لطيفيات

سرتاج شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي

ايڇ ٽي سورلي دنيا جي انھن سڀني عظيم غنائي شاعرن جي شاعريءَ تي تحقيق ڪئي جن جي شاعري تھذيبي ثقافتن تي اثرانداز ٿي، اھڙن سڀني شاعرن جي تقابلي مطالعي ۾ کيس ڀٽائيءَ جي شاعري فن ۽ فڪر جي حوالي سان کيس سڀني کان مٿاھين نظر آئي. ھن ڪتاب ۾ سورليءَ ستين صدي قبل مسيح کان ويھين صديءَ تائين دنيا جي عظيم غنائي شاعرن جي نغماتي شاعري جو ھڪ ڀيٽوار اڀياس ڪري ثابت ڪيو آھي تہ سنڌ جو شاھ عبداللطيف دنيا جي اھڙن چوٽيءَ جي شاعرن مان سڀ کان مٿاھين حيثيت جو مالڪ آھي.

  • 0/5.0
  • 3
  • 1
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book سرتاج شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري انگريز ليکڪ ۽ محقق ايڇ ٽي سورليءَ جي لکيل ڪتاب Musa Pervagans جو سنڌي ترجمو ”سرتاج شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو آھي.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي جيئن فڪري حوالي سان يونيورسل ڏاھپ ۽ فڪر جي قافلي جو پانڌيئڙو آھي، تيئن فن جي حوالي سان بہ دنيا جي سڀني شاعرن جو سرتاج شاعر آھي. ايڇ ٽي سورلي دنيا جي انھن سڀني عظيم غنائي شاعرن جي شاعريءَ تي تحقيق ڪئي جن جي شاعري تھذيبي ثقافتن تي اثرانداز ٿي، اھڙن سڀني شاعرن جي تقابلي مطالعي ۾ کيس ڀٽائيءَ جي شاعري فن ۽ فڪر جي حوالي سان کيس سڀني کان مٿاھين نظر آئي. ھن ڪتاب ۾ سورليءَ ستين صدي قبل مسيح کان ويھين صديءَ تائين دنيا جي عظيم غنائي شاعرن جي نغماتي شاعري جو ھڪ ڀيٽوار اڀياس ڪري ثابت ڪيو آھي تہ سنڌ جو شاھ عبداللطيف دنيا جي اھڙن چوٽيءَ جي شاعرن مان سڀ کان مٿاھين حيثيت جو مالڪ آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2002ع  ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2014ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان ميراڻيءَ جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
سنڌسلامت پاران

2m 10s


ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف ايڇ ٽي سورلي
  • سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو
  • ڇپيو ويو 2014
  • ڇپائيندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 18/Sep/2021
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 1 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون