لطيفيات

لطيف جو پيغام

شاھ لطيف سنڌ جو ثقافتي روح آھي. سندس فڪر سنڌ جي عوام لاءِ ھڪ آب حيات جي حيثيت رکي ٿو. ڀٽائي انھن ھستين مان ھيو جي صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آھن ۽ ڪنھن خاص مقصد ۽ آدرش واسطي، ڌرتيءَ تي آندا ويندا آھن. ڊاڪٽر سنڌيءَ وڏي محنت، محبت، عرق ريزي، جاکوڙ ۽ تحقيق جي اتساھ سان شاھ لطيف جي شاعريءَ جي انيڪ پھلوئن تي نھايت سليس ۽ سلوڻي انداز ۾ روشني وڌي آھي. 

Title Cover of book لطيف جو پيغام

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شاعرن جي سرتاج شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شخصيت، شاعريءَ جي فن ۽ فڪر بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مضمونن ۽ مقالن جو لکيل ڪتاب ”لطيف جو پيغام“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
شاھ لطيف سنڌ جو ثقافتي روح آھي. سندس فڪر سنڌ جي عوام لاءِ ھڪ آب حيات جي حيثيت رکي ٿو. ڀٽائي انھن ھستين مان ھيو جي صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آھن ۽ ڪنھن خاص مقصد ۽ آدرش واسطي، ڌرتيءَ تي آندا ويندا آھن. ڊاڪٽر سنڌيءَ وڏي محنت، محبت، عرق ريزي، جاکوڙ ۽ تحقيق جي اتساھ سان شاھ لطيف جي شاعريءَ جي انيڪ پھلوئن تي نھايت سليس ۽ سلوڻي انداز ۾ روشني وڌي آھي. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1989ع ۾، ٻيو ڇاپو 1993ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1998ع ۾ مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان ميراڻيءَ جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي