ڪالم / مضمون

ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
  • 4.5/5.0
  • 3061
  • 755
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو پهريون)

ترتيب

---

ڪتاب

ڳالهيون پيٽ ورن ۾
(سياسي، تاريخي، تنقيدي، ادبي ڪالمن جو مجموعو)

(ڀاڱو پهريون)


سلطانه وقاصي



امبر پبليڪيشنز ڪراچي


ڊجيٽل ايڊيشن :

سنڌ سلامت ڪتاب گهر

حق ۽ واسطا

سڀ حق ۽ واسطا ليکڪا وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: ڳالهيون پيٽ ورن ۾
(سياسي، تاريخي، تنقيدي، ادبي ڪالمن جو مجموعو)
(ڀاڱو پهريون)

ليکڪا: سلطانه وقاصي

ڪمپوزنگ ۽ پيج ميڪنگ
سنگم پبليڪيشنس
سچل ڳوٺ، ڪراچي

پبلشر
امبر پبليڪيشنز، ڪراچي
فون: 03343615403

پرنٽر: ڪيو پرنٽرز

ٽائٽل: عبدالحسين ميراڻي

ڇاپو پهريون: اپريل 2015ع

قيمت: 400/ روپيا

ارپنا

ارپيان ٿي پنهنجو هي ڪتاب
پنهنجي بابا سائين
خانصاحب عبدالحق وڪو
۽
امان جيجي
حميده بيگم
کي
جيڪي منهنجي زندگيءَ جي
هر واٽ جا رهبر آهن

سلطانه وقاصي

سنڌ سلامت پاران :

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (163) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : پهريون“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
هي ڪتاب امبر پبليڪيشن ڪراچي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ميڊم سلطانه وقاصيءَ جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. ٿورا ڪرم الاهي چنا جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏني.

اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com

پنهنجي پاران

ڳالهيون پيٽ ورن ۾ .....

ڏاڍو ڏکيو آهي پاڻ تي ۽ پنهنجين لکڻين تي لکڻ. بحرحال وري به اندر جو احوال اورڻ ضروري ٿي پيو آهي .... هيءَ جيڪا اڪرم سلطانه وقاصي آهي نه، ان جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. جنم کان وٺي شعور واري زندگي ٽنڊوآدم شهر ۾ گذاريائين.....
منهنجو بابا سائين خانصاحب عبد الحق وڪو، جيڪي پاڻ ميهڙ شهر جا هئا، انهن اچي ٽنڊو آدم وسايو. منهنجو خاندان وڏيرڪو نه پر زمينداري خاندان آهي. بابا سائين جن هڪ محنتي ۽ ايماندار زميندار هو. اُنهن کي ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ جو بي حد چاهه هوندو هو. پنهنجي تر ۾ خوشحال ۽ عزت وارو انسان هو. اُنهن ۾ وڏماڻهپي، غرور يا وري ڪنهن کي هيٺاهون سمجهڻ وارو سڀاءُ موجود نه هو. مون کي ڪتاب ۽ اخبار هٿ ۾ ڏيڻ وارو بابا سائين هو......
اسان جي گهر ۾ اسان ڀينرن تي اُهي سڀ پابنديون هونديون هيون، جيڪي هڪ وڏگهراڻي ۾ هونديون آهن. ها، پر اُن سان گڏوگڏ بابا سائين اسان کي ذهني آزادي ڏني ۽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ تعاون ڪيو ۽ همت افزائي ڪئي. بابا سائين جن جو چوڻ هوندو هو ته ڪم ۽ محنت سڀ کان وڏي عبادت آهي. ڪيترا نوڪر چاڪر هوندي به بابا سائين جن پنهنجو ڪم پاڻ ڪندا هئا. اسان ڀينرن مان اگر ڪير ڪنهن ڪم واريءَ کان پاڻي به گهرندي هئي ته هو سخت ناراض ٿيندا هئا. وڌيڪ ڇا لکان، علم دوست، غريب پرور بابا سائين ڪيترن گهرن جي مالي مدد ڪندو هو. اُنهن جي ڏک سک جو ساٿي هوندو هو. خير جا ڪم ائين ڪندو هو جو هڪ هٿ سان ڏئي ته ٻئي هٿ کي خبر ئي نه پوڻ ڏيندو هو.......
منهنجي امان، جيجل حميده بيگم هڪ باهمت، سچي، اندر جي اُجري هوندي هئي. هوءَ ڪا به ڳالهه دل ۾ رکي نه سگهندي هئي. سٺي ڳالهه هجي يا اختلافي مسئلو، هوءَ هر ڳالهه منهن تي چئي ڏيندي هئي. گهر جي چوديواري ۾ رهندڙ منهنجي امان جيجي، پنهنجي وقت جي وڏي عالم ۽ تعليمي ماهر علامه علي خان ابڙي جي وڏي ۽ پياري ڌيءَ هئي. ان سچ کان به ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي ته پئسو ۽ شان شوڪت اسان جي معاشري ۾ وڏي اهميت رکندا آهن. اُن جي باوجود به اها وڏي سچائي آهي ته سڀ ڪجهه هوندي به سنڌي عورت ڌيءَ، ماءُ ۽ زال جي روپ ۾ گهڻو ڪجهه سهي ۽ ڀوڳي ٿي. منهنجي امان جيجي هڪ بربادر ۽ غم کي ٽارڻ واري عورت هئي. خير جي ڪمن ۾ هٿ ڪونه روڪيندي هئي، دل جي ڪُشادي، هر ايندڙ ويندڙ کي مان ۽ عزت ڏيڻ واري هئي...... مان پنهنجي ننڍپڻ ۾ امان کي ريڊيو تي اباڻن جا گيت ٻڌندي روئندي ڏٺو ۽ وڏي ڄمار ۾ چندر ۽ ٻين جا گانا ٻڌندي هنجون هاريندي ڏٺو.....
منهنجو ننڍو ڀاءُ نادر وڪو ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويو. هي هڪ وڏو سانحو ۽ ڏک هو اسان جي خاندان لاءِ. نادر سائين پنهنجي طبعيت ۾ مست انسان هو. بي پرواهه ۽ دوستن جو دوست هو. بي حد ذهين ۽ سٻاجهو انسان هو. اُن جي گهرواري عظميٰ بروهي آپا گلجان بروهي جي ڌيءَ هئي. حيدرآباد ۾ رهندڙ صدر جا بروهي هڪ سٺي حيثيت رکن ٿا. منهن جي ڀاءُ جي وفات کانپوءِ منهن جي ڀاڀي عظميٰ کي ڪينسر ٿي پيو ۽ اُها به گذاري ويئي. نادر سائين کي چار ڌيئرون آهن. وڃڻ کان اڳ هڪ ماءُ پنهنجن نياڻين کي ڪي سمجهاڻيون ڏيندي آهي. ڪيترين سمجهاڻين سان گڏ منهنجي ڀاڀي عظميٰ پنهنجي نياڻين کي اها سمجهاڻي به ڏني ته پنهنجي ا مان جيجي (ڏاڏي) جهڙا بهادر ۽ باهمت ٿجو ته پوءِ دنيا ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو. بس اهڙي ئي هئي منهنجي امان جيجي..........
ابي امان وٽ گهر جي ماحول ۾ بابا سائين سان گڏوگڏ منهنجا ڀائر به اسان ڀيڻن جو ساٿ ڏيندا هئا. ادبي دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ پوءِ اڳتي وڌڻ ۾ منهنجا ڀائر گهڻو تعاون ڪندا هئا. منهنجو وڏو ڀاءُ لا لا سڪندر حيات وڪو جنهن کي اسان سڀ لا لا سائين چوندا آهيون، منهنجي زندگي ٺاهڻ ۽ ادبي دنيا ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي.. منهنجو ڀاءُ لا لا سائين پڪوسنڌي ۽ سنڌين سان پيار ڪرڻ وارو آهي. لا لا سائين هر انسان سان پيار ۽ تعاون ڪندو آهي پر سنڌي ماڻهن جي مدد ڪرڻ اُنهن کي اڳتي وڌائڻ ۾ هو ڪا به ڪمي نه ڇڏيندو آهي. منهنجي بابا سائينءَ جو مان شان، لا لا سائين ۽ ٻين ڀائرن جي دوستي ۽ ناماچاري هميشه منهنجو مانُ وڌايو آهي. مان اڪرم سلطانه وقاصي آهيان اهو سبق دل سان ياد اٿم. عورت ۽ ماءُ به آهيان پر مان اهو ڪڏهن به نه وساريو آهي ته مان به ڪنهن جي ڌيءَ ۽ ڀيڻ آهيان..... مون هميشه لکيو آهي ته آزادي ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ وڏو فرق آهي. هڪ نياڻي جنهن کي جيتري به گهر جي ماحول ۾ آزادي ملي ٿي. جڏهن اُها انهن حد بندين ۾ رهي ٿي ته پوءِ آهستي آهستي سڀ رستا ۽ واٽون پاڻ ئي کُلنديون وينديون آهن. پوءِ اهڙو وقت به ايندو آهي جو اُها ٿوري آزادي هڪ وڏي ڪينواس ۽ تبديل ٿي ويندي آهي.....
هاڻ ڏاڏاڻي طرف هڪ وڏو عزت وارو نالو ۽ شخصيت منهنجي پڦيءَ جو پٽ ۽ ڀيڻويو ڊاڪٽر مٺل وقاصي سالن کان وٺي آمريڪا ۾ رهي ٿو پر لڳندو اٿم ته اُن جو روح سنڌ جي گهٽين ۾ گهمندو رهندو آهي. ادا مٺل وقاصي به سنڌ مٿان قربان ٿيڻ وارو انسان آهي. آمريڪا ۾ ويندڙ ڪيترا سنڌي سندس مهمان هوندا آهن. اُنهن اُت امريڪا ۾ هڪ وڏو ادارو سنڌ جي نالي پٺيان کوليو آهي. ادا مٺل وقاصي جڏهن به پاڪستان ايندو آهي ته هت ان جو دعوتون ٿينديون آهن. اُنهن ۾ مون کي به دعوت ملندي آهي.
چڱي طرح ياد اٿم هڪ دفعو حسين شاهه راشديءَ جي گهر دعوت هئي، اُت حسين شاهه راشدي مون کي ڏاڍي پيار سان چوڻ لڳو ته توهان وقاصي منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهيو. هت توهان ويٺا سنڌ سنڌ ڪريو ۽ قلم جي جنگ وڙهيو ۽ هوڏانهن آمريڪا ۾ ڊاڪٽر مٺل وقاصي هڪ نئين سنڌ ٺاهيو ويٺو آهي.
هاڻ مان اچان ٿي پنهنجي زندگيءَ ڏانهن جيڪا گذري ويئي....ڪيئن گذري جيڪڏهن اُن جو ويهي حساب ڪتاب ڪندس ته پوءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو....ها ائين ضرور چوندس ته مون اها ڪوشش ضرور ڪئي آهي ته مان بهتر ۽ سٺي زندگي گذاريان. اُن ڪوشش ۾ مان ڪامياب به ٿي آهيان. ڪيترا سال اڳ مون هڪ فيصلو ڪيو ته سلطانه تو وٽ نه اکيون آهن نه ڪن ۽ نه وري زبان آهي. اهو سڀ ڪجهه سوچي مان پنهنجي زندگيءَ ۾ برداشت جي حد تائين هر ڳالهه صبر سان درگذر ڪئي آهي. ها باقي ڪي اهڙيون ڳالهيون جيڪي برداشت ڪرڻ جهڙيون نه هيون ته اُن لاءِ وڙهي به ضرور هوندس... ها سائين مون کي ٻه ٻار آهن. روماسه ۽ امر. اُنهن کي سٺي تعليم ۽ سٺو ماحول ڏنو اٿم. اُنهن کي سٺو انسان ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪئي اٿم. سرڪاري نوڪري ڪئي اٿم. مون کي پئسي جو قدر آهي ڏهه هزار هجن يا ڏهه رُپيا، بي مقصد خرچ نه ڪندي آهيان. زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ ڪتاب گهڻا پڙهيا اٿم. هاڻ پڙهڻ جو وقت گهٽ ٿو ملي. ها پر جيڪو به سٺو ڪتاب هوندو آهي اُن کي ضرور پڙهندي آهيان. لکڻ سان تعلق اڃان تائين نڀائيندي پئي اچان. گهٽ لکان پئي، لکڻ منهنجي ضرورت آهي نه لکندس ته مري ويندس. ماڻهن جو خيال آهي ته مان گهڻو لکيو آهي. اُن وقت مان سوچيندي آهيان ته اگر منهنجي زندگي ايتري مصروف نه هجي ها مون کي ڪير دال ماني کارائڻ وارو هجي ها ۽ مان ڪمرو بند ڪري سُک سان لکندي پڙهندي هجان ها ته ڪيترو نه گهڻو لکان ها.... اهو سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ خواب آهي سک ۽ سڪون ۾ مان ڪجهه به نه لکي سگهان ها.....حقيقت ته اها آهي ته مان ماڻهن جي هجوم ۾، گوڙ شور ۾ هُل هنگامي ۾ ڏکن سورن ۾ خوشين جي پلن ۾ انسانن جي وچ ۾ ويهي انسانن جي اندر جون ڳالهيون ڪيون اٿم. دنيا جي ڪنڊن ڀري واٽ، نٽهڻ اُس ۾ هلندڙ پنهنجي وجود جي همدرد ۽ دوست به مان پاڻ آهيان.
مان خوش قسمت آهيان ته مون کي سٺا دوست ۽ همدرد مليا آهن. اُنهن ۾ خيرالنساءِ جعفري، تنوير جوڻيجو، فهميده حُسين، انيس رحمان، مهتاب راشدي، نسرين جوڻيجو، قمر شهباز، ادي ارشاد قمر، ڊاڪٽر سليمان شيخ، انيس گهانگهرو، الطاف شيخ، افروز عاربي، سحر امداد، امداد حُسيني، هدايت بلوچ، انور پيرزادو ۽ ستار پيرزادو آهن. انهن کان علاوه ٻيا به لاتعداد نالا آهن جن کي ڏسي اکيون ۽ دل ٺرندي آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا منهنجو اُستاد ۽ رهبر رهيو آهي ۽ علي احمد بروهي صاحب مون تي شفيق ۽ مهربان رهيا آهن.
مان مضبوط ارادن ۽ اعصابي قوت جي مالڪ آهيان پر وري به انسان آهيان. منهنجا ٻئي ٻار منهنجي زندگي آهن. اُنهن جي آڱر وٺي مون زندگي گذاري آهي. اڄ به منهنجي ڌيءَ صبح سان مون کي فون ڪندي آهي ۽ رات جو فون ڪري گڏ نائيٽ چوندي آهي. (ننڍپڻ کان عادت اٿس) منهنجو پٽ امر مخدوم مون سان گهر ۾ آهي اُن جو آواز هر وقت پيڇو ڪندو رهندو آهي. منهنجيون اکيون کلنديون ۽ بند ٿينديون آهن انهن جي آوازن ۽ وجود پٺيان. هي پيار جو موهه ڏاڍو ڏکيو آهي پر وري به هن موهه مان پاڻ کي ٿورو هٽائڻو پوندو ڇو ته آئيندهه وقت ڏکيو آهي.....
هيءَ ڪٿا مون لکي آهي. مان ڪجهه به نه لکڻ چاهيو پئي. منهنجي دل جي خواهش هئي ته مان شاهه عبداللطيف جا هي ٻه شعر لکان ها جن ۾ منهنجي جيون جو سڄو پيغام آهي. لڳندو اٿم پر يقين اٿم ته شاهه عبداللطيف هي شعر منهنجي لاءِ ئي لکيا هوندا...
(1) جيئڻ ڪارڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام....
(2) هڪ سسئي ٻيار سور، ويا پٽيدا پاڻ ۾

سلطانه وقاصي
مارچ 2015

سلطانه جا ڪالم : درد جي ڪهاڻي

ڊاڪٽر فهميده حسين

سلطانه جا ڪالم : درد جي ڪهاڻي

سلطانا وقاصيءَ سان منهنجا ڪيترائي سڱ آهن . ستر جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي نئين سجاڳيءَ ۾ سنڌي عورت کي فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهن جي ڏس ۾ هلايل تحريڪ ۾ جن سنڌي ليکڪائن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو انهن ۾ سلطانه به هڪ هئي. هن سان منهنجو پهريون ڀيرو تعارف سندس لکڻين ذريعي ٿيو جيڪي ملير ڊائجسٽ ۽ سهڻي رسالي کان سواءِ هلال پاڪستان اخبار جي “سگهڙين سٿ” نالي صفحي ۾ ڇپجنديون هيون جن ۾ هوءَ سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنهنجي اٽوٽ رشتي جو اظهار جذبي جي انتهائي حد تائين ڪندي هئي. انهن رسالن ۽ صفحن ۾ سندس لکيل ڪيترائي خط ۽ تاثر اڄ تاريخ جو حصو آهن جيڪي سندس جذبي جي سچائيءَ جي ساک ڏين ٿا. سندس ٻي سڃاڻپ سندس نثري نظم هئا، جن جو پنهنجو انداز ۽ ڊڪشن هو، جن ۾ پڻ هوءَ جذباتي حد تائين سچائيءَ جو پرتوو پسائيندي هئي. منهنجي لاءِ سندس ٽين سڃاڻپ هئي منهنجي ننڍي ڀيڻ انيس جي ساڻس دوستي – سلطانه سان منهنجي پهرين باقاعدي ملاقات به هڪ تاريخي حوالو رکي ٿي. سگهڙين سٿ ۽ پوءِ سوجهرو رسالي ۾ مون هڪڙو انٽرويوئن جو سلسلو جاري ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ ۾ جنهن به شعبي ۾ ڪنهن عورت ڪو به وڏو ڪم ڪيو هو، ان سان رهاڻ ڪري سندس زندگيءَ جي حالتن تجربن ۽ کيس پيش ايندڙ مسئلن ۽ معاملن کي منهن ڏيڻ واري حوصلي جي پڌرائيءَ ڪرڻ ضروري هو جنهن سان ٻين عورتن کي اتساهڻ جو مقصد رکيل هوندو هو. سنڌي ادب جي خاتون اول، اسان جي پنهنجي ثميره زرين جو ڏس مون کي سلطانه ذريعي مليو. جيڪا حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ سلطانه جي پاڙي ۾ سندن گهر جي ويجهو ئي رهندي هئي. سلطانه مون کي ۽ انيس کي پنهنجي گهر دعوت ڏئي گهرايو ۽ اتان پوءِ اسين گڏجي ثميره زرين جي گهر سندس انٽرويو وٺڻ ويون سين. ثميره زرين جو اهو پهريون انٽرويو هو جنهن ۾ هن پاڻ کي پڌرو ڪيو هو ۽ پنهنجي ذات ۽ خاندان بابت انڪشاف ڪيا هئا ته ڪيئن هوءَ شڪارپور جي هڪ پرديدار روايتي خاندان جي ڇوڪري سڪينه اعواڻ مان ثميره زرين بڻي – سلطانه سان ملڻ کان پوءِ اها خبر پئي ته سندس اصل نالو اڪرم سلطانه آهي ۽ سندس تعلق به ٽنڊي آدم جي هڪ روايتي پرديدار خاندان سان هو، پر جيئن ته سندس ناناڻي پاسي سندس ناني مرحوم علي خان ابڙي جهڙي عالم ۽ ان جي فرزند ۽ سلطانه جي مامي جمال ابڙي جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي يڪتا ڪهاڻيڪار جون شخصيتون، سندس سڃاڻپ ۽ علمي ادبي ورثي طور موجود هيون، ان ڪري مشڪلاتون هوندي به هن کي ادبي قافلي ۾ شريڪ ٿيڻ جو اتساهه مليو هو. علامه علي خان ابڙو منهنجي بابا جو استاد هو ۽ جمال ابڙو ادا سراج جو دوست ۽ سلطانه وري انيس جي دوست ۽ همڪلاسي – سلسلو ڳنڍجي پيو پر اڃا دوستيءَ جو رشتو ڪو نه ڳنڍيو هو. پوءِ جڏهن شاديءَ کان پوءِ سلطانه ڪراچيءَ شفٽ ٿي تڏهن هڪ طرف اسان جون ملاقاتون ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ علمي ادبي گڏجاڻين ۾ ٿيڻ لڳيون ته ٻئي طرف ٻارن جي اسڪول ۾ ملندا هئاسين جتي سلطانه جي ڌيءَ روماسا ۽ منهنجي ڌيءَ ارونا همڪلاسي ۽ دوست هيون. سلطانه پاڻ به سينٽ جوزف ڪاليج ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار هئي ۽ آءُ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾. ڪراچيءَ جا فاصلا وڏا آهن تنهن ڪري اسين گهڻو ڪري ملڻ کان وڌيڪ فون تي روزانو ڪچهري ڪنديون هيون سين ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پڪي دوستي ۽ ڀيڻپي جو ناتو ڳنڍجي ويو. ايتري قدر جو اسان جي ٻارن کي اسڪول ۾ “ڪزن” سمجهيو ويندو هو ۽ آهي.
نوي جي ڏهاڪي ۾ “جاڳو” اخبار شروع ٿي ته مون ان ۾ هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ساڳئي دور ۾ سلطانه “عوامي آواز” ۾ عورتن جو صفحو سنڀالڻ شروع ڪيو. جڏهن مرحوم ف.م لاشاريءَ جي هڪ حادثي ۾ دکدائڪ نموني وفات ٿي ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ جاڳو به بند ٿي وئي، ان دور ۾ مون به “عوامي آواز” ۾ هفتيوار ڪالم “منهنجون سوچون” جي نالي سان شروع ڪيا. اهڙيءَ ريت صحافتي دنيا ۾ ڪراچيءَ ۾ اسان جو هڪڙو ٻيو سڱ شروع ٿيو. انهيءَ ساڳئي دور ۾ مون ڪراچيءَ جي ڊفينس علائقي ۾ ۽ سلطانه به ڪلفٽن ۾ رهائش اختيار ڪئي ته پوءِ ويجهو رهڻ سبب هر ادبي، علمي ۽ سماجي تقريب ۾ اسين گڏجي وڃڻ لڳيون سين. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ مرحومه ارشاد قمر جي عورتن جي تنظيم “مارئي فورم”، مرحومه ڊاڪٽر در شهوار سيد جي تنظيم “اسوا” مرحومه رشيده عبدالله شاهه جي تنظيم “سرتين سٿ” ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سِگا) وغيره جي مختلف گڏجاڻين ۾ به وڃبو هو، جن سڀني جون گهڻو ڪري ميمبر خواتين ساڳيون هيون ته مقصد به ساڳيا هئا، انهن تنظيمن ۾ سلطانه تمام گهڻي فعال هوندي هئي ۽ ڪن ۾ عهديدار به هئي، جڏهن ته آءُ صرف ميمبر طور شرڪت ڪندي هئس. پوءِ ائين ٿيو جو محترم ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ مرحوم مظهر ميمڻ جي صلاح ۽ مشوري سان انهن سڀني کي گڏ ڪري هڪ تنظيم طور سگا خواتين شاخ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جنهن جي پهرين صدر مرحومه رشيده عبدالله شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري آءٌ ٿيس، جڏهن ته انفارميشن سيڪريٽري سلطانه وقاصي بڻي – اهڙي ريت اسان جو هڪڙو نئون تعلق به جڙيو – مطلب ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم طرفان ٿيندڙ امدادي، سهڪاري تقريب يا علمي ادبي گڏجاڻيءَ، سيمينار ڪانفرنس ۾ اسان جي موجودگي لازمي هئي ۽ ڪا به سرگرمي اهڙي ڪا نه هئي جتي اسين ٻئي گڏ نه هجون. بعد واري دور ۾ اسان جي دوستي ڀيڻ انيس گهانگهرو سان ٿي جيڪا پڻ اسان سان گڏ هوندي هئي. اسان گڏجي انهن تنظيمن جي پلئٽفارم تان گهڻو ئي ڪم ڪيو ۽ سنڌي عورت جي ڀلائيءَ ۽ سجاڳيءَ لاءِ علمي ۽ قلمي پورهيو ڪيو.
سلطانه جي قلمي پورهيي جو ذڪر نڪتو آهي ته ان ۾ سڀ کان اول سندس نثري نظمن جو ڪتاب دونهاٽيل درشن ڇپيو ۽ هاڻي سندس ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪالمن جو ڪتاب ٻن جلدن ۾ ڇپجي رهيو آهي. چوندا آهن ته اخباري ڪالم يا مضمون ۽ فيچر وغيره جي حياتي صرف هڪ ڏينهن جي هوندي آهي، ان کي جيڪڏهن اخبار ۾ ئي ڇڏي ڏجي ته پڙهندڙ جلد وساري ڇڏيندا آهن. اخبار ۾ ڇپيل سموري ادب لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو. مون 1972ع کان 1979ع تائين ستن سالن ۾ هلال پاڪستان اخبار جي سگهڙين سٿ جي انچارج طور هفتيوار ڪالم کان سواءِ سوين ليک لکي ڇاپيا هوندا جن ۾ انٽرويو، فيچر، تاثر، شاعري، ڪهاڻيون گڏ ڪجن ته هزارين صفحن تي مشتمل هوندا، پر اڄ خود مون وٽ انهن جو ڪو رڪارڊ ڪونهي، ساڳيءَ طرح جاڳو ۽ عوامي آواز جا ڪالم پڻ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن جن جو ڪو حساب ڪونهي. اڄ جي نسل کي ته شايد ڪيترين ڳالهين جي خبر به ڪانهي – اها ئي ساڳي ڳالهه محسوس ڪندي سلطانه اهو چڱو فيصلو ڪندي پنهنجا ڪئين سالن جا ڪالم سهيڙي ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سندس چواڻي هوءَ پاڻ به اهو ڏسي حيران رهجي وئي ته انهن جو تعداد ايترو هو جو هڪ جو هڪ نه پر ڪيترائي ڪتاب سهيڙي تيار ڪري سگهجن ٿا.
سلطانه وقاصي سنڌي ڪالم نگارن ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿي. هن جا دل جي خلوص ۽ جذبن جي سچائيءَ سان لکيل ڪالم پڙهندڙن ۾ تمام گهڻا مقبول رهيا آهن. انهن ڪالمن جي وڏي خوبي انهن ۾ موجود سنڌ امڙ جي لاءِ دل جو درد آهي جيڪو هوءَ ڪڏهن ڪاوڙ جي صورت ۾ ڪڏهن طنز (satire) جي صورت ۾ ته ڪڏهن سڌو سنئون سچ جي صورت ۾ تکي تلوار وانگر وهائي ٿي ڪڍي، هوءَ هڪ اهڙيءَ پل صراط تي بيٺل ٿي ڀائنجي جنهن تي ثابت قدم رهڻ لاءِ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. ڪالمه جو نالو هجي “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” جيڪي جڏهن وڌي وڻ ٿيون ٿين ته پوءِ اهي پَر ۽ پِر، پروان ۽ پنهنجن اڳيان کولي رکڻيون ٿيون پون ته جيئن سنڌ جي سورن جو ڪو تدارڪ ٿئي ۽ ان مان جيڪي پنهنجا هجن اهي گڏجي پون ۽ گهٽ ۾ گهٽ اهي ته ڪا موٽ ڏين، اهي ته ڪا جنگ جوٽين!
سلطانه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي، ڪراچي سنڌ سينگار، سنڌ جي مارئي، ڪراچي مورڙي جو ماڳ اجڙيل آهن، محبتن جو خون ٿيل آهي ۽ صحبتون هڙتالن ۽ هنگامن جي ور چڙهيل آهن. اهو درد هڪ حساس دل لاءِ ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ آهي. سلطانه جا ڪراچيءَ جي ماحول، حالتن ۽ مسئلن جي پس منظر ۾ سنڌين جي صورتحال ۽ بيوسيءَ بابت لکيل ڪالم هڪ طرح سان سنڌس ذاتي تجربي ۽ مشاهدي ۾ آيل وارداتون آهن جن کي آزاد ڪرائيندي جيڪو هر وقت “آدم بو آدم بو” ڪندو وتي. سنڌ جي هن سينگار ۽ ڪنوار ڪراچيءَ جي سهاڳ کي اجڙيندڙ مافيائن ڪنهن راڪاس وانگر ان جو گلو گهٽيندي ان کي رت ۾ وهنجارڻ جي جيڪا روايت وڌي آهي سلطانه پنهنجي ڪالمن ۾، ان جو نوحو پڙهندي ٿي ڏسجي. سندس مخاطب سنڌي اديب به آهن، نوجوان شاگرد به آهن ته عام ننڍڙا ننڍڙا ڪاروبار ڪندڙ، معمولي نوڪريون ڪندڙ ملازم به آهن. اهي ئي ته اصل سنڌ جا وارث آهن جن جي زندگين تي ڪراچيءَ جي حالتن جو اثر پوي ٿو. وڏيرا، مير ۽ پير ۽ امير حالتن خراب ٿيڻ تي ڳوٺ ڀڄندا يا وري دبئي، امريڪا، لنڊن – انهن جو ڪهڙو ڪراچيءَ سان جذباتي رشتو هوندو. هو ڪهڙو هتان جا مستقل رهندڙ آهن جو مهل اچڻ تي بيهي مار کائيندا يا مقابلو ڪندا. ڪراچيءَ ۾ غريب ۽ وچولو طبقو نڌڻڪو آهي ان جا احساس اصل ماري ٿو وجهي. سلطانه انهن لاءِ به سوچي ۽ لوچي ٿي.
سلطانه جي ڪالمن کي آءُ ته ان درد جي دانهن چوندس جيڪو سندس دل کي گهايل ڪري ٿي ڇڏي ۽ هوءَ بي اختيار قلم کڻي ڪاغذ تي اها دانهن تحرير ڪري ٿي ڇڏي.
منهنجي دعا آهي ته سلطانه جي قلم کي الله سائين ايتري سگهه ڏي جو هوءَ پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيندڙ ڳالهين کي پنهنجي حوصلي ۽ همت سان ائين ئي ڪندي رهي. سندس درد جي دانهن من ڪڏهن قبول پئجي وڃي.

پِٽيندي سائي، جنهن سُورُ ٻڌايو سَندرو،

زرار پيرزادو

پِٽيندي سائي، جنهن سُورُ ٻڌايو سَندرو،
ٻي هر ڪائي، هڻندي هٿ ميار جا!

انور پيرزادو صاحب 1990 ۾ جڏهن روزاني عوامي آواز جو ايڊيٽر ٿيو ته اخبار لاءِ جن ليکڪن يا ليکڪائن کي شروعات ۾ ڪالم لکڻ جي دعوت ڏنائين، تن ۾ سلطانه وقاصي به هڪ هُئي.
انور صاحب سلطانه وقاصيءَ کي جن سببن ڪري لکڻ جي دعوت ڏني هوندي سي هي هوندا: هڪ ته، انور پيرزادو پاڻ هڪ تمام وڏو فيمينسٽ هو. عورتن جي اظهار واري آزاديءَ جو پرچارڪ هو. هن پنهنجي گروءَ شاهه ڀٽائي کان ٻڌو هو ته”پٽيندي سا ئي، جنهن سور ٻڌايو سندرو، ٻي هر ڪائي، هڻندي هٿ ميار جا!“ هن کي سلطانه جي لکڻين ۾ اوتيل درد ۽ دانهن جو احساس هو. هن کي خبر هئي ته سلطانه وقاصيءَ جي لکڻين جو ڪعبو ڀٽائي جو هي شعر آهي ته”ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس، ڏور تائين ڏس، اکر جئائين جڙيا“.تنهن ڪري هو چاهي پيو ته مرد حضرات سان گڏ هو، ترقي پسند ليکڪائن کي به پنهنجيءَ سٿ ۾ کڻي هلي. ٻيو ته، هيءَ اُها سلطانه وقاصي هُئي جنهن سان انور پيرزادي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جي سيڪريٽري هوندي، هڪ ادبي پروگرام به ڪيو هو ۽ سندس شاعريءَ تي تڏهن مقالو به لکيو هيائين جنهن کي بعد ۾ سلطانه پنهنجي شعري مجموعي ”دونهاٽيل درشن“ ۾ مهاڳ طور شايع ڪرايو هو. سو انور صاحب کيس بحيثيت هڪ شاعره ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرم ڪارڪن طور به گهڻي وقت کان ڄاڻندو هو. هونئن ته سلطانه وقاصي گهڻي وقت کان لکندڙ هئي. فقيرمحمد لاشاري جي عوامي آواز ۾ ايڊيٽر شپ دوران به هن مضمون لکيا. پر بحيثيت ”ڪالم نگارا“ سلطانه وقاصي، انور صاحب جي ئي دريافت آهي. بقول سلطانه وقاصيءَ جي ته خود سندس ڪالم جو عنوان ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ئي انور پيرزادي تجويز ڪيو هو.
ايئن اڳتي هلي وري جڏهن مان عوامي آواز جي ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج ٿيس ته مون به جن ليکڪن يا ليکڪائن کي ڪالم لکڻ جي دعوت ڏني تن مان هڪ سلطانه وقاصي به هئي ۽ تڏهن منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي جڏهن سلطانه وقاصيءَ ساڳي عنوان ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ سان ڪالم لکڻ تي راضپو ڏيکاريو ۽ انور پيرزادي جي دور جي پئي آسيس ڏنائين. عوامي آواز ۾ هن عورتن جو صفحو ”سورمي“ ۽ اڳتي هلي ادبي صفحو ”تخليق“ به انچارج طور سنڀاليا ۽ ان ڪم دوران مون هن کي هڪ جاکوڙي، سنجيده، ڪميٽڊ، مستقل مزاج ۽ وقت جي پابند هئڻ طور، ڪم ڪندي ڏٺو.
اِها سٺي ڳالهه آهي ته هن پنهنجن انهن لکليل ڪالمن کي ساڳي عنوان سان ڪتابي شڪل ڏئي پنهنجي دور جي هڪ تاريخ کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. سلطانه وقاصي کي لکڻ لاءِ ايترا ته موضوع ۽ مواد آهن، لفظ ۽ جملا آهن جو هوءَ اهڙن ڪالمن تي ٻڌل الائي ته ڪيترا ڪتاب آڻي سگهي ٿي ۽ فڪري تخليقن جون نت نيون ڪائناتون ٺاهي سگهي ٿي. هُوءَ جيڪو ڪجهه لکي ٿي جيڪو ڪجهه سمجھي ٿي، سندس جيڪي به سياسي، ادبي ۽ سماجي آدرش آهن سي هر محب وطن ماڻهوءَ جا به آهن. آن دي ريڪارڊ اسين سڀ اهو ئي چاهيون ٿا پر اهو ڏسي سلطانه وقاصي صفا دنگ رهجي وڃي ٿي، سندس مٿو چڪرائڻ لڳي ٿو ته عملي طور پوءِ اونئن ڇو نه ٿي سگهيو آهي، جيئن اسين سڀ چاهيون ٿا. ضرور دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، ڪو مسئلو آهي، جنهن جا هُوءَ پيرا کڻڻ چاهي ٿي. ۽ پيرا کڻندي کڻندي آخرڪار هُوءَ مسئلن جي جَڙَ تائين پهچي وڃي ٿي. سلطانه جي ڪالم جا زوردار موضوع سنڌي عورت، سنڌي سماج، سنڌي ماڻهو، سنڌي ثقافت، سنڌي روايتون، سنڌ جي سياست، سنڌ جي بقا ۽ ترقي جو سوال، سنڌ جي تعليم، سنڌي نوجوان، سنڌي ادبي سنگت، سنڌي اديب، سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون، سنڌين جو تاريخي، سياسي ۽ سماجي استحصال ۽ ڌارين جا ڏنل ڏنڀ رهيا آهن.
سلطانه وقاصيءَ جو جيتوڻيڪ اهو ايمان رهيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هميشه زندهه رهندا. ڪابه طاقت انهن کي ختم نٿي ڪري سگهي. پر جيڪڏهن ڪير سنڌ ۽ سنڌي قوم کي نقصان پهچائي رهيو آهي ته سندس خيال ۾ اهي اسان پاڻ ئي آهيون. جنهن جي دليل ۾ ڪيترائي ڪالم لکيل آهن. اهو موقف انتهائي غير روايتي آهي. عام طور تي اسان سنڌي هر قسم جي استحصال ۽ محروميءَ کي ڌارين جي سازشن ۾ ڳولهڻ جا عادي رهيا آهيون پر سلطانه وقاصي ٻيو پاسو ڏيکارڻ جي جرئت ڪري حيران ڪري ڇڏي ٿي.
سلطانه وقاصي جو موقف آهي ته اسان زماني جي نظر ۾ جيئن آهيون، جيئن ڏيکارڻ چاهيون ٿا تيئن حقيقي طور تي ناهيون، اسانجي قول ۽ فعل ۾ زمين ۽ آسمان جيڏو فرق آهي. لکي ٿي ته”هي سنڌ جا رهواسي چاهي سڄي دنيا گهمي اچن پر سندن سوچ ۽ ذهنيت اها ئي رهي ٿي. پنهنجي وطن ۾ اچي هو پنهنجن گهر واسين سان ¬اهو ئي رويو رکندا آهن جو ڪڏهن ڪڏهن شڪ ٿيندو آهي ته هي ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ دنيا گهُميل آهن!“ سلطانه وقاصيءَ جو خيال آهي ته ”اسان حقن ۽ فرضن جون ڳالهيون ته ڪندا آهيون، وڏا وڏا دليل پيش ڪندا آهيون، مذهبن ۾ڏنل ڳالهيون ياد ڏياريندا آهيون، پر اهي ئي حق ۽ فرض جڏهن عورتن جي حوالي سان سامهون ايندا آهن ته اسان جون دليون ۽ ذهن ننڍڙا ٿي ويندا آهن. جڏهن به حق داريءَ جا مسئلا اڀرندا آهن ته اسان جا مرد، ڀائر ۽ پيئر سنڌي مرد ٿي ويندا آهن“.
سنڌين جو پنهنجي سماج، سياست، ادب، تاريخ ۽ ثقافت ڏانهن به اهڙو ظالماڻو رويو رهيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”اوهان جيڏو پاڻ کي مهذب، روشن خيال، ترقي پسند، انصاف پسند ڄاڻايو ٿا عملي طور بنهه ان جي ابتڙ آهيو“ ۽ اهو سڀ سلطانه لاءِ ناقابل برداشت رهيو آهي. هن پنهنجن ڪالمن ۾ سنڌين کي اهڙين غلط فهمين توڙي خوش فهمين مان ڪڍي پنهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ ۽ حقيقت پسند ٿيڻ تي پئي زور ڏنو آهي. چئي ٿي ته”عام سنڌي ماڻهو سجاڳ آهي. ان جي ذهني تربيت ٿي چُڪي آهي. هاڻ تربيت ڪرڻي آهي سنڌي سياستدانن جي. اهي سياستدان ڳالهه ته ڪن ٿا، سنڌ جي ماڻهوءَ جي، ان جي مسئلن جي پر هو سڀ متحد ٿي نٿا سگهن، پنهنجن هٿن سان هٿ ملائي هڪ مضبوط قوت نٿا بڻجي سگهن. سڀ ڪو پنهنجي الڳ چُلهه ٻاريو، ڪُنو چاڙهيو ويٺو آهي، مٿان وري دعويٰ آهي ته اسان ئي سنڌين جا همدرد ۽ هڏ ڏوکي آهيون. جڏهن ٿا ملن ووٽ انهن کي ۽ پهچن ٿا اسيمبلين ۾ ته اها ڳالهه ئي انهن کان وسريو وڃي ته کين ان رستي تي پهچائڻ وارو ڪير آهي، مان سياسي ليڊرن جي ڪردار تي زور ان ڪري پئي ڏيان ته اسان جي ماحول ۾ اديب ۽ شاگرد پنهنجي ليکي جدوجهد ڪن پيا، قربانيون ڏين پيا، واٽون ٻڌائن پيا، رستا کولين پيا، پر قوم جي قسمت جو مدار وري به سياستدانن تي اچي ٿو.“ ٻئي هنڌ لکي ٿي ته”اڄ اسان تاريخ جي ان موڙ تي بيٺا آهيون جتي اسان جا دشمن اسان کي چئني طرفن کان وڪوڙي ويا آهن ۽ اسان پاڻ به پنهنجا سڄڻ نه آهيون. اسان کي پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان بيحد پيار آهي. انفرادي طور رڙيون پيا ڪندا آهيون، هڪٻئي کي ميارون پيا ڏيندا آهن، پنهنجي قوم جي بدحاليءَ تي پريشان رهندا آهيون پر جڏهن اجتماعي طور اسان هڪ هنڌ گڏ ٿي ڪجهه ڪرڻ چاهيندا آهيون ته اسان ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهيون ٻيو ته ڇڏيو هڪ ٻئي کي سهندا به نه آهيون. اسان سنڌ واسين پنهنجو ٻيڙو پاڻ ٻوڙيو آهي، هڪٻئي لاءِ بغض ۽ ڪينو رکي ويٺا آهيون“. هوءَ لکي ٿي ته ”سياستدان ۽ مفاد پرست ماڻهو وقت سر پنهنجي ضمير جو سودو ڪندا آهن پر جڏهن اديبن جو به پنهنجو ڪردار صحيح نه هجي ته باقي ڇا بچيو؟!“
سندس خيال رهيو آهي ته سنڌ جي وجود جو آخري بچاءُ بند اديبن جو آهي. جيڪڏهن اهو بند ٽٽي پيو ته پوءِ ڪجهه به نه بچندو. ان ڪري هوءَ اديبن کي جڏهن به ڀور ڀور ٿيندي ڏسندي آهي ته پريشان ٿي ويندي آهي. هن کي ان ڳالهه جو ارمان بهرحال هميشه رهيو آهي ته هن جڏهن به اميدن جو ڪو ڏيئو ٻاريو آهي ته اُهو اجھامي ويو آهي. ڇو، آخر ڇو؟ هوءَ نه رڳو پاڻ اهو سمجھڻ چاهي ٿي پر سمجھائڻ به چاهي ٿي. هن سنڌي ادبي سنگت کي اميدن جو ڏيئو بڻائڻ چاهيو ته ان ۾ خود سنگت کي جلندو ڏٺائين. بي ادب، بي اديب، ڪوڙيون چونڊون، ڪوڙيون ميمبر لسٽون، ڪاغذي ۽ نام نهاد تنظيمون، هن کي تڏهن ڏندين آڱريون اچي ويون جڏهن مٿس انڪشاف ٿيو ته هڪ شاخ جي سيڪريٽريءَ ”انور“ جو نالو “عنور“ ڪري لکيو.”مار! هتي ته ڪجهه به ٺيڪ ناهي. فراڊ، منافقي ۽ بدديانتي جي ته انتها ٿي وئي. پوءِ هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي، ٻئي هٿ مٿي تي........آخر هي سڀ ڇا آهي؟ شاگرد ڏسو ته کين اها به خبر ناهي ته ڀٽائي ۽ سچل ڪير آهن؟ اهي آهن سنڌ جا معمار! عورتن کي ته کنگهن ئي نه. بهادر هجي ته چوندا ”مرد ماڻهو“ آهي. ڇو؟ عورت بهادر نٿي ٿي سگهي ڇا؟“
اهي ۽ اهڙا انيڪ سوال، ڇُڀندڙ سوال، جوابي سوال، دانهون ڪوڪون ڪندڙ لفظ، سراپا احتجاج ، چٽا، بي ڊپا باغياڻا لفظ ۽ جملا، طاقتور دليل بحث مباحثا، سماجي، سياسي ادبي توڙي شخصي بي واجبين ۽ ناانصافين تي ڀرپور ، منهن تي سچ چئي ڏيندڙ آهي آواز-سلطانه وقاصيءَ جو.
سلطانه وقاصي انهن ليکڪائن مان هڪ آهي جن صرف لکيو ئي ناهي ۽ لکي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ رڳو ڦاسايو ئي ناهي پر هن مسئلن جي حل جي راهه به ٻڌائي آهي. هن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود جي بقا ۽ ترقيءَ جو نسخو ٻڌي، درست رخ ۾ جاکوڙ ۽ مثبت سوچ“ کي ڄاڻايو آهي. سندس خيال آهي ته اسان سنڌي پاڻ سان سچا ٿي وڃون، ٻين تي نه ڀاڙيون، ڌارين کي ڀليڪار چئي پنهنجن پيرن تي ڪهاڙو نه هڻون، ٻيائي نه ڪيون، قول ۽ فعل ۾ فرق نه رکون، ته ڪو سبب ناهي ته اسان ڪامياب نه ٿي سگهون.
سلطانه صرف مسئلن تي سوچيو ئي ناهي پر پڙهندڙن کي به سوچرايو آهي...۽ سلطانه جي لکڻين جو سڀ کان طاقتور پهلو اهو ئي آهي ته سندس لکڻين کي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ به انهن تي سوچڻ لاءِ مجبور ضرور ٿئي ٿو.
سلطانه جي لکڻين اهو به ثابت ڪيو آهي ته”سچ“ جو اظهار خوبصورت ٻولي ۽ لفظن جو محتاج ناهي. ”سچ“ جو اظهار سراپا سونهن آهي. خيال طاقتور آهي، بي ساختا آهي، چٽو ۽ کليل، ان ۾ درد آهي ۽ درد جي شدت آهي ته پوءِ اهي لفظ ۽ جملا پاڻ ئي پڙهندڙ جي اندر ۾ پيهي ويندا آهن.
اندر ۾ پيهي ويندڙ سندس لفظ، جملا ۽ خيال ڪجهه هي به آهن ته: ڪيتريون ڳالهيون نه ڪرڻ جون نه سلڻ جون پر جي ملي وڃي ڪو پنهنجو ته دفتر کليو وڃن، سچ پچ لکندڙ سان هڪ وڏي ويڌن اها به آهي ته هو دنيا جا سور سنڀالي يا پنهنجا.....احساس ڀريو هانوُ ۽ ڏکن سان ڀريل دِل آخر ڪنهن وٽ ناهي. ڪهڙو ناتو آهي هڪ لکندڙ جو پڙهندڙ سان؟ انهيءَ سوچ ۾ آهيان ته ڇا لکان؟ ۽ ڇا نه لکان. ان لکڻ ۽ نه لکڻ جي وچ ۾ جيڪا پل صراط آهي ان کي پار پوڻ ۽ پاڻ سان گڏ پڙهندڙ کي به ان پل صراط تي وٺي هلڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي. ڇا اسان وٽ صاف سٿري سياست هاڻي ڪڏهن نه ٿيندي، علامه آءِ آءِ قاضيءَ چيو ته سڪن سان گڏ ساوا ان ڪري سڙندا آهن جو انهن پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي نه وري سڙڻ مهل ڪو احتجاج ڪيو، ڪو سڏ ڏنو ۽ واڪو ڪيو“. ٿر ڪانفرنس تي لکيل ڪالم جو هي ٽڪرو پڙهو: مٺي شهر ۾ منجھند جو ماني کائي ٻاهرين پاسي ڪرسيءَ تي اچي ويٺس ته اتان جي ڪن غريب ٿرين ماني پئي کاڌي. هڪ هيڏو سارو وڏو ڇوڪرو ٻئي ماڻهوءَ کي ڪڪڙ روسٽ جو ٽڪر ڏيکاريندي پڇي پيو ته هن کي ڪيئن کائبو.....! منهنجي دل ۾ مونجهه پئي ٿي. اسان جيڪي ٿر ڪانفرنس ۾ اچي گڏ ٿياسين ڇا اسان انهن جو نصيب مٽائي سگهون ٿا. صرف کاڌا کائي گهمڻ ڦرڻ مسئلن جو حل ناهي.“
اهڙي سچ ڳالهائڻ، سچ لکڻ، ڪمپرومائيز نه ڪري سگهڻ ڪري سلطانه وقاصيءَ عملي طور گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي، پنهنجن ۽ پراون جون ناراضگيون به سَٺيون، آهن ۽ پوءِ اڪيلي سر زماني جا جيڪي جبل جھاڳڻا پيس. تنهن کي اسان هڪ باضمير ليکڪا طور سندس حصي جي ڏنل هڪ وڏي قرباني تصور ڪيون ٿا. هن ثابت قدم رهي ڪري ۽ مسلسل جاکوڙ ڪرڻ عيوض پاڻ کي پنهنجن پيرن تي بيٺل، هڪ مثالي ۽ رول ماڊل سنڌي عورت پڻ بڻائي ڏيکاريو آهي.

جذباتي ۽ بيباڪ ليکڪا جون کريون ڳالهيون

محمد سليمان وساڻ


جذباتي ۽ بيباڪ ليکڪا جون کريون ڳالهيون


سلطانا وقاصيءَ جو نالو سنڌ جي انهن چند عورت ليکڪائن مان هڪ آهي جن پنهنجي قلم جي نوڪ ذريعي معاشري جي نا انصافين، ڏاڍاين ۽ نا مناسب حالتن تي بي باڪي ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي. هوءَ جنهن جو تعلق سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم شهر جي هڪ زميندار گهراڻي سان رهيو آهي ۽ لاڏ ڪوڏ سان پلي آهي، سندس گهر ۾ ادبي ماحول رهيو ۽ سڀ ڪتاب کيس دستياب مليا. ڳوٺ ۾ رهندي به هن علم حاصل ڪيو جنهن جو سهرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانهن وڃي ٿو جيڪو پنهنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سندس ناناڻي خاندان جو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ وڏو نالو رهيو آهي. ناميارو عالم علامه علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشهور ليکڪ جمال ابڙو سندس مامو آهي. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانه وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ جا ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انهن جو مقابلو به ڪيو ۽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ جڏهن لساني فساد چوٽ چڙهيل هيا تڏهن به هن اڪيلي سر اتي ويهي حالتن سان مهاڏو اٽڪايو. سندس ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءَ به اتساهه جو سبب بڻي ۽ اهڙي وقت ۾ هن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن، ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. هو هڪ جذباتي ۽ بهادر عورت آهي ۽ جذباتي عورتون هر جاءِ تي مصلحت پسندي کان ڪم ڪونه وٺنديون آهن. اهوئي سبب آهي جو سندس لکڻيون ڪيترن ادبي ۽ سياسي شخصيتن کي نه وڻيون.

منهنجو هڪ ڊگهي عرصي کان اخباري دنيا خاص ڪري سنڌي اخبارن ۽ رسالن سان پڙهڻ جي حد تائين تمام ويجهو ناتو رهيو آهي. ان سبب ئي ادبي دنيا سان به لاڳاپو رهيو. ڪالم پڙهڻ منهنجي ڪمزوري آهي. ڪراچيءَ ۾ اچي نوڪري ڪرڻ ۽ وري جڏهن کان سوشل ميڊيا سان تعلق رهيو ته ڪالم نگارن ۽ اديبن سان به ويجهڙائي ٿيندي وئي. ڪجهه سينيئر دوستن جڏهن ڪرم الاهي چنا وٽان پبليڪيشن جو ڪم ڪرايو ته ڪجهه ڪتابن جي پروف ريڊنگ جو ڪم دوستي ياري ۾ ڪرڻو پئجي ويو. تازو سنڌ جي نامياري ليکڪا سلطانه وقاصي چيو ته سندس ڪالمن جي ڪتاب جي پروف ريڊنگ ڪيان. ڪالم ۽ شاعري جي پروف ريڊنگ سولي ناهي، ڇو ته انهن ۾ لکيل مڪالما ۽ لفظ خاص انداز سان استعمال ڪيا ويندا آهن جن کي اهو شاعر ۽ ليکڪ ئي بهتر سمجهندو آهي. پروف ريڊنگ پوري ڪيم ته مونکي ڪتاب لاء ڪجهه لکڻ جو به حڪم مليو. ڪتاب لاء گهڻو ڪري مهان يا ناليواري ليکڪن کان لکرايو ويندو آهي. منهنجي خوشنصيبي آهي جو ميڊم سلطانا چيو ته اوهان سوشل ميڊيا جا ماڻهو آهيو، اوهان پنهنجي راءِ ضرور لکو.

هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي. هن بلڪل صحيح لکيو آهي اسان جو معاشرو جيڪو مردانه معاشرو آهي، جتي عورت کي ايتري اهميت ناهي ملي سگهي. پر ساڳي وقت هڪ شيءِ جي گهٽتائي نظر اچي ٿي ته هو ڪٿي به اهڙن عورت ڪردارن جي خلاف لکندي نظر ڪانه آئي جيڪي به عورت تي تشدد ۽ ڏاڍ جو حصو رهيا آهن. هوءَ وڏيرياڻين، ظالمن ۽ پئسي وارن جي زالن تي به ڪجهه ڪانه لکي سگهي آهي جيڪي پنهنجي مڙسن سان گڏ ظلم ۾ ڀائيوار آهن.
سلطانا وقاصي جي ڪالمن جو هڪ وڏو حصو سنڌ سان عشق ۽ سنڌ جي وحدانيت تي ڪيل وار تي لکيل آهي. پاڻ سنڌ کي سنڌ مُلڪ لکي اهو ثابت ڪري رهي آهي ته اسان جي ثقافت، ٻولي ۽ وجود هزارين سالن کان هلندو اچي، تنهنڪري سنڌ وارن کي پنهنجي ڌرتي کي هڪ ملڪ طور ئي ثابت ڪرڻو پوندو. پناهگيرن ۽ مهاجرن جي گهيري ۾ آيل سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي هاڻوڪي بيوسي تي ليکڪا جتي رنجيده آهي اتي سندس احساس، سندس سوچون ڀور ڀور ٿيندي نظر اچن ٿيون. پر پوءِ به هوءَ ڪٿي به اميد جو دامن ڪانه ٿي ڇڏي، ننڍڙيون ننڍڙيون ڪوششون به کيس اميد جا ڪرڻا پيون لڳن. سندس نوي جي ڏهاڪي ۾ لساني وڳوڙ ن ۾ قتل ۽ تشدد ٿيل سنڌين ۽ ان وقت جي حالتن تي لکيل ڪيئي ڪالم پڙهڻ جهڙا آهن. سياستدانن جي مايوسين تي عوام کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿائين پر سنڌي عوام اگهور ننڊ مان اٿڻ کان قاصر ٿو نظر اچي. هو ءَ پناهگيرن جي روين ۽ سياست کان بيزار نظر اچي ٿي پر بيوس به نظر اچي ٿي جو اسان جا سياستدان ٽَڪي پيسي تي وڪامجي ، ڪرسي جي پويان هلندي سنڌ جي مفادن جا پل پل تي سودا ڪندا رهيا آهن.

سلطانا وقاصي پاڻ اديبا، ليکڪا ۽ شاعره هجڻ ڪري سنڌي ادبي سنگت ۾ گهڻي متحرڪ رهي آهي، تنهنڪري پاڻ ادبي سنگت ۽ اديبن جي سياست، ڪردار ۽ تحريڪن تي خوب لکندي رهي آهي. هوء ڪافي جاين تي اديبن ۽ ادبي سنگت جي ڪردار کان مايوس لڳي ٿي، اهوئي سبب آهي جو تنقيدي ڪالم لکيا اٿس پر ساڳي وقت هو تنقيد براءِ تنقيد بجاءِ ڪيترائي حل پيش ڪندي رهي آهي. پر جڏهن ويڪائو اديب سنڌ جي مفادن خلاف نظر اچنس ٿا ته انهن خلاف بغير خوف ۽ ڊپ جي لکندي رهي ٿي. اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي اديب کيس پسند ڪونه ٿا ڪن. ساڳي وقت هوءَ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن تي به لکي ٿي، انهن جي تبديلي تي لکي ٿي. اتي موجود شخصيتن جي منفي ۽ مثبت ڪردان تي لکي ٿي. هوءَ تعليم ، هنر، چٽاڀيٽي ۽ ميرٽ تي يقين رکندڙ آهي، اهوئي سبب آهي جو ڪيترين جاين تي هن ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ۾ به لکيو آهي ۽ هوءَ چوي ٿي ته ڪوٽا بجاءِ چٽاڀيٽي ۽ قابليت جي بنياد تي اڳتي وڌجي. پر انهيءَ حقيقت کان به منهن موڙڻ ڏُکيو آهي ته شهر ۽ ڳوٺن جي تعليمي سرشتي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي جنهن کي ڪيئن ختم ڪجي.
سياسي حالتن ۽ شخصيتن تي چِٽو موقف رکي لکندڙ سلطانا وقاصي جا ايم ڪيو ايم جي هيڊ ڪوارٽر نائن زيرو تي وڃڻ وقت محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڄام صادق علي جي دور ۾ ايم ڪيو ايم کي ڏنل ڍيل ۽ اختيارات بابت سندس ڪالم لاجواب آهن جن ۾ هن سانگهڙ، دادو ۽ لاڙڪاڻي جي شخصيتن تي ڪمال جي تنقيد نگاري ڪئي آهي. ان وقت جي اخبارن جي ايڊيٽرن کي به جس ڏيڻ گهرجي جن اهڙا بولڊ قسم جا ليک اخبارن ۾ شامل ڪيا.

جيتوڻيڪ ڪافي سارن ڪالمن ۾ يڪسانيت به آهي جيڪا پڙهندڙ کي بور ڪندي پر پوء به هي ڪالمن جو ڪتاب هڪ تاريخ آهي. جيڪا سنڌ جي ان وقت جي حالتن جي شاهد آهي. ڪالمن جي پنهنجي افاديت هوندي آهي، ڪيئي ڪالم وقت ۽ حالتن وقت لکبا آهن جيڪي پوء پنهنجو اثر وڃائي ويهندا آهن پر ساڳي وقت اهڙا لا تعداد ڪالم به موجود آهن جيڪي اهو ظاهر ڪن ٿا ته ليکڪا جو مشاهدو ڪيڏي ڪمال جو هيو جو اڄ جون حالتون ان وقت جي ڪالمن ۾ لکيون ويون آهن. سنڌ جي علمي ادارن، ادبي ادارن، درسگاهن، سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهرن، سنڌي عورتن، معاشرتي براين، ڪارو ڪاري جهڙي ريتن ۽ رسمن، بدلي جي شادين، سنڌ جي نوجوانن، سنڌ جي عورتن، سنڌ جي سياستدانن، سنڌي اديبن، سنڌ جي عوام ۽ ووٽرن، سنڌ جي جوڌن ۽ قومي هيرن، سنڌ جي سماجي خدمتن جي تنظيمن، ادبي تنظيمن، سياسي تنظيمن، بهارين، بنگالين، برمين ۽ افغانين سميت سنڌ ۾ آيل پناهگيرن سميت روز مره جي سڀني واقعن تي ليکڪا جا احساس ۽ سوچون پڙهڻ وٽان آهن.
جيتوڻيڪ اڄڪلهه سلطانا وقاصي تمام گهٽ لکي رهي آهي پر پوءِ به سندس هي ڪتاب سنڌ جي ادبي ۽ صحافتي لڏي ۾ ضرور مقبوليت ماڻيندو.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزاي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
25 جنوري 2015

ڳالهيون پيٽ ورن ۾

---

سنڌين جي بقا ۽ فنا وچ ۾ پلصراط

ڪهڙو ناتو آهي هڪ لکندڙ جو پڙهندڙ سان؟ لکندڙ چاهي مون جهڙو ننڍڙو قلمڪار هجي يا وري ڪو مهان اديب. فرض، ناتا، رشتا لکندڙ جا پڙهندڙ سان هڪجهڙائي هوندا آهن. اڄ هي پهريون ڪالم لکڻ مهل منجهي پئي آهيان. انهيءَ سوچ ۾ آهيان ته ڇا لکان؟ ۽ ڇا نه لکان؟ ان لکڻ ۽ نه لکڻ جي وچ ۾ جيڪا پلصراط آهي اُن کي اُڪري پار پوڻ ۽ پاڻ سان گڏ پڙهندڙ کي به اُن پلصراط تي وٺي هلڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي.
ڏکيو ته هر ڪم آهي، هر مسئلو آهي. ها مرڻ سولو آهي سنڌين جو ۽ جيئڻ ڏکيو آهي. سنڌين جو رت نه ٿيو. رنگ ٻڏل پاڻي جيڪو جت به هارجي، جت به وهائجي ثواب جو ڪم آهي. سنڌي غدار آهن، سنڌي ڪافر آهن، سنڌي ڌاڙيل آهن. سنڌي ڀُوڪ آهن. هت بي عقلن جي بادشاهي آهي. عام ماڻهوته ڍور ڍڳو آهي. انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو قصو لڳو پيو آهي.
هاڻ ڏسڻو هي آهي ته هن انڌير نگري چرٻٽ واري ماحول ۾ جيڪو سالن کان وٺي جاري ساري آهي. ڇا اُن ۾ عام سنڌي ماڻهو بي عقل آهي؟ ڍور ڍڳو آهي؟ ڇا اڄ به اُن کي ڏنڊي جي زور تي هڪلي سگهجي ٿو؟ سچ ته هي آهي ته عام سنڌي ماڻهوءَ کي هميشه جانور سمجهي، بي عقل ۽ اٻوجهه سمجهي هڪليو ويو آهي. جڪڏهن اُن بي سمجهه عام سنڌيءَ کي ڪم ٽپائي پوءِ ظلم جي انڌيري ۾ ڦٽو ڪيو ويو ته اُن بعد هو عام سنڌي ماڻهو، اڪيلو، پريشان ۽ بدحال ٿي ويو ته پوءِ اها خطري جي ڳالهه آهي جيڪڏهن هن پاڻ کي اُن انڌيري مان ڪڍڻ جي لاءِ هٿ پير هنيا، جدوجهد ڪئي، قربانيون ڏنيون. اُن جدوجهد ۽ قربانين ۾ ساٿ ڏنو قلمڪارن واٽون ٺاهيون رستا کوليا، روشنيون ڦهلايون اديبن ۽ دانشورن .....
ان مليل جليل جدوجهد جنهن ۾ هر ڪنهن پنهنجو ساٿ چڱي طرح نڀايو. انهيءَ جدوجهد ۽ قربانيءَ جو حاصل اهو ٿيو جو هر سنڌي چاهي هو شهر ۾ رهندڙ هجي يا ٻهراڙيءَ ۾، واهڻ ۾ رهندڙ هجي يا جبلن ۾، اُن هڪ متفق فيصلو ڪيو. اُهو فيصلو ايڏو ته مضبوط ڪيو. اُهو فيصلو ايڏو ته مضبوط، ايترو ته طاقتور هو جو وڏا وڏا اڙٻنگ وڃي پٽ پيا. ان بحث ۾ پوڻ اجايو آهي ته اُهو فيصلو صحيح هو يا وري غلط، پر سنڌي ماڻهن تان اهو طعنو لٿو ته سنڌي ڀوڪ آهن، بي عقل آهن، يا وري جانور آهن..... جن کي ڏنڊي جي زور تي هلايو ويندو هو. شعور، جاڳرتا ۽ سچائيءَ عام ماڻهوءَ کي اهڙي واٽ ڏيکاري جو اُن واٽ تي هلندي، ڪنهن به پير، مير، ۽ سرمائيدارن جي دڙڪن، دهمانن، واعدن ۽ قسمن، ظلم ۽ زياتيون ڪنهن به طريقي سان اُن کي روڪي نه سگهيون.
مطلب ته اها ڳالهه واضح ٿي ويئي ته سنڌي متحد ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪير انهن کي متحد ڪرڻ چاهي.... عام سنڌيءَ جو هي فيصلو ڪو معمولي فيصلو نه هو. اُن فيصلي هن ملڪ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. اُن عام سنڌيءَ جي قوت ۽ فيصلي وڃي ماڻهن کي تخت تاج جو وارث بنايو .....
وزارتون ۽ سفارتون ڏياريون.... افسوس جي ڳالهه ته هيءَ آهي ته ايڏو وڏو انقلاب اچڻ کانپوءِ قدر نه ٿيو ته اُن عام سنڌيءَ جو نه ٿيو جيڪو اصل طاقت، اصل بنياد هو اُن انقلاب جو دهشتگردن باهه ٻاري ڏني. هيڏا قتل ٿيا. هيڏا ظلم ۽ زيادتيون ٿيون پر ڪنهن به سنڌيءَ جي مٿي تي هٿ نه رکيو. ڪنهن به اُنهن جي رکوالي نه ڪئي. ڏوهه ڪنهن جو آ، جوابدار ڪير آهن؟ سڀ ڪنهن کي خبر آهي. اُن ڪري اُن پس منظر ۾ وڃڻ جي ضرورت ئي نه آهي. هاڻ ته فيصلو هي ڪرڻو آهي ته آئينده ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هاڻ وري اچي ويو آهي هڪ وڏو انقلاب. اُن اٿل پٿل ۾ اسان جهڙن قلمڪارن کان وٺي هر سنڌي حيران پريشان آهي. آهن به ته پريشان ڪندڙ حالتون! اڄ سنڌ ۾ زندگي گذارڻ هڪ مسئلو آهي، اڄ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واريون حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن. مطلب ته فنا ۽ بقا جي پلصراط تي بيٺل سنڌيءَ جون حيرت وچان اکيون ڦاٽي ويون آهن. دماغ مائوف ٿي ويو آهي. سوچن جي سمنڊ ۾ غلطان آهي اڄ جو سنڌي آهي به ته حيراني جهڙي ڳالهه؟اچرج ۾ وجهندڙ آهن هي حالتون...... سنڌ جي حالتن تي لکيل تاريخ جو هي صفحو جيڪو هاڻ لکيو پيو وڃي ۽ اُن تي جيڪا ڪارنهن ملي پئي وڃي. ڪنهن سوچيو آهي ته سنڌين جو آئينده نسل (جيڪڏهن بچيو) ڇا سوچيندو، ڇا راءِ قائم ڪندو؟ اڄ جي اُنهن سياستدانن جي باري ۾ جيڪي بي ضميريءَ جي انتها تائين پهچي ويا آهن. وڏ گهراڻا سياستدان جن کي هر حالت ۾ ڪرسي کپي، گهر جي ڀاتين مان هڪ حزب اقتدار ۾ آهي ته ٻيا حزب اختلاف ۾، بهانو اهو آهي ته سائين منهنجا! اهو اُن منهنجي ڀاءُ جو ذاتي فيصلو آهي. آهي ته اسان جو ئي ڀاءُ پر جهل اصل نه ٿو ڏئي. اهي ماڻهو جن کي سچو سمجهيو ويو. جن کي سنڌي عوام پنهنجو هڏڏوکي سمجهيو اڄ اهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٽپ ڏيئي وڃي ڪرسين تي ويٺا آهن ۽ چون ٿا ته اسان قوم پرستيءَ جي حوالي سان خدمت ڪرڻ آيا آهيون...... وزارتون ۽ سفارتون وٺڻ ڪو ڏوهه جو ڪم نه آهي. آخر سنڌي ڇو نه وزير ٿين ڪامورا ٿين. اها ڳالهه ته خوشيءَ جو باعث آهي. افسوس ته صرف اُن ڳالهه جو آهي ته ٿوري وقت لاءِ پنهنجو ضمير وڪڻي اُنهن سان گڏ وڃي ويهجي جيڪي سنڌين جي جوانن جي خونن جا جوابدار آهن. جيڪي سنڌين جي نياڻين ۽ ڀيڻن جي عزتن جا قاتل آهن، اُهي جن سنڌين کي اقتصادي توڙي سماجي طور تباهه ڪيو آهي. اُنهن سان گوڏو گوڏي ۾ ملائي وڃي ويهجي ته هي اسان جا ڀائر آهن....مان سمجهان ٿي ته جيستائين سنڌي متفق ٿي اهو فيصلو نه ڪندا ته ڪير اسان جو دشمن آ ۽ ڪير اسان جو سڄڻ آهي، اوسيتائين ڪا به روشن واٽ نه ملندي. عام سنڌي سجاڳ آهي. اُن جي ذهني تربيت ٿي چڪي آهي. هاڻ تربيت ڪرڻي آهي سنڌي سياستدانن جي اُهي سياستدان ڳالهه ته ڪن ٿا سنڌ جي ماڻهوءَ جي، اُن جي مسئلن جي پر هو سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿي متحد ٿي نه ٿا سگهن. پنهنجن هٿن سان هٿ ملائي هڪ مضبوط قوت نه ٿا بڻجي سگهن، سڀ ڪو پنهنجي الڳ چلهه ٻاريو، ڪنو چاڙهيو ويٺو آهي. مٿان وري دعويٰ اها آهي ته اسان ئي سنڌين جا همدرد ۽ هڏڏوکي آهيون. جڏهن ٿا ملن ووٽ اُنهن کي ۽ پهچن ٿا هو اسيمبلين ۾ ته اها ڳالهه ئي انهن کان وسريو وڃي ته اُنهن کي اُن رتبي تي پهچائڻ وارا ڪير آهن. اها خواهش ته هاڻ هر سنڌيءَ جي دل آهي ته ڪاش هي سڀ سياستدان هڪ هنڌ متحد ٿي هڪ مضبوط پليٽ فارم ٺاهين. پنهنجي ذاتي خود غرضين ۽ انا کي ڇڏي گڏجي پون ته پوءِ هن ڌرتيءَ جو پيٽ ئي ٺري پوندو.

آچر 2 سيپٽمبر1990ع

تاريخ جي صفحن تي منڌيئڙا

ڪي تاريخون حالتن مطابق لکيل هونديون آهن. ڪن تاريخن کي لکرايو ويندو آهي. ڪي تاريخون اهڙيون هونديون آهن، جن کي گڏ ڪري ڇنڊ ڇاڻ ڪري ليکڪ دانشور سهيڙيندا ۽ جوڙيندا آهن. سنڌ جي تاريخ ۽ روايتن کي وقت ۽ حالتن ڪافي حد تائين ميساري ڇڏيو آهي، اڃا تائين موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي سمجھيو نه ويو آهي، ان ٻوليءَ کي پڙهڻ کان پوءِ جيڪي حقيقتون ظاهر ٿينديون سي تاريخ جو سونهري باب هونديون. وري به شابس آهي هتان جي ڀَٽ فقيرن ، مڱڻهارن ۽ انهن عورتن کي جيڪي شادين مرادين ۾ ڳائينديون وڄائينديون هيون. هي سڀ ذريعا آهن جن سنڌ جي پراڻن ۽ قديم کان قديم قصن ڪهاڻين ۽ روايتن کي زندهه رکيوآهي. سنڌ جي ماڻهو جي اها فطرت رهي آهي ته هن بي جا ڪنهن به حاڪم يا وڏي ماڻهو جي مدح سرائي نه ڪئي آهي، ها باقي وقت جي نيڪ انسانن، سخي حڪمرانن عشق ۽ محبت جي قصن، جنگين ۽ انُهن جنگين ۾ حصو وٺندڙ جوڌن جي سورهيائي کي ڳايو وڄايو آهي. اهو هڪ ذريعو هو انهن ڀَٽَ فقيرن ۽ مڱڻهارن جي پيٽ قوت جو. اُنهن ويچارن کي اها ته خبر ئي نه هئي ته هو نسل در نسل انهن قصن ڪهاڻين کي منتقل ڪري سنڌي قوم ۽ ادب مٿان ڪيڏو نه وڏو احسان پيا ڪن. گهرن ۾ شادين مرادين ۾ ڳائڻ واريون عورتون ڳيچن ۾ جيڪو ڪجهه چونديون رهيون سا به هڪ تاريخ آهي. ٻڌو اٿئون ته هو جمالي جي خالق به هڪ عورت آهي. اُن عورت اُن جمال نالي ماڻهوءَ جي ساراهه ڪئي جيڪو ڏاڍو بهادر، طاقتور ۽ وڏي ڊيل ڊول جو مالڪ هو. هو بهادر انسان ڪٿان وڏو ميل ماري آيو هو ۽ اُن جي آڌر ڀاءُ جي لاءِ هي جمالو ڳايو ويو.
ابوالحسن جي سنڌي ۽ موجوده رسم الخط جي وجود کان اڳ واري جيڪا تاريخ آهي اُها اسان کي اهڙي طرح ملي ٿي. ٻڌو اٿئو ته جڏهن هو ڀَٽَ فقير قصا کڻندا هئا ته اُهي قصا راتين جون راتيون ڪين کٽندا هئا. هو ڳالهه سان ڳالهه ڳنڍيندا ۽ ڪڙي سان ڪڙو ملائي پيا هلندا. هي ڀَٽ فقير ملڪن جا ملڪ پيا گهمندا هئا. هُو اکين ڏٺل واقعن کي قصن جي صورت ۾ بيان ڪندا هئا. سنڌ جا هي ڀَٽ فقير اُن کان پوءِ مورخ ۽ تاريخدان، دانشور ۽ اديب قدر شناس هئا. سچ ۽ ڪوڙ جي وچ واري وٿيءَ کي هو سمجهندا هئا. ان ڪري ئي هيءَ به تاريخ جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي ته قاضي قاضن جهڙو ماڻهو جنهن حضرت مخدوم بلاول جي شهادت ۾ وڏو حصو ورتو هو. اُن جي اُن عمل کي تاريخدانن ننديو ضرور آهي پر گڏوگڏ اُن جي ادبي پورهئي جي مانَ ۽ مرتبي کي ڪين گهٽايو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي تاريخ قاضي قاضن جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي.
چچ نامو، سنڌ جون ادبي تاريخون، رحيم داد مولائي شيدائي ۽ رچرڊ برٽن جو لکيل تاريخون، پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳندو آهي ته هيءَ ولينَ، اوليائن، عالمن ۽ هنرن جي ماهرن جي ڌرتي هئي. هتان جا رهاڪو اعليٰ ظرف وارا، محنت ڪندڙ هئا. هو مذهبي مت ڀيد جا قائل نه هئا نه وري منجھن ڪو نسلي تفاوت هو ۽ نه وري پاڻ ۾ نفرت. هر آيل چاهي ڪٿان به آيو، ڪير به هو، جڏهن هو هت اچي رهيو هو ته بس هتان جو ئي ٿي ويو. عجب ڪشش آهي هن ڌرتيءَ ۾ جيڪا پراون کي به پنهنجو ڪريو ڇڏي. هر ٻاهران ايندڙ هن ڌرتيءَ جو حق ائين ادا ڪندا رهيا جو هو سڀ سنڌ جي تاريخ ۾ امر ٿي ويا. ڌارين ايندڙن هتان جي تهذيب ۽ ٻولي کي پنهنجو ڪيو ۽ هو هتان جي رهواسين جهڙا ٿي ويا.
وقت بدليو، حالتون بدليون، آيا ڌِڪجي نوان ماڻهو اصل ڪاهجي پيا هن ڌرتيءَ تي، هتان جي رهواسين ساڳيون روايتون قائم رکي پنهنجو پرايو مال اسباب جايون جڳهيون انهن جي حوالي ڪيون. هتان جا اٻوجهه ماڻهو انهيءَ ۾ ئي خوش هئا ته هي سڀ اسان جا مسلمان ڀائر آهن. هنن ويچارن کي پنهنجن گهرن مان تڙيو ويو آهي. انهن لاءِ انهن جي ابن ڏاڏن جي زمين تنگ ٿي ويئي هئي. مذهبي توڙي سماجي طور انهن کي ڪي به حق ڪو نه هئا. انهن جا گهر انهن جون عزتون محفوظ نه رهيون هيون. اُتي جي رهندڙ حاوي گروپن انهن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو هو. انهن آيلن جي اچڻ کان اڳ ئي هتان جي رهندڙن، اديبن، دانشورن ۽ سياستدانن انهن جي لاءِ قلمي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. اُن جدوجهد جو مقصد اهو ئي هيو ته انهن ويچارن کي سندن ئي ڌرتيءَ تي حق ڏنا وڃن، تحفظ ڏنو وڃي. اگر نه ٿو ڏنو وڃي ته پوءِ انهن لاءِ هڪ الڳ ملڪ اُتي ئي ٺاهيو وڃي. سڀ کان پهرين هت سنڌ ۾ ئي هڪ قرارداد پاس ڪئي ويئي ته مسلمانن جو هڪ الڳ ملڪ هجي ۽ ان کان پوءِ لاهور جي قرارداد پاس ڪئي ويئي. هتي اها وضاحت ڪرڻ ضروري ٿي سمجھان ته انهن قراردادن ۾ اها ڳالهه ڪٿي به لکيل ڪانهي ته هن موجوده روپ ۾ جيڪو ملڪ آهي، ان کي ٺاهيو وڃي. بهرحال سياست ۽ انقلاب تاريخون مٽائي ڇڏيندا آهن. اُن اٿل پٿل ۾ هي ملڪ ٺهي ويو ۽ هو سڀ لوڌجي، ڌڪجي هت اچي پهتا. غريب جن کي لٽو به تن تي نه هوندو هو. رکي سکي کائڻ تي هريل هٿ تي رکي ماني کائيندا هئا ۽ کليل آسمان ۾ ويهي حاجتون ڪندا هئا ۽ چوندا هئا اصل شرم ته اکين ۾ آ. انهن کي ملي ويا هت سڀ سک، اُهي محل ملي وين جيڪي هتان جا رهواسي ڇڏي ويا. انهن گهرن جون زمينون ۽ ڀتيون ائين چمڪنديون هيون ڄڻ ته آئينو هجي. هيءَ ڳالهه ڪنهن کان ٻڌي اٿم ته هڪ گهرجي فليش جي غسل خاني کي بورچي خانو سمجهي انهن اُت ڪوئلا وجهي رڌڻ پچائڻ شروع ڪيو. مٿان جو زنجير ڇڪيائون ته پاڻي به اچي ويو. حيران ٿي اچرج ۾ پئجي ويا ته واه واه هت ته باهه وسائڻ جو به انتظام ڪيل آهي. هيءُ ڪو لطيفو نه آهي تاريخ جو سڀ کان وڏو سچ آهي، هن ڌرتيءَ تي به اهڙا ڪيترائي اٻوجهه ماڻهو موجود آهن ۽ هئا، اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اُن وقت جيڪي به هت آيا اُهي اهڙي ئي قسم جا ماڻهو هئا.
تاريخ ۾ پهريون دفعو هتان جي رهواسين هڪ وڏي غلطي ڪئي. ان غلطي جو حساب ڪتاب اڄ تائين هتان جا رهواسي ڏين پيا. اُها غلطي اها هئي ته هميشه جڏهن به ڪو ڌاريو هت ايندو هو ته هتان جي رهواسين جهڙو ٿي ويندو هو. هاڻ پهريون دفعو ائين ٿيو جو هو جيستائين هو هن ڌرتيءَ کي پنهنجو ڪن، هتان جا رهواسي پاڻ مٽائي انهن جي تقليد ڪرڻ لڳا. انهن آيلن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ هتان جي رهواسين انهن جي گهرن مان شاديون ڪيون. پنهنجي ٻولي ڇڏيائون ۽ پنهنجي تهذيب کان پاسيرا ٿي ويا. انهن کي ايڏي ته عزت ڏنائون جو هو انهن مٿان حاوي ٿي ويا. ڪجهه خوبيون به هيون اُنهن ۾ هڪ محنت ٻيو چاپلوسي. انهيءَ محنت ۽ چاپلوسي جي ڏاڪڻ تي هو چڙهندا ويا ۽ آخر آسمان جي بلندين تي پهچي ويا. هتان جا رهواسي جيڪي انهن پٺيان سڀ ڪجهه ڇڏي ويٺا هئا. اُنهن جو مقابلو نه ڪري سگهيا. حالتون خراب کان خراب تر ٿينديون ويون.
سائين منهنجا هاڻ وري ٻڌون پيا ته اصل تاريخ جي جاءِ تي اُهي آيل هڪ نئين تاريخ لکن پيا. اُنهن جو چوڻ آهي ته اسان شروع کان وٺي ئي خوشحال هئاسين. حويلين ۾ رهندا هئاسين. اُنهن حويلين ۾ نوڪرن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونه هوندو هو. علم وارا ۽ وڏا آفيسر انهن منجهه ئي هئا. اُنهن ته وڏو احسان ڪيو آهي هتان جي ماڻهن تي ڇو ته هتان جا رهواسي ظلمن ۽ قهرن ۾ هئا. اُنهن ويچارن قربانيون ڏئي جدوجهد ڪري هي ملڪ ٺاهيو. آزادي ڏياري، پوءِ هو قرب جا پير ڀري هت آيا. هتان جي رهواسين تي وڏا احسان ڪيائون. انهن هتان جي رهواسين کي تهذيب ۽ رهڻ ڪهڻ سيکاريو. هتان جي جاهلن کي علم جي دولت سان مالا مال ڪيو. هي ملڪ ٺاهيو ئي انهن آهي ۽ انهن لاءِ ئي ٺاهيو ويو آهي. ٻيا سڀ هتان جا اصل رهواسي ته ڪا حيثيت ئي نه ٿا رکن، انهن آڏو. جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته هن ملڪ جي ٺهڻ واري تاريخ تائين ڪي به اهڙا فساد نه ٿيا نه وري ڪو هنگامو. اصل هنگاما ٿيا لڏ پلاڻ وقت. اُن لڏ پلاڻ جي دوران جانيون ڪم آيون. هي ماڻهو اهي سڀ به هتان جي رهواسين تي احسان رکڻ چاهين ٿا چون ٿا اسان جانين جون قربانيون ڏئي هت آيا آهيون. ڪير انهن کان اهو ته پڇي ته توهان پنهنجي تحفظ ۽ بچاءُ جي لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ هت اچي اُن جي عيوض سک ماڻيو، اهو احسان هتان جي رهواسين مٿان ڪيئن ٿيو؟ هيءُ ملڪ اسلام جي نالي پٺيان ٺهيو. ان وقت اهڙي ڪابه ڳالهه ڪوبه قانون موجود نه هو ته ڪير غير قوم جي غير زبان کي هتان جي قومي ٻولي ٺاهي وڃي. اهو فيصلو بهرحال ٿي ويو. هاڻ حال وڃي هي بيٺو آهي ته هتان جي علائقن جا ماڻهو پنهنجي ٻولي جي ڳالهه ٿا ڪن يا اُن جي بقا لاءِ جدوجهد ٿا ڪن ته يڪدم فتوائون جاري ٿي ٿيون وڃن ۽ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ملڻ شروع ٿي ٿا وڃن.
غلطيون ڪوتاهيون بحرحال هتان جي رهواسين جون به آهن. جن کي اسلام جي نالي پٺيان بليڪ ميل ڪيو ويو هو ڪجهه عقل سمجهه کان ڪم وٺن ها ته حالتون هن حد تائين خراب نه ٿين ها. اڄ جي نوجوان ٽهي کي ته هي حالتون اڳئين نسل جي غلطين عيوض مليون آهن وري به وقت ويو ڪونهي. هاڻ به متحد ٿي هڪ واٽ وٺي هلجي. محنت جو جذبو هن قوم ۾ پيدا ڪجي. هڪ سچي ۽ صاف گو ليڊرشپ مهيا ڪئي وڃي ته پوءِ شايد ڪافي مسئلن جو حل نڪري اچي.

آچر 9 سيپٽمبر1990ع

فيصلو ڪرڻ گهرجي

اڄ جون حالتون، گولين جا وسڪارا، بمن جا ڌماڪا، راڪيٽ لانچر جا ڪڙڪا. سڀ ڪو حيران پريشان مٿين اُگهاڙا، پيرين اگهاڙا، سٻاجها ماڻهو، گهٽين ۾ ڪوڪار، الله تلهه ناس، ويري، دشمن، قاتل پٺيان، گهرگهاٽ ويران، ڪو ڪٿي، ڪو ڪٿي ٽڙيل پکڙيل. ڏهن ٻارهن سالن جي نياڻين سان زيادتيون، ڪوس، قتل، ڪوڪارون، اهي سڀ حال احوال سالن کان وٺي سنڌ جا زندگي ۽ موت جو اهو ڊرامو سالن کان وٺي جاري ساري، هاڻ حالتون اهي وڃي رهيون آهن جو سنڌ جي ڌرتي کي فنا ڪرڻ جي جنگ پئي هلي، ڌرتيءَ کي کلم کلا ٽڪرا ڪرڻ جو ڳالهيون پيون هلن. سامراجي ڇاڙتا، دهشتگرد ڪُتا هر صورت ۾ سنڌ کي ورهائڻ چاهين ٿا. هو ڊڄن به ڪونه ٿا، نه ماڻهو ماريندي ۽ نه وري سنڌ جي ٽڪرا ڪرڻ واري ڳالهه ۾........ هو زالين مڙسين ٻاهر نڪرن ٿا. بدمعاشيون ۽ غنڊا گرديون ڪن ٿا. عورتن کي ڍال بڻائي انهن جي مٿي تي قرآن شريف رکرائي، پٺيان ڪلاشنڪوف کڻي گوليون هلائي حملا ڪن ٿا. اهي عورتون انهن جي ئي گولين سان مرن ٿيون، قرآن شريف شهيد ٿين ٿا. پيرن ۾ لتاڙيا وڃن ٿا. هو قانون جي خلاف ورزي ڪري ٻاهر نڪرن ٿا. انهن لاءِ قانون ڪا حيثيت نه ٿو رکي. ان جي باوجود به هو مسلمان آهن، امن پسند شهري آهن، حق پرست آهن. سڄي دنيا جي پريس جا ماڻهن انهن جا همدرد آهن. فتوائون پيون جاري ٿين. اهڙو ڪو انڌ ڪنهن ڏٺو، اهڙي ڪا انڌير نگري ڪا ئي ڏٺئو؟
ڪيترن ڏينهن کان وٺي دماغ ڄميل آهي. گولين جي ڪڙڪن وچ ۾ مان ويٺي آهيان. ڀلا ڪاڏي وڃان؟ پنهنجو گهر ڪيئن ڇڏيان؟ سڀڪو منهنجي همت تي داد ٿو ڏئي، سڀ ڪو حيران آهي ته مان اڃان تائين اهڙي خطرناڪ علائقي ۾ ڪيئن ويٺي آهيان. سچ ته اهو آهي ته منهنجو گهر منهنجي پناهه آهي. ڪافي مهينن کان مان ڪوشش ۾ آهيان ته هن پناهه کي وڪڻي ڪنهن اهڙي هنڌ وڃي پناهه وٺان جت زندگي گهارڻ سولي هجي. خير اِهي ته ڳالهيون پوءِ جون آهن. مقابلو ڪرڻ جي همت ته گھڻي اٿم. پر ذلت جي زندگي ۽ ذلت جي موت کان نفرت اٿم. اهڙين حالتن کان پاڻ کي بچائڻ چاهيان ٿي. مان پاڻ هڪ يارهن سالن جي ڌيءُ جي ماءُ آهيان. هي سڀ واقعا، هي سڀ ڳالهيون نه صرف مونکي ڏکوئين ٿيون پر ذهني اذيتون به ڏين ٿيون.
ڪيترن ڏينهن کان وٺي هراس ۾ ڊپ ۾ ويٺي آهيان. دماغ ڄڻ ته مائوف ٿي ويو آهي. ها پر اڄ مان رُني آهيان. دل کولي رُني آهيان ته ڪير مون کي پرچائڻ وارو هو ۽ نه وري ڪنهن منهنجا ڳوڙها اُگهيا آهن. روئي روئي ٿڪجي مان پاڻ ئي چپ ٿي ويئي آهيان. ڀلا اهو ته مان توهان کي ٻڌايان ته مان ڇو رُني آهيان؟ چڱو ڀلا ٻڌو! منهنجي روئڻ جو ڪارڻ....... ها اڄ جڏهن اها خبر پيم ته ڪالهه ڪنهن چيو آهي ته هو اسان جا دشمن نه آهن. هو اسان جا ڀائر آهن. اسان مهمان نوازي جو ثبوت ڏيئي سينو کولي انهن جي جاءِ ڏني. مشڪلاتون گهٽائڻ لاءِ اسان انهن سان ڀرپور تعاون ڪيو. اڄ اسان انهن کي درخواست ٿا ڪيون ته هو اسان سان زيادتي نه ڪن. اسان هٿ ٻڌي انهن کي عرض ٿا ڪيون ته هو اسان کي پنهنجي گهرن ۽ زمينن تان بي گهر نه ڪن. مذهبي رستي سان اسان ڀائر آهيون ۽ هن زمين جي وسيلن تي اسان جو ۽ هنن جو برابر جو حق آهي. دراصل هو اسان جا دشمن نه آهن. وچان دشمن ڪو ٻيو آهي. هن ڀاءُ اهو به چيو ته حڪومت قلعي تي چڙهائي ڪري اسان جي ڀائرن تي جيڪي زيادتيون ڪيون آهن، حڪومت ان ڳالهه جي معافي وٺي.......
وڌيڪ جيڪو ڪجهه چيو ويو آ، اها لکڻ جي همت نه اٿم. ها پر هي اهي سڀ ڳالهيون ڪرڻ وارو اسان جو هڪ سنڌي ڀاءُ آهي. هن محفل ۾ اهي ڳالهيون انهن ماڻهن سامهون ڪيون آهن، جيڪي اُن شخص جي پارٽي کي ڪافرن، غدارن، هندستان جي ايجنٽن جي پارٽي ۽ خبر نه آهي ڇا ڇا چوندا آهن. اهو سڀ ڇا آهي؟ هيءَ ڪهڙي سياست آهي؟ هيءَ ڪهڙي اک ٻوٽ آهي؟
مان ڄاڻان ٿي ۽ مان اُن ڀاءُ کان اهو به نه پڇندس ته هن وقت تائين ان پنهنجن ڀائرن هٿان قتل ٿيل ڪيترن سنڌي جوانن کي ڪفن پهرايو آ. يقيناً انهن جو تعداد لاتعداد هوندو. انهن پڙهيل لکيل سنڌين جو تعداد يقيناً اُن وٽ لکيل هوندو جيڪي لاوارثن وانگر قبر داخل ٿي ويا. ڪيترين سنڌي عورتن ۽ نياڻين جا لاشا هُن ڏٺا ۽ اُنهن نياڻين جون عزتون انهن ڀائرن هٿان پائمال ٿيندي ڏٺيون هونديون، ڪيترن ئي بي آسرا، گهرن مان ڏتڙيل ماڻهن کي سندس ئي پارٽيءَ پناهه ڏئي آسرا ڏنا اجهو ڏنو ۽ اڃا تائين ڏين پيا.
دشمن سامهون نروار لڳو بيٺو آهي اسان جا ڀائر اها همت به نه ٿا رکن ته هو دشمن کي دشمن چوڻ جي همت ڪن.
مون کي ته ڪجهه به نه ٿو سمجهه ۾ اچي. ممڪن آ توهان کي ڪجهه سمجهه ۾ آيو هجي. مان سمجهان ٿي ته هن ويهين صديءَ جي آخر ۾ هن سائنسي ۽ ايٽمي دور ۾ اسان ويهي ائين چئون ته دشمن هڪ ٿڦڙ ماري ته اُن کي ٻيو ڳل به پيش ڪجي. اها ته چريائپ آهي. اسان ويهي اهو چئون ته ڇو ته اسان جي سنڌ جي اها تاريخ آهي ته اسان مهمان نواز آهيون ۽ اُن ڪري مهمان کڻي اسان کي ماري به وجهن ته اسان کي اُن تي اُف به ناهي ڪرڻو. مان دعوا سان ٿي چوان ته سنڌ جي اها تاريخ نه آهي. سنڌ جي ڌرتي دل ۾ جايون ڏنيون انهن کي جن اُنهن جو قدر ڪيو آهي. ڌڪي ٻاهر ڪڍيو آهي انهن قومن کي جن هت خون ۽ فساد پيدا ڪيو آهي. آخر هيءَ ڌرتي ڪيستائين اسان سنڌين جو تحفظ ڪندي. جڏهن ته اسان پنهنجي هٿ سان اُن جو قدر ۽ اهميت وڃايون پيا ڊڄڻ کپي اسان سڀني سنڌين کي جو ڪن ٿورن ماڻهن جي غلط اعمالن جي ڪري هيءَ ڌرتي اسان کي ڌڪي ٻاهر نه ڪڍي ڇڏي. وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ته ليڊرن کي اچن. اسان جهڙا ننڍڙا اديب ڪري به ڇا ٿا سگهن. اديب ته محبت ۽ امن جو پيامبر هوندو آهي پر اها منافقت نه اديب کي ڪرڻ کپي ۽ نه وري اسان جي ليڊرن کي ته هو سچ کي سچ نه چون. چاهي اُهو سچ ڪهڙي ئي خوفناڪ روپ ۾ ئي ڇو نه هجي. اهڙيون حالتون ڏسي ڪري ڪو اديب مون وانگر سڌي سنئين ڳالهه ته چوي ته اديب امن جو پيامبر آهي، هو ماڻهن کي نفرت جو سبق نه ڏئي. مان سمجهان ٿي اديب جي لکڻين ۾ ايتري سگهه هجي جو هو پڙهندڙ کي اهو پيغام ڏئي سگهي ته پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار کڻڻ يا جنگ جوٽڻ ۾ ڪابه خرابي نه آهي! اڳرائي نه ڪجي پر جي ڪو حمله آور ٿئي ته مقابلي ڪرڻ جي قوت ۽ همت هئڻ کپي. تاريخن جا وڏا فيصلا ۽ بقاءَ جون جنگيون بندوقن جي نوڪن تي ئي ٿيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن زهر کي زهر سان ئي ختم ڪبو آهي. قوم جي بقا ۽ امن لاءِ وڏا وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. اهي فيصلا ڪير ڪندو؟ آهي ڪو جو هن ڏتڙيل قوم جي مٿي تي هٿ رکي؟ سچ ٻڌايو ته سڀني سنڌين جو ڪير آهي؟ آخر اسان ڪنهن جي پٺيان هلون، جيڪي هن خوفناڪ ماحول ۾ درخواستون ٿا ڪن ۽ هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪن؟ ڇا اسان کي زالين مڙسين ٻاهر نڪري هنن سڀني ليڊرن کي پري هٽائي وجود جي جنگ وڙهڻي پوندي؟ ڇا اسان جو انت اهو ٿيندو جو حيدرآباد جي سنڌين کي ڄامشوري ۾ ۽ ڪراچيءَ جي سنڌين کي سمنڊ ۾ وڃي اجتماعي خودڪشيون ڪرڻيون پونديون؟

اربع 13 جون 1990ع

جڏهن لوڪ لڻندو . . . . .!

منجهيل من، جذبن جي اُٿ پٿل، چؤطرف ڀڄ ڊڪ، گپا گيهه، هڪ ٻئي تي ڏنڊا اُڀا. سڀ ڪنهن کي اها ئي وائي وات ۾ “ آءٌ ته هڪڙو چڱو” ڌرتي جي درد جي خبر ئي مون کي آهي.فلاڻو ههڙو، مٽيرو ههڙو، صحيح ڪير آ، حق جي واٽ ڪنهن ورتي آ؟ ان جو فيصلو وقت، عوام ۽ تاريخ ڪندي. هڪ ٻي تي الزام تراشي هن وقت اسان کي نه ٿي سونهي. اسان سنڌ واسين پنهنجو ٻيڙو پاڻ ٻوڙيو آهي. هڪ ٻئي لاءِ بغض ۽ ڪينو رکيو ويٺا آهيون. هڪ ٻئي کي هيٺاهون ڪري پيا خوش ٿيون. پر اهو نه ٿا سمجھون ته ان ۾ اسان جي ئي بربادي آهي. اسان ۾ اوڻايون آهن. اسان ڪيتريون ڪوتاهيون ڪيون آهن. هاڻ اسان متحد ٿي هڪ واٽ نه ٺاهينداسين، جيستائين اسان ڪو واضح مقصد وٺي اڳتي نه وڌنداسين اوستائين اسان پنهنجي منزل ۽ ماڳ کان پري ئي هونداسين.
سجاڳي آڻڻ وارو وقت گذري ويو. هاڻ سنڌي ڪافي سجاڳ آهن. هاڻ هي ئي وقت آهي، جنهن ۾ اسان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. پوک جيڪا پوکڻي آهي، ان جو ٻج هاڻ ئي ڇٽڻ گهرجي. نه ته جنهن وقت سارو لوڪ لڻندو، اسان هڪ سنگ ڪاڻ پيا سڪنداسين. نعرا هڻڻ مان ڪو به فائدو نه آهي. جيئي سنڌ چوڻ سان سنڌ ڪو نه جيئندي. سنڌ جي مٽي اکين ۾ پائڻ ۽ سينڌ سنوارڻ کان اڳ اسان پاڻ کي هن ڌرتيءَ جي قابل ته ڪيون. چوٿين مارچ کان ويندي هنن هنگامن تائين ڏسو ته سهي، سنڌين جو ڇا حال ٿيو آهي.سبب ته گهڻا ئي آهن. پر بنيادي مقصد هي آهن ته اسان کي محنت ڪرڻ کپي، جدوجهد ڪرڻ کپي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. پنهنجي نياڻين ۽ ڀينرن کي بند ڪوٽن مان ٻاهر ڪڍڻو آهي. انهن کي عملي طرح ميدان ۾ آڻڻو آهي.
منهنجو تعلق ادب سان گڏوگڏ تعليم سان به آهي. مان ڪراچيءَ جي هڪ نامياري ڪاليج ۾ پڙهائيندي آهيان. ٽنڊي آدم جهڙي شهر مان ڦرهي ۽ سليٽ تي پنج درجا پاس ڪيم. مٿين ڪلاس ۾ ڇهين درجي ۾ اسان کي انگريزي پڙهائي ويئي. اها به معمولي درجي جي. اهو اسڪول جت يونيفارم به ڪو نه هوندو هو. صبح جو منهن ڌوئي انهن ئي ڪپڙن ۾ اسڪول روانا ٿي ويندا هئاسين. شام جو ڪلاڪ کن ماستر ٽيوشن پڙهائڻ ايندو هو. خبر نه آهي ڇا پڙهائيندو هو. ابي امان کي ته اها به خبر نه هوندي هئي ته فلاڻو ڇوڪر يا فلاڻي ڇوڪري ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهن پيا. نو ڀائر ڀينر خير سان لائن ۾ ويهندا هئاسين. وٽڙين ۾ ٻوڙ ۽ ڇٻيءَ ۾ ماني ملندي هئي. کائي اٿي کڙا ٿيندا هئاسين. شام ٿي بابا سائين جيپ تي ٻنيءَ تي وٺي ويندو هو. اتي واٽر ڪورس ۽ ٽيوب ويلن جي پاڻيءَ سان کيڏڻ ۽ زمين تي ڊڪون پائڻ ڪيڏي نه لاپرواهه زندگي هئي.
ان دؤران ئي مون کي لکڻ پڙهڻ جو شوق ٿيو. اخبارون ۽ اُهي رسالا جيڪي گهر ۾ ايندا هئا پڙهڻ شروع ڪيم. مئٽرڪ پاس ڪري زبيده ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهڻ آيس. ايتريون گهڻيو ڇوڪريون ڏسي ڊپ وٺندو هوم. آهستي آهستي ان ماحول ۾ پاڻ کي سموئي ويس. آخر اهو وقت به آيو جو ٻه چار ڄڻا مون کي ادب جي حوالي سان سڃاڻڻ لڳا. ايم اي پاس ڪيم ته منهنجو مانُ مٿاهون ٿي ويو. ڪجهه لکڻ جي حوالي سان ۽ ڪجهه تعليم جي ڪري خاندان وار ا منهنجو مثال ڏيندا هئا. هاڻ مليم نوڪري ڪراچيءَ ۾ . هت ڪراچيءَ ۾ اچي مان پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر ويهي رهيس. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مفاصلو ته آهي ڏيڍ سؤ ڪلوميٽرن جو، پر ڪاليجن ۽ اسڪولن جي پڙهائي ۽ اُتان جي ماحول ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هو. اهو فرق منهنجي لاءِ پريشان ڪندڙ هو. لڳندو هوم ته مان ڪجهه به نه ٿي ڄاڻان. صفا ڀوڪ بصر آهيان. هيڏي زندگي ته اجائي گذاري اٿم. هي جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، اهو مون سان نه پر هر سنڌيءَ سان ٿيو هوندو، جيڪي ڳوٺن مان پڙهي شهرن ۾ نوڪريون ڪن ٿا. ڪراچيءَ جا تعليمي ادارا ۽ اتان جو ماحول اهڙو آهي جو ڳوٺاڻا ان جو تصور به نه ٿا ڪري سگهن. مان جنهن ڪاليج ۾ نوڪري ڪئي، اُت استادن کان وٺي ڪلارڪ، پٽيوالا ۽ چوڪيدار سڀ انگريزي ڳالهائيندا هئا. استادن کي انگريزي ادب،رسالن ۽ ڪتابن جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي. هو ڳالهه ڳالهه ۾ انهن ادبي، سياسي ۽ سماجي ڪتابن جا حوالا ڏينديون هيون. ڪاليج ۾ پڙهندڙ وڏ گهراڻن جون ڇوڪريون، جيڪي سردين گرمين جون موڪلون سوئٽزرليند ۽ پئرس ۾ گذارينديون هيون، انهن جي ڄاڻ ۽ مشاهدا، ٻيون اهي وچولي طبقي جيڪي ڪتابن پڙهڻ ۽ انهن ڪتابن تي بحث ڪرڻ ۾ هوشيار هونديون هيون. اهي سڀ ڇوڪريون توڙي استاد منهنجي لاءِ هڪ وڏي مسئلي کان گهٽ ڪو نه هونديون هيون. ان ماحول کي پنهنجو ڪرڻ ۾ مون کي سال لڳا. ڏاڍو احساس ٿيندو هيم ته مون کي انگريزيءَ تي ايترو عبور ڇو نه آهي. اصل ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن ۾ وڌيڪ مزو آهي. بنسبت ترجمي ٿيل ڪتابن جي. هت ڪراچيءَ ۾ جيڪي ناميارا تعليمي ادارا آهن، اهي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جا آهن. ڪجهه نالا ته هي آهن: ماما پارسي ۽ بي وي ايس اسڪول، سينٽ پيٽرڪ ۽ سينٽ جوزف اسڪول ۽ ڪاليج، گرامر اسڪول، ڊي جي سائنس ڪاليج، ايس ايم ڪاليج، NEDانجنيئرنگ ڪاليج، DOWميڊيڪل ڪاليج وغيره. هي تعليمي ادارا اڄ به تعليم جي معيار ۾ ايترا ته اعليٰ آهن جو اڄ به مائٽ اُت ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اٺ ڏهه سال پهرين مان ڏٺو هو ته هنن تعليمي ادارن ۾ سنڌي ماڻهن جا ٻار گهٽ هوندا هئا. سڀ ڪنهن جو رجحان اين جي وي اسڪول ۽ ٻين سنڌي ميڊيم اسڪولن ڏانهن گهڻو هو. ان جو سبب هي به ٿي سگهي ٿو ته سنڌي ڪامورا جيڪي اندرون سنڌ مان نوڪريءَ سانگي ڪراچيءَ ۾ ايندا هئا، ڇو ته انهن جا ٻار سنڌي ميڊيم اسڪول جا پڙهيل هوندا هئا، ان ڪري هو هت اچي انهن ئي اسڪولن ۾ ٻارن کي داخل ڪرائيندا هئا. ڪن سنڌي گهراڻن جا ٻار اگر پڙهندا به هئا انهن تعليمي ادارن ۾ ته اُنهن جو تعداد تمام گهٽ هوندو هو. هي اُهي ٻار هوندا هئا، جن جا والدين گهرن فيشن طور اردو ڳالهائيندا هئا. يا وري اُهي گهراڻا جن گهرن ۾ غير قومن جون عورتون شادي ڪري آيون هيون. اُهي ٻار اسڪولن مان پڙهي ڪاليجن ۾ آيا، اهي ايترا هوشيار ۽ بولڊ هوندا هئا جو انهن کي ڏسي دل خوش ٿيندي هئي. پر گڏوگڏ ڏک به ٿيندو هيم، ڇو ته انهن ٻارن ۾ سنڌيت يا سنڌي هجڻ جو جذبو نه هوندو هو. هو پاڻ کي پيا لڪائيندا هئا. ڪوشش اها هوندي هُين ته ڪنهن کي به خبر نه پوي ته هو ڪو سنڌي آهن. آهستي آهستي ماحول مَٽيو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻ سنڌي مائٽ به ٻارن کي ننڍي کان وٺي انهن سُٺن اسڪولن ۾ داخل ڪرائين پيا، پر هي بنيادي مسئلو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. هي ٻار اڳتي هلي مسئلن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. هو سنڌي ٻوليءَ کي ٽئين ڪلاس کان وٺي نائين ڪلاس تائين هڪ سبجيڪٽ جي حيثيت ۾ پڙهن ٿا. انهن کي پنهنجي ٻوليءَ تي ايترو عبور حاصل نه ٿو ٿئي جو هو ڪجهه لکي پڙهي سگهن. جيڪڏهن ڪنهن ۾ لکڻ جي خوبي آهي ته هو اردو يا انگريزيءَ ۾ لکن ٿا. ....
هيءَ دنيا تمام محدود ٿي ويئي آهي. سائنس ۽ ڪمپيوٽر جو زمانو آهي. مقابلي جو وقت آهي. اسان کي پنهنجي ٻارن کي سٺي کان سٺي تعليم ڏيارڻ گهرجي. خاص ڪري انهن کي انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪرائڻ ضروري آهي. هاڻ مسئلو هي آهي ته اسان کي پنهنجي ٻولي به ناهي ڇڏڻي. اسان کي سڄي سنڌ ۾ تعليم جو معيار بلند ڪرڻو آهي. توهان يقين ڪريو ته جيڪڏهن هي ڪوٽا سسٽم نه هجي ها ته هوند اسان جي هڪ سنڌيءَ کي به نوڪري ملي نه سگهي ها ڇو ته تعليم ۽ ڄاڻ جو تضاد تمام گهڻو آهي. ۽ اسان جا سنڌي ان جو مقابلو ڪري نه سگهندا. ڀلا اسان ڪوٽا سسٽم جا محتاج ڇو هجون؟ اسان کي پاڻ ۾ ايتريون خوبيون ۽ تعميري عمل پيدا ڪرڻ گهرجي جو نه صرف اسان پنهنجي وطن ۾ پر ٻاهر جي دنيا سان به مقابلو ڪري سگهون. هاڻ اسان کي هن پراڻي تعليمي نظام کي بدلائڻ گهرجي. سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن ۾ پهرين درجي کان وٺي انگريزي پڙهائڻ گهرجي. گڏوگڏ سنڌي لازمي سبجيڪٽ هجي. تعليم جو معيار اوچو رکجي. نصاب ۾ بهترين ناليج وارا ڪتاب هجن. سائنس ۽ حساب ته خاص طور انگريزيءَ ۾ هجن. اهڙي تعليم ڏيڻ سان فائدو اهو ٿيندو جو اسان جو ايندڙ نسل مقابلي لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ گڏوگڏ پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب سان به جڙيل رهندو. اسڪول درحقيقت تعليم سان گڏوگڏ هڪ منافع بخش ڪاروبار به آهي. ڪراچيءَ ۾ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي پرائيويٽ اسڪول کُلي ويا آهن. جتي مهيني جي في ۽ ٻيو خرچ ملائي هزار روپيا ماهوار آهي. اسان جي وڏيرن، زميندارن ۽ پئسي وارن ماڻهن کي کپي ته هو به پنهنجي قوم جي بهتري ۽ سٺي مستقبل لاءِ اهڙا تعليمي ادار کولين. يا وري اهڙن نجي ادارن جي مدد ڪن جيڪي اهڙا اسڪول هلائڻ چاهين ٿا. سرڪاري سطح تي به ڪوششون ٿيڻ کپن ۽ مليل پئسو چڱيءَ طرح تعليم جي مٿان خرچ ٿيڻ گهرجي. هڪ نجي ادارو مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن پنهنجي مدد پاڻ تحت ان خير جي ڪم ۾ مشغول آهي. اسان کي ان جي به مدد ڪرڻ گهرجي. اسان کي اجتمائي توڙي انفرادي طور صرف تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. دنيا الائي ڪٿان جو ڪٿان وڃي پهتي آهي. هر اُڀرندڙ سج هڪ نئون پيغام آڻي ٿو. ۽ هر رات هڪ نئون انقلاب .. . . پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي آئنده نسلن جي بهتري لاءِ اسان کي تعليم ڏي ڌيان ڏيڻ گهرجي ...... صرف ۽ صرف تعليم ڏانهن ڏيان ڏيڻ گهرجي.

آچر 16 سيپٽمبر 1990ع

ڌڻ واري نڌڻڪي سنڌ

اڄ ڪلهه مان لفظ ڌڻ جي معنيٰ ۾ منجھيل آهيان. ڌڻ معنيٰ گهڻا جانور، ڌڻ ۾ ٻڪريون، رڍون، مينهون، ڍڳيون، ٻڪر، سان، ڍڳا سڀ اچي وڃن ٿا. جيئن ٻڪرين جو ڌڻ، ڍَڳن جو ڌڻ وغيره وغيره . ڌڻ معنيٰ گهڻا جانور، جن کي هڪ رستي تي هڪلجي ۽ هو بغير ڪنهن احتجاج جي ڌنار سان ڏنڊي جي زور تي هلندا رهن. اتفاق سان ڪو پٽڙي کان لهي وڃي، رستي کان لهي ڪچي جي پاسي يا پاڻيءَ جي طرف وڃي ته ڌنار کيس ڊوڙائي وري واپس پنهنجي ڌڻ ۾ وٺي ايندو آهي، ڇو ته هو ڌنار هِن سڄي ڌڻ کي پنهنجي مخصوص ڪيل رستي تي وٺي وڃڻ چاهيندو آهي.
اڃان به گهڻيون تشريحون منهنجي ذهن ۾ لفظ ڌڻ لاءِ آهن. انُ پريشانيءَ جي حالت ۾ شاهه جو رسالو ڪڍيم ۽ سُر سارنگ پڙهڻ شروع ڪيم. ماروئڙا ڪيترا نه پريشان هئا اَبر جي واسطي. سارنگ جي انتظار ۾ سُڪل ٺوٺ زمين تي انسانَ، اُجڙيل ويران وڻن تي پکي، وٿاڻن ۾ ڌڻ، سڀ ڪو پيو عرش ڏي ڏسي. الا ڪڏهن ٿو اتر پار ڏي ڪڪر ڪيس ڪري؟ الا ڪڏهن ٿو باران رحمت اسان تي رحم ڪري؟ اِها پيڙا شاهه عبداللطيف ڀٽائي به محسوس ڪئي. پنهنجن جا ڏک ڏسي دل سان دُعا ڪيائين :

سارنگ ! سارَ لَهيج، اَلَهه لڳ اُڃين جي،
پاڻي پوچ پٽن ۾، ارزان اَن ڪريجُ،
وطن وسائيجُ، ته سنگھارن سُک ٿئي.

شاهه اُن عورت جي اندر جي آهه به ٻڌي ٿو، جيڪا پنهنجي وَر کي سمجھائي ٿي :

ڪانڌَ! مَ وڪڻ ڪُنڍيون، ڌڻُ سڀوئي ڌارُ،
اَڀريون سَڀريون پنهنجيون، سِسُيون سڀ سنڀار،
ٻنُ ڇڏي، ڇن پئي، وڃي ولهارن وارُ،
ته اچي اَڱڻا بهار، سرلا ڪندي سڏڙا.!


اُها سٻاجھي سنڌ جي عورت جيڪا پنهنجي ور جي ساٿياڻي آهي. ڪيڏو گهڻو آٿت ڏي ٿي پنهنجي ور کي ته منهنجا ڀوتار ڏکن جا ڏولا لهي پوندا، ڪنڍيون مينهون وڪڻي نه ڇڏ. مال جو سمورو ڌڻ پنهنجي قبضي ۾ رکُ. ڏٻريون توڙي متاريون نيٺ تنهنجيون پنهنجيون آهن. انهن مان هر هڪ جي سار سنڀال لهه. اسان سڀني جو حال هڪ جهڙو آهي. تون جو هنن کي وڪڻندين ته ٻين ڌارين وٽ ڪهڙا سُک آهن جيڪي انهن کي ملندا. انتظار ڪر ان وسڪاري جو جڏهن اسان سان گڏ انهن جا به ڏک، سور لهي ويندا......
شاهه عبداللطيف کي پڙهندي رهيس. منهنجو جيءُ جھرندو رهيو. دل چاهي پئي ته رڙيون ڪري روئان. شاهه سائين ته منهنجي ڏکن سکن جو ساٿي آهي. پريشانيءَ ۾ مون هميشهه ان جو ساٿ ورتو آهي. دل کي ڏاڍي آٿت ايندي اٿم. روح کي سڪون ملندو اٿم. شاهه سائين کي پڙهي. اڄ اُهو شاهه سائين منهنجو ساٿ نه پيو ڏئي . ..........
جيئن پئي سُر سارنگ پڙهان تيئن پيا اندر جا اُڌام وڌن. پڙهندي پڙهندي اچي اکيون اٽڪيون هن شعر تي:

ڏُڪاريا ڏيهن مان شال! موذي سڀ مرن،
وري وڏي وَس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيدُ، چئي سڀن، آهه توهه تنهنجو آسرو.

هن شعر کي مون ڪيترائي ڀيرا پڙهيو ۽ پڙهندي رهيس. هن شعر کي مون اڄ جي حالتن سان ڀيٽيو. شاهه عبداللطيف جي هيءَ دعا ان وقت قبول پئي هوندي يا نه؟ ڏيهه جا سڀ موذي مئا هوندا يا نه؟ وڏي وس جون ڳالهيون ٿيون ته وسڪارو به ٿيو هوندو الائي نه؟ ها پر اڄ منهنجي چؤطرف وڏو وسڪارو ٿيو آهي. ڊنل هيسيل، لاوارث ماڻهن ۾ نئون ساهه پيو آهي ...... هڪ نئين زندگيءَ جي لهر آئي آهي. .... جنهن ۾ اسان چئون ٿا ته آهي ڪو جو اسان سان مقابلو ڪري؟ هڪ نالي واري شخصيت جيڪا سنڌ جي سڃاڻپ آهي ان جي پٺيان سڀڪو هليو. ٻيا به گهڻا ئي نالا آهن، جيڪي اسان جي سڃاڻپ آهن. انهن جو ساٿ به اسان لاءِ ضروري هو. پر انهن سڀني کي ڇڏي هڪ نانءَ جي پٺيان سڀڪو هليو. هڪ مظبوط “ڇت” جو سڀني سهارو ورتو ... اهڙا ته سگھارا ٺُل ٿي بيٺا جو اُن ڇت کي ڪو لوڏو ئي اچڻ نه ڏنائون.
جل ٿل، جھمريون، هڪ ٻئي کي مبارڪون . . . . . ها پر اڃان اُهي خوشيون چڱيءَ طرح ملهايون ئي نه ويون ته ٺلهن جي مٿان ڇت سرڪندي محسوس ٿي. . . . ٺل پريشان ٿي ويا، لوڏن جي مٿان لوڏا ايندا رهيا. .... اِهي لوڏا مون به محسوس ڪيا..... جُھري پيس، ڊُڪ پائي وڃي ڇت ۾ هٿ وڌم، ان کي پڪڙي بيهي رهيس ... . کيس سمجھايم، روئي ليلايم ۽ کيس چيم تون جو هتان سري وڃڻ جي پئي ڪرين، ڪرُ کڻي ٻين کي سلام پئي ڪرين، توهان هنن ايڪٽيهن (31) ٺلن کان اجازت ته ٺهيو پر رڳو راءِ به ورتي آهي ته مان سامهون وارن تيرهن ٺلهن واري ڇت کي سلام ڪيان يا نه ڪيان، مِلان نه مِلان؟ ڇت مون کي غور سان ڏٺو. مان به ان مان اکيون نه هٽايون . . . . . هاڻ مون رڙيون ڪيون، مون واڪا ڪيا، هٿ ٻڌي کيس چيم تون اسان کي ڇا ٿي سمجھين .....؟ هي ايڪٽيهه جيئرا جاڳندا ٺلهه آهن. مٽي ۽ سيمنٽ جا نه آهن جو تون انهن کي ڇڏي هوائن جي آڌار اڏامي وڃين ته هو توکي روڪي به نه سگهن . . . . وساري ڇڏ ته هي مظبوط سگهارا ٺلهه باهه جو سمنڊ اورانگھي تو وٽ پهتا آهن. توکي ته خبر آهي ته ڇا ته ڪِيس ٿيو آهي هن ڌرتيءَ تي . ڪيئن ته سَنڌ سَنڌ ڪپي قتل عام ٿيو آهي. عورتن جي عزتن جي جا پائمالي ٿي آهي. اڃان ڪلهوڪو ڏينهن آهي جو انهن جوانن ۽ عورتن جا لاش اسان دفن ڪيا آهن.. . . . .
جيڪڏهن وسري ويو هجئي ته اچ ته مان اِهي لاش توکي قبرن مان ڪڍي ڏيکاريان ڇو ته مون کي يقين آهي ته شرم ۽ غيرت وچان زمين جي ڪيڙن به انهن کي ڪين کاڌو هوندو. . . . . .
ڇت منهنجي ڪا به ڳالهه نه ٻڌي نه سمجھي. وڏا ڪر کڻي نه صرف سلام ڪيائين پر هلي به وئي انهن جي در تي ...... ڳالهيون ٿيون، معاهدا ٿيا. ڪاميٽيون ٺهيون. ڪاميٽين ۾ انهن کي ڪين رکيائين جن سان ويڌن ۽ ظلم ٿيا هئا. اُنهن جي ڪميٽي ٺاهيائين جن کي خبر ئي نه هئي ته هنن ٻين ويچارن ٺلهن سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي ..... مان پريشان ٿي ڏسڻ لڳس انهن ٺلهن کي ..... عرش جيڏا ٺلهه، مظبوط سگھارا .... مان عزت ۽ غيرت وارا، ڪا به ڪمي انهن ۾ ڪونهي ...... مان وري شاهه عبداللطيف جي رسالي مان سُر سارنگ پڙهڻ شروع ڪيو:

اوڄڻ گھرجي آجڪو، جھوپو سهي نه سيءُ،
سُڻائيج سوَڙ کي، حال منهنجو هيءُ،
اڱڻ آيو ٿي، ته ڍُوليا! ڪنهن ڍَنگِ ٿيان.

ڪڪهر منجھه ڪپار، جُھڙ نيڻئون نه لهي،
جهڙا منهنجا سُپرين، تهڙا ميگهه ملارَ،
کڻ اکيون، کل يار! ته وڃن سور سَنڌا ڪيو.

سوچون، پريشانيون، ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي؟ منهنجي اميد ۽ آسرو اهي ٺلهه آهن. سگھارا مظبوط اڏول ...... ڪاش ائين ٿي پوي ، ٺلهه ارڏا ٿي پون، باغي ٿي پون. جنهن زمين ۾ انهن جون پيڙهيون دفن آهن، اُن جي حقن لاءِ وڙهن. ڌرتي وارن جي عزتن ۽ ننگن جا محافظ ٿي پون. نه صرف پنهنجي زبان کولين پر ڪا جدوجهد به ڪن، ظالم جي تلوار اڳيان ڍال ٿي پون. اهو ڪجهه ڪري ڏيکارين جو سڀڪو چوي ته “ هي آهن اڏول، ارڏا، جبلن جيان مظبوط سنڌ جا پُٽ . . . . .” اگر انهن ائين نه ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هن ڌرتيءَ جو مستقبل هنن جي هٿن ۾ آهي . . . . . ..
مان اهو چئي اُنهن کي ڪين ڏيڄارينديس ته جن هن ڌرتيءَ سان وفاداري نه ڪئي، انهن جو حشر ڇا ٿيو؟ ڌرتيءَ ڪيئن انهن کي ڌڪي ٻاهر ڦٽي ڪيو هو ....... ڪجهه به چوڻ جي، ڪجهه به سمجھائڻ جي ضرورت نه آهي. گهر گهر ۾ ماتم آهي، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ قبرستان ...... اهڙين حالتن ۾ هي ايڪٽيهه ٺُلهه رت جو درياهه اُڪري پنهنجين نياڻين، ڀينرن جي لاشن کي ڪفن پهرائي اچي بيٺا آهن. وڏا فرض پورا ڪرڻا آهن، وڏا قرض چڪائڻا آهن هنن کي .....
لفظ ڌڻ جنهن جي باري ۾ مان پهرين به ٻڌائي چڪي آهيان ۽ شاهه لطيف به فرمايو آهي :






آگميو آهي، لَڳهه پَسُ! لطيف چئي،
وٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
ڇنَ ڇڏي پَٽِ پئو، سمر سنباهي،
وِهو مَ لاهي، آسرو الله مان.

شاهه عبداللطيف جو فرمان آهي ته وٺو مينهن وڏ ڦڙو ڪڍو ڌڻ ڪاهي. ڌڻ ڪاهڻ وارا هي ايڪٽيهه ڌنار ڏسون ته ڇا ٿا ڪن پنهنجي ڌڻ لاءِ؟ مان هت اِهو به واضح ڪندي هلان ته هنن ڌنارن کي ته انهن کي ڪڏهن به هي وسارڻ نه گهرجي هي ڌڻ هاڻ پراڻو ڌڻ نه رهيو آهي جنهن کي هو هڪ ڏنڊي سان هڪليندا هئا. هن ڌڻ اڳيان هنن کي پنهنجي هر قول ۽ فعل جو حساب ڏيڻو پوندو. هي نڌڻڪو ڌڻ هاڻ جاڳي پيو آهي. هاڻ هو گنهگار ڌنارن کي هي ڌڻ ڪڏهن به معاف نه ڪندو.

سَڄو صاف نه اُڀري، سَرلي وچان سڄ،
مُنهن چڙهيو ماڻهن کي، ڏئي واڌائي وڄ،
هينئڙا کپ مَ کَڄُ، سِگها مِلندءَ سپرين.

هلال پاڪستان 26 نومبر 1988ع

نوٽ: اُن ڏينهن صبح جو اخبار پڙهيم ته محترمه بينظير صاحبه سڀاڻي عزيز آباد وڃي رهي آهي ..... خبر نه آهي ڇو دل کي رنج پهتو. ڪاليج ۾ به مزو نه پيو اچي. ڪلاس وٺڻ کان پوءِ قلم ڪاعذ کڻي هي مضمون لکيم. اُن ڏينهن مان ڪلاس جي ڇوڪرين کي سُر سارنگ پئي پڙهايو. بس پوءِ مان هي سڀ لکي ڇڏيو. اُهو رف لکيل شام جو چئين بجي ڌاري هلال پاڪستان ۾ عبدالرحمان نقاش صاحب کي ڏنم. کين چيم ته هي سڀاڻي ڇپجڻ کپي. مان آهيان جيتامڙي پر منهنجا اخباري دنيا جا ساٿي مون کي ڏاڍو مانُ ڏيندا آهن. گهر آيس ته عبدالرحمان نقاش جو فون آيو. ان مون کان هڪ سوال ڪيو ته ادي مون کي اِهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته توهان جو عنوان “ڌڻ واري نڌڻڪي سنڌ” جو مطلب ڇا آهي؟ ڌڻ هوندي سنڌ نڌڻڪي ڪيئن ٿي سگهي ٿي. مان توهان جو مضمون ڪمپوز پيو ڪرايان سو توهان کان سوال پڇي رهيو آهيان. مان به ذهني طور تي ٿڪل هيس سو کيس چيم ته هي رف لکيل آهي. جيڪو سمجهه ۾ آيم اهو لکيو اٿم. ...... سو سائين ٻئي ڏينهن هي مضمون اخبار ۾ ڇپجي ويو........ فون جي مٿان فون. مختلف رايا تبصرا. هڪ سوال مون کان سلطانه تون سمجھين سگهين ٿي ته شاهه لطيف جي سُر سارنگ کي تو اڄ جي حالتن سان ڪيئن جوڙيو آهي ..... خبر مليم ته حيدرآباد جي يونيورسٽين ۾ ان ڏينهن سون جي تعداد ۾ فوٽو ڪاپي ڪرائي هي مضمون ورهايو ويو. هت ڪراچيءَ ۾ به مونکي هڪ وڏي نالي واري آفيسر فون ڪري ڇڏيو ته ادي خبر اٿو ته صبح سان هت ڪيترن ماڻهن جي هٿ ۾ اها اخبار هئي جيڪي بينظير صاحبه سان عزيز آباد وڃي رهيا هئا.....
هاڻ وڌيڪ ڳالهيون ڳجهه ۾ رهن ته سٺو آهي، پر اها ڳالهه وسارڻ جهڙي نه آهي ته بينظير صاحبه (جيڪا منهنجي روح ۾ رچيل آهي) اُن جو اُهو وڃڻ اڄ تائين جو طعنو آهي ته ڪنهن چيو هو توهان کي ته اسان وٽ اچو ..... ؟
(اڄ هن ڪالم کي پڙهندي هي سڀ ڪجهه لکندي چؤطرف ڏسان ٿي ڪجهه به ته ناهي بدليو. هي هيڏو وڏو سنڌين جو ڌڻ اڄ به نڌڻڪو آهي....)

شهرن ۾ رهندڙ سنڌي نوجوانن ڏانهن

تون ڳالهائين ٿو، تو کي ڳالهائڻ جو حق آهي، تون وڙهين ٿو، تو کي وڙهڻ جو حق آهي. تون رڙيون ٿو ڪرين، تو کي رڙيون ڪرڻ جو حق آهي. تون ڌرتيءَ تي مضبوطيءَ سان پير رکي دعويٰ ٿو ڪرين ته هي سڀ ڪجهه منهنجو آهي. مڃون ٿا سائين هي سڀ ڪجهه تنهنجو آهي. پر منهنجا سائين مون کي اهو ته ٻڌاءِ تون ڳالهائين ٿو، پر پنهنجن جي خلاف تون وڙهين ٿو ته پنهنجن کي ئي مارين ٿو. تون رڙيون ڪرين ٿو ته هت توکان تنهنجا پنهنجا ئي ڊڄن ٿا. تنهنجي ڪلاشن ڪوف جي گولي انهن کي لڳي ٿي، جيڪي تنهنجا پنهنجا آهن. تنهنجا ٻانهن ٻيلي آهن. تون ڌرتيءَ تي مضبوطيءَ سان پير رکيو بيٺو آهين، ڳاٽ اوچو اٿئي آسمان ڏي، ٿورو هيٺ ته ڏس منهنجا سهڻا سائين. هن ڌرتيءَ تي چئني طرف رت پکڙيل آهي. تنهنجو ۽ منهنجو رت. سنڀالي پنهنجو رستو ٺاهجانءِ. هتان متان ترڪي نه پوين ان رت ۾، تنهنجو اوچو ڳاٽ جھڪي ڀرجي نه پوي ان رت سان ۽ تون ان رت جي خوشبو سڃاڻي وٺين. ان وقت تنهنجو جھڪيل ڳاٽ، ڪڏهن به مٿي ٿي نه سگهندو تون پاڻ کي به بخش ڪري نه سگهندين. ان وقت توکي محسوس ٿيندو ته اڄ جو تون مظلوم نه پر ظالم آهين. تاريخ ۽ وقت جو وڏو ڏوهاري تون پاڻ آهين. تون هٿيار کڻين ٿو، تون ظلم ڪرين ٿو. تنهنجي پهچ صرف پنهنجن تائين آهي. ذري ذري جي ڳالهه تي پنهنجن جا ڪنڌ ڪورين ٿو. سالن تائين جون دشمنيون نڀائين ٿو. ڌن دولت جي ورهاست نه ٿئي، ان لاءِ نياڻين جون شاديون نه ڪرائين ٿو. ڪٿ وري ڪارو ڪاري ڪري مارا ماري ڪري پنهنجي من کي خوش ڪرين ٿو. تو وٽ قدر نه آهي ته پنهنجي ماڻهن جو قدر آهي.
ها باقي ٻين جي اڳيان تون وڇايو پيو آهين. جهڪيو پيو جھُڪين. ٻارن ٻچن وارو هوندين ته به ملي پوندئي ڪا لالو کيتڻ ڇمڪ ڇلو. الهه تلهه ناس ڪندين ان جي پويان . . . . پنهنجا پراوا سڀ وسري ويندا اٿئي. هوءَ اڳيان تون پٺيان پيو هلندو آهين. اصل ان جي لوڏن ۾ خوش آهين. سنڌ جا وڏيرا، ڪامورا، ماستر، ڪلارڪ سڀ پريشان حيران آهن. هنن لوڏن پٺيان نيشلسٽ (قوم پرست) به بدمست ٿيو وڃن. ڪڏهن ته بيهي وڏيون ڳالهيون ڪندا. شاگردي وارا زماني ۾ جيلن ۾ ويندا. نعرا هڻندا. زمين آسمان کي هڪ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا. جان قربان ڪرڻ جون هامون هڻندا. سنڌي نياڻيءَ جي مٿي تان لٿل رئو به برداشت نه ڪندا. ڪنهن سان عام رواجي کلندو ڳالهائيندو ڏسي پيا وٽ کائيندا. غيرت ۾ پيا ٻڏندا. اوچتو ئي اوچتو ڪا لڏڻ. لڏندي لمندي گهيري ۾ وٺي ويندس. ان ويل مڙس جو عقل سمجهه سڀ جواب ڏيئي ويندو. وڏيون ڳالهيون وڏا وڏا نعرا، سڀ وسريو وڃن. پاڻ کي ڦاسايو ڇڏي ان ڪوڙڪيءَ ۾. پوءِ اهو وقت به اچي ٿو جو ان ڇمڪ ڇلو کي پاڻ سان کڻي ڌرتي واسين سان ڪيل واعدو وساري نوڪري وٺي وڃيو ويهي ٿو ڪرسيءَ تي. ان نيشلسٽ جي گهر ۾ ڌارين ٻولي ۽ جذبن ۾ جوش گهٽيل هيسيل، ڊنل ڪئي وانگر هوندو آهي. ڪرسيءَ جو نالو ٻڌي آيو ڪو پنهنجو لڙي، روزگار لاءِ. چوندو چٽ رُلي پيا آهن. هاڻ هنن کي به نوڪريون ٿيون کپن. وڃي ٻڪريون چارين. گڏهن تي مٽي ڍوئين يا وري ڳوٺ ۾ ڪلارڪي ڪن. مانڊڻيون هلائين. هنن به نوڪريون ڪيون. ڄٽ به ڪي سڌريا. نفرت، حقارت! ها گهر ۾ ويٺل هوءَ ڇمڪ ڇلو ڪري ڪو حڪم پنهنجن، خالازاد، مامون زاد ۽ چچا زاد لاءِ .بس وات مان اکر نڪتو، صاحب سڌو .... ۽ .... آرڊر هٿ ۾ . اهڙا ڪيترائي ماڻهو مون ڏٺا آهن. جيڪي اسان جي آس پاس ڀريا پيا آهن. هي وقتي جوش جي پيدا وار هوندا آهن. ها باقي ٻيو قسم به آهي سنڌين جو جيڪي ٻهراڙيءَ جي ماحول مان نڪري نوڪرين سانگي شهرن ۾ اچن ٿا. انهن جون واڇون ٽڙيل هونديون آهن. وات مان گگ پئي وهندي اٿن. حيران پريشان ۽ ويران ٿي ويندا آهن، هن شهري ماحول ۾ اچي.
هي تازو واقعو مان لکان ٿي. ڪنهن مون کي منٿون ڪيون ته اسان جي ريڊئي جا پروگرام سڄي سنڌ ۾ پسند ڪيا ٿا وڃن. پر پروگرامن لاءِ سنڌي ڇوڪرين جي کوٽ آهي. ڪي پڙهيل لکيل سٺيون ڇوڪريون هٿ ڪري ڏيو. مان به ڪوشش ڪئي، ٻه چار سٺيون پڙهيل لکيل نوڪرين واريون ڇوڪريون تيار ڪيم. انهن کي سمجھايم ته ماحول سٺو آهي، شام جو ڪجهه وقت ڪڍي پروگرامن لاءِ اچو. ڪجهه پئسا به ملي پوندا ۽ پنهنجي ٻولي ۽ قوم جي خدمت ٿي پوندي. انهن ۾ هڪ شڪل جي چڱڙي ۽ پنج هزار ڪمائڻ واري به هئي. وقت پئي گذريو، پروگرام پئي هليا، ماڻهن پئي واهه واهه ڪئي. مان به خوش هيس ته چڱو ٿيو جو سنڌي پڙهيل لکيل ڇوڪريون هن فيلڊ ۾ آيون. اوچتو ئي اوچتو چيو ڪنهن، فلاڻو شخص ان پنج هزار ڪمائڻ واري ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي. خبر پئي ته اهو شخص شادي شده ۽ جوان ٻارن پيءُ آهي. ان مون کي چورايو ته سلطانه هن کي اسان وٽ وٺي آئي هئي. هاڻ سلطانه ئي اسان جو رستو ڪرائي ڏي. اندر سڙي ڪوئلا ٿي ويم. هاڻ اهڙا ڪُڌا ڪم سلطانه ڪندي؟ پڇيم ان مائيءَ جو ڇا حال آ؟ چيائون مينهن ڪُڏندي آهي ڪِلي تي. ضرور ان اُن همراهه کي آسرو اميد مليو هوندو تڏهن ته هو ايترا ٽپ پيو ڏئي. ان شخص مون سان فون تي ڳالهايو. کيس چيم ته تون شادي وارو، تو کي همت ڪيئن ٿي اهڙي ڳالهه سوچيندي؟ هوءَ توهان جي سنڌي ڀيڻ آهي. توهان ماڻهو ڪڏهن سڌرندؤ؟ جيڪا به سنڌي ڇوڪري توهان جي سامهون اچي ٿي، توهان يڪدم ان سان شاديءَ جي باري ۾ سوچيو ٿا. ڪجهه حياءُ ڪريو، ڪجهه شرم ڪريو. منهنجي هر سوال جو جواب ان شخص وٽ هي هو ته .... “ هوءَ سٺي آهي ....” مان چوان ته تون شادي وارو، ٻچن وارو، وڃي پنهنجي ٻچن کي سُکيو رکُ، انهن کي تحفظ ۽ پيار ڏي. جواب هن وٽ هڪ ئي هو “ هوءَ سٺي آهي ..... ” جڏهن اُن اهو لفظ ڪيترا ئي ڀيرا ورجايو ته مان ڪاوڙ ۽ ڪرڀ مان چيومانس، ته هوءَ سٺي آهي پر تنهنجي لاءِ نه آهي. ڇا جيڪا به سٺي شڪل جي ڇوڪري توهان جي سامهون اچي بس توهان ان سان شاديءَ لاءِ تيار ٿي ويندؤ؟ گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ هو شخص پنهنجو عقل هلائي مون کي قائل ڪرڻ جي ڪو شش ڪرڻ لڳو. ان جو دليل هيءُ هو ته ٻهراڙيءَ جا ڇوڪرا شهرن ۾ اچي لالو کيتڻ سان شادي ڪن ٿا. ڀٽڪي وڃن ٿا. مان ته وري به ڪنهن سنڌياڻيءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان. .
هيءَ ذهنيت آهي اهڙن ماڻهن جي هو شادي به ڪن ٿا، ٻار به ڄڻين ٿا ۽ پوءِ به ڀٽڪي وڃن ٿا. مٿان وري اهو احسان ته سنڌياڻيءَ سان شادي ڪرڻ چاهيون ٿا. هي سوال هميشهه موجود رهيو آهي ۽ رهندو ته سنڌي ڪڏهن سڌرندا؟ هن وقت جڏهن ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي جان بچائيندا، لڪندا ڇپندا پيا وتن، چئن ماڻهن جي وچ ۾ پنهنجي ٻولي به نه ٿا ڳالهائي سگهن. جتي چئني طرفن کان سياسي، اقتصادي ۽ سماجي طور تي تباهه ڪيو پيو وڃي. اُتي هي ماڻهو عشق جي چڪرن ۾ ۽ شادين جي خواهشن ۾ پيا هلن ۽ ملي به وڃن ٿيون، لفٽ به ڪرائين ٿيون، اهڙن ڪارن ڪوجھن کي اُهي پنج هزار ڪمائڻ واريون ... هيءَ ته ڳالهه ٿي انهن جي جيڪي عام ماڻهو آهن ۽ شهرن ۾ اچي هوش حواس وڃائي ويهي ٿا رهن. ها ڏک ٿيندو اٿم اهڙن ماڻهن جو، دل ۾ وڍ پوندا آهن، جڏهن انهن ماڻهن بابت ڳالهيون ٻڌندي آهيان جيڪي پنهنجي شخصيت ۾ لاجواب هوندا آهن. مضبوط ڇت جا اڏول ٺلهه هوندا آهن. اهڙو ئي هڪ شخص جنهن جو مثال پيش ڪيو هو، جنهن سان ڳالهيون ڪندي، ڪچهريون ڪندي دل خوش ٿيندي هئي. جيڪو مٿي تي هٿ رکي ملندو هو. ان شخص جي چهري تي شفقت، محبت ۽ پنهنجائپ هوندي هئي. اڄ ان شخص جي باري ۾ الائي ڇا ڇا پيو ٻڌجي. خبر اٿم جڏهن هو غريب هو، زال ان جي دال روٽيءَ جي ساٿياڻي هئي. جڏهن مليس چڱي نوڪري، ان به ڪيو عشق هڪ سنڌياڻيءَ سان، ڪيترا سال اڳ جي ڳالهه آهي. سندس ان قدم کي سڀني ننديو هو. ڏاڍا بحث مباحثا ٿيا هئا. پر حالتن سان مقابلو ڪري ان شادي ڪري ڇڏي. .... ان بعد رکيائين ٻنهي زالن کي گڏ ! ڏٺائين ٻنهي کي هڪ نظر سان. ماڻهن ۾ مثال هو اُهو ماڻهو. سندس رويي ۽ رک رکاءُ هر ڳالهه کي ڊاهي مٽائي ڇڏيو. اڄ ٻڌان پئي ته ان شخص شادي ڪئي آ هڪ لالو کيتڻ سان! پڪن ماڻهن ٻڌايو آ، انڪري شڪ شبهي جي گنجائش نه آهي. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي. پهرين ٻن زالن جا ٻار رلندا ٿا وتن. گم ٿيندا ٿا وتن. ان شخص تي ڪجهه به لکڻ تي منهنجو ذهن ۽ قلم ساٿ نه ٿو ڏئي. اعتبار کڄي ويو اٿم هن ڌرتيءَ جي ماڻهن مٿان. اهو يقين پختو ٿيندو ٿو وڃيم ته سنڌين جي تباهي ۽ بربادي ويجھي آهي. اسان سنڌي هڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسنداپيا وڃون. اها ڌٻڻ اسان جي پنهنجي ٺاهيل آهي. هن پکڙيل رت جي خوشبوءِ ۾ هي سڀ مظلوم نه پر ظالم آهن. تارخ ۽ وقت جا وڏا ڏوهاري آهن . . . . .
آچر 22 سيپٽمبر 1990ع

ووٽُ قوم کي ٻوڙي به سگهي ٿو تاري به!

