آس جا گل ٽياس تي
ملھار سنڌيءَ جي شاعري عام فھم ۽ سادن سلوڻن لفظن جو اھڙو ميڙ آھي، جنھن وچ ۾ احساساتي جذبن جو اظھار ڪنھن بہ حساس دل کي ڇھڻ لاءِ اتاولو محسوس ٿيندو. ھو پنھنجي شاعريءَ ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن تي جيئن جو تيئن بيان ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو. سندس شاعريءَ جو محور بہ گهڻو ڪري ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ سان بيپناھ انس ئي رھيو آھي.