہ ٻڌي سڀني نوريئڙن ھائوڪار ۾ ڪنڌَ لوڏيا ۽ ڪاوڙ مان ٽام ڏانھن ڏسڻَ لڳا.
ٽام ڏاڍي ھوشياريءَ سان ٽاريءَ تي لڙڪندو ھڪ ڏار تي اچي ويٺو ۽ جيريءَ ڏانھن ڏسڻَ لڳو. کيس ڄاڻ ئي نہ ھئي تہ اڳتي ھڪَ مصيبت سندس انتظار ۾ آھي.
سردار نيمنو انبَ جي پَنن ۾ لِڪيو چِتائي ٽام ڏانھن نھاري رھيو ھو.کيس سمجهہ ۾ اچي ويو ھو تہ ٽام کين کائڻ لاءِ نہ پرَ جيري کي نقصان ڏيڻ لاءِ وڻَ تي چڙھيو آھي.
ھن اھا ڳالهہ ٻين نوريئڙن کي بہ سمجهائي.
"پوءِ ھاڻي ڇا ڪجي سردار؟" ھڪ نوريئڙي پڇيو. "جيري اسان جو دوست آھي.اسان گڏجي جيريءَ جي مدد ڪنداسين."نيمني چيو ۽ پوءِ پنھنجي ساٿين کي ڪا ڳالهہ سمجهائڻ لڳو.
ٽام ڏارَ تي ھلندو جيري جي صفا مٿان پھچي ويو.
ھنَ چنبن ۾ جهليل ڪاري رنگ وارو دٻو مٿي ڪيو ۽ پنھنجا ڀوائتا ڏندَ ڪڍي رنگُ جيري مٿان ھارڻَ جي ڪيائين.پرَ ڪجهہ بہ نہ ٿيو.رنگ جيري مٿان ڪو نہ ڪريو.ٽام حيرت مان پنھنجن چنبن ڏانھن نھاريو تہ اھو ڏسي کانئس ڇرڪ نڪري ويو تہ رنگ جو دٻو ھن جي چنبن ۾ ڪو نہ ھو.ھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري وري مٿي ڏٺو تہ اھو ڏسي ڪاوڙ ۾ وٺجي ويو تہ وڻ جي مٿئين ڏارَ تي ٽي نوريئڙا بيٺا ھئا ۽ ڪاري رنگ وارو دٻو انھن وٽ ھو.نوريئڙا بہ ٽام ڏانھن ڪاوڙ مان نھاري رھيا ھئا.
"غرغرغرغر..."ٽام پنھنجا ڏند نوريئڙن کي ڏيکاريندي آواز ڪڍيو ۽ کين دٻو واپس ڪرڻ جو اشارو ڪيو.
ٽنھي نوريئڙن ھڪٻئي ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ ٽام ڏانھن ڏسي کلڻ لڳا.ٽام جي ڪاوڙ وڌي وئي ۽ ھن پنھنجا چنبا مٿي ڪيا تہ جيئن نوريئڙن کي پڪڙي کانئن دٻو کسي.اھو ڏسي نوريئڙا ڪجهہ پوئتي ھٽيا ۽ ان کان اڳ جو ٽام کين پڪڙي ھنن دٻي ۾ ڀريل ڪارو رنگ ٽام جي مٿان ھاري ڇڏيو.ٽام ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويو ۽ ڪجهہ ئي دير ۾ سندس سمورو بُتُ ڪاري رنگَ ۾ وٺجي ويو.
نوريئڙن پاڻَ کان بہ مٿي ڏارَ ڏانھن ڏٺو ۽ چِرڙ چِرڙ جو آواز ڪڍيو.
ڪاري رنگَ واري ٽام ڊپَ وچان مٿي نھاريو تہ کيس ٻيا بہ چار نوريئڙا ھڪٻئي جي ڪلهن تي بيٺل نظر آيا.مٿئين نوريئڙي جي پتڪڙن چَنبن ۾ مٿي ھڪَ ڏارَ سان ٻڌلَ سَنهي رسي ھئي.اھو سردار نيمنو ھو.
"چِرڙ چِرڙ..."سردار نيمني بہ سنهڙو آواز ڪڍيو ۽ ٻِي گهڙي ھڪ ٻئي کي چَنبن وٽان سُڪَ ڪيل چار ئي نوريئڙا رسيءَ وسيلي لڙڪندا پھرين ھيٺ ۽ پوءِ وري ٽام ڏانھن آيا.ٽام جيڪو پھريان ئي ڪاري رنگَ جي ڪري پريشان ھو سو کين پاڻَ ڏانھن ايندو ڏسي ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو تہ جيئن پنھنجو بچاءُ ڪري سگهي.پرَ ان کان اڳ جو ھو ڪجهہ ڪري ھا چار ئي نوريئڙا ھنَ سان اچي لڳا.ھڪ ڌماڪو ٿيو ۽ ٽام دانھون ڪندو،اونڌو ٿي ھيٺ باغيچي جي ڇٻرَ تي اچي ڪريو.
"ھي ڪھڙي بلا آھي؟"فوٽوگرافر ڪاري رنگ جي ٽام ڏانھن ڏسندي ڊپَ مان پڇيو.
جيري ۽ مالڪياڻي بہ پھرين تہ ڊڄي ويا پر پوءِ ٽام کي سڃاڻي سمجهي ويا تہ ٺڳُ ٽام پاڻَ تي ڪارو رنگُ ڪري سندن ڪم وڃائڻ ٿو چاھي.جيري تہ ھڪ پاسي وڃي بيھي رھيو پر مالڪياڻيءَ جي ڪاوڙ چوٽَ تي چڙھي وئي.
"بيڪار ٻِلا تون منھنجو انعام وڃائڻ ٿو چاھين. ترس تہ تو کي ڏسان ٿي."مالڪياڻيءَ ڪاوڙ ۾ چيو ۽ ٻھارو کڻي زور سان ٽام جي پٺيءَ تي وھائي ڪڍيائين.ٽام ھڪَ زوردار رڙ ڪئي ۽ ٿيڙَ کائيندو ڀت ٽپي،گهرَ کان ٻاھر وڃي ڪري پيو.
ٽام جي قسمت اڄ ڪجهہ وڌيڪ ئي خراب ھئي. پھريان انعام نہ مليس.پوءِ وري رنگ ڪارو ٿي ويس.مالڪياڻيءَ جي مار بہ کاڌائين.ھاڻي جڏھن گهر کان ٻاھر اچي ڪريو ھو تہ اھو ڏسي سندس ساھُہ ئي سُڪي ويو تہ سامھون ئي اسپائيڪ ڪتو بيٺو ھو.اسپائيڪ ٽام کي ڏسي پنھنجا ڀوائتا ڏندَ ٻاھر ڪڍيا ۽ ٽام ڏانھن وڌيو.ھُو ٽام کي ڪنھن ٻئي پاڙي مان آيل ٻِلو سمجهي رھيو ھو.توڙي جو ٽام کي ٺاھوڪو ڌڪ لڳو ھو پر پوءِ بہ ھو اسپائيڪ جي ڊپَ کان اٿيو ۽ ڊُڪندو ڊُڪندو روڊَ تان لنگهندڙ ھڪ گاڏيءَ جي پوئين حصي تي چڙھي ويھي رھيو.اسپائيڪ بہ ڪجهہ پنڌ گاڏيءَ جي ڪڍَ ڊُڪيو پوءِ بيھي رھيو.گاڏي ٽام سوڌو زوڪاٽ ڪندي الائجي ڪيڏانھن ھلي وئي.
پيارا ٻارو ٽام اڃان تائين ناھي موٽيو.جيڪڏھن توھان کي ڏسڻ ۾ اچي تہ مھرباني ڪري کيس سندس مالڪياڻيءَ جي گهر پھچائي وڃجو

يَم...يَم

انَ رات ڏاڍي گرمي ھئي.ٽام کي گهرَ جي ھالَ ۾ ننڊَ نہ پئي آئي.سو ھنَ ڇِت تي وڃي سمھڻَ جو ارادو ڪيو.مالڪياڻي تہ پنھنجي ڪمري ۾ سڪونَ سان سُتلَ ھئي.ٽام پنھنجو نرم گدو کنيو ۽ ڏاڪڻ وسيلي مٿي ڇت تي ھليو آيو.
ڇتِ تي ڪجهہ سُڪون ھو.چنڊ جي ڪري ھَلڪي روشني لڳي پئي ھئي.
"گرمي تہ آھي پرَ ھتي ننڊَ اچي ويندي."ٽام سوچيو ۽ ھڪ پاسي پنھنجو گدو وڇائي ليٽي پيو.اڃان ھنَ سمھڻ جي ڪئي پئي تہ کيس کونگهرن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.ٽام تڪڙ ۾ اُٿي ويھي رھيو ۽ انَ پاسي نھارڻ لڳو جتان کونگهرن جو آواز پئي آيو.
اھو ڏسي ٽام کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي تہ ٽِينَ جي ھڪ وڏي دَٻي تي جيري سُتو پيو ھو.کونگهرن جا آواز جيري جا ئي ھئا.
"مون کي ننڊَ نہ ٿي اچي ۽ ھيءُ مزي سان سُتو پيو آھي."ٽام پنھنجو پاڻَ کي چيو ۽ گدي تان اُٿي جيري ڏانھن وڌيو.
جيري کي مزي سان سُتل ڏسي ٽام جي ڪاوڙ وڌي وئي.ھنَ ڀرسان ئي رکيل لوھي پائيپ جو ٽڪرو کنيو ۽ جيري کي ھڻڻَ لاءِ اُڀو ڪيائين.
انھيءَ مھل ئي ھڪ آواز ٽام کي ڇرڪائي وڌو. جيري بہ اھو آواز ٻڌي جاڳي پيو ۽ ٽام کي پنھنجي ڀرسان بيٺل ڏسي ٽَپُ ڏئي ڇت جي ڀت تي چڙھي ويو.
ٻنھي آواز واري پاسي نھاريو ۽ سندن واتَ پَٽجي ويا.
ڇت جي ڀرسان ئي انب جي وڻَ مٿان بَسيءَ (ساسر) جھڙي ھڪ وڏي شئي ھوا ۾ بيٺل ھئي.آواز انھيءَ مان پئي آيو.انَ اُڏڻَ واري بَسيءَ کي چؤڦير ڪيترائي بلب لڳل ھئا.جيڪي ننڍن ننڍن تارن جيان چمڪي رھيا ھئا.
ٽام ۽ جيري ھڪ ٻئي ڏانھن نھاريو.کانئن پنھنجي دشمني وسري وئي ھئي.
اوچتو اڏڻَ واري بَسيءَ جا ھَڙَئِي بلب وسامي ويا ۽ انَ مان ھڪ در کليو.در مان ھڪ ڏاڪڻ نڪتي جيڪا پاڻَ مرادو (پنھنجو پاڻَ) ھلندي ھيٺ ڇت تائين اچي وئي.اھو ڏسي ڊِڄڻو ٽام تڪڙ ۾ ٽِينَ جي دَٻي پٺيان لڪي ويو ۽ جهاتي پائي بَسيءَ ڏانھن نھارڻَ لڳو.
ڪجهہ دير کان پوءِ بسيءَ جي درَ مان ھڪ پاڇو ظاھر ٿيو ۽ ڏاڪڻ وسيلي ھيٺ لھڻ لڳو.
اھا ڊگهي قدَ واري ڪا مخلوق ھئي.جنھن جون ڄنگهون ڊگهيون ۽ بتُ ڏُٻرو ھو.انَ جو منھن ڪڪڙ جي بيضي جيان ھو.جنھن تي اکين ۽ نڪ جي جاءِ تي رڳو سوراخَ ھئا.وات ھئس ئي ڪو نہ.اھا ڀوائتي مخلوق ڏسي ٽام ۽ جيري ڏڪڻَ لڳا.کين سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ اھو ڪير آھي ۽ سندن گهر جي ڇت تي ڇو لَٿو آھي؟
ان مخلوق ڇت تي لھي چؤڦير نھاريو ۽ پوءِ سندس نظرون انَ ٽينَ جي دٻي تي اچي بيھي رھيون جنھن جي پٺيان ٽام لڪيل ھو.ھنَ پنھنجو ٻن ڊگهين آڱرين وارو ھٿ سڌو ڪيو ۽ ان کي ھلڪو جهٽڪو ڏنو.ھن جي آڱر مان ڪجهہ چِڻنگون نڪتيون ۽ ٽين جو دٻو گم ٿي ويو.دَٻي پٺيان لڪيل ٽام ظاھر ٿي پيو.ٽام ڇِرڪ ڀريندي ھڪ وڏي رڙ ڪئي ۽ ڀڄڻَ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو.جيري بہ ڊپَ مان ان ڳڻتيءَ ۾ ھو تہ اتان ڀَڄي پنھنجي جان بچائي.
"ڊڄو نہ...ڊِڄو نہ.مان اوھان کي ڪو بہ نقصان نہ ڏيندس.مان اوھان جو دوست آھيان."اھو آواز ٻڌي ٽام ۽ جيري بيھي رھيا ۽ حيرت مان ان مخلوق ڏانھن نھارڻ لڳا.انَ مخلوق جو سينو موبائل فون جي اسڪرين جيان روشن ھو ۽ ڳالهائڻ جو آواز اتان ئي پئي آيو.ھونءَ تہ مخلوق کي وات ئي ڪو نہ ھو.
"مھرباني ڪري ويجهو اچو ۽ منھنجي ڳالهہ ٻُڌو. مون کي اوھان جي مددَ جي ضرورت آھي."مخلوق مان آواز آيو ۽ گڏ ئي ان مخلوق ٽام ۽ جيري کي پنھنجي ويجهو اچڻ جو اشارو بہ ڪيو.
ٽام ۽ جيري ھڪٻئي ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ خبرداريءَ سان اڳتي وڌي،انَ مخلوق کي ويجهو ٿي بيھي رھيا.
"منھنجو نالو "ايلين" آھي ۽ مان آسمان تي چمڪندڙ ھڪ تاري تي رھندو آھيان."اھو ٻُڌي
ٽام ۽ جيري ھڪٻئي ڏانھن نھاري وري ايلين ڏانھن ڏسڻَ لڳا.
"منھنجي تاري تي کاڌي جي کوٽَ ٿي پئي آھي ۽ اسان کي خبر پئي آھي تہ توھان جي ڌرتيءَ تي اسان جي کائڻ لاءِ ھڪ کاڌو آھي. مان اھو کڻڻ آيو آھيان.مھرباني ڪري منھنجي مدد ڪيو ۽ اھو کاڌو مون کي ھٿ ڪري ڏيو.مان اوھان کي پنھنجي تاري جو چمڪندڙ پٿر ڏيندس."ايلين مان آواز آيو ۽ ھنَ پنھنجو ٻيو ھٿ اڳتي وڌايو.جنھن تي ھڪ چمڪندڙ پٿر رکيل ھو.پٿر ڏسي ٽام ۽ جيري جا واتَ ڦاٽي ويا.اھو ھڪ وڏو ھيرو ھو.جنھن جو مُلهہ پڪ سان ڪروڙين روپيہ ھو.ٽام جي گِگ ڳڙڻ لڳي.
"مي آآآ او..."ٽام ايلين ڏانھن ڏسي آواز ڪڍيو.
ايلين پنھنجي سيني واري اسڪرين تي پنھنجي ڊگهي آڱر سان ھڪ بٽڻ دٻايو ۽ پوءِ ٽام ڏانھن نھاريو.
"ٽام تون پُڇين پيو تہ اھو ڪھڙو کاڌو آھي؟" ايلين جي ڳالهہ ٻُڌي ٽام تڪڙ ۾ ڪنڌ ھائوڪار ۾ لوڏيو ۽ ھيري ڏانھن ڏسي پنھنجن چپن تي زبان ڦيريائين.
"انَ کاڌي جو نالو "يَم يَم" آھي."ايلين مان آواز نِڪتو.
ٽام ۽ جيري کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ اھو يم يم ڪھڙو کاڌو آھي.ھو ايلين ڏانھن ڏسڻ لڳا.ايلين بہ سمجهي ويو تہ ھنن ٻنھي کي يم يم جي خبر ناھي.
ھنَ ٻيھر پنھنجي سيني تي ٻہ ٽي بٽڻ دٻايا تہ ھڪ ماڻهوءَ جي تصوير اچي وئي.
"ھي آھي يَم يَم. اسان جو نئون کاڌو.جيترا يم يم مون کي ڏيندؤ،اوترا سھڻا پٿرَ اوھان کي ملندا“.
اھو ٻڌي ٽام جون اکيون چمڪڻ لڳيون.ھن جو خيال پنھنجي مالڪياڻيءَ ڏانھن ھليو ويو.جيڪا کيس بيڪار ٻِلو چئي ٻُھاري سان ڪُٽيندي ھئي.ٽام سوچيو تہ ھو پنھنجي مالڪياڻي ايلين کي ڏئي ڇڏي تہ سندس مزا ٿي ويندا.مالڪياڻيءَ مان بہ جِند ڇُٽندي ۽ ھيرو ملڻ تي ھُو امير بہ ٿي ويندو.اھو سوچي ٽام ڏاڍو خوش ٿيو.ھنَ ايلين کي اتي ئي بيھڻ جو اشارو ڪيو ۽ ڏاڪڻ ڏانھن ڀَڳو.
اھو ڏسي جيري سمجهي ويو تہ ٽام ڇا پيو ڪرڻ وڃي.ھنَ سوچيو تہ ھُو لوڀي (لالچي) ٽام کي ايئن ڪرڻ نہ ڏيندو.جيري ڪاوڙ مان ايلين ڏانھن نھاريو ۽ ٽام جي ڪڍَ ڊُڪڻ لڳو.
ٽام،مالڪياڻيءَ جي ڪمري وٽ پھچي ڏاڍي خيالَ سان در کولي اندر جهاتي پائي ڏٺو.مالڪياڻي مزي سان سُمهي پئي ھئي.ٽام بنا ڪو آواز ڪرڻَ جي مالڪياڻيءَ جي ويجهو پھتو ۽ مالڪياڻيءَ کي کڻي ڪمري مان نڪري ويو.ڪمري کان ٻاھر جيري اڳي ئي ٽام جي انتظار ۾ ڪٻاٽ تي چڙھي بيٺل ھو. ٽام مالڪياڻيءَ کي کڻي جيئن ئي ڪٻاٽ جي ڀرسان لنگهيو جيري تڪڙ ۾ کانئس مالڪياڻي کَسي ان کي ڀت سان ٽيڪَ ڏياري ڪٻاٽ تي ويھاري ڇڏيو. مالڪياڻي مزي سان سُتلَ ھئي ۽ کيس خبر ئي نہ ھئي تہ ساڻس ڇا ٿي رھيو آھي؟
"مِ آاووووووووو..."ٽام ڪاوڙ ۾ آواز ڪڍيو ۽ جيري کي اشارو ڪيو تہ ھُو مالڪياڻيءَ کي ھڪدم سندس حوالي ڪري. جيري ٽام ڏانھن ڏسي کيس چِٻرا ڪڍيا ۽ مزي سان مالڪياڻيءَ جي ھنجَ ۾ ويھي رھيو.
ٽام اڳتي وڌيو ۽ ڪٻاٽ تي چڙھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
اھو ڏسي جيري،مالڪياڻيءَ جي ھنجَٕ مان اٿيو ۽ ٽام کي اشاري سان ترسڻَ لاءِ چيائين.ٽام مٿي چڙھڻ بند ڪري حيرت مان جيري ڏانھن ڏسڻَ لڳو.جيري ڪٻاٽ مٿان رکيل پِتلَ جو ڳرو گلدانَ کنيو ۽ ٽام جي مٿان ڦٽو ڪري ڇڏيائين.ٽام پري ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نہ ٿيو.گلدان ھڪ ڌماڪي سان ٽام جي مٿي تي ڪريو ۽ ھُو بِنا دانھن ڪرڻ جي ھيٺ ڪريو ۽ بيھوش ٿي ويو. کيس ڪرندو ڏسي جيري ٽپُ ڏئي ڪٻاٽ تان لھي آيو.ھنَ ڪٻاٽ جي ڀرسان ئي رکيل ماڻهوءَ جو ڊگهو پُتلو کڻي پٽَ تي ليٽائي ڇڏيو.پوءِ ٽام کي بہ پتلي جي پيٽَ تي سمھاري رسيءَ سان ٻڌي ڇڏيو.اھو پتلو،مالڪياڻيءَ ڪنھن ٻئي شھرَ مان گهرَ جي سُونھن وڌائڻَ لاءِ آندو ھو.جيري مالڪياڻيءَ جي ڪمري مان ڪاري رنگ جي چادر کڻي آيو ۽ پُتلي کي ٽام سوڌو ڍَڪي ڇڏيو.ھاڻي ڏسڻ ۾ ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪو ماڻهو چادر پائي سُتل ھجي.جيري پتلي کي کنيو ۽ مٿي ڀڳو.
ڇت تي ايلين ھنن جو انتظار پئي ڪيو.
"يم...يم..."جيري کي ڏسندي ئي ايلين مان آواز آيو.
جيري ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ پُتلو ايلين کي ڏئي ڇڏيائين.
ايلين پُتلو وٺي،ھيرو جيريءَ کي ڏنو ۽ پنھنجي اُڏڻَ واري بَسِيءَ ۾ ويھي پنھنجي تاري ڏانھن ھليو ويو.کيس خبر ئي نہ پئي تہ ھُو يَم يَم بدران پتلي ۽ ٽام کي پاڻ سان کنيو پيو وڃي.
"اميد تہ ٽام جو وقت ايلين جي تاري تي ڏاڍو سٺو گذرندو."جيري اُڏڻَ واري بَسيءَ ڏانھن ڏسندي سوچيو ۽ ھيرو کڻي ھيٺ لھي ويو.

جادوءَ جي ڇَٻِي

ٽام ڏاڍي مزي سان،ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريندو ھلي رھيو ھو.ھنَ جي واتَ ۾ پلاسٽڪ جي ڇَٻِي ھئي.جنھن ۾ پئسا ۽ ھڪ ڪاغذ ھو.جنھن تي انَ سامان جا نالا لکيل ھئا جيڪو کيس بازار مان وٺڻو ھو.مالڪياڻيءَ کي جڏھن گهرَ ۾ ڪم گهڻو ھوندو ھو تہ ھوءَ بازار جي ڪمَ لاءِ ٽام کي موڪليندي ھئي.ھونءَ تہ ٽام ھڪ سُست ٻِلو ھو ۽ ڪو بہ ڪم ڪرڻ کان کيس ٻَرو چڙھندو ھو پر مالڪياڻي جڏھن بہ کيس بازار موڪليندي ھئي تہ ھو اھو ڪم ڏاڍي خوشيءَ سان ڪندو ھو.ڇو جو مالڪياڻيءَ جي ڏنل پئسن مان ڪجهہ پئسا بچائي ھُو پنھنجي پسند جا چاڪليٽ وٺي کائيندو ھو.اڄ بہ ھو ٽپَ ڏيندو روڊَ جي ڀِڪ ۾ پنڌ ھلندڙن لاءِ ٺھيل دڳَ (فٽ پاٿ) تي ھلي رھيو ھو.
فٽ پاٿ تي ڪيترائي ماڻهو اچي وڃي رھيا ھئا.ٽام بہ ھڪ پاسو ورتيون پئي ھليو جو ھن ڏٺو تہ سندس آڏو ھلندڙ ماڻهوءَ جي پينٽ جي پوئين گِيدي مان چمڙي جو ٻَٽون ھيٺ اچي ڪريو.ٻَٽون ڪرڻ جي انَ ماڻهوءَ کي ڪا خبر ئي نہ پئي ۽ ھو اڳتي ھلندو رھيو.اھو ڏسي ٽام ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو ۽ پنھنجي ڇٻي ڀت وٽ رکي،ڏاڍي چالاڪيءَ سان اڳتي وڌي اھو ٻٽون کنيو ۽ ھڪ وڻَ جي اوٽَ ۾ بيھي رھيو.ٻٽونءَ وارو ماڻهو گهڻو اڳتي ھليو ويو ھو ۽ ڪنھن ٻئي ماڻهوءَ ٽام کي ٻٽون کڻندي بہ ڪو نہ ڏٺو ھو سو ٽام مزي سان اھو ٻٽون کولڻ لڳو.ھو دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش پئي ٿيو تہ کيس ٻٽون ھٿ آيو ھو.
"ھنَ مان جيڪي بہ پئسا نڪتا مان انھن جا چاڪليٽ وٺي کائيندس."ٽام دل ئي دل ۾ سوچيو.
ٽام جيئن ئي ٻَٽون کوليو کانئس ھڪ وڏي رڙ نڪري وئي.ٻَٽون صفا خالي ھو.انَ ۾ ڪو نوٽ تہ ڇا پرَ کوٽوَ سِڪو بہ ڪو نہ ھو.ٽام ذري گهٽ روئڻ جھڙو ٿي ويو. ھن ڪاوڙ وچان ٻٽون اتي ئي ڦٽي ڪيو ۽ پنھنجي ڇٻيءَ ڏانھن وڌيو تہ جيئن گهرَ جو سودو وٺي اچي.
."مِي آاُوووووو..." ٽام کان وڏي دانھن نڪري وئي. ڇٻي پنھنجي جاءِ تي ڪو نہ ھئي.ڪو ماڻهو ڇٻي کڻي ڀَڄي ويو ھو.ٽام وائڙن وانگر ماڻهن جي وچَ ۾ ڊڪڻ لڳو.ھُو پنھنجي ٻوليءَ ۾ دانھون بہ ڪرڻ لڳو پر ماڻهن کي ڪھڙي خبر تہ ھو ڇا پيو چئي؟ماڻهو کيس ھُش ھُش ڪري ڀَڄائي رھيا ھئا.ٽام ڊُڪي ڊُڪي ٿڪجي پيو ۽ فٽ پاٿ تي ئي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويھي روئڻ لڳو.
"ھاڻي تہ مالڪياڻي پڪَ سان مون کي ٻُھاري سان ڪُٽيندي ۽ گهران بہ ڪڍي ڇڏيندي."ٽام زور زور سان روئڻ لڳو.روئيندي روئيندي ھن منھن مٿي ڪيو تہ اھو ڏسي حيران ٿي ويو تہ روڊَ جي ٻي ڀر اھو ئي دڪان ھو جنھن تان کيس سودو وٺڻو ھو. ھو ڇٻي ڳولهڻ لاءِ ڊڪندي،ساڳئي دڪان وٽ پھچي ويو ھو.
دڪان تي نظر پوندي ئي ٽام جي ذھن ۾ ھڪ خيال آيو ۽ ھن کان روئڻ وسري ويو.
"ڇو نہ دڪان واري کان اوڌر تي سودو وٺي وڃان. مالڪياڻيءَ کي خبر بہ نہ پوندي ۽ مان مار کان بہ بچي ويندس."ٽام پنھنجو پاڻ سان ڳالهايو.
ھن کي پنھنجو اھو شيطاني خيال وڻيو ۽ ھو تڪڙ ۾ اُٿيو ۽ پنھنجا ڳوڙھا اُگهندو دڪانَ ڏانھن وڌي ويو.
ٽام دڪان وٽ پھتو ئي مسَ جو دڪان جو شيشي وارو در کليو.ٽام بيھي رھيو تہ جيئن اندارن اچڻ وارو ٻاھر اچي ۽ ھو اندر وڃي.
"مِي آآآاُوووون..."ٽام کان وڏي رڙ نڪري وئي.دڪانَ مان ھن جي گم ٿيلَ ڇَٻي نڪري رھي ھئي.ٽام پنھنجون اکيون مَھٽيون ۽ چِتائي ڇٻيءَ ڏانھن نھارڻ لڳو.
ڇٻي پنھنجو پاڻ ھلي رھي ھئي.ڄڻ تہ کيس ڄنگهون ھجن.
"ميائون...ميائون..."ٽام ڊپَ مان آواز ڪڍيو.
سندس آواز ٻڌندي ئي ڇٻي گهڙي کن تَرسي ۽ پوءِ اڳتي ھلڻ لڳي.
ٽام ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو ۽ پوءِ ڇٻيءَ جي ڪڍَ ھلڻ لڳو.کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ھڪ بي جان ڇٻي پنھنجو پاڻ ڪيئن ھلي رھي ھئي.ڇٻيءَ جي رفتار وڌڻ لڳي ۽ اھا فٽ پاٿ تي ماڻهن جي وچ ۾ ڄڻ تہ ڊڪڻ لڳي.ماڻهو حيرت مان ڇٻيءَ کي ھلندو ڏسي رھيا ھئا ۽ ٽپَ ڏئي کيس لنگهڻ جي جاءِ ڏئي رھيا ھئا.ٽام بہ ڇٻيءَ جي ڪڍَ ڊڪي رھيو ھو.ھن پنھنجي لوڀَ جي ڪري جيڪا ڇٻي وڃائي ڇڏي ھئي اھا ٻيھر گم نہ پئي ڪرڻ چاهيائين.ان ڪري ھو بہ تيز ڊُڪي رھيو ھو.ٽام ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي تہ ڇٻي کي پڪڙي پر ھو ڪامياب نہ ٿي سگهيو.
انھيءَ مھلَ ئي ٽن ڏِنگن ٻارن ڇَٻيءَ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.انھن ٻارن ڏسڻ پئي چاھيو تہ آخر اھا ڇٻي پنھنجو پاڻَ ڪيئن ٿي ھلي؟ڪٿي اھا جادوءَ جي ڇٻي تہ ناھي؟ڇٻيءَ سان گڏ ٽام بہ بيھي رھيو ۽ ڏسڻ لڳو تہ ڇٻي ڇا ٿي ڪري.
ٽن ٻارن مان ھڪ اڳتي وڌيو ۽ ڇٻيءَ جو ڍَڪُ لاھڻ جي ڪيائين.ڇٻي ڪجهہ پوئتي ٿي ۽ پوءِ ھڪ ٽپُ ڏئي اچي ٻار جي مُنھن ۾ لڳي.ٻار ھڪ دانھن ڪئي ۽ پُٺتي وڃي ڪريو.اھو ڏسي باقي ٻہ ٻار بہ ٻن پاسن کان ڇٻيءَ ڏانھن وڌيا.ڇٻيءَ جي ويجهو پھچي ٻنھي ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ گڏجي ڇٻيءَ کي پڪڙڻَ لاءِ ان مٿان ٽپ ڏنائون.ڇٻي تڪڙ ۾ ٻنھي جي وچَ مان نڪري وئي ۽ ٻنھي ٻارن جا مَٿا ھڪٻئي سان اچي لڳا.ھڪ ڌماڪو ٿيو ۽ ٻئي ٻار سورَ کان دانھون ڪندا ھيٺ فٽ پاٿ تي ڦٿڪڻ لڳا.ڇٻي ٻارن کان جند ڇڏائي اڳتي وڌڻ لڳي.ھاڻي ھوءَ پھرين کان بہ وڌيڪَ تڪڙي ھلي رھي ھئي.ٽام بہ ڇٻيءَ پويان تڪڙو ھلڻَ لڳو.نيٽ ڊڪندي ڊڪندي ڇٻيءَ گهتَ ھنئي ۽ روڊَ تي ھلندڙ گاڏين ھيٺان لنگهي روڊ ٽَپي وئي.ٽام بہ تڪڙ ۾ مڙيو ۽ گاڏين کان پاڻ بچائيندو روڊ جي ٻئي پاسي پھچي ويو.ھاڻ ھُو ٿَڪجڻَ لڳو ھو.پر ھن کي خبر ھئي تہ جي ھو بيٺو تہ ڇٻي سندس ھٿن مان نڪري ويندي ۽ کيس ٺاھوڪي مارَ ملندي.ان ڪري ھُو ڇٻيءَ جي ڪڍَ ڊڪڻَ تي مجبور ھو.
ڪجهہ دير وڌيڪ ڊڪڻ کان پوءِ ڇٻي ھڪ وڻَ وٽ بيھي رھي.ٽام بہ ہنھنجي رفتار ڍَري ڪئي ۽ ھوريان ھوريان ڇٻيءَ ڏانھن وڌڻَ لڳو تہ جيئن انَ کي پڪڙي سگهي.اڃان ٽام ٻہ ٽي وکون ئي کنيون ھونديون جو ڇٻي ٻيھر چُري ۽ تڪڙ ۾ وڻَ تي چڙھي وئي.
ٽام بہ دير نہ ڪئي ۽ وڻَ وٽ پھچي انَ جِي چوٽيءَ ڏانھن ڏسڻ لڳو.ڇٻي ھاڻ ھڪ ڏار تي بيٺل ھئي.ٽام توڙي جو ڏاڍو سھڪي رھيو ھو پر ھن فيصلو ڪيو تہ ھو مٿي چڙھي ڇٻيءَ کي سوگهو ڪندو تہ جيئن مالڪياڻيءَ جي مارَ کان بچي سگهي.پرَ ان کان اڳ جو ھو وڻ تي چڙھي ھا ھنَ ڇٻيءَ کي ڏارَ تي ھلندي ۽ پوءِ ڀرَ واري گهر ۾ لھندي ڏٺو.ٽام تڪڙ ۾ اڳتي وڌيو ۽ انَ گهر جي کليل درَ مان اندر ٽَپي ويو.اندر پھچندي ئي ھو وائڙو ٿي ويو ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو.
ڳڻتيءَ ۾ کيس خبر ئي نہ پئي ھئي ۽ ھُو پنھنجي گهر پھچي ويو ھو.ڇٻي ھن جي گهر ۾ ئي اچي لَٿي ھئي.
ٽام سڄي باغيچي ۾ ڇٻيءَ کي ڳولھڻ شروع ڪيو پرَ کيس ڇٻي ڏسڻَ ۾ نہ آئي.ٽام جي دل جو ڌڙڪو وڌي ويو.ھنَ پئسا بہ وڃائي ڇڏيا ھئا ۽ سودو بہ ڪو نہ ورتو ھئائين.کيس پڪَ ھئي تہ اڄ مالڪياڻي نہ رڳو مار ڏيندس پر گهر مان بہ ڪڍي ڇڏيندس.
ٽام بي حال ٿِي ڇٻرَ تي ليٽي پيو ۽ ڊگها ڊگها ساھَہ کڻڻَ لڳو.
ڪُجهہ ئي دير گذري ھوندي جو گهر جو اندريون در کليو ۽ ٽام،مالڪياڻيءَ جي ھلڻَ جو آواز ٻڌو.
ٽام اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ مار جو انتظار ڪرڻ لڳو.
"ٽام اٿي منجهند جو کاڌو کاءُ. اڄ تہ تون وڏو ڪم ڪيو آهي.سڄو سودو بہ ورتئي ۽ کوڙ سارا پئسا بہ بچايا اٿئي."مالڪياڻيءَ جي ڳالهہ ٻڌي ٽام تڪڙ ۾ اٿيو ۽ حيرت مان مالڪياڻيءَ ڏانھن ڏسڻَ لڳو.
مالڪياڻيءَ ھن آڏو گوشت ۽ ھڏن سان ڀريل ھڪ پيالو رکيو.
"ميائون..."ٽام حيرت وچان آواز ڪڍيو ۽ کاڌو کائڻ بدران اندر ڀڳو. اندر وڏي ھالَ ۾ ميز تي ڇَٻي رکيل ھئي. ٽام ڏٺو تہ ڇٻيءَ ۾ اھو ئي سودو رکيل ھو جيڪو مالڪياڻيءَ گهرايو ھو.
حيرت مان ٽام جو واتُ ڦاٽي ويو.
"اھو ڪيئن ٿِي ويو؟ڇا سچَ ۾ ڇٻي،جادوءَ جي آھي؟" ٽام پنھنجو مٿو کنهندي سوچيو.
اوچتو سيٽيءَ جي آواز ٽام کي ڇرڪائي وڌو.
ھن ڏٺو تہ جيري پنھنجي ٻِرَ وٽ بيٺو کيس اشارا ڪري رھيو ھو.سندس اشارا ڏسي ٽام سمجهي ويو تہ اصل ڳالهہ ڪھڙي آھي؟
ڇٻي جادوءَ جي نہ ھئي پر اصل ۾ جيري ان کي کڻي ھلي رھيو ھو.جيري ڇٻي ان وقت کنئي ھئي جڏھن ٽام وڻ جي پٺيان لِڪي ٻٽونءَ ۾ پئسا ڳولهي رھيو ھو.جيري ٽام کي سبق سيکارڻ لاءِ اھو سڀ ڪيو ھو.
"ھاھاھا"جيري جي ٽھڪَ جو آواز ٻڌي ٽام ڦِڪائپَ مان مُنھن ھيٺ ڪري ڇڏيو.

سياڻو جيري

ڏينھن جو وقت ھو.ٽام جي مالڪياڻي تيار ٿِي،گهرَ جي وڏي ھالَ ۾ گدي تي ليٽل ٽام وٽ آئي.
"ٻُڌ ٽام. مان پنھنجي ساھيڙيءَ جي گهر پئي وڃان. ٻن يا ٽن ڪلاڪن ۾ موٽي ايندس.تون گهرَ جو خيال رکجان.جيڪڏھن تون سٺي نموني گهرَ کي سنڀاليو تہ مان تو کي رات جي کاڌي ۾ ڪڪڙ جون ٽانڊن تي تَريلَ ٻہ ٻوٽيون ڏيندس."مالڪياڻيءَ جي ڳالهہ ٻُڌي ٽام جي واتَ ۾ پاڻي اچي ويو.ڪڪڙ جو گوشت کيس ڏاڍو وڻندو ھو.ھونءَ تہ کيس کائڻ لاءِ ڇيڇڙا ۽ ھڏا ئي ملندا ھئا پرَ اڄ ڪڪڙ جون ٻوٽيون ملڻَ جو ٻڌي ٽام ڏاڍو خوش ٿيو ھو.ھنَ ھڪدم ھائوڪار ۾ منھن لوڏيو.
"شاباس."مالڪياڻيءَ چيو ۽ ٻاھر ھلي وئي.
ٽام وري گدي تي ليٽي پيو ۽ رات جي کاڌي جو سوچي گدي تي ليٿڙيون پائڻَ لڳو.
جيري بہ پنھنجي ٻِرَ ۾ ويٺي اھو سڀ ڪجهہ ٻُڌو ۽ ھن جون اکيون چمڪڻَ لڳيون.
"ڇو نہ اڄ،ٽام کي ڪجهہ تنگ ڪيان."جيري سوچيو ۽ پوءِ پنھنجي ٻِرَ مان ٻاھر نڪري آيو.
جيري کي ڏسي ٽام کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.ھُو چِتائي جيري کي ڏسڻ لڳو.
جيري ٽام کي بجليءَ جي بَٽڻن ۽ بلبن ڏانھن اشارا ڪرڻَ لڳو.ٽام اُٿي بيھي رھيو ۽ بيوقوفن جيان جيري ۽ بجليءَ جي بورڊ کي ڏسڻَ لڳو.جيري ٻيھر پنھنجي اکين ۽ سموري ھالَ ڏانھن اشارا ڪيا.
ٽام سمجهي ويو تہ جيري کيس چئي رھيو آھي تہ "ھالَ جا سمورا بلبَ ٻاري ڇڏ تہ جيئن چڱي نموني ھالَ تي نظرَ رکي سگهجي ۽ ڪا بہ خراب ڳالهہ ٿئي تہ تڪڙ ۾ خبرَ پئجي وڃي“.
اھا ڳالهہ ٽام کي ڏاڍي وڻي.ھنَ خوش ٿيندي ھائوڪار ڪئي ۽ اڳتي وڌي بجليءَ جي بورڊ ۾ لڳل سڀ بٽڻَ کولي ڇڏيا.ھالَ جا پنجَ ئي بلب ۽ ٻہ پَکا ھلڻَ لڳا.ٽام ڪنھن فوجيءَ وانگر ھلندي سموري ھالَ ۾ رکيل ھڪ ھڪ شئي ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ مرڪندي جيري ڏانھن مُڙيو.
جيري ھنَ کي ايندو ڏسي کيس ٽنھي ڪمرن ڏانھن بہ اشارا ڪيا.جيري جي ڳالهہ سمجهي ٽام واري واري سان گهرَ جي ٽنھي ڪمرن ۾ ويو ۽ اتان جا بلب ۽ پکا بہ ھلائي آيو ۽ ٽنھي ڪمرن جا درَ ۽ دريون بہ کولي ڇڏيا.
انَ کان پوءِ جيري رڌڻي ۾ ھليو ويو.ٽام بہ سندس ڪڍَ رڌڻي ۾ پھتو.اتي بہ جيري جي اشارن تي ھنَ نہ رڳو ٽئي بلبَ پرَ ٻئي چُلھا بہ ٻاري ڇڏيا.
جيري کيس "او ڪي" جو اشارو ڪيو ۽ ھالَ جي درَ ڏانھن ھليو.جيري جي اشارن تي ٽام،ھالَ جو ٻاھر کلڻ وارو در ۽ ٽي دريون بہ کولي ڇڏيا.
ھاڻي ھُو ٻئي ٻاھر باغيچي ۾ ھليا آيا.جتي وڻن ۽ ٻوٽن تي پکي،نوريئڙا ۽ پوپٽ رانديون کيڏي رھيا ھئا.باغيچي ۾ ڪجهہ گرمي ھئي پرَ آسمان تي مٽيءَ رنگَ جھڙا ڪڪرَ گڏُ ٿي رھيا ھئا.
جيري وڻن ڏانھن ڏسي رھيو ھو.
"مِيائُون...ميائون..."ٽام آواز ڪڍيو. ڄڻ تہ جيري کان پڇندو ھجي تہ "ھاڻي ڇا ڪيان؟"
جيري کيس پکين،نوريئڙن ۽ پوپٽن ۽ پوءِ ڀت ڏانھن اشارا ڪيا.
ٽام ڪجهہ دير مٿو کَنهيو پوءِ سمجهي ويو تہ جيري کيس "پکين،نوريئڙن ۽ پوپٽن کي قابو ڪرڻ لاء چئي رھيو آھي تہ جيئن اھي ٻاھر نہ وڃن ۽ مالڪياڻي ناراض ٿئي“.
ٽام ھائوڪار ۾ منھن لوڏيو ۽ ڊوڙندو وڻَ ڏانھن وَڌي ويو.اتي پھچي ھن ٽپ ڏنو ۽ وڻ تي چڙھڻ لڳو.مٿي پھچي ھُو ھڪ ڏارَ کان ٻئي ڏارَ تي ٽپَ ڏيندي،پکين ۽ نوريئڙن کي ڊُڪائڻ لڳو.پکي ۽ نوريئڙا دانھون ڪندا ھيڏانھن ھوڏانھن ڀَڄڻَ لڳا. ٽام پاڻَ کي فوجي سمجهي کين سندن آکيرن ۾ ڌِڪيلڻَ لڳو.اہئن ھنَ پنجن ئي وڻن تي ڪيو.پوءِ وري ٽام گلن وارن ٻوٽن ڏانھن وڌيو ۽ انھن مَنجهہ گُهتون ھڻي ھڻي پوپٽن کي ھٿيڪو ڪرڻ شروع ڪيائين.ويچارا پوپٽ ٽام جي ڊپَ کان تڪڙا اڏڻَ لڳا.
انَ سڄي ڌَمچر ۾ ٽام کي اھا خبرَ ئي ڪا نہ پئي تہ ھنَ جي انھن حرڪتن سان سمورن وڻن ۽ ٻوٽن مان ڪيترائي پنَ ڇَڻي ھيٺ ڇَٻر تي اچي ڪريا آھن.انب جي وڻن مان تہ ٻُور بہ ڇَڻي ويو ھو.
اھو سڀ ڪري ٽام سَھڪندو واپس جيري وٽ آيو.جيري تاڙيون وڄائي سندس ساراھہ ڪئي.
ٽام جي خوشي وڌي وئي تہ ھو مالڪياڻيءَ جو رکيل ڪم سٺي نموني ڪري رھيو آھي.
جيري،ٽام کي ويھڻ نہ ڏنو ۽ کيس وري اندر ھالَ ۽ ڪمرن جي چڪاسَ لاءِ موڪلي ڇڏيائين.ٽام جيري جي حڪمَ ايئن مڃڻ لڳو ڄڻ اھي حڪم سندس مالڪياڻي ڏيندي ھجي.
ٽام اندران چڪاسَ ڪري موٽيو تہ جيري کيس ڇٻرَ تي ويھڻَ جو اشارو ڪيو.
"جيري منھنجي مدد پيو ڪري. ڇو نہ مان کيس ڪجهہ کارايان."ٽام اھو سوچي جيري کي ڇٻرَ تي ويھاريو ۽ پاڻَ ڊُڪندو گهرَ ۾ اندر ويو ۽ کائڻَ پيئڻ جون الاھي ساريون شيون کڻي آيو.جِن ۾ جوسَ، کير،چپس ۽ چاڪليٽ شامل ھئا.اھي سڀ شيون ٽام جي مالڪياڻيءَ پنھنجي کائڻَ لاءِ ورتيون ھيون.سموريون شيون ڏسي جيري ڏاڍو خوش ٿيو.ڪجهہ ئي دير ۾ ھو ٻئي ڄڻا سڀ ڪجهہ کائي ويا.
انھيءَ مھل ئي سمورو آسمان ڪڪرن سان ڍََڪجي ويو ۽ ٿَڌي طُوفاني ھَوا ھلڻ شروع ٿي وئي.طوفانَ سان گڏ مٽي بہ ھئي.
جيري اھو ڏسي مٿي ڇت ڏانھن ھليو ويو جڏھن تہ ٽام اتي ئي ڇٻرَ تي ليٽي پيو.طوفان جلد ئي تيز ٿي ويو ۽ گڏ ئي وڏَ ڦُڙو مِينھُن وسڻَ لڳو.ٽام ڊوڙندو وڃي ھڪ وڻَ جي ھيٺان بيھي رھيو. مينھن ڏاڍو تيز ھو.
ٽام مِينھن کان ڏاڍو ڊڄندو ھو.ھُو دعا گهري رھيو ھو تہ مِينھن جلد بند ٿي وڃي.نيٺ اَڌُ ڪلاڪَ کان پوءِ مينھن بند ٿيو تہ ٽام کي ڪجهہ سُڪون مليو.پکين جا آواز بہ بند ٿي ويا ھئا.ٽام ڏاڍو خوش ھو تہ ھن چڱي نموني گهرَ جو خيال رکيو ھو.ھُو اڃان اندر وڃڻ جو سوچي ئي رھيو ھو جو گهر جي وڏي درَ (گيٽ) کي چاٻي لڳڻ جو آواز آيو ۽ مالڪياڻي اندر آئي.
ٽام خوشيءَ مان ٽپَ ڏيندو اڳتي وڌيو.
مالڪياڻيءَ جي ھٿَ ۾ سامان سان ڀريل ڪَلي ڏسي ٽام جي گِگَ ڳڙڻَ لڳي.
"انَ ۾ ضرور ڪڪڙ جو گوشت ھوندو."ٽام سوچيو ۽ ڏندَ ٽيڙيندي مالڪياڻيءَ جي پٺيان ھلڻَ لڳو.
"ھي ڇا؟بيڪار ٻِلا تو ھي ڇا ڪري ڇڏيو آھي؟" ھالَ جو درُ ٽپندي ئي مالڪياڻيءَ کان دانھن نڪري وئي.
ٽام کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ اھڙو ڇا ٿي ويو جو مالڪياڻي رڙيون پئي ڪري.ھنَ تہ ڏاڍي سٺي نموني گهر جو خيال رکيو آھي.
ٽام جُهڪيو ۽ مالڪياڻيءَ جي ڄنگهن جي وِٿيءَ مان اندر ھالَ ۾ جهاتي پاتائين.
"مِي آآآ اُووووون..."ٽام کان بہ دانھن نڪري وئي.
وڻن جا سڀ پنَ،جوسَ،کيرَ،چپس جا خالي دَٻا ۽ ڪَليون طُوفاني ھوا جي ڪري ھالَ ۽ ڪمرن جي کليل درن ۽ درين مان اندر اچي ويا ھئا. ان کان سواءِ وڏ ڦڙي مينھن جي ڪري سڄي گهرَ ۾ پاڻي بيھي رھيو ھو.
مٿان وري بلبَ،پَکا ۽ چُلها کليل ڏسي مالڪياڻيءَ جي ڪاوڙ وڌي وئي.
"تو ھي خيال رکيو آھي گهر جو بيڪار ٻلا. سڄو گهر گندو ٿي ويو آھي.بلب،پکا ۽ چلها ھلن پيا.بجلي گئس جو بل ڪير ڀريندو."مالڪياڻيءَ ٻھارو کڻي ٽام کي ھڻندي چيو.
ٽام دانھون ڪندو ھيڏانھن ھوڏانھن ڀَڄڻَ لڳو.
سندس دانھُون ٻڌي ٻِرَ ۾ پنھنجي ھنڌَ تي ليٽيل جيري ھڪ ڊگهي اوٻاسي ڏني ۽ پاسو ورائي سُمھي پيو.

مِٺو پُٽُ

ٽام صبح جو گهر ٻاھران چڪر ڏئي رھيو ھو.ان ڏينھن مندَ ڏاڍي وڻندڙ ھئي ۽ ٽام کي گهمندي مزو اچي رھيو ھو.گهڻي دير کان پوءِ جڏھن ھنَ کي بکَ لڳڻ لڳي تہ ٽام گهرَ ڏانھن واپس ھلڻَ لڳو.ھو اڃان گهر کان ڪجهہ پري ئي ھو جو ھن جي نظرَ ڏھن ورھين جي ھڪ ڇوڪري تي پئي.ڇوڪرو اوپرو ھو.ھن جي ڪلھي تي ھڪ ٿيلهو لڙڪِي رھيو ھو ۽ سندس ھٿن ۾ پنجاھہ رپئي واري آئيس ڪريم ھئي.جنھن تي لڳل ملائيءَ کي ھو مزي مزي سان چَٽي رھيو ھو.آئيس ڪريم ڏسي ٽام جي بکَ وڌي وئي.ھنَ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو.گهٽيءَ ۾ ان مھل ٻيو ڪو بہ نہ ھو.ٽام بنا ڪو آواز ڪرڻ جي ڇوڪري وٽ پھتو ۽ سٽَ ڏئي کانئس آئيس ڪريم کَسي گهر ڏانھن ڀڳو.ڇوڪري دانھن ڪئي ۽ ٽام جي ڪڍَ ڊڪڻَ لڳو.کيس پنھنجي پٺيان ايندو ڏسي ٽام،اڃان وڌيڪ تيز ڊڪندو پنھنجي گهر پھتو ۽ انبَ جي وڻَ پٺيان لِڪي ويو.ڪجهہ دير تہ ھو سَھڪندو رھيو پوءِ پنجن منٽن ۾ پنجاھہ رپئي واري آئيس ڪريم کائي ويو.آئيس ڪريم کائي ھن وڏي آواز سان ھڪ اوڳرائي ڏني ۽ چپَ چَٽيندو ڇٻرَ تي ويھي رھيو.اندران رڌڻي مان وڻندڙ کاڌي جي سڳنڌ (خوشبو) اچي رھي ھئي.اھا سڳنڌ سِنگهي ٽام ڏاڍو خوش ٿيو.
"واھہ واھہ...مٺي آئيس ڪريم کان پوءِ سواد ڀريو کاڌو کائي مان ڏاڍي ننڊَ ڪندس."ٽام سوچيو ۽ پوءِ اُٿي گهر جي ھالَ ڏانھن وڌڻَ لڳو تہ جيئن مالڪياڻيءَ کان کاڌو وٺي سگهي.
"ٽِين...ٽِين...ٽِين..."چَتونءَ (طوطي) جو آواز ٻُڌي ٽام ٻاھرين ڀتِ ڏانھن نھاري. اھو ڏسي سندس گِگَ ڳڙڻَ لڳي تہ ڀتِ تي ھڪ وڏو ۽ چڱو ٿُلهو،سائي رنگَ جو چَتون ويٺو ھو.جنھن جون اکيون ھيري جيان چَمڪي رھيون ھيون.
"جي اھو کائڻَ لاءِ ملي تہ ٻيو ڇا کپي؟"ٽام پنھنجو پاڻَ سان ڳالهايو ۽ ڪا اھڙي ترڪيب سوچڻَ لڳو جنھن سان انَ چَتونءَ کي پڪڙي کائي سگهي.
چَتونءَ ھڪ ڀيرو وري "ٽِين...ٽِين..."جو آواز ڪڍندو،ٽپُ ڏئي ڇٻرَ تي لَھي آيو ۽ ڇٻرَ مان داڻو چُڳڻَ (کائڻَ) لڳو.
اھو ڏسي ٽام تڪڙ ۾ ڀتِ سان لڳي بيھي رھيو تہ جيئن سائو چَتون کيس ڏسي نہ سگهي ۽ وارو ملڻَ تي ھُو کيس جَهٽي (پڪڙي) کائي وڃي.
اھو سڀ وڻَ جي ڏارَ تي ويٺل جيري بہ ڏسي رھيو ھو.جيري اُتي پنھنجي دوست نيمني سان ڪچهري ڪرڻَ آيو ھو.نيمنو،وڻ تي رھندڙ نوريئڙن جو سردار ھو.
سائي چَتونءَ کي ھيٺ لھندو ۽ ٽام کي لڪندو ڏسي جيري ۽ نيمنو سمجهي ويا تہ اڄ چَتونءَ جو خير ناھي.
ٻنهي ھڪ ٻئي ڏانھن ڏسي پنھنجا ڪنڌ لوڏيا ۽ چَتونءَ جي مدد ڪرڻَ لاءِ تيار ٿي ويا.
ھوڏانھن ڀتِ جي اوٽَ وٺي بيٺل ٽام ڪجهہ اڳتي سُريو ۽ چَتونءَ ڏانھن نھاريائين.چتون بہ انَ مھلَ ٽام ڏانھن پئي ڏٺو.
"ھئہ...ھئہ..."ٽام اجايو ٽھڪ ڏنو ۽ سيٽي وڄائڻَ لڳو.ڄڻ تہ چَتونءَ ڏانھن سندس ڌيانُ ئي نہ ھجي.
چتون ڪجهہ ٽپَ ڏنا ۽ ٽام جي ڀرسان پھچي کيس چتائي ڏسڻ لڳو.
ٽام جا ڏندَ نڪري آيا.کيس پَتِ ئي نہ پئي ٿي تہ ڪو سندس شڪار ايڏو ويجهو اچي ويندو.
"اڄ تہ ڏاڍو ڍؤ ڪندس."ٽام خوش ٿيندي سوچيو.
انھيءَ مھل ئي چتون اُڏيو ۽ ٽام جي مَٿي تي اچي ويھي رھيو.
ٽام جي تہ عيدَ ٿي وئي.ھن پنھنجي اکين جا تارا مٿي ڪيا ۽ ڏندَ ٽيڙي چَتونءَ ڏانھن نھارڻَ لڳو. چتون بہ ٽام جي مٿي تي ويٺي،مٿو جهڪائي ٽام کي ڏسي رھيو ھو.
اھو ڏسي جيري ۽ نيمني کان دانھون نڪري ويون. کين پڪَ ٿي وئي تہ سندن پھچڻَ کان اڳُ ئي ٽام، سائي چَتونءَ کي کائي ويندو.
ھو ٻئي تڪڙ ۾ وڻَ تان لٿا ۽ ٽام ڏانھن ڊُڪڻَ لڳا.
ٽام جي نظرَ اڃان تائين جيري ۽ نيمني تي ڪو نہ پئي ھئي.ھنَ پنھنجون ٻئي اڳيون ٽنگون مٿي ڪيون ۽ سائي چَتونءَ کي جهٽڻَ لاءِ پنھنجا چَنبا اڳتي وڌايا.
"ٽِين...ٽِين..."چَتونءَ ٻوليو ۽ ٻي گهڙي ھُو ٽام جي مٿي کان ڪجهہ مٿيرو اڏامڻ لڳو ۽ ان کان اڳُ جو ٽام کيس پڪڙي کائي ھا. چَتونءَ پنھنجي ٻنھي پيرن جا نَنھَن ٽام جي ٻنھي ڪُلھن ۾ کُپايا ۽ ٽام سوڌو مٿي اڏامي ويو.ٽام سان گڏ جيري ۽ نيمني کان بہ دانھون نڪري ويون.سائو چَتون ٽام کي کڻي ڏاڍو اوچو اڏامڻَ لڳو.ڪجهہ مٿي وڃي چَتونءَ ٽام کي ڇڏي ڏنو.
"مِي آآآ اُووون..."ٽام ڊپَ مان دانھَن ڪئي ۽ ھيٺ اچي ڪريو. ھن کي ٺاھوڪو ڌڪ لڳو ۽ ھو اُتي ئي پئي رھيو.
چَتون ھڪ ڀيرو ٻيھر ھيٺ آيو ۽ ھن پنھنجي نَنھَنِ سان ٽام کي ڪنڌَ مان پڪڙيو ۽ مٿي اڏامي ويو.ھن ڀيري چَتونءَ ٽام کي زور سان ڀتِ سان ھَڻي ڪڍيو.ٽام سور وچان رڙيون ڪيون ۽ چار ئي ٽَنگون ھوا ۾ لوڏيندو وري ھيٺ اچي ڪريو.ٽام کان دانھَن بہ نہ نڪتي.ھن جي ڄِڀَ،واڇَ مان لڙڪڻَ لڳي ۽ اکيون ٻاھر نڪري آيس.چَتونءَ اتي ئي بس نہ ڪئي.ھُو "ٽِين...ٽِين" ڪندو وري ٽام ڏانھن آيو ۽ کيس پُڇَ مان سوگهو ڪري مٿي آسمانَ ڏانھن اڏامڻَ لڳو.
اھو ڏسي جيري ۽ نيمنو وڻَ تي چڙھي ويا ۽ ڏارن تي ھلندا ڇت جي ڀِتِ تي بيھي مٿي ٽام ۽ چَتونءَ ڏانھن ڏسڻَ لڳا.
ٽام ھنَ اوچتي مصيبت جي ڪري ھاڻي روئڻُ شروع ڪري ڏنو هو.ھو پنھنجا چَنبا جوڙي چَتونءَ کام معافي گهري رھيو ھو ۽ کيس ھيٺ لاھڻَ لاءِ اشارا ڪرڻ لڳو پر چَتون اڃان مٿانھين ڏانھن اڏامي رھيو ھو.
ٽام جي سِنگهہ وھڻَ لڳي ۽ کيس پڪَ ٿِي وئي تہ اڄ سندس خير ناھي.
جيري ۽ نيمنو وات ڦاڙي اھو سڀ ڏسي رھيا ھئا.
اوچتو نيمني جي نظرَ ھيٺ گهٽيءَ ۾ بيٺل ھڪ ٻارَ تي پئي.جنھن جي ڪُلهي تي ٿيلهو لڙڪي رھيو ھو.ھو ڪنھن مھلَ ٽام ۽ چَتونءَ ڏانھن نھاري رھيو ھو تہ ڪنھن مھل پنھنجي ھٿ ۾ جهليل ھڪ اوزار سان حرڪت ڪري رھيو ھو.
نيمني،جيريءَ کي بہ اھو ڇوڪرو ڏيکاريو.
ڇوڪري کي ڏسي جيري نيمني کي پنھنجي ڪڍَ اچڻَ جو اشارو ڪيو ۽ ٻئي ڄڻا ڊُڪندا ٻاھرين ڀتِ تي اچي بيھي رھيا.
گهٽيءَ ۾ بيٺل ڇوڪرو اھو ساڳيو ئي ڇوڪرو ھو جنھن کان ٽام آئيس ڪريم کسي کائي ويو ھو.
جيري سيٽي وڄائي تہ ڇوڪرو ھنن ٻنھي ڏانھن ڏسڻَ لڳو.
جيري اشارا ڪيا تہ ڇوڪرو مرڪڻ لڳو.
"ھنَ ٻِلَي مون کان آئيس ڪريم کسِي ھئي. تنھن ڪري کيس سزا ڏني اٿم."ڇوڪري جي ڳالهہ ٻُڌي جيري ۽ نيمني اچرج (حيرتَ) مان ھڪٻئي ڏانھن نھاريو.
ڇوڪرو وري پنھنجي اوزار سان حرڪت ڪرڻ لڳو.ڪجهہ ئي دير ۾ سائو چَتون موٽي اچي ڇوڪري جي ڪُلهي تي ويھي رھيو.ٽام ساڻس گڏ ڪو نہ ھو.
"شاباس مِٺو پُٽَ. تون پنھنجو ڪم ڏاڍي سٺي نموني ڪيو آهي."ڇوڪري چيو.
"ٽِين...ٽِين...ٽِين..."چَتونءَ ٻوليو.
ڇوڪري وري ساڳئي اوزار ۾ لڳل ڪجهہ بَٽڻَ دَٻايا. سائي چَتونءَ جون ھيري جيان چمڪندڙ اکيون ڪاريون ٿي ويون ۽ پوءِ ڇوڪري انَ اوزارَ سان گڏ ڪلهي تي ويٺل چَتون بہ ٿيلھي ۾ رکي ڇڏيو.
جيري ۽ نيمني جي حيرت وڌي وئي.ھنن کي لڳو پئي تہ چَتون ٿيلهي ۾ ساھُہ ٻُوساٽجڻَ جي ڪري مري ويندو.
ھنن جي حيرت ڏسي ڇوڪري چيو..."ھي ريموٽ ڪنٽرول تي ھلندڙ رانديڪو چَتون آھي.سچو پچو چتون ناھي.ھي نہ رڳو اڏامڻدو آھي پرَ پنھنجي اکين ۾ لڳل ڪيميرا وسيلي تصويرون بہ اسڪرين تي ڏيکاريندو آھي“.
جيري "ميائون...ميائون"جو آواز ڪڍي ڇوڪري کان ٽام بابت پڇيو.
ڇوڪرو جيري جي ڳالهہ سمجهي ويو.ھن ٿيلهي مان ھڪ دوربين ڪڍي جيري کي ڏني.
"سامھون ئي موبائل ٽاور ڏانھن ڏسو."ڇوڪري ٽھڪُ ڏيندي چيو.
جيري تڪڙ ۾ دوربين ورتي ۽ موبائل ٽاور ڏانھن ڏٺو.اھو ڏسي ھن کان رڙ نڪري وئي تہ ٽاور جي مٿئين حصي جي لوھِي ٿلھين راڊُن سان ٽام چُنبڙيل ھو.ٽام ڏڪي رھيو ھو ۽ ھنَ جي اکين مان ڳوڙھا پئي وھيا.
مِٺو پُٽَ کيس موبائل ٽاور تي کڻي ڦِٽو ڪيو ھو.
جيري کان پوءِ نيمني بہ دوربين وسيلي ٽام کي ڏٺو ۽ پوءِ ھڪٻئي ڏانھن نھاري ٽھڪَ ڏئي کلڻَ لڳا.

پِتڪڙا ماڻهو

پلوٽو،جهنگ ۾ گهمي رھيو ھو.اھو جهنگ ھن جي شھر کان ويجهو ھو.جهنگ ھن جي شھر کان بہ وڏو ۽ گهاٽو ھو.ھتي ھر قسم جا وڻ ۽ ٻوٽا ھئا. پلوٽو ھتي ڪاٺين جي ڳولا ۾ آيو ھو تہ جيئن سندس مالڪ،ھن لاءِ نئون ڊاگ ھائوس (ڪتي جي رھڻ وارو گهر) ٺاھي سگهي.پلوٽو جو پراڻو ڊاگ ھائوس جَڏو ٿي ويو ھو سو مالڪ ھن کي نئون ٺاھي پئي ڏنو.
"رڳو ڪِريلَ ڪاٺيون کڻجان ۽ جهنگ ۾ گهڻو پري نہ وڃجانءِ."مالڪ ھن کي چيو ھو.
پلوٽو پاڻ بہ ھڪ ھوشيار ڪتو ھو.کيس چڱي نموني ڄاڻَ ھئي تہ وڻَ ڏاڍا قيمتي ھوندا آھن ۽ انھن کي وڍِبو ناھي پرَ انھن جو خيال رکبو آھي. ٻيو تہ جهنگ ۾ شينھَن،چيتس،رڇَ ۽ بگهڙَ رھندا آھن. ان ڪري جهنگ ۾ پري تائين نہ وڃڻ کپي.سو پلوٽو ڏاڍي خيال سان وڻن مان ڪريل ڪاٺيون گڏ ڪرڻ لڳو.ڪنھن ڪنھن مھلَ پري کان ڪنھن شينھن يا بگهڙ جو آواز آيو پئي.نہ تہ رڳو پکين جي ٻولين جا ٻولَ پئي ٻڌڻ ۾ آيا.پلوٽو ڏاڍي مزي سان پنھنجي ڪم ۾ لڳو پيو ھو.ھن ڳولي ڳولي اھڙيون سُڪلَ ڪاٺيون پئي کنيون جيڪي ڳريل نہ ھجن.تہ جيئن سندس گهر مضبوط ٺھي سگهي.ھن جي مالڪ ھن جي پُٺيءَ تي ٿُلهو رسو ٻڌي ڇڏيو ھو.پلوٽو ڪاٺيون ان ۾ ڦاسائيندو پئي ويو.جلد ئي پلوٽو کي محسوس ٿيو تہ ھن ڳَچُ (گهڻيون) ڪاٺيون گڏ ڪري ڇڏيون آھن.ڇو جو سندس پُٺيءَ تي ھاڻي وزن گهڻو ٿي ويو ھو.
"ھاڻي ڪجهہ ٻيرَ کاوان پوءِ گهر ڏانھن وڃان." پلوٽو سوچيو ۽ ٻير جو وڻ ڳولھڻ لڳو.
ڪجهہ ئي اڳتي ٻير جو وڻ ھو.جنھن ۾ ڳاڙھا پڪل ٻير لڙڪي رھيا ھئا.
پلوٽو ان ٻير ڏانھن وڌي ويو.کيس پڪ ھئي تہ اتي کيس کائڻ لاءِ ڪريل ٻير ملي ويندا.
ھو جيئن ئي ٻير جي وڻ ھيٺان پھتو تہ سندس مٿان ھڪ ڄار اچي ڪريو.پلوٽو کان ڇرڪ ڇڏائجي ويو ۽ ھن ڊپ مان رڙيون ڪندي پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.پر جيتري ڪوشش پئي ڪيائين اوترو ڄار ۾ ڦاسندو پئي ويو.صفا ايئن ئي جيئن تانِيئڙي جي ڄارَ ۾ ڦاٿل مَکِ،ڦٿڪڻَ تي ويتر ڄار ۾ وچڙندي ويندي آھي.
"وَؤؤؤ..."پلوٽو،لاچاريءَ مان دانھن ڪئي. کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ساڻس ڇا پيو ٿئي؟
انھيءَ مھلَ ئي ٻير جي وڻ جي ٿڙ پٺيان الاھي سارا ماڻهو نڪري آيا.انھن ماڻهن جي ھٿن ۾ لوھہ جا ڀالا ھئا.ھو سڀ پلوٽو جي چوڌاري بيھي رھيا ۽ ڏانھنس چتائي نھارڻ لڳا.
"ھاھاھا..."پلوٽو ٽھڪ ڏئي کلي پيو.
پلوٽو ان ڪري کلي رھيو ھو جو اھي سڀ ماڻهو بندرا ھئا.ذري گهٽ ڪنھن وڏي ماڻهوءَ جي چِيچَ (آڱر) جيترا.اھي پتڪڙا ماڻهو،پلوٽو پھريون ڀيرو ڏٺا ھئا سو ھو کلي رھيو ھو.
پلوٽو کي کلندو ڏسي ھڪ پتڪڙو ماڻهو،اڳتي وڌي آيو.ھن جي منھن تي ڪاوڙ ھئي.پڪَ سان ھن کي پلوٽو جو کلڻ نہ وڻيو ھو.
"ڄار ۾ ڪاٺي وجهي کڻو ھن جانورَ کي."ھن ڪاوڙ وچان چيو.
ھن جو سَنھو ۽ ڪنھن ننڍڙي ٻار جھڙو آواز ٻڌي پلوٽو کان وري ٽھڪ نڪري ويو.
اھو ڏسي ڪيترائي پتڪڙا ماڻهو اڳتي وڌيا ۽ ڄار مان ڪاٺي ٽَپائي انھن پلوٽو کي ڄارَ سوڌو کڻي ورتو.
اھو ڏسي پھريون ماڻهو ھڪ پاسي ھلڻ لڳو ۽ ٻيا سڀ پتڪڙا ماڻهو ان جي ڪڍ روانا ٿي ويا.
پلوٽو کلڻ بند ڪري اچرج (حيرت) مان اھو سڀ ڏسڻ لڳو.
پلوٽو کي کڻي جلد ئي اھي پتڪڙا ماڻهو ھڪ اھڙي ھنڌ پھتا جتي ڪبوترن جي کُڏين جھڙا ڪيترائي گهر ٺھيل ھئا.وچ ۾ ھڪ ويڪرو ميدان ھو جتي ھڪ وڏي ديڳ ڪاٺين جي ڍير تي رکيل ھئي.
اُتي ٻيا بہ ڪيترائي پتڪڙا ماڻهو ھئا.جن ۾ عورتون ۽ ننڍڙا ٻار شامل ھئا.
پتڪڙن ماڻهن ديڳ جي ڀرسان پلوٽو کي لاٿو ۽ پوءِ پنھنجا ڀالا اُڀا ڪري پلوٽو جي چؤڦير بيھي رھيا.
پلوٽو کي سمجهہ ۾ ڪجهہ بہ نہ پئي آيو تہ ھي سڀ ڇا ٿي رھيو آھي؟پتڪڙا ماڻهو کيس ايئن ڇو کڻي آيا آھن؟
ھو بس سڀني ڏانھن نھاريندو رھيو.
ڪجهہ دير کان پوءِ سڀ پتڪڙا ماڻهو فوجين جيان خبردار ٿي بيھي رھيا.ھنن پنھنجا ڀالا بہ ھيٺ ڪري ڇڏيا.
درَ کُلڻَ جو آواز ٿيو.پلوٽو ڪَنڌ ورائي ڏٺو تہ کيس کُڏيءَ جھڙي ھڪ گهر مان ھڪ ڦڪي رنگ جا ڪپڙا پاتل پتڪڙو ماڻهو نڪرندي نظر آيو.ان گهر مٿان بہ ڦڪي رنگ جو جهنڊو ڦڙڪي رھيو ھو.اُنَ پتڪڙي ماڻهوءَ کي پاتل ٽوپي بہ ڦڪي رنگ جي ھئي.ان ٽوپيءَ ۾ مور جو کنڀ لڳل ھو.
اھو پتڪڙو ماڻهو پڪَ سان بادشاھہ ھو.
بادشاھہ ھلندو اچي پلوٽو جي ڀرسان بيھي رھيو.
"ھيءُ ڪھڙو جانور آهي؟"ھن ڀرسان بيٺل ھڪ پتڪڙي کان پڇيو.
"شايد اھو ئي آھي بادشاھہ سلامت. جنھن کي پچائي کائڻ سان اسان جا قدَ بہ وڏا ٿي ويندا." ان ماڻهوءَ ھلڪي آواز ۾ چيو تہ جيئن پلوٽو نہ ٻڌي سگهي.
اھو ٻڌي بادشاھہ جون اکيون چمڪڻ لڳيون. بادشاھہ جي ڏاڍي خواھش ھئي تہ ھنن جا قد وڌي وڏا ٿي وڃن ۽ ھو سڀ بہ ڪنھن شھر ۾ وڃي ٻين انسانن سان گڏ رھن.
"ٺيڪ آھي. ڀلي پَچايوس.متان فائدو ٿئي.ھونءَ تہ ڪيترا جانور کاڌا آھن پر اسان جا قد وڌن ئي نہ ٿا."بادشاھہ چيو.
"ٺيڪ آھي بادشاھہ سلامت."اجازت ملندي ئي ان ماڻهوءَ،ٻين پتڪڙن کي اشارو ڪيو.
ھڪدم پلوٽو کي ڄار مان ڪڍيوڏي ديڳ ۾ وِڌو ويو.ديڳَ ۾ پاڻي ڀريل ھو.پلوٽو اڌ ديگ ۾ ھو ۽ اڌ ٻاھر.
اھو ڏسي بادشاھہ حڪم ڪيو تہ ھن کي اونڌو ڪيو.
پتڪڙن ماڻهن تڪڙ ۾ پلوٽو کي اونڌو ڪري ديگ ۾ وجهي ڇڏيو.ھاڻي پلوٽو جي منڍي ديڳ ۾ ھئي ۽ پويون ڄنگهون ديگ کان ٻاھر.
بادشاھہ وري کيس ديگ مان ڪڍڻَ جو اشارو ڪيو.
"ھي سڄو ديڳ ۾ وڃي نہ تہ جادوءَ جا مصالحا اثر نہ ڪندا ۽ اسان جا قد وڏا نہ ٿيندا."بادشاھہ جي ڳالهہ ٻڌي پلوٽو کان وري ٽھڪ نڪري ويو.
سڀ ھن ڏانھن ڏسڻ لڳا.
پلوٽو کين اشارو ڪيو ء ھڪ وڏي ڪاٺي کڻي ديگ ۾ وجهي ڇڏي.ڪاٺي اڌ ديگ ۾ ۽ اڌ ٻاھر ھئي.
سڀ ڪو چتائي پلوٽو کي ڏسي رھيو ھو.پلوٽو ڪاٺي ديڳ مان ڪڍي وري اونڌي ڪري ديڳ ۾ وجهي ڇڏي.ھيئنر بہ ڪاٺي پھرين وانگر اڌ ديڳ ۾ ۽ اڌ ٻاھر ھئي.پلوٽو ٻيھر ٽھڪ ڏنو ۽ ڪاٺي ڪڍي ان جا چار ٽڪرَ ڪري ديگ ۾ وجهي ڇڏي.ھن ڀيري سڄي ڪاٺي ديگ ۾ گم ٿي وئي.پلوٽو پتڪڙي بادشاھہ ڏانھن نھارڻ لڳو.
"تون تہ ڏاڍو ڏاھو جانور آھين. واھہ واھہ."بادشاھہ تاڙيون وڄائيندي چيو.ٻيا پتڪڙا ماڻهو بہ پلوٽو جي عقلَ جي ساراھہ (تعريف) ڪرڻ لڳا.پلوٽو ڏند ڪڍي ھنن کي ڏسڻ لڳو.
"ٺيڪ آھي. ھن جانور کي بہ چار ٽڪرَ ڪري ديگ ۾ وجهي ڇڏيو تہ جيئن چڱي نموني رڌجي وڃي ۽ اسان کائون تہ اسان جا قد بہ وڌي وڃن."بادشاھہ جو حڪم ٻڌي پلوٽو کان دانھن نڪري وئي.کيس ھاڻي سمجهہ ۾ آيو تہ پِتڪڙا ماڻهو کيس ڇو پڪڙي آيا آھن.ھن کي افسوس ٿيڻ لڳو تہ ھن ڇو ڪاٺيءَ کي چار ٽڪرا ڪرڻ واري ترڪيب پتڪڙن کي ٻڌائي.ھُو روئڻ جھڙو ٿي ويو.
"مون کي ھمٿ ڪرڻي پوندي. نہ تہ ھي پتڪڙا ماڻهو مون کي کائي ويندا."پلوٽو روئيندي روئيندي سوچيو.
پتڪڙي بادشاھہ سوڌو سڀ پتڪڙا ماڻهو ڀالا اُڀا ڪري ھن جا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي ويا ھئا.اھو ڏسي پلوٽو کي ھڪ ٻي ترڪيب ذھنَ ۾ اچي وئي. ھن اُبتي قلابازي ڏني ۽ ديڳ تي چڙھي بيھي رھيو. ھن کي ديڳ تي چڙھندو ڏسي سڀ پتڪڙا ماڻهو رڙيون ڪندا ھن ڏانھن ڀڳا.انھن کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي پلوٽو تڪڙ ۾ ديڳ تان لھي آيو ۽ زورَ ڏئي ديڳ کي اُونڌو ڪري ڇڏيائين.ديڳ ۾ پاڻي ڀريل ھو.سو ديگ جي اونڌو ٿيندي ئي پاڻي سيلاب جيان وھڻَ لڳو.پتڪڙن ماڻهن بچڻَ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويا ۽ پنھنجي بادشاھہ سوڌو پاڻيءَ ۾ لڙھي ويا.
"اَؤووووو..."پلوٽو پنھنجي جان بچڻ تي خوشيءَ مان رڙ ڪئي.
"ڀھھھھھہ...ڀھھھھہ..."ڀرسان ئي ڪنھن شينھن جي رڙ ٻڌڻَ ۾ آئي. شينھن پڪَ سان پلوٽو جي رڙ ٻُڌي ورتي ھئي.
اھو ٻڌي پلوٽو ھڪ وڏو ٽپ ڏنو ۽ ان کان اڳُ جو وري مصيبت ۾ پئجي وڃي ھا.ھُو جهنگ کان ٻاھر ويندڙ دڳَ تي ڊڪندو پنھنجي گهر ڏانھن روانو ٿي ويو.

بھادر جيري

اڄ ٽام جا ارادا ٺيڪ نہ ھئا.
ھُو پاڙي واري گهرَ جي ڀِت تي بيٺل ھو.ھن جو پُڇُ ۽ ٻئي ڪنَ اُڀا ھئا.ھُو ھرَ ھرَ پنھنجن چپن تي زبان ڦيرائي رھيو ھو.
پاڙي جي انَ گهرَ ۾ اسپائيڪ نالي ڪتو رھندو ھو.
جيڪو ڏاڍو ڀوائتو ڪتو ھو.سندس ڀؤنڪڻ جو آواز ٻڌي ٽام جو ساھُہ سُڪي ويندو ھو.اسپائيڪ جيري جو دوست ھو پرَ ٽام تي کيس ڏاڍي ڪاوڙ ھوندي ھئي.ڇو جو ٽام جيري کي ڏاڍو تنگ ڪندو ھو.ان ڪري اسپائيڪ کي جڏھن بہ ٽام ھٿ ايندو ھو تہ پوءِ ٽام جون دانھون سڄو شھر ٻڌندو ھو.
اڄ ٽام جڏھن پنھنجي گهر جي ڇِت تي چڪر ڏيڻ ويو تہ سندس نھارَ (نظرَ) سامھون واري گهرَ ۾ ستل اسپائيڪ تي پئي ھئي.اسپائيڪ پنھنجي ڊاگ ھائوس (ڪتي جي رھڻ وارو ڪاٽ جو ننڍو گهر) ۾ ستل ھو ۽ سندس آڏو پليٽ ۾ ڪڪڙ جي ٽنگَ رکيل ھئي.اھا ٽنگَ ڏسي ٽام جي گِگَ ڳڙڻَ لڳي ۽ ھن اھا چورائڻ جو فيصلو ڪيو.توڙي جو کيس ڄاڻَ ھئي تہ ڪنھن ٻُئي جي ڪا شئي کڻڻ خراب ڳالهہ آھي پر پوءِ بہ ھو نہ مڙيو ۽ ھاڻي اسپائيڪ جي گهر جي ڀت تي بيٺو ھو.
اسپائيڪ جا کُونگهرا ٻُڌي ٽام کي پڪَ ٿي وئي تہ اسپائيڪ گهري نِنڍَ ۾ آھي.اھا پڪَ ٿيندي ئي ٽام ھوريان ھوريان ھيٺ لٿو ۽ بنا ڪو آواز ڪرڻ جي اسپائيڪ جي ڀرسان پھچي ويو.سامھون ئي ڪڪڙِ جي ٽنگَ،پليٽ ۾ پئي ھئي.ٽام وري پنھنجن چپن تي زبان ڦيرائي ۽ پنھنجو پيٽ صفا فرش سان لڳائي پليٽ ڏانھن رِڙھڻَ لڳو.
گهر جي اڱڻ ۾ ان مھلَ ٻيو ڪو بہ نہ ھو.گهر جا مالڪ اندر ڪمرن ۾ ھئا.
"اسپائيڪ کي ڪڏھن بہ خبر نہ پوندي تہ سندس ٻُوٽي مون کنئي آھي."ٽام دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي سوچيو.
ٽام پليٽ جي ڀرسان پھچي پھرين ڪڪڙ جي ٽنگ کي سِنگهيو ۽ پوءِ پنھنجو وات ڦاڙي ٽنگَ کي کڻڻَ لاءِ اڳتي ٿيو.
انھيءَ مھلَ ئي تيز سيٽيءَ جي آواز ٽام کي ڇرڪائي وڌو.ھنَ تڪڙ ۾ منھن مٿي ڪري ڏٺو تہ سندس نھارَ ڊاگ ھائوس جي ٽِڪُنڊي نموني ٺھيل ڇت تي پئي.ڇت تي جيري ويٺل ھو ۽ ڪاوڙ ۾ ٽام ڏانھن نھاري رھيو ھو.
ٽام ڳڻتيءَ مان اسپائيڪ ڏانھن ڏٺو پر تيز سيٽيءَ جو آواز بہ اسپائيڪ کي جاڳائي نہ سگهيو ھو.ھو ستل ئي رھيو.اھو ڏسي ٽام جيري کي ڊيڄارڻ لاءِ کيس پنھنجا ڀوائتا ڏندَ ڏيکاريا.پرَ جيري ڊِڄڻَ بدران ٽڪنڊي ڇت تي بيھي رھيو ۽ مَٿو لوڏي ٽام کي ٽنگَ کڻڻ کان جهلڻَ لڳو.کيس اشارو ڪندو ڏسي ٽام پنھنجو چَنبو مٿي ڪيو ۽ ڊگها چُھنبدار نَنھن ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين.
جيري سمجهي ويو تہ ٽام غلط ڪم ڪرڻ کان ڪو نہ مڙندو.سو ھو ڇت تان ٽپُ ڏئي ھيٺ لھي آيو ۽ ڪڪڙ جي ٽنگ واري پليٽ وٽ بيھي رھيو.
جيريءَ جي بھادري ڏسي ٽام اچرجَ (حيرت) ۾ وٺجي ويو.ھن کي جيري مان اھڙي ڳالهہ جي اميد نہ ھئي.
ٽام وات کوليو ۽ جيري کي ڌَڪُ ھڻڻَ لاءِ پنھنجو چَنبو مٿي ڪيو.ان کان اڳ جو ھو جيري کي چنبو ھڻي ھا جيري ڪڪڙ جي ٽنگ کڻي ھن جي ڏندن ۾ ڦاسائِي ڇڏي ۽ خالي پليٽ اسپائيڪ کي وھائي ڪڍي.
"ڀَئُووووووو...."اسپائيڪ وڏي دانھن ڪئي ۽ ڇرڪ ڀري اُٿي بيھي رھيو.
کيس اٿندو ڏسي ٽام جون ڄنگهون ڏڪڻَ لڳيون. جيريءَ جي چالاڪيءَ ھن کي ڦاسائي وڌو ھو.
اسپائيڪ پنھنجو کاڌو ٽام جي وات ۾ ڏسي ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو.ھن کي ھونءَ ئي ٽام ڪو نہ وڻندو ھو.ھاڻي جو کيس پنھنجو کاڌو کائيندي ڏٺائين تہ سندس حالت خراب ٿي وئي.
"ڀَئو...ڀَئو..."اسپائيڪ ڀوائتي نموني ڀؤنڪيو ۽ ٽام ڏانھن وڌڻ لڳو.
اسپائيڪ کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي ٽام وات مان ڪڪڙ جي ٽنگ ڪڍي ۽ اسپائيڪ ڏانھن اڇلائي، پوئتي در ڏانھن ڀَڳو.
ٽام کي ڀڄندو ڏسي اسپائيڪ بہ ان جي ڪڍَ ڊڪڻَ لڳو.ٽام جيئن ئي در وٽ پھتو اسپائيڪ وڏو ٽپُ ڏنو ۽ ٽام کي پڪڙڻَ جي ڪيائين.پرَ ٽام جا ڀاڳ ڀلا ھئا.ھُو دروازي مان ٻاھر نڪري ويو ۽ اسپائيڪ درَ ۾ لڳڻ کان پوءِ درَ جي تاڪَ ۾ لڳل ڪَڙي ۾ ڦاسي پيو ۽ لڙڪڻَ لڳو.اصل ۾ ھنَ کي ڳچيءَ ۾ پَٽو ٻڌل ھو.اھو پَٽو ڪڙي ۾ ڦاسي پيو ھو.اسپائيڪ کي گُهٽو پئي آيو ۽ ھو ڦٿڪڻَ لڳو.
اسپائيڪ کي لڙڪندو ڏسي،جيري پريشان ٿي ويو.
"جيڪڏھن اسپائيڪ کي ڪڙي مان نہ ڪڍبو تہ ھُو مري ويندو."جيري پريشانيءَ مان سوچيو ۽ پوءِ ڊڪندو درَ جي تاڪَ تي چڙھي ويو. ھن پَٽي کي ڇِڪي ڇِنڻَ جي ڪوشش ڪئي پر چمڙي جو پٽو ڏاڍو مظبوط ھو.جيري ان کي ڇِني نہ سگهيو. اسپائيڪ تڪليف ۾ ھو.ھن جي ڄِڀَ (زبان) ھن جي واڇَ مان لڙڪي رھي ھئي ۽ سندس ساھُہ مُنجهي رھيو ھو.
اوچتو ھِڪ خيال جيري جي دماغ ۾ آيو.
"يا ھُو..."جيري سرھائيءَ (خوشيءَ) مان رڙ ڪئي ۽ اڳتي وڌي پَٽي کي پنھنجن تيز ڏندن سان ڪَتِرڻُ شروع ڪيو. ڪجهہ ئي دير ۾ پٽو ڪترجي ڇِڄِي پيو ۽ اسپائيڪ ھيٺ ڪِرِي وڏا وڏا ساھَہ کڻڻ لڳو.
ھن جي حياتي بچي وئي ھئي.
ٽام ھڪ ٿَنڀي جي پٺيان لڪي اھو سڀ ڏسي رھيو ھو.اسپائيڪ کي ھيٺ ليٽيل ڏسي ھُو سمجهي ويو تہ ھاڻي سندس خير ناھي.اسپائيڪ کيس سزا ڏيڻ کان سواءِ نہ ڇڏيندو.
"ھاڻي مون کي گهر ڀَڄي وڃڻ کپي. نہ تہ اسپائيڪ بدلو وٺندو."ٽام سوچيو ۽ تڪڙ ۾ اڳتي وڌيو.
انھيءَ مھلَ ھڪ گاڏي گهٽيءَ مان نڪتي ۽ روڊ تي ھوريان ھوريان ھلڻ لڳي.ان گاڏيءَ جي پوئين حصي ۾ لوھہ جي وڏي پِڃري ۾ ڪيترائي ڪتا واڙيل ھئا.ان پڃري جي مٿان ھڪ ماڻهو ويٺل ھو جنھن جي ھٿ ۾ ھڪ وڏي لٺِ ھئي.ان لٺ جي ھڪ پاسي ڄارَ نموني جي ڳوٿري ھئي.
اھا گاڏي ڏسي ٽام سمجهي ويو تہ اھا رولو ڪتا پڪڙڻ واري گاڏي آھي.
ٽام سيٽي وڃائي ۽ پِڃري تي ويٺل ماڻهوءَ کي، اسپائيڪ ڏانھن اشارا ڪرڻ لڳو.
"آھا...ٻيو ڪتو بہ ھٿ اچي ويو. ھن کي تہ پالتو ڪتن وانگر پَٽو بہ پاتل ڪونهي.ھي پڪَ سان رولو آھي." ان ماڻهوءَ ڏاڍيان چيو ۽ ڊرائيور کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيائين.
"ھھھھھہ..."ٽام ٽپَ ڏيندي ٽھڪ ڏنو. ھو ڏاڍو سرھو پئي ٿيو تہ ھاڻي اسپائيڪ کان سدائين لاءِ جِندُ ڇُٽي ويندي.
گاڏي بيھندي ئي پڃري تي ويٺل ماڻهو تڪڙ ۾ ھيٺ لٿو ۽ ڳوٿريءَ واري لٺ کڻي اسپائيڪ ڏانھن ڊوڙيو. اسپائيڪ وٽ پھچي ھن لٺ اڳتي وڌائي ۽ ھڪ جهٽڪو ڏئي اسپائيڪ کي ڳوٿريءَ ۾ کڻي ورتو. ساڻو ٿي ويل اسپائيڪ چُريو بہ نہ.
"چِچ...چِچ...چِچ..."جيريءَ سنهڙي دانھن ڪئي ۽ اڳتي وڌي گاڏيءَ ڏانھن ويندڙ ماڻهوءَ جي اڳيان بيھي رھيو.
ماڻهوءَ،جيريءَ ڏانھن ڏٺو بہ نہ ۽ اڳتي وڌي گاڏيءَ جي پويان رکيل پڃري جو ڪڙو لاھي اسپائيڪ کي ڳوٿريءَ مان ڪڍي ٻين ڪتن سان گڏ واڙي ڇڏيو. پوءِ ھو تڪڙ ۾ پڃري جي مٿان وڃي ويٺو ۽ ڊرائيور کي اڳتي ھلڻ لاءِ چيائين.
ٽام تاڙيون وڄائيندي نچڻَ لڳو.
جيري ڪاوڙ ۾ ٽام ڏانھن ڏٺو ۽ ھلندي گاڏيءَ جي ڪڍَ ڊڪڻ لڳو.جيري کي ڊُڪندو ڏسي ٽام پريشان ٿي ويو.
"جي جيري اسپائيڪ کي ڇڏائي ورتو تہ پوءِ منھنجو خير ناھي."ٽام سوچيو ۽ پوءِ پاڻ بہ جيري جي پويان ڊُڪڻَ لڳو.
ان کان اڳ جو گاڏي تيز ٿي وڃي ھا.جيريءَ ڊڪندي ڊڪندي ٽپ ڏنو ۽ پڃري جي درَ کي چَهٽي (چُنبڙي) پيو.ھن اندر نھاريو تہ کيس ٻين ڪتن سان گڏ اسپائيڪ بہ ڏسڻَ ۾ آيو.اسپائيڪ ھاڻي ٺيڪ ھو ۽ جيري کي ڏسي ھن ڏانھن ھليو آيو.
ٽام بہ جيري جي ڪڍَ ڊڪي رھيو ھو.جيري کي پڃري سان چهٽندي ڏسي ھن بہ ٽَپُ ڏنو ۽ جيريءَ جي لڙڪندڙ پوئين ڄنگهن کي پنھنجن چَنبن ۾ قابو ڪري ڇڏيائين.
جيري پنھنجون ڄنگهون ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ٽام نہ ڇڏيس.
جيري پوءِ بہ ھمٿ ڪئي ۽ نيٺ ڪڙو کولي پڃري جي درَ جا ٻئي تاڪَ کولي ڇڏيا.
ٻئي تاڪَ پاسي تي کُلي ويا ۽ اسپائيڪ سوڌو سڀني ڪتن لاءِ ڀَڄڻَ جو رستو ٺَھي ويو.
اسپائيڪ درَ وٽ آيو ۽ ان پاسي جهاتي پاتائين، جنھن پاسي تاڪَ تي ٽام ۽ جيري لڙڪي رھيا ھئا.
"ڀَئُو...ڀَئو..."اسپائيڪ جيري ڏانھن ڏسندي ڀؤنڪ ڪئي.
جيري بہ اسپائيڪ ڏانھن نھاريو ۽ کيس اکين سان اشارا ڪيا.اسپائيڪ سمجهي ويو تہ جيري ڇا ٿو چئي.
ھن پنھنجو پڇ اُڀو ڪيو ۽ ٽپ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
جيريءَ ھيٺ ٽام ڏانھن نھاريو.ٽام ڊپَ وچان اسپائيڪ کي ڏسي رھيو ھو.
گاڏي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رھي ھئي.
جيري پاڻ کي ٻہ ٽي لوڏا ڏنا.پڃري جي درَ جو لوھي تاڪُ،پھرين اسپائيڪ ڏانھن ويو ۽ وري کُلي واپس، پاسي تي اچي ويو.
ھاڻي جيري پوري سگهہ سان پاڻَ کي ٻِيھرَ لوڏيو تہ در جو تاڪ تيزيءَ سان اسپائيڪ ڏانھن ويو.جيئن تاڪُ اسپائيڪ جي ويجهو پھتو تہ اسپائيڪ گاڏيءَ کان ٻاھر ٽپ ڏنو.ان سان گڏ ئي جيريءَ بہ پاڻ کي ھڪ جهٽڪو ڏنو ۽ تاڪَ کي ڇڏي ڏنائين.ڏاڍيان جهٽڪو اچڻَ سان جيريءَ جون ڄنگهون ٽام جي چَنبن مان ڇڏائجي ويون ۽ ٽام لوڏو اچڻَ ڪري، دانھون ڪندو پڃري ۾ اندر ٻين ڪتن جي وچ ۾ وڃي ڪريو. جڏھن تہ جيري بولاٽيون کائيندو ھيٺ روڊَ تي ڪرڻ لڳو. اھو ڏسي ٽَپُ ڏيندڙ اسپائيڪ، جيري کي پنھنجي وات ۾ جَهٽيندي ھيٺ روڊ تي لھي ويو ۽ ڊُڪندو وِچَ روڊ تان ڪجهہ پاسي تي ٿي ويو.
اسپائيڪ جيري کي وات مان ڪڍي کيس مٿي تي چُمي ڏني ۽ پوءِ ھُو ويندڙ گاڏيءَ ڏانھن نھارڻ لڳا. پڃري تي ويٺل ماڻهوء تڪڙ ۾ در ٻيھر بند ڪري ڇڏيو ھو.اسپائيڪ کان سواءِ ٻيو ڪو بہ ڪتو ڀڄِي نہ سگهيو ھو.جڏھن تہ رولو ڪتن ۾ ڦاٿل ٽام جي رڙين جا آوازَ صاف ٻُڌڻَ ۾ اچي رھيا ھئا.

ساڀيان جو سَھو

ٽام جي مالڪياڻيءَ جا مھمان ٽن ڏينھن کان آيل ھئا.جن ۾ ھڪ ننڍڙي حَرڪتي ڇوڪري ساڀيان بہ ھئي.ساڀيان توڙي جو پنھنجا الاھي سارا رانديڪا بہ آندا ھئا.پر کيس ٽام جھڙو رانديڪو جو ھٿ آيو تہ ھن پنھنجا سڀ رانديڪا ھڪ پاسي رکي رڳو پئي ٽام کي تنگ ڪيو.ڪڏھن سندس ڪنَ پئي پَٽِيا تہ ڪڏھن مُڇن کي ڇِڪيائي پئي.ڪنھن مھل ٽام کي پڇَ کان جهلي نچائڻَ ٿي لڳي تہ ڪڏھن سندس پُٺيءَ تي چڙھي سواري ٿي ڪيائين.ٽام ساڀيان مان ڏاڍو بيزار ٿيو ھو پر ويچارو ڪجهہ ڪري نہ پئي سگهيو.ڇو جو ساڀيان جو پيءُ ڪاوڙ جو تيز ھو ۽ وٽس ھڪ بندوق بہ ھئي.ٽام کي ڊپ پئي ٿيو تہ جي ھن ساڀيان کي رانبوٽو بہ پاتو تہ ساڀيان جو پيءُ کيس گوليون ھڻندي دير ئي نہ ڪندو.نيٺ اڄ صبح جڏھن ساڀيان پنھنجي ماءُ پيءُ سان واپس پنھنجي گهر ھلي وئي تہ ٽام ڏاڍو خوش ٿيو تہ ھاڻي سندس جند ساڀيان مان ڇُٽي وئي.
ھُو پنھنجي گدي تي اچي ليٽو ئي مسَ جو ھنَ کي ساڀيان جي رانديڪن جو خيال آيو. ھو تڪڙ ۾ اٿيو ۽ ميز جي ھيٺان نھاريائين تہ کيس ساڀيان جا رانديڪا نظر آيا.جيڪي ساڀيان اُتي ئي وساري وئي ھئي.انھن رانديڪن ۾ ٽام جي قدَ جيڏو ڪنھن بُجن واري ڪپڙي جو ٺھيل ڀوري رنگ وارو سَھو بہ ھو. جنھن جي اکين واري جاءِ تي ٻہ ننڍڙا شيشي جا ٽڪرا لڳل ھئا.سَھي ۾ اندر ڪپھہ ڀريل ھئي.ڏسڻ ۾ صفا سچو سَھو پئي لڳو.سَھي واري رانديڪي کي ڏسي ٽام کي ھڪ اٽڪلَ ذھن ۾ آئي.
"ڇو نہ جيري کي تنگ ڪيان؟"ٽام سوچيو ۽ ميز تي رکيل قينچي کڻي ورتائين. پوءَ ھو ميز جي ھيٺان وڃي ويٺو ۽ سھي جي پيٽَ وٽان ڪپڙو ڪَٽڻَ لڳو.
گهرَ جي ھالَ ۾ ان وقت ڪير بہ نہ ھو.مالڪياڻي بہ پنھنجي ڪمري ۾ ھئي.
ٽام سَھي جو پيٽ چِيري،انَ مان سموري ڪپھہ ڪڍي ڇڏي.نڪتل ڪپھہ ھن فرش تي وِڇايل گِلمَ ھيٺان لڪائي ڇڏي.
ھاڻي سھي جو ڪپڙو صفا ڪوٽَ وانگر پئي لڳو.
ٽام ٽھڪ ڏنو ۽ اھو پائي ڇڏيائين.شيشي جي اکين مان کيس سڀ ڪجهہ چِٽو پئي ڏسڻَ ۾ آيو.ھال جي ڀت تي آئينو لڳل ھو.ٽام جڏھن ان ۾ پاڻ کي ڏٺو تہ ھن کي لڳو ڄڻ ھو ٽام نہ ھجي پر ڀوري رنگ جو جَهنگلي سھو ھجي.
ٽام ڏاڍو خوش ٿيو.ڇو جو کيس جيري کي تنگ ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ھو.ھن ھال جي دريءَ مان جهاتي پاتي تہ کيس جيري باغيچي جي ڇَٻر تي قلابازيون کائيندي ڏسڻ ۾ آيو.اھو ڏسي ٽام ماٺ ۾ ھلندو ھال جي درَ وٽ پھتو ۽ ڪجهہ دير اتي ئي ترسي ھن بنا ڪو آواز ڪرڻَ جي در کوليو ۽ ھڪدم ڀوائتو آواز ڪڍي ٻاھر ٽپ ڏنائين.
جيري جيڪو پنھنجي مستيءَ ۾ لڳو پيو ھو.تنھن جو ھڪ رانديڪي کي دانھُون ڪندي ۽ ھلندي ڏٺو سو پاڻَ بہ دانھون ڪندي اُٿيو ۽ ڊوڙندو انب جي وڻَ تي چڙھي پنھنجي دوست نوريئڙي نيمني جي آکيري ۾ وڃي لڪيو.
ٽام،جيري کي ڊڄندو ڏسي ٽھڪ ڏيندو ڇٻر تي ليٿڙيون پائڻ لڳو.گهڻن ڏينھن کان پوءِ ھن جيري کي تنگ ڪيو ھو سو کيس ڏاڍو مزو آيو ھو.
ھوڏانھن نيمني جيري کي ڊڄندو ڏسي وڻ تان ھيٺ لِيئو پاتو تہ کيس سھي جي ڪپڙي ھيٺان لڪيل ٽام جو پيٽ نظر اچي ويو.جنھن کي ٽوپو ڏيڻ ٽام کي وسري ويو ھو.اھو ڏسي نيمنو،جيري وٽ آيو ۽ کيس ٽام ڏانھن اشارا ڪرڻ لڳو.جيري آکيري مان ٻاھر نڪري ھيٺ ڏٺو تہ ھو بہ ٽام کي سڃاڻي ويو.کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي تہ ٽام کيس ڪيئن نہ چريو ڪري ويو ھو.
ٽام بہ جيري کي تنگ ڪري ھاڻي گهر کان ٻاھر وڃي رھيو ھو.پڪ سان ھن جو ارادو ڪنھن ٻئي کي بہ ڊيڄارڻ جو ھو.اھو ڏسي جيري ڪنھن سوچ ۾ پئجي ويو.
نيمني اشاري سان کانئس پڇيو تہ "ڇا ٿو سوچين؟“
جيري،نيمني کي اُتي ئي ترسڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ وڻ تانَ ٽپ ڏئي ٻاھرين ڀت تي وڃي ويٺو. ٽام گهر جي درَ وٽ بيٺو ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري رھيو ھو.
جيري پاڻ لڪائيندو ڀت تان لٿو ۽ ڊوڙندو روڊ ٽَپي اسپائيڪ ڪُتي واري گهر جي ڀت تي چڙھي ويو.
اسپائيڪ ان مھل گهر جي اڱڻ (پڌرَ) ۾ گهمي رھيو ھو.جيري سيٽي وڄائي ۽ اسپائيڪ کي ٻاھر ڏانھن اشارا ڪرڻ لڳو.اسپائيڪ ۽ جيري سٺا دوست ھئا سو اسپائيڪ ڪنڌ لوڏيو ۽ گهرَ کان ٻاھر نڪري آيو.
ٻاھر ايندي ئي سندس نظر ڀوري رنگ جي جهنگلي سَھي (جيڪو اصل ۾ ٽام ھو) تي پئي تہ کانئس ڇرڪ ڇڏائجي ويو.اسپائيڪ پنھنجا ڀوائتا چُھنبدار ڏند ٻاھر ڪڍيا تہ سندس گِگَ بہ وَھي آئي.
"واھَہ جو کاڌو آھي. اڄ تہ ڏاڍا مزا ڪندس." اسپائيڪ پنھنجي ڄِڀَ (زبان) ڪڍي سَھڪندي سوچيو.
ھوڏانھن ٽام کي ڄاڻَ (خبرَ) ئي نہ ھئي ھو ڪيڏي وڏي مصيبت ۾ ڦاسڻَ وارو آھي.
"ڀَئُو...ڀَئُو..."اسپائيڪ ھلڪي ڀؤنڪَ ڪئي ۽ ٽام ڏانھن ڊُڪڻَ لڳو.
ٽام ڀؤنڪڻَ جو آواز ٻڌي پُٺتي نھاريو تہ سندس نظر اسپائيڪ تي پئي.جيڪو پوري رفتار سان ڏانھنس پئي آيو.ٽام ڊپَ ۾ وٺجي ويو ۽ واپس پنھنجي گهر وڃڻَ بدران چؤنڪ ڏانھن ڊُڪڻَ لڳو.
ٽام کي ڊڪندو ڏسي اسپائيڪ ڪاوڙ ۾ اچي ويو.
"ڀَئُو...ڀَئُو...ڀَئُو..."اسپائيڪ ڏاڍيان ڀؤنڪيو ۽ وڌيڪ تيز،ٽام جي ڪڍَ ڊڪڻَ لڳو.
ٽام بہ پنھنجي سموري سگهہ (طاقتَ) سان ڊُڪي رھيو ھو تہ جيئن اسپائيڪ کان پاڻ کي بچائي سگهي.
اڃان ھُو چؤنڪَ کان ڪجهہ اورتي ھو جو ڪنھن گاڏيءَ جي ڦِيٿن جي چِيڪاٽ جو زوردار آواز ٿيو ۽ چؤنڪ جي کاٻي پاسي واري روڊ کان ھڪ ڪار نمودار (ظاھرُ) ٿِي ۽ ان روڍ تي ھلڻ لڳي جنھن تي ٽام ۽ اسپائيڪ ڊُڪي رھيا ھئا.
اھا ڪار جيئن ئي ٽام جي ڀرسان لنگهي تہ ان مان ھڪ ٻارڙيءَ جو آواز آيو..."بابا...بابا...ھو ڏسو منھنجو سھو ڊُڪي پيو“.
ڪار کي بريڪ لڳو ۽ اھا بيھي رھي.
ٽام ڊڪڻدي ڊڪندي پوئتي نھاريو تہ سندس وات ڦاٽي ويو.
ڪار مان ساڀيان لھي رھي ھئي.
"منھنجو سَھو...منھنجو سَھو..."ساڀيان رڙيون ڪري روئڻَ لڳي.
ٽام سان گڏ اسپائيڪ بہ بيھي،وات ڦاڙي ساڀيان ڏانھن ڏسڻَ لڳو.
"اي منھنجي ڌيءُ جا رانديڪا سھا. اتي ئي بيھي رھُہ.نہ تہ ھڻانءِ ٿو گولي."ساڀيان جي پيءُ تڪڙ ۾ ڪار مان لھندي چيو ۽ پنھنجي بندوق سِڌي ڪري ڇڏي.
اھو ڏسي اسپائيڪ ڪاوڙ ۾ ساڀيان جي پيءُ ڏانھن نھارڻ لڳو.ھن جهنگلي سھي کي کائڻ ٿي گهريو سو ھن کي ساڀيان جي پيءُ جي ڪا بہ پرواھہ ڪو نہ ھئي.ويچاري اسپائيڪ کي اھا ڄاڻَ ئي ڪو نہ ھئي تہ اھو جهنگلي سھو نہ پرَ ٽام ٻلو آھي.
"ڀَئُووووووو..."اسپائيڪ،ساڀيان جي پيءُ کي ڊيڄارڻَ لاءِ ڀوائتي نموني ڀؤنڪيو ۽ ٻيھر ٽام ڏانھن ڊڪڻَ لڳو.
اھو ڏسي ساڀيان جي پيءُ پنھنجي بندوق اسپائيڪ ڏانھن ڪئي ۽ گولي ھلائي ڇڏي.
ھڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ گولي اسپائيڪ جي پُڇَ وٽان لنگهي وئي.
اسپائيڪ تڪڙ ۾ بيھي پنھنجي پُڇَ ڏانھن نھاريو. اھو ڏسي اسپائيڪ جون اکيون ڦاٽي ويون تہ پڇَ تان سمورا وارَ ڇَڻِي ويا ھئا ۽ کَلَ ڏسڻ ۾ اچي رھي ھئي.ھنَ جو پڇُ گنجو ٿي ويو ھو.
اسپائيڪ تڪڙ ۾ پنھنجا ڏندَ چَپن ۾ لڪائي،ڊَپَ وچان ساڀيان جي پيءُ ڏانھن نھاريو ۽ ٻِي گهڙي،ڪنھن گُلرَ جيان ڪُوڪاٽ ڪندي تيزيءَ سان ڊڪندو واپس پنھنجي گهرَ ۾ گهڙي ويو.
جيري بہ وات ڦاڙيو،اھو سڀ ڏسي رھيو ھو.
ھوڏانھن ٽام گوليءَ جو ڌماڪو ٻڌي اُتي ئي ڪري پيو ۽ سندس ڄِڀَ،واڇَ مان نڪري لڙڪڻَ لڳي.
ساڀيان جي پيءُ،ٽام کي ساڀيان جو رانديڪو سمجهي کنيو ۽ ڪار جي ڊِڪيءَ (سامان رکڻ واري جاءِ) ۾ رکي ڇڏيو.
ٽام پاڻَ کي بَچائڻَ جي ڪا جاکوڙَ (ڪوشش) بہ نہ ڪئي ۽ ڪار اڳتي وڌي وئي.

سَچو دوست

جيري کي پلاسٽڪ ٻہ وڏا ٽُڪرَ کڻي ويندي ڏسي، ٽام ڪجهہ حيران ٿي ويو.کيس سمجهہ ۾ نہ آيو تہ انھن ٽڪرن کي جيري ڇا ڪندو؟
جيري جڏھن گهرَ جي ٻاھرين ڀت ٽَپي روڊَ ڏانھن لھي ويو تہ ٽام بہ ڊوڙندو ڀت تي چڙھي ويو.
جيري انَ مھلَ محمود ڪُڪِڙين واري جي ڀت تي چڙھي،ھيٺ لھڻ جي ڪري رھيو ھو.
"لڳي ٿو تہ جيري ۽ سندس دوست "ڪُڪڙو ڪُو" ڪجهہ خاص ڪري رھيا آھن. مون کي بہ ڏسڻ گهرجي تہ ڇا ٿا ڪن."ٽام دل ۾ سوچيو ۽ پاڻَ بہ ڀت تان لھي محمود جي گهر ٽَپي ويو.
محمود،ديسي ڪُڪِڙيون پالي شھر جي بازار ۾ وڪڻندو ھو.جيري جو دوست ڪڪڙو ڪو ھڪ ديسي ڪڪڙ جو چوزو ھو.ڪڪڙو ڪو ڏاڍو طاقت وارو ۽ ويڙھاڪ ھو.ھُو ٻين ڪڪڙين جي سنڀال ڪندو ھو.ھن ھڪ ڀيري ٽام کي بہ ڪُٽيو ھو.ٽام ھوشياريءَ سان ڀت تي ھلندو،محمود جي گهر جي پوئين حصي ۾ پھتو.اتي ئي اھو وڏو ڪمرو ھو،جنھن ۾ محمود جون ڪُڪڙيون واڙيلَ ھونديون ھيون.ٽام ڀت جي ڀرسان ئي نم جي وڻ پٺيان لڪي بيھي رھيو ۽ اتان پنھنجي مُنڍي ڪڍي ڪڪڙين واري ڪمري ڏانھن نھاريائين.
سڄو ڪمرو ديسي ڪڪڙين سان ڀريو پيو ھو. ڪمري جو در کليل ڏسي،ٽام جون اکيون چمڪڻَ لڳيون.
"جي ٻہ ٽي ڪڪڙيون ملي وڃن تہ جيڪر مزو اچي وڃي."ٽام اھو سوچي پنھنجن چپن تي زبان ڦيري.
انھيءَ مھلَ ئي ڪڪڙين واري ڪمري مان ڪڪڙو ڪو نڪتو.ھن جي چھنبَ ۾ ٻہ ٽي ڪاٺيون ھيون. ٻاھر نڪري ڪڪڙو ڪو مٿي نھاريو ۽ پنھنجا پرَ ھڻندو مٿي ڇِتِ ڏانھن اڏامي ويو.
کيس اڏامندو ڏسي ٽام ڊڄي ويو.ڪڪڙو ڪو ڏاڍو طاقت وارو چوزو ھو ۽ ڏسڻ ۾ صفا ڪو ديسي ڪڪڙ لڳندو ھو.
ڪمري جي ڇت تي ڪي آواز ٻڌي ٽام بنا ڪو آواز ڪرڻ جي وڻ تي چڙھي ويو ۽ ٽارين جي وچ مان ڏسڻ لڳو.جيري اڳي ئي ڇت تي بيٺو ھو.پلاسٽڪ جا ٽڪرا ڇت تي وڇايل ھئا ۽ انھن جي مٿان ڪجهہ پٿرَ ۽ ڪڪڙو ڪو جون آندل ڪاٺيون پيل ھئا.
جيري ۽ ڪڪڙو ڪو مٿي آسمان ڏانھن نھاري رھيا ھئا.ٽام بہ مٿي نھاريو تہ اھو ڏسي حيران ٿي ويو تہ آسمان تي ڪارو جُهڙ اچي ويو ھو.ايئن پئي لڳو تہ اِجهو مينھن وسيو.
ھاڻي ٽام کي سڀ ڳالهہ سمجهہ ۾ اچي وئي تہ جيري پلاسٽڪ جا ٽڪرا ڇو کنيا ھئا.ھو ٻئي ڇت جي ٽُٽلَ حصي کي ٺاھي رھيا ھئا تہ جيئن ڇت مان مينھن جو پاڻي نہ وھي ۽ ڪڪڙيون پُسڻَ کان بچي وڃن.
ٽام ڪمري جي ڄاريءَ وار درَ ڏانھن نھاريو.درُ اڃان بہ کُليل ھو.
"موقعو سٺو آھي. ڪڪڙو ڪو بہ جيري سان گڏ ڇت تي آھي.ڇو نہ ٻہ ٽي ڪڪڙيون کڻي اڄ پنھنجي دعوت پاڻَ ڪيان."ٽام چپن تي زبان ڦيريندي سوچيو.
پوءِ ھنَ ھڪ نھارَ (نظرَ) ڇت تي وِڌي ۽ ھوشياريءَ سان وڻَ تان لھي ڪڪڙين واري ڪمري ڏانھن وڌڻَ لڳو.
ٽام جيئن ئي ڪمري جي درَ کي ويجهو ٿيو تہ ھڪ ڪڪڙِ کيس ڏسي ورتو ۽ وٺي دانھن ڪيائين.ان جي دانھن ڪندي ئي سمورين ڪڪڙين "ڪُڙ ڪُڙ ڪُڙ" جا آواز ڪڍڻ شروع ڪيا.
ڪڪڙين جو گوڙ ٻڌي ڪڪڙو ڪو ڇت تان اڏامندو ھيٺ لھي آيو.
"ڪُڙ ڪُڙ ڪُڙڪ...ڪُڙ ڪُڙ ڪُڙڪ..."ڪڪڙو ڪو ھيڏانھن ھوڏانھن جانچڻ لڳو تہ ڪڪڙيون ڪھڙي شئي کان ڊِڄي ويون آھن.
ٽام تڪڙ ۾ وڻ جي پويان لڪي ويو تہ جيئن ڪڪڙو ڪو کيس ڏسي نہ وٺي.
ڪڪڙو ڪو ڪجهہ دير تائين اُتي چڪر ڏيندو رھيو ۽ پوءِ ڪو خطرو نہ ڏسي ھن ھڪ وڏو ٽپ ڏنو ۽ اڏامندو ڇت تي وڃي لٿو.
ٽام سوچيو تہ ايئن ڪم نہ ٿيندو.ڪا اٽڪلَ ڪرڻي پوندي.
اھو سوچي ھنَ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو تہ سندس نھارَ ھڪ ڍيرَ تي پئي.ان ڍير تي ڪڪڙين جا ڪيترائي کَنڀَ پيل ھئا.اھي کنڀَ ڪڪڙين واري ڪمري جي صفائيءَ ۾ نڪتا ھئا.کنڀ ڏسي،ٽام جون اکيون چمڪڻَ لڳيون.ھڪ اٽڪلَ ھنَ جي حرڪتي دماغَ ۾ اچي وئي.ٽام مرڪڻَ لڳو.
ھو وڏي ھوشياريءَ سان بنا ڪو آواز ڪرڻ جي ڍير ڏانھن ويو ۽ اتان سمورا کنڀَ کڻي ورتائين.ڍيرَ تي ئي پلاسٽڪ جي ڏور جا ڊگها ٽڪرَ بہ ھئا.ٽام اھي بہ کڻي ورتا ۽ تڪڙ ۾ وڻ جي ٿڙ پٺيان لڪي ويو.
ٽام ڪڪڙين جا کنڀ،پلاسٽڪ جي ڏور سان پنھنجي بُتَ تي ٻَڌي ڇڏيا ۽ کنڀن ۾ لڪيل پنھنجي واتَ ۾ ھڪ چھنبدار ڪاٺي بہ وڌي تہ جيئن اھا ڪڪڙ جي چُھنبَ لڳي.پوءِ ھن پنھنجو پُڇُ پيٽ سان لڳايو ۽ چارَ ئي ڄنگهون گڏائي ڪڪڙ جيان ھلندو وڻَ جي پٺيان نڪري آيو.
ٽام کي ڪا وڏي ڪڪڙ سمجهي،ڪمري ۾ واڙيل ڪڪڙين جا ڇرڪَ نڪري ويا.سڀ ڪڪڙيون اچرجَ (حيرتَ) مان ٽام ڏانھن نھارڻ لڳيون.کانئن ڪُڙ ڪُڙ ڪرڻ بہ وسري ويو.ٽام کين ڏيکارڻَ لاءِ وات ۾ وڌل ڪاٺيءَ سان داڻو چُڳڻَ (کائڻَ) جو ناٽڪ بہ ڪرڻ لڳو.
ھوڏانھن مٿي ڇت تي ڪمَ ۾ رُڌل (مصروف) ڪڪڙو ڪو کي جڏھن ڪڪڙين جي ڪڙ ڪڙ جو آواز نہ آيو تہ ھنَ مٿان جهاتي پائي ھيٺ نھاريو ھڪ اوپري ۽ ڪنھن ٻِلي جيڏي وڏي ڪڪڙ ڏسي ڪڪڙو ڪو بہ اچرج ۾ وٺجي ويو.کيس سمجهہ ۾ نہ آيو تہ اھا ڪڪڙ ڪٿان آئي؟ھنَ جيري کي بہ اھا ڪڪڙ ڏيکاري.جيري بہ وائڙو ٿي ويو.
ڪڪڙو ڪو جيري کي اتي ئي ترسڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻَ ڇت تان اُڏامَ ڀري سڌو اچي ٽام آڏو لٿو.
ٽام کيس پنھنجي آڏو ڏسي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو.ھنَ کي لڳو تہ ھاڻي ھو کائڻ لاءِ ڪا ڪڪڙ ھٿ ڪري نہ سگهندو.
"ڪڙ...ڪڙ...ڪڙ..."ڪڪڙو ڪو ٽام ڏانھن چِتائي نھاريندي آواز ڪڍيو.
ٽام،ڪڙ ڪڙ جو آواز نہ پئي ڪڍي سگهيو ڇو جو سندس وات ۾ ڪاٺي ھئي.ھنَ ڪڪڙو ڪو کي ڏيکارڻ لاءِ ٻہ ٽي ڀيرا داڻو چُڳڻَ جو ناٽڪ ڪيو ۽ وڻَ کان ڪجهہ پَرتي ھليو ويو.
ٽام کان ڪا وَراڻِي (جوابُ) نہ ملڻ تي ڪڪڙو ڪو کي مٿس شَڪُ ٿي پيو تہ ھيءَ ڪا ڪڪڙ ڪونهي پر ڪا ٻِي شئي آھي.
ڪڪڙو ڪو بہ ھلندو ٽام جي ويجهو پھچي ويو.
ٻنهي کي اھا ڄاڻَ ئي نہ ھئي تہ سندن مٿان ھڪَ مصيبت اچڻَ واري آھي.
وڻَ کان مٿي،ڪارن ڪڪرن کان ڪجهہ ئي ھيٺ ھڪ بکايل بازُ اڏامي رھيو ھو.اھو باز ۽ پھاڙَ جي چوٽيءَ تي ھڪ آکيري ۾ ويٺل سندس ٽي چوزا صبح کان بک تي ھئا.ڪاري جهڙَ کي ڏسي مِينھن جي ڊپَ کان سمورا پکي ۽ جانور پنھنجي آکيرن توڙي ٻِرن ۾ لڪي ويا ھئا.باز کي ڪو بہ شڪار ھٿ نہ آيو ھو.ھاڻ جو ھنَ محمود جي گهر جي اڱڻ ۾ ھڪ وڏي ڪُڪڙِ ڏٺي سو سندس گِگَ ڳڙڻَ لڳي.ھنَ محمود جي گهر مٿان ٻہ ٽي ڦيرا ڏنا ۽ تڪڙ ۾ ھيٺ گُهتَ ھنيائين تہ جيئن اھا موٽي تازي ڪڪڙ کڻي پنھنجي چوزن جو پيٽ ڀري سگهي.
ڪنھن راڪيٽ جي ھلڻَ جھڙو آواز ڪندو،باز ڪڪڙو ڪو ۽ ٽام جي مٿان پھچي ويو.جيري باز کي ايندو ڏسي وڻَ جي ٽارين ۾ لڪي ويو.ڪڪڙو ڪو بہ ٽپ ڏئي پاسي تي ٿي ويو.پر وائڙو ٽام پاڻ کي لڪائي نہ سگهيو.بکايل باز تيزيءَ سان ٽام وٽ پھتو ۽ ان کان اڳ جو ٽام بہ ڪٿي لڪي ھا،بازَ کيس پنھنجن وڏن چنبن ۾ کنيو ۽ اتان ئي مُڙي واپس اڀَ (آسمان) ڏانھن اُڏامڻ لڳو.ٽام ڏاڍيون رڙيون ڪيون،پاڻَ کي ڇڏائڻَ جي جاکوڙَ (ڪوشش) ڪئي پرَ باز جي ٺُونگن کيس ماٺ ڪرائي ڇڏي.
ھڪ ڀيرو وري ٽام کي سندس لوڀَ،مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو ھو.
ٽام کي بچڻَ جي ڪا راھَہ ڏسڻَ ۾ نہ آئي ۽ ھو روئڻَ جھڙو ٿي ويو.
"زَپڪ...زپڪ..." امالڪ (اوچتو) ھيٺان کان ھڪ آواز آيو. بازَ ۽ ٽام ھيٺ نھاريو.
نم جي وڻَ جي ٽارين مان ڪڪڙو ڪو زور زور سان پرَ ھڻندو مٿي اچي رھيو ھو.سندس پُٺيءَ تي جيري ڏنڊو کڻي ويٺل ھو.
کين ايندو ڏسي ٽام خوش ٿي ويو.جڏھن تہ باز جون اکيون ويتر ڳاڙھيون ٿي ويون.ٽام ڪجهہ وزني ھو سو باز کي اڏامڻ ۾ ڏاڍو زور پئي لڳائڻو پيو.ھنَ کي بک بہ ڏاڍي لڳي ھئي.سو ھن تڪڙ ۾ پنھنجي آکيري تائين پھچڻ پئي چاھيو.
ڪڪڙو ڪو ھڪ ڪُڪُڙ ھو ۽ ڪُڪڙَ گهڻي دير لاڳيتو اڏامي ناھن سگهندا.پر ٽام جي جان بچائڻ لاءِ ڪڪڙو ڪو زور لڳائي باز جي ويجهو پھچي ويو. باز ڪاوڙ ۾ ڏانھنس نھاريو ۽ کيس ٺونگو ھڻڻ جي ڪيائين.ان کان اڳ جو باز جو ٺونگو،ڪڪڙو ڪو کي لڳي ھا.جيري تڪڙ ۾ ڏنڊو اُڀو ڪيو ۽ باز کي مٿي تي وھائي ڪڍيو.
باز کي مٿي تي ٺاھوڪو ڌڪ لڳو ۽ اکين آڏو اوندھہ اچي ويس.
بازَ پنھنجي مُنھن کي ٻہ ٽي لوڏا ڏنا ۽ ڪاوڙ ۾ ھڪ وڏي رڙ ڪري جيري ڏانھن وڌيو.باز جيئن ئي ويجهو آيو ھن جيري کي ٺُونگو ھڻڻ جي ڪئي.اھو ڏسي ڪڪڙو ڪو اُبتي قلابازي ڏني ۽ پنھنجي کَڙُ جو ھڪ ٺاھوڪو ڌَڪُ باز کي ھنيائين.ڌڪ باز جي اک وٺ لڳو ۽ کانئس دانھون نڪري ويون.بازَ جي اک،نڪرڻَ کان بچي وئي ھئي.
باز جي حالت ڏسي جيريءَ بہ ڏنڊو ڦٽي ڪيو ۽ ڪڪڙو ڪو جي پُٺيءَ تان ٽپ ڏئي ٽام جي پوئين ڄنگهن کي اچي چنبڙيو.
ڪڪڙو ڪو ٿَڪجي پيو هو.ھاڻي وڌيڪ اڏامي نہ پئي سگهيو سو ھنَ ھڪ ٻِي قلابازي ڏني ۽ واپس وڻ ڏانھن اڏامڻَ لڳو.
جيري ڊڄڻَ بدران ھمتَ کان ڪم وٺندي ٽام جي ڄنگهن کي ھڪ زوردار جهٽڪو ڏنو.وائڙو ٿي ويل باز ٽام کي قابو ڪري نہ سگهيو ۽ ٽام سندس چَنبن مان ڇڏائجي ويو.
ٽام ۽ جيري ھيٺ زمين ڏانھن ڪرڻ لڳا.
جڏھن تہ بازَ افسوس مان ھنن ڏانھن ڏٺو ۽ سُورَ کان دانھون ڪندو پنھنجي آکيري ڏانھن اڏامڻ لڳو.
ٽام ۽ جيري پنھنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ زمين تي ڪِرڻَ جو انتظار ڪرڻ لڳا.ھنن کي پڪَ ٿي وئي تہ سندن بچڻ ڏکيو آھي.
پرَ سندن ڀاڳ ڀلا ھئا.ٻئي ڄڻا زمينَ تي ڪرڻ بدران، محمود جي گهرَ جي ڀرسان وھندڙ نديءَ ۾ وڃي ڪريا.
"ڇَپاڪ"جو آواز ٿيو ۽ ٻئي ڄڻا پاڻيءَ ۾ ھيٺ لھي ويا.
ٽام جڏھن واپس پاڻيءَ مان مُنڍِي ڪَڍي تہ ھنَ جي نھار ڪپَ (ڪناري) تي ڦٽل گاھَہ تي پئي.ھن تڪڙ ۾ ان گاھہ کي پڪڙيو ۽ ٽپ ڏئي پاڻيءَ مان نڪري آيو.
ڪجهہ دير اتي ئي ڪِري وڏا وڏا ساھَہ کڻڻ لڳو. پوءِ کيس جيري جو خيال آيو.ھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو پر کيس جيري ڏسڻ ۾ نہ آيو.
"ڇا جيري ٻڏي ويو؟"ٽام سوچيو ۽ ھنَ جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. نيٺ بہ جيريءَ سندس حياتي بچائي ھئي.ھو رڙھندو نديءَ جي ڪپ تي اڳتي وڌيو.
"ميائون... ميائون..."ھن پاڻيءَ ڏانھن نھاريندي ڄَڻُ تہ جيريءَ کي سڏ ڪيو. پر کيس ڪا بہ وراڻي نہ ملي.
ٽام زور زور سان روئڻ لڳو.ھو جيري کي ڏاڍو تنگ ڪندو پر کيس جيريءَ سان پيار بہ ھو.ھنَ ڪڏھن سوچيو بہ نہ ھو تہ ايئن ھڪ ڏينھن جيري کيس ڇڏي ويندو.
انھيءَ مھلَ ئي پويان سِيٽيءَ جو آواز آيو.
ٽام تڪڙ ۾ پُٺتي ڏٺو تہ کيس جيري پنھنجي ڪنڌَ تي وارن سان چنبڙيل ڏسڻ ۾ آيو.پاڻيءَ ۾ ڪرڻ وقت جيري پاڻَ کي بچائڻ لاءِ ايئن ڪيو ھو.
ٽام خوش ٿي ويو.ھنَ روئيندي روئيندي وڏو ٽھڪُ ڏنو ۽ وري اتي ئي ڪِري پيو.

سُوٽ خان

سوٽ خانَ جو اصل نالو تہ ياسر آھي پرَ پينٽ شرٽ ڏاڍي شوقَ سان پائڻَ جي ڪري نہ رڳو ھن جا گهر ڀاتي پرَ مٽ مائٽ،استاد ۽ دوست بہ کيس پيارَ مان سوٽ خان جي نالي سان سڏيندا آھن.ھن تي اھو نالو ايترو تہ پڪو ٿي ويو آھي جو ڪنھن جي نالو پڇڻ تي ھي پاڻ بہ ياسر بدران سوٽ خان ئي ٻڌائيندو آھي. سوٽ خان پنھنجي ننڍڙي شھر جي اسڪول ۾ ٽئين درجي ۾ پڙھندو آھي.پڙھڻ ۾ سٺو آھي پرَ گهڻو محنتي ڪونهي.گهر ۾ پنجن ڀيڻ ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو ھجڻ ڪري ڪجهہ ضديرو بہ آھي.شرارتون ڪرڻ کان بہ ناھي مڙندو.ڪڏھن ڪڏھن شرارتون ڪرڻ تي استاد جي مارَ بہ ملندي اٿس.
شڪل ۾ سُھڻي،قدَ جي پوري سوٽ خانَ جا وارَ ڪَڪائي ۽ اکيون روشن آھن.ھُو نظرَ ڪجهہ گهٽ ھجڻ ڪري عَينڪ بہ پائيندو آھي.
مريد،مدثر ۽ شھزاد نہ رڳو ھن جي اسڪولَ جا پر پاڙي جا بہ سٺا دوست آھن.
چارَ ئِي ٻارَ پنھنجو گهڻو وقت سوٽ خان وارن جي اوطاق تي گذاريندا آھن.سوٽ خان جو پيءُ محمد نذير پنھنجي ٻني ڪاھيندو آھي ۽ وٽس ڪجهہ مينھون ۽ ٻڪريون پڻ آھن.جڏھن تہ سندن ٻَني شھر کان ويجهو،اباڻي ڳوٺ سانوڻ آباد ۾ آھي.
اڄ بہ سوٽ خان پنھنجي اسڪول مان پئي موٽيو.ھُو ڪجهہ ڪاوڙ ۾ ھو ۽ پنھنجي دوستن کان سواءِ اڪيلو ئي اسڪول مان نڪري آيو ھو.ھنَ اسڪول ۾ شرارتَ ڪئي ھئي ۽ پڪڙجڻ تي مارَ کاڌي ھئائين.
اصل ۾ رسيس جي وقت ٻين ٻارن سان گڏ ھن بہ ريڙھي واري کان ڇولا چانور وٺي پئي کاڌا.سوٽ خان شرارت ڪندي،پنھنجي آڏو بيٺل ھڪ ٻار کي ڌڪو ڏنو.ھنَ جي ڌِڪي ڏيڻ سان ان ٻار جي ھٿَ ۾ جهليل پليٽ ٻئي ٻارَ جي ڪپڙن تي ھارجي پئي ھئي.انَ ٻار جي دانھَن تي سوٽ خان جي استادَ سائين علي نواز ھن کي نہ رڳو دڙڪا ڏنا پر ھٿَ تي ٻہ ڀيرا لَڪڻَ سان ڌڪ بہ ھنيا.سوٽ خان ڪيترائي بھانا ڪري پاڻَ بچائڻَ جي ڪوشش ڪئي پرَ استاد کيس سزا کان سواءِ نہ ڇڏيو.اُنَ کان پوءِ سوٽ خان باقي سمورو وقت روئيندي گذاريو ۽ موڪل مھل بہ پنھنجن دوستن سان گڏ گهر موٽڻ بدران اڪيلو ئي ھلڻ لڳو.
سوٽ خان جڏھن پنھنجي گهر کان ويجِهي،شھرَ جي وڏي بازار ۾ پھتو تہ سائين علي نواز پنھنجي موٽر سائيڪل تي ھن جي ڀرسان گذري بينڪ واري گهٽيءَ ڏانھن مڙي ويو.پنھنجي استادَ کي ويندو ڏسي سوٽ خان کي استادَ جي ڏنل مار ياد اچي وئي ۽ ھو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو.
پيارا ٻارو جڏھن بہ انسان کي ڪاوڙ ايندي آھي تہ ان مھل ان کي ڪا چڱي شئي ناھي سمجهہ ۾ ايندي ۽ انسان غلط ڪم ڪرڻ لڳندو آھي.تڏھن ئي تہ وڏا چوندا آهن تہ ڪاوڙ ڪرڻ غلط ڳالھہ آھي.سوٽ خان بہ ڪاوڙ ۾ ھڪ غلط ڪم ڪرڻ جو سوچيو.
سوٽ خان بہ بينڪ واري گهٽيءَ ڏانھن ھليو ويو ۽ اتي ھن ٻين ڪيترين ئي موٽرسائيڪلن سان گڏ استاد علي نواز جي بہ موٽرسائيڪل بيٺل ڏٺي.
پڪَ سان استاد ڪنھن ڪم سان بينڪ آيو ھو.
گهٽيءَ ۾ بينڪ سان گڏ ٽپال گهر جي آفيس ڪجهہ دوڪان ۽ اَنھن آڏو ريڙھن تي کائڻَ پيئڻ جون شيون کَپائڻَ وارا بہ ھئا.ڪيترائي ماڻهو پنھنجن پنھنجن ڪمن سان آيا ويا پئي.سوٽ خان بہ ماٺڙي ڪري ھلندو پنھنجي استاد جي موٽر سائيڪل وٽ اچي بيٺو.ھن پنھنجي ڳچيءَ مان پنھنجو ٿيلهو لاھي موٽر سائيڪل جي ھينڊل تي لڙڪايو ۽ کيسي مان بال پين ڪڍي موٽرسائيڪل جي پوئين ٽائر وٺ ويھي رھيو.ھن خبرداريءَ سان ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو.ڪنھن جو بہ ڌيان ھن ڏانھن نہ ھو.ڀرسان بيٺل ميوي جي ريڙھي واري جو ڌيانُ بہ پنھنجي گراھڪن ڏي ھو.سوٽ خانَ بال پين جي نِب سان ٽائرَ ۾ لڳل سَنھي پِن دَٻائِي تہ ٽائرَ مان "شُون شُون" جي آواز سان ھوا نڪرڻ شروع ٿي وئي.ھوا ڪڍڻ جو اھو طريقو ھن ٽي ويءَ تي ڏٺو ھو.سوٽ خان ڪنھن ڪنھن مھلَ بينڪ جي درَ ڏانھن بہ پئي ڏٺو تہ جيئن سندس استاد ٻاھر نڪري تہ کيس خبرَ پئجي وڃي.پرَ بينڪ جي درَ وٽ ڪير بہ نہ ھو.اھي پوليس وارا بہ گم ھئا جن کي سوٽ خان روز اتي بيٺل ڏسندو ھو.
سوٽ خان ٽائر مان ھوا ڪڍي اٿيو ۽ اڳين ٽائر ڏانھن وڌيو ئي مسَ تہ ھن جي ڪَنن ۾ پنھنجي استاد جو ڪاوڙيل آواز پيو..."سوٽ خان“...
سوٽ خان ڇِرڪ ڀري سامھون ڏٺو تہ کيس ڏَڪڻي وٺي وئي.
ٽپال گهر واري آفيس جي درَ تي استاد علي نواز ڪاوڙ وچان ھن ڏانھن نھاري رھيو ھو.استاد جي ھٿ ۾ ھڪ وڏو خاڪِي رنگ جو لفافو ھو.پڪ سان استاد بينڪ نہ پرَ ٽپال گهر ۾ ڪنھن ڪم سان آيو ھو.
"اھو ڇا پيو ڪرين بيوقوف ڇوڪرا؟"استاد جو ڪاوڙيل آواز ٻڌي سوٽ خان ٻيھر ڏڪي ويو.
"سائين اوھان جي گاڏيءَ جي ٽائر مان ھوا پيو ڪڍان."سوٽ خان جي وات مان پاڻ مُرادو نڪري ويو. ھن تڪڙ ۾ پنھنجي وات تي ھٿ رکي ڇڏيو ۽ ڀوَ مان پنھنجي استاد ڏانھن نھارڻ لڳو.
"پر منھنجي گاڏي تہ ھيءَ آھي."استاد علي نواز پنھنجي ڀرسان ئي بيٺل ھڪ موٽرسائيڪل ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
سوٽ خان ڌيانُ ڏنو تہ سندس وات پَٽجي ويو.ھن جنھن موٽر سائيڪل جي ھوا ڪڍي ھئي اھا سندس استاد جي نہ پر ڪنھن ٻئي جي ھئي. موٽرسائيڪلن جو رنگ ھڪ جھڙو ھجڻ ڪري سوٽ خان ڀُلجي پيو ھو.سوٽ خان کي افسوس ٿيو جو سندس محنت ئي اجائي وئي ھئي.
"ترس تہ تو کي ڏسان ٿو."استاد علي نواز چيو ۽ سوٽ خان ڏانھن وڌيو.
اِنَ کان اَڳُ جو استاد علي نواز،سوٽ خان وٽ پھچي کيس دڙڪا ڏِئي ھا بينڪ جو در ھڪ وڏي آواز سان کُليو ۽ ان مان ٻہ ڄڻا ڊوڙندا ان موٽر سائيڪل ڏانھن وڌيا جنھن جي ھوا سوٽ خان ڪڍي ھئي.
ٻئي ڄڻا قدَ جا ڊگها ھئا ۽ مُنھن تي ٻُٽَ ٻڌل ھئن.
سوٽ خان کين ايندو ڏسي ڪجهہ پوئتي ٿي ويو.
ھُو ٻئي ڊوڙندا گاڏي وٽ پھتا ۽ گاڏيءَ تي چڙھي ويھي رھيا.
اُھي ٻہ ڄڻا ڦورو ھئا ۽ بينڪ مان پئسا ڦري ڀڄي رھيا ھئا.بينڪ ۾ ڪم ڪندڙن ۽ ٻن پوليس وارن کي ھنن ھڪ ڪمري ۾ واڙي ڇڏيو ھو.
استاد علي نواز بہ پنھنجي جاءِ تي بيھي رھيو.
"ھيءُ وري ڪنھن جو ٿيلھو آھي؟"ٻنھي ڄڻن مان ھڪ ماڻهوءَ موٽرسائيڪل جي ھينڊل ۾ لڙڪيل، سوٽ خان جي ٿيلهي کي لاھيندي چڙ مان چيو.
"وقت ڪونهي. جلدي ڪر اِجهو پوليس پھتي." پويان ويٺل ماڻھوءَ بہ ڪاوڙ مان چيو.ان کي ھڪ وڏو ٿيلهو ھيو جنھن کي ڀاڪر ۾ سُڪَ ڪري ويٺو ھو.
اڳيان ويٺل ماڻهوءَ،سوٽ خان جو اسڪولي ٿيلهو لاھي ھيٺ ڦٽي ڪيو ۽ گاڏيءَ کي ھلائڻ لاءِ ڪِڪَ ھنيائين.
ٿيلهو سڌو اچي سوٽ خان جي پيرن وٽ ڪريو. اھو ڏسي سوٽ خان کي ويتر ڪاوڙ وٺي وئي. کيس پنھنجي استاد جي ڳالهہ ياد آئي.جنھن سڀني ٻارن کي سمجهايو ھو تہ ڪتابن ۾ پاڪ نالا ھوندا آھن.انھن جو وڌ ۾ وڌ ادب ڪرڻ گهرجي ۽ جي ڪو ڪاغذ جو ٽڪرو ھيٺ پيل ھجي تہ ان کي کڻي ڪنھن مٿانھين جاءِ تي رکجي.سوٽ خان پنھنجو ٿيلهو کنيو ۽ ڪاوڙ وچان موٽرسائيڪل واري ڏي نھاريو.جيڪو موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪري اڳتي وڌائڻ جي ڪري رھيو ھو پر موٽرسائيڪل جهٽڪو کائي بند ٿي وئي ھئي.اھو ڏسي اڳيان ويٺل ماڻهوءَ جي ڪاوڙ وڌي وئي.
"اَڙي پويون ٽائر تہ پنڪچر آھي."پويان ويٺل ماڻهوءَ دانھن ڪئي.
"ڇا ٿو چئين؟"اڳيان ويٺل ماڻهوءَ بہ رڙ ڪئي ۽ ڪنڌ ورائي پوئين ٽائر کي ڏسڻ لاءِ ڪجهہ جهڪيو. انھيءَ مھل ئي ڪاوڙيل سوٽ خان ڀرسان بيٺل ميوي واري گاڏي تان اَڌَ ڪِلو وارو وَٽُ کنيو ۽ اڳيان ويٺل ماڻهوءَ کي وھائي ڪڍيائين. اڳيون ماڻهو جيئن تہ ھڪَ پاسي جهڪي ويو ھو سو وَٽُ ان کي لڳڻ بدران پويان ويٺل ماڻهوءَ کي نَڪَ تي لڳو.ان ماڻهوءَ کان وڏي دانھن نڪتي ۽ ھو اُونڌو ٿي وڃي ھيٺ ڪريو. ھِنَ جي ايئن ڪِرڻَ تي اڳيان ويٺل ماڻهو بہ پاڻ کي سَنڀالي نہ سگهيو ۽ موٽرسائيڪل سوڌو ھڪ پاسي وڃي ڦَھڪو ڪيائين.سوٽ خان جي ڇِڪي ھنيل وٽَ ٻنهي کي ڪيرائي وڌو ھو.
سوٽ خان کين ڪرندو ڏسي ڀڄڻ جو سوچي ئي رھيو ھو جو ھن پنھنجي استاد کي ڊڪندي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو.سوٽ خان کي پڪَ ٿي وئي تہ اجهو وري مارَ ملي.ھنَ ڳيتَ ڏيندي پنھنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ استاد جي ويجهو اچڻَ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
"نہ ويندين ٺڳَ. متان ٻار کي ھٿ بہ لاٿو اٿئي.
سوٽ خان پنھنجي استادَ جو آواز ٻڌو.
ھن ڪنڌ کڻي نھاريو تہ اھو ڏسي ڊِڄي ويو تہ ھيٺ ڪريل ٻئي ماڻهو اٿي بيٺا ھئا ۽ جنھن ماڻهوءَ کي ھن وَٽُ اڇلائي ھنيو ھو اُنَ جي نڪ مان رت وھي رھيو ھو.جنھن سبب سندس منھن ڳاڙھو ٿي ويو ھو. جڏھن تہ اڳيان ويٺل ماڻهوءَ جي ھٿ ۾ پستول ھو. جنھن جي نشاني تي سوٽ خان ھو.
پستول ڏسي سوٽ خان کي پنھنجو ساھہ نڪرندي محسوس ٿيو.ھن کي پڪ ٿي وئي تہ اِجهو ٿي کيس پنھنجي ڪيل شرارتَ جي ڪا ڀوائتي سزا ملي.ھن ڊنل نظرن سان پنھنجي استاد ڏانھن نھاريو ۽ اھو ڏسي حيران ٿي ويو تہ کيس بچائڻ لاءِ استاد علي نواز ڊڪندي ڊڪندي سُپر مين جيان ٽَپُ ڏنو ۽ سڌو اچي پستول واري ماڻهوءَ سان لڳو. پستول واري ماڻهوءَ جي وات مان ھڪ رڙ نڪتي ۽ ھو ھڪ پاسي وڃي ڪريو.ھن جو مٿو زور سان ھيٺ پيل سِرَ جي ھڪ ٽوٽي سان لڳو ۽ ھو اتي ئي بيھوش ٿي ويو.ھن جو پستول بہ ھٿَ مان ڇڏائجي ڪجهہ پرڀرو ڪِري پيو.جنھن ماڻهوءَ جو رتُ پئي وھيو انَ ڀڄڻَ جي ڪئي پر استاد علي نواز کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي ھو ٿيلهو ڦٽي ڪري،ھٿَ ٻَڌي ھيٺ ويھي رھيو.
جلد ئي ٻين ماڻهن بينڪ ۾ وڃي اتي ڪم ڪندڙن ۽ پوليس وارن کي ٻاھر ڪڍيو.
سڀني ماڻهن استاد علي نواز کي شاباس ڏني ۽ سندس بھادريءَ جي ساراھہ پڻ ڪئي.
پئسا ۽ ڦورن کي پوليس وارن حوالي ڪري استاد علي نواز،سوٽ خان کي پنھنجي گاڏيءَ تي کنيو ۽ کيس سندس گهر آڏو اچي لاٿائين.
"ڏٺئي سوٽ خان. پنھنجي غلط حرڪت جي ڪري تون ڪيڏي نہ وڏي مصيبت ۾ ڦاسڻ وارو ھئين." استاد علي نواز،سوٽ خان کي چيو.
سوٽ خان ڪنڌ ھيٺ ڪري بيھي رھيو.ھن کي خبر پئجي وئي ھئي تہ جي استاد علي نواز اتي نہ ھجي ھا تہ الائجي ڇا ٿي وڃي ھا.
"سائين مون کي معاف ڪيو. مان ٻيھر اھڙي حرڪت نہ ڪندس.توھان کي سٺو شاگرد ٿي ڏيکاريندس.مان واعدو ٿو ڪيان سائين."سوٽ خان استاد علي نواز آڏو ھٿ ٻڌندي چيو.
"شاباس پٽ. مون کي پڪ آھي تہ تون ھڪ سُلڇڻو ٻار ٿِي،محنتَ ڪري پنھنجي وڏن جو نالو روشن ڪندي."استاد علي نواز،سوٽ خان جي مٿي تي ھٿ ڦيري چيو ۽ پنھنجي گاڏيءَ تي اڳتي وڌي ويو.
انَ ڏينھن کان پوءِ سوٽ خان بہ شرارتون ڪرڻ کان توبھہ ڪئي ۽ پڙھڻَ ۾ محنت ڪرڻ لڳو تہ جيئن ڪامياب ٿي نہ رُڳو پنھنجي ماءُ پيءُ جو پرَ پنھنجي استادَ جو بہ نالو روشن ڪري سگهي.

چاچو خميسو ۽ ڏائِڻ

سَوٽ خان اوطاقَ وٽ پھتو ۽ درَ جي اوٽَ مان اندر لِيئو پائي واپس ڊوڙندو پاسي کان بيٺل پنھنجن ٽن دوستن مريد،شھزاد ۽ مدثر وٽ پھتو.
"سوٽ خان ڇا ٿيو؟"مدثرَ،سوٽ خان کان پڇيو.
"اوطاق ۾ ادا طاھر وارا موبائل پيا ڏسن ۽ چاچو خميسو اڱڻ ۾ صَندليءَ تي ويٺو ڪجهہ سوچي رھيو آھي."سوٽ خان ٻُڌايو.
"ٺيڪ آھي. اچو تہ اوطاق ڏانھن ھلون.اڄ اسان چاچي خميسي کي ڊيڄارينداسين." مريد چيو ۽ سڀ دوست گڏجي اوطاقَ ڏانھن وڌي ويا.
چار ئي ٻار اٺن کان ڏھن ورھين جي عُمر جا ھئا. ھو اسڪول ۾ گڏ پڙھڻَ سان گڏ ھڪَ ٻئي جا پاڙيسري بہ ھئا.
اوطاق سوٽ خان وارن جي ھئي.جتي وڏا ڪچھري ۽ ٻار اسڪول کان موٽي رانديون کيڏندا ۽ گڏجي اسڪول جو ڪم بہ ڪندا ھئا.
اھو شام جو وقت ھو.اوطاق جو اڱڻُ،بلبَ جي روشنيءَ سبب روشن ھو.گرميءَ جي مند ھئي پر سجَ لھڻ کان پوءِ لڳندڙ ھِيرَ جي ڪري ايتري گرمي ڪو نہ پئي لڳي.
اوطاق جي وڏي اڱڻ ۾ سوٽ خان جو وڏو ڀاءُ طاھر ۽ سندس دوست کٽ تي ويٺا موبائل ڏسي رھيا ھئا. ڪجھہ ئي پرَ ڀَرو مالُ بہ ٻڌو پيو ھو.
جڏھن تہ چاچو خميسو نلڪي واري پاسي ڪرسيءَ يا کٽَ بدران ڪاٺَ جي صندليءَ تي ويٺو ھو.
چاچي خميسي جي عمر پنجاھہ سالَ ھئي ۽ ھُو سوٽ خان وارن جا ڍورَ سنڀاليندو ھو.ھُو اوطاقَ تي ئي رھندو ھو ۽ وارو ملڻَ تي پنھنجي بھادريءَ جا قصا ٻُڌائڻ شروع ٿي ويندو ھو.ھنَ جي ھر قصي ۾ ڪو نہ ڪو جِنُ يا ڏائڻ ضرور ھوندي ھئي.جنھن سان ھي اڪيلو مقابلو ڪري،پنھنجي بھادريءَ سان ان کي ماري ڇڏيندو ھو.سڀ ڪو ڄاڻيندو ھو تہ چاچي خميسي جا قصا ھٿَ سان ٺھيلَ ھوندا آھن.گهڻا ماڻهو کيس چوندا بہ ھئا تہ ھو ڪوڙ پيو ڳالهائي پر چاچو خميسو مڃيندو ئي ڪو نہ ھو.سدائين اھو ئي چوندو ھو تہ مون جھڙو بھادر سڄي ملڪ ۾ ڪونھي.
اڄ سوٽ خان،مريد،شھزاد ۽ مدثر فيصلو ڪيو ھو تہ ھو چار ئي ڄڻا،چاچي خميسي جي بھادريءَ جو امتحان وٺندا ۽ چاچي کي ڊيڄارڻَ جي ڪوشش ڪندا.
"چاچا السلام عليڪم..."سڀني ٻارن گڏجي چاچي خميسي کي سلام ڪيو.
چاچو خميسي چئني کي ڏسي خوش ٿي ويو.ڇو جو کيس پنھنجي بھادريءَ جو قصو ٻڌائڻ جو موقعو ملي ويو ھو.
"وعليڪم السلام ٻارو. اچو اچو ويھو.ڏيو حال احوال،ڪيئن آيا آھيو؟"چاچي خميسي ٻارن کان پڇيو.
"چاچا اسين اوھان کان بھادريءَ جو قصو ٻڌڻَ آيا آھيون."مريد چيو.
"شاباس پٽَ. اجايو رُلڻَ کان ڀلو آھي تہ اوھان منھنجي بھادريءَ جو قصو ٻڌو ۽ ان مان ڪجهہ سبق حاصل ڪيو."چاچي خميسي خوش ٿيندي چيو.
چئني ٻارن ھڪَ ٻِئي ڏي نھاريو ۽ مرڪي ھائوڪار ڪيائون.
"چڱو ھاڻي منھنجي آڏو زمين تي ئي ويھو تہ توھان کي ھڪ ڏائڻ سان پنھنجي جهيڙي جو قصو ٻڌايان. توھان ڊڄندؤ تہ نہ."چاچي خميسي پڇيو.
"چاچا توھان جھڙو بھادر ماڻهو اسان سان گڏ آھي. اسان ڀلا ڇو ڊڄنداسين."سوٽ خانَ جو جواب ٻڌي،چاچو خميسو خوش ٿي ويو.
سڀ ٻار ھڪ قَطارَ ۾ ويھي رھيا ۽ چاچي خميسي ڏانھن ڏِسڻَ لڳا.
چاچي خميسي کنگهي پنھنجو ڳلو صاف ڪيو ۽ قصو شروع ڪيائين..."اڄ کان ڪيترائي سال اڳ جي ڳالھہ آھي تہ مان سياري جي مندَ ۾ ھتان کان ڪي ڏھَہ ڪلوميٽر کن پَري پنھنجي دوست عبداللطيف سان ملڻ ان جي ڳوٺ ويس.مان پنڌ نڪتو ھئس ۽ ٽيپھريءَ ڌاري دوست وٽ پھتس. عبداللطيف منھنجو ننڍَپڻُ جو دوست ھو ۽ اسان ٻَئي بہ توهان جيان ئي پڪا دوست ھئاسين. عبداللطيف سان ڪچهريءَ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ وقت گذرڻ جي خبر ئي نہ پئي.سومَھڻيءَ جي آذان ٻڌم تہ خبر پئي تہ ڪيڏو نہ وقت گذري ويو آھي.مان تڪڙ ۾ اٿي عبداللطيف کان موڪلايو.ھن گهڻو ئي چيو تہ رات ٿي وئي آھي،سيءُ بہ اٿئي ترسي پئُہ.پرَ مان سندس ڳالهہ نہ مڃي ۽ شالَ ويڙھي ھلڻَ لاءِ اٿيس.اھو ڏسي عبداللطيف مون کي ٽي ڪلو کن تازو ڳڙ ڏنو ۽ ڪجهہ پنڌ تائين گڏ ھلي نيٺ موڪلائي ھليو ويو.انَ وقت ۾ اڃان چارج واريون بيٽريون ڪو نہ آيون ھيون. سيلن تي ھلڻ واريون ٽارچون ھونديون ھيون.مون وٽ بہ اھڙي ئي ٽارچ ھئي.
مان ڪچو رستو ورتيون ويس پئي جو قبرستانَ وٽ،کَڀڙَ جي وڻن مان ڪارا ڪپڙا پاتل ھڪ مائي نڪري منھنجي سامهون اچي بيٺي.
ٻيو ڪو ھجي ھا تہ دانھون ڪندو ڊُڪَ کڻي ڀري ھا پر سائين اھو مان ھئس خميسو خان سو ڊڪڻَ بدران اتي ئي بيھي رھيس ۽ ڪاوڙ مان پڇيومانس "مائي ڪير آھين؟ڇا کپئي؟"
"اھو ڳڙ مون کي ڏي نہ تہ خير نہ اٿئي."مائيءَ ڀوائتي آواز ۾ چيو.
"ھي تہ منھنجي پياري دوستَ مون کي سوکڙيءَ ۾ ڏنو آھي تو کي ڇو ڏيان؟"مان پڇيو.
"او چريا خبر نہ اٿئي تہ مان سئو سالن جي ڏانئڻ آھيان.ھنيانءُ ڪڍي کائي ويندي سانءِ.ڏي اھو ڳڙ مون کي."ڏانئڻ ڪاوڙ مان دانھن ڪئي.
"مان بہ ڳوٺ سانوڻ آباد جو خميسو خان آھيان. جنھن وڏن وڏن جِنن کي ڌُوڙ ۾ ملائي ڇڏيو آھي. ھل ھتان تہ ڪٿي تو سان بہ ساڳي جُٺ نہ ڪيان." مان بہ ڪاوڙ وچان چيو.
اھو ٻُڌي ڏانئڻ ڀوائتا آوازَ ڪڍندي مون ڏانھن اچڻَ لڳي.
کيس پاڻَ ڏانھن ايندو ڏسي مان ڳڙ ۽ ٽارچُ پنھنجي وڏِي شالَ ۾ ھٿيڪا ڪيا ۽ ڏانئڻ ڏانھن ڏسڻَ لڳس. ڏانئڻ منھنجي ويجهو پھچندي ئي ھوا ۾ ٽَپُ ڏنو ۽ اُڏامندي مون وٽ پھچي پنھنجا ڊِگهن نَنھَن وارا ھٿَ وڌائي منھنجِي ڳِچي پڪڙڻَ جي ڪوشش ڪئي.پر سائين مان بہ خميسو خان آھيان سو ڪٿي ٿو وٺُ ڏيانس.مان بہ دير نہ ڪئي ۽ گُهتَ ھڻي ڏانئڻ جي ھيٺان نڪري پٺيان پھتو مانس.انَ کان اڳُ جو ھُوءَ مون ڏانھن ڦِري ھا،کيس ٻنھي پيرن کان پڪڙيم ۽ گول گول گهمائڻ شروع ڪيو مانس.ڏانئڻ اچي دانھون ڪرڻ شروع ڪيون پرَ مان بس نہ ڪيم.کيس گهمائي گهمائي ھٿَ جو ڪڍيامانس تہ کَڀڙَ جي وڻن جي چوٽين جي بہ مٿان ٿيندي نہ ڄاڻ ڪٿي وڃي ڪِرِي ۽ اڄ ڏينھن تائين وري ناھي موٽي.اصل ڌاڻا ڪڍي ڇڏيامانس“.
چاچي خميسي قصو پورو ڪري ھڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ ٻارن ڏانھن نِھارڻَ لڳو.
مدثر،سوٽ خان کي ٺُونٺِ ھڻي اشارو ڪيو.سوٽ خانَ شھزاد ۽ مريد ڏانھن نھاريو.اُنھن بہ سوٽ خانَ کي اشارو ڪيو.
ان کان اڳ جو چاچو خميسو وڌيڪَ ڪجهہ چَئي ھا، سوٽ خانَ وڏي آواز ۾ پڇيو..."چاچا چاچا...ڇا ان ڏانئڻ جون اکيون چِٻري جھڙيون ھيون“.
."ھا بلڪل ھيون."چاچي خميسي حيرتَ مان چيو
."۽ رنگ ڪاري رِڇَ جھڙو؟"شھزاد بہ سوٽ خان وانگر پڇيو
."ھا برابر."چاچي خميسي چيو
."قد اُٺ جيڏو." مريد بہ وارو وٺندي پڇيو
ھنَ ڀيري چاچي خميسي رڳو ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
"ڏندَ ھاٿيءَ جيان ٻاھر ھئس؟"مدثرَ پنھنجا ڏند چپن مان ڏيکاري چيو.
"ھا...ٻارو اھا ڏانئڻ اھڙي ئي ڀوائتي ھئي."چاچي خميسي جو جواب ٻڌي چار ئي ٻارَ اُٿي بيھي رھيا. چاچو خميسو کين اٿندو ڏسي وائڙو ٿي ويو.
سوٽ خانَ چاچي خميسي کي سندس پٺئين پاسي آڱر سان اشارو ڪندي ڏاڍيان چيو..."پوءِ تہ پاڻَ کي بچايو چاچا.اھا ڏانئڻ تہ توھان جي صفا پٺيان بيٺي آھي“.
"ڇا!!!سچ؟؟؟"چاچي خميسي ڇِرڪ ڀريندي چيو ۽ ٻي گهڙي تڪڙ ۾ اُٿيو ۽ بنا پوئتي ڏسڻَ جي دانھون ڪندو،ڊُڪندو اوطاقَ مان ٻاھر نڪري ويو.
سوٽ خان،مريد،شھزاد ۽ مدثر ٽھڪَ ڏيڻَ لڳا.
اھا ڳالھہ پاڙي اوڙي ۾ بہ مشھور ٿي وئي.ڇو جو سوٽ خان جي وڏي ڀاءُ طاھر پنھنجي موبائل تي ان سموري واقعي جي وڊيو بہ ٺاھي ورتي ھئي.
انھيءَ ڏينھن کان پوءِ چاچي خميسي پنھنجي بھادريءَ جا ڪوڙا قصا ٻڌائڻَ کان توبھہ ڪري ڇڏي ۽ سوٽ خان کي ڏسندي ئي چوندو ھو تہ توکي سُوٽ خان نہ پرَ ڀُوت خان سڏڻ گهرجي.

