دادا سنڌي نہ فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’ آهي پر لسانيات جھڙي اوکي مضمون ۾ بہ هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو. دادا سنڌي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو بہ وڏو ڄاڻو آهي. ھي ڪتاب سنڌي گرامر سکندڙن کي وڏي مدد ڏئي ٿو.
سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
ڪتاب جو نالو : سنڌيڪا سنڌي گرامر
ليکڪ: دادا سنڌي
ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
قيمت : 50/= رپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
“SINDHICA SINDHI GRAMMAR”
By: Dada Sindhi
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
Karachi-74400 Phone:021-32737290
www.sindhica.net
Email:sindhica_academy@yahoo.com
اسٽاڪسٽ
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
سنڌيڪا بوڪ شاپ، روم نمبر1، مهراڻ هوٽل، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻوفون: 03468960942
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،
لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
سنڌيڪا اڪيڊمي
B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
ڪراچي74400
گذارش
افسوس آهي جو موجوده دؤر اسان جي تعليمي ادارن ۾ گرامر تي گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اڄ اسان جو نوجوان پنهنجي پياري زبان جي لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ غلطي ڪري ٿو، جيڪو اسان جي ٻولي-(جيڪا اسان جي جيئاپي لاءِ ضروري آهي) لاءِ هاڃيڪار آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته شاگردن کي گرامر جي صحيح ڄاڻ ڏجي. ان ڪري مون سمجهاڻين سان هي گرامر تاليف ڪيو آهي ۽ ٻارن کي پنهنجي ادب سان چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ مون گهڻي ڀاڱي مثال ادبي نوعيت جا ڏنا آهن.
اُميد آهي ته استاد ۽ شاگرد ٻيئي هن گرامر کي شوق سان پڙهي پنهنجي ٻولي جي سونهن ۽ سينگار لاءِ ڪوشش ڪندا.
دادا سنڌي
1991/6/25
پيش لفظ
لسانيات ۾، وياڪرڻ جي علم وارو موضوع، علم رياضيءَ جهڙو حقيقتتي مبني ۽ اوکو علم آهي، جنهن ۾ نه فقط 2+2 چار ٿيندا آهن پر جيئن علم رياضيءَ جو ماهر، پنهنجي موضوع،مضمون ۽ رياضيءَ جي علم جي اثر ڪري مستقل مزاج، ساين سان سچو، سابق قدم ۽ هر حال ۾ حال ڀائي ۽ همدرد رهندو آهي، تيئن لسانيات جي علم يا لسانيات جي عالم ۾ به اهڙيون ئي خوبيون نظر اينديون آهن، جهڙيون رياضيءَ جي علم يا رياضيءَ جي عالم ۾. جڏهن آءٌ رياضيدار يا لسانيات جي ڪنهن ماهر/ماهرن متعلق سوچي هي لفظ لکي رهيو آهيان تڏهن انهن علمن جن ڪي شخصيتون منهنجي اکين جي سامهون براجمال آهن. انهن شخصيتن مون سان ڏاڍا ڀال ڀلايا آهن. ۽ وڏو وڙڪيو آهي. اهي ڌاڍا وڙائتال ثابت ٿيا.
لسانيات جو علم به حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ٻوليءَ جي پئراگرافن، جملن، لفظن ۽ آواز جي جوڙجڪ، بيهڪ ۽ سٽاءُ اندر پيهي، انهن جي حقيقت بيان ڪري ٿو؛ انهن آواز جي اُچارجڻ، اُچار ڪرڻ واري هنڌ، لفظن جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءُ ۽ بيهڪ بابت ڪجهه بيان ڪري ٿو؛ ٻوليءَ ۾ جملن اندر لفظن جي ‘ڍار’ (Introatin) جي اُتار ۽ چڙهاءُ جي خبر ڏئي ٿو. بهرحال لسانيات، ٻوليءَ جي سٽاءُ، صوتياتي، صرفي ۽ نحوي جوڙجڪ ۽ لفظن جي بيهڪ لاءِ قانونن جي اڀياس جو علم آهي.
ٻولي، انسان ذات جي وجود سان گڏ، پيراتي ۽ وجود ۾ آئي، اُن جي وياڪرڻ جا اصول ۽ قانون به ٻوليءَ جي وجود سان گڏ ٺهندا ويا، جڙندا ويا ۽ مقرر ٿيندا ويا. اهي اصول ڪنهن ماهر ويهي ڪونه ٺاهيا يا مقرر ڪيا. ماهرن فقط اُنهن جو گهرو اڀياس ڪيو آهي. انهن کي لکيو آهي، يعني لکت جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي.
ڪي دوست ايئن سمجهندا آهن ته ٻولين جا وياڪرڻي اصول، قاعدا ۽ قانون پهرين ٺهيا ۽ پوءِ انهن قانونن پٽاندر ٻوليون جُڙيون، اهو صحيح نه آهي.
ٻوليون، جيئن اڳ ۾ عرض ڪيوويو آهي ته انسان سان گڏ وجود ۾ آيون ۽وياڪرڻن جا اصول ته هئا پر انهن کي گهڻو پوءِ لکي، پڌرو ڪيو ويو. هن سلسلي ۾ مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل مقالو مطالعو ڪري سگهجي ٿو جنهن جو عنوان آهي: ٻولي، اُن جي ابتدا ۽ اوسر.
هن ڪتاب ۾ محترم دادا سنڌي صاحب اهو ئي ڪم ڪيو آھي، يعني سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ تي نئين سر نظر وڌي اٿس. دادا سنڌي صاحب هڪ اهم نقطي طرف اشارو ڪيو آهي. هو لکي ٿو:
”جيئن ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو گرامر عام طور عربي ۽ فارسي مان ورتو ويو آهي، ان ڪري انهن ٻولين مان جيئن ته سڀ فعل مصدر مان نڪرن ٿا، اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ به مصدر کي ڌاتو يا بنياد بنايو ويو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ هر فعل جوڌاتو امر حال واحد آهي.“
هن موضوع تي ‘سنڌي ٻوليءَ جو ڪتاب اڀياس’ ڪتاب ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.
اسان جي مانوارن وياڪرڻنين، جيئن دادا سنڌي صاحب فرمايو آهي، عربي ۽ فارسي وياڪرڻن جي بنياد يا زمين تي سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ لکيو، جنهن ڪري اهي وياڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ جا گهٽ ۽ فارسيءَ جا زياده ٿا لڳن. دادا سنڌي صاحب مبارڪن جو مستحق آهي جو هن سنڌي ٻوليءَ جيوياڪرڻ تي نئين نظر سان، جديد لسانيات جي اصولن پٽاندر، روشني وڌي آهي. ’سنڌيڪا سنڌي گرامر’ لکيو آهي. هن سلسلي ۾ هن، امر ۽ اُن جي وصف، مصدر جي وصف، امر جا قسم، زمان، زمانن جا بنياد ۽ زمانن جو چارٽ ڏنو آهي ۽ ڪردنتن تي روشني وجهي، نه صرف وياڪرڻ جي شائقن جو ڌيان ڇڪايو آهي، پر وياڪرڻ واري علم جي ماهرن کي، سنڌ ٻوليءَ جي وياڪرڻ کي، نئين سر لکڻ لاءِ آڀاريو آهي.
هي ڪتاب، بيشڪ آهي ته ننڍڙو، پر منهنجي نظر ۾ املهه آهي ۽ نون نقطن سان ڀريل آهي، اُميد اٿم ته سنڌي زبان جا ڄاڻو ۽ وياڪرڻي، دادا سنڌي صاحب جي محنت جو قدر ڪندا.
سنڌي زبان جو فدائي
غلام علي الانا
اکر - لفظ - جملو
پيارا ٻارو! اسين روزاني زندگي ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ ڪيترائي اکر، لفظ ۽ جملا ڪم آڻيندا آهيون ۽ پنهنجي گفتگو جو مطلب ٻئي کي کولي ٻڌائيندا آهيون. اڄ اچو ته انهن شين تي ويچار ڪريون ته اهي اکر، لفظ ۽ جملا ڇا آهن ۽ ڪيئن ٺهن ٿا.
مثال: الطاف خط لِکي ٿو.
هي هڪ جملو آهي، جيڪو چئن لفظن جو ميلاپ آهي ۽ هر هڪ لفظ وري اکرن جو ميلاپ آهي. لفظ آهن الطاف- خط- لکي- ٿو ۽ اکر ڌار ڌار آهن ا ل ط ا ف، خ ط، ل ک ي ، ٿ و.
ظاهر ٿيو ته هر جملي لاءِ لفظن ۽ هر لفظ لاءِ اکرن جو هجڻ ضروري آهي. هاڻي اچو ته انهن ٽنهي اڪائين کي چڱي طرح سمجھون.
1. اکر:
ٻارو! اکر ٻولي جو بنيادي جزو آهي. جيڪو آواز جي شڪل ۾ وات مان نڪري ٿو. يعني هر آواز لاءِ، ٻولي ۾ مقرر ٿيل، نشاني کي اکر چئبو آهي.
مثال: اَنَ. هڪ آواز آهي جيڪو ٻن آوازي نِشانين ا ۽ ن تي مشتمل آهي.
هر ٻولي ۾، اکرن جو تعداد ڌار ڌار هوندو آهي. سِنڌي ۾ اکرن جو تعداد 52 آهي جنهن کي الفابيٽ چئبو آهي.
2. لفظ:
اکر کانپوءِ لفظ آهي. لفظ ، اکرن جي ميلاپ کي چئبو آهي. يعني ٻه يا ٻن کان وڌيڪ، اکر ملن ۽ ان مان ڪنهن شئي جو نالو مطلب ۽ ڪو لاڳاپو ظاهر ٿئي ته ان کي اکر چئبو آهي.
مثال: پَن- ڪَنَ- ڪچرو
مٿيان لفط ٻن ۽ ٽن اکرن پ ۽ ن، ڪ ۽ ن، ڪ-چ-ر ۽ و جا ميلاپ آهن، جن مان شين جا نالا ظاهر ٿين ٿا.
وڌيڪ مِثال: چڱو-پين-اسڪول-کٽ-انب-بيماري وغيره.
3. جملو:
ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ جڏهن پاڻ ۾ ملن ۽ ان مان پورو مطلب نڪري ته لفظن جي ان ميلاپ کي جملو چئبو آهي.
مِثال: مشتاق ماني کائي ٿو
مٿيون جملو چئن لفظن، مشتاق- ماني- کائي- ٿو، جو مجموعو آهي.
هت هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اهي لفظ جملو ٺاهيندا آهن، جيڪي ترتيب سان رکيل هوندا آهن ۽ انهن مان صحيح ۽ پورو مطلب نڪرندو هجي. جيڪڏهن لفظ ترتيب سان نه رکيل هوندا ته جملو نه ٺھندو.
مثال: خط-الطاف-ٿو-لکي يا کائي-مشتاق-ماني- ٿو
ته هي جملا غلط ٿيندا. ڇو ته اڳيون ماڻهو پورو مطلب سمجھي نه سگھندو
مشق
1- اکر ڇا کي چئجي؟
2- سنڌي ٻولي ۾ ڪيترا اکر آهن؟
3- ڪي به ڏهه اکر لکو؟
4- لفظ ڇاکي چئبو آهي؟
5- لفظ ڇا مان ٺهندا آهن؟
6- ڪي به ڏهه لفظ لکو؟
7- جملو ڇاکي چئبو آهي؟
8- جملا ڇا مان ٺهندا آهن؟
9- ڪي به پنج جملا لکو؟
10- هيٺين اکرن مان لفظ ٺاهيو؟
پ-ڪ-م-ي-ھه-ن-ڳ-و-د-ل-ت-ا-ر-و-ش-ج-ڌ-ق-ڙ
11- هيٺ ڪي لفظ ڏجن ٿا. انهن مان جيترا گهڻا لفظ ٺهي سگهن سي ٺاهيو؟
سنڌوندي- مھرباني- بلندي
12- هيٺين لفظن مان جملا ٺاهيو؟
بابا-ڏهي-ڳئون-سوير-ٿو-اسڪول-ٿيلھو-ڀاءُ-روز-ويندو-ڪتابن-ٿو-جو-منھنجو-کڻي-آهي-کير-ٿئي-اڇو-ٿو-رنگ-جو
13- لفظن کي ترتيب ڏيئي جملا ٺاهيو؟
1- جو-شاھه- لطيف-آهي-سنڌ-شاعر
2- صبح-ڪرڻ -۾ فائدو- ڪسرت- جو- آهي
3- ادب-جو-وڏن-ڪرڻ-گهرجي
4- ڪوڙ-آهي-ڪني-ڳالهائڻ-عادت
ڳالھائڻ جا لفظ
اسان کي هت اِهو سکڻو آهي ته، اهي لفظ ڪهڙن جدا جدا ، جزن يا قسمن ۾ ورهايل آهن. ٻولي جي قاعدي مطابق اُهي قسم اَٺ آهن.
1- اسم
2- ضمير
3- صفت
4- فعل
5- ظرف
6- حرف جر
7- حرف جملو
8- حرف نِدا
هاڻي هيٺ انهن جون وصفون ۽ مثال ڏئي کولي سمجھائجي ٿو.
اِسم
1- نسيمه ۽ جميلا چانھه پيون پيئن.
2- اياز ڪتاب ۽ پين ورتي.
3- اڄ عمر اسڪول ۾ ڪونه آيو.
4- مسجد ۾ مسلمان نماز پڙهندا آهن.
5- هندو روزانو مندر ۾ ويندا آهن.
6- اسٽيشن تي هل.
7- پٽيءَ تي قلم سان ۽ سليٽ تي پيني سان لک.
8- طوطو، مور ۽ جھرڪي باغ ۾ آهن
9- گھوڙو گڏهه کان وڏو آهي.
10- ڪانءُ ڪارو پکي آهي.
11- نانگ، وڇون ۽ ڏينڀو ڏنگين ٿا.
12- انگور ۽ ڪيلو مونکي وڻن ٿا.
13- بيماري ۽ صحت انسان لاءِ آهن.
14- سياڻپ ۽ عقلمندي قدرتي ڏات آهي.
15- پڙهڻ ۽ ترڻ ٻيئي ضروري آهن.
16- کيڏڻ ۾ مزو آهي.
ٻارو! اوهان مٿين جملن کي جڏهن غور سان پڙهندا ته انھن ۾ اوهان کي نالا نظر ايندا. اچو ته انھن کي ڌار ڌار ڪريون.
(الف) ماڻهن جا نالا: نسيما، جميلا، اياز ۽ عمر.
(ب) ساهوارن جا نالا: طوطو، مور، جھرڪي، ڪانءُ، نانگ،
وڇون، ڏينڀو، گڏهه ، گھوڙو.
(ث) شين جا نالا: چانھه ، ڪتاب، پين، پٽي، قلم، سليٽ، پيني، انگور، ڪيلو.
(ج) ڪمن جا نالا: پڙهڻ، ترڻ، وڙهڻ، کيڏڻ.
(د) حالتن جا نالا: تندرستي، بيماري.
(ر) خاصيتن جا نالا: سياڻپ، عقلمندي.
ظاهر ٿيو ته، اسم اهو لفظ آهي. جيڪو جملي ۾ ماڻهن ساهوارن، شين، ڪمن، حالتن ۽ خاصيتن جو نالو هجي.
اسم جو چارٽ
ماڻهن جا نالا
ڪمال، انور، اڪبر، فھيم، نديم، نسرين، جميله، اختر، ڪريم وغيره.
شين جا نالا
انب، انگور، ريوڙيون، ڀڳڙا، کٽ، دري، پين ، سليٽ، ڪتاب وغيره.
جاين جا نالا
باغ، ٿاڻو، جبل، اسٽيشن،اسڪول، مسجد، ديول، اسپتال، مسافرخانو وغيره.
ڪمن جا نالا
ويھڻ، ترڻ، پڙهڻ، رُلڻ، کائڻ، کيڏڻ وغيره.
حالتن جا نالا
شاهوڪاري، اميري، فقيري، بادشاهي، بھادري وغيره.
خاصيتن جا نالا
چڱائي، برائي، هوشياري، ساوڪ، ساواڻ، اڇاڻ، سادگي وغيره.
مشق
1- اِسم جي وصف ٻڌايو؟
2- هيٺين جملن مان اسم چونڊيو؟
1) رجب ، خانو ۽ جانو ڪاٺيون ڪريو
2) سپاهي جو گھوڙو اٺ کان به تکو آهي
3) اڄ مسافرخاني ۾ گھڻا ماڻھو آهن؟
4) پيرون ۽ پسي ڳوٺن ۾ هلي ڏس!
5) کيسي ۾ پينسل رک!
6) هوشو بھادري سان وڙهيو.
7) چريائپ ۾ انسان تي ميار نه آهي.
8) اميري ۾ الله کي ياد رک، غريبي ۾ خدا کي ياد ڪر!
9) بڇڙائي نه ڪر!
10) دشمن سان به چڱائي ڪرڻ گھرجي.
ضمير
مثال:
1- اختر آفيس آيو پر اختر موٽي ويو.
2- الطاف، الطاف اچ ته سکر هلون.
3- پينسل، پينسل مون وٽ هئي، پينسل ڀيڻ کڻي ويئي.
4- ڪتاب، ڪتاب تو لکيو، ڪتاب مون پڙهيو آهي.
ٻارو، جيڪڏهن مٿين جملن تي غور ڪندؤ ته، معلوم ٿيندو ته، ڪيترائي اسم وري وري ڪم آيا آهن. ان ڪري جملا سھڻا نه ٿا لڳن. جملن کي سھڻي بنائڻ ۽ ٻولي کي سونھن وٺائڻ لاءِ انهن اسمن جي بدران ڪي ٻيا لفظ ڪم آندا ويا آهن، جن کي گرامر ۾ ضمير چئبو آهي.
هاڻي، هيٺ ڏسو انھن جملن ۾ ضمير وجھون ٿا. ڏسو ته جملا ڪھڙا نه سھڻا ٿا لڳن.
1- اختر آفيس آيو پر هو موٽي ويو.
2- الطاف! تون اچ ته سکر هلون.
3- پينسل جيڪا مون وٽ هئي سا ڀيڻ کڻي ويئي.
4- ڪتاب جيڪو تو لکيو، سو مون پڙهيو.
اوهان ڏسندا ته مٿين جملن ۾ ”هو“ ٻئي ۾ ”تون“ ٽئين ۾ جيڪا ”سا“ ۽ چوٿين ۾ ”جيڪو“ ”سو“ اهڙا لفظ آهن جيڪي اسمن جي بدران ڪم آيا آهن. اِن ڪري صاف ظاهر ٿيو ته ”ضمير“ اهو لفظ آهي جيڪو جملي ۾ اسم جي بدران ڪم اچي.
ضميرجو چارٽ
خود، پاڻ، تنهن، پنڊ، ڪير، ڪھڙو، هو، اهي، اهو، انھن، وغيره
ڇا- ڪڄاڙو- جو- جا- جي- جيڪو- جيڪا- سو - سا- سي- تنهن- تن- ڪي- جا- ڪو- وغيره. هنن-هن-هي-هو-اوهين-توهان-توهين-تون-اسان-اسين-مون-ان-آءٌ
مشق
1- ضمير ڇاکي چئجي؟
2- ڪي به پنج ضمير جا لفظ ٻڌايو.
3- هيٺين جملن مان اسم ڪڍي ضمير وجهو.
1) گُلو آيو پر گُلو موٽي ويو.
2) تو ڳالھه ڪئي، ڳالھه مون ٻڌي.
3) انب، انب مٺو آهي.
4) رياض اندر آهي.
5) آئون ڪالھه پين وٺي آيو هوس، پين ڀڄي پئي.
4- هيٺين جملن مان ضمير چونڊيو.
1) تو پڙهيو مون کٽيو کاڌو.
2) هي مضمون مون پاڻ لکيو آهي.
3) هنن اِها ڳالھه خود مون کي ٻڌائي.
4) ڪڄاڙو ڪهانءُ توکي معلوم سڀ ڪي
5) اڄ ڪير ٿو ڪنهن کي پُڇي!
6) جيڪي توهان چيو سو اسان ٻڌو.
صِفت
صِفت جي معنى آهي ساراهه، واکاڻ، تعريف.
جڏهن اسان کي ڪا شيءِ وڻندي يا نه وڻندي آهي ته اسان ان شيءِ جي پٺيان ان جي وڻڻ يا نه وڻڻ جو لفظ ڪم آڻيندا آهيون. يا اهڙو لفظ ڪم آڻيندا آهيون جيڪو ان کي کولي ظاهر ڪري ۽ اها شئي ضرور
اسم يا اسم جي بدران ڪم ايندڙ لفظ (ضمير) هوندو. اچو ته ان کي چڱي طرح سمجهون.
1- هوشيار ڇوڪر پڙهي ٿو.
2- منڊو گھوڙو بيٺو آهي.
3- کٽو انب کڻي اچ.
4- فقير کي ٻه روپيا ڏي.
5- ٽيون شاگرد هيڏانهن اچي.
6- شڪارپوري آچار وٺ.
7- اوٻاوڙائي پيڙا کاءُ
8- عالم چنو ڊگهو آهي.
9- ننڍو ڇوڪر وڏو وات.
هنن جملن ۾ هوشيار لفظ ڇوڪر جو گُڻ ڏيکاري ٿو. ”کٽو“ لفظ انب جو عيب ظاهر ڪري ٿو. ٻه، لفظ روپين جو انداز ڏيکاري ٿو. ”شڪارپوري“ آچار جو قسم ڏيکاري ٿو. ”ٽيون“ لفظ شاگرد جو نمبر يا عدد ڏيکاري ٿو. ”ڊگھو“ لفظ عالم چني جو قد ڏيکاري ٿو. ”ننڍو“ لفظ ڇوڪر جو ۽ ”وڏو“ لفظ وات جو مقدار ڏيکاري ٿو.
هاڻي صاف ظاهر ٿيو ته ”صفت“ اهو لفظ آهي، جيڪو جملي ۾ اسم يا ضمير جو گُڻ، اوگڻ، انداز، مقدار، قسم ۽ تعداد ڏيکاري.
نوٽ: جڏهن جملي ۾ اسم جي بدران ضمير اچي ته صفت انجي به ساڳي طرح وضاحت ڪندي آهي.
صِفت جو چارٽ
1- گڻ ڏيکاريندڙ لفظ: ڀلو-سٺو-بهترين-مِٺو-تکو-چالاڪ-هوشيار-بهادر-سچار-چڱو-وغيره
2- اوگڻ ڏيکاريندڙ لفظ: ڍِلو-مَٺو-خراب-ڪمتر-سُڌو-رول-ڪنو-چريو-سُست-موڳو-وغيره
3- قِسم ڏيکاريندڙ لفظ: پهاڙي-شڪارپوري سرحدي-پاڪستاني- ساکرو-اٻاوڙائي-ميرپوري
4- انداز ڏيکاريندڙ لفظ: ڏهه-پندرهن-ويهه-سؤ-هزار-اڌ-منو-سوا-چوٿو-وغيره
5- مقدار ڏيکاريندڙ لفظ: وڏو-ڊگهو-بندرو-ننڍو-ٿلهو-اوچو-اتاهون-ويڪرو-سوڙهو-وغيره
مشق
1- صفت ڇاکي چئجي؟
2- گڻ ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟
3- اوگڻ ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟
4- قسم ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟
5- مقدار ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟
6- هيٺين اسمن جي پُٺيان صفت وجهو؟
گڏهه-اُٺ-گدرو-ڪپ-ڪتاب-سَليٽ-ٻار-شينهن-استاد-شاگرد
7- هيٺيون صِفتون اسمن سان لڳايو.
خراب-ڪنو-طوطاپوري-سنڌي-گجراتي-ٽيون-بندرو-اَٺ-ٽيهه-پنجاهه
8- هيٺين جملن مان صفتون چونڊيو
1) بڇڙو ڪتو ڌڻي پٽائي.
2) نيڪ نوڪر مالڪ جي سونهن.
3) مونکي پنجاهه روپيا گهرجن.
4) اٺون گهوڙو ڏٻرو آهي.
5) مهربان ماءُ ۽ صالح پُٽ ڏس.
6) سدورو ٻار پينگهي ۾ پڌرو.
7) سلو انگورون ڀَلو.
8) ڪني آڱر وڍي چڱي.
فعل
ٻارو، فعل جي معنى ”ڪم“ آهي. پوءِ اهو ڪهڙو به ڪم هجي. فعل جملي ۾، اهو ڏيکاريندو آهي ته اسم يا ضمير ڪهڙو ڪم ڪن ٿا. اچو ته ان کي سمجهون.
1- اياز لکي ٿو.
2- ڪاسائي ٻڪر ڪُٺو.
3- هِن ڪتاب پڙهيو.
4- مون کي ٻه ڀائر آهن.
5- اسان راند ڪئي.
6- شاگرد نانگ ماريو.
7- بورچي کير ڪاڙهيو.
8- لوهه ڪٽجي ٿو.
9- مونکي سيءَ ٿئي ٿو.
هنن جملن ۾ ڏسندا ته ‘اياز’ لکڻ جو ڪم ڪري ٿو. ‘ڪاسائي’ ڪهڻ جو ڪم ڪري ٿو. ‘هن’ ڪتاب پڙهڻ جو ڪم ڪيو. ‘آهن’ ڀائرن جي هجڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ‘ڪئي’ راند ڪرڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ‘ماريو’ نانگ مارڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ‘ڪاڙهيو’ ڪاڙهڻ يعني سَهڻ جي ڪم ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ‘ڪٽجي ٿو’ ڪٽڻ يعني سهڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ‘ٿئي ٿو’ ٿيڻ جي ڪم ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
هاڻي اسان هيئن چونداسون ته فعل اهو لفظ آهي. جيڪو جملي ۾ ڪرڻ، پوڻ، ٿيڻ،هئڻ ۽ سهڻ جي معنى ڏيکاري.
ٻارو، فعل کانسواءِ جملو اڻپورو هوندو آهي ۽ واضح به نه هوندو آهي.
مثال:
اسان چئون ته ڪمال خط............ ته هي جملو اڻپورو ٿيندو. پر جيڪڏهن چونداسون ته ڪمال خط لکي پيو ته جملو واضح ٿيندو. يعني فعل کانسواءِ جملو اڻپورو هوندو آهي.
فعل جو چارٽ
1- ڪرڻ جي معنى وارا لفظ: ڊوڙيو-ويو-ٽُٽو-اٿيو-ويٺو-گهميو-ڦريو-چڙهيو-سمجهيو-ڊنو-وغيره
2- پوڻ ۽ ٿيڻ جي معنى وارا لفظ: پيو-پئي-پوندو- ٿئي ٿو- ٿيوٿي - ٿيندو- وغيره
3- هئڻ جي معنى وارا لفظ: آهي-هوندو- هيو- هجي- هو – وغيره
4- سَهڻ جي معنى وارا لفظ: ڪٺو- وڍيو- چيريو-ڏاريو-ڦاڙيو-ڪاڙهيو- ماريو- لکيو- وغيره
مشق
1- فعل ڇاکي چئجي؟
2- هيٺين جملن مان فعل چونڊيو.
1) مشتاق راند ڪئي.
2) اسان سبق ياد ڪريون پيا.
3) پينگهو لوڏجي ٿو.
4) مان خط لکيو.
5) پٽيوالي گهنڊ وڄايو.
6) پين ۾ مَس آهي.
7) دروازو بند هو ۽ دري کليل هئي.
8) انهن ماني کاڌي.
9) اسڪول ڪڏهن کلندو؟
10) امڙ لَسي ولوڙي مکڻ ڪڍيو.
11) بورچي کان ماني پچرائي ويئي.
3- هيٺيان فعل جملن ۾ ڪم آڻيو.
ڪيو آهي-ڊوڙيو-پڙهان ٿو-پيتو-ويو-ماريان ٿو-ڪري ڪٺو-ياد ڪيو
ظرف
ظرف جي معنى آهي، ماپو يا ٿانءُ، هي لفظ جملي ۾ فعل بابت وڌيڪ خبر ڏيندو آهي ۽ فعل سان لاڳاپو ڏيکاريندڙ آهي. هن کي سمجهڻ لاءِ هيٺيان جملا پڙهو.
1- رياض هينئر آيو آهي.
2- مشتاق مٿي آهي.
3- مونکي چانهه نه گهرجي.
4- گهوڙو ڍلو هلي ٿو.
5- انور ٿورو ڳالهايو.
مٿين جملن ۾ هيٺين لفظن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
1- هينئر، وقت جي معنى ڏيکاري ٿو.
2- مٿي، جاءِ جي معنى ڏيکاري ٿو.
3- نه، انڪار جي معنى ڏيکاري ٿو.
4- ڍلو، ريت جي معنى ڏيکاري ٿو.
5- ٿورو، قدر جي معنى ڏيکاري ٿو.
هي لفظ فعل سان لڳن ٿا ان جي وضاحت ڪن ٿا. ان ڪري هنن لفظن کي ظرف چئبو. اڃان به ظرف کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هي جملا پڙهو.
1- کٽو انب نه وڍ.
2- منڊو ماڻهو آهستي آهستي هلي ٿو.
3- مان اڄ ڪونه ايندس.
4- ٻاهر نه وڃ.
مٿين جملن ۾ ظرف جو لاڳاپو، فعل کان سواءِ ٻين لفظن سان به آهي. ڏسو ۽ سمجهو.
1- ”نه“ ظرف آهي، جنهن جو واسطو کٽو صفت سان آهي.
2- ”آهستي آهستي“ ظرف آهي، جنهن جو واسطو منڊ وصفت سان آهي.
3- ”ڪونه“ ظرف آهي، جنهن جو واسطو اڄ ظرف سان آهي.
4- ”نه“ ظرف آهي، جنهن جو واسطو ٻاهر ظرف سان آهي.
هن مان ظاهر ٿيو ته، ظرف اهو لفظ آهي جيڪو جملي ۾ فعل، صفت ۽ ٻئي ظرف سان لڳي. ريت، قدر، وقت، جاءِ ۽ انڪار جي معنى ڏيکاري.
ظرف جو چارٽ
1- ريت ۽ قدر وارا لفظ: ڍلو- ڏاڍو- مس مس- هروڀرو-تمام- اجائي- ڏاڍيان- ٿورو-گهڻو- هوريان- دليئون-هزرئون –وغيره.
2- وقت وارا لفظ: اڳ- پوءِ- اڄ- ڪالهه- سڀاڻي-هينئر- نيٺ- اڃان- ٻيهر- وري -ڏهاڙي- سدائين- ڪڏهون-مهيني- سرمهيني- سال به سال-هيڪر- پرينھن- وغيره.
3- جاءِ وارا لفظ: هيٺ-مٿي-اندر-ٻاهر-جت ڪٿ-هت-هُت-نت-جيڏي ڪيڏي-تيڏي-وغيره.
4- انڪار وارا لفظ: مَ-ڪين-ڪونه-ڪانه-نه-ڪيم-وغيره.
مشق
1- ظرف ڇاکي چئجي؟
2- اهڙا پنج لفظ ٻڌايو جنهن مان وقت جي معنى نڪري.
3- اهڙا پنج ظرف جا لفظ ٻڌايو. جنهن مان جاءِ جي معنى نڪري.
4- اهڙا پنج ظرف جا لفظ ٻڌايو جنهن مان ريت ۽ قدر جي معنى نڪري.
5- اهڙا پنج ظرف جا لفظ ٻڌايو جنهن مان انڪار جي معنى نڪري.
6- هيٺين جملن مان ظرف چونڊو.
1) رياض ڏاڍيان ڳالهائيندو آهي.
2) مان صبحاڻي سکر ويندس.
3) مون کي تنهنجا ڪتاب نه گهرجن.
4) مَ رو، مَ رڙ ڪي، مَ ڪي هنجون هَار.
5) مٿي ڪانءُ لنوي ٿو.
