الطاف شيخ ڪارنر

آل ابائوٽ سنگاپور

هي ڪتاب سنگاپور ويندڙ ماڻھن کي سنگاپور بابت ڪيترين ئي ڳالھين جي ڄاڻ مھيا ڪندو ۽ هن جو پڙهڻ دلچسپ ۽ معلوماتي ثابت ٿيندو.  سنگاپور بابت احوال الطاف شيخ جي ڪيترن ئي سفرنامن ۾ اچي چڪو آهي، پر ٽن ڪتابن ۾ (“آل ابائوٽ سنگاپور” ڪتاب سميت) سنگاپور جو تفصيلي احوال آهي. انهن مان پھريون ڪتاب “سنگاپور ويندي ويندي” 1985ع  ۾ ڇپيو، ان بعد “سنگاپور ٿو سڏي ڪري” ۽ هاڻ هي ٽيون ڪتاب “آل ابائوٽ سنگاپور” آهي. هي ٽئي ڪتاب هڪ ئي سيريز جو حصو بہ چئي سگهجن ٿا ته هر هڪ ڪتاب الڳ الڳ داستان بہ. 

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 36
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book آل ابائوٽ سنگاپور

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” آل ابائوٽ سنگاپور“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جي سنگاپور جي سفر تي مشتمل آھي.
هي ڪتاب سنگاپور ويندڙ ماڻھن کي سنگاپور بابت ڪيترين ئي ڳالھين جي ڄاڻ مھيا ڪندو ۽ هن جو پڙهڻ دلچسپ ۽ معلوماتي ثابت ٿيندو.  سنگاپور بابت احوال الطاف شيخ جي ڪيترن ئي سفرنامن ۾ اچي چڪو آهي، پر ٽن ڪتابن ۾ (“آل ابائوٽ سنگاپور” ڪتاب سميت) سنگاپور جو تفصيلي احوال آهي. انهن مان پھريون ڪتاب “سنگاپور ويندي ويندي” 1985ع  ۾ ڇپيو، ان بعد “سنگاپور ٿو سڏي ڪري” ۽ هاڻ هي ٽيون ڪتاب “آل ابائوٽ سنگاپور” آهي. هي ٽئي ڪتاب هڪ ئي سيريز جو حصو بہ چئي سگهجن ٿا ته هر هڪ ڪتاب الڳ الڳ داستان بہ. 
هي ڪتاب 2000ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد  پاران ڇپايو ويو.  ٿورائتا آھيون سائين الطاف شيخ جا جنھن ھي ڪتاب  نئين سر ڪمپوز ڪرائي  سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.
 
 
 