ھوم ورڪ

سُوٽ خان ڪيترو بہ شرارتي آھي پرَ ھن ۾ ڪي سٺيون عادتون بہ آھن.جن مان ھڪ اھا آھي تہ ھو روز صبح جو سويرَ اُٿي پنھنجي پيءُ سان گڏ فجر جي نماز پڙھڻ لاءِ مسجد ويندو آھي ۽ مولوي صاحب کان قرآن شريف جو سبق وٺي پوءِ موٽندو آھي.ان ڳالهہ تي سڀ گهرَ ڀاتي کيس ڏاڍي شاباس ڏيندا آھن.
اُنَ ڏينھن آچر ھو.سوٽ خان روز جيان پنھنجي پيءُ سان گڏ نماز پڙھي ۽ قرآن شريف جو سبق پڻ ورتو.موٽَ تي چاچي علي بخش جي دوڪان تان پاپا ۽ بسڪوٽ وٺي ھُو ٻئي گهر موٽي آيا،جتي سوٽ خان جي امڙ چانھہ ڪاڙھي ڇڏي ھئي. چانھہ سان گڏ پاپو کائيندي سوٽ خان ڪنھن سوچ ۾ گم ھو.اھو ڏسي سوٽ خان جي پيءُ ھن کان پڇيو..."پٽَ ڇا پيو سوچين.ڪُجهہ کپئي ڇا؟
"نہ بابا مون کي ڪجهہ نہ کپي. منھنجي استاد مون کي گهرو ڪم (ھوم ورڪ) ڏنو آھي انَ لاءِ پيو سوچيان."سوٽ خان پاپو چانھہ ۾ ٻوڙيندي چيو.
"صُفحا لکڻَ ۽ سبقُ ياد ڪرڻ جو ڪم ڏنو ھوندائين؟"امڙ پڇيو.
"ھا امان،سائينءَ اِھو سڀ تہ ڏنو آھي. سليٽ بہ لکڻي آھي.پرَ ڪجهہ ٻِيو بہ چيو آھي سائينءَ“.
سوٽ خان چيو
"ٻيو ڪھڙو ڪم؟"سوٽ خان جي پيءُ پڇيو
"بابا سائينءَ چيو آهي تہ آچر تي موڪلَ ھوندي آھي. سو سڀني ٻارن کي اھو بہ ھوم ورڪ ڏيان ٿو تہ توھان ڪو بہ سٺو ڪم ڪري اچجو.جنھن جو ٻُڌايل ڪم سڀني کان سٺو ھوندو ان کي نيري ۽ ڳاڙھي رنگَ جون بال پينون انعام ۾ ملنديون."سوٽ خان ٻڌايو.
"پٽَ اِھو تہ ڏاڍو سؤلو ھوم ورڪ آھي. تون تہ آھي ئي سٺو ٻار.سو مون کي پڪَ آھي تہ انعام تون ئي کٽيندين."سوٽ خان جي امڙ ھنَ جو نِرڙ چمندي چيو.
سوٽ خان ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ چانھہ پيئڻ لڳو.
چانھہ کان واندو ٿي سوٽ خان رليءَ تي ڪِريل پاپن ۽ بسڪوٽن جي ڀورِ،بَسيء(ساسر)َ ۾ رکي ۽ اھا اڱڻَ ۾ نِم جي وڻ وٽ ڪِوِلين جي ٻِرَ وٽ ھاري آيو. تہ جيئن ڪِوِليون اھا ڀورِ کائي ڇڏين.ان کان پوءِ ھنَ چانھہ جا ٿانوَ کڻائڻَ ۾ امڙ جي مدد ڪئي ۽ واندو ٿِي پنھنجا ڪتابَ ڪاپيون کڻي استاد جو ڏنل،لکڻ وارو ھوم ورڪ پورو ڪرڻَ لڳو.اھو پورو ڪري ھو ڪجهہ دير لاءِ اتي ئي ليٽي پيو تہ کيس ننڊَ وٺي وئي.
گهڻي دير کان پوءِ جڏھن ھن جي ڀاءُ طاھرَ کيس جاڳايو تہ رڌڻي مان اوڦراٽن جي خوشبوءِ پئي آئي.ھُو سمجهي ويو تہ امڙ،نيرن تيار ڪري ورتي آھي.
سوٽ خان رڌڻي ۾ آيو جتي طاھر ۽ اديون سسئي، ثنا ۽ صبا امڙ کان نيرن وٺي رھيا ھئا.
"امان مونکي رات جي بچيل ڀاڄي ۽ اوڦراٽو کپي. مان بيدو نہ کائيندس."سوٽ خان اکيون مھٽيندي چيو.
"پٽ مان تنھنجي لاءِ بيدو تَري ڇڏيو آھي. اھو ئي کاءُ.ھونءَ بہ رات واري بچيل ڀاڄي فرج ۾ رکڻ وسري وئي ھئي سو خراب ٿي وئي آھي.گرمي آھي نہ پٽَ."امڙ،سوٽ خان کي ٻُڌايو.
."ٺيڪ آھي امان."سوٽ خان چيو
سوٽ خان جي امڙ ننڍڙي اوڦراٽي تي بيدو رکي کيس ڏنو.نيرن ڏسي سوٽ خان جون اکيون چمڪڻَ لڳيون.اوڦراٽي جي خوشبوءَ ھن جي بکَ وڌائي ڇڏي.ھُو پنھنجي نيرن واري پليٽَ کڻي اڱڻَ ۾ رکيل کٽَ تي اچي ويٺو ۽ بسم الله ڪري کائڻَ لڳو.اڱڻ ۾ اُسَ تِکي ٿيڻ لڳي ھئي پرَ ٿڌڙي ھيرَ ۽ وڻَ تي ويٺل پکين جون ٻوليون سوٽ خان کي سڪون ڏئي رھيون ھيون.ھنن جي گهرَ جو اڱڻ ڏاڍو ويڪرو ھو.نم جي گهاٽي وڻَ جي ڪري اتي سٺي ڇانوَ ھوندي ھئي ۽ اُتي ويھڻ ۾ سوٽ خان کي مزو ايندو ھو.
سوٽ خان مزي مزي سان نيرن پوري ڪئي.بيدو تہ ھنَ سمورو کائي ڇڏيو ھو پر اوڦراٽي جو ننڍڙو ٽُڪرو بچي پيو ھو.ھنَ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو تہ کيس وڻَ جي ٽارين ۽ ڀت تي ويٺل ڪيترائي پکي نظر آيا.جيڪي پنھنجي پنھنجي ٻولي ٻوليندا ٺينگ ٽپا ڏئي رھيا ھئا.سوٽ خان مرڪي پيو.ھن کي پنھنجو وڻُ ۽ انَ جي ٽارين تي آکيرن ۾ رھندڙ پکي ڏاڍا پيارا ھئا.سوٽ خان پنھنجي بچيل اوڦراٽي جا ننڍا ننڍا ٽڪر ڪيا ۽ وڻَ جي پاڙَ وٽ زمين تي رکي ڇڏيا.ٿانوَ رکڻَ لاءِ رڌڻي ڏانھن ويندي ھنَ جڏھن مُڙي وڻَ ڏانھن نھاريو تہ سندس دل خوش ٿي وئي.ٽارين ۽ ڀت تي ويٺل سمورا پکي،وڻَ جي پاڙَ وٽ گڏ ٿي ويا ھئا ۽ مانيءَ جا ٽڪر چُڳي(کائِي) رھيا ھئا.
انھيءَ مھلَ ئي سوٽ خان جي نظر وڻَ جي ٿُڙَ ۾ سوراخَ تي پئي.جنھن مان ڳاڙھي چُھنبَ وارو چَتون سوٽ خان ڏانھن نھاري رھيو ھو.
."اَڙي مِٺو تہ رھجي ويو."سوٽ خان ڏاڍيان چيو
."ڇا ٿيو ادڙا؟"سوٽ خان جي وڏي ڀيڻ سسئي پڇيو
"ادي،مان اوڦراٽي جو بچيل حصو ٽڪرا ڪري پکين کي ڏنو پرَ مٺو رھجي ويو."سوٽ خان رڌڻي ۾ اچي چيو.
"اچي ھي وٺ ادڙا مان بہ ٽڪرو بچايو آھي."سوٽ خان جي ٻي ڀيڻ ثنا چيو.ايئن صبا بہ کيس پنھنجي اوڦراٽي مان ٽڪرو ڏنو.
سوٽ خان ٻَئي ٽڪرا ورتا ۽ خوشيءَ وچان وڻَ ڏانھن وڌيو.
چتون کيس پاڻَ ڏانھن ايندو ڏسي سوراخ ۾ اندر لھي ويو.
"مِٺو ڊِڄ نہ،مان تو کي ڪجهہ بہ نہ ڪندس. مان تہ تنھنجي حصي جو اوڦراٽو کڻي آيو آھيان."سوٽ خان چيو ۽ وڻَ جي ٿُڙَ وٽ ڪرسي رکي ان تي چڙھيو ۽ اوڦراٽي جا ٽڪرا چَتُونءَ جي گهرَ (ٿُڙَ جي سوراخَ) ۾ وِجهي ڇڏيا.
چَتُونءَ کي کاڌو ڏئي سوٽ خان کٽَ تي ويھي پنھنجي ھوم ورڪ بابت سوچڻَ لڳو.ڪيتري ئي دير تائين سوچڻ کان پوءِ بہ کيس سٺي ڪم ڪرڻَ وارو ھوم ورڪ سمجهہ ۾ نہ آيو.
"ڇو نہ مريد،مدثر ۽ شھزاد وارن ڏي وڃان. متان اھي ان ھوم ورڪ ڪرڻ ۾ منھنجي مدد ڪن." پنھنجي سوچيلَ اِھا صلاح کيس ڏاڍي وڻي.توڙي جو سوٽ خان جا دوست ٻئين ڪلاس جا شاگرد ھئا ۽ سوٽ خان ٽئين ڪلاس ۾ ھو پر کيس يقين ھو تہ اُھي سندس ڪم ضرور ايندا.
ھُو رڌڻي ۾ آيو ۽ امڙ کان دوستن ڏانھن وڃڻَ جي اجازت گهريائين.
"ٺيڪ آھي پٽَ ڀلي وڃ پرَ پھريان ھي راتوڪي خراب ٿي ويل ڀاڄي ٻاھر ڪٿي پاسي تي ھاري اچُ."امڙ چيو.
"جي امان."سوٽ خان چيو ۽ ٻوڙَ واري پليٽَ کڻي ٻاھر نڪري آيو.
گهٽيءَ ۾ اچي سوٽ خان ڪا اھڙي جاءِ ڳولڻ لڳو جتي ھو ٻوڙ ھاري سگهي ۽ اُنَ جي بي ادبي بہ نہ ٿئي.تڏھن ئي سندس نظرَ اُنَ ڪتي تي پئي جيڪو گهڻي ڀاڱي سندن پاڙي ۾ ئي گهمندو رھندو ھو. ڪتو ان مھل ھڪ گهر جي ڀت جي ڇانوَ ۾ پنھنجو مُنھن اڳين ٻن ٽنگن تي رکيون ليٽيو پيو ھو.ڪتي جي نظرَ جيئن ئي سوٽ خان تي پئي ھن پنھنجو منھن مٿي کنيو ۽ پُڇُ لوڏڻَ لڳو.سوٽ خان ھٿَ ۾ جهليل پليٽ ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ اڳتي وڌي ڪتي کان ڪجهہ پاسي تي ٻوڙ ھيٺ زمين تي ھاري ڇڏيو.ڪتو،سوٽ خان جي پرتي ويندي ئي اُٿي اڳتي وڌيو ۽ ٻوڙ کائڻ شروع ڪري ڏنائين.
سوٽ خان خوشي خوشي گهر موٽي آيو ۽ پليٽ امڙ کي ڏئي موڪلائي وري گهر مان نڪري آيو.
سندس ٽئي دوست ٻہ گهٽيون ڇڏي رھندا ھئا. پنھنجي دوستن واري گهٽيءَ کان اڳ ۾ سوٽ خان جي نظر پنھنجي پاڙيسري چاچا حاڪم عليءَ تي پئي جيڪو لَٺِ ھٿ ۾ جهلي وڏي روڊَ ڏانھن ويندڙ گهٽيءَ وٽ بيٺو ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري رھيو ھو. سوٽ خانَ جي ذھنَ ۾ آيو تہ جي مان چاچا حاڪم عليءَ کي روڊ پار ڪرايان تہ اھو بہ سٺو ڪم چئبو ۽ مان پنھنجي استاد کي بہ ٻڌائي سگهان ٿو.اھا ڳالھہ سوٽ خان کي وڻي ۽ ھو چاچي حاڪم عليءَ ڏانھن وڌي ويو.
"السلام عليڪم چاچا سائين."سوٽ خان چاچي وٽ پھچي چيو
."وعليڪم السلام پٽَ"چاچي حاڪم عليءَ چيو
"چاچا ڇا مان توھان کي روڊ پار ڪرايان. مان توھان کي خيال سان روڊ پار ڪرائيندس."سوٽ خان ادب مان پڇيو.
"نہ پٽ. مون کي روڊ پار ناھي ڪرڻو.مان تہ ھتي بيھي ھوا جو مزو پيو وٺان.تنھنجي مھرباني پٽ." چاچي حاڪم عليءَ جو جواب ٻڌي سوٽ خان ماٺ ڪري پنھنجي واٽ تي هلڻ لڳو.ھنَ کي سٺو ڪم ڪرڻ جو موقعو نہ ملي سگهيو ھو.
سوٽ خان وري دوستن جي گهرن ڏانھن وڃڻ لڳو تہ جيئن سندن مدد سان پنھنجو ھوم ورڪ پورو ڪري سگهي.
جنھن وقت ھو چاچي علي بخش جي دوڪان وٽان لنگهيو تہ سندس نظر دوڪان جي دِڪي وٽ بيٺل ماسي آمنت تي پئي.جنھن جي پيرن وٽ ٽي سامان سان ڀريل ٿيلهيون پيل ھيون.ماسي آمنت ڏاڍي ضعيف ھئي ۽ سوٽ خان جي پاڙي ۾ ئي رھندي ھئي.
اھو ڏسي سوٽ خان سوچيو تہ جي مان ماسي آمنت جو سودو کڻي سندس گهر پھچايان تہ اھو بہ سٺو ڪم سڏبو ۽ استاد ضرور شاباس ڏيندو.
"ماسي ماسي ڇا مان توھان کي سودو گهر تائين کڻائي ھلان؟مان خيال سان کڻي ھلندس تہ جيئن ٿيلهيون ڦاٽن نہ."سوٽ خان،ماسيءَ کي سلام ڪرڻ کان پوءِ پڇيو.
اڃان ماسي آمنت ڪو جواب بہ نہ ڏنو ھو جو دوڪان مان اندران ھڪ ماڻهو نڪتو ۽ ھڪ وڏي ٿيلهيءَ ۾ ھيٺ رکيل سڀ ٿيلهيون وجهي اڳتي وڌي ويو.
"پٽَ سوٽ خان اھو منھنجو سودو نہ ھو. مان تہ ڏھين واري لوڻ جي ٿيلهي وٺڻ آئي آھيان ۽ اھا مان پاڻ کڻي سگهان ٿي.تون ڀلي وڃ ٻچا."ماسي آمنت جو جواب ٻڌي سوٽ خان ھڪ ڀيرو وري پنھنجن دوستن ڏانھن وڃڻَ لڳو.
"لڳي ٿو تہ مان انعام نہ کَٽي سگهندس."سوٽ خان ھلندي ھلندي سوچيو.
ھُو مريد وارن جي گهٽيءَ وٽ مسَ پھتو جو ھڪَ ماڻهوءَ کيس سڏ ڪيو ۽ غلام فريد جي گهر جو ڏَسُ پڇيو.غلام فريد،مريد جي پيءُ جو نالو ھو.
"ھا چاچا مان بہ اوڏانھن ئي وڃان پيو.اچو تہ توهان کي بہ وٺي ھلان."سوٽ خان پنھنجي سوچ ۾ چيو ۽ انَ ماڻهوءَ کي وٺي مريد وارن جي درَ تي اچي پهتو.ھنَ اندر وڃي مريد جي پيءُ چاچي غلام فريد کي ٻاھر بيٺل ماڻهوءَ لاءِ ٻڌايو ۽ پاڻ بہ مريد کي ساڻُ وٺي شھزاد ۽ مدثر وارن ڏي ھليو ويو.
چار ئي دوست گهڻو وقت سوٽ خان وارن جي اوطاق تي کيڏندا رھيا.منجهند جي ماني بہ اتي ئي گڏ کاڌائون.
راند روند جي ڪري سوٽ خان کان پنھنجو ھوم ورڪ بہ ڄڻ تہ وسري ويو.
ايئن سڄو ڏينھن گذري ويو ۽ شامَ جو پنھنجي وڏي ڀاءُ طاھر سان گڏ پنھنجن دوستن کي انھن جي گهرن وٽ ڇڏي سوٽ خان موٽي آيو.
رات جو جڏھن سڀ گهرَ ڀاتي سمھڻَ لاءِ اڱڻ ۾ کَٽُن تي اچي ليٽيا تہ سوٽ خانَ کي پنھنجو ھوم ورڪ ياد آيو ۽ ھُو ذري گهٽ روئڻ جھڙو ٿي ويو.ھنَ کي ڏک ھو تہ سڄي ڏينھن ۾ ھنَ ڪو بہ سٺو ڪم نہ ڪيو ھو ۽ ھاڻ ھُو انعام حاصل نہ ڪري سگهندو.
."پٽَ ھاڻي سُمھي پَئہ."ھنَ جي امڙ،کيس ويٺل ڏسي چيو
"سوٽ خان ڪنھن ڳڻتيءَ ۾ ٿو لڳي."طاھر پنھنجي کٽَ تان اُٿي،سوٽ خان جي ڀرسان ويھندي چيو.
."ڇو ڀلا ڇا ٿيو آھي ادڙا؟"صبا پڇيو
سوٽ خان کين پنھنجي استاد جي ڏنل ھوم ورڪ بابت ٻڌايو.
"منھنجا سھڻا ڀاءُ تون اسان کي پنھنجي اڄوڪي ڏينھن جي باري ۾ ٻڌاءِ تہ اھو تون ڪيئن گذاريو آهي. متان اسان تنھنجي ڪا مدد ڪري سگهون." سسئي بہ اُٿي اچي سوٽ خان جي ڀرسان ويھندي چيو.
سوٽ خان خوش ٿي ويو.ھي پنجَ ئي ڀائر ڀينر ھڪ ٻئي سان ڏاڍو پيار ڪندا ھئا ۽ ھر تڪليف ۾ گڏ گڏ ھوندا ھئا.
سوٽ خان صبح کان وٺي شام تائين جيئن بہ وقت گذاريو ھو پنھنجي ڀاءُ ۽ ڀينرن کي ٻڌايو ۽ انھن ڏانھن ڏسڻ لڳو تہ ھاڻ اھي ڇا ٿا چون.
ھن جي ڳالھہ ٻڌي سڀ مرڪڻ لڳا.
"سوٽ خان تنھنجو ھوم ورڪ تہ ٿي ويو آھي. پوءِ بہ ڳڻتي ٿو ڪرين!"ثنا چيو.
."اھو ڪيئن ادي! ؟"سوٽ خان حيران ٿيندي پڇيو
"تون پنھنجي ھوم ورڪ جي ڳڻتيءَ ۾ ڌيان ئي ناھي ڏنو تہ تون پنھنجو ھوم ورڪ ڪري ڇڏيو آھي ادڙا."صبا جي ڳالھہ ٻڌي سوٽ خان وائڙو ٿي ويو.
"ڏس سوٽ خان تون نماز پڙھي ۽ قرآن شريف جو سبق ورتو اھي بہ تہ سٺا ڪم آھن ۽ تون پاپن ۽ بسڪوٽن جي ڀور اتي ئي ڇڏڻَ بدران ڪِوِلين کي ڏني. بچيل مانيءَ جا ٽڪرا اُڇلايا نہ پرَ پکين کي ڏنا ۽ خراب ٿي ويل ٻوڙ ھارڻ بدران ڪتي کي ڏنو.چاچي حاڪم عليءَ ۽ ماسي آمنت کان مدد لاءِ پڇيو.ھڪ ماڻهوءَ کي صحيح ڏَسُ ڏنو.اھي بہ تہ سٺا ڪم آھن نہ.تون تہ پنھنجو ھوم ورڪ ڏاڍي سٺي نموني پورو ڪري ڇڏيو آھي.مون کي پڪ آھيَ تہ تنھنجو استاد تو کي ئي انعام ڏيندو. "طاھر،سوٽ خان کي ڀاڪر پائيندي چيو.
."سچ ادا؟" سوٽ خان طاھر کي ڳلَ تي چمي ڏئي چيو
."ھا سچ سوٽ خان."طاھر چيو
"اڙي واھہ مون ھوم ورڪ ڪري ڇڏيو ۽ مون کي خبر ئي نہ پئي."سوٽ خان خوشيءَ ۾ ٽَھڪ ڏئي چيو.
"ادڙا سٺن ٻارن کي سٺا ڪم ڪرڻ جي عادت ھوندي آھي،انھيءَ ڪري کين خبر ئي ناھي پوندي تہ ھنن ڪيترا سٺا ڪم ڪيا آھن."صبا چيو.
سوٽ خان جي منھن تي مرڪ ھئي ۽ اکين ۾ روشني.ڇو جو پنھنجي ڀاءُ ۽ ڀينرن جون ڳالهيون ٻُڌي کيس پڪَ ٿي وئي ھئي تہ ھنَ کي پنھنجي ھوم ورڪ تي انعام ضرور ملندو.