6) هِتي هتي نه رُل
7- هيٺيان ظرف جا لفظ جملن ۾ ڪم آڻيو.
ڪين-ڍلو-جيڏانهن ڪيڏانهن-اجهو-پرين
حرف جر
1- کيسي ۾ قلم آهي.
2- مان توسان گڏجي هلندس.
3- مون وٽ ڪتاب آهي.
4- تو بنا منهنجو ٻيو ڪير آهي.
5- ميز تي عينڪ رکي آهي.
هنن جملن تي غور ڪندا ته ڏسندا ته پهرين جملي ۾ کيسي ۾ قلم جو تعلق ۾، ٻئي جملي ۾ ”مان“ ۽ ”تو“ ضمير جو تعلق ”سان“، ٽئين جملي ۾ ”ڪتاب“ جو تعلق ”وٽ“- چوٿين جملي ۾ ”تو“ ۽ ”منھنجو“ ضمير جو تعلق ”بنا“ ۽ پنجين جملي ۾ ”ميز“ ۽ ”عينڪ“ جو تعلق ”تي“، لفظ ظاهر ڪن ٿا. يعني: لفظ ”۾“، ”سان“، ”وٽ“ ”بنا“ ۽ ”تي“ هڪ شيءِ جو تعلق ٻي سان ڏيکارين ٿا. هي سڀئي لفظ حرف جر آهن. جر جي معنى آهي ڇِڪڻ يا ڪشش ڪرڻ- ياد رکو ته گرامر جا اهڙا لفظ، جيڪي هڪ اسم يا ضمير جي پٺيان اچي، ٻئي اسم يا ضمير سان، انجو تعلق ڏيکارين ۽ جملي جو صحيح مطلب ظاهر ڪن، تن کي حرف جر چئبو آهي.
حرف جر جو چارٽ
جو-سندو-کي-تي-۾-ڏي-ڪري-منجهه-کان-وٽ-مٿي-سوڌو-پر-لاڪر-منجهان-ڌاران-تان-منجهون
مشق
1- حرف جر ڇاکي چئجي؟
2- حرف جر جا پنج لفظ ٻڌايو؟
3- هيٺين جملن مان حرف جر چونڊيو؟
1) هو مرگهي وگهي مري ويو.
2) منهنجي ڪري توکي تڪليف پهتي.
3) رياض کي ڪتاب ڏي.
4) ميز تي ٽوپي رک.
5) چمچي سان کير پيءُ.
6) حوض منجهه ڀِتر نه اڇل.
4- هيٺيان حرف جر جا لفظ جملن ۾ ڪم آڻيو؟
کي-پر-لاءِ-سان
حرف جُملو
اسين روزانو اهڙا جملا ڳالهائيندا آهيون، جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل يا ڌار ٿيل هوندا آهن. ٻولي ۾، ٻن جملن، ٻن لفظن۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي ڳنڍڻ يا ڌار ڪرڻ لاءِ ڪي مقرر لفظ هوندا آهن. جن کي حرف جملو چئبو آهي. حرف جملي جي معنى آهي جوڙڻ.
هن کي سمجهڻ لاءِ هيٺيان جملا پڙهو
1- الطاف ۽ مشتاق سڳا ڀائر آهن.
2- گهوڙو يا گڏهه گاهه کڻندا آهن.
3- رياض! تون پاس ٿيندين، بشرطيڪه محنت ڪندين.
4- مان آيو هوس پر تون ڪونه هئين.
5- تون ناراض ٿئين ڇاڪاڻ ته مون سچ چيو.
پهرين جملي ۾ ”۽“ حرف جملو آهي. جيڪو الطاف ۽ مشتاق کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. ٻئي جملي ۾ ”يا“ حرف جملو آهي جيڪو گهوڙي ۽ گڏهه اسمن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو. ٽئين جملي ۾ ”بشرطيڪه“ حرف جملو آهي جيڪو جملي جي ٻن ڀاڱن ”رياض تون پاس ٿيندين“ ۽ ”محنت ڪندين“ کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. چوٿين جملي ۾ ”پر“ حرف جملو آهي. جيڪو جملي جي ٻن ڀاڱن ”مان آيو هوس“ ۽ ”تون ڪونه هئين“ کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. پنجين جملي ۾ ”ڇاڪاڻ ته“ حرف جملو آهي، جيڪو جملي جي ٻن ڀاڱن ”تون ناراض ٿئين“ ۽ ”مون سچ چيو“ کي ڳنڍي ٿو.
ياد رکو ته، اُهي لفظ جيڪي ٻن اِسمن ٻن ضميرن ۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي، پاڻ ۾ ڳنڍين يا ڌار ڪن، تن کي حرف جملو چئبو آهي.
حرف جملي جو چارٽ
۽-يا-جي-پر-پڻ-ته-جي-جيڪڏهن-جيڪر-ڪه-بشرطيڪه-توڻي-توڙي-اگرچه-جيتوڻيڪ-متان-ڄڻڪه-ڪر-جيئن.
مشق
1- حرف جملو ڇاکي چئجي؟
2- حرف جملي جا پنج لفظ ٻڌايو؟
3- هيٺين جملن مان حرف جملو چونڊيو!
1) مان محنت ڪريان ها ته پاس ٿيان هان!
2) مان تو وٽ نه اچي سگهيس ڇو ته بيمار هوس.
3) احمد پڻ تو وٽ آيو هو.
4) هو تو وٽ آيو توڙي جو تون هن کي ڳالهايو.
5) هن سائيڪل تيز هلائي ان ڪري حادثي جو شڪار ٿي پيو.
4- هيٺيان لفظ پنهنجن جملن ۾ ڪم آڻيو.
جيڪر-ڄڻڪ-جيئن-پڻ-توڙي-جيڪڏهن.
حرف ندا
اسين ڏک، غم، خوشي، خواهش ۽ سڏ ڪرڻ لاءِ ڪي خاص لفظ ڪم آڻيندا آهيون اچو ته ڏسون اهي لفظ ڪهڙا آهن. هي جملا پڙهو.
1- افسوس! منھنجو گهوڙو مري ويو.
2- هاءِ هاءِ! منهنجو ٻٽون گم ٿي ويو.
3- او ظفر! هيڏانهن اچ.
4- اڙي ڪمال! ڇا ٿو ڪرين.
5- شال! وڏي ڄمار ماڻين.
6- من! ڪڏهن سُڌري پوي.
7- بلي! اڄ ته سٺا ڪپڙا پاتا اٿيئي.
8- وڃ! مڙس جي آڪڙ ته ڏِس.
9- واهه واهه! اکر ته ڏاڍا سُٺا لکيا اٿيئي.
10- هون هون! خيال ڪر.
مٿين جملن پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته ‘افسوس’ ۽ ‘هاءِ هاءِ’ ارمان ۽ ڏک جو اظهار ڪن ٿا. ‘او’ ۽ ‘اڙي’ سڏ ڪرڻ جي معنا ڏيکارين ٿا. ‘شال’ ۽ ‘من’ خواهش جي معنى ڏيکارين ٿا.
مٿين جملن پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته ‘افسوس’ ۽ ‘هاءِ هاءِ’ ارمان ۽ ڏک جو اظھار ڪن ٿا. ‘او ۽ اڙي’ سڏ ڪرڻ جي معنى ڏيکارين ٿا. ‘شال’ ۽ ‘مَن’ خواهش جي معنى ڏيکارين ٿا. ‘بَلي’، ‘وڃ’ ۽ ‘واهه واهه’ خوشيءَ جي معنى ڏيکارين ٿا. ‘هون هون’ ڌڪار ۽ منع جي معنى ظاهر ڪن ٿا.
بس ياد رکو ته اهڙا لفظ جيڪي جملن کان الڳ بيٺل هجن، جن مان سَڏ، سُڌ، عجب، ارمان، خوشي ۽ دِلي جوش ظاهر ٿئي، ان کي حرف ندا چئبو آهي. ندا جي معنى آهي سَڏ يا دانهن ڪرڻ.
حرف ندا جو چارٽ
سَڏ ڪرڻ وارا لفظ: او- ڙي-اڙي-اي
سُڌ يا خواهش وارا لفظ: شال- مَن- جيڪر
ارمان وارا لفظ خوشي وارا لفظ: ارمان- افسوس- هاءِ هاءِ- الا-مُٺيس واهه واهه-بيشڪ بيشڪ-بلي-اَهَا-شاباس
حرف ندا جا وڌيڪ لفظ: هَي-هون-مَر-خيرئي خير-متان- اَلاجي- گهوڙا ڙي- الاڙي-اباڙي
مشق
1- حرف نِدا ڇاکي چئجي؟
2- حرف ندا جا پنج لفظ ٻڌايو؟
3- هيٺين جملن مان حرف ندا جا لفظ چونڊيو.
1- واهه واهه! تو سُٺي راند ڏيکاري.
2- شاباس! تون پاس ٿئين.
3- گهوڙاڙي! منهنجو ڀاءُ مري ويو.
4- الا! مون سان قھر ٿي ويو.
5- مٺيس! منهنجو پُٽ بيمار ٿي پيو.
6- متان! ايئن ڪڏهن نه ڪج.
7- مَر-کائي ڍؤ ڪر.
8- بلي! درياءَ موج ۾ آهي.
ترڪيب
1- اسم 2- ضمير 3- صِفت
4- فعل 5- ظرف 6- حرف جر
7- حرف جملو 8- حرف ندا
جملن ۾ سڀئي لفظ، ضرور انهن اٺن لفظن مان هوندا آهن. جڏهن هر لفظ کي سندس قسم موجب ڌار ڌار ڪبو آهي ته ان کي ترڪيب چئبو آهي.
ترڪيب جي معنى آهي واسطو يا ڳانڍاپو آهي ۽ اصطلاحي معنى آهي. جملن ۾ ڪم آيل لفظن جي گرامر موجب پرک کي، ترڪيب چئبو آهي. اچو ته مثال سان سمجهون.
1- انور وٽ مٺو انب آهي. 2- اڄ مون وٽ آءُ
انور اسم اڄ ظرف
وٽ حرف جر مون ضمير
مٺو صِفت وٽ حرف جر
انب اسم آءُ فعل
آهي فعل
3- جو آيو سو اگھيو 4- هي ڏيئي جي وٽ آهي
جو ضمير هي ضمير
آيو فعل ڏيئي اسم
سو ضمير جي حرف جر
اگھيو فعل وٽ اسم
آهي فعل
5- هي ڪتاب الطاف جو آهي
هي ضمير
ڪتاب اسم
الطاف اسم
جو حرف جر
آهي فعل
مٿين جملن پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته ڪي اهڙا به لفظ آهن، جيڪي هڪ جملي ۾ اسم آهن ته ٻئي ۾ حرف جر، ڪٿي ضمير آهن ته ڪٿي وري حرف جر- ايئن ڇو آهي؟ اِها ٻولي جي وسعت ۽ ڪشادگي آهي.
مثال: پهرين ۽ ٻئي جملي ۾ وٽ حرف جر آهي. پر ٽئين جملي ۾ وٽ اسم آهي. چوٿين جملي ۾ ”جو“ ضمير آهي. ته پنجين جملي ۾ ”جو“ حرف جر آهي. ترڪيب ۾ اهو ڇو ٿو ٿئي؟ ان لاءِ ايئن آهي ته اهي لفظ معنى ۾ ڌار ڌار آهن. ‘وٽ’ اسم آهي جيڪا ڪپهه مان ٺهيل هوندي آهي ۽ ٻين جملن ۾ وٽ حرف جر آهي جيڪو اسم ۽ ضمير جي پٺيان آيو آهي. ‘جو’ ضمير آهي. جيڪو ڪنهن ماڻهو جي بدران ڪم آيو آهي ۽ پنجين جملي ۾ ‘جو’ حرف جر آهي جيڪو اسم جي پٺيان ڪم آيو آهي.
ياد رکو ته ترڪيب ۾ سڀني لفظن کي گرامر موجب، سندن قسمن ۽ دفعن ۾ ڌار ڌار ڪري رکبو آهي. تڏهن وڃي ترڪيب درست ٿيندي آهي.
مشق
هيٺين جملن جي ترڪيب ڪريو.
1- رياض خط لکيو
2- انور جو گهوڙو تکو ڊوڙي ٿو.
3- اعجاز! ماني کاءُ.
4- اندر اچ! مينهن پوي ٿو.
5- بَلي! تو ته سٺو مضمون لکيو.
اسم جا قسم
ٻارو! اوهان پڙهي آيا آهيو ته اسم، شئي، جاءِ، ساهواري، ماڻهو، ڪم، خاصيت ۽ حالت جي نالي کي چئبو آهي. هاڻي اچو ته ”اسم جا قسم“ سمجھون. ان لاءِ هيٺين جملن کي غور سان پڙهو.
1- الطاف ڪتاب پڙهي ٿو.
2- اشفاق خط لکي ٿو.
3- اُٺ گوار کائي ٿو.
4- اعجاز هوشياري سان پڙهي ٿو.
5- نِوڙت ڪر.
6- سَچائي هڪ وڏي خوبي آهي.
هاڻي، هنن جملن مان اسم چونڊينداسين ته هيٺيان لفظ نظر ايندا.
الطاف، ڪتاب، اشفاق، خط، اُٺ، گوار، اعجاز، هوشياري، نوڙت ۽ سچائي.
الطاف، اشفاق ۽ اعجاز خاص ماڻهن جا نالا آهن. ڪتاب، خط، اٺ ۽ گوار عام شين جا نالا آهن. نوڙت ۽ سَچائي اهڙين شين جا نالا آهن، جن کي اسين محسوس ڪري سگهون ٿا پر ڇهي ۽ ڏسي نه ٿا سگهون.
انهي لحاظ کان، اسم جا 3 قسم آهن.
1- خاص نالا،
2- عام نالا،
3- ذاتي يا خاصيت وارا نالا. گرامر ۾ پهرين کي اسم خاص. ٻئي کي اسم عام ۽ ٽئين کي اسم ذات چئبو آهي.
(الف) اسم خاص
هن کي سَمجهڻ لاءِ هيٺيان جملا پڙهو.
1- شاهجهان تاج محل ٺهرايو.
2- حضرت علي رضي الله ذوالفقار سان وڙهيو.
3- سنڌوندي پاڪستان جي وڏي ندي آهي.
هنن جملن ۾ شاهجهان، هڪ خاص بادشاهه جو نالو آهي.جيڪو اسم خاص آهي. تاج محل به هڪ خاص جاءِ جو نالو آهي. جيڪو اسم خاص آهي. ذوالفقار حضرت عليرضي اللهجي تلوار جو نالو آهي، جيڪو پڻ اسم خاص آهي. ٽئين جملي ۾ سنڌوندي خاص درياءَ جو نالو آهي، ان ڪري اهو به اسم خاص آهي. پاڪستان خاص ملڪ جو نالو آهي. ان ڪري اهو اسم خاص آهي.
هاڻي ياد رکو ته اهو لفظ جيڪو جملي ۾ ڪنهن ماڻهو، ساهواري، شئي ۽ جاءِ جو خاص نالو هجي ان کي اسم خاص چئبو آهي.
مثال: دلدل- رخش-ايران-چناب-اڪبر-نيل وغيره.
(ب) اسم عام:
هن کي سمجهڻ لاءِ هيٺيان جملا پڙهو.
1- گھوڙو ڊوڙي ٿو.
2- پين ۾ مس آهي.
3- نانگ ڀڄي ٿو.
4- اسڪول بند آهي.
5- سليٽ تي پيني سان لِک.
مٿين جملن ۾ گھوڙو-پين-مس-نانگ-اسڪول-سليٽ ۽ پيني اهڙا اسم آهن جن جھڙا ٻيا اسم به گھڻا آهن. گھوڙي جھڙو ٻيو گھوڙو به ٿي سگھي ٿو. اهڙي طرح پين، مس، نانگ، اسڪول، سليٽ ۽ پيني جهڙيون ٻيون شيون به ملي سگھن ٿيون. ان ڪري اهي انهن سڀني شين جا عام نالا آهن. انهيءَ ڪري انهن سڀني شين کي، اسم عام چئبو آهي.
هاڻي ياد رکو ته اهو لفظ، جيڪو جملي ۾ ماڻهو ساهواري، شئي جو عام نالو هجي، ان کي اسم عام چئبو آهي.
مثال: ماڙي-ڪاريگر-ڪتو-ڪبوتر-ميز-ڇوڪري وغيره.
(ث) اسم ذات:
هن کي سمجھڻ لاءِ هي جملا پڙهو.
1- بيماري ۽ تندرستي لازم ملزوم آهن.
2- سياڻپ قدرتي ڏات آهي.
3- چريائپ ۾ انسان تي ميار ڪونھي.
4- آسمان ۾ ڪڪرن جي ڪاراڻ آهي.
5- هوشو جنگ ۾ بھادري سان وڙهيو.
6- ترڻ به ته سِکَ نه.
مٿين جملن ۾، بيماري، تندرستي، سياڻپ، ڏات، چريائپ، ڪاراڻ، جنگ، بھادري ۽ ترڻ اهڙا اسم آهن جيڪي خصلتن خوبين رنگن ۽ ڪمن جا نالا آهن، اسين انهن کي صرف ڏسي ۽ محسوس ڪري سگھون ٿا، پر ڇُهي نه ٿا سگهون. ان ڪري انهن کي اسم ذات چئبو آهي.
ذات جي معنى آهي ته ٻي ڪنهن شئي ۾ سمايل خوبي. هاڻي ياد رکو ته اهو لفظ جيڪو جملي ۾ خاصيت، حالت ۽ ڪم جو نالو هجي، ان کي اسم ذات چئبو آهي. (يا) اهڙا نالا جن کي وجود ته هجي پر خيال ۾ اچي سگهن، تن کي اسم ذات چئبو آهي.
مثال: سُستي، اڇاڻ، پيلاڻ، رحم، ڪاوڙ، شرافت، کيڏڻ، سکڻ
وغيره.
مشق
1- اسم خاص ڇاکي چئجي؟ ڪي به پنج اسم خاص ٻڌايو.
2- اسم عام ڇاکي چئجي؟ ڪي به پنج اسم عام ٻڌايو.
3- اسم ذات ڇاکي چئجي؟ ڪي به پنج اسم ذات ٻڌايو.
4- هيٺين جملن مان اسم خاص، اسم عام ۽ اسم ذات جا لفظ چونڊيو.
1) اعجاز صوف ۽ فھميده ڪيلو کاڌو.
2) گھڻو گھمڻ معلومات وڌائي ٿو.
3) رُلڻ چڱو نه آهي.
4) ڄام نندي جي ڏينهن ۾ ٺٽو اوج تي هو.
5) پڙهڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪر.
6) معصوم شاهه جو منارو سکر ۾ آهي.
7) مڪلي ۾ دريا خان جي مزار ڏس.
8) اڪبر بادشاهه سنڌ ۾ ڄائو هو.
9) شاليمار باغ لاهور ۾ آهي.
ضمير جا قسم
ٻارو! اوهان پڙهي آيا آهيو ته ضمير اهو لفظ آهي. جيڪو جملي ۾ اسم جي بدران ڪم اچي.
هاڻي اچو ته ضمير جا قسم سِکون.
ضمير جا جملي ست قسم آهن.
1- ضمير خالص
2- ضمير اشارو،
3- ضمير مشترڪ،
4- ضمير استفھام،
5- ضمير موصول
6- ضمير جواب موصول،
7- ضمير مبھم.
1- ضمير خالص:
خالص جي معنى نج آهي. هي اهي ضمير آهن جيڪي جملي ۾ صرف ماڻهن لاءِ ڪم اچن ٿا.
مثال:
مان لکان ٿو.
توهين راند ڪريو پيا.
اهي سبق ياد ڪندا پيا.
هنن جملن ۾، ‘مان’، ‘توهين’ ۽ ‘اهي’ خالص ضمير آهن. جيڪي خاص ماڻهن لاءِ ڪم آيا آهن.
ضمير خالص جا 3 قسم آهن.
(الف) ضمير متڪلم:
متڪلم جي معنى آهي ڳالهائيندڙ. اُهي لفظ، جيڪي جملي ۾، ڳالهائيندڙ پنهنجي لاءِ ڪم آڻي.
مثال:
مان هي خط لکيو هو.
اسين پاڻ ا تامرا آهيون.
آءٌ سچ ڳالهائيندس پيو.
هنن جملن ۾ ‘مان’، ‘اسين’ ۽ آءٌ ضمير متڪلم جا لفظ آهن.
(ب) ضمير حاضر:
اهي لفظ جيڪي جملي ۾ روبرو (سامھون ڳالھائيندڙ) حاضر اسم جي بدران ڪم آڻجن.
مثال:
تون ڇو نه ٿو لکين؟
توهان ڪوڙ نه ڳالهايو.
هنن جملن ۾ ‘تون’ ۽ ‘توهان’، ضمير حاضر جا لفظ آهن.
(ث) ضمير غائب:
اُهي لفظ جيڪي جملي ۾ انهي اسم بدران ڳالهايا وڃن جيڪي موجود نه، پر غائب يا گم هجن.
مثال:
اُهي اڄ ايندا.
سُڀاڻي انهن کي وڃڻو آهي.
هُنن وٽ ڪتاب ئي ڪين آهن.
مٿين جملن ۾ ‘اُهي’، ‘انهن’ ۽ ‘هنن’ ضمير غائب جا لفظ آهن.
2- ضمير اشارو:
اهي لفظ، جيڪي جملي ۾ ڪنهن اسم ڏانهن خاص اشاري طور ڪم اچن.
مثال:
هي منهنجو ڪتاب آهي.
هو تنهنجو ڪتاب آهي.
مٿين جملن ۾ ‘هي’، ۽ ‘هو’ ضمير اشاري جا لفظ آهن. جيڪي ”ڪتاب“ اسم ڏانهن اشارو /ڪن ٿا.
ضمير اشاري جا 2 قسم آهن:
(الف) ضمير اشارو ويجهو:
اهي لفظ جيڪي جملي ۾ ڪنهن ويجهي اسم ڏانهن اشاري لاءِ ڪم اچن.
مثال:
هِي منهنجو ڪتاب آهي.
اِهي هن جا ڪتاب آهن.
مٿين جملن ۾ ‘هي’، ‘اهي’ ضمير اشاري ويجهي جا لفظ آهن.
(ب) ضمير اشارو ڏور:-
اهي لفظ جيڪي جملي ۾ ڪنهن پري واري اسم ڏانهن اشاري طور ڪم اچن.
مثال:
هو هُن جا ڪتاب آهن.
اُهي هنن جا ڪتاب آهن.
مٿين جملن ۾ ‘هو’، ‘اُهي’ ضمير اشاري ڏور جا لفظ آهن. جيڪي ڪتاب اسم ڏانهن اشارو ڪن ٿا.
3- ضمير مشترڪ:
مشترڪ جي معنى آهي گڏيل. اُهي لفظ جيڪي جملي ۾ اسم جي بدران ڳالهايل هجن ۽ ٻئي ضمير سان گڏيل هجن.
مثال:
مان خود کيس ڏٺو.
تون پنهنجي پين وٺ.
هي باغ اسان پاڻ پوکيو آهي.
مٿين جملن ۾ ‘خود’، ‘پنهنجي’ ۽ ‘پاڻ’ ضمير مشترڪ جا لفظ آهن.
4- ضمير استفھام:
اُهي لفظ جيڪي جملي ۾ اهڙي اسم جي بدران ڪم اچن، جن لاءِ ڪا پُڇا ڪرڻي هجي.
مثال:
اندر ڪير آهي؟
توکي ڪنهن ماريو آهي؟
ڪڄاڙو کپيئي؟
ڇا ٿو چوين؟
هنن جملن ۾ ‘ڪير’، ‘ڪنهن’، ‘ڪڄاڙو’ ۽ ‘ڇا’ ضمير استفھام جا لفظ آهن. هنجا ٻيا لفظ هي آهن.
ڪھڙو - ڪِن
5- ضمير موصول:
موصول جي معنى ڳنڍيندڙ آهي. جيڪي لفظ جملي ۾ اسم جي بدران ڪم اچن ۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي پاڻ ۾ ڳنڍين.
مثال:
هي اهو ڪتاب آهي جيڪو تو گهريو هو.
انور آيو هو جنهن وٽ تنهنجي پين هئي.
مٿين جملن ۾ ‘جيڪو’ ۽ ‘جنهن’ ضمير موصول آهي. لفظ ‘جيڪو’ ڪتاب اسم، بدران ڪم آيو آهي ۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. ٻئي جملي ۾ لفظ ‘جنهن’ ضمير موصول آهي. جيڪو انور اسم، لاءِ ڪم آيو آهي ۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي ڳنڍي ٿو. ضمير موصول جا لفظ هي آهن، جا، جيڪي، جن وغيره.
6- ضمير جواب موصول:
اهي لفظ، جيڪي جملي ۾ ضمير موصول جي جواب ۾ اسم بدران ڪم اچن.
مثال:
جيڪو ڪتاب تو ڏنو هو، سو هي آهي.
جن گهريو تن ورتو.
مٿين جملي ۾ ‘سو’ ضمير جواب موصول آهي. جيڪو ضمير موصول جي جواب ۾، ڪتاب اسم، بدران ڪم آيو آهي. ٻئي جملي ۾ ‘تن’ ضمير موصول آهي جيڪو جَن ضمير موصول جي جواب ۾ ڪم آيو آهي.
هن جا ٻيا لفظ هي آهن: سو ، سا، سي، تن، تنهن وغيره.
7- ضمير مبھم:
مبھم جي معنى ڳجھو آهي. اهڙا لفظ جيڪي ڳجھي اسم لاءِ ڪم آيل هجن ۽ خبر نه پوي ته اهي ڪھڙي اسم لاءِ ڪم آيا آهن.
مثال:
ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي.
ڪير، آيو آهي.
توکي ڪنهن، ڏنو.
ڪا، ڳالهه ته ڪر.
هنن جملن ۾ ڪو ، ڪا، ڪير، ڪنهن ضمير مبھم آهن. ٻيا لفظ هي آهن. ڪجھه، ڪن.
ضميري نشانيون
ضميري نشانيون ٻه آهن.
1- ضمير منفصل:
اهي ضميري نشانيون، جيڪي اسم سان چھٽڻ بدران، ان کان پري بيٺل هجن.
مثال:
مٿو سور ٿو ڪريمَ.
جيئنس ڌڻي، مرنس چور.
هنن جملن ۾ مَ-سَ-ضمير، منفصل جون نشانيون آهن.
2- ضمير متصل:
متصل جي معنى آهي چھٽيل. اهي ضميري نشانيون، جيڪي اسم سان چھٽيل هجن.
مثال:
پٽم = منهنجو پُٽ
پٽئي = تنهنجو پُٽ
پٽھين = تنهنجو پُٽ
پٽوَ = اوهان جا پُٽ
پُٽس = هنجو پٽ
پُٽن = هنن جا پُٽ
هنن جملن ۾ مَ-ئي-هين-ئو-س، نَ، ضمير متصل جون نشانيون آهن.
ضميري صفت
اهي لفظ، جيڪي اصل ۾ ضمير هجن پر جملي ۾ اسم جي صفت ڏيکارين.
مثال: هيڏو تلاءُ ڪنهن کوٽايو.
هن جملي ۾ هيڏو ضميري صفت آهي. جيڪو هي ضمير مان نڪتل آهي.
ڪي ضميري صفتون هي آهن.
هي ضمير مان = هيترو-هيڏو-ههڙو
اي ضمير مان = ايترو، ايڏو، اوترو.
هو ضمير مان = هوترو، هوڏو، ههڙو
جو ضمير مان = جيترو، جيڏو
تنھن ضمير کان = تيترو تيڏو
ڪنهن ضمير مان = ڪيترو، ڪيڏو، ڪهڙو.
مشق
1- ضمير خالص جا ڪهڙا قسم آهن؟ مثال ڏيئي سمجهايو.
2- ضمير متصل جون نشانيون ڪهڙيون آهن؟
3- ضمير مبھم ڇاکي چئجي؟
4- ضمير متڪلم ۽ ضمير مشترڪ جي ڀيٽ ڪريو.
5- هيٺين جملن مان ضمير چونڊيو.
1) ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي.
2) آءٌ جو ئي آهيان ، سوئي آهيان.
3) مُٺيس جھل مُھار، ڪُٺيس ڪاه مَ ڪرهو.
4) اُهي هوڏانهن وڃن ٿا.
5) ڪير ٿو گوڙ ڪري؟
6) توکي ڪنهن ٻڌايو؟
7) جيڪو لوچيندو سو لهندو.
8) اسان پاڻ توکي ڏٺو.
صفت جا قسم
ٻارو! اوهان پڙهي آيا آهيو ته صفت اهو لفظ آهي جيڪو جملي ۾ اسم جو گڻ، اوگڻ، انداز، مقدار ۽ قسم ڏيکاري. هاڻي اچو ته، صفت جي قسمن کي سمجھون. صفت جا ٽي قسم آهن.
1- صفت وصفي،
2- صفت عددي،
3- صفت ضميري.
1- صفت وصفي:
جملي ۾ اهڙن لفظن جي صفت وصفي ٿيندي، جيڪي اسم ۽ ضمير جو گڻ، اوگڻ، قسم ۽ قد ڏيکارين.
مثال:
بندرو ڇوڪر
سلڇڻو ڇوڪر
کٽو ٻير
ساکرو ماڻھو
مٿين جملن ۾ ‘بندرو’ قد ڏيکاري ٿو، ‘سلڇڻو’ گڻ ڏيکاري ٿو. ‘کَٿو’ اوگڻ ڏيکاري ٿو ۽ ‘ساکرو’ قسم ڏيکاري ٿو. هي لفظ صفت وصفي آهن. هن جا ٻيا لفظ هي آهن. ڊگهو، ڪوجھو، سهڻو، چست، جابلو ، هوشيار، ايراني، موڳو، سرحدي وغيره.
2- صفت عددي:
اهي لفظ جيڪي جملي ۾ اسم ۽ ضمير جو انداز،ڳاڻاٽو يا عدد ظاهر ڪن.
مثال:
پنج پينون، يارهن پٽيون، پندرهن صوف ٻاويهون ڇوڪر، ٽيهون گھوڙو.
پنج-يارهن-پندرهن-ٻاويھون-ٽيھون-صفت عددي آهن. هن جا ٻيا لفظ هي آهن.
ٽي-هزار-ايڪونجاهه-سترهون-پنجويهون وغيره
3- صفت ضميري:
اهڙا ضميري لفظ، جيڪي جملي ۾ صفت ٿي ڪم اچن. هي لفظ هميشه اسم سان گڏ هوندا آهن.
مثال:
ٿورا پئسا کڻ.
ڪهڙو ماڻھو هو.
ڪا ڳالهه ته ٻڌاءِ.
پنهنجو ماڻهو آهي.
هنن جملن ۾ ٿورا، ڪھڙو-ڪا-پنهنجو صفت ضميري آهن. جيڪي پئسا، ماڻهو، ڳالهه، اسمن جي صفت ڪن ٿيون. هن جا ٻيا لفظ هي آهن.
سو- جو-جيڪو-اهڙو-وغيره
صفت جا درجا
صفت جا 3 درجا آهن.
1- صفت خالص 2- صفت تفصيل 3- صفت مبالغو.
1- صفت خالص:
اهو لفظ جيڪو جملي ۾ ڪنهن هڪ اسم يا ضمير جو گڻ، اوگڻ ڏيکاري.
مثال: انب مٺو آهي. هن جملي ۾ مٺو صفت خالص آهي.
2- صفت تفصيل:
اهو لفظ جيڪو جملي ۾، هڪ اسم يا ضمير جي ٻئي اسم يا ضمير سان ڀيٽ ڪري.
مثال: انب صوف کان مٺو آهي.
هن جملي ۾ ‘کان مٺو’ صفت تفضيل آهي. ياد رکڻ کپي ته صفت تفضيل ۾ ٻئي اسم يا ضمير جي پٺيان حرف جر جو، کان، مان، مون، منجهان لفظ ڪم آڻبا آهن.
3- صفت مبالغو:
اهو لفظ جيڪو هڪ اسم يا ضمير جي ٽن يا ٽن کان وڌيڪ اسمن يا ضميرن سان ڀيٽ ڪري.
مثال: انب سڀني ميون کان مٺو آهي.
مشق
1- صفت عددي ڇاکي چئجي؟
2- صفت ضميري جا 3 مثال ڏيو؟
3- صفت وصفي جي تعريف ڪريو.
4- هيٺين جملن مان صفتون چونڊي سندن قسم ٻڌايو.
1) هٻڇي ڇوڪر چار مٺا ۽ وڏا انب کائي ويو.
2) اٻاوڙائي پيڙا ۽ شڪارپوري آچار وٺي اچ!
3) سنڌي رسالا پڙهه ۽ سنڌي ٻولي ڳالهاءِ!
4) هوشيار ڇوڪر ڏڏ شاگرد کي پڙهائي ٿو.
5) چست ٻار ڊوڙي ٿو.
6) تکو گھوڙو ٽانگي ۾ آهي.
7) ٻه ته ٻارهن.
8) ٻارهون مھينو ٿڌو مھينو آهي.
9) ڪانگا ڪر ڪا ڳالهه.
10) صفت تفصيل ۽ مبالغو ڇاکي چئجي.
فعل جا قسم
ٻارو! اوهان پڙهي آيا آهيو ته فعل اهو لفظ آهي. جيڪو جملي ۾ اسم جي ڪم بابت ٻڌائي يا اهو ٻڌائي ته اسم ۽ ضمير تي ڪم جو ڪهڙو اثر ٿيو آهي. جملي ۾ فعل سان گڏ ٻه شيون ٻيون به هونديون آهن. هڪ ڪم جو ڪندڙ ۽ ٻيو جنهن تي ڪم جو اثر ٿئي.
مثال: الطاف چانھه پيئي ٿو.
هن جملي ۾ ڪم جو ڪندڙ الطاف آهي. جنهن کي گرامر جي زبان ۾ فاعل چئجي ٿو ۽ اسم چانهه آهي جنهن تي ڪم جو اثر ٿئي ٿو. هن کي گرامر جي زبان ۾ مفعول چئجي ٿو ۽ ٽيون پيئي ٿو ، ڪم بابت ٻڌائي ٿو. جيڪو فعل سڏبو.
ٻارو! ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي ته جملي ۾ فاعل ته هوندو آهي پر مفعول نه هوندو آهي. تڏهن به جملو پورو هوندو آهي.
مثال:
الطاف مضمون لکي ٿو.
الطاف لکي ٿو.
مشتاق بيت پڙهي ٿو.
مشتاق پڙهي ٿو.
مٿين پهرين ۽ ٽين جملي ۾ الطاف ۽ مشتاق فاعل آهن. مضمون ۽ بيت خط مفعول آهن. ٻئين ۽ چوٿين جملي ۾ فاعل ته برابر آهي. پر مفعول نه آهن. اهڙن جملن ۾ فعل تي اثر ضرور پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته فاعل ۽ مفعول جو لاڳاپو فعل سان ضرور هوندو آهي. ان ڪري فعل جا مکيه قسم ٻه آهن.
1- فعل لازمي، 2- فعل متعدي.
1- فعل لازمي:
لازمي جي معنى آهي ٺهرايل حد تي قائم رهڻ. اهڙو فعل جنهن ۾ فاعل پاڻ ڪم ڪري پر ان جو اثر ٻئي تي نه پوي. يعني هن ۾ فاعل سان گڏ مفعول نه هوندو.
مثال:
اشفاق ڳائي ٿو.
فھميده ڌوئي ٿي.
اياز کائي ٿو.
2- فعل متعدي:
متعدي جي معنى آهي لنگهي ٻئي تائين ويندڙ. اهڙو فعل جنهن ۾ فاعل پاڻ ڪم ڪري پر ان جو اثر ٻئي تي به پوي. يعني هن فعل ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي ڄاتل ۽ سڃاتل هوندا آهن.
مثال:
اشفاق را ڳ ڳائي ٿو.
فھميده ڪپڙا ڌوئي ٿي.
اياز ماني کائي ٿو.
فعل جو ٽيون قسم به آهي. جنهن کي فعل معاون چئبو آهي. هن کي سمجهڻ لاءِ هيٺيان جملا پڙهو.
1- سبق پڙهه،
2- سبق پڙهان ٿو،
3- سبق پڙهيو هو،
4- سبق پڙهيو پئي.
هن جملن ۾ بنيادي ڪم ”پڙهڻ“ جو آهي. جن ۾ فعل پڙهه، پڙهان ٿو ، پڙهيو هو ۽ پڙهيو پئي آهي.
پهرين جملي ۾ پڙهڻ جو حڪم آيل آهي پر وقت ڪونه ڏنل آهي ته ڪهڙي وقت ۾ پڙهڻو آهي. ٻئي جملي ۾ پڙهڻ جو ڪم هاڻي ڪري ٿو. ٽئين جملي ۾ پڙهڻ جو ڪم گذريل وقت ۾ ڪيو ويو ۽ چوٿين جملي ۾ پڙهڻ جو ڪم گذريل وقت ۾، گهڻي تائين جاري رکيو ويو. هن مان معلوم ٿيو ته هڪ فعل سان ٻيا فعل گڏجي، جيڪي فعل جي وقت جي معنى ڏيکارين ٿا. انهن فعلن کي گرامر ۾ فعل معاون چئبو آهي. جنهن جي معنى مددگار آهي. يعني اهڙا فعل، جيڪي ٻين فعلن سان گڏجي ان جو وقت ڏيکارين. هي فعل هئڻ، ٿيڻ ۽ پوڻ مصدر مان ٺهي ٿو.
مثال: هئڻ، هو، ٿيڻ، ٿيو، پوڻ ، پيو، پئي
فعل متعدي جا قسم
(الف) فعل متعدي معروف:
معروف معنى آهي ڄاتل سڃاتل، اهڙو فعل جنهن ۾ فاعل ڄاتل سڃاتل ۽ چٽو پٽو ظاهر هوندو آهي.
مثال: مان خط لکان ٿو.
هن جملي ۾ ”مان“ فاعل پڌرو ۽ صاف ظاهر آهي.
(ب) فعل متعدي مجھول:
جھل معنى اڻڄاڻائي اهڙو فعل، جنهن ۾ فاعل گم ٿي وڃي ۽ مفعول چٽو هجي .
مثال: خط لکجي ٿو، انب وڍجي ٿو.
هن جملي ۾ خط جو لکندڙ ۽ انب جو وڍيندڙ يعني انهن ڪمن جا ڪندڙ گم آهن پر خط ۽ انب جن تي ڪم جو اثر ٿئي ٿو (مفعول) سي فاعل جي جاءِ تي آيل آهن ۽ چٽا مفعول آهن. ان ڪري لکجي ٿو ۽ وڍجي ٿو، فعل متعدي مجھول آهن.
(ث) فعل متعدي باالواسطه:
باالواسطه جي معنى آهي ٻئي جي معرفت، فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم پاڻ نه ٿو ڪري، پر ٻئي کان ڪرائي ٿو.
مثال:
مشتاق خط لکرايو.
ماني پچرائي ويئي.
پهرين جملي ۾ مشتاق خط لکڻ جو ڪم ٻئي کان ڪرائي ٿو پر پاڻ نه ٿو ڪري. اِهو ٻٽو فعل متعدي باالواسطه آهي. ٻئي جملي ۾ ماني پچرائڻ جو ڪم ٻئي کان ڪرايو وڃي ٿو. هنن ٻنهي جملن ۾ اصلي فاعل گم آهن.
(ج) فعل لازمي جا قسم:
فعل اڪرترڪ: اَ معنى نه ڪر معنى فاعل. اهڙا فعل جن ۾ فاعل ۽ مفعول جو ڪم صاف ڏيکاريل نه هجي. هن فعل ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي گم هوندا آهن.
مثال: ڳوٺ وڃبو. ڀڄبو نه ٿڪبو.
مٿين جملن ۾ وڃبو، ڀڄبو ۽ ٿڪبو فعل اڪرترڪ آهن. جن جا فاعل ۽ مفعول گم ٿيل آهن ۽ اهي واضح يا چٽا نه آهن.
استعمالي سوال
1- فعل گهڻن قسمن جا آهن؟
2- فعل متعدي ڇاکي چئجي؟
3- فعل متعدي مجھول مثالن سان سمجھايو.
4- فعل اڪرترڪ کولي سمجهايو.
5- هيٺين جملن مان فعل چونڊي سندن قسم ٻڌايو.
1) انور انب کائي ٿو.
2) مشتاق کلي ٿو.
3) صوف وڍيو ويو.
4) ماني پچرائي ويئي.
5) گھوڙو ڊوڙي ٿو.
6) مٿي چڙهبو ته ڪربو.
7) ڊوڙبو ته پگھربو.
8) وڻ پوکجي ٿو.
9) پين ۾ مس وجهي اچ.
10) رياض راند ڪئي.
ظرف جا قسم
ٻارو! اوهان کي خبر آهي ته ظرف اهو لفظ آهي، جيڪو جملي ۾ فعل، صفت ۽ ٻئي ظرف سان لڳي. ان جي ريت، قدر، وقت، جاءِ ۽ انڪار جي معنى ڏيکاري. هن وصف جي لحاظ کان ظرف جا چار قسم آهن.
1- ظرف تميز، 2- ظرف زمان، 3- ظرف مڪان، 4- ظرف انڪار
1- ظرف تميز:
اهي لفظ جيڪي جملن ۾ ريت يا قدر جي معنى ڏيکارين.
مثال: هوريان ڳالهاءِ. تيز ڊوڙ
ڍلو هل، جيئن تيئن ڪري خط لِک.
مٿين جملن ۾ هوريان، تيز، ڍلو، جيئن تيئن ظرف تميز آهي. هن جا ٻيا لفظ هي آهن. آهستي، ٺھه پھه، هروڀرو، ڏاڍو، جھٽ پٽ، هيئن وغيره.
2- ظرف زمان:
اهڙا لفظ، جيڪي جملي ۾، فعل جي وقت جي معنى ڏيکارين.
مثال: هينئر مان هلان ٿو، صبحاڻي ورندس.
پر سال ڦٽي جو فصل تباهه ٿي ويو.
هنن جملن ۾ هينئر، صبحاڻي، پرسال ظرف زمان آهن. هن جا ٻيا لفظ هي آهن، اڄ ، ڪالھه، پَرين، هاڻي، پوءِ، هميشه وغيره.
3- ظرف مڪان:
اهڙا لفظ، جيڪي جملي ۾ فعل جي جاءِ جي معنى ڏيکارين.
مثال: هت ويھه، هوڏانهن وڃ، هيٺ لهي اچ. هنن جملن ۾ هت، هوڏانهن، هيٺ ظرف مڪان آهن. هن جا ٻيا لفظ هي آهن، هِتي، هُتي، مَٿي، اندر، ٻاهر، اڳيان، پٺيان، هيڏي، هوڏي، جاڏي، ڪاڏي وغيره.
4- ظرف انڪار:
اهڙا لفظ، جيڪي جملي ۾ انڪار جي معنى ڏيکارين.
مثال: مان ڪونه ايندس، مٽي ۾ نه کيڏ.
هنن جملن ۾ ڪونه، نه، ظرف انڪار آهن، هن جا ٻيا لفظ هي آهن. متان، ڪين، مَ وغيره.
نوٽ: ظرف مڪان- زمان ۽ تميز اڪثر فعل سان لڳندا آهن. پر ظرف تميز، ڪڏهن صفت ۽ ظرف سان به لڳندو آهي.
مثال:
1- ڏاڍو ڪوڙو، نھايت مٺو.
هت ڏاڍو ۽ نھايت ظرف تميز آهن ۽ ڪوڙو ۽ مٺو صفت آهن.
2- گھوڙو ڏاڍو تکو ڊوڙي ٿو.
هن جملي ۾ ڏاڍو ظرف تميز آهي. جيڪو تکو ظرف سان لڳي ٿو.
مشق
1- ظرف تميز ڇاکي چئجي؟
2- ظرف مڪان ۽ ظرف زمان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
3- هيٺين جملن مان ظرف چونڊي انهن جا قسم لکو.
1) ايئن نه ڪر.
2) مس مس ته آيو آهين.
3) هوڏانهن وڃي ڇا ڪندين؟
4) اڄ ته ويھه.
5) هاڻي ارمان ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو.
جنسون
اسين جيڪي اسم يا ضمير ڪم آڻيون ٿا. انهن جون مکيه جنسون ٻه آهن.
1- جنس مذڪر 2- جنس مؤنث
1- جنس مذڪر:
مذڪر جي معنى آهي نر. اهڙي اسم يا ضمير جي جنس مذڪر ٿيندي جيڪو نر هوندو.
مثال: گھوڙو ڊوڙي ٿو.
هن جملي ۾ گهوڙي جي جنس مذڪر ٿيندي جيڪو نر آهي.
2- جنس مؤنث:
مؤنث جي معنى مادي آهي. اهڙو اسم يا ضمير جيڪو مادي هوندو آهي، ان جي جنس مؤنث ٿيندي.
مثال: گھوڙيءَ ڊوڙي ٿي.
هن ۾ گھوڙيءَ جي جنس مؤنث ٿيندي.
جنس ڳولڻ جو آسان طريقو هي آهي ته اسم يا ضمير جي پٺيان صفت جو ڪوبه لفظ وجهنداسون ته جنس لڀي ويندي.
مثال: سٺو گھوڙو (مذڪر)
سُٺي گھوڙي (مؤنث)
يا جنس مذڪر جي پٺيان گھڻو ڪري ”او“ جو اچار ۽ جنس مؤنث جي پٺيان ”اي“ جو اُچار ايندو آهي.
مثال: ڪُتو، (او جو اچار) مذڪر
ڪُتي (اي جو اچار) مؤنث
مشق
1- جنس مذڪر ڇاکي چئجي؟
2- جنس مؤنث جا پنج لفظ ٻڌايو.
3- هيٺين جملن مان اسمن ۽ ضميرن جون جنسون چونڊيو.
1) ڪھاڙو کڻ ڪاٺي وڍ.
2) هو ڊوڙي ٿو. هوءَ لکي ٿو.
3) مان ته توکي چيو هو.
4) ڇوڪري سليٽ تي پيني سان لکي ٿي.
5) ڍڳو هر ڪاهي ٿو.
6) ماني چڱي پڪل آهي.
7) چانور ڪچا آهن.
عدد
اسين جملن ۾ جيڪي اسم يا ضمير ڪم آڻيندا آهيون سي، عدد جي لحاظ کان ٻن قسمن جا هوندا آهن. انهن کي سمجهڻ لاءِ هيٺيان مثال پڙهو.
1- گھوڙو ڊوڙي ٿو.
2- گھوڙا ڊوڙن ٿا.
3- ڇوڪري دلو ڀري ٿي.
4- ڇوڪريون دلا ڀرن ٿيون.
5- تون راند ڪرين ٿو.
6- توهين راند ڪريو ٿا.
ٻارو! مٿين جملن مان پهرين، ٽئين ۽ پنجين جملي ۾ گھوڙو، ڇوڪري، دلو ۽ تون عدد ۾ هڪ آهن. ان ڪري انهن جو عدد واحد ٿيندو ۽ ٽئين چوٿين ۽ ڇھين جملن ۾ گھوڙا، ڇوڪريون دلا ۽ توهين عدد ۾ گهڻا آهن. ان ڪري انهن کي عدد جمع سڏبو. يعني گهڻا يا هڪ کان وڌيڪ. هاڻي صاف ظاهر ٿيو ته عدد ٻن قسمن جا آهن.
1- عدد واحد:
واحد معنى هڪ. يعني جملي ۾ انهي اسم يا ضمير جو عدد، واحد هوندو، جيڪو تعداد ۾ هڪ هوندو.
مثال: ٻڪري- رڍ- ڍڳو- ميز- مان- هو، وغيره.
2- عدد جمع:
جمع معنى گھڻا، يعني جملي ۾ انهي اسم يا ضمير جو عدد جمع هوندو جيڪو تعداد ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ هوندو.
مثال: ٻڪريون- رڍون- ڍڳا- ميزون-اسين-اُهي، وغيره.
مشق
1- عدد گهڻن قسمن جا آهن؟
2- ڪي به پنج اسم عدد واحد ۽ عدد جمع جا لکو.
3- ڪي به چار ضمير عدد واحد ۽ عدد جمع جا لکو.
4- عدد واحد ڇاکي چئجي؟
حالتون
ٻارو! حالت اسم يا ضمير جي انهي لاڳاپي کي چئبو آهي. جيڪو جملي ۾ ، انجو ٻين لفظن سان هوندو آهي.
سنڌي ۾ حالتون پنج قسمن جون آهن.
1- حالت فاعلي، 2- حالت مفعولي، 3- حالت جري، 4- حالت اضافت، 5- حالت ندا.
1- حالت فاعلي:
جملي ۾ جيڪو اسم يا ضمير ڪنهن به فعل جو فاعل هوندو ته ان اسم يا ضمير جي حالت فاعلي ٿيندي.
مثال: الطاف خط لکيو.
هن جملي ۾ لکڻ جو ڪم الطاف ڪري ٿو. جيڪو ڪم جو ڪندڙ يعني فاعل آهي. ان ڪري الطاف جي حالت فاعلي ٿيندي.
2- حالت مفعولي:
جملي ۾، جيڪو اسم يا ضمير ڪنهن به فعل جو مفعول هوندو ته، ان اسم يا ضمير جي حالت، مفعولي ٿيندي.
مثال: الطاف خط لکيو.
هن جملي ۾ خط لکيو فعل جو مفعول آهي، ان ڪري خط جي حالت مفعولي ٿيندي.
3- حالت جري:
جملي ۾ جنهن اسم يا ضمير جي پٺيان، حرف جر جو ڪوبه لفظ اچي ته انجو واسطو ٻئي لفظ سان ظاهر ڪري ته ان اسم يا ضمير جي حالت، جري ٿيندي.
مثال: ڪتاب ميز تي رک.
هن جملي ۾ ”ميز“ اسم آهي ان جي پٺيان ”تي“ حرف جر آهي. ان ڪري ميز اسم جي حالت جري ٿيندي، ‘اتي’ ڪتاب جو ميز اسم سان لاڳاپو ڏيکاي ٿو. ڪڏهن وري جملن ۾، اسم يا ضمير جي لفظن پٺيان ڪي خاص نشانيون حرف جر جون ڪم اينديون آهن. تڏهن انهن اسمن يا ضميرن جي حالت جري ٿيندي آهي.
مثال: 1- انور ڳوٺان آيو. 2- رياض گَھرون آيو.
هنن جملن ۾ ڳوٺ اسم جي پويان آن ۽ گهر اسم جي پٺيان اون حرف جر جون نشانيون آهن. جيڪي ڳوٺ جو انور سان ۽ گهر جو رياض سان لاڳاپو ڏيکارين ٿيون. ان ڪري انهن اسمن جي حالت جري ٿيندي.
4- حالت اضافت:
جملي ۾ جنهن اسم يا ضمير جي پٺيان اهڙو ڪوبه حرف اچي، جيڪو ان اسم يا ضمير جي نسبت يا مالڪي، ٻئي ڪنهن اسم يا ضمير سان ڏيکاري. ته انهيءَ اسم يا ضمير جي حالت اضافت ٿيندي.
مثال: مشتاق وارو ڪتاب اياز وٽ آهي.
هن جملي ۾ ‘وارو’ اهڙو لفظ آهي جيڪو، مشتاق اسم جي ڪتاب ڏانهن مالڪي ڏيکاري ٿو. ان ڪري مشتاق اسم جي حالت اضافت ٿيندي.
سنڌي ٻولي ۾ ‘وارو’ کانسواءِ ‘جو’ ۽ ‘سندو’ اهڙا لفظ آهن جيڪي پڻ ملڪيت جي معنى ڏيکارين ٿا.
مثال: هي منهنجو ڪتاب آهي.
هي سندو قلم آهي.
5- حالت ندا:
جملي ۾ انهيءَ اسم يا ضمير جي حالت ندا ٿيندي جنهن کي سڏ ڪيو ويو هجي.
مثال: او رياض! هيڏانهن اچ.
هن جملي ۾ ‘او’ حرف ندا آهي، ان ڪري رياض جي حالت، ندا ٿيندي. ڪڏهن ڪڏهن جملي ۾ لڪل حرف ندا به ڪم ايندو آهي.
مثال: اعجاز! هيڏانهن اچ.
هِن جملي ۾ اعجاز کي سَڏ ڪيو ويو آهي. ان ڪري اعجاز جي حالت ندا ٿيندي.
مشق
1- حالت فاعلي ڇاکي چئجي؟
2- حالت مفعولي ڇاکي چئجي؟
3- حالت جري ۽ حالت اضافت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
4- حالت ندا، ڪهڙي اسم يا ضمير جي ٿيندي؟
5- هيٺين اسمن يا ضميرن جون حالتون ٻڌايو.
1) ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٽ.
2) اشفاق جو گھوڙو تِکو آهي.
3) الطاف هيڏانهن اچ.
4) منهنجو ڪتاب ڪٿي آهي.
5) اسان راند ڪريون ٿا.
6) تو وٽ قلم آهي.
7) ڳوٺان ڪو آيو.
زمانن جا بنيادي جزا
زمانن جو بنياد مصدر آهي، جنهن جي معنى آهي نڪرڻ، ظاهر يا صادر ٿيڻ جي جاءِ. هن مان ئي سڀني فعلن جي زمانن جي مختلف صورتن وارا لفظ ظاهر ٿين ٿا. پر جديد علم لسانيات جي روشني ۾ اهو غلط آهي. جيئن ته، اسان جي سنڌي ٻولي جو گرامر عام طور عربي ۽ فارسي مان ورتو ويو آهي، ان ڪري انهن ٻولين مان جيئن ته، سڀ فعل مصدر مان نڪرن ٿا، اهڙي طرح سنڌي ٻولي ۾ به مصدر کي ڌاتو يا بنياد بنايو ويو آهي.
پر سنڌي ٻولي ۾ هر فعل جو ڌاتو امر حال واحد آهي. ڇو ته اسان جيڪڏهن لکڻ مصدر کي بنياد بنائينداسون، ته ان مان امر ”لِک“ ڪري پوءِ ٻيا زمان ٺاهينداسون، ته اهڙي طرح لکڻ مصدر خود لِک امر مان ئي نڪرندو ۽ بنياد لازمي طرح امرحال واحد ”لِک“ ٿيندو.
هاڻي ”جديد علم لسانيات“ جي روشني ۾ ”زمان“ امر کان ئي شروع ڪريون ٿا.
اَمُر:
امر زمانن جي پاڙ آهي. فعل جون سڀ صورتون، جيڪي زمانن کي واضح ڪن ٿيون، سي اَمُر مان ئي نڪرن ٿيون.
امر جي لفظي معنى حڪم آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن، جملي ۾ هي لفظ، انڪار، صفت، نوڙت، آسيس/تمنا ۽ دُعا جو مطلب به ڏيکاريندو آهي. امر کي سمجھڻ لاءِ هيٺين جملن تي نظر ڪريو.
1- ڇوڪرا! ماٺ ڪريو،
2- پاڻي ڍُڪ ته پيار!
3- شل! سکيو رهين،
4- ٻار کي نه مار!
پهرئين جملي ۾ ”ماٺ ڪر“ حڪم جي معنى ڏيکاري ٿو. ٻئي جملي ۾ پاڻي پيار، منت جي معنا ڏيکاري ٿو. ٽئين جملي ۾ سکيو رهين، دعا جي معنا ڏيکاري ٿو. ۽ چوٿين جملي ۾ نه مار نفي ۽ انڪار جي معنى ڏيکاري ٿو. ان ڪري چئبو ته امر ، اهو لفظ آهي، جيڪو جملي ۾ حڪم، عرض، منت ۽ انڪار جي معنى ڏيکاري.
امر جا قسم
امر جا چار قسم آهن.
1- امُر حال واحد:
جملي ۾ ڪنهن به هڪ اسم يا ضمير کي، هلندڙ وقت ۾ امر ڪيل هجي.
مثال:- سبق پڙهه، پئسو ڏي، هوڏانهن وڃ، ماني کاءُ، وغيره.
2- امرحال جمع:
جملي ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ اسمن يا ضميرن کي امر ڪيل هجي.
مثال:- سبق پڙهو، پئسا ڏيو، هوڏانهن وڃو، ماني کائو.
ٺاهڻ جو قاعدو:
امر حال واحد پٺيان، ”او“ اچار ڪڍڻ سان امر حال جمع ٺهي ٿو.
مثال: لک+ او= لکو- پڙهه+ او= پڙهو- ڏي+ او= ڏيو- کاءُ+ او= کائو.
3- امُر استقبال واحد:
جملي ۾، ڪنهن به هڪ اسم يا ضمير کي ايندڙ وقت ۾ ڪنهن ڪم لاءِ امر ڪيل هجي.
مثال: سبق پڙهج، پئسا ڏج، هوڏانهن وڃج، ماني کائج.
4- امر استقبال جمع:
جملي ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ، اسمن يا ضميرن کي، ايندڙ وقت ۾ ، ڪنهن ڪم لاءِ امر ڪيل هجي.
مثال: سبق پڙهجو، پئسا ڏجو، هوڏانهن وڃجو، ماني کائجو.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي امر حال واحد پٺيان، ‘او’ جو اچار ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
پڙهج او= پڙهجو- ڏج+ او= ڏجو
وڃج+ او= وڃجو – کائج+ او= کائجو.
نوٽ: امر استقبال کي امر ديونيو، امر نيازي ۽ امرتمنا به چئبو آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ هيٺين چارٽ تي نظر ڪريو.
امر استقبال واحد ٺاهڻ جو طريقو:
هي امرحال واحد پٺيان اِج اچار ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال: پڙهه+ اج= پڙهج- ڏي+ اج= ڏج يا ڏيج- وڃ+ اِج=
وڃج – کاءَ +اِج= کائج.
امر استقبال:
امر حال امر استقبال امر نيازي امر تمنا امر نفي
واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع
پڙهه پڙهو پُڙهج پڙهجو پڙهج پڙهجو پڙهجان پڙهجو نه پڙهج نه پڙهجو
وڃ وڃو وڃج وڃجو وڃج وڃجو وڃجائين وڃجو نه وڃج نه وڃجو
ڏي ڏيو ڏج ڏيجو ڏج ڏيجو ڏجائين ڏيجو نه ڏج نه ڏجو
کاءُ کائو کائج کائجو کائج کائجو کائجائين کائجو نه کائج نه کائجو
مشق
1- امر ڇاکي چئجي؟
2- امر حال واحد ۽ امر حال جمع ۾ ڪھڙو فرق آهي؟
3- امر استقبال واحد جي وصف ٻڌايو؟
4- امر استقبال جمع ڪيئن ٺهندو آهي؟
5- هيٺين جملن مان امرحال واحد، امرحال جمع، امر استقبال واحد ۽ امر استقبال جمع چونڊيو.
1- هيڪر اچجائين پوءِ موٽي وڃجائين.
2- منهنجا ڪپڙا ڌوءِ ۽ استري ڪج.
3- پنهنجا پيڪا نه وسار.
4- بيت نه ڀائنج ماڻهئان، ايءَ آيتون آهين.
5- ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائج.
6- الله لڳ اڏام تون موٽي محبوبن ڏي
7- وڃي ڏيج پرين کي هن پاڇي جا پيغام
8- بت منهنجو بند ۾ قيد مَ ڪريجاهه
9- منهنجي ڳالهه ٻڌجو ۽ ڌيان ڌرجو.
10- وساريج مَ ورکي ، پئج مَ، مُنڌ مري.
فعل وارا اسم
اهي لفظ، جيڪي فعل جي پاڙ يا بنياد مان نڪرن ٿا، تن کي مشتق يا ڪردنت چيو وڃي ٿو . زمان شروع ڪرڻ کان اڳ هن جو سمجهڻ ضروري آهي ڇو ته سڀ زمان انهن مان ئي نڪرن ٿا.
1- اسم مصدر:
اسم جي معنى نالو آهي. صرف شئي، جاءِ، ساهواري يا ڪنهن خاصيت ۽ حالت جو نالو نه هوندو آهي، پر ڪنهن خاص ڪم جو نالو به هوندو آهي. هن کي سمجهڻ لاءِ،هيٺين جملن کي غور سان پڙهو.
1- صبح جو گھمڻ صحت لاءِ ضروري آهي.
2- ڪچي ۾، ننڍڙن ٻارن کي ترڻ سيکاربو آهي.
3- ٻار کي، گهڻو مارڻ چڱو نه آهي.
4- هو ڳالهائڻ سکيو آهي.
مٿين جملن ۾ گھمڻ، ترڻ، مارڻ ۽ ڳالھائڻ ڪمن جا خاص نالا آهن ان ڪري اسم آهن ۽ سندن بنياد گهم، تر، مار ۽ ڳالهاءِ فعل آهن. اهوئي سبب آهي جو اهڙن لفظن کي گرامر ۾ اسم مصدر چئجي ٿو.
2- ٺاهڻ جو قاعدو:
امُر حال واحد پٺيان ‘اڻ’ آواز ۽ ‘ڻ’ اکر ملائڻ سان اسم مصدر ٺهي ٿو.
مثال:
گهم+ ڻ= گھمڻ- پڙهه+ ڻ= پڙهڻ- ڏي+ ڻ= ڏيڻ- وڃ+ ڻ= وڃڻ- کاءُ+ ڻ= کائڻ.
مشق
1- اسم مصدر ڇاکي چئجي؟
2- اسم مصدر ڪيئن ٺهي ٿو؟
3- اسم مصدر جا ڪي به پنج مثال ڏيو.
4- هيٺين جملن مان اسم مصدر چونڊيو.
1) پڙهڻ-ترڻ-تير هڻڻ چوٿين سواري
2) ننڍي هوندي نه سکيو ته وڏي هوندي خواري.
3) هو باغ ۾ هوا کائڻ ويو.
4) تنهنجو هلڻ منهنجي لاءِ ڪارائتو آهي.
5) منهنجي ڦُرائڻ ۾ تنهنجو هٿ آهي.
6) هي ٻارڻ تنهنجو ئي ٻاريل آهي.
7) لغڙ اڏارڻ جو کائتو ڪم آهي.
8) ملھه وڙهڻ سنڌ جي ثقافت آهي.
9) شام جو کيڏڻ چڱو آهي.
فعل جو اسم وارو ڪارج
اهڙي قسم جا لفظ، جن جو بنياد فعل هجي پر جملي ۾، اسم يا صفت ٿي ڪم اچن، تن کي اسم فعل يا فعل جو اسم وارو ڪارج چئبو آهي.
مثال:
1- ايندو سڀڪو ڏسي، ويندو ڪوبه نه ڏسي.
2- لهندڙ سج، وڌندڙ پاڇا.
مٿين جملن ۾، پهرئين سٽ ۾ ايندو ۽ ويندو الفاظ، بنياد فعل اچ ۽ وڃ مان نڪتل آهن پر هت اسم ٿي ڪم آيل آهن، ان ڪري اهي الفاظ اسم فعل آهن.
ٻي سٽ ۾ لهندڙ ۽ وڌندڙ، بنيادي فعل لَهه ۽ وَڌُ مان نڪتل آهن، پر هت صفت ٿي ڪم آيا آهن ان ڪري اسم فعل آهن.
اسم فعل جا قسم:
اسم فعل جا 4 قسم آهن.
(الف) اسم فاعل:
فعل جي اها صورت، جيڪا فاعل جو مفھوم ظاهر ڪري. اهو لفظ جملي ۾ اسم ۽ صفت ٿي ڪم ايندو آهي.