تازو سنڌي ميڊيڪوز ايسوسيئيشن طرفان نئين انتطاميه حلف کنيو، مون کي به دعوت ڏنائون. انهن ايتري حجت ۽ پيار سان چيو جو مان انڪار ڪري نه سگهيس. شاگردن جون تنظميون ۽ انهن جون سياسي وابستگيون، مان انهن کان پري رهڻ چاهيندي آهيان. پر اها به حقيقت آهي. ته سنڌ جي نالي پٺيان ڪير به گهرائي، انڪار جي گنجائش نه رهندي آهي. اتي ڪيتريون ئي تقريرون ڪيون ويون، ڪهڙا گيت ڳايا ويا، اُن جي لکڻ سان الائجي ڪيترا ڪالم لکجي سگهجن ٿا. مان هت اُنهن اهم تقريرن جو ذڪر ڪنديس. جيڪي سچ پچ ٻڌڻ ۽ عمل ڪرڻ جي قابل هيون. ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌين جو اچڻ ۽ داخلا وٺڻ اڄ ڪلهه جو اهم مسئلو ۽ گناهه ٿي پيو آهي. نالي ماتر سيٽون اُنهن تي به سنڌي ڪيترن مشڪلاتن کانپوءِ داخلا ٿا وٺن. هت داخلا ملڻ کانپوءِ تعليم سان گڏوگڏ پنهنجي زندگين جو تحفظ به حاصل نه ٿا ڪري سگهن. ڪيترو نه مشڪل وقت اچي ويو آهي، جو پنهنجي ڌرتي تي پنهنجا ماڻهو جڏهن روزگار لاءِ تعليم لاءِ ٻاهر نڪرن ته پويان گهر جا ڀاتي ويٺا صلواتون پڙهن ته خير سان سڀ ڪو اچي گهر ڀيڙو ٿئي.
داخلا بابت ڪوٽا سسٽم ۽ ان ڪوٽا سسٽم ۾ به ضياءَ الحق جي زماني کان وٺي هاڻ تائين سيٽن جي ڪٽوتي پئي ٿئي. هر سال سيٽون گهٽايون پيون وڃن. ان لاءِ ڪو به ماڻهو وڏي واڪ ڪجهه به چوڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان جا اسيمبلي جا ميمبر وات بند ڪيو ويٺا هوندا آهن. قومن جي بقاءَ لاءِ تعليم سان شعور ۽ سجاڳي حاصل ٿئي ٿي. انهيءَ تعليم جي ڳالهه ڪندي هدايت بلوچ چيو ته هيڏن سنڌين کي جيڪي مستقبل جا ڊاڪٽر آهن حيراني به ٿئي ٿي ته خوشي به. جڏهن مايوسيون وڪوڙي وينديون آهن ۽ سنڌي ۽ سنڌي ماڻهن جون حالتون ڏسي اندر ڏکائتو ٿي ويندو آهي.، تڏهن اهڙا ميڙ ڏسي دل خوش ويندي آهي. توهان سڀ جيڪي مختلف ڪاليجن مان هت اچي گڏ ٿيا آهيو، توهان سڀني کي گڏ ڏسي هڪ نئون جذبو پيدا ٿيو آهي. لڳي ته ائين ٿو ته “يار اسين ڪو نه مرنداسين”(هدايت بلوچ) ورلڊ ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر منور عالم هاليپوٽو جي تقرير به هڪ اهم تقرير هئي. ان چيو ته سنڌ جا نوجوان تيستائين پنهنجا قومي حق حاصل نه ڪري سگهندا، جيستائين پاڻ ۾ صلاحيتون پيدا نه ڪندا. اُن چيو ته سنڌ جو تعليمي معيار ايترو ته ڪري چڪو آهي، جو پرائمري جا شاگرد به ڪاپي ڪري پاس ٿا ٿين. اها صورتحال سنڌي نوجوانن کي اعليٰ عهدن ماڻڻ کان هميشه لاءِ محروم ڪري ڇڏيندي ۽ سنڌ جي اعليٰ عهدن جا مالڪ ڌاريا ٿي ويندا ۽ سنڌين کي محڪوم ٿي رهڻ تي مجبور ڪيو ويندو. سنڌين جي حقن جي تحفظ لاءِ ورلڊ سنڌي ڪانگريس، جيڪو ڪجهه ڪيو آهي يا ڪري رهي آهي، ان جا تفصيل ان ٻڌيا . سنڌ جي حقن جو ڪيس هُن دنيا آڏو پيش ڪيو آهي، سنڌ ۾ جيڪا صحافتي بدديانتي آهي، جنهن ۾ ظالم مظلوم ۽ مظلوم ظلم ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. انهن حقيقتن کي به ورلڊ ڪانگريس وارن چڱي طرح واضح ڪيو آهي. هي هڪ وڏو ڪم آهي، جيڪو اُهي ڪن پيا. سڀ سنڌي آهن، اعليٰ تعليم حاصل ڪيل اٿن، سڀ ڪنهن کي احساس آهي سنڌ جو ۽ سنڌي ماڻهن جي لاءِ هو گهڻو ڪم ڪن به پيا افسوس ته صرف اهو آهي ته اجتماعي انداز ۾ ڪيل ڪم هميشه انتشار جهيڙي جي نظر ٿيو وڃي. جڏهن به ڪي تنظيمون وڏي پيماني تي ڪم ڪنديون آهن ۽ انهن جا پير پختا ٿي ويندا آهن ته پوءِ هو ذاتي انا ۽ خود غرضين جو شڪار ٿي وينديون آهن. آخر ائين ڇو ٿيندو آهي؟ جڏهن ته جدوجهد ۽ مقصد هڪ آهي. اخبارن ۾ ڏنل بيان بازيون ڏاڍو ڏکوئينديون آهن. جت اختلافي مسئلا هجن اُت پاڻ ۾ ويهي انهن کي نبيريو وڃي. جيڪڏهن اهي مسئلا نه ٿا حل ٿي سگهن ته اتان چپ چاپ هٽي وڃجي ٻين لاءِ جاءِ خالي ڪري ڇڏجي. ان تحريڪ يا ايسوسيئيشن کي هلڻ ڏنو وڃي. ڪجهه نه ٿيڻ کان بهتر آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو رهي. ان فنڪشن ۾ مونکي موقعو نه مليو پر دل ۾ اها خواهش ضرور هيم ته ڊاڪٽر هاليپوٽي کان انهن ڳالهين جي وضاحت گهران. کيس سنڌ ۾ گهڻو مان ۽ عزت ملي آهي. اهو ان ڪري مليو آهي جو هنن ڪجهه نه ڪجهه سنڌ لاءِ ڪيو ضرور آهي. انفرادي طرح اسان ڪنهن تي به الزام نه ٿا هڻي سگهون. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي سچو،، همدرد ۽ هڏووکي آهي، پر اسان سنڌي اجتماعي طور هڪ هنڌ گڏ ٿي متفق فيصلا ڇو نه ٿا ڪري سگهون؟...... اسان هڪ ٻئي کي برداشت ڇو نه ٿا ڪيون؟ ٻڌي ۽ درگذر ڪرڻ اسان مان ڇو ختم ٿيندو ٿو وڃي. انا ۽ ليڊرشپ جو مسئلو هڪ ڪاريهر مثل آهي. ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اختلافي مسئلن جي باري ۾ مون کي ڪا به ڄاڻ نه آهي. ان ڪري مان لکڻ ۾ محتاط ٿي وڃان. پر اها خواهش ضرور اٿم ته آخر اسان ڪهڙي جاءِ ڪهڙي هنڌ متفق ٿينداسين؟ اسان پاڻ هڪ ٻئي کي سهي هڪ ٻئي جون ڪوتاهيون درگذر ڪري گڏ ڇو نه ٿا ٿي سگهون.....؟
ياد اٿم هڪ دفعي طارق اشرف مون کي ٻڌايو هو ته حيدرآباد جي مايوس ۽ دهشت واري ماحول کان بيزار ٿي، اميد جو هڪ ڪرڻو روشن ڪرڻ لاءِ اديبن ۽ دانشورن جو هڪ وفد مختلف سنڌي سياستدانن سان ملڻ ويو. ملڻ جو مقصد صرف اهو هو ته سڀ سنڌي سياستدان گڏجي هڪ پليٽ فارم تي جمع ٿين ۽ سنڌين جي حقن ۽ تحفظ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪن. سڀني سياستدانن ڏاڍي سٺي موٽ ڏني. سنڌ جي مٿان جان قربان ڪرڻ جي دعويٰ ڪيائون. وڏيون وڏيون ڳالهيون ۽ وڏا واعدا ڪيائون. جڏهن انهن کان پاڻ ۾ گڏجڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي ته ان ڳالهه تي به متفق ٿي ويا، پر گڏوگڏ اهو به شرط رکيائون مان ته هن وٽ ڪونه ويندس، باقي هو ڀلي مون وٽ اچن”. اها ڳالهه ته سياستدانن جي ڪيتري نه ڏکوئيندڙ آهي جو سنڌ لاءِ ۽ سنڌي ماڻهو لاءِ ته ساهه نڪري ٿو جان قربان ڪجي ٿي، پر سنڌ ڪارڻ ڪنهن وٽ هلي وڃڻ عيب ٿا سمجهن، هو سمجهن ٿا ته ان ۾ انهن جي گهٽتائي ٿي ويندي يا وري انهن جي ليڊري خطري ۾ پئجي ويندي. عجيب ڏکوئيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ آهن سنڌ جون حالتون ۽ انهن سياسي ليڊرن جو ڪردار.
مان سياسي ليڊرن جي ڪردار تي زور ان ڪري پئي ڏيان ته اسان جي ماحول ۾ اديب ۽ شاگرد پنهنجي ليکي جدوجهد ڪن پيا، قربانيون ڏين پيا. واٽون ٻڌائين پيا، رستا کولين پيا پر قوم جي قسمت جو گهڻو مدار وري به سياستدانن تي اچي ٿو. هو ووٽ وٺي، اسيمبلين ۾ وڃي قومن جي سڃاڻپ ٿي ٿا وڃن ٿا. انهن علائقن مان جتان انهن اليڪشن کٽي آهي ان جا مهندار ٿي وڃن. سنڌ جو سياستدان، جيڪو گهڻو ڪري وڏيرو يا رئيس هوندو آهي. هو اليڪشن ۾ پئسا سيڙائيندو آهي. جيئن اُن مان ٻيڻا چؤڻا ڪمائي سگهي. ووٽ وٺڻ مهل اليڪشن جي ورڪ ۾ انهن جون ڳالهيون آسمان کي هونديون آهن. ووٽ وٺن کانپوءِ انهن کان سڀ ڪجهه وسريو وڃي. هوندو جيڪڏهن صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ته ڪراچيءَ مان نه نڪرندو. هوندو جيڪڌهن قومي اسيمبلي جو ميمبر ته ويٺو هوندو اسلام آباد ۾...... مان سمجهان ٿي ته اسان جي عوام کان وڌيڪ انهن سياستدانن جي ذهني تربيت هئڻ گهرجي. ڪاش اسان جي صحافت کي ايڏي آزادي هجي، جو انهن سڀني سياسي ليڊرن جا ڪچا چٺا اخبارن ۾ شايع ڪجن. انهن جا ڪر توت ظاهر ڪري انهن کي عوام اڳيان وائکو ڪجي. مان سمجهان ٿي ته اسان کي شعوري توڙي لاشعوري طور اهو ضرور سوچڻو ۽ ڪرڻو پوندو ۽ اها ڳالهه وسارڻي پوندي ته جيڪڏهن ڪو سنڌي آهي يا ڪنهن اهڙي خاندان يا پارٽي سان واسطيداري اٿس، اُن ڪري اُن کي ووٽ ڏيڻ ضروري آهي، ڏسڻو اهو آهي ته اسان جنهن کي ووٽ ڏيون پيا، ان جو ماضي ڇا رهيو آهي؟ هاڻ سنڌي وٽ غلطين ۽ ڪوتاهين کي برداشت ڪرڻ جي قوت نه آهي. سياستدانن جو ايڪو ۽ هن قوم جو ووٽ ئي هاڻ اصل فيصلو ڪري سگهي ٿو. اهو فيصلو ئي هوندو جيڪو هن ڌرتي واسين کي ٻوڙي به سگهي ٿو ته پار به ڪري سگهي ٿو.

آچر 14 آڪٽوبر 1990ع

حيدرآباد شهر ۽ سنڌين سان ٿيل ويساهه گهاتيون

حيدرآباد منهنجو شهر، اسان سڀني جو شهر جتي هاڻ راڪاس گهمي ويو آهي. اڳ ڪهاڻين ۾ پڙهندا هئاسين ته راڪاس اماوس جي رات جو ٻاهر نڪرندو هو. جهڙو ڪارو پاڻ تهڙي ڪاري رات، چنڊ تارا به لڪل، هٿ کي نه ڏسي هٿ. هو ڪنهن به ويجهي انسانن جي ڳوٺ تي حمله آور ٿيندو هو، ڪيترن کي ماري کائي ويندو هو. باقي بچيل ان ڳوٺ جا رهواسي اهو ڳوٺ ئي خالي ڪري هليا ويندا هئا. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪنهن ملڪ جو بهادر شهزادو اتان اچي لانگهائو ٿيندو آهي. ڇا ڏسي ته گهر سامانن سان ڀريا پيا آهن. ڪلين ۽ رسين تي ٽپڙ ٽنگيا پيا آهن. سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن آپر نه آهي ته اُت انساني مخلوق نه آهي. جڏهن ٻئي ڳوٺ ۾ وڃي ٿو ته پڇا ڪرڻ تي خبر پويس ٿي ته ڪو راڪاس آهي، جنهن جي ڪري هي ڳوٺ ويران آهي. هو بهادر شهزادو پوئتي وري ٿو. ڳوٺاڻن جي مدد ۽ پنهنجي بهادريءَ سان اُن راڪاس جو انت ٿو آڻي.....
پر حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ته ڳالهه ئي اُبتي آهي. هتي راڪاس هڪ به نه پر سوين هزارين آهن. هو ڏينهن جي روشني ۾ حمله آور ٿين ٿا. هو انسانن کي مارين ٿا. گهر گهاٽن جو سمورو سامان ٻهاري وڃن ٿا. جيڪا شيءَ نه ٿا کڻي سگهن. اُن کي ٽوڙي ٽڪر ڪري ٿا ڇڏين. هي جيڪي رهزن ظالم ۽ خوني آهن سي ڪنهن کان به ڪونه ٿا ڊڄن. اسان کي توهان کي سڀني کي خبر آهي ته هو ڪير آهن؟ هو ڇا ٿا ڪرڻ چاهين ۽ اُنهن جا مقصد ڪهڙا آهن؟ سڀ ڪو چپ آهي. ٻڌي ڪونهي، ساٿ ڪونهي. عام ماڻهو ڊنل پريشان آهي. ڄڻ ته واريءَ جي انتظار ۾ آهي ته ڪڏهن ٿو ڪات اُن جو ڪنڌ ڪوري.....
هي توهان جو منهنجو حيدرآباد، جنهن جي گهٽين ۾ بي خوفيءَ سان سڀ ڪو گهمندو هو. اڄ اُت گهر مان نڪرڻ محال آهي. ٽوپي اجرڪ پائڻ، پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ ڄڻ گناهه آهي ۽ هو راڪاس ٽوپي اجرڪ پايو رت جي راند کيڏندا پيا وتن......
ڊنل لاوارث ماڻهو انتظار ۾ آهن، ڪنهن شهزادي جي جيڪو ايندو ۽ سڀ سور لاهي ويندو. ڪڏهن ايندو اهو شهزادو؟ ايندو به الائجي نه؟ شهزادا به واندا ڪو نه آهن هو به ماڻهو ڏسي موٽ کائيندا آهن. شهزادا اچي به ڇا ڪندا. اسان ته پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هنئي آهي. پنهنجي لاءِ کڏ پاڻ کوٽي اٿئون، پنهنجي گهرن ۾ پاڻ کاٽ هنيا اٿئون.
اسان سنڌي چوڻ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو ته ڏاڍا بهادر ۽ خبر نه آهي ڇا ڇا آهيون. پر مان توهان کي ٻڌايان ته اسان جهڙو ڪانئر ۽ گيدي ٻيو ڪوبه ڪونهي. ٻه چار ڄڻن کي ڇڏي جيڪي سر تان آسرو کنيو ويٺا آهن ۽ انهن جي ڪري ئي هيءَ ڌرتي ۽ اُن ڌرتيءَ جا ماڻهو جيئرا آهن. باقي سڀني جو حال اهڙو آجو مثال ملڻ مشڪل آهي. توهان هي مثال ئي وٺو ته حيدرآباد شهر جا ڪيترا اهڙا علائقا جت سنڌين جي اڪثريت هئي. اُهي علائقا سنڌين پاڻ ڊڄي خالي ڪري ڇڏيا. وڏو مثال ته لطيف آباد جي علائقي جو آهي. لطيف آباد ۾ اڪثريت سنڌين جي هئي. هتان جا وڏا وڏا خوبصورت بنگلا وڏن ڪامورن، رئيسن ۽ وڏيرن جا هئا. اُهي وڏا ماڻهو جيڪي پنهنجي ذاتي دشمني ۾ ته الائجي ڇا مان ڇا ڪريو ڇڏين. هت اُنهن جا به بنگلا هئا، جيڪي اسيمبلين جا ميمبر به هئا. اُهي سڀ اگر همت کان ڪم وٺن ها ته لطيف آباد ائين سنڌين کان خالي نه ٿئي ها. اهي وڏا ماڻهو جيڪي پاڻ سان گڏ هٿيار ۽ هٿياربند ماڻهو گڏ کڻي هلڻ ۾ پنهنجو شان سمجهندا آهن. اُنهن هت ويهي ڪجهه به نه ڪيو. اگر هو پنهنجا ماڻهو لطيف آباد جي چؤطرف ڦهلائي ڇڏين ها ۽ عوامءَ کي تحفظ ڏين ها ته نه انهن کي پنهنجا وڏا وڏا بنگلا خالي ڪرڻا پون ها ۽ نه وري اُهي ويچارا سنڌي محنت سان ڪمائيل ۽ ٺاهيل ٽي سو ۽ چار سو والن جا بنگلا خالي ڪري وڃن ها، حالت ته وڃي اها بيٺي جو هڪ گهرٽپڙ ٻڌا ته اُنهن کي ڏسي ڏهن ٻين ڄڻن پئي بنگلا خالي ڪيا. لطيف جي نانءَ تي قائم هن علائقي کي سنڌين پنهنجي ڪم عقلي، نااهلي ۽ هروڀرو جي ڊپ ۽ هراس جي ڪري خالي ڪري ڇڏيو. اگر اسان ائين ڊڄندا رهنداسين ته سڀاڻي ٻيا علائقا جت سنڌين جي اڪثريت آهي اُهي به خالي ڪرڻا پوندا. پوءِ هن وهنوار جو انت ڪٿي ٿيندو؟...............
حيدرآباد جو سنڌي بي بس، بدحال ۽ پريشان آهي. سامهون دشمن طاقتور ۽ مضبوط آهي، ڊنل هيسيل سنڌين کي نه ڪو تحفظ ڏيڻ وارو آهي نه ڪو مٿي تي هٿ رکڻ وارو. هت حيدرآباد ۾ هڪ نئون وهنوار هليو گهرن کي ايڪسچينج ڪرڻ جو. ات نسيم نگر، قاسم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ بنگلن ۽ پلاٽن جو حساب ڪتاب ائين جو اُت ڪو به بنگلو چار سئو يا ڇهه سو والن کان مٿي ٺهيل ڪونهي. ڪجهه بنگلا ڇڏي، سڀ بنگلا زير تعمير هئا. انهن جا نقشا ٿرڊ ڪلاس ۽ ڪم ناقص ٿيل آهي. اهي سڀ بنگلا ايڪسچينج ٿيا. لطيف آباد جي بنگلن مان جيڪي ماڻهو ٽن سو يا ٻه سو چاليهن والن جي معمولي ٺهيل گهرن ۾ رهندا هئا، اُنهن کي لطيف آباد جا هزارين والن جا وڏا کليل بنگلا ملي ويا. نه صرف اُنهن بنگلا ورتا پر گڏوگڏ ڪيش پئسا به ورتائون. چوٽ تي نصيب چڙهيل آهي اُنهن دهشتگردن جو جڏهن پاڪستان ٺهيو تڏهن به وڏا شهر وڏا گهر ۽ قيمتي زمينون اُنهن کي مليون. هاڻ به هو سنڌين کي ماري ڀڄائي گهرن تي قبضا ڪري يا ايڪسچينج ۾ گهر وٺي سک سان ويٺا آهن......
حيدرآباد شهر ۽ لطيف آبا ۾ اسٽيٽ ايجنٽ گهڻو ڪري پناهگير آهن. اُنهن به سنڌين جي ڪمزورين مان فائدو حاصل ڪيو. سنڌين جا بنگلا ۽ گهر ڀڳڙن مٺ ۾ نيلام ڪرايائون، پنهنجي ماڻهن کي مالامال ڪيائون ۽ پاڻ لکن جو فائدو حاصل ڪيائون.....
هنن هنگامن ۾ جت سنڌين جو جاني نقصان ٿيو، اُت سنڌي اقتصادي ۽ سماجي طور تي تباهه ۽ برباد ٿي ويا. مٿان وري گذريل اليڪشن ۾ حيدرآباد شهر جون سڀ سيٽون به سنڌين جي هٿن مان نڪري ويون. اُن حالتن جا ڏوهاري ذميدار به اسان پاڻ آهيون. گذريل اليڪشن جو ن حالتون اسان جي سامهون آهن. آخر سنڌي حيدرآباد شهر ۾ ايترا به گهٽ ڪونهن جو سامهون وارا ايترو اڪثريت سان کٽي وڃن. اُن اليڪشن ۾ گهڻا سنڌي ڊپ وچان ووٽ ڏيڻ ئي نه آيا. ڪي ته پنهنجا گهر ڇڏي ڳوٺن ڏي روانه ٿي ويا. اُن وقت سنڌين جي عورتن جا نالا به ووٽر لسٽ ۾ نه هئڻ جي برابر هئا. سنڌي ان ۾ به غيرت ٿا سمجهن جو اُنهن جي زالن ۽ ڀينرن جا نالا ووٽر لسٽ ۾ شامل هجن ۽ هو ووٽ ڏين. جن عورتن جا نالا ووٽر لسٽ ۾ شامل هئا ته وري اُنهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه هئا.....
جيئن مان اڳ ۾ به هڪ ڪالم ۾ لکي چڪي آهيان ته ووٽ اسان سنڌين کي ٻوڙي به سگهي ٿو ۽ تاري به سگهي ٿو، ووٽ وٺڻ وارا سياستدان اسيمبلي ۾ وڃي قومن جي سڃاڻپ ٿي ٿا وڃن ۽ انهن علائقن مان جتان اُن اليڪشن کٽي آهي اُتان جا مهندار ٿي ٿا وڃن. دشمن جو وڏي واڪ اها دعويٰ ٿو ڪري ته حيدرآباد ۽ ڪراچي اسان جي آهي اهو اُنهن اسيمبلي جي سيٽن جي ڪري ئي چون ٿا. اسان جا سنڌي اڃا تائين ووٽ جي اهميت کي نه ٿا سمجهن. جڏهن اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ ريفرنڊم ٿيو هو ته ڀاءُ ناصر مورائي ڏاڍي افسوس سان اها ڳالهه ٻڌائي هئي ته اسٽيل مل جو ريفرنڊم نه صرف سنڌي کٽي وڃن ها پر اڪثريت ۾ کٽين ها ڇو ته ڪراچيءَ جي ٻين قومن، جيئن پنجابي، پٺاڻ بلوچ سڀني سنڌين سان تعاون ڪيو هو. صرف اُن ڪري اها ريفرنڊم سنڌين هارائي جو سنڌي ووٽ ڏيڻ ئي ڪونه ويا. شاميانا لڳا ويا. گهرن تي گاڏيون موڪليون ويون. انهن لاءِ کاڌا تيار ڪيا ويا. پر آرام پسند سنڌي گهر ۾ سمهي موڪل ملهائيندو رهيو پر ووٽ ڏيڻ نه آيو. اُن قوم جو ته اهو حال هو جو انهن موڪلن تي ويلن کي به گهرائي ورتو. اسپتالن مان مريضن کي اسٽريچر تي کڻائي آيا. جن عورتن کي اُن ڏينهن ٻار ڄاوا ته به هو پاڻ کڻائي ووٽ ڏيڻ آيون.....
هاڻي حيدرآباد شهر جا ٻه حصا ٿي ويا آهن. هڪ سنڌين جو ٻيو پناهگيرن جو جڏهن کان هن اليڪشن جو اعلان ٿيو بس منهنجي ذهن اها ڳالهه سوچڻ شروع ڪئي ته اهو ممڪن ٿي سگهو ٿو ته سنڌي هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ ۽ ٻه صوبائي اسيمبلي جون سيٽون کڻي وڃن ۽ دشمن جي اها دعويٰ رد ٿئي ته ڪو حيدرآباد شهر رڳو اُنهن جو آهي. حيدرآباد مان جيڪو به مائٽ مٽ اچي. انهن کان اليڪشن بابت ۽ اميدوارن بابت خبرون چارون پڇان. تازو اعجاز قريشي ۽ مشتاق ميراڻي سان ملاقات ٿي ته به منهنجو اهو ئي سوال هو ته اليڪشن جي ڇاپوزيشن آهي؟ ڇا سنڌي ڪجهه سيٽون کڻي ويندا؟ افسوس ۽ ڏکوئيندڙ حالت ۽ سنڌين جي اُها ئي ڪوتاهي......
اُهي سيٽون جن تان سؤ فيصد اميد آهي ته سنڌي کٽي ويندا اُت سنڌي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ بيٺا آهن. نتيجو ڇا نڪرندو؟ ڇا ايڏي تباهه حالي کان پوءِ به سنڌين ۾ عقل شعور نه آيو آهي؟ ڇا اهو چڱو ٿيندو جو سنڌين جا ووٽ ورهائجي وڃن ۽ سامهون بيٺل دشمن وري کٽي وڃي ۽ وڏي واڪ چوي ته حيدرآباد شهر ڪلهه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي. اليڪشن جا ڏينهن ويجها اچي ويا آهن. هن مسئلي جو ڪهڙو حل تلاش ڪجي؟ ڇا حيدرآباد جا سنڌي ليڊر ننڍڙا ٻار آهن، يا بي عقل ۽ جاهل آهن جو انهن کي ويهي آئندي جون سمجهاڻيون ڏجن؟ ڪهڙيون رڙيون ڪجن؟ ڪهڙا واڪا ڪجن؟ اهو ڪهڙو رستو اُها ڪهڙي واٽ آهي جتان وڃي اُنهن جي وٺ ڪجي اُنهن کي خوار ڪجي؟ ڇا اُنهن ڏهن ٻارهن سالن جي نياڻين جو ميڙ وٺي وڃجي اُنهن اميدوارن وٽ جن نياڻين سان عقوبتون ٿي چڪيون آهن؟ يا انهن نياڻين ۽ عورتن کي گڏ ڪري ماتم ڪرائجي جن جي جسم جي عضون تي دهشتگرد تنظيم جي نالي جا ٺپا لڳل آهن؟ لطيف، سچل، سامي ۽ بلاول جو واسطو وجهجي اُنهن کي. آخر ڪير اُنهن کي اها ڳالهه سمجهائيندو ته اُنهن جي هيءَ غلطي سنڌين کي هميشه لاءِ برباد ڪري ڇڏيندي. ٻنهي ڌرين مان ڪنهن هڪ ڌر کي هن ڌرتيءَ واسطي هن قوم واسطي هٽڻو پوندو.....
توهان يقين ڪيو جنهن به ڌر ائين ڪيو اُن جو مان ۽ عزت مٿانهين ٿي ويندي. جيڪو هن وقت موقع جي نزاڪت سمجهي هٿ کڻي ويو. هٿ کڻڻ سان ان جي بي عزتي ڪانه ٿيندي پر ان کي پنهنجي قوم جي ستايل ماڻهن وٽان واڌايون ملنديون، مان ملندو، عزت ملندي.

جمعو 19 آڪٽوبر 1990ع

محبت جي کوٽ ۽ نفرت جي انتها

هت اسان وٽ ڪافي فليٽ آهن. اُنهن بلاڪن جي هڪ فليٽ ۾ هڪ خاندان اچي رهيو آهي. اُنهن جو ضلعي هزاره پنجاب سان تعلق آهي، گهر ۾ ماءُ ٽي ڌيئر آهن. پيءُ وفات ڪري چڪو آهي ۽ ڀائر عرب ملڪن ۾ روزگار پٺيان ويل آهن. ٽيئي ڇوڪريون نوڪري ڪنديون آهن، صبح سان پنهنجي روزگار سان نڪري وينديون آهن. ٻه ڄڻيون اسڪول ۾ ماسترياڻيون آهن ۽ هڪ بينڪ ۾ نوڪري ڪندي آهي. اسڪول واريون ڇوڪريون ته منجهند ڌاري موٽي اينديون آهن. باقي بينڪ واري شام ڌاري موٽندي آهي. هوءَ جڏهن به شام جو ڊيوٽيءَ تان واپس ايندي هئي ته گهٽيءَ ۾ ويٺل ڇوڪرن جو هڪ گروپ جن جي وڌ ۾ وڌ عمر پندرهن سال مس هوندي، اُن تي فقري بازي ڪندا هئا. گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا ۽ هوءَ خاموشيءَ سان ٻڌي پنهنجي گهر ڏي هلي ايندي هئي. ڪافي ڏينهن تائين اهو وهنوار هلندو رهيو. اُن ڇوڪريءَ جي ماٺ اُنهن ڇوڪرن جو من وڌائي ڇڏيو، هاڻ هو اڃا وڌيڪ وڦلڻ لڳا. آخر هڪ ڏينهن هوءَ ڇوڪري برداشت نه ڪري سگهي ۽ اُنهن ڇوڪرن کي دڙڪا ڏنائين. اُنهن ڇوڪرن جواب ۾ اُن ڇوڪريءَ کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ اهو به چيائون ته تون عورت اسان سان مقابلو ڇو ٿي ڪرين وڃي پنهنجي مردن کي وٺي آ. اُن ڇوڪريءَ سمجهيو ته هنن کي خبر آهي ته اسان سان ڪو مرد گڏ نه ٿو رهي. اُن ڪري ئي هو مون کي تنگ ڪندا رهن ٿا. نه اسان وٽ مرد آهي ۽ نه مان وٺي ايندس. هاڻ هوءَ ڇوڪري ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهي ٿي ويئي، ان پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي سڏ ڪيو، جيڪي بلڊنگ جي پنجين منزل جي فليٽ ۾ هيون. گوڙ مچي ويو مرد ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. ڪجهه ٻيون عورتون به هيٺ لهي آيون، ڪي وري گيلرين ۾ بيهي هيءُ لڪاءُ ڏسي رهيون هيون. اُن ويل مان به اُتان لنگهيس گوڙ ڏسي اُت بيهي رهيس معلوم ڪرڻ تي سڄي حقيقت جي خبر پئي.
هاڻ معاملو تمام گهڻو وڌي ويو، کليل گاريون هڪ ٻئي کي ڏنيون پئي ويون. ڳالهه اڃا وڌيڪ ان وقت بگڙي جڏهن اوڙي پاڙي جي سمجهدار ۽ وڏي عمر جي ماڻهن، اُنهن عورتن جي ڳالهه ٻڌڻ بجاءِ اُنهن آواره ڇوڪرن جو پاسو ورتو ۽ اُنهن جي حمايت ۾ انهن عورتن سان اٽڪي پيا. انهن جو چوڻ اهو هو ته هي عورتون هنن ڇوڪرن کي ڪجهه به نه چون جو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي اُها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. انهن عورتن جو اهو چوڻ هو ته هو پاڻ ڪن مردن کان گهٽ نه آهن. اُن غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته اسان کي ڪير تنگ ڪندو ته اسان ڪو انهن کي ڇڏي ڏينديوسين. سچ پچ هن معاشري ۾ عورت جو اڪيلو رهڻ تمام مشڪل آهي. ڪن ۽ اکيون بند ڪري گذارو ڪرڻو پوندو آهي. افسوس ته اُن وقت ٿيو جو بجاءِ اُنهن آوراه ڇوڪرن کي تنبيهه ڪئي وڃي ها يا اُنهن کي سمجهايو وڃي ها ته ڳالهه ايڏي نه وڌي ها. اُت بيٺل عورتون ۽ مرد پاڻ ۾ سُس پس ڪرڻ لڳا. انهن جي لهجي ۾ نفرت ۽ حقارت هئي، هو پاڻ ۾ چئي رهيا هئا ته هي پنجاپڻيون اسان جي علائقي ۾ ڇو اچي رهيون آهن، هنن جو هت ڇا وڃي؟ چڱو ٿيو جو اسان جا ڇوڪرا اُنهن کي پڄي آيا. اُتي اُنهن ڇوڪرن مان هڪ ڇوڪري هڪ تمام خراب گار جو لفظ زبان مان ڪڍيو. پوءِ ته اُهي ڇوڪريون اُن ڇوڪري کي ورائي ويون. اُن ڇوڪري کي بچائڻ لاءِ ٻيا ڇوڪرا ۽ مرد اچي وچ ۾ پيا. اهڙي طرح انهن عورتن کي به ڪافي ڌڪ لڳا. اهڙو ته گوڙ مچي ويو جو انسان انسانيت جي درجي کان نڪري حيوانيت جي سرحد پار ڪرڻ لڳا. اچانڪ گهرن جي گيلرين مان فائرنگ شروع ٿي ويئي. اها فائرنگ دراصل اُنهن عورتن کي هيسائڻ لاءِ هئي. هو عورتون به ڊڄي پنهنجي گهرن ڏانهن هليون ويون. مان جن عورتن سان گڏ بيٺي هئس، اُنهن کي چيم ته هن فائرنگ ۾ بيهڻ چڱو نه آهي ته اُنهن ڏاڍي بي ڊپائيءَ سان چيو اسان کي ڇا جو ڊپ؟ هي سڀ ته اسان جا پنهنجا آهن....
ڏٺو وڃي ۽ ڪشاده دل سان فيصلو ڪيو وڃي ته خبر پئجي ويندي ته ڏوهه دار ڪيو آهي؟ اگر عقل سمجهه کان ڪم وٺي، انهن ڇوڪرن کي دڙڪا ڏيئي سمجهايو وڃي ها ته اها ڳالهه ايڏي نه وڌي ها. هي دلين جون نفرتون وڌي وڻ ٿي ويون آهن. اُنهن نفرتن جي انتها اها وڃي رهي آهي ته عورتن ۽ نياڻين جي عزت ۽ احترام به ختم ٿي ويو آهي. هيءَ قوم جيڪا پاڻ کي اسلام جي دعويدار ڪوٺائي ٿي، جيڪا سمجهي ٿي ته هوءَ ئي اخلاق ۾ ۽ ڪردار ۾ ۽ انسانيت ۾ سڀني کان اعليٰ آهي. اُن قوم جو حال وڃي هي رهيو آهي، مذهب جون به ڪي حد بنديون هونديون آهن. معاشري جا به ڪي اخلاقي قدر هوندا آهن. اسان جو مذهب هي ٻڌائي ٿو ته توهان جو ڪيترو به وڏو جاني دشمن هجي، ۽ چاهي هو يهودي يا هندو هجي پر انهن جي نياڻين ۽ عورتن جو احترام توهان تي ائين واجب آهي، جيئن توهان پنهنجين نياڻين ۽ عورتن جو احترام ڪندا آهيون. معاشري جي حد بندين ۾ پاڙي جي نياڻي پنهنجي نياڻي هوندي آهي....
سنڌ جي ڌرتي ۽ ماڻهن جو شان ته عجب نرالو آهي. هت نياڻيءَ کي ست قرآن ڪري ليکيو ويندو آهي. نياڻيون ميڙ ڪري وٺي وڃڻ سان سالن جون دشمنيون ۽ رقابتون ختم ٿيو وڃن. سنڌ جي ماڻهن “سام” جهلي ۽ جانين جون قربانيون ڏنيون..... هيءَ ڪهڙي قوم آهي، هي ڪهڙا ماڻهو آهن؟ مڃيوسين ته سياسي ليڊرن جو ڪردار هنن نفرتن کي وڌائڻ ۾ گهڻو آهي. پر اهي نفرتون اهو سبق نه ٿيون ڏين ته انسان اخلاقي، معاشرتي ۽ مذهبي پهلوئن کي وساري ڇڏي. دنيا ۾ وڏيون وڏيون جنگيون لڳيون انهن جنگين جا خوفناڪ نتيجا سامهون آيا. سواءِ ڪن ڊڪٽيٽرن ۽ آمرن جي هر ڪنهن فاتح جو ڪردار عورتن ۽ ٻارن جي باري ۾ واضح رهيو آهي.
هي قوم جيڪا پاڻ کي اُتم ۽ اعليٰ سمجهي ٿي. اُن جي وجود ۾ ايتري نفرت، حقارت ۽ بي حسي ڀريل آهي جو هاڻ اُنهن وٽ ڪنهن جي لاءِ به عزت ۽ احترام نه رهيو آهي. چوندا آهن ۽ ڏٺو به اٿئون ته خانداني ماڻهو جهوپڙيءَ ۾ به رهندو ته به پنهنجي رک رکاءُ ۽ اٿڻ ويهڻ سان پيو ٻڌائيندو رهندو ته اُن ۾ ڪيترو ماڻهپو آهي. بي عزت ماڻهو اگر دولت جي هندورن ۾ به پيا لڏندا ته به اُنهن جو رک رکاءُ ۽ اُٿ ويهه اڇا ڪارا پئي پڌرا ڪندي. ٻه ٽي سال اڳ لاهور ۾ نڪرندڙ هفتيوار رسالي ۾ هڪ صحافيءَ جو سفرنامو پڙهيم. هو ويو هو هندستان گهمڻ. ڪافي شهر گهمي ڏٺائين. اُتان جو واءُ سواءُ لڌائين. هڪ ڏينهن دهليءَ ۾ هڪ ٽانگي تي شام جو سير ڪندي ٽانگي واري سان ڪچهري ڪرڻ لڳو. اُن صحافي اُن ٽانگي واري کان پڇيو ته اسان ته پنهنجن وڏن کان ٻڌو آهي ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، ان کان هي هندستان ڏاڍو مختلف آهي. اُن ٽانگي واري پڇيس اهو ڀلا ڪئين؟ اُن صحافيءَ جواب ۾ چيس ته جيئن ته اسان کي خبر آهي ته دهليءَ جا ڊاڪو، بنارس، جا ٺڳ، لکنوءَ جون طوائفون ۽ انهن جا دلال، مدراس جا چور ۽ ڳنڍيڇوڙ ۽ هتان جا جولاها، تيلي، ڌوٻي سڀ مشهور هستيون آهن. هاڻ اهي سڀ هت نظر نه ٿا اچن..... اُن ٽانگي واري ڏاڍي اطمينان ۽ اعتماد سان جواب ڏنو: “سائين ورهانڱي جي وقت اهي سڀ هندستان مان لڏي وڃي پاڪستان ۾ رهيا آهن. هاڻ هت هندستان ۾ ته صرف شريف شرفا رهجي ويا آهن.” توهان پاڪستان مان آيا آهيو ڇا هو توهان کي اُت نظر نه ٿا اچن؟... اُن صحافيءَ جي اُن سفرنامي مان واضح ٿي ٿو وڃي ته هيءَ قوم ڪهڙي آهي. هنن هَچائن کي اسان جي ئي ڌرتيءَ تي اچڻو هو. هي پاڻ کي اسلام ۽ شرافت جي پردي ۾ لڪائي ويٺي آهي، پر سندن قول، عمل ۽ ڪردار اُنهن کي وائکو ڪيو ويٺو آهي. هن قوم مان سنڌين جي جان ته ڇٽي ڪين ٿي سگهي. گهٽ ۾ گهٽ سنڌي هنن سان رشتا ناتا جوڙڻ ۾ احتياط ڪن. هنن ظالمن اڳيان ڇاتي تاڻي هلجي جنهن وقت به پٺ ڏني هو وار هڻي ڪڍندا. هن قوم مان نه اڳ چڱائي ملي آهي نه هاڻ ملندي......

آچر 21 آڪٽوبر 1990ع

سنڌي اديب عوام جي عدالت ۾

سنڌي اديبن جي ڪردار تي اڄ تائين الائجي ڪيترن لکيو آهي ۽ ڳالهايو آهي. سنڌ جون حالتون جڏهن به ڪنهن انتهائي خطرناڪ موڙ تي اچي وينديون آهن، ان ويل اسان جا ئي ڪي سڄاڻ ۽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهو اديب جي ڪردار جي وٺ پڪڙ ڪندا آهن. اسان جو سنڌي اديب ان جو ڇا ڪردار رهيو آهي، هو هاڻ ڇا ڪري رهيو آهي ۽ ان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهي سڀ سوال گردش ڪندا رهندا آهن سنڌي اديب جي چوگرد. سنڌي اديب گهڻو ڪري مڊل ڪلاس، نوڪري پيشه ڪلاس يا وري لوئر ڪلاس سان تعلق رکي ٿو. اهڙن اديبن جو تعداد گهٽ آهي جن جو تعلق اپر ڪلاس جن ۾سرمائيدار جاگيردار ۽ وڏيرا اچي وڃن ٿا. اصل حساب ڪتاب جي گهُر ان اديب کان گهري ٿي وڃي، جيڪو اقتصادي توڙي سماجي طور سماج جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. هن وقت مان ڪا سنڌي اديب کي ان جي ڪارڪردگي لاءِ ڪو سونو ٻلو نه ٿي ڏيان ۽ نه وري ان جي اڳيان ڪو بچاءُ بند ٿي ٺاهڻ چاهيان مان پاڻ به هن سٿ جي آخري قطار ۾ بيٺل هڪ تمام ننڍي قلم ڪار آهيان. سچ پڇيو ته اندر ۾ جيڪي اوڙاه پيا ٻرن وجود ۾ جيڪا جوٽيل جنگ اٿم، آس پاس جي ماحول مان جيڪا نراسائي ۽ نا اميدي ملي رهي آهي، ان جي حوالي سان، هڪ سنڌي اديب جي حيثيت ۾ مان پاڻ پنهنجو پاڻ کي وچ چوڪ تي بيهاري سنگسار ڪرڻ جو حڪم ڏيان ٿي. . . يا وري مان پنهنجي پاڻ کي ڦاسيءَ جي سزا جو حقدار سمجهان ٿي. . . اهي ٻئي سزائون انهن سڀني اديبن جي لاءِ به آهن جيڪي مون سان گڏ هن قطار ۾ بيٺا آهن ۽ ان قطار جي پڇاڙيءَ ۾ آءُ به ڪنڌ جهڪايو بيٺي آهيان. . . ها پر اهو هو ضرور چوندس ته مون تي ۽ مون سان گڏ هن سڀني اديبن کي سنگسار ڪرڻ واري سزا ۾ بيٺل ماڻهو اسان سڀني کي پٿر ضرور هڻن، پر هڪ شرط آهي، اها شرط اها آهي ته اسان سڀني کي پٿر هڻڻ وارا ماڻهو اِهو ثابت ڪن ته هو هن سڄي وايو منڊل جا گنگهار نه آهن. هنن هن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جا سڀ حق ۽ فرض پورا ڪيا آهن . . . !
سائين منهنجا مڃيوسين ته سنڌي اديب گنهگار آهي، مڃيوسين ته سنڌي اديب ويهين ۽ ايڪيهين گريڊ جي نوڪريءَ ۾ عيش پيو ڪري. . . مڃيوسين ته سنڌي اديب هن قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي گيت لکيا، انقلابي افسانه لکيا. . . اهي سڀ ڪجهه لکڻ وارا وڏا وڏا اديب اڄ ماٺ ڪيو ويٺا آهن، هو وڏا گنهگار آهن، انهن سڀني جو وڏو گناه هي آهي ته انهن هن قوم کي سجاڳيءَ جو سبق ڏنو، هنن هن قوم کي حقيقتن کان آشنائي ڪرائي . . . هو گنهگار آهن جو هن قلم جي تلوار سان سچ جي پلصراط تي هليا آهن نه صرف پاڻ هليا آهن پر هن اٻوجهه گنهگار قوم جي ٻچي ٻچي کي ڇڪي اچي ان پلصراط تائين پهچايو آهي . . . انهن وڏن اديبن جي قطار کان پوءِ هلي ٿي اسان جي ٽهيءَ جي اديبن جي قطار، جن انهن اڳين اديبن جي جاکوڙ سان کوليل رستي تي وڇايل ڪنڊن کي اکين جي پنبڻين سان چونڊي صاف ڪيو آهي . . . نسل در نسل سنڌي اديب گناهن جي مٿان گناه ڪندو رهيو آهي ۽ ڪري پيو. سزاوار آهي اهو سنڌي اديب جيڪو جاکوڙن سان نوڪري هٿ ڪري پوءِ نانگن بلائن سان مقابلو ڪري ويهين ايڪهين گريڊ جي نوڪري تي پهچي ٿو. سنڌي اديب جي گناهن جي لسٽ تمام طويل آهي ڪهڙا گناهه ڳڻائي ڪهڙا گناهه ڳڻائجن . . . هنن سڀني گناهن ۾ سڀ کان وڏو ۽ عظيم تر گناهه جيڪو سنڌي اديب ڪيو آهي سو آهي سجاڳي آڻڻ ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ جو، هن ڌرتي ۽ هن ڌرتيءَ جي مان مرتبي جو. هن گناهه جي عيوض سنڌي اديب سان جيڪا به جٺ ڪجي سان گهٽ آهي، جيڪا به سزا ڏجي سان معمولي آهي . . .
سنڌي اديب هن وايو منڊل ۾ جيڪا خودشناسائي ڏني، ان ڪري ئي سنڌي ماڻهوءَ تي ظلم ٿيا قهر ٿيا. عام سنڌي ماڻهو هن ڌرتيءَ جي حوالي سان ماضيءَ جي غلطين مان سبق پرائي مستقبل جا منصوبا ٺاهيا. انهن ٺاهيل منصوبن ۾ جڏهن به جهول آيو يا ڪا رڪاوٽ آئي ته ان جو ڏوهيدار به سنڌي اديب ئي آهي . . . ڇو ڀلا سنڌي اديب ان ماڻهوءَ کي ان رستي تان هٽايو، جت هو ٻانهن ٻڌل غلام هو . . . هن سماج ۾ نسل در نسل هو زنجيرن ۾ جڪڙيل هو .
اڄ سنڌي اديب سنڌي عوام جي عدالت ۾ گنهگار ثابت ٿيو آهي. ان کي سزا ملي آهي سنگسار ڪرڻ جي . . . ها اديب کي اها سزا ضرور ملڻ کپي ڇو ته هو عام ماڻهوءَ کي ته سڌاري ويو پر انهن ماڻهن کي نه سڌاري سگهيو جيڪي هن ماحول ۽ معاشري جا پڳدار آهن. هو جيڪي ووٽ وٺي اسيمبلين ۾ وڃي هن قوم جا ٺيڪيدار ٿي ٿا وڃن. هن اٻوجهه سنڌي ماڻهوءَ کي سنڌي اديب هڪ بنيادي ڳالهه جو احساس ڏياريو . . . اهو احساس هي هو ته هيءَ ڌرتي توهان جي آهي، پاڪ پوتر آهي، صوفين ۽ ولين جي آهي. توهان جو اصل نسل هزارين سال پراڻو آهي، هيءَ ڌرتي ۽ هن ڌرتيءَ جا سڀ رهواسي اعليٰ ۽ اتم آهن. هن ڌرتيءَ جي مان مرتبي کي گهٽجڻ نه ڏجي، هن ڌرتيءَ جو بچاءُ ڪيو وڃي، هيءَ ڌرتي سڀني جي ماءُ آهي عزت جي قابل آهي...
اديبن هن ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ ۽ هن ڌرتيءَ جي ناموس لاءِ اها جيڪا ڳالهه چئي عام ماڻهو ته سمجهي ويو، نه سمجهيو ته هن ڌرتيءَ جو پڳدار هو ووٽ وٺڻ وارو نه سمجهيو. . . هو ووٽ وٺڻ وارو جيڪو هن ڌرتيءَ مان ئي اسريو ۽ نڪتو آهي. اهو شخص ڌرتيءَ جي هن حوالي کي، هن نعري کي پنهنجو بنياد بنائي اڳتي وڌيو، سڀ اٻوجهه ماڻهو ان پويان. . . سال گذري ويا، ڪرسيون مٽجنديون رهيون، بادشاهيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون ۽ هو ووٽ وٺڻ وارو ان نعري کي وٺي عام ماڻهوءَ جي نصيبن تي ڪات ڪهاڙا هڻندو رهيو.
سنڌ جي عظيم ڳائڻي مائي ڀاڳي نهايت مفلسي ۽ ناداري جي حالت ۾ وفات ڪئي. ان جي آخري خواهش هئي ته هو سرڪاري خرچ تي حج بيت الله جي سعادت حاصل ڪري. پر ان جي اها آس پوري ٿي نه سگهي، جنهن سال هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، انهيءَ سال ئي مسلح فوج جي هڪ وڏي وفد کي، نهايت اهتمام سان حج جي لاءِ رخصت ڪيو ويو. انهيءَ تضاد کي ناگوري (آرٽسٽ) پنهنجي هڪ تصوير ۾ هميشه لاءِ زنده جاويد ڪري ڇڏيو. جيئن اسان جي ايندڙ نسلون هن تصوير کي ڏسي اسان جي معاشرتي صورتحال مان واقف ٿي سگهن. ايئرپورٽ تي فوجي حج جي طائفي کي اعزاز سان هوائي جهاز ۾ ويهاريو پيو وڃي ۽ پس منظر ۾ مائي ڀاڳي جي جنازي کي ماڻهو کڻي رهيا آهن. تصوير ۾ ڏڪر جو شڪار ٿر جي به هڪ جهلڪ ڏيکاريل آهي. جتي مائي ڀاڳي پيدا ٿي هئي ۽ جتي ئي سندس لافاني صلاحيت وڌي ويجهي هئي.
دعوائون ته ڪيون ٿيو وڃن ته ملڪ جي پرائمري اسڪولن ۾ داخلا جي عمر جي سؤ سيڪڙو ٻارڙن کي جلد تعليم ڏني ويندي ۽ سموريءَ آبادي کي تعليم جو برابري وارو حق حاصل آهي پر ناگوري کي اصل حقيقي صورتحال ان کان مختلف نظر اچي ٿي. ڳوٺاڻي علائقي جي معصوم ٻارڙن کي ميلن جو مفاصلو طئي ڪري اسڪول اچڻو پوي ٿو. (انهيءَ شرط تي سندس مائٽ کيس پڙهائڻ جي پوزيشن ۾ هجن) ۽ پوءِ ڳوٺاڻي ٻارن کي ميل ٻه ميل پري کان پاڻي ڀري اچڻو پئي ٿو.
ناگوري “تعليم جي تضاد” کي تصويري روپ ڏنو آهي. هن جي هڪ پينٽنگ ۾ ڳوٺن جي ٻن ٻارڙن کي پيدل اسڪول ويندي ڏيکاريو ويو آهي. پس منظر ۾ مراعات يافته ٻارڙن جو “پبلڪ اسڪول” آهي جنهن جي سامهون اميرن جا ٻار ڪارن مان لهي رهيا آهن.
سنڌ ۾ وڏيون وڏيون جاگيرون اڃا تائين جيئن جو تيئن موجود آهن. انهن جاگيردارن جا هاري اڃا تائين نيم غلامانه زندگي گذارين ٿا. انهن جون عورتون غلامن جون به غلام آهن. هارياڻيءَ کي جاگيردارن جي پيرن هيٺيان لتاڙيل ڏيکاريل آهي. هي عورت ملڪ جي اهم ترين دولت، زراعت اپائيندڙ آهي پر هن جا هٿ ۽ پير جاگيردارڻي ٻيڙين ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. تصوير ۾ علامتي طور تي اهو به ڏيکاريو ويو آهي ته هن جي عظمت ۽ جنسي تقدس پڻ وڏيرا شاهي جي ظلم و جبر کان محفوظ ناهي.
ناگوري فقط هڪ مقاميت پسند فنڪار ڪونهي. هو معاشري جي خرابين جي فقط داخلي سببن تي ئي نظر نه ٿو رکي، بلڪ هو انهن مسئلن کي عالمي پيماني جي جبر و تشدد ۽ ناهمواري سان جڙيل سمجهي ٿو. عالمي سامراج تي هڪ فن پارو پڻ ناگوري ٺاهيو آهي. جنهن ۾ هن شهنشاهيت جي جاگيرداري تصور ۽ ملڪ گيري سان گڏوگڏ، سرمائيدارانه سامراجي تسلط جي سرشتي کي پڻ واضح ڪيو آهي. قرون وسطيٰ جي مطلق العنان فاتحن، ٽن مٿن واري ديوتا کي پنهنجي طاقت جي علامت طور پسند ڪيو هو. مهاراجا اشوڪ ٽن مٿن واري شينهن کي پنهنجي سوڀن جي اظهار لاءِ فني وسيلي طور منتخب ڪيوهو. هن انهي قديم اصطلاحن جي مدد سان سامراج جي هاڻوڪي شڪل کي پيش ڪندي، پاپائيت، ملائيت ۽ بنياد پرستيءَ کي سامراج جو مرڪز ۽ محور قرار ڏنو آهي. سامراج جي راج سنگهاسن جي هيٺ پيل انسانيت، ان جي طاقت جو سرچشمو آهي جنهن جي سموري توانائي کي نپوڙي ان کي بي عزتو ڪيو وڃي ٿو.
ناگوري “مصلحت پسند” ۽ “موقعي شناس” فنڪار ناهي جيڪو فقط جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي معاشرتي پهلوئن تي ئي نعري بازي ڪري ۽ ان جي خلاف ٺلهي لٻاڙ ۽ ردعمل جو اظهار ڪرڻ لاءِ “يوسف جي خريدارن” ۾ شامل ٿي وڃي. هو انهيءَ نقطي تي به نظر رکي ٿو ته حڪمران طبقن جي بقاءُ ۽ انهن جي مقامي ۽ عالمي مفادن جي تحفظ لاءِ، ملڪ جو حڪمران ٽولو ڪهڙن قسم جي حربن کي استعمال ڪري ٿو. هن وقت ملڪ ۾ جيڪي اسيمبليون ڪم ڪري رهيو آهن، انهن جي طبقاتي ترڪيب جي هر باشعور فنڪار کي ڄاڻ آهي. هن کي خبر آهي ته جاگيردار طبقي جي اڪثريت تي مشتمل، اسان جا قانون ساز ادارا جيڪا قانون سازي ڪري رهيا آهن، انهن جو اصل مقصد ڇاهي؟ “مقدس قانون” جي عنوان تحت پنهنجي هڪ تصوير ۾ ناگوري سياسي بونن جي وقتي فتحن جو نقشو نهايت طنزيه انداز سان پيش ڪيو آهي، تصوير ۾ “چار” عورتن کي هڪ ئي قطار ۾ بيٺل ڏيکاريو ويو آهي. فيوڊل قانون ساز انهن جي مٿان ويٺو “آرام سان حقو” پي رهيو آهي، “قانون جي بيڪري” مان تازا قانون ٺهي نڪري رهيا آهن. پس منظر ۾ ٺهيل ٽن طاقتن ۾، ٽيئي حڪايتي ڀولڙا، موقعي پرست دانشورن جا تصور اڀاري رهيا آهن. جنهنجو اصول آهي ته برا نه ڪهو، برا نه سنو اور برا نه ديکو!!
اخباري مطالعو ته هر پڙهيل لکيل شخص جو مشغلو هوندو آهي پر جڏهن هڪ حساس ۽ معاشري ڏانهن ذميوار فنڪار تازن واقعن کان جڏهن واقف ٿيندو آهي ته هو انهن جي پويان ڪم ڪندڙ قوتن جي تلاش ڪندو آهي ۽ انهن واقعن جي ٻين ڪيترن ئي ٿيندڙ واقعن ۽ حالتن سان ڀيٽ ڪندو آهي. افغان مهاجرن جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي سڄي دنيا مان ملندڙ امداد جي خبر ڇپي هئي ته سعودي عرب مان وڏي مقدار ۾ قرباني جو گوشت، افغان مهاجرن جي امداد لاءِ موڪلي ورهايو ويندو.
ناگوري “قرباني جو گوشت” جي نالي سان هڪ تصوير ٺاهي هئي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته جهاز مان لهندڙ قرباني جو گوشت افغان ڪيمپن ڏانهن نيو پيو وڃي، جڏهن ته اسان جي آباديءَ جي ترجماني ڪندڙ مفلوڪ الحال خاندان، انهيءَ فڪر ۾ ٻڏل غوطا کائي رهيو آهي ته اڄ ڇا کاڌو وڃي. اسان جي آبادي جي اڪثريت کي مهينن تائين گوشت ته پري جي ڳالهه ڀاڄي به کائڻ لاءِ نصيب نه ٿي ٿئي. کاڌي جي کوٽ جي ڪري گهڻو ڪري ماڻهو موت جو شڪار ٿين ٿا.
ناگوري عوام جو فنڪار آهي، هو محنت ڪش طبقن جو ترجمان آهي. پر هڪ خاص کوٽ ناگوري جي فن ۾ نمايان طور تي محسوس ڪئي وڃي ٿي. سا هي ته هن اڃا جديد صنعتي مزدور طبقي جي ۽ دلال سرمائيدار طبقي ۾ انهن جي مفادن جي ترجماني ڪرڻ وارين قوتن جي خلاف هلندڙ سڌي طبقاتي جدوجهد کي پنهنجي تخليقات جو موضوع نه بنايو آهي.
اسان اها اميد به صرف ۽ صرف ناگوري جهڙن فنڪارن مان ئي رکي سگهون ٿا ته اهي انهيءَ طبقي جو ڌيان پنهنجي فن ڏانهن ڇڪائي ۽ انهيءَ جدوجهد (جنهن کان سواءِ ڪنهن طبقي جو ڇوٽڪارو ممڪن ناهي) کي اڳتي وڌائڻ ۾ تعاون ڪندا. ناگوري جڏهن به هن طرف پنهنجي توجهه اختيار ڪئي، هو ريڊيڪل جمهوري طبقن جي ترجماني سان گڏ پرولتاريا آرٽسٽ پڻ بڻجي ويندو ۽ اها ئي ان جي فن ۽ تخليقي صلاحيت جي معراج هوندي.

آچر نومبر1990ع

سانئڻ مارئي منهنجي ساهه ۾

هر هفتي ڪالم لکڻ ڪيترو نه مشڪل ڪم آهي. هن معاشري ۾ رهي آس پاس تي گهري نظر وڌي وڃي ٿي ته پوءِ موضوع چونڊڻ يا لڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. اڄ مان آس پاس جي سڀني مسئلن کي ڇڏي، پوئتي تمام پوئتي وڃان ٿي هڪ ڪردار ڏي. اُهو ڪردار منهنجو آئيڊيل ڪردار رهيو آهي. ان ڪردار کي مون تمام دل جي گهراين سان پڙهيو آهي ۽ پنهنجي عقل آهر ان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. اهو ڪردار آهي اسان جي سنڌ جي سونهن ۽ سينگار مارئيءَ جو ........
مارئي هڪ سنڌي عورت جو ڪردار آهي. ان ڪردار جي مان شيدائي آهيان. مارئي تي ٿيل ظلم ۽ پيڙائون ۽ ان ظلم ۽ پيڙائن ۾ مارئي جو ڪردار پاڻ ڏي ڇڪي ايندو آهي. ان وقت جڏهن مارئي ملير ڏي موٽ کائيندي آهي ۽ واپس پنهنجي مارن ڏي ايندي آهي. ان جا مائٽ ان کي قبوليندا آهن. کيت سين به ان سان شادي ڪندو آهي. شاديءَ کان پوءِ جون حالتون ۽ پيڙائون جيڪي مارئيءَ صبر سان برداشت ڪيون، اهي حالتون مارئيءَ جي اند ڀور ڀور ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون. جيئن ته مارئي هڪ بلند ڪردار ۽ باهمت عورت هئي، ان انهن ڏکن طعنن، ظلم زيادتين کي زندگيءَ جي کليل حقيقت سمجھي قبول ڪيو. اڄ اسان هن ترقي يافته زماني ۾ به تلخين ۽ سچاين کي برداشت ڪرڻ جي همت نه ٿا رکون ۽ هوءَ مارئي جيڪا اٻوجھه ۽ گگدام هئي، دنيا جي لاهين چاڙهين کان واقف نه هئي، ان کي زماني جي حقيقتن ان هنڌ تي وڃي پهچايو جو هوءَ پاڻ پچائي سخت جان ٿي ويئي. جڏهن هوءَ عمر ڪوٽ جي محل جي اڱڻ جي چبوتري تي ويهي ماروئڙن کي ياد ڪري ڪانگ اڏائيندي هئي. يا وري محل جي دريءَ مان اُن واٽهڙن کي ڏسي سوچيندي هئي ته من اُن ۾ اهو به هجي جيڪو منهنجي ملير جي مارن وٽان آيو هجي، مون کي ڳوليندو هجي، مون کي ٻڌائڻ آيو هجي ته مارئي ايترو ته روءَ نه رڙيون ڪر. جيترو تون مارن کي ياد پئي ڪرين اُن کان وڌيڪ تنهنجا مارو تنهنجي لاءِ بيقرار آهن. هاڻ اُها ئي مارئي جڏهن واپس ملير ۾ آئي ۽ جن مارن جي لاءِ اُنهن جي طعنن کي برداشت ڪرڻ. مٿان وري ور جي بيپرواهي. اهي سڀ ڳالهيون ۽ حالتون مارئي کي ڏکوئڻ لاءِ ڪافي هيون. يقينن مارئي پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ چانڊوڪين راتين توڙي اونداهين راتين ۾ جاڳي اهو ضرور سوچيو هوندو ته آخر هوءَ ڪهڙن ڏوهن جي سزا ڪاٽي رهي آهي؟ عمر سومري جي ڪوٽ کان وڌيڪ اُن کي پنهنجي جون ميارون ڏکوئينديون هونديون. اُن ويل مارئي ڇا سوچيندي هوندي؟ ڪيئن اُنهن حالتن جو صبر سان مقابلو ڪيو هوندائين. مارئي هڪ وڏي دل جي مالڪ هئي. ڏکن جي اوڙاهه مان پچي ٻاهر نڪتي هئي، تڏهن ته اُن ۾ صبر هو. اُن صبر جي ڪري ئي، حقيقتن کي تسليم ڪرڻ جي ڪري ئي ته اُن وٽ جيئڻ جي واٽ کليل هئي.
هوڏانهن هو عمر سومرو، عادل حڪمران جيڪو مارئي کي کڻڻ جي غلطي ڪري چڪو هو جڏهن جذباتي ۽ هيجاني ڪيفيت مان ٻاهر نڪتو ۽ جڏهن ڪوشش جي باوجود به مارئي کي حاصل ڪري نه سگهيو . اُن واپس وڃڻ کان پوءِ به سک نه ماڻيو. اُن جي نالي سان گڏ عمر سومري جو نالو ماروئڙن وٽ ڳائڻ ۾ آيو.
انهن ڳالهين جا پڙاڏا عمر سومري تائين به پهتا. هو شينهن مڙس وري ڪاوڙ ۾ اچي جذباتي فيصلو ڪري مارئڙن ڏانهن حملي لاءِ فوج وٺي روانو ٿيو. عمر سومرو فوج سنڀرايو پيو اچي، هو سڀ ماروئڙا ڊپ وچان ڀڄي ويا لڪي ويا. ها مارئي، اها ئي مارئي همت ڪري ٻاهر نڪري آئي اُن وڃي عمر سومري جي اُٺ جي مهار ۾ هٿ وڌو. کيس چيائين ڇو آيو آهين اسان غريبن کي ستائڻ؟ عمر جواب ۾ چيو ته جڏهن ته مان ڏوهدار ئي نه آهيان. جڏهن ته مون امانت ۾ خيانت ئي نه ڪئي آهي ته پوءِ تنهنجو ور ۽ تنهنجا مارو تو کي منهنجو طعنو ڇو ٿا ڏين؟ مارئي جواب ۾ چيس ته عمر بادشاهه اها سچائي آهي ته مان تنهنجي قيد ۾ تو وٽ رهي آهيان. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته منهنجو تو سان ۽ تنهنجو مون سان ڪهڙو ورتاءُ هو. شڪ ڪرڻ طعنو ڏيڻ منهنجي ور کي ڀلي جڳائي. اُن جي عيوض هو منهنجو ور مون کي ماري به وجهي ته به ڪو ڀؤ ڪونهي. اي عمر بادشاهه نه تون اهڙو گندو ڪم ڪرين ها نه پاڻ کي مصيبت ۾ وجهين ها ۽ نه وري مون کي. انصاف ته ڪيئي؟ اٽلو آيو آهين اسان ڏکويلن کي وڌيڪ ڏکوئڻ.....
هاڻ هن هنڌ هن ڪردار ۾ جڏهن مارئي اُٺ جي مَهار کي پڪڙي عمر سومري سان مخاطب ٿي آهي جهڙي طرح اُن عمر کي سندس غلطين جو احساس ڏياريو آهي ڇا اُها مارئي ڪنهن گهٽ قوت جي مالڪ هئي؟ مان اُن مارئي جي اُن ڪردار جي شيدائي آهيان جيڪو ماروئڙن وٽ موٽڻ کان وٺي عمر سومري جي اُٺ جي مهار جهلڻ تائين آهي.... ڪيترن ئي تنقيد نگارن عمر سومري جي ڪردار کي ننديو آهي پر مان عمر جي ڪردار جي واکاڻ ڪندس. عمر اهو ڪردار آهي جيڪو مارئي جي حسن جو عاشق ٿي اُن کي کڻائي آيو. جيڪڏهن هو چاهي ته ڪجهه به ڪري پئي سگهيو پر هن اخلاقي قدرن جو ساٿ نه ڇڏيو. هوڏانهن وري مارئي جي همت ۽ جرئت عمر کي هر گناهه کان روڪيو چاهي اُهو شاديءَ جي صورت ۾ ئي هو. عمر سومري پڻ پاڻ کي اُنهن پريڪشائن مان گذاريو جيڪي اُن وقت جي حالتن مطابق موجود هيون. مارئيءَ کي کڻي وڃڻ جو گناهه عمر ضرور ڪيو هيو، پر پوءِ ان گناهه کي ڌوئڻ لاءِ اُن جيڪي وس ڪيا، اُن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمر عقلمند انسان هو ۽ ان پنهنجي غلطيءَ کي محسوس ڪيو هو. منهنجي هن لکڻ جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ڪو عمر مارئيءَ کي کڻي ڪو چڱو ڪم ڪيو هو. مان اِهو ڏسي رهي آهيان ته ان گناهه کي جيڪو فطري طور حسن ۽ عشق جي ڪري ٿيو اُن کي عمر سومري ڪيئن نڀايو. هڪ ته غلط ڪم ڪجي نه، اگر ڪجي تو پوءِ اُن کي ڪيئن نڀائجي اصل مسئلو ته اهو ئي آهي. اگر مارئي جبل جيڏو اڏول ۽ مضبوط ڪردار آهي ته عمر سومري به پنهنجي بچاءُ لاءِ وسان ڪين گهٽايو.
جيڪڏهن مارئي ايڏي مضبوط ڪردار جي مالڪ نه هجي ها ته پوءِ هن تاريخي واقعي جو رخ ئي ٻيو هجي ها. ممڪن آهي ڪهاڻيءَ جو وجود ئي نه هجي ها..... سنڌ ۾ مرد جو ڪردار جيڪو رهيو آهي، اُن سان گڏوگڏ عورت به گهٽ نه آهي. جڏهن مردن سامون جهليون ته اُت عورت به پنهنجي زندگين جا ٻليدان ڏنا آهن. هي سڀ اسان جي سنڌ ڌرتي جون عظيم روايتون آهن. گڏيل گهر، مليل خاندان پاڻ ۾ محبتون، هڪ کي تڪليف ٿئي ته سڀن کي سيڪ اچي. اُن ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته اُن وقت اُن ماحول جا به پنهنجا مسئلا هئا. اهي مسئلا به اُت پيدا ٿيندا آهن جت پيار ۽ پنهنجائپ هوندي آهي. ماڻهو وڙهندو ته به پنهنجن سان شڪوه شڪايت ڪندو ته به پنهنجن سان. اُن وقت اڄ جي ماحول وانگر تنهائي ۽ ويراني نه هئي.
اڄ انسان ٻئي انسان کان پري ٿيندو ٿو وڃي. ويچارو انسان ذهني توڙي جسماني طور ايترو مصروف ٿو رهي ۽ ٿڪجي ٿو پوي جو هر ويجهي کان ويجهي رشتي کي به مڙوئي پيو هلائي. ذميدارين جا احساس ختم ٿي ويا آهن. پنهنجائپ ۽ پيار مصنوعي رهجي ويو آهي. هن مشيني دور ۾ انسان پاڻ به مشين ٿيندو ٿو وڃي. ان سبب جي ڪري ئي جڏهن ڪنهن انسان تي ڪو به ڏکيو وقت اچي ٿو ته ان وقت کي منهن به اُن کي اڪيلو ئي ڏيڻو پوي ٿو. هن ائٽمي دور جي ترقيءَ ۾ آهستي آهستي انسان اڪيلو ٿيندو ٿو وڃي ان اڪيلائپ جي حل جي تلاش انسان کي ڪرڻ کپي. اگر انسان آهستي آهستي هنن تهذيبي روايتن ۽ اخلاقي قدرن کان هٽندو ويو ته ساري انساني وجود جي ڀڄڻ ۽ ڀرڻ کان علاوه ڪجهه نه ٿيندو. پنهنجي وجود جي بقاءُ لاءِ انسان کي ڪجهه نه ڪجهه سوچڻو پوندو.

آچر 11 نومبر 1990ع

سنڌ ۾ ڏاڍن جون ڏاڍايون

پنهنجي ننڍپڻ ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو ناول “سانگهڙ” پڙهيو هئم. اهو سڄو ناول ناول حُرن جي تحريڪ جيڪا عام ڪري سڄي سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري سانگهڙ ضلعي ۾ هلي هئي، اُن تحريڪ جي حوالي سان هي سانگهڙ ناول لکيل آهي. اُن تحريڪ جو زور سانگهڙ ضلعي ۾ گهڻو هو. سال ٿيا آهن هن ناول کي پڙهندي پر اُن ۾ لکيل ڪجهه ڳالهيون ذهن جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ موجود آهن، جيڪي اڄ ياد اچي ويون.
حرُن جي هن تحريڪ ۾ هندو سنڌين ۽ مسلمان سنڌين گڏجي حصو ورتو هو. هن تحريڪ ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن به حصو ورتو هو ۽ قربانيون ڏنيون هيون. اڄ اُنهن عورت ڪردارن جا نالا ته ياد ڪونه اٿم پر اُنهن جي ڪيل جدوجهد ۽ قربانيون جيڪي اُنهن ڏنيون هيون هن ناول ۾ وضاحت سان لکيل آهن. اُهي ڪجهه ڳالهيون منهنجي ذهن تي ڇٽيل آهن. ناول سانگهڙ ۾ مصنف هڪ هنڌ لکي ٿو ته: “اها تحريڪ ايتري ته زور وٺي ويئي جو انگريزن جي چيلهه ئي ڀڄي پيئي ۽ اُنهن هتان جي رهواسين تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي. انتها ته اها ڪيائون جو اُنهن جي اڳيان هر سنڌي ڳالهائڻ وارو حُر هو”. مصنف ناول ۾ اهو به لکيو آهي ته اُن وقت سانگهڙ ضلعي جو ڪو اهڙو گهر نه هو جنهن جو ڀاتي نه مئو هجي. اهڙ اگهڻا گهر هئا جن جا مرد ته بچيا ئي ڪونه هئا.
سانگهڙ ناول جو حوالو مان انڪري ڏنو آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ سانگهڙ ضلعي وڏو اهم ڪردار رهيو آهي. اها حُرن جي تحريڪ هئي جيڪا اڳتي هلي ٻين تحريڪن سان ملي انگريزن کي هتان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي. برصغير پاڪ هنڌ ۾ سنڌ اُهو واحد صوبو آهي جت انگريزن کي اچڻ مهل “مياڻي” ۽ “دُٻي” (علائقن جا نالا) واري جنگ ۾ مقابلو ڪرڻو پيو ۽ وڃڻ مهل حُرن جي تحريڪ ۽ ٻين تحريڪن سان مقابلو ڪرڻو پيو.......
هاڻ ڏسو اُن تحريڪ جي باني ۽ هڪ مهان انسان جو اولاد ڇا پيو ڪري؟ هي اُهي ماڻهو آهن جن کي کپي ها ته هو سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن جي مٿي تي هٿ رکن ها. اُنهن لاءِ اسيمبلين ۽ سينٽ ۾ ڪجهه ڳالهائين ها. هيڏا جو سنڌين مٿان ڪلور ۽ ظلم ٿي چڪا آهن اُنهن مسئلن تي وات کولين ها. پر اُنهن ائين نه ڪيو. اُنهن جي قول ۽ عمل جو تضاد سنڌين جي تڪليفن کي وڌائي پيو. هو مانَ مرتبي ۽ عزت وارا ماڻهو گهڻو نه ته رڳو ايترو ڪن ها جو صرف سچ چوڻ جي همت ڪن ها ته شايد اُنهن جو شان مان رهجي اچي ها.....هاڻ ٻڌو سائين جن نئين ڳالهه پيا ڪن. اُنهن جي وڏن سنڌ لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ هو چون ٿا ته ڪراچيءَ کي الڳ ڪري مرڪز سان ملائڻ گهرجي.....
معنيٰ ته سائين جن جي راءِ آهي ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري ڇڏجي....!!! اها خبر پڙهي سنڌ سان محبت رکڻ وارن جي جيڪا حالت ٿي هوندي سان بيان نه ٿي ڪري سگهجي. پر هاڻ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ايڏي وڏي ڳالهه ان شخص ڪيئن چئي؟ ڇو چئي؟ پيشنگويون ڪرڻ ۽ کل مسخري ڪري وڏيون ڳالهيون ڪرڻ انهن جون اسان کي به وڻن ٿيون پر سنڌ جي مستقبل جي فيصلي جو اختيار يا وري سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو اختيار هنن کي ڪنهن ڏنو آهي؟ هي ماڻهو پنهنجي علائقي مان به اليڪشن هارائين ٿا. هي ماڻهو جن کي پنهنجي ڳوٺ راڄ وارا به ووٽ ڪونه ٿا ڏين اُنهن کي اهو چوڻ جي جرئت ڪيئن ٿي ته هو ويهي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن.
هاڻ سائين ذڪر ٿي ڪيان سانگهڙ ضلعي جي هڪ ٻئي ڪردار جو سانگهڙ ضلعي جو هڪ وڏو زميندار نوابي خاندان جو چشم چراغ ڪروڙن جو وارث. اُن جي شادي کي جڏهن ٻه ٽي سال گذري ويا ۽ اولاد نه ٿيو ته سُسُ پُسُ شروع ٿي ويئي. هيڏي وڏي ملڪيت جو وارث ۽ اُن جي پيڙهي پيدا نه ٿئي هي ته هڪ وڏو مسئلو هو. ننڍن وڏن، مٽن مائٽن، دوستن، همدردن سمجهايو ته سائين اها چڱي ڳالهه نه آهي. اسان کي ته پٽ جي ڇٽيءَ جي ڀتَ کائڻ جي آس اميد آهي ۽ هت سال پيا گذرن ڪا خوشيءَ جي خبر ئي نه آهي. اهو سمورو احوال اُن نواب جي مرشد تائين به وڃي پهتو. اُهو مرشد به هلي آيو پنهنجو فرض نڀائڻ. مرشد سائين به سمجهاڻي ڏني ته سائين شرع ۾ ڪو شرم نه آهي مڙس ماڻهو پيا شاديون ڪندا آهن، هن گهرواريءَ مان اولاد نه ٿيو آهي ته پوءِ ٻي شادي ڪرڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي. هن عقلمند ۽ سمجهدار انسان جواب ڏنو “ته سائين منهنجي گهر واري منهنجو گهر آهي (اُن جي زال اُن جي چاچي جي ڌيءُ هئي) هاڻ جو مان ٻي شادي ڪيان ته معنيٰ ڌارين مان ڪيان ڇو ته خاندان وارا سنڱ ڪونه ڏيندا. مان جو ڌارين مان شادي ڪريان ته معنيٰ منهنجو نسل ڌارين ماءُ مان هلندو. اها ڳالهه مان برداشت نه ٿو ڪري سگهان. ها باقي توهان منهنجا مرشد آهيو، منهنجي لاءِ دل سان دُعا ڪيو ته منهنجي هن گهرمان ئي منهنجو گهر آباد ٿئي..... اُن نيڪ ۽ عقلمند انسان نيت جي سچائي ۽ مرشد جي دُعا به الله اهڙي ٻڌي جو چوڏس رنگ ڦهلجي ويا.
الله به نوازيو ته هو نواب ڪيترن ئي پٽن جو پيءُ ٿي ويو. سڀ لائق پٽ.... اُنهن پٽن مان هڪ پٽ جي هٿ ۾ سنڌ جي واڳ آهي. اُن شخص سنڌ کي صفا اُٿلائي ڦٿلائي ڇڏيو آهي. هي شخص هن مهل جيڪو ڪجهه ڪري پيو سو سمجهه کان ٻاهر آهي. هي شخص جنهن جي والد ۾ ايتري غيرت هئي جو ڌارين سان سنڱ ڪرڻ ۽ پيڙهي پيدا ڪرڻ پنهنجي لاءِ خراب پيو سمجهي. اڄ اُن جي پٽ سڄي سنڌ ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ۾ هڪ خوني باب لکيو ويو وڃي. اُن جا ڪيل فيصلا پنجوڙ تي سنڌين مٿان ڪريا آهن. هاڻ ڇا ٿيندو؟ ڪيترا سنڌي بي روزگار ٿيندا؟ سنڌين جا گهر ۽ ملڪيتون تباهه پيون ٿين. ڇا ٿيندو مستقبل ۾؟ بهرحال تمام ڏکيو وقت آهي سنڌين لاءِ ڇو ته هن شخص جا ڪيل فيصلا تمام خطرناڪ ۽ نقصان ڏيندڙ آهن............
هاڻ سائين سانگهڙ مان نڪري بدين ڏي ٿا اچون. هو بدين شهر جو رهواسي ايم آرڊي جي تحريڪ جو اڳواڻ. جنهن قربانيون ڏنيون. جنهن سور سختيون سٺيون ۽ آخر زندگيءَ جي ٻليدان ڏيئي شهيد ٿيو. اُن جو پٽ قوم پرست سنڌيت جي نالي تي ووٽ وٺڻ وارو. جيڪو سنڌ جي عوام جي سورن لاهڻ جي ڳالهه ڪندو هو. هن جو چوڻ هوندو هو ته سنڌي ماڻهو قوم پرستن کي ووٽ ڪونه ٿا ڏين. اگر قوم پرست کٽي اسيمبلين ۾ ويندا ته هو سنڌين جي حقن لاءِ وڙهندا. سنڌين کي حق وٺي ڏيندا ۽ سنڌي قوم جي دشمن جو مُنهان مُنهن مقابلو ڪندا..... هاڻ ته ٻڌو اٿئون ته هن ٻه مهينا اڳ ئي معاهدو ڪيو هو سنڌ دشمنن سان اُن ڪري ئي اليڪشن جو دوران ان جي تڪ ۾ اهڙا آفيسر موڪليا ويا جيڪي اُن جي مڪمل مدد ڪن پيا. آخر هو قوم پرست کٽي ويو. هاڻ هو به وڃي اسيمبلي ۾ ويٺو آهي. کٽڻ کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌواسي اُن کان وسري ويا آهن. اُن اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي. سو برداشت کان مٿي آهي.
هاڻ هلون ٿا دادو ضلعي ڏي. دادو ضلعو ۽ اُن جا سياسي ڪردار اصل ذڪر کان مٿي آهن. اُنهن ڪردارن ۾ هڪ جبل جيڏو ڪردار. اُن سنڌين کي سنڌيت جي سوچ ڏني، وجود جو احساس ڏياريو. سندس نالو دشمن لاءِ ڪات ڪهاڙي کان گهٽ نه آهي. هو پوڙهو شينهن اڄ به ڪجهه ڳالهائي ٿو ڪجهه چوي ٿو ته حال في الحال زلزلو اچي ٿو وڃي. ڪيترائي جوان اُن جي تحريڪ پٺيان شهيد ٿيا آهي، جيلن ۾ مصيبتون پيا ڪاٽين.... اڄ هو شخص ڪٿي بيٺو آهي؟ اُن جي پٽ اسيمبلي ۾ اچي ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي. حيدرآباد جي نسيم نگر قاسم آباد ۾ قائم ڪيمپن جا رکوالا اُن جا پوئلڳ آهن. اُنهن کين ضرور ٻڌايو هوندو ته اُنهن ڪيمپن ۾ آيل نياڻين، ڀيڻن ۽ جوانن جا قاتل ڪير آهن. اڄ هو اُنهن قاتلن کي ووٽ ڏيئي. اسيمبلي ۾ عهدا پيا ڏيارين. اُنهن قاتلن سان گڏ هڪ گلاس ۾ سُرڪيون پيا ڀرين....... اُنهن کي اها همت پيا ڏيارين ته توهان ڇا به ڪيو، ڪجهه به ڪيو، اسان ڪُرسين جا ڪوڏيا آهيون. ڪو مري ڪو جيئي اُن ۾ اسان جو ڇا؟ هاڻ مان اُن مهان شخص ۽ ان جي پٽ بابت وڌيڪ نه ٻڌائيندس، ها پر تاريخ پاڻهي فيصلو ڪندي ته هنن جي قول عمل جي تضاد سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ڪيترو نقصان پهچايو آهي.....؟
هاڻ دادو ضلعي جي ٻي قد آور شخصيت جنهن ون يونٽ ٺاهڻ جي سخت مخالفت ڪئي هئي. گهڻي ڪوشش ڪئي هئائين ته ون يونٽ نه ٺهي. آخر جڏهن وس نه هلي سگهيس ته سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس دوران ڪاوڙ وچان جوتو اُڇلايو هئائين اُن شخص ڏي جنهن ون يونٽ جي قراداد پاس ڪرائي هئي. پوءِ وٺي اُتان ڀڳو. پوليس پويان پاڻ اڳيان جيپ ۾ آخر پڪڙجي پيو قيد ڪاٽيائين، سخيتون سٺيائين پر ثابت قدم رهيو. اُن جي خاندان جا ٻه چشم چراغ سياست ۾ اچي ويا. هو ٻئي به قوم پرست. هڪ ڄڻو ته اهڙو جنهن پنهنجي گهر ٻار جي به پرواهه نه ڪئي آهي. سنڌين جي حقن لاءِ پيو وڙهي. سينٽ ۾ به سنڌ جي مسئلن کي چڱي طرح اُٿاريو اٿس. هاڻ هو اليڪشن ۾ هارائي ويو آهي. سندس ٻيو ڀاءُ جيڪو پهرين ئي ڪُرسي تي ويٺل هو هٿ پير هڻي ڏاڍ مڙسي ڪري کٽي ويو. هاڻ هو اسيمبلي ۾ ڇاپيو ڪري.......؟ اُها به هڪ طوطا مينا جي ڪهاڻي آهي.
هاڻ اچون ٿا لاڙڪاڻي طرف اڳ چيو ويندو هو ته “سنڌڙي تو کي جڏهن ڪڏهن قنڌار مان ڌوڪو.” اڄ ائين چوڻ کپي “سنڌڙي تو کي جڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي مان ڌوڪو.” لاڙڪاڻي جي اهم ڪردارن مان هڪ ڪردار جنهن سڀ کان پهرين سنڌين کي ڪاپاري ڌڪ هنيو هو ون يونٽ ٺاهي..... اُن ڌڪ جا ڦٽ اڃان به سُڪا نه آهن. اندرئي اندر اُهي ڦٽ ناسور ٿي پيا آهن. اُن شخص جو اولاد اُن ڪوشش ۾ مشغول آهي ته ڪهڙي طرح هو سندن والد جي ڪيل غلطين جو ازالو ڪري سگهن. هو سڀ قوم پرست آهن. سڄو ڏينهن جيئي سنڌ، جيئي سنڌ ٻي ڪائي وائي ناهي وات ۾.......
اُن اولاد مان هڪ ڌيءَ پڙهيل لکيل سمجهدار، باهمت، حوصله مند، سنڌ جي نالي ڪير به گهرائي اُت موجود. ڪجهه عرصو پهرين جي ڳالهه آهي نورالهديٰ شاهه ٽي وي جي لاءِ ڊرامو لکيو جنهن جو نالو هو “جنگل” جيڪو ڏاڍو ڪامياب ٿيو هو. اُن ڊرامي جي ڪاميابي جي سلسلي ۾ هڪ پروگرام رٿيو ويو هو. ان ۾ اُن قوم پرست عورت کي به دعوت ڏني ويئي. اُن عورت نفرت جو اظهار ڪندي چيو ته نورالهديٰ شاهه اردو ۾ ڊرامو لکي سنڌ سان غداري ڪئي آهي. سو مان اهڙين دعوتن ۾ ڪونه ويندس... ايڏيون وڏيون دعوائون ڪرڻ ايڏين وڏين بلندين تي اُڏامڻ واري عورت دشمنن سان سنڌ جي ماڻهن جي رت جي راند کيڏيندڙن سان وڃي وزارت ۾ ويٺي. هاڻ اليڪشن ۾ ته هارائي ويئي آهي پر ٻڌون پيا مشير جو عهدو ملڻ وارو اٿس...
هي منهنجو ڪالم پڙهڻ وارا پيارا سنڌيو هي سڀ ڪجهه لکڻ جو سبب صرف اهو آهي ته آخر اسان سنڌي ڪاڏي وڃون؟ ڪنهن کي پنهنجو سمجهون؟ گذريل حڪومت غلطيون ڪيون دلين تان لهي ويئي. سڀني پئي چيو ته قوم پرستن کي کٽرائجي ته سڀ صحيح ٿي ويندو. هو قوم پرست اسيمبلين ۾ اچي واڄٽ وڃائيندا. ائين گجندا، ائين گوڙ ڪندا جو دشمن جا ڏيل به ڏڪي ويندا. هاڻ ڏٺوسين هنن قوم پرستن کي، هاڻ هيٺ ڌرتي ٽامو آهي ۽ آسمان مٿان باهه جا اُلا، هاڻ سنڌي ويچارا ڇا ڪن؟ سمجهه ۾ نه ٿو اچي سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ ها پر هڪ ڳالهه جو مون کي يقين آهي، ايمان آهي ته هي سڀ ماڻهو تاريخ جي ٽياس ته ضرور ٽنگبا.... پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا ضرور ڀوڳيندا... اُن وقت عام سنڌي ماڻهو فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري ضرور چوندو ته شڪر آهي ته اسان هنن ماڻهن کي ووٽ ڪونه ڏنو. هو ڪُرسين، وزارتن ۽ مشيرن جي عهدن تي ويساگهاتي ڪري پڳا آهن. هي سڀ سنڌين جا چونڊيل نمائندا نه آهن. پر جيڪي چونڊجن ٿا اُهي ڇا ٿا سنڌ لاءِ ڪن اهو به هڪ وڏو سوال آهي؟

عوامي آواز 18 نومبر 1990ع

نوٽ: منهنجو هي ڪالم ڄام صادق علي جي حڪومت ۾ شايع ٿيو هو. مون ٻڌو آهي ته ان وقت خالد سيتائي چيف منسٽر هائوس ۾ انفارميشن آفيسر هو، ان کي اهو چيل هو ته منهنجو هر ڪالم اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ان ئي ڏينهن چيف منسٽر هائوس ۽ ٻين ڊپارٽمينٽن ۾ پهچايو وڃي. (خالد سيتائي پاڻ ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي سگهي ٿو)ان ڏينهن جڏهن ڄام صادق علي صاحب جي هٿن ۾ منهنجو اهو ڪالم پهتو ته ان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هڪدم عوامي آواز جي آفيس مان سهيل سانگي ۽ امداد اوڍو کي گهرائي ڏاڍي ڪاوڙ جو اظهار ڪيائين. آخر ڄام صاحب پڇيو ته هيءَ سلطانه وقاصي ڪير آهي؟ کيس ٻڌايو ويو ته مان سينٽ جوزف ڪاليج ۾ ليڪچرار آهيان. ان اهو چيو ته مان اڄ جو اڄ اُن کي ٿر جون ڀِٽون ٿو ڏيکاريان. اُت علي نواز وفائي جن به ويٺا هئا. (وفائي صاحب به منهنجي والد جا گهرا دوست هئا) ان ڄام صاحب کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هو سخت ڪاوڙ ۾ هئا. اصل ڪرسيءَ تي اڀا ٿي بيٺا هئا. آخر جڏهن علي نواز وفائي جن کين اهو ٻڌايو ته مان ٽنڊي آدم واري خانصاحب عبدالحق وڪي جي ڌيءَ آهيان ته هو خاموش ٿي ويو ۽ ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو.......
ڄام صادق علي صاحب جيڪو منهنجي بابا جو گهرو دوست ۽ منهنجو چاچا ڄام صادق علي هو. مونکي ننڍي هوندي پيار به ڪندو هو. اهو وقت ياد اٿم جو اسان جو بابا سائين ڌيئن جي پڙهائي جو خيال رکندو هو. مان روز هڪ پنو سٺن اکرن ۾ لکي بابا سائينءَ کي ڏيکاريندي هيس ته بابا جن مونکي خرچي ڏيندا هئا. هڪ ڏينهن عادت موجب مان پنو لکي اوطاق ۾ بابا سائين وٽ ويس ته بابا مونکي خرچي ڏني، اهو ڏسي چاچا ڄام صادق علي ۽ چاچا ڪرم علي ۽ ٻيا جيڪي اتي ويٺا هئا سڀني مون کي خرچي ڏني هئي. مونکي هنن سڀن وڏن لاءِ احترام آهي. ڇو ته اسان جي خاندان ۽ ڄامن جي خاندان سان اسان جي وڏن جي پراڻي دوستي آهي. ڄام صادق علي جو والد نواب ڄام ڪانڀو خان لاءِ چوندا آهن ته سانگھڙ جي علائقي ۾ هن کان وڌيڪ ڪو سخي ڪو نه هو. ڪو به سوالي سندس در تان هٿين خالي نه موٽندو هو. پر مان چري سنڌ جي مفادن خاطر انهن کي درگذر ڪري نه سگهيس.
هن ڪالم ڇپجڻ کان پوءِ مان جڏهن عيد تي ٽنڊي آدم ويس ته بابا جن جيڪي پاڻ ادب دوست ۽ سنڌ دوست هئا، انهن صرف مونکي ايترو چيو ته، اڪرم توکي هن ڳالهه جو خيال رکڻ کپي ها جو منهنجي دوستن جي دل نه رنجائين ها .........
ياد ٿوا چيم ته ماما جمال جون چمڪندڙ اکيون جن هي ڪالم پڙهي منهنجي مٿي تي هٿ رکي چيو هو، “ اڪرم ڏاڍن سان منهن اٽڪايو اٿئي، پوئتي موٽ نه کائجان . .......”
الطاف شيخ هن ڪالم جي حوالي سان هڪ هنڌ لکيو آهي “ جنهن ڏينهن اهو ڪالم ڇپيو هو ان ڏينهن مان هڪ دعوت ۾ موجود هئس. اُن دعوت ۾ جنهن ٽيبل تي مان ماني کائي رهيو هوس اتي سڀئي جج ويٺل هئا. ڳالهين دوران انهن سلطانه وقاصي جي ڪالم جو ذڪر پئي ڪيو، ڪا دير ان جي تعريف ڪندا رهيا ته جتي مردن ۾ به ايڏي همت نه آهي اُت سلطانه عورت ٿي ڪري جنهن بي ڊپائيءَ سان هي ڪالم لکيو آهي شاباس اٿس. منهنجي خيال ۾ سلطانه وقاصي لاءِ ايڏي وڏي ڪيليبر جا ماڻهو اها ڳالهه ڪن ته ان کان وڌيڪ ان کي ٻئي ڪهڙي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت آهي.”)

سنڌين جي آدم شماري ۽ گهر شماري

ٻاويهين تاريخ کان سنڌ ۾ آدمشماري ۽ گهر شماري شروع ٿي آهي. ان تي سنڌي ماڻهوءَ جي مستقبل جو دارو مدار آهي. هن آدمشماريءَ جي حساب سان اسيمبلين جا تڪ ٺاهيا ويندا ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون طئي ڪيون وينديون. تعليمي ادارن ۾ داخلائون، روڊ، رستا، گئس، بجلي، پاڻي، اسپتالون ۽ اسڪول ڪاليج پڻ ايندڙ آدمشماريءَ جي روشنيءَ ۾ منظور ڪيا ويندا. هن آدمشماريءَ مان اهو معلوم ٿيندو ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارا ڪيترا آهن. جيڪڏهن اسان سستي ۽ ڪاهليءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ لسٽن ۾ نالا نه لکراياسين ته پوءِ جيڪو حشر اسان سنڌين جو ٿيندو، اهو سوچ کان به مٿي آهي. اخبارن ۾ ڪافي ڏينهن کان اشتهار پيا اچن. مختلف ليڊرن ۽ سنڌ دوست ماڻهن جا بيان پيا اخبارن ۾ ڇپجن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهي بيان ۽ سمجھاڻيون ڪيترن ماڻهن تائين پهچن ٿيون. حقيقت ته اها آهي ته اسان وٽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي گهرن ۾ به سنڌي اخبار ڪو نه ٿي اچي. ته پوءِ اهي ماڻهو جيڪي اڻ پڙهيل آهن ۽ ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ ٿا رهن اُهي نه اخبار خريد ڪن ۽ نه وري پڙهي سگهن. اُنهن وٽ اهي سڀ ڳالهيون ڪيئن پهچن.
اسان وٽ ورڪرن ۽ ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن جي کوٽ آهي. حقيقت ۾ اُهي قومون ترقي ڪندين آهن جيڪي هيٺان کان ڪم جي شروعات ڪنديون آهن. مون ڏٺو آهي ته اسان وٽ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ميٽنگون گهرائي، انهن ۾ فيصلا ڪري مختلف ماڻهن تي ڪم رکيا ويندا آهن. انهن ميٽينگن دوران ته سڀڪو وڏيون وڏيون ڳالهيون پيو ڪندو آهي، هر قسم جي تعاون جا واعدا پيا ٿيندا آهن پر ميٽنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀ پنهنجن گهرن ۾ ائين وڃي آرامي ٿيندا آهن ڄڻ ڪه انهن ڪو وڏو فرض پورو ڪيو آهي. اُن ميٽنگ ۾ وڃي باقي اُتي جيڪي ڳالهيون ٿيون ۽ واعدا ڪيا ويا سي سڀ خواب هئا. اُهو ويچارو ميٽنگ گهرائڻ وارو پيو ڳوليندو، پيو واجھائيندو انهن ماڻهن کي ته هو وري ڪڏهن ٿا ملن. پر وڃڻ وارا وري موٽڻ جي ڳالهه ئي نه ڪندا آهن.
سنڌ ۾ آدمشماريءَ جي ڪم جي اهميت صرف ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نواب شاهه ۽ ميرپور خاص ۾ آهي. هي اُهي علائقا آهن جتي هر قسم جي مصيبت پيدا ٿي سگهي ٿي. هت ڪراچيءَ ۾ ئي مون کي خبر آهي ته هڪ هڪ ماڻهوءَ جو نالو شهر جي مختلف ڏهن پندرهن علائقن ۾ ووٽن جي لسٽ ۾ داخل ٿيل آهي. هاڻ به ائين ئي ٿيندو، هو سڀ ماڻهو هڪ گهر جي عيوض ڏهه ڏهه گهر لکرائيندا. هو هِن آدمشماريءَ جي اهميت کي سمجھن ٿا. اُنهن ۾ جذبو به آهي ۽ هو ڪم جي اهميت کي ڄاڻي ان کي ان حساب سان جنبي وڃن ٿا. اسان سنڌي ماڻهو رڳو ڳالهيون ڪندا آهيون. جيڪڏهن ڪي همت ڀريا ماڻهو ان ڪم پويان نڪرن ته انهن ماڻهن سان ڪو به تعاون ڪو نه ٿو ڪري. هو اڪيلا ڀلا ڇا ڇا ڪري سگهندا. اهڙا ڪم جن ۾ سڄي ملڪ جي ماڻهن جي نصيبن جو دارومدار هجي ان کي اجتمائي توڙي انفرادي طور کڻڻ گهرجي. هر شخص کي پنهنجي ليکي پنهنجي علائقي ۾ هن ڪم کي ڪرڻ گهرجي. اسان جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته پوءِ هي اهم ڪم اسان جي نااهليءَ ۽ سستيءَ جي ڪري صحيح طريقي سان پورو نه ٿيندو. اسان سنڌي پوءِ عادت مطابق هميشهه وانگر مايوسيءَ جا دُهل پيا وڄائينداسين ۽ هڪ ٻئي کي پيا ميارون ڏينداسون. پنهنجي قوم جي نااهليءَ جون ڳالهيون پيا ڪنداسين. ان ويل اها خبر نه پوندي آهي ته اسان پاڻ به ته انهن منجھان آهيون. اسان به اهي ئي آهيون، جن تي اهو فرض رکيل هو. اسان پاڻ اهو فرض ڪيتري حد تائين نڀايو آهي؟
هن ڪم لاءِ مختلف علائقن ۾ اهڙن ماڻهن تي ذميواري رکجي، جيڪي سچ پچ ڪم ڪرڻ جهڙا هجن. مان ڪراچيءَ جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ ڏٺو آهي ته غريب ماڻهو جيڪي هڪ ئي پلاٽ تي ڪيترائي ننڍا ننڍا ڪمرا ٺاهي رهن ٿا. حقيقت ۾ اُهو گهر ته هڪ هوندو آهي. پر اُن ۾ پنج ڇهه خاندان رهندا آهن. هاڻ اگر اُن گهر ۾ هڪ پيءَ جا ٻه پٽ هڪ ڌيءُ آهي ۽ اهي سڀ شادي شده ۽ ٻارن ٻچن وارا آهن ته معنيٰ اُن گهر ۾ وڃي چار گهر ٿيا. هاڻ اُنهن کي چار گهر ۽ خاندان لکائڻ کپن. پر ٿيندو اهو رهيو آهي. ته اُهي ماڻهو گهر جي وڏي يعني پيءُ جي نالي پٺيان هڪ گهر لکائي پوءِ فرد لکرائيندا آهن.ا ئين ٿيڻ نه کپي. اُن ۾ وڏو نقصان آهن. اهي سڀ ڳالهيون اُنهن ماڻهن کي جڏهن سمجهائبيون ته هو سمجهندا. ٻيو، مسئلو هي به آهي ته سنڌي ماڻهو ووٽن جي لسٽن ۾ به پنهنجي گهر جي عورتن جو نالو نه لکرائيندا آهن. هاڻ به اهي ماڻهو اهائي روش رکندا، ته اسان پنهنجي نياڻين ۽ ڀيڻن جا نالا ڇو لکرائيون. هن ڪم لاءِ گهر گهر وڃن اُنهن کي سمجهائڻو پوندو. اُنهن ۾ اهو احساس پيدا ڪرڻو آهي ته انهن جون اهي سوچون ۽ اهي غلطيون قوم لاءِ ڪاپاري ڌڪ آهن.
ڪجهه قومون اهڙيون آباد آهن سنڌ ۾ جيڪي سالن صدين کان وٺي سنڌي ٻولي گهر ۾ ڳالهائين ٿيون ۽ هو سنڌ جي تهذيب ۾ رڱجي سنڌي ٿي ويا آهن. جڏهن اُنهن کان اهو پڇبو ته توهان ڪير آهيو ته هو چوندا. اسان سنڌي پٺاڻ آهيون، اسان سنڌي ٻروچ آهيون، اسان سنڌي آرائين آهيون. هو پوءِ ڇا ڪندا آهن جو لسٽن ۾ سنڌي لفظ ڪڍي پنهنجي شناخت پٺاڻ ۽ آرائين لکرائيندا آهن. انهن سڀني ماڻهن کي سمجهائڻو پوندو ته سائين توهان جو مفاد ۽ مستقبل هن ڌرتي سان وابستا آهي. جڏهن توهان گهرن ۾ سنڌي ڳالهايو ٿا ته پوءِ توهان پنهنجو پاڻ کي سنڌي لکرايو. سنڌ ۾ خاص ڪري بلوچ، ڪڇي ميمڻ، ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ بوهري اُهي سڀ سنڌي آهن. سنڌي ماڻهو بلوچن کي ته پاڻ الڳ سمجهن ئي ڪونه ٿا. بلوچن سان هن ڌرتيءَ وارن جو محبت جو رشتو آهي. سنڌ ۾ بلوچن جون تمام گهڻيون ذاتيون آباد آهن ۽ اهي سڀ به گهڻو ڪري گهر ۾ سنڌي ڳالهائيندا آهن. اُنهن کي اها ڳالهه سمجهائڻي پوندي ته توهان جو مستقبل هن ڌرتيءَ سان وابستا آهي. اڳتي هلي، ڪاروبار، نوڪريون ۽ پورهيو اهو سڀ توهان کي هت ڪرڻو آهي. ائين ڀلا ڇو نه ٿئي ته توهان سڀ پاڻ کي هنن لسٽن ۾ سنڌي لکرايو. حقيقت ۾ هو آهن به سنڌي.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ، ڪڇي، ڪاٺياواڙي، راجستاني ۽ ٻيون ميمڻن جون برادريون جيڪي هاڻ اوچتو ئي اوچتو مهاجر ٿي پيون آهن، اُنهن قومن وٽ سنڌين جا سمجهدار ماڻهو وفد وٺي وڃن. اُت اُنهن کي گهر گهر نه وڃڻو پوندو. هنن ميمڻن جو ن مختلف ڪميونٽيز آهن. باقاعدي اُنهن جو آفيسون آهن، جت انهن جا نمائندا ويهندا آهي. هن ڪميونٽيز ۾ ايتري ته ٻڌي آهي جو هو پنهنجي ڪميونٽي جي ميمبرن جو فيصلو قبول ڪندا آهن. انهن ڪميونٽيز جي نمائندن سان ڳالهائجي. اُنهن کي سمجهائجي ته سائين توهان مهاجر نه پر سنڌي آهيون. توهان جي ٻولي اسان جي ٻولي جهڙي آهي. اسان جون ۽ توهان جون ريتون رسمون ۽ قدر به ملندڙ جلندڙ آهن. توهان سڀن جا وڏا هن گڏيل وسيع سنڌ ۾ رهندا هئا. هي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ جهونا ڳڙهه سڀ سنڌ جا علائقا هئا. ملڪن جو ن حدبنديون وڌنديون ۽ گهٽجنديون رهنديون آهن. اسان جا سنڌي اُنهن کي سمجهائيندا ۽ قائل ڪندا ته پوءِ سنڌين کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. دراصل هي سڀ ماڻهو امن پسند ۽ واپاري ماڻهو آهن. گذريل ۽ موجوده حالتن کان هو ڏاڍا پريشان آهن. سنڌي ۾ محاورو آهي ته کائون به ٿا ته روئون به ٿا. اُنهن جو حال به اهڙو آهي. اُنهن شروع ۾ ايم ڪيو ايم سان تعاون ڪيو. خوب اُنهن کي چندا ۽ پئسا ڏنائون. جڏهن حالتون خراب ٿيون ۽ ايم ڪيو ايم وارا پنهنجي اصليت ظاهر ڪري ويٺا ته هنن ماڻهن کي پريشاني وٺي ويئي جيئن ته هو امن پسند ۽ ڪاروباري ماڻهو آهن اُن ڪري هو ڊڄڻا به آهن. هاڻ ايم ڪيو ايم نه صرف اُنهن کي بليڪ ميل پئي ٿي ڪري پر ڌمڪائي به ٿي. هاڻ هو شريف ماڻهو اُنهن مان ڦاسي پيا آهن. ايم ڪيو ايم جا مطالبا وڌندا پيا وڃن. هر هڪ دڪاندار کان پنج سؤ کان وٺي پنجن هزارن تائين ته مهينو هو اوڳاڙين ٿا، پر جلسن، جلوسن ۽ اليڪشن جا بهانا ڪري هو ظالم هنن کان لکين رپيا گهرن ٿا.
هاڻ هو سڀ انهن حالتن کان پريشان آهن. هو کلم کلا ايم ڪيو ايم سان دشمني به نه ٿا ڪري سگهن. اُن جو مثال تازو اليڪشن ۾ ٿيو. جڏهن هنن مان ڪن ذاتين اهو فيصلو ڪيو ته هو هن اليڪشن ۾ نه ته ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيندا ۽ نه وري پيسا ڏيندا. ته سڀني ڏٺو اُنهن ويچارن جي دڪانن ۽ مارڪيٽن کي باهيون ڏنيو ويون. اُنهن کي ڊيڄاريو ڌمڪايو ويو. اُنهن علائقن ۾ جت اُنهن جي اڪثريت آهي اُت انهن کي چيو ويو ته هو اگر ووٽ نه ڏيندا ته انهن جو بڇڙو حال ڪيو ويندو. هاڻ اُنهن سان ملي اُنهن جون غلط فهميون دور ڪجن جيڪي سنڌين جي باري ۾ اُنهن کي آهن ۽ انهن کي سنڌين طرفان هر قسم جو يقين ڏيارجي. اسان اگر انهن کي پنهنجو ڪري وياسين ته هي ايڏو وڏو. ڪم آهي جيڪو تاريخ ۾ لکيو ويندو.
هاڻ وڌيڪ وقت ڪونهي. هي ڪم منظم نموني ڪافي اڳ کان شروع ڪجي ها. پر هاڻي به گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. هڪ ٻئي تي ڀاڙڻ کان بهتر آهي ته جيڪو جت اهي اُتي اُن ڪم کي پنهنجو فرض سمجهي جنبي وڃي. منهنجو يقين آهي ته مايوس ٿي ويهڻ کان بهتر آهي ته ڪا وٺ پڪڙ ڪجي. اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته نتيجا اميدافزا نڪرن. اميد جا ڪي نوان ڪرڻا نڪرن.

آچر 25 نومبر 1990ع

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي اُستادن مٿان ڪيل ظلم

تازو وري ڪراچي يونيورسٽي ۾ اُستادن کي بيعزت ڪيو ويو. اُنهن جو جيڪو حال ڪيو ويو آهي سو ورجائڻ جي ضرورت نه آهي. اُهو سڀ ڪجهه اخبارن ۾ اچي چڪو آهي. تعليمي ادارن ۾ استادن جي بيعزتي ڪانئين ڳالهه ڪانهي. ياد اٿم سال ٻه اڳ ڪراچي يونيورسٽي جي ئي سنڌي شعبي تي حملو ٿيو هو. اُت ڪافي زيان ڪيو ويو هو. وڏن اديبن ۽ مشهور عالمن جا پورٽريٽ ۽ تصويرون ٽوڙي ڦاڙي ڦٽي ڪيون ويون. سنڌي ڪتاب جن ۾ قرآن شريف جا تفسير ۽ اسلامي ڪتاب شامل هئا سي سڀ لائبرريءَ مان ڪڍي ساڙيا ويا. اُت ڪنهن چيو ته هنن ۾ قرآن جون آيتون لکيل آهن هنن کي نه ڦاڙيو ۽ نه ساڙيو ته جواب ڏنو ويو ته قرآن جون آيتون آهن ته ڇا آهي!!! آهن ته هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيل...... اُت استادن کي مارڪٽ ڪئي ويئي. ۽ اُت تالا بندي ڪئي ويئي. چيو ويو ته هاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبو ٻيهر نه کلندو. اها خبر صرف سنڌي اخبارن ڏني. اردو پريس ته ان جو ذڪر به نه ڪيو. ڇو ته اهو سنڌي شعبو هو ۽ ات استاد به سنڌي هئا اُن ڪري اتان جي ٻين شعبن جي استادن به ڪو به تعاون نه ڪيو. آخر مڙيئي ڳالهيون هلائي زندگين جا تحفظ گهري وري ٻيهر سنڌي شعبو کليو. هاڻ جن استادن جي بي عزتي ٿي آهي ۽ هو سڀ سنڌي نه آهن ان ڪري اُنهن پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي. هاڻ ڏسڻو هي آهي ته هو پنهنجي تحفظ ۽ عزت لاءِ ڪهڙو ايڪشن کڻن ٿا.
منهنجي نظر ۾ اُستاد صرف استاد هوندو آهي. ان جي عزت ڪرڻ کپي ۽ هئڻ گهرجي. اردو پريس جو جيڪو ڪردار رهيو هو آهي سو ڪنهن کان لڪل ڪونهي. مان چوندي آهيان ۽ هنن هنگامن کي وڌائڻ ۽ نفرتن جي پاڙ وجهڻ ۾ جيترو هٿ سياستدانن جو آهي، اوترو ئي هٿ اردو پريس جو به آهي. هاڻ به ڇا ٿيو آهي. خبر صرف اها آهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻن گروهن ۾ تصادم ٿيو آهي. ڪنهن جا ڪيترا شاگرد زخمي ٿيا آهن. اهي ڇوڪرا جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اُنهن جو ڪهڙي تنظيم سان تعلق آهي. اهي چار ڇوڪرا جيڪي اُتان جي پروفيسر کي اغوا ڪري کڻي ويا ۽ ان کي بيعزتي ڪري ڇڏي ويا. انهن مان هڪ ته ڀڄي ويو باقي ٽي گرفتار ٿيا آهن. اُهي ٽي ڪير آهن، اُنهن جو ڪهڙي تنظيم سان تعلق آهي. اخبارن ۾ اها خبر بلڪل موجود ڪونهي. ها باقي ان جاءِ تي هجي ها ڪا سنڌي تنظيم ته سائين خبرن ۾ اهم خبر اها هجي ها. خبر کان علاوه ائين لکيو وڃي ها. ته باوثوق ذرائع کان معلوم ٿيو آهي، يا وري معتبر ذرائع کان معلوم ٿيو آهي، بس پوءِ سائين نفرت انگيز پروپگنڊا شروع...... هاڻ تازو حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم ۽ لاڏلا گروپ ۾ جيڪا وٺ پڪڙ ٿي. اُنهن ٻنهي گروپن چار پنج ڏينهن جيڪا حيدرآباد جي حالت ڪئي هئي، سڄي نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو، ڏينهن رات زبردست فائرنگ ٿيندي رهي. ماڻهو مرندا رهيا پر سائين اردو پريس کي صفا چپ، رڳو اها خبر ته حيدرآباد ۾ ٻن گروهن جو پاڻ ۾ تصادم پر اهي ڪير آهن، انهن جا نالا لکڻ جي ڪنهن ۾ به همت نه آهي. هن جاءِ تي هجي ها ڪا سنڌي تنظيم ۽ اُها رڳو اڌ ڪلاڪ فائرنگ ڪري ها ته ايتري ته وٺ پڪڙ ٿئي ها جو پندرهن ويهه ڏينهن اها خبر اخبارن ۾ گردش ڪندي رهي ها............
هنگامن جي دوران اگر اردو اخبارون پڙهو ۽ اُن تي سوچ ويچار ڪيو ته ڏسبو ته اردو پريس ڄاڻي ٻجهي هنن هنگامن کي هوا ڏين ٿيون. جڏهن به هنگامن جي دوران اخبارون پڙهو ته هڪ وڏي خبر هوندي ته شرپسندن، دهشتگردن پناهگيرن جا ٽي دڪان ساڙي ڇڏيا، يا اُنهن تي حملو ڪيو. اُن سان گڏوگڏ انهن پناهگيرن جي ليڊرن جا پنج ڇهه مذمتي ۽ ڌمڪي آميز بيان ڇپيل هوندا آهن. اُت اخبار جي وچ ۾ يا وري ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هڪ ننڍڙي خبر هوندي ته فلاڻي هنڌ ويهن گهرن ۽ دڪانن کي پهرين لٽيو ويو ۽ پوءِ ساڙيو ويو. نامعلوم شرپسند سوزڪين ۾ چڙهي آيا ۽ هليا ويا. بس سائين ٿيو خبر! ڪنهن کي به خبر نه پئي ته هي ويهه دڪان ۽ گهر ڪنهن جا هئا. ڪنهن جي نظرهن خبر تي پئي ڪنهن جي نه پئي....... ٻي اهم پاليسي جيڪا اُنهن اختيار ڪئي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي هنگامن ۾ شهيد ٿين ٿا ته هو اُنهن جا نالا ته اخبار ۾ لکن ٿا پر هو ڪٿان جا رهواسي هئا يا انهن جون ذاتيون ڪهڙيون آهن اهو سڀ ڪجهه هو نه لکندا آهن......نالا سڀ هڪ جهڙا پوءِ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته مرڻ وارا ڪير هئا. ها باقي ڪو سنڌي چورين ۽ ڌاڙن ۾ گرفتار ٿئي ٿو يا هنگامن ۾ گرفتار ٿئي ٿو ته پوءِ اُنهن جو پورو نالو ذات سان گڏ ۽ هو ڪٿان جو رهواسي آهي، اها سڄي هسٽري لکي ۽ ڇپي ويندي آهي. اردو پريس سالن کان وٺي اڄ تائين اها پاليسي رکي آهي جو انهن اڳيان سڀ سنڌي غدار آهن، ڌاڙيل ۽ چور آهن، ڀارت جا ايجنٽ ۽ “را” تنظيم جا نمائندا آهن. اگر واٽ ويندي به پوليس ڪنهن سنڌي ماڻهوءَ کي گرفتار ڪندي ۽ اُن وٽان ڪو پستول هٿ اچي ويو. چاهي اُن شخص وٽ اُن پستول جو لائسنس هجي ۽ اُن اُهو پستول پنهنجي تحفظ لاءِ رکيو هجي. اخبار ۾ خبر اچي ويندي هڪ وڏو دهشتگرد جنهن هندستان مان ٽريننگ ورتي آهي ۽ “را” تنظيم جو ايجنٽ آهي سو گرفتار ٿيو آهي........ اردو پريس جي اڳيان ڪو به سنڌي محب وطن ٿي ئي ڪونه ٿو سگهي. سنڌي لفظ جي معنيٰ ئي آهي اُنهن وٽ غدار ۽ ڪافر.....هر ملڪ ۾ ڪي قومون اقليت ۾ ته ڪي اڪثريت ۾ هونديون آهن جيڪي قومون اقليت ۾ هونديون آهن اُنهن کي سڀ بنيادي حق ۽ تحفظ حاصل هوندو آهي. پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي اقليتي قومون آباد آهن. هو سڀ عزت ۽ آبرو سان رهن پيون. پر سنڌ ۾ جيڪي هندو آهن ۽ اُهي ويچارا سنڌي آهن. ان ڪري اُنهن کي جو ڀوڳڻو ٿو پوي ۽ زياديتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. اُهو صرف اُن ڪري نه آهي ته ڪو هندو آهن. هندو ته ٻيا به گهڻا آهن، جيڪي ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿا پر سنڌ ۾ هندن سان ظلم صرف اُن ڪري آهي ته هو سنڌي آهن، تاريخ اُن ڳالهه جي شاهد آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هندو امن پسند، ڊڄڻا، واپاري ۽ علم وارا هئا.اُهي نه ڪنهن سان وچڙندا هئا نه وري وڙهندا هئا. هڪ ته هو ٿورائي ۾ هئا ۽ ٻيو ته هو هن ڌرتيءَ کي پنهنجو سمجهندا هئا. اُنهن جي ٻولي به سنڌي هئي. هو سياست ۾ بهرو وٺڻ کان سواءِ ئي سماجي ڪمن ۾ رڌل هوندا هئا. مذهبن جي بنياد تي جهيڙو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن انسان انتها پسند ۽ جنوني ٿي ويندو آهي. انگريزن سنڌ ۾ داخلي انتشار لاءِ پهرين ڪوشش اها ڪئي ته هو سنڌ ۾ هندن مسلمانن جو تصادم ڪرائين. جهڙي طرح هندستان ۾ هندو مسلمان هڪ ٻئي جي جان جا دشمن هئا. اها به تاريخ جي وڏي حقيقت آهي ته انگريز سنڌ ۾ هندن مسلمانن جو جهيڙو نه ڪرائي سگهيا. سنڌي مسلمان هندن جي عبادت گاهن جو احترام ڪندا هئا. هندو سنڌي ته اهڙا هئا جو هو مسلمانن جي مسجدن ۽ مزارن جو احترام ۽ عزت ايتري ڪندا هئا جو شايد مسلمان به نه ڪن. هندو ۽ مسمانن جو جهيڙو ته انگريز نه ڪرائي ئي سگهيا پر مسلمانن کي مسلمانن سان ويڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ورهاڱي کان پوءِ ٿيل مشهور شيعا سني فساد جيڪو خيرپور جي علائقي ٺيڙهي ۾ ٿيو سو به هڪ تاريخي واقعو آهي.......
اردو پريس جو هميشه اهو رويو رهيو آهي ته سنڌ ۾ سنڌي مسلمان ڪجهه به نه آهن ۽ تعليم ۽ اقتصاديات تي مڪمل ڪنٽرول هندن جو آهي. سنڌ جا سنڌي مسلمان هندن جا زيردست آهن.
ٻه سال کن اڳ هڪ شيطانن جي ٽولي جن جو مهندار اشتياق اظهر هو، اُنهن هڪ ڪوڙو ۽ نام نهاد سنڌ جو دورو ڪيو هو. خبر نه آهي ته هو سنڌ گهميا به الائجي نه، پر انهن جيڪا رپورٽ پيش ڪئي ۽ اها رپورٽ سڀني اردو اخبارن ۾ ڇپي هئي، اها برداشت جوڳي نه هئي. اُن ۾ انهن اهو ٻڌايو هو ته سنڌ ۾ اصل حڪمراني هندن جي آهي. لاڙڪاڻي شهر ۾ ته هندن جون خوبصورت عورتون جيڪي هندستان مان آيون آهن ۽ جاسوس آهن، انهن کي رستن ۽ روڊن تي نظر آيون. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پاڪستان زندهه باد جو ترانو ڳايو ڪونه ويندو آهي. اُت هندستان جو قومي ترانو “بندي ماترم” ڳايو ويندو آهي. سنڌي پاڪستان جا مخالف آهن، غدار آهن، اُنهن شيطانن کي سنڌ ۾ هڪ به چڱو محب وطن ماڻهو نظر نه آيو، سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا سنڌي ماڻهن جي منهن تي چماٽ هئي ۽ لعنت هئي سا اها هئي ته سنڌين جون ڪنواريون ڌيون هندن وٽ گروي رکيل آهن. اها ايڏي وڏي ڳالهه هنن شيطانن چئي. اها رپورٽ ڪافي طويل ۽ نفرت انگيز هئي. افسوس ته صرف اهو آهي ته ان رپورٽ جو قابل قدر جواب ڪنهن به سنڌي ليڊر ڪونه ڏنو. انهن جي همت تڏهن ئي ته وڌيل آهي. ڇو ته هو سمجهن ٿا ته اسان ڇا به چئون، ڪجهه به لکون اسان کي ڪو چوڻ آکڻ وارو آهي ئي ڪونه.
مان ڪا عالم دانش واري نه آهيان. سنڌي علم ادب جي اڃا شاگردياڻي آهيان. اڃا منهنجي ڄاڻ وسيع نه آهي. پر هيءَ ڳالهه مان اُن ڪري پئي چوان ته مان به هن معاشري ۾ رهان ٿي. سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ سان معمولي واقفيت اٿم، اهو ممڪن آ ته مان غلط هجان پر منهنجي ڄاڻ موجب جنهن وقت اسلام ۽ غلامن جي خريد فروخت ٿيندي هئي. غلام جن ۾ عورتون، مرد، ٻار ۽ نوجوان ڇوڪريون شامل هيون، انهن جو وڏيون منڊيون لڳنديون هيون. عرب ملڪن کان وٺي ايران ۽ ٻين ويجهن اسلامي ملڪن ۾ اهو انسانن جو واپار عام جام ٿيندو هو. پر سنڌ جي تاريخ ۾ (جيستائين مون کي ڄاڻ آهي) ته ڪڏهن به اهڙو انسانن جو واپار نه ٿيو آهي. سنڌ جي امير امراءُ کي به اگر غلام خريد ڪرڻا هوندا هئا ته ايران جي منڊين مان وڃي غلام خريد ڪري ايندا هئا. سنڌ جي معاشري ۾ عورت کي هميشه عزت ڏني ويئي آهي ۽ ان جو رتبو بلند رکيو ويو آهي. سنڌ جي مرد، عورت کي پنهنجي شان، مان ۽ عزت سمجهي اُن جي حمايت ڪئي. اهو بحث الڳ آهي ته ان حفاظت پويان عورت کي قيد بند ڪري ٻيا مسئلا پيدا ڪيا ويا پر ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ڪندو ته سنڌي مرد پنهنجي عورتن جا محافظ رهيا آهن، غيرت وچان ڪڏهن اُنهن پنهنجون زندگيون تباهه ڪيون آهن ته ڪڏهن وري اُنهن عورتن جو قتل عام ڪيو آهي. اهو ڪيئن ممڪن ٿو ٿي سگهي ته جڏهن ان جاهليت جي زماني ۾ جڏهن علم به ايڏو عام نه هو تڏهن به سنڌي عورت کي مرد جو تحفظ حاصل هو سو هاڻ هن ويهين صديءَ ۾ سنڌ جا ماڻهو پنهنجون عورتون وڃي هندن وٽ گروي رکندا. وڪڻي ايندا ۽ هنن شيطانن جي ٽولي کي اهي سڀ ڳالهيون سنڌ ۾ نظر آيون............. اردو پريس جي پروپيگنڊا نه صرف سنڌ ۾ پر سڄي پاڪستان ۾ سنڌين لاءِ نفرت پيدا ڪري ڇڏي آهي. توهان پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ وڃو توهان اُت ويهي سنڌ جي سورن جي ڳالهه ڪندا ۽ اُنهن کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائيندا جيڪو ڪجهه پناهگيرن سنڌين سان ڪيو آهي ته ماڻهو توهان کي چريو ۽ پاڳل سمجهندا. جواب ۾ هو توهان کي بڇڙو ڪندا ته توهان صرف ڌاڙيل آهيون ۽ ويچارن پناهگيرن لاءِ باهه ٻاري ويٺا آهيو.............
انهن سڀني حالتن جا ذميدار سنڌي ليڊر آهن جيڪي صحيح وقت تي غلط ڳالهه، غلط وقت تي صحيح ڳالهه ڪندا آهن. موقع مهل سان جواب ڏيڻ يا سياست ڪرڻ ته اُنهن کي اچي ئي ڪانه. سڀ کان وڏو ظلم جيڪو سنڌين تي آهي ته پريس ميڊيا سنڌين جي خلاف آهي. مان هميشه مختلف جاين تي اهو چوندي رهي آهيان ته سنڌين کي هڪ مضبوط اخبار اردو ۾ ڪڍڻي پوندي. ٻيو ڪو طريقو ئي نه آهي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو، پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ جو. اچو ته گڏجي پنهنجي تحفظ جي بچاءُ ۽ پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ جا وسيلا پيدا ڪيون.......
آچر 2 ڊسمبر 1990ع

وفاق پرست قوم پرست ۽ انهن جو ڪردار

سنڌ جون حالتون ان حد تائين مايوسين ۽ نراسائين ۾ وڪوڙجي ويون آهن جو ڪنهن کي به ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي. هر ماڻهو ٻئي کان ٿو پڇي ته هاڻ ڇا ٿيندو؟ هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟ سنڌ جون حالتون ۽ سنڌي ماڻهن جو حال وقت پوڻ سان خراب کان خراب تر ٿيندو ٿو وڃي...........اهي حالتون پاڪستان ٺهڻ سان ئي پيدا ٿيون آهن. انهيءَ اميد تي ته من فلاڻي حڪومت ۾ سنڌي ماڻهو ڪو سک جو ساهه کڻي........ پر ٿيندو اهو رهيو آهي ته سنڌي عدم تحفظ جو شڪار ٿيندو رهيو آهي ۽ حالتون خراب کان خراب تر ٿينديون رهيون آهن..... سنڌي ادب جي باري ۾ ٻين زبانن جا نقاد چوندا آهن ته سنڌي ادب ٻين ٻولين جي ادب جي مقابلي ۾ گهڻي ترقي ڪئي آهي. سنڌي ادب ۾ تحرڪ آهي جذبو آهي، انساني جذبن جون ڳالهيون آهن، مسئلن ۽ ظلمن جي نشاندهي ڪيل آهي. شايد سنڌي اديب مزاحمت ۽ جولان ڪو ڀاڳن ۾ ورتو آهي. حالتون هميشه اهڙيون رهيون آهن جو سنڌي اديب هميشه قلم جي ويڙهه وڙهندو رهيو آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ ڏٺو وڃي ته انسانن جي جذبن جو جولان تمام گهڻو وڌيل هو. ان وقت ون يونٽ جي ٺهڻ کان وٺي ٽٽڻ واريون حالتون، ٻوليءَ وارا هنگاما ۽ سنڌين ۾ پنهنجي وجود جي بچاءُ جو احساس تمام گهڻو وڌيل هو. ڪهاڻيون ۽ مضمون ان موضوع تي بي انداز لکيا ويا پر گڏوگڏ هر ٻيو ماڻهو شاعر ٿي پيو. شاعريءَ جي صنف جنهن کي آزاد نظم ۽ نثري نظم چيو ٿو وڃي، ان ۾ شاعرن پنهنجي جذبن جي اٿل تي چڱي طرح سان ۽ ڪنهن فوري واقعي جي رد عمل کي فوري لکيو. ان دور ۾ شاعرن بي ساخته هر مضمون، هر واقعي تي قلم کنيو ۽ شاعري ڪئي. اها خوبصورت شاعري پيغام هئي، سوچ هئي ۽ مسئلن جو حل هئي..... سون جي تعداد ۾ ان دور ۾ شاعر نڪتا جيڪي وقت ۽ حالتن جي پيداوار هئا. انهن بي ساخته شاعري ڪئي ۽ شاهڪار شاعري ڪئي. ان کانپوءِ حالتون مٽيون ۽ اهو دور آيو جڏهن پريس سان گڏوگڏ ماڻهن جي جذبن تي به پابندي پئي. ان دور ۾ لاتعداد واقعا ٿيا جنهن ۾ ٺوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي ۾ ڪوس ٿيو. شهر کي ساڙيو ويو ۽ شهرن جي مٿان بمباري ڪئي ويئي. حد ته اها آهي جو ڪراچيءَ جي هڪ علائقي ۾ هڪ ڄاول ٻار کي جيڪو مسجد ۾ مليو هو ان کي حرامي ٻار چئي مسجد جي احاطي ۾ اسان جي ئي مسلمان ڀائرن پٿر هڻي سنگسار ڪري ماريو. انهن سڀني واقعن تي سياسي ليڊر يا پريس چپ هئي ۽ رڙيون واڪا ڪيا ته به اهي بيڪار ويا ڇو ته پريس تي پابندي هئڻ جي ڪري عام ماڻهوءَ تائين اهي ڳالهيون نه پهچي سگهيون. اديبن انهن ڳالهين انهن واقعن کي لڪ ڇپ ۾ رومال ۾ ويڙهي ڪهاڻي ۽ شاعريءَ جي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچايو. هر واقعي جو فوري رد عمل ئي مضبوط، تحريڪ پيدا ڪندڙ هوندو آهي. پر جيئن ته هي سڀ ڳالهيون ۽ واقعا وقفي وقفي سان عام ماڻهوءَ وٽ پهتا ۽ سڀ ڪجهه سمجهڻ جي باوجود ۽ حالتن جو موافق نه هئڻ ڪري عام ماڻهو ايترو جولان ۾ نه آيو. جيترو ان کي اچڻ کپي ها. ها باقي اها چڻنگ اندر ئي اندر دکندي رهي ۽ وقت جو انتظار ڪندي رهي. “الله ڪيو جو خير جو ڪريو جهاز” جهاز ڪرڻ سان لڳو ته زندان جو زنجيرون ٽٽي ويون آهن. وات تي لڳل قلف کلي ويا آهن. هوائن ۽ فضائن ۾ بهار ڦهلجي ويئي آهي سڀني ماڻهن سک جا وڏا وڏا ساهه کنيا. اٺاسي جي اليڪشن کانپوءِ پريس جي آزادي ۽ ماڻهن جي جذبن جي آزاديءَ جا نظارا نظر آيا. هر انسان جذبن جو اظهار کلي ڪيو. عام ماڻهو ته ائين آزاد پيو محسوس ڪري پاڻ کي ڄڻ ته ذهنن جا قلف کلي ويا هجن. اهڙو اظهار مختلف جاين تي نظر آيو جيئن ته لاهور جي باغ ۾ ٿيل پروگرام ميوزڪ 89 جيڪو ٽي وي وارن به ڏيکاريو هو. ان ۾ عام ماڻهن جي جذبن جي اٿل هئي. هڪ هڪ گاني پٺيان مدهوش ٿي جهومڻ خوش ٿيڻ قابل ديد هو. اهو احساس ته ات هوئي ڪونه ته ڪير مرد آ ته ڪير عورت آهي، ڪير نوجوان آهي ته ڪير پوڙهو.............
اها خوشيءَ، آزادي ۽ بي پرواهيءَ جي انتها هئي جيڪا اُت نظر آئي. گهڻن ماڻهن خاص ڪري مُلن ان تي وڏو اعتراض ڪيو. پر مان ان ماحول کي سياسي پس منظر ۾ ۽ اسان جي بنيادي حقن جي آزادي واري نظر سان ڏسندي آهيان. سنڌ جون حالتون به ڪي مختلف ڪونه هيون. سڀ ڪو خوش هو دماغ تان ڄڻ بار لٿل هو..... هڪ ٻئي کي مبارڪون ۽ واڌايون پئي ڏنيون ويون ته سائين اسان جي حڪومت آئي آهي. هي سڀ اسان جا پنهنجا آهن. بيروزگاري جنهن سنڌي قوم کي ذهني طور مفلوج ڪري ڇڏيو هو. هاڻ هر ماڻهوءَ پئي چاهيو ته روزگار ملي، تحفظ ملي. سالن کان وٺي سنڌي ويچارا نوڪرين کان پري هئا. اهي سڀ وٺ پڪڙ ڪري نڪري پيا. اهي ويچارا جن جي ڪجهه پهچ هئي سي نوڪريون وٺي ويٺا باقي اصل ۾ اسان جي ليڊرن جو جيڪو حال هو سو برداشت جوڳو نه هو. عام ماڻهوءَ سان ملڻ، ڳالهائڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ انهن جي وس ۾ نه هو ۽ نه وري انهن ڪجهه ڪرڻ پئي چاهيو..... هي سڀ ليڊر ڪرسين جا ڪوڏيا، گاڏين موٽرن کي جهنڊا هڻي گهمڻ جا شوقين هئا. مٿان وري سنڌين مٿان ٿيل ظلمن جو انهن ڪو خاطرخواه تدارڪ نه ڪيو. هنگامن جي دوران سنڌي ماڻهن وٽ انهن جا چونڊيل نمائندا ڪڏهن به هلي ڪونه ويا نه ڪنهن سان عذر خواهي ڪيائون نه وري ڪنهن جي لٿل پوتيءَ کي عزت ڏنائون. انهن جي اها پاليسي رهي ته اسان سنڌين جي حقن جي ڳالهه نه ڪنداسين، سنڌين جي تحفظ جي ڳالهه نه ڪنداسين اسان ته وفاق پرست آهيون ان ڪري سنڌي مرن، سنڌي ڪسن، سنڌي برباد ٿين پر انهن کي اف به ناهي ڪرڻو...........مزي جي ڳالهه ته اها آهي ته ٻين صوبن ۾ جمهوريت جي نالي پٺيان جيڪا ڏاڙهي پٽ ٿي ۽ جيڪا غليظ سياست هلائي ويئي ات ڪير ڪڇڻ لاءِ تيار نه هو. هت سنڌ ۾ به پناهگيرن پنهنجي دهشت گردن کي جيڪو تحفظ ڏنو. قاتلن ۽ خونين کي جيلن مان ڇڏايو. پناهگيرن سنڌين جو قتل عام ڪيو ۽ ان جهيڙي ۾ اتفاق سان انهن جو ڪو ماڻهو مري ويو يا پوليس جي مقابلي ۾ اگر اتفاق سان انهن جو ڪو دهشتگرد مارجي ويو ته انهن ڪراچي حيدرآباد کي تهس نهس ڪري ڇڏيو ۽ اسان جي سنڌي ليڊرن جو ته اهو حال رهيو ته سائين سنڌين جي ڳالهه ته نه ناهي ڪرڻي، مرن يا جيئن وڃي جهنم ۾ پون..... اهي ئي ڳالهيون هيون جن جي ڪري سنڌي اڃا به وڌيڪ مايوس ۽ عدم تحفظ جا شڪار ٿي ويا. اُها خوشي جيڪا انهن کي ملي هئي ان خوشيءَ جا خمار لهي ويا....
سائين وري وريو واءُ ٿيون ٻيون اليڪشنون. انهن اليڪشنن جي نتيجو پوئين اليڪشن کان برعڪس هو ڇو ۽ ڇا جي ڪري اُهي نتيجا نڪتا. سنڌيءَ وٽ وقت ئي ڪونهي، هو آجو ئي نه آهي پنهنجن مسئلن کان جو هو سوچي ته هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو. سنڌي ماڻهو صرف پنهنجو تحفظ، پنهنجي قوم جو تحفظ، پنهنجي ٻوليءَ جي بقا چاهين ٿا. جيئڻ جو حق ۽ عزت سان جيئڻ جو حق گهرن ٿا.
سنڌي روزگار ۽ تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. پنهنجي ٻچن کي ڪلاشنڪوف جي گولين کان بچائي سک جي ننڊ سمهڻ چاهين ٿا. پر ٿي ڇا رهيو آهي؟ سنڌين کي نوڪرين مان ڪڍيو پيو وڃي نه صرف گذريل حڪومت ۾ کنيل سنڌين کي ڪڍيو پيو وڃي، پر ضياءُ الحق جي دؤر واريون نوڪريون به ختم ڪيون پيون وڃن. اها سڄي ڪاروائي وڏي پيماني تي صرف سنڌ ۾ ٿي رهي آهي. ٻين صوبن ۾ ته اهڙي حالت نه آهي. آخر سنڌين کي ڪهڙي جرم جي سزا ڏني پيئي وڃي. نه صرف نوڪرين مان ڪڍيو پيو وڃي، پر لاتعداد گرفتاريون به ٿي رهيون آهن. ڇا ڪرسين تي ويٺل ماڻهن ۾ ايترو عقل نه آهي ته انهن جا هي فيصلا نه صرف سنڌي عوام کي ڪاپاري ڌڪ هڻندا، پر انهن جي خلاف نفرت به وڌندي؟ ڇا هو ڄاڻي ٻجهي سنڌ جون حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿا؟ سنڌي ليڊرن جو سنڌ اسيمبلي ۾ بهاري اسپيڪر کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرڻ اهو ايڏو وڏو ڪارنهن جو ٽِڪو آهي، جيڪو ڌوئڻ مشڪل آهي. مٿان وري سينيٽ جا ٻه ميمبر جيڪي سنڌين جا ازلي دشمن ۽ رت پياڪ آهن، انهن کي به ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو ويو آهي. هت مان اهو چوڻ ضروري ٿي سمجهان ته اديب ۽ شاعر انسانيت ۽ امن جو پيغامبر هوندو آهي. نفرت جي پرچار هو ڪري ئي ڪو نه ٿو سگهي، پر اها ڳالهه به ڪنهن اديب جي طبيعت جي خلاف آهي ته هو انهن ماڻهن جي ڳالهه نه ڪري جيڪي انسانن کان نفرت ڪن ٿا ۽ نفرت جي بنياد تي سياست ڪن ٿا. پناهگيرن جا سڀ ليڊر ۽ نمائندا جيڪي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر ٿيا آهن، انهن هميشهه سنڌين سان نفرت ڪئي آهي ۽ انهن جا هٿ سنڌين جي رت سان ڳاڙها آهن.
هيءَ ڪانفرنس سنڌين کي بچائڻ جا اُپاءَ وٺڻ لاءِ ڪوٺائي ويئي آهي. هت وڏن وڏن اديبن ۽ دانشورن پنهنجا رايا پيش ڪيا آهن ۽ اڃان پيش ڪندا، پر منهنجي ناقص سمجهه موجب جيڪڏهن سنڌ کي بچائڻو آهي ته اسان کي هنن ضمير فروشن، غدارن، ڪرسين جي ڪوڏين، وزارتون حاصل ڪندڙن، بهاري اسپيڪر ۽ پناهگير سينيٽ جي ميمبرن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندڙن هنن سڀني سياستدانن ۽ ليڊرن کان پنهنجي جان ڇڏائڻي پوندي. هنن پيرن، ميرن، سيدن، مخدومن، پاڳارن ۽ رئيسن جن سنڌ جي نالي پٺيان، سنڌ جي حقن پٺيان، جيئي سنڌ جي نعري پٺيان سنڌي قوم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي ۽ هنن سياستدانن ۽ ليڊرن جن سنڌ ۽ سنڌين جو نالو کڻي ڌرتيءَ جي پاڪائيءَ ۽ عزت جي دلالي ڪئي آهي، انهن سڀني کان اسان کي حساب وٺڻو پوندو. ٻيو ڪو طريقو ئي نه بچيو آهي سنڌ کي بچائڻ جو.
اچو ته سڀ گڏجي هنن سڀني غدارن، قوم جي ٺيڪيدارن کان سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڪريل سنڌين جي هڪ هڪ رت ڦڙي جو حساب وٺون . هي سڀ ڏوهاري آهن. هنن هميشهه سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قسمت جو سودو ڪيو آهي. ڪڏهن پاڻ کي وفاق پرست ته وري ڪڏهن پاڻ کي قوم پرست سڏائي، سنڌ جو ٻيڙو غرق ڪيو آهي.

آچر 9 ڊسمبر 1990ع

هاڻي ماڻهو سُک سان جيئڻ چاهين ٿا

ڌاڙيل، ڌاڙيل، ڏيهه ڏڪاريا ڌاڙيل جن سنڌ جي ماڻهن جو جيئڻ وِهه ڪري ڇڏيو آهي. آڌي هجي، مانڌي هجي، صبح هجي شام هجي، بس پيئڻ بلا وانگر هڻ کڻ لڳا پيا آهن. ڌاڙيل سنڌ لاءِ ناسور ٿي پيا آهن. اهو صحيح آهي ته سنڌ جي سياسي پس منظر جي حوالي سان، بيروزگاريءَ جي حوالي سان، ڏاڍ ۽ جبر جي حوالي سان هت ڌاڙيلن جو تعداد وڌيو آهي. هنن ڌاڙيلن ۾ پيشه ور ڌاڙيلن سان گڏ اُهي ڌڙيل به آهن جيڪي معاشي بدحالي يا سياسي حالتن جي ڪري ڌاڙيل ٿيا آهن. انهن ڌاڙيلن جي به ڪا ڪمي نه آهي جن کي ڄاڻي ٻجهي ڌاڙيل ٺاهيو ويندو آهي. وڏا وڏا زميندار پنهنجي تحفظ لاءِ پنهنجون دشمنيون نڀائڻ لاءِ يا وري پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي کي قائم رکڻ لاءِ هنن ڌاڙيلن کي پاليندا آهن. پوليس به ڌاڙيل پاليندي آهي ۽ انهن کي تحفظ ڏيندي آهي. ڌاڙيل وري اُنهن کي باقاعدگيءَ سان حصو پتي ڏيندا آهن. هي سڀ روپ ڌاڙيلن جا هاڻ سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو ٿي پيا آهن. سڀني کي خبر آهي ته پراڻا ۽ خانداني ڌاڙيل اصيل هوندا هئا. هو عورت ذات کي ڇهندا به ڪونه هئا ۽ نه وري انهن کان زيور وغيره لهرائيندا هئا. جت به ڌاڙو هڻڻ ايندا ته چوندا هئا ته نياڻيون سياڻيون الڳ ٿي بيهن. اک به کڻي انهن کي نه ڏسندا هئا. هو مخصوص علائقن ۾ ڌاڙا هڻندا هئا ۽ پنهنجن ماڻهن کي تحفظ ڏيندا هئا. هو غريبن کي ڪڏهن به ڪونه ڏکوئيندا هئا. الٽو انهن جي شادين مرادين ۽ غمين ۾ انهن جا مددگار ٿيندا هئا. هاڻ ڇا پيو ٿئي. شهرن ۾ دهشتگردن ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن سنڌين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي. گهر مان ٻاهر نڪرڻ ۽ بي فڪري جي زندگي هاڻ خواب ٿي ويئي آهي. زميندارن زمينن تي وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. ان ڪري سنڌ جي زمينن تي وڏو اثر پيو آهي ۽ آبادي گهٽ پئي ٿئي. اُن جو اثر اهو ٿيو آهي ته کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿينديون پيون وڃون. سرمائيدارن سنڌ ۾ سرمايو لڳائڻ ڇڏي ڏنو آهي. لڳل فيڪٽريون بند ٿي ويون آهن يا نالي ماتر وڃي رهيون آهن. اڳ ته هي ڌاڙيل وڏن ماڻهن کي کڻندا هئا. هاڻ ته هي حال آهي ته غريب ڪلارڪ، ماستر، پورهيت، جوان ۽ ٻارن کي به کڻن ٿا، جيڪڏهن ڪير به اُنهن کي ڪجهه نه ٿو ڏيئي سگهي ته هو اُنهن کي ماري ڦٽو ڪيو ڇڏين. مائرن، ڀينرن، زالن ۽ ٻچن جون آهون به اُنهن جي دلين ۾ ڏار نه ٿيون وجهن......
اڳ پراڻي وقتن ۾ چور ڏنڊو يا ڪهاڙي کڻي نڪرندو هو يا ڌاڙيل کاٽ هڻڻ نڪرندو هو ته وڌ ۾ وڌ هڪ بندوق گڏ کڻندو هو. ان بندوق کي استعمال ڪرڻ جو موقعو به گهٽ ايندو هو. چورن ڌاڙيلن جي اچڻ سان گهر جي ڀاتين جي رڙ واڪي تي سڄو ڳوٺ گڏ ٿي ويندو هو. اها ٻڌي ۽ پنهنجائپ چورن ڌاڙيلن جا ترا ڪڍي ڇڏيندي هئي. ڌاڙيل به هٿيارن جو استعمال ڪرڻ کان بغير ئي ٿڏي تان ڀڄي ويندا هئا. هو هروڀرو گوليون هلائي، ماڻهن کي ماري رت جي راند ڪونه کيڏندا هئا. اُنهن ڌاڙيلن جو مقصد صرف دولت حاصل ڪرڻ هوندو هو. دولت حاصل نه ڪري سگهيا ته ڀڄي جان ڇڏائي ويندا هئا. هاڻ ته بي حسي تمام گهڻي وڌي ويئي آهي. دولت جي حوس انهن کي صفا ظالم ڪري ڇڏيو آهي. هي سڀ ڌاڙيل انسانيت جون، اخلاق جون سڀ سرحدون پار ڪري چڪا آهن. نون نون قسم جي هٿيارن هنن کي وڌيڪ ظالم بڻائي ڇڏيو آهي. هٿيار ائين هلندا آهن جو مارڻو هڪ کي هوندو آهي ۽ مري پندرهن ويهه ويندا آهن. اُنهن هٿيارن مان تيزي سان ۽ بي انداز گوليون نڪرنديون آهن ۽ انسان ويچارا انهن جو شڪار ٿي ويندا آهن.
هڪ ڌاڙيلن جو ظلم ٻيو انسانن جي بي حسي ۽ محبت جي ڪمي، هاڻ اڄ جي دور ۾ ڪنهن جي گهر ڪو چور ڌاڙيل آيو ته سائين گهرڀاتين جي رڙ واڪي تي ڪو به نه پهچندو. اٽلو گهرن جا در ۽ دروازا مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويندا آهن ته متان اهي ڌاڙيل اسان جي گهر ۾ نه گهڙي پون. ڌاڙيل ته ظالم آهن، رهزن آهن، خوني آهن، پر انهن جي همت صرف اُن ڪري وڌيل آهي جو اسان پنهنجون روايتون ڇڏي ڏنيون آهن. هڪ ٻئي جو احساس ڪرڻ ۽ قدرڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن ايٽمي ۽ مشيني دور ۾ انسان خود ماديت پرست ۽ مشيني انسان ٿي پَيو آهي. هٿيارن جي زور تي هي ڌاڙيل گولين جي برسات وسائيندا، دهشت ڦهلائيندا حمله آور ٿا ٿين ڪنهن گهر تي، ڪنهن بس تي، ڪنهن گاڏيءَ تي پوءِ لانڍي جي لانڍ ماڻهن جي لاهي عورتن جي بي حرمتي ڪري گاريون گند ڏيئي جانورن وانگر انهن انسانن کي ڌڪيندا ٿيلها ڏيندا، بندوقن ۽ ڪلاشنڪوفن جا بٽ اُنهن کي ماريندا. گولين جي ڌماڪن جي آواز ۾ اُنهن کي ڊيڄاريندا وڃيو انهن کي قيد ڪن. پوءِ واندا ٿي هو ان غريبن کان حساب ڪتاب گهرندا آهن. ڪير ڪيتري حيثيت ٿو رکي. ڪير سرندي وارو آهي ڪير غريب آهي. اهو سڄو حساب ڪتاب هو رکندا آهن. هو سرندي وارن مان ته ٺهيو پر غريبن مان به ڪين مڙندا آهن. سڀني جي مائٽن کان لکن رپين جو ڀنگ گهرندا آهن. هن ڪاروبار کي هنن ڌاڙيلن اڃا به وسعت ڏني آهي. ترقي ڪرائي آهي. کنيل انسان اگر وڏي آسامي آهي ته اهو هڪ ڌاڙيلن کان ٻئي ڌاڙيلن جي ٽولن تائين وڪامندو رهندو آهي. مائٽ ويچارا پيرا کڻندا، ڳوليندا وڏن ماڻهن جو چؤ چواءُ ڪرائيندا اڃا هڪ هنڌ پهچندا مس ته خبر پوندي ته سائين ڪالهه ته اسان وٽ اهو ماڻهو هو. پر هاڻ اسان وٽ اها ٻانهن ڪونهي . اصل ڌاڙيلن وٽ جڏهن ماڻهو ملي ٿو ته هو چوندا آهن ته هيترا لک ڏيئي ٻئي ڌاڙيل کان ماڻهو ورتو آهي. جيڪڏهن توهان اسان کي فائدو نه ٿا ڏيڻ چاهيو ته گهٽ ۾ گهٽ اسان کي نقصان ته نه ڏيو جيتري پيئسن ۾ خريد ڪيو اٿئون اوترا پئسا وٺڻ ته اسان جو حق آهي. هاڻ رهيا آهن غريب جن جو نه ڪو اوهي نه واهي هو اُنهن مان به ڪونه مڙندا آهن. هنن غريبن جا وارث جن مان ڪن وٽ ته اٽو لٽو ۽ اجهو به پورو ڪونه هوندو آهي وري وچولا ماڻهو نوڪريون ڪندڙ، مهيني جي پگهار تي زندگي گذارڻ وارا انهن وٽ ته ڪنهن به مهيني ۾ ٻه چار سو به ڪونه ٿا بچن. الٽو مهيني جي آخر ۾ هو قرضي ٿيو پون. اهي غريب ويچارا ڪٿان ايترو ڀنگ ڀريندا ۽ هنن ظالمن جا مطالبا پورا ڪندا. بي حسي ۽ ظلم جي انتها ته اها آهي ته اها خبر هوندي به ته فلاڻي جا مائٽ غريب آهن ۽ هو ڪجهه به نه ٿا ڏئي سگهن. ڪجهه ڏينهن انتظار ڪري اهو اُنهن غريبن کي قتل ڪيو ڦٽو ڪيو ڇڏين. انهن غريبن کي مارڻ مان اُنهن کي ڇا ٿو حاصل ٿئي؟!!! اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ کان مٿي آهي...........
ڌاڙيلن جو مسئلو سنڌ جو تمام وڏو ۽ حساس مسئلو آهي. هن مسئلي کي وڏي سمجهداري ۽ عقل سان منهن ڏيڻو پوندو. هر باشعور سمجهدار ماڻهو توڙي اڻ پڙهيل جاهل هر ڪو چاهي ٿو ته هاڻ هنن ڌاڙيلن مان جان ڇٽڻ کپي، ڌاڙيلن ۾ هي انسانن جو واپار جيڪو هليو آهي سو قابل مذمت ۽ ناقابل معافي آهي.... ها پر ائين نه ٿئي جهڙي طرح پهرين ٿيندو رهيو آهي. اڳ ضياءُ الحق جي زماني ۾ جڏهن ڌاڙيلن جي خلاف جڏهن به ڪاروائي ٿي ته ان وقت ڌاڙيلن کي ته ڪنهن ڪجهه به نه چيو پر اُن جاءِ تي سياسي انتقام ورتا ويا. ذاتي دشمنيون ڪڍيون ويون. غريب ڳوٺاڻن کي تنگ ڪيو ويو. ڌاڙيلن کي رهائڻ ۽ کارائڻ جي جرم ۾ غريب ۽ عزت وارن جي گهرن ۾ گهڙي انهن جي عورتن ۽ نياڻين جي بي عزتي ڪئي ويئي. خواه مخواه گهر ڀاتين کي پڪڙي پڪڙي جيلن ۾ وڌو ويو. گهرن ۾ پيل اناج، ٻڪريون، ڪڪڙيون ۽ ٻيون شيون گاڏين ۽ ٽرڪن ۾ ڀري ڍوئيون وينديون هيون. هاڻ ان ڳالهه جو به خيال رکڻو پوندو ته اڄ ڪلهه پريس ۽ ماڻهن ۾ جيڪو اهو تصور پيدا ٿي چڪو آهي ته ڌاڙيلن جيڪي به آهن سي سڀ سنڌي آهن. ان تصور کي به رد ڪرڻو پوندو!!! سنڌ اڄ جي حساب ۾ تمام حساس صوبو آهي. محرومين سنڌ جي ماڻهن جي اندر ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن ۽ جذباتي طور انهن ۾ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿي چڪا آهن. سنڌي اڳ ۾ ئي محرومين، ناڪامين ۽ عدم تحفظ جو شڪار ٿي چڪا آهن. ڌاڙيلن جا به ڪيترا قسم آهن. جيئن ڪن شهرن ۾ وڏن ماڻهن جو اولاد جن جون ضرورتون ۽ بدمعاشيون وڌيل آهن ۽ مائٽ اُنهن جو پورائو نه ٿا ڪن، اُهي به اهي اغوا جون ڪاروايون ڪن ٿا. اهو به سچ آهي ته اهي وڏن ماڻهن جا پٽ سنڌي ڪونه آهن. ڪي ڇوڪرا شوقيه ۽ مذاق خاطر پنهنجن دوستن کي اغوا ڪندا آهن. اغوا جون خبرون ته اخبار ۾ اچي وينديون آهن سرخين سميت پر اندر ئي اندر جيڪو سچ هوندو آهو سو ظاهر نه ٿيندو آهي. سياسي تنظيمون به هڪ ٻئي جا ماڻهو اغوا ڪري دهشت ڦهلائڻ خاطر يا ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ خاطر به اهو ڪڌو ڪم ڪنديون آهن. سياسي پارٽيون جيڪي چندن تي هلنديون آهن. اهي به وڏن وڏن ماڻهن کان چندا حاصل ڪنديون آهن. اگر ڪنهن وڏي ماڻهوءَ چندو نه ڏنو ته پوءِ اُن کي اغوا ڪري ڊرامو رچائي پئسا ڪڍيا ويندا آهن. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به گهڻو ڪري ائين ٿي رهيو آهي. هڪ دهشتگرد تنظيم ته منظم نموني اهو ڪاروبار هلايو آهي ته انهن جا ماڻهن نون ماڊلن جون گاڏيون ۽ اسڪوٽر کسي هليا ويندا آهن. پوءِ انهن جي ئي تنظيم جو ماڻهو گاڏي يا اسڪوٽر جي مالڪ سان رابطو قائم ڪندو. ان سان همدردي ظاهر ڪري پاڻ کي ڪو وڏي هٿ وارو ظاهر ڪري اُن کي گاڏي يا اسڪوٽر موٽائي وٺرائي ڏيندو. ان جي عيوض اُن مالڪ کان هزارين رپيا ورتا ويندا آهن. هيءَ دهشتگرد تنظيم جت اُهي پئسا جمع ڪرائيندي آهي ان جو نالو انهن بيت المال رکيو آهي.........
ايتريون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن کي مد نظر رکي هنن ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي. سڀ کان پهرين ته ذهن ۾ اها ڳالهه رکڻي پوندي ته ڌاڙيل رڳو سنڌي ڪونه آهن. رڳو سنڌين مٿان قهر ٿي ناهي ڪرڻو..... پوليس کي ۽ حڪومت کي وڏي دل رکي، تعصب ۽ نفرت کان پاڻ مٿاهون رکي، سياسي ۽ ذاتي دشمنين کي وساري هنن ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي. اگر نيڪ نيتي ۽ سچائيءَ سان هن عمل کي شروع ڪيو ويو ته يقيناً سڄي سنڌ جو تعاون هن حڪومت کي حاصل ٿيندو، هنن ڌاڙيلن خلاف..... ڇو ته هاڻ ماڻهو سک سان نوڪريون ڪرڻ، سک سان ڪاروبار ڪرڻ ۽ سک سان جيئڻ چاهين ٿا.

آچر 16 ڊسمبر 1990ع

ڏسو ته سنڌي گڏ ٿي ويا ...... !

ڳالهيون ڪرڻ، دعويٰ ڪرڻ، اعلان ڪرڻ ته آسان پر عمل جي وقت سوچي سمجهي قدم کڻڻو پوندو آهي، نفعي نقصان کي ڏسڻو پوندو آهي. ڪنهن به فيصلي جو ڪيترو سٺو ۽ خراب اثر ٿيندو آهي سڀ ڳالهيون مدنظر رکيون وينديون آهن. سياست ته هوندي ئي آهي نعري بازيءَ جي، ڪوڙن واعدن ۽ وڏين ڳالهين لاءِ هاڻ کڻي گذريل اليڪشن ڏسجن. موجوده حڪومت جيڪي واعدا ڪري اليڪشن کٽي آئي آهي، اهي واعدا هو ڪيتري حد تائين نڀائي سگهندي آهي. انهن ڪيل واعدن مان هڪڙو آهي بهارين کي گهرائڻ جو. ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته جڏهن پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو اتحاد ٽٽو هو ۽ نواز شريف سان اتحاد جڙيو هو، ان وقت جن بنيادي نڪتن تي اتحاد ٿيو هو، انهن ۾ هڪ نڪتو هو بهارين کي آڻڻ جو . ان اتحاد کان پوءِ جلد ئي نواز شريف حيدرآباد جو دورو ڪيو هو، اتي به اچي اعلان ڪيو هيائين ته بهاري پاڪستان ضرور ايندا ۽ انهن کي سنڌ ۾ نه پر پنجاب ۾ رهايو ويندو. ان وقت اُن حيدرآباد جي دهشتگردن لاءِ پنج ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو به اعلان ڪيو هو.
اها ڳالهه سڀني جي عقل سمجهه ۾ اچڻ کپي ته آخر نواز شريف ايترو وڏو ۽ اهم اعلان ڇو ڪيو؟ مان سمجهان ٿي ته اهو صرف ان ڪري جو نواز شريف کي به خبر آهي ته بهاري پنجاب ۾ ته هونئين ڪو نه رهندا. وري به سنڌ ڏي ڀڄندا پوءِ اهڙي اعلان ڪرڻ ۾ ڪهڙو نقصان . . . اعلان ڪرڻ، اتحاد ڪرڻ يا وري اليڪشن کي کٽڻ لاءِ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ اهو سڀ ڪجهه آسان آهي، پر ڪرسي تي ويهي حڪمران بڻجي فيصلا ڪرڻ ڪو آسان ڪو نه هوندو آهي. ڪرسيءَ تي ويٺل حڪمران کي سموري عوام جي راءِ ۽ سوچ کي ڏسڻو ۽ پرکڻو پوندو آهي. سنڌ جي ماڻهن ۾ بهارين خلاف نفرت ته موجود آهي ئي آهي. ان جي نواز شريف ڀلي پرواه نه ڪري پر خود پنجاب جا ڪافي سياسي ليڊر ۽ ٻيون عوامي تنظيمون ان ڳالهه جي مخالفت ڪري رهيون آهن ته ڪو بهارين کي پنجاب ۾ آباد ڪجي . . . پناهگيرن جي ليڊرن ۾ اڪثريت بهارين جي آهي خود الطاف به بهاري آهي ان ڪري ئي الطاف اسپيڪر به بهاري چونڊرايو آهي اهو بهاري جيڪو ان اسپيڪر جي ڪرسيءَ تي نه شڪل صورت ۾، نه شخصيت ۾ نه وري بردباري جي انداز ۾ ٺهڪي ٿو اچي. هو شخص ڪنهن به طرح سان اسپيڪر جي ڪرسيءَ تي سونهين ئي نه ٿو. هي بهاري اسپيڪر نتيجو آهي ڄام ۽ الطاف اتحاد جو. هي اتحاد به عجيب رنگ ٿا ڏيکارين. الطاف به بهاري هجڻ جي ڪري اها ڪرسي به بهاريءَ کي ڏياري حالانڪه ان کان بهتر شخصيت وارا ماڻهو ان کي ملي پئي سگهيا.
پناهگيرن جون ٻه ڳالهيون جن جي پٺيان هو هٿ ڌوئي اچي پيا آهن. انهن مان هڪ آهي ته انهن جي دهشتگردن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ٻيو آهي بهارين کي هت سنڌ ۾ آڻڻ. هو بهارين کي سچو ۽ محب وطن پاڪستاني چون ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته هنن ٻه دفعا پاڪستان لاءِ قرباني ڏني آهي هڪ دفعو 1947ع ۾ ٻيو دفعو 1970ع ۾ پناهگيرن جا ليڊر چون ٿا ته سنڌي جيڪي انهن اڳيان هونئن غدار ۽ ڪافر آهن. اهي هروڀرو پيا واويلا ڪن ته بهاري نه اچن. بهاري سنڌ ۾ ته ايندا ئي ڪو نه. اهي ته وڃي پنجاب ۾ رهندا. نالو ته پنجاب جو پر انهن جي اچڻ جي تياري سنڌ ۾ ٿي رهي آهي. انهن جي اچڻ جي اميد ۾ هي پناهگير سنڌ جي ڪيترن حصن ۾ ڪالونيون ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ مشغول آهن. پلاٽ پيا خريد ڪن ۽ سڃاڻپ ڪارڊن ٺاهڻ جا به بندوبست ڪيا پيا وڃن.
ڄام ۽ الطاف معاهدو ڇا آهي؟ ان جا نڪتا ڪهڙا آهن؟ اها خبر اڃا نه پئجي سگهي آهي. اندر ئي اندر ۾ سڀ ڪجهه طئي ٿيو آهي ۽ ان تي عمل جاري آهي، وزارتون انهن پنهنجي پسند تي ۽ اهم حاصل ڪيون آهن. ڪراچيءَ جي چئني ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر انهن جي چوڻ مطابق رکيا ويا آهن. پوليس جا وڏا آفيسر ويندي هوم سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري به انهن جي حڪم مطابق رکيا ويا آهن. مطلب ته هن مهل سنڌ حڪومت تي پورو ڪنٽرول ايم ڪيو ايم وارن جو ئي آهي. اهو سڄو ڪنٽرول انهن کي ان معاهدي سان حاصل ٿيو آهي جيڪو انهن سنڌ حڪومت سان ڪيو آهي. عام ماڻهو کي ته خبر ئي ڪانهي ته اندر ئي اندر اڃا ڇا پيو ٿئي يا وري ڇا ٿيندو؟!! لڳي ائين ٿو ته موجوده سنڌ جي حڪومت پناهگيرن کي اها دلجاءِ ڏني آهي ته بابا ڳچيءَ دهل وجهي ڍنڍورو پٽڻ مان ڇا حاصل. . . هروڀرو اعلان ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو. . . اسان توهان جا خادم ويٺا آهيون. توهان جي حڪم موجب آهستي آهستي لڪ چوريءَ ۾ سڀ بهاري توهان کي گهرائي ڏينداسين، باقي وڌيڪ پريشان ٿيڻ يا بيان ڪڍڻ مان فائدو. . . سڀ سمجهدار ماڻهو سمجهن پيا ته ان لڪ چوريءَ واري اتحاد تي باقاعدي عمل ٿئي پيو. سون جي تعداد ۾ روزانو بهاري اچن پيا، آباد پيا ٿين. انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيو پيا ملن، انهن جي رهائش ۽ نوڪرين جا بندوبست پيا ٿين. آخر ڇو هي سنڌين جا سوين سال پراڻا ڳوٺ بلڊوزر گهمائي ڊاٺا پيا وڃن ۽ سنڌين کي نوڪرين مان ڪڍيو پيو وڃي. آخر ڇا لاءِ ۽ ڪنهنجي لاءِ ان سوال جو جواب ظاهر پيو آهي ته اهو سڄو پلان آهي بهارين کي آڻڻ ۽ ورسائڻ جو . . .
تازو نواز شريف سنڌ جو دورو ڪيو. پئسن جي برسات ڪندو، وچولو رستو وٺندو ڳنڀير ۽ مبهم ڳالهيون ڪندو وڃي اسلام آباد ڏانهن نڪتو. ڪي ماڻهو ان ڳالهه ۾ خوش آهن ته نواز شريف سنڌ جي دوري ڪرڻ مهل بهارين لاءِ ڪو واضح اعلان نه ڪيو. هت ڪراچيءَ واري جلسي ۾ سڀني سنڌ جي رهواسين کي به سنڌي ڪري سڏيائين. ان ڪري ان پناهگيرن جي ان بنيادي نڪتي جي نفي ڪئي آهي ته ڪو سنڌ ۾ مهاجر نالي به ڪو آهي. هن سڀني کي گڏي سنڌي چئي مخاطب ڪيو. اها ڳالهه به چڱي. نواز شريف به ڪوڙ نه پر سچو پچو سچ ڳالهايو آهي. پر سنڌين جو به ڪجهه نفسياتي علاج ڪرڻ گهرجي جيڪي ٿوريءَ خوشيءَ ۾ به خوش ٿيو وڃن. اها ڳالهه به ته سمجهڻ گهرجي ته ڇا نواز شريف ايترو پاڳل آهي جو ويهي کلم کلا اهڙا اعلان ڪندو؟ هو هوشيار شخص هروڀرو پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڇو ڪندو؟ هو ته وفاق جو نمائندو آهي سڀني جي پٺي ٺپوريندو ويندو. سڀني کي سونهري خواب ڏيکاريندو ويندو. هو اهڙي بي عقلائيءَ جو مظاهرو ڇو ڪندو. جڏهن ته کيس خبر آهي ته ڄام ۽ الطاف اتحاد ۾ اهو سڄو ڪم سولائيءَ سان ٿئي پيو ته پوءِ هروڀرو باه ٻارڻ مان فائدو. . .!!
بهاري جيڪي پاڪستان ٺهڻ وقت پراڻي اوڀر پاڪستان ۾ اچي رهيا هئا. آخر اهو به ته پاڪستان هو. هاڻ به ته بنگلاديش جي روپ ۾ به هڪ اسلامي ملڪ آهي. پوءِ ڀلا انهن کي اُت رهڻ ۾ اعتراض ڇو آهي. دراصل هو پنهنجي ڪرتوتن ۽ قهري ڪارواين جو ڀوڳي رهيا آهن. انهن ات اوڀر پاڪستان ۾ جيڪي قهر ڪيا سي ڪنهن کان لڪل ڪونهن. هي بهاري وڏا ظالم رهزن ۽ دهشتگرد آهن. ڪيترن اکين ڏٺل شاهدن اتان جون جيڪي ڳالهيون ٻڌايون آهن. يا وري اوڀر پاڪستان کان بنگلاديش ٺهڻ دوران ات جيڪو ڪجهه وهيو واپرايو اهو ڪتابن ۾ ڇپيل پڙهيو اٿئون. ڪجهه ڪتاب ته ڪن فوجي جنريلن به لکيا آهن. اهو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ پڙهي اهو نظريو قائم ڪرڻ ۾ دير نه ٿي لڳي ته اصل ۾ بنگلاديش ٺاهڻ جا ۽ پاڪستان ٽوڙڻ جا گنهگار بنگالي نه پر هي سڀ بهاري آهن. جهڙي طرح هت پناهگير اهو چون ٿا ته اسان پاڪستان ٺاهي هتان جي رهواسين تي احسان ڪيو آهي ۽ اسان ئي پاڪستان جا اصل معمار آهيون. اسان ئي پڙهيل ۽ قابل هئاسين باقي سڄي پاڪستان ۾ جاهل ۽ ڄٽ پکڙيل هئا. اهڙي طرح ات بنگال ۾ به بهارين جي به اها ئي روش هئي انهن جو ذهن تخريبي ڪاررواين ۾ هوشيار آهي ڇو ته بهاري گهر ويٺي ٽين جي دٻي ۾ پندرنهن منٽن ۾ هڪ اهڙو طاقتور بم ٺاهي سگهي ٿو. جنهن جو آواز هڪ وڏي طاقتور بم جهڙو هوندو آهي ۽ اڇلڻ مهل ٻه چار گهرن جون ڀتيون ضرور ڪيرائيندو آهي. هي ظالم قاتل بهاري جن بنگلاديش ۾ ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي هئي. انهن هزارين قتل ڪيا. عورتن ۽ نياڻين جي عزتن کي پائمال ڪيو. گهرن کي باهيون ڏيئي ڪيترن انسانن کي زنده ساڙي ڇڏيو هو. پاڪستاني فوجين سان ملي انهن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو تاريخ جو هڪ سياه ترين باب آهي. ان ڪري ته بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ سڀني کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته هاڻ توهان ڪاڏي ويندؤ ته انهن ان ڊپ کان ته متان بنگالي انهن کان ڪو انتقام وٺن انهن ڪيمپن ۾ وڃي پناه ورتي ۽ اهو لکي ڏنو ته هو پاڪستان (رهيل پاڪستان) ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا. سنڀالي هو ان پاڪستان کي نه سگهيا جيڪو قائداعظم ٺاهيو هو. هاڻ هليا آهن هن رهيل پاڪستان کي تباهه ڪرڻ.
ان حقيقت کي وڏي واڪ چوڻ ۾ ڪنهن کي به هٻڪ نه ڪرڻ گهرجي ته هي بهاري ڪنهن به صورت ۾ پاڪستاني نه آهن. خاص ڪري هي رهيل پاڪستان جيڪو چئن صوبن تي ٻڌل آهي. انهن کي ڪو به حق نه آهي هت اچڻ جو. هنن بهارين کي کپي ته هو بنگالين کان پنهنجي ڪيل گناهن جي معافي وٺي انهن سان گڏ وڃي رهن. اگر هو بنگالي هنن کي معافي نه ٿا ڏين يا قبول نه ٿا ڪن ته هو واپس پنهنجي اصل ملڪ بهار ڏانهن موٽي وڃن. باقي هن چئن صوبن تي ٻڌل پاڪستان تي هنن جو ڪو به حق نه آهي ۽ نه وري هتان جا ماڻهو هنن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اڄ ٽيويهن تاريخ تي سنڌ ۾ بهارين جي اچڻ جي خلاف احتجاج جي تياري ڪافي ڏينهن کان ٿئي پئي. هڪ عرض ڪرڻو آهي هر سنڌيءَ کي چاهي ان جي وابستگي ڪهڙي به پارٽي سان هجي. اگر اهي سڀ محب وطن سنڌي آهن ته خدا جي واسطي هن مسئلي تي پاڻ ۾ ٻڌي ڪيو. پاڻ ۾ ايڪو پيدا ڪيو. اهڙي طرح سان هن احتجاج کي ڪامياب ڪيو جو تاريخ جي ورقن ۾ هي ڏينهن لکيو وڃي ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن جون به اکيون پٽجي پون ته سنڌي هر اهم مسئلي تي جن مسئلن تي هن ڌرتيءَ جو بقاءُ جو دارومدار آهي گڏ ٿي سگهن ٿا. باقي ڇڙوڇڙ ٿي، ڌريون ٿي، الڳ ڪنو چاڙهي ويهندو ته ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. پنهنجي تحفظ لاءِ، هن ڌرتيءَ جي بقاءُ لاءِ پنهنجي آئنده نسلن جي خوشحاليءَ لاءِ سنڌين کي وڏا فيصلا ڪري مضبوط قدم کڻڻا پوندا. اهڙا قدم کڻڻا پوندا جو ڌرتي ڌٻي وڃي آسمان رڙ ڪري اٿي. سڀ ڪو اهو چوي ته ڏسو ته سهي سنڌي گڏ ٿي ويا، هڪ ٿي ويا ۽ تاريخ ۾ امر ٿي ويا.

آچر3 2 ڊسمبر 1990ع

مير رسول بخش ٽالپر جي تقرير، سنڌين جي حقيقت مندانه عڪاسي

عجب حالتن ۾ وقت اچي پڳو آهي. هت ڪير ڪم ئي نه ٿو ڪرڻ چاهي ۽ وري جيڪي ڪم ڪن ٿا ته انهن جو قدر ئي ڪونهي. صرف لفاظي ڪرڻ، وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ۽ وڏا وڏا دعوا ڪرڻ وارا ئي ڪامياب ٿين ٿا. تنظيمون، سياسي پارٽيون ۽ سماجي ادارا تڏهن ئي پختا ۽ ڪامياب ٿيندا آهن جڏهن انهن جون پاڙون عوام جي اندر ۾ هونديون آهن. اُهي ئي ڪم ڪاميابي حاصل ڪندا آهن جن جي شروعات هيٺان کان ڪبي آهي. ڪمزور پيڙهه تي ڪيل ڪم ڏيک ويک ۾ ڪيترائي شاندار هجن پر اهي جٽاءُ نه ڪندا آهن. ان ڪم پٺيان ڪيتريون ئي من موهيندڙ ڳالهيون ڪيون وڃن پر آخر اچي ان جي ظاهري زيب ۽ صورت ختم ٿي ويندي آهي. ڪافي سال پراڻي ڳالهه ياد اٿم زندگي ۾ پهريون دفعو پنهنجي اسڪول جي زماني ۾ هڪ جلسي ۾ ويئي هئس. اهو جلسو ڪارو ڏينهن ڪري احتجاجي جلسو ڪري ملهايو پئي ويو. ات ڪيترن ليڊرن تقريرن ڪيون. ات ڪيتريون ئي اهم شخصيتون موجود هيون جن کي مون پهريون دفعو ڏٺو هو. ڪيترن ئي تقريرون مان هڪ تقرير جيڪا مرحوم مير رسول بخش ٽالپر ڪئي هئي. اڄ اها تقرير هي ڪالم لکندي ياد اچي وئي پوري تقرير ته ياد ڪونه اٿم پر ايترو ياد اٿم ته تقرير ڪندي مير صاحب ڏاڍو جذبات ۽ جوش ۾ هو. ان جوش ۽ ولولي واري تقرير جي دوران لائيٽ بند ٿي ويئي. ان وقت مير صاحب زور سان رڙ ڪري چيو ته “بجلي والو جلدي بجلي ٺيڪ ڪرو فيوز اڙ گيا هي، اس کو ٺيڪ ڪرو” ٿوري دير کان پوءِ فيوز ٺيڪ ڪيو ويو ۽ بجلي اچي ويئي. هاڻ مير صاحب ۾ ايترو جوش ۽ جذبو نه هو. ان جي تقرير ۾ ڏک هو پيڙا هئي. ان وقت ان جيڪي لفظ چيا اڄ به ذهن جي پولارن ۾ موجود آهن. ۽ انهن لفظن کي مون هيئين سان هنڊايو آه اُهي لفظ مير صاحب ڏاڍي ڏک مان چيا هئا. هن چيو هو ڏسو ته سهي اسان سنڌي ماڻهو جمپ ڏيئي مٿين ڪُرسين تي ويهڻ چاهيندا آهيون. اسان سنڌي ڪوبه ننڍو ڪم يا پورهيو ڪرڻ عيب سمجهندا آهيون هاڻي هتي ئي ڏسو ته بجلي بند ٿيڻ مهل مون کي جنهن ٻولي ۾ ڳالهائڻو پيو يا جنهن شخص کي سڏڻو پيو، انهن ماڻهن جي اهائي ته خوبي آهي ته هو ڪوبه ننڍو ڪم ڪندي عيب نه سمجهندا آهن. توهان کي پنهنجي آس پاس اهڙو ڪم ۽ ٻيا ننڍا ڪم ڪندڙ ڪوبه سنڌي نه ملندو. هنن ماڻهن ان ڪري ئي ته ترقي ڪئي آهي جو هو هيٺان کان اُڀرن ٿا ۽ مٿي تائين پهچن ٿا. خدا جي واسطي سنڌيو پورهئي ۽ ڪم جو قدر ڪرڻ ڄاڻو. پنهنجون پڪيون بنيادون وجهو، واريءَ جا محل نه ٺاهيو جيڪي ڦوڪن سان ٿا اُڏاميو وڃن.
مير رسول بخش ٽالپر جا هي لفظ مون کي اڄ ان ڪري ياد آيا ته اسان سنڌي پورهئي ۽ هٿ جي محنت جي قدر قيمت وڃائي چڪا آهيون. ڪوبه پورهيت يا هاري يا وري هٿ جو ڪم ڪرڻ وارو پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياريندو آهي ته ان جي ذهن ۾ اها ڳالهه هوندي آهي ته منهنجو پٽ پڙهي آفيسر ٿيندو، وڏو ماڻهو ٿيندو، اُهو ٻار ان ماحول ۾ تعليم حاصل ڪندو آهي جت پل پل ان کي ان قسم جو احساس ڏياريو ويندو آهي. اهو چوڻ يا لکڻ به صحيح نه آهي ته ڪو غريب ماڻهن کي خواب نه ڏسڻ کپن يا وري سٺي مستقبل لاءِ ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.......... هر انسان جو بنيادي حق آهي. ته هو بهتر کان بهتر مستقبل جي تلاش ۾ جستجو ڪندو رهي. تاريخ به ان ڳالهه جي شاهد آهي ته وڏا وڏا اديب، دانشور، تعليمي ماهر، سياستدان، کوجنا ۽ ايجادون ڪندڙ انهن سڀني جو تعلق گهڻو ڪري هيٺين غريب طبقي سان رهيو آهي. گڏوگڏ اها به حقيقت آهي ته اهي آڱرين تي ڳڻجڻ وارا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي منزلن تي پهچي سگهيا. باقي اڪثريت اهڙن جي آهي جيڪي چاهيندي به ڪوشش جي باوجود به اهو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيا جيڪو انهن حاصل ڪرڻ پئي چاهيو.... اهڙا هارايل منزلن جا متلاشي ماڻهو پنهنجي گهر جي ڀاتين ۽ معاشري لاءِ ناسور ٿيو پون. اهي ماڻهو جن جن علم کي روزگار ۽ وڏي آفيسري هٿ ڪرڻ لاءِ حاصل ڪيو. هاڻ ناڪامي جي صورت ۾ هو ابي ڏاڏي جي ڪرت کي ڪرڻ عيب سمجهندا آهن. مايوسين جو شڪار ٿي، احساس ڪمتري يا احساس برتري جو شڪار ٿي ويندا آهن. هي انسان نه ابي امان جي ڪا خدمت ڪندا آهن. نه وري پنهنجا ٻچا صحيح طريقي سان ۽ ذميداري سان پالي سگهندا آهن. اسان سڀني کي خبر آهي ته ٻين قومن جا ماڻهو هر قسم جو ڪم ڪرڻ جا هوشيار هوندا آهن. ڪيڏي به وڏي ڊگري حاصل ڪندڙ شخص معمولي کان معمولي ڪم ڪرڻ ۾ عيب ڪونه سمجهندا آهن سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ وقت به هو اهو نه سوچيندا آهن ته ڪو سڌو سنئون ڪنهن وڏي ڪرسي تي وڃي ويهن. ننڍي سرڪاري نوڪري حاصل ڪري هڪ دفعو گهڙڻ کانپوءِ هو ڪوشش ۽ محنت ڪندا ته جيئن ترقي حاصل ڪن. اسان وٽ ڪافي نوجوان ته اهڙا آهن جو مئٽرڪ پاس ڪري چاهيندا آهن ته ماستري يا ڪلارڪي ملي وڃي. اگر نه ملي ته سائين جن پيا آرام ڪندا ۽ رول ٿي پيا جتيون گسائيندا پر اهو نه سوچيندا ته هو پنهنجي قيمتي وقت زيان پيا ڪن. پيءُ اگر هٽ مانڊڻي ٿو هلائي يا مزودري ٿو ڪري ته هو چوندا ته اسان اهي ڪم ڇو ڪيون؟ اسان ته پڙهيا آهيون.
علم حاصل ڪرڻ انسان جو بنيادي حق آهي. علم شعور ڏئي ٿو، سمجهه ڏئي ٿو. زندگي جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ علم مددگار ثابت ٿئي ٿو. علم سان انسان سچ ۽ ڪوڙ، حق ۽ ناحق جي سڌي کان واقف ٿئي ٿو. جن قومن علم کي ذريعي معاش حاصل ڪرڻ لاءِ يا صرف ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهيو ۽ حاصل ڪيو ته سمجهو ته ان قوم جو زوال ويجهو آهي. اها ڳالهه ته جيئن ته اسان جو ملڪ اڃا ترقي پذير آهي. ترقي ۽ وسائل جا محدود وسيلا آهن. آدم شماري ته وڌندي پئي وڃي ۽ روزگار جا وسيلا اوترائي آهن جيڪي اڳ هئا. پوءِ ڀلا ايترن سڀني پڙهيل لکيلن کي نوڪريون ڪٿان ملن؟ جڏهن ته هر هنڌ مقابلو لڳو پيو آهي. سنڌي قوم ۾ هڪ ٻي جيڪا سوچ آهي ته هو مخصوص نوڪريون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن ۽ گهر کان پري نوڪري ڪرڻ نه ويندا آهن. سنڌي قوم جي طاقت جو توازن ان ڪري اڻ پورو آهي جو هو هر فيلڊ ۾ نه ٿا وڃن. جيئن ته هڪ مئٽرڪ پاس جوان اها ڪوشش ڪندو ته ان کي ماستري يا ڪلارڪي ملي پر هو فوج يا پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پيو ڪيٻائيندو. نوڪري نه ٿي ملي ته هو ڪاروبار ڪرڻ يا وري ٻيا ڪم جن ۾ بجلي جو ڪم، پلمبري جو ڪم، ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڪم ڪرڻ يا تجربو حاصل ڪرڻ نه چاهيندو. حالانڪ هنن ڪمن ۾ محنت جو اجورو تمام گهڻو آهي اهي ڪم ڪندڙ ماڻهو هڪ چڱي خاصي آفيسر جيترو ڪمائي وٺندا آهن. دنيا ۾ ٻاهر نڪري ڏسو ته وڏين وڏين ڊگرين وارا ماڻهو پنهنجو ڪاروبار پيدا ڪندا يا وري اهڙا ادارا قائم ڪندا جن ۾ هو هٿ جي ڪم کي فروغ ڏيندا آهن. پري وڃڻ جي ضرورت نه آهي. اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ دڪاندار، ريڙهي تي ڀاڄيون ۽ ٻيون شيون وڪڻڻ وارا اهي سڀ بي اي ۽ ايم اي پاس ملندا. ڀلا جيڪڏهن سرڪاري نوڪري نه ٿي ملي ته پنهنجي زندگي هروڀرو تباه ڇو ڪجي؟ سنڌين کي هاڻي سوچي سمجهي همت سان هر فيلڊ ۾ پکڙجي وڃڻ گهرجي. پنهنجون بنيادون مضبوط رکجن. هر ڪم ڪجي هر هنڌ گهڙي وڃجي. اها وقت جي ضرورت آهي ۽ سنڌين جي تحفظ ۽ بقا لاءِ به ائين ڪرڻ ضروري آهي.

آچر 30 ڊسمبر 1990ع

سنڌي سماج جا اصل قدر ۽ اڄ جو سنڌي سماج؟

امان جي ماسي، ناني حاڪم زادي مرحومه هڪ لاجواب شخصيت جي مالڪ هئي. ڳالهين جي ڳهير، خوش مزاج، غم پيئڻ واري، خوشيون وکيرڻ واري، ڪيترو به ڏک وارو ماحول هوندو هجي، هوءَ پنهنجي ڳالهين سان محفل جو رنگ روپ ئي مٽائي ڇڏيندي هئي. هوءَ پراڻيون ڳالهيون ۽ پراڻا خانداني قصا وڏي شوق سان ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي ڳالهه ڪندي، ان ٻڌايو ته اڳئين وقت ۾ نياڻين سياڻين جي عزت هوندي هئي. انهن کي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. پنهنجي ڳالهه ٻڌائيندي چيائين ته جڏهن سندس شادي ٿي، ان ويل هوءَ ٻارڙي هئي. سندس گهر واري کيس پڙهايو. گهر ويٺي کيس علم جي نور سان آشنا ڪرايو. ٻارهين مهيني مائٽ کيس ملاقات لاءِ وٺي ويندا هئا. اٺ ڏهه ڏينهن ڀائرن وٽ رهندي هئي. ڪجهه ڏينهن پنهنجي مامي جي گهر به وڃي رهندي هئي. سندس اهو مامو غريب هوندو هو. بس ويلا ڪيئن گذرندا هئا، هڪ انهن کي خبر هئي ته ٻي رب کي. ان جي باوجود به هو غريب مامو پنهنجي ڀاڻيجيءَ کي گڏجاڻيءَ لاءِ ضرور وٺي ويندو هو. نانيءَ ٻڌايو هو ته کيس هر ويلي تي مکيل ماني ۽ رات جو چانور کائڻ لاءِ ملندا هئا. منجھند جو گوشت ته نه هوندو هو، پر ڀاڄي ضرور هوندي هئي. گهر جا ڀاتي ڇا کائيندا هئا سا نانيءَ کي خبر ڪا نه پوندي هئي. نانيءَ ٻڌايو هو ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. هوءَ سوچيندي هئي، مامو ويچارو الائجي ڪٿان اهي سچا گيهه ، مکڻ، چانور ۽ ڀاڄيون کيس کارائي پيو. الائجي قرض کڻندو هوندو يا وري بچت جو پيسو پيو خرچ ڪندو هو. پر اها سوچ به هوندي هئي ته ان غريب وٽ بچت پيسو ڪٿان آيو؟ بهرحال ڪهڙي به طريقي سان نانيءَ کي سندس مامون، اٺ ڏينهن پاڻ وٽ ضرور ٽڪائيندو هو. موڪلائڻ وقت جڏهن ناني بيل گاڏيءَ تي ويهي رواني ٿيندي هئي، (ان وقت موٽر ڪارن جو رواج ڪو نه هو) ته سندس مامون کيس ٺوڙهو روپيو هٿ ۾ ڏيندو هو. (اُن رپئي تي بادشاهه جي شڪل اُڪريل هئي، ان ڪري ان کي ٺوڙهو روپيو به چوندا هئا) ناني وٺڻ کان انڪار ڪندي هئي، بحث ڪندي هئي ته ماما توهان وٽان کايو پيو پئي وڃان، انهن پيسن جي ضرورت ڪهڙي، اهو روپيو توهان غريبن لاءِ وڏي ڳالهه آ. الائجي ڪٿان آڻيندو هو مامون اهو روپيو، ڏک مان ٻڌائيندي هئي. بهرحال نانيءَ جي مامو هڪ به نه ٻڌندو هو ۽ چوندو هو ته اهو روپيو توکي ڏيئي هڪ ته مان تو نياڻيءَ کي عزت ٿو ڏيان، ڇو ته گهر مان نياڻي هٿين خالي وڃي، اها ڳالهه چڱي ناهي. باقي اهو نه سمجهجانءِ ته مان ڪو توتي ٿورو ٿو ڪريان. ان روپئي مان نه تون امير ٿي ويندئين ۽ نه مان غريب ٿي ويندس. در اصل مان اگر نياڻيءَ کي هٿين خالي موڪلي ڇڏيندس ته منهنجي رزق مان برڪت نڪري ويندي. هي روپيو ڏئي مان توتي ٿورو نه ٿو ڪريان پر پنهنجي لاءِ سيڙپ ٿو ڪريان. الله ڪندو ته تو نياڻيءَ جي اچڻ سان منهنجي رزق ۾ برڪت پوندي. ناني حاڪم زاديءَ جي هيءَ ڳالهه ياد ڪندي مان سوچيان ٿي پئي ته اڳئين وقت جا ماڻهو ڪيتري نه وڏي دل، صاف نيت ۽ دور انديش هوندا هئا. انهن جو عمل ئي انهن جي مسئلن جو حل هوندو هو.
ان دور ۾ نياڻيءَ جي ڪيتري عزت هئي. احترام هو، اهو ان ڳالهه مان ظاهر آهي، سنڌي معاشريءَ ۾ نياڻين کي ست قرآن ڪري ليکيو ويندو هو. نياڻيون ميڙ وٺي وڃڻ سان پراڻيون دشمنيون ۽ رقابتون ختم ٿي وينديون هيون. هي هڪ روايت جنهن کي عام طرح سان غلط ڪري ليکيو ويندو آهي. پرمان جڏهن ان روايت تي غور ڪندي آهيان ته حيرت ۾ پئجي ويندي آهيان ته ان روايت جو خالق تمام عقل وارو ۽ داناءُ هوندو. اها روايت اها آهي ته سنڌ ۾ اگر ڪنهن کان قتل ٿي ويو ته خون بها ۾ زمين، مال ، ملڪيت سان گڏ گهرجي نياڻيءَ جو سڱ به ڏنو ويندو هو. (يا اڃا به ائين)، قاتل جا گهروارا حد جي ڪوشش ڪندا هئا ته ڪهڙي به طريقي سان مال ملڪيت تي فيصلو ٿي وڃي. فيصلو ڪرڻ وارو وڏو جنهن کي قاضي به چئي سگهجي ٿو، جڏهن اهڙو فيصلو ڪندو هو ته قاتل جي خاندان وارن تي جبل ڪري پوندو هو. ايڏو وڏو غيرت وارو فيصلو ته سائين خون جي عيوض ۾ نياڻي پرڻائي ڏني وڃي ۽ ان نياڻيءَ سان حق واسطا هميشهه ختم ڪري ڇڏجن. جيئري ئي جدايون ڪري ڇڏجن. ڇو ته خون بها ۾ پرڻايل نياڻي وري ڪڏهن واپس گهر نه ايندي آهي. اگر سوچجي ته ان نياڻيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو جو ان کي سزا ڏني وڃي؟ آخر هوءَ پنهنجي ڀاءُ يا پيءُ جي ڪيل گناهن جي سزا ڇو ڀوڳي ؟ ان فيصلي ڪرڻ واري قاضيءَ کي اهو حق ڪنهن ڏنو جو جو هو ان انسان کي ظلم جي پيڙائن ۾ پيسي، جنهن ڪجهه به غلط نه ڪيو آهي. چوڻ لاءِ ته اهو صحيح آهي ته اها روايت اهو قانون سڄوئي غلط آهي، پر جڏهن اسان ان روايت جي نفسياتي ۽ اخلاقي پهلوئن تي نظر وجھون ته خبر پوندي ته اهو فيصلو هن معاشري مان قتل، خون جي گناهن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ وڏي هٿي آهي. هڪ فيصلو ٿي ويو خون بها ۾ پيءُ پنهنجي نياڻيءَ يا وري ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي ڪڍي ڏني. نياڻي ته گهر جي عزت ۽ غيرت هوندي آهي. معنيٰ ته ان شخص پنهنجي گناهن جي عيوض پنهنجي عزت غيرت ڪڍي ڏني. اها ڳالهه اسان جي سنڌي معاشري ۾ هڪ زلزلي کان گهٽ ڪو نه آهي. هاڻ ڇا ٿيندو جو ٻيا ماڻهو بيگناهه ڪنهن کي ماريندي، قتل ڪندي اهو ضرور سوچيندا ته سندس ان عمل ۾ گناهه جو عيوضو ڪهڙو آهي ..... ضرور اها ڳالهه سوچيندي هو ڪنهن به گناهگار يا بي گناهه جو قتل ڪندي ڪيٻائيندا. سمجهه ۾ اهو آيو ته هن قانون ۽ روايت مطابق ڏوهن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. چڱين روايتن جا اگرا نتيجا تڏهن نڪرندا آهن، جڏهن اسان جا ماڻهو انهن روايتن جو غلط استعمال ڪري ذاتي دشمنيون پاڙيندا آهن. . .
سنڌي عورت مرد جي هڏ ڏوکي، همدرد ۽ ڏک سک جي ساٿي رهي آهي، سنڌي مرد ان عورت جو محافظ، رکوالو ۽ تحفظ ڏيڻ وارو رهيو آهي. هر دور جون پنهنجون تقاضائون ۽ ضرورتون رهيون آهن. اهي روايتون ڪيتريون ئي سخت هونديون هيون. عورتن لاءِ پردو ضروري هوندو هو. شادي به هڪ اهم بنيادي مسئلو هوندو هو، خاندان کان ٻاهر شاديون ٿينديون ئي ڪو نه هيون. خاندان ۾ ايترا رشتا هوندا ئي ڪو نه هئا جو سڀني ڇوڪرين جون شاديون ٿي سگهن، ان ڪري خاندان جا ڇوڪرا چاهي اهي نا اهل، پوڙها يا ننڍي عمر جا هجن، مڙيئي شاديون ڪرائي فرض پورا ڪيا ويندا هئا. ملڪيتون بچائڻ لاءِ به نياڻين جون شاديون نه ڪرايون وينديون هيون. اهي سڀ ڳالهيون غلط هيون، انهيءَ ڪري ئي انهن جا نتيجا تمام خراب نڪتا. عورت هجي چاهي مرد، بنيادي ضرورتن جي پورائي نه هئڻ ڪري ڪيترائي مسئلا ان دور ۾ اڀريا ۽ هاڻ به اهي ئي مسئلا موجود آهن، هڪ ٻي صورت ۾ فرق صرف هڪ ڳالهه جو آهي. ان دور ۾ اگر نياڻين جي شادي نه ڪرائي ويندي هئي ته ان کي تحفظ ڏيڻ وارا، ان جون ضرورتون پوريون ڪرڻ وارا ڀائر ۽ پيئر موجود هئا. ڪيترن گهرن ۾ ته گهرن جو سارو ڪم ڪار انهن نياڻين جي حڪم مطابق هلندو هو. انهن کي گهر جو وڏو ڪري ليکيو ويندو هو ۽ هر ڳالهه ۾ انهن کان صلاح ورتي ويندي هئي، ان جي باوجود به اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ڪونهي ته ان وقت عورتون ذهني ۽ نفسياتي مسئلن جو شڪار ٿي وينديون هيون. اڪيلائپ ۽ بنيادي ضرورت جي پورائي نه هئڻ ڪري هو گهڻو ڪري چريائپ جو شڪار ٿي وينديون هيون. هاڻ به اهي ئي مسئلا موجود آهن. هڪ ٻي صورت ۾ هاڻ ڇا ٿي رهيو آهي. چوڻ لاءِ ته اڄ جي عورت آزاد آهي، تعليم به حاصل ڪري پئي، هر فيلڊ ۾ مردن سان گڏوگڏ نوڪريون به ڪري پئي ان جي باوجود به اهو تحفظ جيڪو هڪ ڀاءُ يا پيءُ يا وري گهر واري جي صورت ۾ هوندو آهي. اهو ان کي حاصل نه آهي. هن مهل مان شهري ۽ پڙهيل لکيل عورت جو ذڪر ڪري رهي آهيان.
اسان جي ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ به تبديلي آئي آهي، پر تمام گهٽ، اڄ به اسان جا سنڌي جوان، پڙهيل لکيل نوڪرين وارا، پنهنجون ڇوڪريون ڇڏي ڌارين قومن مان شاديون ڪري رهيا آهن، اگر هڪ جوان خاندان مان به شادي ڪري ٿو ته سمجهي ٿو ته ان جو هاڻ الڳ گهر هئڻ گهرجي، هو صرف پنهنجي زال ۽ ٻارن جي ذميواري کڻي ٿو، ۽ ماءُ ڀيڻ کي وساري ٿو ڇڏي، انهن جي ذميواري کڻڻ لاءِ هو بلڪل تيار نه آهي. هن ترقي يافته معاشري ۾ هر ڪو اڪيلو ۽ هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويو آهي. اگر نياڻين جي شادي ٿي ويئي ته ٺيڪ آ، ورنه اهي نياڻيون چاهي پڙهيل لکيل هجن، نوڪرين واريون هجن، انهن جي ذميواري ماءُ پيءَ جي مرڻ کان پوءِ ڪير به کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، هي پيار ۽ پنهنجائپ جي ڪمي، هڪ ٻئي کان دوري، هڪ ناسور ٿي پيئي آهي، جيڪا اندر جو اندر، هن معاشري ۾ ڏار وجهي رهي آهي، هن ترقي يافته مشيني دور ۾ انسان هڪ ٻئي کان پري ٿيندو پيو وڃي. اسان جي اديبن ۽ ڏاهن کي هن مسئلي تي ضرور ويچارڻ گهرجي، ڪي حل، ڪي تجويزون ٻڌائڻ گهرجن. ڏک ته مون کي ان وقت ٿيو هو جڏهن چرين جي اسپتال حيدرآباد جي انچارج، ڊاڪٽر صاحب هڪ دفعي اهو ٻڌايو هو ته هن اسپتال ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جو تعداد تمام گهڻو آهي، وقت پوڻ سان اهو تناسب بجاءِ گهٽجڻ جي وڌندو پيو وڃي. ڇا اسان کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته آخر هيءَ چرين جي اسپتال ايتري آباد ڇو آهي عورتن سان؟ جيڪڏهن اسان پنهنجي قول ۽ عمل سان، هن معاشري کي ۽ پاڻ کي نه بدلايو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ شايد اسان کي ٻيون به ڪيتريون ئي اهڙيون اسپتالون ٺاهڻيون پونديون. اهي اسپتالون جن ۾ مردن جي مقابلي ۾ عورتن جو تناسب تمام گهڻو هوندو . . .

ڇنڇر 6 جنوري 1991ع

موهن جي دڙي ۾ ويٺل اسان جا ارواح

اڄ موهن جي دڙي ۾ خاموشي ڦهليل آهي. چرندڙ پرندڙ شهر ائين ڏيک ڏيئي رهيو آهي ڄڻ ته هت ڪو بني بشر ئي ڪونهي. هو ڏسو موهن جي دڙي جي ناچڻي. ان پنهنجا گهنگهرو لاهي ڦٽا ڪيا آهن. هاڻ هوءَ منهن مونن ۾ وجهي اداس ويٺي آهي. وڏي پوڄاري پنهنجي جسم تي ويڙهيل ستارن واري اجرڪ لاهي ڇڏي آهي. اها عورت جنهن کي سندس ور مان عزت، پيار محبت ڏني هئي ۽ ان عورت پنهنجي محنت ڪش ور کي زمينن تي محنت ڪندي ڏٺو هو. ان عورت زمين تي پکيڙيل ساوڪ ۽ رنگ برنگي گلن جون ٻاريون ڏسي پوءِ انهن رنگن کي پاڻ ۾ ملائي پنهنجي ور لاءِ رلهي ٺاهي هئي. اڄ هوءَ اها رلهي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري باه ۾ ساڙي رهي آهي. ان عقلمند انسان جنهن پنهنجي خيالن موجب آسمان مان تارا لاهي پنهنجي ونيءَ کي اجرڪ جي شڪل ۾ پارايا هئا، ان انسان شرم وچان آسمان ڏي نهارڻ ڇڏي ڏنو آهي. هر کيڙڻ وارو، پوک پوکڻ وارو محنت ڪش انسان جنهن سڀ کان پهرين ڪپهه ۽ اناج پيدا ڪيو، اڄ پنهنجي اناج جي کرن ڏي نهاري به ڪين ٿو. ڪپڙو اڻڻ وارو ڪوري جنهن سڀ کان پهرين ڪپڙو اُڻي ماڻهوءَ جي تن کي ڍڪيو اڄ پنهنجن آڏاڻن کي پنهنجي ئي هٿن سان ٽوڙي ٽڪر ڪري رهيو آهي.
اڄ موهن جي دڙي جي اوطاقتن ۾ وڇايل چوپڙ رانديون، شطرنج ۽ ان جا مهرا ائين ئي پيا آهن. ڪير به راند ڪو نه پيو کيڏي سڀڪو اداسي وچان ڳل تي هٿ رکيو ويٺو آهي.
جوان خوبصورت عورتن توڙي جهور پوڙهين پنهنجا نوان ويس وڳا ۽ سينگار جا زيور لاهي ڦٽا ڪيا آهن، انهن تيل ڦليل ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. انهن جا وار اڻڀا ۽ چيڙهيل ٿي پيا آهن . موهن جي دڙي ڀرسان وهندڙ سنڌو خاموش آهي. ڪو جوش ڪا لهر جي ويڙهاند آهي ئي ڪو نه ان ۾. چنڊ جو عڪس به ائين هڪ ڪرو بيٺو آهي ڄڻ ته چنڊ آسمان ۾ نه پر دريا ۾ ئي حقيقت ۾ موجود آهي.
اڌ رات گذري چڪي آهي موهن جي دڙي جي رهواسين اڄ سڄو ڏينهن باه ڪو نه ٻاري آهي، نه وري ڪُنو چاڙهيو آهي. رات جي ويلي ۾ چنڊ جي روشني چئني طرف ڦهليل آهي. ڪنهن به گهر ۾ نه ڪو ڏيئو ٻريل آهي نه وري ڪو شمعدان . . . هوڏانهن وري يونيورسٽي ۽ ڪاليجن جا استاد ۽ شاگرد هڪ هنڌ ويٺا ويچار ڪن. کين سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هاڻ ڇا ٿيڻ وارو آهي ۽ هاڻ انهن سڀن کي ڇا ڪرڻ گهرجي . موهن جي دڙي جي يونيورسٽي ۽ ڪاليجن جي هاسٽلن ۾ رهندڙ اهي شاگرد ڏوراهين ڏيهه مان اچي هت تعليم حاصل ڪرڻ لڳا هئا، ڇو ته علم جي ڪري هتان جو نالو هر هنڌ مشهور هو ۽ پري پري کان علم جا متلاشي هت اچي اُڃ اجهائيندا هئا. اهي سڀ به پنهنجن ڪمرن ۾ چپ چاپ ويٺا هئا. انهن جي سمجهه کان ٻاهر هو ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي؟
هوڏانهن وري وچ واري وڏي هال ۾ وقت جا دانشور، اديب ۽ قانوندان جمع آهن. ڳنڀير، چپ چاپ، پيشاني تي پريشاني وچان گهنج پيل سڀن جي هٿن ۾ ڪاغذ ۽ ڪلڪون ۽ سامهون رکيل ڪاغذن جا ڍير. هو سڀ عالم، اڪابر ڏاها ۽ سمجهو سڀ خاموش ويٺا آهن. نه انهن ۾ همت آ ڪجهه لکڻ جي ۽ نه وري چوڻ آکڻ جي. ايتري به همت ڪو نه اٿن جو کڻي هڪ ٻئي کان اهو پڇن ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي. هاڻ هو ڪهڙا اپاءَ وٺي قلم جي جنگ وڙهي سگهن ٿا .
هوڏانهن وري وڏي عبادتگاهه جي وڏي حوض وٽ ديوداسيون ۽ پڄاري پاڪ پاڻي حوض ۾ جمع ڪري ۽ حوض جي چئني طرف صفائي ڪري اجتماعي وڏي دعا لاءِ تياري پيا ڪن. . .
آخر رات جو ٽيون پهر به اچي ختم ٿيو. چانڊوڪي رات جي چنڊ جي روشني هاڻ مڌم ٿيڻ لڳي. هڪ پوڄاري موهن جي دڙي جي چوٽيءَ تي چڙهي بگل وڄائڻ لڳو. ان بگل جو آواز ٻڌي جيڪو جت ويٺو هو اتان هلڻ شروع ٿي ويو. آهستي آهستي سڀني جي هلڻ ۾ تيزي اچي وئي ۽ سڀڪو تيزي سان ڀڄڻ لڳو. سڀني جو رخ ان وڏي حوض طرف هو. رات جي خاموشي ۾ ڊوڙن جو آواز، هڪ گڏيل آواز وحشت ۽ هيبت پيو پيدا ڪري. هر ڪو پريشان حيران ڀڳو پئي ويو. ٻار، مرد، پوڙها، جوان، عورتون، پوڙهيون، اديب، دانشور، قانوندان، شاگرد، پوڄاري، ديوداسيون ۽ اها ناچڻي سڀ اچي ات گڏ ٿيا هئا. حوض جي چئني ڪنڊن تي باهه ٻري رهي هئي. ان باهه جي ڳاڙهي روشني ۾ سڀني بيٺلن جا چهرا جيڪي ڊپ ۽ حراس سان ڀريل هئا اڃا وڌيڪ هيبت ناڪ ٿي ويا هئا. سڀني بيٺلن جون نظرون وڏي پوڄاري ڏي هيون. وڏو پوڄاري آهستي آهستي پنهنجي جاءِ تان اُٿيو، وڏي آواز سان سڀني کي مخاطب ٿي چيائين . جيڪڏهن توهان مان ڪير ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿو، ڪا راءِ ڏيڻ چاهي ٿو ان کي مڪمل آزادي آهي ته هو هت اچي بيهي ۽ ڳالهائي. هيڏي وڏي ميڙ مان ڪير به ڪو نه ڪڇيو سڀڪو ماٺ ڪيو بيٺو هو. پڄاريءَ کي ڏاڍي حيرت لڳي، چوڻ لڳو توهان سڀني کي اڄ ڇا ٿي ويو آهي؟ توهان سڀ هيڏا دلير، داناءَ، علم وارا، قانون جا ماهر، وڙهي ڪري پنهنجو حق وٺڻ وارا، ناحق ڪنهن جو رت وهندو ڏسي پاڻ کي تڪليف ۾ وجهڻ وارا، توهان سڀني کي ڇا ٿي ويو آهي، توهان سڀ ماٺ ڇو آهيو؟ هيڏن ماڻهن جو انبوه هو پر لڳو ائين پئي ته سڀ پٿر جا ٺهيل آهن، بي جان، بيحس. آخر هن خاموشي کي هڪ سهڻي نوجوان ٽوڙيو، هو وڌي اڳتي ٿيو. احترامن وڏي پڄاري جي سامهون ٿي بيٺو پوءِ آهستي ادب سان پڄاري کي مخاطب ٿي چيائين “سائين منهنجا جڏهن ڌرتي تان پير ڌڏي وڃن، آسمان ڦاٽي پوي، هوائون پنهنجو رخ مٽائي وڃن، جڏهن سچ چوڻ وارن کي سنگسار ڪيو وڃي ۽ ظالمن ۽ قاتل کي ڪُرسي تي ويهاري مان ڏنو وڃي، جڏهن قاتل دهشتگرد ڪر کڻي هلن ۽ امن پسند پيڙهيل ماڻهو پنهنجون لڄون لڪائيندا وتن، سائين جڏهن هن سنسار ۾ پنهنجائي غدار، مفادپرست ۽ ضمير فروش ٿي وڃن، جت پنهنجا ئي سنَڌَ سنَڌَ ٿا ڪٽين، جت پنهنجن هٿن سان ئي پنهنجا پٽڪا پيرن ۾ لتاڙيا ٿا وڃن....؟ هو جوان جوش ۾ ايندو ويو، ڳالهائيندو ويو اُن ايترو ته سچ ڳالهيو، اهڙيون ته خوفناڪ حقيقتون بيان ڪيائين جو ڊپ وچان اُن وڏي پڄاري ان جي وات تي کڻي هٿ رکيو. کيس چيائين”. جوان ايترو جذبات ۾ اچي سچ نه ڳالهاءِ جو پاڻ کي تڪليف ۾ نه وجهي ڇڏين. ان جوان پنهنجي وات تان ادب سان پڄاريءَ جو هٿ هٽائي چيو، “سائين منهنجا پوءِ ڇو ٿا اسان کي ڳالهائڻ لاءِ مجبور ڪيو، ڇو ٿا اسان کان راءِ گهرو. ؟!!! اُن نوجوان وڃي واپس پنهنجي جاءِ ورتي. سڀني بيٺلن اُن نوجوان ڏانهن ائين پئي ڏٺو ڄڻ ته ان نوجوان جيڪو ڪجهه چيو پئي اهي سڀ انهن سڀني جي اندر جو آواز هو.
وڏو پڄاري جنهن جي جسم تي اها ئي ستارن واري ڇپيل اجرڪ ويڙهيل هئي. اُن هڪ نظر سڄي ميڙ تي وڌي پوءِ وڏي آواز سان چيائين: “اسان هن موهن جي دڙي جا رهواسي، صدين کان وٺي هنن اکين سان سڀ ڪجهه ڏسندا ۽ ڪنن سان سڀ ڪجهه ٻڌندا آيا آهيون، هي اسان جو موهن جو دڙو نوَ دفعا برباد ٿيو آ ۽ نو دفعا اسان هن کي آباد ڪيو آ، ڳالهه صرف آبادي يا بربادي جي نه آهي، هاڻ جون حالتون ۽ وقت اهو ٻڌائي رهيو آهي ته هاڻ جيڪڏهن هي موهن جو دڙو تباهه ۽ برباد ٿيو ته پوءِ ڪڏهن به آباد ڪو نه ٿيندو. روز قيامت تائين دڙا هوندا ۽ دڙن مٿان دڙا هوندا. هنن دڙن مٿان، اسان جي قبرن مٿان ظالم رهزن، قاتل، دهشتگرد لانگ بوٽ پائي پيا هلندا. اسان جي بي همتي جا قصا ماڻهن کي ٻڌائيندا، اسان جي بي ضميري ۽ غداري تي شاعري ڪري ماڻهن جو من وندرائيندا ڇا توهان سڀ مرڻ کانپوءِ اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهندو. ؟” مجموعي گڏجي وڏي آواز سان چيو نه بلڪل نه، اهو سڀ ڪجهه اسان جي برداشت کان مٿي آهي. مهان پوڄاري ۽ سڀ ماڻهو ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويا. ڄڻ ته سڀ ڪنهن ڪو رستو ڪا واٽ پئي ڳولهي. آخر هن خاموشي کي وڏي پوڄاري ٽوڙيو چيائين ڪجهه نه ٿو سمجهه ۾ اچي. هر واٽ بند آ، هر رستي تي ڪنڊا وڇايل آهن، اڄ اسان جا پنهنجا ئي اسان لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيو بيٺا آهن. اڄ جڏهن اسان جا ويري اسان جا قاتل، اسان جي برباديءَ جو سامان پيدا ڪندڙ اسان جا پنهنجا ئي آهن. هو ظالم رهزن ايترو ته آسمان تي چڙهي ويا آهن جو جڏهن هيٺ ڪرندا ته ڀور ڀور ٿي ويندا، جيستائين هو بلندين تان ڪري ٽڪر ٽڪر ٿي وکرن، واجب آهي ته اسان اهڙن ماڻهن کان پنهنجو بچاءُ ڪيون، انهن کان پري ٿيون. پناهه گهرون ته رب انهن جو پاڇو به اسان جي مٿان نه وجهي. جڏهن سڀ راهون بند ٿي وينديون آهن ته هڪ واٽ وري به کليل هوندي آهي. اها واٽ اها آهي ته دل سان دعا گهرجي ته هو پالڻهار اهڙن ماڻهن کان اسان جي جان جلد ڇڏائي. اچو ته گڏجي اجتماعي دعا گهرون. هاڻ پوڄاري حوض جي ڏاڪڻن تان لهندو پاڻي ۾ وڃي بيٺو. سندس گوڏن تائين جسم پاڻي ۾ ڍڪجي ويو. اُن پوڄاري آسمان ڏي نهاري هٿن کي مٿي ڪيو. سڄي ميڙ سندس پوئواري ڪندي ائين ڪيو. هاڻ سڀ ماڻهو وڏي پڄاري سان گڏ وڏي آواز سان دعا گهرڻ لڳا. ڇوٽڪاري جي دعا. پنهنجي قوم جي بقا، تحفظ ۽ جياپي واسطي.

آچر 13 جنوري 1991ع

سنڌين مٿان ٿيل ظلم جي تاريخ ۽ سنڌين جو ڪردار

هن ٻوسٽ واري ماحول ۾ جت اڄ جي به خبر نه آهي ۽ سڀاڻي جو ڪو ذميوار نه آهي. سنڌ ڌرتيءَ تي قتل عام سان گڏ ڌارين جي يلغار ٿي رهي آهي. جت اهو چيو ٿو وڃي ته سنڌي مهمان نواز آهن. سنڌي وڏي دل جا مالڪ آهن. سنڌ تي هميشه ڪاهون ٿيون. پر ڪنهن به سنڌي حڪمران ڪنهن تي ڪاهه نه ڪئي. هي عظيم سنڌ جنهن ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو، ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ، دنيا جو سڀ کان وڏو قبرستان موجود آهي. هن صوفين، ولين ۽ علم جي ماهرن، ڪاريگرن، هنرن جي ماهرن جي ڌرتي اڄ ان ڌرتيءَ کي خون سان ريج ڏنو پيو وڃي.
پٺ ورائي ڏسجي، تاريخون پڙهجن ته اسان جو ڪر آسمان تي کڄي ٿو وڃي. فخر سان سنڌ جي عظمت جون ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌائيندا آهيون. سنڌ جي تاريخن کي پڙهندي هڪ ڳالهه جو مون کي مشاهدو ٿيو آهي ته “سنڌ هميشه رهندي، سنڌي هميشه قائم رهندا” اهو منهنجو يقين آهي اهو منهنجو ايمان آهي . سنڌ تي سدائين ڌارين جي يلغار ٿي سڪندر اعظم سنڌوءَ جي دهشت سهي نه سگهيو موٽي ويو. مدد خان پٺاڻ سڄو ٺٽو ساڙائي ڇڏيو. ارغون ۽ ترخان آيا ظلم جي انتها ڪري هليا ويا.
شاهه لطيف به جنهن دور ۾ رهيو، اهو دور به ڏاڍو ظلم وارو دور هو. شاهه جي شاعري شاهد آ ان دور جي، جنهن ۾ ان ڏاڍن، ڏونگرن، مُلن، مسيتن، مظلوم ۽ ظالم جو وڏي واڪ نالو ورتو. شاه عنايت جي شهادت وارو زمانو ڏسو. سچل سرمست جڏهن انا الحق جو نعرو ٿو هڻي، حق جي دعويٰ ٿو ڪري، بغاوت جو علم بلند ٿو ڪري . هوشو شيدي مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون جو نعرو هڻي جان قربان ٿو ڪري. حضرت بلاول، هيمون ڪالاڻي، پير صبغت الله شاه کان وٺي حيدر بخش جتوئي تائين سنڌ جا هي جوڌا، ڌرتيءَ جي بقا لاءِ وڙهندا رهيا ۽ سنڌ کي قائم رکندا آيا. سنڌ جي تاريخ ۾ گهڻائي نالا آهن. جن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو. مان مختصر طور هنن بزرگن جو نالو ورتو آهي جن کي عام ۽ خاص ماڻهو چڱي طرح ڄاڻن ٿا. انهن سڀني جي زماني ۾ به سنڌ هئي، ڌارين جي يلغار ۽ ظالمن جا ظلم هئا. اڄ به سنڌ تي ڌارين جي يلغار آهي ۽ ظالمن جا ظلم آهن. مٿيان سڀئي بزرگ پنهنجي طريقي سان جدوجهد ڪري سنڌ کي بچائيندا آيا. هي سڀ اسان جا وڏا اڄ آرامي آهن ۽ سنڌ جي واڳ آهي اڄ جي سنڌي جي هٿ ۾ . . . هاڻ اچو ته ڏسون اڄ جي سنڌيءَ کي.
اڄ اسان تاريخ جي ان موڙ تي بيٺا آهيون، جت اسان جا دشمن اسان کي چئني طرفن کان وڪوڙي ويا آهن ۽ اسان پاڻ به پنهنجا سڄڻ نه آهيون، اسان کي پنهنجي ٻولي، پنهنجي ڌرتيءَ سان بي انتها پيار آهي. انفرادي طور رڙيون پيا ڪندا آهيون. هڪ ٻئي کي ميارون پيا ڏيندا آهيون. پنهنجي قوم جي بدحاليءَ تي پريشان رهندا آهيون پر جڏهن اجتماعي طور اسان هڪ هنڌ گڏ ٿي ڪجهه ڪرڻ چاهيندا آهيون ته اسان ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهيون، پاڻ ۽ پنهنجي راءِ کي پيا اهميت ڏينداسون. بزرگ چوندا اسان صحيح آهيون. نوجوان چوندا اسان صحيح آهيون. جڏهن ڪنهن محفل ۾ سنڌ جي بدحالي جو ذڪر ٿيندو ته ٻڌڻ وارا ۽ چوڻ وارا ٻئي سنڌين کي گهٽ وڌ پيا ڳالهائيندا. عيب جو ئي پيا ڪندا. ان وقت مان انهن کي چوندي آهيان ته بيشڪ سنڌي ڀٽڪيل ۽ خراب آهن پر انهن سان گڏ توهان به ڀٽڪيل ۽ خراب آهيون. . . مون کي اهو ته ٻڌايو ته توهان هن ڌرتيءَ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ اگر ڪجهه نه ٿا ڪري سگهو، ته گهٽ ۾ گهٽ انهن ماڻهن جون واٽون نه روڪيو، انهن لاءِ ڪنڊا نه وڇايو، جيڪي ڪجهه ڪن پيا. جدوجهد ۽ ڪوشش سان گڏ صلاح ۽ راءِ وڏي اهميت رکندي آهي. اسان جي قوم ۾ ان ڳالهه جي وڏي کوٽ آهي . . .
هڪ ٻي وڏي خرابي اسان سنڌين ۾ آهي ته اسان هڪ ٻئي کي سهندا نه آهيون. شل نه ڪنهن وٽ ڪو پئسو پنجڙ ڏسون يا وري ڪنهن جو چڱو گهر، پيا پڇائون ڪنداسين ته ان اهو ايترو ڪٿان هٿ ڪيو. پيا گهاٽ گهڙينداسين ته ڪهڙي طرح اهو سڀ ڪجهه ان کان کسي وٺجي. . . شل نه اخبار ۾ ڪو مضمون ڇپجي، اسان جا پنهنجائي سنڌي ان مضمون لکندڙ لاءِ فتوائون جاري ڪري ڪفر ۽ غداريءَ جا الزام هڻي سرڪار وٽ پيا دانهيندا... اسان جي معاشرتي نظام ۾ پئسي ۽ زمين جي وراثت ڏاڍي غلط آهي. ان لاءِ ڪي هڏ ڏوکي جدوجهد ڪن پيا. انهن جي جدوجهد جو طريقو صحيح نه هو يا انهن جي رهبري غلط هئي جو اسان جا سنڌي پنهنجي ئي زميندار، وڏيري ۽ پئسي واري ماڻهو پويان ور کنجي ڪاهي پيا. حال اهو ٿيو جو انهن زميندارن کان زمينون ۽ ملڪيتون ۽ پئسي وارن کان پئسا کسجي ويا. اها زمين ۽ اهي پئسا اسان سنڌين کي ڪو نه مليا، وڃان سڀ ڪجهه غير کڻي ويا . . . ون يونٽ جي تحريڪ دوران شاعرن ۽ اديبن جيڪا سجاڳيءَ جي تحريڪ هلائي انهن پنهنجي قلم جي زور تي انسان ته ڇا جانور، پکي، جيت جڻيا سڀ جاڳائي ڇڏيا. هر سنڌيءَ کي پنهنجي وجود جو احساس ٿيو. پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن حقن لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هئا. افسوس جو ان جذبي جي رهبريءَ لاءِ ڪو رهبر نه مليو. اسان جي سنڌي اديب ۽ شاعر جي تيار ڪيل پوک کي ڪنهن به ڪو نه لڻيو نه ڪو لابارو وڌو، وچان اسان جي پڪل پوک کي مڪڙن کائي ڇڏيو ۽ هو پيٽ ڀري هڪ ٿي پيا . . .
اڄ اسان پنهنجي ملڪ ۾ اجنبي آهيون پنهنجي ڌرتيءَ تي مهمان آهيون. اسان جي ٻولي، اسان جون زمينون، اسان جون نوڪريون، اسان جي سنڌو درياهه جو پاڻي، اسان جو وجود سڀ ڪجهه خطري ۾ آهي . اڄ سنڌ جي نقشي ۾ ڏار پيا پون. ڌارين جي يلغار پئي ٿئي ۽ اسان ڇا پيا ڪيون؟ اچو ته گڏجي اڄ اعلان ڪيون ته اسان مهمان نواز نه آهيون. اچو ته گڏجي رڙيون ڪري، واڪا ڪري سڀني کي ٻڌايون ته سنڌ جي ڌرتي هاڻ ڌارين کي برداشت نه ڪندي اچو ته گڏجي هڪ ٿيون، هر هڪ سنڌي چاهي هو ڪهڙي به پارٽيءَ ۾ شامل هجي، سنڌ جي حقن لاءِ گڏجي هڪ ٿي جدوجهد ڪري. اچو ته گڏجي پنهنجي اولاد جي ڪنن ۾ سنڌ جا سور وجهون. انهن کي هاڻي کان ئي تيار ڪيون. اسان کي ۽ اسان جي ايندڙ نسل کي سخت دل ۽ سخت جان ٿيڻو پوندو. هر قسم جي قربانيءَ لاءِ هر وقت تيار رهڻو پوندو . منهنجو يقين آهي، منهنجو ايمان آهي. سنڌ به رهندي ۽ سنڌي به رهندا. هاڻ اهو سڀ ڪجهه اسان سنڌين تي منحصر آهي ته اسان پنهنجي لاءِ سنڌ ۾ بهشت ٿا ٺاهيون يا دوزخ جي باهه ٿا ٻاريون . “ٽڪر ۽ هڏا ته ڪتا به چٻاڙيندا آهن. حڪومتون اينديون آهن ۽ وينديون آهن . وزارتون ملنديون آهن ۽ کسجي به وينديون آهن اسان سنڌ جي تاريخ ۾ ڇا ٿا لکڻ چاهيون؟ پنهنجي ايندڙن لاءِ ڪهڙي واٽ ٺاهڻ ٿا چاهيون؟ سنڌ جي نالي، هن ڌرتي واسين جي تحفظ لاءِ اسان کي هڪ رستو چونڊڻو پوندو اچو ته گڏجي هڪ رستي تي هلون ۽ ائين هلون جو ٻئي ڪنهن کي جاءِ نه ڏيون دنيا حيران ٿي وڃي. ڏندين آڱريون اچي وڃن. هر ڪو هڪ ٻئي کي حيرانيءَ وچان ٻڌائي “اڙي ڏسو ته سهي هي سڀ سنڌي گڏ ٿي ويا ۽ هڪ ٿي ويا.”
آچر 20 جنوري 1991ع

عشق تنهنجا روپ هزار ......

اڄ ڪالم لکندي دل منجهيل آهي. هڪ ٻوجهه آهي ذهن تي. ڇا لکجي ڇا نه لکجي؟ نه چاهيندي به اڄ اهڙي موضوع تي لکي رهي آهيان جيڪو ڏکيو ۽ مسئلن جو گهر آهي. منهنجو اڄ جو موضوع آهي عشق. جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو انسان جي بنيادي ضرورت به آهي ته حق به. عشق بس اوچتو حمله آور ٿيندو آهي. عشق ڪرڻ کان پوءِ ڪن کي هيءَ دنيا ڏاڍي خوبصورت نظر ايندي آهي. قدم قدم تي گل وکريل نظر ايندا آهن زندگيءَ۾ هڪ نئون روپ ۽ نئون جذبو پيدا ٿيندو آهي. ان عشق جو هي اهو روپ هوندو آهي جڏهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چاهت هوندي آهي. عشق جا انيڪ روپ آهن، پاڪ پوتر، قابل احترام، پر مان جنهن عشق جو ذڪر ڪري رهي آهيان اهو آهي جڏهن ٻه دليون ڌڙڪنديون آهن، ائين به ڏٺو ويو آهي ته ان عشق ۾ ڪن ماڻهن جو جيئڻ وهه ٿي پوندو آهي، ڪجهه به نه ڏسندو آهي، ڪجهه به نه چاهيندو آهي سواءِ پنهنجي محبوب جي. انسان جي بنيادي ضرورتن ۽ حقن جي حوالي سان اوچتو ئي اوچتوعشق ٿي ويندو آهي. جڏهن عشق ٿي ويندو آهي ته ضروري نه آهي ته محبوب سهڻو هجي، اصل گلن ۾ پيو تُري... آهي اک اک جي ڳالهه نه ته ڪاري ليليٰ تي مجنون فدا نه ٿئي ها ۽ نه وري رضيه سلطانه هڪ حبشيءَ کي ايڏي اهميت ڏئي ها . . .
ها اهو عشق ئي آهي جيڪو گهرن کي آباد به ڪندو آهي ۽ گهرن کي ويران به ڪندو آهي عشق جا ڪيترائي رنگ روپ آهن. هڪ روپ هيو ليکڪا ثميره زرين جو، جنهن پنهنجي ڀاءُ سان عشق ڪيو. ڏاڍي دل هوندي هئس ڀاءُ سان. پاڻ شادي نه ڪئي هيائين. ڀاءُ ئي سهارو ۽ اميد هئس. جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪيائين ته مون کيس ڏاڍو پُر سڪون ڏٺو. هوءَ منهنجي پاڙي ۾ رهندي هئي. اسان جي عمرين جو تفاوت ادب جي حوالي سان گهٽجي ويو. مان اڃان مئٽرڪ مس پاس ڪري ڪاليج ۾ آئي هيس ۽ هوءَ هڪ مئچوئر عورت هئي. مان ان سان ڏاڍيون ڪچهريون ڪيون. مون ۾ هڪ عادت آهي، پاڻ وڏن وٽ يا وري ڪنهن محفل ۾ وڏن جي موجودگيءَ ۾ مان چاهيندي آهيان ته هو گهڻي ۾ گهڻو ڳالهيائين ۽ مان ٻڌندي رهان. ثميره زرين سان گهاريل وقت ڏاڍو سهڻو وقت هو. مان اڪثر کانئس هڪ سوال پڇندي هئي ”توهان شادي ڇو نه ڪئي؟“ هوءَ ان سوال جو جواب لنوائي ويندي هئي. ڪچهري دوران ان جي هر ڳالهه پنهنجي گهر ۽ ڀاءُ تائين محدود ٿي ويندي هئي. ٻه ٽي سال ان جيڪايونيورسٽي ۾ نوڪري ڪئي، ات جيڪي به ان سان مليا هوندا انهن اها ڳالهه ضرور محسوس ڪئي هوندي ته سادي ۽ سٻاجهي ثميره زرين ۾ هڪ نئين زندگي ايندي رهي هئي هوءَ پاڻ کي سينگاريندي هئي، کلندي هئي، ٽهڪ ڏيندي هئي. پوءِ سڀني ڏٺو ته ڪيئن نه ثميره زرين جي ڀاءُ وفات ڪئي ۽ هوءَ ڪومائجي ويئي، ڀاءُ کان پوءِ هوءَ زنده نه رهي سگهي، مون ان کي ڏاڍو اداس ڏٺو. مسڪرائيندڙ چهري تي مون ڏکن جون ريکائون ۽ وهندڙ ڳوڙها ڏٺا. ڀاءُ جي عشق ثميره زرين کي ماري ڇڏيو، نه ته ان جي عمر مرڻ جي نه هئي...
عشق جي هن روپ کانپوءِ هي به عشق جو روپ آهي ته شادي شدهه مردن سان عشق ڪجي. اهڙا عشق به ڏٺم، پنهنجين هڪ جيڏين کي ڪندي. هڪ واقعو ته اهڙو هو جو سالن تائين ذهن تي سوار رهيو. منهنجي هڪ جيڏل عشق ڪيو. اهو عشق نه هو ايٽم بم جو ڌماڪو هو. حيدرآباد جي ادبي دنيا کي ان عشق ڌونڌاڙي ڇڏيو. مان به هڪ طويل نظم لکيو ان عشق تي، ان نظم جو آخري حصو هو ته . . . “منهنجي راڻي، پريم ڀڳوان آ، ڀڳوان سان ملاپ مهان پاپ، پاپ ۾ نه پاس، گنهگار نه ٿي، هٽي وڃ هن چوواٽي تان، پنهنجي روح جي پاڪائي، جذبن جي سچائي، کڻي هٽي وڃ، ڇو جو مان نه ٿي چاهيان ته تون مري وڃين،“ ها منهنجي ان جيڏل پاڻ کي ماري ڇڏيو، پنهنجي محبوب سان شادي ڪري. مون کي سندس عشق ڪرڻ تي اعتراض ڪو نه هو. ڇو ته عشق ائين حمله آوار ٿيندو آهي جو خبر ئي نه پوندي آهي. اعتراض هو مون کي ۽ ٻين ڪيترن کي ته انهن ٻنهي کي شادي ڪرڻ نه کپي ها.
ان وقت مان اڪرم سلطانه جي نالي سان لکندي هيس. ان شاديءَ کان پوءِ ڪنهن چيو ته ”سنڌي ڇوڪرين کي گهوٽ ته ملن ئي ڪو نه ٿا. هو ادب جي دنيا ۾ ان ڪري ٿيون اچن ته وَرَ هٿ ڪري سگهن، هاڻ ڏسون ته ٻيون اديبائون ڪهڙا ٿيون ڦاڙها مارين . . . منهنجي هڪ ٻي جيڏل ڏک مان اها ڳالهه ٻڌائي ته ڏس ته سهي ماڻهو ڇا پيا چون. . . اندر اصل جهري پيو. ساندهه ٻارنهن مهينا ڪجهه به لکي نه سگهيس. آخر جڏهن وري لکڻ شروع ڪيم ته نالو مٽائي سلطانه وقاصيءَ جي روپ ۾ ظاهر ٿيس. شڪ ته سڀني کي پوندو هو ته اها مان ئي آهيان پر مان ڪنهن سان به ڪو نه سليندي هيس. دل چاهيندي هئي ته اصل ڪنهن کي به خبر نه پوي ته ڪو سلطانه وقاصي مان ئي آهيان. خير ڳالهه گهڻي دير تائين لڪل نه رهي . پوءِ سائين ڪيترائي عشق ۽ شاديون ڏٺيونسين. شادي شدهه اديبن ۽ دانشورن جي فرسٽريشن ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وڏن وڏن ليڊرن کي پناهه گيرياڻين ۽ پنجاپياڻين جي پٺيان فدا ٿيندي ڏٺوسين.
ها اڄ هي سڀ پراڻيون ڳالهيون ان ڪري ياد آيون ته هڪ نئين قسم جي عشق جيءُ جهوري ڇڏيو آهي. اڳ ٻڌوسين ته عشق ڪرڻ جي ڪا عمر ڪو نه هوندي آهي. اڄ اکين پيا ڏسون ته عاشق معشوق انڌ جي گهوڙي تي سوار آهن. هو ٻيئي ته ائين پيا سمجهن ته ڪا کيپ کٽي اٿن، حقيقت ۾ هو جنهن اونداهي غار ۾ لهندا پيا وڃن، خبر ان ويل پوندن جڏهن نه هو زمين جا رهندا نه آسمان جا . ميچوئر، سمجهدار، سلجهيل، پڙهيل لکيل، ٻئي شادي شدهه، ٻارن ٻچن وارا هڪ ٻئي جا عاشق معشوق ٿي پيا آهن. آهي نه انڌيرنگري چرٻٽ راجا وارو قصو . . . هڪ ڳالهه سوچيندي آهيان. ڀل ماءُ پي جي پرواهه نه ڪجي، خاندان وارن کي ڏجي باهه. پر اهو ته سوچجي ته انسان جي پنهنجي ذات ۽ پنهنجي عزت به ڪا حيثيت رکي ٿي. الائجي ڪيئن هي ماڻهو پنهنجي وجود کي ٽياس تي ٽنگي ڇڏين ٿا. الائجي ڇو هو پنهنجي عزت جي پرواه به نه ٿا ڪن، عشق کي ڍال بڻائي نفس جا غلام ٿا ٿي وڃن.
ان ڳالهه تي ته اعتراض ڪري ئي نه ٿو سگهجي ته عشق نه ڪجي. ڀل عشق ڪجي. هڪ ڀرپور جاندار عشق ڪنهن جو وڻڻ يا ڪنهن کي وڻائڻ ڪا خراب ڳالهه نه آهي. هي به زندگيءَ جون اُهي راحتون آهن جيڪي چپڙي چپڙي ڪري وجود ۾ گهر ڪري ويهنديون. وس ۾ ئي نه هوندو آهي چاهت کي وجود مان نپوڙي ٻاهر ڪڍڻ، ڪنهن ڪنهن وقت ان چاهت کي لڪائڻ به مشڪل ٿي پوندو آهي. هڪ هنڌ امر جليل لکيو آهي ته “جنگ فقط جهر جهنگ، ميدانن ۽ بيابانن ۾ نه لڳندي آهي، هڪ جنگ دل جي شهر ۾ به هلندي آهي، جڏهن انسان جو اندر جنگ جو ميدان ٿي ويندو آهي” ان وقت ڪنهن کي چاهڻ ۽ چاهت لڪائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. ها بيڪس کي به ته ساڌ ٻيلي جي مورڙيون ڪري ٻڌايو هو ته “هر انسان ساجن جو روپ نه هوندو آهي”. ها سائين اهي ساجنن جا روپ ۽ سروپ مٽجندا رهندا آهن. ماحول ۽ معاشري جي حد بندين ۾ اهي عشق سولا به آهن ته ڏکيا به آهن، ڀلا جي کڻي عشق ٿي به ويو ته ان عشق کي ڪيئن نڀائجي؟ ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم جڏهن ان عشق پٺيان نه صرف پنهنجي وجود جي بازي لڳائي ويندي آهي، خاندان جو ٻيڙو ٻوڙيو ويندو آهي پر پنهنجن ٻچن کي به رولي ڇڏبو آهي. انهن عاشقن کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي جو هو پنهنجي نفس پٺيان ٻين جون زندگيون برباد ڪري، پنهنجو تماشو ٺاهي وڃي ڪورٽن تائين پهچن .
ڪافي سال اڳ هڪ ڪهاڻي پڙهي هيم ته هڪ عورت ۽ مرد ٻئي شادي شده هئا. عورت ويچاريءَ جو مڙس ڏاڍو ظالم هو، ان تي ڏاڍيون سختيون ڪندو هو. هڪ دفعو فون تي انهن جو نمبر ملي وڃڻ ڪري ان مرد ۽ عورت جي دوستي ٿي ويئي. انهن هڪ ٻئي کي ڏٺو ئي ڪو نه سالن جا سال هو پاڻ ۾ تعلق رکندا آيا. پاڪ پوتر تعلق جنهن ۾ ڪا غرض ڪا نه هئي، هو فون تي پنهنجو پاڻ ۾ ڏکن سکن جون ڳالهيون ڪندا هئا. آخر اهو وقت به آيو جڏهن انهن پنهنجن ٻارن کي رشتن ۾ جوڙي هڪ نئون روپ ڏنو ۽ هڪ ٻئي کي ڏٺو هو، ان تعلق کي انهن جي تعلق ۾ جذبو هو ، سچائي هئي، هو ٻئي ڪوڙي عشق ۽ نفس جا غلام ڪو نه هئا. . .
حقيقتن کي منهن ڏيڻ ئي سڀ کان وڏي سچائي آهي. اها سچائي اها آهي ته ڪي انسان اهڙا هوندا آهن جن جي قدمن جا نقش ٻين لاءِ راهون کوليندا آهن. چاهي اهي انسان ادب جي حوالي سان هجن، تعليم جي حوالي سان هجن، يا وري سياست جي حوالي سان . انهن کي جڏهن سڀڪو سڃاڻيندو آهي ته انهن کي به پنهنجي عمل ۽ ڪردار کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هنن سڀني کي ۽ ٻين کي پنهنجي راهن جا نشان اهڙا ڇڏڻ گهرجن جو مثال ٿي پون. ائين نه ٿئي جو مائٽ اهو چون ته “متان پڙهيا آهيو، ڏسو فلاڻا پڙهيا آهن، تعليمي ماهر ۽ اديب آهن ۽ اهي ڪُڌا ڪم پيا ڪن،” متان ائين نه ٿئي جو مائٽ وري پنهنجي نياڻين کي ڪوٽن ۾ بند ڪري چون “متان قلم هٿ ۾ کڻي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿو، اڄوڪي دور جون اديبائون، پڙهيل لکيل عورتون لکن ئي ان ڪري ٿيون، يا ته هو عشق ڪن، ٻين جا گهر برباد ڪن، يا وري پنهنجا گهوٽ ڳولهڻ نڪرن ٿيون.”

10 فيبروري 1991ع

سنڌ جي فرشتن جا داستان

هيڏن ڏينهن کان پريشاني لڳي پئي هئي. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هاڻ ڪهڙو ڌماڪو ٿيڻ وارو آهي. هو فرشتن جو سردار جو ٿيو بيمار، ڪڏهن گهر ۾ ته ڪڏهن اسپتال ۾، پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو فرشتو بيمار ٿئي ۽ ڪو ممڻ نه مچي. سڀني کي ڄاڻ آهي ته هو فرشتو جڏهن به بيمار ٿيندو آهي ته اُن جو علاج سنڌين جي رت جي هوليءَ سان ٿيندو آهي. هنگاما مچي ويندا آهن. باهيون ڏنيون وينديون آهي. عورتون جون بي عزتيون ڪيون وينديون آهي. گهرگهاٽ اُجاڙ ۽ ويران ڪيا ويندا آهن. پوءِ مسين مسين هو شيطان وري صحت مند ٿي مٽون ڦوڪاري وڃي ويهندو آهي. هاڻ هن طاقت جي ڊوز کي به ٿي ويا هئا گهڻا ڏينهن. ڀلاجي حڪومت هجي اُنهن جي ڊوز ملڻ به ضروري سو ڪجهه دير لڳي وئي. ضرور انهن کي اهڙو انتظام ڪرڻو هو جو گهٽ ۾ گهٽ اُنهن جو وار ونگو نه ٿئي. ڀلا ڪُرسيءَ تي ويٺل ماڻهو هروڀرو ته ڪونه چاهيندو ته ڪو هُل هنگامو ٿئي يا وري قتل عام ٿئي. هت ته ڀلا مجبوري هئي جسم ۾ پي ڪيئان ڊوڙيا. هٿن پيرن ۾ خارش لڳي پئي هئي. ذهن ۾ بيچيني وڌندي پئي وئي. گهڙي اسپتال ۾ گهڙي گهر ۾، اصل مزوئي نه اچي. مان به روزانو اخبار کڻان ته پهرين اها خبر پڙهان ته هو فرشتو ٺيڪ ٿيو يا نه، پر ڳالهه اُها ئي، سائين اڃا بيمار، اڃا ٺيڪ ڪونه، هزارين ماڻهو پيا روزانه پڇڻ اچن. مائرن ۽ ڀينرن جي ملڻ جو ته خاص ٽائيم جيڪو شروع ئي رات جو نوين وڳي کان پوءِ ٿيندو آهي ۽ اڌ رات تائين جاري رهندو آهي. موملون، سوملون، سينگار ڪيو پيون اچن. اصل هٻڪار متي پئي هئي، پر سائين ڇا ڪجي. اُن شيطان کي آرام ئي ڪونه آيو. ڀلا جي بيماريءَ جو اصل علاج نه ٿئي ته بيماري ڪٿان ٿي ختم ٿئي. سو نيٺ ٿيو اهو ڌماڪو. مارجي ويا ويهارو سنڌي، جوان سهڻا، عورتون، ٻار بيدردي سان کين ڪٺو ويو. سڄي رات گوليون هلايون ويون. گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارن کي ماريو ويو. نه ڪير پڇڻ وارو نه ڪير چوڻ وارو متان سمجهيو اٿو ته ان ڊوز سان ڪا فرشتي جي پورت ٿي آهي. اڃا به هو ٺيڪ ڪونه ٿيو آهي. معنيٰ ڪو وڏو ممڻ مچڻ وارو آهي. سڀني کي ذهني توڙي جسماني طور تيار رهڻ گهرجي.
سائين هاڻ اهو ٿيو ته اکين سان ڏٺل قاتلن جا نالا لکايا ويا. اهو به ٻڌايو ويو ته هو ڪهڙي تنظيم جا اهم رڪن آهن. پر اردو پريس جي اُهائي بدنيتي ۽ ليڊرن جو اهو ئي بڪواس بيان چي: مهاجر مئا آهن. وري چون اهو خانداني جهيڙو هو. مٿان وري اسلام آباد ۾ اسميبلي ۾ چيو ويو اهو ٻن گروهن جو ذاتي جهيڙو هو. راهه گناهه غريب ماڻهن جا نالا پوليس وٽ درج ڪرايا ويا آهن. وري نئين ڳالهه اها به ٻڌيسين ته سائين ضرور ڪن غير ملڪي ايجنٽن جو ان ۾ هٿ آهي. سڄا سارا ويهارو سنڌي ڪسجي ويا، ڏٺل وائٺل ماڻهو کلي عام گوليون هلائي دهشتگردي ڪري ويا. مٿان وري اهڙي اک موٽ؟ مون کي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اسان جا حڪمران اسان جي پوليس سڀ هنن کان ڇو ٿا ڊڄن؟ شايد نه. يقيناً صرف ان ڪري ته انهن ۾ ٻڌي آهي ۽ ان ٻڌي ڪري هو ڇا به ڪن. ڪير اُنهن کي ڪجهه به نه ٿو چئي سگهي. ڪنهن اخبار کي، ڪنهن صحافي کي ايتري همت نه آهي جو انهن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪن. هوڏانهن وري سنڌي قوم ڇڙوڇڙ، هڪ ٻئي کي گارين ڏيڻ ۾ پوري. تازو خبر پڙهي هوندو ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ جلسو ٿيو، تنهن ۾ هڪ ٻئي کي گاريون ڏنيون ويون، پوءِ جهيڙو ٿيو به سنڌي ڪونڌر ڪسجي ويا انهن هٿان جيڪي چون ٿا اسان سنڌ ڌرتيءَ جا نگهبان آهيون. پوءِ ڀلا ڌارين تي ڪهڙي ميار؟ چوندا آهن ته “ ڏٻري ڍور تي مڇر گهڻا” سو هاڻ سنڌي قوم به ڏٻري ۽ ڪمزور ٿي پئي آهي. پنهنجن پراون سڀني جا حملا آهن اُن تي.
تازو جيڪا ورلڊ سنڌي ڪانگريس منعقد ٿي هئي. ان ۾ هڪ بزرگ ليڊر جيڪا تقرير ڪئي، جهڙو اُن جو لهجو هو، جيڪا ان اسٽيج تي اداڪاري ڪري نفرت انگيز جملا پئي چيا يقين ڪريو ته بڇان پئي آئي. اُن اُت جيڪو ڪجهه ۽ جنهن طريقي سان چيو، مان قلم وسيلي نه ٿي لکي سگهان. اُن وقت منهنجي دل پئي چاهيو ته مان اُن پري محفل ۾ اُٿي ان بزرگ کي اهو چوان ته سائين منهنجا اڄ جو مسئلو اهو نه آهي ته ڪهڙي ليڊر جي مٿان قرآني آيت نازل ٿي آهي، اهو به مسئلو نه آهي ته ڪهڙن ليڊرن جا ٻار بخت ۾ زور آهن ۽ هو سونن پيالن مان سون جي چمچن سان کير پيا پين، مسئلو اهو به نه آهي ته اُهو دانشور، اديب جيڪو سياست ۾ اچي وڏو سرمائيدار ۽ جاگيردار ٿيو ويٺو آهي اُهي سڀ پنهنجي جاءِ تي خوش ۽ محفوظ ويٺا آهن. هنن ليڊرن جي پاڻ ۾ چٽاڀيٽي ڪرائي قوم جو ڇو ٿا ٻيڙو ٻوڙيو. هيءَ سنڌي قوم هن نفرت انگيز سياست کان تنگ اچي وئي آهي. هن قوم جي ٻچي ٻچي کي اوهان سوڌو سڀني ليڊرن جي پرڪارن جي خبر آهي. مسئلو هن ليڊرن جو نه آهي. مسئلو هن قوم جي اُنهن ماڻهن جو آهي جن تي اڃا وحي نازل نه ٿي آهي ۽ نه وري ڪا آيت لٿي آهي. هن قوم جون مائرون، ڀينرون ۽ ونيون اڄ ماتمي لباس پايو رت جا ڍڪ پيون پيئن. مسئلو انهن جو آهي جيڪي گهر کان بي گهر ٿيو نڌڻڪا لڳا ويٺا آهن. توهان ليڊرن جو مسئلو آهي هڪ ٻئي کي هيٺانهون ڪرڻ جو. هن قوم جو مسئلو آهي ته هوءَ ڀائي خان جي چاڙهي تي جيڪا ٻارهن سالن جي ڇوڪري بيعزت ٿي ان جي عزت ڪير موٽائيندو؟اُهي سنڌي نياڻيون جيڪي مختلف ذاتين جون آهن، اُنهن جي ماءُ پيءُ انهن جا لاش زمين ۾ کڏ کوٽي پوري ڇڏيا ۽ جيڪي جيئريون به آهن ته زندهه لاشن وانگي. عزت وارن وارثن کڻي پنهنجون اکيون ۽ ڪن بند ڪيا آهن. نه ته انهن ڪا رپورٽ لکائي ۽ نه وري ڪنهن کي دانهون ڏنائون.
سائين منهنجا! هن وقت جڏهن سڄي قوم جي، بقا، عزت داءَ تي لڳي پئي آهي. توهان ليڊر، اُهي ليڊر آهيو جن جي ڪرتوتن جي ڪري ئي اڄ هيءَ قوم ان حال تي وڃي پهتي آهي جو سنڌ کي بچائڻ واسطي ڪانفرنسون ڪوٺايون پيون وڃن. بجاءِ ان جي جو توهان ڪي مفيد مشورا ڏيو، اٽلو توهان ويٺا هتي نفرت انگيز بيان بازي ڪريو. ها پر مان اُن شخص کي ڪجهه به چئي نه سگهيس، اندر جو سور اندر ۾ ئي رهجي ويو.
هيءَ سنڌي قوم جيستائين پاڻ ۾ ٻڌي نه ڪندي، پنهنجين ڪوتاهين کي دور نه ڪندي، جيستائين سنڌ جي بقا جي مسئلي تي سنڌ جو هر سنڌي چاهي اُن جي وابستگي ڪهڙي به پارٽي سان هجي، پاڻ ۾ ٻڌي ڪونه ڪندا، اُن وقت تائين ڪجهه به ڪونه ٿيندو، ڪجهه به ڪونه ورندو. هي سڀ مدي خارج ليڊر پنهنجي ليڊري چمڪائڻ لاءِ پيا هنڀوڇيون هڻندا، ڄور وانگر پنهنجي قوم جو رت پيا پيئندا، هيءَ قوم پئي ڪسجندي، مرندي، تباهه ٿيندي. هو فرشتن جو سردار روزانو پيو بيمار ٿيندو، خون جا درياهه وهندا رهندا. اسان جا ماڻهو ڇڙوڇڙ اڪيلا پيا رڙيون ڪندا ته اسان کي بچايو، اسان جي رکوالي ڪريو، اسان کي تحفظ ڏيو، اسان کي جيئدان ڏيو، الله جو واسطو اٿو، رسول جو واسطو اٿو، اسان کي نه ماريو، اسان کي نه ماريو.

آچر 17 فيبروري 1991ع

سنڌي عورتون ۽ سندن ٺاهيل سماجي تنظيمون

ڪراچيءَ ۾ رهندڙ اهڙين عورتن جو تعداد چڱو آهي جيڪي پڙهيل لکيل آهن. اُنهن مان گهڻو ڪري نوڪريون ڪندڙ، سوشل ۽ سمجهدار آهن. اگر هو پاڻ نوڪري نه ٿيون ڪن ته به اُنهن جا گهر وارا ڪراچيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن نوڪريءَ ۾ آهن. هت ڪراچيءَ ۾ ڪافي سماجي تنظيمون ڪافي عرصي کان موجود آهن. اُهي پنهنجي ليکي ڪجهه نه ڪجهه ڪنديون رهن ٿيون. ڏٺو اهو ويو آهي ته مختلف سماجي تنظيمون يا وري ادبي سنگتون اُنهن جو تعلق گهڻو ڪري مردن جي تنظيمن سان رهيو آهي. اهڙيون تنظيمون گهٽ هيون جن ۾ عورتن کي گڏ ڪرڻ جو موقعو ملي.
پندرهن ويهه سال اڳ مارئي ڪلب نالي هڪ سماجي تنظيم هئي. ان جي روح روان محترمه شمس سرڪي هوندي هئي. ان تنظيم جون گڏجاڻيون مسلم آباد ڪلب ۾ ٿينديون هيون. ڪجهه سال هلي اها تنظيم ختم ٿي ويئي. اُن کانپوءِ ڪافي سالن تائين ماٺائي رهي. آخر هڪ نئين تنظيم عورت تنظيم جي نالي سان وجود ۾ آئي. اُن تنظيم ڪراچيءَ جي ڪافي عورتن کي گڏ ڪيو.
اُن تنظيم هڪ وڏو عورتن جو سيمينار منعقد ڪيو جنهن ۾ سڄي سنڌ مان عورتن اچي حصو ورتو هو. هيءَ تنظيم ڪافي سالن تائين قائم رهي. پر جيستائين مون کي خبر آهي ۽ سمجهان ٿي ته ان تنظيم جي ناڪامي جو سبب اهو هو ته اُن زماني ۾ تنظيمن کي هلائڻ لاءِ جذباتي وابستگي گهڻي نه هئي ۽ اهو بنياد به نه رکيو ويو هو ته سنڌي عورتن کي منظم ڪجي يا سنڌي ٻهراڙي جي عورتن لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي. هن تنظيم ۾ وڏ گهراڻيون اُهي عورتون جيڪي صرف ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ تنظيمن ۾ اينديون هيون انهن جي گهڻائي هئي. اُن ڪري اُهي عورتون جيڪي ڪم واريون هيون ۽ ڪجهه ڪرڻ چاهين پيو، اُهي گهٽ هيون. تنهنڪري هيءَ تنظيم خاص ڪردار ادا نه ڪري سگهي.
سنڌ گريجوئيٽس جي تحت به عورتن جي هڪ شاخ قائم هئي. اُن ۾ ڪافي پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار عورتوون شامل هيون. ڪافي سالن تائين اُها شاخ قائم رهي. وقت ۽ حالتن جي تحت جڏهن سنڌ گريجوئيٽس تي پابندي پئي ته خود بخود اها عورتن جي شاخ به ختم ٿي ويئي وقت ۽ حالتون مٽجنديون رهنديون آهن. حقيقت ۾ سنڌين کي گڏ ۽ متحد ڪيو آهي گذريل هنگامن، وحشت ۽ بربريت.
گذريل سالن ۾ جيڪي به هنگاما ٿيا، اُنهن ۾ اهو ڏٺو ويو ته ڇڙوڇڙ سنڌي جن جي خبر نه چار مختلف جاين تي مرندا رهيا ڪسجندا رهيا. اُنهن حالتن ۾ ڪنهن کي به ڪنهن جي خبر نه ملي پئي سگهي. اُنهن حالتن ۾ ڪافي سماجي تنظيمن وڏو ڪردار ادا ڪيو. پر مسئلو اهو رهيو ته اها خبر پئجي ئي نه پئي سگهي ته ڪيترا سنڌي ڪٿي آهن ۽ اهي ڪهڙي حالتن ۾ آهن. انهن لاوارث سنڌين کي به اها خبر نه هئي ته هو تڪليف جي وقت ڪنهن کي مدد لاءِ سڏ ڪن.
ان کانپوءِ انهن حالتن کي ڏسي ڪري ڪيتريون ئي نيون تنظيمون وجود ۾ آيون. اُن ۾ سرتين سٿ، اسوا، مارئي فورم ۽ مهراڻ سنگت وغيره آهي. مهراڻ سنگت ته اُها تنظيم آهي جنهن ۾ نوڪري پيشه عورتون ۽ مرد ميمبر هوندا آهن، جناب نورالدين سرڪي صاحب جن اهو سوچيو ته ڪراچيءَ ۾ ڪافي اهڙيون تنظيمون آهن جيڪي مختلف جاين تي ڪم ڪن پيون. پر اهڙي تنظيمن موجود نه هئي جيڪا انهن نوڪري ڪندڙن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري سگهي. گذريل هنگامن ۾ گهڻو ڪري اهي سنڌي ماريا ويا جيڪي نوڪرين ۾ هئا. تڪليف جي وقت، هر ڪنهن کي پنهنجو سمجهي سڏ ڪن. اُنهيءَ سببن جي ڪري ئي نورالدين سرڪي صاحب مهراڻ سنگت جو بنياد رکيو. اها تنظيم ڪافي ڪاميابيءَ سان سنڌين کي گڏ ڪري پئي.
سنڌ گريجوئيٽس وارا ته پابندين پوڻ کانپوءِ به ڪم ڪندا رهيا. انهن گريجوئيٽن جي زندگيءَ جو مقصد ڪم ۽ صرف ڪم آهي. هاڻ جڏهن پابنديون ختم ٿيون ته سنڌ گريجوئيٽس وري منظم نموني سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. گذريل ٻن سالن ۾ سچل ڪانگريس ۽ ٻارن جي ميلن جهڙا پروگرام هو وڏي پئماني تي ڪري چڪا آهن. گذريل ڪجهه مهينن کان سنڌ گريجوئيٽ وارن اها ڪوشش ڪئي ته هو سنڌ گريجوئيٽ جي عورتن جي شاخ کي وري قائم ڪري هڪ منظم طريقي سان سنڌي عورتن کي گڏ ڪجي. ان سلسلي ۾ اُنهن مون سان به ڳالهايو. ماڻ کين چيو ته سرتين سٿ، اسوا ۽ مارئي فورم ۽ ٻيون ڪجهه عورتن جون تنظيمون اڳ ۾ ئي موجود آهن. هاڻ جو هڪ ٻي تنظيم کي اُت آندو وڃي ته ڇا فائدو؟ عورتون ته اُهي ئي آهن جيڪي انهن ٽنهي پارٽين جون ميمبر آهن. هاڻ وري مهتاب اڪبر راشدي جو خط مليو سنڌ گريجوئيٽ طرفان ته هو عورتن جي تنظيم کي وري فعال ڪرڻ چاهين ٿا. مهتاب سان فون تي ڳالهايم. کيس اهو چيم ته سڀ ڇا آهي وري عورتن جي هڪ ٻي تنظيم هاڻ ته شرم ٿو اچي ته ڪراچيءَ ۾ ايترن ٿورڙين عورتن هن ٿورڙي عرصي ۾ هيتريون ساريون تنظيمون ٺاهي ڇڏيون. مهتاب جي اُهائي کلڻ جي عادت مان پريشان ۽ کيس اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيم ته جيئن مان آهيان اڳ ۾ ئي ٻن ٽن تنظيمن جي ميمبر آهيان ۽ مون اهو ڏٺو آهي ته اُهي عورتون جن ۾ ٿورو گهڻو ايڪو آهي اُهي به ته اُنهن سڀني تنظيمن جون ميمبر آهن. مهتاب مون کي اهو ٻڌايو ته اُنهن سڀني عورتن جي تنظيمن جي عهديدارن کي اُت سڏايو آهي. اُنهن کان به راءِ ورتي ويندي. جيڪا متفق راءِ هوندي سا منظور ڪئي ويندي. خبر اُهو ڏينهن به آيو ڪافي عورتن جن ۾ اسوا، سرتين سٿ، مارئي فورم ۽ ڪراچيءَ جي ٻهراڙيءَ جي علائقي ۾ قائم تنظيم جنهن جو نالو آهي ساهڙين سٿ اهي سڀ اچي هڪ هنڌ ٿيون. مهتاب اڪبر راشدي سنڌ گريجوئيٽس جو پس منظر ٻڌائيندي تعاون جي گهر ڪئي ڊاڪٽر سليمان شيخ سگا جي طرفان قائم ڪيل اسڪول، اکين جي ڪيمپن، ايمبولينس، سروس سنڌين لاءِ گهر ۽ فليٽ اڏائڻ اهي سڀ اسڪيمون ۽ آئنده جا پروگرام ٻڌايا ۽ اهو احساس ڏياريو ته سگا هڪ بيٺل ۽ منظم ادارو آهي جت عورتن جي تنظيم کي وڌيڪ سهولت ۽ مدد ملي سگهندي.
سلطانه صديقي به پنهنجي طرفان راءِ پيش ڪئي ته هن اداري ۾ عورتن جي تنظيم اڳ به موجود هئي. هاڻ اُن کي نئين سر منظم ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي. مان ته پنهنجي تقرير ۾ اهو چيو ته جيئن ته سگا هڪ وڏو ادارو آهي اُن ڪري سڀني عورتن جي تنظيمن کي رضاڪارانه طور هن ۾ شامل ٿي ڪري هڪ ٿيڻ کپي. سياسي طور ته اسان منظم ڪونه آهيون. اسان هن قوم جا سوين ليڊر آهن. سڀني جا منهن مٿا پنهنجا آهن. ڳالهه ته سڀ سنڌ جي ٿا ڪن پر سنڌي جي نالي هڪ هنڌ گڏ ٿي ڪونه ٿا سگهن. گهٽ ۾ گهٽ توهان عورتون هڪ هنڌ جمع ٿي اهو ڪري ڏيکاريو ته سنڌي عورتون اسان جي سياسي ليڊرن کان وڌيڪ باشعور آهن. انا پرستي ۽ شخصيت پرستي کي ڇڏي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ گهرجي. اُت مارئي فورم جي صدر ارشاد قمر، سرتين سٿ جي صدر ڀيڻ رشيده عبدالله شاهه، اسوا جي صدر دُرشهوار سيد ۽ ساهيڙين سٿ جي نمائنده جنهن جو نالو ياد ڪونه ٿو اچيم سڀني پنهنجي تقريرن ۾ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. فهميده حسين به اهائي ڳالهه چئي ته سڀ کان سٺو ته اهو آهي ته اسان سڀ گڏجي هڪ ٿي وڃون. اگر بلڪل گڏجي نه ٿا سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ تعاون جو هٿ ضرور وڌائڻ گهرجي.
آخر ۾ اميدوارن کي نامزد ڪيو ويو. نالا وٺي هڪ ٻئي جي چونڊ ڪئي ويئي. صدارت جي لاءِ ادي رشيده عبدالله شاهه، نائب صدر ڀيڻ ارشاد قمر، جنرل سيڪريٽري فهميده حسين، جوائنٽ سيڪريٽري انيس الرحمان ۽ انفارميشن سيڪريٽري سلطانه وقاصي کي چونڊيو ويو. ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ پندرهن کن عورتن کي چونڊيو ويو. جيڪي انهن سڀني عورتن جي تنظيمن منجهان هيون.
اُت سڀني کي گڏ ۽ هڪ ٿيندي ڏسي ڏاڍي دل کي خوشي ٿي. ڀل انسان پنهنجي شخصيت ۽ پارٽي کي قائم رکي پر هڪ هنڌ گڏجي هلڻ قدم کڻڻ ۾ جيڪو سڪون آهي سو ٻيو ڪٿي به ڪونهي.

آچر 24 فيبروري 1991ع

نورالدين سرڪي صاحب جي ٺاهيل “مهراڻ سنگت”

اسان جي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي سياسي ۽ سماجي تنظيمون آهن. سياسي پارٽيون ته ڳڻپ کان مٿي آهن. لڳي ائين ٿو ته جنهن کي پنهنجو نالو ڪرائڻو آهي اخبار ۾ بيان ڇپائڻا آهن يا وري پنهنجي تصوير ڇپرائڻي آهي. ان مقصد لاءِ سڀ کان آسان ۽ سهل طريقو اهو آهي ته هڪ پارٽي ٺاهي ڇڏجي. سياسي پارٽي آهي ته واه واه! سڀ آڱريون گيهه ۾ نه ته به سوشل تنظيم ٺاهي ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي.
ها پر جت نالي ڪڍائڻ جا ڪوڏيا آهن ات اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن جو مقصد قوم جي خدمت ۽ ڪم ۽ صرف ڪم هوندو آهي. اهڙن ماڻهن ۾ سنڌ گريجوئيٽس وارن جو مثال پيش ڪري سگهجي ٿو. مان انهن کي ڪم ڪندي ڏٺو آهي. انهن سان گڏ ڪم ڪيو به اٿم. اهو چوڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ٿيندي ته هي سڀ گريجوئيٽ جي سگا جا عهديدار آهن يا ورڪر انهن جو مقصد هڪ ئي آهي. عهدن جي حوالي سان به مون انهن ۾ گهٽ وڌائي نه ڏٺي آهي. هي سڀ گڏجي بغير ڪنهن لالچ جي ملي ڪم ڪندا آهن. هو ايترا منظم آهن جو وڏا وڏا پروگرام کڻي هلندا آهن ۽ خوبي سان انهن پروگرامن کي پورو ڪري اٿندا آهن. سگا بهرحال هڪ وڏو ادارو آهي جي ان جي گهڻي تعريف ڪيم ته متان منهنجي نظر لڳي وڃي يا وري هوءَ دشمن جي نظرن تي چڙهي وڃي. جيئن مان مٿي لکي چڪي آهيان ته اسان وٽ جام تنظيمون آهن. ظاهر ڳالهه ته ٿورو ڪي گهڻو اهي سڀ ڪجهه نه ڪجهه ڪن پيون. ڪي وڏا نالا ته ڪي ننڍا نالا وجود بهرحال سڀني جو موجود آهي. اهڙين تنظيمن ۾ هڪ تنظيم مهراڻ سنگت نالي به آهي.
مهراڻ سنگت به هڪ سماجي تنظيم آهي. هن جو بنياد نور الدين سرڪي صاحب جن اڄ کان ٻه سال کن اڳ وڌو. ان وقت ڪراچي شهر جون حالتون تمام خراب ٿي ويون هيون. وکريل ۽ ڇڙوڇڙ سنڌي لاوارثن وانگر مرندا رهيا. پنهنجا گهر ڇڏي لڏيندا رهيا. ان وقت ڪافي سنڌين هڪ ٻئي جي تعاون سان پنهنجو بچاءُ پئي ڪيو. پر ڏٺو اهو ويو ته سنڌين جو هڪ ٻئي سان رابطو تعاون ۽ سڃاڻپ گهٽ هئڻ جي ڪري هڪ ٻئي جي خبر پئجي نه پئي سگهي. ڪراچي شهر ۾ جتي پاڙيسرين جي به خبر نه ٿي پوي ته اُهي ڪير آهن؟ ڇا ٿا ڪن ته پوءِ ماڻهو ڪنهن کي پنهنجو سمجھي. مائٽ مٽ ۽ دوستيءَ وارا ضروري ٿورو ئي آهي ته ويجھو رهندا هجن. وچولي طبقي جا سنڌي جيڪي نوڪرين سانگي هتي رهن ٿا، نه انهن ويچارن وٽ آهن موٽر گاڏيون ۽ نه ئي وري ٽيليفون. انهن جا گهر به انهن علائقن ۾ آهن جتي دهشتگردن جي گهڻائي آهي. اُهي دهشتگرد وري اهڙا جو ماريندي به دير ڪو نه ڪن. ان ڪري ڏٺو اهو ويو آهي ته نوڪري ڪندڙ سنڌين جي خبر نه ٿي پئي سگهجي ته ڪير ڪٿي ٿو رهي ۽ ڇا پيو ڪري. لاوارثن وانگر اهي ئي سنڌي مرندا رهيا جيڪي پنهنجو بچاءُ نه ڪري سگهيا ۽ اهڙن خطرناڪ علائقن ۾ ڪير انهن وٽ پهچي به ڪو نه سگهيو. ڪراچيءَ جي ڪيترين ئي تنظيمن اهڙين حالتن ۾ ڪافي سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌين کي ڏڍ ڏنو ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي. پر ان جي باوجود به ڏٺو ويو ته دشمنن ۽ دهشتگردن ڳولي ڳولي انهن سنڌين کي قتل پئي ڪيو، جيڪي هت ڪراچيءَ ۾ مختلف جاين تي نوڪريون ڪندا هئا. ڪراچيءَ جا سنڌي آفيسر، جن ۾ گهڻن جو تعداد اهڙن جو آهي جيڪي ڪنهن به سماجي ۽ سوشل تنظيمن جا ميمبر نه آهن، جيڪڏهن ميمبر آهن ته تمام ٿورا.
انهن حالتن ۾ جناب نور الدين سرڪي صاحب اهو سوچيو ته هڪ اهڙي تنظيم ٺاهي وڃي جنهن ۾ سنڌي نوڪري ڪندڙن جو تعداد گهڻو هجي. سڀ کان پهرين سرڪي صاحب هڪ ميٽنگ گهرائي جنهن ۾ ڪافي سنڌي وڏن ننڍن آفيسرن کي ڪوٺ ڏني وئي. ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي ته انهن کي تمام سٺي موٽ ملي. ان گڏجاڻي ۾ سرڪي صاحب پنهنجو مقصد ٻڌائيندي تعاون جي گهر ڪئي. ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي ته انهن کي تمام سٺو سهڪار مليو ۽ ڪافي سنڌي آفيسر هن تنظيم جا ميمبر ٿيا. هاڻ ته هن تنظيم ۾ هر شعبي جا سنڌي شامل آهن جن ۾ صحافي ۽ اديب به آهن. هن تنظيم جو بنيادي مقصد هي آهي ته سنڌي آفيسرن جو هڪ ٻئي سان تعلق ۽ تعاون موجود هجي. انهن آفيسرن ۾ اهو احساس پيدا ڪجي ته هو سنڌي قوم جي خدمت ڪن ۽ انهن سنڌين جا مسئلا چڱي طرح حل ڪن جيڪي ٻهراڙي مان ڪمن سانگي هت شهرن ۾ اچن ٿا.
جڏهن سنڌي پاڻ ۾ گڏجندا رهندا. ڪڏهن به ڪنهن ۾ ڪم پئجي سگهي ٿو. جڏهن ڄاڻ سڃاڻ هوندي ته ڪم جو اُڪلاءُ به جلدي ٿيندو. هن تنظيم هڪ ڊائري به ٺاهي آهي. جنهن ۾ سڀني ماڻهن جا نالا، نوڪرين جي حوالي سان ۽ ٽيليفون نمبر ڏنل آهن. ان جو مقصد اهو آهي ته ڪم يا ڏکيائي جي وقت هڪ ٻئي سان رابطو رکي سگهجي. هن تنظيم جي مهيني ۾ هڪ دفعو گڏجاڻي ٿيندي آهي. ڪافي گڏجاڻيون هوٽلن ۾ ۽ سچل سرمست هال ۾ ٿي چڪيون آهن. هر مهيني وقت ڪڍي ڪافي ميمبر ات جمع ٿيندا آهن. هر دفعي هڪ ليڪچر يا وري بحث مباحثي جا پروگرام ٿيندا آهن. نون ميمبرن جو تعارف به ڪرايو ويندو آهي.
ڪجهه اهم ليڪچر جيڪي ڏنا ويا انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سراج ميمڻ لسانيات تي ليڪچر ڏنو. انهن لسانيات بابت نين تحقيقن جي بنياد تي ٿيندڙ ڪافي معلومات ڏني. ڊاڪٽر مير محمد شاهه جيڪو پهريون پاڪستاني سنڌي آهي. جنهن ڪمپيوٽر ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان صاحب ڪمپيوٽر جي باري ۾ ٻڌايو ته هن فيلڊ ۾ هن وقت نوڪرين جا وسيلا تمام گهڻا آهن. ان ڪري هاڻ سنڌين کي ڪمپيوٽر ۾ مهارت حاصل ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ ان پنهنجو مڪمل تعاون ڪرڻ جو واعدو ڪيو. ڊاڪٽر سليمان شيخ سنڌ گريجوئيٽس جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو ته اها ڪيئن ٺاهي ويئي ان جي ٺاهڻ جا سبب ڪهڙا هئا ۽ ان تنظيم هن مهل تائين ڇا ڇا ڪيو آهي. اياز قادري جن شاهه لطيف جي شاعري تي ليڪچر ڏنو. الطاف شيخ پنهنجي سفر جون ڳالهيون ٻڌايون ۽ پاڻ سان گڏ سڀني کي دنيا جو سير ڪرايو. ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ڊاڪٽر منور هاليپوٽو کي به مدعو ڪيو ويو. ڊاڪٽر هاليپوٽي صاحب ورلڊ سنڌي ڪانگريس بابت تفصيل سان ٻڌايو. ان جيڪا خاص ڳالهه ٻڌائي ته اهو ان ڪوشش ۾ آهن ته هن تنظيم کي اقوام متحده ۾ مبصر طور داخل ڪرائي هڪ وڏي حيثيت ڏني وڃي. ان لاءِ هو ان ڪوشش ۾ رڌل آهن. تازو ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان گهرايل سنڌ بچايو ڪانفرنس کي منعقد ڪيو اهي سڀ ڳالهيون انهن تفصيل سان ٻڌايو. ان گڏجاڻي ۾ هن ڪانفرنس ۾ جيڪي غلطيون ۽ ڪوتاهيون ٿيون ۽ جهڙي طريقي سان هيءَ ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي ان متعلق ڪافي بحث مباحثا ٿيا.
غلام حيدر صديقي جيڪي ٻارهين جنوري جي گڏجاڻي جا مهمان هئا. انهن پنهنجي ذاتي زندگي، فلم ۽ ٽي وي ميڊيا جي باري ۾ گهڻي معلومات ڏني. جڏهن هيءَ تنظيم جوڙي ويئي ته نور الدين سرڪي جن چيئرمين ۽ شهاب بچاڻي سيڪريٽري هئا. هن تنظيم ۾ حال في الحال ٽي ڊائريڪٽر چونڊيا ويا اهي هئا. اشفاق قاضي، محمد اسماعيل ميمڻ ۽ سلطانه وقاصي. پريس سيڪريٽري ڪرم الاهي چنا ۽ خزانچي عمر ميمڻ جن هئا. هڪ سال پوري ٿيڻ کان پوءِ هڪ شاندار موسيقي جو پروگرام مهراڻ سنگت جي طرفان آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيو ويو. ان پروگرام ۾ ڪراچيءَ جي سنڌي خاندانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان پروگرام جي ٻئي ڏينهن تي هن تنظيم جون باقائدي چونڊون ٿيون. اُن چونڊن ۾ سرڪي صاحب کي ٻيهر چيئرمين چونڊيو ويو. سيڪريٽريءَ جو عهدو سليم ميمڻ کي مليو. عزيز الله ميمڻ به عهديدار چونڊجي آيو. عورتن جي نمائندگيءَ لاءِ ظهره انصاري ۽ شبنم موتيءَ جا نالا تجويز ڪيا ويا. پريس سيڪريٽري ۽ خزانچيءَ لاءِ وري ساڳيا نمائندا ڪرم الاهي چنا ۽ عمر ميمڻ چونڊجي آيا. اهڙيءَ طرح سان هيءَ تنظيم پنهنجو مقصد کڻي پنهنجي وت آهر آهستي آهستي قدم کڻي رهي آهي.
10 مارچ 1991ع

ڌرتيءَ تي ويڳاڻو- ويچارو انسان

سونهن ڀري سنسار ۾ وکريل هي سڀ گل ڪنڊا، هيرا پٿر، هي بجليون، هي برساتون، هي زلزلا ۽ طوفان. هي سڀ ڪجهه خلقيائي ان ڪري ويا آهن جيئن انسان هن دنيا ۾ اچي نه صرف پنهنجي لاءِ سک پيدا ڪري، پنهنجي لاءِ خوشيون ڳولي پر گڏوگڏ هنن سڀني آفتن سان مقابلو به ڪري. انسان جنهن جي وجود کي تخليق ڪري اوڙاهه ۾ ڦٽي ڪري کيس جدوجهد جو سبق ڏنو ٿو وڃي. هر مذهب، هر فلاسفر، هر اولياءِ، هر ڪنهن ڏاهي ۽ سمجهوءَ به ان ڳالهه کي سمجهايو آهي ته هي دنيا ڏاڍي خراب آهي، ختم ٿي وڃڻو آهي. انسان جي ڄمڻ کان وٺي مرڻ ڪنڌي تائين ان سڄي وقت کي نظر ۾ رکجي ۽ اهو سوچجي ته ڇا هي دنيا انسانن لاءِ ٺاهي ويئي آهي؟ يا وري هي دنيا انسانن لاءِ نه پر ٻين قوتن لاءِ خلقي ويئي آهي ۽ انسان هن دنيا جي تجربيگاه ۾ هڪ معمولي ذري جي حيثيت رکي ٿو، جنهن کي تباهه ڪرڻ، جنهن جي وجود کي فنا ڪرڻ لاءِ هي سڀ قوتون هر وقت ڪوشش ۾ رڌل آهن.
انسان جڏهن هن ڌرتيءَ تي سڀ کان پهرين لٿو ته دنيا ائين نه هئي جيئن اڄ آهي. ننگ ڌڙنگ انسان جنهن کي پيٽ قوت، نفس ۽ شيطاني وصفن سان ڀري هڪ عقل جهڙي ڏات ڏيئي چيو ويو “هاڻ ابا هل گذار پنهنجي زندگي!!” اهو انسان ان وقت ڇا پئي ڪري سگهيو سواءِ ان جي ته هو پاڻ کان طاقتور شين کان ڊڄي. ان ڪري ئي ان دور ۾ انسان هر شيءِ کي مجبور ٿي پوڄيو. مٿي آسمان ۾ بجلي جي چمڪاٽن، برساتن جي اوهيڙن ان جو ويهڻ وهه پئي ڪيو، ته هيٺ ڌرتيءَ تي چرندڙ پُرندڙ جانورن سندس رت ماس پئي کاڌو. الائجي ڪيترن دورن مان گذري الائي ڪيترن طاقتن کي پنهنجو خدا سڏائي اڄ انسان هن ائٽمي ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ دور ۾ اچي پهتو آهي. هر ڳالهه ۾ سائنس آهي هر ڳالهه ۾ علم ۽ عقل جون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن.
سوال هن وقت اهو ٿو اڀري ته انسان جي ان سڄي جاکوڙ ۾ انسانيت لاءِ انسان جي وجود لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟ اڄ جي دور ۾ انسان جي وجود جي نفي ڪري مشيني قوت کي طاقتور بڻايو ويو آهي. اڄ اهڙي قسم جا هٿيار، اوزار ۽ گيسون ٺاهيون ويون آهن جيڪي هڪ منٽ ۾ سڄي ڪائنات جي ماڻهن کي ختم ڪري سگهن ٿيون. انسان جو وجود ثانوي حيثيت بڻجي ويو آهي. اصل ۾ حيثيت هنن گهرن گهاٽن ۽ مال ملڪيتن جي آهي. بس گيس کي کولي ڇڏيو ته پوءِ هر چرندڙ پرندڙ جيو اتي ختم! هٿيارن جو زور ته ايترو آهي ۽ هٿيارن کي ايترو ته وسيع ڪيو ويو آهي جو هڪ ڌڪ سان سوين ماڻهو ماري سگهجن ٿا. اڄ پنهنجن ملڪن ۾ ويهي صرف بٽڻ کي دٻائي هزارين ميل پري ٻين ملڪن ۾ ميزائيل اُڇلي تباهي بربادي ڦهلائي سگهجي ٿي. اڄ ڪلهه دنيا جي گهڻي ۾ گهڻي بجيٽ صرف ان تي خرچ ڪئي ٿي وڃي ته انسانن جي وجود کي فنا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا نوان طريقا ايجاد ڪجن . . .
اڄ جي زماني ۾ انسان ۽ انسانيت کي وساري شيطاني قوتن کي مضبوط ڪيو پيو وڃي جنهن ملڪ ۾ شيطاني قوتن جي ڀرمار آهي اهي ئي سڀني جو ابو آهن. هن سائنس جي ترقي نه صرف انسان کي تباه پئي ڪري پري پر هن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کي به بدبودار پئي بڻائي. زمين جي پاتال کان وٺي آسمانن جي خلائن ۾ عجيب قسم جون شيون محلول ٿي ويون آهن. هوا ۾ ملاوٽ، کاڌن ۾ ملاوٽ، پيار محبت ۾ ملاوٽ، انسان جي وجود ۾ ملاوٽ، جانورن جي پيٽ مان انسانن جهڙا ۽ انسانن جي پيٽ مان جانورن جهڙا ٻار پيا پيدا ٿين. ڏينهن، گهٽجندا پيا وڃن. هفتا ائين ٿا گذرن جيئن ڏينهن، مهينا ائين ٿا گذرن ڄڻ هفتا. سال ته ائين ٿو گذري ڄڻ ڪلهه جي ڳالهه آهي. انسانن جا قد گهٽجي ويا آهن. مشڪل سان ڪو جوان قدآور ۽ سهڻو نظر ايندو نه ته گهڻو ڪري مردن جا قد زنانا ۽ عورتن جا قد ٻاراڻا ٿي ويا آهن. عمريون گهٽجنديون پيون وڃن. چاليهه پنجيتاليهه سالن تائين به ڪو پڳو ته خير ٿيو. قسمين قسمين بيماريون جن جو نالو نه پتو بس چيو ڇڏين ڊاڪٽر ته اها وائرس آهي. هر بيماري وائرس آهي! اِها وائرس هن وايو منڊل ۾ انسان کي گهيريو ويٺي آهي. اڳ لوڙهي ڏنل گهرن ۾ به لٺ رکي انسان سک آرام سان زندگي گذاريندو هو ۽ رات جو سک سان ننڊ ڪندو هو. هاڻ انسان پنهنجي ٺاهيل هٿيارن سان ئي پنهنجي حفاظت ٿو ڪري. گهرن جون ديواريون اوچيون ٿينديون ٿيون وڃن. انهن لوهي پڃرن جي بند گهرن ۾ انسان ڄامڙو ٿي پيو آهي ۽ جانورن جهڙي زندگي پيو گذاري.
انسان جيڪو هن ڪائنات ۾ هاڻ سڀ کان طاقتور بڻجي چڪو آهي. ان جي سڀ طاقت ان ڳالهه ۾ صرف ٿي رهي آهي ته انسانن جي وجود کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو، ماري سگهجي ٿو، اها ڳالهه به آهي ته ان جاءِ تي ان ڳالهه لاءِ به وقت صرف پيو ٿئي ته انسان جي بيمارين لاءِ ڪهڙا اُپاءِ ورتا وڃن. نيون نيون ريسرچون پيون ٿين. انسانيت جي پرچار پئي ٿئي. ايبنارمل ٻارن ۽ وڏن لاءِ ادارا پيا قائم ٿين. انسان سان وابسته اخلاقي ۽ سماجي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا. ها پر ان ڳالهه تي ڪو به سوچ ويچار نه ٿو ٿئي ته هي فضائي آلودگي، هي ايٽمي درندگي ان جي ڪري ئي هي سڀ دنيا جون بيماريون ۽ ذهني بي سڪوني پيدا ٿي آهي. اصل مسئلي ڏانهن توجهه ڪنهن جي به نه آهي. باهه ٻاري پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا ٿا وڃن. اصل ۾ باهه وسائڻ جو تدارڪ ڪنهن به نه ڪيو آهي.
گذريل ويهن پنجويهن سالن دوران هن ايٽمي ۽ ڪمپيوٽر دور ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي آهي. پنهنجن نانن ڏاڏن ۽ ٻين وڏن نالي ٻڌندا هئاسين ته هو ايترا ته طاقتور هوندا هئا جو سپيون ۽ ڪوڏيون هٿ جي تريءَ ۾ زور ڏيئي ڀور ڀور ڪري ڇڏيندا هئا. قدآور، وڏا، ڳالهائڻ ۾ گجگوڙ هڪ ڳوٺ ۾ ڳالهائين ته ٻئي ڳوٺ ۾ آواز پهچي، همدرد، دلين جا وسيع، پنهنجو گهر ٻاري ڏياري ملهائيندا، گهر ۾ ڪڻا نه هوندن ۽ ڏيهن کي پيا دعوتون ڏيندا پرايو ڏک به پنهنجو ڪري سمجهندا هر ڪنهن جي رڙ واڪي تي سڀڪو گهر کان ٻاهر نڪري ايندو هو، مدد لاءِ پڄي ويندو هو. محبت ۽ پنهنجائپ جي گهڻائي جي ڪري محبتون به ٿينديون هيون ته مبارڪون به ڏنيون وينديون هيون.
هي سڄي ڪائنات جيڪا انسانن لاءِ خلقي ويئي هئي اُها اڄ انسان تي حاوي ٿي ويئي آهي. هڪ پاسي ايٽمي پلانٽ نصب پيا ٿين ته ٻئي پاسي ڪينسر جون اسپتالون پيون قائم ٿين. هڪ پاسي وڏا وڏا ڪارخانا هٿيار ٺاهڻ جا قائم پيا ٿين ته ٻئي پاسي ايڊز جي بچاءُ لاءِ تدبيرون ڪيون پيون وڃن. مطلب ته هر ايڪشن جو ري ايڪشن موجود آهي. انسان ان ۾ هڪ ڪٺ پتلي ٿي پيو آهي. ڪٺ پتليءَ جي ڏور به الائجي ڪنهن جي هٿ ۾ آهي؟ ذهني طور سست جسماني طور بيمار اڄ جو انسان جيڪو ٻار مان پوڙهو ٿي ٿو وڃي. جوانيءَ جو انگ، رنگ ۽ ڍنگ جيڪو ڏسي ئي نه ٿو. ٻاراڻي وهيءَ مان مس نڪري ٿو ته سماجي اقدار ۽ طور طريقا، آس پاس جون حالتون ان کي ائين وڪوڙي ٿيون وڃن جو هو جوانيءَ جا جذبا ۽ جولان ڏسڻ بنائي پوڙها ٿيو وڃن. حيرت جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته اهي سڀ پوڙها عمر جي حساب سان ٽيهن چاليهن سالن جا مس هوندا آهن. جوابداريون، بيماريون، حالتون وقت کان اڳ ۾ انهن کي مفلوج ڪيو ڇڏين. هي سونهن ڀريو سنسار جيڪو انسان لاءِ تخليق ڪيو ويو، جت انسان پاڻ کي ٺاهيو، خوش رکيو، شابس آهي ان ننگ ڌڙنگ انسان کي جنهن انسانيت جو سبق ڏنو. گڏ رهڻ جو سبق ڏنو. ان جي سوچ عمل سان ئي هي ڪائنات سونهن ڀري ٿي ويئي. هاڻ اڄ جو ستر پوش، عقل علم وارو انسان وري هن ڪائنات کي بربادي ۽ تباهي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. ڇا هن مسئلي تي سوچي نه ٿو سگهجي ته ائين ڇو پيو ٿئي؟

7 اپريل 1991ع

سنڌ ۾ نياڻين جو ڪاروبار

سنڌ ۾ جتي ونين ۽ ڄاين جي مٿان سر قربان ڪبا آهن، ات انهن جو ڪاروبار به ٿيندو آهي. هي ڪاروبار سڄي سنڌ ۾ نه پر ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ پاسي اڳ وڏي پيماني تي هوندو هو ۽ اها لعنت اڄ به موجود آهي.
نياڻي جيڪا سنڌ جي ڪن گهرن ۾ پيدا ٿيندي آهي ته لوڪن جا منهن لهي ويندا آهن. گهر ڀاتين جا ته تڏا وڇائجي ويندا آهن. جيڪو پيو ايندڙ نڪ کي موڙو ڏيئي پيو چوندو: آئي امان ايندي ئي ڌيءَ ڄڻي ڪڍيائين پهرين لپ کير ڀري ته ڪنهن جي به نه وڃي. جنهن جو پهريون ئي پير اهڙو ٿيو سو هاڻ خاندان کي ڪهرا پٽ ڄڻي ڏيندي!! جنهن عورت ويچاريءَ کي لڳاتار ٻه چار ڌيئر ڄايون ته سائين ان جو جيئڻ وهه ٿي ويندو آهي. سندس مڙس ته ڪيترائي مهينا منهن نه ڏسندو اٿس، سس ۽ نڻاڻون اٿندي ويهندي طعنا پيون ڏينديون . اسان جي سنڌي سماج ۾ نياڻيءَ کي ست قرآن ڪري ليکيو ويندو آهي. نياڻيون ميڙ وٺي وڃڻ سان سالن جون رقابتون ختم ٿي وينديون آهن، ان جي ڄمڻ تي خبر نه آهي ڇو اهڙو رويو اختيار ڪيو ويندو آهي . نياڻيون ئي ماءُ پيءَ جون همدرد ۽ هڏ ڏوکي هونديون آهن. گهر ۾ نياڻين سان ئي رونق هوندي آهي. رشتا ناتا وڌائڻ ۾ به هنن جو وڏو هٿ هوندو آهي.
اڄ هن ترقي يافته ۽ پڙهيل لکيل دور به اهڙا ڪيترائي گهر آهن جت نياڻيءَ جي ڄمڻ تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي. ٻهراڙيءَ جي اڻ پڙهيل جاهلن تي ڪهڙي ميار، جڏهن شهرن ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل ماڻهو به اهڙو رويو اختيار ڪن ٿا ۽ ڌيءُ جي ڄمڻ تي منهن سڄائين ٿا. ڪي ماڻهو اگر منهن نه سڄائيندا آهن ته به انهن جي لهجي ۾ بي وسي هوندي آهي. هو ائين پيا چوندا “سائين نياڻي به الله ڏني آ شڪر ٿيو.” ان نياڻيءَ جي ڄمڻ تي نه ته اهڙي ڇٺي ڌوم ڌام سان ملهائبي ۽ نه وري گهر گهر مٺائي ورهائبي آهي. ها جي ڄمي ٿو پٽ سائين واه واه جي بسم الله لڳي پئي هوندي، گهر جا ڀاتي پيا خوش ٿيندا. پٽ ماءُ جو ته ڪَرُکڄيو پيو هوندو آهي. پٽ ڄمڻ سان چهري تي اها خوشي ڦهليل هوندي اٿس جو ڄڻ ته سور ئي ڪو نه کاڌا اٿس، دل ۾ پئي سوچيندي پٽ ڄڻي هن خاندان ۾ ڪلو کوڙي ڇڏيو اٿم، هاڻ ته مان پٽ جي ماءُ آهيان، هاڻ ڪنهن جي پرواهه يا ڪاڻ ڪا نه ڪڍنديس.
اهي سڀ ڳالهيون ڏسي سوچجي ٿو ته مرد کي ته پٽ کپن ئي کپن پر عورتون به چاهين ٿيون ته انهن کي پٽ ڄمن اسان جي معاشري جا طور طريقا ۽ رسم ۽ رواج ڪجهه اهڙا آهن جو عورت کي جيستائين پٽ نه ٿو ڄمي تيستائين هوءَ عدم تحفظ جو شڪار رهي ٿي. ها اٽي ۾ لوڻ برابر اهي گهر به آهن جت ڌيئن جي ڄمڻ تي خوشيون ملهائبيون آهن، گهر گهر مٺايون ورهائبيون آهن. ڌوم ڌام سان ڇٺي ملهائبي آهي. ڏسندڙ ٻڌندڙ پيا حيرت کائيندا ۽ چوندا ته “ائي امان ٻڌو فلاڻي ڌيءَ ڄمڻ تي اهڙيون خوشيون ملهايون ڄڻ ته پٽ ڄائو هجيس.”
هاڻ وري ڪجهه اهڙا گهر به آهن جت ڌيئن ڄمڻ تي گهر ڀاتين جا چهرا مهڪجي پوندا آهن. گهر ڀاتين جي هلڻ گهمڻ جي لوڏ ئي ڦري ويندي آهن. گهر جو ابو پيو آئيندي جا منصوبا ٺاهيندو. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي نياڻين کي ٽڪن جي ملهه وڪڻندا آهن. ماما جمال ابڙي هڪ دفعي ٻڌايو ته سندن هڪ عملدار ڏاڍو خوش خوش آفيس ۾ آيو ۽ پاڻ سان مٺائي کڻي آيو. جڏهن خبر پئي ته هو شخص پنهنجي ڌيءَ جي ڄمڻ تي مٺائي پيو کارائي ته ماما جن کي نه صرف حيرت ٿي پر خوشي به ٿي. هو شخص گهٽ پڙهيل ۽ ٻهراڙيءَ جو هو. ماما جن ان کي گهرائي مبارڪ ڏني ته جواب ۾ ان شخص واڇون ٽيڙي ۽ ڏند ڪڍندي چيو ته: “سائين پنجاهه هزار ته ڪاڏي ڪو نه ويا، اڃا به وڏي ٿيندي، رنگ روپ ڪڍندي ته لک کي وڃي ڌڪ هڻندي.”
هي نياڻين جو واپار سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ اڄ به آهي. غريب ماڻهن کي پٽ ڄمندو ته پيا دعائون گهرندا ته هاڻ ڌيءَ ڄمي، جيئن بدلو ڏيئي پٽ جي شادي ڪرائي سگهن ڇو ته هو هزارن، لکن ۾ ٻانهن خريد ڪري ڪو نه سگهندا آهن. جيڪا نياڻي ڀاءُ جي بدلي ۾ ويندي آهي ننڍي هوندي کان ئي ان کي لاڏ ڪوڏ سان پاليندا آهن. وڏي هوندي پرڻائڻ مهل ڀاءُ لاءِ ته ڪنوار ملوڪڙي وٺندا پر بدلي ۾ ڏنل ڀيڻ جي ڏک سک جو قدر نه ڪندا. جهڙو به هوندو ڪجهه به نه ڪندو هوندو پر لائي ڇڏيندا ان جي پڍيان. فخر سان پيا سڀني کي ٻڌائيندا ته سائين ڀاءُ جي بدي ۾ وئي آهي. ڀاءُ جو بدو نه ٿيو ڄڻ ته فخر جي ڳالهه ٿي. ان جي جيڪا زندگي زهر ٿي، ان جي ته ڪنهن کي به پرواهه ڪا نه هوندي آهي......
حيرت جي ڳالهه آهي ته انهن علائقن ۾ رهندڙ ڪي اهڙا ماڻهو الله جي خوف کان نياڻيون ٽڪن تي نه وڪڻندا آهن ۽ ائين ئي پرڻائي ڏيئي ڇڏيندا آهن ته انهن تي شڪ جي نظر رکي ويندي آهي. سڀڪو پيو چوندوته الائي ڇو ڌيئر ائين ڏئي ڇڏيائين؟ ضرور ڪا ڳالهه هوندي. ان الله واٽ تي ڏنل نياڻيءَ جو ساهرن ۾ به قدر ڪو نه هوندو آهي. ڏينهن رات پيا پورهيو ڪرائيندس ۽ طعنو پيا هڻندس ته تنهنجو ته ڪو ملهه ئي ڪونهي .
ها باقي ملهه تي خريد ڪيل ٻانهن جيڪا هزارن لکن جي عيوض ورتي ويندي آهي، ان جي اٿڻ ويهڻ تي بسم الله لڳي پئي هوندي آهي، ان جو ائين خيال رکيو ويندو آهي ته متان ڪٿان جهري ۽ ڀُري نه پوي. بيمار ٿيندي ته علاج چڱي طرح ڪرائينداسين، متان مري نه پوي لکن جو نقصان نه ٿي پوي.
ڪجهه علائقن ۾ جيڪي جابلو علائقا آهن. ات جبلن ۾ رهندڙ ماڻهو هيٺ لهي ڳوٺن واهڻن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ پنهنجون ڌيئر وڪڻي پئسا گڏ ڪري هليا ويندا آهن. انهن جو تعلق نياڻين سان نه پر دولت سان هوندو آهي. هو نياڻين کي وڪڻي هليا ويندا آهن، ته وري موٽي انهن جي سار ئي نه لهندا آهن. ڏکي آ سکي آ. گهر ڀاتين جو رويو انهن سان ڪهڙو آ هو ڪڏهن به موٽي اچي انهن جي سار سنڀال ڪو نه لهندا آهن. هو ويچاريون نياڻيون ڏکن سکن ۾ ڪانگ اڏايو پيون مائٽن کي ياد ڪنديون آهن. حيرت جهڙي ڳالهه ته هيءَ آهي ته اگر ان عورت جو مڙس مري ٿو وڃي ته ان جا ماءُ پيءُ وارث بڻجي وري نازل ٿي ويندا آهن، چوندا ته اسان جي نياڻي آ، اسان جو هن تي حق آ. جنهن جي پٺيان لاتيسون جيڪو وارث هو سو ته مري ويو، هاڻ هيءَ وري اسان جي آهي. حالانڪ اها عورت هاڻ ٻارن ٻچن واري هوندي آهي ته به زوريءَ ان کي گهر مان ڪڍي ٻارن کي جدا ڪري وٺي ويندا آهن. انهن کي ڪو ان عورت سان همدردي ڪا نه هوندي آهي. دراصل هاڻ هو وري ان عورت کي وڪڻندا آهن ۽ پئسا ڪمائيندا آهن.
ان غريب لا وارث عورت جي پنهنجي زندگي، پنهنجا احساس ۽ جذبا ڪا به حيثيت نه رکندا آهن. ماءُ پيءُ جي لالچ ۽ لوڀ اولاد جي جدائي ۽ نئين گهر ۾ جت ان کي ڪو پوڙهو کڳ مڙس ملندو آهي، جيڪو پنهنجي نفسياتي خواهشن لاءِ ان سان شادي ڪندو آهي يا وري پنهنجن ٻچن کي پالڻ لاءِ ان کي گهر ۾ هڪ عورت جي ضرورت هوندي آهي. ڪيڏو نه ظلم آهي ته هڪ عورت کي پنهنجي گهر ۽ ٻچن کان جدا ڪري ٻئي گهر ۾ آندو وڃي ۽ ان کي پراوا ٻار پالڻ لاءِ چيو وڃي.
هي ريتون رسمون ۽ هي قاعدا قانون جيڪي اسان جي معاشري ۾ ڦهليل آهن ۽ هي قاعدا قانون ۽ رسمون اسان جون پنهنجون ٺاهيل آهن. انهن کي اسان ختم ڪرڻ جي جرئت ڇو ڪين ٿا ڪيون؟ انسانيت جي حوالي سان ۽ انساني همدردي جي حوالي سان اسان کي سجاڳيءَ جي لهر ڦهلائڻي پوندي. قلم جي ذريعي، علم جي ذريعي ۽ عمل جي ذريعي اسان سڀني کي گڏجي هنن غلط ڳالهين جي خلاف جهاد ڪرڻو پوندو. جيستائين اسان جي معاشري ۾ ذهن تبديل نه ٿيندا، سوچن ۾ وسعت نه ايندي، جيستائين انسان جي بنيادي قدرن ۽ احساسن جو قدر نه ٿيندو، اوستائين ڪجهه به نه ٿيڻو آهي ۽ ڪجهه به ڪو نه ٿيندو .

آچر 21 اپريل 1991ع

ڳالهيون مائي حبل ۽ جمل جون

اسان جي گهر ۾ مائي حبل ۽ جمل نالي ٻه عورتون گهڻو اينديون هيون. هو اصل لاڙڪاڻي جون رهواسي هيون. شل نه ڪنهن مزار تي ميلو لڳي هي ٻئي اُت حاضر، زڪوات خيرات وارن مهينن ۾ به هو هر هنڌ ضرور چڪر لڳائينديون هيون. رشتي ۾ ٻئي ڄڻيون ماءُ ۽ ڌيءَ هيون. صفا جھور پوڙهيون، خبر ئي نه پوي ته ماءُ ڪهڙي ۽ ڌيءَ ڪهڙي؟ جسم جون سنهڙيون ۽ هلڻ ۾ تيز. سندن هلڻ گهمڻ مان لڳندو ئي ڪو نه هو ته ڪو پوڙهيون آهن. مائي حبل ته زندگيءَ جي ان موڙ تي هئي جو ان جا وار اڇن مان ڪارا ٿي چڪا هئا. ٻيهر ڏند نڪتا هئس، جيڪي وري پاڻ ڪڍرائي ڇڏيا هئائين. پڇڻ تي ٻڌائيندي هئي ته امان هن عمر ۾ جو ٻيهر ڏند نڪتا سو ڳوٺ راڄ ۾ ڳالهه مشهور ٿي وئي، جيڪو اچي سو چوي ته ڏند ڏيکار ۽ مان به سڀ جي آڏو وات ڦاڙيو بيٺي آهيان. نڪتا به ٻه ٽي ڏند، اصل ننڍڙا جهڙوڪر ڄمندڙ ٻارن جا. هڪ ڏينهن آيم ڪاوڙ سو ڪڍرائي ڦٽا ڪيم.
مائي حبل ۽ جمل جڏهن اسان وٽ اچي رهنديون هيون ته اسان وٽ مزا مچي ويندا هئا. هو قصا ٻڌائڻ جون ڪاريگر هيون. رات جي اونداهيءَ ۾ مٿي ڇت تي جڏهن اهي ڪهاڻي کڻنديون هيون ته اسان جي اڳيان فلم پئي هلندي هئي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن جا قصا کٽندا ئي ڪو نه هئا ..... هڪ دفعو مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته منجھند جي ٽائيم امان سان ڳالهيون ڪندي هن هڪ واقعو ٻڌايو. اهو واقعو ٻڌائيندي اُن قسم کڻندي چيو ته اها ڳالهه ڪو خيالي قصو نه آهي، بلڪه حقيقت آهي. اها ڳالهه ان وقت جي آهي جڏهن مائي حبل پاڻ ٻارهن چوڏهن سالن جي مس هئي. ان ٻڌايو ته سندس پاڙي ۾ هڪ شخص الله بخش نالي رهندو هو. هو غريب هو ۽ محنت مزدوري ڪري پيٽ پاليندو هو. سندس شادي پنهنجي سوٽ سان ٿيل هئي، ان مان هڪ پٽ به ڄايس. پٽ جڏهن ٻن سالن جو ٿيو ته قضا الاهيءَ سان سندس زال مري ويئي. زال جي مرڻ جو ڏاڍو ارمان ٿيس، دل واري زال جو هيس. ان ڪري ٻيهر شادي ڪو نه ڪيائين.پنهنجي پٽ کان سواءِ گهڙي به ڪانه سرندي هيس.وقت ويو گذرندو ۽ ٻارهن چوڏهن سال گذري ويا.
مائي حبل به پاڻ به ان وقت ٻارهن چوڏهن سالن جي هئي، جڏهن الله جي حڪم سان الله بخش گذاري ويو. الله بخش جو پٽ جنهن جو نالو مولابخش هو، هاڻ هو سورهن سترهن سالن جو جوان هو. شام جي وقت الله بخش کي دفن ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هڪ واٽهڙو لنگهيو، ان واٽهڙوءَ کي قبرستان مان آواز آيو، کيس ڪو سڏي رهيو هو. ان آواز تي ڪن ڏنو، ڏٺائين ته الله بخش جي قبر مان آواز اچي رهيو هو، “مولا بخش کي مون کي موڪليو. رات به ان کان سواءِ مون ڏاڍي اڪيلي گذاري آهي، مولا بخش کي چئو ته اچي منهن ڏيکاري وڃي. ......”
هو واٽهڙو ته ڊپ وچان وٺي ڀڳو. وڃي ڳوٺ وارن کي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. ڳوٺ جي ماڻهن اهو سمجھيو ته شايد الله بخش جيئرو آهي، غلطيءَ وچان ان کي مئل سمجھي دفن ڪيو ويو آهي. هاڻ ڳوٺ وارا اچي قبرستان ۾ جمع ٿيا.قبر کي کوٽي ڏٺائون ته اتي ته ڪا به شيءِ ڪا نه هئي. الله بخش جو لاش ساڪن پيو هو، جنهن ۾ زندگيءَ جو ذرو به اهڃاڻ ڪو نه هو سو قبر تي وري مٽي وجھي ڪري سڀڪو پوئتي موٽيو ته پٺيان وري آواز آيو، ڏاڍي سڪ لڳي آهي مولابخش جي، ان کي چئو ته اچي منهن ڏيکاري وڃي. هاڻ ته ڳوٺ راڄ وارا پريشان ٿي ويا، ڳوٺ جو مولوي صلواتون پڙهندو وڃي قبر جي مٿان بيٺو. الله بخش باقائدي قبر مان مولويءَ سان ڳالهائڻ لڳو. ماڻهو اچرج ۾ هئا، ڏندين آڱريون هين. پيءُ ۽ پٽ جي مثالي محبت جا قصا ٻڌڻ ۽ ڳائڻ ۾ آيا. هوڏانهن وري مولابخش پيءُ جي مرڻ کان پوءِ کٽ تي پئجي ويو نه کائي نه پئي، بخار ۾ ٻڙٻٽ. اهڙي طرح سان پنجين ڏينهن مولابخش به انتقال ڪري ويو. ڳوٺ جي ماڻهن مولابخش جي قبر الله بخش جي قبر سان گڏ ٺاهي. اندر لحد ۾ ته رڳو هڪ سر جو فرق هو. جڏهن مولابخش کي دفن ڪري سڀ ورڻ لڳا ته وري ساڳيو آواز آيو ته “اڙي مولابخش کي چئجو ته مون وٽ اچي، اچي منهن ڏيکاري وڃي.”
ات بيٺلن مان ڪنهن جواب ڏنو ته الله بخش هاڻ هن وقت ئي مولابخش کي تنهنجي ڀر ۾ سمهاري پيا وڃون، ڀر ۾ ڏس ته ڪير اٿئي، اهو تنهنجو مولابخش ئي ته آهي. تو سان اچي مليو آهي.
چون ٿا ته الله بخش رڙ ڪري ڏک مان چيو، “ مون کي ته خبر ئي ڪو نه پئي ته مولابخش منهنجي ڀر ۾ اچي ستو آهي. ڪهه ڄاڻان ڪهڙي واٽ وٺي آيا سُپرين.” ان کان پوءِ ڪنهن به الله بخش جي قبر مان آواز نه ٻڌو.
هي ٿيو اهو واقعو جيڪو مائي حبل حلفيه چوندي هئي ته سندس ٻڌل نه پر ڏٺل آهي. ممڪن آ ته ائين به هجي. بغير ڪنهن تبصري جي مان ان ڳالهه تي سوچيندي آهيان ته موت الائجي ڇا آهي؟ هر هڪ کي هن واٽ وڃڻو آهي. اڪيلو تنها. اهو سڀڪجهه چوڻ صحيح آهي الائجي غلط ته ان بقا جي بستيءَ ۾ به ڪي ملاقاتون ٿين ٿيون يا نه.....؟ الائجي ڪهڙي دنيا آهي اها؟ اڪيلي تنها سڀڪو پنهنجي اعمالن جو جوابدار آهي .... موت معنيٰ جدائي. جسماني طور تي هن دنيا مان ماڻهن کان جدا ٿي وڃڻ، اهو انسان جيڪو هڪ پوري زندگي گذاري ٿو، ان جي شڪل ان جو آواز، سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ٿو. اهو انسان هن دنيا ۾ وري ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ايندو. بس رهجي وينديون آهن سندس ڳالهيون. چڱو هليو هوندو يا ڏکيو هليو هوندو سندس ڳالهيون پيون ڳائجنديون.
مان سمجھان ٿي ته هن دنيا ۾ هر انسان جي وچ ۾ هڪ رشتو آهي انسانيت جو ۽ محبت جو رشتو، انسانيت جو رشتو ته تمام وسيع آهي، ان ۾ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ رهندڙ هر انسان سان هڪ تعلق ڳنڍيل هوندو آهي. ٻيو رشتو آهي محبت جو جيڪو پنهنجن ويجھن سان ڳنڍيل هوندو آهي، ان رشتي ۾ عزيز ۽ رشتيدار به اچي وڃن ٿا. اڃان به وڌيڪ ويجھو محبت جو رشتو آهي گهر ڀاتين جو. اهي گهر جا ڀاتي جيڪي هڪ اڏيل گهر ۾ هڪٻئي سان گڏ رهن ٿا. انهن رشتن ۾ زال مڙس، ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينر، اولاد ۽ پوءِ ڦري اهي رشتا سس ننهن، ڏير ڏيرياڻي وغيره ۾ ٿي ويندا آهن. هي محبت جا رشتا، ذهني، دلي ۽ جسماني رشتا هوندا آهن. هڪ ٻئي جو تحفظ ڪرڻ، هڪ ٻئي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي محبت سان رهڻ ئي انهن جو فرض ۽ حق هوندو آهي. جڏهن ته اها خبر سڀني کي آهي ته هڪ ڏينهن مري وڃڻو آهي ۽ اها به خبر آهي ته مرڻ جي ۽ ان جدائيءَ جي ڪابه عمر نه آهي، ته پوءِ ڀلا هي سڀ انسان ۽ هي سڀ هڪ گهر ۾ رهندڙ ڀاتي خوش ٿي پرسڪون زندگي ڇو نه ٿا گذارين؟ مرڻ کان پوءِ ملاقاتون ٿين يا نه ٿين، پر هڪ زنده انسان جو انهن مري ويلن سان تعلق ضرور هوندو آهي، هو مري ويل انسان به زنده انسانن لاءِ پريشان رهندا آهن. ڪڏهن خوابن ۾ اچڻ، ڪڏهن تصور ئي تصور ۾ ڏيکاريون ڏيڻ، مصيبت مهل ڪنهن ازغيبي مدد جو تصور، اهي سڀ ڳالهيون سوچي اهو نتيجو نڪري ٿو ته اصل ۾ زندگي ئي اصل آهي ۽ حقيقت آهي. هن دنيا مان هرڪو انسان اڪيلو تنها پنهنجي واٽ وڃي ٿو، ميل ملاقاتون، پيار محبتون، شڪوه شڪايتون سڀ ڪجهه هن زندگيءَ ۾ ئي هونديون آهن.
هيءَ زندگي جيڪا اسان کي هڪ دفعو ملي ٿي، ان کي سک ۽ سڪون سان گذارڻ انسان جي ضرورت به آهي ته حق به ... پر ٿي ڇا رهيو آهي، هڪ ٻئي لاءِ پيار، همدردي ۽ احساس ختم ٿي ويو آهي، هڪ ٻئي تي جھلون ڪرڻ، طنز ڪرڻ، هيٺاهون ڪري پنهنجي اهميت جتائڻ عام فيشن ٿي پيو آهي. اسان جي سنڌي معاشري ۾ عورت ته اڃان وڌيڪ پيسجي رهي آهي، هڪ ان کي معاشري ۾ ايتري اهميت نه ملي آهي، مٿان وري هوءَ پنهنجو پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي. اڳ به ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ۽ هاڻ به هي سڀڪجهه ٿي رهيو آهي. سس ننهن جا جھيڙا، ڏيراڻين جا وير ۽ مردن جون گهڻيون شاديون. آخر مرد ڪنهن رڍ ٻڪريءَ سان شادي ته ڪو نه ٿو ڪري، ان کي هر عمر ۾ ننڍڙي ۾ ننڍڙي ڪنوار ملي ٿي وڃي. انهن شادين پٺيان به ڪيترائي مسئلا موجود آهن، گهر جي بي سڪوني ۽ دولت جي گهٽائي، انهن مسئلن جو گهر آهي. عورت نه ته پنهنجو پاڻ کي مظبوط رکي، عقل سوچ سان هلي ته هوءَ پنهنجي لاءِ مسئلن کي گهٽائي سگهي ٿي.
دنيا چاهي ڪجهه به نه ڏي، پر پنهنجي لاءِ سڪون، خوشيون، جيڪي پنهنجي هٿ وس آهن، انهن کي نه وڃائجي. مرد چاهي عورت معاشري جا فرد جن جا رشتا ناتا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، ڪيترن ئي روپن ۾ هو هڪ ٻئي جي ساٿ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهن. پنهنجي هٿ وس جيڪي موتي آهن، خوشين جا مهڪندڙ گل آهن، انهن کي وکرڻ يا مرجھائڻ نه ڏجي. هيءَ زندگي هڪ دفعو ئي ملي ٿي. جڏهن مرڻو آهي، فنا ٿيڻو آهي، خاڪ سان ملي خاڪ ٿيڻو آهي ته پوءِ هي جھيڙا هي جنگيون هي نا اتفاقيون ڇا لاءِ؟
عبرت 27/28 اپريل 1991ع

نوڪريون ڪندڙ عورتون ۽ انهن جا مسئلا

ڪيترائي موضوع ۽ مسئلا اسان جي چؤطرف پکڙيا پيا آهن، هر موضوع پنهنجي جاءِ تي اهم آهي. ڪجهه مسئلا اهڙا آهن، جن تي جيترو به لکجي سو گهٽ آهي. منهنجو اڄ جو موضوع آهي نوڪريون ڪندڙ عورتون ۽ انهن جا مسئلا. اڄ جي حالتن ۾ جڏهن مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن جون پڙهايون ڏاڍيون ڏکيون ۽ مهانگيون ٿي پيون آهن. پئسي جي اهميت وڌندي پئي وڃي. ضرورتن جو ڪو انت ئي ڪونهي. انهن سڀني حالتن کي صحيح معنيٰ ۾ منهن ڏيئي رهيو آهي اسان جو وچولو طبقو.
گاڏي جي ٻن ڦيٿن وانگر جڏهن زال مڙس گڏجي محنت ڪن ٿا، ڪمائين ٿا، تڏهن وڃي هو هن معاشري جي مسئلن کي منهن ڏيئي سگهن ٿا. ها، ڪن خوشحال گهرن جون عورتون شوقيه نوڪري ڪنديون آهن. انهن وٽ پيسو ۽ وقت گهڻو هوندو آهي. ان ڪري هو پنهنجو وقت گذارڻ لاءِ ۽ پنهنجو شان ڏيکارڻ لاءِ نوڪريون ڪنديون آهن. هن ڪالم مان صرف انهن عورتن جي مسئلن جو ذڪر ڪنديس جيڪي وچولي طبقي جون عورتون آهن. انهن مان ڪي نوڪريون ڪن پيون ۽ گهڻيون گهريلو عورتون آهن. نوڪري ڪندڙ عورتون جيڪي گهڻو ڪري معاشي جدوجهد ۾ پنهنجي مردن جون ساٿياڻيون آهن. مون ڪيترا اهڙا گهر ڏٺا جت زال مڙس ڪمائيندڙ آهن. انهن مان هڪ جي پگهار مان فليٽ بڪ ڪرائي قسطون ڏنيون وينديون آهن ۽ ٻئي جي پگهار مان گهر جو خرچ ڪفايت سان هلايو ويندو آهي. جيڪڏهن گهر پنهنجو آهي ته گهر جي ضرورت جي شين لاءِ پيسا بچائي گڏ ڪيا ويندا آهن. ننڍڙو پرسڪون گهر، جت سڪون ۽ پيار ۽ محبت هجي ته ان کان وڏي جنت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
نوڪري ڪندڙ عورتن جي زندگي ان وقت ٿورو گهڻو مسئلن جو شڪار ٿيندي آهي، جڏهن ٻار ننڍا هوندا آهن، توجهه جا مستحق هوندا آهن. انهن حالتن کي جيڪڏهن گڏجي زال مڙس منهن ڏيندا آهن ته پوءِ اهو ڏکيو وقت به خير خوبيءَ سان گذري ويندو آهي. اهڙين حالتن ۾ گڏيل خاندان جو هجڻ هڪ نعمت کان گهٽ نه هوندو آهي. گهر ۾ ڪا وڏي اُها ماءُ هجي يا سسُ، ٻارن وٽ ويٺي آهي ته نوڪري ڪندڙ عورت کي به سڪون هوندو. اويل سويل ٿي به وڃي ته پٺيان جو فڪر نه هوندو آهي.
ڪم ڪندڙ عورت هميشهه چست رهندي آهي. هوءَ وقت جي حساب ڪتاب سان پنهنجي زندگيءَ جو ٽائيم ٽيبل ٺاهيندي آهي. گهڻن ماڻهن جو اهو خيال هوندو آهي ته نوڪري ڪندڙ عورتون پنهنجي ٻارن تي گهڻي توجهه نه ٿيون ڏين ۽ انهن جا ٻار اڪيلائيءَ ۽ مايوسين جو شڪار ٿي وڃن ٿا. اسان توهان سڀني به اهڙا گهر ڏٺا هوندا. اهو سڀ ڪجهه چوڻ غلط به نه آهي، جيڪي پنهنجي ٻارن يا گهريلو ذميوارين کي چڱيءَ طرح نه ٿيون نڀائين اهڙين عورتن لاءِ ضروري نه آهي ته ڪو هو نوڪري ڪندڙ ئي هجن.
گهرن ۾ رهندڙ ڪيترين ئي عورتن کي اسان ڏٺو آهي جيڪي صبح جو ڏهين وڳي ننڊ مان اٿنديون آهن، گهر جي ڪم ڪار، صفائي سٿرائي ڏي انهن جو ڪو ڌيان ڪو نه هوندو آهي. سڙي ٻري ٻوڙ جو ديڳڙو چاڙهينديون ته به گهڻو ٿيو. ٿڪل ٽٽل ٻار، جن ناشتو به صحيح طريقي سان نه ڪيو هوندو آهي، اُهي ويچارا اسڪول مان موٽي وڃي تنور جي دڪان تي لائين ۾ بيهندا آهن ۽ اتان نان خريد ڪري پوءِ گهر اچي پيٽ ڀريندا آهن. اصل پنهنجي طبيعت جي ڳالهه هوندي آهي. ڪرڻ چاهين ته نوڪريون ڪندڙ عورتون ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ واريون عورتون اندر ٻاهر جي ڪمن کي ائين صحيح طريقي سان منهن ڏينديون آهن جو انهن جا ٻار بولڊ، هوشيار ۽ گهر صاف سٿرو ۽ پرسڪون هوندو آهي.
منهنجي ڪاليج جي زماني جي ساهيڙي هڪ ڏينهن اوچتو سينٽ جوزف اسڪول جي دروازي تي ملي وئي. پڇيومانس ته هت نوڪري پئي ڪرين ڇا؟ ٻڌايائين ته هتان جي هڪ ماسترياڻي ٽن مهينن جي موڪل تي ويل آهي، ان مون کي چيو ته تون منهنجي مدد ڪر، ٽي مهينا اچي نوڪري ڪري سو مان به حامي ڀري ۽ هاڻ هت پڙهائڻ اچان پئي مان پڇيومانس ته پڙهائڻ ۾ مزو آهي؟ ان کلندي چيو ته پڙهائڻ ته ڏاڍو سٺو پر گڏوگڏ نوڪري ڪرڻ سان منهنجي گهر جو ماحول به مٽجي ويو آهي. پنهنجي گهر واري جي نالي ٻڌايائين ته هو ايترو خوش آهي جو چوي ٿو ته مان هاڻ توکي مستقل نوڪري وٺي ڏيندس. مان به خوش ٿيندي چيو ته اها ته ڏاڍي سٺي ڳالهه، تون به ته آخر پڙهيل لکيل آهين، نوڪري ڪرڻ ته سٺي ڳالهه آهي، آخر ضرورتون به وڌيل آهن ۽ پئسو آخر ڪنهن کي ڪو نه ٿو گهرجي.
ان کلندي چيو خبر اٿئي سلطانه منهنجو گهر وارو چوندو آهي ته اڳ صبح جو مان تو کي ننڊ مان اٿاريندو هوس ۽ تون به منهن سڄائي مس مس اٿندي هئين، چانهه ناشتو ڪري مان آفيس هليو ويندو هوس. جڏهن واپس ايندو هوس ته تون اهڙي ئي حال ۾ گهر ۾ ويٺي هوندي هئين. ڪڏهن قرب مان چوندو هيو مانءِ ته “منهن ته ڌوئيندي ڪر، ڦڻي ته ڏيندي ڪر” اهو سڀ ٻڌي تنهنجو بلڊ پريشر هاءِ ٿي ويندو هو. ڪاوڙ مان چوندي هئين ته “ڪهڙا نوڪر رکي ڏنا اٿئي، گهر جو ڪم ڪيان ٻارن کي سنڀاليان يا پنهنجو هار سينگار ڪيان؟” هاڻ ته سائين حالتون ئي مٽيل آهن. هاڻ ته صبح جو سوير اٿي سڀ ڪجهه تيار ڪري پوءِ مون کي اٿاريندي آهين. پاڻ مون کي وقت جو احساس ڏياري جلدي ڪرڻ لاءِ چوندي آهين. اڳ صبح جو ٻارن جو گوڙ متو پيو هوندو هو. ڪنهن جو يونيفارم استري ٿيل ڪونهي ته ڪنهن جو بوٽ پالش ٿيل آهي ته جوراب ڪو نه پيا ملن. اصل جنگ جو ميدان لڳو پيو هوندو هو گهر. هاڻ ائين هر ڳالهه صحيح وقت کان اڳ ۾ هر شيءِ فٽ فاٽ . . . وڏي ڳالهه ته اها آهي ته هاڻ تون به صاف سٿري هوندي آهين. اکيون کول ته تنهنجو منهن ڌوتل ڦڻي ڏنل صاف سٿرو چهرو نظر ايندو!! هوءَ کلندي کلندي مون کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندي رهي ۽ مان به ان سان گڏ کلندي رهيس. . .
حقيقت به اها آهي ته نوڪري ڪندڙ عورت چست چالاڪ رهندي آهي. گهر جي ماحول کان ٻاهر نڪري هوءَ پاڻ کي خوش سمجهندي آهي. گهرن ۾ هزار مسئلا، گهريلو خانداني جهيڙا، انهن کان پري ڪجهه ٽائيم پر سڪون ۽ ڪنهن مقصد لاءِ گذاريو ويندوآهي.
نوڪري ڪندڙ عورتون ٻٽيون جوابداريون سنڀاليو ويٺيون آهن، مرد ته نوڪري ڪري موٽندا ته انهن کي پاڻي ۽ کاڌو به کٽ تي گهرجي. گهر جي ڪم ڪار سان انهن جو ڪو به واسطو نه هوندو آهي. عورت ويچاري نوڪري ڪري پوءِ سڄي گهر جو ڪم ڪار ڪري. مٿان ٻارن جي پڙهائي ڏي توجهه ڏيڻ به ان جي حصي ۾ اچي پوندو آهي. ڇو ته عورت به پڙهيل لکيل آهي ان ڪري مرد جي اها جوابداري به ڇُٽي . . . ٻار به وڌيڪ ويجهو ماءُ جي هوندا آهن. ان ڪري هو پيءَ کي گهٽ وچڙندا آهن. اسڪولن ۾ ڏٺو ويو آهي ته جڏهن داخلائون ٿينديون آهن يا امتحانن جي رزلٽ آئوٽ ٿيندي آهي يا وري استادن ۽ مائٽن جي پڙهائي جي باري ۾ گڏجاڻيون هونديون آهن ته ات به عورتن جو تعداد مردن جي مقابلي ۾ گهڻو هوندو آهي . . .
شهري پڙهيل لکيل عورت نوڪري ڪري ٿي ته ٻهراڙيءَ جي اٻوجهه عورت به ڪا گهٽ ڪونهي. ان اٻوجهه عورت جو ته ڪو حال همدرد به ڪونهي. ٻهراڙي جي عورت جسماني پورهيو گهڻو ڪندي آهي. بٽئي کان وٺي ڦٽين جي چونڊي تائين هوءَ ڪم ڪري ٿي. گهر جو ڪم ۽ ان سان گڏ رليون ٺاهڻ، ملهه تي ڀرت ڀرڻ ۽ راتين جو دير تائين ويهي اکين جو نور نچوئڻ. ان جي باوجود به ان کي سڪون ڪونهي، پيار محبت تحفظ جيڪو کيس ملڻ گهرجي نه ٿو ملي.
ٻهراڙي جي عورت جي مسئلن تي ته الڳ گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. هن وقت نوڪري ڪرڻ واري عورت، جيڪا ٻٽيون ڀوڳنائون ڀوڳي رهي آهي، ان جي مسئلي تي لکڻو آهي. گهر جيڪڏهن پر سڪون آهي، هڪ ٻئي جي لاءِ احساس ۽ ذميوارين جو قدر آهي ته پوءِ ڪو به مسئلو، مسئلو نه رهندو آهي هن ڪيو ته ڇا، مون ڪيو ته ڇا. . . ها پر ڪن گهرن ۾ جڏهن رينگٽ لڳو پيو هوندو آهي. ذميوارين جو ٻوجهه عورت تي گهڻو هوندو آهي، ذميوارين جي پورائي جي باوجود به قدر نه ٿيندو آهي ته اها عورت ذهني انتشار ۽ بي سڪوني جي ڪري مختلف بيمارين جو شڪار ٿي ويندي آهي. مان سمجهان ٿي ته پيار محبت سان ماڻهو جبل به کنيو ڇڏي ۽ رينگٽ وارو هڪ ڪکُ به چُڀندو آهي، تڪليف ڏيندو آهي. . .
اهڙي ئي هڪ عورت جيڪا گهريلو مسئلن ۽ معاشي مصيبتن جو شڪار آهي، ان کان هڪ دفعو پڇيو هيم ته تون ڇا ٿي چاهين؟ تون ڇا سوچيندي آهين؟ ڪا اهڙي خواهش ٻڌاءِ جيڪا پوري ٿيڻ تي توکي سڪون ۽ راحت ملي؟ ان ڏاڍو نراسائيءَ سان چيو: مان اها سڪون واري ننڊ ڪرڻ چاهيان ٿي، جنهن ننڊ ۾ منهنجي ذهن ۾ سوچون نه هجن، ڪو بار نه هجي! بس اکيون بند ڪيان ته ننڊ اچي وڃي، اهڙي پر سڪون ننڊ جنهن ۾ نه ته ڪي سوچون هجن ۽ نه وري ڊپ ڏيارڻ وارا خواب هجن . . .
چوڻ لاءِ ته هي سڀ ننڍڙيون ڳالهيون آهن. ها پر انهن کان ته وڃي پڇو جيڪي ڀوڳين پيا ته هي سڀ ڇا آهي؟ سڪون، پيار ۽ محبت حاصل ڪرڻ ۽ ڏيڻ اهو ئي انسانيت جو بلند ترين درجو آهي. مون کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته پيار محبت سان ئي، هڪ ٻئي جو احساس ڪرڻ سان ئي، اسان جا گهريلو مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

آچر 5 مئي 1991ع

پنهنجي وڍئي جو نه ويڄ نه طبيب

ٻه اکيون، اهي ٻه گول گول، ٻاهر نڪتل، دهشت حراس ۾ ڦاٿل. ان ڪُرد ٻار جون ٻه اکيون، جيڪي هڪ اخبار ۾ ڏٺم. هو ٻار پنهنجي پريشان حال ماءُ جي هنج ۾ ويٺو هو. حيران پريشان، بک کان بيحال ڏسي رهيو هو. ٻار، هڪ بي سمجهه ٻار جيڪو نه ڪجهه سمجهي سگهي ٿو ۽ نه وري سمجهائي سگهي ٿو. ها پر اُن ٻار جون اُهي ٻه اکيون سڄي دنيا لاءِ هڪ پريشان حال پيغام هيون. اُن پيغام کي سمجهيو وڃي ته گهڻو ڪجهه آهي نه سمجهجي ته ڪجهه به ناهي.
چوندا آهن اکيون ڳالهائينديون آهن. اکين مان هر راز عيان ٿي ويندو آهي. اکيون پيغام ڏينديون ۽ وٺنديون آهن. اکيون ڏوراپا ميارون ڏينديون آهن. خبر نه آهي ڇا ڇا ڪنديون آهن هي اکيون.
هن ڪُرد ٻار جون اهي اکيون سڄي دنيا کي ڄڻ ته هي چئي رهيون آهن: ڀلا منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جنهن جي ڪري مون کي هيءَ بک ۽ غريب الوطني ملي آهي...!؟ ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته روزانه سون جي تعداد ۾ ڪُرد ٻار مري رهيا آهن. اُنهن کي دفن ڪيو پيو وڃي، اُنهن واٽن رستن پهاڙن تي جت هي ڪُرد قوم خيما اڏيو ويٺي آهي. ٻار مري وڃي ٿو ته مائرون ڪنهن کي ٻڌائن ئي نه ٿيون ته ڪو هي ٻار مري چڪو آهي. جڏهن سڀن کي خبر پئي ٿي ته فلاڻي عورت ٻن ڏينهن کان مئل ٻار کي هنج ۾ کنيو ويٺي آهي ته پوءِ ان کان ڇڪي پٽي رڙن واڪن جي آواز ۾ ٻار کي ڌرتيءَ حوالي ڪيو ويندو آهي.
هي سڀ تباهيون، هي سڀ برباديون ۽ انسانن جو قتل عام ورثو آهي اُنهن جنگين جو، جيڪي بغير ڪنهن سبب جي شروع ٿينديون آهن. تباهه ڪاريون، برباديون ڪندڙ هي جنگيون جن جو اثر اُنهن علائقن ۾ سالن تائين رهندو آهي.
ڪُرد قوم جي باري ۾ پنهنجي منهنجي ڄاڻ ايتري گهڻي نه آهي. جيڪا ٿوري گهڻي اٿم اُن کي زياده وضاحت سان نٿي لکي سگهان، ڇو ته ڳالهه جيڪا ڪجي سا پوري ۽ صحيح ڪجي. ها باقي ان ڳالهه جي خبر سڀني کي آهي ته ڪُرد قوم بغير ڌرتيءَ جي هڪ اهڙي قوم آهي جيڪا جنگجو بهادر قوم آهي. خبر نه آهي ته ڪهڙين غلطين پٺيان هيءَ قوم پنهنجي اصل ڌرتيءَ کان الڳ ٿي. ڪجهه سال اڳ ته اُنهن کي اهو حڪم مليو هو ته هو پنهنجي ٻولي به نه ڳالهائين. ڪيترا سال ڪُرد قوم جا ماڻهو گهر ۽ گهر کان ٻاهر پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي ڊڄندا هئا، ڇو ته انهن کي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ تي سزا ملندي هئي. سالن جي مزاحمت ۽ جدوجهد کانپوءِ انهن کي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ جو حق مليو آهي. ان ڳالهه ۾ شڪ شبهي جي گنجائش ئي ڪانهي ته اهي سڀ ظلم زيادتيون ڪرد قوم تي تڏهن ئي ٿيون هونديون جڏهن ان قوم ۾ پنهنجا ئي غدار ۽ ضمير فروش ٿيا هوندا.
قومن جا تختا تڏهن نڪرندا آهن. وجود فنا تڏهن ٿيندا آهن جڏهن پنهنجي قوم جا ماڻهو پنهنجو ضمير وڪڻي، ذاتي فائدا حاصل ڪري هليا ويندا آهن. اُها قوم نڌڻڪي ٿي صدين تائين ساهه به نه کڻي سگهندي آهي. ڪرد قوم بهادر، ويڙهاڪ ۽ سرتان آهو کڻي هلڻ واري قوم آهي. هنن جي ٻولي تي فارسي ۽ پشتو جو گهڻو اثر نظر ٿو اچي. هڪ پاسي ايران، ترڪي، افغانستان ۽ ٻين قومن ۽ علائقن ۾ به ڪرد گهڻا ٿا رهن. مون کي ان ڳالهه جي ڄاڻ چڱي طرح نه آهي ته هن قوم سان ڪهڙي ويڌن ٿي هئي جنهن جي ڪري هيءَ قوم ائين بي آسرا ٿي ويئي آهي. سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته صلاح الدين ايوبي جهڙو ماڻهو به ڪُرد هو. صلاح الدين ايوبيءَ جنهن صليبي جنگين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اُن جي قوم جو وڃي اهڙو حال ٿيندو تنهن جو ڪير ٿو سوچي سگهي.
قومن جي زوال ۽ ڪمال جو دارومدار، قوم جي پنهنجي ذاتي ڪردار تي وڌيڪ منحصر هوندو آهي. ٻيون قومون يا دشمن ملڪ ته هر وقت ڳجها وار يا کليل هلائون ڪندا ئي رهندا آهن، جڏهن قومون پاڻ ڪمزور ٿينديون آهن. جڏهن اُنهن ۾ پنهنجا غدار ۽ ضمير فروش پيدا ٿيندا آهن. اُن وقت ئي قومون برباديءَ جي ڪناري تي پهچنديون آهن. اهڙيون لاغر، سست ۽ ڪمزور قومون پوءِ پنهنجين ڪوتاهين کي ڏسڻ بجاءِ ٻين کي پيون ميارون ڏينديون آهن. پنهنجا عيب لڪائڻ لاءِ هو ٻين جون عيب جويون پيون ڪنديون آهن.
قومون اُن وقت مضبوط هونديون آهن، جڏهن اُنهن جا قدم زمين تي کتل، پاڙون پاتال تائين ۽ ٻولي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ جو حق هوندو آهي. انهن ڳالهين مان اگر ڪنهن هڪ جي به گهٽتائي ٿي ويئي ته اُها قوم پنهنجو بيلينس نه رکي سگهندي. ڊاما ڊول ٿي آخر تباهيءَ جي ڪناري تي وڃي پهچندي آهي.
قوم جي آبادي ۽ بردبادي جا نفسياتي ۽ اخلاقي پهلو به ٿيندا آهن، هي پيٽ بڇڙي بلا آهي. بک ۽ بيروزگاري انسان کي تشدد لاءِ اُڀاريندي آهي. غلط ڪمن جي ڪري انسان ۾ هيجاني ۽ جنوني ڪيفيتون جنم وٺنديون آهن. ها سائين وري ڀريل پيٽن جا نخرا ته وري وڏا هوندا آهن ڀريل پيٽ، جسماني ۽ ذهني سڪون، دولت جي گهڻائي وري انسانن کي ذهني ۽ جسماني عياشيءَ ڏي مائل ڪندي آهي. اهڙو ئي حال شروع کان وٺي اسان جي سنڌ ڌرتيءَ ۽ ماڻهن جو رهيو آهي. اسان جي معاشري ۾ هيٺ مٿائين ايتري ته گهڻي آهي جو امير ته ڇا اميرن جا ڪُتا به شهزادا آهن. هوڏانهن وري غريب وري ايترو غريب آهي جو مانيءَ جي ٽڪر لاءِ پيو ٻاڏائيندو آهي.
انگريزن جي اچڻ کانپوءِ ٿورو گهڻو اثر ٿيو جو ماڻهو تعليم حاصل ڪري سرڪاري نوڪرين ۾ آيا. هاڻ شهرن ۾ ڪافي حد تائين اهو نوڪري ڪندڙ وچولو طبقو موجود آهي جيڪو پاڻ آڻي، چاڙهي ۽ کائي ٿو. وري به ٻهراڙيءَ جي حالتن ۾ اڃا وڌيڪ گهڻي تبديلي نه آئي آهي.
ان اڻ پوري برابري جي ڪري به گهڻا نقصان ٿيندا آهن. انسان بحرحال انسان آهي. سڀني جو ساهه ۽ ضرورتون هڪ جهڙيون آهن. هيءَ بک، بيروزگار ۽ غريب الوطني ڏاڍي بڇڙي هوندي آهي. انسان کان هوش ۽ حواس ڇڏائجي ويندا آهن. پوءِ وري ڇا ٿيندو آهي؟ جوش ۽ جذبات ۾ اچي انفرادي حيثيت ۾ ڪيل فيصلا قومن جو ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيندا آهن.
اُهو ننڍڙو ڪُرد ٻار، جيڪو بک جي ڪري ايترو ته ڪمزور ۽ لاغر ٿي ويو آهي جو چهري تي صرف ٻه وڏيون کليل اکيون نظر ٿيون اچن. اسان لاءِ توهان لاءِ ۽ سڀني لاءِ عبرت جو مقام آهن. هي کليل ويران بک جون ستايل اکيون پيغام آهن ته ڏسو عبرت حاصل ڪيو، جن قومن پنهنجي ڌرتي ڇڏي، پنهنجي زبان ڇڏي. جن ۾ پنهنجائي غدار پيدا ٿيا، اُها قوم پوءِ ڪڏهن به وري پنهنجي ماڳ تي موٽي نه سگهندي آهي.

آچر 12 مئي 1991ع

پنهنجائپ ۾ مليل سزا

قومن جي سڃاڻپ ٻن ڳالهين سان ٿيندي آهي: هڪ انهن جي ڌرتي جتي هو رهن ٿا ۽ ٻيو ته اُهي جيڪا ٻولي ڳالهائين ٿا. جيڪي قومون پنهنجي ڌرتي تان ڌڪجي ويون يا جن قومن پنهنجي ٻوليءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، اهي قومون تباهه ۽ برباد ٿي ويون آهن.
سنڌي قوم انهن خوش قسمت قومن مان آهي، جنهن کي پنهنجي ڌرتي به آهي ته پنهنجي ٻولي به. ڌرتي به اهڙي ڌرتي جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. ٻولي به اهڙي ٻولي جنهن جي تاريخ صدين تائين ڦهليل آهي. سنڌ جي ڌرتي ۽ اتان جا ماڻهو صدين کان وٺي سڄاڻ، علم وارا، محنتي رهيا آهن. موهن جي دڙي جي حقيقت کان وٺي ويندي اڄ تائين ٿوري گهري نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ مٿان ڇانيل ڪارا ڪڪر، هي افراتفري، هي علم ۽ شعور ي گهٽتائي، هي خواه مخواه جون ابتيون سبتيون ڳالهيون، گذريل ٽن چئن صدين کان ڦهليل آهن. بجاءِ ان جي جو ان ۾ ڪمي اچي، روزبروز ان ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي. بجاءِ ان جي جو سنڌي قوم پنهنجو بچاءُ ڪري، مزاحمت ڪري يا وري شيطاني قوتن سان مقابلو ڪري، افسوس جو مقام آهي ته هيءَ قوم نه صرف ٻاهرين کان موچڙا کائي رهي آهي، پر ان ۾ اندروني ٽوڙ ڦوڙ ۽ ٻڌي ايڪي جي نه هئڻ ڪري هي قوم آهستي آهستي هڪ ڌٻڻ ۾ دٻجي رهي آهي.
هي محنتي، علم، شعور واري قوم، آخر هن تباهي جي ڪناري تي ڇو ۽ ڪيئن پهتي؟ هن سوال جا انيڪ جواب آهن. ها پر هڪ مضبوط سهل ۽ سمجهڻ وارو جواب هي آهي ته سنڌي قوم دل جي کوٽي نه آهي پر نيت جي صاف ۽ معصوم آهي، ان ڪري ئي هن قوم کي هر ڌاري قوم نقصان پهچايو آهي.
پري نه وڃو، ويجهڙ جي ڳالهه ئي وٺو، اڄ کان چاليهه سال اڳ اسلام جي نالي، ڀائپي جي نالي، بليڪ ميل ڪيو ويو. جڏهن ٻين صوبن جي رهواسين پنهنجا ايئرپورٽ ۽ ريلوي اسٽيشنون بند ڪري ڇڏيون هيون، آيلن جون ڀريل ٽرينون ۽ بسون پنهنجي سرحدن تان موٽائي ڇڏيون هيون، تڏهن هتان جي ماڻهن نه صرف پنهنجي صوبي جون سرحدون پر دل ۽ اکين جون سرحدون به کولي ڇڏيون. دماغ کي برف وانگر ڄمائي اکين تي ڪارا کوپا چاڙهي ڇڏيائون. بس سائين اها ئي وائي وات ۾ “اسان جا مسلمين ڀائر ويچارا سٽجي ڪٽجي آيا آهن، ات هندستان ۾ نه انهن جون جانيون محفوظ هيون نه وري عزتون، هاڻ ويچارا اهي مسلمان ٿيلهجي ڌڪجي هت آيا آهن انهن جي سک چين لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو وڃي.”
ڪيڏيون نه ڪوتاهيون ڪيون هن قوم، ڪيترا نه غلط فيصلا ڪيا هئا اسان جي وڏن مسلماني واري جذبات وهڪري ۾، هو سڀ ڪجهه وساري ويٺا. ٻاهران آيلن سنڌ کي فتح ڪو نه ڪيو هو. ٻاهران آيل گروه هت پناه وٺڻ آيو هو، حڪومت ڪرڻ نه، پر اسان جا وڏا، جيئن مان مٿي به لکي آئي آهيان، نيت جا صاف هئا، انهن جذبات ۾ اچي، مُسلماني پٺيان غلط فيصلا ڪري. انهن نه صرف گهر ۽ زمينون انهن جي حوالي ڪيون پر پنهنجي ٻولي پنهنجي تهذيب جو به ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته ٻاهران آيل هڪ گروه جنهن کي همدردي طور قبول ڪيو ويو، ان جي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي بڻايو وڃي، انهن جا شاعر ۽ اديب قومي شاعر ۽ اديب ٿين. اها ايڏي وڏي ڪوتاهي سنڌي ماڻهن ڪئي آهي جنهن جو ڪو حساب ئي ڪونهي. بنگالين وري به ٿوري اک پٽي انهن يڪدم هاءِ گهوڙا ڪئي ۽ پهنجي ٻوليءَ جو، پنهنجي تهذيب جو حق وڙهي وٺي ويهي رهيا. سنڌين جي ڪيل ڪوتاهين جو انت وڃي اهو بيٺو آهي ته هاڻ هر ڳالهه ۾ ڪفر ۽ غداري جا الزام لڳايا وڃن ٿا، هتان جا اصل رهواسي جيڪي صدين کان وٺي هت رهن پيا، هو ڪٿان آيا ڪيئن آيا پر هو سڀ هتان جهڙن ماڻهن جا ٿي ويا، انهن لاءِ ٻي ڪا واٽ يا رستو ئي ڪونهي، انهن کي هر وقت غدار ۽ ڪافر جو لقب ڏنو ٿو وڃي. هي مثال ئي وٺو: بهاري، جيڪي بنگلاديش جي ڪئمپن ۾ رهن پيا جن موجوده پاڪستان، جيڪو چئن صوبن تي ٻڌل آهي، ان کي ڏٺو به ڪونهي، ات پير به ڪو نه پاتو آهي، انهن کي اها خبر نه آهي ته هتان جون گهٽيون هتان جا شهر ڪهڙا ۽ ڪٿي آهن، اهي سڀ محب وطن ۽ پاڪستان جا اصل وارث سڏيا ٿا وڃن، باقي اهي ماڻهو جن جو هن ڌرتي سان ازل جو رشتو آهي، جن لاءِ ٻي ڪا واه، رستو يا زمين آهي ئي ڪو نه انهن سڀ کي بڇڙو ۽ غدار ڪوٺيو ٿو وڃي.
پاڪستان جيڪو چئن صوبن تي ٻڌل آهي. انهن مان سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن جي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت سڀني کان مٿڀري ۽ تاريخي آهي. ڪڏهن عربي زبان کي اسلامي ۽ مذهبي زبان چئي هتان جي ماڻهن جي مٿان مڙهي ويو، ڪڏهن فارسي زبان کي عزت مان واري زبان ڪوٺي، “فارسي گهوڙي چاڙهسي” چئي هتان جي ماڻهن مٿان مڙهيو ويو. انگريزن کي عقل گهڻو هو. هو سمجهدار هئا ان ڪري انهن پنهنجي زبان رائج ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌي زبان کي به ترقي ڪرائي ۽ اهميت ڏني. هو گڏيل هندستان مٿان قابض هئا، انهن ۾ ڪيتريون ئي خاميون به هيون، پر ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته انهن جت به حڪومت ڪئي اتان جي ڌرتي اتان جي رهواسين جي تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب ۾ به دلچسپي ورتي.
هي اهو واحد گروه آهي جيڪو هن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کي پنهنجو سمجهي ئي نه ٿو ۽ ان هوشيار گروه شروع کان وٺي پنهنجا پير ايترا ته پختا ڪيا آهن جو هاڻ انهن کي لهر نه لوڏو. جيئن ته هن ڌارئي گروه جو گهڻو تعداد هت سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو آهي، ان ڪري ئي سنڌين لاءِ مسئلا پيدا ٿيا آهن.جيڪڏهن هي سڀ ماڻهو چئني صوبن ۾ ورهائجي وڃن ها ته شايد ايترا مسئلا پيدا نه ٿين ها. هي ماڻهو پاڻ کي پاڪستان جو مهندار ۽ ٺاهڻ ۽ قربانيون ڏيڻ وارا ڪوٺين ٿا. اهي سڀ احسان هو سنڌ جي ماڻهن تي ٿا جتائين پيا. ٻين صوبن لاءِ انهن کي ڪجهه چوڻ جي نه همت آهي نه طاقت. ها باقي رهيا ويچارا سنڌي تن تي هر وقت هلان آهي ته اسان توهان کي ٺاهيو، اسان توهان کي عزت ڏياري، اسان توهان جاهلن کي علم سيکاريو، اسان توهان کي کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ وغيره وغيره سڀ ڪجهه سيکاريو.
انهن لاءِ پاڪستان صرف سنڌ ۾ آهي. سنڌ ۾ به صرف ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر انهن لاءِ پاڪستان آهي. اتان جا رهواسي ئي صرف انسان آهن. باقي ٻيا سڀ انهن لاءِ جانورن کان به بدتر آهن. انهن جي لهجي مان محسوس ٿيو آهي ته حقيقت ۾ سنڌ نالي هڪ صوبي جو وجود ئي ڪو نه هو. جڏهن انهن ات هندستان ۾ پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا ته هت ڌرتي ڦاٽي پئي ۽ ان ڦاٽل ڌرتي مان خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ٺهيل ٺڪيل حالت ۾ گڙ ڳڙ ڪندا ٻاهر نڪري آيا. يا وري ائين به محسوس ٿي رهيو آهي ته هي جڏهن هت آيا هئا ته ڪراچي ۽ حيدرآباد کي بغل ۾ وجهي کڻي آيا هئا.
ان گروهه کي پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان سان ڪا دلچسپي نه آهي. هنن انهن صوبن انهن ماڻهن لاءِ به مسئلا کڙا ڪيا آهن جيڪي هت وڏن شهرن م رهن ٿا. ٻين صوبن جا ماڻهو حقيقت ۾ سنڌي قوم کان وڌيڪ همت ڀريا آهن هو کسي کائين ٿا ۽ وڙهي وٺن ٿا.
هي تازي ڳالهه آهي، رياض ٽاٽا جيڪو پنجابي سرمائيڪار آهي، ان آل پاڪستان پنجابي اتحاد جي عيد ملن پارٽي ۾ چيو ته “پنجابين کي پنهنجي گهر ۾ پنجابي ڳالهائڻ کپي ڇو ته پنهنجي مادري زبان ۾ ئي انسان پنهنجي دل جي صحيح ترجماني ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻه پنجابي اردو ڳالهائين ٿا ته معنيٰ هو غلط بياني کان ڪم وٺن پيا سي پنجابي قوم جا غدار آهن.”
بس سائين ٿيو وري ڇا، هاءِ گهوڙا مچي وئي ته رياض ٽاٽا غدار آهي، ان قومي زبان جي بيعزتي ڪئي آهي، ان تي ڪيس هلايو وڃي. بيانن جي مٿان بيان ڇپيا جواب جي ايڏي ڀرپور همت ڪئي رياض ٽاٽا ۽ نذير ڪهوٽا، اصل وڻ وڄائي ڇڏيا. انهن چيو ته “پنجابين کي پنهنجي گهر ۾ پنجابي ڳالهائڻ کپي ڇو ته پنهنجي مادري زبان ۾ ئي انسان پنهنجي دل جي صحيح ترجماني ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻه پنجابي اردو ڳالهائين ٿا ته معنيٰ هو غلط بياني کان ڪم وٺن پيا ۽ اها غلط بياني ڪوڙ جهڙي آهي.” ان اهو به چيو ته “جيڪي پنجابي پنهنجي گهرن ۾ اردو ڳالهائن ٿا سي پنجابي قوم جا غدار آهن.”
اُنهن هڪ ٻيو بيان به ڪڍيو، انهن چيو ته “پنجابين جي زبان پنجابي آهي اردو نه . . . پناهگيرن جو بيان ست ڪروڙ پنجابين جي توهين آهي. اردو کي ڇڏڻ يا اردو کي پنهنجو ڪرڻ پنجابين جو داخلي معاملو آهي ان ۾ ڪير ٻيو داخل اندازي نه ڪري . . .” انهن اهو به چيو ته “غداري جو مقدمو انهن ماڻهن تي هلايو وڃي جيڪي ٻائيتاليهن سالن ۾ پاڪستان جي زبانن جو استحصال ۽ قتل ڪرڻ ۾ مصروف آهن.” هي جواب ملڻ کان پوءِ گذريل ٻن ڏينهن کان ماٺار آهي. ڪو به نئون بيان نه آيو آهي. سائين منهنجا چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. جيڪي پنهنجي حقن لاءِ وڙهن ٿا قدر به انهن جو آهي ته عزت به انهن جي.
اسان سنڌين جو حال وري ڪهڙو آهي. مِٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ. الله جي به اهڙي لعنت پيل آهي اسان سنڌين مٿان جو مرون پيا، ڪسجون پيا، تباه برباد پيا ٿيون، سڀ ڪجهه سمجهون به ٿا پر پاڻ ۾ ٻڌي نه آهي. سنڌ جي نالي پٺيان سنڌ قوم جي نالي پٺيان رت ته رئون ٿا پر گڏجي نه ٿا سگهون. سڀ ڪنهن جي الڳ واٽ، سڀ ڪو هڪ ٻئي کان پري. جڏهن بهارين جي خلاف مظاهرن جو پروگرام ٺاهيو ويو ته به الڳ الڳ. سڀ ڪنهن الڳ تاريخن جو اعلان ڪيو. فائدو ڇا ٿيو؟ نه صرف ايترو ته ڇڙوڇڙ ڪيل مظاهرن جو ڪو کڙتيل نه نڪتو پر حالت اها ٿي جو ڪا زوردار خبر ئي نه ڇپي.
هاڻ تازو پاڻي جي ٺاهه ۽ ٻين مسئلن تي به سڀني پارٽين الڳ الڳ پروگرام ٺاهي تاريخن جو اعلان ڪيو آهي. اڄ ممتاز ڀٽو ٿو ڪري، سڀاڻي جيئي سنڌ وارا ڪرائيندا، پرينءَ پليجو . . . اهو ته گڏجي سڏجي پاڻ ۾ ويهي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائي لاءِ ڪجهه به نه ڪندا.
آخر اهو به ڏينهن ايندو (انشاءالله ضرور ايندو) هي ڏتڙيل ۽ پريشان قوم سڀني سنڌي ليڊرن جي مٿان ڪاهي پوندي. سڀ حساب ڪتاب وٺندي انهن کان جيڪي پنهنجي انا ۽ خود غرضي پٺيان هن قوم جو ٻيڙو ٻوڙي ويٺا آهن.

19 مئي 1991ع

شيخ اياز وڇڙي وڃڻ کان اڳ

هيڏي ڌرتي هيڏا ماڻهو، هيڏو هُل هجوم
پوءِ به مان اڪيلو آهيان، ڪنهن کي ڇا معلوم

سنڌي جي نامياري ۽ مهان شاعرشيخ اياز جو هي شعر دل تي تري آيو آهي. شيخ اياز جيڪو اڄ ڪلهه زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي بيٺو ويڙهه وڙهي. زندگيءَ جي هن چوواٽي تي جت انسان جو ذهن وسيع کان وسيع تر ٿيندو رهي ٿو. جت زندگيءَ جي اوچائين لاهين چاڙهين تان اُڪرندي ذهن پختو ٿيندو رهي ٿو. ها پر هي ڪيڏو نه ظلم آهي ته جڏهن ذهن جو حدون جذبن جون سرحدون اُڪاري وڃن ٿيون اُن ويل انسان جو جُسم آهستي آهستي ڀڄندو ۽ ڀرندو رهي ٿو، پنهنجي هٿن مان هي وجود نڪرندو. سرُندو ۽ باغي ٿيندو نظر ايندو آهي. ڪيڏي نه وڏي بي وسيءَ جو وقت ۽ نظارو آهي. هيءُ.
ڌرتيءَ تي رهندڙ وسندڙ انساني جيون جا هزارين نشان ۽ رنگ روپ آهن. ٻاراڻي وهي ته اصل بادشاهي آهي. جوانيءَ جي رنگ ڍنگ جو ته ڪو ملهه ئي نه آهي. بي پرواهه اڏري جواني مٿان هجي انسان. ڏات ڌڻي به اهڙو ارڏو جنهن پنهنجي وجود جون سڀ ڀوڳنائون ڀوڳيون به ته ڀوڳايون به. ڪير ٿو وساري سگهي ڀؤنر ڀري آڪاس ۽ ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي جهڙي ڪوي ۽ نثرنگار کي. اُها شاعري جنهن ۾ عشق جي بلندي، وجود جي ويڙهه ۽ احساسن جي جنگ جو سبق ڏنل آهي.
جڏهن مون کان ڪونئون لکندڙ يا ليکڪا پڇندي آهي ته سٺي لکڻ لاءِ ڪهڙن ڳالهين جي ضرورت آهي. ته مان کين چوندي آهيان ته جيستائين لکندڙ ادب نه پڙهندو تيستائين سٺو لکي نه سگهندو. ڪتابن پڙهڻ ۽ سٺا ڪتاب پڙهڻ سان ئي سوچن ۾ وسعت ۽ قلم ۾ پختگي ايندي آهي. وري پڇيو ويندو آهي ته ڪهڙا ڪتاب پڙهجن. اُن ويل مان چوندي آهيان ته شاهه لطيف ته هونئين اسان جو رهبر آهي. اهو ڪجهه چوڻ جي ضرورت ئي ناهي ته شاهه لطيف کي پڙهيو وڃي. هي اُهو لازمي پيپر آهي جنهن کي پڙهڻ کانسواءِ پاس ٿي ٻئي ڪلاس ۾ وڃڻ ناممڪن آهي. چاهي توهان ٻين پيپرن ۾ سو فيصد مارڪون ئي ڇو نه کڻو......... ها باقي اهو لکڻ ضروري آهي ته توهان سڀ کان پهرين پنهنجي تاريخ کان واقفيت حاصل ڪريو. جنهن ڌرتيءَ تي توهان رهو ٿا اُن جي ماضيءَ کان واقفيت حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي. ها سائين اهو به سچ آهي ته جنهن ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ڪتاب ڪين پڙهيا آهن ته معنيٰ ڪجهه به نه پڙهيو آهي (هيءُ منهن جي ذاتي راءِ آهي) شيخ اياز جي پوءِ واري شاعري جيڪا انيڪ ڪتابن تي مشتمل آهي. اُن جي به هڪ وڏي جاءِ آهي. هن مهان انسان جي لکيل هڪ سٽ پنهنجي جاءِ تي هڪ جذبو ۽ پيغام رکي ٿي. اُها سوچ ۽ اهُو پيغام پنهنجو لڳي ٿو. پنهنجي اندر جو آواز محسوس ٿيندو آهي. پنهنجون پيڙائون پنهنجون ڀوڳنائون محسوس ٿينديون آهن. لڳندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه مون ئي لکيو آهي يا منهنجي لاءِ ئي لکيو ويو آهي ڇو ته هڪ انساني جيو جي حيثيت سان اهي سڀ وارتائون اسان جي مٿان به گذرن ٿيون. اسان به اهو سڀ ڪجهه ڏسون ۽ محسوس ڪيون ٿا جيڪو هڪ شاعر هڪ ڏات جو ڌڻي محسوس ڪري ٿو ۽ لکي ڪاغذ ڪارا ڪري ڪتابن جا ڪتاب ڀري ٿو ڇڏي ۽ اهي سڀ ڪتاب سڀني جي اندر جو آواز ٿي پون.
وجود جي جنگ سڀ کان وڏي خطرناڪ جنگ هوندي آهي. اها جنگ گهڻو ڪري ڏات جا ڌڻي ئي وڙهندا آهن. اُن ڪري ئي اُنهن جو وجود وقت کان اڳي ئي ڀرندو ۽ ساٿ ڇڏيندو ويندو آهي. مختلف قسم جون بيماريون ۽ آس پاس مان ملندڙ نراسايون وقت کان اڳ ۾ ئي انسان کي ماريو ڇڏين. اڄ خبر نه آهي ڪيئن هجت ڪري هي ٻه چار لفظ شيخ اياز تي لکي رهي آهيان. اهو شيخ اياز جنهن جو وجود اڄ به اسان جي وچ ۾ موجود آهي. شيخ اياز جو وجود اسپتال ۾ پنهنجن احساسن جي جنگ وڙهي رهيو آهي. ذهن ۽ وجود جي جنگ جنهن ۾ هڪ ڏينهن اهو به ايندو جو وجود اها جنگ کٽي ويندو ۽ ذهن پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندو اها وجود جي جنگ هر انسان اڪيلو ئي وڙهندو آهي. اڪيلو ئي محسوس ڪندو آهي. اسان توهان سڀ دعا ڪري سگهون ٿا. محسوس ڪري سگهون ٿا پر ڪري ڪجهه به ڪونه ٿا سگهون.
ياد اٿم اُهو ڏينهن جڏهن مون کي شيخ اياز فون ڪري چيو ته طارق اشرف شيخ اياز نمبر پيو ڪڍي. سلطانه تون به ڪجهه لکي ڏي. مان حيران ٿيندي چيو سائين توهان تي لکان؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي..... چيائين اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي سلطانه مان سمجهان ٿو ته تون ئي مون تي بهتر ۽ سٺو لکي سگهندينءَ......مون کي لڳندو آهي ته تون مون کي تمام چڱي طرح پڙهيو آهي. هيئن ڪر جو تون منهنجي لکيل هنن صنفن مان ڪنهن هڪ تي ڪجهه لک جيئن نظم ۽ گيت آهن.
طارق اشرف مون کي چوي ها ته شايد مان پنهنجي عقل سمجهه آهر ڪا ڪچي پڪي شي، لکي وٺان ها. پر شيخ اياز پاڻ فون ڪري ڄڻ ته مونتي ظلم ڪري ڇڏيو. سندس ڪيل تعريف ڄڻ ته مون کي ڊيل پروموشن ڏئي ڇڏيو هو. وري آيو طارق اشرف جو فون اُن به تاڪيد ڪئي. هاڻ ته مون کي ڪجهه سمجهه نه پئي آيو. گهڻائي دفعا لکڻ لاءِ ويٺس هڪ لفظ به لکي نه سگهيس. رسالو پريس ۾ وڃڻ لاءِ تيار هو طارق اشرف فون ڪري وري مونکي چيو. مان کيس ٻڌايو ته مان ته ڪجهه به لکي نه سگهي آهيان. وري فون آيو شيخ اياز جو مان ته صفا شرمندي ٿي ويس، چيم سائين مان اوهان تي ڪجهه به لکي نه ٿي سگهيان ۽ نه وري لکي سگهندس مون کي ان ڳالهه لاءِ معافي ڏيو. بهرحال اسان جهڙن ننڍڙن ماڻهن لاءِ مهان ماڻهن جا چيل ٻه ئي لفظ فخر کان گهٽ نه آهن.
اڄ اياز تي ڪجهه لکندي مون کي پنهنجي اُن اوڻائي جو احساس شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي. ڇا چوان شيخ اياز لاءِ؟ ڇا لکان شيخ اياز لاءِ؟ شيخ اياز جنهن اڌ صديءَ کان وڌيڪ ادب جي ملڪ تي حڪمراني ڪئي آهي. اڄ به هو اسپتال جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪنهن ڪمري ۾ سوچيندو هوندو، ڪجهه نه ڪجهه لکندو هوندو. ڪاش شيخ اياز اُهو ڪجهه لکندو هجي جنهن لکڻ جي تمنا اُن ڪئي هجي پر لکي نه سگهيو هجي. ڪاش شيخ اياز اهو سڀ ڪجهه لکي وڃي جنهن جي لکڻ سان زلزلا اچي ويندا آهن تباهيون ڦهلجي وينديون آهن. گهڻو ڪجهه لکڻ کان پوءِ گهڻو ڪجهه سچ ڳالهائڻ کان پوءِ به اندر ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن جيڪي زبان تي اچي نه سگهنديون آهن، ڪاش شيخ اياز سڀ ڪجهه لکي ڇڏي. سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي. پنهنجو اندر کولي رکي ڇڏي هن ڌرتي واسين اڳيان جيڪي بيقدرا ۽ مئلن جي پٺيان ماتم ڪرڻ وارا آهن.
شيخ اياز لاءِ دُعا آهي ته الله کيس صحت ڏئي زندگي عطا ڪري، اڃان هن قوم کي شيخ اياز جي ضرورت آهي. اُن جي ذات جي ضرورت آهي. صدين کان پوءِ اهڙا انسان پيدا ٿيندا آهن جن جو نالو هميشه لاءِ زندهه جاويد هوندو آهي. وقت، حالتون ۽ موت هنن جهڙن ماڻهن کي لوڏي به ڪونه ٿو سگهي. اهڙا ارڏا، جبل جهڙا ماڻهو هڪ دفعو پيدا ٿي ڪڏهن به ڪونه مرندا آهن...... هميشه جيئرا هوندا آهن. هميشه پيغام ڏيندا رهندا آهن. اياز اڄ به زندهه آهي ۽ اسان سان گڏ آهي. اياز سڀاڻي به زندهه هوندو ۽ اسان سان گڏ هوندو.

آچر 26 مئي 1991ع

سنڌڙي تنهنجي سورن جي ڪٿا

اڄ اُهي سڀ ڳالهيون سچ ٿي پيون آهن يا وري سچ جا اُهڃاڻ ڏين پيون جن لاءِ هميشه ذهن ۾ کٽڪو رهيو هو. هر ڪنهن جو ذهن سوچيندو هو. متان ائين هجي؟ متان ائين نه ٿي پوي......... سو سائين ان هجي ۽ ٿي پوي جي وچ وارو سنڌو آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي ۽ هر ڳالهه واضح ٿي سامهون اچي نروار ٿي بيٺي آهي.
سچ کي کڻي ڪيترو به لڪائجي. حقيقتن تي پردا وجهجن پر اُهو وقت ضرور ايندو آهي جڏهن هر ڳالهه ظاهر ٿي پوندي آهي. اچ ڪلهه ڪيترن ئي ماڻهن جي منهن تان نقاب لٿا آهن ۽ لهن پيا. ڪيترن جا اڇا ڪارا پڌرا پيا ٿين. سياست اُها به خاص ڪري سنڌ جي سياست اهڙي ته بُڇڙي آهي جو ڪجهه چوڻ آکڻ جي ڪا گنجائش ئي نه آهي. سنڌ جو سياستدان صرف ڪُرسي ۽ وزارت لاءِ حيران ۽ پريشان هوندو آهي. هو اُن ڪُرسي پٺيان نه صرف پنهنجي ضمير جو سودو ٿو ڪري پر سڄي قوم جي مستقبل جو سودو ڪري آئينده جون سڀ واٽون بند ڪري اونداهي ڦهلائي ٿو ڇڏي.
سنڌ جو سياستدان جيڪو گهڻو ڪري پئسي وارو آهي هو اليڪشن ۾ بيهندو ئي اُن ڪري آهي ته ڪيل خرچ جا ڏهوڻا ڪمائي سگهي. سنڌ جي هن سجاڳي واري دور ۾ جت پڙهيل اڻ پڙهيل، شهري توڙي ڳوٺاڻو هر ڳالهه سمجهي ٿو محسوس ڪري ٿو اُهو باغي ٿي ويو آهي هن سنڌي سياست جي ڪردار کان ان جي هٿ ته ڪجهه آهي ئي ڪونه جو هو ان ماڻهوءَ جي وٺ ڪري جيڪو سندس علائقي مان چونڊجي ويو آهي. بس سائين بي وس آهي ووٽ ڏيڻ وارو ۽ باهمت ڏاڍو آهي هو ووٽ وٺڻ وارو. مارشل لا جي يارهن سالن جي آمريت ڏاڍ، ظلم ۽ جبر کان پوءِ هي جيڪي ٽن سالن ۾ ٻه الڪيشنون ٿيون آهن ۽ اُن اليڪشن کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟ اُن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ جيڪو سياستدانن جو رول ۽ ڪردار رهيو آهي سو قابل نفرت ڀيانڪ ۽ قابل مذمت آهي.
مسئلا ۽ ڳالهيون ته گهڻيون آهن. بيان ڪرڻ ويهجن ته دفتر لکجي وڃن. مان اڄ صرف هڪ پر اهم مسئلي کي کڻندس اُهو آهي سنڌ ۾ ڌاڙيلن جون ڏاڍايون ۽ اسان جي سياستدانن جو اُن ۾ ڪردار. سائين منهنجا ان چوڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس ڪانه ٿيندي ته ڌاڙيل سنڌي ماڻهن جو جيئڻ وه ڪري ڇڏيو آهي. ننڊون، آرام، کائڻ پيئڻ سڀ حرام ٿي ويو آهي. چئني طرف وات ڦاٽا پيا آهن. ڌاڙيل، ڌاڙيل ۽ صرف ڌاڙيل.......هاڻ ته حالتون ان حد تائين وڃي پهتيون آهن جو پريس ميڊيا ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو هن ڳالهه تي اچي متفق ٿيا آهن ته سائين سنڌي سڀ ڌاڙيل آهن، غدار آهن. را جا ايجنٽ آهن. هڪ اخبار ته ائين به لکيو ته هتي ڌاڙيلن جي ابتدا جي تاريخ ايتري پراڻي آهي جيتري سنڌ جي تاريخ، جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو هو تڏهن به ته اهي ڌاڙيل ئي ته هئا جن شريف عورتن کي اغوا ڪيو هو. مال اسباب لٽيو هو اُنهن ئي رڙين واڪن تي محمد بن قاسم سنڌ ۾ آيو هو راجا ڏاهر سان مقابلو ڪرڻ. اُن لکندڙ جو مقصد صرف اهو هو ته سنڌي شروع کان وٺي ڌاڙيل، ظالم ۽ رهزن آهن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ انهن کي شريف ۽ باحيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر اها ڪوشش هاڻ ناڪام ٿي چڪي آهي. هاڻ حڪومت ۽ باشعور ماڻهن جو پهريون فرض هي آهي ته هنن سڀني سنڌين کي تهس نهس ڪري ڇڏجي تباهه ۽ برباد ڪجي، اسلامي قانون توڙي ملڪي قانون جي لحاظ سان هي سڀ ڪجهه صحيح آهي........
هيءَ ته ٿي اردو پريس ميڊيا جي پروپيگنڊا، جنهن ۾ اُنهن سڄي سنڌ جي تاريخ تي ڪارنهن ملي ڇڏي آهي. اسان سنڌي چوندا آهيون ته هيءَ سنڌ ڌرتي صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي. هيءَ ڌرتي پاڪ پوتر آهي. هتان جا ماڻهو محبت ڪرڻ وارا ۽ امن پسند رهيا آهن. هن ڌرتيءَ تي نه ڪڏهن فرقن جي پاڻ ۾ جنگ هلي، نه هندو مسلمان ڪڏهن پاڻ ۾ اٽڪيا ۽ نه وري ڪنهن تي حملو ڪرڻ ويئي هيءَ سنڌي قوم.........
پوءِ هي سڀ ڇا آهي؟ اڄ سنڌ جون حالتون تباهيءَ جي ڪناري تي ڇو وڃي پڳيون آهن؟ ڌاڙا به لڳن پيا، دهشتگردي به وڌيل آهي. سنڌ جون زمينون ويران ٿي ويون آهن، عزت وارا ماڻهو پنهنجون لڄون لڪائيندا پيا وتن. شام جو پنجين وڳي کان پوءِ شهر ڳوٺ ويران ٿيو وڃن. ضروري ڪم کان سواءِ ماڻهو سفر ڪندي ڪيٻائين ٿا آخر اهو سڀ ڪجهه ڇو پيو ٿئي؟ ڪير پيو ڪري؟
ڇو پيو ٿئي؟ ان سوال جو جواب ته سمجهه ۾ پيو اچي ته پئسن لاءِ پيو ٿئي. ها باقي ڪير پيو ڪري؟ هي سوال ڪجهه منجهيل آهي. هن سوال کي سلجهائڻ ۽ ان تي گهري نظر وجهڻ جي ضرورت آهي.
هت مان اها وضاحت ڪرڻ چاهيندس ته اديب اهو ڪجهه لکندو آهي. جيڪو اُن جي مشاهدي ۾ ايندو آهي ۽ حالتون جيڪي رخ مٽينديون آهن انهن مان نڪتل نتيجن ۾ ئي هڪ لکندڙ عڪس ڪڍندو آهي. سچ لکڻ مهل اديب جو قلم ٿورو تلخ ۽ واضح ٿي ويندو آهي. اديب جو لکيل اهو سچ برداشت جوڳو نه هوندو آهي. ڇو ته ان سچ پٺيان گهڻن اشرافن جا پردا چاڪ ٿيندا آهن. پر جيئن ته هاڻ سنڌ جون حالتون اُن حد تائين خراب ٿي چڪيون آهن جو پنهنجن ۽ پراون جون ڪيل ڪوتاهيون درگذر ڪري ئي نه ٿيون سگهجن. اگر سنڌ کي بچائڻو آهي ته پوءِ سچ کي ٻڌڻو ۽ برداشت ڪرڻو پوندو.....
پري نه ٿا وڃون ون يونٽ جو دور وٺو جنهن ۾ سنڌ جي سجاڳيءَ جو دور اُڀريو. تاريخي ڪردار ادا ڪيو اُن وقت شاگردن، اديبن ۽ سياسي ليڊرن، ان زماني ۾ ئي سياست اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخل ٿي. سياسي پارٽين تعليمي ادارن ۾ پنهنجا اڏا قائم ڪيا ۽ شاگردن کي استعمال ڪيو. اُن وقت سنڌين ۾ پنهنجي وجود جو احساس پيدا ٿيو هو. عام سنڌي ڳوٺاڻي کان وٺي پڙهيل لکيل ماڻهو تائين هر سنڌيءَ ۾ بيداري جو جذبو پيدا ٿيو. شاگردن ۽ اديبن ان دور جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. پنهنجي رت ست ڏيئي، جيل ڪاٽي اُنهن ون يونٽ ٽوڙايو. اُن سجاڳيءَ جي دور واري پيدا ٿيل جذبي کي استعمال ڪيو هتان جي سياسي ليڊرن ٿيڻ ته ائين کپي ها ته هو سياسي ليڊر سجاڳيءَ جي جذبي جا رهبر ٿي سنڌي قوم لاءِ ان جي بقا لاءِ وڙهن ها، ڪجهه حاصل ڪن ها، پر انهن ائين نه ڪيو. ون يونٽ جي آخري دور ۾ سنڌ جا شاگرد، اديب ۽ سياسي ليڊر تقريباً متفق هئا هڪ ڳالهه تي ته سائين سنڌ کي بچائڻو آهي. ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سياسي ليڊرن ۽ شاگردن جا گروهه پيدا ٿي پيا. هر ڪنهن پاڻ کي ڏاڍو پئي سمجهيو. تعليمي ادارن ۾ علم حاصل ڪرڻ ته معنيٰ ئي نه رکندو هو. ها باقي غنڊه گردي ۽ بدمعاشي جي سياست عروج تي چڙهي ويئي. سياسي پارٽين سان لاڳاپيل شاگردن جا ليڊر ته اهو سمجهندا هئا ته هوءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ نه پر پنهنجي غنڊه گرديءَ جي ڌاڪ ڄمائڻ آيا آهن. سنڌ جا وڏا سياسي ۽ قوم پرست ليڊر جن جو مان نالو نه وٺندس تن ٻهراڙيءَ مان ايندڙ نوجوانن کي جيڪي پڙهائي لاءِ تعليمي ادارن ۾ ايندا هئا اُنهن کي پئسو ڏني هٿيار مهيا ڪري شاگرد ليڊر گهٽ پر غندن جو ليڊر وڌيڪ بڻائي ڇڏيو.
سنڌ جا هي سياسي ليڊر جيڪي زميندار ۽ جاگيردار به آهن پنهنجي تحفظ لاءِ پنهنجي وڏ ماڻهپي ڏيکارڻ لاءِ هو ڌاڙيل پاليندا هئا. پر اُنهن ڌاڙيلن جو به هڪ شان هو. هو ڌاڙيل پاليل ته وڏن ماڻهن جا هئا پر هو هروڀرو ڪُڌا ڪم ڪونه ڪندا هئا ۽ نه وري واٽ ويندن اٻوجهه اشرافن کي تنگ ڪندا هئا. نه ڪنهن جي لڄن ۾ هٿ وجهندا هئا ۽ نه هروڀرو ڪنهن ننڍيءَ وڏي تي بدنظر رکندا هئا. هو حڪم جا غلام هئا. سندن مالڪ پنهنجيون ذاتي دشمنيون ڪڍڻ لاءِ اُنهن کي استعمال ڪندا هئا. پنهنجن مالڪن جي حڪم پٺيان هو خراب کان خراب ڪم به ڪندا هئا. نه چاهيندي به هو پنهنجن زندگين جو ٻليدان ڏيندا هئا. پر اُنهن ڌاڙيلن جو پنهنجو ذاتي ڪردار هروڀرو ايترو خراب نه هوندو هو........ اهو به ضروري نه آهي ته ڪو هر وڏو پئسي وارو ماڻهو ڌاڙيل پاليندو هو. اُن ڪري ئي سنڌ ۾ ڌاڙيل هروڀرو امن امان جو مسئلو نه بڻيا......
هاڻ سائين اُهي وڏا ماڻهو جيڪي ڌاڙيل پاليندا هئا سي اچي ويا سياست ۾ پهرين ته اُنهن شاگردن کي پنهنجي بچاءَ لاءِ استعمال ڪيو. جيترو وڏو سياسي ليڊر اُن جي شاگردن جي تنظيم به اوتري ئي مضبوط، تعليمي ادارا بند رهڻ لڳا. پڙهائي نالي ماتر وڃي رهي. شاگرد ايترا ته طاقتور ٿي ويا جو انهن جي حڪم سان ئي تعليمي ادارا کلندا ۽ بند ٿيندا هئا ۽ آهن. هو چاهيندا هئا ته امتحان ٿيندا هئا ۽ هو چاهيندا هئا ته بغير امتحان جي پاس ٿي مٿين ڪلاس ۾ وڃي پهچندا هئا. تعليم جيڪا قومن جي ترقيءَ جو پهريون ڏاڪو آهي تنهن کي وساريو ويو.
جيتريون سياسي پارٽيون اوتريون اُنهن جون شاگردن تنظيمون، مزي جي ڳالهه ته وري اها آهي ته سڀ ٿوري گهڻي ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهن. هر تعليمي اداري ۾ هر سياسي پارٽيءَ جو هڪ ئي نعرو “جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ” هڪ ٻئي کي ڏنڊا هڻن ته به جيئي سنڌ جي نعري ۾، تعليمي ادارن ۾ غنڊه گردي ڪن ته به جيئي سنڌ جي نعري ۾، اُنهن کي ڪو به ڊپ ڪونه لڳندو هو. ڇو ته اُنهن کي پالڻ ۽ پهچائڻ وارا سياسي ليڊر اسيمبلين جا ميمبر ۽ وزير ٿيو ويٺا هئا اُن ڪري اُنهن لاءِ تعليمي ادارا ۽ جيل ڪا اهميت ئي نه پيا رکن منهنجو هي ڪالم پڙهڻ وارا منهنجا پيارا سنڌيو سوچيو ته سهي، ڏسو ته سهي ته اُهو پاڪ پوتر جذبو جيڪو ون يونٽ جي تحريڪ دوران پيدا ٿيو. بجاءِ اُن جي جو اُن جذبي جي رهبري ڪري هن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي آجپي لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي ها. سنڌ جي تعليمي ادارن مان، ڊاڪٽر، انجنيئر، سي ايس پي آفيسر پيدا ڪيا وڃن ها. تعليم جو معيار بلند ڪري هر قوم سان مقابلي ۾ اچي بيهجي ها. نه ڪوٽا سسٽم جو محتاج ٿجي ها نه وري سفارشن جو، ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو سڄي سنڌ جي معاشري، ماحول جو هنن سياسي ليڊرن ۽ اُن سان وابستيل شاگردن جي پارٽين......
توهان مان ڪير اهو سوچيندو هوندو ته ڀلا ٻين صوبن جو حال وري ڪهڙو چڱو رهيو آهي. اُتان جا تعليمي ادارا وري ڪهڙا صاف سٿرا رهيا آهن. سائين منهنجا اهي سڀ ڪجهه به صحيح. پر اسان ته ٻڌل پنهنجن ماڻهن ۽ اُنهن جي ڪوتاهين سان آهيون. ٻيا ڇا پيا ڪن اهو اسان جو مسئلو نه آهي اسان کي ڇا ڪرڻ يا نه ڪرڻ گهرجي اهوئي اسان جو مسئلو آهي. ٻين قومن پٺيان اسان پنهنجون ڪوتاهيون درگذر نه ٿا ڪري سگهون.
هاڻ انتها ته وڃي اها بيٺي ته اُنهن سياسي ليڊرن. اُنهن شاگردن جي تنظيمين کان مختلف قسمن جا ٻيا ڌنڌا ڪرائڻ لڳا. اُهي سياسي ليڊر جن جا پنهنجا ٻچا ته باقاعدگي سان تعليم حاصل ڪندا رهيا. هتان جون حالتون خراب ٿيون ته سائين ٻاهرين ملڪن ۾ اُنهن کي موڪليو ويو. پر اُنهن اٻوجهه غريب گهر جي شاگردن کي منظم نموني سان استعمال ڪيو ويو. پنهنجي ضرورتن لاءِ اُنهن کان ڌاڙا هڻايا ويا ۽ چوريون ڪرايون ويون. وڏا وڏا قوم پرست ۽ سياسي ليڊر باقاعدگيءَ سان اهو ڌنڌو ڪرڻ لڳا. آهستي آهستي ملڪ ۾ ڌاڙن جو زور وڌندو ويو.
پاليل، ناتجربيڪار ۽ اڻ پڙهيل ڌاڙيلن جي بجاءِ سياسي ليڊرن کي پڙهيل لکيل هوشيار شاگرد ملي ويا اُن ڌنڌي لاءِ. انسانن کي اغوا ڪرڻ جو ڪڌو ڪم انهن پڙهيل لکيل ڌاڙيلن کان ئي هنن سياسي ليڊرن ڪرايو. سائين هڪ ماڻهو کڻو لکين رپيا ٻاهر اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مفيد ڪاروبار ٿي سگهي ٿو. هاڻ اسان جو اهو واپار ڌاڙيلن به استعمال ڪيو ۽ ڪن پيا. مارشل لاءِ جي آمريت واري زماني ۾ سنڌين کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو. سياسي وابستگين جي حوالي سان ظلمن ۽ قهرن جي انتها ڪئي ويئي. بيروزگاري، نوجوانن کي باغي ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح سان باغي ٽولا ٺهندا ويا جن ظالم فوجي حڪمرانن خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا. اُنهن کي به ڌاڙيلن جو نالو ڏيئي فوجي حڪمران گرفتار ڪندا رهيا ۽ انهن مٿان ظلم ڪندا رهيا. نفرت ۽ جدوجهد جو مچ مچندو رهيو. اُن کانپوءِ مٿيون ٻه دفعا الڪيشنون ٿيون، پر نه مٽيو ته سنڌين جو نصيب نه مٽيو.
ڪجهه ڌاڙيلن جا ظلم، مٿان وري روپوش جوان جن جون وابستگيون سياسي پارٽين سان هيون اُهي سڀ هڪ مسئلو بنجي پيا. ٿڌي دل سان اُن مسئلي جو حل ڳولڻ بجاءِ ڏاڍايون ڪيو ويون. جنهن پارٽي کي اکيون بند ڪري ووٽ ڏنو ويو ان به ڪو تدارڪ نه ڪيو. شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي وڌندي ويئي. اُنهن ڏٺو ته سنڌين تي جڏهن پنهنجا سنڌي ئي هٿ رکڻ وارا ڪين آهن سو هو اگر ڪجهه ڪندا ته ڇا ٿي پوندو. پريس ميڊيا هنن دهشتگردن جي قبضي ۾. هنگاما به هو ڪن، شهر ۾ قتل ڪيس به هو ڪن. ڳوٺن واهڻن ۾ لاش به هو موڪلين ته به سائين پناهگير مظلوم ۽ سنڌ ظالم، هڪ منظم نموني سان ٻاهرين جي مدد سان سنڌ جون حالتون اُن حد تائين پهچايون ويون جو تباهه حال سنڌين جو داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪوبه ڪونه هو ۽ وري انهن قوم پرست ليڊرن پاڻ گڏجي ڪو قدم کنيو ۽ نه وري وفاق پرست ليڊرن جن کي اکيون بند ڪري ووٽ ڏنو ويو تن ئي ڪجهه ڪيو. هاڻ ته سائين سڀني جو مڪو مچي ويو. سنڌ جو حوالو خبرن ۾ ريڊيو ٽي وي ۾ سواءِ ڌاڙن لُٽ مار جي اچي ئي ڪونه ٿو.......... هر شعور رکندڙ ماڻهو پريشان آهي، ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر موجود نه هو يا نه آهي. پر هڪ قسم جي جيڪا حالت چئني طرف اڀري ويئي آهي. هندن ويچارن کي ته اصل ڳولهي اغوا ڪيو ويو. وڏا وڏا ماڻهو، ڪامورا سڀ ڌاڙيلن جي هٿان اغوا ٿيڻ لڳا، ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي ته آخر هي ڪهڙا ڌاڙيلن پيدا ٿيا آهن. شهرن مان به سرمائيدارن اسڪولن جي ٻارن کي اغوا ڪيو ويو. لکين رپيا ڀنگ ڏئي ا ُنهن آزادي ورتي. سنڌي ويچارا شهرن ۾ ڪنڌ کڻڻ جي قابل نه رهيا. سائين منهنجا جيئن مان مٿي لکي چڪي آهيا ته سچ ته ڪيترا به پردا وجهجن پر سچ وري به ظاهر ٿي پوندو آهي. هاڻ جيڪو سچ ظاهر پيو ٿئي تنهن مان جيڪا خبر پوي پئي سان حيران ڪندڙ آهي. چوندا آهن بد کان بدنام بڇڙو هوندو آهي. سو سنڌي ته هو نئين ڌاڙيلن جي ڪري بدنام هوندا هئا. سو ٻين قومن ۽ صوبن جي ماڻهن سوچيو ته ڇو نه ان ڳالهه جو فائدو وٺجي. شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد ڌاڙا هڻڻ لڳا ماڻهن کي اغوا ڪرڻ لڳا. انهن هڪ ادارو بيت المال جي نالي سان قائم ڪيو آهي. هت گاڏيون ماڻهن کان کسي پوءِ پئسا وٺي ڏنيون وينديون آهن. ان جو واضح مثال تازو ٻن ٽن مهينن کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گرفتار ٿيل ٽولن مان ملي ٿو، جن مان ڪو به سنڌي نه آهي. لاهور شهر مان هڪ وڏو ٽولو ڌاڙيلن جو گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي سنڌ ۾ اچي ڌاڙا هڻندا هئا ۽ لکين رپيا ڀنگ وٺي لاهور ۾ وڃي ويهندا هئا. بلوچستان کان ايندڙ ڌاڙيل به ڪنهن کان گهٽ ڪونه آهي اُنهن لاءِ به سنڌ سٺو حلوو آهي. کائو ڪمايو ڌاڙا هڻو ۽ ڀڄي وڃو. پٺيان رڙ واڪا پيان پون پريس ميڊيا پئي لکي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل سڀ سنڌي آهن. هي ڪالم لکندي اڄوڪي اخبار ۾ خبر آئي آهي ته ڏهه ڌاڙيل ڪراچيءَ مان پڪڙيا ويا آهن. جن ڪيترن سرمائيدارن ۽ ٻارن کي اغوا ڪري ڀنگ جا ٻاونجاهه لک ورتا آهن. اهي سڀ سنڌي نه آهن پر ايم ڪيو ايم جا سرگرم ڪارڪن آهن. گذريل سال جڏهن شهرن ۾ دهشتگردي چوٽ چڙهيل هئي. روزانو پيا ڪرفيو لڳندا هئا. اُن وقت جي حڪومت ٿورو گهڻو ايڪشن کڻڻ پئي چاهيو ته انهيءَ ساڳي پريس ميڊيا ان جي مخالفت ڪئي. سياسي ليڊرن وٺي گوڙ مچايو ته فوج کي نه گهرايو. سنڌ حساس صوبو آهي. انهن ماڻهن کي ڪو سنڌ جي ماڻهن سان ڪا همدردي ڪا نه هئي. سبب صرف هي هو ته اُن وقت سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هڪ جهڙو ايڪشن يا وري ڪو ٻيو ايڪشن کڄي اُن ڪري اُنهن ڀرپور مخالفت ڪئي. هاڻ اُهي حالتون رهيون آهن جو ڳوٺن توڙي شهرن ۾ دهشتگردي چوٽ چڙهيل آهي پر جيئن ته اُها دهشتگردي ڦهلائڻ وارا خود حڪومت ۾ آهن اُن ڪري ٿورو گهڻو هو ڪنٽرول ڪري ويٺا آهن. ڳوٺن، واهڻن ۽ ٻين شهري علائقن ۾ حالتون خراب کان خراب ٿينديون پيون وڃن. هاڻ سڀ ڪو پيو چري ته فوجي ايڪشن کنيو وڃي. سنڌ ۾ رهندڙ غدارن، ڌاڙيلن جو صفايو ڪيو وڃي. هاڻ ان سوچ ۾ ڪوبه غلط ٿي نه ٿو سگهي ته سنڌ جون حالتون رڳو سنڌ جي ڌاڙيلن خراب نه ڪيون آهن اُن پٺيان وڏا سياسي مقصد آهن. پوليس، سياستدان، دهشتگرد ٻين صوبن جا چور ڌاڙيل سڀ انهن حالتن جا ذميوار آهن.
اڄ ڪلهه الائجي ڇاڇا ٻڌڻ ۾ پيو اچي. منهنجي گذارش آهي هنن سڀني قوم جي مهندارن کي ته سنڌ جا ماڻهو توهان کي دعا ڏيندا. جيڪڏهن توهان هنن ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کان اُنهن جي جان ڇڏائيندا. سنڌي هاڻ سک سان جيئڻ چاهين ٿا. ڪجهه به ڪرڻ کان پهرين اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي ته سڀ سنڌي ڌاڙيل ڪونه آهن. ڌاڙيلن جي اوٽ وٺي سياسي انتقام وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. پوليس پنهنجو نالو ڪڍڻ لاءِ ڌاڙيلن جي بجاءِ امن پسند سنڌين کي تنگ نه ڪري. گهرن ۾ گهڙي ننگن کي مٿي اگهاڙو ڪري ٻاهر ڪڍي الهه تلهه نه ميڙي. پوليس خود ڌاڙيلن سان ٻڌل آهي نه ته ڪا به طاقت ايتري زوراور ڪانه ٿي سگهي ٿي قانون ۽ پوليس جي اڳيان.
اها ڳالهه به سوچڻ گهرجي ته سنڌي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي طور تباهه برباد ٿي چڪا آهن. اهڙو قدم کڻڻ کان پرهيز ڪجي جيڪو ان قدم ۾ نفرت پيدا ڪري ائين کڻي سمجهجي ته سنڌ مسئلن جو آتش فشان آهي. نه اُن کي دٻائڻ صحيح آهي نه وري اڻ کي ڦاٽائڻ صحيح آهي.

آچر 2 جون 1991ع

دل اندر جون ڳالهيون

اهو وقت ڪوشش جي باوجود به وساري نه سگهي آهيان. اهو وقت اهڙو هو جنهن سڀ کان پهرين منهنجي وجود ۾ جنگ جوٽي هئي. اها جنگ اڄ تائين وڙهندي پئي اچان. اڪيلي تنها . . . ڪيترائي ڪالم لکي دنيا جهان جا قصا ٻڌايا اٿم. اڄ دل چاهيو ته پنهنجي به ڳالهه ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو هانو به کولي ڇڏجي. ورهين اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن مان اڃا سنڌي پهرين درجي ۾ به داخل ڪا نه ٿي هئس. نٻل ڪمزور عام رواجي شڪل صورت رنگ، روپ به گهٽ. منهنجا ڀائر ڀينر سڀ رنگ جا گورا سهڻا. انهن وچ ۾ مان ڄڻ ته پرائي پئي لڳندي هيس. گهر ۾ ڪو مهمان اچي ته منهنجي پڇا ڪري ته هيءَ ڪير آهي؟ جڏهن خبر پويس ته مان به هن گهر جي ڄائي آهيان ته عجب وچان اکيون ڦاٽيو وڃنس. ان ويل مان ڪنڊون پاسا ڳولهي وڃي لڪندي هيس.
گهر ۾ سڀ سک، پئسو جام، نوڪر چاڪر پيا ڪم ڪن. ڀلا زميندارن جي گهرن ۾ ڪا ڪمي هوندي آهي ڇا. جيڪا شيءِ گهُر سان حاضر. ان ئي زماني ۾ اوچتو مان بيمار ٿي پيس ڳوٺ جي ڊاڪٽرن چڪاس ڪري گهر وارن جو هانو ئي ڏاري ڇڏيو. انهن چيو هن نينگريءَ کي ٽي بي آهي. امڙ ويچاري کڻي هيانو تي هٿ رکيو. گهر ۾ هئاسين اڳيان پويان نو ڀائر ڀينر، بيماري به اهڙي خطرناڪ. هاڻ مون کي ڪن ته ڪاڏي ڪن. سڀڪو چوي گهر جي ٻارن سان نه ويهي، نه ڪُڏي نه کائي نه پيئي. ان وقت اسان جي گهر ۾ هڪ مائي امان شاهل نالي رهندي هئي. (اڃان به رهندي آهي جهور پوڙهي ٿي ويئي آهي) ٻه ٽي سال اڳ جڏهن مانجهند شهر ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو هو ته هو ٽپڙ کڻي اچي اسان جي ڳوٺ ٽنڊو آدم ۾ رهي هئي. شاهل جو گهر جو ماحول مٽجندي ڏٺو ته ان کي ڏک ٿيو. ان صلاح ڏني ته جيستائين حيدرآباد شهر مان هن جي پوري چڪاس ٿئي ۽ علاج هلي، هيءَ هلي اسان جي گهر ۾ رهي. امان بابا جن خوشيءَ سان اهو فيصلو منظور ڪيو ڇو ته امان شاهل جي ڌيءَ امان کتان جنهن جي گهر ۾ مون کي موڪلڻ جو بندوبست ڪيو ويو سو به صفا ويجهو هو.
هڪ ڏينهن هڪ ننڍي پيتيءَ ۾ منهنجا لٽا ڪپڙا وجهي امان شاهل مون کي وٺي وڃي امان کتان وٽ ڇڏي آئي. ات پهچڻ سان منهنجي کير پيئڻ واري وٽڙي ۽ پاڻي پيئڻ وارو گلاس به اُت پيو هو . . . حال في الحال ته ڪجهه سمجهه ۾ نه آيم، ات ٻارن سان کيڏڻ شروع ڪيم. منجهند جو ماني گهران ڍڪجي آئي جيڪا مون کاڌي. هاڻ اچي شام ٿي ۽ مٿان رات به اچي ويئي. وري منهنجي گهران ماني ۽ کير کڄي آيا، ان وقت پهريون دفعو منهنجي دل ۾ خوف پيدا ٿيو. ضد ڪيم ته مان ماني هت نه کائيندس. گهر ويندس. هاڻ مون کي گهر جا ڀاتي ياد اچڻ لڳا. امان کتان مون کي هنج ۾ ويهاري پيار سان سمجهايو ته هاڻ تون ڪجهه ڏينهن اسان وٽ رهندين. ڏس تنهنجو هنڌ به هت وڇايو پيو آهي، رات جو توکي هت سمهڻو آهي. هي ويچارا غريب ماڻهو تن وٽ ان وقت بجلي به ڪا نه هئي. هٿ بتي ٻاريندا هئا. مان اهڙي ماحول جي عادي نه هئس. وڏي ڳالهه اها ته مان ڪڏهن پنهنجي گهر کان ٻاهر رهي ڪا نه هئس. سو مون هاڻ روئڻ شروع ڪيو. سڀ گهر جا ڀاتي گڏ ٿي ويا، مون کي پيار ڪرڻ لڳا سمجهائڻ لڳا. . . آخر مان مجبور ٿي وڃي پنهنجي منجيءَ تي ليٽي پيس. اها رات سڄي مون جاڳندي گذاري. ان رات کي مان اڄ تائين نه وساري سگهي آهيان. . . ٻئي ڏينهن صبح جو وري منهنجي لاءِ ناشتو ڍڪجي آيو ته وري مان ضد ڪيو گهر وڃڻ جو. پر ڪنهن به منهنجي ڳالهه نه ٻڌي مان به ٻار هئس وري کيڏڻ ڪڏڻ ۾ لڳي ويس. اهڙي طرح ٽي چار ڏينهن گذري ويا. هڪ ڏينهن امان شاهل آئي ۽ مون کي پاڻ سان گڏ گهر وٺي آئي، پريان جو منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن مون کي ڏٺو ته هو خوشيءَ وچان مون وٽ ڊڪندا آيا ته اڪرم اچي ويئي، اڪرم اچي ويئي. امان منهنجيءَ انهن کي دڙڪا ڏيئي پري ڪيو ۽ چيائين ته ايترو سمجهايو مانو ته جڏهن اڪرم گهر اچي ته ان کي پري کان ڏسجو ويجهو نه وڃجو. امان به منهنجي ويجهو نه آئي. پري پري کان مون کي ڏسندي رهي ۽ لڙڪ رئي جي پلاند ۾ اگهندي رهي. ٿوري دير اهڙي طرح گذري ويئي ۽ امان شاهل مون کي واپس پنهنجي گهر وٺي آئي. . . اُت اچڻ کان پوءِ پهريون دفعو منهنجي دل ۾ اڪيلائپ جو احساس پيدا ٿيو. اهو سڀ ڪجهه ڇا پيو ٿئي سو منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو . . .
اهڙي طريقي سان ٽين چوٿين ڏينهن امان شاهل مون کي گهر وٺي ويندي هئي ۽ مان هڪ عجيب ڪيفيت مان گذرندي رهندي هئس. هاڻ مان هن گهر ۾ ٿورو هري وئي هيس، ڏهه ٻارهن ڏينهن گذري ويا هئا. منهنجي گهر مان جيڪو کاڌو ايندو هو، اهو مان ڪو نه کائيندي هيس. ضد ڪري انهن جي اڻڀي ماني ۽ غريباڻيون ڀاڄيون کائيندي هئس. امان شاهل جڏهن ماني کڻي ايندي هئي ته خبر پوندي هئس ته مان اڳ ئي ماني کائي ويٺي آهيان ته هو گهر جي ڀاتين تي ڪاوڙ ڪندي هئي. چوندي هئي ته جيجي پنهنجي نظرداريءَ سان سچي گيهه سان کاڌو پچرائي ٿي موڪلي ۽ هيءَ نه ٿي کائي، هاڻ جو جيجيءَ کي خبر پوندي ته هوءَ ناراض ٿيندي. امان کتان جواب ڏيندي هئي اسان ڇا ڪيون، اسان وٽ ڪُنو تيار ٿو ٿئي ته هيءَ ماني ٿي گهري ڀلا پوءِ ٻارڙيءَ کي انڪار ڪيئن ڪيون. ان گهر ۾ پاڻي ٻاهران نلڪي تان گهر جا ٻار ڀري ايندا هئا. صبح سان سڀڪو اٿي نل تان پاڻي جا دٻا ۽ چونئريون ڀري ايندا هئا. هاڻ مان به انهن سان گڏ پاڻي ڀريندي هئس ڏاڍو مزو ايندو هو. ان وقت هلڪي ٿڌ جي موسم هئي صبح جو نلڪي گيڙڻ سان هلڪو گرم پاڻي ايندو هو. سڀ ننڍا ٻار گوڏ ٻڌي گهر مان نڪرندا هئا ۽ وڃي وهنجي ايندا هئا. هاڻ مون به ضد ڪيو وهنجڻ لاءِ امان کتان مون کي دڙڪا ڏنا، کيس اهو ڊپ هو ته جيجيءَ کي خبر پوندي ته اصل صفا ڪاوڙجي ويندي. پر مان به اڳيان ضديري. روئي پٽي پنهنجي ڳالهه مڃائي وڃي نل تان وهنجي ايندي هئس. هي سڀ گهر جا ڀاتي پيا ڊڄندا هئا ته الله ڪري اهي سڀ ڳالهيون منهنجي گهر وارن کي معلوم نه ٿين...
هاڻ آهستي آهستي مان پنهنجي گهر وڃڻ کان ڪيٻائڻ لڳس. جڏهن امان شاهل مون کي وٺڻ ايندي هئي ته مان هلڻ کان انڪار ڪندي هئس. هوءَ مون کي جيجيءَ جا ڊپ ڏيندي هئي ته هل نه ته ماءُ تنهنجي ناراض ٿيندي. زوريءَ هوءَ مون کي وٺي ويندي هئي. ان دوران هڪ دفعو مون کي حيدرآباد به موڪليو ويو، جت منهنجا ايڪسري ۽ خون جون ٽيسٽون ورتيون ويون. اهي رپوٽون پندرهن ڏينهن کان پوءِ ملڻيون هيون. . .
هاڻ ان گهر ۾ رهڻ دوران محرم جو مهينو اچي ويو. هي سڀ گهر جا ڀاتي هئا ته سني عقيدي وارا پر احترامن محرم ملهائيندا هئا. ڪارا ڪپڙا پائيندا هئا ۽ رات جو پڙن (اما بارگاهن) تي ويندا هئا. هاڻ منهنجو انهن وٽ رهڻ انهي لاءِ مشڪلات پيدا ڪرڻ لڳو، ڇو ته گهر جا سڀ ڀاتي پڙن تي وڃن ته پوءِ مان اڪيلي ڪيئن رهندس. هاڻ انهن مون کي اهو سمجهايو ته تون به اسان سان هل، اتي ڏاڍو مزو ايندو آهي. کاڌي جون شيون ملنديون آهن. گهوڙا نڪرندا آهن، سيجون وڇايون وينديون آهن، حضرت امام اصغر جو جهولو هوندو آهي وغيره وغيره. انهن منهنجي لاءِ به هڪ ڪارو جوڙو گهر ۾ رنگي تيار ڪيو ۽ مان انهن سان گڏ روزانه رات جو مختلف پڙن تي ماتم ڏسڻ ويندي هئس. آخري ڏهين تاريخ تي وڏي پڙ تي وڃي گڏ ٿياسين. امان کتان ويچاري هر هنڌ منهنجي صحت لاءِ باسون پئي باسيندي هئي. اهو سڄو ماحول اهي ڳالهيون منهنجي لاءِ عجيب ۽ حيران ڪندڙ هونديون هيون.
جيئن وقت گذرندو ويو منهنجي وجود ۾ هڪ خلا پيدا ٿيندو رهيو. گهر جڏهن ويندي هئس ته عجيب لڳندو هيم. واپس امان کتان وٽ ايندي هيس ته دل ۾ احساس پيدا ٿيندو هو ته مان هنن جي ته نه آهيان. اهڙي طريقي سان اهي پندرنهن ڏينهن گذري ويا. هاڻ حيدرآباد مان منهنجون رپوٽون آيون جن مان اها خبر پئي ته مان بلڪل ٺيڪ آهيان، مون کي ڪا به بيماري ڪانهي. جنهن ڏينهن رپوٽ آئي، منهنجي منجي هنڌ ٽپڙ سڀ واپس منهنجي گهر پهچي ويا. اهو گهر جيڪو منهنجو گهر هو. امان مون کي ڀاڪر ۾ جهلي پيار ڪيو. ڀائر ڀينرون ڊڪندا مون وٽ آيا، پنهنجي کيڏڻ ۽ کائڻ جو شيون مون کي ڏيڻ لڳا. هاڻ مان هيس ته پنهنجي گهر ۾ پر اهو هڪ مهينو جيڪو مان هن گهر کان پري رهيس تنهن منهنجي وجود ۾ وڏي تبديلي پيدا ڪري ڇڏي. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ ۽ پڙهائي دوران مون ۾ هڪ عجيب قسم جي تبديلي ايندي رهي. هاڻ مان اڪيلائپ پسند ڪرڻ لڳس. گهر جي ماحول کان ٿوري هٽي ويس. ڪتابن پڙهڻ ڏي گهڻو ڌيان ڪيم. اهڙي طرح مون پنهنجي الڳ دنيا وسائي ڇڏي. شڪل صورت ۾ ته اڳيئي گهر ڀاتين کان مختلف هيم. هاڻ طبيعت به اهڙي مٽجي وئي هئي جو ڪو ٻاهريون ماڻهو ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ ئي تيار نه هوندو هو ته ڪا مان به هن گهر جي ڀاتياڻي آهيان. بابا زميندار ماڻهو، اسان کي پئسو جام ڏيندو هو. حيدرآباد ۾ جڏهن پڙهڻ آياسين ته بابا جن ٻه ڪارون وٺي ڏنيون، هڪ ڀينرن لاءِ ٻي ڀائرن لاءِ. بابا سائين جي سڀ کان وڏي خواهش اها هوندي هئي ته نياڻيون به سٺي تعليم حاصل ڪن. اسان ڪڏهن به پيرين پنڌ يا رڪشا ۾ گهر مان ڪو نه نڪتاسين. رڪشا ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏسي ڊپ لڳندو هو ته اهي ڪري نه پون . . . بابا پئسو جام ڏيندو هو. ٻيون ڀينرون خوب لٽا ڪپڙا سبرائينديون هيون ۽ منهنجو شوق هو ڪتابن سان. ان ڪري امڙ منهنجي هر وقت پريشان رهندي هئي. اهڙي طرح وقت گذرندو رهيو. انٽر پاس ڪيم ته بابا پنج هزار خرچي ڏني، بي اي پاس ڪيم ته ڏهه هزار ۽ ايم اي پاس ڪرڻ تي بابا ويهه هزار رپيا خرچي ڏني ۽ پنهنجا قيمتي سونا بٽڻ به ڏنا. پر نه مون کي پئسي جي پرواهه هوندي هئي ۽ نه وري قدر . . .
ها قدر ٿيو پيسي جو جڏهن مان ٻن ٻارن جي ماءُ ٿيس ۽ زندگي جي هڪ وڏي حادثي مون کي آڻي چوواٽي تي بيهاري ڇڏيو. ان وقت مان سال موڪل ورتي هئي. هاڻ مون کي ٻيهر نوڪري ڪرڻي هئي. ست مهينا موڪل جا گذري چڪا هئا. ماما جمال ويچاري وٺ پڪڙ ڪري منهنجي لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ لڳو. مائٽ منهنجا پريشان، چون هاڻ تون ڪراچيءَ ۾ ڪيئن رهندينءَ. بدلي ڪرائي حيدرآباد اچ. منهنجي انڪار ڪرڻ تي سڀ ناراض. هت ماما جمال ڪوشش ڪرڻ ۾ جيئن مان ٻيهر نوڪري تي چڙهي سگهان. ان لاءِ ڪڏهن اي جي سنڌ طارق روڊ وڃڻو پوندو هو ته ڪڏهن ڊائريڪٽر جي آفيس ته ڪڏهن سنڌ سيڪريٽريٽ. پئسو مون وٽ صفا ڪو نه، رستن روڊن کان صفا ناواقف، پوءِ نڪرندي هيس پنڌ پنهنجي ٻن سالن جي ڌيءَ کي پاڙي ۾ ڇڏي ۽ اٺن مهينن جي پٽ کي هنج تي کڻي. ڪراچيءَ جي رستن تي مان ميلن جا ميل پنڌ ڪيو. هڪ ته پئسو گهٽ مٿان اها به خبر نه هوندي هئي ته ڪهڙي بس ڪهڙي پاسي پئي وڃي. آفيس ۾ وڃ ته ڪير ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه. هڪ ڪم جي پٺيان ڪيترا ڏينهن پيا لڳن. آخر آهستي آهستي بچيل پيسا به ختم ٿي ويا. سڄو ڏينهن بک تي پنڌ ڪري گهر اچي پاڻيءَ جو گلاس پي سمهي رهندي هيس. شڪر رڳو اهو ته منهنجي ٻارن لاءِ گهر ۾ کير موجود هوندو هو. اهو ڏينهن به ياد اٿم ٽن ڏينهن جي لنگهڻ کان پوءِ مجبور ٿي پاڙي وارن وٽان پٽاٽا گهُري آيم ۽ انهن کي اوٻاري کاڌم، اي جي سنڌ ۾ آغا صدرالدين مرحوم (جيڪو پوءِ ڪار جي حادثي ۾ انتقال ڪري ويو) سان ملاقات ٿي اهو منهنجي لاءِ رحمت جو فرشتو ثابت ٿيو. ان منهنجي ڪم کي ترت اڪلائڻ ۾ ڏاڍي مدد ڪئي. منهنجو سڄو ڪم ان پنهنجن ماڻهن کي موڪلي ڪرايو. آخر اهو ڏينهن به آيو جو مونکي جوائننگ رپوٽ سان گڏ ساڍا ڇهه هزار پگهار جا مليا. ڪيترن ڏينهن جا ڌڪا کائي بکون ڪاٽي، ذهني پريشانين کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته پئسو ڪهڙي شيءِ آهي. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته پئسو هجي جو انسان پنهنجون ذاتي ضرورتون پوريون ڪري سگهي. . .
انسان اهي ڳالهيون لکي ۽ ٻڌائي سگهندو جيڪي لکڻ ۽ ٻڌائڻ جهڙيون هونديون آهن ڪي اهڙيون وارتائون به هونديون آهن جيڪي سلي نه سگهبيون آهن. شايد منهنجي زندگيءَ جو اهو هڪ مهينو جيڪو مان امان کتان جي گهر رهي هئس، اها منهنجي بنيادي تربيت هئي جنهن مون کي عام زندگيءَ ۾ آڻي جيئڻ جو سبق ڏنو. مقابلي ڪرڻ جي قوت ڏني. جيڪڏهن مان به پنهنجين ٻين ڀينرن وانگر عام رواجي تربيت حاصل ڪيان ها، ڪتابن جي دنيا کان پري هجان ها. ان ويل هي زندگيءَ جا حادثا مون تي گذرن ها ته مان يقينن مري وڃان ها يا ته پاڳل ضرور ٿيان ها.
انسان زندگيءَ ۾ مختلف قسم جون محبتون ڪندو آهي. پنهنجن پيارن سان، گهر ڀاتين سان، زماني سان پر مون گهڻي ۾ گهڻو پيار پنهنجو پاڻ سان ڪيو آهي. مون کي پنهنجي موجود سان زندگيءَ سان، ڏاڍو پيار آهي. همت سان مقابلي سان، جبلن جيڏن غمن کي پوئتي اُڇلي، اڪيلي تنها مون جيئڻ جو حق دنيا کان کسي ورتو آهي.

آچر 9 جون 1991ع

بي گناهن جو موت ۽ مري وڃڻ جون وارتائون

هن هيڏي وڏي جل ٿل ۾ جيءُ جلي ٿو. هن نفسا نفسي جي عالم ۾ سڀ ڪو پنهنجا تابوت کنيو ڊڪندو ڀڄندو پيو وتي. موت پٺيان ڪاهيندو ٿو وتي، پيرا کنيو پيو اچي ۽ انسان ويچارو جيئڻ خاطر يڪ ساهي هڪ رستي تي ڊڪندو ٿو رهي.
موت ڪيترو نه سولو آهي، موت ڪيترو نه ويجهو آهي، موت ڪيترو نه سستو آهي. پوڙها ٺوڙها ته پيا جيئن. اُنهن ويچارن جي نه ڪنهن کي ضرورت ۽ نه وري انهن جي اهميت. سڀ ڪنهن تي بوجهه هوندي به هو پيا جيئن. آخر به ته جيتري زندگي هوندن ته ضرور جيئندا. ها باقي ڏکيو آهي جيئڻ اڄ جي نوجوانن جو. اُهي نوجوان جيڪي پنهنجي روزگار، نوڪري ۽ وجود جي جنگ جوٽڻ لاءِ ٻاهر ٿا نڪرن. انهن جي گهر مان نڪرڻ کانپوءِ اهو سوچڻ ضروري ٿي پوندو آهي ته خير سان جيئرا موٽندا به الائجي نه؟....... جوانن جي جوانين جو خير، گهر جي وارثن جو خير، عورتون ويچاريون سڄو ڏينهن تسبيح وانگر اهو ورد ڪيو ڏينهن ٿيون گذارين.
اڄ جڏهن انسان ايتري ترقي ڪئي آهي. سائنسي ۽ ايٽمي دور آهي. اُن جي باوجود به انسان عدم تحفظ جو شڪار آهي. اڄ انسان جو کاڄ انسان آهي. گولي هلي ناهي. بم ڦاٽو نه آهي. وسن جهڙا انسان گهڙي ۾ چٽ پٽ. اُهو انسان جيڪو مهيني اڌ جي بيماري ڪاٽي کٽ تي سڪرات ڪاٽي وڃي الله کي ملندو آهي. گهر ڀاتين کي به سڪون اچي ويندو آهي. وقت پوڻ سان آهستي آهستي ڏک جا زخم به ڇٽي ويندا آهن. سڀ ڪو حال تي راضي رهي الله کان آئنده جي لاءِ پناهه پيو گهرندو آهي. وس ته ڪو هلندو ئي نه آهي، ڇو ته الله جو حڪم هوندو آهي ۽ الله سان ڪير سينو ساهي؟ پر هي بي وقتا موت، ري کٽيءَ جا موت، جن ۾ نه وقت جي خبر ۽ نه قاتل جي خبر، بس گهر مان ماڻهو نڪتو ناهي، گولي هلي ناهي، وسن جهڙا اڙٻنگ جوان منٽن ۾ چٽ، قاتل نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو. اها به اميد نه آهي ته ڪو قاتل آئنده پڪڙيو ويندو يا وري ان کي پنهنجي ڪئيءَ جي سزا ملندي.
موت برحق آهي، مرڻو آهي سڀ ڪنهن کي، پر اهڙا موت انسان کي اڃا وڌيڪ بي سڪون، بي آرام ڪيو ڇڏين. گهرڀاتين کي صبر ئي ڪونه ايندو آهي. ذهن ۾ هميشه اهو سوال اڀرندو آهي ته هيءَ الله جو نه پر بندن جو حڪم ۽ ظلم آهي ۽ گهر مان نه نڪري ها ته مون بچي پوي ها. هيئن نه ٿئي ها يا هونئن نه ٿئي ها ذهن ۾ هزارين سوال پيا پيدا ٿيندا آهن جن جو ڪو به جواب نه ملندو آهي. اهڙن موتن جا زخم ۽ ڏک وقت پوڻ سان گهٽجندا نه آهن. بلڪ آهستي آهستي ناسور ٿي پوندا آهن. نفرت جي باهه وجود ۾ پئي ٻرندي آهي. جڏهن انسان ئي انسان جو ويري ٿيندو آهي، جڏهن انسان ئي انسان جو رت وهائيندو آهي. جڏهن انسان ئي هن ڌرتي تي ظالم وحشي ۽ جانور ٿي پوندو آهي، ته پوءِ هيءَ ڌرتي، هي آسمان، هي هوا پڻ اُن کان نفرت ڪندي آهي ۽ پاڻ تي بار سمجهندي آهي.
مٿي خدا پڻ پنهنجن ٺاهيل انسانن کان بيزار ٿي پوندو آهي. پوءِ ٿيندا آهن حادثا، ايندا آهن زلزلا ۽ ٻوڏون. انسانن کي پنهنجي اعمالن جي سزا ڏيڻ لاءِ يا وري انهن کي سبق ڏيڻ لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون آهن جو ذهن اچرج ۾ پئجي ويندو آهي ۽ عقل حيران ٿي ويندو آهي. ظالم انسان ڏاڍ ۽ ظلم ڪرڻ وارا يقيناً اُهي به پنهنجي انت کي ضرور پهچندا پر ڏٺو ويو آهي ته ظلم جي زندگي وڏي ۽ ان ظالم جي رسي ڊگهي هوندي آهي.
گذريل ڇهن مهينن جو صرف حساب رکجي ته معلوم ٿيندو ته دهشتگردن جي فائرنگ سان گڏ ريلن جا حادثا، بمن جا ڌماڪا، بسن جا حادثا ايترا ته گهڻا ٿيا آهن جو سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر موت جو تناسب ايڏو وڌي ڇو ويو آهي. مٿان آئي گرمي جي مند، گرمي به اهڙي پئي جو الله ڏي بندو سهي... روزانو سون جي حساب سان ماڻهو مئا. وڏي عمر جا ماڻهو پنهنجي عمر جي حساب سان ٻڌائين پيا ته اُنهن ايڏي عمر گذاري پر اهڙي گرمي ڪڏهن ڪانه ٿي. حيدرآباد جو هڪ ڊاڪٽر چوڻ لڳو ته هيءَ گرمي نه آهي الاهي عذاب آهي جيڪو هتان جي بندن مٿان ڪريو آهي. ڇو ته ڪيترن بيگناهن جو رت دهشتگردن هن ڌرتيءَ تي وهايو آ. ظلم ۽ قهر جي انتها ڪئي وئي آهي. اُن ڪري ئي هيءَ ڌرتي تپي ٽامو ٿي پئي آهي.
سچ به ته اهو آهي ته ڌرتي پاڻ بيزار ٿي پوندي آهي، ڌڪي ٻاهر ڪڍندي آهي يا پاڻ کي چيري ڦاڙي زلزلا آڻي انت آڻيندي آهي، انهن قومن ۽ ماڻهن جو جيڪي ظلم جي واٽ تي هلندا آهن. توهان سوچيندا هوندو ته ضروري ٿوروئي آهي ته مرڻ وارا سڀ ظالم قاتل هئا. نه بلڪل نه هو معصوم بي گناهه هئا. دراصل ظلم کي سهڻ وارا، ماٺ ڪري چپ ڪري ويهڻ وارا وڌيڪ ڏوهدار هوندا آهن. ڄاڻي واڻي پنهنجي ڪمزوري ۽ بي همتي ڏيکاري ظالم جو من وڌائڻ وارا به اوترائي گناهگار آهن ۽ انهن کي اوتري ئي سزا ملڻ گهرجي جيڪا هڪ ظالم کي ملي ٿي. هن وٺ پڪڙ جي ماحول ۾ چئني طرف نظر ڦيرائجي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ جو خطو اهڙو آهي جيڪو هر طرح سان مڪمل جڪڙيل آهي، هر طرح جي عذابن ۾. ڌاڙيلن جو ظلم، سياسي، طور بدحال صوبو، بي ضميرن جي بادشاهي، دهشتگردي جو راڄ، ريلن ۽ بسن جا حادثا، مٿان وري گرمي جو عذاب؟ آخر هتان جا بي گناهه رهواسي ڪنهن جي گناهن جو عيوضو ڀري رهيا آهن؟ يقيناً توهان اسان سڀ سمجهون ٿا خبر آهي اسان سڀني کي ڪير آهن اُهي جن جي ڪري هيءَ ڌرتي تپي ٽامو ٿي آهي ۽ هتان جون هوائون فضائون به رخ مٽائين پيون. انهن گناهگارن ۾ ڪي پنهنجا ڪي پرايا سڀ شامل آهن. انهن ڪجهه ظالم رهزنن ۽ بي صغيرن جي ڪري ئي سڄي سنڌ ٻري پئي تپي پئي.
همت نه آهي هتان جي ڪمزورن ۾ مقابلي ڪرڻ جي، همت نه آهي سچ سان مقابلو ڪرڻ جي همت نه آهي پنهنجي ڌرتي، عزتن ۽ لڄن جي حفاظت ڪرڻ جي، همت نه آهي کلئي عام چوواٽي تي بيهي سچ چوڻ جي...... بي همت، بي لڄا، بي شرم هن ڌرتي جا رهواسي جيڪي نه دوستيون نڀائي سگهيا نه دشمن جو مقابلو ڪري سگهيا. اڄ قسمت جو ڍارو اُبتو پيو ڦري. اڄ هتان جي رهواسين جون ٻه به گم آهن ته ڇهه به گم آهن..... چئني طرفن کان وٽيل هن ڌرتي جا رهواسي جيڪي جيئڻ جي خاطر ڊوڙندا ٿا وتن. پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن پر ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موت اُنهن جو پيڇو نه ٿو ڇڏي. اڄ هن ڌرتي جا رهواسي نه زمين جا رهيا آهن، نه آسمان جا، خلائن ۾ کينوهڙن وانگر ڌڪا جهليندڙ هن ڌرتي جا رهواسي دراصل حساب ڪتاب ڏين پيا پنهنجن اعمالن جو، پنهنجي بي همتي جو، پنهنجي ضميري جو.... سچ ته جيئڻ جو ڪو حق ئي ڪونهي هنن ماڻهن کي جيڪي پنهنجي حق لاءِ وڙهي نٿا سگهن. ڪاش ڌرتي ڌٻي غرق ٿئي، آسمان مان ڪا سنگ باري ٿئي ڪجهه نه بچي ڪجهه نه رهي. رهجي وڃن دڙا، دڙن مٿان دڙا، شل ڪو ٻيو موهن جو دڙو ٺهي، شل ڪو ٻيو ڪاهوءَ جو دڙو ٺهي.........

آچر 30 جون 1991ع

راندين ۾ سنڌين سان ناانصافي

ڪيڏن هفتن جي غير حاضري کان پوءِ پنهنجي پڙهندڙن آڏو حاضر ٿي آهيان. لکڻ لاءِ وقت هجي ۽ وقت سان گڏ ذهن به حاضر ۽ مطمئن هجي ته لکڻ وقت هڪ ماحول پيدا ٿي ويندو آهي لکندڙ جي پنهنجي وجود ۾ . . . اهو ماحول ضروري ناهي ته تنهائيءَ جو هجي يا وري خاموشيءَ جو هجي. مون سان ته ائين ٿيندو آهي جو بس لکڻ لاءِ ذهن حاضر هجي پوءِ ڀلي گوڙ گمسان ۾ هجان يا وري ڪنهن ميلي ۾ هجان. ڪنهن جي به پرواهه نه هوندي آهي. بس لکندي رهندي آهيان. هر ڪنهن جي پنهنجي طبيعت هوندي آهي. مختلف لکندڙ مختلف ڪيفيتن مان گذرندا آهن. ها پر هڪ ڳالهه سڀني ۾ يڪسان آهي ته ذهن لکڻ لاءِ تيار هجي ۽ دل به چاهي ته لکجي. . . گذريل ٻن مهينن کان وٺي جن ڪيفيتن ۽ حالتن مان گذران پئي. ان ۾ لکڻ ته ڇا پر آس پاس نظر ڊوڙائڻ جي به فرصت نه هيم . . . ڪي ڪي وقت ۽ دور انسان جي مٿان اهڙا ته گذرندا آهن جو انهن تي وس ئي نه هلندو آهي. انسان به هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي وقت جي وهڪري جي حوالي ڪري ڇڏيندو. . .
ڪڏهن ڪڏهن وقت ۽ حالتون ان ٻه واٽي وٽ وڃي بيهارينديون آهن جو پنهنجن جي هٿ وس ڪجهه نه رهندو آهي اها بي وسيءَ جي حالت ڏاڍي ڏکوئيندڙ هوندي آهي. وقت به گذري ويندو مسئلن جو حل به نه نڪري ايندو آهي. پر ڏکوئيندڙ حالتون ڪڏهن به وساري نه سگهبيون آهن.
گذريل مهيني ۾ بس اوچتو ئي اوچتو حڪم مليو ته سائين سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي صحافين جو هڪ تربيتي ڪورس آهي ان ۾ اچڻ ضروري آهي. عوامي آواز اخبار ۾ به مهيني کن کان ڪا نه پئي ويس. هڪ ڏينهن ويس ته ڍير خطن ۾ ڪجهه خط ان تربيتي ڪورس بابت به آيل هئا. هاڻ وقت به ٿورو هو مان فيصلو ئي نه ڪري پئي سگهان ته وڃان يا نه وڃان. آخر همت ڪري نڪري پيس سوچيم حيدرآباد ۾ ان بهاني سان امان سان به ملاقات ٿي ويندي ۽ ٻار به خوش ٿي ويندا.
هي جيڪو صحافين جو تربيتي ڪورس هو ان جي لاءِ الڳ ڪيترائي ڪالم لکي سگهجن ٿا. هي تربيتي ڪورس تمام افاديت وارو آهي. اتي شاگرد وانگي ويهي، ڏسي ٻڌي جيڪو ڪجهه اسان پرايو آهي يا وري اتي جيڪا ڄاڻ ملي آهي شايد زندگيءَ ۾ ڪٿان به ايترو ڪجهه نه ٿو پرائي سگهجي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل صحافي ۽ انهن سان ڪيل ڳالهيون هڪ پنهنجائپ وارو ماحول هو. اتي تربيتي ڪورس دوران ڪجهه نوجوان ڏاڍا ڦڙتيلا ۽ ڪم ۾ چنبڙيل نظر آيا. انهن شاگردن تمام گهڻو خيال رکيو صحافين جو. انهن شاگردن مان هڪ شاگردن مون وٽ آيو ۽ چيائين مئڊم سلطانه توهان پنهنجي ڪالم ۾ منهنجو ذڪر ضرور ڪجو مون سان ڏاڍو ظلم ٿيو آهي. ڏٺم ته اهو شاگرد قدآوار جانٺو جوان هو. کلي چيومانس ته بابا تون ته ٺيڪ ٺاڪ آهين. تو تي وري ڪهڙو ظلم ٿيو آهي . . .
ان نوجوان جڏهن پنهنجو مسئلو ٻڌايو ته سچ پڇو ته ڏاڍو ڏک ٿيو. آخر اهي ظلم ۽ ويساهه گهاتيون اسان جي نوجوانن سان ڪيستائين ٿينديون رهنديون؟ اڄ جو نوجوان جيڪو همت ڀريو آهي. جنهن ۾ قوت آهي مقابلي ڪرڻ جي ۽ اڳتي وڌڻ جي جستجو ۽ همت ڪرڻ کان پوءِ به جڏهن نراسايون ملن ته پوءِ ڀلا ڇو ڪين اهڙا جوان فرسٽريشن جو شڪار ٿيندا. . . ان شاگرد جو نالو وجاهت حسين ماڪاڻي آهي. جيالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽئين سال جو شاگرد آهي. ان ٻڌايو ته هو ايٿليٽ آهي. ان سنڌ ليول کان نڪري پاڪستان ليول تي مقابلن ۾ حصو ورتو آهي.
1989ع ۾ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽيز ايٿليٽڪ چئمپين شپ ۾ ان گولڊ ميڊل حاصل ڪيو آهي. 1990ع ۾ به ان گولڊ ميڊل کنيو. ٻن مقابلن ۾ هڪ آل پاڪستان يونيورسٽيز ايٿليٽڪ چئمپين شپ پول والٽ جي 1 يونٽ ۾ ۽ ٻيو نيشنل ايٿليٽڪ چئمپين شپ ڊڪيبٿلون جي 1 يونٽ ۾. وري 1991ع جي نيشنل ايٿليٽڪ چئمپين شپ ۾ وري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. وجاهت حسين ماڪاڻي اهو به ٻڌايو ته ان جي مقابلي جو ايٿليٽ پاڪستان ۾ آهي ئي ڪو نه. ان ڪري کيس ستاويهين قومي ايٿيلٽ چئمپين شپ ۾ يونيورسيز گرانٽ ڪميشن جي ٽيم جو ڪيپٽن ۽ ٽيم جو واحد ايٿليٽ جنهن (UGC) جي لاءِ ميڊل کٽيو ۽ ورلڊ يونيورسٽيز گيمز جيڪي انگلينڊ ۾ منعقد ٿيون. ان ۾ وجاهت حسين جي سليڪشن ٿي ويئي. هي نوجوان شاگرد خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو ڇو ته کيس ايڏو وڏو اعزاز مليو هو. ان سليڪشن ۽ مقابلي جي بنياد تي ان کي دنيا جي سٺين يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ تي داخلا به ملي وڃي ها. وجاهت حسين انتظار ڪندو رهيو پر ٿيو ڇا خاموشيءَ سان پنجاب مان هڪ ڇوڪري کي ان جي جاءِ تي موڪليو ويو. اهو اطلاع به ان کي ڪو نه ڏنو ويو ته ڪهڙن بنيادن تي ان جي سليڪشن کي رد ڪيو ويو آهي.
هي ظلم ۽ زيادتيون جيڪي اسان جي نوجوان سان ٿينديون رهن ٿيون آخر ڪيستائين انهن کي درگذر ڪبو رهبو. سنڌي هجڻ جي ڪري انهن جي صلاحيتن ۽ خوبين کي آخر ڇو ائين درگذر ڪيو ٿو وڃي. هيءُ نوجوان ته اتفاق سان کڻي مون کي ملي پيو. پر ڏٺو وڃي ته هر هنڌ الائجي ڪيترائي سنڌي نوجوان آهن جيڪي ڊگريون ۽ صلاحيتون کنيو ڌڪا کائيندا ٿا وتن ۽ انهن جو قدر ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي . . . پنهنجي ڌرتي تي پنهنجن جي وچ ۾ اڄ اسان جو سنڌي اڪيلو ۽ مسئلن جو شڪار آهي . . .
سنڌين جي ڪيل ڪوتاهين جو ته ڪو انت ئي ڪونهي، ان ڪوتاهين جون سزائون ڀوڳيون پيا ته به سڌرون نه ٿا، پراڻو وقت گذري ويو پر هن دور ۾ جڏهن مقابلو گهڻو آهي ۽ هر ڪو شخص اڳتي وڌڻ چاهي ٿو ان وقت اهڙيون زيادتيون اسان جي نوجوان کي نراس ڪيو ٿيون ڇڏين. ظالم کي ظلم ڪرڻ جي همت ٿيندي آهي جڏهن اڳيان مظلوم ڪمزور ۽ لاوارث هوندو آهي. ڪمزور ۽ لاوارث تي پنهنجن پراون سڀني جي هلان هوندي آهي. ٻين کي ميارون ڇو ڏجن، پرايون ڳالهيون ڇو ڪجن. اسان ته پاڻ پنهنجا ويري آهيون. اسان ته پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻندا آهيون. اسان ته پاڻ خود هڪ ٻئي جا ترا ڪڍندا آهيون. هڪ ٻئي کي سهون به ڪو نه . . . سياسي توڙي سماجي طور اسان سنڌين پنهنجو پاڻ کي جيترو نقصان پهچايو آهي اوترو پراين ڪونه پهچايو آهي. جڏهن اسان پاڻ ڪمزور آهيون تڏهن ته ٻيا اسان جا حق ڦرين ٿا. جيڪڏهن اسان مضبوط ۽ متحد هجون ها ته ڪنهن کي همت هجي ها ته . ... وجاهت حسين ماڪاڻي جهڙن نوجوانن جو حق ڦري سگهن ها؟ ؟ ؟
18 آگسٽ 1991ع

بهاري، بهاري ۽ بهاري .....؟

اڄ ڪلهه وري زور شور سان بهارين کي آڻڻ جو ڳالهيون پيون ٿين. منصوبا پيا ٺهن. ان سلسلي ۾ تازو جيئي سنڌ وارن هڙتال جو سڏ ڏنو. اهو سڏ ڏاڍو ڪامياب ويو. سڄي سنڌ مڪمل طور بند هئي. ان هڙتال کي هڪ ڪامياب هڙتال چئي سگهجي ٿو. پر اردو اخبارن ان کي ٻئي طريقي سان پيش ڪيو. انهن پنهنجي هر خبر ۾ اها ڳالهه، ضرور لکي ته شهرن ۾ ان هڙتال جو ڪو به اثر نه ٿيو. حيدرآباد ۾ اگر بم نه ڦاٽن ها ته دڪان بند نه ٿين ها ۽ نه ٻيو ڪجهه ٿئي ها. پوريون خبرون غور سان پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه ظاهر ٿي ته انهن اڳيان سنڌين جي هن هڙتال ڪا حيثيت نه رکي. ها اگر وڏن شهرن ۾ هڙتال ٿئي ها ته ڪامياب ليکي وڃي ها. باقي سنڌين جي راءِ، سچ ۽ جدوجهد ڪا حيثيت ئي نه ٿي رکي ڇو ته سنڌي آهن ئي غدار، ڪافر وغيره . . .
هيءَ هڙتال يا ان کان اڳ ۾ بهارين جي خلاف ٿيندڙ هڙتالون هميشه ڪامياب رهيون آهن. سنڌ جي عوام مڪمل تائيد سان ساٿ ڏنو. پر اهي هڙتالون ان وقت اهميت وڃائي ويهن ٿيون جڏهن اسان جا وڏا وڏا ليڊر ماٺ ڪري ڪنڊ ٿا وڃي وسائين. عوام ته متحد پر ليڊر ڇڙوڇڙ . . . چون اسان جو ڇا منهنجي پارٽي ٿورئي هڙتال جو سڏ ڏنو آهي . . . اسان وري الڳ هڙتال ڪرائينداسين. حالانڪه عوام جو فيصلو اصل طاقت هوندي آهي. جيڪا ڪوٽن جا ڪنگرا به لوڏي ڇڏيندي آهن. پر اسان جي ملڪ جي سياست ابتڙ آهي. هن سياسي ليڊرن جي بيانن کي وڌيڪ اهميت آهي. هيءَ خواهش هر سنڌي ۾ موجود رهي آهي ته ڪاش هي سڀ سنڌي هڪ دفعو پاڻ ۾ متحد ٿي گڏ ٿي سنڌ جي ماڻهو ۽ سنڌ جي بقا لاءِ ڪجهه فيصلا ڪن. هن هڙتال جي موقعي تي وڏن وڏن نالي وارن ليڊرن جا پختا ۽ مضبوط حمائتي بيان اچن ها ته شايد هن هڙتال جو نتيجو اڃا به وڌيڪ ڪارگر ظاهر ٿئي ها. بهارين جو مسئلو، ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو، پاڻي جو مسئلو، دهشتگرديءَ کان بچائڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ وارا منصوبا اهي ڪي معمولي منصوبا نه آهن . . . عوام ته باشعور آهي، عوام متحد آهي، عوام هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر ڇا ڪجي هنن ليڊرن کي جيڪي ناني ڳوٺڙو ٺاهيو ويٺا آهن. پنهنجي خول مان پنهنجي ٻرن مان باهر ئي ڪو نه ٿا نڪرن. اليڪشن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪري ووٽ وٺندڙ، اسيمبلين ۾ ويهندڙ هنن سڀني سياسي ليڊرن جي وٺ ڪرڻ گهرجي . . . . . هاڻ هڪ آخري ۽ مضبوط قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هاڻ ڪرڻ ائين گهرجي ته اسان جي ليڊرن وٽ اسان جا هڏ ڏوکي باشعور سنڌي پهريون ۽ آخري دفعو وڃن. انهن کي فردن فردن ان ڳالهه تي آماده ڪن ته هو سنڌ جي اهم مسئلن تي هڪ هنڌ گڏ ٿين، هڪ هنڌ ويهي پاڻ ۾ ملي هو فيصلا ڪن. ڏٺو ائين ويو آهي ته اهي ليڊر هڪ ٻئي وٽ ويندي ڪيٻائيندا آهن. انهن کي اهو خطرو هوندو آهي ته متان انهن جي ليڊري ۾ ڪا ڪمي اچي وڃي يا انهن جي عزت ۾ ڪو خطرو ٿو اچي. انهن کي اهڙي هنڌ گڏ ڪجي جت اچڻ ۾ انهن کي ڪو اعتراض نه ٿئي. اخبارن جي تعاون سان عوام کي پنهنجو شاهد بڻائي انهن سان ڳالهائجي، ڪي ليڊر اگر گڏ نه ٿا ٿيڻ چاهين ته انهن جا نالا ۽ ڪردار وضاحت سان عوام جي آڏو پيش ڪيا وڃن. انهن ليڊرن کي گڏ ڪري هڪ هنڌ ويهاري هڪ منظم تحريڪ هلائجي. توهان ان ڳالهه جو يقين ڪريو ته سنڌي ليڊر صرف هڪ جاءِ تي گڏ ٿيندا ته به هاءِ گهوڙا مچي ويندي ۽ زلزلو اچي ويندو. اندر ڪمري ۾ ويهي چاهي هو پاڻ سان ويهي ڪهڙيون به شڪايتون ڪن ميارون ڏين پر سنڌ جي مسئلي تي پاڻ ۾ گڏ ٿي پون ته يقين ڪيو ته سنڌ ڏي ڪير به اک نه کڻندو . . . .
جيڪو به شخص سنڌ جي ڌرتيءَ تي سنڌيءَ جي ووٽ تي اليڪشن وڙهي ٿو ان کي ان ڳالهه جو جوابدار ٺهرايو وڃي ته هو سنڌ جي مسئلن تي ٻٽي پاليسي اختيار نه ڪري. قوم پرستي ۽ وفاق پرستي جي ڄار ۾ پاڻ کي نه ڦاسائي. مان اپيل ٿي ڪريان سڀني باشعور، سنڌين کي ته هو ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي، وفد وٺي هنن سڀني ليڊرن سان ملن ۽ جلد از جلد ان سلسلي ۾ ڪجهه ڪيو وڃي ڇو ته حالتون اڃا به خراب کان خراب تر ٿينديون ٿيون وڃن. ان سلسلي ۾ هاڻ ماٺ ڪرڻ ڪين جڳائي . . . . .
سنڌين کي هميشه اسلام جي نالي تي ٺڳيو ۽ ڦريو ويو آهي. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته به نعرو ته اسلام جو هو. آيا ته مسلمان هئا هت پر ان کان پوءِ جون حالتون ڏيکارين پيون ته سائين اردو ڳالهائيندڙ ته مسلمان آهن ٻيو ڪير پنهنجي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪندو ته ڪافر آهي. حق گهريو ته غدار آهيو، نوڪريون ۽ روز رزق گهريو ته هندستان جا ايجنٽ آهيو. مطلب ته ڪارخانو ئي ابتو پيو هلي.
هاڻ وري اسلام جي نالي پٺيان چيو پيو وڃي ته جيڪو به مسلمان دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ رهي ٿو ان کي پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ اچڻ جو پورو پورو اختيار ۽ حق رکي ٿو، ان سلسلي ۾ بهاري به ڇو ته مسلمان آهن ان ڪري اهي حق رکن ٿا هت اچڻ جو. وڏو منجهائيندڙ فلسفو ته اهو آهي ته سائين اهي بهاري پاڪستاني آهن ۽ محب وطن آهن . . . . انهن جو حق آهي پاڪستان تي خاص ڪري سنڌ تي، حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته اهي بهاري جن سنڌ کي ڏٺو ئي نه آهي. هتان جي شهرن روڊن، واهڻن، هوا، پاڻي سڀ کان ناواقف آهن. اهي ماڻهو جن نه هت جنم ورتو آهي ۽ نه وري انهن جي ڪا پيڙهي هتي دفن آهي اهي هن پاڪستان يا سنڌ جا وارث ڪيئن ٿي ٿا سگهن ؟ سنڌين کي هميشه اهو سبق ڏنو ويندو آهي ته اهي بنگلاديش جي حالتن مان سبق پرائين. چڱو سائين سنڌي سبق ياد ٿا ڪن اصل پڪو سبق ياد ٿا ڪن. هاڻ جيڪڏهن بنگلاديش جي حالتن جو بغور مطالعو ڪيو وڃي ته اها ڳالهه ظاهر آهي ته اهي بنگالي جن کي هميشه غدار ۽ ڪافر سڏيو ويو ۽ بهارين کي محب وطن ۽ مسلمان ڪوٺيو ويو. ان مسلماني جي ناتي سان بهارين بنگال جي ماڻهن مٿان ظلم قهر جي انتها ڪري ڇڏي، جڏهن حساب ڪتاب جو وقت آيو ۽ بنگلاديش ٺهي ويو ته سڀني ڏٺو ۽ تاريخ جو وڏو سچ به اهو ئي ثابت ٿيو ته بنگالي ڇو ته اصل وارث هئا ان ڌرتيءَ جا انهن کي ڪير به لوڏي نه سگهيو ۽ اهي بهاري جن کي اصل پاڪستاني ۽ محبت وطن چيو ويو اهي وڃي ڪيمپن ۾ ويٺا . . . . حساب ڪتاب ڪرڻ مهل خبر پئي ته جيئن ته ڪنهن جائيداد ۾ حصو پتي هوندو آهي. انهن بهارين جو نه ڪو ات حصو هو نه پتي نه وري پڳڙي ۽ نه وري حصيداري، حساب ڪتاب مهل انهن جو ڪجهه به نه نڪتو ۽ اصل وارث نڪتا ان ڌرتيءَ جا اصل رهاڪو. اهڙي طرح سنڌ ۾ به اهو ئي ٿئي پيو. جيڪڏهن حالتون مڍيون ۽ ڪي اڻ وڻندڙ ماحول پيدا ٿيو ته نقصان ڪنهن جو ٿيندو . . . . .؟ سنڌين کي بنگالين وانگر ماري ته سگهجي ٿو، تباهه برباد ڪري ته سگهجي ٿو. سنگينن جي نوڪ تي ظلم ڪري نياڻين سياڻين جون بيعزتيون ته ڪري سگهجن ٿيون پر سنڌين جو حق ۽ مالڪي هن ڌرتيءَ تان ختم ڪري نه ٿي سگهجي. حساب ڪتاب مهل اها ئي بنگلاديش واري ڳالهه وڃي بيهندي . . . . . پوءِ ڀلا اهڙين حالتن مان ڪنهن کي سبق پرائڻ گهرجي. . . . سنڌين کي يا وري ٻين گروهن کي جيڪي دهشتگردي جي بازار گرم ڪيو ويٺا آهن. هت گڏ رهڻ جو تعلق آهي محبت جو، احساس جو. محبت سان گڏجي ماڻهو اڌو اڌ ورهائي به کائي سگهي ٿو. سنڌين جي ته اها تاريخ آهي ته انهن محبت پٺيان آيلن جي اڳيان پنهنجو سڀ ڪجهه رکي ڇڏيو ۽ پاڻ کي سڃو ڪري ڇڏيو . . . . .
بهاري ڪنهن به طريقي سان پاڪستاني نه آهن ۽ نه وري ڪنهن به مسلمان کي اهو حق آهي جو هو پاڪستان ۾ اچي. ان معاملي سان ته هو مسلمان آهي. پاڪستان يا سنڌ بين الاقوامي يتيم خانو ڪونهي ٻيا به ته اسلامي ملڪ آهن. خود بنگلاديش به ته هڪ مسلمان ملڪ آهي. . . .
اسان جي اسيمبلين ۾ ته جيڪي تماشا ٿين پيا سي به تاريخ ۾ لکڻ جهڙا آهي. ڪجهه عرصو اڳ ائين هو ته هو ڌاريا اسيمبلي ۾ ڳالهائيندا هئا ۽ بحث ۽ مباحثا ڪندا هئا. هاڻ جو انهن ڏٺو ته هي سڀ سنڌي ميمبر هڪ ٻئي کي سهن ئي ڪو نه ٿا، هڪ ٻئي کي گاريون ڏيئي اڇا ڪارا پڌرا پيا ڪن. جڏهن هو پاڻ ئي هڪ ٻئي جا مٿا پيا ڪوڙين ته پوءِ انهن کي پاڪي کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت......هاڻ ته اُنهن ڊگڊگي هٿ ۾ کنئي آهي.
هاڻ اک ٻوٽ جو زمانو نه آهي. هاڻ ڪوتاهيون درگذر ڪري نه ٿيون سگهجن....... هاڻ فيصلا ڪرڻ ۽ نتيجا اخذ ڪرڻ جو حق ٻئي ڪنهن کي ڏيئي نه ٿو سگهي......ڪير ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي اُن کي سنڌين جي مستقبل ۽ سنڌ جي بقا سان کيڏڻ جو حق ڏيئي نه ٿو سگهجي.....جيڪو به ليڊر جت به ڪوتاهي ڪري اُن جي نڙيءَ تي ننهن رکي حساب ڪتاب وٺڻ جو حق هر سنڌيءَ کي آهي...... ڪڏهن ڪڏهن اهڙي موڙ تي ڪي قومون اچي وينديون آهن جڏهن ڪوتاهين کي درگذر ڪرڻ يا غلط فيصلا ڪرڻ جي گنجائش ئي نه هوندي آهي.
اچو ته هن ڌرتيءَ تي پير مضبوطي سان رکي آڪاش کي ڀاڪرن ۾ ڀري سڄي دنيا کي اهو ٻڌايون ته سنڌ رڳو موهن جو دڙو ۽ ڪاهوءَ جو دڙو نه آهي. هڪ جيئرن جا ڳندن، شعور رکندڙن، پنهنجو حق وڙهي وٺڻ وارن جي ڌرتي آهي.

آچر 15 سيپٽمبر 1991ع

زمين جي پيدائش ۽ ان جو اُجورو

اسان جي سنڌ ۾ هزارين اهڙا ڳوٺ آهن، جتي رهواسي زندگي جي بنيادي ضرورتن کان محروم آهن. سنڌ جو ڳوٺ معنيٰ غربت ۽ بک . . . هزارين ماڻهو انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا آهن. انهن جي گهرن ۾ جيڪڏهن سُڪو اَٽو به آهي ته به شڪر ڪن ٿا ته ان اٽي مان ڍوڍو پچائي هو رکو يا لسي لپ سان کائي پيٽ ڀريندا . . . باقي رهيا وڏا شهرته ات هر قسم جا مزا آهن. نوڪريون به آهن ته مزوري به جام آهي. هڪ مزدور به ڏهاڙي سو ڏيڍ سو ٿو ڪمائي. چڱو گهر به اٿس ۽ منجهند جي ماني ۾ برياني ٿو کائي . . . ڳوٺاڻو سنڌي ويچارو پيٽ بکيو انگ اگهاڙو پنهنجي اولاد کي ڪشالن سان ڪجهه تعليم ڏياري ٿو. اهو سنڌي نوجوان جڏهن شهر ۾ اچي ٿو ۽ روزگار سان لڳي ٿو. چاهي اها ڪلارڪي هجي يا آفيسري هو اٻوجهه سنڌي شهري ماڻهو جي اک جو ڪنڊو ٿي ٿو پوي. شهري نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ان ڳوٺاڻي کي اهو شهري ماڻهو جنهن جو پيٽ به ڀريل آهي ۽ کيسا به ڀريل آهن. ان ڳوٺاڻي جي هٿ مان اهو اڻڀو سڻڀو ٽڪر به کسڻ چاهي ٿو. ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ مختلف قسم جون هلائون ڪندو رهي ٿو. حرفتون هلائيندو رهي ٿو. . .
اسان جي سنڌ جا ڪجهه علائقا ايترا ته پوئتي پيل آهن جو اڄ هن ترقي يافته زماني ۾ عبرت جو مقام آهن. ٿر جي علائقي کي صرف ان ڪري مشهوري ملي آهي جو اتان جا ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري مختلف حصن ۾ هليا ٿا وڃن ۽ وڃي پنهنجا سور ٿا ٻڌائين. ٻيو ته ٿر پيٽ ٿو ڀري انهن سڀني ڪامورن ۽ سياسي ماڻهن جا جيڪي ٿر جي نالي پئسا وٺي پنهنجا محل ٿا اڏين. ڏٺو وڃي ته سنڌ جا ڪيترائي علائقا ٿر وانگر پوئتي پيل آهن. چڱو ڪپڙو ۽ چڱو کاڌو انهن جي نصيب ۾ به ڪونهي. مون به ڏٺو آهي ۽ اهو يقينن اوهان جو به مشاهدو هوندو ته جڏهن ڪنهن وڏي ماڻهو جي ڪنهن خوشي جي موقعي تي ديڳون لهنديون آهن ته اتان جا غريب ماڻهو نه صرف ضرورت کان وڌيڪ کائيندا آهن. پر ڳنڍ ۾ ٻڌي کڻي به ويندا آهن. ان ويل اگر انهن کان پڇجي ته هي ڇا پيا ڪيو ته ڏاڍي مسڪيني نموني چوندا سائين ديڳ جو ڀت سالن کان پوءِ ٿو ملي اسان غريبن کي نصيب ۾ وري اهو ڀت ملي نه ملي ان ڪري ته ڍو ڪري کائون ٿا. پوءِ چاهي آڦري ڇو نه مرون . . .
سنڌي محنت ڪش ۽ پورهيت آهي. ان کي پنهنجي محنت جو اجورو به پورو ڪين ٿو ملي. زميندار ته هر ڪنهن شيءِ مان اڌو اڌ ڪري پاڻ کي خوشحال بڻائي ٿو باقي بچيل اڌ هيترن سارن هارين ۾ ورهائجي ٿو وڃي ڀلا پوءِ ويچارن غريبن جي پورت ڪٿان ٿئي؟ سنڌي پورهيت اَن اپائي ٿو، ڀاڄيون اپائي ٿو، کير جو واپار ڪري ٿو. مطلب ته سنڌي ماڻهو جي محنت سان ئي هن صوبي جي رهواسين جو پيٽ ڀرجي ٿو. گذريل سردين ۾ ڇا ٿيو جو منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ زينب جنهن جو گهر وارو اسٽيل مل ۾ ملازم آهي. آفيس مان واپس ايندي هو ڍير ساريون ڀاڄيون ٿيلهين ۾ وٺي آيو. هر ٿيلهي ۾ اڍائي ڪلو ڀاڄي هئي. ان ڀاڄي ۾ توريون، ڀينڊيون، ڪريلا وغيره هئا، هر ٿيلهي جو وزن اڍائي ڪلو هو. اها اڍائي ڪلو ڀاڄي جي ٿيلهي جي قيمت پنج رپيا هئي. هاڻ جو اوڙي پاڙي وارن کي خبر پئي ته سائين سڀني فرمائشون شروع ڪري ڏنيون. ڀلا ڪير نه چاهيندو اهڙيون سستيون ڀاڄيون گهرائڻ لاءِ، جڏهن ته هت ڪراچي شهر ۾ هو ڀاڄي ڏهه ٻارهن رپئي ڪلو کان گهٽ نه ٿي ملي. تفصيل معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته ڪراچي شهر کان ٻاهر ڪافي ساري زمين تي ڀاڄيون پوکيل آهن. اها زمين هڪ پنجابي جي آهي. ڪراچي شهر جا ڪجهه واپاري اتان ڀاڄيون ٽرڪن ۽ سوزڪين ۾ ڀرائي اچي شهر ۾ پهچائيندا آهن. اهي واپاري ان زمين جي مالڪ کان هر قسم جي ڀاڄي هڪ روپيو في ڪلو جي حساب سان وٺندا هئا. هاڻ ٿيو ڇا جو انهن شهري واپارين ڀاڄيون اڃا به سستيون وٺڻ چاهيون ۽ قيمت گهٽ ڏيڻ لڳا. هڪ جيڪو زمين جو مالڪ هو تنهن ڇا ڪيو جو ان واپارين کي ڀاڄي ڏيڻ بدران ٿيلهيون ٺاهي انهن کي رستي تي رکي دڪانداري ڪرڻ لڳو. اتان لگهندڙ گاڏيون جن ۾ پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل ويندڙ ماڻهو ۽ ان کان علاوه ائين به گذرڻ وارن اتان اُهي ڀاڄيون وٺڻ شروع ڪيون. هن عقلمند پنجابي محنت ڪش ائين ڪرڻ سان نه صرف پنهنجون ڀاڄيون وڪڻي ويو پر فائدو به ورتائين. ان سان گڏوگڏ ڪراچي جي واپارين کي سيکت به ڏنائين ته ڏسو ڪيئن نه مان توهان کان ڏاڍو آهيان.....
هفتو کن ائين ڀاڄيون مليون، اسان به جام کاڌيون، ان کان پوءِ ملڻ بند ٿي ويون شايد انهن جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿي ويو هوندو. اسان جا سنڌي محنت ۾ ته جهڙا اڏول پر عقل ڏائي کڙي ۾ به ڪو نه اٿن. هو عقل استعمال ڪري پنهنجي محنت جو پورو اجورو نه ٿا حاصل ڪري سگهن. انهن جي رت جي پورهئي جي محنت سان اپايل شين مان شهري واپاري ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن.
ان سلسلي ۾ سنڌ جو زميندار صحيح معنيٰ ۾ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. جهڙي طرح سان ٽريڪٽر خريد ڪري سگهن ٿا ته اهڙي طرح هو پنهنجو مال شهر ۾ پهچائڻ لاءِ سوزوڪيون ۽ ٽرڪون به خريد ڪري سگهن ٿا. ان فائدي ۾ غريب هارين کي شامل ڪري هو انهن جي زندگي ۾ خوشحالي آڻي سگهن ٿا. هاڻ عقل سمجهه سان هلي پنهنجي حالتن کي مٽائڻ گهرجي. آخر هي سڀ ڪجهه ڪيستائين ٿيندو رهندو. ته سنڌي محنت ڪش هاري غريبت ۾ گهريل هجي ۽ زميندار بئنڪن مان قرض کڻي پيو زمينون آباد ڪري ۽ اليڪشنون وڙهي. آخر انتها اها ٿي وڃي بيهي ته هو کنيل قرضن پويان پنهنجو ضمير به وڪڻيو ڇڏي. قرضن کي معاف ڪرڻ ڪرائڻ لاءِ پٺيان ٻيون پارٽيون پيو مٽائي ۽ سيٽون پيو مٽائي. . . . .
کير جي واپارين جو حال به اهڙو ئي آهي ٻهراڙي مان واپاري کير ٽن روپين کان چار روپيا ڪلو جي حساب سان ٿا وڪڻن. کير ڏُهڻ وارن ماروئڙن جو وڃي حال ته ڏسو ويچارا اوهان کي اهو ٻڌائيندا ته هو ته صرف پنهنجي ڀٽارين مينهن ڍڳين جو پيٽ به مشڪل سان ٿا ڀرين. سندن پيٽ ڀريل هوندو ته انگ اگهاڙو هوندو . . . . . اگر انگ ڍڪيل هوندن ته پوءِ هڪ ويلو به مشڪل کائڻ لاءِ ملندو اٿن . . . آخر ۾ مختصر عرض اهو ته اسان سنڌي محنت به ڪيون ٿا. اناج ڀاڄيون ۽ ڦُٽي پيدا ڪري ٻين جو پيٽ به ڀريون ٿا ته تن به ڍڪيون ٿا. پوءِ ڀلا اسان ڇو بکيا ۽ انگ اگهاڙا آهيون؟ ڇا ٻين کي ڏسي به اسان ڪجهه به سبق نه ٿا پرايون؟ اسان پنهنجي ڪيل محنت مان پنهنجو نصيب ڇو نه ٿا مٽايون؟ اسان ائين ڇو نه ٿا ڪري سگهون جو پنهنجي محنت جا وسيلا ڌر وسيلا ڳولهي، رستا واٽون ٺاهي هلون. پوءِ اسان جي ڪيل محنت جو ڪافي اجورو ملي پوندو. زندگي پر سڪون ۽ خوشحال ٿي پوندي. غريب محنت ڪشن وٽ به شادمانا هوندا ۽ هو وڏا وڏا زميندار به هروڀرو بئنڪن جا قرض کڻي پاڻ کي محتاج ڪري ضميرن جا سودا ڪين ڪندا. . . .
هي مسئلا اجتماعي مسئلا آهن. ڪنهن هڪ ڌر جا نه آهن. اسان کي گڏجي سڏجي هنن مسئلن جو حل ڳولي اجتماعي فيصلا ڪرڻا پوندا. سنڌ جي خوشحالي لاءِ، سنڌي اٻوجهه ماڻهو جي خوشحالي لاءِ . . . . .

آچر 22 سيٽمبر 1991ع

سنڌ ۾ بزرگن جي مقبرن جي تباهي

مون کي بزرگن جي مزارن تي وڃڻ جو ڏاڍو شوق آهي. شاهه لطيف جي مزار تي ته ايتريون حاضريون ڏنيون اٿم جو شاهه ڄڻ ته دل ۽ ساهه ۾ پختو ٿي ويو آهي. اسان جي معاشري ۾ عورتن جو گهرن مان ٻاهر نڪرڻ، گهمڻ ڦرڻ سٺو نه سمجھيو ويندو آهي.ڪنوارين ڌيئرن تي ته تمام گهڻي پابندي هوندي آهي. سو مان به اهڙي ئي ماحول جي پئداوار آهيان، جت حدبندين ۽ محدود دائري ۾ زندگي گذارڻي پوندي آهي. جيڪڏهن مان مرد هجان هان ته يقينن سڄي سنڌ گهمان هان. هڪ هڪ مزار تي وڃان ها، اُتان جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکان ها. انهن بزرگن جي حسب نسب ۽ بزرگيءَ بابت ڄاڻ رکان هان گهڻا ماڻهو مزارن تي وڃڻ کي سٺو نه سمجھندا آهن، چوندا آهن ته گناهه آهي. پر مان ان وقت جڏهن ڪا پريشاني يا بي سڪونيءَ جي ڪيفيت ۾ هوندي آهيان ته منهنجي دل چوندي آهي ته ڪنهن بزرگ جي مزار تي وڃي ويهي رهان ۽ اکيون بند ڪري ڪنڌ لاڙي ويٺي هجان. نه ڪجهه گهران نه ڪجهه ڳالهايان نه ڪجهه سوچيان. بس ائين ڪرڻ سان ئي مون کي سڪون ملندو آهي. جڏهن ڪنهن مزار تي ويندي آهيان ته مان ائين ئي ڪنڊ وٺي وڃي ويهندي آهيان. جڏهن پرسڪون ٿي ويندي آهيان تڏهن آس پاس جي ماحول ۽ ماڻهن تي نظر وجھندي آهيان. اُن وقت زندگيءَ جا انيڪ ۽ حيرت انگيز مشاهدا حاصل ٿيندا آهن. انسان، انسانن مان ئي پِرائي ٿو. ماڻهن ۾ رهي ئي ماڻهپو حاصل ڪري ٿو.
تازو اسان جي خاندان مان ڪافي ڄڻا وياسين شاهه يقيق، پير پٺو، ڄام ڏاتار ۽ عبد الله شاهه اصحابيءَ جي مزارن تي. انهن مزارن تي مان اڳ به وڃي چڪي آهيان، پر هاڻ جو گڏجي نڪتاسين ۽ شاهه يقيق تي رات رهڻ جو پروگرام به هو ان ڪري ڏاڍو سٺو لڳو ۽ گڏوگڏ اهڙا تجربا به ٿيا يا اهڙيون ڳالهيون نظر آيون جن تي ڪجهه لکڻ ضروري ٿي پيو آهي.
شاهه يقيق اهو بزرگ آهي جنهن جي مزار تي سوين ماڻهو شفا حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ٽڪيا پيا آهن. معزور لاچار، بيوس مريض جيڪو عقيدو رکي اتي اچي رهن ٿا. عقيدو هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن سان انسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. عام ڳالهه آهي ته دل ۽ يقين سان گهرڻ سان انسانن جا ٻيڙاپار ٿي ويندا آهن اهي ٻيڙا پار اُڪارڻ وارو، سڀ ڪنهن جي پوري ڪرڻ وارو هن ڪائنات جو خلقيندڙ هڪ ئي هستي آهي. اهو اسان انسانن جو قول ۽ فعل آهي ته اسان ان خلقيندڙ وٽ پهچڻ لاءِ ڪهڙي واٽ ٿا حاصل ڪيون. اسان وٽ علم ۽ شعور جي ڪمي آهي. اُن ڪري ئي گناهه ۽ ثواب جي وڇوٽيءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ دير ٿي لڳي. ات شاهه عقيق جي مزار تي جت مريض سون جي تعداد ۾ رهيا پيا آهن ۽ هزارين جي تعداد ۾ روزانه ايندڙ زائرين جي لاءِ ڪوبه سهولت وارو انتظام ٿيل نه آهي........مزارن تي ايندڙ زائرين چاهي اُهي غريب هجن يا امير پنهنجي حيثيت آهر نذرانو پيش ڪندا آهن. هنن مزارن تي ايتري ته رش آهي جو منهنجي اندازي مطابق هڪ مهيني ۾ مليل نذرانو لکن جي تعداد ۾ هوندو، پوءِ اهو سڀ پئسو آخر ڪاڏي ٿو وڃي...... کاڌي پيتي جو مناسب انتظام ناهي ٿيل. رهائش جو ته اهو حال آهي جو ويچارا لادوا ٿيل مريض ڪنڊن پاسن ۾ پيا ٻاڪارين....ٻي ڳالهه جنهن کي مون شدت سان محسوس ڪيو اها آهي قبر جي بي حرمتي شاهه عقيق جي چئني پاسي قبرن مٿان ماڻهن جون گاڏيون بيٺيون آهن. قبرن مٿان ننڍا دڪان ۽ مانڊڻيون ٺهيون پيون آهن. ٻار ننڍا وڏا رڳو پيا قبرن کي اورانگهين ڇو ته انهن ڦٽل تباهه حال قبرن ۾ تفاوت نه ٿو ڪري سگهي.
اندر مزار ۾ جنهن جي پاسي عورتن جون قبرون آهن. اُت اسان ٽي چار ڪلاڪ ويٺا هئاسين. ڪن ڪن عورتن ته اهڙيون حرڪتون ڪيون جو ڏيل ڏڪي ويو. اُت قبرون ائين ٺهيل آهن جو چئني طرف سيمنٽ لڳل آهي ۽ وچ وارو حصو ڪچو آهي ڪن عورتن ته ڇا پئي ڪيو جو نماز لاءِ وضو اُت ويٺي ڪيائون. گرڙيون ڪري نڪ پئي صاف ڪيائون. جڏهن انهن کي چيو ويو ته امان ادي هيءَ ته قبر آهي هن ۾ ته ويهي گند نه ڪريو ته عجيب طريقي سان جواب ڏنائون پئي. ڏٺو اهو ويو ته اندر بزرگ جي مزار کان علاوه ٻين قبرن جي اهميت ئي نه هئي. تعليم جي گهٽتائي جي ڪري شعور جي ڪمي اسان جي معاشري ۾ گهڻي آهي. اهو سڀ ڪجهه سمجهائڻ ۽ سيکارڻ سان ئي صحيح ٿي سگهي ٿو.
اتان جي منتظمين تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو اُت هر قسم جي نظرداري ڪن ۽ اوقاف جي کاتي کي جيڪا بي حساب دولت اُتان ملي ٿي سڀ نه ته به اُن مان ڪجهه ته اُت خرچ ڪن ته شايد ڪا سڻائي ٿي پوي....... مختلف مزارن تي وڃڻ سان مختلف ڪيفتين جو احساس ٿيندو آهي. مون کي شاهه عقيق جي مزار تي شفقت ۽ محبت جو احساس محسوس ٿيو. اتان وري رات رهي وياسين پير پٺو جي مزار تي. هن پير جي مزار مٿي ٽڪريءَ تي آهي.اُت ڏاڪڻون ٺهيل آهن.هن مزار تي رش ڪانه هئي. ٻه ٽي ڪي ماڻهو نظر آيا. پر هيءَ مزار ٿڌي ۽ سڪون ڏيڻ واري هئي. اُتي سامهون ئي ڄام ڏاتار جي مزار آهي. اُتي گونگا ٻوڙا ۽ ذهني معذور گهڻا نظرآ يا. عبدالله شاهه اصحابيءَ جي مزار تي وڃڻ لاءِ وڏي دل گهرجي. ڪمزور ۽ ڊڄڻن ماڻهن کي اتي وڃڻ نه گهرجي. مان جڏهن هڪ دفعو اڳي اتي وئي هيس ته دل جھلي نه سگهيس ۽ اڌ مان موٽي آيس. هن ڀيري ته جيئن ڪافي ڄڻا هئاسين ان ڪري اندر هليا وياسين. جو ڪجهه اتي ڏٺم بس الله ئي معاف ڪري، چئني طرف رڙيون، واڪا دهشت ۽ خوف جو منظر هو.
هنن سڀني مزارن جي حالت ڏسي اهو احساس شدت سان اڀري ٿو ته هي سڀ بزرگ جيڪي هاڻي آرامي آهن، اُنهن وٽان الله جي درٻار ۾ رحم گهري سگهجي ٿو، پر ات جيڪا تون ئي تون لڳي پيئي آهي يا وري عورتن ۽ مردن کي ات سجدا ڪندي ۽ عجيب قسم جون ڳالهيون ڪندي ڏٺو، اهو سڄو غلط هو. پر انهن کي صحيح ۽ غلط جي وچ واري سَنڌي جي سمجھاڻي ڪير ڏيندو ۽ ڪڏهن انهن ۾ شعور ايندو؟ اُتان جا حاصل ڪيل لکين روپيا، اتان جي زائرين جي سهولت ۽ آرام لاءِ ڪڏهن خرچ ٿيندا؟ هي مزارون به سنڌ جو تاريخي ورثو آهن. انهن جي سنڀال لهڻ ڪنهن جو فرض آهي؟ پنهنجي هڙان ته حڪومت کڻي خرچ نه ڪري، پر عوام طرفان ڏنل پيسا جيڪي اتي پيتين ۾ ڀريا ٿا وڃن، صرف انهن مان ئي ڪجهه اتي خرچ ڪيو وڃي ته هوند گهڻي سڻائي ٿي پوندي.

آچر 6 آڪٽوبر 1991ع

نه وسارڻ جهڙيون ڳالهيون

لاهي ڪو نه سگهندس هي احسان، پيار ۽ قرب جيڪي هن غريب اٻوجهه ۽ ڏتڙيل ماڻهن وٽان مون کي مليا آهن. ٿورا آهن هنن سڀني جا مون تي جيڪي مون کي مان ڏين ٿا. اهي سڀ قرب مون کي ان ڪري مليا آهن جو مان پنهنجن ڪالمن ۾ انهن جي ڏکن سورن جون ڳالهيون لکندي آهيان ۽ اهو سچ لکندي آهيان جيڪو “مان” وارن ماڻهن کي نه وڻندو آهي . . . .
منهنجا پيارا سنڌيو سچ پڇو ته مان اوترو سچ لکي ئي نه سگهي آهيان، جيترو مان لکڻ چاهيان ٿي. وجود ۾ جوٽيل جنگ، اندر ۾ ٻرندڙ آڙاهه جيڪي يقينن اوهان جي دلين ۽ سوچن ۾ پڻ ٻرندا هوندا، ان جو کلي طرح اظهار ئي نه ڪري سگهي آهيان. مان، توهان سڀ هن معاشري جا رهندڙ اکين سان جيڪو ڪجهه ڏسون پيا يا وري ڪنن سان جيڪو ڪجهه ٻڌون پيا، سو سڀ ڪجهه لکجي وڃي ته توهان يقين ڪيو ته دنيا جا سڀ جيل خانا، قاتلن، چورن ۽ ڌاڙيلن سان نه پر، اديب، دانشور ۽ شعور رکندڙ ماڻهن ۽ انهن سڀني ماڻهن سان آهي جيڪي قلمي سگهه سان عملي جدوجهد ڪن پيا انهن سان ڀريل هجن ها . هي قلم جي حرمت ۽ لکندڙ سچ لکي ۽ امين ٿي فيصلا ڪري ته پوءِ توهان سوچيو ته ڇا آس پاس جو ماحول اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪري ويندو. سچ ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ لاءِ دل گردو گهرجي، سچ لکڻ لاءِ به همت گهرجي ۽ سچ تي عمل ڪرڻ لاءِ به قوت گهرجي انهن سڀني ڳالهين جي گهٽتائي آهي. اسان سڀني ۾ ڪيترين ئي تڪليفن جي باوجود به سچ جو علم ٿورو ڪي گهڻو سڀ ڪو پنهنجي وت آهر مٿي کنيو ويٺو آهي.
هر اهو انسان جيڪو “شعور” رکي ٿو، ظلم دهشتگردي، سچ ۽ امن جي وچ ۾ سنڌو رکي ٿو اهي سڀ قابل احترام آهن. اصل ڳالهه آهي شعور جي جيڪو اديب ۾ هجي چاهي، سياست دان ۾ هجي يا وري هاري، مزدورن ۾ هجي، يقينن هڪ لکندڙ اهي سڀ حق ۽ فرض پورا ڪري ئي نه سگهيو آهي جيڪي ان تي عائد ٿين ٿا . لکندڙ قلم جي جنگ ته جوٽي سگهي ٿو پر ڪلاشنڪوف واري جنگ جوٽي نه ٿو سگهي . ڪي ماڻهو اديب مان، لکندڙ مان اها توقع رکندا آهن ته هو سڀ ڪجهه تياڳ ڪري اصل روڊن ۽ رستن تي نڪري پوي. نوڪرين تان هٿ کڻي، آفيسري يا ڪلارڪي ڇڏي اصل ترارون ۽ ڀالا کڻي اچي ميدانن تي بيهي . هر معاشري ۾ مختلف روپ آهن مزاحمت ۽ جنگ جا، هن معاشري ۾ مختلف حدبنديون ۽ ان حدبندين ۾ رهندڙ هر فرد جا مختلف حق ۽ فرض آهن. هي معاشرو انهن سڀني حقن ۽ فرضن جي پورائيءَ سان مڪمل ٿئي ٿو. هر فرد پنهنجي جاءِ تي سچو هجي ته پوءِ هي سڀ مسئلا هوند پيدا ئي نه ٿين . ها، پر ڏٺو اهو ويو آهي ته جڏهن به هن ڌرتيءَ جون حالتون بگڙيون آهن. جڏهن به ڪي خطرناڪ موڙ آيا آهن ته سڄو بار ليکڪ، دانشور ۽ شعور واري طبقي تي اچي ڪرندو آهي. سياستدانن کي جيڪي ان سڄي ماحول جا جوابدار هوندا آهن ايترو ننديو نه ويندو آهي يا انهن کان حساب ڪتاب جي گهر نه ڪئي ويندي آهي . . . .
ليکڪ، دانشور ۽ شعور وارو طبقو، مان شعور وارو ان کي چوندي آهيان جيڪي ضروري نه آهي ته ليکڪ يا دانشور هجن پر هو ڌرتيءَ جي حالتن کي سمجهندا هجن. اگر اهي ڪٿ ڪوتاهي ڪن ٿا ته سڀني کي حق آهي ته هو انهن کي سر عام ڦاهي چاڙهين. قلم جي حرمت نه سمجهڻ وارو، پنهنجي قوم جي ڏکن سکن کي سنڌ جي مسئلن تي گهڻو ڪري هو متفق آهن. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪي اديب دانشور ضرور هوندا جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو هوندو، پر جيئن ته هو اٽي ۾ لوڻ برابر آهن ان ڪري هو سڄي “شعور” واري طبقي کي لوڙهي نه ٿا سگهن . . . . .
هو نئن به دانشور ۽ اديب جي هٿ ۾ ڇا آهي؟ سواءِ ان جي ته هو قلم جي ذريعي ماڻهن کي سچ ۽ ڪوڙ جي حقيقت ٻڌائي . پر ٿي ڇا رهيو آهي ته هر ڳالهه هر مسئلي جو جوابدار اديب کي ٺهرايو ٿو وڃي هو سڀ سياستدان جيڪي ووٽ وٺي، اسيمبلين ۾ ويهي قومن جي قسمتن جا مهندار ٿي ٿا وڃن، انهن کي وٺ ڪرڻ يا انهن کان حساب ڪتاب وٺڻ وارو ڄڻ ته ڪو آهي ئي ڪو نه .
هڪ ڪالم ۾ مون لکيو هو ته “ماريو آهي، پراين کان وڌيڪ پنهنجي ڪوتاهين. سنڌي سياستدان ته اهڙا آهن جو انهن کي وچ چوڪ تي بيهاري ڦاهي چاڙهجي يا وري سنگسار ڪري مارجي. هو سڀ ٻيڙو غرق ڪندا رهيا آهن، سنڌ ۽ سنڌين جو ان ڪري ذڪر ڪرڻ يا انهن وٽان چڱائيءَ جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي” .!! ان ڪالم جو پس منظر جيڪو مون پيش ڪيو هو سو اهو ئي هو ته سنڌ اسان جي آهي، ان ڪري سنڌ جا سڀ ادارا اسان جا آهن. اسان کي انهن ادارن مان هٿ ڪڍڻ نه گهرجي. انهن ۾ گهڙي وڃي پنهنجو حق ڄمائجي. جڏهن اسان اهو چئون ته سنڌ اسان جي آهي ته معنيٰ سڀ ڪجهه اسان جو آهي. اسان جي هٿ ڪڍڻ يا پوئتي هٽي وڃڻ سان ٻيا گروهه طاقتور ٿي ٿا وڃن ۽ هو اسان جي ئي ملڪيتن جا دعويدار ٿي ٿا وڃن . . . . ان ڪالم جي جواب ۾ هڪ ڀاءُ ڪافي طويل مضمون لکيو سو به “عوامي آواز” ۾ ڇپيو. ان ڀاءُ جي خيالن جو احترام ڪرڻ مون تي فرض آهي ۽ اختلاف رکڻ منهنجو حق آهي، اها ڳالهه ان ڀاءُ به لکي آهي. ان ڀاءُ سنڌ جي باشعور طبقي کي هٽائي سنڌ جي سياستدانن کي سنڌ جي نجات ۽ ڀلو چاهيندڙ لکيو آهي، ان اهو به لکيو آهي ته سنڌ جي سياستدانن ۽ اديبن کي هڪ ٻئي جي سامهون نه بيهارجي . مان ان ڳالهه تي بلڪل متفق آهيان ته سياستدانن ۽ اديبن کي هڪ ٻئي جي سامهون نه بيهارجي. هنن ٻنهي جا رستا ۽ جدوجهد جا طريقا بلڪل مختلف آهن. اگر هي ٻئي ڄڻا پنهنجي جاءِ تي سچا هجن ته پوءِ شايد ڪي اهڙا مسئلا نه اڀرن ها.
پر اصل مسئلو هميشه اهو رهيو آهي ته جڏهن به حالتون بگڙيون، جڏهن به سنڌين تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته جيتري سنڌي اديبن جي ڪردار جي مذمت ڪئي ٿي وڃي يا وري انهن کي انهن حالتن جو جوابدار ٺهرايو ٿو وڃي اوترو سياستدانن کي بلڪل ڪو نه . حالانڪه اهي سڀ گناهه اديبن جا ڪيل ئي ڪو نه هوندا آهن. گهڻن ڀائرن ڀينرن مون کي ان مضمون جي جواب لکڻ لاءِ چيو، ڪي ته پاڻ به لکڻ تي تيار هئا. مان انهن سڀني کي جهليو، چيم ته راين ۽ سوچن جو احترام ڪرڻ اسان جو فرض آهي. باقي حالتون ۽ وقت سڀني کي سيکاري ڇڏيندو آهي. سو سائين اهي حالتون ۽ وقت جيڪي هميشه سنڌين لاءِ اڀا ڀالا ۽ باهين جا اُلا کنيو آيا آهن اهي هاڻ به مٿان بيٺا آهن. “پندرهن تاريخ وارو ڏينهن” جنهن ڏينهن “سنڌ جي تاريخ” کي ڪاري ڪفن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي. اچو ته اسان سڀ امين ٿي اهو فيصلو ڪيون ته ان جو جوابدار ڪير آهي. ڇا هن حالتن جو ذميدار اهو عوام آهي جن ووٽ ڏيئي (يا زوري ووٽ وٺي) هنن سڀني کي اسيمبلين تائين پهچايو؟ ڇا هنن سڀني حالتن جو ذميوار اديب، دانشور ۽ شعور رکندڙ طبقو آهي، جن وقت به وقت انهن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪيا آهن. ؟ ڇا سنڌين کي ڏنل قربانين جو نتيجو اهو آهي ته دهشتگرد، قاتل جن جا هٿ سنڌين جي رت ۽ عزتن جي پائمالي ۾ ڀريل آهن، تن کي ايڏا وڏا عهدا ڏنا وڃن؟ ڇا هي سڀ حالتون انهن سڀني اسيمبلي ميمبرن لاءِ (پارٽين جي حوالن کي ڇڏي جيڪا انهن جي سڃاڻپ آهي) هڪ سنڌي هئڻ جي حيثيت ۾ انهن جي منهن تي چماٽ نه هنئي آهي ته سڀ تعداد ۾ چوهتر آهن ۽ ڇويهه سيٽن کڻڻ وارا جيڪي بنهه اقليت ۾ آهن، اهي انهن مٿان حڪمراني ڪن؟ هن معاشري ۾ رهندڙ هر شخص هڪ عام حيثيت رکي ٿو، اصل حيثيت انهن شخصن جي هوندي آهي جيڪي اليڪشنون کٽي اسميبلين ۾ وڃي ويهن ٿا. پئسو انهن کي هٿ ۾ ملي، نوڪريون ڏيڻ يا نه ڏيڻ جا جوابدار اُهي آهن. مطلب ته جنهن علائقي مان هو اليڪشن کٽي ٿا وڃن ان جي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ٿا وڃن. سنڌ جي تاريخ ۾ جڏهن غيرسنڌي اسپيڪر چونڊيو ويو، سينيٽ جون سيٽون انهن جي حوالي ڪيون ويون، پوليس جي اعليٰ عملدارن کان وٺي ڊپٽي ڪمشنر، سيڪريٽري ۽ ڊپٽي سيڪريٽري ڌاريا مقرر ڪيا ويا، اهم وزارتون انهن جي حوالي ڪيون ويون. پبلڪ سروش ڪميشن ۽ مقابلي جي امتحانن ۾ جيڪي به آفيسر مقرر ٿيا آهن سي سڀ انهن جا، سنڌ پوليس ۾ جيڪا ڀرتي ٿي آهي ان ۾ به انهن جي اڪثريت. تازو شهداپور ۾ جيڪا پوليس پريڊ ٿي ان ۾ ڏٺو ويو ته پناهگيرن کي عام رواجي پوليس ٽريننگ نه پر ڪمانڊو ٽريننگ ڏني ويئي آهي. پنج ڪروڙ رپيا نقد هنن کي ملن ٿا. مطلب ته ڪهڙا سور ڳڻائي ڪهڙا ڳڻائجن. هر هنڌ جون واڳون انهن کي مليل آهن. اهي سڀ واڳون انهن کي هٿ ۾ ڏيڻ وارا، انهن کي مٿي تي ويهارڻ وارا ڪير آهن؟ هاڻي اچو ته پنهنجي دلين تي هٿ رکي پنهنجو پاڻ کي پرکي اهو فيصلو ڪريون ته هنن سڀني حالتن جو جوابدار ڪيرآهي، اديب، دانشور يا ووٽ ڏيئي اسيمبليون ٺاهڻ وارا؟ يا اهي سڀ جيڪي اسيمبلين ۾ پهچن ٿا؟
سائين منهنجا اسان سڀ جوابدار آهيون هن سڄي وايو منڊل جا. مان پنهنجا پلئه به آجا نه ٿي رکي سگهان. گنهگار آهيون اسان سڀ. اُهي گناهه جيڪي اسان سڌيءَ طرح نه ڪيا آهن، پر اڻ سڌيءَ طرح اسان سڀ ان جا ذميوار ضرور آهيون. اڄ اسان پنهنجي هٿن مان سڀ واڳون ڪڍي ڇڏيون آهن. اڄ ڪوتاهين مٿان ڪوتاهيون ڪري غلط اعمالن جي ڪري اسان هڪ پاڪ ڌرتي، صوفين ۽ ولين جي ڌرتيءَ کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. اسان سڀ سنڌي قابل نفرت ۽ قابل مذمت آهيون، جيڪي هن ماحول ۾ ساهه کڻون ٿا، ڀلا ساهه به ڇو ٿا کڻون. اسان کي ته ڪڏهوڪو شرم وچان مري وڃڻ گهرجي ها. هاڻ به ڇا ٿيندو، مون وانگي سڀ ڪالم لکندا. مذمتي بيان ڏيندا، پر عملي طور ڪير ڪجهه ڪري ڪونه سگهندو. ڪنهن ۾ به ايتري همت ڪونه آهي ته جان جي پرواهه نه ڪري اڳتي وڌي همت سان رستن ۽ گهٽين ۾ نڪري. هي ٽرينون ۽ بسون بند ڪرائي. سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرائي. پنهنجي اهميت ڏيکاري ته اهو حق ڪنهن کي به مليل نه آهي ته هو سنڌ ۽ سنڌين جي مستقبل جا فيصلا ائين ويهي ڪري.
ههڙي زندگيءَ کان ته موت بهتر آهي. اسان قربانيون ڏينداسون ته آئينده نسل جو مستقبل روشن ٿيندو. سنڌي اديبن جي طرفان مان حق رکي انهن جي جوابدار سمجھان ٿي ته اسان سڀني اديبن کي گوليءَ سان اڏايو وڃي يا ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي. سنڌي اديب هر سزا قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر هڪ شرط آهي ته اسان کان پوءِ هنن گناهگار سياسي ليڊرن کي به گوليءَ سان اڏايو وڃي. انهن جون مال ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن. ڳوٺ راڄ ۾ انهن جو اچڻ وڃڻ بند ڪيو وڃي. اقتصادي ۽ سماجي طور انهن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي جو تاريخ جو پنهنجن ورقن ۾ انهن جو نالو لکڻ کان ڪيٻائي ۽ شرمائي. ڪاش ڪو همت ڪري، ڪو ته اڳتي وڌي .... ڪاش ڪجهه ته ٿئي ... ڪاش ڪجهه ته ڪيو وڃي....... !!!!

آچر 20 آڪٽوبر 1991ع

اڪيليون ۽ فنا ٿيندڙ پيڙهيون

درد، تڪليفون، سور بس سڀ اذيت پهچائيندڙ هوندا آهن. درد، اهو به لڪل درد . . . اهو به ڪيئن چئجي، ڪنهن کي چئجي . . .؟ چوڻ لاءِ ڪهڙا جذبا ۽ لفظ هٿ ڪجن. گهاءُ ۽ ڦٽ ته پيا چڪندا آهن. اهي پنهنجن جا ڏنل هجن يا پروان جا. ها هڪ فرق ضرور هوندو آهي. پروان جي ڏنل ڏکن سان انسان مقابلو ڪندو آهي، واسطا ۽ ناتا ٽوڙي ڇڏبا آهن. باقي پنهنجن جا ڏنل درد ۽ ڏنل ڦٽ پيا چڪيندا آهن، ناسور ٿي پوندا آهن. جهوري وجهندا آهن. وجود کي پنهنجن جا ڏنل ڏک وغيره ۽ سور.
هڪ ٻار جڏهن جنم وٺي ٿو. خاص ڪري جڏهن ڄمي ٿو، ماءُ پيءُ کي جيڪو سڪون ملي ٿو، خوشي ملي ٿي پنهنجي پيڙهي پيدا ٿيڻ جي ڪري، ان جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي، ٻار جي ڄمڻ کان وٺي ان جي جوان ٿيڻ تائين، هڪ وڏو ڊگهو، خوشي ڏيندڙ عمل آهي جنهن مان والدين کي گذرڻو پوندو آهي . . . هر ماءُ پيءُ اهو چاهي امير هجي چاهي غريب، پنهنجي وسعت کان وڌيڪ پنهنجي اولاد کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پنهنجي اولاد جي بهتر مستقبل لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪندا آهن. هڪ ٻار جي وڌڻ ويجهڻ سان گڏوگڏ ماءُ پيءُ جون آسون اميدون به وڌنديون رهنديون آهن. پيءُ سوچيندو آهي ته اولاد ته سيڙايل موڙي آهي. جنهن جي جوان ٿيڻ سان اسان جي ٻڍاپي جا سور لهي ويندا . . . جوان صالح پٽ، ڪمائيندڙ پٽ ماءُ پيءُ کي سک ڏيئي ٻڍاپي جو سهارو ٿيندا آهن. آخري وقت ۾ ڪلهي ڪانڌي ٿي وڃي قبر ۾ پوري لَٽي ايندا آهن . . . اهڙين اميدن ۽ دعائن جي ڇت هيٺيان پلندڙ جوان جڏهن اوچتو ئي اوچتو گولين جو کاڄ ٿي وڃن. جڏهن پوڙهو پيءُ جوان پٽ جو ڪانڌي ٿئي ۽ اها ماءُ جنهن جو اندر جيڪو جواب پٽ کي ڏسي ٺرندو هو ان کي اڇي ڪفن ۾ ويڙهيل ڏسي ان ماءُ جو اندر ٻري آڱر ٿي وڃي. اهو ڏک اڃا به ان ويل وڌي ٿو ته اهو ظلم ۽ قهر پنهنجن جو ڪيل هجي. هلندڙ گوليون، ماريندڙ گوليون پنهنجون هجن ته اسان توهان سڀ ڇا سوچيون؟ ڇا ڪيون ڪاڏي وڃون . . . ڪجهه ڏينهن اڳ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ مارجي ويل ٻه جوان ٻه سنڌي جوان گولين جو کاڄ ٿي ويا آهن. ماءُ پيءُ جون آسون اميدون وڃي پٽ پيون، زمين تي وهندڙ رت ۽ اڃا به وري ٻن جوانن جو خون وهي شامل ٿي ويو. جڏهن اهڙا ظلم اهڙا قهر ٿين ته پوءِ ڇو نه ڀلا هيءَ ڌرتي تپي ٽامڻي ٿيندي؟ . . . پنهنجن هٿان معمولي ڳالهين تان مارجي ويل ڪهڙا به جوان هجن ڪهڙا به گهر هجن اهو ڏک صرف انهن جو نه آهي. اهو وهندڙ رت صرف انهن ٻن جوانن جو نه آهي. ان رت جي هر ڦڙي ۾ اسان سڀني سنڌين جو حصو پتي آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن هن ڌرتيءَ تي رهندڙ هر جوان جو انت ائين ئي ٿيندو. ماريندڙ پرايا هجن يا پنهنجا بهرحال سنڌي جوان کي مرڻو آهي. بيدرديءَ سان مارجي وڃڻ ڪُسجي وڃڻ ان جي نصيب ۾ لکيل آهي. انهن کي اها يادگيري ڏيارجي ته بابا هاڻ وارو آهي توهان جي گهر جو، توهان جي نوجوانن جو، انهن مائرن ۽ ڀينرن کي ذهني طور تيار رهڻ گهرجي جن جا ٻار ننڍڙا آهن، وڏا ٿي اهي به ويندا هليا. هر سنڌيءَ جي نصيب ۾ اهو ڪجهه لکيل آهي.
هر گهر جا در هاڻ بند ٿي ويندا، نسل ۽ پيڙهيون فنا ٿي وينديون، ڪجهه به نه رهندو، ڪجهه نه بچندو. ڪڏهن پنهنجن هٿان ڪڏهن پراين هٿان اهو رت وهندو رهندو ۽ وهندو رهندو . . .
امداد حسينيءَ جي هڪ شعر جي سٽ آهي:

ڌرتيءَ کان آڪاش تائين ڪهڙا گهاءُ ڳڻيندين سائين،
رستي رستي توکي ملندا، بيمار سوين، مجبور سوين،

ناسورن سان چُورِ سوين، تون درد لڪايو وتين،
سو ڪيئن چوين، سو ڪيئن چوين؟

ڇا چئجي ڇا نه چئجي ڇا چوڻ لاءِ ڪجهه بچيو آهي؟ ڇا اسان سڀ ايترا بي حس ٿي ويا آهيون جو ٻرندڙ جبل جي اوٽ ۾ هوندي به باهه جي اُلن ۽ تپش کي درگذر ڪندا ٿا رهون.. .... هيڏا ظلم سهي ويهڻ ۽ پوءِ پنهنجن تي هلان ڪرڻ اسان تي ٺهي ٿو. اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته وچ مان ڪنهن دشمن اهو ڪم ڪيو هجي جيڪو نه چاهيندو هجي ته ڪو سنڌي پاڻ گڏ ٿي هڪ ٿين. هت اهو به سوال اڀري ٿو ته ڇا اهو دشمن ڪو ٻار آهي جو ٻاراڻيون حرڪتون پيو ڪري؟ حيرت جهڙي ڳالهه آهي عجب ته هن ڳالهه جو آهي ته سنڌين کي ڪا بددعا آهي ته هو هڪ هنڌ متفق ٿي نه ٿا سگهن باقي اهڙن جوانن کي ماري رت وهائڻ مان فائدو ؟ اڳ رت دانگيءَ تي ورندو هو، هاڻ ته خون لڙهيو وڃي، پر گند ۾ لڙهيو وڃي. سنڌ سان پيار ڪرڻ وارا وڏيون وڏيون دعوائون ڪرڻ وارا. هرڪو ٿو وڏي واڪ چوي ته مان ئي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو همدرد آهيان. پر هو سڀ سنڌ جي نالي تي پاڻ ۾ گڏ ٿي هڪ هنڌ ويهي نه ٿا سگهن. پنهنجن جا لاش کڻندي انهن جا ڪلها ئي ڪونه ٿا ٿڪجن. دشمن کي به اها خبر آهي ته اسان ماريون يا هو پنهنجو پاڻ کي مارين، ڳالهه مڙيوئي ساڳي ..
اڄ هي ڪالم لکندي طبيعت ۾ ڪجهه عجيب قسم جي بيچيني آهي. صبح سان اخبار پڙهي دل تي ٻوجهه وڌيل آهي. مان هڪ دفعو اڳ به لکيو هو ته عام سنڌي ماڻهو نه بي همت آهي نه ڊڄڻو آ. هر وقت هو تيار آهي جان ۽ مال جي قرباني ڏيڻ لاءِ. اٻوجهه سنڌي لبيڪ چئي هر وقت تيار ويٺا آهن قربانيءَ لاءِ پر اخبارن ۾ ڏنل اسان جي وڏن ليڊرن جا بيان اصل اندر ڪوري، ڦٽ ڪري ٿا وجهن.
اسان جي عوام جي هلايل ڪنهن به ڀرپور جدوجهد جنهن مان ڪي سٺا نتيجا نڪري سگهن ٿا ان جدوجهد کي سڀ ليڊر، انهن جي حقن جي ڳالهيون ڪرڻ وارا، رهبريءَ جي دعويٰ ڪرڻ وارا، هي سڀ قومپرست ۽ وفاق پرست غلط قسم جا بيان ڏئي پنهنجن ماڻهن کي جيڪي انهن جي رهبري قبول ڪن ٿا يا وري اکيون ٻوٽي ووٽ ڏين ٿا، انهن سڀني کي اڪيلو ڇڏي، انهن جي هلايل جدوجهد، ڏنل قربانين کي مليا ميٽ ڪري وڃي ٿا ڪنڊ وٺن. اسان جي ليڊرن جي مٿي ۾ اهو اُٺ ويٺل آهي ته سنڌي ماڻهو انسان ته آهن ئي ڪو نه، ڍور ڍڳا آهن. ٿڪ بُجي ۾ خوش آهن. اليڪشن جي ڏينهن ۾ اسان انهن وٽ وينداسين ته اسان جي پٺيان هوندا. هي سنڌي ويندا ڪاڏي. اسان کان سواءِ ووٽ ڪنهن کي ڏيندا. پوءِ ڀلا جي سنڌي مرن يا جهرن وڃي ڌوڙ پائين.
اڄ ٻيو ڏينهن آهي جدوجهد جو . الائجي ڇا ٿئي؟ جيڪو ڪجهه به ٿئي ان کي منهن ڏئي ۽ هن دوران ڏنل بيان ۽ ليڊرن جي عمل کي سامهون رکي سنڌي قوم کي وڏا فيصلا ۽ قدم کڻڻا پوندا. اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻو ۽ سمجھائڻو پوندو ته عام سنڌي ماڻهو شعور رکي ٿو. ڍور ڍڳو نه آهي. هاڻ سنڌي قوم جي واڳ سنڌين کي پاڻ سنڀالڻي پوندي. قوم جي بي حس ٺيڪيدارن جي هر عمل ۽ قول جو حساب وٺڻو پوندو ...... نه صرف وٺڻو پوندو ... پر ضرور وٺڻو آهي.
آچر 03 نومبر 1991ع

زندگيءَ ۾ ڏکن سکن جون ڳالهيون

هڪ دفعو زندگي ملڻ کانپوءِ هر قدم تي حساب ڪتاب ورتا وڃن ٿا. خبرنه آهي ڇو ۽ ڇاجي لاءِ........ جڏهن ته انسان هي جيون پاڻ گهري حاصل نه ڪيو آهي. هي جيون ملڻ کان پوءِ هن دنيا ۾ اچي شعور حاصل ڪري. هن دنيا جا جل ترنگ پسي، پنهنجن پيارن ۽ پراون سان گڏجي هي جيون ايتري ته اهميت حاصل ڪري ٿو جو موت جو تصورئي ان کي ڀيانڪ لڳي ٿو. هڪ دفعو دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ هيءَ دنيا ڪير به ڇڏڻ نه چاهيندو آهي. زندگي ڪيتري به ڏکي هجي، واٽن تي چاهي ڪنڊا وڇايل هجن ان جي باوجود به انسان جيئڻ چاهيندو آهي. جيئڻ ڪارڻ، پنهنجي زندگي بهتر ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندو آهي. خوشيون خيرات ۾ ڪونه ملنديون آهن سڪون ۽ آرام ڪنهن دڪان تي ڪونه وڪامندو آهي. ها باقي ڏک، سور ۽ تڪليفون ڄڻ ته پيڇو ڪنديون رهنديون آهن. هنن تڪليفن مان پاڻ کي آجو ڪرڻ ۽ خوشيون حاصل ڪرڻ انسانيت جو مان آهي. بي همت ٿي ويهڻ ۽ اهو سوچڻ ته فلاڻو ڪي فلاڻو منهنجو همدرد آهي ۽ سڀ همدرد ساٿي بنجي وقت تي ڪم ايندا.... مان سمجهان ٿي ته اهڙي سوچ رکڻ اجائي آهي. يقيناً هيءَ دنيا سٺن انسانن سان ڀريل آهي. خوش قسمت آهن اهي انسان جن جا ساٿي آس پاس جا رهندڙ، پنهنجا پراوا سڀ همدرد ۽ هڏ ڏوکي آهن. پر اهڙا مثال گهٽ آهن. هن دنيا جي وٺ پڪڙ ۾ نفسانفسي ۾، جت مهانگائي به آهي، جت زالين مڙسين نوڪريون ٿا ڪن، جت ٻارن جي پڙهائي به هڪ وڏو مسئلو آهي. هڪ ٻئي مان اها توقع رکڻ ته هر تڪليف جي وقت ۾ سڀ ڪو حاضر ٿي ويندو. اها سوچ اسان کي پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. بهتر ته اهو آهي ته پاڻ ۾ ايتري همت پيدا ڪجي جو پنهنجن مسئلن سان پاڻ منهن ڏجي ۽ ان جو حل به پاڻ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪجي. انسان، انسان جي ضرورت آهي. ڪيترن ڳالهين ۾ هڪ ٻئي کان سواءِ رهي ئي نه ٿو سگهجي هڪ ٻئي جي تعاون کانسواءِ ڪجهه ڪري به نه ٿو سگهجي. پر رڳو ٻين تي ڀاڙي ويهڻ به سٺو نه ٿو لڳي.
انسان توقعات رکندو آهي ته ڏک به ملندو آهي ان جو هڪ ئي حل آهي ته انسان پاڻ ۾ همت پيدا ڪري ۽ خود تي حاوي ٿي وڃي ته پوءِ هي جيون نه صرف آسان پر خوبصورت به ٿيو وڃي. هي خودڪشيون ڪرڻ، هي ذهني ۽ جسماني بيماريون ۽ نفسياتي مرض به صرف ان ڪري وڌيل آهي جو هڪ ته انسان پنهنجن جذبن ۽ خواهشن تي قبضو نه ٿو ڪري ٻيو وري ٻين تي ڀاڙي ويهي ٿو. تنهائي به معاشري ۾ هڪ وڏو آزار ٿي پئي آهي. گڏيل گهرن ۾ رهندڙ ڪٽنب جهيڙا جهٽا ڪري وري به پاڻ ۾ گڏ ٿي، موقعي مهل تي هڪ ٻئي کي ڪم اچن ٿا. اهي گهر جن ۾ پهرين ئي هڪ مصروف زندگي هوندي آهي. ٻار ٻچا انهن جي پڙهائي ۽ تربيت ۽ ڀريل گهرن مان جڏهن سڀ ڪو الڳ الڳ ٿي ويندو آهي. نياڻين جون شاديون ٿي وينديون آهن. پٽ نوڪرين سانگي ٻين شهرن ۽ ملڪن ۾ هليا ويندا آهن. اهڙن گهرن جي وڏن ۾ وڏيون مايوسيون ۽ تنهائيون اچي وينديون آهن. اسان جي معاشري ۾ مائٽ اولاد مان وڏيون اميدون رکندا آهن پئسو هوندن ته وڏا وڏا گهر ٺهرائيندا آهن. آخر ۾ ڇا ٿيندو آهي ته سڀ ڪو ڇڙوڇڙ الڳ ٿي ويندو آهي ۽ پوڙها ماءُ پيءُ انهن وڏن گهرن ۾ اڪيلا ۽ پريشان رهندا آهن. جت ديڳڙا ٻوڙن جا ۽ ٿالهه اٽي جا پچندا هئا اتي ٻه مانيون کائڻ وارا به نه هوندا آهن. ان وقت پنهنجي وقت کي سٺي طرح گذارڻ لاءِ ڪيترا وسيلا ڪتب آڻي سگهجن ٿا. پر ڏٺو ويو آهي ته سواءِ چند گهرن جي هي سڀ وڏا پوڙها تنهائين جا شڪار ٿي مختلف بيمارين جي حوالي ٿي ويندا آهن....
زندگيءَ جي هر دور ۾ پنهنجو پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ وسيلا پيدا ڪري سگهجن ٿا. پنهنجا فرض پورا ڪري ٿورو پنهنجي وجود تي به ڌيان ڏجي پنهنجا فرض نيڪ نيتي سان پورا ڪرڻ مهل اهو نه سوچجي ته اڳلو به فرض پورا ڪندو يا نه.... موٽ جي اميد رکڻ تي اجائي آهي.
وڏن توڙي ننڍن شهرن ۽ بهراڙيءَ جي ماحول ۾ ته وري زمين آسمان جو فرق آهي. ڳوٺن واهڻن ۾ ته وري به سڏواڪي تي ڏک سور ۾ سڀ ڪو ساٿ ڏيو ويٺو آهي. شهرن ۾ ته اهڙو حال آهي جو ڪير چور ڌاڙيل ڪنهن جي گهر ۾ گهڙندو آهي ۽ گهرڀاتي مدد لاءِ پڪاريندا آهن ته آس پاس جا رهندڙ پاڙيسري مدد ڪرڻ بجاءِ پنهنجا گهر جا دروازا بند ڪري ويهندا آهن گوليون هلن يا گهرن کي باهيون لڳن پر ڪوبه همدرد ٿي اڳتي ڪونه وڌندو آهي. اڄ ڪلهه وقت اهڙو اچي بيٺو آهي جو مرڻ جا ڪانڌي به صرف پنهنجا ويجها عزيز هوندا آهن. در تي بيهاريل گاڏيءَ ۾ لاش رکي وارث وڃي قبرستان پهچندا آهن. ٽيجهي چاليهي ۾ اگر مانيءَ جو بندوبست هوندو آهي ته مائٽن سان گڏ اوڙي پاڙي وارا ٻارن ٻچن سوڌو پهچي ويندا آهن. ٺيڪي جو هڪ قرآن پڙهي آرام سان ٻوڙ پلاءُ کائي وڃي گهر پهچندا آهن. ها اگر صرف قرآن خواني هوندي ته ڪير به نه ايندو گهر ڀاتين کي مسجد مان مولوين ۽ مدرسي جي ٻارن کي گهر ۾ گهرائي قرآن شريف جو ختمو ڪرائڻو پوندو آهي. ڪيترو نه ڏکيو وقت اچي ويو آهي جو انسانن مان هڪ ٻئي لاءِ پيار همدردي ۽ احساس ختم ٿي ويو آهي.

آچر 1 ڊسمبر 1991ع

حيدرآباد جي هنگامن ۾ سنڌي

گذريل سالن جي هنگامن ۾ سنڌين کي جيترو نقصان پهتو آهي سو چوڻ آکڻ کان مٿي آهي. سنڌ جا تاريخدان جڏهن سنڌ جي هن دور جي تاريخ لکندا ته آئينده نسل نه صرف اسان تي کلندو پر گڏوگڏ رت جا ڳوڙها به ڳاڙيندو. زندگيءَ جون هي حقيقتون جيڪي اسان جي سامهون بيٺيون آهن ۽ انهن حقيقتن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي. هي سڀ ويڌنون اسان سان ٿيون آهن. اسان ڀوڳيون پيا، اسان رڙيون پيا ڪيون پر ڪير به ٻڌڻ ۽ آٿت ڏيڻ وارو ڪونهي، هي تاريخ جو اهو اونداهو موڙ آهي جنهن ۾ سنڌين کي پنهنجا گهر پنهنجا پاڙا ڇڏي وڃي نيون وسنديون وسائڻيون پيون. اها اٿل اها بربادي جنهن سنڌين کي حيدرآباد شهر ۾ پاڙن مان اکيڙي ڇڏيو آهي ان تي جيترو ماتم ڪجي سو گهٽ آهي. سالن جي محنتن سان ٺهيل گهرگهاٽ، دڪان ڌنڌا سڀ ڪجهه ڇڏي سنڌي اچي هڪ هنڌ ميڙ ڪري ويٺا آهن. افسوس ته صرف اهو آهي ته ان ايڏي وڏي اٿل ۽ برباديءَ جي هڪ خبر سنڌين کي ٻيو سنڌي اخبارن کي، ٻين کي اهو سڀ ڪجهه نظرئي نه ٿو اچي. مظلوم هوندي به سنڌي پريس، ميڊيا ۽ ٻين صوبن ۾ ظالم ۽ ڌاڙيل ڪوٺيا ٿا وڃن. شهرن ۾ دهشتگردي ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جي ظلمن جي ڪري سنڌي ڄڻ ته ٽياس ٽي ٽنگيا پيا آهن، سنڌين جون وسايل نيون وستيون جن ۾ قاسم آباد، نسيم نگر، سٽيزن ڪالوني وغيره ان وقت اڃان پلاٽن جي صورت ۾ هيون ڪي مختصر گهراتي ٺهيل ۽ آباد هئا. اڪثر گهر ۽ بنگلا اڌ ٺهيل هئا. ان حالتن ۾ جيڪي ماڻهو پنهنجا گهر وڪڻي سگهيا ۽ هو پئسي وارا هئا ان ڪري انهن پنهنجا گهر ۽ بنگلا ٺهرائي ورتا. گهڻا اهڙا ٻوجهه ۽ غريب هئا جيڪي پيرن اگهاڙي ۽ هٿين خالي پنهنجن گهرن مان نڪتا. اهڙن خاندانن وٽ نه هيو پئسو ۽ نه ڪو اوهي واهي. انهن خاندانن کي حال في الحال انهن ٺهيل ۽ اڻ ٺهيل بنگلن ۾ وهايو ويو. اهڙن گهرن مان گهڻا گهر سنڌين جا پنهنجا هئا. انهن گهرن کي حاصل ڪرڻ ۽ قبضو ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته ڪن ماڻهن ڄاڻي ٻنجهي گهرن تي قبضو ڪيو، حالانڪ اهي ڏتڙيل ڪين هئا. پر اهڙن خاندانن جو تعداد تمام گهٽ آهي..... آهستي آهستي اهي وسنديون وسنديون ويون ڪن، ماڻهن ايڪسچينج ۾ پلاٽ ۽ بنگلا هٿ ڪيا ۽ گهر ٺهرائڻ شروع ڪيا. ان سڄي ماحول جي پس منظر ۾ انهن ماڻهن کي وڌيڪ تڪليفون آيون جيڪي هٿين خالي ۽ بي گهر هئا. مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن ڪافي وقت تائين اُنهن جي مدد ڪنديون رهيون. اهوبه سوچيو ويو ته آخر ڪيستائين ائين گاڏو پيو گهلجندو؟ سر ڪار جي مدد ۽ سهڪار کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو. سرڪار سان لهه و چڙ ۾ اچڻ ۽ اتان ڪجهه حاصل ڪرڻ تمام مشڪل مرحلو هيو. آخر ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ڪير ٻڌي اُن پوري وقت ۾ جت سڀ سياسي ۽ سماجي تنظيمون ڪم ۾ رڌل هيون هڪ نئون نالو ٻڌڻ ۾ آيو، “سنڌي قومي ساٿ”. ان تنظيم جو ڪم ۽ نالو اخبارن جي حوالي ۽ ماڻهن جي واتان ٻڌڻ ۾ آيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ خبر پئي ته هو حڪومت جي والين سان به مليا آهن ۽ پنهنجا مسئلا اُت پش ڪيا اٿن. مون کي وڌيڪ ڪا به خبر نه هئي ان تنظيم جي باري ۾ يا انهن ۾ ڪم ڪندڙن جي باري ۾. اخبارن جي حوالي سان ۽ ڪن ماڻهن جي واتان ڪي خبرون ملنديون رهيون. ڪن ماڻهن تعريف پئي ڪئي ته وري ڪن تنقيد پئي ڪئي. اهڙي طرح سان وقت گذرندو رهيو. ڪجهه وقت اڳ جڏهن حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم وارن کي پنج ڪروڙ رپيا مليا تڏهن اهي تنظيم وارا وفد وٺي پنجاب ويا هئا اُت ماڻهن سان ملجي ۽ پريس ڪانفرنسون ڪوٺائي اُنهن ات سنڌ جو ڪيس پيش ڪيو. اهو سڀ ڪجهه به اخبارن جي حوالي سان مون پڙهيو. هاڻ جڏهن منهنجو حيدرآباد وڃي رهڻ ٿيو ته مان سوچيو ته ان تنظيم جي عهديدارن سان ملجي. ان سلسلي ۾ حفيظ قريشي ۽ فهميده قريشي جيڪي هن تنظيم جا اهم رڪن آهن. انهن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن مون کي پنهنجي فنڪشن ۾ اچڻ جي دعوت ڏني اهو فنڪشن ڏتڙيل سنڌين جي حوالي سان هو. انهن وحدت ڪالوني جي اسڪول ۾ اهو فنڪشن منعقد ڪيو هو. جنهن ۾ حڪومت جي طرفان مليل پلاٽ جي خوشيءَ ۾ ۽ ان جو نالو رکڻ جي خوشيءَ ۾ اهُو فنڪشن رٿيل هو. اُن فنڪشن ۾ ڪافي وڏي تعداد ۾ سنڌي موجود هئا. اديب، سماجي ورڪر سياسي ليڊرن سڀنن اُت پنهنجا خيال ۽ رايا ٻڌايا. ان پلاٽ تي قائم ڏتڙيل سنڌين جي ڪالوني جو نالو “سحرش نگر” رکيو ويو هو. هي اها ننڍي شهيد آهي جيڪا پنهنجي والد شبير نورانيءَ سان گڏ ڪراچيءَ جي گلشن اقبال جي علائقي ۾ شهيد ٿي هئي. هيڏي وڏي پلاٽ تي اها ڪالوني اها به سنڌين جي ڪالوني هڪ خوشيءَ واري موٽ هئي. ات ڏاڍيون سٺيون تقريرون ٻڌيوسين. موسيقيءَ جو پروگرام به هو. ان سان گڏ ننڍڙن ٻارن جيڪي خوبصورت ٽيبلا پيش ڪيا سي به واقعي خوشي ڏيندڙ هئا. المختصر اهو فنڪشن هيو ئي ان ڪري ته سنڌي هاڻ بي گهر نه رهندا. هو سڀ گڏ هڪ خوشين جي نگر کي آباد ڪندا جيڪو سچو پچو سحرش نگر ئي هوندو. اُت ظفر حسن شاهه ۽ علي بابا به موجود هئا. علي بابا مون کي ٻڌايو ته هن تنظيم وارا جڏهن پنجاب ويا هئا ۽ ات سنڌ جو ڪيس پيش ڪيو هيائون. تڏهن اتان جي صحافين هنن کان ڏاڍا ٽيڏا ۽ اڻ وڻندڙ سوال ڪيا پر هنن سڀني انهن سوالن جا جواب ڏاڍي نرمائي ۽ ثبوتن سان ڏنا. جڏهن ته ٻين صوبن جي ماڻهن وٽ اهو اثر ويٺل آهي ته سنڌي ظالم ۽ ڌاڙيل آهن ۽ هو هنن ويچارن غريب پناهگيرن جو جيئڻ وه ڪيو ويٺا آهن. ات هن تنظيم وارن سنڌ جو ڪيس ڏاڍي جرئت ۽ همت سان پيش ڪيو. اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي مون کي ڏاڍو سڪون پئي مليو. هونئن به هاڻي وقت ماٺ ڪري ويهڻ جو ناهي. تر جيتري به ڪوتاهي هاڻ برداشت کان مٿي آهي. مان اهو نه ٿي چوان ته ڪو هن تنظيم اصل ڦاڙها ماريا آهن ته ڪو مان هن تنظم جي تعريف جا ڍڪ ٿي ڀريان. حقيقت ۾ اُنهن ڪجهه به نه ڪيو آهي صرف ٿورو گهڻو فرضن جي پوئواري ڪئي اٿن. هر ماڻهو اگر ٿورو گهڻو ڪندو رهي ته به شايد گهڻو ڪجهه ٿي پوي.
ٻئي ڏينهن ان سحرش نگر جي پيڙهه جي پٿر رکڻ جي ڪاروائي هئي. پر جيئن ته مون کي ڪراچي اچڻو هو، ان ڪري مان ان ۾ شريڪ ٿي نه سگهيس. ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته اخبارن ۾ خبرون پڙهيم ته ان سحرش نگر تي قبضو ٿي ويو آهي ڪن پئسي وارن ڏاڍن ماڻهن ات قبضو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ سائين روزانه بيان پڙهي دل ڏاڍي ڏکائتي ٿي پيئي. مان ته عيني شاهد هئس انهن خوشين جي جيڪي اُت ملهايون ويون. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته هن ڏکئي وقت ۾ سنڌين جي خوشين تي ڌاڙا هڻڻ وارا ڪي پرايا نه آهن، هو سڀ پنهنجا آهن. شاهه لطيف به ته چيو آهي “پنهنجي وڍئي جو نه ويڄ نه طبيب،” آخر پنهنجا سور ڪنهن کي سڻائجن؟ پنهنجن جا ڏنل گهاءُ ڪنهن کي ڏيکارجن؟ اگرهي پلاٽ سچ پڇ ڪنهن ٻئي جو هو پوءِ ڪوڙو دلاسو ڏيئي هنن بي گهر سنڌين کي ڇو خوش ڪيو ويو؟ اگر سچ پچ ڪنهن ان تي ناحق قبضو ڪيو آهي ته به فيصلو صاف هئڻ گهرجي. اهي ويساهه گهاتيون هاڻ سنڌين سان نه ٿيڻ گهرجن ۽ نه وري سنڌين کي ڪنهن خوش فهمي ۾ مبتلا ٿيڻ گهرجي. پنهنجي جدوجهد سان پنهنجي قول عمل تي پختو ڪري آئينده لاءِ جدوجهد جاري رکڻ گهرجي. هنن پنهنجن ۽ پراون جي ڏنل گهائن ۽ رکيل رڪاوٽن تي بي همت ٿي واٽ نه مٽائڻ کپي. آخر ڪڏهن نه ڪڏهن اُن منزل تائين پهچي وڃبو جيڪا منزل سڀ ڏک سور لاهي ڇڏيندي.


سومر 24 فيبروري 1992ع

ڏکن پويان سُک

زندگيءَ جون انيڪ ڳالهيون ڪندي ڄڻ ته هانو ئي هلڪو ٿي پوندو آهي. زندگيءَ جي خوبصورتين بدصورتين ۽ ڏکن سکن جون ڳالهيون ڪرڻ سان ئي زندگي آسان ٿيو پوي. ڪي ڳالهيون ڪندي ٽهڪ نڪرندا آهن ته ڪن ڳالهين جي اورڻ سان پنبڻ ڀڄي پوندا آهن. وقت ۽ حالتون انسان کي ڪيترن ئي موڙن تي وٺي ٿيون وڃن. ڪيتريون ڳالهيون نه ڪرڻ جون نه سلڻ جون پر جي ملي وڃي ڪو پنهنجو ته پوءِ دفتر کليو وڃن...... سچ پچ لکندڙ سان هڪ وڏي ويڌن اها به آهي ته هو دنيا جا سور سنڀالي يا پنهنجا. هڪ ليکڪ به ته هن معاشري ۾ رهندڙ هڪ فرد آهي. هڪ حساس ۽ ڏات رکندڙ فرد جي حوالي سان هو ٻٽيون ڀوڳنائون ٿو ڀوڳي. پاڻ تي ٿيندڙ ڀوڳنائون هڪ ته هو لکي نه ٿو سگهي. اگر لکي به ٿو ته حوالا ٻين جا ٿو ڏيئي ۽ ڪردارن جا نالا ٿو مٽائي. ايترو ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به اگر ڪير اُن لکت کي سمجهي وڃي ته هيءَ ڪنهن جي لاءِ لکي ويئي آهي ته پوءِ سائين بس مصيبت لکندڙ جي بجُ بُج پٽيو ٿو وڃي. اهو ڪيڏو نه ظلم آهي ته دنيا جون ڳالهيون لکو. پرايا سور پٽيو پر پنهنجي ڳالهه نه ڪيو پنهنجا سور نه سليو. پنهنجو هانو کولي ڪنهن کي نه ڏيکاريو.
هي احساسن ڀريو هانو ۽ هيءَ ڏکن سکن سان ڀريل دل آخر ڪنهن وٽ نه آهي. هڪ سج ٻه پاڇا جي چواڻي هر انسان جي جيون ۾ لاهيون چاڙهيون آهن. ڪهڙو به انسان هجي، ڪيتري به اوج تي هجي. ڪيترو به خوش هجي، اها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي ته هن غم نه ڏٺا آهن..... هيءَ دنيا ۽ ان ۾ رهندڙ انسان آهن ئي غم ۽ تڪليف ۾ حقارت ۾ بغاوت ۾ ڌڪار ۾. پنهنجي سمجهه عمل ۽ قول سان ئي آسانيون ۽ خوشيون حاصل ڪري سگهبيون آهن. تڪليف ۽ غم ته ڳچيءَ ۾ پيا هوندا آهن. خوشيون ته دروازن تي دستڪ ڏيڻ بنائي لنگهيو وڃن. اگر ڪي خوش قسمت آهن جن جي درن تي خوشيون پاڻ لنگهي ٿيون اچن ته پوءِ باقي ٻيو ڇا کپي اُنهن کي. گهڻا انسان ويچارا ته خوشين سڪون ۽ آرام جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن اُنهن جو دڳ وٺي انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تڏهن ته مسين مسين انهن کي ڪجهه حاصل ٿئي.
هيءَ زندگي جيڪا هڪ دفعو ٿي ملي. هن زندگيءَ ۾ هڪ هٿين پيرين، سالم رکندڙ مڪمل انسان پنهنجي لاءِ عميق گهراين مان به موتي چونڊي ايندو آهي. زندگيءَ جي وهندڙ وهڪري ۾ موتين وانگر وکريل هي سڀ سوچون ۽ احساس، انسان کي ڪڏهن بلندين تي کنيو وڃن ته ڪڏهن وري سنئون سڌو اچي پٽ تي ڪيرائين. هي سوچون ۽ آئينده زندگي سُکي گذارڻ جا منصوبائي سهارو آهن ڪيترن زندگين جا هن جهان. ۾ انسان ويچارو جيڪر هن دنيا ۾ اچڻ ئي نه ٿو چاهي. هٿين خالي رڙيون واڪا ڪندو. احتجاج ڪندو جڏهن هو اچي ويندو هن دنيا ۾ ته پوءِ هن دنيا جا رنگ روپ پسي اصل اهڙو موهجي ويندو آهي ته پوءِ هن دنيا کي ڇڏي وڃڻ جو تصور ئي هن لاءِ هيبت ناڪ ۽ ڏکوئيندڙ هوندو آهي. انسان ويچارو هن دنيا ۾ اچڻ ۾ راضي، نه وڃڻ ۾ راضي. ڪيترو به پوڙهو هوندو، سو بيماريون هوندس، آس پاس وارا پنهنجا پرايا سڀ بيزار هوندس ته به هو جيئڻ چاهيندو آهي. مري هيءَ دنيا ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو مرحلو آهي...... ها ڪي ماڻهو وقت کان اڳ مري ويندا آهن يا وري پاڻ کي ماري ڇڏيندا آهن. اهي اهو قسم آهي انسانن جو جن ۾ قوت برداشت گهٽ هوندي آهي. زندگي گذارڻ جا معاشي وسيلا، پيار محبت ۽ پنهنجائپ انهن کي گهٽ ميسر هوندي آهي. هو زندگيءَ جي وهڪري ۾ بي همت ئي ڊهي پوندا آهن......زندگيءَ جي اجهاڳ سمنڊ ۾ مرڻ وارن کان جيئڻ وارا گهڻا، ان ڪري ڳالهه به ڪجي جيئڻ وارن جي........
زندگي گذارڻ ۽ سڪون آرام واري زندگي گذارڻ هر ڪو چاهيندو آهي، پر چاهڻ ۽ نه چاهڻ سان ڇا حاصل؟ انسان اڪيلو پنهنجي سوچ معيار سان حالتن سان مقابلو ته ڪري سگهي ٿو پر اڪثر ٻين جي چوڻ ۾ احترام ۾ پنهنجي زندگي اهڙي طريقي سان نه ٿو گذاري سگهي. جهڙي هوگذارڻ چاهي ٿو. انسان جا انسان سان تعلقات، حق ۽ واسطا پنهنجو گهر، مٽ مائٽ، اوڙو پاڙو ويندي هن وسيع دنيا تائين انسان هڪ ڳنڍ ۾ ٻڌو پيو آهي. هاڻ اها ڳالهه ظاهر آهي ته انسان ئي انسان جو ويري ۽ دوست آهي. انسان پنهنجي عقل سمجهه سان ئي زندگي گذاري اهو ثابت ڪري سگهي ٿو ته دنيا ۾ دوست همدرد گهڻا آهن ۽ ڏکوئيندڙ گهٽ، برداشت ۽ درگذر جو مادو نه صرف انسان کي سڪون ٿو ڏيئي پر سندس زندگي به آسان بڻائي ٿو ڇڏي. موت هڪ اٽل حقيقت آهي. موت معنيٰ هن دنيا مان هميشه لاءِ پنهنجي پيارن کان جدا ٿي وڃڻ. دنيا ته اڳ کان اڳري ٿي پئي هلندي. صرف اهو هڪ انسان هن دنيا کان جدا ٿي ٿو وڃي. ان ڪري اگر ان پنهنجي قول عمل سان سٺي زندگي گذاري هوندي. چئن ماڻهن کي ڪم آيو هوندو، ڏک سُک ۾ پنهنجن پراون سان شريڪ رهيو هوندو ته دنيا ۾ ڪجهه، عرصي تائين نالو قائم رهندس.... ڪي انسان اهڙا جاودان ڪم ڪري ويندا آهن جو تاريخ ۾ اُنهن جو نالو هيشه لکيو ويندو آهي. هر ماڻهو هن فاني دنيا ۾ به لافاني ٿي ويندا آهن.......
جڏهن مري وڃڻو آهي، هن دنيا کي ڇڏڻو آهي ته پوءِ هي جڳڙا فساد ڇا جي لاءِ؟ اڄ ڪلهه پنهنجائپ ۽ محبت رهي ناهي، ڪوبه ڪنهن جي ذميداري کڻڻ لاءِ تيار ناهي. دوستي رشتيداري نه ڇڏيو پر هڪ ابي امان جي اولاد ۾ به پيار محبت ۽ احساس ذميداري ناهي رهي. هڪ لکندڙ پنهنجي قلم جي حوالي سان امين ٿي انسان جي ڏکن ۽ ڪوتاهين جو ذڪر ٿو ڪري ته پڙهندڙ اهو ٿا سمجهن ته شايد اهي سڀ ڳالهيون ۽ واقعا لکندڙ جا پنهنجا آهن. لکندڙ هميشه واقعا پنهنجي ذات سان ڪي حوالا ڏيئي لکندو آهي ۽ پوءِ مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن.... ائين به ٿي سگهي ٿو ته لکندڙ پنهنجا مسئلا ٻين جا حوالا ڏيئي لکي ٿو ۽ اهڙي طرح پنهنجي اندر جي باهه ڪڍي ٿو..... ڪو لکندڙ سڌو سنئون پنهنجون حالتون ۽ وارتائون لکي ڇڏيندو آهي. اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد اهو نه هوندو آهي ته ڪو پڙهندڙن جون همدرديون حاصل ڪجن يا وري ويچارو ٿي ويهجي، مان ڇا پر هر سمجهدار ماڻهو اها ڳالهه دعويٰ سان چئي سگهي ٿو ته هر کلندڙ چهري جي پٺيان سوين غم هوندا آهن هر خوشحال ماڻهوءَ جي جدوجهد ۾ ايترا مرحلا به آيا هوندا جو اُن جو جيئڻ ئي عذاب هوندو آهي. طعام ۽ ست رڇيون کائڻ وارن به اهڙو وقت ضرور ڏنو هوندو جو رکي ٽڪر کائڻ لاءِ به محتاج هجن..... دراصل پنهنجي زندگيءَ جي حالتن کي لکڻ سان ٻين انسانن جي همت افزائي ٿئي ٿي. هيءَ دنيا ڪر کڻي مان شان سان زندگي گذارڻ وارن جي آهي. خوش ٿي ڪر کڻي، جبلن جيڏن غمن کي پوئتي اُڇلي خوش ٿي گذارڻ وارن جي هيءَ دنيا آهي. پنهنجن تڪليفن تي پنهنجي ڪاميابي جي ڏاڪڻ ٺاهي هلندڙ جي هي دنيا آهي. ڏکائتو ٿي، ويچارو ٿي ويهڻ وارا هن دنيا جي هل ۾ ڇيڀاٽجي ويندا آهن. عزت ۽ احترام وڃائي ويهندا آهن.
جيئڻ جو احوال جيئڻ وارن کان پڇيو،
جلائي پاڻ کي
رک به ڇڏي آ جن اڏائي.

آچر 1 مارچ 1992ع

راڪاس برڙ باڪاس

راڪاس، برڙ باڪاس هي ڪلاسيڪل ادب جا اُهي ڪردار آهن، جيڪي ظلم قهر ۽ دهشت گرديءَ جي علامت آهن. راڪاس جيڪو رات جو اونداهي ۾ ٻاهر نڪري ظلم ۽ قهر جي ڪارروايون ڪري پوءِ ڀڄي ويندو آهي. جهڙو ڪارو راڪاس ته وري اوهڙي ئي ڪاري رات، پيسيل، هيسيل ماڻهو اُن خلاف ڪا ڪاروائي ئي نه ڪري سگهندا آهن ۽ ڀڄي جان ڇڏائي وڃي نيون وسنديون وسائيندا آهن ۽ اهو راڪاس ۽ برڙ باڪاس انهن جو پيڇو ڪندو هر هنڌ پهچي ويندو آهي. پاڻ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي تحفظ لاءِ پنهنجي مستقبل جي بهتري لاءِ پوءِ انسان وڙهڻ بجاءِ مزاحمت وارو روپ اختيار ڪندو آهي. هو پنهنجي بچاءُ جا رستا ڳولهيندو آهي. مقابلي ڪرڻ جي قوت نه هئڻ ڪري هو ذهني جنگ وڙهندو آهي. پنهنجي بچاءُ جا نوان نوان طريقا ڳولهيندو آهي. جڏهن ظالم جي اڳيان سڀ مزاحمتي طريقا جواب ڏيئي ويندا آهن ته پوءِ فطري طور انسان مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. هي آخري ۽ انتها پسندي وارو روپ آهي انسان جو. هاڻ ڏٺو وڃي ته بنيادي طور انسان ويڙهاڪ يا ظالم نه آهي. حالتون ان کي ان حد تائين وٺي ٿيون وڃن. تنهنڪري ئي هو اهڙو خوفناڪ قدم کڻي ٿو........
هر انسان ۾ هر قسم جي برائي ۽ سٺائي موجود آهي. جذباتي جولان ۽ آس پاس جون حالتون ئي انسان کي اُن حد تائين پهچائين ٿيون.....
هر انسان ۾ هڪ ٻار موجود هوندو آهي. اُهو ٻار زندگي جي ويڙهاند ۾ ڊڪندو وتندو آهي. عمر ڪيتري ئي ڇو نه هجي پر وجود ۾ سمايل ٻار هميشه انگل ڪندو، پاڻ مڃائيندو ڀڄندو رهندو آهي. اُهو وجود وارو ٻار بي ڊپو ۽ بي خوف هوندو آهي. جڏهن ڪو وڏو سمجهدار ماڻهو ڪا اهڙي حرڪت ڪندو آهي ته اُن کي هميشهه چئبو آهي ته تون ٻار ته نه آهين، هي ٻاراڻيون حرڪتون ڇو پيو ڪرين. اهي ٻاراڻيون حرڪتون فطري طور انسان کان سرزد ٿي وينديون آهن.......
ٻار هجڻ سان گڏوگڏ انسان ۾ وحشانيت ۽ درندگي به ڀريل آهي. وجود جو معصوم ٻار ۽ پيار جي شدت اُن وحشانيت ۽ درندگي کي روڪي ڇڏيندي آهي. پيار ۽ پنهنجائپ جي ڪمي ۽ صحيح واٽ جي سڃاڻپ نه هئڻ سان ئي انسان ظالم ٿو ٿئي. انسان فطري طور پيار محبت ڪرڻ وارو آهي. هر انسان ڪڏهن به ظالم ٿيڻ نه چاهيندو پوءِ به هي ڇا آهي؟هن دنيا۾ ظلم ڪرڻ وارا به گهڻا آهن ته وري ظلم سهڻ وارا به گهڻا آهن. خير ۽ شر جي لڙائي روز ازل کان جاري آهي. هن ترقي يافته دنيا ۾ انسان جيترو هڪ ٻئي جي ويجهو آيو آهي ته ذهني طور هو هڪ ٻئي کان پري ٿيندو ٿو وڃي. آزادي اها به جسماني ۽ ذهني آزادي هر انسان جو بنيادي حق آهي. ها پر آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ وڏو فرق آهي. صحيح معنيٰ ۾ رهبري ۾ مليل آزادي انسان کي آسمان جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيندي آهي. بي ترتيب ۽ غلط رستي واري ڇڙواڳي انسان کي برباد ڪري تهس نهس ڪري ٿي ڇڏي.......... ڇا اسان کي ان ڳالهه تي نه سوچڻ گهرجي ته اسان جو اڄ جو ٻار، اڄ جو جوان، ۽ اڄ جو پوڙهو ايتري هيجاني ۽ منتشر ڪيفيت ۾ ڇو آهي؟ ڇا انسان پنهنجي ٻارن کي اها تربيت اها راهه ڏيکاري آهي. جيڪا اسان جو فرض آهي؟ ڇا هڪ جوان انسان پوءِ چاهي اُهو مرد هجي يا عورت هن ارڏي ۽ بي پرواه جواني ۾، جذباتي جولان ۾ پنهنجن حقن سان گڏ فرض کي به ياد رکيو آهي؟ ڇا هڪ بزرگ جنهن پنهنجي سڄي زندگي هن خوبصورت دنيا ۾ گذاري آهي ته ڇا هو ٻين کي پنهنجي زندگي جون حاصلات ٻڌائي ٿو؟ ڇا اُن جي تجربن مان ان جي زندگي مان اڄ جو نوجوان ڪجهه پرائي ٿو؟......... ڪيترائي سوال ذهن جي پولارن ۾ اُڀرن ٿا ۽ ختم ٿي ٿا وڃن، هن دنيا ۾ رهندڙ هر انسان هڪ ڏور ۾ ٻڌل آهي، هڪ زنجير ۾ جڙيل آهي. خبر نه آهي ڇو اوچتو ئي اوچتو اها ڏور کليو وڃي، اها زنجير ٽٽيو پوي.
منتشر، بي ترتيب، ڇڙواڳ، هي سڀ انسان ڄڻ ته ٻار ٿيو پون، اُهي سڀ ٻاراڻيون حرڪتون ڪرڻ لڳن ٿا جو معاشري جي وجود کي لوڏي ڇڏين......... اُهي ٻاراڻيون حرڪتون ئي ته آهن جڏهن انسان ظالم ۽ جابر ٿئي ٿو. قتل ڪري ٿو. خون جون نديون وهائي ٿو. ڀلا اهو به ته هڪ وڏو روپ آهي. اُن اندر جي ٻار جو، جيڪو ٻن مختلف روپن ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ٿئي ٿو. هڪ آهي ظلم ڪرڻ وارو ٻيو سهڻ وارو. ڀلا جي ظالم ڏاڍو آهي ته مظلوم به ته اوهڙو ئي هڏ ماس، جسم جان وارو آهي پوءِ ڀلا هي تضاد ڇو؟ شايد سڀ کان سولو آسان جواب اهو آهي، انسان جي بنيادي تربيت، گهر جو ماحول ۽ آسپاس جون حالتون!!!!! ڇا اسان اهو نه ٿا سوچي سگهون ته هن دنيا ۾ جنم وٺندڙ ٻار جيڪو فرشتو هوندو آهي طبيعت ۾ سو شيطان ڇو ٿو بڻجي............؟ ڇا پنهنجي حقن جون ڳالهيون ورجائيندي اسان پنهنجي جن فرضن جي به پوئواري ڪئي آهي؟ اُهي ٻار جيڪي سڀاڻي جا مهندار آهن انهن جي صحيح جسماني ۽ ذهني تربيت ٿي رهي آهي يا نه؟
يقيناً ٿي به رهي آهي. گهڻا والدين ٻارن کي تمام سهڻي نموني ۾ پالنا ڪري زماني جي لاهين چاڙهين کان واقف ڪندا ٿا رهن. اصل ۾ مسئلو انهن گهرن ۾ آهي جت ٻار ڊڀن وانگر، ضرورت نه هوندي به ڄمي پوندا آهن. والدين مصروف پنهنجي زندگي ۾ مگن رڳو اهو سوچيندا آهن ته ٻارن کي سٺو کاڌو ۽ اعليٰ رهائش ميسر ڪري، انهن سڀ فرض پورا ڪري ورتا آهن. هي گهر ۽ در ديوارون ته بي جان آهن. هي ٽي وي، وي سي آر به ته انسان جي هٿن جون محتاج آهن. بنيادي طور ته انسان خراب آهي ۽ نه وري هي بي جان شيون، فرق آهي ته صرف استعمال جو. گذريل ٻن ٽن مهينن ۾ ڪراچي جي ڪجهه وڏن تعليمي ادارن ۾ وڏا وڏا واقعا ٿي گذريا آهن. نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي ڇوڪرن هڪ ٻئي کي گوليون هڻي ماريو آهي. اُت به مسئلو عشق جو آهي. اُهي به ستين ۽ ڇهين ڪلاسن جي ڇوڪرين سان. هي سڀ ٻار ڄمندي ئي سان جوان ٿيو وڃن. دنيا جي سڀني لاهين چاڙهين کان واقف ٿيو وڃن. هنن ننڍڙن ٻارن، آئنده جي مهندارن جي موت جو ذميوار ڪير آهي؟ اسان جا وڏڙا ٻارن ۽ پاڻ وچ ۾ هڪ سنڌو رکندا هئا. جتي چار وڏا ويٺا ٻار ات ايندا ئي نه هئا. ڪابه خراب ڳالهه يا گهٽ وڌائي وارا مسئلا ٻارن اڳيان آڻبائي نه هئا. اُن ڪري اُهي ٻار سچ پچ ٻار ئي هوندا هئا. پنهنجي عمر جي حساب سان ارڏي، بي پرواهه ۽ بادشاهي واري زندگي گذاريندا هئا. اڄ جو ٻار ٻار نه رهيو آهي. ذهني طور تمام اڳتي وڌي ويو آهي. اُن جي سڄي ذميداري ماءُ پيءُ، گهر جو ماحول ۽ وي سي آر تي هلندڙ فلمون آهن. اڳ فلمن جا هيرو پوڙها ڪتاب کنيو ڪاليج پيا ويندا هئا. اڄ جي فلمن جا هيرو هيروئن اسڪول جا ٻار جيڪي چڍي، بشٽ ۽ فراڪ پائڻ وارا آهن. عشق ڪندا نظر ٿا اچن.
معاشري کي سڌارڻو آهي ته اڄ جي ٻار جي صحيح تربيت ڪرڻي آهي. صحيح ماحول ميسر ڪري ڏيڻو آهي. اڄ جو ٻار جيڪو سڀاڻي جو سرواڻ آهي. ضرور پڇا ڪندو اسان کان ته توهان سڀ وڏا جيڪو جيون گذاريو پيا. ڇا ڪيو اٿو اسان جي لاءِ؟ هي ائين هڪ ٻئي کي ماريندڙ ٻار هي دهشتگردي، نفرتون، جهيڙا ۽ جنگيون ڪهڙو مستقبل ڏيئي رهيون آهن. اسان جي ٻارن کي هر عمر جي حساب سان وجود ۾ ويٺل ٻار اڪيلو ۽ ڊوڙندو پيو وتي. هن ڪنڊن ڀري واٽ تي اسان ڪيتري ڪوشش ڪئي آهي ڪنڊن هٽائڻ جي؟
هي اندر ۾ ويٺل ٻار جيڪو تنهنجو به آهي منهنجو به آهي هن ڌرتي جو مستقبل آهي. جيئڻ چاهي ٿو ۽ اڳيان موت جاکوه کوٽيا پيا آهن. ڏائڻ بلائن ۽ اجگرن جا وات کليا پيا آهن. هي سڀ ارڏا، بي چيا ۽ پنهنجو پاڻ کي ماريندڙ ٻار حق گهري رهيا آهن جيئڻ جو، خوشين جو، هڪ ڀرپور جيون گذارڻ لاءِ اُنهن جو جيڪو حق آهي، اهو اسان کي ڏيڻو پوندو ۽ ضرور ڏيڻو پوندو.....

آچر 15 مارچ 1992ع

عورت جا احساس ۽ جذبا

ڪنيز پنهنجي ڌيءُ جي بي اي ۾ داخله ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ مون کي ڪيڪ ۽ پيسٽريز ڏيئي وئي. اُن مان ڪجهه حصو مان جميله جي گهر کڻي ويس. اُن وقت جميله گهر ۾ موجود نه هئي. سندس نڻان سلميٰ ۽ ٻار گهر ۾ ويٺا هئا. سلميٰ ويٺي پوتيءَ کي آر هنئي. مان وڃي ڀر ۾ ويٺي مانس ۽ پڇيو مانس ته اڃا تائين اها پوتي ٺهي پوري نه ٿي آهي. ڪافي ڏينهن کان ڏسان پئي تنهنجي هٿن ۾ . بس منهنجي چوڻ جي دير هئي سمليٰ اچي ڏکن ۾ پئي، اندر ۾ ڪي اُڌما هئس چيائين ڇا ڪيان مون واري ڀاڄائي گهر جي ڪمن ۾ هٿ ئي ڪونه وجهي. ٻارن جو سماءُ به ڪونه لهي. سڀ بار مون تي آهن. هوءَ نوڪري ڪرڻ ۽ گهمڻ ۾ پوري آهي. هن وقت ڀلا کيس بوري بازار وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. پنهنجو ڪم ته هوس ئي ڪونه، ٻين سان ڀڳي بيٺي آهي. هاڻ مان گهر سنڀاليان يا آر ٽوپو ڪيان. مان بس ڪري ويٺي ٻڌو. مان چئي به ڇا ٿي سگهيس ڇو ته اها حقيقت هئي ته سلميٰ سڄي گهر جو بار کنيو ويٺي هئي......
اُتي ئي سلميٰ ٻڌايو ته ڳوٺان سندس ڀرت جو جوڙو ڀرجي آيو آهي پر ڀرڻ واري ڪچي پٽ سان ڀريو آهي. سو رنگ ٿو ڇڏي. مان صلاح ڏني مانس ته اهو جوڙو گهر ۾ پائي ڇڏي. سلميٰ رڙ ڪري چيو، ايڏو مهانگو جوڙو مان گهر ۾ ڪيئن پائيندس مان ته اميد ڪري ڀرايو هو ته پنهنجي ڏاج جي ڪپڙن ۾ رکندس مان مذاق ۾ کلي چيو مانس، “ڇو سلميٰ ڪا اميد آسرو مليو اٿئي ڇا؟” (هت مان اهو ٻڌايان ته سلميٰ جي عمر ٽيهن سالن کان به وڏي آهي. سلميٰ ٿڌو ساهه ڀري چيو اميد آسرو بندن ۾ ڪهڙو؟ منهنجو ته رب تي آسرو آهي، ڇو ڀلا سڄي زندگي ڀاڄائيءَ جي گهر ۾ ڇاڻيندس ۽ ٻهاريندس ڇا. انهيءَ اميد تي ته لٽا ڪپڙا ٺهرايان پيئي ته الله منهنجي لاءِ به ڪا واٽ کوليندو. مون کي مذاق سجهيو سو پراڻيون ڳالهيون پڇڻ لڳي مانس (مونکي خبر هئي ته سلميٰ جو خاندان ۾ مڱڻو ٿيل هو پر اُن وڃي هڪ ڀيلياڻيءَ سان شادي ڪري ڇڏي هئي) ڇو ڀلا جميل ڪو آسرو ڏياريو اٿئي ڇا؟ اهو ٻڌي سلميٰ اصل آپي کان ٻاهر نڪري ويئي ايترو ته گهٽ وڌ ڳالهايائين جميل کي جو لکڻ مان مٿي. مئو مري شال مان ته سندس شڪل ته ڇا پاڇو به ڏسڻ نه ٿي چاهيان. مان کلي چيو مانس هاڻ ٿي گهٽ وڌ ڳالهائينس مون کي ته اها به خبر آهي ته توئي ان سان شادي ڪرڻ لاءِ خاندان تي زور رکيو هو..... سلميٰ ويچاري ڏکائتي ٿي پيئي چيائين، “ها سچ ٿي چوين جميل مونکي ڏاڍو وڻندو هو. ويجهو مائٽ هو هڪ ٻئي جي گهر ايندا ويندا هئاسين سو بس مونکي وڻي ويو. اُن جي دل به مون سان لڳي ويئي. هڪ ڏينهن چيو مانس ته تون سنڱ گهرڻ لاءِ ڪنهن کي موڪل، جميل جي سنڱ گهرڻ سان اسان جي گهر ۾ ٻائيتال مچي ويو. اُن وقت جميل ۾ سڀ عيب موجود هئا. شراب هو پيئندو هو، جوا هو کيڏندو هو، نه ڪمائي نه ڪرتي بار هو مائٽن تي. منهنجي مائٽن صفا انڪار ڪري ڇڏيو. چيائون اهڙي شادي کان گهر ۾ ويٺل نياڻي چڱي آ. پرڻائي هڪ ٻيو جهنجهٽ ڳچيءَ ۾ وجهون”. سلميٰ ٻڌايو ته الائجي ڪيئن مون ۾ به همت اچي ويئي. مائٽن کي چيم جميل جهڙو به آهي مون کي قبول آ. باقي رهيو اهو سوال ته اسان ٻئي اوهان تي بار ٿينداسين، سو مان ائين ٿيڻ ڪونه ڏيندس. ڀلي جميل ڪجهه به نه ڪري مان توهان کان الڳ رهندس. پنهنجي ضرورتن لاءِ مون کي ڀرت ڀرڻو پوي يا سلائي ڪرڻي پوي. پر مان توهان تي بار ڪانه ٿينديس. مائٽن جي منهنجي ضد هوڏ اڳيان ڪجهه نه هلي ۽ نيٺ منهنجو مڱڻو ڪرايائون. اسان جي وچ ۾ پردو ته هوندو ئي ڪونه هو. جميل اسان جي گهر ۾ ايندو ويندو ۽ مان به ساڻس ملندي هئس. ان وقت جميل مون سان گهڻا واعدا اقرار ڪيا. چوندو هو ته مان تو کي سک ڏيندس. سڀ خراب عادتون ڇڏي ڏيندس. مڱڻي جي ڪجهه عرصي کانپوءِ خبر پئي ته جميل جي هڪ ڀيلياڻيءَ سان صحبت ٿي ويئي ۽ اُن سان شادي ڪري ڇڏيائين. ڳالهه ڪندي سلميٰ جو گلو ڀرجي آيو، منهن سڄو ڳاڙهو ٿي ويس. مان پڇيو مانس ته ڪڏهن جميل سان ملاقات ٿي اٿئي؟ جواب ۾ سلميٰ ٻڌايو ته جميل ساڻس ملڻ آيو هو ۽ چوڻ لڳو ته تون ته منهنجي مڱ آهين. هيءَ شادي ته مجبوريءَ ۾ ڪئي آهي. مان اصل شادي ته تون سان ڪندس.... مون کي جميل جي شڪل کان ئي نفرت ٿي ويئي هئي. چيو مانس ته مان توسان ڪڏهن به شادي ڪانه ڪندس. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن مون اک کڻي جميل کي ڪونه ڏٺو آهي. دل ۾ اصل چڀڪو رهندو اٿم. جنهن جي ڪاڻ خاندان سان مقابلو ڪيو ماريو مئو به وڃي ڀيلاڻيءَ تي..... منهنجو قدر ته ڀيلياڻيءَ جيترو به ڪين ڪيائين. سلميٰ کي ڏکائتو ڏسي ڪري ڳالهه ٽارڻ ڪارڻ مان چيو مانس. سلميٰ هاڻ هيئن ڪر جو تون به ڪنهن ڀيل سان شادي ڪري ڏيکار. ڪي ڀيل شڪل جا موچارا به هوندا آهن. ڪو پڙهيل لکيل ملي پوي ته پوءِ وهه واهه. اهو ٻڌي سلميٰ اکيون ڪڍي مون کي ڪاوڙ مان گهوريو. پوءِ چيائين شابس اٿئي، مان مسلمان آهيان. هُن ته وڃي پنهنجي عاقبت خراب ڪئي مان ائين ڇو ڪندس؟ پنج وقت نماز پڙهندي آهيان. روزا سڀ رکان، وظيفا مان ڪڍندي آهيان. رب مون کي ڪو مسلمان ڏياريندو، اهڙو ڪم ڪري مان پنهنجو محشر ٿوروئي خراب ڪندس. مان چيو مانس ته اُن کي کڻي مسلمان ڪنداسين پوءِ ڪهڙو حرج. ها باقي ايڏي عبادت ڪرين پئي ته پوءِ هاڻ الله ئي تنهنجو نگهبان آهي. اهو ئي سڀ تنهنجا سور لاهيندو..... سلميٰ جذباتي ٿي چيو. ته چار سال باقي آهن جو منهنجي شادي ٿي سگهي ٿي پوءِ ڇو نه توهان ۽ مان ڪوشش ڪيون. ها باقي نه ٿي ته پوءِ الله ته هونئين اسان جو آهي ويٺي الله الله ڪندس......
سلميٰ جون ڳالهيون ٻڌي مون کي ماٺ وٺي ويئي. ڇا چوانس ڪهڙي آٿت ڏيانس. ڳالهه کي ٽارڻ لاءِ ۽ کيس خوش ڪرڻ لاءِ چيم. ڪڏهن جميل ياد ايندو اٿئي؟ اتي سلميٰ کلي ويٺي چيائين. شاباش اٿئي مان ڇو ان کي ياد ڪندس.... اُن ويل جيڪا سندس چهري تي ڏک جا آثار هئا ان مان محسوس پئي ٿيو ته جميل اڃا به هن جي دل جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ موجود آهي. سلميٰ پڙهيل لکيل نه آهي. سڄي زندگي ڳوٺ ۾ گذري اٿس. ڀاڄائي سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي. هڪ ڀرپور عشق ڪيائين. خاندان سان مقابلو ڪيو اٿائين.پنهنجي زندگي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين پر ڇا مليس؟ ڪجهه به نه، سواءِ ڏکن جي. سلميٰ پڙهيل لکيل هجي ها ته اهو سڄو الزام هن جي پڙهائي تي اچي ها. سڀ ڪو چوي ها ته پڙهي آهي. تڏهن وات وڪيل ٿي آهي.
مان اهو ڪڏهن به نه چوندس ته ڪا سلميٰ غلط آهي. هوءِ پنهنجي حق لاءِ وڙهي آهي. هر انسان بنيادي طور پنهنجي حق لاءِ وڙهي سگهي ٿو. فرق صرف پالنا ۽ معاشري جي حد بندين جو آهي... ڪي انسان ايڏا ارڏا هوندا آهن جو هو پنهنجي طبيعت ۽ انا جي خلاف ڪجهه به برداشت نه ڪري سگهندا آهن.... ڪي انسان ته وري اهڙا هوندا آهن، جو ڄاڻي ٻجهي وهه جو ڍڪ پي ويندا آهن. پنهنجي شرم ۽ مرم پيا مرندا آهن......
هن معاشري ۾ جنهن کي انسان ٺاهيو آهي ان وقت تائين ڪا ڦير گهير نه ايندي جيستائين انسان، انسان جي بنيادي حقن ۽ انتهائي نازڪ جذبن جو قدر نه ڪندو. اُهي بنيادي حق ۽ جذبا چاهي عورتن جا هجن يا مردن جا اُنهن جي پورائي ٿيڻ ضروري آهي.
مرد ته پنهنجي ٺاهيل معاشري ۾ وڙهي جهڙي سڀ ڪجهه حاصل ڪري ٿو وٺي. پر عورت ويچاري ڇا ڪري؟ ڇا اسان کي هن ڳالهه تي ته سوچڻ کپي ته ڇو اسان جي معاشري ۾ انهن عورتن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جيڪي چريون آهن، نفسياتي مريض آهن. کوهن ۾ ٽپا ڏيئي پنهنجو انت آڻينديون آهن يا وري “ڪاري” ٿي مرنديون آهن.....
عورت ته ٿوري پيار محبت ۾ جبلن جيڏا غم کڻي وڃي ٿي. اسان ان پيار ڪندڙ عورت لاءِ ڇو ڪجهه نٿا ڪري سگهون؟ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اها عورت جيڪا پيار پويان کوهه ۾ ٽپو ڏيئي سگهي ٿي. “ڪاري” ٿي مري سگهي ٿي. اگر اسان اُن عورت کي پيار ڏيئي ۽ ان سان گڏ ان جي فطري ضرورتن ۽ بنيادي حقن جو قدر ڪيون ته صرف هوءَ نه پر اسان جو سڄو معاشرو سون ٿي پوندو......

آچر 29 مارچ 1992ع

سهڻيءَ جو طارق اشرف

موت ايندو آهي ته هٿين خالي موٽي نه ويندو آهي. گهاءُ ڏيئي، جدايون ڏيئي پيارن کي پيارن کان وڇوڙي، ازل تائين پنهنجون مهرون هڻي ويندو آهي. سڀ ڪنهن کي اهائي وائي وات ۾ هوندي آهي.... فلاڻو مري ويو..... هي دنيا ڇڏي ويو، فنا جي رستي جو راهي بقا جي منزل تي پهچي ويو. موت اهڙي جدائي آهي جنهن ۾ مرڪندڙ مهڪندڙ چهرا.... جيون جي جدوجهد ۾ ارڏا ماڻهو، اوچتو ئي اوچتو ماٺ ٿي ويندا آهن. انهن جي هيءَ خاموشي سندن وجود سان گڏ زمين جي تهن تائين دٻجيو فنا ٿيو مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿيو وڃي..... ڪيڏائي ارڏا، جاهه جلال وارا ۽ معصوم پيارا کڻي جو اکيون ٻوٽين ته پوءِ پٺيان کڻي رڙيون واڪا ڪجن، چاهي لک حيلا وسيلا هلائجن پر ماٺ جي رستي جا راهي نه اکيون کولي ڏسن ۽ نه وري چپ چورين. انسان جي بي وسيءَ جي هيءَ انتها آهي. اُن ويل عقل سمجهه، منطق ۽ فلسفه ڪجهه به ڪين ٿا ڪم اچن... اهڙي ئي واٽ تي هليو ويو آهي سهڻيءَ جو، دانيال جو، شمسه جو سڀني جو طارق اشرف..... الاهي سال اڳ جڏهن ادب جي دنيا ۾ نئون نئون قدم رکيوسين. آهستي آهستي پير کوڙي ادب جي دنيا جي شاگردي حاصل ڪئي سون. اُن ويل اهڙو ڪهڙو رسالو يا اخبار نه هئي جيڪا اسان کي نه ڇپيندي هئي. نئون نئون جذبو هو، لکڻ جو جنون هو. پر اُن ويل پنهنجي حيثيت جو احساس ٿيندو هو جڏهن پنهنجون لکيل بهترين تخليقون سهڻي رسالي کي موڪليندا هئاسين ۽ موٽ ۾ اهو جواب ملندو هو ته توهان جون لکيل ۽ موڪليل شيون معياري نه آهن...... سالن جي محنت کان پوءِ جڏهن ٻيا رسالا اسان جي لکڻين کي اهميت ڏيئي شايع ڪندا هئا. اُن وقت سهڻي رسالي ۾ نون شاعري واري حصي منهنجي شاعري ڇپي هئي.....تون شاعرن جي حوالي سان ئي ڇپجڻ اهو به سهڻي رسالي ۾ اهو به وڏو مان هو جيڪو اُن وقت مون کي مليو....اهوئي ادبي معيار هو جنهن سهڻي کي وڌيڪ نمايان مقام ڏنو، شروع شروع ۾ سهڻي صرف ادبي رسالو هوندو هئي. ان ۾ ايڊيٽوريل نه هوندا هئا. بس مواد جي حوالي سان ٿورو مختصر تعارف هوندو هو. سهڻي جيئن ته خالص ادبي رسالو هو ان ڪري ان کي ادب ۽ اديبن تائين محدود رکيو ويو. پر حالتون ۽ سوچون پنهنجا رخ مٽائينديون رهنديون آهن. سنڌ جون حالتون ۽ سنڌين جي مٿان پنهنجن ۽ پراون جي هلان ۽ ڏاڍايون ڏسي سهڻي پاڻ کي آجو نه رکي سگهي. ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ۽ پڙهيو ته ڪيڏا نه طويل ۽ مسئلن سان ڀريل سهڻي جا ايڊيٽوريل ڇپجڻ لڳا بغير ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي وڏن وڏن مسئلن جي نشاندهي ڪئي ويئي. آخر اهو وقت به آيو جو مان وارا ماڻهو پنهنجو ئي چهرو آئيني ۾ ڏسي مڇرجي پيا ۽ طارق اشرف ٻاويهه مهينن جو طويل عرصو زندان ۾ قيد رهيو. جڏهن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ تقريبن سڀني سنڌي رسالن تي پابندي پئجي ويئي ته سهڻي به بند ٿي ويئي. ڏاڍ ۽ جبر جو جدوجهد سان مقابلو ڪري، ٻارهن سالن جي ظلم جي طويل عرصي کان پوءِ جڏهن روشني جا ڪرڻا اُڀريا ته اُنهن ڪرڻن مان هڪ ڪرڻو سهڻيءَ جو وري ڇپجي ميدان ۾ اچڻ....... هي سهڻيءَ جو نئون جنم نئين رنگ ڍنگ سان هو. سائيز ۾ وڏو ۽ مواد ۾ سياست ۽ ادب کان علاوه فلمي دنيا به شامل ٿي ويئي. سهڻيءَ جو اصل خاڪو ۽ رنگ جيڪو ذهن ۾ ڇپيل هو اُن ڪري گهٽ ۾ گهٽ مون کي سهڻي جي هن نئين جنم خوش نه ڪيو. پڇيم طارق اشرف کان ته هي سڀ ڇا آهي؟ هيءَ اصل واري سهڻي لڳي ئي نه ٿي، اسان کي اصل واري سهڻي کپي. طارق اشرف ڏاڍي ڌيمي انداز سان وقت ۽ حالتن جي تبديلي ۽ عوام جون گهرجون ٻڌائيندي چيو ته اهو سڀ ڪجهه وقت ۽ حالتن جي ضرورت مطابق ڪيو ويو آهي.... ادب جي خدمت جيڪا سهڻي ڪئي اُن جي ٻڌائڻ يا چوڻ جي ڪا ضرورت ئي نه آهي. سهڻيءَ پاران ڇپيل اهي شاهڪار ادبي نمبر جن ۾ جيئرن جاڳندن اديبن کي مان ڏيئي هميشه لاءِ زنده جاويد ڪيو ويو. اها ادب جي خدمت سهڻيءَ جي حوالي سان طارق اشرف جي تمام وڏي آهي. اسان جي جيڪي جيئرن جو قدر ئي نه ڪندا آهيون. مئلن جا ماتمي آهيون.مرڻ کان پوءِ تعزيتي پيغام ڪڍي مضمون ۽ ڪالم لکندا آهيون. جڏهن اهي ماڻهو جيئرا هوندا آهن ته اُنهن جي ڏکن، پيڙائن ۽ خوشين ۾ شرڪت ته وڏي ڳالهه پر اُنهن جي خبر چار به نه لهندا آهيون. سهڻيءَ جا امر جليل نمبر، نسيم کرل نمبر ۽ شيخ اياز نمبر اهڙا ته شاهڪار آهن جن کي اڄ به پڙهڻ سان مزو اچيو ٿو وڃي. امر جليل نمبر ته مان اڃان تائين ساهه سان سانڍيو پئي اچان ڇو ته اُن ۾ امر جليل پنهنجي هٿن سان شاهه لطيف جي هيءَ سٽ لکي ڏني هئي “جت هلڻ ناهه هوت ريءِ”....... سهڻي رسالي کان علاوه طارق اشرف جو پنهنجو ادبي پورهيو به ته ڪو گهٽ ڪونهي. سٺو افسانه نگار، مضمون نگار ۽ ڪالم نويس وغيره. اُهو طارق اشرف اڄ اسان کان جدا ٿي اهڙي ماڳ تي وڃي پهتو آهي جتان ورڻ ناممڪن آهي. پرڇا موت اسان کان طارق اشرف سچ پچ کسي ورتو آهي؟ ڇا هڪ قلمڪار ۽ هڪ حساس انسان جي وجود مٽائڻ سان جدايون ٿي وينديون آهن؟ سچ ته اهو آ ته ڪي انسان مرڻ کان پوءِ جدا نه ٿيندا آهن. اُنهن جون ڪيل خدمتون ۽ اُنهن جو سٺو سڀاءُ اُنهن کي هميشه لاءِ جيئرو ڪري ڇڏيندو آهي....... اڄ به لڳيم ٿو ته طارق اشرف اوچتو ڪٿي نظر اچي ويندو. سندس آواز اڄ به ڪنن ۾ گونجي پيو. اڃان هفتو کن اڳ مونسان ڳالهايو هيائين. سنڌي ادبي بورڊ جي مسئلي ۽ تازو ٿيل ڊاڪٽر صالح ميمڻ جي ڪتاب جي مهورت واري پروگرام تي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ اسان فون تي ڳالهايو هو. طارق اشرف ادبي بورڊ واري مسئلي جي ٿيل گندگي تي ڏاڍو پريشان هو. پاڻ چيائين پي ته مان ڪنهن جي به ڌر نه ٿيندس. ڇو ته ڪوته دروازو کليل هجي. جنهن مان اسان هن مسئلي جو حل ڳولهي سگهون. جڏهن مان اها شڪايت ڪئي ته اوهان اوچتو ئي اوچتو مون کي سڏي ڪتاب جي مهورت ڪرائي ۽ مان صفا ڪنفيوز ٿي ويس. اوهان گهٽ ۾ گهٽ پنج منٽ ته اڳ مون کي ٻڌايو ها. پاڻ کلي چوڻ لڳو سلطانه ڪو به فائدو نه هو تو کي اڳ ۾ ٻڌائڻ جو ڇو ته تون ته مون کي هميشه پريشان ۽ ڪنفيوز لڳندي آهين..... سلطانه ڪنفيوز ٿيڻ ڇڏي ڏيندي ته پوءِ اها سلطانه نه هوندي......
ڪتاب جي مهورت جي پروگرام ۾ منهنجي هڪ دوست به اچڻي هئي جيڪا نه اچي سگهي پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن طارق اشرف سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته مان کيس چيو ادا طارق اڄ منهنجي هڪ دوست هت آئي هوندي. اوهان سان ملڻ جي خواهش هيس چيائين پئي ته سال ٿيا آهن طارق اشرف سان ملندي. الائجي توهان سان ملي يا پهرين نه. طارق اشرف منهنجي ڳالهه نه سمجهيو. جڏهن سمجهيو ته اکين ۾ چمڪ اچي ويس ۽ هڪدم چيائين ڪٿي آهي؟ مون ته ڪانه ڏٺي. اُن ويل مان يڪدم چيو ادا هوءَ پنهنجن پنجن ٻارن سان گڏ آئي هوندي. وڏو ٽهڪ ڏيئي طارق اشرف کلي ويٺو ۽ چيائين خبر اٿم ۽ پوءِ ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي. هاڻ جو مونسان فون تي ڳالهايائين ته وري ذڪر ڪڍيائين ته سلطانه تو ته چيو هو هوءَ به آئي هئي پر مون ته ڪانه ڏٺي ۽ نه وري وڊيو فلم ۾ ئي اُن جي ڪا جهلڪ آهي. مان کيس ٻڌايو ته هوءَ اچڻي هئي پر اچي نه سگهي اُن جا ٻار آيا هئا.... نه مون اُن جو نالو ورتو ۽ نه وري طارق اشرف اُن جو نالو ورتو پر اسان اُن جو ڏاڍو ذڪر ڪيو جيڪا اُن وقت اسان جي ڀرسان موجود نه هئي، هي اُهو ڪردار آهي جنهن طارق اشرف جي جيل جي اسيري دوران تمام گهڻا خط لکيا هئا ۽ اُهي خط طارق اشرف ڪتابي صورت ۾ ڇپايا هئا. طارق جي اوچتي لاڏاڻي جي خبر جڏهن مون کي پئي ته مان هن کي به فون تي ٻڌايو. هي ادبي ۽ ذهني رشتا به عجيب هوندا آهن. انهن کي عشق ته نه پر پنهنجائپ ضرور چئي سگهجي ٿي...... طارق اشرف جي گهر به مان ويس سندس جيون ساٿي روئڻ ۾ پوري هئي. سندس هر لفظ ۾ طارق هو ۽ صرف طارق گهڙي گهڙي پئي چيائين ته مون کان سواءِ سرندي به ڪانه هئس. جڏهن به ڪاڏي اُسهندو هو ته صبح شام پيو فون ڪندو هو. ماني کاڌي اٿئي يا نه دوائون وقت تي کاڌيون اٿئي يا نه هن مهل ڇا پئي ڪرين. اڪيلي ته ڪانه ٿي آهين..... ڪڏهن گهنج وجهي نه ڳالهائين.جڏهن به سڏ ڪندو هو ته شمعون راڻي چئي سڏ ڪندو هو. اولاد جي نه هئڻ جو احساس اڃان مونکي ٿيندو هو پر پاڻ چوندو هو ته جيڪا شي نصيب ۾ ئي ڪانهي اُن جو ڏک ڪرڻ اجايو آهي. پاڻ اهو به ٻڌائين ته اسان زال مڙس گهٽ پر دوست وڌيڪ هئاسين. جنهن ڏينهن آخري دفعو طارق اشرف ڪراچي لاءِ روانو ٿيو ته پاڻ ٻڌايائين ته اُها رات اسان کي چئين بجي تائين ننڊ ڪانه آئي. طارق اشرف اهو پئي چيو ته جت امان پوريل آهي ات قبرستان ۾ سم جو پاڻي گهڻو اچي ويو آهي. ڀلا جو مان مري پوان ته مون کي ڪٿي دفن ڪندؤ. مان امان جي ڀرسان سمهڻ ٿو چاهيان. اُن تي مان چيو مانس ته تون اڄ موت جون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين الله ڪندو پهرين مان ويندس ته پوءِ تون ويندين. طارق اشرف ان ويل جواب ۾ چيو اهو ته فيصلو ٿي چڪو آهي پهرين آءُ ويندس ان کان پوءِ تون مان سندس ڳالهين کان پريشان ٿي پاسو مٽائي سمهڻ لڳس ته چوڻ لڳو بي وفا تو به منهن موڙي ڇڏيو...... اڄ اهو طارق پاڻ بي وفا ٿي مون کي اڪيلو ڪري ويو آهي..... ايتريون ڪيتريون ئي ڳالهيون ڏک ٻڌم. اُهو ڏينهن به طارق اشرف جي ٽيجهي جو هو....انسان جي مري وڃڻ سان، هيءَ دنيا ڇڏي وڃڻ سان ڪيتريون تبديليون اچن ٿيون. اڄ طارق اشرف جسماني طور اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس وجود جو احساس هر وقت هر هنڌ محسوس ٿيندو رهندو. اديب جي قلم ڪاري ڪُل ڪائنات اُن جو قلمي پورهيو هوندو آهي. طارق اشرف جنهن زندهه اديبن کي زندهه جاوان ڪيو هو. هاڻ ٿيڻ ائين کپي ته سهڻيءَ طرفان سندس لاءِ به اهڙوئي شاهڪار ادبي نمبر شايع ڪيو وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ سهڻيءَ کي باقاعدگيءَ سان شايع ٿيڻ گهرجي. طارق اشرف جي لکيل ڪتابن ۽ سهڻيءَ جو پورو سيٽ گڏ ڪري سنڌ الاجي ۾ محفوظ ڪيو وڃي.... سندس اڌ ۾ ڇڏيل ۽ اڻ ڇپيل مواد کي گڏ ڪري ڇپايو وڃي..... هي سڀ اهي اهم مسئلا آهن جن تي فوري توجه ڏيڻ ضروري آهي. موت ته وڏو بي رحم آهي پر اسان کي وقت کي جهلي، ڇڏي وڃڻ وارن جون نشانيون محفوظ رکڻ کپن. طارق اشرف جو ڏک رڳو ان جي گهرڀاتين جو نه آهي اسان سڀني جو آهي.

آچر 3 مئي 1992ع

گورنمينٽ جا ادارا ۽ سنڌين جو حق

ڪجهه وقت اڳ مان هڪ ڪالم ۾ هي سڀ ڪجهه لکيو هو. ان کي ٻيهر دهرائي ان حوالي سان اڄ ڪلهه سنڌي ادبي بورڊ واري گهوٽالي متعلق لکندس. مان ان ڪالم ۾ لکيو هو ته . . . . .
“جيڪڏهن اسان اهو چئون ٿا ته هيءَ ڌرتي اسان جي آهي. سنڌ جا وارث اسان آهيون ته پوءِ اسان پنهنجن ئي ادارن جيڪي اسان جي ئي ٽيڪس جي پئسي تي هلن ٿا انهن کي ڇڏڻ، انهن مان هٿ ڪڍڻ انهن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ڪيتري حد تائين صحيح آهي . . . .؟ ڇا اسان کي ان ڳالهه تي نه سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان پنهنجن حقن تان پاڻ ئي هٿ کڻي وينداسين. جيڪڏهن هي سڀ ادارا جيڪي سنڌ ۾ آهن. صرف ان ڳالهه پٺيان ته اهي گورنمينٽ جا ادارا آهن، هن جي حڪومت آهي جا هن جي حڪومت آهي ان ڪري ڪنڊ وٺي وڃي ويهجي ته پوءِ نقصان ڪنهن جو آهي؟ انهن ئي حالتن ۽ جذباتي فيصلن جي ڪري گذريل وقت کان وٺي اسان نقصان ۾ پيا وڃون ته پوءِ اهڙا فيصلا ڇڏي ڇو نه ٿا ڏيون. ڀلا جيڪڏهن سڀاڻي سنڌ ثقافت جي کاتي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ الاجي ۽ ٻين ادارن کي بند ڪيو وڃي يا نقصان پهچايو وڃي ته ڇا اسان چپ رهي سگهنداسين؟ ان وقت ته ڏاڍا بيان ڪڍنداسين، هاءِ گهوڙا ڪنداسين پر اهو نه ٿا ڪري سگهون ته هنن ادارن ۾ گهڙي پنهنجو حق ڄمائي ويهي رهون، جو سڀاڻي ڪير به هنن ادارن جون نالو ئي نه وٺي سگهي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هنن ادارن کان ڪوتاهيون ٿيون آهن يا اهي ادارا صحيح معنيٰ ۾ اڃا نه ٿا ڪم ڪن. ان ۾ ڏوهه ڪنهنجو آهي؟ اسان جيڪڏهن اهو سمجهون ٿا ته اهي ادارا صحيح نه ٿا ڪم ڪن ته پوءِ اسان حق رکي انهن وٽ وڃون، انهن کي ٻڌايون، انهن کي سمجهايون. باقي ڪنڊ پاسي ۾ ويهي صرف تنقيدون ڪرڻ ۽ لٻاڙون هڻڻ به هاڻ ڪو نه ٿو وڃي . . . .
گورنمينٽ جا ادارا ۽ سنڌين جو ان تي حق ان حوالي سان منهنجو ڪالم، جيئن ته اسان ايڏيون ڪوتاهيون ڪيون آهن، ايتريون ته ڳالهيون درگذر ڪيون آهن جو هاڻ پنهنجي ٺاهيل حالتن کي سنڀالڻ مشڪل ٿي ويو آهي. اسان وٽ جذباتي فيصلا ۽ اناپرستي جو رواج گهڻو آهي. جيترو وڏو اديب يا دانشور هوندو اوترائي ان جا خيال ۽ عمل اونچا هوندا. پنهنجي سجايل دنيا ۾ ان جو پهريون عمل اهو هوندو آهي ته حڪومتي ادارن طرفان کنيل هر قدم جي مخالفت ڪجي يا وري بائيڪاٽ ڪجي. اهي سڀ دانشور ان ڳالهه کي تمام خراب سمجهندا رهيا ته حڪومتي ادارن جي ڪنهن به فنڪشن يا پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ سان انهن جي دانشوري خطري ۾ پئجي ويندي. حالتن به سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ کي ان حد تائين باغي ڪري ڇڏيو جو جن اديبن همت ڪري ڪجهه فنڪشن ۽ سيمينار ۾ حصو ورتو انهن پويان به وٺ پڪڙ شروع ٿي ويئي. وڪامجي ويل ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ پنهنجن ئي کان ملڻ شروع ٿي ويا. ڪجهه دانشورن جي انا ۽ ڪجهه سنڌ جي اڏوهي کاڌل سماج ۾ رهندڙ سنڌين جي سوچ، آهستي آهستي سنڌي قوم کي پوئتي ڌڪيندي وئي. اها ئي سنڌي قوم آهي ئي سنڌي دانشور الڳ ٿلڳ رهندي به حڪومتي ادارن ۽ حڪومت تي تنقيد ضرور ڪندا رهيا. اهو هڪ واحد عمل هو جيڪو صحيح هو ان ڪري ٿورو گهڻو سنڌي قوم جو مان مٿاهون رهيو. پر اها به حقيقت آهي ته صرف بيان بازي ۽ تنقيدون به اڪثر اهميت وڃائي ويهنديون آهن . . . . . جبل جي چوٽيءَ تي بيهي سچ چوڻ کان بهتر آهي ته ماڻهن وچ ۾ بيهي سچ ڳالهائجي . . . . پنهنجي گهرن ۽ پنهنجي سوچن تائين محدود رهي تنقيدون ڪرڻ يا سچ چوڻ اهميت نه رکندو آهي . . . . جڏهن به سچا ماڻهو ۽ سچ پنهنجي جاءِ ڇڏي ڏيندو آهي ته پوءِ ات شيطان ۽ شيطاني قوتون اچي قبضو ڪنديون آهن . . . . اهڙو ئي حال اڄ ڪلهه اسان جي ادارن جو آهي. هڪ ٻن ادارن کي ڇڏي باقي ادارن جو جيڪو حال آهي سو اسان مان ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي . . . . جڏهن ته سنڌ اسان جي آهي، سنڌ جا وسيلا اسان جا آهن. اسان جي ئي ٽيڪس تي اهي حڪومتي ادارا هلن ٿا پوءِ انهن ادارن کي غير سمجهڻ، انهن مان هٿ ڪڍي ڇڏڻ ڪنهن حد تائين صحيح آهي . . . . .؟
حڪومتون ته اينديون وينديون رهنديون آهن. اهي ادارا ماڻهن جي لاءِ ٺهندا آهن ۽ اهي هميشه موجود رهندا آهن. حڪومتون هميشه ڪمزور هونديون آهن. مضبوط ادارن جون حڪومتون محتاج رهنديون آهن. اهڙن ادارن ۾ جڏهن صحيح قسم جا ماڻهو نه هوندا، قوم جا هڏ ڏوکي ۽ همدرد نه هوندا ته پوءِ قوم جو ٻيڙو جهڙي طرح غرق ٿيندو يا وري جهڙيون نفرت انگيز حالتون ظاهر ٿينديون اهڙين حالتن مان اڄ ڪلهه ڪجهه سنڌي ادبي بورڊ گذري پيو . . . .
سنڌي ادبي بورڊ (لفظي معنيٰ سنڌي ادب جو محافظ بورڊ) ان سنڌي ادب جي محافظ بورڊ جيڪو سنڌي ادب جو حشر ڪيو آهي اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪو نه آهي. اشاعتي پروگرامن ۽ ادب کي محفوظ ڪري ڇپائڻ جو ڪيترو ڪم پيو ٿئي، اها به سڀ ڪنهن کي خبر آهي . . . . سنڌي قوم جي عادت ئي آهي هر ڳالهه کي درگذر ڪرڻ جي، مان به ان مسئلي کي هن مهل ڇڏي ٿي ڏيان ڇو ته هاڻ ٻيو اهم مسئلو ان تي حاوي ٿي ويو آهي. هاڻ اصل مسئلو آهي ادبي بورڊ طرفان اديبن، ادب دوستن ۽ سچن ڪارڪنن مٿان ڪيل ظلم ۽ زيادتيون. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جو ڏنل انٽرويو جيڪو قابل مذمت آهي . . . . . ان لاءِ هر باشعور ماڻهو اهو سوچيو آهي ته هي سڀ ڇا آهي؟ ان حد تائين ذاتي حملا ڪرڻ ۽ ايڏي گندي زبان استعمال ڪرڻ جو حق ان ماڻهوءَ کي ڪنهن ڏنو آهي؟ اختلاف راءِ رکڻ ۽ تنقيدون ڪرڻ صحت مند رجحان آهي پر اهڙو گند ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي . . . . ؟ اهڙي شخص کي ته ڪڏهو ڪر نوڪري تان هٽائي ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري حساب ڪتاب وٺجي . . . . پر افسوس اهو شخص اڃا تائين ان ئي جاءِ تي ان ئي ڪرسي تي ويٺو آهي . . . .
مٿان وري تازو طارق عالم جهڙي بيمار ماڻهوءَ کي گرفتاري ڪري، جيڪا اذيت ڏني ويئي آهي سان به مذمت ڪرڻ يا هاءِ گهوڙا کان مٿي آهي . . اهو سڀ ڪجهه صرف ان ڪري پيو ٿئي ته اسان ڪمزور آهيون اسان ۾ ٻڌي نه آهي. . . . اسان جو پنهنجون ڪوتاهيون آهن جن جي ڪري وري سچ ۽ حق پاسيرو ٿي ويو آهي ۽ شيطاني قوتون طاقت ور ٿي ويون آهن . . . . هي وقت سنڌي ادب ۽ اديبن لاءِ هڪ اونداهو باب آهي جنهن ۾ ادب جي حوالي سان بي ادبي جي انتها ڪئي ويئي آهي . . . . حيرت ۽ اچرج جو مقام ته اهو آهي ته اهي ئي مهان دانشور قابل احترام شخصيتون جيڪي پاڻ کي هنن ادارن کان مٿانهون سمجهنديون هيون، انهن ادارن ۾ انهن کي سو دفعا منٿون ڪري گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن ان کي نه مڃيو اڄ اهي ئي بيان ڪڍيو ۽ احتجاجي مظاهرا ڪن پيا . . . . ٿورو اڳ اهي عقل سمجهه کان ڪم وٺن ها ته حالتون ان حد تائين خراب ئي نه ٿين ها . . . .
سائين ڳالهيون مختصر ته نورالهديٰ شاهه ۽ تاج جوئي کان شروعات ٿيل عمل جو متان سمجهيو ته طارق عالم تائين انت ٿي ويو آهي . . . .! لڳي ائين ٿو ته اڃا گهڻو ڪجهه ٿيڻو آهي. هاڻ ٿيندڙ عمل ۾ توهان مان سڀ وڪوڙجي سگهون ٿا. ان ڪري هاڻ بردباري سان، ٻڌيءَ سان پنهنجي ڪيل ڪوتاهين تي چڱيءَ طرح نظر وجهي آئنده جو رد عمل ٺاهڻ گهرجي. سوچيو ته سهي ته باشعور ۽ ادب دوست ماڻهن جي هٿ ڪڍڻ سان ادارا ڪيئن ٿا تباهه ٿين . . . . هاڻ بچائڻو آهي هنن ادارن کي. هي ادارا جيڪي اسان جا پنهنجا ادارا آهن. انهن تي حق رکڻ انهن مان هٿ نه ڪڍڻ لاءِ اسان کي انا پرستي ۽ جذباتي فيصلن کي ڇڏڻو پوندو . . . . . هڏڏوکي، ايماندار ۽ ادب دوستن کي اڳيان اچڻو پوندو . . . . .

آچر 24 مئي 1992ع

دل جون کليل ڳالهيون

منهنجي اها پراڻي عادت آهي ته مان جڏهن به ڪنهن ڄاتل سڃاتل چهري کي ڏسندي آهيان ۽ ان مان مون کي ڪا پنهنجائپ محسوس ٿئي ته بي اختيار ٿي ان کان وڃي پڇندي آهيان ته تون ڪير آهين؟ ڪٿان پڙهائي مڪمل ڪئي اٿئي نالو ڇا اٿئي وغيره وغيره. گهڻو ڪري ته مان هڪ نظر ۾ ئي سڃاڻي وٺندي آهيان. نه سڃاڻي سگهندي آهيان ته محبت سان پڇي وٺندي آهيان. ان عادت جي ڪري مون کي هميشه نراسائي ملي آهي. اڪثر ائين ٿيو آهي ته مان هر چهري کي سڃاڻي وٺندي آهيان. پر هو سڀ مون کي سڃاڻي نه سگهندا آهن ۽ مون کي پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائڻو پوندو آهي. ان ويل مون کي ڏک به ٿيندو آهي ته پاڻ تي ڪاوڙ به ايندي اٿم. ڀلا مان اهڙي ڇو آهيان. مان ته گهڻو ڪري هر هڪ کي سڃاڻي وٺندي آهيان ۽ مون کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻي پوندي آهي. اهڙي قسم جون ويڌنون مون سان گهڻا دفعه ٿي چڪيون آهن. ياد اٿم اهو ڏينهن منهنجي امان پِتي جي آپريشن لاءِ اسپتال ۾ داخل ٿي هئي. ات خبر پئي ته هت آپريشن ڪرڻ ۾ بيهوش ڪرڻ واري ڊاڪٽر جو نالو ڊاڪٽر سليمان شيخ آهي. منهنجي امان ٿوري نه پر گهڻي ڊڄڻي آهي. دل جي به ننڍڙي آهي. هڪدم پريشان ٿي ويندي آهي. مان کيس گهڻي آٿت ڏني ۽ چيم ته سڀ ڊاڪٽر پنهنجا آهن. وڏي ڳالهه ته اها آهي ته ڊاڪٽر سليمان شيخ به هتي آهي. هاڻ ته ڪا پريشاني جي ڳالهه ئي نه آهي. جنهن ڏينهن امان اسپتال ۾ داخل ٿي (اڄ کان چار پنج سال اڳ جي ڳالهه آهي) ان ڏينهن شام جو مان ڊاڪٽر سليمان شيخ کي ڏٺو. مان تڪڙي تڪڙي ان ڏانهن ويس ۽ کيس سلام ڪيم. ان مون کي سلام جو جواب ڏنو هڪ اجنبي وانگر . . . . مان ٻيهر سلام ڪيو ۽ کيس ٻڌايم ته مان سلطانه آهيان. وري به ڊاڪٽر سليمان جي چهري تي اها ئي اجنبيت ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو اخلاق سان ڳالهيو پر کيس اها ڳالهه ياد نه پئي آئي ته مان ڪير آهيان. مان سمجهي ويس ته ڊاڪٽر صاحب مون کي سڃاڻي نه سگهيو آهي. ڏاڍو ڏک ٿيم ۽ خاموشي سان هلي آيس. امان کي جو خبر پئي ان ڳالهه جي ته چوڻ لڳي. پاڻ کي ته الائجي ڇا سمجهندي آهين ۽ هت توکي ڪير سڃاڻي به نه ٿو. وڏيون ڳالهيون پئي ڪيئي ته هت سڀ پنهنجا آهن . . . . ان کان علاوه به امان گهڻو ڪجهه چيو ۽ مان خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه پئي ٻڌو. ڀلا مان ڪري به ڇا ٿي سگهيس. مان ته ڪا ايڏي وڏي اديب يا شاعره نه آهيان پر ڄاڻ سڃاڻ به ته ڪا اهميت رکندي آهي. هاڻ مان ڇا ٿي ڪري سگهان ته ڄاتل سڃاتل ماڻهو جن سان ويهي ڪچهريون ڪيون هجن ۽ اهي ئي مون کي نه سڃاڻين اهڙي ويڌن جڏهن گذريل سال مون سان ٿي ان کي ته مان وساري ئي نه ٿي سگهان. گذريل سال جڏهن ثقافت کاتي طرفان چئن ڏينهن جو ميلو منعقد ٿيو هو. ان ۾ هڪ سيمينار ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ فنڪشن ۾ ڊاڪٽر سليمان مون سان اچي مليو مان کيس شڪايت ڪئي ته اوهان ته مون کي سڃاڻيندا ئي ڪو نه آهيو ته ان چيو ته هن مهل توهان سلطانه لڳو پيا، ان وقت ائين لڳو ته هي الائجي ڪهڙي سلطانه آهي. گهڻي تعداد ۾ ات اديب ۽ دانشور جمع هئا. ان ويل ڏٺم ته امر جليل سراج ميمڻ ۽ ٻيا اندر هال ۾ داخل ٿي رهيا هئا. سالن کان پوءِ ڏٺو هيم امر جليل کي هو سڀ به پهرين واري قطار ۾ اچي ويٺا ان قطار جي ڪنڊ واري ڪرسي تي مان به ويٺي هيس. مان اٿي سڀني کي سلام ڪيو. امر جليل به مون کي سلام جو جواب ڏنو. پر هڪ تبديلي محسوس ڪيم. هونئن ته امر جليل جڏهن به ملندو آهي ڏاڍي سڪ سان ملندو آهي. منهنجن ٻارن جو حال احوال به پڇندو آهي. اڄ خاموشي سان اکيون هيٺ ڪري ڏاڍي ادب سان مون سان مليو. مان به خاموشي سان وڃي ويهي رهيس پر اندر ۾ اها بيچيني لڳي پئي هيم ته آخر امر جليل ائين ڇو ڪيو. جڏهن منهنجو نالو ورتو ويو ۽ مان ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ مٿي آيس ته هڪ ڳالهه مان محسوس ڪئي ته امر جليل مون کي غور سان ڏسي رهيو آهي ۽ سندس چهري تي حيراني ۽ پريشاني ڇانيل آهي. جڏهن ماني جو وقفو ٿيو ته امر جليل تڪڙو تڪڙو مون ڏي آيو ۽ حيراني وچان چيائين ته تون سلطانه وقاصي آهين. مون تو کي بلڪل ڪو نه سڃاتو مان سمجهيو ته تون درشهوار سيد آهين . . . . مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ کيس چيم تڏهن توهان ائين احترام ۽ ادب سان مون سان ملو پيا. امر جليل جواب ۾ چيو ته دراصل مان درشهوار سان ڪڏهن به نه مليو آهيان ۽ توهان کي جو درشهوار سمجهيم سو پهريون دفعو ملڻ جي ڪري مان به ٿورو محتاط رهيس. جڏهن امر جليل اهو چيو ته مان درشهوار کي ڪڏهن ڏٺو ئي نه آهي ته مان حيران ٿي چيومانس ته توهان جڏهن ان کي ڏٺو ئي نه آهي ته مون کي درشهوار ڪيئن سمجھيو، ڇو ته مان توهان لاءِ اجنبي نه هيس. توهان ته سالن کان مون کي ڏسو پيا. امر جليل جهڙو پيارو ۽ معصوم انسان صفا منجھي پيو. ان کي خود اها ڳالهه سمجھه ئي نه پئي آئي ته آخر اُن مون کي ڇو نه سڃاتو ۽ جيڪڏهن نه به سڃاتائين ته اهو ڪيئن سمجھيائين ته مان درشهوار آهيان. مونکي امر جليل جي ان غلطيءَ تي حيراني به ٿي ته ڏک به ٿيو. مان جيڪا طبيعت جي نرالي ۽ ارڏي آهيان، اها ڳالهه مون ۾ شدت سان موجود آهي ته مون کي هن ڌرتيءَ جي انسانن، جانورن، جيتن جڻين، گلن ٻوٽن سڀني سان بي انتها محبت آهي. ان محبت جي حوالي سان مان انهن تي به حق رکندي آهيان. ان حقن جي حوالي مان سڀني سنڌ واسين کي پنهنجو سمجھندي آهيان. اديب ۽ دانشور ته منهنجي سٿ جا ساٿي آهن. ان سٿ جي آخري ڪنڊ ۾ مان جيتامڙي به بيٺل آهيان. ڪنڊ ۾ بيٺل جيتامڙي جي حيثيت ئي آهي منهنجي، پر حق سڀني تي رکندي آهيان. هن ڌرتي واسين جا ڏک منهنجا پنهنجا ڏک آهن ۽ خوشيون منهنجون خوشيون آهن. اسان جهڙا ننڍڙا اديب هميشهه پنهنجي وڏن اڳيان ويندڙ ليکڪن جي تلقيد ڪندا آهن. آئيڊل ازم جي ته مان قائل نه آهيان پر رهبري ۽ اديب پنهنجي لکڻين جي حوالي سان ضرور لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي متاثر ڪن ٿا. امر جليل به اهڙن ئي لکندڙن مان آهي جنهن کي پڙهي اسان کي لکڻ جو وڌيڪ شوق پيدا ٿيو. ياد اٿم ته مان اڃان اسڪول ۾ پڙهندي هيس ته روح رهاڻ رسالي ۾ امر جليل جي ڪهاڻي “ هن لاشا راتين جا رولاڪ” پڙهيم. ڪهاڻي مون کي ڏاڍي وڻي سو وڃي پنهنجي ڀاءُ کي چيم ته ادا هيءَ ڪهاڻي ڏاڍي سٺي آهي تون به پڙهه. اها ڪهاڻي پڙهي منهنجي ڀاءُ مون کي ته ڪجهه به ڪو نه چيو پر امان کي چيائين اڪرم کي اڃان عقل نه آيو آهي. امان مون کان ڪهاڻيءَ بابت پڇيو ته ان ڪهاڻيءَ ۾ ڇا آهي؟ مان ڪهاڻيءَ جي تفصيل ٻڌائي ته امان چوڻ لڳي اها ڪهاڻي وڃي پنهنجي ڀاءُ کي پڙهڻ لاءِ ڏني اٿي؟ ڪجهه خيال ڪندي ڪر. مون کي ان وقت اها ڳالهه سمجھه ۾ ڪو نه آئي ته آخر ان ڪهاڻيءَ ۾ ڇا هيو؟ هون ءَ به منهنجو ڀاءُ ڪتابن پڙهڻ جو شوقين هو پر اعتراض ان ڳالهه تي هو ته ڇو ته مان کيس اهو چيو هو ته اها ڪهاڻي پڙهه . دراصل ڳالهه اها آهي ته امر جليل جي اها خوبي آهي ته هو زماني جي تلخين کي، حقيقتن کي بلڪل کولي بيان ڪري ٿو ۽ وري لکڻ جو ڏانءُ ته اهڙو اٿس جو سندس ڪنهن به لکڻيءَ ۾ خراب ۾ خراب حقيقت به خراب نه ٿي لڳي. ڪنهن کي خبر آهي اسان جي معاشري جي اها بدقسمتي آهي ته ظلم ۽ ڏاڍ جبر به ڪيو سڀ ڪجهه اکين به ڏسو پر اهو ڪجهه لکو نه...... ڪرڻ وارو ته ڇٽي ويو ۽ لکڻ وارو ڦاسي پيو اهو آهي اسان جي معاشري جو فلسفو.... هڪ باشعور لکندڙ هن معاشري ۾ رهي پنهنجي وجود ۾ زهر ڀريل محسوس ڪري ٿو ۽ لکڻين جي حوالي سان اهو پاڻ مان اهو زهر ٻاهر ڪڍي ٿو. امر جليل ايترو ڪجهه لکڻ کان پوءِ به لڳي ٿو اڃان به ڀريو پيو آهي. وجود ۾ ڀريل تلخي ۽ زهر اڃان گهٽيو ڪو نه اٿس. کلندڙ، مرڪندڙ معصوم امر جليل جي هر لکڻي منهنجي وجود ۾ به زهر وانگر ڄڻ ته اوتجي ويندي آهي ۽ منهنجي قلم ۾ ايتري طاقت ئي ڪانهي جو امر جليل وانگر اهو زهر ٻاهر ڪڍي سگهان.
ها سائين ته مان الائي ڪاڏي وڃي پهتيس. ڳالهه ته اها هئي ته امر جليل مون کي سڃاڻي نه سگهيو، پر اها ڳالهه اڃان اتي ختم نه ٿي آهي، اڃان ڪالهه جي ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي سنگت وارن شيخ اياز جي الگرهه ملهائي. شاباس اٿن جو ايڏو بهترين پروگرام ڪيائون. اتي مون کي فهميده رياض نظر آئي. مان پنهنجي پراڻي عادت وانگر ڏاڍي سڪ ۽ اُڪير سان وڃي ان سان مليس ۽ هوءَ به مون سان اجنبين وانگر ملي ۽ منهنجو نالو پڇيائين. فهميده رياض سان اسان جي خانداني دوستي آهي. مان ننڍپڻ کان کيس سڃاڻان ۽ ان کان پوءِ پاڻ ۾ ملندا رهندا آهيون. هاڻ تقريبن ٻن سالن جي وقفي کان پوءِ پاڻ ۾ مليا هئاسين. جڏهن مون پنهنجو تعارف ڪرايو ته فهميده رياض حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي ته ڇا تون بيمار ٿي رهين؟ تو ۾ ته ايتري تبديلي اچي ويئي آهي جو سڃاڻڻ کان به مٿي ٿي ويئي آهين. پوءِ ان هڪ وڏو ليڪچر مون کي سمجھاڻين جو ڏنو. . . . . . . . . . . . .
مان اهو سوچيان ٿي ته وقت سان هر انسان ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي، پر ايتري به نه ايندي آهي جو ڪنهن کي سڃاڻي نه سگهجي. مون کي ته لڳي ٿو ته اسان جهڙا ماڻهو ٻه چار سال گم ٿي وڃن، نظر نه اچن پوءِ شايد اهو وقت ايندو جو سڀني سان پاڻ جو تعارف ڪرائڻو پوندو. ڇو ته هيءَ دنيا وسارڻ ۾ ماهر آهي ۽ ياد رکڻ ۾ ڪمزور . . . . .

آچر 7 جون 1992ع

سنڌين سان راتاهو، ناقابل معافي گناهه

ريل جي پٽڙين جيان جيڪي پٽڙيون ڪڏهن به پاڻ ۾ نه ٿيون ملن ۽ انهن جو انت به هميشهه فنا ۽ انتها تي هوندو آهي. ڪڏهن نه ملڻ واريون واٽون هي سمنڊ ۽ دريائن جا ٻه ڪنارا جن کي محاورتن ڪڏهن نه ملڻ وارين واٽن ۽ منزلن سان تشبيه ڏني ويندي آهي ۽ انهن جي نه ملڻ جي ڪري ئي انهن جو انجام هميشه لاءِ فنا ۽ تباهي جي صورت ۾ پيدا ٿيندو آهي. هونئن به سائنس جي حساب ڪتاب موجب دنيا جا هي ٽڪنڊا الڳ الڳ هلي، جڏهن پاڻ ۾ ملندا آهن ته هڪ ٽڪراؤ هڪ تباهي مچائي ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح هن دنيا ۾ اهڙا رخ اختيار ڪرڻ وارا، دهشت بربريت ۽ تباهيءَ جي رستي تي هلندڙ انسانن جو انت به هميشه خراب ئي ٿيندو آهي.
الله به کڻي ڪا دوزخ ۽ جنت ٺاهي هوندي جت انسانن جي اعمالن جو حساب ڪتاب ٿيندو هوندو . . . . پر وتائي فقير جي چواڻي ته دوزخ ۾ ڪا باهه ته آهي ئي ڪو نه هر انسان پاڻ سان گڏ اها باهه هن دنيا مان ئي کڻي ويندو آهي. الله به جيڪو حساب ڪتاب وٺندو سو ته شايد اهو ئي هوندو جن ۾ الله جا حڪم احڪام آهن ها پر هن دنيا ۾ ڪيل انسانن سان انسانن جو ڏاڍايون، ظلم جبر، قتل ڪرڻ، انسانن کي اقتصادي سماجي ۽ شعوري طور تباهه ڪرڻ، ڪنهن جو حق ڦٻائڻ يا وري ڏاڍ جبر تي حڪمراني ڪرڻ ۽ زبردستي ڪنهن کي پنهنجو زيردست ٺاهڻ ۽ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي زيادتيون جيڪو انسان انسان سان ڪري ٿو ان جو حساب ڪتاب هن ئي دنيا ۾ ڏيڻو پوي ٿو. هيءَ دنيا به هڪ حساب ڪتاب جو گهر آهي. هڪ هٿ کان ڏي ته ٻئي هٿ سان وٺ. ڪڏهن ڪڏهن ته دير ئي ڪا نه لڳي اهڙا ته عجب جهڙا منظر نظر ايندا آهن جو عبرت وٺيو وڃي. ذهن به يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي. سچ پچ اهو سڀ سچ آهي يا وري ڊرامو؟ ڪي ڪي حقيقتون ذهن ۽ سوچ کان مٿي هونديون آهن ڪڏهن انسان سوچيندو به نه آهي ته ائين به ٿي سگهي ٿو. ان ٿيڻي ۽ اڻ ٿيڻي جي وچ واري سنڌي ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي ويندو آهي جو سچ به خواب جيان لڳندو آهي.
اڄ ڪلهه سنڌ جون حالتون جيڪي آهن. چئني طرف جيڪو وايو منڊل منڊجي رهيو آهي. ان حال في الحال ذهن ۽ سوچن کي برف جي سر وانگر ڄمائي ڇڏيو آهي ڇا پيو ٿئي؟ ڪهڙي طرح پيو ٿئي؟ چڱو آهي يا خراب ان جو فصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. حالتن جو به درياهه جي وير وانگر چڙهڻ تباهي مچائي موٽي وڃڻ اهو به خاموشي سان. ڪيترا وهم ۽ وسوسا ذهن ۾ پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
ٽنڊي بهاول وارا نوجوان، يوسف جکراڻي، علي حيدر شاهه ۽ ٻين بي گناهن جو مارجي وڃڻ ناقابل معافي گناهه آهي. ان گناهه جو عيوضو اهو نه آهي ته صرف پنهنجي غلطي تسليم ڪئي وڃي يا ٻه ٽي لک رپيا ڏيئي پنهنجي جان ڇڏائي وڃي. هي پئسا هنن نوجوانن جي خون جي قيمت نه آهن. گهڻا ماڻهو ۽ گهڻيون ڳالهيون الائجي ڇا ڇا پيو ٻڌجي. پر منهنجا پيار سنڌيو مان ڇا سوچيندي آهيان؟ منهنجو ذهن اها ڳالهه سوچيندو آهي ته جنگ ته هوندي آهي رت وهائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن امن خاطر به رت وهندو آهي ۽ جوانن جا سر قربان ٿيندا آهن. خبر نه آهي ڪنهن وقت ڪي اهڙا حادثا ٿي ويندا آهن جو انهن مان ڪن جا نتيجا خراب ته ڪن جا سٺا نتيجا نڪرندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ظالم به انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي اهڙيون غلطيون ڪري ويهندا آهن جن جو حساب ڪتاب انهن کي ڏيڻو پوندو آهي. سوچون ۽ سامهون بيٺل حقيقتون ته سڀ ڪجهه ڏيکارينديون ۽ سمجهائينديون رهنديون آهن. پر ان ويل جڏن حقيقتون پنهنجي ڳچيءَ جو نوڙ بڻجي وينديون آهن ته ظالم به ظلم ڪرڻ مهل گهڻو نه ته ٿورو به ضرور سوچيندو. اها به سڀ کان وڏي سچائي آهي ته انهن حالتن ۾ جڏهن سڄي پاڪستان جي پريس ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي جهليو ويو ته خبر نه اچڻ لاءِ سڀ ڪوشش ڪئي ويئي ان ويل سنڌي پريس جنهن همت سان پهرين ڏينهن ئي حقيقتون جنهن جرئت سان سامهون آنديون ۽ عام سنڌي کان وٺي دانشورن، اديبن ۽ سياسي ليڊرن وٺ پڪڙ ڪئي سا قابل تعريف آهي. ٻاهر جي اخباري نمائندن کي وٺي وڃي اهي حقيقتون ڏيکارڻ وقت تي سڳ سوڌو ظالم جي وٺ ڪرڻ جي ئي ڪري اهو سچ ظاهر ٿي پيو. هي ظلم جي وٺ ڪرڻ جي ئي ڪري اهو سچ ظاهر ٿي پيو. هي ظلم ڪو نئون نه آهي ۽ نه وري سنڌين جو رت ڪو پهريون دفعو وهيو آهي. صرف ۽ صرف ان ڪري هيءَ حقيقت لڪي نه سگهي جو اسان جي سنڌين پهريون دفعو پاڻ ۾ ٻڌي ڪري جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي. ان حقيقت کان به انڪار ڪونهي ته ڪو سنڌ جون حالتون خراب نه آهن. ان حقيقت کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته هر باشعور سنڌي هن ڌرتيءَ تي امن چاهي ٿو. هرڪو چاهيندو ته هنن ڌاڙيلن کان جان ڇٽي جنهن سنڌين جو جيئڻ وهه ڪري ڇڏيو آهي . . . . زمينون ويران ٿي ويون آهن. غريب توڙي امير پريشان آهن. سنڌ اقتصادي طور تباهه ٿي رهي آهي . . . . پر ائين به نه ٿئي جو ڌاڙيلن ۽ تخريبڪارن جي نالي جي اوٽ وٺي. راه گناهه امن پسند سنڌين جو رت وهائجي ۽ خانه پوري ڪجي. توهان اها ڳالهه سوچي سگهو ٿا منهنجا پيارا سنڌيو ته هنن ٽنڊي بهاول جي نون شهيدن جيڪي راه گناهه مارجي ويا انهن جو توهان جي مٿان ڪيڏو وڏو احسان آهي؟ توهان سوچيو ته سهي ته هو ظلم ڪرڻ وارا جن کي هر گناهه ۽ ڏوهه ڦٻجي ويندو هو ۽ هو امن جي نالي پٺيان هميشه سنڌ ۾ رت جي هولي کيڏڻ جا عادي هئا انهن جي ۽ سنڌين جي وچ ۾ ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي رت سان هڪ مضبوط پل هڪ وڏو حصيدار قائم ٿي چڪو آهي. توهان اهو سوچيو ته سهي ته ٽنڊي بهاول جي شهيدن پنهنجي قربانيءَ سان سنڌين لاءِ هڪ بچاءُ بند قائم ڪري ڇڏيو آهي. ڀلا ٻڌايو ته سهي لاهي سگهندؤ ايڏا ٿورا ايڏا احسان هنن ٽنڊي بهاول جي شهيدن جا . . . .؟
ظالم ته ظلم ڪندو آهي پر ظلم سهڻ وارو جڏهن بي همت ٿي ويندو آهي، تڏهن ئي ظالم اڃا وڌيڪ جابر ٿيندو آهي. اچو ته گڏجي پنهنجي هن ڌرتي کان هنن ڌاڙيلن، دهشتگردن جو گڏجي خاتمو ڪيون ۽ جت ڪنهن غريب جو ڪنهن بي گناهه جو رت وهندي ڏسون ته ان ويل ئي حساب ڪتاب صاف ڪريون . . . . .
اڄ ڪلهه ڪراچي جون حالتون به سامهون آهن. ايڪويهين صديءَ جو فرعون، شداد، ظالم پنهنجي آخري پڄاڻي کي پهچي رهيو آهي پر وري به قصو اهو ئي انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو لڳو پيو آهي. ظالم ۽ قاتل جي رستن مٽائڻ يا پارٽيون مٽائڻ سان اهي ڪو فرشتا ڪو نه ٿي پوندا آهن. هڪڙا ظالم هٽي رهيا آهن ته ٻيا ظالم ان جي جاءِ والاري رهيا آهن. اسان سنڌين لاءِ ته ٻئي ڌريون هڪ جهڙيون آهن. حالتون اڃا واضح نه آهن. ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي. وري به سنڌين کي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪي سان ئي ڪو لائحه عمل جوڙڻو پوندو. ائين نه ٿئي جو وري اهي سڀ اسان جي ئي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃن.

آچر 28 جون 1992ع

سهڻيءَ جي طارق اشرف جون اندر ۾ اوتيل يادگيريون

ڪالهه رات ننڊ جي گوري کائڻ کان پوءِ ڪيتري دير تائين مون کي ننڊ نه آئي. ذهن ۾ سمنڊ جي ڇولين وانگر سوچون لهرون هڻي رهيون هيون. ڏکن جون اهي پيڙائون هيون، جن مون کي ذهني اذيت ڏني پئي. اٿاهه سوچن ۾ مون کي ائين لڳو، ڄڻ ته هيءَ رات گذرڻي ئي ناهي. وقت بيهي ويو آهي ۽ مان ائين ئي سوچن ۾ جيڪي حقيقت تي ٻڌل سوچون هيون، انهن ۾ ائين ئي غلطان رهندس . . . . ها پر ڪيترو به ڏکيو وقت هجي گذري ويندو آهي. ذهن ۽ دل کي ٺاپر اچي ويندي آهي . . . . اگر ائين نه هجي ها ته هوند هيءَ زندگي ڪيئن گذري . . . . .؟
سوچون مون کي تمام پري ان دور ۾ وٺي ويون، جڏهن منهنجي طارق اشرف سان پهرين ملاقات ٿي هئي. ان زماني ۾ مان اڃان اسڪول ۾ پڙهندي هيس. ٿورو گهڻو لکندي به هيس ۽ ادب پڙهڻ جو به جنون جي حد تائين شوق هوندو هو. ان ئي زماني ۾ “سهڻي” معاشي مسئلن جو شڪار هئي. هڪ پرچي ۾ طارق اشرف “سهڻي” کي قائم رکڻ لاءِ امداد جي اپيل ڪئي هئي. مان منهنجي وڏي ڀاءُ سڪندر حيات ۽ ننڍن ڀائرن ڀينرن پنهنجي خرچي جمع ڪئي ۽ پنهنجي ڳوٺ ٽنڊوآدم مان هلي ڪري گاڏي کاتي ۾ وڃي طارق اشرف جو گهر ڳولهي لڌوسين. اسان جي در کڙڪائڻ تي طارق اشرف ٻاهر نڪري آيو. تمام سنهڙو، نفيس، پر هڪ ڳالهه سندس وجود ۾ نمايان هئي. سندس گهاٽا ۽ پکڙيل وار. . . جيڪي سندس وجود تي اوپرا پئي لڳا . . . . اسان ته ڪڏهن سوچيو به نه هو سهڻي جو طارق اشرف اهڙو ٿي سگهي ٿو. پاڻ اسان کي اندر وٺي ويو. تمام غريباڻو ۽ ڪچو گهر. گهر ۾ سامان به تمام مختصر. سندس والده اڇي ساڙهي پاتل ۽ بورچي خاني ۾ ويٺل خاموش شخصيت، جيڪا طارق اشرف جي پهرين گهر واري هئي . . . . اها هئي منهنجي پهرين ملاقات. طارق اشرف سان. سهڻي جي حوالي سان طارق اشرف جي شخصيت منفرد هئي، هيڏو وڏو رسالو ۽ شخصيت ايتري نفيس ۽ ٻاراڻي عمر ۾ منهنجي سوچ اها هئي . . . . ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن مان حيدرآباد جي زبيده ڪاليج ۾ پڙهندي هيس ان وقت امر جليل جي ڪهاڻي “سرد لاش جو سفر” ڇپي هئي. ان ڪهاڻي پٺيان ڏاڍي گهوڙا گهوڙا ٿي. ياد ٿو اچيم ته امر جليل خلاف به وارنٽ نڪتل هئا ۽ طارق اشرف ۽ سهڻي ٻئي عتاب هيٺ اچي ويا. اُن زماني ۾ جنسيات تي ڪهاڻي لکڻ جو تمام گهڻو رواج هو. اُن وقت اهڙيون ڪهاڻيون لکڻ ۾ غلام نبي مغل، مشتاق شورو ۽ ماڻڪ جا نالا سرفهرست هئا. جنسيات هڪ اهم ۽ نازڪ مسئلو آهي انسان ذات لاءِ...... اهڙن مسئلن تي لکڻ ڪو وڏو گناهه ڪونه هو. پر مان هنن سڀني لکندڙن سان اختلاف راءِ رکندي هيس. اهڙين لکيل ڪهاڻين جي مان خلاف هيس. منهنجي سوچ اها هوندي هئي ته هر لکڻي جو هڪ اخلاقي ۽ پيغام وارو نتيجو ظاهر ضرور ٿيڻ گهرجي. اهڙين لکيل ڪهاڻين جي مان خلاف هيس. جنهن مان لطف اندوزي يا مزو اچي. مان سمجهندي آهيان ته اديب معاشري جو پيغامبر به آهي. هو ڪهڙو به خراب ۾ خراب موضوع کڻي پر پڙهندڙ کي ان مان ڪجهه پرائڻ گهرجي. ائين نه ٿيڻ گهرجي ته اهڙيون ڪهاڻيون پڙهي اڃا به اسان جي معاشري جا رهواسي ذهني مريض ٿي پون (هي منهنجي بنهه ذاتي راءِ آهي) انهي زماني ۾ امرجليل جي ڪهاڻي “سرد لاش جو سفر” سهڻي ۾ ڇپي. حالانڪ هيءَ ڪهاڻي به کليل واضح ۽ تلخ لکيل هئي. هن ڪهاڻي منهنجي وجود کي لوڏي ڇڏيو. هن ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ مون کي پنهنجي وجود کان ڪرڀ اچڻ لڳي ۽ معاشري لاءِ نفرت اڀري آئي. ان وقت چوطرف گوڙگهمسان مچي ويو. هيءَ ڪهاڻي جيڪا تلخ ۽ سچي هئي ۽ اهو سچ جيڪو ذهن کي عياشي مهيا نٿو ڪري سگهي.
هڪ اهڙو سچ جيڪو کليل واضح الفاظن ۾ لکڻ کان به پوءِ پڙهندڙ کي لذت نه ٿو ڏئي. اهڙي سچ پٺيان اسان جا مان وارا پنهنجو چهرو آئيني ۾ ڏسي مڇرجي پيا. هر قسم جا الزام لڳايا ويا. هن ڪهاڻي تي ان زماني ۾ مان هڪ خط لکيو سهڻي کي. اهو خط پڙهي طارق اشرف کي يقين ئي نه آيو ته ڪا ڇوڪري اهڙو خط لکي سگهي ٿي. طارق اشرف مون سان فون تي ڳالهايو تصديق ڪرايائين ته اهو خط مون ئي لکيو آهي. اُن خط ۾ مان جنسيات تي لکيل ڪهاڻين جا حوالا ڏيئي ۽ سياسي پسمنظر کي اڳيان رکي لکيو هو ته هيءُ ڪهاڻي ڪنهن به طريقي سان خراب نه آهي. سچ چاهي ڪهڙي به روپ ۾ هجي. اهو سچ ئي هوندو آهي. اهڙين لکڻين جن مان ذهن جاڳي پوي، وجود ۾ ڪا جنگ جوٽجي وڃي، پوءِ اها ڪهاڻي ڪهڙن به لفظن ۾ لکيل هجي، پر اها خراب ٿي نه ٿي سگهي. طارق اشرف منهنجو اُهو خط ڇپيو. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته مان اڄ اهو خط پڙهي سوچيندي آهيان ته مون اهو ايترو ڪجهه لکيو ڪيئن؟ هن عمر ۾ جڏهن دنيا جي سڀ حقيقت منهنجي اڳيان واضح آهي شايد مان اهڙو خط نه لکي سگهان.
بهرحال ڳالهه طارق اشرف جي ڪرڻي آهي. ان کانپوءِ سال گذري ويا. رسالا بند ٿي ويا. ان ڏاڍ واري وقت گذرڻ کان پوءِ جڏهن “سهڻي” نئين سر ڇپي ته وري اُها ئي آس جاڳي ته اڳ ته سهڻي اسان کي نه ڇپيندي هئي. متان هاڻي قياس اچي وڃيس. مان پنهنجو ڪجهه مواد موڪليو. ان کان پوءِ طارق اشرف مون سان فون تي ڳالهايو ۽ چيائين ته اوهان جي ساٿ جي اسان کي ضرورت آهي. مان حيران ٿي ويس. کيس ياد ڏياريم ته اوهان ئي اسان جون لکڻيون سهڻيءَ ۾ نه ڇپيون هيون .........
بهرحال طارق اشرف جي جنهن “سهڻي” جهڙي معياري ۽ ادبي رسالي ۾ منهنجي لکڻين کي ڇپيو. اهڙي طرح طارق اشرف سان ڳالهه ٻولهه به ٿيندي رهي ۽ ادبي پروگرامن ۾ ملاقاتون به ٿينديون رهيون. ان وقت ڪراچيءَ جون حالتون تمام گهڻيون خراب رهنديون هيون ۽ مان جنهن علائقي ۾ رهندي هيس، اهو تمام خطرناڪ علائقو هو. پاڻ هر وقت مون کي چوندا رهندا هئا ته هي گهر ڇڏي ڇو ڪو نه ٿي ڏين. مان جواب ۾ چوندي هيس ته ادا گهر ته وڪامجي نٿو ۽ نه وري مون وٽ ايترا پيسا آهن جو ٻيو گهر خريد ڪري سگهان يا ڪرائي تي وٺي سگهان. جڏهن ڪرفيو لڳندو هو ته سڀ کان پهرين فون اديبن ۽ ساٿين مان طارق اشرف جو ايندو هو. هڪ ڀيري ته ڪاوڙ مان چيائين ته مان ٻڌو آهي ته ادي سلطانه ايم ڪيو ايم جي ميمبرشپ وٺي ڇڏي آهي. منهنجي بحث ڪرڻ تي چوڻ لڳو ته ادي سلطانه اديب جي، هڪ ليکڪ جي زندگي ڏاڍي قيمتي هوندي آهي، هرو ڀرو ڇو پيا پاڻ کي تڪليف ۾ وجھو؟ هي سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته طارق اشرف جي وجود ۾ ڪيترو پيار ۽ احساس هوندو هو. ٻين لاءِ مان ته جرئت سان سڀ ڪجهه لکي وڃان ٿي ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا وجود هوندا، جيڪي طارق اشرف جي ان طبيعت جي گواهي ڏيندا. جڏهن سهڻي جي شيخ اياز نمبر جي مهورت ٿيڻي هئي ته طارق اشرف مون کي ٻه سؤ ڪارڊ ڏياري موڪليا ته توهان ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي خاندانن تائين ڪارڊ پهچايو ته ڏاڍو سٺو. مان پريشان ٿي ويس. مان غريب ماڻهو مون وٽ ته گاڏي به ڪانهي، هاڻ ڇا ڪريان. اتفاق سان اُن وقت قمر شهباز جي ڌيءَ جي شادي هئي ۽ ياد نه ٿو اچيم ته هڪ ٻئي اديب جي پٽ جي پڻ شادي هئي. هاڻ اهو موقعو منهنجي لاءِ سٺو هو. اُتي مون سڀ ڪارڊ ورهائي ڇڏيا. ان پروگرا۾ ڪراچيءَ جا تمام گهڻا سنڌي خاندان شريڪ ٿيا. خاص ڪري عورتن جو انگ تمام گهڻو هو. طارق اشرف خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي. هر وقت منهنجا ٿورا ۽ احسان مڃڻ لڳو.
جڏهن ڊاڪٽر صالح ميمڻ جي ڪتاب “مونجھارن ۾ ڦاٿل هڪ شخص” جي مهورت ٿيڻي هئي، ته وري طارق اشرف ڍڳ ڪارڊن جو مون کي ورهائڻ لاءِ ڏياري موڪليو. هاڻ ته صفا پريشان ٿي ويس. ويجھڙ ۾ نه ڪنهن جي شادي هئي ۽ وري ڪو ادبي يا سماجي فنڪشن هو. هاڻ ڇا ڪريان، هي ڪارڊ ڪيئن ورهايان ۽ آخر مون کي چوڻو پيو ته ادا مون وٽ ته گاڏي آهي ئي ڪو نه ۽ گهر گهر وڃي ڪارڊ پهچائڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي. پاڻ يڪدم ڊاڪٽر صالح ميمڻ جي گاڏي موڪليائون ۽ مان سڄو ڏينهن اهي ڪارڊ ورهائي آيس. اُن پروگرام ۾ مون عام ناظرين وانگر شرڪت ڪئي. پروگرام هلندي اوچتو نصير مرزا جي ڳالهائڻ تي ڌيان ڪيم ته لڳو ڄڻ اهو ذڪر منهنجو پيو ٿئي. اڃا ان حيراني ۽ پريشاني ۾ ويٺي هيس ته نصير مرزا مون کي سڏ ڪيو ڪتاب جي مهورت لاءِ. هاڻ ته مان صفا منجهي پيس. جيئن تيئن ڪري ڪتاب جي مهورت ته ڪري ويس، پر دل ۾ اهو ارمان هيم ته پنج منٽ پهرين ئي کڻي مون کي ٻڌائين ها. نصير مرزا کي چيم ته ان به اهو چيو ته کين به اوچتو خبر پئي. طارق اشرف کي چيم ته ان به اهو چيو ته ڪا ڳالهه نه آهي. ادي سلطانه اوهان ته هونئن پريشان ۽ منجهيل رهندا آهيو. ڪهڙو فائدو اوهان کي پهرين ٻڌائڻ جو. طارق اشرف مون سان اهو ايڏو وڏو مذاق ڪيو، جنهن جي شڪايت به نه پئي ڪري سگهان. آخر هن مون کي ايترن ماڻهن وچ ۾ اهميت ڏني، مان ڏنو هو. ان کان پوءِ ڪافي دفعا طارق اشرف مون سان فون تي ڳالهائيندو رهيو. هڪ دفعو ته ٻه ڪلاڪ فون تي ڳالهايائين. اسان پاڻ ۾ ايترو گهڻو ڳالهايو. ادب ۽ سياست جي حوالي سان ايترو سچ ۽ حقيقتون طارق اشرف ٻڌايون، جن تي مان اڄ چاهيندي به نٿي لکي سگهان. ڪجهه ڏينهن رکي مان لاهور ۾ هڪ سيمينار جيڪو يونيسيف وارن ڪرايو هو، اوڏانهن هلي ويس. واپس آيس ته خبر پئي ته ڪالهه طارق اشرف اسان سڀني کان جدا ٿي ويو آهي. هن منهنجي روداد جو تسلسل هاڻ هتي اچي ٽٽو آهي، ته ڪالهه کان وٺي مان هڪ ڏک ۽ اذيت واري پيڙا مان گذران پئي. سنڌيڪا وارن طارق اشرف جو ڪتاب ڇپرايو آهي. ان جي مهورت ڄامشوري ۾ سنڌ الاجي ۾ ٿيڻي هئي. مون وٽ بلڪل وقت نه هو وڃڻ جو. ستار ڀٽي پنهنجي عادت موجب اخبارن ۾ نالا ڏيئي ڇڏيا. ان ڳالهه تي به اعتراض هيم. آخر نه چاهيندي به هلي ويس حيدرآباد ۾ ڪجهه به ڪو نه لکيو هيم. سوچيم طارق اشرف جي ڪتاب جي مهورت آهي. بس صرف ان ڪري وڃڻ گهرجي. ان وڃڻ سان اعزازي مهمان ڪري کڻي اسٽيج تي ويهاريائون. پروگرام هلندو رهيو، اوچتو وري نصير مرزا منهنجو ذڪر ڪرڻ لڳو. مان حيران ٿي ويس، ڇو ته مون کي جيڪو ڪجهه ٿورو گهڻو ڳالهائڻو هو، اهو ته مان ڳالهائي چڪي هيس.
نصير مرزا چوندو رهيو. طارق اشرف “مونجهارن ۾ ڦاٿل هڪ شخص” ڪتاب جي مهورت دوران مون کي ٻڌايو ته جنهن کي ڪتاب جي مهورت ڪرڻي آهي، ان کي خبر ئي نه آهي. اها به ائين ئي آهي جيئن “مونجهارن ۾ ڦاٿل هڪ عورت” طارق اشرف جي اها روايت قائم رکندي اڄ جي ڪتاب جي مهورت ڪندڙ به اها خبر ئي نه آهي ته ڪو مهورت ان کي ڪرڻي آهي ۽ اها آهي سلطانه وقاصي . . . . نصير مرزا الائجي ڇا ڇا چوندو رهيو ۽ منهنجو ذهن ۽ وجود لڏي ويو. بس ڪتاب جي مهورت ڪيم، پر منهنجون اکيون طارق اشرف کي ڳولهينديون رهيون ته ڪاش مون کي طارق اشرف نظر اچي وڃي ۽ کانئس پڇان ته هر وقت مون سان اهڙو مذاق ڇو ڪندا آهيو . . . .
ان وقت منهنجي رحم جوڳي حالت هئي مان قدرت سان به شڪايت ڪري نه سگهيس، ته منهنجي اهڙي چونڊ ڇو ٿي آهي؟
مان ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو طارق اشرف جو جيئري جو مون سان مذاق ڪيائين، پر وڃڻ کان پوءِ مون کي بخش نه ڪري سگهيو آهي.

آچر 5 جولاءِ 1992ع

سنڌ جا ڌاڙيل ۽ لياقت آباد ۾ ڦاسي

ان ڏينهن سائين علي احمد بروهي چيو ته هن دنيا ۾ ايف آءِ آر ڪٽائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ اصل ايف آءِ آر مٿي عرش تي ڪٽجي ٿي ۽ پوءِ جيڪي فيصلا ٿين ٿا قدرت طرفان ان ڪري ئي اڄ ڪلهه جو جيڪو حساب ڪتاب اسان جي ملڪ ۾ ٿئي پيو ان عرش تي ڪٽايل ايف آءِ آر مطابق ٿئي پيو . . . .
سائين بروهي صاحب بلڪل سچ چيو آهي ڇو ته اسان جي سنڌ ۾ خاص ڪري هر ڳالهه کي درگذر ڪيو ويو. الائجي ڪنهن جي آهه لڳي آهي جو عرش به لڏي ويو آهي . . . ؟ ياد ٿو اچيم ته اليڪشن جي دوران نواز شريف لياقت آباد ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته “اسان سنڌ جي ڌاڙيلن کي هت لياقت آباد جي چوراهي تي اچي ڦاهي ڏينداسين. . . . حيدرآباد ويو نواز شريف ته اعلان ڪري آيو ته حيدرآباد جي پناهگيرن رهواسين کي پنج ڪروڙ روپيا ڏنا ويندا. . . . ان وقت مون اهو سوچيو هو ته ڪير ڪجهه به چوي پر هڪ نفرت جي وڏي ديوار سنڌين ۽ پناهگيرن جي وچ ۾ اڏجي چڪي آهي. هيترن سالن جي گڏ رهڻ کان پوءِ هاڻ پناهگيرن الڳ ڪنو چاڙهيو آهي ۽ الڳ گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهن. اهڙين حالتن ۾ اگر ڪنهن به سنڌي ڌاڙيل کي پوءِ چاهي اهو قاتل ۽ رهزن ئي ڇو نه هجي اگر ڪنهن به ان کي لياقت آباد ۾ ڦاهي چاڙهيو ويندو ته پوءِ اهو سنڌي قوم لاءِ ڏاڍو خراب ٿيندو . . . . اهڙو ظالم ۽ قاتل انسان به هن قوم جي لاءِ هيرو ٿي پوندو ڇو ته اگر هن ملڪ ۾ قانون آهي انصاف آهي ته پوءِ ان جي پورائي ڪئي وڃي نه وري سياسي چالبازين پويان ڪنهن کي خوش ڪيو وڃي . . . . سنڌ جي ماڻهوءَ جو رت لياقت آباد جي چوراهي تي وهائجي ۽ انهن کي خوش ڪجي جيڪي خود ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين سنڌي ماڻهوءَ جي رت سان ڀريل آهن . . . . وعدي مطابق پنجن ڪروڙن مان ٽي ڪروڙ روپيا ڏنا ويا باقي ٻه ڪروڙ ڇو نه ڏنا ويا اها به ڪا سياسي مصلحت هوندي. هر ڪو سمجهي ٿو ته هنن ٽن ڪروڙن مان ڪيترا خوني هٿيار ۽ دهشت گردي جو سامان ورتو ويو هوندو.
ذري گهٽ هڪ مهينو ٿي ويو آهي. هن آپريشن ڪلين آپ کي پر حالتون اڃا به واضح نه آهن. وقت جو فرعون اڳ ئي ڀڄي ويو آهي. هت ويٺل دهشت گرد روپوش ٿي ويا آهن. هڪ ڏينهن اخبار ۾ خبر اچي ٿي ته فلاڻو ڪي فلاڻو گرفتار ٿيو آهي ته وري ٻئي ڏينهن اهو شخص پاڻ وضاحت ڪري ٻڌائي ٿو ته مان گرفتار نه ٿيو آهيان . . . . ٿوري گهڻي هيٺئين پيماني تي گرفتاري ٿي آهي . . . . هن آپريشن ۾ نه ته ڪنهن مزاحمت ڪئي نه گولي هلي ۽ نه وري ڪو دهشتگرد ماريو ويو . . . . . هاڻ اخبارون به آهستي آهستي رخ مٽائن پيون. سڀ اردو اخبارون سواءِ جماعت اسلامي جي اخبارن جي هر اخبار غير جانبدار ٿي لڳي. اڃا تائين ڪو به اهڙو ڪالم ڪو به اهڙو تجزيو اردو اخبارن ۾ نه ڇپيو آهي، جنهن مان ايم ڪيو ايم جي مخالفت محسوس ٿئي، جنگ اخبار ته ماڳهين اهڙي پاليسي تي پئي هلي جو لڳي ٿو ته ان کي ته ڪا خبر ئي ڪانهي. هاڻي حالتن اهو رخ مٽايو آهي ته سائين هي سڄو آپريشن صرف هڪ فرد واحد جي لاءِ آهي. اهو فرد آهي الطاف حسين، ان جا تڏا پٽڻا آهن، باقي ٻيا سڀ شريف ۽ امن پسند آهن. ٿورا جيڪي نالي ماتر دهشتگرد آهن، انهن کي الڳ ڪري ايم ڪيو ايم هڪ صاف سٿري ۽ سياسي جماعت ٿي اڀري سگهي ٿي. حڪومت به اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون آهن، ته مان ايم ڪيو ايم جي غير “سنجيده” کي ڇڏي “سنجيده” ماڻهن سان تعاون ڪيو ويندو. . . . . مطلب ته هن دهشتگردي جي ماحول کي ختم ڪرڻ لاءِ جو بدمعاشيءَ جو ماحول ٺاهيو پيو وڃي سو سمجهه کان مٿي آهي. . . . .
هوڏانهن اندروني سنڌ مان خبر اچي ٿي ته هيترو تعداد ڌاڙيلن جو ماريو ويو ۽ هت ڪراچيءَ ۾ خبر اچي ٿي ته فلاڻا ڪي فلاڻا دهشتگرد گرفتار ٿيا آهن ۽ ٻئي ڏينهن ترديد اچي ٿي، “هڪ طرف موت جو راتاهو آهي ته ٻئي طرف زندگيءَ جي جوا آهي”. . . . . ڪيترو وڏو تضاد آهي هنن ٻنهي حالتن ۾ . . . . . سنڌي قوم ته خوش ٿيندي، دعائون ڏيندي، هنن فوجين کي ته هنن ڌاڙيلن مان جان ڇڏائي وڃي جن سنڌين جو جيئڻ، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ زهر ڪيو آهي پر ان ۾ غريبان مار نه ڪجي.
جيڪو به سنڌي گرفتار ٿئي ٿو پوءِ چاهي اهو ڌاڙيل هجي يا نه هجي جيئرو نه ٿو موٽي. اذيتون ڏنل چچريل لاش مائٽن کي ملن ٿا هر باشعور انسان ڏاڍ ۽ جبر جي مخالفت ڪري رهيو آهي. ظالم جو ڪو نالو، ڪو دين ايمان ڪا شناخت نه هوندي آهي. سنڌ جي اديب ۽ دانشور، سنڌ جي باشعور عوام هميشه ررڙيون ڪيون آهن. اهو ڪجهه سمجهائڻ ۽ چوڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ ۾ امن قائم ٿيڻ گهرجي ان لاءِ جوابدار ڪير به هجي بخشش جا دروازا بند ڪري ڇڏڻ گهرجن. اهو به سوچڻ گهرجي ته جڏهن به سنڌ ۾ ڌاڙيل ماريا ويا آهن يا وري اهڙا شاگرد يا سياسي ليڊر ۽ ڪارڪن ڌاڙن ۽ اغوا جي ڪيس ۾ پڪڙيا ويا آهن ته انهن جي خلاف ئي سنڌي باشعور عوام ۽ پريس لکيو ۽ ڳالهايو آهي. پنهنجن جا عيب سنڌين لڪايا ڪو نه آهن پر جيئن چوندا آهن ته بد کان بدنام خراب هوندو آهي، سنڌين جي اوٽ وٺي ٻين گروهن ۽ قومن سنڌ ۾ جيڪا دهشت گردي ڦهلائي رکي آهي ان کي ظاهر ڪرڻ گهرجي. مان چوندي آهيان ته “سنڌ ۾ ڌاڙيل آهن، پر سڀ سنڌي ڌاڙيل نه آهن” هاڻ جڏهن ايم ڪيو ايم جا پول پڌرا ٿي رهيا آهن ان مان لڳي پيو ته شهرن ۾ ٻوريءَ ۾ بند لاش، اغوا ۽ تاوان وٺڻ، گاڏيون چورائڻ، بئنڪن ۾ ڌاڙا هڻڻ اهڙين ڪاررواين ۾ نوي پرسنٽ ايم ڪيو ايم وارن جو هٿ رهيو آهي، بلوچستان وارا اسان جا ڀائر آهن، اسان جا انهن سان اخلاقي ۽ سماجي رشتا تمام مضبوط آهن. پر اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته اتان جا ڌاڙيل به هت سنڌ ۾ اچي ڪارروايون ڪن ٿا. پنجاب ۽ سرحد جا دهشتگرد به هت موجون ڪيو ويٺا آهن. سنڌ پئي ٻري، سنڌ پئي برباد ٿئي . . . . . اکين ۾ سڀني جي کوپا چڙهيل، ماڻهن ۾ پريس ميڊيا، اليڪٽرڪ ميڊيا هر ڪنهن جي اها ئي وائي وات ۾ سڀ سنڌي ڌاڙيل آهن، دهشتگرد آهن، هندستان جا ايجنٽ آهن وغيره وغيره. اخبارون اڄ ڪلهه جيڪو ڪجهه لکن پيون سو اڃا به اڻ پورو آهي . . . هاڻ اسان کي سنڌين جي وهندڙ رت جو حساب ڪتاب وٺڻو آهي . . . مان عرض ڪنديس سنڌي صحافين، اديبن ۽ دانشورن کي ته هي وقت ئي آهي توهان سنڌ جي مٿان ايم ڪيو ايم جا ظلم تفصيل سان لکي اردو ۽ انگريزي اخبارن کي ڏياري موڪليو. تصويرن ۽ ثبوتن سان رڪارڊ موڪليو. اسان جيستائين قدم اڳتي نه وڌائينداسين ته پوءِ ڪير اسان سان همدردي ڪندو؟ ڪير اسان جي مٿان ٿيل ظلمن جو حساب ڪتاب و ٺندو؟ سنڌي اخبارون ته لکن پيون پر ان مان ايترو هڙ حاصل نه ٿو ٿئي، ڇو ته لکڻ وارا به اسين ته پڙهڻ وارا به اسين هي وقت ئي آهي حساب ڪتاب گهرڻ جو. هي وقت ئي آهي پنهنجا پير پختا ڪري وڏي واڪ اهو سچ چوڻ جو ته سنڌين جهڙو محب وطن ته ڪو ٻيو ٿي ئي نه ٿو سگهي. سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ئي سنڌين جي شناخت ۽ حب الوطنيءَ جو ثبوت آهي . . . . .

آچر 12 جولاءِ 1992ع

سنڌ جون حالتون ۽ آتش فشان، باهه جا اُلا

هيءَ هيڏي وڏي ڌرتي، ڌرتيءَ تي رهندڙ هي سڀ ساهوارا. انهن ۾ هي سڀ انسان، پکي، جيت، ڪيڙا مڪوڙا مطلب ته هر جيوت پنهنجي هڪ دنيا
ٺاهي اڳتي وڌندو ٿو رهي. هنن وهندڙن واٽن وچ ۾ هڪ سنڌو آهي. جنهن به اهو سنڌو اڪاريو اهو ئي هن معاشري جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيو. هن ڌرتيءَ جي معاشري ۾ ٻه متضاد ڪارڻ گڏ هلندا آهن، جيئن ته ظالم مظلوم، قاتل مقتول، روشن، تاريڪ وغيره وغيره. ڪنهن مون کي ٻڌايو هو ته جڏهن علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو هڪ دفعو هڪ سيمينار ۾ کانئس ملڪ جي حالتن جي ۽ انسان جي حقن جي حوالي سان ڪنهن سوال پڇيو ته سائين “هي سُڪن سان گڏ ساوا ڇو سڙندا آهن.....”
علامه قاضي صاحب هي جواب ڏنو ته، اهي ان ڪري سڙيا جو انهن پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ نه وري سڙڻ مهل ڪو احتجاج ڪيائون، نه وري ڪوئي رڙ واڪو ڪيائون.” ...........علامه قاضيءَ جي هن جواب تي اگر غور ڪبو، ته معلوم ٿيندو ته پاڻ بچائڻ، پنهنجي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ وارا ئي هن دنيا ۾ ڪر کڻي هلي سگهن ٿا. فرد واحد کان وٺي قبيلن ۽ قومن تائين جن پاڻ کي سڃاتو، جن پنهنجا پير ڌرتيءَ تي مضبوط رکيا انهن مرتبو ماڻيو ۽ زندهه رهيون.
اڄ ڪلهه اسان جي سنڌ جون حالتون، آتش فشان وانگر آهن، جنهن جي وهندڙ لاون کي هٿرادو طريقن سان روڪيو پيو وڃي. انتها ته اها آهي ته سڀ حقيقتون کلڻ کانپوءِ به ظالم مظلوم آهي ۽ ان جي مظلوميت جا قصا آهن ۽ احتجاج ڪندڙن جي ڪمي نه آهي. اهو به ٻڌون پيا ته سائين، ڪرسيءَ تي ويهي سياسي ڳالهين سان ئي مسئلا نبري سگهن ٿا. اهڙا دهشتگرد ۽ قاتل، جن ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي آهي، انهن سان ويهي سياسي ڳالهيون ڪرڻ، انهن سان گڏ هڪ ميز تي ويهڻ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو.... اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا به ايترا ئي گنهگار ٿي سگهن ٿا، جيترا اهي سڀ دهشتگرد آهن.
سائين منهنجا، اسان ته هوش سنڀاليو ته اهو ئي ٻڌندا رهيا آهيون ته سڀ سنڌي غدار آهن، ڪافر آهن ۽ “را” جا ايجنٽ آهن. ڌاڙيلن جو ٺپو ته سنڌين جي مٿان اهڙو لڳو آهي، جو هر ڪوئي اکيون ٻوٽي دعويٰ سان ٿو چوي ته سڀ سنڌي ڌاڙيل آهن.......اهڙن الزامن کي هوا ڏيڻ ۾ اردو پريس ميڊيا جو به وڏو هٿ رهيو آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ها ته اسان جا سياسي ليڊر، اديب، دانشور سڀ گڏجي هڪ محاذ ٺاهي، اهڙن ڳالهين جو مقابلو ڪن ها، اخبار وارن کي ۽ اهڙن الزام هڻڻ وارن کي، ڪورٽن تائين ڇڪين ها ته پوءِ سڀني کي اهو احساس ٿئي ها ته سنڌي ڪي نڌڻڪا ۽ لاوارث نه آهن، پر ڇا ڪجي! اسان جو سنڌي جيڪو ٽڪي ٽڪي ۽ پئسي پئسي تي ٿو وڪامجي، اهو اهڙين حالتن جو احساس ڪيئن ٿو رکي سگهي؟ پنجيتاليهه سال بغير ڪنهن ثبوت جي سنڌين مٿان هر قسم جا الزام هنيا ويا ۽ هاڻ ڇا ٿيو آهي جو جناح پور ۽ اردو ديش جا منصوبا ظاهر ٿيا آهن. اهي ڳالهيون ظاهر ڪرڻ وارا جن کي ثبوت به مليا آهن اهي سڀ فوجي حضرات آهن، انهن جو اهو به چوڻ آهي ته هي سڀ دهشتگرد “را” تنظيم جا به ايجنٽ آهن، سائين اڄ اها ڳالهه فوجي حضرت ڪن پيا پر سنڌين ۽ سنڌي پريس اهي ڳالهيون گهڻا سال اڳ چيون ۽ ڇپيون آهن. ڪجهه سال اڳ سنڌي اخبارن ۾ اهي نقشا به ڇپيا هئا، جيڪي باقائدي ايم ڪيو ايم جي اجلاسن ۽ بلديه جي اجلاسن ۾ ورهايا ويا هئا. ان ۾ آمريڪي آفيسر جو خط، جيڪو پڪڙيو ويو هو ۽ سنڌي اخبارن ثبوتن سان ان کي شايع ڪيو هو. جناح پور يا اردو ديش ٺاهڻ جو منصوبو ڪو لڪل منصوبو ڪونه هو.پر جيئن ته سياسي مصلحتن طور اهڙين حالتن ۽ دهشتگردن کي درگذر ڪيو ويو. ان ڪري ئي اهي دهشتگرد هن ڌرتيءَ تي حاوي ٿي ويا. انهن ڪوبه ڪم لڪي ڪونه ڪيو آهي. انسانن کي مارڻ ۽ ظلم ڪرڻ ته معمولي ڳالهه هئي ته انهن ئي پيغبري جي دعويٰ به ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ڪعبي شريف ۾ ان تي وحي نازل ٿيو ۽ هت پٿرن ۽ وڻن جي پتن تي نقلي تصويرون ڇاپيون ويون ۽ غلط قسم جي پروپئگنڊا ڪئي ويئي.
سائين منهنجا اهڙا منصوبا جن جا باقاعدي ثبوت مليا آهن. ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به ڪيترن ئي سياسي ليڊرن ۽ اردو ڪالم نگارن ۽ پريس جون همدرديون، انهن ماڻهن سان آهن. هڪ سياسي ليڊر نفيس صديقي ته چوي ٿو ته مهاجر ڪنهن به طريقي سان ان منصوبي ۾ شامل نه هئا. سو مان نوانوي پوائنٽ، نوانوي محب وطن آهن. باقي بچي هڪ پوائنٽ، اها اگر ڪجهه ڪري ٿي ته ان جي جوابداري پوري مهاجر قوم جي نه آهي..... هاڻ ته لڳي ٿو ته هي آپريشن شهرن ۾ تقريبن ختم ٿي چڪو آهي. ڪي دهشتگرد لڪل آهن ۽ ڪي وري آهستي آهستي ٻرن کان ٻاهر پيا نڪرن. ڀلا اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته لڪل دهشتگرد اعليٰ انتظاميه جي پهچ کان ٻاهر هجن......؟ ڪراچي ۽ حيدرآباد اڄ تائين هن آپريشن جي دوران ڪو به دهشتگرد مئو ڪونه آهي ۽ نه وري دهشتگردن جي اعليٰ قيادت گرفتار ٿي آهي..... هوڏانهن سنڌ جي اندرين علائقن ۾ ڌاڙيلن جي مارجي وڃڻ سان گڏوگڏ راه گناهه رستي ويندڙ نوجوانن جا لاش مائٽن کي ملن پيا. هي آپريشن جيڪو شدت سان شروع ٿيو هو. هاڻ مصلحتن ۽ سياسي حالتن جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. تازو عبدالستار ايڌي جو بيان به وڏي اهميت رکي ٿو جنهن ان شهرن ۾ ملندڙ لاشن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هو سالن کان وٺي دفن ڪندا پيا اچن. سندس چوڻ اهو آهي ته اهي لاشا اهڙي حالت ۾ هوندا آهن، جو انهن جي شناخت ڪرڻ ممڪن نه هوندي آهي. اهڙن لاشن جي باقاعدگيءَ سان پوليس ۾ رپورٽ ڪري، پوءِ دفن ڪيو ويندو آهي. جڏهن ايڏا سال اهڙن حالتن کي لڪايو ويو، ته پوءِ هاڻ ظاهر ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد آهي....؟ ها اگر ڪو مقصد آهي به ته ان کي نيڪ نيتي سان پورو ڪيو وڃي ۽ اهڙين ظالمن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ گهرجي. حالتون اهو ڏيکاري رهيون آهن، ته هاڻ به ڪجهه ڪونه ٿيندو. گذريل پندرهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ به اهڙا ڪيترائي لاشا مليا آهن، پر انتظاميه ۽ هي سڀ فوجي بي وس آهن، ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن...
تاريخ شاهد آهي قرآن شريف ۾ انهن قومن جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪي مختلف آفتن جو شڪار ٿي ويون. انهن جي تباهيءَ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ، اخلاقي، سماجي ۽ معاشرتي سبب آهن هن ترقي يافته ۽ شعور واري دور ۾، جڏهن انسانن نيڪي ۽ بديءَ جي وچ وارو سنڌو اڪاري وڃي. اهڙن ماڻهن جا ڍڪ ڍڪجن، انسانيت جي تباهي، اخلاقي قدرن جو زوال ۽ انسان جي عزت نفس کان وٺي جان ۽ مال جي بربادي شامل هجي پوءِ به وري ويهي مصلحتن جو شڪار ٿجي ته پوءِ آخر ڇا ٿيندو................؟

آچر 23 آگسٽ 1992ع

عورت، معاشرو ۽ اُن جو گند

جڏهن به ڪنهن معاشري مان اخلاقي قدرن جو خاتمو ٿي ويندو آهي. جڏهن هڪ ٻئي لاءِ قدر، احساس ۽ محبت ختم ٿي ويندي آهي. عورت هجي، چاهي مرد، معاشري جي قدرن جي حوالي سان، ٻنهي جي عزت ۽ حرمت آهي. ائين چوڻ غلط ٿيندو ته عزت صرف عورت جي هوندي آهي. مرد جي عزت به اوتري ئي اهم آهي. جيتري هڪ عورت جي. پر اسان جي معاشري ۾ مرد جي ڪوتاهين کي درگذر ڪيو ويندو آهي ۽ ڪيل يا نه ڪيل غلطين جو خميازو سڄي زندگيءَ لاءِ عورت جي زندگي تباهه ڪري ٿو ڇڏي. عورت جي گناهن جو شريڪ مرد به هوندو آهي، پر ان مرد کي هن معاشري ۾ ايتري ذلت ۽ خواريءَ جو مقابلو نه ڪرڻو پوندو آهي، جيترو عورت کي. اسان جو مشرقي معاشري ۾ پٽ ڄمڻ سان ئي وارث ٿيو وڃي. ڀيڻن جو ڀاءُ چاهي ڪيترو به ننڍو هوندو، پر حق ان کي وڏن کان به وڏا مليل هوندا آهن. صحيح معنيٰ ۾ اگر عمل ڪيو وڃي، ته اها ڳالهه غلط به نه آهي. عورت مرد جي سهاري کان سواءِ، چاهي پوءِ اُهو سهارو پيءُ جو هجي، ڀاءُ جو هجي يا وري گهر واري جو هجي، عدم تحفظ جو شڪار ٿي وڃي ٿي. عورت مرد جي سهاري ۽ پاڇي ۾ زندگي گذارڻ ۾ فخر محسوس ڪندي آهي. ها پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اڄ ڪلهه جي پڙهيل لکيل معاشري ۾ هن ويهين صديءَ جي ائٽمي دور ۾ مرد عورت جو ڪيترو محافظ آهي. ؟ اُهو دور به وسارڻ جهڙو نه آهي، جڏهن عورت گهر جي چوديواريءَ ۾ بند هوندي هئي، نياڻين جون شاديون نه ڪرايون وينديون هيون. اُنهن کي مال ملڪيت مان حصو نه ڏنو ويندو هو. اُن جي باوجود به هڪ مضبوط سهارو اُنهن کي ميسر هوندو هو. پيءُ نياڻين جي عزت ڪندو هو ۽ ڀائر ڀينرن کي مان ڏيندا هئا. نياڻين کي ست قرآن ڪري ليکيو ويندو هو ۽ نياڻيون ميڙ وٺي وڃڻ سان، سالن جون دشمنيون ۽ رقابتون ختم ٿي وينديون هيون.
اڄ ڪلهه هن پڙهيل ۽ باشعور معاشري ۾ جيڪي حادثا ٿين پيا، تن تي گهري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته اڄ جو معاشرو ڪيترو نه اخلاقي پستين ۾ ڪري چڪو آهي. هن ائٽمي ۽ ترقي يافته زماني ۾ انسان اخلاقي قدرن کي وڃائي چڪو آهي. تازو نوري پليجي جو واقعو اُنهن ڪيترن ئي واقعن جو تسلسل آهي، جيڪي اسان جي ماحول ۾ روز مره جو معمول ٿي چڪا آهن. ڏاڍي جابر جي اڳيان ڪير بيهي؟ اُن شخص کي جڏهن پنهنجي عزت ۽ حرمت جو خيال نه آهي، ته هو ٻين جي عزت ۽ حرمت جي پرواهه ڇو ڪندا! اهڙن قسمن جي واقعن جي ابتدا ڪا نئين نه آهي. اسان جي معاشري ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن. فرق صرف اهو آهي ته اڳ اهڙيون عورتون يا ته ڦاهو کائي مرنديون هيون، کوهن ۾ ٽپا ڏيئي پنهنجو انت آڻينديون هيون، يا وري سڄي زندگي جانورن وانگر زندگي گذارينديون هيون. اهڙين عورتن کي سڄي زندگي عزت ۽ محبت ملندي ڪانه هئي. اهي گناهه جيڪي زيردستي مٿن مڙهيا ويندا هئا، تن جو عيوضو، هو سڄي زندگي ڀرينديون رهنديون هيون. اُهو مرد جيڪو ان گناهه جو اصل جوابدار هوندو آهي. اهو هڪ خوشحال ۽ پر سڪون زندگي گذاريندو رهندو آهي! هڪ عورت جي اُٿيل نگاهه، هڪ غلط قدم اُن کي تباهه ڪريو ڇڏي. هڪ مرد ڏهن عورتن سان ناتا رکي، ظلم زبردستيون ڪري، وهنجي سهنجي اڇا لٽا پائي نڪرندو ته پوءِ سائين، اُن جهڙو ڪو عزت وارو، مان وارو هن جڳ ۾ ٻيو آهي ئي ڪونه!
هن معاشري ۾ جڏهن ته مرد کي هر قسم جو حق مليل آهي ۽ مذهب به اُن کي اُهي سڀ حق ڏنا آهن، ته هو ٽي اکر چئي پل ۾ ڪنهن کي پنهنجو ڪري سگهي ٿو ۽ ٽي اکر چئي پل ۾ ڪنهن کي تباهه ڪري سگهي ٿو! ان معاشري ۾ اهڙن واقعن جو ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. ها، فرق صرف وڃي اهو رهيو آهي ته اُنهن ڪيترين نورين مان ڪن نورين ۾ ايتري همت آئي آهي، ته هو پاڻ تي ٿيل ظلمن کي وڏي واڪ بيان ڪري سگهن. اهي ئي باهمت نوريون، هڪ بچاءُ بند ٺاهي رهيون آهن، اُنهي ٻين نورين لاءِ جيڪي هن معاشري ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهن.
اهڙا واقعا جيڪي اڳ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌبا هئا ۽ هاڻ روز جا معمول ٿي چڪا آهن، تن جي پويان اڄ جون اسان جون سياسي حالتون وڌيڪ جوابدار آهن. اڳ سياست ۾ مرد مردانگيءَ سان سينو کولي مقابلو ڪندا هئا. عورتن ۽ نياڻين کي سڀ ڪو پنهنجي عزت سمجهندو هو. پرائي نياڻي به پنهنجي نياڻي هوندي هئي. اهڙن سياسي طور تي ٿيل واقعن جي گهڻائي ضياءُ الحق جي زماني ۾ ٿي. اُن دور ۾ جڏهن پنهنجي سياسي حريفن ۽ جائداد جي جهيڙن ۾، عورتن کي سر بازار اگهاڙو ڪري، وارن کان گهلي گهُمايو ويو. اُن دور ۾ جڏهن هڪ سياسي حريف، ٻئي سياسي حريف کان پُٽ لاءِ رشتو گهريو ته اُن شخص بجاءِ رشتو ڏيڻ جي، ڌيءَ کي زهر ڏيئي ماري ڇڏيو ۽ انهن عزت وارن، پئسي وارن ماڻهن جو پٽ رشتو نه ملڻ جي صورت ۾، اُن ڇوڪريءَ جو لاش قبر مان ڪڍي، سرعام بي عزت ڪيو، اُن ئي دور ۾ ڪراچيءَ جي هڪ مسجد ۾ هڪ ٻار کي “حرامي” چئي سنگسار ڪري ماريو ويو.!!! لکڻ چاهيان ته الائجي ڪيترا واقعا لکجي وڃن. اهڙن واقعن جي اصل مجرمن کي ڪابه سزا نه ملي. اُهي سڀ اسان جي هن اسلامي جمهوري پاڪستان جي قانون مان عزت وارا ٿي، آزاد ٿي ويا! خبر پئي ته هن ملڪ ۾ ڪوبه قانون ڪونهي. صرف پئسو ۽ سياسي رفاقتون ئي اهميت رکن ٿيون. اهڙين حالتن ۾ اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهندا ۽ مجرم آزاد ڇڙواڳ سانن وانگر رنڀندا رهندا.....!!!
سياسي جنگ ۾ پنهنجي مخالفن جو مقابلو ڪرڻ بجاءِ، عورتن جي عزتن کي پائمال ڪيو ويو. پنهنجي سياسي حريف کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته “تون اسان جي سامهون هٿ کڻي وڃ، نه ته تنهنجي نياڻين جو خير نه آهي!”. وينا حيات، خورشيد بيگم ۽ ٻين جو ڪيس پريس ۽ تنظيمن گهڻو مٿي کنيو، پر اُن مان ڪو کڙ تيل ان ڪري نه نڪتو، جو اُن جو تعلق حزب اختلاف سان هو. حزب اقتدار وارا چون ته اهو ڪوڙ آهي، حزب اختلاف اسان تي الزام ٿي هڻي. عورت جي عزت کي سياست جو پليٽ فارم بنائي، اسان کي ڪمزور ڪرڻ ٿي چاهي، ان سياست پٺيان اُن عورتن سان ٿيل زيادتين جو ڪو هڙ حاصل نه ٿيو. تازو سانگهڙ جي اليڪشن ۾ عورتن ۽ صحافين تي زيادتيون ٿيون. صحافين کي زخمي ڪيو ويو. عورتن جي جسمن کي پَٽيو ويو. اُنهن جون پوتيون لاهي اُنهن کي ڊُڪايو ويو. اهڙين ڪجهه عورتن جون تصويرن به اخبارن ۾ ڇپيون. هڪ صحافي ۽ هڪ عورت کي عالمي حقن جي تنظيم آمريڪا به گهرائي ورتو. اُتان جي پريس، اتان جي ٽي وي، انهن کي ڪوريج ڏني. هت وري جڏهن اليڪشن ڪميشن جي اڳيان درخواست ڪئي ويئي، ته ان اها رپورٽ پيش ڪئي ته اهڙو ڪوبه واقعو نه ٿيو آهي.؟ جڏهن اهڙين اخلاقي پستين جا ذميدار اسان جا قانوني ادارا به ٿي وڃن، ته پوءِ سوچيو ته سهي ته باقي اسان وٽ ڇا بچيو آهي.......؟
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيل لساني هنگامن ۾ عورتن ۽ نياڻين سان جيڪي زيادتيون ٿيون، سي به لکڻ کان مٿي آهن. عورتن۽ نياڻين جي نازڪ حصن تي ايم ڪيو ايم جي نالن جا ٺپا اڄ به موجود آهن. نياڻين جي ڳلن تي، پاتل چڪن جي ڏندن جا نشان، اڄ به موجود آهن. اهڙن ظلمن، جن جا پول اڳ لڪل هئا نه هاڻي لڪل آهن. انهن سان هر حڪومت معاهدا ڪيا. اُنهن جي ظلمن جي پرده پوشي ڪئي ويئي!
هي اسان جو معاشرو ۽ اُن جا رهواسي، اخلاقي قدرن کي وڃائي، انسانيت ۽ شرم حيا جا سڀ ليڪا لنگهي چڪا آهن. هن اڏوهي کاڌل معاشري ۾ پيسجي پئي، ظلم پئي سهي، مقابلو پئي ڪري ته صرف عورت ئي ڪري پيئي. هي سڀ نوريون، جن همت سان اڳتي وڌي، پنهنجي مٿان ٿيل ظلمن جو حساب ڪتاب پيش ڪيو آهي، ڇا هي معاشرو اُنهن جي ان همت کي قبول ڪندو؟ ڇا اُنهن جي همت ۽ قرباني، انهن ٻين عورتن جي عزت جي محافظ ٿي ويندي......؟
آچر 6 سيپٽمبر 1992ع

مظلوم عوام ۽ انڌو قانون

هر ملڪ جو هڪ قانون هوندو آهي. ان قانون تحت ادارا ٺهندا آهن انهن ادارن جو اهم مقصد اهو هوندو آهي ته ان ملڪ جي رهواسين کي قانون جي تحت مڪمل تحفظ مهيا ڪيو وڃي. اسان جي ملڪ جي ادارن جو جيڪو حال آهي سو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. هنن ادارن ۾ ويٺل ڪامورا ۽ انهن جي عمل کي پاڻ ۾ ملائجي ته هڪ هيبت ناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ صورت حال سامهون ٿي اچي. اڳ ڇا ٿيندو هو جو ڪامورا رشوت وٺندا هئا. مال ملڪيت جوڙيندا هئا پر پاڻ سادي زندگي گذاريندا هئا. ڀائرن، ڀينرن، ڀاڻيجن، ڀائٽين ۽ ٻين مائٽن جي نالي ملڪيت ٺاهيندا هئا ۽ بئنڪن ۾ پئسا رکرائيندا هئا. ريٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ اهو پئسو ڪتب آڻيندا هئا. نوڪريءَ دوران، ڪيڏو به وڏو راشي ڪامورو هوندو پر پنهنجي عمل مان محسوس ئي ڪونه ڪرائيندو هو.
هاڻ نوڪري روزگار لاءِ نه پر پئسي ڪمائڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. اهڙن ادارن ۾ جتي رشوت جي ڪمائي نه آهي اتي نوڪري ڪندڙ رحم جوڳي حالت ۾ هوندا آهن. باقي رهيا اهي ادارا جتي پئسو جام آهي ته اتي سڀن جي لئه آهي. اهڙن ادارن جون نوڪريون لکن ۾ وڪامنديون آهن. هر ڪاموري جي اها ڪوشش هوندي آهي ته اهڙن ادارن ۾ ٽرانسفر ڪرائي ڪجهه عرصو رهي ايترو ڪمائي وٺجي جو سالن تائين ڪا ڪمي محسوس نه ٿئي. هاڻ ذهنيت به مقابلي واري وڃي رهي آهي. گهر ٺاهڻ، گهر سجائڻ، نون ماڊلن جو گاڏيون رکڻ، زالن جا ٺاهه ٺوهه ۽ نوان نوان ويس وڳا ۽ زيور پائڻ روز جو معمولي ٿي پيو آهي. هاڻي ان وڏ ماڻهپي کي خراب نه سمجهيو ويندو آهي. رشوت جي پئسي تي ان وڏ ماڻهپي کي خراب نه سمجهيو ويندو آهي. رشوت جي پئسي تي ان وڏ ماڻهپي جي مقابلي اسان جي ماڻهو جو رت پي ڇڏيو آهي. هاڻ هن معاشري ۾ ان خراب عمل کي اهڙو ته روپ ڏنو ويو آهي جو هاڻ ڪا به شيءِ خراب نه رهي آهي!
نوڪري ڏيڻ، نوڪري وٺڻ ۽ پنهنجي پسند جي کاتي ۾ ٽرانسفر ڪرائڻ هڪ وڏو منافع بخش ڪاروبار ٿي پيو آهي. اهو سڄو ڪاروبار اسان جي وزيرن، ۽ اسيمبلي جي ميمبرن جي هٿ ۾ آهي. پٽيوالي جي نوڪري پنجن هزارن کان گهٽ نه ٿي ملي. اسڪول جي ماستري ڏهن کان ويهن هزارن تائين پئي وڪامجي. جڏهن هنن غريباڻين نوڪرين جو اهو حال آهي ته وڏين نوڪرين جو ڪهڙو حال هوندو! وڏي مزي جي ڳالهه ته اها آهي ته اهي وزير ۽ اسيمبلي جا ميمبر هميشه فائدي ۾ آهن ڇو ته حڪومتون مٽجڻ سان ڏنل ۽ وڪاميل نوڪريون وري کسجيو وڃن. وري اهي سيٽون خالي ٿيون وڃن ۽ وري اهي ماڻهو لکين ۽ ڪروڙين رپيا پيا ڪمائين! نه مٽجن ٿيون، نه بدلجن ٿيون ته هنن اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن جون شڪليون.
شروع ۾ مون قانونن ۽ قانوني ادارن جي ڳالهه ڪئي. هو اداري ۾ ڪرپشن آهي پر جيترو پوليس جي محڪمي جو ٻيڙو ٻڏل آهي ان جو مثال ڳولهڻ سان به نه ملندو. تازو منهنجي چوري ٿي ۽ شڪر آهي ته ملي به ويئي. پر ان دوران پوليس جي محڪمي سان جيڪو واسطو پيو ۽ اتان جا حال احوال معلوم ٿيا سي ڏکوئيندڙ ۽ برداشت کان مٿي آهن! مان سوچيندي آهيان ته منهنجي ٿوري هلندي پڄندي آهي. چارچڱا مون کي ادب جي حوالي سان سڃاڻين ٿا تن به تمام گهڻو تعاون ڪيو. ان جي باوجود به مونکي تمام گهڻا تلخ تجربا ٿيا آهن ته پوءِ غريبن ۽ بي واهن جي ٻڌڻ وارو ڪير هوندو؟ اهو هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن تي ڪجهه به لکجي پر هڙ حاصل ڪجهه نه به ٿيندو........ ها ڳالهه ڪرڻي اٿم اهڙي جنهن سان روح کي به عذاب اچيو وڃي، ان چوريءَ جي سلسلي ۾ پنهنجو هڪ همدرد ڀاءُ پوليس جي هڪ اهم داري ۾ ويو ان ٻڌايو ته اتي هڪ نوجوان سنڌي ڊاڪٽر کي فوج کنڀي کڻي آئي ۽ اتي ڦٽي ڪري ويئي. ان محڪمي جي پوليس وارن ان سان تمام گهڻو نفرت انگيز رويو اختيار ڪيو. ان کي ٿڏا هڻي ڌڪا ڏيئي زمين تي ويهارين پيا! اهو نوجوان جيڪو پڙهيل لکيل ڊاڪٽر هو ان سان انهن جو رويو قابل نفرت هو. هو ويچارو پريشان حال صرف اهو ٻڌائڻ ۾ پورو هو ته مان ته ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي. مان بيگناهه آهيان. راهه ويندي فوج مونکي پڪڙي وٺي آئي آهي اتي ويٺل نام نهاد ٺڳ شاهد جيڪي ريڊي ميڊ تيار ٿيل ۽ ٽرينڊ ويٺا آهن. تن اتي پل ۾ شاهدي پئي ڏني ته اڙي، فلاڻي هنڌ، فلاڻي جاءِ تي تون هيئن ۽ فلاڻن ۽ فلاڻن سان تنهنجو واسطو آهي. اهو ويچارو ٻاڏائڻ ۾ پورو ته نه سائين اهڙن ماڻهن سان نڪي منهنجو واسطو آهي ۽ نه وري اهڙين جاين تي مان ويو آهيان. ان ڀاءُ مون کي اهو ٻڌايو ته ات اهڙو ماحول هو ۽ نفسياتي طور اهڙو ٽارچر ڏنو وڃي ٿو جو شريف کان شريف ماڻهو به پاڻ کي اتي خوني ۽ قاتل سمجهڻ شروع ڪري ٿو ڏئي ۽ ان حالت ۾ بي وس ٿي اقرار به ڪري ٿو ويهي. آخر ڏاڍي جي ڏنڊي کي ٻه مٿا به ته آهن! ان ويچاري نوجوان سنڌي ڊاڪٽر وسان ڪين گهٽايو، پنهنجي صفائي ۾، آخر اهو ويچارو پوليس وارن کي پيرين پيو پوي، پنهنجي بيگناهي ۽ لاچاري جو يقين پيو ڏياري. اها حالت ڏسي ات ويٺل ڀاءُ جيڪو ات منهنجي ڪم جي سلسلي ۾ ويو هو ان سمجهايو ته اهڙو ويل به هروڀرو نه آهي. تون ڪٿان جو آهين، ڪير آهين اسان ويٺا آهيون توسان ڪابه زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ هو ان کان خبرچار وٺڻ لڳو ۽ اٿڻ مهل تاڪيد به ڪيائين پوليس وارن کي ته هي پڙهيل لکيل ڊاڪٽر ڇوڪرو آهي ڪو مجرم ڪونهي توهان هن کي ايترو بي عزتو نه ٿا ڪري سگهو! اٿڻ مهل ان نوجوان پنهنجي همدرد کي ويندو ڏسي اصل دل هارائي ويٺو ته سائين توهان نه وڃو هي مونکي ماري ڇڏيندا. منهنجي ته وارثن کي به خبر ڪانهي ته ڪو مان هتي آهيان. ان نوجوان ڏڪندڙ ۽ روئندڙ وجود پاڻ بچائڻ لاءِ پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ سڀني کي منٿن ڪرڻ ۾ پورو هو!
اها ڳالهه جڏهن مون ٻڌي ته مون سوچيو ته ان نوجوان ڊاڪٽر جو ڊپ غلط به نه ٿو ٿي سگهي. ڇو ته ويجهڙ ۾ جيترا به واقعا ٿيا آهن جن به راهه گناهه ويندڙ نوجوانن کي پڪڙيو ويو آهي انهن جا لاشا گهرن ۾ پهتا آهن. اُن نوجوان جو ڇا حال ٿيو هوندو سان مون کي خبر نه آهي. ها باقي اسان جي محافظن قومي ادارن جو اهو حال آهي! اهي صرف دهشت ڦهلائڻ ۽ رت وهائڻ ۾ پورا آهن. اصل مجرم ته انهن جي ابي جا پٽ آهن! اصل ڏاڏي پوٽا! انهن جو ته وار وانگو به نه ٿو ٿي سگهي ها باقي راه ويندي بيگناهن جو رت وهائڻ ڄڻ ته ثواب جو ڪم ٿي پيو آهي!
ڪيڏو به وڏو مجرم هجي، قاتل هجي خوني هجي. پر جيستائين قانوني ثابتي نه آهي ان کي مارڻ يا ٽارچر ڪرڻ جو حق ڪنهن کي به ڪونهي. ڪي پيشه ور مجرم هوندا آهن. ڪن کان جرم ٿي ويندا آهن. مجرمن سان رعايت نه ٿيڻ گهرجي پر بيگناهن کي به هروڀرو ڏنڀ ڏيئي نه مارجي! اهڙي ماحول ۾ اهڙن ادارن ۾ پوءِ چڱائي جي توقع رکڻ بي معنيٰ آهي! وڏيون وڏيون ڳالهيون ۽ دعوائون انهن جي قول ۽ عمل جي تضاد جي ڪري بي معنيٰ ٿي ٿيون وڃن.

آچر 20 سيپٽمبر 1992ع

سنڌ ۾ بي قدرن جي بادشاهي

ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو چئني طرف هلچل گوڙ گهمسان ۽ تحرڪ هوندو آهي پر پنهنجي وجود ۾ پنهنجي اندر ۾ ايتري ته خاموشي هوندي آهي، ايڏو ته جمود طاري ٿي ويندو آهي جو هيڏا گوڙ گمسان به هڪ قسم جو ناٽڪ ۽ ڪوڙ جو ٽڪساٽ ڏيکاءُ ڏيندا آهن. اُن ويل وجود ۾ ماٺائي اچي ويندي آهي. اُن ماٺائي جو سبب به صرف اهو هوندو آهي ته هن ڪوڙي ٽڪساٽ ۾ سچ ۽ حق جي ڳالهه ڪيئن ڪجي؟ ڪيئن هن ڪوڙ جي ٽڪساٽ جي ڪردارن جي منهن تي چڙهيل هي ڪوڙا هيبتناڪ ماسڪ لاهي هن جڳ کي انهن جي اصل شڪل ڏيکارجي جيڪا اُنهن جي چهرن تي چاڙهيل ماسڪن کان به وڌيڪ مڪروهه ۽ ڀيانڪ آهي.
فراريت وجود ۾ تڏهن جنم وٺندي آهي جڏهن چئني طرفن کان مايوسي ۽ نراسائي ملندي آهي. اڄ ڪلهه منهنجي دل به چاهيندي آهي ته اکيون ٻوٽي ڇڏجن. ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏجي. جيئن جيڪو ٿئي پيو اُن کي اُن حالت ۾ ڇڏي ڏجي. پر وري به اها منافقت نه ٿي ٿئي. اندر ۾ هڪ آواز اڀرندو آهي ۽ اها سوچ ڏيندو آهي ته ڏسو ۽ پرکيو انهن حالتن کي اها به تاريخ جي ورقن تي لکيل يا آئينده لکڻ واري تاريخ جي ورقن ۾ لکي وڃو سڀني کي ٻڌائي وڃو ته اسان سنڌ جي اُن تاريڪ، خوني، بي حسي ۽ بي ضميري جي دور جا شاهد آهيون. اهو سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو ۽ اسان ڪجهه به نه ڪري سگهياسين. اسان گنهگار آهيون ان دور جا جو مصلحتن تحت پنهنجي بچاءُ خاطر اسان خاموش ٿي وياسين. جت اسان جي خون جي ضرورت هئي ات اسان پاڻي به وهائي نه سگهياسين. اُن خوني دور جي خوني جنگ جي ميدان ۾ اسان مقابلو ته نه ڪيو پر مزاحمت به نه ڪئي. پنهنجن ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ڪي تدبيرون به نه ڪيون. ٽڪي ٽڪي، پئسي پئسي تي وڪاميل هن قوم جي مهندارن کي ڪجهه به نه ڪري سگهياسين. اُنهن پنهنجي ضمير کي ڌرتي واسين کي ڏوڪڙن تي وڪڻي ڪاپاري ڌڪ هنيو. انهن مهان دانشور، داناءُ ۽ ڏاهن کي به ڪجهه نه ڪري سگهياسين. جن پنهنجي ڌرتي واسين کي صحيح واٽ به نه ڏيکاري. وڏن وڏن فائيو اسٽار هوٽلن ۾ تقريرون ڪري ۽ پنهنجي قلم جي ذريعي سطحي ڳالهيون ڪري ماضيءَ جي عظمتن جا قصا ٻڌائي، سنڌ جي ماڻهن کي امن پسند ۽ محبت ڪندڙ چوائي، حال جي نزاڪتن کان ناواقف ڪيو ۽ مستقبل جي اونداهين کان لاپرواهه ڪيو. ڌرتي واسين جي وجود ۾ اٿندڙ جذبن ۽ جنون کي ٿڦڪي ڏيئي سمهاري ڇڏيو. اها به ته چريائپ آهي ته اسان ويهي ائين چئون ته اسان جي اها تاريخ آهي ته اسان مهمان نواز آهيون. ان ڪري مهمان کڻي اسان کي ماري به وجهن ته اسان کي ان تي اُف به ناهي ڪرڻو. سنڌي ڪڏهن وڙهيا به نه آهن (حالانڪ سنڌ جون حالتون هميشه ابتر رهيون آهن ۽ سنڌي پنهنجي بقا لاءِ هميشه وڙهندا رهيا آهن)
مان دعويٰ سان ٿي چوان ته سنڌ جي تاريخ اها نه آهي. سنڌ جي ڌرتيءَ دل ۾ جايون ڏنيون انهن کي جن ان جو قدر ڪيو. آخر هيءَ ڌرتي ڪيستائين اسان جو تحفظ ڪندي. جڏهن ته اسان پنهنجي هٿ سان ان جو قدر ۽ اهميت وڃايون پيا. ڊڄڻ کپي اسان سڀني کي ته ڪن ڌرتي واسين جي غلط اعمالن جي ڪري هيءَ ڌرتي اسان کي ڌڪي ٻاهر نه ڪڍي ڇڏي. اُن وقت وجود ۾ نفرت ڪرڀ ڀرجي ويندي آهي جڏهن فائيواسٽار هوٽلن جي ايئرڪنڊيشن ماحول ۾ سوالن جا جواب ڏيندي، اسان جا ڏاها جيڪي ڳالهيون ڪندا آهن جيڪي رستا ۽ واٽون ڏسيندا آهن. هن ڏتڙيل ۽ بي حال قوم کي خوابن جي دنيا جو سير ڪرائيندا آهن. ان وقت اسان جهڙن ننڍڙن ماڻهن جي دل ۽ دماغ مان ٺڪاءُ نڪري ويندا آهن. وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ته وڏن دانائن کي اچن. اسان جهڙا ننڍا اديب ڪري به ڇا ٿا سگهن. اديب ته محبت ۽ امن جو پيامبر هوندو آهي پوءِ اها منافقت اديب کي نه ڪرڻ کپي ته هو سچ کي سچ نه چوي ۽ ڪوڙ جا ٽڪساٽ نه ٽوڙي سگهي. اهڙيون حالتون ڏسي ڪري ڪو اديب مون وانگر سڌي سنئين ڳالهه ته چون ته اديب امن جو پيامبر آهي هو ماڻهو جي نفرت جو سبق نه ڏئي. مان سمجهان ٿي ته اديب جي لکڻين ۾ ايتري سگهه هجي، هو پڙهندڙ کي اهو پيغام ڏيئي سگهي ته پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار کڻڻ يا جنگ جوٽڻ ۾ ڪا به خرابي نه آهي. اڳرائي نه ڪجي پرجي ڪو حملا آور ٿئي ٿو ته مقابلي ڪرڻ جي قوت ۽ همت هئڻ کپي. تاريخن جا وڏا فيصلا ۽ بقا جون جنگيون بندوقن جي نوڪن تي ئي ٿيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن زهر کي زهر سان ئي ختم ڪبو آهي. قومن جي بقا ۽ امن لاءِ وڏا وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن اُهي فيصلا ڪير ڪندو؟ هن ڏتڙيل ماڻهن جي مٿان ڪير هٿ رکندو......؟ ڇا اهڙن رهبرن ۽ قوم جي ليڊرن پٺيان هلڻو پوندو جن سوچون ته ڏنيون. وڏا وڏا نعرا ته هنيا. پر صحيح واٽ نه ڏيکاري. اُن سنڌ جي نعري پٺيان نوجوانن کي باغي ۽ بي راهه روي جو شڪار ڪيو. نوجوان کي هٿيار ڏيئي پڙهائيءَ کان پري ڪيو. پنهنجي ذاتي مقصدن جي لاءِ هن قوم جي نوجوانن استعمال ڪيو. ڌاڙا هڻايا ويا. چوريون ڪرايون ويون. انسانن جي اغوا ۽ ڀنگ جو ڪاروبار ڪرايو ويو. ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته جڏهن ڪو ماڻهو اغوا ٿيندو آهي ته ان جا وارث ڪيترن اعليٰ مرتبه قوم جي رفيقن هڏڏوکي ۽ همدردن جي اوطاقن ۽ حويلين ۾ مدد لاءِ ويندا آهن. انهن ئي قوم جي مهندارن ۽ رهبر جي تعاون سان ڀنگ ڀري، يا نه ڀري پنهنجو اغوا ٿيل ماڻهو هٿ ڪبو آهي. هڪ محفل ۾ هڪ سمجهدار ماڻهو هيءَ ڳالهه ٻڌائي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. ان ٻڌايو ته ڪنن سان ٻڌڻ ۽ پوءِ اکين سان ڏسڻ سان وڏو فرق ٿو پوي. ان ٻڌايو ته هو هڪ اهڙي قوم جي رهبر جي گهر ويو جنهن جو وڏو نالو آهي.ان لاءِ اهو مشهور آهي ته اُن جو پٽ ان علائقي جو وڏو پاٿاريدار آهي. اُن ات پنهنجي اکين سان ڏٺو ته اُن جي وڏي گهر ۾ گهڙڻ کان پوءِ ان جيڪي عجيب قسم جا ماڻهو ڏٺا جيڪي ٽيبل جي چوطرف بيٺا هئا ۽ حساب ڪتاب پئي ڪيائون ۽ ٽيبل ڳاڙهن ساون نوٽن سان ڀري پيئي هئي. اُن ٻڌائڻ واري ٻڌايو ته ٻڌو ته گهڻو هيم پر جڏهن اکين سان ڏٺم ته رهي ڪونه سگهيس. اُن قوم جي رهبر مهان انسان کي وڃي شڪايت ڪيم ته سائين معنيٰ ته ماڻهو سچ ٿا چون!!! اهو سڀ ڪجهه نه ٿيڻ گهرجي، اُن مهان شخص ڏند ڪرٽيندي ڪاوڙ مان جواب ڏنو “ڇو منهنجو پٽ سپ ته ڪونهي جو مٽي کائيندو آخر ان کي به چڱي گذران لاءِ پئسا گهرجن.........!!!
منهنجون سوچون منهنجو وجود فراريت جي راهه تڏهن ڳولهيندو آهي جڏهن چوطرف ڪوڙ جو ٽڪساٽ ۽ بي راهه روي جو وايو منڊل مڊنجي ويندو آهي. دل چاهيندي آهي ته اهڙي ماڻهن کي سرعام بڇڙو ڪجي يا وري پنهنجي عزت بچائي اکيون ٻوٽي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏجي. ڪجهه به نه ٿيندو ڪجهه به نه ٿيندو. اوستائين ڪجهه به نه ٿيندو، جيستائين اسان جا ڏاها وقت جي نزاڪت نه سمجهندا. پنهنجي قوم جي صحيح تربيت نه ڪندا....۽ ها جيستائين اسان هن قوم جي ڪوڙن رهبرن ليڊرن کان جان نه ڇڏائي سگهنداسين. ڪاش اهو ڏينهن به اچي جو قلم ۾ اها سگهه اچي جو هنن ڪوڙ جي ٽڪساٽ جي ڪردارن جي منهن تي چڙهيل هي ڪوڙا هيبت ناڪ ماسڪ لاهي هن قوم جي ماڻهن کي اُنهن جي اصل شڪل ڏيکارجي جيڪا انهن جي چهرن تي چاڙهيل ماسڪن کان به وڌيڪ مڪروه ۽ ڀيانڪ آهي.

آچر 4 آڪٽوبر 1992ع

بيمار لاچار اديب ۽ اسان جي اديبن جو فرض

سنڌ ڪلچرل ڪائونسل جو صدر ستار ڀٽي هڪ محنتي ۽ ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. هن تنظيم جي نالي هيٺ ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيترائي سٺا پروگرام ڪيا ويا آهن. هر هڪ مسئلي تي ڪيترائي اخباري بيان هيءَ تنظيم ڪڍندي رهندي آهي. ستار ڀٽيءَ جا ڪلچرل ڪائونسل تحت ڪرايل پروگرام جيڪي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيا آهن، اهي سڀ گهڻو ڪري مون اٽينڊ ڪيا آهن. سندس اها ڪوشش هوندي آهي ته هر چڱي نالي وارو سندس پروگرام ۾ ضرور اچي. اُن ڪري جذبات ۾ اچي هو ڇا ڪندو آهي جو ڪارڊن ۾ هڪڙا نالا ڇپرائيندو آهي ته اخباري بيانن ۾ ٻيا نالا هوندا آهن. جيڪي خاص مهمان ۽ صدارت جي ڪرسي تي ويهڻا هوندا آهن ۽ اُهي جن کي مقالا پڙهڻا هوندا آهن، اُنهن کي خبر ئي نه هوندي آهي ته اُنهن کي اُن پروگرام ۾ وڃڻو آهي. پوءِ ٿيندو ڇا آهي جو ڪاردن ۾ هڪڙا نالا هوندا آهن، اخباري بيانن ۾ ٻيا ته پروگرام ۾ ماڳهين ٽيان موجود هوندا آهن..... ستار ڀٽيءَ جي اڻڄاڻائي آهي يا معصوميت جو هو سڀ ڪجهه ائين ڪري پروگرام ڪري ويندو آهي، پر مان سندس اهي ڳالهيون درگذر نه ڪندي آهيان کيس سمجهائيندي آهيان. مون کي صرف اهو خيال هوندو آهي ته جڏهن ستار ڀٽي هيڏا پئسا خرچ ڪري مقالن جا موضوع به سٺا کڻندو آهي، مٿان وري کاڌي پيتي جو به چڱو انتظام هوندو آهي ته پوءِ اهڙا پروگرام ٿورو ترتيب ۽ هوم ورڪ سان ڪيا وڃن ته ڪهڙو نقصان........؟
بهرحال تجربن مان ئي هر انسان سکندو آهي. هاڻ آئنده پروگرام ائين ٿيندا جو گهٽ ۾ گهٽ ستار ڀٽي اها شڪايت نه ڪندو ته اديب دانشور ساڻس تعاون نه ٿا ڪن ۽ اديب دانشورن کي به ڄاڻ هوندي ته اُنهن کي پروگرام ۾ وڃي ڪو ٻوٽو ٻارڻو آهي........
ستار ڀٽيءَ جو ذڪر مون ان ڪري ڪيو آهي جو هن تازو به اخبار جون خبرون مون ڏي موڪليون آهن ۽ چيو اٿس ته ادي سلطانه هنن موضوعن تي به ڪجهه لکو. انهن خبرن مان هڪ خبر اها آهي ته اڄ ڪلهه جيڪو بيمار اديبن ۽ فنڪارن سان اسان جي حڪومتي ادارن جو ورتاءُ آهي، انهن بيمار اديبن ۽ فنڪارن سان اسان جا حڪومتي ادارا ڪيتري مدد ڪن ٿا. اگر نه ٿا ڪن ته پوءِ اُن مسئلي جو حل ڇا آهي......هي هڪ اهم موضوع آهي اسان هميشه اخبارن ۾ پڙهندا رهندا آهيون ته فلاڻو اديب ۽ فلاڻو فنڪار بيمار آهي. مرڻينگ حالت ۾ آهي، ڪلچر ڊپاٽمينٽ يا فلاڻا ڪي فلاڻا ادارا اُنهن جي مدد ڪن، اُن جو علاج ڪرائين.....؟ اهي بيان مختلف تنظيمن ۽ سماجي ادارن طرفان ڇپجندا رهندا آهن.
هاڻ هن مسئلي جي اهميت تي گهري نظر وڌي وڃي ته اها حقيقت سامهون ايندي ته سنڌي فنڪارن ۽ اديبن جو گهڻو تعداد اهڙو آهي جيڪو معاشي مسئلن جو شڪار آهي. اهڙا اديب ۽ فنڪار به موجود آهن جيڪي خوشحال آهن، پنهنجي نوڪرين مان پنهنجي ڏات ۽ آواز مان اُنهن ڪافي ڪجهه ڪمايو آهي..... ها پر اصل مسئلو انهن جو آهي جيڪي آڻين ۽ چاڙهين ٿا ۽ قلم جي وسيلي وجود جي جنگ جاري رکندا پيا اچن...... حڪومتي ادارا ۽ اُنهن جا فرض ڪهڙا آهن يا وري کڻي ائين چئجي ته اهي حڪومتي ادارا هلن عوام جي ٽئڪس جي پئسن سان ته پوءِ اُنهن جو فرض آهي ته هو به ڏک سک ۾ سنڌي فنڪارن ۽ اديبن کي نظر انداز نه ڪن.....
اهي ته ٿيون اُهي سڀ ڳالهيون جيڪي اسان ڏسون ۽ ٻڌون پيا. هاڻ اچون ٿا ٻئي پاسي...... اهو ٻيو پاسو اهو آهي ته ڇا سنڌي اديبن ۽ دانشورن ۽ فنڪارن لاءِ صرف حڪومتي ادارا ئي ڪجهه ڪري سگهن ٿا باقي اُنهن جو پنهنجو فرض ڪهڙو آهي؟ مان اهو سوچيندي آهيان ته ڪشڪول هٿ ۾ کڻي ٻاڏائڻ يا وري اخباري بيانن ذريعي حڪومتي ادارن کي وقت بوقت احساس ڏيارڻ ۽ وري اُنهن جو مذمتون ڪرڻ مان هن وقت تائين ڇا هڙ حاصل ٿيو آهي؟ ڇا اهو نه سوچڻ گهرجي ته فنڪار ۽ اديب پاڻ پنهنجي لاءِ هڪ ٻئي لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهن؟ اديب ۽ فنڪار اهڙو حساس طبقو آهي جيڪو جوانيءَ ۾ ئي بيمارين ۾ وڪوڙجيو وڃي ۽ اڃا جوانيءَ جي سرحد به پار ڪو نه ٿو ڪري ته جهريو پوي....مختلف تنظيمون ۽ ادارا ۽ هڏ ڏوکي ماڻهو ته پنهنجي ليکي اخباري بيان ڪڍيو همدرديون ڪيو ويٺا آهن. پر سوچجي ته اهو خيرات وارو حق آخر ڪيستائين ملندو ۽ ڪيترن کي ملندو.....؟ ڇا اهو حڪومتي ادارن وٽان ملندڙ حق صحيح معنيٰ ۾ حقدارن کي ملي ٿو يا وچ مان اهي ئي کڻي وڃن ٿا جيڪي هونئن به خوشحال آهن. گهڻو ئي ڪمايو اٿن سندس اولاد به وڏين نوڪرين ۾ آهي هلندي پڄندي وارا اديب فنڪار اُهو حق حاصل ڪري وڃن ٿا ۽ اصل ۾ ضرورتمند، بيمار اديب ۽ فنڪارن کي اهو حق ملي ٿو يا نه ٿو ملي.........؟ ان ڳالهه جو جواب ڪنهن وٽ آهي.......؟ جواب به موجود آهي ۽ اُن جو حل به موجود آهي. ڪيترين اهڙين گڏجاڻين ۽ سيمينارن ۾ جت مان وارا اديب گڏ ٿيندا آهن اُت هن موضوع تي به ذڪر ٿيندو رهندو آهي. هڪ ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي آهي ته گهڻو ڪري هر اديب ۽ دانشور توڙي فنڪار ان ڳالهه کي سٺو نه سمجهندو آهي ته هروڀرو همدردي حاصل ڪري ڪشڪول ڦهلائجي. جيڪي تنظيمون ۽ ادارا همدرديءَ ۾ اچي بيان ڪڍن ٿا ۽ تعاون ڪن ٿا ان جي همدردي ۽ نيڪ نيتي تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي. ڀلا پوءِ ڇو نه ائين ڪجي جو هي سڀ پاڻ ۾ گڏجي هڪ اهڙو قدم کڻڻ جو هروڀرو حڪومتي ادارن جو محتاج نه ٿجي.
ياد ٿو اچيم هڪ سيمينار ۾ جت سنڌي ادب جا ڪيترائي ڏاها جهڙوڪ امر جليل، سراج، شمشير، تاج بلوچ، هدايت بلوچ، قمر شهباز، غلام علي الانا صاحب ف م لاشاري، انور پيرزادو وغيره سڀ جمع هئا اُت به اهو موضوع نڪتو هو. اُت سراج الحق اها تجويز پيش ڪئي ته...... “سنڌي ادب، اديبن کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اديبن جي هڪ “گلڊ” قائم ڪئي وڃي.” هن صاحب اهو به چيو ته، هن “گلڊ” جو سنڌي ليکڪن جي انهيءَ تنظيم جو وقت جو حڪومت سان ڪوبه تعلق نه هوندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته عوام جي محصولن تي هلندڙ حڪومت تي اسان جو پڻ حق آهي......”
اها هڪ اهم تجويز هئي. اگر هن تجويز کي عملي جامو پهرايو وڃي ته اها اديبن لاءِ تمام وڏي ڀلائي ٿيندي. منهن جي راءِ آهي ته سراج صاحب ۽ ٻين اديبن کي گڏ ڪري اهڙي گلڊ جو بنياد وڌو وڃي. اهڙي قسم جي گلڊ جو بنيادي مقصد ئي اديبن جي ڀلائي هجي. بيمارين کان علاوه ٻيا به مختلف مسئلا آهن. جيئن ته ڪن لکندڙن کي عدالتن تائين ڇڪيو ٿو وڃي. اُنهن جي لکڻين جي عيوض.....اُنهن جي به مدد ڪري سگهجي ٿي. مقصد ته اديبن کي هر قسم جو تحفظ ملڻ گهرجي. اهڙي گلڊ کي پنهنجو پئسو به هجي. پئسو جمع ڪرڻ مشڪل نه هوندو آهي، منهنجو تجربو آهي ته ڪم ڪندڙ تنظيمون جن جا ورڪر محنتي آهن اهڙين تنظيمن کي پئسا حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي ڪا نه ٿيندي آهي.......
منهنجي تجويز آهي ته اهڙي گلڊ قائم ڪرڻ ۾ ٻه ادارا مدد ڪري سگهن ٿا. اُنهن مان هڪ آهي سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻي آهي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن: هي ٻيئي ادارا مستند ۽ ڄاتل سڃاتل آهن. هن ادارن جو شاخون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن. پوءِ ڇو نه هنن تنظيمن جي تعاون سان هڪ سنڌي اديبن جي گلڊ قائم ڪئي وڃي. گلڊ جي پنهنجي الڳ حيثيت هوندي. هن گلڊ ۾ اها ڳالهه به رکي وڃي ته هر اديب ۽ ادب دوست پنهنجي حيثيت مطابق هن گلڊ ۾ هر مهيني مدد ڪري. ضروري نه آهي ته ڪي گهڻا پئسا ڏجن هر شخص پنج رپيا به ڏئي ته به گهڻو ٿي پوندو.......
سنڌي ادبي سنگت ان سلسلي ۾ مضبوط ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. انڪري ادل سومري کي گذارش آهي ته سراج صاحب، شمشير الحيدري، قمر شهباز، امداد حسيني، ۽ ٻين اديبن سان ملي ڪري ان سلسلي ۾ اڳتي قدم کنيو وڃي.
ان کان علاوه ٻين تنظيمن جو تعاون به حاصل ڪيو وڃي. ڇو ته هاڻ برداشت کان مٿي ٿي ويو آهي هروڀرو جون اپيلون ڪرڻ ۽ ڪشڪول ڦهلائڻ.
انفرادي ڳالهين کان وڌيڪ مضبوط هوندا آهن اجتماعي طور کنيل قدم جڏهن اهڙي گلڊ ٺهي ويندي ته پوءِ اُن مضبوط پليٽ فارم جي بنياد تي حڪومت سماجي ادارن جهڙوڪ يونيسيف وغيره سڀني سان ڳالهائي سگهجي ٿو. اچو ته گڏجي پنهنجي ماڻهن لاءِ سک ۽ شانتي جون واٽون کوليون ۽ ٺاهيون......
آچر 11 آڪٽوبر 1992ع

وسي ته ٿر – نه ته آهي برُ

ٿر جي حوالي سان ڪيتريون چوڻيون مشهور آهن جهڙوڪ: “وسي ته ٿر نه ته آهي بر”- “ڀرڻو اٿئي گهر ته ٿي وڃ آفيسر ٿر”، وغيره وغيره.
ٿر سنڌ صوبي جو اهو علائقو آهي جيڪو پنهنجي منفرد سماجي ۽ ثقافتي حيثيت رکي ٿو. . . . شاهه لطيف ۽ ان کان اڳ ۽ پوءِ جي سڀني شاعرن ٿر کي دل سان ڳايو آهي. لکندڙن ٿر جي ڏڪار واري حالت ۽ سڪار واري خوشيءَ کي پنهنجي قلم جي ذريعي ماڻهن تائين پهچايو آهي. منهنجي ذهن ۾ به ٿر جو هڪ خيالي خاڪو موجود هو. ڇو ته مان ٿر کي ڏٺو نه هو ان ڪري ٻڌل ڳالهين، تصويرن ۽ ٿر تي لکيل مضمونن جي حوالي سان ٿر جي هڪ تصوير ذهن ۾ موجود هئي. گذريل هفتي اُتان جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالقادر منگي جي دعوت تي جڏهن اديبن ۽ صحافين جو لڏو ٿر ياترا لاءِ روانو ٿيو ته ٻين سان گڏ مان به ات موجود هيس. اڄ ٿر ۾ مزا لڳا پيا آهن. اخبارن ۾ پڙهيو هيوسين ته ٿر ۾ اڄ ڪلهه وسڪاري سبب چئني طرف ساوڪ ڦهليل آهي. مارو وري موٽي پنهنجن ماڳن تي آيا آهن.
مارئي جي مارن جو ٿر پنهنجي ڪشش سان. اسان کي ڇڪي وٺي آيو پاڻ وٽ. ٿر وڃڻ کان اڳ ڪيترائي دفعه ذهن ۾ پروگرام ٺاهيو ۽ ڊاهيو هيم. اسان نوڪري ڪندڙ عورتن لاءِ مسئلن جي ڪمي نه هوندي آهي. ننڍڙا ٻار انهن جون ذميداريون، صحت صفا ٺيڪ ڪو نه، مٿي جي سور سان مستقل دوستي پوءِ به جيڪو قرب سان ڪوٺ ڏئي ته پوءِ نه ڪرڻ جي گنجائش نه رهندي آهي.
ها سائين هڪ ٻئي جي ٽيڪر ۽ سهاري تي وڃي ٿر نڪتاسين. ٿر ڪانفرنس ۾ پري پري کان اديب ۽ صحافي آيا هئا. عورتن جو تعداد به ڪو گهٽ نه هو. هونئن به لڳو ائين پئي ته دعوتين کان وڌيڪ بي دعوتي پهچي ويا آهن. ڪن چڱن سمجهدارن ماڻهن ته ائين به ڪيو ته دعوت ته صرف انهن کي هئي پر پاڻ سان گڏ انهن ٽي چار ٻيا به کڻي کنيا. اهو سوچڻ بنا ته پرديس ۾ جنهن دعوت ڏئي گهرايو آهي، ان کي خبر به آهي يا نه . . . . انتظام کان وڌيڪ مهمانن جو جمع ٿي وڃڻ ميزبانن لاءِ تڪليف ده به ٿي سگهي ٿو. پوءِ به سڀني ڏٺو ته خوش رکڻ جي ڪوشش به ڪئي ويئي.
ٿر ڪانفرنس ۾ تقريرن ۾ سڀ کان پهريائين اتان جي ميزبان عبدالقادر منگي صاحب اصل مقصد واضح ڪيو ته هيتري ڏاهن ۽ دانشورن کي ٿر ڇو ڪوٺايو آهي. هن وضاحت سان دل کولي پنهنجي اندر جي ڳالهه ڪئي ۽ تعاون ۽ مشورا گهريائين ته ٿر جي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي. . . . . ان کان پوءِ ٻن نشستن ۾ ڪافي اپٽار ڪئي وئي ٿر جي باري ۾ . . . . رات جو ميوزڪ جو پروگرام هيو جيڪو سڄي رات هليو ۽ وري سڀني مهمانن کي ٿر جو سير ڪارونجهر تائين هڪ يادگار سفر هو. ايترو ته مزو ۽ پنهنجائپ هئي جو ڪٿ به ذهني ۽ جسماني ٿڪاوٽ محسوس نه ٿي. ٿر جي ريگستان ۾ جيپن ۾ لوڏا مضبوطي سان هڪ ٻئي کي جهلي ويهڻ جي باوجود به سيٽن تان ترڪي هڪ ٻئي جي مٿان ڪرڻ. هر انسان جي وجود ۾ هڪ ٻار هوندو آهي اسان سڀني ساٿياڻين جي اندر جو ٻار ان وقت جاڳي پيو هو. هڪ گاڏيءَ ۾ جيڪي اسان اٺ ڄڻيون ويٺيون هيون سين ات اسان زندگي جو اصل مزو ورتو. اسان سڀني ايترو ته گهڻو ڳالهايو ايترا ته گهڻا ٽهڪ ڏنا جو اڄ به سوچيان ٿي ته عجب ٿو لڳيم. . . .
ٿر جي ماڻهن کي ڏسي پري پري تائين جهانگيئڙن جا جهوپڙا اڏيل ڏسي. واري جي ڀٽن جي مٿان اڏيل گهر ۽ ٿرياڻيون پاڻيءَ جا گهڙا کڻي کڏنديون لمنديون پئي ويون. شاعراڻين نگاهن سان ڏسجي ته عجيب رومانٽڪ ماحول هو. ڪيتري شاعري ڪري سگهجي ٿي ٿرياڻيءَ جي ان لوڏ تي. ها پر ويجهو وڃي ان جو اندر ڪوري ڪنهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، گرم واري تي پيرن اگهاڙي هلندڙ وجود جي پيرن تي ڪنهن لڦون ۽ زخم ڏٺا آهن؟ پنهنجي جهوپن مٿان سڪايل چڀڙ ،گوار، موڪ ميها ۽ ٻيون ڀاڄيون جيڪا انهن جو کاڄ آهن ڇا اسان جهڙا ماڻهو ٻه ڏينهن لاڳيتو اهو سڀ ڪجهه کائي سگهون ٿا؟ . . . . چون پيا ڪي ماڻهو ته ٿر ڏانهن توجه ان ڪري به گهٽ آهي جو هي سرحدي علائقو آهي هت روڊ رستا ٺهندا سهولتون اينديون ته پوءِ اسان جي ملڪ لاءِ چڱو نه ٿيندو. هونئن به ٿر جي پنهنجي اوريجنل سڃاڻپ ۽ خوشبو آهي، ان کي نه مٽائڻ گهرجي. ڪيتري ته غلط سوچ آهي ڀلا لاهور شهر به ته صفا باڊر تي آهي ات ڀلا اهي روڊ رستا محل بنگلا ۽ خوشحالي ڇو آهي؟ . . . . ڇا بک بيماري، غربت سهولتن جي اڻاٺ رڳو ٿر واسين جي نصيبن ۾ لکيل آهي. . . . .؟ هڪ ڏاڍو بزرگ ۽ سمجهدار ماڻهو ان کان مون پڇيو ته سائين هيڏا ادارا ۽ ماڻهو ۽ حڪومتي ادارا هر وقت ٿر ٿر پيا ڪندا آهن. ڪي ٻانهن ٻيلي ته وري ڪي دوست ٻيلي سڀ پيا ٿر ايندا آهن. ان کان سواءِ ٻاهر جي سماجي تنظيمن جي حوالي سان به ڪافي ٿر ۾ ڊوڙ ڊڪ ڪئي ويئي آهي. اوهان ٻڌايو ته هن وقت تائين انهن ڇا ڪيو آهي “انهن جي ڪم جي رفتار ڪهڙي آهي وغيره وغيره ان بزرگ ماڻهو ڏاڍي سنجيدگي سان چيو ته ها امان هت ڪافي ڪم ٿيو آهي. سڀ کان پهرين ته انهن کي لهر نه لوڏو – گهرن ۾ ايئر ڪنڊيشن لڳرايا اٿن. انهن جا مهمان ٿر گهمڻ ايندا آهن. پوءِ اسان کي چيو ويندو آهي ته اهي اوهان جا مهمان آهن انهن کي سٺا کاڌا کارايو پوءِ اسان به مهمان نوازي جو پورو پورو ثبوت ڏيندا آهيون. هي ٿر آهي امان جت سڀڪو لانگ بوٽن سان ايندو آهي ۽ ٿرين مٿان دهشت ڦهلائي هليو ويندو آهي. مان سوچيندي رهيس ته هن پوڙهي ڪيترو نه سچ ڳالهايو آهي. . . . مٺي شهر ۾ منجهند جي ماني کائي ٻاهرين پاسي ڪرسيءَ تي اچي ويٺس ته اتان جي ڪن غريب ٿرين به ماني پئي کاڌي. هڪ هيڏو سارو وڏو ڇوڪرو ٻئي ماڻهو کي ڪڪڙ روسٽ جو ٽڪر ڏيکاريندي پڇي پيو ته هن کي ڪيئن کائبو آهي . . . . .!! منهنجي دل ۾ مونجهه پئي ٿي. اسان جيڪي ٿر ڪانفرنس اچي گڏ ٿياسين ڇا اسان انهن جو نصيب مٽائي سگهون ٿا؟ اهي ڪانفرنسون ۽ اهي گڏجاڻيون ۽ اهي ميل ميلاپ به سٺا پر اسان ان کان پوءِ ڇا ٿا ڪري سگهون؟ صرف کاڌا کائي گهمڻ ڦرڻ مسئلن جو حل نه آهي. ٿر بهرحال سنڌ جو حصو آهي ان کي هر قسم جي ڪوٽا ملندي هوندي. اسان جو هڪ وزير اعظم ۽ هاڻوڪو وزير اعليٰ ٻنهي جو تعلق ٿر سان آهي، انهن ڇا ڪيو آهي ٿر لاءِ . . . ؟ هيڏا پئسا هيڏيون امدادون ڪاڏي ويون. . . . ؟ ترقيءَ جو بنياد تعليم ۽ شعور سان ٿيندڙ آهي. اتي ڪيترا اسڪول کوليا ويا آهن؟ جهنگل ۽ ويرانين ۾ رهندڙ جهوپن وارن کي ڪيتريون اسپتالون ميسر آهن؟ بجلي ۽ پاڻيءَ جون سهولتون انهن کي ڇو ڪين ميسر آهن؟
ٿر کي گهمڻ سان جيڪو سڪون، مزو مليو اهو پنهنجي جاءِ تي پر جيڪا نراسائي حاصل ٿي آهي ان جو به انت ناهي. ات ڪن گهر واسين کان پڇيوسين ته ڏڪار جي حالت ۾ اوهان ڪاڏي ويندا آهيو ته چوڻ لڳا ته “سنڌ” ملڪ هليا ويندا آهيون. جڏهن وسڪارو ٿيندو آهي ته پنهنجي “ٿر ملڪ” ۾ موٽي ايندا آهيون . . . . . ٿر ملڪ ۽ سنڌ ملڪ، عجيب ڳالهيون هيون انهن جون . . . . هي سڀ ڪجهه به سٺو پر ان کان پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ . . . . . صرف کاڌي پيتي مان هڙ حاصل نه ٿيندو. منهنجو خيال آهي ته عبدالقادر منگي صاحب سڀني کي گڏ ڪري چڱو ڪيو پر ان گڏ ٿيڻ جي افاديت ختم ٿي ويندي اگر ان افاديت لاءِ اڃا به اڳتي قدم نه کنيا ويندا . . . . . .
ٿر اڃا به اهڙو آهي، جهڙو شاهه جي دور ۾ هو. انسان ترقي ڪري ڪٿي کان ڪٿي وڃي پڳو آهي ۽ سنڌ ڌرتي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ رهندڙ ويچارا مارو اڄ به بنيادي ضرورتن کان محروم آهن. رکو اٽو به گهر ۾ هوندن ته پيا شڪر ڪندا . . . . . انهن ته دنيا اڃان ڏٺي ئي ڪانهي ۽ نه وري ڪنهن انهن کي هيءَ دنيا ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. . . . سنڌ جا رهواسي جيڪي سماجي ريتن رسمن ۾ ٻڌل آهن، اقتصادي طور ڪمزور آهن. هڪ مخصوص طبقو جيڪو انهن جي مٿان حاوي آهي ۽ اهو طبقو انهن لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري پاڻ اڃا به رستا بند ٿو ڪري. پاڻ وڌائڻ لاءِ مسئلن جو حل ڳولهڻ لاءِ انسان شعور جي جنگ وڙهندو آهي. شعور ۽ روشني تڏهن هوندي جڏهن علم حاصل ٿيندو . دل ۾ خواهش اٿم ته اسان جا وس وارا هي سڀ آفيسر، اسيمبلين جا ميمبر پنهنجي علائقن ۾ پاڻ پتوڙين ته نه صرف انهن جو نالو ٿيندو پر ڌرتي واسين جو نصيب به کلي پوندو. اهو سوال هميشه موجود رهيو آهي ته آخر ائين ڇو نه ٿو ٿئي ۽ اگر ٿيندو ته ڪڏهن ٿيندو؟

آچر 1 نومبر 1992ع

شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ورهايل سنڌ

ان ڏينهن ڳالهيون ڪندي اسٽاف روم ۾ هڪ ليڪچرار نڪ کي موڙو ڏيئي نفرت انگيز انداز ۾ چيو، “هي سڀ ديهاتي ڀڳا بيٺا آهن شهرن ڏي، ۽ اسان جو حق مارين ٿا. اهي سڀ سک سان پنهنجن ڳوٺن ۾ ڇو ڪين ٿا ويهن، داخلائون کين ته به شهرن ۾، نوڪريون کپن ته شهرن ۾.” جواب ۾ مون چيو ته “سنڌ جا شهر به ته آخر سنڌ واسين جا آهن. انهن جي مرضي جت به وڃن يا ويهن ڪنهن کي به اعتراض نه ڪرڻ گهرجي.” ان محترمه وري چيو ته “هي ڪراچي ماڇين ۽ ميربحرن جي بستي هئي جنهن کي اچي اسان ٺاهيو ۽ آباد ڪيو آهي. پوءِ ته بحث گهڻو وڌي ويو. مان صرف اهو چيو ته ڪراچي يقينن ميربحرن جي بستي هئي ۽ آهي اڃا به اهي سڀ سمونڊ جي ڪناري تي آباد آهن. ڇو ته سمنڊ، ميربحر ۽ مڇين جو واسطو ته ٽوڙي ئي نه ٿو سگهجي. پر ڇا ڪراچي شهر ۾ اڄ کان پنجيتاليهه سال اڳ ڪجهه به ڪين هو، جو هنن هت اچي سڀ ڪجهه ٺاهيو آهي . . . .”
اها ساڳي ڳالهه ڪجهه وقت اڳ مان جنگ اخبار جي هڪ ڪالم ۾ به پڙهي هئي. افسوس ته صرف اهو آهي ته اهڙن غلط ڳالهين جو جواب صحيح طريقي سان ڪو نه ٿو ڏنو وڃي، سچ ته اهو آهي ته ڪراچي شهر ۾ هر اهم بلڊنگ، سرڪاري ادارا، تعليمي ادارا، اسٽيشنون مطلب ته هر اهم مرڪز پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو ٺهيل آهي. هونئن به ڪراچي شهر وڌيو ضرور آهي. وقت ۽ آدمشماري جي تناسب سان شهر وڌندا ۽ وسيع ٿيندا آهن. جت سهولتون روزگار جا وسيلا هوندا ته ضرورتمند ان طرف ئي رخ ڪنداآهن. اها حد بندي مقرر ڪرڻ جو حق هڪ آيل ۽ پناهه وٺندڙ گروهه کي ته ڪونهي. آخر انهن جي اهڙي سوچ ڇو آهي؟ جڏهن اهو گروهه هت پناهه وٺڻ آيو هو ته انهن کي گهر گهاٽ، نوڪريون سڀ ڪجهه ميسر ٿيون. آخر اهي سڀ گهر گهاٽ ۽ نوڪرين جا وسيلا هت موجود هئا تڏهن ته انهن کي مليا. باقي اهو چوڻ ته ڪراچيءَ ۾ ڪي ڪو نه هو. هتان جا رهواسي ته رڳو مهاڻا هئا. سنڌي جاهل آهن، سنڌي ڄٽ آهن، ڌاڙيل ۽ جهنگلي آهي، سڀ سنڌي. اها سڄي پروپيگنڊا ڇو ڪئي وئي ۽ اڃا تائين به ان پروپيگنڊا جو تسلسل موجود آهي. هي گروهه ته پاڻ کي کڻي ڪيترو به علم تهذيب وارو ڪوٺائي. انهن جي اصليت اسان جا وڏا اسان کي ٻڌائيندا آهن ته ڇا هئا. . . . . پر افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اسان پاڻ خود به هن پروپيگنڊا جا جوابدار آهيون. اسان کي پنهنجي اندر جهاتي پائي امين ٿي فيصلو ڪرڻو پوندو.
هاڻ انيڪ سوال آهن سڀني سجاڳ سمجهدار ماڻهن کان خبر اٿم ته اسان هڪ عظيم تهذيب جا باني آهيون، غيور، غيرت ۽ شان وارا آهيون. اسان جي تاريخ آهي جيڪا موهن جي دڙي سان وڃي ملي ٿي. سنڌ جون تاريخون پڙهندي آهيان ته فخر سان ڳاٽ اوچو ٿي ويندو اٿم، سوچيندي آهيان، “اول به سنڌ هئي آخر به سنڌ رهندي”، ڪي اوڻاهيون، ڪي برايون، ڪي ظلم ڪي زيادتيون ڏٺيوسين ۽ وڏن کان ٻڌوسين به ته ڪنهن زماني سنڌ ۾ هيئن به ٿيندو هو. منهنجو ذهن هميشه انهن اوڻاين ۽ چڱاين جي پاڻ ڀيٽ ڪندو آهي. انهيءَ ڀيٽ ۾ هميشه چڱايون گهڻيون ٿي وينديون آهن ۽ انهن اوڻاين کي پاسيرو ڪري ڇڏيندي آهيان. نشاندهي ڪئي اٿم انهن براين جي ننديو هوندم انهن ڳالهين کي جيڪي اسان ۾ نه هئڻ گهرجن.
پر هي ڇا؟ اسان هن ويهين صديءَ جي آخر ۾ هن ائٽمي دور ۾ جت جيئڻ به جنجال آهي. جت پيٽ قوت لاءِ هر ڪو ٻيو پاڻ پتوڙي. جت اڄ هڪ زال پالڻ به مسئلو آهي جت اڄ ٻچن کي سٺي تعليم ڏيارڻ ۽ انهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. اڄ اسان وٽ غريب ايترو غريب آهي جو کائڻ لاءِ رکو اٽو ڪو نه اٿس. وچولو طبقو معاشري جي نفسا نفسي ۾ زال مڙس ڪم ۾ رڌل آهن ته به پورت نه آهي. مطلب ته سنڌ جو هر طبقو سواءِ سياستدانن ۽ ڪامورن جي جن پنهنجو ضمير به وڪڻي ڇڏيو آهي. باقي ٻيا سڀ جيون جي ڊوڙ ۾ ٿاڦوڙا پيا هڻن. انهيءَ سڄي انداهي واري ماحول ۾ جڏهن ته اسانجي بقا به خطري ۾ آهي ته اسان ڇا پيا ڪريون؟ ٽي وي، ريڊيو ۽ پريس هڪ وڏي ميڊيا آهن. ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي ته اسان ات اهڙي قسم جون تحريرون ڏيندا آهيون جن ۾ ٽن ڳالهين جو پرچار ٿيندو اهو سنڌي ظالم آهن، سنڌي ڌاڙيل آهن، سنڌي ڀوڪ آهن . . . .!! مڃون ٿا ته هر قوم ۾ اوڻايون هونديون آهن پر جهڙي طرح سان اسان ميڊيا جي ذريعي اهي اوڻايون ڏيکاريندا يا ٻڌائيندا آهيون جيڪي ڪي صديون ڪي ورهيه اڳ اسان ۾ موجود هيون. هاڻ يا ته بلڪل نه آهن، اگر آهن به ته تمام گهٽ ته پوءِ اهو ڇا آهي؟ خاص ڪري ٽي وي ڊرامن ۾ ته اهو محسوس ٿيندو آهي ته اسان بڇڙا هئاسين، بڇڙا آهيون ۽ بڇڙا رهنداسين. . . .
اهي قومون جن جي ڪا تاريخ نه آهي. اهي مهذب قومون نه آهن. انهن جا ڪي اخلاقي قدر به نه رهيا آهن. ان جي باوجود به هو پاڻ کي اهڙو ته ڪري پيش ڪن ٿا ڄڻ ته انهن جهڙو هن ڪائنات ۾ ڪو آهي ئي ڪو نه. انهن جي تاريخ بدمعاشين ۽ سفاڪين سان ڀريل آهي ته به هو پاڻ کي مسڪين ۽ با اخلاق ڪري پيش ڪن ٿا ۽ اسان جا اديب اهي اوڻايون جيڪي اڄ اسان ۾ موجود نه آهن انهن کي اهڙي طرح پيش ڪندا آهن جو هر ڪو اهو سوال ڪندو آهي ته توهان اهڙا آهيو ڇا؟ توهان وٽ ائين ٿيندو آهي ڇا؟
اسان جا گهڻا اديب ذميدار آهن هن پروپيگنڊا جا ! اسان جي ٽي وي ڊرامن ۽ ريڊيو ڊرامن ۾ ڳولهي ڳولهي اهڙا موضوع پيش ڪيا ويندا آهن ڄڻ ته سنڌين ۾ ڪا چڱائي ته ڪڏهن موجود ئي ڪا نه هئي. هڪ ڪلاڪ جو قسطوار ڊرامو هوندو ۽ اسان جا وڏا وڏا نالي وارا ليکڪ ڳولهي ڳولهي اهي موضوع ۽ ڪردار کڻندا آهن جن جو وجود ئي ڪو نه هوندو آهي. گر هوندو به آهي ته تمام گهٽ. ڊرامي جو هر ڪردار مڪمل خرابي ۽ مايوسيءَ جو عڪس هوندو آهي. ظالم جي ظلم کي ڏسي پئي نفرت وٺندي ته مظلوم اهڙو ته بي همت هوندو آهي جو دل چوندي آهي ته ان کي هوند وڃي مار ڪڍجي.
اسان جي سنڌ ۾ هي شهري ۽ ٻهراڙيءَ جو جيڪو مسئلو آهي ان کي به ختم ٿي وڃڻ کپي. سنڌي جت به مقابلي ۾ آيا آهن انهن ڌاڪو ڄمايو آهي. مقابلي جي امتحانن ۾ ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙن سنڌين پوزيشنون کنيون آهن. شهرن جي امتحانن ۾ ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙن سنڌين پوزيشنون کنيون آهن. شهرن ۾ سڀ مشهور نالي وارا ڊاڪٽر تقريبن سنڌي آهن. اسان سنڌين لاءِ اها به فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جو پهريون ڪمپيوٽر پي ايڇ ڊي محترم مير محمد شاهه جن به سنڌي آهن. پهرين (بي اي) انجنيئر ڇوڪري سنڌياڻي، ملڪ جي پهرين عورت سربراهه به سنڌياڻي، مشهور گائنا ڪالوجسٽ ڊاڪٽرياڻي ساره صديقي جنهن انڊو پاڪ ۾ ڊاڪٽري پڙهي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو اها به سنڌياڻي، وڏن عهدن تي ويٺل سنڌي انهن به پنهنجي تعليم ڳوٺن مان ئي حاصل ڪئي. مقصد ته جت به سنڌين کي رستو مليو، وسيلا مليا، نڪرڻ جو موقعو مليو انهن اُت پاڻ مڃرايو آهي. وقت ۽ حالتن مطابق تعليمي نظام ۾ فرق اچي ويو آهي. ان جا جوابدار به اسان پاڻ ۽ ملڪ جون سياسي حالتون آهن. هاڻ تعليمي نصاب ۽ طريقه تعليم کي مٽائڻو پوندو، شهرن ۽ ٻهراڙين جي تعليمي ادارن ۾ هڪ جهڙو نصاب پڙهائڻ تمام ضروري آهي.
هن سلسلي ۾ نه صرف حڪومت کي ڪجهه ڪرڻ کپي پر پنهنجي مدد پاڻ جي تحت تعليمي ادارا قائم ڪرڻ گهرجن. پنهنجي آئنده نسل کي مقابلي لاءِ تيار ڪرڻو پوندو. پاڻ ۾ ايتري سجاڳي ۽ شعور آڻڻ گهرجي جو پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي هن ڪوٽا سسٽم جا محتاج نه رهون.
حڪومت جو به ته اهو حال آهي ته ٻين صوبن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر يونيورسٽيون پيون ٺهن ۽ اسان لاءِ ڀٽ شاهه ۾ صوفين جي يونيورسٽي ٺهندي. چوڻ آ هنن جو ته توهان سنڌي ڀوڪ بصر ڇا ڄاڻو ائٽمي ٽيڪنالاجي مان الله الله ڪريو.
هاڻ اسان جي سنڌي مهمان ليکڪن کي جيڪي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ لکن ٿا انهن کي عرض آهي ته گهڻو ئي بڇڙو ڪيو اٿو سنڌين کي گهڻيون ئي اوڻايون ۽ خرابيون ڏيکاري چڪا آهيو سنڌ واسين جون. هاڻ خدا جو واسطو اٿو ته پنهنجي قلمي طاقت کي هنن مسئلن تان هٽائي ٿوريون نيون سوچون ڏيو، نوان رستا کوليو ڀلا جي سنڌي بڇڙا آهن خراب آهن ته به خدا توهان کي قلم جي ڏات ڏني آهي. ان ڏات جي ذريعي هن قوم کي سجاڳ ڪيو، شعور ڏيو، هن اونداهي واٽ ۾ ڪا مشعل ٻاريو ڪا روشني ڦهلايو.
اهي قومون ئي ترقي ڪنديون آهن جيڪي ماضيءَ تي فخر ڪري چپ ڪري نه ويهنديون آهن ۽ نه وري پنهنجي ڪوتاهين تي شرمسار ٿي ڪنڊ وٺنديون آهن. تعميري ڪمن ۽ سوچن جي لاءِ حال ۾ ويهي مستقبل جا منصوبائي ڪامياب ڪندا آهن. تحرڪ، ولولو ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو ئي قومن جي ترقيءَ جو بنياد هوندو آهي.
آچر 13 ڊسمبر 1992ع

بهاري سنڌين جي لاءِ آفت

ڪي مسئلا اهڙا هوندا آهن جيڪي انفرادي نه پر اجتماعي فيصلن ۽ قربانين سان ئي حل ٿي سگهن ٿا. ڪي مسئلا اهڙا هوندا آهن جن ۾ تر جيتري به اختلاف ڪرڻ جي گنجائش نه هوندي آهي . درگذر ڪرڻ جي . . . . . اهڙا ڪيترائي مسئلا آهن انهن مان هڪ اهم مسئلو آهي بهارين جو. بهاري پنهنجي لفظي معنيٰ سان پنهنجي رهائش سرٽيفڪيٽن ۽ اصل نسل جي حوالي سان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ يا وري پاڪستان جي ڪنهن به حصي جي حوالي سان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ يا وري پاڪستان جي ڪنهن به حصي جا نه شهري آهن ۽ نه وري انهن جي ڪا واسطيداري يا حقداري به لڳي . . . . . جڏهن ته بهاري، قانوني، اخلاقي ۽ سماجي طور هتان جا رهواسي آهن ئي ڪو نه پوءِ انهن کي هت آڻڻ وسائڻ ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي. . . . .؟ جيڪڏهن مسلمان هئڻ جي ناتي هنن کي هت گهرايو پيو وڃي ته پوءِ بنگلاديش ۾ نه ٿا رهي سگهن ته پوءِ پاڪستان کان علاوه ٻيا به ته اسلامي ملڪ آهن، بهتر آهي ته انهن کي انهن ٻين اسلامي ملڪن ۾ موڪليو وڃي. خاص ڪري انهن ملڪن ۾ جتان جا همدرد ماڻهو انهن لاءِ چندو گڏ ڪري بيان ڪڍي همدرديون ڪري رهيا آهن. اها ڪهڙي همدردي آهي جو هنن بهارين کي اهڙي هنڌ آباد ڪيو وڃي. هتان جا رهواسي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ۾ انهن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اهڙي ناسور کي اهڙن نانگن کي ٻين جي ڳچيءَ جو هار بڻائڻ کان بهتر آهي ته انهن جا همدرد انهن کي پنهنجي جهول ۾ ويهارين . . . . . . .
بهاري ڪنهن به طريقي سان پاڪستاني نه آهن ان ڳالهه ۾ شڪ شبهي جي گنجائش ئي نه آهي باقي هاڻ جو اسلام جي نالي پٺيان چيو پيو وڃي ته جيڪو به مسلمان آهي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ رهي ٿو ان کي پاڪستان ۾ خاص طرح سنڌ ۾ اچڻ جو پورو پورو اختيار ۽ حق آهي. اهڙين غلط ڳالهين ۽ حقن کي قانوني طور ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۾ چئلينج ڪري ثابت ڪري سگهجي ٿو ته بهاري ڪنهن به صورت ۾ پاڪستاني نه آهن ۽ نه وري مسلماني جي ناتي هو هت پاڪستان ۾ اچڻ جو حق رکن ٿا. اعليٰ عدالتن ۾ وڃي رٽ داخل ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي. ڀلا اهڙي همت اسان اڃا ڇو نه ڪئي آهي. صرف ميٽنگون ڪري اخباري بيان ڪڍڻ سان اسان اڄ تائين ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهيا آهيون ته پوءِ ڇو نه اعليٰ عدالتن ڏانهن رخ ڪجي . .
اسان وٽ سنڌ جي هڏ ڏوکين ۽ ڄاڻو وڪيلن جي ڪا به ڪمي ڪانهي. ان سلسلي ۾ رسول بخش پليجو، عمر ميمڻ، حفيظ قريشي ۽ يوسف لغاري جهڙا هڏ ڏوکي ۽ ماهر قانوندان سنڌ جي حوالي سان هن ڪيس کي ڀرپور طريقي سان پيش ڪري سگهن ٿا . . . . .
بهارين جي خلاف ڪيل هڙتالون هميشه ڪامياب رهيون آهن. سنڌ جي عوام مڪمل ساٿ ڏنو آهي پر اهڙي قسم جون هڙتالون ان وقت اهميت وڃائي ويهن ٿيون، جڏهن وڏا وڏا ليڊر ۽ جماعتون ماٺ ڪري ڪنڊ ٿيون وسائين. عوام ته متحد آهي پر ليڊر ڇڙوڇڙ . . . . . حالانڪ عوام جو فيصلو اصل طاقت هوندي آهي جيڪا ڪوٽن جا ڪنگرا به لوڏي ڇڏيندي آهي. عوام ته باشعور آهي، عوام ته متحد آهي. عوام قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر ڇا ڪجي هنن ليڊرن کي جيڪي ناني ڳوٺڙو ٺاهيو ويٺا آهن. پنهنجي خول مان پنهنجن ٻرن مان ٻاهر ئي ڪو نه ٿا نڪرن. اليڪشن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪري ووٽ وٺندڙ هنن سڀني سياسي ليڊرن جي وٺ ڪرڻ گهرجي. . . . . .
اهي پارٽيون اهي نمائندا جن کي سنڌ جي عوام اکيون بند ڪري پنهنجو سمجهي ووٽ ڏنو آهي انهن کي به سنڌ جي عوام جي خواهشن ۽ سوچن جو احترام ڪرڻ گهرجي. اها ته سنئين سڌي ڳالهه آهي ته جن ماڻهن عزت ۽ مان سان ووٽ ڏنو ميمبري ۽ وزارتون ڏياريون انهن جي ڳالهه ڪرڻ انهن جي سوچن جي ترجماني ڪرڻ اهڙن ماڻهن جي تحفظ لاءِ پاڻ پتوڙڻ انهن وزيرن ۽ ميمبرن جو اخلاقي توڙي قانوني فرض آهي. ائين چوڻ سان ڪا قيامت ڪو نه ايندي ته بابا جن ماڻهن مون کي ووٽ ڏنو آهي اُهي هي سڀ ڪجهه چاهين ٿا. . . . پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي ووٽ تي کٽندڙ هر ميمبر ايترو ته مفاد پرست آهي جو تاريخ ۾ اهڙو ڪو مثال مشڪل سان ملندو. هڪ مفاد پرست به قومن جو ٻيڙو ٻوڙيندو آهي پر جڏهن سڄو ٻيڙو ئي ٻڏل هجي ته پوءِ اهڙو ئي حال ٿيندو آهي جهڙو اڄ ڪلهه اسان جي سنڌي قوم جو آهي . . . .
ڪيڏا نه ويل وهي ويا سنڌين مٿان. ڇا ته قتل عام ٿيا پر ڪنهن به وڏي سنڌين جو ساٿ نه ڏنو ۽ نه وري ڪنهن لٿل چني کي ٻيهر مان ڏنو. چون ته اسان وفاق پرست آهيون سنڌي مرن يا ڪُسن انهن جي ڳالهه ڪرڻ اسان نه ڄاڻون ائين ڪرڻ سان اسان قوم پرست ٿي وينداسين. هنن وفاق پرستن کان ڪير اهو ته پڇي ته سائين جن توهان کي ووٽ ڏنو انهن جي مدد ڪرڻ انهن جو تحفظ ڪرڻ انهن جي ڳالهه ڪرڻ توهان جو پهريون ۽ آخري فرض آهي. هڪ مرندڙ جهڙندڙ بي گهر ماڻهو اهو نه ٿو ڄاڻي ته توهان قوم پرست آهيو يا وري وفاق پرست، هو صرف توهان کي پنهنجو محافظ بڻائي توهان کان پنهنجا بنيادي حق ٿو گهري. هوڏانهن وري جيڪي پاڻ کي چوائين قومپرست سواءِ چند کي ڇڏي سڀ ڌاڙيل، رهزن، پنهنجن ئي ماڻهن کي مارڻ ۽ ڦرڻ وارا.
منهنجا پيارا سنڌ واسيو مون کي خبر آهي ته سچ چوڻ ڪيڏو نه وڏو گناهه آهي اسان وٽ، پر ياد رکجو جيستائين اسان پنهنجن کي پرکي انهن جا عيب ثواب ظاهر نه ڪنداسين يقين ڪريو اسان هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ وڃي ڦاسنداسين جيڪا اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي هميشه غرق ڪري ڇڏيندي. هن ائٽمي سائنسي ۽ سجاڳي واري دور ۾ اسان اگر پنهنجن جا عيب ڍڪيا، انهن کي تحفظ ڏنو جن اسان کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي ته پوءِ شايد اسان جي نجات جا سڀ رستا بند ٿي ويندا. اميد ته ڪونهي پر مان شاه لطيف جي حوالي سان ڪڏهن ڪڏهن ائين به سوچيندي آهيان جيئن شاهه چيو آهي ته:
اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي ئي موٽ
مڻن جيڏا اڻ ميا سنڌين مٿان هي ظلم ڪندڙ پنهنجو ضمير وڪڻندڙ هي چڱا، مان، عزت وارا ميمبر وزير اگر هن ويل به هڪ پاءُ جيڏو به سنڌي قوم مٿان ٿورو ڪن ۽ گهٽ ۾ گهٽ بهارين جي اهم مسئلي تي هو متفق ٿين. ائين ڪرڻ سان شايد هو پنهنجا ڪيل گناهه ڌوئي سگهن. هو سنڌي عوام سان گڏجي هڪ مضبوط پليٽ فارم ٺاهي حڪومت وٽ منظم احتجاج ڪن ۽ هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ گڏجي هڪ متفق قرارداد پاس ڪرائي وڃن ته بهاري هن موجوده پاڪستان جا رهواسي ڪنهن صورت ۾ ناهن ۽ نه وري انهن کي هت پاڪستان ۾ اچڻ جو حق آهي. ڪاش منهنجون هي لکيل سٽون سچ ٿي پون، ڪاش ائين ئي سڀ ڪجهه ٿي وڃي جو ماڻهن کي ڏندين آنڱريون اچي وڃن ته هي سڀ ڇا ٿي ويو. . . . . .
سچ به ته اهو آهي ته انهن بهارين پاڪستان کي ۽ سنڌ کي ڏٺو ئي نه آهي، اهي بهاري جن نه هت جنم ورتو آهي ۽ نه ڪا وري انهن جي ڪا پيڙهي هتي دفن آهي، اهي هن پاڪستان جا يا سنڌ جا وارث ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ سنڌين کي هميشه اهو سبق ڏنو ويندو آهي ته اهي بنگلاديش جي حالتن مان سبق پرائين، چڱو سائين سنڌي سبق ياد ٿا ڪن، اصل پڪو ياد ٿا ڪن هاڻ جيڪڏهن بنگلاديش جي حالتن جو بغور مطالعو ڪيو وڃي ته اها ڳالهه ظاهر آهي ته انهن بنگالين جن کي هميشه غدار ۽ ڪافر سڏيو ويو ۽ بهارين کي محب وطن ۽ مسلمان ڪوٺيو ويو. انهن بهارين مسلماني جي ناتي سان بنگالين جي مٿان ظلم ۽ قهر جي انتها ڪري ڇڏي. . . . . . جڏهن حساب ڪتاب جو وقت آيو ۽ بنگلاديش ٺهي ويو ته سڀني ڏٺو ۽ تاريخ جو وڏو سچ به اهو ئي ثابت ٿيو ڇو ته بنگالي اصل وارث هئا ان ڌرتي جا، انهن جي ان حقداريءَ کي ڪير به ختم ڪري نه سگهيو ۽ اهي بهاري جن کي اصل پاڪستاني ۽ محب وطن چيو ويو هو اهي وڃي ڪيمپن ۾ ويٺا . . . . . حساب ڪتاب ڪرڻ مهل انهن بهارين جو ڪجهه به نه نڪتو ۽ اصل وارث بنگالي ئي ثابت ٿيا.
اهڙي طرح سنڌ ۾ به اهو ئي ٿئي پيو. جيڪڏهن حالتون بدليون ۽ ڪو اڻ وڻندڙ ماحول پيدا ٿيو ته پوءِ نقصان ڪنهن جو ٿيندو؟ سنڌين کي بنگالين وانگر ماري ته سگهجي ٿو، تباهه برباد ڪري ته سگهجي ٿو پر سنڌين جو حق ۽ مالڪي هن ڌرتيءَ تان ختم ڪري نه ٿي سگهجي. حساب ڪتاب مهل اها ئي بنگلاديش واري حالت وڃي بيهندي . . . . . هاڻ ڀلا اهڙين حالتن مان ڪنهن کي سبق پرائڻ گهرجي. سنڌين کي يا وري ٻين گروهن کي جيڪي دهشت گردي جي بازار گرم ڪيو ويٺا آهن. . . . .
ڪارونجهر کان وٺي ڪياماڙيءَ تائين سنڌ سنڌين جي آهي. جيءَ ۾ جايون ڏنيون پنهنجو الهه تلهه قربان ڪيو آهي، انهن آيلن مٿان جيڪي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا، فرق اهو آهي ته جيڪي هن ڌرتي واسين جهڙا ٿي ويا، پنهنجي شناخت هن ڌرتيءَ جي حوالي سان قائم رکندا آيا ته انهن کي ئي هن ڌرتيءَ قبول ڪيو آهي. هاڻ هي پهريون دفعو اونڌي گنگا پئي وهي ته ٻاهران آيل ماڻهو هن ڌرتي واسين جهڙا ٿيڻ بجاءِ چاهين ٿا ته سائين هتان جا اصل باشندا انهن جهڙا ٿي وڃن. پنهنجي صدين جي ثقافت ۽ تهذيب ڇڏي اُنهن آيلن گروهن جي تهذيب کي پنهنجو ڪن. هي آيل گروهه بجاءِ هتان جي وارثن جو احسان مند رهي، هو پاڻ کي وڏو اعليٰ نه آهي الاهي ڇا ڇا ٿو معتبر خبر سمجهي. هن آيل گروهه لنگوٽين وارا، هندستان جي ڳوٺن واهڻن، ڪسبن ۽ نالين مٿان رهائش اختيار ڪرڻ وارا هت اچي پاڻ کي شهري تهذيب وارا خبر نه آهي ڇا ڇا ٿا سمجهن. هنن جون ڳالهيون اهو احساس ڏيارينديون آهن ته هو سڀ هت اچڻ کان پهرين اهڙي ته ترقي يافته ۽ ائٽمي دور ۾ رهندا هئا جت سڀ ڪم ريموٽ ڪنٽرول تي ٿيندا هئا.
بهارين جو مسئلو به اهو ئي آهي ته هو قاتل رهزن ۽ بي حس گروهه آهي. پنهنجي مفاد پٺيان هو پنهنجو پرائو الهه تلهه سڀ ڪجهه ناس ڪري سگهن ٿا. هو ايترا ته شر پسند آهن جو هو گهڙي پل ۾ خالي دٻن ۾ ڪن ڪچري کي جمع ڪري بم ۽ ٻيو تباهي وارو سامان ڪجهه ئي منٽن ۾ ٺاهي سگهن ٿا.
هاڻ هي وقت بيان بازي ۽ ميٽنگن جو نه آهي. هاڻ گڏجي متحد ٿي پنهنجي همت سان اهو دروازو بند ڪرڻو آهي جنهن جو دروازو اوڏوهي کاڌل ۽ ڪمزور ديوارن تي بيٺل آهي. هاڻ اسان جي ذهني ۽ جسماني قوت ئي هن درديوارن جو بچاءُ ڪري سگهي ٿو. هن بچاءُ لاءِ ڪي ٻه ٽي هٿ ڪافي نه آهن پر سڄي قوم جي مضبوط طاقت ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿي. ڪاش هن ڌرتيءَ جا ميمبر، وزير، ڪامورا، استاد، شاگرد، هاري، مزدور هڪ ٿي پون ۽ اهو ڪجهه ڏيکارين جو حيرانيءَ وچان سڀڪو چوي، ڏسو ته سي سڀ سنڌي هڪ ٿي ويا، گڏ ٿي ويا، اهو ڪجهه ڪري ويا جو تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي ويا.”
آچر 10 جنوري 1993ع

جيئرن جي جهان ۾ ڏکن سان گڏ سُک

زندگي ڪيتري نه خوبصورت، ڪيتري نه پياري، ڪيتري نه ڏکوئيندڙ ۽ سورن واري آهي. زندگي ان ڪري پياري آهي جو اسان کي مليل آهي ۽ اسان جيئڻ چاهيون ٿا. ڏکوئيندڙ ان ڪري آهي جو آس پاس پنهنجا پرايا هر ڪوئي ۽ اهي جيڪي چوائين همدرد ۽ هڏڏوکي پر هت سڀ ڪو هڪ ٻئي کي ائين ٿو وڍي ڄڻ ته انسان نه هجن پر ڪاسائي هجن.
ڪي جيون پنهنجا پَلوَ ڇنڊي آس پاس کان بي نياز ٿي ڪنهن جي ٻن ۾ نه ڪنهن جي چئن ۾ خاموشي سان زندگي گذارڻ چاهين ٿا، انهن جي زندگي اهڙي هوندي آهي جو نه ڪنهن کي ڏين نه ڏکوئين. ان جي باوجود به انهن وٽ سوچن ۽ ڏکن جا انبار هوندا آهن.
هڪ ته پنهنجي وجود جي تنهائي مٿان وري پنهنجن پراين جا ڏک، ڪي اهڙا پيارا وجود به هوندا آهن جن جا ڏک پنهنجا ڏک لڳندا آهن. دل چاهيندي آهي ته شل انهن جي پاڇي تي به ڪنهن جو پڙلاءُ نه پوي.
ان رات اڌ رات مهل پنهنجي هڪ جيڏل فون ڪيو. ننڊ مان اٿي پريشانيءَ وچان وڃي فون کنيم. اسان جهڙن ماڻهن جي دل هر وقت پنهنجن ڏاهن اٽڪيل هوندي آهي. بي وقتو فون جي گهنٽي وڄندي ته امالڪ ڪيترائي اڻ وڻندڙ خيال دل ۾ اچي ويندا آهن. سو ان رات پريشانيءَ وچان فون کنيم ته منهنجي جيڏل فون تي هئي. ان سان منهنجو عجيب قسم جو ناتو رشتو آهي. اسان جي دوستي ڪا گهڻي پراڻي نه آهي. ٽي چار سال اڳ اسان جي دوستي ٿي آهي. مان ٿورو گهڻو ان جي باري ۾ ٻڌو هو پر ملاقات ٿيل نه هئي. هڪ دفعو سنڌي جا ڪجهه نوٽس وٺڻ لاءِ ان مون کي فون ڪيو. پنهنجو تعارف ڪرايائين ۽ مقصد ٻڌايائين. هونئن مان هر ڪنهن سان سٺي نموني ڳالهائيندي آهيان. ڪٿي به مون کي اجنبيت محسوس نه ٿيندي آهي ۽ نه وري مان اوپرائپ محسوس ڪرائيندي آهيان. ها باقي اهڙيون هستيون گهٽ آهن جن سان ٽهڪ ڏيئي کلجي يا وري انهن جي هنج ۾ ڪنڌ لاڙي سڏڪا ڀري روئجي . . . . .
پهريون دفعو ڳالهائڻ سان ئي مون کي ڏاڍي وڻي. مان ڪيتري دير ان سان ڳالهائيندي رهيس. ڳالهه مان ڳالهه ڪڍندي رهيس. هوءَ پنهنجو تعارف گهر ۽ ٻارن جي حوالي سان ڪرڻ لڳي ته مان کيس چيو ته تون مون کي ڇا ٿي ٻڌائين مان تو کي چڱي طرح سڃاڻان، هوءَ حيران ٿي ويئي، مان کيس چيو ته هڪ ناتو آهي توسان منهنجو اهو اهو ته تون به مون جهڙي آهين، ڪهڙو فرق ٿو پوي ڪنهن جي مري وڃڻ سان يا ڇڏي ڀڄي وڃڻ سان . . . . . آهيون ته ٻيئي هڪ جهڙيون، ان هڪ جهڙائي اسان کي ويجهو آندو آهي.
ياد ٿو اچيم ته حيدرآباد جي زبيده ڪاليج ۾ آپا شمس عباسي جيڪا ان وقت پرنسپال هئي. مون سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي. ڪجهه عرصو ات هاسٽل ۾ به رهي آهيان. ان ڪري آپا شمس عباسي جي ڪافي ويجهو رهيس. جيون جي ڊوڙ ۽ وقت جي ويڙهاند ۾ جڏهن مان پوئتي رهجي ويس. ان دوران آپا شمس عباسي مون کي هڪ هنڌ ملي. مون کي ڏٺائين ته پيار سان سڏ ڪري ڀرسان ويهاريائين. مون کي خبر نه هئي ته منهنجي باري ۾ هوءَ گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿي. پنهنجي ڀرسان ويهاري پيار مان مٿي تي هٿ رکي آپا مون کي چيو هو “متان پريشان ٿي آهين. متان تون پاڻ کي اڪيلو سمجهين، تون ته ٻن جگرن واري ڇوڪري آهين، آس پاس نظر ڦيرائيندين ته کوڙ تو جهڙيون. . . .” آپا شمس عباسي جي چيل ڳالهه جي حوالي سان منهنجو ان جيڏل سان اهڙو ئي ناتو آهي.
سو ان رات جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته مان پريشان ٿي ويس. هوءَ ڏاڍي پريشان ۽ ڊپريس پئي لڳي. ان اهڙيون ته پريشان ڪندڙ ڳالهيون مون کي ٻڌايون جو منهنجو دماغ ئي ڦري ويو. ڪيتري دير تائين هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ مان کيس آٿت ڏيندي رهيس، سمجهائيندي رهيس. سندس هڪ هڪ لفظ اهڙو هو ڄڻ ته هوءَ هڪ وڏي عذاب ۾ مبتلا آهي. بار بار هي لفظ پئي ورجايائين “جن جي ڪارڻ سڄي دنيا جا سور برداشت ڪياسين، اهي ئي جڏهن ڏکوئين سور ڏين ته انهن جا ڏنل سور ڪاڏي ڪيون، جهري پيئي آهيان، دل جا چار ئي پاسا جهريا پيا آهن. هاڻ ته برداشت جي قوت به نه رهي آهي. هاڻ ته لڳي ٿو دل ئي جهري پوندي.”
هوءَ منهنجي جيڏل جيڪا اڪيلي نه آهي. الائجي ڪيتريون ٻيون به ان جهڙيون آهن. شايد سڀني جون حالتون ۽ وارتائون هڪ جهڙيون ئي هونديون. فرق صرف اهو آهي ته جيڪي پڙهيل لکيل ۽ نوڪرين واريون آهن اهي پنهنجي همت سان ٿورو گهڻو دنيا سان منهن ڏيو ويٺيون آهن.
ڇا ڪمائڻ، گهر هلائڻ، پنهنجا ٻچا پالڻ ۽ خود مختياري سان رهڻ جي باوجود به ڇا هيءَ دنيا اهڙن ماڻهن کي ڇڏي ڏيئي ٿي؟ هو سڀ پاڻ محتاط ٿي زندگي گذارن ٿيون ته به ڇا انهن کي عيوض ۾ اهو احساس ۽ پنهنجائپ ملي ٿي جنهن جي توقع هو رکن ٿيون . . . . .؟
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا شدت سان محسوس ٿيندي آهي ته اسان جي معاشري ۾ هڪ ٻئي سان پنهنجائپ ۽ پيار جي شدت ۾ ڪمي اچي وئي آهي. احساس ڪرڻ، ڪنهن جي قدر ڪرڻ ۽ ڪنهن کي مان ڏيڻ هاڻ گهٽبو پيو وڃي. هن نفسا نفسي واري ماحول ۾ هر ڪو ئي مفاد پرست ۽ اڳتي وڌڻ جي جنون ۾ آهي. اهڙين حالتن ۾ هنن واٽن جا اهي ارڏا مسافر جيڪي پاسو پاسو وٺي خاموشي سان هلندا رهن ٿا، چيڀاٽڻ جي ڊپ کان، هل هنگامي ۽ شور کان پري هوءَ هڪ ڪنڊ وڃي وسائين ٿا ته به هيءَ دنيا بجاءِ انهن کي ڇپر ڇانو ڏيڻ جي ڏکوئي ٿي. اڃا به وڌيڪ جهوري ٿي.
هيءَ منهنجي جيڏل جيڪا وڏي همت واري آهي. هر وقت کلندي رهندي آهي. هر ڪنهن جي ڏک سور ۾ شامل رهندي آهي. ان جو مسئلو اهو ئي آهي ته هو پنهنجي تنهائي پنهنجي تڪليف مهل ڪنهن کي پنهنجو سمجهي؟
هن جهڙيون مون جهڙيون الائجي ڪيتريون پاڻ ارڏيون جيڪي جيون جي واٽ ۾ جاءِ ٺاهي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. انهن ۾ هڪ جذبو، پاڻ وڻائڻ ۽ جبلن جيڏن غمن کي پوئتي ڦٽي ڪرڻ جي همت نه هجي ها ته شايد اهي به اهڙين حالتن ۾ هجن ها. جن حالتن ۾ ٻيون به ڪيتريون آهن.
هڪ دفعو مان اڳ به لکي چڪي آهيان ته چرين جي اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر اهو ٻڌايو هو ته هتي مردن جي مقابلي ۾ عورتن جو تعداد تمام گهڻو آهي. بجاءِ ان جي ته اهو تعداد گهٽجي پاڻ وڌندو ٿو وڃي.
ات چرين جي اسپتال ۾ ته عورتن جو وڌندڙ تعداد آهي ئي آهي پر اهڙيون هستيون جيڪي تنهاين ۾ اکين مٿان هٿ رکي سڏڪا ڀري روئن ٿيون. ڪو اهڙو وجود ئي انهن لاءِ ڪو نه پيدا ٿيو آهي جنهن جي هنج ۾ هو سڏڪا ڀري روئن ٿيون. ڪي اهڙا هٿ ئي هجن جيڪي وڌي انهن جا ڳوڙها اگهن.
دنيا جي هل هنگامي ۾، انسانن جي وچ ۾ ٽهڪ ڏيئي کلندڙن جو اندر ڪيترو جهريل آهي. اهو ته ڪير انهن کان پڇي، مون کان پڇي، منهنجي ان جيڏل کان پڇي.

آچر 17 جنوري 1993ع

سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جا مسئلا

ادارا ٺاهڻ ۽ انهن کي هلائڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. جيڪي ماڻهو جذبي جي تحت نيڪ نيتي سان ادارا ٺاهيندا آهن، انهن جو انهن ادارن سان جذباتي ۽ دلي لڳاءُ هوندو آهي. جڏهن به ادارا ٺهندا آهن تڏهن جيڪي ٺاهڻ وارا هوندا آهن، وجود وجهڻ وارا هوندا آهن، انهن مان ئي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين تنظيمي ڪارڪنن جي چونڊ ڪبي آهي.
اهڙن ڪارڪنن جي اليڪشن نه پر سيلڪشن هوندي آهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن اهڙا ادارا مضبوط ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي ڪارڪردگي ڦهلجي ويندي آهي ته پوءِ اهڙن ادارن ۾ اليڪشنون ٿينديون آهن. اليڪشنون انهن ادارن جي آئين ۽ منشور مطابق ٿينديون آهن. مختلف ادارن ۽ تنظيمن جو منشور تقريباً هڪ جهڙو هوندو آهي. بنيادي قاعدا قانون هڪ جهڙا هوندا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪم ڪرڻ جو طريقو الڳ هوندو آهي. پر بنيادي نقطا جن ۾ اليڪشن ڪرائڻ، قانوني نقطن ۾ هڪ جهڙائي ضرور هوندي آهي.
ادارا ماڻهو ٺاهيندا آهن، ادارا ماڻهو هلائيندا آهن، ڪن حالتن ۾ اهي ماڻهو ئي ٺهيل ٺڪيل ادارن کي پنهنجي انا ۽ ذاتي پسند جي ڪري تباهه به ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن ادارن جي مٿان شخصيتون حاوي ٿي وينديون آهن. تڏهن اهڙا ادارا اختلافن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ڪن حالتن ۾ اهڙا ادارا ختم به ٿي ويندا آهن. هڪ ادنيٰ ڪارڪن کان وٺي ادارن جي سربراهن تائين هڪ گڏيل محنت ۽ ڪوشش هوندي آهي. جنهن جي ڪري ادارا مضبوط بيٺل هوندا آهن، جڏهن به ڪي شخصيتون ذاتي فيصلا ۽ پنهنجون سوچون ادارن جي مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، تڏهن ئي اختلاف اڀرندا آهن. اهو به سچ آهي ته تنظيمون ٺهنديون، وڌنديون، ويجهنديون آهن پئسي سان جڏهن به ڪو ادارو وجود ۾ ايندو آهي ته ات ميمبرشپ جي في ۽ ٻين مختلف طريقن سان اها ڪوشش ڪبي آهي ته ان تنظيم يا اداري جي بجيٽ وڌي، پئسو بنياد هوندو آهي ادارن جي ترقيءَ جو، جيڪي وڏا ادارا هوندا آهن. انهن جي بجيٽ به گهٽي هوندي آهي ۽ انهن جا وسيلا به وسيع هوندا آهن. جڏهن به اسان ڪنهن نالي واري اداري جو حوالو ڏينداسين ته ات به بنياد پئسو هوندو آهي. ادارا نه پئسي کان سواءِ هلي سگهن ٿا ۽ نه ڪم ڪري سگهن ٿا. ادارن جي سربراهن ۽ ورڪرن کي وڏو دل گردو رکي پنهنجي زندگي ارپي پوءِ ڪم ڪرڻو پوندو آهي. جن ادارن پنهنجي آئين ۽ قانون مطابق صحيح قدم کنيا، انفرادي نه پر اجتماعي فيصلا ڪيا، پنهنجو حساب ڪتاب صاف رکيو، اهڙا ادارا ئي ڪامياب هوندا آهن ۽ انهن جا اختلافي مسئلا ۽ جهيڙا جهٽا گهٽ ٿيندا آهن.
ان ڳالهه ۾ به اختلاف جي گنجائش نه آهي ته پئسو ادارا ٺاهيندو آهي ته انهن پئسن جي ڪري ئي ادارا تباهه به ٿيندا آهن. نالو وٺڻ جي ضرورت نه آهي. پر گهڻن ماڻهن کي ڄاڻ هوندي ته هت ڪراچيءَ ۾ ٺهندڙ ڪجهه عورتن جون تنظيمون ٻيا سماجي ادارا صرف ان ڪري اختلافن جو شڪار ٿي ويا. يا ٽٽي ويا ڇو ته پئسي جو مسئلو پيدا ٿي ويو هو. انهن ادارن پنهنجي پئسي خرچ ڪرڻ ۽ سنڀالڻ جو صحيح حساب ڪو نه رکيو ان ڪري ئي اختلافي مسئلا اڀري آيا. سنڌي ادارن وٽ هونئن به پئسو گهڻو نه هوندو آهي. جيڪو ٿورو گهڻو هوندو آهي ان جو به صحيح حساب نه رکڻ سان ئي اختلاف اڀرندا آهن ۽ جهڳڙا ٿيندا آهن. ادارن جا عهديدار يا ورڪنگ ڪميٽيءَ جا ميمبر ته ڇڏيو پر هڪ عام ميمبرجيڪو مهيني جي في ڀري ٿو ان کي به اهو حق آهي ته پڇي ته اداري جو حساب ڪتاب ڪٿي آهي؟ اداري جا ٽپڙ ڪٿي آهن؟
سنڌي ادبي سنگت، سنڌي اديبن جي پراڻي سنگت آهي، هن سنگت جو پايو وجهندڙ اسان جا بزرگ اديب جن ۾ ڪي هن دنيا ۾ نه رهيا آهن ۽ گهڻو تعداد زندهه آهي، انهن وقت ۽ حالت کي ڏسي ڪري هن سنگت جو بنياد وڌو.
جيستائين مان ادبي سنگت جي باري ۾ پڙهيو ۽ ٻڌو آهي ان مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته ان دور ۾ جڏهن ڏاڍائي ۽ ظلم جو دور هو تڏهن اسان جي سمجهدار اديبن ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ ات ادب جي حوالي سان اسان جي سنڌي اديبن ۽ نوجوانن جي نه صرف قلبي پر ذهني تربيت ٿي، ادبي سنگت ۾ صرف اديب ڪونه ويندا هئا پر ات شريڪ ٿيڻ وارن ٻڌندڙن جو اهڙو تعداد به هوندو هو جن جو ادب سان ڪو واسطو ئي ڪونه هوندو هو. ان جو مثال هيئن پيش ٿو ڪري سگهجي ته جڏهن به ڪو چڱو ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري ۽ ڪامورو توهان کي سٺو ورتاءُ ڏئي ٿو، سنڌ جي مسئلن تي اوهان سان ڳالهائي ٿو، اوهان سان تعاون ٿو ڪري ته ضرور ان جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ادبي سنگت سان ضرور رهيو هوندو. سنڌي ادبي سنگت اديبن ۽ اديب دوستن جو هڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو. ادبي سنگت جي کوري مان پڪل اديبن ۽ ادب دوستن جي ڪا ڪمي نه آهي. جڏهن به حالتون بگڙيون جڏهن به ڏکيو وقت آيو ته هر ڪنهن جون نگاهون اهڙن ماڻهن کي ئي ڳولهين ٿيون، اهڙن ماڻهن مان ئي اميدون رکجن ٿيون.
اهو به تاريخ جو اهم باب آهي ته جڏهن ون يونٽ جا ڪڪر سنڌ مٿان ڪڙڪيا ان دوران ۽ ويندي ون يونٽ جي ٽٽڻ تائين سنڌي اديبن جو جدوجهد ۾ وڏو حصو رهيو آهي. اها ڳالهه به هت ياد رکڻ گهرجي ته اهي سڀ اديب ادبي سنگت جي کوري جا پڪل هئا. شاگردن ۽ عام پڙهندڙن کي قلم جي حوالي سان سجاڳ ڪيو، سنڌي اديبن، سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي ستر جي ڏهاڪي تائين جيڪي ڪجهه اديبن لکيو جيڪو ڪجهه چيو اهو به هڪ اهم سبب هو ون يونٽ ٽٽڻ جو، ون يونٽ ٽٽڻ کان اڳ ٻه ٽي سالن جو دور اهڙو دور هو جنهن ۾ اخبارن، رسالن ادب جي حوالي سان جدوجهد ڪئي ۽ اهڙيون ڳالهيون پڙهي تقريرون ٻڌي شاگرد ۽ عام سنڌي ماڻهو ون يونٽ جي جدوجهد ۾ شامل ٿيو ۽ آخر ون يونٽ ٽٽو. ان دور جي ڪيل ڪجهه شاعري ۽ ادب تي ڪجهه نقاد اڄ ويهي جذباتي ۽ نعري بازي جا الزام لڳائيندا آهن ته مان سوچيندي آهيان ته اها نعري بازي ۽ جذباتيت به وقت جي تقاضا هئي. ان وقت اهڙو ادب تخليق نه ٿئي ها جنهن ۾ ان دور جي نشاندهي نه ڪئي وڃي ها ته اڄ اسان تمام خراب حالت ۾ هجون ها.
بهرحال هنن مسئلن تي الڳ سان ڪيترائي ڪالم لکي سگهجن ٿا ۽ سنڌي ادبي سنگت سان واسطيداري رکندڙن جو اهو فرض آهي ته هو ان جي تاريخ مرتب ڪن. بهرحال اڄ وري سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي شاخ اختلافن ۽ بيان بازيءَ جي زد ۾ اچي ويئي آهي. اليڪشن کان مهينو کن اڳ ئي اخبارن ۾ مضمون، ڪالم ۽ اخباري بيان ڇپجڻ لڳا. هيڏا سال جو ڪراچي شاخ ۾ خاموشي هئي تنهن ۾ تحرڪ جاڳيو جن جي به ادبي سنگت سان جذباتي وابستگي هوندي انهن کي ضرور ان ڳالهه جي پريشاني ٿي هوندي ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي........؟ ٻه سال اڳ مان ادبي سنگت جي اليڪشن ڪمشنر هيس. اليڪشن جي دوران مون ڏٺو ته ويهارو کن اديب مس هئا جن هڪ ٻئي جا نالا وٺي ۽ تاڪيد ڪري پاڻ کي چونڊرايو پئي. منهن جي دل کي ٿوري مايوسي ٿي. ڪراچي تمام وڏو شهر آهي سنڌ جو. ۽ هت سڄي سنڌ مان نوڪري ۽ ڪاروبار سانگي سنڌي رهن ٿا. سنڌي ادبي سنگت جي ڪراچيءَ جي شاخ جي اهميت ان ڪري به وڌي ٿي وڃي ته هن ۾ سڄي سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ هجن ۽ هي هڪ وڏو پليٽ فارم هجي سنڌي اديبن جو......جڏهن ان دل جي مايوسي جو ذڪر ات ويٺل مان ڪنهن سان ڪيم ته ان ٺهه پهه اهو جواب ڏنو. ڪواليٽي جي اهميت هوندي آهي نه وري ڪوانٽٽي جي....
مان بحث نه ڪيو پر دماغ ۾ ڄڻ ڌماڪو ٿي ويو ته سڄي ڪراچيءَ مان صرف هي ويهه ماڻهو ڪواليٽي آهن ته پوءِ عبرت جو مقام آهي. افسوس جو مقام آهي ته هيڏي وڏي ڪراچي ۾ ڪواليٽي رکندڙ ڪي اديب ئي ڪونهن.......
هاڻ جو اليڪشن جو چوٻول وڌيو ته مان به هلي ويس. اليڪشن واري ڏينهن ڪافي ماڻهو هئا، جوش، خروش هو، هدايت بلوچ، نقاش ۽ ممتاز مهر پنهنجي ڪم ۾ رڌل هئا. انهن کي ئي ذميدار ڪري ويهاريو ويو هو. هن اليڪشن ۾ جوش خروش سان گڏ اختلافي موضوع به گهڻا هئا. ڪافي ڪجهه ٻڌوسين. ڪن هنڌن تي پاڻ کي به ڳالهائڻو پيو. ات اچي مون کي احساس ٿيو ته شايد مان به اختلافي شخصيت نه بڻجي وڃان هنن ڌرين جي وچ ۾، ظاهر آهي اسان لاءِ ته سڀ برابر آهن پر جڏهن پاڻ ۾ گڏبو ته ڪجهه ٻڌبو ته ڪجهه ڳالهائبو به ضرور. هڪ اهم مسئلو جيڪو اخبارن ۾ پڙهيوسين ۽ ات وڃڻ کانپوءِ محسوس به ٿيو ته ڪن اهڙن ماڻهن به ووٽ وڌا جن جو ادب سان ڪو تعلق ئي ڪونه هو يا وري ڪي اهڙيون شخصيتون به هيون جن کي اسان سماجي ڪارڪن چئي سگھون ٿا اُهي اديب ٿي نه ٿا سگهن.
هر تنظيم جو هڪ آئين هوندو آهي. ان ۾ اليڪشن ڪرائڻ جا به طور طريقا ٿيندا آهن. اليڪشن ۾ عهدن جي لاءِ بيهندڙ لاءِ ضروري آهي ته اهي نه صرف ادب جي حوالي سان ڄاتل سڃاتل هجن پر اهي ادبي سنگت جا سال کن پراڻا ميمبر به هجن. ورڪنگ ڪميٽي لاءِ به ساڳيو شرط آهي پر ورڪنگ ڪميٽي جي اهميت ان ڪري وڌيل آهي جو ات اهي ڪارڪن چونڊيا وڃن جن اڳ ادبي سنگت لاءِ ڪجهه ڪم ڪيو هجي، اهي ڪجهه ڪوتاهيون ات ظاهر ظهور نظر آيون، حالانڪ اهڙا ووٽر ڪي گهڻا ڪونه هئا ته به ائين نه ٿي ها ته چڱو ٿئي ها. هونئن به ميمبر شپ اليڪشن کان ڪجهه ڏينهن اڳ بند ڪئي ويندي آهي ۽ ورڪنگ ڪميٽي ان لاءِ فيصلو ڪندي آهي ته هي ماڻهو ميمبر ٿيڻ قابل آهن يا نه..... ادبي سنگت ۾ سڀ ڪو اچي سگهي ٿو. اها هڪ درس گاهه آهي. جتي ماڻهو گهڻو ڪجهه پرائي ٿو. اسان جا مهان اديب هن سنگت ۾ ئي اچي پنهنجي شاعري ۽ افسانا پڙهي شديد تنقيد جو شڪار ٿيا هئا. هڪ بزرگ اديب مونکي هڪ دفعو ٻڌايو ته اسان ادبي سنگت ۾ پنهنجون بهترين تخليقون کڻي ويندا هئاسين ۽ اتي اسان تي ايتري تنقيد ٿيندي هئي جو لڳندو هو ته اسان ڪا تخليق نه لکي آهي پر ڪو جرم ڪيو اٿئون. فرق صرف اهو آهي ته اُت تنقيد ڪرڻ وارا ۽ تنقيد سهڻ وارا ٻئي وڏي دل جا مالڪ هئا. تنقيد ڪرڻ واري جو مطلب اصلاح ڪرڻ هوندو ۽ تنقيد سهڻ وارا پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا......
ادبي سنگت جو ميمبر اديب ئي ٿي سگهي ٿو. سکڻ لاءِ ته هر ڪو اديب اچي سگهي ٿو.پر ميمبر ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جو ادب جي حوالي سان ڪجهه لکيل ضرور هجي.ٻه چار شاعري جو ن سٽون لکي يا رڳي هڪ ٻه ڪهاڻي لکي لکندڙ اديب ٿي نه ٿو وڃي. اهو ته پهريون قدم آهي ادب ڏانهن ويندڙ راهه جو.....
بهرحال اڃا به وقت ويو نه آهي. هاڻ به پاڻ ۾ گڏجي ڪري ان ڪوتاهيءَ کي دور ڪري سگهجي ٿو. اها جيڪا غلط روايت پئي آهي ڇو ته ان کي پنهنجي هٿن سان ئي ختم ڪري ڇڏجي.
سنڌي ادبي سنگت منهنجي لاءِ هڪ مقدس ادارو آهي (مقدس چوڻ تي هڪ ڳالهه ياد آيم ته ڪنهن کي چيو هئم ته هي ادبي سنگت مقدس ادارو آهي ان کي بيان بازيءَ ۾ ڪالم بازي سان خراب نه ڪيو. يڪدم جواب مليو ڇو مقدس ڇو آهي؟ تو ان کي ڪا مزار ۽ مقبرو سمجهيو آهي ڇا؟ مان کيس جواب ۾ چيو صرف مزارون ۽ مقبرا مقدس نه هوندا آهن ڪي ادارا به مقدس هوندا آهن ۽ وري ڪي انسان به مقدس هوندا آهن. دلين جا جذبا ۽ احساس به مقدس هوندا آهن ۽ وري ڪي انسان به مقدس هوندا آهن. دلين جا جذبا ۽ احساس به مقدس هوندا آهن) هن اداري ۾ اهڙا اختلاف ڪوتاهيون نه ٿيڻ کپن اگر ٿين به ٿيون ته پاڻ ۾ ويهي، پاڻ کان سينيئراديبن کي ويهاري هر ڪنهن جي راءِ وٺي پوءِ انهن مسئلن کي حل ڪيو وڃي. ڪجهه سال اڳ ادبي سنگت ۾ هڪ گڏيل پليٽ فارم هوندو هو. نوان ۽ پراڻا اديب گڏ جي ويهندا هئا. آهستي آهستي وڏن اديبن پنهنجي مصروفيتن ۽ ٻين سببن ڪري ادبي سنگت ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو آهي. ان سبب جي ڪري به هڪ وڏو خلا پيدا ٿي ويو آهي....
نئين چونڊجي ايندڙن ۽ پراڻن عهديدارن کي گڏجي هن ادبي سنگت کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. حقيقت ۾ عهدا ڪا شيءِ نه هوندا آهن ڪي ماڻهو عهدن سان نه پر پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجي ڪيل ڪمن جي حوالي سان عهدن وارن کان به وڌيڪ عزت ماڻيندا آهن....
هڪ وڏي ڪمزوري آهي اسان ۾ مون ڏٺو آهي ته ٻين قومن ۽ گروهن جا ماڻهو جڏهن به باشعور ٿيندا آهن ته پوءِ هو عملي ڪم ڪندا آهن. اڃا وڌيڪ پرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ننڍي وڏي جو احترام ڪندا آهن. هو ادب جي ڪسوٽيءَ تي يا ڪيل ڪمن جي حوالي سان ماڻهن کي سڃاڻيندا آهن ۽ مان ۽ عزت به ڏيندا آهن. پر مون ڏٺو آهي ته اسان وٽ ادبي سنگت هجي يا وري ٻيا ادارا هجن ات چونڊجي اچڻ وارا پاڻ کي اصل ايڏو عظيم ۽ معتبر سمجهندا آهن جو ٻيا سڀ انهن کي هيٺاهان لڳندا آهن. بجاءِ ان جي ته پنهنجي ساٿين ۽ همدردن جي راين سان تنظيم جي جوڙجڪ ڪجي. هو پنهنجا ذاتي فيصلا مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مخصوص سوچون رکندڙ ماڻهو ۽ ڪي سندن پسند واريون شخصيتون انهن لاءِ معتبر ۽ قابل احترام هونديون آهن. باقي ٻين لاءِ انهن وٽ جيڪا ڪسوٽي هوندي آهي. ان مطابق فلاڻو غدار آهي فلاڻو سنڌي آهي ته ڇا ٿيو آهي ته ڪامورو. فلاڻو وڏيرو يا زميندار آهي، ان ڪري قابل نفرت آهي. پنهنجي ڪسوٽي تي پنهنجي سوچن تي اهڙا ته وڏا فيصلا ڪندا آهن جيڪي اسان جي قوم کي ڪاپاري ڌڪ هڻندا آهن.
اهڙن ئي فيصلن جي ڪري اڃا تائين سنڌي ادبي سنگت پنهنجو گهر نه ٺاهي سگهي آهي ۽ اڃا تائين در در جو پاڻي پئي پيئي. هاڻ تمام ضروري آهي ته سنڌي ادبي سنگت کي خلائن مان لاهي ڌرتي تي آڻجي. کيس هڪ گهر ڏجي. اهڙو گهر جتي سڀ اچي آسيس وٺن......
اڄ منهنجي ذهن ۾ ايتريون ته ڳالهيون جمع ٿي ويون آهن، ايترو ته زهر ڀرجي ويو آهي جو دل چوي ٿي ته لکندي وڃان ۽ لکندي وڃان. هي ڪالم به ڪافي وڏو ٿي ويو آهي. منهنجا پڙهندڙ منهنجا دوست منهنجا همدرد اهو متان سمجهن ته مان ڪنهن کي به رنجائڻ ٿي چاهيان. بس مان پنهنجي دل کولي سڀني سامهون رکان ٿي. ڪنهن جون به ڪيل ڪوتاهيون مان برداشت نه ٿي ڪري سگهان. ۽ وري ڪنهن جي طرفان ڪيل سٺا ڪم ڏسي به مان دل سان ان جي تعرف ڪندي آهيان..........
ڇو ته ڪشمور کان ڪياماڙي تائين توهان سڀ مون کي پيارا آهيو ۽ مان انڌو پيار نه پر اکيون کولي پيار ڪندي آهيان. ان ڪري جڏهن به منهنجن ڪالمن ۾ ڪو اهڙو سچ لکجي وڃي ٿو ته توهان بجاءِ مون کي معاف ڪرڻ جي صرف اهو سوچيو ته ائين ڇو ٿو ٿئي. ائين اسان ڇو ڪيو. جتي مون کان غلطي ٿئي ڪوتاهي ٿئي منهنجي به وٺ ڪيو، مون کان به حساب ڪتاب وٺو. توهان يقين ڪيو منهنجا پيارا سنڌيو هاڻ اک ٻوٽ وارو زمانو نه رهيو آهي. هاڻ ته رستن تي نه صرف اکيون کولي هلڻو آهي. پنهنجا هٿ پير زخمي ڪرڻا آهن پر هنن اکين جي پنبڻين جي وارن سان به ڌرتيءَ کي صاف ڪرڻو آهي.
آچر 14 فيبروري 1993ع

سنڌ جي ڏاهن جي قول ۽ عمل جو تضاد

ا نوجوان پنهنجي ٻولي ڇڏي پنهنجي تهذيب کان پاسيرا ٿي ڌارين جي رنگ ۾ رنگجي ٿا وڃن. ائين ڪرڻ سان هو پاڻ کي معتبر ۽ ترقي يافته سمجهن ٿا. اهو عقل انهن کي اچي ئي نه ٿو ته ائين ڪرڻ سان انهن نه صرف پنهنجي گهر جوماحول خراب ڪيو پر هڪ پيڙهي کي پنهنجي زمين ۽ ڌرتي واسين کان ڪاٽا ڪري ڇڏيو.....
اهڙي ماحول ۾ غير ٻولي ڳالهائيندڙ ٻارن ۾ ڪٿان ٿي ڌرتيءَ سان محبت پيدا ٿئي. گذريل اليڪشن ۾ ۽ هنن لساني فسادن ۾ اسان سڀني اهو ڏٺو ۽ ٻڌو ته جن ڌارين مان شاديون ڪري پنهنجي بچاءُ جا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا هئا انهن کي به ماريو ۽ لٽيو ويو. هڪ اهڙي ئي گهر واسين کي مان سڃاڻان انهن جو الهه تلهه هنن هنگامن ۾ کڄي ويو. گهرجي وڏي کي ماري ڇڏيو ۽ ٻين کي اپاهج ڪيو ويو. مان انهن کي چيو ته سائين اوهان انهن دهشتگردن کي ٻڌايو ها ته اسان توهان جي ٻولي ڳالهائيندا آهيون ۽ اسان جي گهر ۾ اوهان جي خاندان واريون آهن ممڪن آهي ته ان ڪري توهان جو بچاءُ ٿي پوي ها.........
اليڪشن جي دوران ڇا توهان سڀني کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد خاص ڪري قاسم آباد جي علائقي جي سڀني رهندڙن پنهنجي سنڌي نمائندن کي ووٽ ڏنا هوندا؟
اسان جي اڌ کان وڌيڪ سنڌين وٽ جيڪي قاسم آباد ۾ رهن ٿا، انهن جون زالون غير قومن جو آهي. مون اهوبه ٻڌو هو ته ڪن گهرن ۾ مڙس پيو جيئي ڀٽو جي ڪيسٽ هلائي ته انهيءَ جي ٻئي ڪمري زال ويٺي ايم ڪيو ايم جي ڪيسٽ ٻڌي.....وري منهن جي پڪائي اهڙي ڪن جو ڪير ٽوڪين ته چون ته سائين اڄ ڪلهه جمهوريت جو زمانو آهي......!! اهڙا ڌرتيءَ کان ڪٽيل فرد ۽ پوءِ هجن ڪامورا ته پوءِ انهن مان توهان ڪهڙي چڱائيءَ جي اميد رکي سگهو ٿا...... اسان جا سنڌي ڪامورا، وڏن عهدن تي ويٺل آفيسر ۽ هي سڀ اسيمبلين جاميمبر، انهن جي گهرن ۾ گهڻو ڪري غير قومن جون زالون اڪثريت ۾ آهن. انهن جو اولاد پنهنجي ٻوليءَ کان پنهنجي تهذيب کان اڻ واقف آهي.هي ماڻهو توهان جا مالڪ آهن. پئسو انهن جي هٿ ۾،نوڪريون هنن جي هٿ ۾، وسيلا به انهن وٽ ته پوءِ توهان اهڙن ماڻهن مان پنهنجي قوم جي ماڻهن لاءِ ڪهڙي چڱائيءَ جي اميد رکي سگهو ٿا......؟
ٿيندو به ائين رهيو آهي ته اهڙن ماڻهن وٽ نوڪرين سانگي ڪمين ڪارين ويندڙ غريب اٻوجهه سنڌي سواءِ دڙڪن جي ٻيو ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهندا آهن. اڃا وڌيڪ ڏک ان ويل ٿيندو آهي جڏهن وڏا وڏا قوم پرست به دل هٿان مجبور ٿي جهري پوندا آهن. عشق جو ڀوت ايترو ته سوار هوندو اٿن جو هي ڌرتيءَ واسي وسري ويندا اٿن. پڪل ۽ ڦٿل گدري وانگر وڃي پرائي جهول ۾ ڪرندا آهن.........
اهڙي حالت ۾ اندر ۾ مايوسي ڦهلجي ويندي آهي ۽ سنڌ جو مستقبل اڃان به وڌيڪ تاريڪ نظر ايندو آهي. اڃان به وڌيڪ ان وقت دل کي نراسائي ٿيندي آهي. جڏهن اسان جا مهان دانشور، اديب ۽ شاعر پنهنجي قول ۽ عمل ۾ تضاد پيدا ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙو ئي هڪ واقعو ياد ٿو اچيم ته هڪ وڏي دانشور سان شام ملهائجي رهي هئي. اسٽيج تي ناميارا اديب دانشور ويٺا هئا. اُن اسٽيج جي هڪ ڪرسي تي مان جيتا مڙي به ويٺي هيس. سوال جوابن جي دوران اڃا وڌيڪ ڄاڻ ملي ان شخصيت جي باري ۾، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ئي ڪونهي ته اهو مهان دانشور هڪ تاريخ آهي سنڌ جي، سنڌ ڌرتيءَ سان سندس پيار ۽ وابستگي مثالي آهي. پنهنجي عمل سان هن هميشه سنڌ واسين کي نوازيو آهي. انتهائي ڪوشش ڪندو آهي ته سندس پاران ڪنهن کي به ڪو ڏک نه رسي..........
ها پر مون کي ان مهان شخص جي هڪ ڳالهه جي خبر هئي ۽ مان ڏاڍي احترام سان ان کان ان باري ۾ پڇيو. اها ڳالهه هئي ته ان جي گهر ۾اردو ڳالهائي ويندي آهي. هن محفل ۾ اها ڄاڻ به پئي ته سندس گهر واري سندس سوٽ آهي. مطلب ته اهڙو ڪو مسئلو ئي نه هو جنهن جي ڪري پنهنجي گهر ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي ڇڏڻو پوي پوءِ ان مهان شخص ائين ڇو ڪيو آهي. جواب ۾ ان ٻڌايو ته سندس نوڪري گهڻو ڪري سنڌ کان ٻاهر هوندي هئي. انهن سببن جي ڪري ٻار سنڌي نه سکي سگهيا. هي جواب اطمينان بخش نه هو. ڇو ته گهڻائي خاندان سنڌ کان ٻاهر ته ڇا پر پاڪستان کان ٻاهر به ويا آهن. نوڪرين سانگي پر انهن پنهنجي ٻوليءَ کي نه وساريو ۽ نه ڇڏيو. منهنجي خيال ۾ ته جيئن ته ڪيترن سنڌين وڏن شهرن ۾ اچي پنهنجي ٻارن سان اردو ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ فيشن طور پاڻ کي معتبر ۽ شهري سمجهڻ لڳا هئا. اڄ به انهن کان اهو پڇبو آهي ته توهان ايئن ڇوڪيو ته ڏاڍي نماڻائيءَ سان پنهنجون مجبوريون ٻڌائيندا آهن ته اسان جي ٻارن کي شهرن ۾ رهڻو ۽ پڙهڻو آهي. سنڌي ڳالهائڻ جي ڪري داخلائون نه ٿيون ملن وغيره وغيره. حالانڪ هي وضاحتون ۽ مجبوريون ڪافي نه آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي گهرن ۾ پنهنجي ٻولي ٻارن سان نه ڳالهائينداسين ته پوءِ هو ڪڏهن به پنهنجي ٻولي سکي نه سگهندا. اسان جا ٻار به ته آخر هنن شهرن ۾ ئي پڙهن ٿا ۽ پنهنجي ٻوليءَ کان علاوه ٻيون ٻوليون به ڳالهائيندا آهن.....دراصل اها احساس ڪمتري اسان جي پنهنجي وجود ۾ آهي. اهي ڪوتاهيون اسان جون پنهنجون آهن........
اتي ان مهان شخص جي ڌيءَ هيٺ پنڊال مان اُٿي بيٺي ۽ منهنجي اُن سوال ڪرڻ تي سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪري گهڻو ڪجهه ڳالهايو. اُن جيڪو ڪجهه چيو اُن جو تفصيل لکڻ جي ضرورت نه آهي پر مون کي صرف اُن ڳالهه جو ڏک ٿيو ته آخر هن جهڙي انسان جي اولاد جون اهڙيون سوچون ڇو آهن. اهڙي ڪوتاهي ان مهان شخص کان ڇو ٿي..... مان اُن ڳالهين جو ڪوبه جواب نه ڏنو، ڇو ته اُن ڇوڪريءَ جو اهڙي طرح ڳالهائڻ ئي ڄڻ ته منهنجي سوال جو جواب هو. اهو جواب جيڪو اهو شخص نه ڏئي سگهيو هو. گهر اچي مان سوچيو ته مان سنڌي ادب جي اڃان شاگردياڻي آهيان. ٿوري گهڻي سنڌ جي ادبي تاريخ به پڙهي اٿم، سنڌي نثر جي تاريخ ۾ قاضي قاضن جو ذڪر ايندو آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ قاضي قاضن جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي..... پر ان سان گڏوگڏ جڏهن مخدوم بلاول جي شهادت جي سلسلي ۾ قاضي قاضن جو ڪردار سامهون اچي ٿو ته پوءِ ان شخص سان همدردي ختم ٿي وڃي ٿي. قاضي قاضن جو ادبي پورهيو پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو. پر سندس قول ۽ عمل سندس ڪردار کي هيٺاهون ٿو ڪري ڇڏي.
ڪن ماڻهن جي شخصيت ٻين لاءِ رهبريءَ جو درجو رکندي آهي پوءِ انهن جي قول ۽ عمل جو تضاد دلين کي ڏکوئي ٿو. ڳالهين مان ڳالهه نڪتي آهي ته هڪ ٻيو ذڪر به ڪندي هلان، ان سلسلي ۾ اسان جو هڪ تمام وڏو شاعر آهي. ان جي شاعري اسان جي ذهنن کي سجاڳ ڪرڻ واري آهي. اها شخصيت منهنجي لاءِ ايتري ته معتبر ۽ قابل احترام آهي جو مان ڪڏهن به ان ڀرسان ويهڻ جي جرئت نه ڪندي آهيان. ڪجهه عرصو اڳ ان جي گهر ويس. ڳالهيون ڪندي ان جي ننهن ۽ پوٽي آيون. سندس ننهن غير قوم جي هئي جيڪا پنهنجي ڌيءَ کي پئي چوي دادا جان ڪو سلام ڪرو، “دادا جان ڪو پيار ڪرو”.... اهو عظيم شاعر ڏاڏو ٿيڻ بجاءِ دادا جان هو. مان جيڪا چري ۽ جذباتي آهيان. اصل جهري پيس. هڪدم اتان اٿڻ جي ڪيم، اهي ڳوڙها جيڪي مان روڪي ويٺي هيس ان جي گهر مان ٻاهر نڪرڻ سان ئي ڳڙي پيا. منهنجي هڪ ساهيڙي مون سان گڏ هئي. ان حيران ٿي پڇيو ڇا ٿيو سلطانه تون ڇو پئي روئين. جواب ۾ مان چيو ته راڻي سنڌ جي حقن جون ڳالهيون ڪرڻ وارا...... سنڌ جي ڏکن جون ڳالهيون ڪرڻ وارا سڄي سنڌ کي ڪيئن بچائجي اهڙو فلسفو پيش ڪرڻ وارا پنهنجو گهر، پنهنجي پيڙهي نه بچائي سگهيا آهن....؟!! سڄي سنڌ کي مٿي تي کڻي بيهڻ وارا جذباتي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ وارا پاڻ کي نه بچائي سگهيا. ائين ڇو ٿيندو آهي ته اسان جا آئيڊيل شخص اسان جا رهبر خود ئي اسان جون واٽون روڪڻ وارا، دل کي ڏکائڻ وارا ٿي پوندا آهن.
هي سڀ ڪجهه لکندي مان سوچيان ٿي ته ادب جي حوالي سان هي شخص ۽ انهن جهڙا ٻيا سڀ عزت مان وارا آهن. ادب ۾ ڪيل خدمتون ۽ انهن جون لکيل تصنيفون انهن جو نالو روز محشر تائين قائم رکنديون. پر ڇا سندن هي قول ۽ عمل جو تضاد بخش ڪرڻ جهڙو آهي.......؟؟؟

آچر 21 فيبروري 1993ع

عورت، پيار۽ قربانيءَ جو مثالي ڪردار

عورت لفظ جي معنيٰ ئي آهي پيار ۽ قرباني، عورت جيئندي آهي ته به ٻين ڪارڻ، پاڻ کي ٺاهيندي آهي. پاڻ کي وڻائيندي آهي ته ٻين لاءِ، حد ته اها آهي ته سندس کائڻ پيئڻ جو لاڳاپو به ٻين سان جڙيل هوندو آهي. اڪثر گهرن ۾ ڏٺو ويو آهي ته جڏهن گهر جو مرد ڪاڏي ٻاهر ويل هوندو آهي ته ٻار به صغير هوندا آهن ته گهرجي عورت بچي سچي مان پئي گذر ڪندي آهي. سندس روح ئي نه ورندو ته ڪُنو پنهنجي لاءِ کڻي ڪو چاڙهي. ها باقي حيثيت آهر اهتمام ٿيندا آهن گهر جي مرد ۽ ٻچن لاءِ..........
سنڌي عورت ته اسان جي معاشري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، اسان سڀ جيڪي شهرن ۾ رهون ٿا پر اسان جون پاڙون سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي علائقن سان جڙيل آهن. ان ئي ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ اسان جو ننڍپڻ گذريو آهي. هاڻ گهڻو نه ته به ٿورو ئي سهي تعلق اڃا تائين ڳنڍيل آهي. پنهنجي ماحول سان ٻهراڙيءَ جي سنڌي عورت محنت ڪش ۽ همت واري آهي. هوءَ زندگي ٺاهي به ڄاڻي ته تباه ڪرڻ به ڄاڻي. ٿوري خوشي اُن کي مضبوط ڪري ٿي ته گهڻا غم کيس ارڏو به ڪري ڇڏيندا آهن. مان وچولي طبقي جي ڳالهه بعد ۾ ڪندس پهرين ذڪر ايندو اسان جي غريب ۽ پوئتي پيل گهرن ۾ رهندڙ عورتن جو جيڪي هارياڻيون ٿي ڪري پنهنجي ورن سان گڏ زمينن تي ڪم ڪن ٿيون يا وري اهي جيڪي گهرن ۾ پورهيت ٿي ڪم ڪن ٿيون. اُنهن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي جيڪي پنهنجي گهرن ۾ ويهي هٿ جو پورهيو ڪري پنهنجو وقت پيون گذارين. هڪ دفعو هڪ پورهيت کان پڇيم تون ايتري ننڍي عمر ۾ هيترن ٻارن جي ماءُ ٿي ويئي آهين ڀلا ايترو جلدي تنهنجي شادي ڇو ٿي ويئي. ٻڌايائين ته ٿوري وڏي ٿيس ته هاءِ گهوڙا مچي ويئي. پيءُ منهنجو بار لاهي ڦٽو ڪيو.... جهڙو ابي جو گهر، تهڙو مليم مڙس جو گهر. نه ڪمائي نه ڪرتي. مٿان وري ٻارن جي لانڍ.....پوءِ مان نه ڪندس انهن جي ته ڪير ڪندو. انهن کي بکيو ۽ انگ اگهاڙو ڏسي منهنجي هنياءُ ۾ ئي ته وڍ هوندا، باقي آهي ڪير انهن جو يا منهنجو......هڪ ٻي مائي جنهن جي ٻي شادي ٿيل هئي اُن پنهنجو داستان هيئن ٻڌايو ته پهريون مڙس گذاري ويو. رڳو هيم ٻه ڌيئرون جيڪي ڏيرن کسي ورتيون. پٽ هجي ها ته اصل ڪونه کسين ها ڇو ته ڌيئرون ته ٽڪن تي وڪامنديون آهن. گهر مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيائون. چون تون ڪير ٿيندي آهين اسان پنهنجن جي ڀاءُ ۽ اُن جي ٻچن جا وارث آهيون. ابو امان ته مري ويا هئا ڀائرن جي درن تي وڃي ڪريس. آخر هو به مون کي نه سنڀالي سگهيا. زوريءَ ٽڪن تي وڪڻي مون کي ٻيو مڙس ڏنو اٿائون بس امڙ اها آهي اسان جي قسمت ابي ڄاوا به ڪسر ڪونه ڇڏين ۽ پيٽ ڄاوا به ڇني ڌار ٿيو وڃن......
اهڙا ڪيترا مثال لکي سگهجن ٿا. آخر ائين ڇو آهي اسان جي معاشري ۾......؟ سنڌي مرد ڏسڻ ۾ ته ڏاڍو غيرت وارو نظر ايندو آهي باقي ذميواري کڻڻ لاءِ اُنهن جي اُها غيرت سمهي پوندي آهي. سڄو ڏينهن ڳوٺ ۾ ٺهيل مانڊڻين ۽ چانهه جي هوٽلن تي ويٺا ٽيپ تي گانا ٻڌندا، باقي ڪم ڪرڻ کان ٻرو هوندن......
تازو يونيسيف طرفان جڏهن اسان ڪوٽڙي اسپتال جي سروي ڪرڻ ويا هئاسين ته اُت هڪ عورت کي ڇهون ٻار ڄائو هو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته سندس گهر وارو بيروزگار آهي. اسان جي گروپ جي ميمبر جن ۾ فتاح عابد، نسرين نوري ۽ ٻيا سماجي ڪارڪن ۽ اديب به هئا اُنهن اُن مائي جي گهر واري کي گهرايو. پڇا ڪرڻ تي اُن جواب ڏنو ته مان بيمار ۽ ڪمزور آهيان انڪري ڪمائي نه ٿو سگهان. سڀن اُن کي سمجهائڻ چاهيوته جڏهن بيروزگاري هجي ۽ زال به بيمار هجي ته ڀلا هروڀرو ايترا ٻار ڄڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. جواب مليو ته اُهي ته الله ٿو ڏئي...... الله ڏنا آهن ته پاڻهي ئي وڏا به ٿي پوندا... مان امالڪ چئي ويندس الله اهو ته ڪونه ٿو چوي ته زالن سان سمهو ٻار ڄڻيو ۽ پوءِ الله جي آسري تي ڇڏي ڏيو......
الله ڏنا آهن ته انهن جي ذميداري به توهان تي آهي ته اُنهن جون ضرورتون پوريون ڪريو..... وري ساڳيو جواب مليو مان ته بيمار آهيان ڪمائي نه ٿو سگهان. ان وقت منهنجي وجود ۾ ايتري نفرت ڀرجي آئي جو ڪرڀ مان چيومانس ته زالن سان سمهڻ مهل بيمار ۽ لاچار ڪونه آهيو، باقي ڪمائي لاءِ محنت ڪرڻ لاءِ بيمار آهيو.........
سچ پچ اسان جي معاشري ۾ غريب عورت ته قابل رحم آهي. ننڍا هوندا هئاسين ته روزانه اخبار ۾ ڌيان طلب جا اشتهار پڙهندا هئاسين ۽ اڃا تائين اهڙن اشتهارن ۾ ڪمي نه آئي اهي. هيءُ اُها ئي عورت آهي جيڪا ڪنهن گهر ۾ ابي امان جي ستايل آهي ته ڪئي واري مڙسن جي ستايل آهي. ابو امان ٽڪن تي وڪڻن ۽ وري مڙس لاءِ ۽ ٻچن لاءِ محنت مزوري ڪري ٽڪا ڪمائين.... اهڙيون ئي پيار ۽ محبت کان محروم عدم توجه ۾ پلجڻ واريون عورتون عزت داءُ تي لڳائي گهران نڪريو پون. پوءِ روزانه اخبارن ۾ اشتهار پيا ڇپجن ڌيان طلب جا اهي ئي ڌيان طلب جا اشتهار ئي اسان جي معاشري جو اهڙو ناسور آهن جنهن جو اڃا تائين ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو آهي.
غريب طبقي کان ٿورو مٿڀرو طبقو جن جون عورتون برقعو پائينديون آهن اُنهن جا وري الڳ وڏا مسئلا آهن. اُنهن جي گهرن جا مرد به گهڻو ڪري ٽوٽي ۽ هڏ ڀڳل آهن ۽ هو ويچاريون گهر ويٺي هٿ جو پورهيو ڪري ۽ سلايون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو گذران ڪنديون آهن. ٿوري گهڻي ڳالهه تي برقعو پائي گهر مان نڪري پاڙي ۾ پيون گهمنديون آهن. دنيا جهان جا قصا ڪري پنهنجي اندر جون باهيون ڪڍي پيون وقت گذارينديون آهن. گهر ۾ ويهي پورهيا ڪرڻ ٿڪجي ذهني سڪون لاءِ برقعو پائي گهر کان ٻاهر نڪرڻ دوران رستي ويندي ڪري ڪير طنز، ڪير پيڇو ۽ ڪير به مٺا ٻول ته بس مائي جو عقل اصل کڙيءَ ۾ وري اهي ئي اخبارن ۾ ڇپيل ڌيان طلب جا اشتهار......!!! هاڻ اڃا ٿورو مٿي مڇي ماني کائڻ وارن پڙهيل لکيل گهرن جو ماحول......اُن لاءِ ته مثال مان پنهنجي ننڍپڻ جي ساٿياڻي جيڪا پهرين درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين مون سان گڏ پڙهي هئي اُن جو ڏئي ٿي سگهان. سڪينه جنهنجو والد ريلوي اسٽيشن تي نوڪري ڪري ريٽائر ٿيو هو. وڏا ڀائر شادي ڪري الڳ ٿي ويا. باقي گهر ۾ بچيا ٻه ڀائر ڀيڻ ۽ پوڙها ماءُ پيءُ، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ سڪينه پرائمري اسڪول ۾ ماستري ورتي ۽ گهر جو بار کڻي بيٺي. اڃا سک جو ساهه به ڪونه کنيائي ته سندس ماءُ پيءُ ٻئي گذاري ويا..... سندس ننڍي ڀاءُ کي ڀٽي صاحب جي زماني ۾ ڪراچي ۾ اسڪول ماستري ملي سو به اوڏانهن هليو ويو هاڻ سڪينه اڪيلي رهجي ويئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ مان ٻڌو ته سڪينه پاڻ کان وڏي عمر جي هڪ ڪوجهي مرد سان شادي ڪئي آهي ۽ اهو شخص اڳ ۾ ئي شادي شده به هو....حيراني ٿيم ڏاڍي، هڪ دفعو عيد تي ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته سڪينه کي پاڻ وٽ گهرايم ۽ احوال ورتم. اُن ويچاري ٻڌايو ته سڀ مون کي اڪيلو ڪري هليا ويا. هجي ها امڙ ته ڪو بلو ڪري ها منهنجي شاديءَ جو.....گهر ۾ رات جي وقت ڪمهلا آواز ٿين دروازا پيا کڙڪن. اسڪول وڃان ته واٽ تي ڪونه ڪو پٺيان لڳو وتيم. غليظ ۽ فحش ڳالهيون ٻڌي ٿڪجي پيس. اکيون هيٺ ڪري ڪن ٻوڙا ڪري پيئي اسڪول ايندي ويندي هيس. اصل ظلم ته وري اهو ٿيو ته منهنجي شرافت ڪم نه آئي، اُهي ئي ماڻهو جن کي مون لفٽ نه ڪرائي تن ئي وري اوڙي پاڙي ۾ بدنام ڪرڻ شروع ڪيو پوءِ ڇا ڪيان ڇپر ڇانو جي ضرورت ٿيم. پوءِ جهڙو تهڙو رشتو آيو ته کڻي قبول ڪيم. هاڻ اُن کي به ويٺي پاليان. فرق صرف اهو آهي ته هاڻي شادي شده وات وڪيل آهيان ان ڪري هاڻ ڪير به منهنجو نالو ڪين ٿو وٺي.........
سڪينه جيڪا هاڻ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي ۽ ايم اي به پاس ڪئي اٿس. گذريل سال اُن سان ورهين کان پوءِ مليس. ڪمزور بيمار، بلڊ پريشر هاءِ، دل جو ڌڙڪو خبر نه آهي ڪيترين بيمارن ۾ ورتل سڪينه جيڪا هاڻ اسڪول ۾ هيڊماسترياڻي آهي. پر سندس چهري ۾ سڪون ۽ اطمينان جهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. هو مون کي اها پريشان حال پڙهيل لکيل عورت لڳي جيڪا صرف پنهنجي وجود جي ٽٽل ٽڪرن کي وکيرڻ بجاءِ گڏ ڪرڻ ۾ پوري آهي ۽ ائين ئي زندگي پئي گذاري.
اڄ عورتن جي حوالي سان ڳالهيون اُن ڪري پيئي ڪيان ته اڄ ڪلهه منهنجي هڪ پياري دوست جيڪا آفيسرياڻي آهي ٻارهن هزار پگهار اٿس. گذريل هفتي ٽي چار دفعا مون وٽ آئي آهي. اڄ ڪلهه وڏن مسئلن ۾ گهريل آهي. هوءَ مون سان سڀ دل جون ڳالهيون اوريندي آهي. ننڍا وڏا ڏک سک ته هونئن ئي هوندا آهن پر اڄ ڪلهه هوءَ هڪ وڏي اذيت مان گذري پئي. هوءَ ڪيتري دير بغير فل اسٽاپ جي ڳالهائيندي رهندي آهي. سندس اکين ۾ ڳوڙهن جي نمي، اکين ۾ ڳوڙها ۽ هٿ پيا ڏڪندا اٿس. انهيءَ ڪيفيت ۾ جڏهن مان کيس آٿت جا ٻه لفظ به چئي نه سگهندي آهيان ۽ سندس ڏڪندڙ هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي آهيان ته هوءَ يڪدم مون کي چوندي آهي ته هن کي ڪنهن جي به پرواهه نه آهي. آئون مڙوئي ائين تو سان ڳالهيون پئي ٿي ڪريان. مان پاڻ به هميشه ائين محسوس ڪندي آهيان ته دنيا جي ڪنڊن ڀري واٽ نٽهڻ اُس ۾ پيرين اگهاڙي هڪ پلصراط تي هلندي رهي آهيان.پر هئڙا پيار انسان ۽ دنيا ۽ معاشري جون زيادتيون مون کي اڃا وڌيڪ ڏکوئينديون آهن. پڙهيل لکيل معاشي طور مضبوط عورت به ڪيتري نه ويچاري ٿي وڃي ٿي. علم جي روشني ۽ معاشي طور مضبوطي اُن عورت جو سهارو آهن. ان ڪري ئي هڪ مضبوط عورت جو ڪردار سامهون ٿو اچي. نه ته حالتون ته اهڙيون آهن جو شايد اخبارن ۾ رڳو عورتن جي تصويرن سان ڌيان طلب جي اشتهارن ۾ اڃا به اضافو ٿيندو رهندو.

آچر 7 مارچ 1993ع

سنڌ ڌرتيءَ تي رت جي راند

ٻڌو اٿئون ته هر ظالم جي ظلم جو هڪ دور هوندو آهي ان دور دوران اهو ظالم اڇا لٽا پائي، مٺي زبان ٻولي، منهن ملان جو اندر ۾ ابليس وانگر هڪ ناٽڪ رچائيندو آهي. ان ناٽڪ ۾ ڪٺ پتلين وانگر نچندڙ ڪڏندڙ ڪردار سڀ ڪجهه سمجهندي به، سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به ايترا ته بي حس ۽ مجبور ٿي ويندا آهن جو پاڻ ڇڏائي نه سگهندا آهن. ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ اڃان به وڌيڪ منجهندا ويندا آهن. اهو ظالم ۽ شاتر انسان اهو سمجهندو آهي ته ڌرتيءَ تي خدا ٿي ويو آهي. ڌرتيءَ تي رهندڙ هر انسان ان جي اڳيان ڪيڙن ماڪوڙن کان وڌيڪ اهميت نه رکندا آهن. ظلم سهڻ وارن جي بي حسي ۽ لاچاري ان کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪندي رهندي آهي. ظلم سهڻ وارا ۽ اهي جيڪي ان ظالم جي ظلم کان بچيل هوندا آهن. ڪو به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍندو آهي.
سمجهندي ڄاڻيندي هرڪوئي پنهنجي اکين مٿان تاريڪيءَ جا کوپا چاڙهي ڇڏيندو آهي. ڪنهن جي تصور ۾ به نه هوندو آهي ته ڪو اهڙي ظالم کان ڇوٽڪارو به ملي سگهي ٿو. . . . اوچتو ئي اوچتو ڪو معجزو رونما ٿي ويندو آهي. ڪا غيبي طاقت ڍر ڏنل رسيءَ کي وٺي ڇڪيندي آهي. ان وقت اهڙيون حالتون رونما ٿينديون آهن جو انسان جو تصور ۽ سوچون به منجمند ٿي وينديون آهن. انسان جي سوچ به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي. صرف حيراني پريشاني هوندي آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو. ڇو ٿيو وغيره.
اهڙين ئي حالتن مان اڄ ڪلهه سنڌ جي ڌرتي گذري پئي. اڃا ڪالهه جي ڳالهه ئي ته آهي ايم ڪيو ايم جي دهشگردن، قاتلن ۽ رهزنن جو نه صرف سنڌ جي شهرن تي راڄ هو پر سنڌ حڪومت ويندي مرڪزي حڪومت ٻَئي انهن جي مُٺ ۾ هيون، ڏينهن رات حاضريون ڀريون وينديون هيون. حڪومت جا اهم فيصلا، نوڪرين جا فيصلا ۽ سڄي سنڌ ۾ بدليون ڪرائي پنهنجا ماڻهو رکائڻ ۽ قتل خونريزيءَ جي چئني طرف باهه ٻارڻ، اهو سڀ ڪجهه انهن ظالمن جي هٿ هيٺ ٿيندو رهيو. متان اهو سمجهو ته ڪو انهن جو اهو عمل ڪنهن کان لڪل هو. هڪ عام ريڙهي واري ۽ مزور کان وٺي ويندي اسان جي ملڪ جي سربراهن کي، هر ڪنهن کي ڄاڻ هئي ته اهو سڀ ڪجهه ڇا پيو ٿئي ۽ ڪير پيو ڪري پر سائين اک ٻوٽ اهڙي هئي جو هر ڪوئي اچي پيو حاضريون ڀري، ڦرلٽ، قتل و غارت ۽ عدم تحفظ جو اهڙو ماحول پيدا ٿي چڪو هو جو گهر مان نڪرندڙ اهو سوچي نڪرندو هو ته الائجي گهر واپس به پڄندس الائجي نه. . . . . اگر واپس به آيس ته گهر جا ڀاتي به زنده سلامت ملندا الائجي نه . . . . . اسان جي اسيمبلين جي جيڪا حالت وڃي بيٺي سا به لکڻ جهڙي آهي. اسيمبليءَ جا ميمبر کٽن هڪڙي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ووٽ وٺن پارٽين جي نالي پٺيان ۽ اسيمبليءَ ۾ اچي پنهنجي ضمير جو سودو، پنهنجي وجود جو سودو پلاٽ پرمٽون ۽ وزارتن پٺيان ڪريو ڇڏين. اهڙين حالتن ۾ ڪير انهن کان اهو پڇڻ جي جرئت ئي نه ٿو ڪري ته توهان کي جن ماڻهن ووٽ ڏنو ۽ ان ووٽ جو اوهان تحفظ نه ٿا ڪري سگهو ته بجاءِ پارٽي بدلائڻ جي توهان استعيفا ڏيئي ڇڏيو.
سنڌ جي چونڊيل ميمبرن جو ڪردار اهو رهيو آهي جو سنڌ سان واسطو رکندڙ حساس مسئلا جيئن بهارين جو مسئلو، ڪوٽا سسٽم جو مسئلو، وغيره اگر ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ ميمبر اسيمبليءَ ۾ انهن مسئلن کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان ڳالهه کي به تماشو ٺاهيو ويو، سنڌ ۾ لساني فسادن ۾ ڪنهن به سنڌي ميمبر ملي ڪري وڃي ڏتڙيل، تباهه حال ۽ قتل ٿيندڙ سنڌين سان نه ڪا وڃي همدردي ڪئي ۽ نه وري عذر خواهي ڪئي. بي عزت ٿيل، لڄون لٿلن کي به انهن مان نه ڏنو. . . . .
هي تاريخ جي ورقن تي لکيل سڀ کان وڏو ظلم ۽ سڀ کان وڏو سچ آهي ته سنڌ جي شهرن مان ڳوٺن ڏي لاش ويندا رهيا. گهر گهر ۾ ماتم ٿيندا رهيا. . . لاوارثن وانگر ويچارا نوڪرين سانگي ايندڙ شهرن ۾ رهندڙ پنهنجن نوجوان ٻچن کي ڳوليندا رهيا. حيدرآباد جي سڄي شهر مان ۽ انهن پراڻين وستين مان جن ۾ سنڌي آباد هئا ۽ اهي نوان علائقا جيڪي سنڌين ٺاهيا ۽ آباد ڪيا هر هنڌان انهن کي ڪڍيو ويو. پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي هٿين خالي سنڌين اچي نوان علائقا آباد ڪيا. اها سچائي، اها حقيقت ڪنهن کي به نظر نه آئي ته هيڏي وڏي حيدرآباد شهر مان ڪيئن سنڌي تڙجي نڪتا. . . . .؟ هي سڀ اسيمبلين جا سنڌي ميمبر، هيءَ سنڌ جي حڪومت ۽ اسان جا حڪمران جيڪي اسلام آباد ۾ ويٺا آهن انهن کي اها حقيقت نظر ئي نه ٿي اچي، هاڻ به جڏهن ايم ڪيو ايم جا اڇا ڪارا پڌرا ٿيا آهن ته به ان ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته انهن پناهگيرن جي ليڊرن پنهنجن ماڻهن، جن سان سندن پارٽيءَ سان غداري ڪئي انهن کي ٽارچر ڏنا ۽ ماريو اڃا تائين ڪنهن به ماڻهوءَ يا پريس اهو چوڻ جي جرئت ئي نه ڪئي آهي ته هيڏا سارا جو لساني فساد ٿيا جن ۾ بي انداز سنڌي، پٺاڻ ۽ ٻين قومن جا نوجوان ماريا ويا ۽ انهن جي قاتلن جو نالي سوڌو ايف آءِ آر ڪٽيل آهي يا نه به ڪٽيل آهي ته به حقيقت سامهون آشڪار آهي، انهن خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. . . . . .؟ پنهنجن ماڻهن کي پاڻ مارائي پوءِ اخبارن ذريعي ۽ ٻين طريقن سان ڏاڍائيءَ جو مظاهرو به هنن ظالمن ڪيو، هاڻ ته هر ڳالهه واضح آهي ته انهن ماڻهن پنهنجا ماڻهو پاڻ ماريا، ان جي باوجود به هو سڀني سان گڏ آهن. . . . .؟ قلعي وارو واقعو ڇو ٿيو؟ ۽ وري اتي دهشتگردن خلاف ٿيندڙ ڪارواين کي ڇو روڪيو ويو؟ ان سچائيءَ تان به پردو کڻڻ جي همت اڃان تائين ڪنهن ۾ به ڪانهي. . . . . حد ته اها آهي ته هنن دهشتگردن جي نه صرف ظلمن کي نظر انداز ڪيو ويو پر انهن کي ڪروڙن جي امداد به ڏني ويئي آهي. هاڻ جو وري اليڪشنن جو اعلان ٿيو آهي ته اڃا ڪالهه خبر پڙهي اٿم ته پنجاب جو وزير اعليٰ وائين صاحب وري هڪ ٻن ڏينهن ۾ حيدرآباد پيو اچي ۽ قلعي جي واقعي جي متاثرين ۾ امداد ورهائيندو، هاڻ سائين ان نئين يادگيريءَ پٺيان به ڪهڙي سياست آهي، ان کي به سمجهڻ گهرجي. . . . . .
عبدالستار ايڌي وڏي واڪ ٻڌائي چڪو آهي ته گذريل ڪيترن سالن کان شهرن ۾ روزانه ڪيترا اهڙا لاش ملن ٿا جيڪي اذيت ڏيئي ماريل ۽ چٿريل هئا جن جي سڃاڻپ ناممڪن هئي. هو روزانه دفن ڪرائيندو رهيو آهي. عبدالستار ايڌي جو اهو به چوڻ آهي ته هو اهڙن لاشن جي باقاعدگيءَ سان رپورٽ اعليٰ حڪام کي ڏيندو رهيو آهي. ان جي باوجود به اسان جي اعليٰ حڪمرانن ڪجهه به نه ڪيو . . . . سڀ ڪجهه سمجهندي انهن پنهنجي اکين تي کوپا چاڙهي ڇڏيا. آخر اهڙي ڪهڙي مجبوري هئي ۽ آهي جو اسان جا حڪمران به بيوس آهي. . . . .؟
گاڏين جون چوريون، بينڪن جا ڌاڙا، شهرن مان زبردستي ڪروڙن جي تعداد ۾ چندو وٺڻ ڇا اهو سڀ ڪجهه لڪل هو ڇا؟ شهرن جي اهم ادارن مان قائداعظم جون تصويرون هٽايون ويون. اهڙا نقشا ٺاهيا ويا جن ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايل ڏيکاريو ويو . . . . مطلب ته هر قسم جي بدمعاشي ۽ غداريءَ جو ڀرپور ۽ کلي عام مظاهرو ڪيو ويو.
اوچتو ڇا ٿيو جيئن نه ننڍڙو بي سمجهه ٻار ڇرڪ ڀري اٿندو آهي. اسان جا وڏا به ائين ئي اوچتو ڇرڪ ڏيئي اٿيا. پوءِ ته سائين اهڙا ته پول کليا اهڙا ته ثبوت مليا جو ائين لڳو ته هاڻ هنن ظالمن جي بچڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونهي، اذيت گاهون جيڪي انهن جي ڪيل ظلمن جو وڏو ثبوت هيون. غداريءَ ۽ وطن فروشيءَ بابت حساس ادارن جون رپورٽون ۽ اعليٰ عملدارن جون ڪيل ڪاروايون، ڏنل بيان ۽ ثبوتن مان ڪا گنجائش ئي ڪو نه هئي ته ڪو هي ماڻهو بچي نڪرندا . . . . هي معجزو جهڙي طرح رونما ٿيو اهڙي طرح ئي ان ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا. شڪ شبها ته انهيءَ ويل ئي وڌيا جڏهن ايڏي وڏي ڪاروائيءَ ۾ ڪي به سرگرم رهنما گرفتار نه ٿيا. پهرين ته اهو تاثر ڏنو ويو ته سائين انڊر گرائونڊ ٿي ويا آهن، ڳولا جاري آهي، ٿوريون ننڍي پيماني تي گرفتاريون ٿيون پر اصل وڏا مجرم روپوش هئا. اوچتو انهن مان ڪي ظاهر ٿيا. خبر اها پئي ته انهن شريف زادن جو انهن اذيت گاهن، قتل و غارت ۽ دهشتگرديءَ سان ڪو به تعلق ڪو نه هو ان ڪري ڳالهين وسيلي هڪ ٺاهه ڪري اهي ٻاهر نڪتا آهن. اها اهڙي چال هئي جنهن هر ماڻهوءَ کي حيرت زده ڪري ڇڏيو. هڪ اهڙو گروپ جيڪو هن دهشتگرديءَ جو برابر جو حصيدار هو ۽ انهن جا اختلاف به صرف بي انداز دولت جي حصيداريءَ ۾ ٿيا هئا انهن کي تحفظ ڏنو ويو، وزارتون ڏنيون ويون ۽ مشيرن جا درجا ڏنا ويا. هن سڄي وايو منڊل ۾ هاڻ اهڙيون حالتون ظاهر ٿيون آهن جو هاڻ هي سڀ دهشتگرد وري پنهنجن آقائن کان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري شريف زاده ٿيندا پنهنجي ٻرن کان ٻاهر نڪرندا پيا اچن.
هي اسان جو ملڪ جنهن ۾ اعليٰ عدالتون به آهن، اهڙا حساس ادارا به آهن جن انهن کي سڳ سوڌو پڪڙيو آهي. هاڻ حالتون ته اهڙيون هيون جو ڪا به گنجائش نه هئي، هنن ماڻهن جي بچڻ جي. صرف عدالتي ڪارواين جي ضرورت هئي ۽ هنن ظالمن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻو هو. ائين ڪرڻ به ضروري هو ڇو ته هن ملڪ جي قانون موجب هو ڏوهاري هئا. انهن کي سزائون ملن ها ته نه صرف هي ظالم ۽ غدار پنهنجي انت کي پهچن ها پر آئينده به ڪنهن کي اهڙي همت نه ٿئي ها . . . . ها پر ٿيو ته ائين آ جو هي جيڪو معجزو رونما ٿيو هو تنهن جي حقيقت هاڻ ظاهر ٿي پئي آهي. وري جو اليڪشن جو اعلان ٿيو آهي تنهن وري رهيو کهيو نور به چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اعلاڻ ٿيڻ شرط ئي اسان جو وزير اعليٰ رات جو ٻارهين بجي هليو آهي ملاقاتون ڪرڻ، اخبارن ۾ ڏنل بيانن ۽ حالتن مان خبر پوي ٿي ته هاڻ وري لنڊن تائين حاضريون ڀربيون ۽ معاهدا ٿيندا . . . . .!!!
هاڻ ڪيترائي سوال آهن جيڪي هن وايو منڊل ۾ گونجي رهيا آهن ته ڇا اسان وٽ صاف سٿري سياست ڪڏهن به ڪو نه ٿيندي؟ ڇا هنن معاهدن پويان ناٽڪ رچائي وري هنن ظالمن کي آڻي پناهه ڏني ويندي؟ ڇا اسان جي ملڪ جو قانون ۽ اعليٰ عدالتون بي وس آهن؟ ڇا اسان جي ملڪ ۾ سياست جي معنيٰ ئي آهي بدمعاشي ۽ غنڊه گردي؟ اندر ئي اندر هي جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ان جو اثر مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟ اهڙيون حالتون ڪڏهن پيدا ٿينديون جڏهن هن ڪوڙ جي پردن پٺيان سچ ظاهر ٿيندو ۽ هن پاڪ ڌرتيءَ تي امن قائم ٿيندو جنهن کي هن مهل تائين رت جو ريج ئي ڏنو ويو آهي . . . .؟؟؟؟

آچر 14 مارچ 1993ع

جِنَ آخر عورتن جا مهمان ڇو ٿا ٿين

جنن ڀوتن جون به عجيب ڪهاڻيون آهن اسان جي معاشري ۾، جِنَ جيڪي بيشڪ موجود آهن ۽ ڪنهن ڪنهن وقت انسانن کي تڪليفون به ڏيندا آهن ته مددگار به ثابت ٿيندا آهن جنن ۽ جنڙين جي وجود کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اها هڪ اهڙي مخلوق آهي هن ڌرتيءَ تي جيڪا انسان کي ڏسي ٿي پر انسان ان کي ڪونه ٿو ڏسي، اهو جيڪو نه ڏسڻ جو تعلق آهي سو ئي تڪليف ده آهي. ان اڻڄاڻائيءَ ۾ انسانن کان ڪي ڪوتاهيون به ٿين ٿيون جن جي ڪري هي جِن ۽ جنڙيون ناراض ٿيو وڃن...... ها پر ان ڳالهه جو به يقين آهي ته هيءَ مخلوق هروڀرو انسان جي دشمن نه آهي پاڻ همدرد آهي.....
هڪ ڳالهه جيڪا سمجهه کان مٿي آهي ته اسان جي سنڌي معاشري ۾ عورتن تي هروڀرو جِنُ ڇو ايندو آهن. هڪ اها به حقيقت آهي ته علم جي روشني نه هئڻ ڪري ۽ معلومات جي گهٽتائي جي ڪري به ڪيترن ذهني مريضن کي به جنن جي اچڻ جو سبب چيو وڃي ٿو. نفسياتي الجهنون ذهن تي دٻاءُ جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ سان پيو ڳالهائيندو آهي. پنهنجن ذاتي مسئلن تي ذهن ۾ جنگ جوٽي زبان سان هو ويٺو انهن جو حل ڳوليندو آهي. اها ابتدا آهي ذهني مرض جي جيڪا اڳتي وڌي جنون جو شڪار ٿئي ٿي. اهڙي حالت ۾ علاج سان اهڙا مريض ٺيڪ ٿي سگهن ٿا پر ان حالت کي جنن جي حوالي ڪرڻ ۽ پوءِ تعويذ ۽ ڦيڻا ڪرڻ سان اهو مريض اڃا به آپي مان نڪريو ٿو وڃي.
اڪثر وڏ گهراڻن گهرن ۾ يا اُهي گهر جيڪي خاندان کان ٻاهر شاديون نه ڪرائيندا آهن.پنهنجن نياڻين جون اهڙن گهرن جون نياڻيون هسٽيريا جي مرض جو شڪار ٿي وينديون آهن اهڙي مرض جو علاج ڊاڪٽر صاحبان شادي تجويز ڪندا آهن. جن ماڻهن ڊاڪٽرن جي تجويز تي عمل ڪري پنهنجن نياڻين جون شاديون ڪرايون اهڙا مثال اسان پاڻ ڏنا آهن ته هو سڀ خوش زندگي گذارين پيون.
مان ڊاڪٽر نه آهيان ۽ نه نفسياتي ماهر آهيان پر هن معاشري ۾ رهي مون اهو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته اهڙن گهرن جون ڇوڪريون هسٽيريا جي مرض ۾ گرفتار ٿينديون آهن، جن کي گهر جي ماحول مان اهڙيون مايوسيون ۽ نراسايون ملنديون آهن.......جانور توڙي انسان قدرت طرفان انهن ۾ ڪي جذبا اهڙا رکيا آهن جيڪي شدت سان اُڀرن ٿا. اهڙن ئي شديد جذبن جي لاءِ مذهبن، معاشري ۾ ڪيترائي اخلاقي قدر ۽ حدبنديون رکيون آهن. هنن شديد جذبن کي روڪڻ سان يا ان ۾ ڇڙواڳي اچڻ سان ئي مسئلا اُڀرن ٿا. عورت توڙي مرد ٻئي ڄڻا انهن جذبن جي آشنائي رکن ٿا. اهي جذبا انهن ٻنهي وٽ اوتري شدت سان موجود آهن پر جيئن ته عورت کي اخلاقي ۽ ڪجهه پنهنجي اندروني قوت جي ڪري ان جذبي جي شدت کي دٻائڻ جي قوت آهي. جن عورتن انهن جذبن کي ماري سڄي زندگي گذاري.چاليهه سال عمر گذارڻ کان پوءِ به هو ڪيترن بيمارين ۾ وٺجي وينديون آهن. مٿي جو سور، بي خوابي، بلڊپريشر هاءِ، خبر ناهي ٻيون ڪيتريون اهڙيون بيماريون انهن کي وڪوڙي وينديون آهن جو سڀ ڪو حيرت مان چوندو آهي ته هن ڪنواريءَ کي اها بيماري ڪيئن ٿي، اسان جي پنهنجي گهرن ۾ آس پاس ۾ رهندڙ ايترا ڪيترا مثال آهن. هڪ عورت مون کي اڃا تائين ياد آهي جيڪا ڏينهن ۾ ٻي ٽي دفعا ٿڌي پاڻي ۾ پير هٿ وجهي ويهندي هئي، سندس اهو چوڻ هوندو هو ته سندس وجود ۾ باهه پيئي ٻري...... يقينن اهو به فرق آهي ته هڪ پڙهيل لکيل مصروف عورت وري به پنهنجي زندگيءَ ٺاهي ٿي وڃي ڇو ته ذهني مصروفيت انسان کي سڪون ڏئي ٿي. گهرن ۾ ويٺل اهي عورتون جن کي ڪا ذهني مصروفيت آهي ئي ڪانه ۽ انهن جي گهرن ۾ ڀائر ڌام ڌوم سان شاديون ڪن ٿا. پنهنجن ڪنوارن سان خوش گذارين، ڪن گهرن ۾ مرد ٻه شاديون ڪن، گهر کان ٻاهر به عياشيون ڪن ۽ پنهنجي گهر ۾ ويٺل نياڻين کي شاديون نه ڪرائينداآهن. اهڙن احساسن ۽ جذبن جو ماريل جن کي دنيا جي سڀ وهنوار جي ڄاڻ به آهي. پر انهن لاءِ هر قسم جون پابنديون آهن. شرافت ۾ جي رهن ته ذهني مريض ٿيون ٿين. هسٽيريا جي مرض ۾ وڪوڙجي ٿيون وڃن، آهن اگر ڪي همت واريون ته ڪوٺا به ٿيون ٽپن، پنهنجي زندگي برباد به ٿيون ڪن.......
هڪ عورت جنهن کي ساهرا گهر ۾ ڏاڍو ڪم ڪرائيندا هئا. ان تي جن اچي ويو، سائين ڏاڍا تعويز ڦيڻا ٿيا، فقيرن کي گهرايو ويو، پڙهيل پاڻي پياريو ويو، پر مائيءَ جو جِنُ چوي ته مان ته ڪونه ڇڏيندومانس، ڏاڍي منٿن کان پوءِ جِنَ اهو ٻڌايو ته هيءَ مائي ساهرن ۾ گهڻو ڪم ٿي ڪري سُکي نه آهي. جڏهن هيءَ سکي ٿيندي ته مان ڇڏي ويندو مانس. ٿيو به ائين ان مائيءَ کي جڏهن سُک مليو ته جِن به هليو ويو.....معنيٰ ته ان ويچاري عورت جِن جو بهانو ڪري پنهنجو سُک ڳوليو.....اها ڳالهه به ٻڌي اٿم ته هڪ مائي جڏهن به پيٽ سان ٿيندي هئي ته جِنُ ايندو هوس، ان جن جي فرمائش بُسري جي هوندي هئي. سٺن کاڌن جي هوندي هئي، ويچارا گهر جا ڀاتي ان عورت کي بُسريون کارائي ان جِنَ جي فرمائش پيا پوري ڪندا هئا... اها به اسان جي معاشري جي افسوس ناڪ حالت آهي. غريب ويچارا هونئن ئي چڱي کاڌي لاءِ سڪون پوءِ اهڙا جنن جا بهانا ڪري سٺا طعام پيا کائجن......!! ڏٺو ويو آهي ته ائين غربت ۽ پريشانيءَ ۾ عورت بُسرين جي گهر ڪندي ته پوءِ ڇا ملندس.....؟ اهو به اسان سڀ سوچي سگهون ٿا......
هي واقعو جيڪو منهنجي سامهون ٿيو ۽ اڃان تائين جڏهن به ياد ايندو آهي ته لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن..... اسان جي لطيف آباد واري بنگلي جي ڀرسان وارو بنگلو نواب شاهه جي هڪ تمام وڏي زميندار جو هو، اهو بنگلو اڪثر خالي رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪي مرد ۽ ڇوڪرا اتي اچي رهندا هئا يا وري بيماري سيماريءَ ۾ گهر جون عورتون اچي رهنديون هيون... جڏهن ته اهو بنگلو اڪثر خالي رهندو هو ان ڪري اڪثر ان ۾ عجيب قسم جا ماڻهو اچي رهندا هئا. خير پنهنجي گهر ۾ ڪير ڇا به ڪري پر هڪ ڏينهن عجيب منظر ڏٺوسين. هڪ نوجوان ويهن سالن جي مس، عمر ۾ تمام خوبصورت ڇوڪري بنگلي جي ڇت تي رڙيون پئي ڪري بولاٽيون پئي کائي، اٿ ويهه پئي ڪري، ان کانپوءِ مسلسل ان ڇوڪري جون رڙيون ۽ واڪا ڏينهن رات ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. ان جي حالت برداشت کان ڏسڻ کان مٿي هوندي هئي، جو اڃا ڏينهن تپندو هو ته هوءَ پيرن اگهاڙي مٿي اگهاڙي، ڇت تي چڙهي ايندي هئي. سڄي پگهر ۾ شل عجيب حرڪتون ڪندي هئي، اسان گهر جا ڀاتي پنهنجي گهر جي ڇت تي بيهي اهو لڪاءُ ڏسندا هئاسين، هوءَ ڇوڪري دنيا جهان کان بي خبر پنهنجي حرڪتن ۾ مشغول هوندي هئي.... ڪڏهن ڪڏهن سج لٿي کان پوءِ ڪي ماڻهو جيپ ۾ ايندا هئا. انهن جي اچڻ کان پوءِ ان ڇوڪري جون اهڙيون ته رڙيون اينديون هيون. اهڙو ته هو ڏک مان ٻاڪاريندي هئي ڄڻ ته کيس ڪو ابتي ڪاتيءَ سان پيو ڪهي، ان پاسي واري گهر اسان کي پريشان ڪري ڇڏيو، اسان جي گهر ۾ اڪثر ان ڇوڪريءَ جو ذڪر ٿيندو رهندو هو. مان به روزانو مٿي چڙهي ويندي هيس ۽ ان جو حرڪتون ڏسندي هيس. هڪ دفعو ان پوڙهيءَ مائي سان ڳالهايم کانئس پڇيم ته هيءَ ڇوڪري ڪير آهي ان کي ڇا ٿيو آهي ان پوڙهي مائي ٻڌايو ته هي منهنجي ڌيءَ آهي، مان ته سمجهان ٿي ته جِنُ اٿس پر منهنجا رئيس چون ٿا ته بيمار آهي علاج ڪرائيس، تنهنڪري مان هت حيدرآباد وٺي آئي آهيانس، جڏهن ان مائيءَ اهو چيو ته هيءَ منهنجي ڌيءُ آهي ته ان ڇوڪريءَ زور زور سان ٽهڪ ڏيئي چيو “تون منهنجي ماءُ آهين، ٻوٿ اٿئي منهنجي ماءُ جهڙو” اهو جملو هوءَ بار بار دهرائيندي رهندي هئي، هوءَ پوڙهي مون کي اهو چئي اطمينان ڏياريندي هئي ته هيءَ اهڙي حالت ۾ آهي جو پنهنجي ماءُ کي به نه ٿي سڃاڻي...... مان به وڃي روزانه ان کي ڏسندي هيس، ان جون اهي ئي حرڪتون هونديون هيون، هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو مان محسوس ڪيو ته هوءَ حرڪتون ته ساڳيون پئي ٿي ڪري پر اک ٽيڏي ڪري مون کي ڏسي به پئي، ان جو ائين ڏسڻ ڄڻ ته منهنجي لاءِ قيامت هئي. ان وقت مون اهو محسوس ڪيو ته هيءَ ڇوڪري چري نه آهي. اگر چري نه آهي ته پوءِ ائين ڇو پئي ڪري، هاڻ مان ان جي ڪڍ پئجي ويس، هر وقت ان جي نظرداري ڪرڻ لڳس، مان ڏٺو ته رات جي وقت هوءَ گهرجي ڪمرن ٻاهران ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهندي آهي، ان وقت هوءَ ڏينهن واريون حرڪتون ڪين ڪندي . اهو پاسو اسان جي سرونٽ ڪوارٽر جو هو. هڪ دفعو جڏهن هوءَ اُتي ويٺي هئي ته مان سرونٽ ڪوارٽر جي ڏاڪڻ تي چڙهي پنهنجي بنگلي جي ڀت مان هيٺ منهن ڪري ان کي ڏٺم، هو ويچاري گوڏن ۾ منهن وجهيو آهستي آهستي رنو پئي ۽ پئي چيائين “او منهنجي امان منهنجا بابا منهن جا مٺڙا ڀاءُ اهي نالا وٺي ان ڪجهه پنهنجي منهن ڳالهايو پئي ۽ سڏ ڪا ڀري پئي رنائين. ان وقت مون ان کي سڏ ڪيو، هن گوڏن مان منهن ڪڍي مون کي ڏٺو سندس اهو ڏسڻ ۽ سندس چهرو مان اڄ تائين نه وساري سگهي آهيان. هڪ ٻه منٽ هوءَ مون کي ڏسندي رهي ۽ مان ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، اوچتو ڄڻ ته ان کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ وري چرين وانگر رڙيون ڪري حرڪتون ڪرڻ لڳي. ان ويل غير ارادي طور منهنجي وات مان نڪري ويو ته تون چري بلڪل ناهين، مون کي ٻڌاءِ ته تون اهي حرڪتون ڇو پئي ٿي ڪرين. ان ويل اها پوڙهي مائي ات اچي نڪتي ان شايد منهنجو اهڙي طرح ڳالهائڻ ٻڌي ورتو هو. هوءَ ان ڇوڪريءَ کي ڇڪي اندر گهر ۾ وٺي ويئي ٻئي ڏينهن خبر پيم ته کيس جيپ ۾ چاڙهي ڪاڏي وٺي ويا آهن، وري اها ڇوڪري ات نظر نه آئي...... هي اهڙو واقعو منهنجي زندگيءَ ۾ آيو جنهن کي اڄ به ياد ڪري مون کي ڪنبڻي وٺي ويندي آهي.
هي هڪ واقعو نه آهي، اهڙا ڪيترائي واقعا توهان اسان سڀ ڏسون پيا، ڪي بهانا ڪيو ٿيون جن گهرائين. ڪن کي گهرن ۾ بي سڪوني ۽ ضرورت جي پورائي نه هئڻ ڪري جنن جو بهانو ڪري پنهنجي دوستن سان ملڻ ٿيون وڃن. ڪي وري پنهنجي جذبن کي ماري هسٽيريا ۽ ٻين مرضن جو شڪار ٿيون ٿين. ڪي وري اصلوڪن جنن جي ور چڙهيو وڃن. عياشن ۽ بدمعاشين لاءِ ڪي پاڻ ٿيون ڪوٺا ٽپن ته ڪي وري گهرن مان ٿيون کڄن.....هن سڄي روئداد جو تسلسل اچي هت ٽٽي ٿو ته آخر هي جِنَ عورتن وٽ ئي ڇو ٿا اچن......؟ ڇا هي سڄو مسئلو اهو آهي ته اسان ان شديد جذبي کي جيڪو جيترو مرد ۾ آهي اوترو ئي عورت ۾ آهي ان کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهي نه سگهيا آهيون. اسان جو هيءُ جيڪو نظام آهي اميري، غريبي وارو ان ۾ غربت جي ڪري اهڙا واقعا ٿين ٿا ۽ گهڻي پئسي جي ڪري به ڇڙواڳي وڌي ٿي. علم ۽ شعور جي ڪمي جي ڪري به اهڙا واقعا ٿين ٿيا. اسان کي صرف علم ڦهلائي ذهني سجاڳي آڻڻي آهي پر هن معاشري کي به مٽائڻو آهي. انسانيت ۽ پنهنجائپ جيڪا ختم ٿي چڪي آهي ان کي وري جيئاري هڪ ٻئي جي جذبن جو قدر ڪرڻو پوندو.

آچر 21 مارچ 1993ع

شهرن ۾ سنڌي خاندانن جي شادين جا مسئلا

هاڻي ڪافي وقت غير حاضر رهڻ لڳي آهيان. ان غير حاضري جو سبب آهي طبيعت جو ٺيڪ نه هجڻ . . . . دنيا ۾ ڪيترائي مسئلا آهن. جبلن جيڏيون مصيبتون آهن. انسان سڀني سان منهن ڏئي وڃي ٿو. ها پر مقابلو نه ٿو ڪري سگهي پنهنجن وجود سان. خاص ڪري جڏهن بيماريون وڪوڙي وڃن ان ويل ڪيڏو به مضبوط انسان هجي وسامي هٿيار ڦٽا ڪري ٿو ڇڏي. ڪافي عرصي کان مان به ٺيڪ نه ٿي رهان. ٿورو گهڻو ته وجود سان لڳل هوندو آهي. پر جڏهن السر جو شديد حملو ٿيندو آهي. ٻه ٽي مهينا رکي اوچتو ئي اوچتو پنهنجو وجود به باغي ٿي ويندو آهي. ان ويل نه صرف کاڌي پيتي جون شيون پر پاڻي جو هڪ ڍڪ به پي نه سگهندي آهيان تفصيل لکڻ جي ضرورت نه آهي پر حالت اهڙي ٿي ويندي آهي جو لکڻ پڙهڻ ته پري جي ڳالهه پر هن دنيا تان به دل کڄي ويندي آهي. دوائون درمل ڪرائي پنهنجي وجود سان جنگ جوٽي ڪجهه عرصي کان پوءِ طبيعت بهتر ٿيندي آهي . . . . . انسان هلي چلي ته لک جو، ڪري ته ڪک جو به ڪونهي.
ڪي انسان اهڙا هوندا آهن. جن کي پنهنجن مسئلن جي ايتري پرواه نه هوندي آهي پر پرايا سور ائين کنيو پيا هلندا جو ڄڻ ته اهي آهن ئي انهن جا. آس پاس رهندڙ پنهنجا پرايا، ڪيترائي پيارا وجود اهڙا هوندا آهن جو دل چوندي آهي شل کين ڪوسو واءُ به نه لڳي. اهڙن پيارن ماڻهن جا سور به پنهنجا لڳندا آهن. . . . هڪ دفعو ڪنهن مون کان پڇيو ته دنيا ۾ سڪون نالي جي ڪا شيءِ به آهي؟ هر ڪو هر ڪنهن کي ڏکوئيندو ٿو وتي. زبان ۾ زهر آهي هٿن ۾ اڀا ڀالا آهن بس سڪون ملڻو آهي ته صرف قبر ۾ . . . . . مان ان کي چيو ائين ڪيئن ٿا چئو ته قبر ۾ سڪون آهي. اُن دنيا جي خبر نه تو کي نه مون کي اکيون بند ڪرڻ کان پوءِ مڻن مٽين جي هيٺان دفن ٿيندڙ جي لاءِ دنيا ۾ کڻي دهل وڄن يا ڌڪڙ وڃن ڪهڙو فائدو . . . . .؟ ها باقي هن جيون ۾ هن دنيا ۾ رهي هڪ ساهوارو انسان سک ۽ شانت جو ساهه به کڻي ته به وڏي ڳالهه آهي. هن دنيا ۾ رهي پنهنجي قول عمل سان انسان ڪڏهن آسمان جي بلندين تائين وڃي پهچي ته ڪڏهن وري ڌرتي جي ڌوڙ ٿيو وڃي. ان سڄي عمل ۾ انسان متحرڪ ٿي هڪ اهڙي زندگي گذاري ٿو جنهن ۾ خوشيون گهٽ ۽ تڪليفون گهڻيون هونديون آهن.
تحقيق هي دنيا ٺهي ئي ڏکن تڪليفن ۽ امتحانن لاءِ آهي. پر هڪ انسان پنهنجي عمل سان پنهنجي لاءِ سک ۽ خوشيون حاصل ڪري سگهي ٿو. معنيٰ ته هي دنيا آهي ئي جدوجهد ۽ مسلسل جدوجهد جو روپ ان ڪري شڪايتون ڪرڻ ۽ نراسائي جون ڳالهيون ڪرڻ نه ٿو سونهين. ٿورو گهڻو انسان ان وقت ضرور پريشان ٿئي ٿو جڏهن پنهنجو وجود باغي ٿي هٿن مان نڪرندو نظر اچي ٿو. اها ڪيڏي نه عجب جهڙي حالت آهي ته وقت پوڻ سان انسان جو عقل ۽ شعور پختو ٿئي ٿو. وقت جون لاهيون چاڙهيون ۽ حادثا انسان کي ذهني طور مضبوط ڪن ٿا. ها پر هي ٻاهر جو وجود جيڪو وقت پوڻ سان جهرندو ٿو وڃي عقل ۽ شعور جي انتها ۽ جسم جو لاغر ۽ بيمار ٿيڻ هڪ اهڙي وڏي جنگ آهي. جنهن لاءِ انسان ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي. . . . .
اهو احساس هر لکندڙ کي ٿئي ٿو ته پڙهندڙ ڪيتري حد تائين ان جي لکڻين جو انتظار ڪن ٿا خاص ڪري ڪالم نويس ان کي ته باقاعدگي سان پنهنجون ڪچيون ڦڪيون شيون لکڻ گهرجن. اخبار جي حوالي سان هڪ ڪالم نويس جو تمام ويجهو رشتو هوندو آهي پڙهندڙ سان، پر ڇا ڪجي ڪڏهن ڪڏهن هن تعلق ۾ ڏار پئجو وڃن ته وري ڪڏهن اهو تعلق ٽٽي به وڃي ٿو . . . . .
اڄ مان هڪ اهڙو موضوع مختصر نموني ۾ کڻي رهي آهيان جيڪو اسان جي سنڌي معاشري ۾ تمام اهم آهي. اهو اهم موضوع آهي اسان جي سنڌي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون پنهنجو پاڻ ۾ يعني سنڌي خاندانن ۾ شاديون. سڀني کي خبر آهي ته سنڌين جي گهرن ۾ ڌاريون ڀريون پيون آهن. انهن جي گهر جو ماحول ڪهڙو آهي، آئينده جا ڪهڙا اگرا نتيجا نڪرندا خاص ڪري اسان جو آفيسر طبقو جيڪو ٻهراڙين مان نوڪرين سانگي شهرن ۾ اچن ٿا. انهن جي حالت ته اهڙي آهي ته ڪنوارا هوندا ته اصل کنڀجي ويندا ڌارين وٽ ۽ شادي شده هوندي به هنن کي شهري غير قومن جون “ڇمڪ ڇلو” آرام سان ملي وينديون آهن. ان ڳالهه کي اسان جي پڙهيل لکيل سمجهدار اديبن ۽ سماجي ورڪرن شدت سان محسوس ڪيو ٿوري ننڍي پيماني تي ۽ تقريرن ۽ تجزين جي ذريعي ان ڳالهه جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته هاڻ حالتون اهڙيون نه رهيون آهن پنهنجون سنڌياڻيون سدا ملوڪ پڙهيل لکيل جڏهن موجود آهن ته پوءِ ڌارين مان شادي ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي . . . . .؟ خاص ڪري نياڻين وارا ته مسئلن ۾ ڦاسجي ويا. ڇوڪري وارن ۾ ۽ خود اسان جي نوجوانن ۾ به اهو احساس پيدا ٿيو ته هاڻ اسان کي پنهنجن سنڌين ۾ شاديون ڪرڻ گهرجن. شهرن ۾ سنڌي ٽڙيل پکڙيل ۽ وري انهن ۾ انا ۽ خودداري انهن جي راه ۾ رڪاوٽ هيون. ڪافي ماڻهن ان سلسلي ۾ پنهنجي ليکي ڪوشش پئي ڪئي گهڻو احساس ڪراچي ۾ رهندڙ ڪجهه اديباڻين ۽ سماجي ڪارڪنن کي شدت سان ٿيو سنڌ جي هڪ وڏي سماجي اداري ۾ اهي عورتون موجود آهن. ان وڏي سماجي اداري جي تعاون سان ان ڳالهه جو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌين کي پاڻ ۾ گڏ ڪرائڻ ۽ ملائڻ جو اهو اهم فرض انهن عورتن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ ڀائر به ان سلسلي ۾ تعاون ڪندا رهندا.
ٻين جا نالا مان نه وٺندس باقي پنهنجي باري ۾ اهو ضرور چوندس ته مان به ان ۾ موجود آهيان. مختلف خاندان ان سماجي تنظيم جي اداري ۾ پنهنجا مسئلا ٻڌائيندا آهن ۽ اتان انهن جي خبرچار اسان کي پوندي آهي. مان ۽ مون سان گڏ جيڪي ٻيون عورتون آهن اهي پاڻ ۾ گڏجي ڪري انهن خاندانن کي پاڻ ۾ ملائڻ ۽ رشتي جوڙڻ ۾ مدد ڪنديون آهيون ان سلسلي ۾ گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته اهو ڪم ڪير پيو ڪري؟ اسان سڀ عورتون ڪنهن سان ملنديون به نه آهيون وڌ ۾ وڌ فون تي ڳالهائي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن . . . . .
ان سلسلي ۾ خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جي ڀينرن ڪيترائي رشتا ڪرايا آهن. ڪيترن خاندانن جا مسئلا حل ڪيا آهن. . . . . جت اسان کي ذهني سڪون مليو آهي ات اسان کي گهڻي ۾ گهڻي ذهني پريشاني به حاصل ٿي آهي. اسان جا سنڌي خاندان ڏاڍا ڏکيا آهن. خاص ڪري ڇوڪري وارن جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ ڪي ته اهڙا سٺا خاندان هوندا آهن جو هڪ ٻه دفعو ئي ڇوڪري ڏيکارڻ کان خوش ۽ مطمئن ٿي ويندا آهن ۽ خير سان شاديون به ٿي وينديون آهن. ڪي خاندان ته اهڙا ٽڪرائجي ويندا آهن (اهڙن خاندانن جي اڪثريت آهي) جو هو نياڻين جي گهرن ۾ وڃڻ فيشن سمجهندا آهن ۽ پرائي نياڻي مان راهه گناهه عيب ثواب ڪڍي پاڻ کي معتبر پيا ڪندا آهن. انهن جي خواهش اها هوندي آهي ته گهڻي کان گهڻيون ڇوڪريون ڏسون پوءِ فيصلو ڪريون. ائين ڪرڻ سان هڪ ته انهن کي فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ دير پوڻ جي ڪري انهن جا ڇوڪرا پاڻ پسند ڪري ڌارين مان شاديون ڪري ايندا آهن. پنهنجي سدا ملوڪ سنڌياڻين کي ڇڏي ڌارين قومن جون ڪاريون ڪوجهيون به اگهاميو وڃن. . . . .
هن سلسلي ۾ مان سنڌي نوجوانن کان وڌيڪ انهن جي گهر جي عورتن کي قصور وار سمجهندي آهيان. هي جيڪو ڪم اسان ننڍي پيماني تي کنيو آهي ڏاڍو دلچسپ آهي. اسان کي ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا تلخ تجربا ٿيندا آهن جو منهنجي هڪ ساٿياڻي جيڪا پاڻ به سٺي اديب آهي جذبات ۾ اچي چوندي آهي ته “هل سلطانه ته انهن کي هلي مار ڪڍي اچون.” ڪڏهن ڪڏهن اسان پاڻ انهن سان اٽڪي به پوندا آهيون. هاڻ اسان اهو اصول ٺاهيو آهي ته اسان هر خاندان کي ٻه ڇوڪريون ڏيکاريندا آهيون فيصلو ٿيو ته ٺيڪ آهي نه ته پوءِ اسان انهن کي خارج ڪري ڇڏيندا آهيون . . . . اڄ مان پنهنجي ڪالم ۾ هن اهم راز کي کوليو آهي ان جو سبب صرف اهو آهي ته هن سلسلي ۾ اسان کي جيڪي تلخ تجربا ٿيا آهن ڪالمن ۽ مضمونن جي وسيلي انهن کي لکون ۽ پنهنجي قوم ۾ اهو شعور پيدا ڪيون ته ڳالهيون ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ ۾ ڪيڏو فرق آهي.
آچر 09 مئي 1993ع

اڄ جي دور جو وحشي انسان

انسان جا انسانيت جي درجي کان ڪرڻ وارا مثال جيڪي هن ويهين صديءَ جي ائٽمي دور ۾ ڏٺا ۽ ٻڌا ويا آهن ان جو تصور فرعون ۽ چنگيزي سردارن به نه ڪيو هوندو. اسان هن ويهن صديءَ جي ترقي يافته دور جا رهواسي آهيون جت ايٽم ۽ ڪمپيوٽر جو زمانو آهي. هت ڊش اينٽينا لڳائي توهان گهر ويٺي سڄي دنيا کي ڏسو ۽ پسو پيا شايد هيءَ ترقي انسان ڪئي ئي ان ڪري آهي ته هو پنهنجون ڪيل درندگيون ۽ وحشتون اکين سان ويهي ڏسي، ڪيڏي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي ته درندگيون ڪرڻ وارا به اُهي ئي بي حس انسان آهن ۽ انهن کي ڏسڻ پسڻ وارا به اُهي ئي بي حس انسان آهن. اها وحشانيت ۽ درندگيءَ اسان جي معاشري ۾ ائين اچي ويئي آهي جو پڙهڻ ڏسڻ کان پوءِ به ڪير اڳتي وڌي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري.
انسان ۾ احساس، محبت، حيا. شرم، انسانيت، اهو سڀ به ڀريل آهي پر اهو ئي انسان جڏهن وحشي ٿئي ٿو، نفرت جي باهه ۾ ٻري ٿو ان ويل سندس سڀ خوبيون هڪ نفرت جي لفظ ۾ لوڙهجي وڃن ٿيون.
اڄ ڪلهه چئني طرف درندگي ڦهليل آهي انسان انسانيت جون سڀ حدون اورانگهي چڪو آهي. اسان جي پنهنجي ملڪ کان وٺي ويندي سڄي دنيا تي نظر وجهڻ سان خبر پئي ٿي ته اڄ ڪلهه انسان جو ڪم آهي مرڻ ۽ مارڻ، هڪ ته حادثاتي موت ايترا ٿي پيا آهن. جو الله جي پناهه، مٿان وري ماڻهو ماڻهوءَ کي ائين ٿو ماري جو جانورن به عجب ۽ وچان شرم وچان زمين ۾ کڻي اکيون وڌيون آهن. منهن کڻي لڪايو آهي.
ان ڏينهن ٽي وي تي خبرن ۾ ڏٺو ته بوسنيا جي مسلمانن کي گاڏين ۾ چاڙهي برف واري جاين تي لاٿو پيو وڃي. ويچارا زالون مرد، ننڍڙا صغير ٻار پوڙها سڀ هلندا پيا وڃن، هلندا پيا وڃن.
بوسنيا جي باري ۾ جيڪي دل ڏاريندڙ خبرون ملنديون رهيون آهن ان جو مثال هن دنيا جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته اهڙين حالتن ۾ عورتن ۽ ٻارن تي سڀ کان وڌيڪ ظلم ٿيندو رهندو آهي. حالانڪ دنيا جي تاريخ توڙي مذهبن ۾ هميشه عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن کي امان مليل هوندو آهي. پر هت ڇا آهي ڏهه سالن جي نياڻي هجي چاهي ڦوهه جوان عورت، اڌڙوٽ هجي چاهي پوڙهي، پر ڇو ته اها عورت آهي ان ڪري ان، پوڙهي کي نفرت جي باهه ۾ ساڙي دفن ڪرڻو آهي.
ها ته ڳالهه ٿي ڪيم ان فلم رپورٽ جي ان فلم رپورٽ ۾ ڇا هو؟ ڪجهه به ته نه هو. اصل ۾ بوسنيا جي مسلمانن مٿان ٿيندڙ ظلم جون جيڪي خبرون ڏٺيون ۽ پڙهيون آهن. ان جي مقابلي ۾ هيءَ فلم ته ڪابه شيءِ نه آهي ها پر خبر نه آهي ڇو مون کي ان فلم رپورٽ صفا جهوري ڇڏيو. هڪ ڌڪ سان مارڻ، رائفل يا ڪلاشنڪوف جون گوليون هلائي مارڻ اهو ته آسان ترين ڪم آهي. پر ڪن زندهه انسانن کي وٺي ڪري جانورن وانگر واڙي هڪ اهڙي هنڌ موڪلي ڇڏجي. جت هو پل پل چڪي چڪي، ڦٿڪي ڦٿڪي مرن. ان کان وڌيڪ انسانيت جو زوال ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، اهڙيون فلم رپورٽون ڏيکاريندڙ ۽ وري اسان سڀ ڏسندڙ ڇا ڪري سگهيا آهيون يا ڇا ٿا ڪري سگهون.......؟ اهڙا ڪيترائي سوال اندر ۾ اُڀرن ٿا ۽ ختم ٿين ٿا.
ان ڏينهن هڪ دوست ٻڌايو ته هڪ ماءُ روزانو پنهنجي ڌيءُ کي جيڪا ڇهن سالن جي هئي هڪ بلڊنگ ۾ آخري واري فليٽ ۾ ٽيوشن تي ڇڏڻ ايندي هئي. مٿي چڙهڻ جي سوران ماءُ هيٺ بيهندي هئي ۽ اها ڇوڪري پاڻ مٿي چڙهي ويندي هئي مٿان بيهي اها ڇوڪري هٿ لوڏي ماءُ کي خدا حافظ چوندي هئي. واپسي مهل به اهڙي طريقي سان اها ڇوڪري مٿان هٿ لوڏي پوءِ هيٺ لهندي هئي. ان هيٺ مٿي لهڻ ۽ چڙهڻ ۾ پنجن منٽن جو ٽائيم مس لڳندو هو.
هڪ ڏهاڙي ان ڇوڪريءَ مٿان هٿ لوڏي ماءُ کي ٻڌايو ته مان اچان پئي پر پنج منٽ ته ڇا ڏهه پندرهن منٽ گذري ويا ڇوڪري نه لٿي ماءُ هيٺان سڏ ڪيا جواب نه مليو. آخر چڙهي مٿي وڃي ته ڏاڪڻن تي اها نياڻي رت ۾ ڀريل بيهوش پئي هئي. ڪنهن وحشيءَ جي هٿ لڳي ويئي جنهن کي ان نياڻي جي اچڻ وڃڻ جي ٽائيم جي خبر هئي. سوچيو ته سهي ته سامهون رڳو پلڪ جهپڪڻ سان زندگي جا هيڏا وڏا حادثا گذري وڃن ٿا ۽ انسان بي وس ٿيو ٿو وڃي ڪير اهو ته وڃي ان وحشي کان پڇي ته تو کي انهن پنجن ڏهن منٽن ۾ ڇا مليو جو تو هڪ نياڻي کي برباد ڪري ڇڏيو ان کي ماري ڇڏيو.
اصل ۾ انسان جي وجود ۾ پيار محبت ختم ٿي ويئي آهي. درندگي ۽ وحشانيت وڌي ويئي آهي چوندا آهن انسان جي وجود سان ئي انسانيت وجود ۾ آئي مذهبن جو وجود ته پوءِ پيو، مذهب ٺهيائي آهن هن انسان کي پنهنجي وحشي پڻي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ...........
جيئن ته انسانيت جو وجود به انسان سان گڏ ئي ٿيوآهي. ان ڪري ئي سڀني مذهبن، عالمن، شاعرن سڀني انسانيت کي ئي اڳيان وڌائڻ لاءِ جتن ڪيا آهن. اسان جي معاشري ۾ انسانيت کي هٽائي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ جنونيت جاءِ ورتي آهي. بوسنيا، افغانستان هندستان، ڪشمير ۽ ٻين ڪيترن آفريقي ملڪن توڙي عرب ملڪن ۾ سڀني جاين تي مذهب جي نالي پٺيان وڍ ڪٽ لڳي پئي آهي سڀڪو پاڻ ڏاڍو، پاڻ صحيح ۽ حق وارو سمجهندڙ ۽ پوءِ خون جون نديون وهائي اها دعويٰ ڪندڙ ته اها ته حق جي راهه آهي.
اها ڪهڙي حق جي راهه آهي. جنهن ۾ انسانيت نه آهي. انسان جو قدر ناهي.... مذهب جي نانءُ پٺيان رت وهائڻ، حق جي راهه پٺيان وهائڻ، وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ، غريب اٻوجهه بي سهارن ڪمزورن جو رت وهائڻ ڇا اها انسان جي زوال جي نشاني آهي. يا ترقيءَ جي..........؟ اڄڪلهه ڪنهن به طاقت ور کي ڪير به نقصان نه ٿو پهچائي، جڏهن به ٻه ڏاڍا پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته مرڻ وارا وري ڪي ڪمزور ۽ لاچار هوندا آهن. نفرت وحشت ۽ جنونيت جو شڪار به ڪمزور ٿيندا آهن نه ته ننڍڙين نياڻين کي بي آبرو ڪرڻ وارا يا وري ڪوس گهر ٺاهڻ وارا، اذيت گاهون بنائڻ وارا، هي سڀ وحشي جانور آهن انهن جو کاڄ مجبور ۽ لاچار انسانيت آهي جيڪا اڄ ڪلهه شرم وچان منهن ڍڪيو ويٺي آهي، مان لنگهان ٿي انهن واٽن مٿان.
جت پکڙيل آهي لهو
لهو جي انبارن ۾ منهنجا پير آواز ٿا ڪن
“ڇپڙ، ڇپڙ، ڇپڙ، ڇپڙ”
آچر 16 مئي 1993ع

ڀلي ڪري آيا، مسلمان ڀائر

منجهيل من، جذبن جي اٿل، چؤطرف ڀڄ ڊڪ، گپا گيهه، هڪ ٻئي تي ڏنڊا اڀا. سڀ ڪنهن کي اها ئي وائي وات ۾ “آءُ ته هئڙو چڱو، ڌرتيءَ جي درد جي خبر ته آهي ئي مون کي . . . . فلاڻو هئڙو، مٽيرو هئڙو وغيره وغيره. اسان سنڌ واسين پنهنجو ٻيڙو پاڻ ٻوڙيو آهي. هڪ ٻئي جي لاءِ بغض ۽ ڪينو رکيو ويٺا آهيون. هڪ ٻئي کي هيٺاهون ڪري پيا خوش ٿيون. اهو نه ٿا سمجهون ته ان ۾ اسان جي ئي بربادي آهي. اسان سنڌي آهيون. هن ڌرتي جا وارث آهيون. مون کي ان وقت ڏاڍي ڪاوڙ وٺندي آهي جڏهن ڪو سنڌي پاڻ کي چڱو سڏائي ٻين سنڌين کي گهٽ وڌ پيو چوندو آهي. تڏهن مان ان شخص کي جيڪو ائين چوندو آهي، تنهنکي چوندي آهيان “تون اهو نه سمجهه ته مون کي ۽ مون سان گڏ ٻين سنڌين کي گهٽ وڌ چئي پاڻ کي آجو ڪري ويندين اگر تون سنڌين کي گهٽ وڌ چوين ٿو ان سان گڏ تون به اهڙو ئي خراب آهين مون کي ٻڌاءِ تو هن ڌرتي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟” مان مڃان ٿي ته گهٽتاين ۽ اوڻاين جي نشاندهي ڪرڻ ضروري آهي. جيستائين اسان پاڻ کي سڃاڻي زندگيءَ جو مقصد نه ٺاهينداسين ته پوءِ اڳتي وڌي ڪين سگهنداسين. پوک جيڪا پوکڻي آهي ان جو ٻج وقت سر پوکڻ گهرجي، نه ته جنهن وقت سارو لوڪ لڻندو اسان هڪ سنگ ڪاڻ پيا سڪنداسين. ٻڌائي ڇڏيو سڀني کي ته نعرا هڻڻ سان ڪو فائدو نه آهي. صرف جيئي سنڌ چوڻ سان سنڌ ڪو نه جيئندي. سنڌو جي مٽي اکين ۾ پائڻ ۽ سينڌ ۾ سينگارڻ کان اڳ اوهان پاڻ کي هن ڌرتي جي لائق به ته ڪيو.
اسان جي پياري سنڌ ۾ اڄ ڪلهه جيڪي حالتون آهن انهن جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ اهو سوال هر ڪنهن جي ذهن ۾ آهي. جيڪڏهن مان ٿورو تفصيل ۾ وڃان ۽ اهو چوندي نه ٿي هٻڪان ته انهن حالتن جا بنيادي ذميدار اسان پاڻ آهيون ته شايد اوهان ڇرڪي پئو. ها سائين مان هن ڳالهه چوڻ جي همت ڪريان ٿي ته اسان ئي ته قرارداد پاڪستان منظور ڪئي. اسان ئي ته پاڪستان ٺاهيو اسان ئي ته قاتلن خونين ۽ رهزنن کي پاڻ وٽ رهايو، انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو. منهنجي والدين جي شادي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٿي. منهنجي والده ٻڌائيندي آهي ته ان وقت لاڙڪاڻي شهر جي مشهور ڳائڻي “مائي جوائي” جيڪا شادين مرادين ۾ نچندي ڳائيندي هئي تنهن هڪ گيت ٺاهيو.
ڀلي ڪري آيا اسان جا پرديسي ڀائر
اسان جا ڀائر ۽ مسلمان ڀائر
ڀلي ڪري آيا، خير سان آيا . . . .
اهو گيت منهنجي والدين جي شادي ۾ به ڳايو ويو. ان وقت اسان جي وڏن ديڳيون چاڙهيون. انهن کي گهر گهاٽ ڏنا، ٻنيون ٻارا ڏنا. اسان جا وڏڙا مسلماني جي جذبي سان سرشار هئا. انهن، هنن پرديسين ڀائرن کي صرف ان ڪري قبول ڪيو هو ته هو مسلمان هئا، ان وقت اهو نقطو ڪنهن به قانون ڪنهن به ٺاهه ۾ لکيل ڪو نه هو ته اهي ماڻهو جن کي اسان پناهه ڏني ۽ اهي ماڻهو فاتح ڪو نه هئا انهن سنڌ کي فتح ڪو نه ڪيو هو. انهن جي پويان لڳي اسان پنهنجي زبان پنهنجي تهذيب کي ٿڏي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان غير قوم جي غير زبان کي اسان جي قومي زبان ٺاهيو ويو. اسان جي وڏن مان ڪير به ڪو نه ڪڇيو ڪير به نه لڇيو. سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو. اسان جي قوم جي پيرن هيٺان آهستي آهستي زمين کسڪندي ويئي ۽ آخر هڪ وڏو جهٽڪو آيو ۽ اسان جي پنهنجن سنڌين ون يونٽ ٺاهي ڇڏيو. سائين منهنجا مان پري ڪو نه ٿي وڃان پنهنجن جا ئي گناه ڳڻايان ٿي پئي شروع ۾ ته اهو ماحول هو ته سنڌي پڙهيل لکيل ڪو نه آهن، ڄٽ ۽ جاهل آهن ٻاهران اچڻ وارا غير ئي تعليم يافته ۽ تهذيب يافته آهن ان ڪري نوڪرين تي انهن جو حق وڌيڪ آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جون حالتون ويندي اڄ تائين اهڙيون آهن جو سنڌي ڇوڪرا ڊگريون کڻي نوڪرين لاءِ ڌڪا پيا کائيندا هئا ۽ انهن کي نوڪرين نه مليون. جيڪي ٿوريون گهڻيون نوڪريون هيون به ته سفارش ۽ پيسي سان خريد ڪرڻ واريون. اهي نوڪريون وڏن ماڻهن لاءِ هيون ۽ ويچارا مڊل ڪلاس وارا يا وري غريب جن محنت ڪري پڙهيو آهي ڌڪا کائيندا رهيا . . . . اسان جا سنڌي نوجوان مقابلي جي امتحانن ۾ به ويٺا اهو دور به هو جو سنڌي نوجوان پنهنجي محنت سان ان امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ لڳا. جڏهن اها خبر پئي ته پاس ٿيڻ وارا سنڌي آهن ته پوءِ انهن کي زوري ناپاس ڪيو ويو. هر دور ۾ ظلم ۾ پيڙجندڙ اسان جا سنڌي ۽ هر دور ۾ اسيمبلين ۾ ويهڻ وارا سنڌ جا محافظ به سنڌي جيڪي پنهنجن هٿن سان سنڌين جو ٻيڙو غرق ڪندا رهيا ۽ غيرن کي نوازيندا رهيا. وڏين ڪرسين تي ويٺل ڪامورا جيڪي سنڌي هئا انهن ڪي ڪين ڪيو . .
ان وقت سنڌين کي ڪجهه نوڪريون مليون يا تحفظ مليو جڏهن ڀٽي صاحب جي حڪومت آئي شروع جي دور ۾ ته سنڌين سک جو ساهه کنيو وڏن شهرن ۾ سنڌي ننڍين نوڪرين کان وٺي وڏين نوڪرين تائين نظر اچڻ لڳا. ڪراچي شهر ۾ رستن ۽ گهٽين ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارا نظر آيا. ون يونٽ به تازو ٽٽو هو. قوم پرستي جو زور گهڻو ٽٽو هو. حقيقت ته اها آهي ته جيترو حق سنڌين کي ملڻ کپي ها اوترو نه مليو. ان جي باوجود به ٿورو گهڻو سنڌين جو سک جو کنيو ساهه، غيرن کي نه وڻيو ۽ وڏي پيماني تي ان ويل لساني فساد ڪرايا ويا. اهي فساد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ٿيل قرارداد کان پوءِ شروع ٿيا، جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي اهميت ۽ تحفظ جو ذڪر ٿيل هو. ان کان اڳ ۾ سنڌي ٻولي کي تقريبن وڏن شهرن ۾ ختم ڪيو ويو هو. اڳ اهي غير قوم وارا اسڪولن ۾ سنڌي پڙهندا هئا. پر پنجاه واري ڏهاڪي جي آخر ۾ هڪ فوجي جرنل جي حڪم سان سنڌي کي ختم ڪيو ويو هو هن اسيمبلي جي قرارداد ۾ سنڌي ٻولي جي ان حيثيت کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.
هن لساني فسادن ۾ سنڌين جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. سنڌين جن اڃا چڱي طرح پير ئي ڪو نه کوڙيا هئا سڄي ڪراچي ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا ڳولهي ڳولهي انهن کي ماريو ويو انهن جي مال ملڪيت کي لٽي تباهه ڪيو ويو. اهڙين حالتن ۾ اردو پريس به تمام نفرت انگيز رويو اختيار ڪيو. وڏين وڏين حاشين سان بيان بازيون ٿيون ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌين خلاف نفرت انگيز پروپيگنڊا شروع ٿي. اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي اها مشهور نفرت انگيز ڳالهه جنگ اخبار ڪارا حاشيا ڏيئي پنهنجي اخبار کي ماتمي لباس پارائي شايع ڪيا هئا.
حيرت ته ان ڳالهه جي آهي ته جڏهن به سنڌين پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪئي ته انهن کي غدار، ڪافر وغيره ڪوٺيو ويو. سنڌين جڏهن به پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته به اها پروپيگنڊا شروع ٿي ويئي ته اردو زبان قومي زبان آهي. سائين اهو حق وري اردو زبان کي ڪنهن ڏنو ته اها زوري ٻين تي مڙهي وڃي ۽ اتان جي موجوده صدين جي زبان کي ختم ڪيو وڃي. . . . . اردو زبان هڪ عام زبان آهي عربي ٻولي وانگر نه ته ان ۾ ڪا وحي نازل ٿي ۽ نه وري قرآن لٿو هو ۽ نه وري پيغمبر آيا هئا ان جي باوجود به اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪفر ۽ غداري جا لقب هر وقت ملڻ شروع ٿيا. جڏهن به سنڌين ڪا جدوجهد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هر دور ۾ صرف هڪ طبقو وقت جي ويڙهاند ۾ وڙهندو رهيو. اهو هو اسان جو سنڌي ليکڪ حالانڪه صحيح معنيٰ ۾ قلمي جنگ وڙهندڙ اديبن جو تعداد ٿورو هو ته به هو پنهنجي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺا هئا. ساڳي وقت اها ڳالهه به موجود هئي ته اسان جا ئي ڪي سنڌي ڀائر جيڪي مسلماني جي جذبي سان سرشار هئا اهي سنڌي اديبن جي لکڻين جا ترجما ڪري پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن کي موڪليندا هئا. سنڌي ڪتابن تي پابنديون وجهرائيندا هئا ۽ سنڌي اديبن کي جيلن ۾ وجهرائيندا هئا.
ڪيترائي ڏکيا دور مٿان آيا، رڙندي رلندي اڄ اسان تاريخ جي ان چوواٽي تي اهڙين حالتن ۾ پڳا آهيون جو سنڌ هاڻ ڪوس گهر ٿي پيو آهي. اسان کي پنهنجي ٻولي پنهنجي ڌرتي سان بي انتها پيا آهي. انفرادي طور رڙيون پيا ڪندا آهيون. هڪ ٻئي کي ميارون پيا ڏيندا آهيون. پنهنجي قوم جي بدحالي تي پريشان رهندا آهيون. پر اجتماعي طور اهڙو قدم کڻندائي نه آهيون جنهن مان اسان کي ڪو فائدو رسي.
سنڌين تي ٿيل ظلمن ۽ انهن جي مسئلن جي خبر به صرف سنڌي کي آهي. سنڌين تي پيهي ويل ظلمن جون خبرون به رڳو سنڌي اخبارون ئي ڏين ٿيون. . . . سنڌي زبان کان واقفيت نه هئڻ ڪري انهن سنڌي اخبارن کي ڪو به غير سنڌي ڪو نه ٿو پڙهي. معنيٰ اسان ئي لکون اسان ئي پڙهون. اخبار هڪ وڏي طاقتور ميڊيا آهي. اها طاقت اسان سنڌين وٽ ڪونهي. سگا جي چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ کي اگر ياد هجي ته کيس هڪ دفعو چيو هيم ته اوهان جي اداري جي تعاون سان هڪ انگريزي اخبار ڪراچي مان ڪڍي وڃي. گهٽ ۾ گهٽ جيڪا ويڌن سنڌين سان ٿئي پئي اها ٻين ماڻهن ۽ ٻين صوبن ۾ رهندڙن کي خبر پوي . . . .
اسان کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ سڀ کان پهريائين پريس ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. ان لاءِ ٻين زبانن ۾ اسان کي اخبارون ۽ رسالا ڪڍڻا پوندا. جيڪي سنڌين جي حقن جي ترجمان ڪن. اچو ته گڏجي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ جي لاءِ وسيلا پيدا ڪيون. دنيا جي اڳيان ظاهر ٿي پنهنجي حقن جي جنگ وڙهون.

آچر 23 مئي 1993ع

ڪوٽا سسٽم ۾ ڦاٿل اڄ جو نوجوان

اسان وٽ تعليمي ماحول ۾ جيڪو تضاد آهي اسڪولن جي معيار ۽ درسي ڪتابن ۾ جيڪو فرق آهي ۽ استادن جي ناليج ۽ تعليمي معيار جو فرق ئي اسان جي تعليمي نظام جو ٻيڙو غرق ڪيو ويٺو آهي. اسان جي سنڌ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي جي ماحول ئي اصل مسئلا پيدا ڪيا آهن. شهرن ۾ مليل سهولتون ۽ تعليمي معيار روز بروز وڌندڙ ۽ ٻهراڙيءَ جو تعليمي نظام روز بروز ڪرندڙ هڪ وڏو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي وڏن شهرن ۾ پراڻا ۽ نالي وارا تعليمي ادارا آهن. انگريزن جي زماني ۾ ٺهيل تعليمي ادارن جون بلڊنگون خوبصورت ۽ وڏيون، تعليم جو نظام بهتر. اڄ به انهن ادارن ۾ پنهنجي ٻارن کي پڙهائيندي والدين فخر محسوس ڪندا آهن. وڏن شهرن ۾ رهندڙ ننڍيون ڪميونٽيون جن ۾ پارسي ۽ ڪرسچن جو نالو وٺي سگهجي ٿو. انهن به سٺا ۽ معياري تعليمي ادارا قائم ڪيا. هن شهري ماحول جي بهتر تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ ٻارن سان مقابلو ڪري ئي نه ٿا سگهون. ٻهراڙيءَ جو ٻار جيڪو پرائمري تعليم هڪ ڳوٺ ۾ حاصل ٿو ڪري ته پوءِ ٻه ڪوهه پنڌ ڪري ٻئي ڳوٺ ۾ انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ ٿو وڃي.
ننڍن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ سنڌي اسڪول ان کي چئبو جت ٻار پنج درجا پڙهي ٿو. انهن پنجن درجن تائين ٻار سڀ سبجيڪٽ سنڌيءَ ۾ ئي پڙهندا آهن پر انهن کي انگريزي ڇهين ڪلاس کان پڙهائڻ شروع ڪئي ويندي آهي. ان ڇهين درجي ۾ پڙهايل انگريزيءَ جو معيار به ڪو خاص نه هوندو آهي. هاڻ سائين توهان سوچيو ته سهي ته وڏن شهرن ۾ جڏهن ٻار پهرين درجي کان ئي انگريزي پڙهن ٿا. گڏوگڏ هو پنهنجي ٻولي به پڙهن ٿا. ان مان اهو فائدو حاصل ٿئي ٿو ته اهڙا ٻار شروع کان وٺي علم سان چاهه رکن ٿا. سٺو ڳالهائين ٿا. بازار ۾ وڪامجندڙ مختلف ٻاراڻا ادبي ڪتاب جيڪي اردو، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ هوندا آهن تن کي پڙهن ٿا. مختلف قسم جون تعليمي رانديون ۽ دلچسپيءَ واريون شيون شهري ماحول ۾ پلجندڙ ٻار کي ميسر ٿين ٿيون. اڳتي هلي اهو ٻار ئي زندگيءَ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري ٿو. ٻهراڙيءَ جو اهو ٻار چاهي ڪيترو به هوشيار ڇو نه هجي سهولتون نه هئڻ ڪري ان جي ڄاڻ تمام محدود آهي. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي انهن تي جيڪي ٻارن مان جوان ٿي پنهنجون ڊگريون کڻي جن ۾ هو پوزيشنون کنيل هوندا آهن. نوڪرين لاءِ ڌڪا به کائيندا آهن اهي نوڪريون جن تي انهن جو حق آهي پر مقابلي مهل هو پوئتي رهجي وڃن ٿا. توهان کي به ڄاڻ هوندي ۽ مون به ڏٺو آهي ته حالتون ڪڏهن به اسان جي تابع نه رهيون آهن. هڪ دفعو هڪ سٺي نوڪريءَ جي لاءِ انٽرويو وٺڻ مهل ان سرڪاري اداري ۾ جام رش لڳي پئي هئي. ات ٻنهي قسمن جا نوجوان موجود هئا. ٻهراڙيءَ جا نوجوان هيسيل خاموش ويٺا هئا باقي شهري ماحول جا نوجوان جن ۾ سنڌي توڙي ٻين گروهن جا نوجوان به هئا سي چست ۽ چالاڪ پئي لڳا. انٽرويو ٿي ويا. ات انٽرويو وٺندڙ ڏاڍي تلخ نموني ۾ اهو چيو. سنڌين کي ته ڪجهه به نه ٿو اچي. سوال ڪر هڪڙو ته جواب ڏيندا ٻيو. هي وڏيون نوڪريون هي ڪري ڪيئن سگهندا جن کي انگريزي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ به ڪا نه ٿي اچي، شهري ڪوٽا ۾ ته هو اچي ئي ڪو نه ٿا سگهن باقي ڀاڳ ڀلا اٿن جو ٻهراڙيءَ جي ڪوٽا تي کڄيو ٿا وڃن. اگر هي ڪوٽا سسٽم نه هجي ۽ اوپن ميرٽ هجي ته هوند هڪ سنڌي به نوڪري حاصل نه ڪري سگهندو. اگر ڪي شهرن ۾ پڙهندڙ سنڌي آهن به ته انهن جو ڊوميسائل ٻهراڙيءَ جو آهي. اهو به ظلم آهي ته شهرن ۾ رهندڙ سنڌي ڪوٽا تي ٻهراڙيءَ جي نوجوانن جو حق ماري ٿا وڃن.
هي سڀ تلخ حقيقتون اسان جي ماحول ۾ اسان کي عبرت ڏيارڻ لاءِ ئي آهن. سوچيو ته سهي اگر هي ڪوٽا سسٽم نه هجي ها ته اسان سنڌين جو ڇا حال ٿئي ها. . . . . گڏوگڏ اها به تلخ حقيقت آهي اسان ڪوٽا سسٽم جا محتاج ڪيستائين رهنداسين. تازو هڪ ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته ڪوٽا سسٽم کي ويهن سالن تائين وڌايو وڃي. مهاجرن ۽ ٻين گروهن اخباري بيانن وسيلي ان جي سخت مخالفت ڪئي آهي. ان ڪميٽيءَ جي سربراهه هڪ اخبار جي بيان ۾ اهو چيو آهي ته ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ڪرڻ وارا غلط آهن توهان هڪ صحتمند ٻار ۽ اپاهج ٻار ۾ ڪيئن ٿا مقابلو ڪري سگهو.
سائين منهنجا اهي ئي لفظ اسان جهڙن باشعور ماڻهن لاءِ ڪنهن زلزلي کان گهٽ نه آهي؟ ڇا سچ پچ اسان جي ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ پڙهندڙ ٻار توڙي نوجوان اپاهج آهي؟ جيڪڏهن اهو اپاهج آهي ته پوءِ بجاءِ ان جي اپاهجي دور ڪجي يا وري ان جي اپاهجي کي قبول ڪري ان جي مٿان رحم جو هٿ رکجي. . . . .
ڇا اهڙي رحم جي رکيل هٿ سان اسان جو ماحول ۽ معاشرو مٽجي ويندو. ڀلا ويهه سال ڪوٽا سسٽم کي وڌائي هن اپاهج نوجوان کي رحم ڪري ان کي نوازڻ کان بهتر نه آهي ته هن اپاهج ٻار ۽ نوجوان جو علاج ڪرائجي.
علاج به اهڙو علاج جنهن مان اسان جي معاشري ۾ هي شهري ۽ ٻهراڙي جو تضاد ختم ٿي وڃي. مان ڄاڻان ٿي ته تعليمي ادارا کلن پيا. تعليم ڏي ڪافي توجهه ڏني پئي وڃي. مائٽ به هاڻ باشعور ٿيا آهن. هر ڪنهن جي ڪوشش آهي ته پنهنجن نياڻين ۽ پٽن کي تعليم ڏيارجي.
ها سائين پر حالتون اهي وڃي رهيون آهن ته پڙهائي جو معيار آهي ئي ڪو نه، وري مٿان ڪاپيءَ تي زور، ان ڳالهه ته اڃا وڌيڪ منجهايو آهي ته اصل شاگرد ته امتحان ڏيندو ئي نه آهي ان جي جاءِ تي پئسن سان خريد ٿيل شخص وڃي امتحان ڏيندو آهي. اڄ ڪلهه امتحان پيا هلن، اوهان اهڙي قسم جون خبرون روزانه اخبار ۾ پيا پڙهندا آهيو. سائين منهنجا سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ ته اسڪولن ۾ پڙهايل نصاب بيڪار، اهڙو آسان ۽ بيڪار نصاب جنهن سان ڪا به ڄاڻ حاصل ٿي نه ٿي اهڙو نصاب پڙهيل اڄ جا ٻار ۽ نوجوان پڙهڻ نه ٿا چاهين. هو ڪاپي ڪري مارڪون کڻي ڪامياب ٿيڻ چاهين ٿا. ڀلا کڻي هڪ دفعو هو ڪامياب ٿي وڃن نوڪريون به حاصل ڪري وڃن ته ڇا آئنده اهڙا نوجوان آفيسر ٿي ڪري سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙيندا يا تاريندا. . . .؟
ڇا اسان جي نوجوانن جي مستقبل لاءِ ڪوٽا سسٽم جي اپاهجي ضروري آهي يا وري اهڙي ڪوشش ڪجي جو هي سڄو تعليمي نظام ئي مٽجي وڃي. اهڙو تعليمي نظام هجي، جنهن ۾ استاد کي پڙهائڻ ۾ مزو اچي ته شاگرد به سڪون سان پڙهي. مون کي اُن ڳالهه جو سو فيصد يقين آهي ته اسان جا تعليمي ادارا سٺا هوندا ۽ ات پڙهايل نصاب معياري ۽ دلچسپ هوندو ته شاگرد پنهنجو پاڻ ان ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪندا اسان پنهنجي ٻهراڙيءَ ۾ نوجوان کي تعليمي ماحول ڏيون ئي ڪو نه ٿا. سڀ کان پهرين سڄي سنڌ ۾ هڪ جهڙا، هڪ معيار جا تعليمي ادارا کوليا وڃن. انهن تعليمي ادارن ۾ نصاب به هڪ جهڙو پڙهايو وڃي.
انگريزي ٻولي جي اهميت کان اسان انڪار ڪري ئي نه ٿا سگهون يونيورسٽي ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ توڙي مقابلي جي امتحانن ۾ ان ٻوليءَ جي ڄاڻ ۽ عبور کان سواءِ ڏاڍي ڏکيائي ٿي ٿئي.
اسان کي پنهنجي ٻهراڙيءَ جي سڀني اسڪولن ۾ انگريزي ٻولي شهرن وانگر پهرين درجي کان پڙهائڻ گهرجي. پنهنجي سنڌي ٻولي ته پڙهڻي آهي. ان جي اهميت کي گهٽائڻو ئي نه آهي. ان کي ته پڙهڻو آهي ئي آهي پر ٻيا اهم سبجيڪٽ جهڙوڪ حساب، سائنس وغيره به شروع کان وٺي انگريزيءَ ۾ پڙهائڻ گهرجن.
اسان کي پنهنجي سنڌي نوجوان مان آئنده جون اميدون آهن. انهن کي بهتر شهري ۽ بهتر آفيسر، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻو آهي. ڪوٽا سسٽم جي اپاهجي هاڻ اسان کي قبول نه آهي. سڄي سنڌ ۾ تعليمي نظام کي معياري ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪومت، هنن اسيمبلين جي ميمبرن ۽ سرندي وارن ماڻهن کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي.
اسان جي ذهنن کي مفلوج ڪري، تعليمي نظام کي تباهه ڪري ڪوٽا سسٽم جو اڃا وڌيڪ ويهن سالن جو خواب ڏيکاري اسان جي ٻار ۽ نوجوانن کي مفلوج ڪرڻ جو هڪ وڏو پلان آهي. اچو ته گڏجي پنهنجي قوم کي هن اپاهجي ۽ مفلوجي واري ڄار مان ڪڍي ايترو طاقتور بڻايون جو ڪنهن به جاءِ تي ڪير به اسان جو مقابلو نه ڪري سگهي، هر هنڌ هر جاءِ تي اسان جو نوجوان پنهنجي قابليت تي پنهنجي ذهانت تي منزلن کي ماڻي.

آچر 30 مئي 1993ع

سرڪاري ادار ۽ انهن جي ڪارڪردگي

تنظيمون هلائڻ ۽ ادارا ٺاهڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. گهڻو حوصلو کپي. پاڻ کي ارپڻ واري جذبي جي تحت ڪم ڪرڻ سان ئي ادارا ۽ تنظيمون مضبوط ٿينديون آهن. هڪڙا ادارا هوندا آهن ذاتي ته ٻيا حڪومتي. ڪي ادارا سياسي به هوندا آهن ته سماجي به. پر حڪومتي ادارن جو شان ته تمام مٿانهون هوندو آهي. پر ذاتي يا سياسي ادارا پارٽين تحت هلندا آهن. جيتري پارٽي مضبوط ۽ پئسي واري هوندي آهي اهو ادارو به ته مضبوط هوندو آهي. گهڻا سماجي ادارا گهڻو ڪري پئسي جي ڪميءَ ڪري ڪم جي رفتار گهڻي وڌائي نه سگهندا آهن. اسان جي سنڌ ۾ ٻه چار سماجي ادارا اهڙا آهن جن جو فخر سان نالو وٺي سگهجي ٿو.
هڪ ادارو ته اهڙو آهي جنهن تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. ان اداري جي ڪاميابيءَ جو سبب ئي پاڻ ارپڻ واري جذبي جي تحت بي لوث خدمت آهي. ڪي ڪوتاهيون ته سڀ ڪنهن ۾ آهن.
هاڻ ذڪر ڪجي حڪومتي ادارن جو....حڪومتي ادارا اهي ادارا آهن جيڪي حڪومت پنهنجي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ٺاهيندي آهي. حڪومت هلندي ئي عوام جي ٽيڪس جي پئسن يا وري ٻاهران مليل قرضن تي آهي. اُهي قرض به مختلف بهانن سان عوام تي ٻوجهه وجهي ورتا ويندا آهن. حڪومت ۾ مختلف قسمن جا ادارا هوندا آهن. ڪن ۾ ڪمائي گهڻي هوندي آهي ته ڪن ۾ ڪم گهڻو هوندو آهي. جن ادارن ۾ڪمائي گهڻي هوندي آهي ان ۾ ويٺل ڪامورا نانگ کان گهٽ ڪونه آهن. جيڪي کير پيارين اُنهن کي به ڏنگين، جيڪي کير نه پيارين اُنهن کي به ڏنگين. اهڙن ادارن ۾ 80 سيڪڙو ڪم فائيلن ۽ نقشن ۾ ٿيندو آهي. باقي 20 سيڪڙو ڪم ٽن سالن يا پنجن سالن جي پلان کانپوءِ ٽٽي ڀري ويندو آهي. مٿان وري مرمت ۽ ٻين وسيلن ذريعي ڪمائيءَ جو سلسلو جاري رهندو آهي. اهڙن ادارن ۽ اهڙن ڏاڍن ماڻهن تي ڪنهن جي به نظر ڪانه پوندي آهي. سڀ ڪو پيو انهن کان ڊڄندو آهي. انهن جي شان شوڪت، اُنهن جا ڊگها هٿ سڀني کي پيا ڊگها رستا ڏيکاريندا آهن. اخبارون ڪجهه لکن يا وري ڪي صحافي انهن خلاف ڪا رپورٽ يا خبر موڪلين ته سائين اُن صحافي جو بُج بُج پٽيو ٿو وڃي.......اهڙن ماڻهن تي اسان جا اديب دانشور ۽ ڏاها ڪا تحريڪ ڪونه هلائيندا آهن ۽ نه وري ڪالم لکندا آهن ۽ نه وري نعري بازي ڪندا آهن.
هاڻ اچون ٿا اهڙن حڪومتي ادارن تي جيڪي اسان جي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ ريتن رسمن جي حوالي سان قائم ٿيندا آهن. اهڙن ادارن تي اسان جي ڌارين دشمنن جي ته اصل ڪاهه هوندي آهي. اُهي اها ڳالهه پسند ئي ڪونه ڪندا آهن ته اُنهن ۽ اُنهن جي قومي ٻوليءَ ڇڏي ڪنهن به قوم جي پنهنجي زبان حيثيت رکي ٿي...... ها سائين منهنجا اهو به سچ آهي ته اهڙا ادارا جيڪي اُتان جي ماڻهن جي زبان، ادب، ثقافت لاءِ جوڙيا ويندا آهن انهن کي خود اُن قوم جا ماڻهو به برداشت نه ڪري سگهندا آهن......! جيڪڏهن ڪي ادارا ترقي پيا ڪن، ڪم به پيا ڪن ته به هينئين ۾ ساڙ، اصل ڪنڊو ڇڀيو پيو هوندو آهي. جيڪي ادارا ڪم نه پيا ڪن انهن لاءِ به وٺ وٺان، بيان بازي، گهوڙاڙي غضب ٿي ويو ادارا بچايو وغيره......
سائين هڪ اهڙي قسم جي وٺ وٺان ۾ مان به شريڪ ٿي هئس، بينر کڻي رستن ۽ روڊن تي به احتجاج ڪيو ويو هو. ات منهنجي شريڪ ٿيڻ جو بنيادي مقصد ڪجهه ٻئي قسم جو هو. مان ادب ۾ قلم جي نالي سان ڪريل اوگڻ برداشت نه ڪري سگهندي آهيان. هڪ اهڙي قسم جو ڏنل انٽرويو ئي محرڪ هو جيڪو مون کي ان احتجاج ۾ وٺي ويو....... اتي وڃڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين مون کي مايوسي اها ٿي ته ٻه چارا اديبن کان سواءِ اتي ڪو به نه هو. شاگردن جون تنظميون ۽ اُنهن جا اڳواڻ اديبن کان وڌيڪ هئا، بنسبت اديبن کان اهو شهر جت اُهو احتجاج ٿيو، اديبن جي حوالي سان هڪ وڏو شهر آهي. سنڌي ادب جو ليکڪائون به اُن شهر ۾ گهڻيون آهن. پر ڪوئي به ته ڪونه هو اتي....... ان مايوسيءَ جو اظهار اتي هڪ اديب سان ڪيم. چيومانس مان ڪٿان کان هلي آئي آهيان پر تون پنهنجي شهر ۾ ايتري اڪيلي آهين جو ٻه چار ساٿياڻيون به نه گڏ ڪري سگهي آهين. اتي ڪيل نعري بازي سان به مون کي اختلاف هو. سطحي ۽ اڻ وڻندڙ جملا استعمال ڪري نعري بازي ڪرڻ اديبن جو شان نه آهي......سائين منهنجا اهي اديب، الله رکي اڃان زنده ويٺا آهن، انهن کان وڃي پڇو جن ون يونٽ جي خلاف لکيو. قلم کي هٿ ۾ کنيائون ته حڪومت جي فيصلن ۾ ڏار پئجي ويا. جڏهن اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي ۾ احتجاج ڪندي شاگرد ۽ شاگردياڻيون بک هڙتالن تي ويٺا ۽ اديبن هڪ منظم وڏو جلوس ڪڍيو، ون يونٽ تي اُهو ڄڻ ته ڪاپاري ڌڪ هو جنهن حڪومت جي اعليٰ کان اعليٰ عملدارن کي به لوڏي ڇڏيو. اهو احتجاجي جلوس اديبن جو هو. صرف اديبن جو اُن ڪري ئي ڪامياب ٿيو.....هي احتجاج جلوس جن ۾ اديب ته هئائي گهٽ مٿان وري بي مقصد نعري بازي ڏسي مان اهوئي سوچيو ته سائين اسان مان صحيح ڪير به نه ڪونهي. اسان سڀ اهڙي چوواٽي تي بيٺا آهيون جتان اسان پنهنجي منزل جي سڃاڻپ نه ڪري سگهيا آهيون....ٻئي ڏينهن ٺڪاءُ ٿي ويو اخبارن ۾ تمام وڏي خبر ڇپي ته اديبن جو تمام وڏو احتجاجي جلوس هو. پوءِ مان جيڪا اکين ڏٺي شاهد هئس ڪجهه به نه لکي سگهيس ۽ پوءِ اخبارن ذريعي بيان بازي ذريعي اها تحريڪ زور وٺندي رهي. اهو احساس به موجود هو، هر باشعور ماڻهو اهو ئي سوچيو ته ڀلا اها به چڱي ڳالهه ڪير ته نڪتو آهي ڪجهه ته ٿئي پيو ڇو ته اسان جا ادارا تباهيءَ جي حالت ۾ پهچي ويا آهن. هاڻ ڪجهه نه ڪجهه تدارڪ ٿيڻ گهرجي.
آخر وڃي ڪجهه تدراڪ ٿيو. هڪ نالي وارو شاعر اديب اُن کي اها ڪرسي ملي ۽ هو وڃي اُن تي ويٺو. اسان شڪر ڪيو پر سائين اسان جو شڪر ڪم نه آيو. وري اخبارن ۾ بيان ۽ مطالبا ڇو ته اُهو اديب ۽ شاعر اسان جو چونڊيل نه آهي، ان ڪري قابل نه آهي. اسان کي ته فلاڻا فلاڻا ٿا کپن..... سائين هاڻ گڏجاڻيون شروع ٿيون ڪي نالا حڪومت کي نامنظور ته ڪي وري اُن احتجاجي تحريڪ وارن کي نامنظور آخر گهڻي وٺ پڪڙ کان پوءِ اهڙا نالا چونڊيا ويا جيڪي ٻنهي ڌرين کي قبول پيا.........
اداري جي ٻيهر جوڙجڪ ڪئي ويئي. وڏن عهدن سان گڏوگڏ هڪ ويهن پنجويهه ماڻهن جو پينل ٺاهيو ويو. تنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ اهڙا ماڻهو کنيا ويا جيڪي دوستي ۽ ذاتي پسند تي رکيا ويا. بهر حال اها ڳالهه به خراب نه آهي برداشت ڪري سگهجي ٿي. اصل مقصد ته اهو آهي ته ڪم ٿئي...... بس ڪم ٿيڻ گهرجي باقي ٻيو ڇا گهرجي..... گذريل مهيني ان اداري ۾ انهن ويهن پنجويهه ماڻهن جي پهرين گڏجاڻي هئي. سائين سڀ ڪو اچي گڏ ٿيو ۽ گڏجاڻي به خير سان ٿي ويئي. منهنجي دل ۾ بيچيني ته ڪا خبر پويم، ڪا ڄاڻ مليم. ڇو ته اخبار جي خبر ۽ اصل خبر ۾ وڏو تضاد هوندو آهي. سو کڻي فون ڪيم هڪ اهڙي شخصيت کي جيڪا ان پينل جي گڏجاڻيءَ ۾ موجود هئي. کائنس پڇيم ته ادا گڏجاڻيءَ ۾ ڪا پيش رفت ٿي. ڪا ڪم جي ڳالهه ٿي..... پنهنجي مخصوص انداز ۾ ان جواب ڏنو، “ها ڏاڍي پيش رفت ٿي. بمبئي بيڪريءَ جا ڪيڪ کاڌاسين. پوءِ وڏين گاڏين ۾ چڙهي هوٽل ۾ طعام کاڌاسين. اصل واه واه! اڃا تائين لذت پئي اچي.....”
مان چيو، “ادا هاڻ مسخري ڇڏ مان تو کان ڪيڪن ۽ طعامن جو ڪونه ٿي پڇان. مون کي ته اهو ٻڌايو ته ڪم جي ڪهڙي ڳالهه ٿي”..... وري به اُن اها ئي ڳالهه ورجائي ته مان چيومانس ڏس مان ڪالم ۾ لکندي سانءَ ته توهان ائين پئي چيو. چيائين ته ضرور لکجانءِ پر منهنجو نالو وٺي لکجانءِ ته مون ائين پئي چيو..... اڙي ادي ڪم جي ڳالهه ٿي هجي ته توهان کي ٻڌايان. جيڪا به ڪم جي ڳالهه ڪئي ٿي ويئي ته اُن کي رد ڪيو ٿي ويو.. ڪتابن لاءِ ڇپائيءَ لاءِ ۽ ٻين ضروري مقصدن لاءِ جيڪا به بجيٽ رکي ويئي ان کي رد ڪيو ويو. ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو، ها باقي هڪ ٻيو اهم فيصلو ڪيو ويو هو.... ۽ هو ڳالهه کي کائي ويو..... مان تڪڙ مان پڇيو ته ڪهڙو اهم فيصلو ڪيو ويو هو. جواب مليو ته اهو اهم فيصلو اهو هو ته هر مهيني هاڻ اهڙي قسم جون گڏجاڻيون رکيون وڃن. بس پوءِ ته سلطانه واه واه بمبئي بيڪريءَ جا ڪيڪ ٿڌيءَ هوٽل ۾ گرم گرم طعام.....جنهن مون سان اهي ڳالهيون کلندي کلندي ڪيون اُن اهو به ٻڌايو ته ان گڏجاڻيءَ تي پنجٽيهه هزار (35000) رپيا خرچ ٿيا پر ڪم جي ڳالهه لاءِ پنج هزار به منظور نه ڪيا ويا. رڳو اختلاف. هيئن به نه هئڻ گهرجي هونئن به نه ٿيڻ گهرجي..... ان فلاڻي ڇوڪريءَ کي ٻيهر نوڪريءَ تي ڇو رکيو ويو آهي....اشتهار ڏيو ها انٽرويو وٺو ها وغيره وغيره.......سمجهايو ويو ته سائين توهان ته پاڻ انهن ماڻهن جي وڪالت پيا ٿا ڪريو جن پنهنجي هٿ اکرن سان استعفائون ڏنيون هيون. هن ويچاري ته استعفا به ته ڪانه ڏني هئي. هروڀرو اختلافن جو شڪار ٿي ۽ کيس نوڪريءَ تان هٽايو ويو هو..... ها پر اصل مسئلو ته اهو هو ته ان ڇوڪريءَ کي ٻيهر رکڻ لاءِ هٿ ٺوڪين آقائن کان ڇو نه پڇيو ويو. اهڙن آقائن کان جن کي اهو مان آهي ته انهن اهي ڪرسيون ۽ عهدا سڀني کي ڏياريا آهن......
اهي سڀ حالتون ڏسي ۽ ٻڌي منهنجو اهو ايمان ته نه ڪڏهن سنڌي ختم ٿيندا نه وري سنڌي ٻولي ختم ٿيندي. اُن ۾ ڏار پئجي ويا آهن....مان جهري پوندي آهيان جڏهن اديبن ۽ دانشورن کي ڀورڀور ٿي ڀرندو ڏسندي آهيان.
سڀ ڪو خود پسند ۽ اناپرست آهي. اهو نه ٿو سوچي ته جيڪي ماڻهو ڪرسين تي عهدن تي اچي ويٺا آهن. اهي اهڙا ماڻهو آهن جن تحريڪون هلايون آهن، زندگيون ڏنيون آهن. انهن جي شخصيت ڪنهن به اختلافي بيان جو شڪار نه رهي آهي. توهان سڀ اُنهن جي نالي تي ان ڪري ئي متفق ٿيا ته هو ادبي قد بت ۾ مٿاهون درجو رکن ٿا.....اڙي سائين منهنجا اُنهن کي ڪم ته ڪرڻ ڏيو. ڪجهه وقت انتظار ته ڪيو ته ڇا ٿو ٿئي......باقي جيڪڏهن اهو ماحول رهيو ته پوءِ الله ئي حافظ آهي اهڙن ادارن. جو ڇو ته پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ ڪو به چڱو ماڻهو اهڙن ادارن ۾ وڃڻ ئي نه چاهيندو.

خميس 12 آگسٽ 1993ع

ماضي، حال، مستقبل – فرق ڪجهه به نه آهي

گذريل ڪيترن مهينن کان هلندڙ بحران نالي ماتر ختم ٿيو آهي. وري نئين سر اليڪشن جون ڳالهيون پيون ٿين اهي ماڻهو جيڪي هڪ ٻئي پٺيان ورکنجي ڪاهي پيا، هڪ ٻئي تي الزام تراشين جي وٺ وٺان هئي. هڪ ٻئي جا بخيا اڍيڙيا ويا هئا. اُهي ئي ماڻهو، اُهي ئي شڪليون وري هنبوڇيون هڻنديون اسان جي سامهون پيون اچن. اهي ئي ماڻهو جيڪي سياست ۾ ٻٽي پاليسي اختيار ڪري چڙهندڙ سج کي سلام ڪري، پنهنجا ضمير وڪڻي، الهه تلهه کائي، وزارت جي ڪرسي تي ويهي جهنڊي واري گاڏي جا مزا وٺندا رهيا آهن. سڀ اهي سڀ ماڻهو انهن ئي شڪلين سان انهن ئي اعمالن سان وري ٽڪيٽون حاصل ڪري وري وڃي انهن اسيمبلين ۾ ويهندا وزارتون ماڻيندا ۽ سڀني مٿان حڪومتون ڪندا.

ويچارو غريب ۽ گگدام عوام مهنگائي جي ٻوجهه ۾ پيٺل سڀ ڪجهه ڄاڻندي وري به ڪنهن سٺي مستقبل لاءِ خوابن جي محل ۾ ويهي آئينده جا منصوبا ٺاهيندو آهي، ويچارو عوام جيڪو هُشيءَ ۾ خوش آهي تنهن جو ذهن سڀ ڪجهه سمجهندي ڄاڻندي وري به اهڙا خواب ڏسڻ شروع ڪندو آهي، ته شايد هي سڀ سڌري وڃن!؟ متان ڪا چڱائي ٿي پوي. ڀلا وڃن به ڪهڙي پاسي، ڪنهن کي ووٽ ڏين؟ ڪير آهي جنهن کي صحيح سمجهي پنهنجو سمجهي ووٽ ڏين.......ڏسو ته سهي ته ووٽ وٺڻ وارا چهرا به ساڳيا..... ووٽ ڏيڻ وارا چهرا به ساڳيا.......حالتون به ساڳيون، ڪجهه به ته ناهي بدليو. اڄ به اهو ووٽ وٺڻ وارو، اهو ساڳيو ووٽ وٺڻ وارو پنهنجي هيبت ناڪ شڪل کڻي اچي وچ ۾ ويهندو چئني طرف زندهه آباد، زندهه آباد جا نعرا لڳندا، پئسو پاڻي وانگر وهندو، ڀلا فڪر به ڪهڙو؟ هي ته هڪ قسم جو فائده مند ڪاروبار آهي جيترو سيڙايو ان کان ڏهوڻ ڪمايو...... صرف اليڪشن جي ڏينهن ۾ پنهنجي تڪ جي ماڻهن وٽ وڃڻ تقريرون ڪرڻ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ وعدا ڪرڻ ۾ ڀلا ڪهڙو حرج آهي؟ پوءِ ته نه اهڙن ماڻهن کي ڏسبو نه وري اهي ماڻهو انهن کي ڏسندا.......پوءِ ته هونئن ئي رهڻو آهي ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾......ان تڪ جا ويچارا ماڻهو جن اميدون رکي زندهه آباد زندهه جا نعرا لڳائي ڪٿ پاڻ ڪٿي ڏاڍي جي زور تي ووٽ ڏنا هئا اهڙا ويچارا ماڻهو جن کي گهر کائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي، جن ويچارن ڏکن سان ڊگريون حاصل ڪري پنهنجي مستقبل لاءِ خواب ڏٺا هئا اهي سڀ پنهنجن چونڊيل اميدوارن کي جيڪي ووٽ وٺڻ مهل انهن جي گهٽين ۽ دروازن تي آيا هئا، انهن کي ڳوليندا وتندا آهن. اوڌر تي ڀاڙا خرچ ڪري وڏن شهرن ۾ ڌڪا کائيندا رهندا آهن.....اهي سڀ ڳالهيون اهي سڀ حقيقتون ڪنهن کان به لڪل نه آهن. سڀ ڪو ڄاڻي ٿو، سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته اسان وٽ ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ڪوبه فرق نه آهي نه وقت بدليو آهي نه ماڻهو بدليا آهن، ڪجهه به ته ناهي بدليو! دنيا چنڊ کان به اڳتي وڌي ويئي آهي. زمين جي اونهائي مان درياهن جي تهن مان سڀ ڪجهه معلومات حاصل ٿي ويئي آهي پر نه خبر پئجي سگهي آهي ته اها اسان جي ملڪ جي، سياست جي ملڪ جي حالتن جي، هن ووٽ وٺندڙن جي..........

منهنجي اڳيان سياست لفظ جي معنيٰ ئي آهي ٻٽي پاليسي سان ڪنهن جا ترا ڪڍڻ.......هي ڳالهه به ته مشهور آهي ته ڪڏهن ڪو ماڻهو پاليسي سان هلي، همدرديون جتائي پوءِ ڌڪ هڻي ويندو آهي ته چئبو ته فلاڻو سياسي چال ڪري ويو. هي اسان جي ملڪ جي سياست جنهن شهر توڙي جهنگ جي ماڻهو کي شعور ته ڏئي ڇڏيو آهي. پر توهان جنهن سان به ڳالهايو بحث ڪيو هر ڪو بيزار ويٺو آهي. دلچسپي ئي نه رهي آهي ملڪ جي بدلجندڙ حالتن تي. هي اسان جي ملڪ جون بدلجندڙ حالتون ذاتي مفاد آهي سياسي ليڊرن جو.....عوام ته ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪري ڪرسيون ڏياري ٿو مٿي جيڪو اسيميلين ۾ جو جهيڙو فساد کڙو ٿو ٿئي ان ۾ عام ماڻهو ووٽ ڏيندڙ عوام جو مفاد ڪير ڪونه ٿو سوچي پئسن جي عيوض ڪرسين جي عيوض ضمير وڪڻي، پارٽيون بدلائڻ، هنگاما فساد ڪرڻ اهو شان ۽ مان هنن سياسي ليڊرن جو آهي. ان ويل انهن کان اها ڳالهه وسري ويندي آهي ته ڪهڙي پارٽي جي نالي ڪهڙي عوام کان هو ووٽ وٺي اسيمبلين تائين پڳا آهن. هن ملڪ ۾ افراتفري مايوسين باغي ڪري ڇڏيو آهي هاڻ ووٽ ڏيندڙ کي تازو ٿيندڙ اليڪشنون ئي مثال آهن جنهن ۾ عوام ووٽ ڏيڻ لاءِ ويوئي ڪونه اها مايوسي جي انتها آهي جو ووٽ ڏيندڙ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال نه ڪري اهو به سڀ ڪنهن ڏٺو ته ووٽ به نه پيا ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون مٺايون ورهائي جشن ڪيا ويا معنيٰ ته ووٽ جي اهميت ختم ٿي چڪي آهي. ڪاميابي جو تاج ته هونئين ئي ملڻو آهي. اسيمبلي جي ميمبر کي هي تازو ٿيل اليڪشنون جن ۾ ميمبر تمام ٿورا ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيا ۽ انهن کي اليڪشن ڪميشن ڪامياب به قرار ڏنو، اها بنيادي غلطي ٿي آهي اسان جي سياسي وايو منڊل ۾ حقيقت ۾ ته ائين ٿيڻ کپي ها ته هڪ محدود انگ کان گهٽ ووٽ کڻندڙ کي ڪامياب قرار نه ڏيڻ گهرجي ڪاميابي لاءِ محدود انگ رکڻ سان اهو فائدو ٿيندو ته هڪ ته ووٽ جي اهميت کي ڌڪ نه لڳندو ۽ پارٽين کي به پنهنجي اصليت نظر اچي ويندي عوام به اگر پارٽين کان بيزار ٿي ووٽ نه ٿا ڏين ته پوءِ پارٽيون به پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون ۽ ميمبر به پاڻ کي عوام کان الڳ نه سمجهندا انهن کي اُن ڳالهه جو ڊپ هوندو ته هيترا ڪي هيترا ووٽ اسان کنيا ته ڪامياب نه ٿينداسين. عوام جو ووٽ ڏيڻ کان باغي لڳو ويٺو آهي ان کي به پنهنجي ووٽ جي اهميت جو اندازو ٿيندو. بهرحال هي اليڪشنون عوام لاءِ توڙي پارٽين لاءِ تمام گهڻي اهميت رکن ٿيون. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڪيترا ماڻهو ووٽ ڏين ٿا ۽ ڪهڙا چهرا اسميبلين ۾ پهچن ٿا ته وري آئينده ڪيترا ڏينهن حڪومت رهندي ۽ وري ڪڏهن اليڪشنون ٿين ٿيون. هي سڀ اهڙا سوال آهن جن جو جواب ڪنهن وٽ به ڪونهي.

خميس 19 آگسٽ 1993ع

ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف ڪاليج ۾ داخلا

مئٽرڪ سائنس ۽ آرٽس جو نتيجو نڪري چڪو آهي جيئن ته مان ڪراچيءَ جي نالي واري ڪاليج سينٽ جوزف ۾ ڪيترن سالن کان پڙهايان پئي. هن ڪاليج ۾ ٻين ڪيترن تجربن سان گڏ مون کي اهو تجربو به ٿيو آهي ته سنڌي والدين ڪيتريون نه ڪوتاهيون ڪن ٿا. اهڙيون معمولي ڪوتاهيون جن سان اُنهن جي اولاد جي مستقبل تي اثر پوي ٿو ۽ وقت گذرڻ کانپوءِ جڏهن پاڻي مٿان گذري ويندو آهي ته پوءِ سنڌي والدين هاءِ گهوڙا ڪندا آهن.
هي سينٽ جوزف ڇوڪرين جو ڪاليج آهي. پڙهائي توڙي ڊسپلين جي لحاظ کان ڪراچيءَ جي بهترين تعليمي ادارن ۾ شمار ٿئي ٿو. انهن سببن جي ڪري ئي ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان والدين ۽ شاگردياڻيون اهو ٿا چاهين ته اُن کي هن ڪاليج ۾ داخلا ملي. داخلا پاليسي ۾ زونل ۽ ميرٽ ٻئي سسٽم رکيل آهن. زونل ۾ اُهي اسڪول آهن جيڪي قانون ۽ قاعدي موجب تعليم کاتي سڀني ڪاليجن جي حوالي ڪيا آهن. سينٽ جوزف ڪاليج ۾ صدر جي علائقي، بندر روڊ کان ويندي ٽاور تائين ۽ ڪلفٽن جا اسڪول شامل آهن. (راندين) تقريرن، نعت خواني ۽ ڊرامن (اسڪولي ڊرامن) ۾ ڪم ڪندڙ ۽ اتان حاصل ڪيل سرٽيفڪيٽن تي به هتي داخلا ملندي. اُن لاءِ مارڪن يا گريڊ جو سٺو هئڻ ضروري نه آهي. سرٽيفڪيٽ کي ڏيکارڻ کان پوءِ ٽيسٽ جي داخلا پاليسي ساڳي آهي. سينٽ جوزف ڪاليج ۾ سائنس ۽ آرٽس ٻئي سيڪشن آهن. جيئن ته والدين اهو چاهيندا آهن ته سندن نياڻيءَ کي هن ڪاليج ۾ داخلا ملي ۽ ان ڪري هن ڪاليج ۾ سائنس ۾ گهڻو ڪري صرف اي ون وارن کي داخلا ملندي آهي. جيڪڏهن مان هن وقت اوهان کي گذريل سال جو حساب ڪتاب ٻڌايان ته توهان حيران ٿي ويندو...گذريل سال سائنس سيڪشن ۾ اوپن ميرٽ تي 85 سيڪڙو تائين داخلا ٿي ويندي آهي. هاڻ هيءَ ڳالهه واضح ٿي ته داخلا وقت جيڪا پاليسي آهي، اُن ۾ سائنس ۾ صرف اي ون گريڊ ۽ آرٽس ۾ ڪجهه اي گريڊ وارن کي داخلا ملي ٿي. هر سال مون ڪيترن والدين کي هٿن ۾ مارڪ شيٽ کڻي پريشان حال گهمندي ڏٺو آهي. انهن جي ڇوڪرين اي ون گريڊ جون مارڪون کنيون پر انهن کي هن ڪاليج ۾ داخلا نه ملي. والدين اهو سوچيندا آهن ته سندن نياڻين اي گريڊ ۽ اي ون گريڊ کنيو آهي تنهنڪري ڪا ڳالهه ڪانهي. پر جڏهن مقابلي جي ميدان ۾ اچبو آهي تڏهن خبر پوندي آهي ته گهڻي ويهين سئو آهي.......
هن ڪاليج ۾ ڪجهه سال اڳ سنڌي ڇوڪريون نالي ماتر نظر اينديون هيون پر هاڻ ڪافي تعداد ۾ سنڌي ڇوڪريون نظر اينديون آهن. سنڌي ڇوڪرين جي ڪميءَ جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هت ڪراچي شهر ۾ نوڪريءَ سانگي رهندڙن جو تعداد گهڻو آهي. سرڪاري نوڪريءَ ۾ بدليون وغيره پيون ٿين. سنڌ جي ڪجهه وڏن شهرن کان علاوه تعليمي نظام تباهه ٿيل آهي خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو ته حال تمام گهڻو خراب آهي. انهيءَ ماحول ۾ پڙهندڙ ٻار جڏهن وڏن شهرن ۾ اچن ٿا خاص ڪري ڪراچي شهر ۾ تڏهن والدين انهن کي سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ ٻارن کي داخل ڪرائين ٿا. اها جيڪا ٻٽي پاليسي آهي، اسان جي تعليمي نظام ۾، تنهن اسان کي ڏاڍو گهڻو ڌڪ رسايو آهي. اسان وٽ سنڌي ميڊيم اسڪول انهن کي چيو ٿو وڃي جت سڀ سبجيڪٽ سنڌيءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ڪاليج جي ماحول ۾ اهڙا ٻار ان ڪري ڪامياب گهٽ ٿا ٿين جو اتي انگريزي زبان جو زور آهي. اهڙي طرح اسان جا شاگرد ڪاليجن کان ويندي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ شارٽ ڪٽ وٺن ٿا. مطلب ته ڪاپي ڪن ٿا. اسان جي سنڌ ۾ تعليم جو نظام بلڪل غلط آهي. ان کي سڌارڻ تمام ضروري آهي. انگريزي ٻوليءَ جي اهميت کان انڪار ڪري ئي نه ٿو سگهجي. اسان وٽ پهرئين درجي کان وٺي ئي انگريزي پڙهائڻ گهرجي ۽ سائنسي ۽ حسابن جهڙا سبجيڪٽ ته خاص ڪري انگريزي پڙهائڻ گهرجن. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته مقابلي ڪرڻ مهل پراون کي ميارون ڏيڻ کان بهتر آهي ته اسان پنهنجون ڪوتاهيون دور ڪريون. ڪهڙي طريقي به ڊگري حاصل ته ٿي وڃي ٿي، پر مقابلي وقت انٽرويو ڏيڻ ۽ نوڪريون ملڻ وقت اسان جا نوجوان ڌڪا کائيندا وتندا آهن پر انهن کي نوڪريون نه ملنديون آهن.......اهو اهم سبب آهي اسان وٽ تعليم جي ٻٽي پاليسيءَ جو..........
ها سائين ته مون ڳالهه ٿي ڪئي سينٽ جوزف ڪاليج ۾ داخلا پاليسيءَ جي. هن مسئلي تي لکڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته جڏهن به مئٽرڪ جي رزلٽ نڪرندي آهي تڏهن اُهي سڀ والدين جن کي اها خبر آهي ته مان هن ڪاليج ۾ آهيان سي مون کان معلومات ۽ طريقا پڇندا آهن. مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي ته سٺن اسڪولن مان پڙهي نڪتل بولڊ ۽ هوشيار ڇوڪريون پنهنجن سٺين مارڪن جي وسيلي هن ڪاليج ۾ داخلا وٺنديون آهن، اهڙين ڇوڪرين جا والدين خاص ڪري مائرون پڙهيل هونديون آهن ۽ اهي پنهنجي نياڻين سان گڏ ڪاليج ۾ اينديون آهن ۽ پنهنجي اولاد جي رهنمائي ڪنديون آهن.
هڪ اهم مسئلو اڃا مختلف نوعيت جو آهي جنهن تي لکڻ ضروري آهي جيئن اڄ ڪلهه ماحول ڪجهه اهڙو ٿي ويو آهي ۽ دلين ۾ نفرتون ايتريون ته وڌي ويون آهن ڪو به پاڻ کي ان کان آجو نه رکي سگهيو آهي. تنهنڪري هن سينٽ جوزف ڪاليج ۾ ڊسپلين جي پائيندي ضرور ڪرائي ويندي آهي. داخلا وٺڻ وقت ايتري ته رش ٿيندي آهي جو ان کي قابو ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. انهن سببن جي ڪري هت ڪي پابندي به لڳل آهن. جيئن ته مردن کي اجازت نه هوندي آهي ڪاليج ۾ اندر اچڻ جي، صرف اُهي مرد اندر اچي سگهن ٿا جن جون نياڻيون شهر کان ٻاهر ويل آهن ۽ هنن وٽ اوريجنل مارڪ شيٽ آهي. داخلا وقت اهو به ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو فجر جي نماز به هت اچي سڀ پڙهندا آهن ۽ لائين ۾ انهن جون ڌيون بيٺيون هونديون آهن. ڪاليج جو دروازو کلڻ کان اڳ ٻاهر ايتري رش هوندي آهي جو ٽريفڪ جام هوندي آهي. توهان يقين ڪندو ته ان وقت ڊسپلين ٽوڙڻ وارا پنهنجي وڏماڻهپي ڏيکارڻ وارا صرف سنڌي هوندا آهن.خاص ڪري سنڌي ڪامورو ته اصل آپي کان ٻاهر هوندو آهي. رڙيون ڪري پيو ٻڌائيندو آهي ته مان اڻويهين گريڊ يا ويهين جو آفيسر آهيان پوءِ ڀلا مان گيٽ تي ڇو بيهان؟ مون کي ياد آهي ته اهڙي قسم جو هڪ آفيسر گيٽ جي چوڪيدار کي ڌڪا ڏيندو روب ڄمائيندو اندر داخل ٿيو ۽ سختي سان ڳالهائي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته هو ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۾ ارڙهين گريڊ جو ڊپٽي سيڪريٽري آهي. اُت ڊيوٽيءَ تي ويٺل استاد جيڪا ويهين گريڊ جي پروفيسر هئي تنهن ان کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته توهان اگر ارڙهين گريڊ جا ڊپٽي سيڪريٽري آهيو ته مان ويهين گريڊ جي پروفيسر آهيان. ٻين گروهن جا ماڻهو قاعدي قانون جي پابندي ڪندا آهن. ڪڏهن به اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن ته هو ڪير آهن. ها پر، پري کان ظاهر ٿيندو آهي جيڪو اُٻهرو هجي جلدي ۾ هجي. جذبات ۾ هجي معنيٰ ته اُهو سنڌي آهي. اهڙا ڪجهه واقعا هر سال ضرور ٿيندا آهن ۽ پوءِ اسان جي اسٽاف روم ۾ نفرت سان انهن جو ذڪر ٿيندو آهي ته سڀ سنڌي اهڙا آهن. ٻي اهم ڳالهه جنهن جو مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي ته جنهن وقت داخلا پاليسي ظاهر ٿيندي آهي، اخبارن جي ذريعي پورو پروگرام ايندو آهي تڏهن ڪيترا سنڌي والدين ان جي پرواه نه ڪندا آهن. داخلا جون تاريخون گذرڻ کانپوءِ پيا ڪوشش ڪندا ۽ پنهنجي مجبوري اها ٻڌائيندا ته اسان ته سوچيو پئي ته اسان جي ٻارن ته سٺيون مارڪون کنيون آهن تنهنڪري داخلا ته ملي ويندي! اها ڳالهه هو سوچيندائي نه آهن ته وقت تي نه ايندا ته پوءِ داخلا ڪيئن ملندي؟ ڏک جي ڳالهه آهي ته اهڙين ڇوڪرين جون مارڪون اهڙيون ته سٺيون هونديون آهن جو وقت تي اچڻ سان ميرٽ تي انهن کي داخلا ملي سگهي پئي پر ٿوري لاپرواهيءَ جي ڪري انهن کي تڪليف ڏسڻي ٿي پوي...... اهڙا والدين ۽ ٻيا اهي والدين جن کي مارڪن جي ڪميءَ جي ڪري داخلا نه ملندي آهي. اهي وزيرن ۽ وڏن ڪامورن جون سفارشي چٺيون کڻي ايندا آهن. هيءَ ڳالهه به مان اهڙن والدين کي سمجهائڻ چاهيان ٿي ته اهڙين سفارشي چٺين جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي اهڙيون چٺيون هر ٻئي ماڻهوءَ وٽ هونديون آهن. جيڪڏهن ڪو وڏو ماڻهو اوهان جو سفارشي آهي ته اهو پاڻ اوهان لاءِ سڌي سنئين ڪوشش ڪندو؟ صرف سفارشي چٺي لکي اوهان کي ٽرکائي ڪونه ڇڏيندو.
هي تعليمي ادارا جيڪي وڏي نانءَ وارا آهن سي سڀ سنڌ جا تعليمي ادارا آهن. هي ادارا گهڻو ڪري پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ جا ٺهيل آهن. جيڪو به اهم ادارو آهي ان جو بنياد رکڻ وارا سنڌي مسلمان، هندو، پارسي ۽ ڪرسچن هئا. ٻيا جيڪي نوان تعليمي ادارا کليا آهن اُهي به چڱا آهن. پر اُنهن جون فيون تمام ڳريون آهن. هي ادارا ڪمرشل بنيادن تي ڪم ڪن ٿا. باقي هي جيڪي پراڻا تعليمي ادارا آهن جن ۾ خاص ڪري جيڪي اسڪول شامل آهن انهن جون فيون ۽ ٻيو خرچ تمام مناسب هوندو آهي. سنڌي والدين کي کپي ته هو پنهنجي اولاد کي بهتر کان بهتر تعليمي ادارن ۾ پڙهائين جيئن انهن جو بنياد مضبوط ٿئي. ٻار جو بنياد مضبوط هوندو ته اڳتي هلي ان کي پڙهائيءَ ۾ گهڻي دلچسپي ٿيندي. بهتر ماحول ۾ بهتر تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ ٻار اڳتي هلي مقابلي جي ميدان ۾ ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندا. اهي پنهنجي زندگي ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهندا.

خميس 26 آگسٽ 1993ع

تنقيد کان مٿاهون ڪير به نه آهي

اسان ۾ سهپ جو مادو ڪيترو آهي؟ تنقيد ڪيتري حد تائين برداشت ڪري سگهون ٿا؟ پاڻ تي ڪيل تنقيد ٻڌي ۽ پڙهي اسان جو رد عمل ڪهڙو هوندو آهي. اسان جذباتي ٿي ان تي ڪاوڙ جي پنهنجي انا جو مسئلو ٺاهيندا آهيون، يا وري اهڙي ڪيل تنقيد تي غور فڪر ڪري جذباتي حدن ۾ رهي پاڻ کي بهتر ڪري، ڏاهو سمجهي درگذر ڪندا آهيون. اهي سڀ اهڙا سوال آهن، جن جو جواب اسان سڀني وٽ آهي به ۽ ناهي به. ان ڪري جو اسان پاڻ جڏهن ڪنهن جي ذات ۽ تحريرن تي تنقيد ڪندا آهيون، ان وقت اهو حق رکندا آهيون ته تنقيد کان بالاتر ڪير به ناهي. ڀلي اهو شيخ اياز هجي، امر جليل هجي يا وري قمر شهباز. پر جڏهن اسان جي پنهنجي ذات يا تحرير يا وري ڪنهن تنظيم جي حوالي سان جنهن سان واسطو آهي، ڪير ڪجهه لکندو آهي، تنقيد ڪندو آهي ته اسان نه صرف ان کي پنهنجي انا جو مسئلو ٺاهي ڇڏيندا آهيون، پر تنظيمن ۽ ادارن کي به ان ۾ گهلي ايندا آهيون. حقيقت ۾ ائين ٿيڻ کپي ته جنهن تي تنقيد ڪئي ويئي آهي اهو شخص ان ماڻهو، جنهن تنقيد ڪئي آهي. ادب جي قدبت ان جي شعور کي سامهون رکي ان شخص کان ان جي وضاحت ضرور طلب ڪري ان سان بحث ضرور ڪري، پر ان کي پنهنجي انا ۽ ذات جو مسئلو نه ٺاهجي.
تعميري تنقيد، تعميري بحث ڪرڻ تمام سٺو آهي، ان سان ذهن کلي ٿو ته ڄاڻ به وڌي ٿي..... اڄ ڪلهه مزو ته ان ڳالهه ۾ آهي ته تنقيد ۽ ان جي جواب ۾ ڪيل تنقيد کلي طور ڪئي وڃي. اڄ ڪلهه ماحول به ڪجهه اهڙو آهي. ڪنهن جو ڪيل عمل يا وري ڪنهن جي سوچ لڪي ڪا نه ٿي سگهي، جيڪا ڳالهه وڻي يا وري جيڪا ڳالهه نه وڻي ان اظهار کي کليل نموني ۾ هئڻ گهرجي. ها فرق صرف اهو آهي ته جذباتيت مان نڪري تعميري سوچ رکي، ان تي لکيو ۽ سوچيو وڃي ته بهتر آهي.
اڄ ڪلهه اسان وٽ سهپ جو مادو گهٽ ۽ جذباتيت جو مادو گهڻو آهي. مان سمجهان ٿي ته هڪ سٺي لکندڙ کي پنهنجي اها راءِ اها سوچ، سوچي سمجهي توري تڪي ڏيڻ گهرجي. صرف ڳالهه ڪري يا چار لفظ لکي، ممڻ نه ٻارڻ گهرجي ۽ اهي جن لاءِ اها ڳالهه لکي ويئي آهي. ان کي به پنهنجي انا جو مسئلو ٺاهڻ گهرجي. جيڪي وڏا ادارا هوندا آهن ۽ خاص ڪري اهڙا ادارا جن سان جذباتي وابستگي هوندي آهي ماڻهن جي ان تي ڪيل تنقيد کي ذاتي تنقيد سمجهي، پنهنجي انا جومسئلو نه ٺاهڻ گهرجي.
ادبي لڏي جون ته پنهنجيون حدبنديون ۽ مجبوريون آهن. پر خاص ڪري پڙهندڙ اهڙين حالتن مان مايوس ٿئي ٿو. اسان جي پڙهندڙن وٽ شعور تمام گهڻو آهي. اهي ايترو ڪجهه ڄاڻن ٿا، سمجهن ٿا، جيڪو شايد هڪ ڍڳ ڪتاب پڙهي لکندڙ به شايد نه ٿو ڄاڻي سگهي. اڄ وڃو ٻهراڙي ۾ جهنگلن ۾ اڻ پڙهيلن مزورن هارين وٽ، وڃو ڪلارڪن ۽ ماسترن وٽ اُهي توهان سان ادب ۽ سياست جي حوالي سان ايترو ته وزن دار ڳالهائيندا، بحث ڪندا جو توهان منجهي پوندو ته انهن وٽ ايترو شعور ڪٿان آيو يقين ڄاڻو اسان وٽ شعور ڄاڻ ۽ جذبو گهڻو آهي. پر واٽن جي خبر نه آهي. هڪ دڳ تي وٺي وڃڻ وارو رهبر اڃا نه مليو آهي. سياسي ليڊرن جي عمل ۽ ڪردار ته هونئين مايوسيون ڦهلايون آهن. رهيو اديب لڏو ۽ شعور وارو لڏو اهو به جڏهن پاڻ ۾ بي مقصد بحث مباحثي کي وٺي ويهندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
يقين ڄاڻو ان ڳالهه ڪرڻ جي گنجائش ئي نه آهي ته تنقيد نه ڪجي يا بحث نه ڪجي. اسان ۽ اسان جي قوم ان پلصراط تي اچي بيٺي آهي جت هاڻ درگذر ڪرڻ جي گنجائش ئي نه آهي. اسان گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ ڀوڳيو آهي ۽ درگذر ڪري سياسي ليڊرن، اديبن ۽ اسان جي ادارن جون ڪيل وڏيون وڏيون ڪوتاهيون ۽ غلط عمل صرف ان ڪري درگذر ڪيا ويا ته اهي سنڌي آهن ۽ سنڌين جا ادارا آهن. هاڻ ان عمل ۾ تبديلي اچڻ گهرجي ۽ ڪنهن حد تائين آئي به آهي. پر معمولي ڳالهين تي پاڻ ۾ اٽڪڻ اسان کي نه ٿو سونهي....؟ ڏٺو اهو ويو آهي ته اهڙيون وڏيون ڳالهيون، اهڙا وڏا فيصلا ۽ مسئلا جن جي خلاف اسان کي جنگ جوٽڻ گهرجي. ات اسان مصلحت پسند ٿي وات بند ڪري ويهندا آهيون. اهڙيون ڳالهيون ۽ اهڙا مسئلا جيڪي معمولي ۽ کل مسخري وارا هوندا آهن. انهن کي پنهنجي ذات پنهنجي انا جو مسئلو ناهي، ور کنجي ڪاهي پوندا آهيون........
اسان جي ڌرتي جون حالتون وقت پوڻ سان اڃان وڌيڪ خراب پيون ٿين. هيڏي وڏي دهشتگردي، هيڏي وڏي قتل عام ۽ حالتن جي بگڙجڻ جو اسان کي وڌيڪ احساس هئڻ گهرجي. اهڙين حالتن خلاف اسان کي جنگ جوٽڻ گهرجي. اهڙين حالتن خلاف ٻڌي ڪري پاڻ ۾ اتحاد رکجي، اهميت واري ڳالهه اها آهي ته ڌرتي اسان جي پيرن هيٺان کسڪندي پئي وڃي ۽ اسان جي ٻولي کي آهستي آهستي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
اسان کي وڙهڻ کپي، پنهنجي وجود لاءِ پنهنجن حقن لاءِ پنهنجن ۽ پراون خلاف هڪ محاظ قائم ڪجي، جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن... اڄ ڪلهه اليڪشن جو چوٻول آهي کلي طرح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري، هنن سياستدانن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪرڻ گهرجن. ووٽ ڏيندڙ کي به اهو احساس ڏيارجي ته انهن جي ووٽ سان اسيمبلي ۾ ويندڙ ميمبر انهن جا قرضدار آهن. قلم وڏي طاقت آهي. هي اسان جا ادارا جيڪي اسان جي تهذيب ۽ ٻولي جي بنيادن تي ٺاهيا ويا آهن. ات ٿيندڙ ڪوتاهيون ۽ ڏاڍيون لڪائڻ نه گهرجن. ڪير به شخص تنقيد کان بالاتر ڪونهي. پر تنقيد تعميري هجي، اگر ڪو گنهگار آهي، اهو پنهنجو آهي يا پرايو ان جي وٺ ضرور ڪرڻ گهرجي. باقي هروڀرو جي معمولي ڳالهين تي اسان کي پاڻ ۾ الجهڻ نه ٿو سونهين. خاص ڪري ادبي لڏي جي ماڻهن کي هڪ ٻئي لاءِ سهپ جو مادو هجي، سواءِ ڪن وڏن مسئلن جي جن کي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ضروري آهي. ان تي زوردار نموني ۾ لکجي ۽ ڳالهائجي. ضرور لکجي ڳالهائجي، پر وڏي واڪ سڀ ڪجهه چئجي. ائين نه ڪرڻ گهرجي جيئن اڄ ڪلهه ادبي سنگت وارا وري پاڻ ۾ تون ۽ مان ڪن پيا مسئلو ڪجهه به نه آهي ۽ گوڙ گهڻو پيو مچي سچ ٻڌايو اهڙيون ڳالهيون اسان کي سونهن؟
آچر 26 سيپٽمبر 1993ع

سياسي ماحول ۾ انسانيت جو موت

دنيا جي تاريخ شاهد آهي، ان ۾ اهو سڀ ڪجهه لکيو پيو آهي ته جڏهن به جنگيون ٿيون يا ڪي اڻ وڻندڙ واقعا ٿيا ته ان ۾ عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن کي تحفظ ڏنو ويندو آهي. اڄ ڪلهه جي ترقي يافته زماني ۾ به اهڙائي سخت قانون موجود آهن جن ۾ نه صرف عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن کي تحفظ مليل آهي پر اسپتالن ۽ تعليمي ادارن کي به تباهه ڪرڻ جي منع ٿيل آهي. ذاتي دشمنيون هجن، مردن جا مامرا هجن توڙي جنگيون هجن هر هنڌ ڪي اخلاقي قدر ضرور هوندا آهن.
اسان هن ويهين صديءَ جا رهواسي جيڪي ايڪويهين صديءَ ڏي قدم وڌايون پيا. اسان سڀ اڄ جي ترقي يافته ماحول ۽ ڪمپيوٽر ائيزڊ زماني ۾ رهون ٿا. چوڻ لاءِ اسان ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. چنڊ تي به پهچي ويا آهيون ۽ تريءَ تي بهشت به ٺاهي سگهون ٿا. آسمانن جون بلنديون ۽ زمينن جون اونهايون اسان جي عقل ۽ محنت جون تابع ٿي ويون آهن. هاڻ هت سوال اهو ٿو اڀري ته ايتري ترقيءَ جي بلندين تي پهچڻ جي باوجود اسان وٽ اخلاقي قدر پاڻ ۾ احساس ۽ پيار محبت اها رهي آهي جيڪا اسان جي وڏن ۾ هئي؟
اسان جا اهي وڏا جن هي ترقي يافته زمانو ڪين ڏٺو هو. ڪتابن ۾ پڙهيو اٿئون خود اسان جي موجوده وڏن جون ڳالهيون ٻڌي ته اهي سڀ پنهنجي محدود دائري ۾ رهندا هئا ۽ خوش به گذاريندا هئا. انهيءَ دائري ۾ رهي ڪري پنهنجن مسئلن جو حل به تلاش ڪري وٺندا هئا. اسان جي سنڌ جي قديم تاريخ مان اسان کي جيڪي به قصا ڪهاڻيون ۽ روايتون ملن ٿيون. انهن ۾ اها حقيقت موجود آهي ته پيار پنهنجائپ جو رشتو هر ڳالهه تي حاوي هو. گهڻو پري نه ٿا وڃون صدي ٻه صدي اڳ جي تاريخ کي ڏسجي يا وري هاڻ به اسان جي ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ وڃجي ته ڪن هنڌن تي اهڙيون ريتون رسمون موجود آهن. ان ۾ توهان کي فردن جا گڏيل ڏک ۽ گڏيل خوشيون ملنديون مهمان نوازي پيار محبت ڄڻ ته انهن جي وجود ۾ ڀريل آهي.
ڪنهن جي گهر ۾ ڪو چور داخل ٿيو سڀ ڪو پنهنجا ڏنڊا کڻي هڪ رڙ تي ڀڳو ايندو اهي. هاڻ ڇا ٿو ٿئي جو خطرناڪ هٿيار کڻي حملا ڪيا ٿا وڃن. اڄ ڪلهه رڙ ۽ واڪي تي ڪو به ڪو نه ٿو ڀڄندو اچي. الٽو پنهنجي گهرن جا دروازا ۽ دريون مضبوطيءَ سان بند ڪيون ٿيون وڃن. واٽ ويندي ڪو ظلم ٿيندو ڏسي اسان پاڻ پنهنجي جان بچائڻ جي فڪر ۾ لڳي ويندا آهيون. حقيقت ۾ ڪي ماڻهو چاهيندي به ڪجهه نه ڪري سگهندا آهن. ڇو ته اسان سائنسي ترقيءَ ۾ ايتريون ته خطرناڪ ايجادون ڪيون آهن جو هاڻ اسان پاڻ وڏي پئماني تي ان جو شڪار ٿي رهيا آهيون. اڳ چور ڏنڊا کڻندا هئا ۽ ڌاڙيلن وٽ بندوقون يا پستول هوندا هئا. انهن هٿيارن سان هڪ وقت ۾ هڪ ماڻهو متاثر ٿيندو هو. پر هاڻي موجوده هٿيارن تي آڱر رکڻ سان سوين گوليون ٺڪاءُ ڪيو نڪريو پون. ان ۾ بي گناهه رستي ويندڙ سڀ ڪو شڪار ٿيو وڃي. اڳ هٿيار ڳرا هوندا هئا انهن کي هٿن ۾ جهلي نشاني سان وار ڪيو ويندو هو. هاڻ ته سائين ڪاڳر جهڙا هٿيار آهن. شاني وٺڻ جي به ضرورت نه آهي. رڳو اڱر رکڻ جي دير آهي. بس ٺڪاءُ، ٺڪاءُ ۽ ٺڪاءُ پوءِ ڪجهه به ته ڪين ٿو بچي......!!!
سياست ۽ ذاتي دشمنيون اهي مردن جا مامرا آهن. عورتون ۽ ٻار ان ۾ متاثر نه ٿيڻ کپن. هاڻ ڏٺو اهو ويو آهي ته جنهن سان دشمني آهي اها کڻي ذاتي هجي يا وري سياسي ان ۾ نياڻين سياڻين جو قدر ڪونه ٿو ڪيو وڃي. پنهنجي دشمنن کي اهو باور ڪرايو ٿو وڃي ته منهنجي مقابلي نه اڄ تو وٽ به ته ايتريون نياڻيون ۽ نهون آهن، جوان ۽ خوبصورت.......!!
اڄ جي دور ۾ خوشحالي ۽ پئسي جي گهڻائي ٿي آهي، شهرن جا رهواسي خاص ڪري انهن کي هر قسم جون سهولتون ميسر آهن.
غلط رستي کان ڪمايل پئسو والدين پنهنجي ٻارن ۽ پاڻ مٿان پاڻيءَ وانگر خرچ ڪن ٿا. والدين پنهنجي اولاد کي پئسي جي زور تي هر قسم جي ذهني، جسماني توڙي تعليمي سهولتون مهيا ڪري ڏين ٿا پيا.....اهو سڀ ڪجهه ڪري هو سمجهن ٿا ته اسان هاڻ هن معاشري جا خوشحال ۽ پڳدار رهواسي آهيون... انهن سببن جي ڪري ئي اسان جو معاشرو بجاءِ اڳتي وڌڻ جي تباهه ۽ برباد پيو ٿئي. اڄ ڪلهه پئسو عيب ڍڪي ٿو پئسو وڏا جرم ڪري پاڻ ڇڏائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو...... هر طرف نفسانفسي ۽ پئسي جي راند آهي. انهن سببن جي ڪري ئي اسان جي معاشري ۾ اخلاقي قدر ۽ رسمن رواجن جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي. سياستدان هجي يا ڪامورا يا وري وچولي طبقي جا ماڻهو سڀ ڪو ان ٻيڙيءَ جو سوار آهي. زيادتيون ڪرڻ جا طريقا جام آهن ته پاڻ بچائڻ لاءِ پئسي کي استعمال ڪرڻ جا طريقا به جام آهن. هاڻ ٿي ڇا رهيو آهي جو ڏوهن ۽ ڏاڍاين جو تعداد وڌندو پيو وڃي پر مجرم گرفتار ڪونه ٿا ٿين. روزانو شهر ۾ گاڏين جي ڦر، بئنڪن ۾ ڌاڙا، عورتن، نياڻين ۽ ٻارن جو اغوا اهي سڀ معمول جا ڌنڌا آهن.
ايڏي وڏي پئماني تي ڪيل جرمن ۾ مجرم الائجي ڪاڏي گم ٿو ٿي وڃي؟؟....
ڏٺو اهو ويو آهي ته اليڪشن جي زماني ۾ تشدد اڃان به وڌيڪ وڌي ٿو وڃي. سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جي مد مقابل هڪ ته زبان خراب استعمال ڪنديون آهن. ٻيو وري هڪ ٻئي مٿان خوفناڪ قسم جون هلائون ڪندا آهن. شهر ۾ اهڙي قسم جون حالتون پيدا ڪيون وينديون آهن جو عام ماڻهو ان جو شڪار ٿيندو آهي. اهي حقيقتون ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهن پر افواهون ايڏيون ته وڌي وينديون آهن جو ڪن حالتن ۾ ڪوڙ به سچ ٿي پوندو آهي.
اڄ ڪلهه ڪراچيءَ ۾ ٻارن جي اغوا جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي ان ۾ ڪيتري حقيقت آهي ان جي خبر پئجي نه سگهي آهي. پر ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اهي واقعا بلڪل ڪونه ٿيا آهن....اليڪشن جي زماني ۾ ڪي سياسي گروهه ٻاهر نڪري ڪري اهڙا ڪم ڪندا آهن. ڪافي ڏينهن کان وٺي سياسي گروهن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ هڪ ٻئي تي حملا، ٻارن ۽ اسڪول ۽ ڪاليج جي ڇوڪرين جو اغوا تمام گهڻو وڌي ويو آهي. اسڪول جي بسين جي ٻارن سميت اغوا، روزانه اڻ سڃاتل مليل لاش، ٻورين ۾ وڍيل ڪَٽيل لاش اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟
ڇا اڄ جو انسان اخلاقي طور ايترو ڪري چڪو آهي. ان مان انسانيت ايتري ختم ٿي چڪي آهي جو مرڻ مارڻ ڪنهن کي اذيت ڏيڻ معمولي ڳالهه ٿي پئي آهي؟
ايڏي سائنسي ترقي ڪرڻ کانپوءِ انسان جو وير انسان سان وڌندو پيو وڃي. سائنسي ايجادون ترقي پيون ڪن. اهڙي ترقي جيڪا انسان ذات لاءِ هاڃيڪار آهي انسان پنهنجي وجود کي فنا ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي گهاٽ پيو گهڙي.
اڃا اليڪشن ٻه ٽي ڏينهن پري آهي. هن مهل تائين گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي. انهن حالتن ۾ ووٽ ڪير وجهڻ ويندا؟ اڳيئي هن ملڪ جا ماڻهو اليڪشن کان بيزار ويٺا آهن. ملڪ جي حالتن ۽ هتان جي سياستدانن جي قول ۽ عمل جي تضاد هونءَ ئي انهن کي باغي ڪري ڇڏيو آهي. لڳي ائين ٿو ته يا ته اليڪشنون ٿينديون ئي ڪونه اگر ٿيون به ته ايتريون حيرت انگيز هونديون جو دنيا کي ڏندن هيٺ آڱريون هونديون.
آچر 3 آڪٽوبر 1993ع

سنڌ ۾ ٿيندڙ چونڊون

سائين منهنجا خير سان چونڊون به ٿي ويون. نتيجا اسان جي سامهون آهن. اقتدار لاءِ وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي. روزانه اخبارن جون خبرون ۽ تجزيا ذهن تي بار ٿي پيا آهن. اخبارون پڙهي جيڪا مايوسي ملي پئي ان جو انت ئي ڪونهي. لڳي ائين ٿو آهستي آهستي اسان وڌندا پيا وڃون اهڙي ڪنهن ڪُن ڏي يا وري ڪنهن اهڙي ڌٻڻ ڏي جتان وري نڪرڻ لاءِ اسان کي ڏهه يارهن سال يا اڃا به ٿي سگهي ٿو ان کان وڌيڪ سال لڳن.
سائين منهنجا حقيقتن کان انحرافي ڪرڻ ئي اڄ جي دور جو وڏو الميو آهي. ٻه ڌريون جيڪي پاڻ ۾ مقابلي ۾ اچن ٿيون. اهو مقابلو چاهي ملاکڙو هجي، چاهي دنگل هجي يا وري سياسي ميدان. مقابلي ۾ هڪ ڌر هارائيندي آهي ته ٻي ڌر کٽيندي آهي. . . ڪن مقابلن ۾ هڪ ڌر ناڪ آئوٽ ٿي ويندي آهي ان ويل ڪجهه چوڻ ۽ آکڻ جي گنجائش نه هوندي آهي. ڪن مقابلن ۾ ٻئي ڌريون اصل سندرا چاڙهي اهڙو ته مقابلو ڪنديون آهن جو آخر وقت تائين تماشبين حيران پريشان هوندا آهن ته فيصلو ڪنهن جي حق ۾ ويندو. ٿوري سرسي هجي چاهي ٿوريون واٽون هجن فيصلو بهرحال اهو هوندو آهي ته ڪهڙي ڌر کٽيو آهي ۽ ڪهڙي ڌر هارايو آهي، هن کٽڻ ۽ هارائڻ جي وچ ۾ ڪو ٻيو اهڙو سنڌو يا ڪسوٽي آهي ئي ڪو نه جنهن تي ويهي فيصلا ڪجن. فرق صرف اهو آهي ته اهڙي سخت مقابلي ۾ هارائيندڙ ڌر جي پٺي به ٺپري ويندي آهي ڇو ته ان به سٺو مقابلو ڪيو. اهڙو ئي حال رهيو آهي اسان جي ملڪ ۾ ٿيل چونڊن، جيستائين هي منهنجو ڪالم ڇپجي ان وقت تائين شايد ڪجهه مايوسين جا بادل هٽي وڃن. ڪجهه واضح شڪل ظاهر ٿي پوي ڇو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جمع جي ڏينهن ٿيڻو آهي. ان ويل ڪير ٿو ڪنهن کان ڏاڍو ٿئي سڀ سامهون اچي ويندو.
ها سائين هنن چونڊن جي حوالي سان هي منهنجو ڪالم مون کي وري ڇڪي ٿو وڃي هن ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي خوشبوءَ ڏي. هن ڌرتيءَ جي رهواسين جي امنگن، سوچن ۽ خواهشن ڏي. هڪ لکندڙ جي حوالي سان منهنجون ذاتي سوچون ذاتي رايا ڪا به اهميت نه ٿا رکن. چؤ طرف منڊيل منڊل ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ان تي ئي نظر رکڻي آهي. سڀ کان پهرين اسان کي نظر رکڻي آهي سنڌ تي يقينن سڄي سنڌ ۾ سنڌين کي ئي سوڀ ملي آهي. پارٽين جي حوالي کي ڇڏي مان اها ڳالهه چوندس ته هر دور ۾ سنڌين کي ئي سوڀ ملندي رهي آهي، هاڻ وري ملي آهي ۽ انشاء الله هميشه ملندي رهندي. سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊيل نمائندا چاهي اهي ڪهڙي به پارٽي سان تعلق رکن. هو اڪثريت ۾ کٽن ٿا ۽ اڪٿريت ۾ هوندا آهن. هنن جو خمير سنڌ جي مٽيءَ جو هوندو آهي. انهن جي چپن تي مٺي سنڌي ٻولي هوندي آهي. سي سنڌي ڳالهائيندڙ گذريل ڪيترن سالن کان اسيمبلي ۾ جيڪو دنگل مچائين پيا. هڪ ٻئي تي ڏنڊا اڀا ڪري طريقي سان هڪ ٻئي جا ترا ڪڍندا رهيا آهن، اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪو نه رهيو آهي. هميشه اهو ڏٺو ويو آهي ته اسيمبليءَ ۾ باندرن کي ڊگڊگيءَ تي نچايو ويندو آهي. اها ڊگڊگي هوندي آهي اقليت ۾ کٽندڙ ستاويهه ۽ اٺاويهه سيٽون کٽندڙن جي هٿ ۾ . . . . کٽڻ يا هارائڻ ڪا حيثيت ڪو نه ٿو رکي. شخصيتن جي ڄار مان پاڻ کي ڪڍڻ جو چڱو. اليڪشنون ٿينديون رهن وايو منڊل ڦرندو رهي. هڪڙا ايندا رهن ۽ ٻيا ويندا رهن. اهي زندگيءَ جون حقيقتون آهن ۽ انهن حقيقتن کي دل سان قبول ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن حالتون اهڙيون ٿي وينديون آهن جو فتح ۽ شڪست کي پاڻ ملائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.
ڏسڻو هي آهي ته ڇا هن اليڪشن ۾ سنڌي ماڻهوءَ کي شڪست ملي آهي يا وري فتح نصيب ٿي آهي. اڄ جو سڀ کان وڏو سچ هي آهي ته پارٽين جي حوالن کي ڇڏي اگر هڪ ڳالهه تي سوچيو ته اها ڳالهه ظاهر ٿي پئي آهي ته هن سنڌ ۾ ٻاهتر سيٽون انهن جون آهن جيڪي پاڻ کي سنڌي سڏرائين ٿا باقي جيڪي ستاويهه سيٽون انهن جون آهن جيڪي پاڻ کي اڃا به هن ڌرتيءَ کان الڳ ڪاٽا ڪيو، پاڻ کي ڌاريو ثابت ڪيو ويٺا آهن. هاڻ اها ڳالهه واضح آهي ته کٽندڙن جي اڪثريت سنڌين جي هتان جي وارثن جي آهي. ايڏي واضح حقيقت ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به هڪ سوال اڃا به موجود آهي ته ڇا هت سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت ٺهي سگهي ٿي؟؟؟
هو ڏسو هو ستاويهه سيٽون کڻي لومڙين وانگر ڇالون هڻي هاڻ شينهن وانگر هنبوڇون پيا هڻن ۽ هت ٻاهتر سيٽون کڻڻ کان پوءِ به هڪ ٻئي جي کل لاهڻ، بگهڙن وانگر حملا ڪرڻ ۽ ڪتن ٻلن وانگر هڪ ٻئي جي چير ڦاڙ لڳي پئي آهي.
سائين منهنجا اديب هڪ لکندڙ ڪڏهن به مايوسين جون نااميدين جون ڳالهيون ڪري ئي نه ٿو سگهي. اديب جو ڪم پنهنجي ماڻهن کي دوست دشمن جي سڃاڻپ ڪرائڻ، ۽ واٽن تي وڇايل ڪنڊن ۽ مشڪلاتن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. اديب ۽ لکندڙ هپوڪريٽ ٿي نه ٿو سگهي. اگر اديب اهڙي واٽ وٺي ٿو مصلحت پسند ٿي ٿو وڃي ته هو پاڻ سان گهٽ پر پنهنجي قوم جي ماڻهن سان وڌيڪ زيادتي ڪري ٿو. هڪ لکندڙ ماضي، حال ۽ مستقبل تي نظر رکي پوءِ ئي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو آهي. هونئن به ماضيءَ جي حالتن تي نظر رکي، مستقبل جا فيصلا ڪيا ويندا آهن. اچو ته ڏسون سنڌ جو سنڌ جي ماڻهن جو ماضي آ ۽ حال، پوءِ ويهي ڪنداسين مستقبل جو ڳالهيون.
ماضي قريب ۾ جيڪي يارهن سالن جو طويل عرصو سنڌ واسين گذاريو آهي اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. هڪ سياسي پارٽيءَ جي دشمني ڪارڻ سنڌ جي ماڻهن کي اقتصادي توڙي سماجي طور پوئتي ڌڪيو ويو. جهڙي طرح حُرن جي هليل تحريڪ ۾ هر سنڌيءَ کي حر سمجهي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي اهڙي طرح ان سخت دور ۾ هر سنڌيءَ کي هڪ مخصوص سياسي پارٽيءَ جو سمجهي هر قسم جي زيادتي ڪئي وئي. هڪ منظم طريقي سان سنڌين کي هندستان جو ايجنٽ، را جو تخريب ڪار ڪري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪارونجهر کان ڪياماڙيءَ تائين سنڌ صرف سنڌ آهي پر ان جا حصا پتي ڪيا ويا. ايم ڪيو ايم کي هٿيار ڏيئي اڳتي وڌايو ويو سنڌين جي طاقت کي ختم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. سياسي ميدان ۾ اهي يارهن سال اهڙا ته اونداهي وارا رهيا جن ۾ هڪ ته پوڙهن کي جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٿورو گهڻو تحريڪ پاڪستان ۾ مسلم ليگ ۾ رهيا انهن کي محب وطن جا سرٽيفڪيٽ ڏئي عهدا ڏنا ويا. مٿان وري مذهبي ٽولن کي مضبوط ڪري ٻيهر سنڌ کي ۽ سنڌ واسين کي جيڪي بقول انهن جي ڪافر ٿي چڪا آهن انهن کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. وڏن عهدن تي رٽائرڊ جنرل ۽ ڪرنل ويهاريا ويا. جن جو رويو سنڌين سان انتهائي ذلالت ۽ قابل نفرت هوندو هو . . . . اهي ئي حالتون هيون جن سنڌين کي ايم آر ڊي تحريڪ جي دوران رستن تي آندو ۽ انهن پاڻ تي ٿيل ظلمن جو حساب وٺڻ شروع ڪيو. آخر سوچڻ گهرجي ته ان ايم آر ڊي تحريڪ جو زور صرف سنڌ ۾ ڇو هو. ان جو واضح سبب سنڌ جون حالتون هيون جيڪي ٻين صوبن جي مقابلي ۾ بلڪل مختلف هيون. ان ڏاڍائي واري زماني ۾ سنڌين پنهنجا ڪونڌر ڪسايا گهر ٻار لٽايا، اباڻا ڪک ڇڏيا، وڃي وري نئيون وستيون آباد ڪيون. . . . ان هيبت ناڪ درد جو خاتمو خدا پاڻ ئي ڪيو جهاز ڪيرائي. جهاز ڇا ڪريو، ڄڻ ڪايا پلٽجي وئي. پر سنڌ جون حالتون سڌري نه سگهيون پر اڃان به وڌيڪ خراب ٿيون. اصل مسئلو هو ته سنڌ ۾ شيطاني قوتن کي ايترو ته طاقتور ڪيو ويو جو حالتون بجاءِ سڌرڻ جي اڃا به وڌيڪ خراب ٿينديون ويون. اهڙين حالتن ۾ سنڌي قوم نجات جو هر رستو ڳولهيو. اهو رستو هو ته ته انهن متحد ٿي اٺاسي واري اليڪشن ۾ هڪ پارٽي کي ووٽ ڏيئي پاڻ کي ۽ ان پارٽيءَ کي ايترو منظم ۽ متحد ڪيو جو ٻين پارٽين ۽ گروهن جا ترا ئي نڪري ويا.
هي فيصلو جنهن ۾ سنڌي قوم پنهنجي نجات سمجهي، ان کي توهان سنڌين جي جذبن جو فيصلو به چئي سگهو ٿا. سنڌين پنهنجي وارثي جو حق ڏيکاريو پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو هو ته سنڌي ئي سنڌ ۾ اڪثريت ۾ آهن. اڃا سنڌين جون خوشيون پوريون ئي ڪو نه ٿيون هيون ته مرڪز ۾ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ سائين عزيز آباد جا چڪر لڳڻ شروع ٿي ويا. هڪ اهڙي قسم جو معاهدو ڪيو ويو جيڪو سنڌين کي قابل قبول نه هو سڀ کان وڌيڪ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن ماڻهن کي سنڌين جي چونڊيل نمائندن مٿان فوقيت ڏني وئي. جن جا هٿ سنڌ واسين جي رت سان رڱيل هئا. ياد اٿم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن وارن ان زماني ۾ سچل سال ملهايو هو. وڏا وڏا پروگرام ڪيا هئا. ان پروگرام جو افتتاح ان وقت جي ملڪ جي سربراهه کي ڪرڻو هو. ائين واهه واهه لڳي پئي هئي. سڀڪو ڪمن ۾ لڳو پيو هو. ڪارڊن تي سيڪيورٽي وارن جا ٺپا پيا لڳن. تان جو پروگرام وارو ڏينهن به اچي ويو. ان وقت هي هڪ اهڙو وڏو سنڌين جو پروگرام هو جنهن ۾ ملڪ جي سربراهه کي اچڻو هو ان ڪري سنڌين جو جوش ۽ جذبو به ڏسڻ وٽان هو. ان ڏينهن اخبارن ۾ به خبر اچي ويئي نمايان طور پر ٿيو ڇا؟ عين وقت تي ملڪ جي سربراهه جيڪا ان ڏينهن به ڪراچيءَ ۾ موجود هئي. پروگرام شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت پهرين اسلام آباد رواني ٿي ويئي. پروگرام جي پنڊال ۾ جڏهن اها خبر پهتي يقين ڪريو منهنجا ساٿيو منهنجو هي ڪالم پڙهڻ وارو ته اتي ويٺل ماڻهن شديد رد عمل جو مظاهرو ڪيو. اڪثر ماڻهن کلم کلا اهو چوڻ شروع ڪيو ته ڇو ته مارشل لا واري دور ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن تي پابندي وڌي وئي هئي. اردو دانشورن جي هڪ گروپ جي پروپيگنڊا جن هن تنظيم جي خلاف اردو اخبارن ۾ ڪالم ٿي لکيا. ان ري ايڪشن ۾ سگا سنڌين جي تنظيم ٿي پئي هئي ۽ هن ملڪ جي سربراهه جنهن عزيز آباد جي آشيرواد سان مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي هئي سا ڪيئن هن تنظيم جي پروگرام ۾ اچي سگهي ٿي. ڇو ته عزيز آباد وارن کي ناراض به ته نه هو ڪرڻو .
اهڙا ڪيترا واقعا ٿيندا رهيا جن ۾ مرڪز جي ليول تي ته ڇڏيو پر سنڌ ۾ سنڌين کي ان وقت جي حڪومت اهڙي طرح ٿڏيو ڄڻ لڳندو ائين هو ته سنڌي اسان کي ووٽ نه ڏيندا ته پوءِ ڪاڏي ويندا. مٿان وري ڪاپاري ڌڪ سنڌين کي اهو لڳو ته جڏهن لساني هنگاما ٿيا. سنڌين جو رت پاڻيءَ وانگر وهيو. نياڻين سياڻين جون بي حرمتون ڪيون ويون ان ويل ڪنهن به چونڊيل نمائندي هلي ڪري وڃي پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن سان عذر خواهي ڪئي ۽ نه وري ڪنهن نياڻيءَ کي پوتي ڍڪائي مان ڏنو. سنڌين هاءِ گهوڙا ڪئي ته جواب اهو مليو ته اسان جي پارٽي علائقائي پارٽي نه آهي، قومي پارٽي آهي، ان ڪري سنڌي مرن يا ڪُسجن اسان جو ڇا؟ . . . . .! اهو ظلم اهو منطق اڃا تائين سنڌي ماڻهو نه سمجهي سگهيو آهي. ووٽ حاصل ڪيو، وزارتون حاصل ڪريو سنڌ جي علائقن مان باقي سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن سکن جي ڳالهه ڪرڻ مهل توهان سڀ قومي ٿي ٿا وڃو. پاڪستان جا چار صوبا آهن. چئني صوبن جي علائقن جا چونڊيل نمائندا پنهنجي علائقي جي ڳالهه نه ڪندا ته ڀلا ڪنهن جي ڪندا. ٻين صوبن ۾ وڃي ڪري اتان جي ماڻهن جون ڳالهيون ڪرڻ انهن جي بنيادي حقن جي پورائي لاءِ دعويٰ ڪرڻ سڀ صحيح آهي پر سنڌ ۾ رت جي هولي به جيڪڏهن کيڏي ٿي وڃي ته ات ناهي ڪڇڻو متان اسان جا آقا ناراض نه ٿي وڃن.
اهڙي قسم جون حالتون هيون جن سنڌين کي ذهني طور باغي ڪري ڇڏيو. نوي واريون اليڪشنون توهان ڏٺيون ته ٿورو مختلف هيون اٺاسي وارين اليڪشنن کان. توهان سڀ ان ڳالهه تي متفق هوندا ته اگر ڄام صادق علي پنهنجي دور ۾ زيادتيون نه ڪري ها. غلط روش اختيار نه ڪري ها ته اڄ ٽيانوي جون اليڪشنون اڄوڪين حالتن کان بلڪل مختلف هجن ها. ڪجهه به چئجي ته به موجود اليڪشنون کٽيندڙ پارٽي لاءِ عبرت جو مقام آهن. ڇو ته اٺاسيءَ ۾ جنهن سنڌ جا هو بي تاج بادشاهه هئا اڄ انهن سنڌ ۾ وڏي مقابلي کان پوءِ ٿوري اڪثريت کنئي آهي. ڇا هنن حالتن مان سبق نه ٿو پرائي سگهجي. . . . .؟ سائين منهنجا اها ته ٿي مختصر تمهيد گذريل حالتن جي. هاڻ اچون ٿا موجوده حالتن تي. موجوده حالتون به نراس ڪندڙ ئي آهن ڇو ته لڳي ائين ٿو ته اهو ئي وايو منڊل منڊجي رهيو آهي. جيڪو اڳ ۾ هو، کٽيندڙ پارٽي، کٽڻ کان پوءِ پنهنجي ڊرائنگ رومن ۾ ويهي جيڪي جوڙ ۽ توڙ جي سياست کيڏي ٿي. ان کي اهڙي قسم جي سياست جو حق ڪنهن ڏنو آهي؟ هي هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو اٺاسي جي اليڪشنن کان وٺي ٽيانوي جي اليڪشنن تائين گردش ڪري رهيو آهي. سائين منهنجا وري اخبارن ۾ بيان بازي تجزيا به ته پڙهڻ جي قابل آهن. ان حقيقت کان انڪار ته ڪري ئي نه ٿو سگهجي ته ڪارونجهر کان وٺي ڪياماڙي تائين سنڌ آهي ۽ صرف سنڌ آهي. ان سنڌ ۾ جيڪا پارٽي اڪثريت ۾ اچي ٿي ته ان کي سڄي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو حق آهي. هاڻ سائين منهنجا سنڌين جي طاقت کي جيڪي قوتون ٽوڙي نه سگهيون اهي هاڻ نفسياتي جنگ پيون وڙهن.
پڙهون پيا اخبارن ۾ ته سائين شهرن جي علائقن ۾ ڪا نمائندگي ڪانهي. ان ڪري شهر وارن کي پاڻ سان گڏ رکڻو پوندو. سنڌ جو ڀلو ان ۾ آهي ته گڏجي هلجي وغيره وغيره. . . . . سائين منهنجا ڪير نه چاهيندو ته سنڌ ۾ امن نه هجي، ڪير نه چاهيندو ته سنڌ ۾ سڪون نه هجي. پر هن سوال جو جواب ڪير ڏئي سگهندو ته هيڏي و شال سنڌ ۾ صرف ٻه شهر آهن. هڪ ڪراچي ۽ ٻيو حيدرآباد؟ اگر اها حقيقت تسليم ڪيو ٿا ته پوءِ سنڌ جا ٻيا وڏا شهر جن جي نالي وٺڻ جي ضرورت نه آهي انهن جي ڪهڙي اهميت آهي؟ يا وري توهان کلم کلا ان ڳالهه جو فيصلو ڪيو ته ڪراچي حيدرآباد ئي صرف شهري علائقا آهن. باقي ٻيا سڀ سنڌي علائقا رڻ پٽ ويران ۽ جابلو آهن. جت هڪ تمام پوئتي پيل، جاهل ۽ ڄٽ ماڻهو رهن ٿا.
سائين منهنجا اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪارونجهر کان ڪياماڙيءَ تائين سنڌي ماڻهن کي فتح ٿي آهي. ان ۾ اهي ٻئي شهر به اچي ٿا وڃن. سنڌي اديبن، دانشورن ۽ سنڌي قوم جو شروع کان وٺي اهو فيصلو رهيو آهي ته سنڌ سڀن جي آهي جيڪي به هتي رهن ٿا سي سڀ سنڌي آهن. جنهن به هن ڌرتي تي پاڻ کي ڪا الڳ شڪل ڏني سا قبول نه آهي. سنڌي قوم سڀ کان وڌيڪ محب وطن آهي ڇو ته اها ڪا تفريق رکڻ ئي نه ٿي چاهي اگر ڪي ماڻهو ناني ڳوٺڙو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اهڙي ڪوشش کي رد ڪيو وڃي، اهڙين ڪوششن جي همت افزائي نه ڪئي وڃي. هاڻ سائين موجوده حالتن تي نظر رکي مستقبل جا فيصلا ڪرڻا آهن. هي مستقبل جا فيصلا کٽيندڙ پارٽي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. ان پارٽيءَ کي کپي ته هوءَ سنڌ ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ٻين گروهن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ته هاڻ توهان جون ڏاڍايون ڪو نه هلنديون. توهان جي بليڪ ميلنگ جي سياست جو خاتمو ٿي چڪو آهي. هاڻ اڪثريت ۾ کٽيندڙ پارٽي کي نه پر ننڍن گروهن کي انهن جي پنهنجي مفاد خاطر گوڏا ٽيڪڻا پوندا . . . . آخر اهو باندر ۽ ڊگڊگيءَ وارو تماشو ڪيترا ڏينهن هلندو رهندو. اسان جي سنڌ اسيمبلي ۾ عبرت جو مقام آهي ته ننڍن گروهن جي هٿن ۾ ڊگڊگي ڏيئي اڪثريت ۾ ويٺل ناچ نچن. . . .؟!!! اهو به ته سوچڻ گهرجي ته اگر ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ وارا سنڌ ۾ اهي ئي سيٽون کڻن ها جيڪي نوي جي اليڪشن ۾ کنيون هين ته پوءِ حالتون ڪهڙيون هجن ها . . . ؟ وسري ويو آهي کٽيندڙ پارٽيءَ کي ته گذريل اسيمبليءَ ۾ انهن کي ڪهڙي حيثيت ڏني وئي هئي . . . .!!! اسيمبلي ۾ انهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به ڪير تيار ڪو نه هو. اهي گروهه جن سان هاڻ وري ميل ملاقاتون پيون ٿين. انهن دشمني نڀائڻ ۾ حد ڪئي هئي. سنڌ جون حالتون تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيون. سائين منهنجا پهرين پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو. اهو حق استعمال ڪيو جيڪو سنڌي قوم اوهان کي ڏنو آهي. ان کان پوءِ ٻين سڀني کي پاڻ سان گڏجي کڻو. باقي توهان شروع ۾ ئي اها پاليسي اختيار ڪندو ته اسان ڪجهه به نه آهيون ته پوءِ يقين ڪريو ته نه سنڌ ۾ امن ٿيندو نه وري اليڪشن ۾ اوهان جي اهڙي فتح ٿيندي.

ڇنڇر 16 آڪٽوبر 1993ع

اڪبر بگٽيءَ جو بلوچيءَ ۾ ڳالهائڻ

قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ جڏهن اڪبر بگٽي پنهنجي مادري زبان بلوچي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته هل هنگامو مچي ويو. اڪبر بگٽي پنهنجي بنيادي حق کي سامهون رکي اهو چيو ته پاڪستان هڪ ڪنفڊريشن آهي چئن صوبن جي ۽ هي منهنجو بنيادي ۽ پيدائشي حق آهي ته مان پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهايا. ان کان پوءِ بگٽي پنهنجي تقرير پوري بلوچي ۾ ڪئي. يقين ڄاڻو سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو پر ان بلوچي ڳالهائڻ سان جيڪو اطمينان ٿيو، حق وارثي جو احساس ٿيو سو بيان ڪرڻ کان مٿي آهي. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ حقيقت کان انحرافي ڪرڻ ۽ هوائي ڳالهيون ڪرڻ آسان آهي . . . . . اڄ تائين پاڪستان جي ٺهڻ ۽ ان کان پوءِ ملڪ جي آئين ۽ قانون پڙهڻ جي ڪنهن به ضرورت محسوس نه ڪئي آهي. سڀ ڪو پنهنجي عقل سان هن ملڪ پاڪستان جي لفظ جي معنيٰ ڪڍيو ويٺو آهي. حقيقت ته اها آهي ته پاڪستان هڪ سڃاڻپ آهي. انهن چئن صوبن جي جن پنهنجي رضا خوشي سان پاڻ ۾ گڏ رهڻ جو عهد ڪيو آهي. هي چارئي صوبا پنهنجي ٻولي رکن ٿا ۽ انهن جو هڪ مضبوط بنياد آهي انهن جي ثقافت ۽ ريتن رسمن جو صدين تائين ڦهليل هڪ تاريخ کي مٽائڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. حقيقت ته اها آهي ته ان کي مٽائي به نه ٿو سگهجي. اهڙيون ڪوششون ڪرڻ سان جهڳڙا وڌندا ۽ نفرتون پيدا ٿينديون. تاريخ جي حساب سان ۽ حڪومتون ٺهڻ ۽ ڊهڻ سان علائقن ۽ ملڪن جا رقبا گهٽبا ۽ وڌندا رهندا آهن. پاڪستان جا موجوده صوبا به پنهنجي حيثيت گهٽائيندا ۽ وڌائيندا رهيا آهن. سنڌ ۽ بلوچستان جو پاڻ ۾ هڪ قديمي ۽ تاريخي تعلق رهيو آهي. ثقافت ۾ هڪ جهڙائي گهڻي آهي ۽ ريتون رسمون به ملندڙ جلندڙ آهن. اسان وٽ تباهيءَ جو ڪارڻ به صرف اهو آهي ته موجوده چئن صوبن جي حقيقت کي وساري پاڪستان جي ان سوچ کي اڳتي وڌايو ويو آهي، جنهن ۾ ايندڙ، پناهه وٺندڙ هڪ گروه کي مٿي تي چاڙهيو ويو آهي. اهو گروهه جيئن سنڌ ۾ گهڻي تعداد ۾ آيو ۽ اهي سڀ سنڌ جي شهرن ۾ سڀ سک وٺي بالم ٿي ويهي رهيا آهن. جڏهن به چئني صوبن جي ماڻهن پنهنجي زبان ۽ ثقافت جي بچائڻ لاءِ ڪا به ڪوشش ڪئي ته ان ننڍڙي گروهه وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي. ظلم جي ڳالهه ته اها آهي ته انهن جي ان هاءِ گهوڙا کي اهميت ڏني وئي. ان گروهه جي لٺ وسي ٿي صرف سنڌين مٿان. هت سنڌ جي شهرن ۾ سڀ سهولتون حاصل ڪرڻ هر ڳالهه ۾ اهو جتائيندا آهن، اسان توهان کي ٺاهيو، اسان توهان کي آزادي ڏياري. انهن لاءِ پاڪستان صرف سنڌ ۾ اهو به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آهي. هاڻ سائين پنجاب جي پاسي اتان جا رهواسي هاڻ کلي عام چون ٿا اسان رنجيت سنگهه جا اولاد آهيون. هاڻ پنجاب ۾ به قومپرستي وڌي ويئي آهي. انهن کي ته ڪير باغي ۽ ڪافر ڪو نه ٿو ڪوٺي. باقي هن سنڌ ۾ جڏهن به تاريخ جي حوالي سان يا وري جنهن جذياتي رجحان جي تحت راجا ڏاهر جو نالو ورتو ٿو وڃي ته بس سائين ڪفر ۽ غداري جون فتوائون جاري ٿي ٿيون وڃن. ڀلا تاريخون به ڪڏهن ميسار جي سگهن ٿيون. . . . .۽ ڀلا پاڪستان جي پنجيتاليهه سالن جي تاريخ کان اڳ جي سڄي دور کي منڌيڙو لڳائي سگهجي ٿو؟ بلوچستان ۽ سرحد وارن جي به هڪ وڏي جدوجهد واري تاريخ آهي. انهن مقابلا ڪيا جنگيون ڪيون ۽ انگريز حڪمران کي سک سان ويهڻ ئي ڪو نه ڏنو. هي ٻئي صوبا پنهنجي جرگن جي فيصلي تحت پاڪستان ۾ شامل ٿيا هئا. ڀلا سائين پاڪستان جو خواب جنهن شخص ڏٺو اهو پنجاب جي علائقي جو، ان خواب کي پايه تڪميل قائد اعظم پهچايو سو سنڌ جو.
مسلم ليگ جنهن آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ هڪ منزل ڏني ان جو بنياد نواب سليم الله بنگال ۾ وڌو. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن ننڍي کنڊ جي گهڻن حصن ۾ مسلمانن جي لاءِ الڳ ملڪ ٺاهڻ جي تحريڪ هلي ته هندستان جا گهڻا ڏاها دانشور، سياسي ليڊر متحد هندستان جا حامي هئا، مسلم ليگي مسلمانن کي گهڻو تنقيد جو نشانو انهن هندستاني اردو ڳالهائيندڙ مسلمانن ئي بنايو هو .
سائين منهنجا چوندا آهن ته بنيادي غلطيون جذباتي فيصلا اڳتي پنهنجو اٿر ڇڏيندا آهن، جڏهن پاڪستان ٺهي ويو ته ان وقت ڪو به اهڙو قانون ڪو نه هو لڏپلاڻ جو. اها لڏپلاڻ ماڻهن پاڻ ڪئي. ان لڏ پلاڻ ۾ جيڪا خونريزي ٿي ان کي تحريڪ پاڪستان جو حصو نه ٿو چئي سگهجي. اها خونريزي ته پاڪستان جي اعلان ٿيڻ کان پوءِ ٿي. خود قائداعظم پنهنجي تقرير ۾ اهو چيو هو ته اسان پاڪستان هڪ قطرو به خون جي وهائڻ کان بغير حاصل ڪيو آهي. اها خونريزي جيڪا لڏپلاڻ مهل ٿي ان جو زميدار ڪير آهي؟ ٿوري تاريخ تي نظر وجهو. پنهنجي آس پاس نظر وجهو ته اها حقيقت ظاهر آهي ته اهي فسادي ماڻهو جڏهن بنگال ۾ ويا ته اتان جي ماڻهن جو جيئڻ وهه ڪيائون هت سنڌ ۾ به سالن کان وٺي خونريزي ۽ دهشتگردي جي بازار گرم ڪيو ويٺا آهن. بنگلاديش ۾ به انهن ڇا نه ڪيو. هاڻ سائين ڪيمپن ۾ ويچارا ٿي ويٺا آهن، جيڪڏهن هي ماڻهو امن پسند هجن ها ته انهن کي پنهنجا اباڻا ڪک هندستان ۾ ڇڏڻا ئي نه پون ها. اها خونريزي جنهن کي هو پاڪستان لاءِ قربانيون چون ٿا اها انهن جي پنهنجي اعمالن جي سزا هئي. سائين منهنجا مٿان وري هن ننڍڙي گروهه جي ٻولي کي سرڪاري ٻولي ۽ قومي ٻولي قرار ڏنو ويو. ان فيصلي جو اثر سڀ کان گهڻو سنڌ تي ٿيو، ڇو ته سنڌي زبان ادبي توڙي سرڪاري لحاظ سان هڪ شاهوڪار زبان آهي. انگريزن به همت نه ڪئي جو هن جي اهميت ختم ڪن. يقينن انهن پنهنجي انگريزي ٻولي کي هت رائج ڪيو پر سنڌيءَ زبان جي ترقي جيڪا انگريزن جي دور ۾ ٿي سا وسارڻ جهڙي نه آهي. سنڌ ۾ سرڪاري ۽ عدالتي زبان هميشه سنڌي ئي رهي آهي. سنڌ جي هيڏي وڏي تاريخ کي ختم ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. ڪنهن به ملڪ جي تاريخ ۾ اهڙا غلط فيصلا نه ٿيا آهن. جهڙا اسان جي ملڪ ۾ اسلام جي نالي پٺيان ٿيا آهن، جڏهن سنڌي ٻولي کي تعليمي ادارن ۾ ختم ڪيو ويو ته ات ڪنهن کي به سوچ نه آئي. وري جڏهن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ سنڌيءَ کي وري ٿوري اهميت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪيترا نه هنگاما ٿيا ۽ خاص ڪري ڪراچي شهر ۾ سنڌين جو ڪيترو نه قتل عام ٿيو ۽ سنڌي گهر کان بي گهر ٿي تڙجي نڪتا. هي انهن غلطين جو ئي اثر آهي، جيڪي پاڪستان ٺهڻ مهل ڪيون ويون. هاڻ سائين قومي اسيمبلي ۾ سنڌي ۾ حلف کڻڻ هڪ وڏي خبر بڻجي ٿي وڃي. رڳو هڪڙو سال سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجٽ سنڌي ۾ پيش ڪئي وئي ته ڪيڏو نه هل هنگامو ٿيو.
جيستائين ان حققت کي تسليم نه ڪبو ته هي پاڪستان چئن صوبن تي ٻڌل آهي. اتان جون ٻوليون ايتريون ئي اهم آهن جيتري قومي زبان، اوستائين امن ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ٿي نه سگهندي. هئڻ ته ائين کپي ته هر صوبي جي ٻولي کي اتان جي سرڪاري زبان تسليم ڪيو وڃي. قومي ٻولي سان گڏ صوبائي ٻولين کي به اها اهميت ڏني وڃي جيڪا انهن جي آهي.

آچر 24 آڪٽوبر 1993ع

نوڪري ڪرڻ وارو اديب، ويڪائو اديب نه آهي

سنڌي اديبن جي ڪردار تي اڄ تائين الائجي ڪيترن لکيو ۽ ڳالهايو آهي. سنڌ جون حالتون جڏهن به ڪنهن انتهائي خطرناڪ موڙ تي اچي وينديون آهن، ان ويل اسان جا ئي ڪي سڄاڻ ۽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهو اديب جي ڪردار جي وٺ پڪڙ ڪندا آهن. اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهي سڀ سوال گردش ڪندا رهندا آهن. سنڌي اديب جي چوڌاري سنڌ جون حالتون هميشه اهڙيون رهيون آهن جو سنڌي اديب قلم ذريعي مزاحمتي جنگ وڙهندو رهيو آهي. هڪ اردو رسالي ۾ سنڌي ادب تي ڪيل جائزي ۾ لکندڙ اهو لکيو ته سنڌي ادب ۾ زندگي آهي، ويڙهاند آهي، ماڻهن جي مسئلن جون ڳالهيون ۽ انهن جو حل آهي، ان لکندڙ اهو به لکيو ته سنڌي اديب بهادر آهي، هو جيڪا به ڳالهه ڪندو آهي ان جو اظهار کلي طريقي سان ڪندو آهي. . . . . .
ان راءِ کي سامهون رکي ۽ پنهنجي ادب ۽ اديبن کي نظر ۾ رکي سوچجي ته شايد روز ازل کان سنڌ ۽ سنڌي قوم جي قسمت تي جيڪي چٽ چٽيل آهن جيڪي مهرون لڳل آهن صدين کان وٺي سنڌي ماڻهو پاڻ کي ان مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي . . . . . صدين کان وٺي اڄ تائين سنڌي باشعور، ماڻهو چاهي اهو شاعر يا اديب هيو، چاهي صوفي يا عالم، سيلاني فقير هيو يا وري ڀٽ فقير، هڪ مضبوط ڪردار رهيو آهي. ان جو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪن ٿورن ماڻهن جي ڪيل ڪوتاهين جي ڪري سڄي سنڌ ۾ لکندڙ، قلم جي جنگ جوٽيندڙ جي ڪردار کي منڌيئڙو نه ٿو ڏئي سگهجي.
جڏهن به حالتون بدليون ڪو ڏکيو دور آيو، سنڌي اديب ئي اڳيان آيو آهي. ان پنهنجي قلم ذريعي تلخ کان تلخ ڳالهيون پنهنجي ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄ جو دور جنهن ۾ اسان رهون ٿا سا سڌي سنئين ڳالهه ڪرڻ جو دور آهي. هن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڪمپيوٽر جي زماني ۾ رومال ۾ ويڙهي ڳالهه ڪرڻ جو دور نه آهي ۽ نه وري اٽي کي گهوٻاٽو ڪرڻو آهي. ور وڪڙ ڏيئي ڳالهه ڪرڻ وارو زمانو ڪو نه رهيو آهي. اڄ جي دور جو سڀ کان وڏو سچ اهو آهي ته سچ کي سچي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي. ان سچ کي سچي روپ ۾ پيش ڪرڻ ڪري ئي سنڌي اديب گنهگار ٿي پيو آهي. حالتون خراب ٿين ته وٺو سنڌي اديب کي ڳچيءَ مان. ڇا لاءِ ماٺ ويٺو آهين ڪجهه ته ڪڇ. سنڌي اديب عادت موجب ڪڇي ٿو، لکي ٿو، ته سائين ڏنڊا اڀا مصيبتون نروار، وٺ پڪڙ ڇو ته سنڌي اديب لاوارث آ، گنهگار آ.
هت، مان هڪ سوال سڀني پڙهندڙن، سجاڳ ۽ شعور رکندڙ سنڌين کان پڇڻ چاهيان ٿي. اهو سوال اهو آهي ته جڏهن به ڪو ڏکيو وقت اچي ٿو، حالتون موافق نه ٿيون ٿين ته توهان سڀ اديب جي ڪردار جي وٺ پڪڙ ڪريو ٿا ته سنڌي اديب ويهين ايڪيهين گريڊ جي نوڪريءَ ۾ عيش پيو ڪري، ضمير فروش آهي، غدار آهي پر جڏهن اهو ساڳيو ئي اديب اهڙي وقت تي همت ڪري ٿو. قلم جي وسيلي پنهنجي عمل جي ذريعي اڳتي وڌي ٿو. اهڙين حالتن ۾ تڪليفن ۾ ڦاسجي وڃي ٿو ته پوءِ توهان سڀ، اديبن تي تنقيد ڪرڻ وارا انهن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪرڻ وارا ڪيترو ساٿ ڏين ٿا؟ ڇو توهان انهن اديبن جو ساٿ نه ڏيندا جيڪي قلم جي تلوار سان سچ جي پلصراط تي هلن ٿا، نه صرف پاڻ هليا آهن پر هن هن قوم جي ٻچي ٻچي کي ڇڪي ان پلصراط تي آڻين ٿا؟ جيڪا سچ ۽ حق جي پلصراط آهن؟. اسان جي وڏن اديبن کان پوءِ قطار ٿي هلي اسان واري ٽهي ۽ پوءِ ايندڙ اديبن جي، جن وڏن اديبن جي جاکوڙ سان کوليل رستي تي وڇايل ڪنڊن کي نه صرف هٿن سان صاف ڪيو آهي پر انهن ڪنڊن جا ڏنل ڏنڀ به برداشت ڪيا آهن. هن مهل مان سنڌي اديب کي ان جي ڪارڪردگيءَ لاءِ ڪو سونو ٻلو نه ٿي ڏيان ۽ نه وري ان جي اڳيان ڪو بچاءُ بند ٺاهڻ چاهيان ٿي مان صرف ۽ صرف هڪ سوال توهان کان پڇان ٿي ته توهان سنڌي اديبن کي موٽ ۾ ڇا ڏنو آهي؟
جڏهن به ڪو سنڌي اديب مشڪل ۾ پيو آهي ته توهان پاڻ امين ٿي ڪري سچ ۽ ڪوڙ جي ڪسوٽي کي پرکي ڪو فيصلو ڪيو آهي؟ ڪا همت ڪئي آهي اڳتي وڌي مدد ڪرڻ لاءِ. سنڌي اديب جي قسمت شايد اها ئي آهي. لکندو رهي ته هيرو آهي جي مصيبتن ۾ ڦاسي جهري پيو ته گنهگار آهي، بڇڙو آهي، چوندا سڀ، ضرور ڪجهه ڪيو هوندائين. آخر سڀ الزام ڪوڙا ته نه ٿا ٿي سگهن وغيره وغيره . . . . ان ويل اهڙيون ڳالهيون ڪندڙن کان اهو سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي ته اديب اهو به سنڌي اديب آخر ڪيستائين مزاحمت جي جنگ ۾ وڙهندو رهندو؟ موٽ ۾ جڏهن ڪجهه به نه ملندو، اخبارن ۽ رسالن ۾ رڳو واه واه ڪرڻ سان ڇا ان تڪليف ۾ آيل اديب جون تڪيلفون گهٽجي سگهن ٿيون؟
ڪيترائي سنڌي اديب ڏکين وقتن کان گذريا آهن ۽ گذرن پيا. اڄ جو اهم ۽ ذهن ۾ ايندڙ مسئلو آهي قمر شهباز جو . . . . . قمر شهباز آفيسر آهي. اهو سنڌي اديب آفيسر جيڪو پنهنجي محنت سان، نانگن بلائن سان مقابلو ڪري، ماستر مان آفيسر ٿيو آهي. آفيسر به وڏي گريڊ جو جنهن اڃان تائين لکڻ نه ڇڏيو آهي ۽ نه وري ڳالهائڻ کان مڙيو آهي. مٿان وري سندس گهر واري ارشاد قمر مارئي فورم پئي هلائي. قمر شهباز ڇا آهي. ڇا نه آهي؟ ڏوهه دار آهي يا بي قصور آهي. اهو مسئلو اسان جو نه پر عدالت جو آهي. پر عدالت تي به هاڻ هر مسئلي کي نه ٿو ڇڏي سگهجي. عدالتن جي فيصلن جو احترام ڪنهن ڪيو آهي؟ تازو قادر مگسي جي سلسلي ۾ جيڪي حالتون سامهون آيون آهن ان مان اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿي آهي ته ڪو به ڏوهه ڪو به جرم ڪا به حيثيت نه ٿو رکي. اصل ڏوهه جيڪو وجود جو ڏوهه آ، اهو ڏوهه آهي سنڌي هئڻ جو . . . . . ان سنڌي هئڻ جي ڪري بخشش جا سڀ دروازا بند ٿا ٿي وڃن . . . . . ملزمن کي چيو ٿو وڃي ته عدالت ۾ وڃو ۽ عدالت جڏهن فيصلو ڏئي ٿي ته صوبي جو سربراهه جيڪو بيان ٿو ڏئي سو پڙهي تاڪ لڳي ٿا وڃن. ايڏي وڏي دخل اندازي عدالتن جي فيصلن مٿان آهي ته پوءِ اسان جي ملڪ ۾ عدالتن جو وجود ختم ٿي وڃڻ کپي. ها مان ڪهڙي منهن سان اهو چوان ته قمر شهباز کي عدالت ۾ ڪيس هلائي سچ ۽ ڪوڙ کي ظاهر ڪيو وڃي . . . . . .؟
هوڏانهن ته ڏسو سڀ ڪوئا ٻرن مان ٻاهر پيا نڪرن، اسيمبلي جا ميمبر پيا بڻجن، انهن کي نه عدالت جي فيصلي جو انتظار آهي ۽ نه وري ملڪ جي قانون جي پرواهه. . . . .
مون کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته اسان مان ڪيترا باشعور اديب ان ويل سخت رويو اختيار ڪندا آهن جڏهن ڪو اديب ڪامورو هجي، ويهين ايڪيهين گريڊ جو آفيسر هجي . . . . نوڪريءَ جون به ڪي حد بنديون هونديو آهن. انهن حد بندين ۾ رهي هڪ اديب ڪامورو ئي حالتن کي سنڀالي سگهي ٿو. اسان هونئن ته گهڻي هاءِ گهوڙا ڪندا آهيون منهن مٿو پٽيندا آهيون ته اسان کي نوڪريون نه ٿيون ملن، اخبارن ۾ هر وقت تعداد پيو ايندو آهي ته فلاڻي ڪي فلاڻي اداري ۾ سنڌين جو تعداد گهٽ آهي، باقي جيڪي ٿورا آهن ڇا اسان انهن کي سهون ٿا؟ ماما جمال ابڙو چوندو آهي ته “مان ڪيترن ئي اهم ادارن ۾ رهيس، سون جي تعداد ۾ سنڌين کي نوڪريون ڏنم، ڪي اهڙا اهم مسئلا هوندا هئا سنڌين جي مفاد ۾ جن جي مخالفت ٿيندي هئي پر منهنجي انهن ادارن ۾ هئڻ جي ڪري اهي اهم مسئلا حل ٿي ويا . . . .” اسان جي اهم ادارن جون حالتون تباهه حال آهن ڇو ته اهي همدرد ۽ هڏ ڏوکي سنڌي نه آهن. اگر جيڪي سنڌي ادارن ۾ آهن، اسان ٿوري گهڻي ڳالهه تي انهن جي ٽوپيءَ ۾ هٿ وجهيو ويٺا آهيون، انهن کي بي عزت ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهيون.
اسان سنڌين جي ان ٻٽي پاليسي ئي اسان کي تباهه ڪيو آهي. جذباتي دائري مان نڪري هاڻ اسان کي اهو سوچڻ کپي ته نوڪري ڪندڙ اديب ويڪائو اديب نه آهن، سو مان هڪ پرسنٽ جي ڏوهن جي سزا توهان سڀني اديبن کي نه ٿا ڏيئي سگهو. ياد ٿي اچيم هڪ پراڻي ڳالهه هڪ وڏي نالي واري اديب کي جواني ۾ ئي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي. هو اديب سي ايس پي آفيسر هو. الائجي ته ڪيترا ڪوڙا سچا ان الزام هنيا ويا نوڪري مان ڪڍڻ مهل. پر اصل حقيقت ڪا ٻي هئي. اها حقيقت اها هئي ته هڪ دفعو اتفاق سان ڪنهن محفل ۾ ان سي ايس پي آفيسر هڪ قوم پرست اڳواڻ سان هٿ ملايو هو. اها تصوير ئي ان جي نوڪريءَ جو زوال بڻي . . . . . اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته قمر شهباز جو ڪراچيءَ جي ادبي فنڪشن ۾ کلي عام شرڪت ڪرڻ، هر قسم جي سياسي ماڻهوءَ سان ملڻ انهن کي مان ڏيڻ ئي ان جي تباهيءَ جو سبب هجي؟ سنڌي جو سنڌين سان ملڻ به جرم آهي. باقي اهي سنڌي جڏهن اسيمبلين جا ميمبر ٿي پارٽي ڇڏي ضمير وڪڻي ڪروڙين رپيا ڪمائين ٿا انهن کي ڪير چوڻ آکڻ وارو آهي ئي ڪو نه. هي اسان جا وڏا قوم پرست اڳواڻن جن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ جرم آهي انهن جي هلندي پڄندي حڪومت وٽ ايتري آهي جو انهن سان واسطو رکندڙن فردن کي، سترهين گريڊ کان اوڻيهين گريڊ جي نوڪري ڏني ٿي وڃي. ادارن جي سينڊيڪيٽ جا ميمبر ۽ سربراهه مخالفت ڪن ٿا ته اهو غلط طريقو آهي ته سائين منهنجا گورنر صاحب نوٽيفڪيشن ٿو ڪڍي نوڪريءَ لاءِ . . . . .!! اهي نا اهل ماڻهو جيڪي نه ڳالهائي سگهن نه وري پنهنجي لکيل شيءِ پڙهي سگهن، سي ادارن جا سربراهه هڪ جمپ ۾ ٿي ٿا وڃن . . . . .!!
سمجهه کان مٿي آهن اسان جي سنڌ جون حالتون . . . . هتان جي ماڻهن جي نفسيات سمجهه کان مٿي آهي. حالتون مايوس ڪن آهن ۽ هر ڪو اذيت مان گذري پيو. مان ته اهو سمجهان ٿي ته اسان جي اديبن ۽ ڪامورن کي گڏجي اجتماعي استعيفائون ڏيڻ گهرجي. ڪهاڙيون ۽ ڪلاشنڪوف کڻي رستن تي نڪري اچڻ گهرجي ڇو ته اسان جي اديب تي تنقيد ڪرڻ وارو اها ئي توقع رکي ٿو. باقي ادارا، نوڪريون، سهولتون، خوشحاليون سڀ ڌارين جي حوالي ڪرڻ گهرجن. نه ڪو اديب ڪامورو هوندو نه ئي اهي طعنا ٻڌندو ته، اديب ضمير فروش آهي، غدار آهي، ويڪائو آهي. ان کان پوءِ سڀ گڏجي رستن روڊن تي ماتم ڪنداسين ته هاءِ ڙي هاءِ، اسان کي نوڪريون ڪونهن اسان کي حق به ڪو نه ٿا ملن، ظلم ڙي ظلم، قهر ڙي قهر، پوءِ آخر انت اهو ئي ٿيندو هڪ ٻئي کي ماريندا. هڪ ٻئي کي چڪ پائينداسين ۽ آخر فنا ٿي وينداسين. فنا آخر فنا، سڀ ڪجهه فنا، سنڌي قوم فنا. . . . . . .

آچر 31 آڪٽوبر1993ع

ڊاڪٽر قمر ۽ جسٽس حامد مرزا جي دل جو ڏک

زندگي ۽ موت جي ڪا خبر نه آهي، الائجي ڪٿان هي انسان اچي ٿو ۽ الائجي ڪاڏي وڃي ٿو. بقا کان فنا ۽ فنا کان بقا جو هي سلسلو جاري ۽ ساري آهي. الائجي ڪيترا پيارا جن کان سواءِ پل نه سري انهن کي پنهنجن هٿن سان سينگاري سنواري مٽي جي حوالي ڪيو ٿو وڃي. هي سڀ پيارا ماڻهو جڏهن اکيون ٿا ٻوٽين ان ويل کڻي رڙيون ڪجن يا واڪا پر ماٺ جي رستي جا راهي نه اکيون کولي ڏسن ۽ نه وري ڪجهه ٻڌن. موت ڇا آهي؟ موت ڇو ٿو اچي؟ موت ڪڏهن ايندو؟ ڪهڙي پل هي دنيا ڇڏڻي پوندي؟ ڪو به ان باري ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهي. انسان جي اچڻ جي خبر وري به نو مهينا اڳ ماءُ جي پيٽ تي اسرندڙ وجود جي حوالي سان ٿئي ٿي. ها ڪو آهي جو دنيا ۾ اچي پيو. شڪل ڪهڙي هوندس، ڪنهن جهڙو هوندو، اهو ته جنم کان پوءِ ئي خبر پوندي. ها باقي موت جي ڪا خبر ئي ڪانهي ته ڪهڙي پل ايندو. هڪ ساهه کڻڻ کان پوءِ ٻيو ساهه ايندو يا نه، هڪ ويلو کائڻ کان پوءِ ٻيو ويلو نصيب ٿيندو يا نه، اها اهڙي وڏي سچائي آهي، جنهن کان انڪار ڪرڻ جي گنجائش ئي ڪانهي.
گذريل هفتي اخبار پڙهندي اوچتو هڪ خبر پڙهيم جنهن حال في الحال منهنجا حوصلا ئي خطا ڪري ڇڏيا. اهڙيون خبرون اڃا به ان کان وڌيڪ خطرناڪ خبرون اخبار ۾ روز پڙهندا آهيون، انهن خبرن کي به پڙهي دل ڏکائتي ٿي پوندي آهي. پر هي خبر جنهن مون کي پريشان ڪيو، ان جو سبب صرف اهو هو ته ان خبر جي حوالي سان ڪيتريون شڪليون، ڪيترا وجود ۽ پراڻو گذريل وقت منهنجي سامهون اچي ويو. اخبار ۾ خبر هئي ته جسٽس حامد مرزا جي پٽ جيڪو ڊي ايم سي ۾ چوٿين سال جو شاگرد هو، تنهن پاڻ کي ماري ڇڏيو. هڪ رات اڳ ان جي ڀيڻ جي شادي هئي. خبر پڙهڻ سان منهنجي ذهن ۾ ادي قمر اچي ويئي. ادي قمر منهنجي وڏي ڀيڻ جي ڪلاس ۾ پڙهندي هئي. اسان سڀ گورنمينٽ ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندا هئاسين. گڏ کائڻ اٿڻ ويهڻ هو. هاسٽل جي زندگي به عجيب هوندي آهي. آپا شمس عباسي جو اهو اصول هوندو هو ته اگر ڪمري ۾ چار ڇوڪريون رهنديون هيون ته انهن مان ٻه سينيئر ۽ ٻه جونيئر هونديون هيون. سبب اهو هوندو هو ته نيون ڇوڪريون پاڻ کي هاسٽل ۾ اڪيلو محسوس نه ڪن. ادي قمر سائنس جي شاگردياڻي هوندي هئي ان ڪري هوءَ پنهنجي پڙهائي ڏانهن گهڻي توجه ڏيندي هئي. ميڊيڪل جي پڙهائي دوران ان جي شادي ٿي ويئي. مرزا حامد جي هڪ ڀيڻ منهنجي ڪلاس ميٽ هوندي هئي ان ڪري ادي قمر جي باري ۾ ٿوري گهڻي خبرچار پوندي هئي. وقت گذرڻ سان هر ڪو جدا ٿي الائجي ڪٿي جو ڪٿي وڃي پڳو. هاڻ ملاقاتون سالن کان پوءِ ٿينديون هيون. ڪڏهن ڪنهن جي شادي ۾ ڪڏهن ڪنهن فنڪشن ۾ پنهنجن پراڻن ساٿين سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي. اهڙي طرح ادي قمر به ڪڏهن ڪڏهن نظر اچي ويندي هئي. ادي قمر سان منهنجي تفصيل ۾ ملاقات منهنجي ڪاليج ۾ ٿي، سندس ڌيءُ منهنجي ڪاليج ۾ پڙهندي آهي. جڏهن به ملندي هئي ته چوندي هئي منهنجي گهر اچ، هاڻ ته مان باٿ آءِ لينڊ ۾ تنهنجي گهر جي ڀرسان ٿي رهان. ڪڏهن ته ٽائيم ڪڍي ايندي ڪر. مون کي ڪهڙي خبر هئي ته مان ادي قمر جي گهر ان ڏينهن ويندس، جڏهن هوءَ زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي هوندي. فهميده ۽ ادا سراج جي گهر واريءَ سان گڏ جڏهن مان ادي قمر جي گهر قدم رکيو ته ڏک ۾ سوچيم ته مون کي اڄوڪي ڏينهن تي ئي اچڻو هو، مان فهميده ۽ ڀاڀي خاموشي سان ڪنڊ وٺي وڃي ويٺاسين ته پاڻ سڏ ڪيائين ۽ ڀاڪر پائي ملي. ادي قمر فهميده جي ننڍپڻ جي اسڪول جي زماني کان ساٿياڻي رهي آهي. اڃا ڪالهه سندس ڌيءَ جي شادي ۾ شريڪ ٿي هئي ۽ اڄ اسان سڀ سندس جو ان پٽ جي ڪمهلي موت تي گڏ ٿيا هئاسين.
ادي قمر جيڪا هاڻ ڊاڪٽر قمر مرزا آهي ۽ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ پروفيسر آهي، پنهنجي جوان پٽ جي موت تي بيحال لڳي پئي هئي. پڙهيل لکيل مائرن جو به عجيب الميو آهي. هو ڏک جو اظهار کلي نموني سان نه ٿيون ڪري سگهن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڪي عورتون پار ڪڍي روئنديون آهن، انهن پار ڪڍڻ ۾ ماحول ڏاڍو سوڳوار ٿي ويندو آهي. ڏک جو ته ڪو انت ئي ڪونهي، پر وري به گهڻي روئڻ ۽ ڏک جو اظهار ڪرڻ سان اندر مان بيچيني گهٽجي ويندي آهي. اڄ جي پڙهيل لکيل عورت روئي ته ضرور ٿي، پر گڏوگڏ ان هلي ويندڙ شخص جون ڳالهيون به دهرائي ٿي. انهن ڳالهين کي دهرائڻ سان اندر جي پيڙا بجاءِ گهٽجڻ جي وڌي وڃي ٿي. ادي قمر ماءُ آهي ان کي ته هر پل ياد هوندو. هڪ ٻار جيڪو وڏو ٿئي ٿو، پنهنجي قابليت سان ڊاڪٽريءَ ۾ داخلا وٺي ٿو. ان جي گهر جو ماحول به اهڙو نه آهي، جنهن مان ڪي مسئلا جنم وٺن. پڙهيل لکيل خوشحال گهر جو نوجوان ڇوڪرو جڏهن خودڪشي ڪري ٿو ته پوءِ ڇا سوچجي. ادي قمر کي هڪڙو پٽ ۽ ٽي ڌيئرون آهن. ضرور لاڏ ڪوڏن سان ان جا انگل کڻي ان کي پاليو هوندائين پوءِ آخر اها ڪهڙي ڪمي هئي، جو ان نوجوان اهڙو قدم کنيو ۽ ابي امڙ کي رڻ ۾ رولي ويو. اسان جي معاشري ۾ رهندڙن جي نفسيات به عجيب آهي. جڏهن محروميون گهڻيون ملن ٿيون تڏهن به جڏهن سڀ ڪجهه ملي ٿو وڃي تڏهن به پنهنجي وجود جو توازن برقرار نه ٿو رکي سگهي. اڄ ڪلهه جا ماءُ پيءُ پنهنجي حيثيت آهر پنهنجي اولاد کي خوش رکن ٿا. انهن جون خواهشون پوريون ڪن ٿا پر اها ڳالهه به آهي ته پنهنجي گهر جي ماحول ۽ ٻاهر جي هن دنيا کي ملائي ٻارن جي زندگي جو توازن قائم رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. اڄ ڪلهه جيترو ٻارن کي خوش ٿو رکيو وڃي ايترا اهي جذباتي ٿي ٿا وڃن. اهڙن مائرن ۽ ڀينئرن جي به ته ڪمي ڪونهي جيڪي سختي رکندا آهن. بي جا ٻارن تي تنقيد ڪندا آهن. اهڙا ٻار به ذهني انتشار جو شڪار ٿي ويندا آهن. اسان پنهنجي گهرن ۾ پنهنجون روايتون قائم رکي ٻارن جي ذهني تربيت ڪرڻ چاهيندا آهيون ۽ ٻاهر جي دنيا ايتري تيز ٿي ويئي آهي جو ٻار ان ۾ منجهي ٿو پوي.
پنهنجو انت آڻڻ اهو ڪو سولو ڪم ڪونهي. جڏهن پڙهيل لکيل نوجوان اهڙو قدم کڻن ته پوءِ دل ۾ ڊپ ويهي ٿو وڃي. ڇا ٿو چئي سگهجي. الله ساڃهه ڏي اڄ جي اولاد کي ۽ الله ساڃهه ڏي اڄ جي والدين کي. هنن ڏکن سان انسان پڄي نه ٿو سگهي پر هي ڏکَ اندر جهوري ٿا ڇڏين. هي ڏک جو اهو ناسور آهي جيڪي ڇٽي ۽ وسري ڪين ٿا سگهن.
آچر 07 نومبر 1993ع

صفحه آخر

[img]http://s33.postimg.org/o5lrxvvz3/575ba9e189615.jpg[/img]