ثَمرَ جي ڏاڏا بابا جو دوست

ثَمر پنھنجي ڏاڏا بابا جي گهر اچي ڏاڍو خوش ٿيو ھو.
ھنَ کي پنھنجي ڏاڏا بابا،ڏاڏي امان ۽ چاچي الطاف سان پيار ھو ۽ ھتي اچي ھو ڏاڍو سٺو وقت گذاريندو ھو.
ڏاڏا بابا جي گهر ۾ ٽي ڪمرا،ورانڊو ۽ ويڪرو اڱڻ بہ ھو.اڱڻ ۾ ھڪ نِم جو ۽ ٻہ سَرِنھن جا ساوا ۽ گهاٽا وڻ ھئا.جن تي ڪيترائي پکي مٺيون ٻوليون ٻوليندا ھئا. انھن وڻن ۾ ڪيترن ئي پکين جا آکيرا پڻ ھئا.
اسڪولَ کان گرمين جي موڪل ٿي ھئي.ثمرَ جو پيءُ،ثمرَ ۽ سندس ماءُ کي اتي ڇڏي پاڻَ سکر شھر موٽي ويو ھو.ھُو سکرَ ۾ نوڪري ڪندو ھو ۽ ثمر وارا سکر ۾ ئي رھندا ھئا.
ثمر پنھنجي اسڪول ۾ ٻئين ڪلاس جو شاگرد ھو.ھُو نہ رڳو پڙھڻ ۾ ھوشيار ھو پر ھڪ سلڇڻو ڇوڪرو ھو.ان ڪري ئي کيس سندس استادَ ۽ ٻيا مٽ مائٽ ڏاڍو ڀائيندا ھئا.
ڳوٺ پهچي ثمر سموري گهر ۾ پنھنجي چاچي الطاف کي ڳوليو پر چاچا کيس ڪٿي بہ ڏسڻ ۾ نہ آيو.
."ڏاڏا بابا،چاچا الطاف ڪٿي آھي؟"ثمرَ ڏاڏا بابا کان پڇيو
"تنھنجو چاچو پنھنجن دوستن ڏي گهمڻ ويو آھي. ڪجهہ ڏينھن ۾ واپس موٽي ايندو."ڏاڏا بابا،ثمر کي ٻڌايو.
اھو ٻڌي ثمر ڪجهہ اداس ٿي ويو.ڇو جو ھُو جڏھن بہ پنھنجي ڏاڏا بابا جي گهر ايندو ھو تہ چاچا الطاف کيس ڏاڍو گهمائيندو ھو.ڪڏھن ٻنين تي تہ ڪڏھن ڳوٺ ۾ لڳل ميلي تي وٺي ويندو ھو. ثمر ۽ چاچا الطاف گڏجي ڪيتريون ئي رانديون کيڏندا ھئا ۽ چاچا،ثمرَ کي رات جو سمھڻ مھل سٺيون سٺيون ڪھاڻيون بہ ٻڌائيندو ھو.ايئن ثمر جو ھتي وقت سٺو گذرندو ھو.ھنَ ڀيري چاچا الطاف جي نہ ھجڻ ڪري ثمر جا ٻہ ڏينھن تہ ڪيئن بہ ڪري گذري ويا پرَ ھاڻ کيس مزو نہ پئي آيو.ڏاڏي امان ۽ ثمرَ جي امڙ گهرَ جي ڪم ڪار ۾ لڳيون پيون ھونديون ھيون يا پاڻَ ۾ ڪچھري ڪنديون ھيون ۽ ڏاڏا بابا سڄو ڏينھن ڪتابَ پيو پڙھندو ھو.گهر ۾ ٻيو ڪو ٻار نہ ھجڻ ڪري ثمر کي مزو ئي ڪو نہ پئي آيو.
ھڪ ڏينھن ثمر پنھنجي ڏاڏا بابا ڏانھن ويو.ڏاڏا بابا انَ مھلَ ڪو ڪتاب پڙھي رھيو ھو.
."ڏاڏا بابا توھان نوڪري تي ناھيو ويندا؟"ثمر پڇيو
ڏاڏا بابا مرڪندي ثمر ڏانھن نھاريو ۽ ڪتاب ميزَ تي رکي،ثمر کي پنھنجي ھنجَ ۾ ويھاريندي چيو...
"پٽَ مان بہ تنھنجي پيءُ معراج الدين وانگر نوڪري ڪندو ھئس.پَرَ ھاڻي منھنجي نوڪريءَ جو مقرر وقت پورو ٿي ويو آھي،تنھن ڪري ناھيان ويندو.
."ڏاڏا بابا توھان گهرَ ۾ ويھي تنگ ناھيو ٿيندا؟"ثمر چيو
"منھنجو دوست جو مون سان گڏ ھوندو آھي،انَ ڪري منھنجو وقت تہ ڏاڍو سٺو گذري ويندو آھي.
ڏاڏا بابا جو جواب ٻڌي ثمرَ کي ڪجهہ حيرت ٿي. ھُو ٽَپُ ڏئي ڏاڏا بابا جي ھنجَ مان لٿو ۽ سڄي ڪمري ۾ نھاريائين پرَ کيس ڏاڏا بابا جو ڪو بہ دوست ڏسڻَ ۾ نہ آيو.
"پرَ توھان سان گڏ تہ ڪو بہ دوست ناھي. ڇا ھنَ مھل توھان جو دوست ھتي ناھي؟"ثمر پڇيو.
"ھنَ مھلَ بہ منھنجو دوست ھتي ئي آھي. تون چڱي نموني ڏس."ڏاڏا بابا مرڪندي چيو.
اھو ٻڌي ثمر اڳتي وڌيو ۽ ڏاڏا بابا جي ڪمري ۾ رکيل کٽن ۽ ميز جي ھيٺان ڏسڻَ لڳو پر کيس ڏاڏا بابا جو دوست نظر نہ آيو.
ڏاڏا بابا،ثمر جي حرڪتن تي دل ئي دل ۾ کلي رھيو ھو.
ثمر سوچيو تہ متان ڏاڏا بابا جو دوست اوطاقَ واري ڪمري ۾ ويٺل ھجي.اھو سوچي ھو تڪڙو ڪمري مان نڪتو ۽ اڱڻَ ۾ ٺھيلَ اوطاقَ واري ڪمري ڏانھن وڌي ويو.
اوطاقَ واري ڪمري ۾ بہ ڏاڏا بابا جو دوست نہ ھو.
ھُو اوطاقَ مان نڪتو تہ کيس اڱڻ ۾ سَرِنھن جي وڻَ جي ھڪَ ٽاريءَ تي اھو چَتُون ويٺل نظر آيو جيڪو انھيءَ وڻَ ۾ ٺھيل سوراخ ۾ رھندو ھو.چَتون ان مھل ڪنھن شئي کي پنھنجي ھڪ پيرَ ھيٺان دٻائي پنھنجي ڳاڙھي چُھنبَ سان ان کي پَٽي کائي رھيو ھو.
"متان اھو ڏاڏا بابا جو دوست ھجي."ثمر سوچيو ۽ پوءِ وڻَ کي ويجهو ٿي ڪنڌ مٿي کڻي چيائين...
"مِٺُو مِٺُو ڇا تون منھنجي ڏاڏا بابا جو دوست آھين؟"
چَتُونءَ کائڻ بند ڪري ثمر ڏانھن نھاريو ۽ ٻِي گَهڙِي "ٽِين...ٽين" ڪندي،ھڪ ٽاريءَ تان ٻي ٽاريءَ تي ٺينگ ٽپا ڏيندو وڻَ جي ٿُڙَ ۾ پنھنجي گهرَ واري سوراخ ۾ لھي اتان مُنڍي ڪڍي ثمر ڏانھن نھارڻ لڳو.
ثمر سمجهي ويو تہ اھو چَتُون ڏاڏا بابا جو دوست ناھي.ھُو جيئن ئي مڙيو تہ کيس گهرَ جي ٻاھرين ڀِتِ تي ڀُوري ٻلي ڏسڻَ ۾ آئي.جيڪا ثمر ڏانھن ئي نھاري رھي ھئي.اھا ٻلي بہ ڏينھن ۽ رات جو گهڻو وقت ان ڀت تي ئي گهمندي ڦرندي هئي.
ثمر ڀت ڏانھن ڊوڙندي چيو..."ٻلي ٻلي ڇا تون منھنجي ڏاڏا بابا جي دوست آھين؟"
ٻليءَ ڊپَ وچان ثمر ڏانھن نھاريو ۽ "ميائون ميائون"ڪندي،ڊوڙندي پاڙي وارن جي ڀِتِ تي ٽَپِي وئي.
ثمر کيس ويندو ڏسي سوچڻَ لڳو تہ آخر ڏاڏا بابا جو اھو ڪھڙو دوست آھي جنھن سان ڏاڏا بابا سڄو ڏينھن گڏ ھوندو آھي ۽ سندس وقت سُٺو گذري ويندو آھي؟
اوچتو ثمرَ کي چاچا عظيمَ ياد اچي ويو.
"اَڙي ھا...متان چاچا عظيم،ڏاڏا بابا جو اھو دوست ھجي."ثمر خوش ٿيندي سوچيو.
چاچا عظيم،ڏاڏا بابا جي گهرَ کان ھڪَ گهٽي ڇڏي ٻيءَ گهٽيءَ ۾ رھندو ھو.اتي ئي سندس دوڪان ھو. ڏاڏا بابا،چاچا عظيم جي دوڪان تان ئي گهرَ جو سودو وٺندو ھو.ثمر بہ ڪيترائي ڀيرا ڏاڏا بابا سان گڏ چاچا عظيم جي دوڪان تي وڃي چڪو ھو
ثمر پنھنجي امڙ کان اجازت وٺي،چاچا عظيم جي دوڪان تي پهتو.
چاچا عظيم جي دوڪان تي ضرورت جون سڀ شيون ملنديون هيون.
انَ مھلَ چاچا عظيم دوڪان تي اڪيلو ھو.
"السلام عليڪم چاچا."ثمر،چاچا عظيم جي آڏو بيھي ادب مان چيو.
"وعليڪم السلام ثمر پٽَ. ڏي خبر ڪيئن آيو آھين، ڪجهہ کپي تو کي؟"چاچا عظيم پڇيو.
"نہ چاچا مون کي ڪجهہ بہ نہ کپي. رڳو توھان کان ھڪ ڳالهہ پُڇڻي آھي."ثمر چيو.
"ھا پُٽُ ڀلي پُڇُ. پرَ ڏکيو سوال نہ ڪجان."چاچا عظيم مرڪندي چيو.
"چاچا صفا سؤلو سوال پڇندس."ثمر بہ مرڪندي چيو. پوءِ تہ ڀلي پُڇ."چاچا عظيم چيو.
"چاچا ڇا توھان ڏاڏا بابا جا اھي دوست آھيو جيڪو سدائين ڏاڏا بابا سان گڏ ھوندو آھي ۽ ڪچھري ڪندو آھي؟"ثمر پڇيو "برابر مان تنھنجي ڏاڏا بابا جو سٺو دوست آھيان پرَ مان سڄو ڏينھن انَ سان گڏ ناھيان ھوندو. مان تہ سڄو ڏينھن ھتي دوڪان تي ھوندو آھيان ۽ جڏھن تنھنجو ڏاڏا بابا ھتي ايندو آھي تہ پوءِ مان انَ سان ڪچھري ڪندو آھيان."چاچا عظيم جو جواب ٻڌي ثمر وري سوچ ۾ پئجي ويو تہ آخر ڏاڏا بابا جو دوست آھي ڪھڙو؟
"ڇو نہ ڏاڏي امان کان پُڇان. ان کي ضرور خبر ھوندي."ثمر اھو سوچي چاچا عظيم کي الله حافظ چئي گهرَ ڏانھن ھليو آيو
ثمر جي ڏاڏي امان رڌڻي وٽ ڀت جي ڇانوَ ۾ کٽَ تي ويٺي ھئي ۽ رِليءَ لاءِ ڪپڙن جا ٽڪرَ ڪينچيءَ سان ڪَٽي رھي ھئي.
"ڏاڏي امان،ڏاڏا بابا جو اھو ڪھڙو دوست آھي جيڪو سدائين ڏاڏا بابا سان گڏ ھوندو آھي؟"
ثمرَ پڇيو.
ڏاڏي امان،ثمر جو سوال ٻڌي ڪجهہ دير لاءِ سوچڻ لڳي.ثمر ڏاڏي امان ڏانھن نھاريندو رھيو.
نيٺ ڏاڏي امان ڪجهہ مُرڪي ۽ چيائين..."تنھنجي ڏاڏا بابا جو اھو دوست تہ ھن مھل بہ ڪمري ۾ آھي“.
،"سچ ڏاڏي امان!"ثمر خوش ٿيندي چيو
"ھا سچ منھنجا مٺڙا ثمر پٽَ. توڙي جو تنھنجو ڏاڏا بابا ھن مھلَ گهر ۾ ڪونھي پر سندس دوست ڪمري ۾ ئي ويٺو آھي."ڏاڏي امان جي ڳالهہ ٻڌي ثمر سوچيو تہ ھاڻي تہ پڪَ سان خبرَ پئجي ويندي تہ ڏاڏا بابا جو اھو دوست ڪھڙو آھي؟
اھو سوچي ثمر،ڊُڪندو ڏاڏا بابا جي ڪمري ڏانھن ھليو ويو،
ثمر ڪمري ۾ اندر وڃي ڏٺو تہ ڪمرو وري بہ خالي ھو.اُتي ڪير بہ نہ ھو،
ثمرَ،ڏاڏا بابا جي کٽ ۽ ميزَ جي ھيٺان ڏٺو ۽ اتي رکيل ڪَٻٽن جي پويان بہ لِيئا پاتا پرَ کيس ڪو بہ ڏسڻَ ۾ نہ آيو،
ثمر،ميز آڏو رکيل ڪرسيءَ تي ويھي رھيو ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻَ لڳو.
ڪجهہ دير کان پوءِ ڪمري جي دروازي تي کڙڪو ٿيو.ثمر ٽَپُ ڏئي ڪرسيءَ تان اُٿيو ۽ اھو سوچي دروازي ڏانھن نھاريائين تہ متان ڏاڏا بابا جو دوست ھجي.
دروازي مان ڏاڏا بابا کي ايندو ڏسي ثمر ڊڪي ڏاڏا بابا جي ڄَنگهن کي چنبڙيو ۽ چيائين..."ڏاڏا بابا... ڏاڏا بابا...ڏاڏي امان چيو تہ توھان جو دوست ھتي آھي پرَ ھتي تہ ڪير بہ ڪونهي."
"منھنجي جنھن دوست کي تون ڳولين پيو،ڇا تون بہ انَ جو دوست ٿيندين؟"ڏاڏا بابا ھٿ ۾ جهليل پلاسٽڪ جي ٿيلهي،ميز تي رکي،کٽَ تي ويھندي ثمر کان پڇيو،
"ھا ٿيندس ڏاڏا بابا. پرَ اھو آھي ڪٿي.مون کي ڏسڻ ۾ ڇو ڪو نہ ٿو اچي!؟"ثمر ڪجهہ حيرت مان چيو.
"ڏسڻَ ۾ تہ اچي ٿو پرَ تون انَ کي سڃاڻين ڪو نہ ٿو،انَ ڪري تو کي خبر نہ ٿي پئي."ڏاڏا بابا چيو ۽ کٽ تان اٿي،ميز تي رکيل ٿيلهي کنيائين.
ثمر ماٺ ڪري بيٺو رھيو.
"اَچُ تہ مان تنھنجي ۽ پنھنجي دوستَ جي دوستي ڪرايان."اھو چئي ڏاڏا بابا ٿيلهيءَ مان ڪجهہ ڪڍڻَ لڳو.
."ڇا توھان جو دوست ھنَ ٿيلهيءَ ۾ آھي؟"ثمر پڇيو
"ھا."ڏاڏا بابا جو جواب ٻڌي،ثمر کي حيرت ٿي ۽ ھو ڏاڏا بابا جي ڀرسان بيھي،ٿيلهيءَ ڏانھن نھارڻَ لڳو.
ڏاڏا بابا پيار مان ثمر ڏانھن نھاريو ۽ ٿيلهيءَ مان ناليواري ڪھاڻيڪار غفار سومري جو ٻارن لاءِ ڪھاڻين وارو ڪتابُ "بگهڙ ۽ ڇيلڙو" ڪڍي ثمر کي ھٿ ۾ ڏنو.
."ڪتابُ."ثمر ڪتاب وٺندي چيو
"ھا ڪتاب. ڏِسُ پٽَ منھنجي ڪمري ۾ ڪيڏا ڪتابَ آھن.جن کي مان روز پڙھندو آھيان.اھي مون کي سٺيون ڳالهيون سيکاريندا آھن ۽ اجايا ڪم ڪرڻ کان بچائيندا آھن."ڏاڏا بابا ثمر کي مٿي تي ھٿ گهمائيندي چيو.
ثمر ڪمري ۾ رکيل ڪٻٽن ۽ ميز ڏانھن نھاريو. ڪٻٽن ۾ ڪيترائي ڪتاب رکيلَ ھئا ۽ ميز تي بہ ڪجهہ ڪتاب پيا ھئا.
."ڪتاب توھان جا دوست آھن ڏاڏا بابا."ثمر چيو
"ھا ثمر پٽَ. ڪتاب بہ ڪنھن سٺي ماڻهوءَ جيان سٺو دوست ھوندو آھي جيڪو اسان کي چڱيون ڳالهيون ٻڌائيندو آھي ۽ اسان کي ڪا بہ تڪليف ناھي ڏيندو.اسان جي علم ۾ واڌارو ڪندو آھي.ڪتابَ سان ڪچهريءَ ۾ وقت گذرڻ جي خبر ئي ناھي پوندي."ڏاڏا بابا جي ڳالهہ ٻڌي ثمر پنھنجي ھٿن ۾ جهليل،ڪھاڻين جي ڪتابَ ڏانھن نھاريو ۽ مرڪڻ لڳو.
ثمر کي خوش ٿيندو ڏسي ڏاڏا بابا بہ خوش ٿي ويو.
"ٺيڪ آھي ڏاڏا بابا."ثمر،ڪمري جي دروازي ڏانھن وڌندي چيو
."ڪيڏانھن پٽَ؟"ڏاڏا بابا پڇيو
ثمرَ،ھٿَ ۾ جهليل ڪتابَ کي پيار مان ڏٺو ۽ چيائين...
."پنھنجي دوستَ سان ڪچھري ڪرڻَ

ڪارنامو

"ڊائنو" پَشمَ جھڙن نرم ۽ گھاٽن وارن وارو،وچولي قدَ جو ڏاڍو سھڻو ڪتو ھو. ھنَ جو اصل وطن تہ ملڪ رُوس ھيو پرَ اُتان جي ھڪَ شھريءَ چِينوف،ڊائنو کي سُوکڙيءَ طور پنھنجي سنڌ جي دوستَ اياز ڏانھن موڪليو ھيو. ھاڻ ڊائنو سنڌ ۾ رھندو ھو ۽ ڏاڍن مزن ۾ ھيو.اياز،ڊائنو کي روز صابڻَ سان وھنجاريندو ھو.جنھن ڪارڻ ھن جا پشم جھڙا وارَ کيرَ کان بہ وَڌيڪَ اڇا ٿيندا پئي ويا.ھو ڏينھن ۾ ٽي ڀيرا کير پيئندو هو ۽ ٻہ وقتَ ڪڪڙ جو گوشت کائيندو ھو.اھڙي سوادي کاڌي پيتي سبب ڊائنو ڏاڍو تندرست ۽ توانو ٿيندو پئي ويو.رات جو جڏھن ھُو نرم گاديلي تي سمھندو ھو تہ پاڻَ کي ڏاڍو ڀاڳن وارو سمجھندو ھو.جنھن کي دنيا جو ھر سک حاصل ھو.اھي سڀ سکَ ڏيڻَ تي ڊائنو پنھنجي مالڪَ اياز جو ڏاڍو ٿورائتو ھيو.اڪثر ھو سوچيندو ھو تہ مالڪ کيس ڪيڏو نہ چاھي ٿو.سندس ھر نموني خيال ٿو رکي.کاڌو پيتو ۽ ٻِي ھر شئي ڏئي ٿو پرَ مان اڄ ڏينھن تائين مالڪَ لاءِ ڇا ڪيو آھي؟ڪجھ بہ تہ نہ!!! مالڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ،انَ جي چڱاين جو بدلو ڏيڻَ لاءِ مون کي بہ ڪجھ ڪرڻ کپي.ضرور ڪجھ ڪرڻ کپي.نيٺ ھڪ ڏينھن ڊائنو کي،مالڪَ جي فائدي وارو ڪم ڪرڻَ جو يعني ڪارنامو ڪرڻَ جو وارو مِلي ويو.ڊائنو جي نظرَ ھڪَ ٻليءَ تي پئي جيڪا ھوريان ھوريان رڌڻي ڏانھن وَڌِي رھي ھُئي.ٻليءَ تي نظر پوندي ئي ڊائنو سڃاڻي ويو تہ اھا ساڳي ٻلي آھي جنھن جو ذڪر گھڻي ڀاڱي مالڪ پنھنجي زالَ سان ڪندو ھو تہ اھا ٻلي ھنَ جي لکڻَ پڙھڻَ واري ڪمري ۾ گند ڪري وڃي ٿي.مالڪَ جي زال بہ چيو ھو تہ اھا ٻلي کير ۽ گوشت زيان ڪري ڇڏي ٿي.اھو خيال ايندي ئي تہ انَ ٻليءَ مالڪَ جو نقصان ڪيو آھي،ڊائنو ڪاوڙ منجھان ھڪ ڊگھو ٽَپُ ڏنو ۽ ٻليءَ کي پڪڙڻَ جي ڪوشش ڪئي.پرَ ٻلي تڪڙ ۾ ٻي پاسي ٿي وئي ۽ ويچارو ڊائنو سڌو وڃي انَ لوھِي اسٽينڊَ سان لڳو جنھن تي چِينيءَ جي ڏاڍي مھانگي ڪُونڊي رکيل ھئي.ڊائنو جي انَ اسٽينڊَ سان لڳڻَ ڪري اھا ڪونڊي ھيٺ اچي ڪري ۽ ھڪ وڏي ٺڪاءَ سان ڀورا ڀورا ٿي وئي.ھوڏانھن ٻلي ميزَ تي چڙھي وئي ۽ ٽوڪَ وچان ڊائنو ڏي نھارڻَ لڳي.اھو ڏسي ڊائنو ويتر ڪاوڙجي ويو.ھنَ ٻيھر ٽپُ ڏئي ٻليءَ کي سوگھو ڪرڻَ جي ڪوشش ڪئي پرَ پھرين جيان ھاڻ بہ ٻلي ٻي پاسي ٿي وئي ۽ ڊائنو وڃي ميز تي ڪريو.جنھن ڪري ميز پاسيري ٿي پئي ۽ انَ تي رکيل سامان پٽَ تي ڪِري پيو. ڊائنو کي ڏاڍو ڌڪُ لڳو پرَ اھو ڏسي ڊائنو پريشان ٿي ويو تہ کانئس ڏاڍو نقصان ٿي پيو آھي.ٻلي بہ ڀڄي وئي.انھيءَ مھلَ ئي مالڪ بہ اچي پھتو. تنھن جو سامان جي اھا حالتَ ڏٺي سو ڊائنو کي ڏاڍا دڙڪا ڏنائين.ويچارو ڊائنو کيس اھو ٻڌائي نہ سگھيو تہ ڪو ھنَ تہ سندس مدد ڪرڻ پئي گھري.ھي سڀ تہ ٻليءَ جي ڪري ٿيو آھي.ڇڙٻون کائي ڊائنو پنھنجي گاديلي تي اچي ويٺو ڪو ٻيو ڪارنامو سوچڻَ لڳو.ٻئي ڏينھن جڏھن ھو جاڳيو تہ سندس نظرَ مالڪَ جي زالَ تي پئي جيڪا اڱڻَ ۾ ڇٻرَ واري ھنڌ ننڍا ننڍا کڏا کوٽي انَ ۾ ٻوٽا ھڻي رھي ھئي.اھو ڏسي ڊائنو سوچيو تہ ڇو نہ مان بہ کڏا کوٽڻَ ۾ سندس مدد ڪيان.ايئن ڪرڻَ سان مالڪ ضرور سرھو ٿيندو.انھيءَ مھلَ ئي ڪمري ۾ رکيل فون جي گھنٽي وڄڻَ لڳي ۽ مالڪ جي زالَ اوڏانھن ھلي وئي.ڊائنو اھو ڏسي جھٽ پٽ ڇٻرَ ڏانھن وڌي ويو ۽ کڏا کوٽڻ شروع ڪيائين.ٿوري دير ۾ ئي ھُو ڪيترائي ئي کڏا کوٽي ويو ۽ ڪجھ ٿڪُ محسوس ڪرڻَ لڳو.ھنَ کڏا کوٽڻ بند ڪيا ۽ ڪمري ڏانھن ھليو آيو تہ جيئن مالڪَ جي زالَ کي پنھنجو ڪارنامو ڏيکاري سگھي.مالڪَ جي زالَ فون تي ڳالھائي رھي ھئي.ڊائنو،ھنَ جي ڄنگھ سان پنھنجو منھن مھٽي ھنَ جو ڌيان پاڻَ ڏانھن ڇڪائڻ لڳو .
اُمالڪ (اوچتو) مالڪَ جي زالَ رڙ ڪئي.
ڊائنو ھي تو ڇا ڪري ڇڏيو نڀاڳا.
ڊائنو کان ڇِرڪُ ڇڏائجي ويو.
ھنَ ڏٺو تہ ھيٺ فرشَ تي ھنَ جي پيرن جا ننڍا ننڍا نشانَ پيلَ ھئا ۽ ھر پاسي مٽي پکڙيلَ ھئي. سڄو فرش گندو ٿي ويو ھو. جڏھن مالڪ جي زالَ ٻاھر اڱڻَ ۾ آئي تہ ڊائنو جا کوٽيلَ کڏا ڏسي ٻيھر ڊائنو کي ڏاڍا دڙڪا ڏنائين. ڇو جو ڊائنو ترتيبَ سان نہ پرَ سموري ڇٻرَ ۾ کڏا کوٽي ڇٻرَ وڃائي ڇڏي ھئي.ايئن ويچاري ڊائنو کي ڀاڳ ۾ وري بہ دڙڪا ئي مليا.
انَ کان پوءِ بہ ڊائنو ڪيترائي ڀيرا ڪارناما ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پرَ ھر ڀيري کيس شاباس بدران دڙڪا ئي مليا. ھڪَ رات ڊائنو مالڪَ جا دڙڪا کائي پنھنجي گاديلي تي اچي ليٽيو ۽ پنھنجي مالڪَ کي راضي ڪرڻَ لاءِ ڪو نئون ڪارنامو سوچڻَ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو جو ھنَ جي ڪنن ۾ ڪجھ کڙڪن جو آواز پيو. گھرَ جا سمورا ڀاتي ستل ھيا سو ڊائنو کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي تہ جنھن مھلَ ھو پنھنجي نئين ڪارنامي لاءِ سوچي رھيو آھي تہ ڪير سندس ڪمَ ۾ رنڊڪَ پيو وجھي.اھو سوچي ھو انَ ڪمري ڏانھن وڌي ويو جتان کڙڪن جو آواز پئي آيو.ڪمري وٽ پھچي اندر نھاريائين تہ سندس نظر ھڪ ماڻھوءَ تي پئي جيڪو سمورو ڪارو ھو ۽ ھڪ وڏي ٿيلھي ۾ ڪمري جو سامان وجھي رھيو ھو.اھو ئي کڙڪا ڪري رھيو ھو.
تہ ھي آھي اھو ماڻھو جيڪو مون کي سوچڻ نہ ٿو ڏي.پڪَ سان اھو منھنجو دشمن آھي ۽ چاھي ٿو تہ مان ڪو ڪارنامو نہ ڪيان.اھو سوچي ڊائنو ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو.ھن ڊوڙَ ڀري ۽ ٽپُ ڏئي انَ ڪاري ماڻھوءَ جي ٻانھن ۾ چڪُ وڌو.ڪارو ماڻھو انَ مھل ٽي وي کڻي رھيو ھو.ڊائنو جي چَڪَ وجھڻَ سان ٽي وي سندس ھٿن مان ڇڏائجي وئي ۽ ھو رڙيون ڪرڻَ لڳو.پرَ ڊائنو کيس نہ ڇڏيو.ڪاري ماڻھوءَ جي رڙين تي مالڪ ۽ ٻيا گھرَ ڀاتي جاڳي پيا ۽ تڪڙ ۾ انَ ڪمري ۾ پھچي ويا.ڪارو ماڻھو انھن کي ڏسي ڀڄڻَ لڳو پرَ ڪاوڙيل ڊائنو کيس ڄنگھ ۾ چڪُ وجھي قابو ڪري ڇڏيو.ڪارو ماڻھو رڙيون ڪندو ھيٺ ڪري پيو.کيس ھيٺ ڪرندو ڏسي ڊائنو ڏاڍو خوش ٿيو.ڇو جو ھنَ ڪاري ماڻھوءَ کيس ڪارنامي بابت سوچڻ نہ پئي ڏنو سو ھنَ کيس ٻہ چڪَ ھڻي پنھنجو بدلو وٺي ڇڏيو ھو.ڊائنو اچي پنھنجي گاديلي تي ليٽيو ۽ مالڪَ کان دڙڪا ملڻ جو انتظار ڪرڻَ لڳو. ھوڏانھن ڪارو ماڻھو جيڪو اصل ۾ ڪارا ڪپڙا ۽ منھن تي ڪارو پوش پاتل ھڪ چور ھو تنھن کي ڊائنو جي مالڪ اياز پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ڊائنو وٽ اچي کيس پيار ڪرڻ لڳو ۽ کيس کائڻَ لاءِ ڪڪڙ جي ٽنگ پڻ ڏنائين. ڊائنو ٽنگَ کائيندي حيرتَ وچان سوچڻَ لڳو تہ آخر ھنَ اھڙو ڪھڙو ڪم ڪيو آھي جو مالڪ کيس دڙڪن بدران شاباس ۽ کائڻَ لاءِ ڪڪڙ جي ٽنگَ ڏني آھي.
ٻارو اوھان ئي ٻڌايو ڀلا؟؟؟

(۱۵ مارچ ۱۹۹۲ تي عبرت مئگزين جي ٻارن واري پني تي منھنجي ڇپيلَ ڪھاڻي...ڪجھ تبديلين سان )