مثال:
لکندڙ انگ ايئن ئي لکبو.
هلڻهارا هليا ئي ويندا.
ڪينجهر جي هوا وڻندڙ آهي.
وهندڙ ڍور کي نه مار.
مٿين جملن ۾ پهرئين ۽ ٻي سٽن ۾لکندڙ، لک فعل مان ۽ هلڻهارا ۽ هل فعل مان نڪتل آهن ۽ هنن جملن ۾ اسم ٿي ڪم آيا آهن ۽ فاعل جو مفهوم ظاهر ڪن ٿا، ان ڪري اهي لفظ اسم فاعل آهن.
ٽين ۽چوٿين سٽ ۾ وڻندڙ، وڻ فعل ۽ وهندڙ وهه فعل مان نڪتل آهن ۽ هت هوا ۽ ڍور جي صفت ڪن ٿا، ان ڪري اهي لفظ اسم فاعل آهن.
ٺاهڻ جو قاعدو:
جنهن امر حال واحد واري لفظ جي پٺيان پيش ”اُ“ هوندي ته ان جي پٺيان ”ندڙ“ ۽ جنهن امر جي پڇاڙي واري اکر پٺيان زير ”اِ“ هوندي ته ان جي پٺيان ”يندڙ“ ملائڻ سان اسم فاعل ٺهي ٿو.
مثال:
پڙههُ پڙهندڙ – ڏي ڏيندڙ- وَڃِ ويندڙ- کاءِ کائيندڙ- مَارِ ماريندڙ
ڪي اسم فاعل بي قاعدي به آهن.
مثال: گهورو- ٽوٻو- ڳائڻو-واڍو-رهاڪو-پياڪ-ويڪائو-هيراڪ-جهيڙاڪ-وغيره.
(ب) اسم مفعول:
اهي لفظ جن جو بنياد فعل هجي پر جملي ۾ اسم سان لاڳاپو ظاهر ڪن ۽ ڏيکارين ته ان تي ڪو ڪم ٿيو آهي. اسم مفعول اسم فاعل وانگر ڪڏهن اسم ته ڪڏهن صفت ٿي جملي ۾ ڪم ايندو آهي.
مثال:
1- پنهنجو لکيو تو نه پڙهيو.
2- تنهنجو کٽيو گهوريو.
3- اٿيل اک ۾ دارون وجهه
4- پڪل انب کاءُ.
مٿين جملن ۾ پهرئين ۽ ٻي سٽ ۾ لکيو ۽ کٽيو، لک ۽ کٽ بنيادي فعلن مان نڪتل آهن ۽ جملن ۾ اسم ٿي ڪم آيا آهن. ٽئين ۽ چوٿين سٽن ۾ اٿيل ۽ پڪل اٿ ۽ ”پچ“ بنيادي فعلن مان نڪتل آهن ۽ جملن ۾ صفت ٿي ڪم آيا آهن.
ٺاهڻ جو قاعدو:
امر حال واحد پٺيان ”يو“ ۽ ”يل“ گڏڻ سان اسم مفعول ٺهندو آهي.
مثال:
پڙهه= پڙهيل-پڙهيو
لک =لکيل- لکيو
اٿ= اٿيل- اٿيو.
ڪي بي قاعدي اسم مفعول به آهن. مثال: اڀاميل- ٻڏو-لڪو-پيتو-ڊاٺو-مئو- وغيره.
(ث) اسم استقبال:
اهي لفظ، جن جو بنياد فعل هجي. پر جملي ۾ صفت ۽ اسم ٿي ڪم اچن ۽ ڏيکارين ته ڪم ايندڙ وقت ۾ٿيندو.
مثال:
مونکي امتحان ڏيڻو آهي.
هن کي اڄ اچڻو آهي.
روئڻي ٻار کي پرچاءِ.
مارڻي ڍڳي کان پري ڀڄ.
هنن جملن ۾ ڏيئو ڏي فعل مان، اچڻو اچ فعل مان نڪتل آهن پر هت اسم ٿي ڪم آيا آهن ۽ پوئين ٻن جملن ۾ رُئڻو روءَ فعل مان ۽ وڙهڻو وڙهه فعل مان نڪتل آهن پر هت صفت ٿي ڪم آيا آهن، ان ڪري اسم استقبال جا الفاظ آهن.
ٺاهڻ جو قاعدو:
امر حال واحد پٺيان ”ڻو“ ملائڻ سان اسم استقبال ٺهي ٿو.
مثال: پڙهه- پڙهڻو- ڏي- ڏيڻو – وڃ- وڃڻو-کاءُ-کائڻو وغيره.
(د) اسم حاليه:
اهو لفظ جنهن جو بنياد فعل وارا لفظ هجن پر جملي ۾ اسم سان لاڳو ٿي، ظاهر ڪري ته فاعل هڪ ڪم کي هلندي، ٻئي ڪم کي به پورو ڪري ٿو.
مثال: انور ڪاٺيون ڪندو گهر آيو.
هن جملي ۾ انور فاعل هڪئي وقت ٻه ڪم، ”ڪاٺيون ڪرڻ“ ۽ ”گهر اچڻ“ جا ڪري ٿو، ان ڪري ڪندو اسم حاليه آهي، جيڪو ”ڪر“ فعل جو بنيادي لفظ آهي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي امر حال واحد پٺيان جي پيش ”اُ“ ڏنل هوندي ته ”نندو“ ملائڻ سان ۽ جيڪڏهن امرحال واحد پٺيان ”زير اِ هوندي ته . ”يندو“ ملائڻ سان ٺهندو آهي.
مثال:
پڙهه= پڙهندو- ڏي- ڏيندو-وڃ-ويندو.
کاءُ= کائيندو-ساڙ-ساڙيندو-ساڙيندي.
مشق
1- اسم فعل ڇاکي چئجي؟
2- اسم فعل جا پنج مثال ڏيو؟
3- اسم فاعل ٺاهڻ جو طريقو ٻڌايو؟
4- اسم مفعول جا پنج مثال ڏيو؟
5- اسم استقبال ڇاکي چئجي؟
6- اسم حاليه ڪيئن ٺهندو آهي.
7- هيٺين جملن مان اسم فعل، اسم فاعل، اسم مفعول ۽ استقبال ۽ اسم حاليه چونڊيو.
1) وٽ سوريندي وِلها ويو تيل ٻري.
2) آءُ تو وٽان ٿيندو گهر ويندس.
3) اڄ پڙهيل لکيل ماڻهو به ڪونه ٿو سمجهي.
4) سڙيل صوف ۽ داغيل انب نه کاءُ.
5) لڌل ڇوڪر ڪنهنجو هو؟
6) نچڻو ٻار ڏس.
7) ڇرڪڻو ٻار مُرڪڻو جوان.
8) عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهن گهڻو،
9) ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ.
10) ماريندڙ کان بچائيندڙ ويجهو آهي.
11) کٽائو پٽ پيارا آهن.
12) ٽڪر آخر ٽڪڻو پوندو.
13) چٻندي چڻا، ڏينڀو ڏٺئه ڏار ۾.
14) سا پروڙج ڳالهڙي وڻجارن وٽان.
15) محبت سندو من ۾،ماڻڪ ٻارج مچ
16) جي ماسو مليئي مال، ته پوڄارا پر ٿئين
17) پاڻيٺ جي پرکڻا وياسي وينجھار
18) ويٺو پني پنڻو، ڪر ميرو مٿي پاکڙو
اسم عطفيہ
عطفيہ عطف مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي ملائڻ يا ڳنڍڻ. جملي جا اهڙا لفظ جن جو بنياد فعل هجي پر جملي ۾ ڳنڍيندڙ هجن اهڙن لفظن کي اسم عطفيہ يا ماضي معطوفي چئجي ٿو. هيئن به چيو وڃي ٿو ته فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل هڪ ڪم کي پورو ڪري پوءِ ٻيو شروع ڪيو آهي.
مثال: ڇوڪر ماني کائي اسڪول ويو.
هن جملي ۾ کائي لفظ جو بنياد کاءُ فعل آهي ۽ هت ڳنڍڻ جو ڪم ڪري ٿو ان ڪري کائي اسم عطفيه ٿيندو. عربي صرف نحو ۽ وياڪرڻن ۾ اسم عطفيه کي ماضي معطوفي به چيو وڃي ٿو.
ٺاهڻ جو قاعدو:
(1) جنهن امر حال واحد جي پڇاڙي ۾ پيش هوندو ته انجي پٺيان”اِي“ زير جو اچار ملائڻ سان اسم عطفيه ٺهندو.
جيئن ته: لِکُ لِکي- کاءُ- کائي.
(2) جنهن امرحال واحد جي پڇاڙي ۾ زير هوندي ته انجي پٺيان اي زبر جو اچار ملائبو.
جيئن ته: مارِ- ماري- پورِ- پوري.
(3) ڪڏهن ڪڏهن امرحال واحد پٺيان ”يو“ يا ”يون“ گڏڻ سان به ٺهي ٿو.
لک+ يو= لکيو يا لک+ يون= لکيون.
وَٺ+ يو= ويٺو يا وٺ+ يون= وٺيون.
ٽُڪ+ يو= ٽڪيون يا ٽڪ+ يون= ٽُڪيون.
پائي+ يو= پائيو يا پائي+ يون= پائيون. وغيره.
مشق
1- اسم عطفيه ڇاکي چئجي؟
2- اسم عطفيه ٺاهڻ جو طريقو ٻڌايو؟
3- اسم عطفيه جا ڪي به پنج مثال ڏيو.
4- هيٺين جملن مان اسم عطفيه جا لفظ چونڊيو.
الف: نوڪر صفائي ڪري گهر ويو.
ب: هو ڀاڄي ورتيون هيڏانهن گهر ويو.
ث: ڪوئا اچيو ڪپڙا ٽڪيو چٽ ڪيو وڃن.
ج: ڪتو ٻلي کي ماري ڀڄي ويو.
د: دري منجهارون دوست ڏٺوسون.
لالڻ ليئڙو پائي هليو ويو.
ذ: وٺيو وڃج واٽ- ڪنڌ مَ ڦيرج ڪڏهن.
زمان
زمان جي معنى آهي، وقت يا مهل. يعني فاعل جيڪو به ڪم ڪري ٿو اهو ڪنهن مخصوص وقت ۾ ڪري ٿو ۽ ان ڪم جو وقت يا مهل، جيڪو لفظ ڏيکاري ان کي فعل جو زمان سڏيو وڃي ٿو.
سنڌي ٻولي ۾، بنيادي طرح فعل جا ٽي زمان آهن. پهريون مؤجوده يا هلندڙ وقت، جنهن کي زمان حال چئبو آهي. ٻيو زمان ماضي جيڪو گذريل وقت جي معنى ڏيکاري ٿو. ٽيون زمان مستقبل جيڪو ايندڙ وقت جي معنى ڏيکاري ٿو. اهڙي طرح مکيه ٽي زمان آهن ۽ هر زمان جا ڌار ڌار قسم آهن. اهڙيءَ طرح تيرهن زمان آهن. هت زمانن کي سمجهائڻ لاءِ چارٽ ڏجي ٿو.
1- زمان مضارع:
مضارع جي معنى آهي ٻن جو پاڻ ۾ ڀائيوار يا شريڪ ٿيڻ. فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته، فاعل ڪنهن ڪم کي هلندڙ يا ايندڙ وقت ۾ ڪرڻ جي اميد ڏيکاري ٿو.
مثال: مان پڙهان- مان ڏيان- مان وڃان- مان کايان.
ٺاهڻ جو قاعدو:
زمان مضارع، امر حال واحد پٺيان ”آن“ يا ”يان“ ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
پڙهه+ آن= پڙهان.
وڃ+ آن= وڃان
ڏي+ آن= ڏيان.
کاءُ+ يان= کائيان- کايان
ڪرِ+ يان= ڪرِيان. وغيره.
زمان مضارع جو ڦيرو:
مان پڙهان- اسين پڙهون- تون پڙهين-توهين پڙهو- هو/هي پڙهي- اهي پڙهن.
زمان حال
زمان حال کي سمجھڻ لاءِ هيٺيان جملا غور سان پڙهو.
(1) مان سبق پڙهان ٿو. (2) اشفاق خيرات ڏي ٿو.
(3) زينت اسڪول وڃي ٿي. (4) الطاف ماني کائي ٿو.
هنن جملن کي پڙهڻ سان، خبر پوندي ته مان ضمير سبق پڙهڻ جو ڪم، اشفاق خيرات ڏيڻ جو ڪم، زينت اسڪول وڃڻ جو ڪم ۽ الطاف ماني کائڻ جو ڪم هلندڙ ۾ وقت ڪن ٿا. ان ڪري پڙهان ٿو، ڏي ٿو، وڃي ٿي ۽ کائي ٿو فعلن جو زمان، زمان حال ٿيندو. يعني هلندڙ وقت جو ڪم. ان ڪري چئبو ته فعل جي اها صورت، جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم هلندڙ وقت ۾ ڪري ٿو ته ان کي زمان حال چئبو آهي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
زمان حال ٺاهڻ لاءِ زمان مضارع پٺيان ٿو يا ٿي ملائڻو آهي.
مثال: پڙهان + ٿو= پڙهان ٿو.
ڏي + ٿو= ڏيان ٿو/ڏي ٿو.
وڃ/وڃي + ٿي= وڃي ٿي/وڃان ٿو.
کاءُ/ کائي + ٿي= کائي ٿي/کايان ٿو.
زمان حال جو ڦيرو:
مان پڙهان ٿو- اسين پڙهو ٿا. تون پڙهين ٿو. توهين پڙهو ٿا. هي پڙهي ٿو. هو پڙهي ٿو. هي پڙهي ٿي. هوءَ پڙهي ٿي. اهي پڙهن ٿا. اهي پڙهن ٿيون.
زمان حال جا قسم:
زمان حال جا ٻه قسم آهن.
(الف) زمان حال استمراري:
فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم هلندڙ وقت ۾ جاري رکي ٿو. استمراري جي معنى آهي جاري يا هلندڙ.
مثال: اشفاق خط لکي پيو.
هن جملي ۾، اشفاق خط لکڻ جو ڪم،هلندڙ وقت ۾ جاري رکيو ٿو اچي- ان ڪري لکي پيو فعل جو زمان، زمان حال استمراري ٿيندو.
پيو/پئي/پيا ملائڻ سان زمان حال استمراري ٺھي ٿو.
مثال:
پڙهان+ پيو= پڙهان پيو.
وڃان+ پيو= وڃان پيو.
کايان+ پئي= کايان پئي.
زمان حال استمراري جو ڦيرو:
مان پڙهان پيو- اسين پڙهون پيا- تون پڙهين پيو-توهين پڙهو پيا-هو پڙهي پيو-هي پڙهي پيو-هوءَ پڙهي پيئي- هيءَ پڙهي پيئي –اهي پڙهن پيا-اهي پڙهن پيون.
نوٽ: سنڌي ٻولي ۾ ڪڏهن ڪڏهن زمان حال استمراري پيو، پئي يا پيا بدران هن صورت ۾ به استعمال ٿيندو آهي.
مان پڙهي رهيو آهيان - اسين پڙهي رهيا آهيون.
تون پڙهي رهيو آهين - توهين پڙهي رهيا آهيو.
هو پڙهي رهيو آهي - هي پڙهي رهيو آهي.
هوءَ پڙهي رهي آهي - اِهي پڙهي رهيون آهن.
اُهي پڙهي رهيا آهن - اُهي پڙهي رهيون آهن.
(ب) زمان حال مدامي:
مدام جي معنى آهي هميشھ يا سدائين. فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم هميشھ يا سدائين، ڪندو رهي ٿو.
مثال: مان پڙهندو آهيان- اشفاق لکندو آهي.
هنن جملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته فاعل پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم سدائين ڪندو رهي ٿو، ان ڪري پڙهندو آهيان ۽ لکندو آهي جي فعلن جو زمان ”زمان حال مدامي“ آهي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي اسم حاليه پٺيان آهي، آهيان، آهيون ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
پڙهندو + آهيان = پڙهندو آهيان
ڏيندو + آهي = ڏيندو آهي.
ويندا + آهيون = ويندا آهيون.
کائيندي + آهي = کائيندي آهي.
زمان حال مدامي جو ڦيرو:
مان پڙهندو آهيان- اسين پڙهندا آهيون-تون پڙهندو آهين- توهين پڙهندا آهيو- هي پڙهندو آهي- هو پڙهندو آهي- هي پڙهندي آهي-هوءَ پڙهندي آهي-اهي پڙهندا آهن-اُهي پڙهنديون آهن.
(ث) زمان حال متشڪي:
متشڪي شڪ يا گمان مان نڪتل آهي. فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل پنهنجي موجوده وقت ۾ ڪيل ڪم ۾، شڪ يا گمان ڏيکاري ٿو.
مثال: اشفاق پڙهندو هوندو-
مان خيرات ڏيندو هوندس-
مٿين جملن ۾ اشفاق فاعل جي پڙهڻ واري ڪم ۾ ۽ فاعل مان ضمير جي خيرات ڏيڻ واري ڪم ۾ شڪ ڏيکاريل آهي، ان ڪري پڙهندو ۽ ڏيندو هوندس فعل جا زمان، زمان حال متشڪي ٿيندا.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان، اسم حاليه پٺيان هوندو، هوندس، هونداسين يا زمان مضارع جو هجان ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال: پڙهندو + هوندس = پڙهندو هوندس
ڏيندو + هجان = ڏيندو هجان. وغيره.
زمان حال متشڪي جو ڦيرو:
مان پڙهندو هوندس- اسين پڙهندا هونداسين- تون پڙهندو هوندين-توهين پڙهندا هوندا- هي پڙهندو هوندو- هو پڙهندو هوندو- هي پڙهندي هوندي- هوءَ پڙهندي هوندي-اُهي پڙهندا هوندا-اُهي پڙهنديون هونديون.
مثال:
مان پڙهندو هجان-
اسين پڙهندا هجون-
تون پڙهندو هجين-
توهين پڙهندا هجو-
هي پڙهندو هجي-
هو پڙهندو هجي-
هيءَ پڙهندي هجي-
هوءَ پڙهندي هجي-
اُهي پڙهندا هجن-
اُهي پڙهنديون هجن.
زمان ماضي
مثال:
مون خط لکيو-
مون خط لکيو آهي-
مون خط لکيو هو-
مون خط لکيو پئي-
مون خط لکيو هوندو- وغيره.
زمان ماضي جا قسم:
زمان ماضي جا اٺ قسم آهن.
(الف) زمان ماضي مطلق:
فعل جي اها صورت، جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم گذريل وقت ۾ ڪيو. مطلق جي معنى به آهي بنهه گذريل وقت.
مثال: مون سبق پڙهيو- اشفاق گهر ويو. وغيره.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي امر حال واحد پٺيان ”يو“ ۽ ”يا“ ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
پڙهه + يو = پڙهيو-
وڃ + يو = ويو-
ڏي + يو = ڏيو/ڏنو-
کاءُ + يو = کايو. وغيره.
زمان ماضي جو ڦيرو:
مان پڙهيو- اسين/اسان پڙهيو- تو/تون پڙهيو. توهين پڙهيو – هي پڙهيو- هُن پڙهيو-هن (مونث) پڙهيو- هُنن پڙهيو- هِنن (مونث) پڙهيو.
(ب) زمان ماضي استمراري:
استمراري جي معنى آهي هلندڙ يا جاري. فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل ڪنهن ڪم کي گذريل وقت دير تائين جاري رکيو آهي.
مثال: مون سبق پڙهيو پئي- مون خط لکيو ٿي.
اتر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿو پيو به ڪم آڻبو آهي، مثال مون خط لکيو ٿي پئي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان اسم مفعول پٺيان پئي، پيو ۽ پيا. ملائڻ سان ٺهندو آهي.
مثال:
پڙهيو + پئي= پڙهيو پئي.
لکيو + پئي= لکيو پئي.
ڊوڙيو + پئي= ڊوڙيو پئي.
زمان ماضي استمراري جو گردان:
مان پڙهيو پئي-اسين پڙهيو پئي-تو پڙهيو پئي-توهين پڙهيو پئي-هِنن پڙهيو پئي-هُن پڙهيو پئي-هِن پڙهيو پئي-هُن پڙهيو پئي-هُنن پڙهيو پئي-هِنن پڙهيو پئي.
ڪڏهن ڪڏهن ”ويٺي“ لفظ به استعمال ٿيندو آهي.
مثال:
مان پڙهيو ويٺي.
اسين پڙهيو ويٺي.
تو پڙهيو ويٺي.
توهين پڙهيو ويٺي.
هُن پڙهيو ويٺي.
هِن پڙهيو ويٺي.
هُن پڙهيو ويٺي.
هُنن پڙهيو ويٺي.
هِنن پڙهيو ويٺي.
(ث) زمان ماضي مدامي:
مُدام، معنى هميشھ- روزانو-فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته، فاعل ڪو ڪم، گذريل وقت ۾ هميشھ يا روزانو ڪندو هو.
مثال:
مان سبق پڙهندو هوس-هو لکندو هو.
هي زمان، عادت، رواج ۽ قانون جي معنى به ڏيکاريندو آهي.
مثال: اڳي جيڪو چوري ڪندو هو، ان جا هٿ وڍيندا هئا.
هن جملي ۾ ڪندو هو ۽ ويندا هئا زمان ماضي مدامي جا لَفظ آهن.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان اسم حاليه پٺيان هو، هو س يا هيس گڏڻ سان ٺھي ٿو .
مثال:
لکندو + هو= لکندو هو.
پڙهندو + هوس= پڙهندو هوس.
پچائيندي+ هيس= پچائيندي هيس.
زمان ماضي مدامي جو ڦيرو:
مان پڙهندو هوس- اسين پڙهندا هئاسين- تون پڙهندو هئين- توهين پڙهندا هئا- هيءَ پڙهندو هو- هيءَ پڙهندي هئي- هو پڙهندو هو- هوءَ پڙهندي هئي- اُهي پڙهندا هئا- اِهي پڙهنديون هيون.
(ج) زمان ماضي قريب:
قريب معنى ويجهو- فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل کي گذريل وقت ۾، ڪو ڪم پورو ڪئي ٿورو وقت ٿيو آهي.
مثال:
مون خط لکيو آهي.
زينت ماني پچائي آهي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان اسم مفعول پٺيان ”آهي“ گڏڻ سان ٺهندو آهي.
مثال:
پڙهيو+ آهي = پڙهيو آهي.
لکيو + آهي = لکيو آهي.
ڊوڙيو+ آهي = ڊوڙيو آهي. وغيره.
زمان ماضي قريب جو گردان:
مان لکيو آهي-اسين لکيو آهي- تو لکيو آهي- توهين لکيو آهي- هِن لکيو آهي- هُن لکيو آهي- هِنن لکيو آهي- هُنن لکيو آهي.
(د) زمان ماضي بعيد:
بعد معنى پوءِ. ۽ بعيد معنى پري يعني فعل جي اها صورت، جا ڏيکاري ته فاعل کي، گذريل وقت ۾، ڪو ڪم پورو ڪئي، گهڻو عرصو ٿيو آهي.
مثال:
مون خط لکيو هو.
زينت ماني پچائي هئي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
ماضي بعيد، اسم مفعول پٺيان ”هو“ يا ”هوس“ يا ”هئا“ ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
پڙهيو+ هو = پڙهيو هو.
لکيو + هوس = لکيو هوس
کيڏيا+ هئا = کيڏيا هئا.
زمان ماضي بعيد جو ڦيرو:
مون لکيو هو-اسين لکيو هو-تو لکيو هو-توهين لکيو هو-هُن لکيو هو-هِن لکيو هو-هُنن (مونث) لکيو هو-هِنن لکيو هو.
(ح) زمان ماضي متشڪي:
متشڪي، شڪ مان نڪتل آهي. يعني جنهن ۾ جملي ۾ پڪ نه هجي. فعل جي اها صورت، جا ڏيکاري ته ، فاعل جي گذريل وقت ۾ ڪنهن به ڪيل ڪم ۾ شڪ آهي.
مثال:
اشفاق خط لکيو هوندو.
زينت ماني پچائي هوندي.
الطاف ڪراچي ويو هجي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان، اسم مفعول پٺيان هوندو يا هجي گڏڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
پڙهيو+ هوندو = پڙهيو هوندو
لکيو + هجي = لکيو هجي
کيڏيو+ هوندو = کيڏيو هوندو.
زمان ماضي متشڪي جو ڦيرو:
مون لکيو هوندو-اسين لکيو هوندو-تو لکيو هوندو-توهين لکيو هوندو-هُن لکيو هوندو- هِن لکيو هوندُو-هِنن (مونث) لکيو هوندو- هُن (مونث) لکيو هوندو-هنن لکيو هوندو-هُننَ (مونث) لکيو هوندو. مؤنث ۾ گهڻو ڪري هونديس ڪم ايندو آهي.
مثال: مان ڊوڙي هونديس.
(خ) زمان ماضي شرطيه:
شرطيه معنى شرط وارو. يعني فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل گذريل وقت ۾ ڪنهن ڪم کي پوري ڪرڻ ۾ شرط رکيو هو.
مثال:
مان اسڪول وڃان ها جي کليل هجي ها.
يعني مان فاعل اسڪول وڃڻ جو ڪم تڏهن ڪري ها جڏهن اسڪول کلڻ وارو شرط پورو ٿيل هجي ها.
ٺاهڻ جو قاعدو:
زمان ماضي شرطيه زمان مضارع پٺيان ”ها“ لفظ گڏڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
لکان+ ها = لکان ها
وڃان+ ها = وڃان ها
کيڏان+ ها= کيڏان ها.
ماضي شرطيه جو ڦيرو
مان لکان ها-اسين لکون ها-تون لکين ها-توهين لکو ها- هو لکي ها-هي لکي ها-هوءَ (مونث) لکي ها-هيءَ (مؤنث) لکي ها-اهي لکن ها-اُهي (مونث) لکن ها.
زمان مستقبل
مستقبل قبل لفظ مان نڪتل، آهي جنهن جي معنى آهي اڳيان. مستقبل جو به مطلب آهي ايندڙ يا آئينده وقت. فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم ايندڙ وقت ۾ ڪندو.
مثال: مان خط لکندس.
هن جملي ۾ مان فاعل خط لکڻ جو ڪم ايندڙ وقت ۾ ڪندو ان ڪري، لکندس فعل جو زمان مستقبل آهي.
ٺاهڻ جوقاعدو:
زمان مستقبل اسم حاليه پٺيان مختلف نشانين ملائڻ سان ٺهي ٿو. جن جي وضاحت هن ريت آهي.
لکندو+ سُ = لکندس
لکندي+ سَ = لکنديس (مونث)
لکنديون+ سين= لکنديوسين
لکندا+ سين = لکنداسين.
زمان مستقبل جو ڦيرو:
مان لکندس - اسين لکنداسين.
تون لکندين - توهين لکندا.
هو لکندو - هوءَ لکندي.
هي لکندو - هي لکندي.
اهي لکندا - اِهي لکنديون.
(الف) زمان مستقبل استمراري:
استمراري معنى جاري. فعل جي اها صورت ، جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم ايندڙ وقت ۾، گهڻي وقت تائين جاري رکندو.
مثال: مان خط لکنديس پيو.
هن جملي ۾ مان فاعل خط لکڻ جو ڪم ايندڙ وقت ۾ گهڻي دير تائين جاري رکڻ جي معنى ڏيکاري ٿو. ان ڪري لکندس پيو فعل جو زمان، زمان مستقبل استمراري ٿيندو.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان، زمان مستقبل پٺيان پيو، پئي ۽ پيا گڏڻ سان ٺهندو آهي.
مثال:
لکندس+ پيو = لکندس پيو.
لکنديس+ پئي = لکنديس پئي.
لکنداسين+ پيا = لکنداسين پيا.
زمان مستقبل استمراري جو ڦيرو:
مان لکندس پيو - اسين لکنداسين پيا.
تون لکندين پيو - توهين لکندا پيا.
هو لکندو پيو - هوءَ لکندي پيئي.
هي لکندو پيو - هيءَ لکندي پيئي.
اُهي لکندا پيا - اِهي لکنديون پيون.
مشق
1- زمان مضارع ڇاکي چئجي؟
2- زمان حال جا قسم ٻڌايو؟
3- زمان حال متشڪي ڪيئن ٺهي ٿو؟
4- زمان ماضي مطلق جي وصف ٻڌايو؟
5- زمان ماضي مدامي ڪيئن ٺهندو آهي؟
6- زمان ماضي قريب ۽ زمان ماضي بعيد ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
7- زمان ماضي شرطيه ۽ زمان ماضي متشڪي ڪيئن ٺهندا آهن؟
8- زمان مستقبل استمراري مثالن سان سمجهايو؟
9- هيٺين ڏنل ٽڪرن ۽ شعرن مان فعل چونڊي انهن جا زمان ٻڌايو؟
1) ٽيون سبب بادشاهي جي بربادي جو هي آهي، قوم ۽ ملڪ مان بهادري جون وصفون نڪري وينديون. جهنگ جهر ۾ قسمين قسمين سختين سهڻ جي طاقت قوم ۾ ڪانه رهندي. عيش ۽ آرام ملڪ کي مردار بنائي ڇڏيندو. جنهن ڪري اندرئي اندر،حڪومت جون پاڙون پيون پٽبيون ۽ لاچار سرڪار کي پاڻ سنڀالڻ لاءِ سرڪش قومن مان ڀرتي ڪري لشڪر ۽ فوج رکڻي پوندي ۽ سرڪار اهڙي طرح پيڙجي، آخر پوري ٿي ويندي.
2) جيڪڏهن هروڀرو، ڪجهه ناس ڪرڻو اٿيئي ته اوچي ڳاٽ وارين زبردست ۽ زور آور چوٽين کي تباهه ڪجائين. ڏسو ته سهي! ڪيئن نه ڌرتي ماتا اسان کي ڏسي بهار بهار پيئي ٿئي.
3) بُک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.“ حرام به حلال ٿيو پوي. ڪنهن ڪپ ڪڍيو، ڪنهن ماچيس ۽ ڪنهن وري ڪاٺي لاءِ اک ڦيرائي. ايتري ۾ ٺڪاءُ ٿيو. ڊوڙندا وڃون!
4) ڪٿي آهن منهنجا پٽڙا ته آسيس ڏيان.
5) ملڪن جاملڪ گهمندو رهيو ۽ عوام جي اصلاح جا آواز مٺي ۽ عام فهم زبان ۾ آلاپيندو رهيو. اهوئي سبب آهي جو لطيف جي من موهيندڙ شاعري، هر هڪ سنڌيءَ جي دل ۾ گهر ڪري ويئي آهي.
6) اڄ ڏسو ته ملڪ جي حالت چوڌاري ڇا ٿي ويئي آهي؟ آهي ڪا انسانيت هر هنڌ وٺ پڪڙ، ڦرمار لڳي پيئي آهي.
7) هڪ ڀيري، وتايو فقير ڪنهن پاسيري پيچري مان اڪيلي سر پئي ويو ۽سندس بوڇڻ جي پلاند ۾ هڪ ڪلدار روپيو ٻڌل هو. خيال آيس ته ، متان هن اڪيلي واٽ تي ڪو چور نه گڏجي وڃي جو نه رڳو کانئس روپيو ڦري پر هڻي ڦٽي به وجهي.
8) ڪڄاڙو ڪَهان توکي معلوم سڀڪا.
9) جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو.
10) پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾.
11) هندو مومن هڪ ٿيو، ڀول نه ڪنهن ٻئي ڀُل.
12) کيسن کي خرابي رسي، گربيون گتيون گپ ۾،
13) هرگز نه مليو ٿان کي ڪوٿان پٿورا.