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب: تنوير عباسيءِ نالي

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي اوچتي وفات جو ٻڌي حيرت ٿي، ڏک ٿيو. هڪ ڏينهن هر هڪ کي هلڻوآهي. تنوير ننڍي عمر جو نه هو ۽ اهڙو جھور پوڙهو به نه هو. اڃا ڪجھه عرصو اڳ سندس ڀائٽي عبدالطيف (ڀٽائي) جي شادي تي ساڻس ملاقات ٿي هئي. بلڪل خوش باش هو. مون سندس جيئري ئي پنهنجو هڪ سفرنامو کيس منسوب ڪرڻ چاهيو ٿي پر اڄ جڏهن عرصي بعد منهنجو هي سفرنامو ڇپجي رهيو آهي ته هو اسان کان جدا ٿي چڪو آهي ۽ آئون ويٺو ڪالهه جو سوچيان، جڏهن منهنجي تنوير سان پهريون دفعو خيرپور ۾ ملاقات ٿي هئي.
ان “ڪالهوڪي” ڏينهن کي به هن وقت پورا چاليهه سال ٿي ويا، جڏهن 1960ع ۾ آئون ميٽرڪ ۾ پهتو هوس. اسڪول (ڪئڊٽ ڪاليج) کان سياري جي موڪل ٿيڻ تي ٻه چار ڏينهن ڳوٺ رهي پوءِ پنهنجي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ وٽ، هن جي ڳوٺ خيرپور ويس. منهنجي والد جي نوڪري به تن ڏينهن ۾ خير پور ۾ هئي. شوڪت جماڻيءَ بابت هڪ ڪتاب ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان ته هن کي ننڍي هوندي کان اهم ماڻهن سان ملڻ جو شوق هو پوءِ اهي کڻي عمر ۾ يا عهدي ۾ ڪيترو به وڏا هجن. انهن ڏينهن ۾ هن خيرپور جا ڪيترائي ماڻهو مون سان ملايا. هادي بخش لاڙڪ، نسيم کرل ۽ ڊاڪٽر تنوير پڻ انهن مان هئا. مون اڃا لکڻ شروع نه ڪيو هو پر پڙهڻ جو شوق هوم ۽ تنوير ۽ نسيم کرل جهڙن اديبن کي ڪتابن کان ٻاهر جيئرو جاڳندو ڏسي خوش ٿيو هوس.
ٻئي سال جي موڪل ۾ شوڪت مون کي خيرپور کان سکر وٺي آيو. ڊاڪٽر تنوير سان گڏ آيا هئاسين ۽ سکر سندس ڀاءُ اعجاز عباسيءَ جي گھر اچي رهياسين. سکر ۾ شيخ اياز، الطاف عباسي، رشيد ڀٽي ۽ غياث جوڻيجو سان به ملاقات ٿي ۽ هڪ ڏينهن رشيد ڀٽي سان گڏ پڪنڪ تي اروڙ پڻ هلياسين. انهن ڏينهن ۾ امر جليل جو افسانو “اروڙ جو مست” ڇپيو هو.
اڳتي هلي سامونڊي نوڪري ۾ به جڏهن جهاز ڪراچي ايندو هو ته انهن سينئر اديبن ۽ شاعرن سان خيرپور، سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي. تنوير عباسي سان هڪ ٻه دفعو انگلنڊ ۾ به ملاقات ٿي. انهن ڏينهن ۾ شوڪت ۽ تنوير مانچسٽر ۾ شوڪت جي ڀاءُ محمد علي وٽ اچي رهيا هئا جتي لعل جوڻيجو به رهندو هو. اسان جو جهاز لورپول بندرگاهه ۾ اچڻ تي شوڪت ۽ ڊاڪٽر تنوير مون وٽ جهاز تي اچي رهيا هئا ۽ موڪل واري ڏينهن آئون ۽ مون سان گڏ ان جهاز تي Sail ڪندڙ نيويگيشن آفيسر درٻيلي جو احمد حسين مخدوم پڻ مانچسٽر ۾ محمد عليءَ جي گھر هلي رهيا هئاسين. شايد انهن اديبن ۽ شاعرن سان ملڻ جلڻ ۽ انهن جون ڪچهريون ٻڌڻ ڪري اسان کي به لکڻ پڙهڻ جو شوق وڌيو. شوڪت جماڻيءَ لکڻ جهڙو ائڊوينچر نه ڪيو پر اڄ تائين هر مهل ۾ پنهنجن دلپسند شاعرن: تنوير عباسي ۽ شيخ اياز جا زباني ياد ڪيل شعر ٻڌائيندو رهي ٿو ۽ آخر تائين ٻنهي ڳوٺائين (شوڪت ۽ ڊاڪٽر تنوير) جي سٺي دوستي رهي.
ملائيشيا ۾ رهڻ دوران پڻ ڊاڪٽر تنوير هميشه ياد ايندو هو جو سندس ننڍو ڀاءُ ارشاد عباسي انهن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور جي سفارتخاني ۾ (جيڪو پوءِ هاءِ ڪميشن ٿيو) پريس اٽيچي ٿي آيو هو ۽ اهو ڪو هفتو خالي نه هوندو هو جو آئون هن وٽ ڪوالالمپور نه ويندو هوس يا هو مون وٽ ملاڪا نه ايندو هو. اتي ئي ارشاد جي وڏي ڀاءُ اي. اين. جي (عبدالنبي) عباسي ۽ سندس گھر جي ٻين ڀاتين سان ملاقات ٿي، جيڪي وقت بوقت ملائيشيا گھمڻ ايندا رهيا ٿي. اي. اين. جي عباسي صاحب سنڌ حڪومت ۾ ايس. ڪي بلوچ، عبدالوهاب شيخ ۽ ايڇ ايم ڏهر بعد ايريگيشن جو سيڪريٽري ٿي رهيو. ڊاڪٽر تنوير جي فئملي سنڌ جي شروعاتي چند پڙهيل ڳڙهيل فئملين مان آهي. سندن والد صاحب خانصاحب گل حسن خان عباسي آخري وقت خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر هو. سنڌ جون مشهور شخصيتون قاضي سچي ڏنو صاحب ۽ دادو جو اميد علي قريشي صاحب سندن سٺن دوستن مان هئا، جن جون ڳالهيون ملائيشيا ۾ ارشاد جي واتان ٻڌبيون هيون. ارشاد کي شعر بهڪيترن ئي شاعرن جا ياد هوندا هئا. خاص ڪري رشيد ڀٽي، شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ جا. هن وقت به سندس ٻڌايل تنوير جو هڪ شعر ڪنن ۾ ٻُري رهيو آهي:

موتيءَ جو جرڪو، ٻي ڳالهه.
اکڙين جو رتبو ٻي ڳالهه.
سمنڊ جي اوناهي ڀي سچ،
شاعر جو سينو ٻي ڳالهه.
پاريهر جي ڳٽ ڳٽ ۾،
تو بن جو ڌڌڪو ٻي ڳالهه.
جيڪوسوچيندو چوندو،
شاعر ڪيئن چوندو ٻي ڳالهه.
روح لئه جسم به آ پڃرو،
پڃري تي پڃرو ٻي ڳالهه.
روئو رت جا داغ ڏسي،
آهي رت ڪنهنجو ٻي ڳالهه.
سون سچو ڀي جرڪي ٿو،
مرڪڻ ماڻهوءَ جو ٻي ڳالهه.
چاندي سون چڱيون چيزون،
پر دل جو رايو ٻي ڳالهه.
آس ڏني آٿت تنوير،
درد ڏنو دڙڪو ٻي ڳالهه. . .

تنوير جو اصل نالو نور نبي عباسي آهي. پاڻ ستين ڊسمبر 1934ع تي ڳوٺ صوڀي ديري خيرپور ضلعي ۾ ڄائو. پاڻ پرائمي تعليم ساڌو هيرانند اڪيڊمي ڪراچي ۽ سيڪنڊري تعليم اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَمان پرائي. ڊاڪٽري جي ڊگري ايم بي بي ايس سن 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج (LMC) گمان حاصل ڪئي. پاڻ سرڪاري نوڪري ڪرڻ بدران سڄي ڄمار (چاليهه سال کن) پنهنجي ڪلينڪ هلائي. سندس زال قمر پڻ ڊاڪٽر آهي. کيس ٻه پٽ پارس ۽ سرمد ۽ ٻه ڌيئرون ربي ۽ ڊاڪٽر مارئي آهن.
تنوير کي ننڍي هوندي کان لکڻ، پڙهڻ ۽ شعر و شاعريءَ جو شوق هو. سندس 18 کن ڪتاب آهن جن مان پهريون “رڳو ٿيون رباب” جيڪو سندس شعرن جو مجموعو ان وقت سن 1958ع ۾ ڇپيو جڏهن پاڻ اڃا ميڊيڪل جي چوٿين سال جو شاگرد هو. سندس ٻيو مجموعو “شعر” 1970ع ۾ ڇپيو جنهن کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران سال جي بهترين شعري ڪتاب جو انعام مليو.
1974ع کان پوءِ وارن ڏينهن ۾، تنوير جا “شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اڀياس” (ٻه جلد)، “چئي تنوير”، “سچ تريءَ هيٺان” ، “هيءَ ڌرتي”،“ جي ماريا نه موت” ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترائي علمي ۽ ادبي مضمون ۽ مقالا ڇپيا. پاڻ جپاني طرز جي شاعري “هائڪو” تي ڪافي لکيو آهي. سندس ان شاعري بابت مون جپاني ادب تي لکيل ڪتاب “جپان رس” ۽ “ڳالهيون تنهن جپان جون” ۾ تنوير جي هائڪو شاعريءَ بابت لکيو آهي. سندس هڪ خوبصورت هائڪو آهي:

هي ٽشو پيپر
سرهو اڄ ڀي جنهن سان تو
اگھيو ڪالهه پگھر
تنوير جو هڪ ٻه ٻيو هائڪو هن ريت آهي:
ڏنئي ڪالهه چمي
اڄ به منهنجي ڳل تي
ان جي آهي نمي.

اندر آئي پاڻ
۽ مون کان ئي ٿي پڇي
ڇا جي آ سرهاڻ.
تنوير جو هڪ خوبصورت سفر نامو “ڏوري ڏوري ڏيهه” پڻ ڇپيو آهي. تنوير جي لکڻين جو پنهنجو انداز آهي، بقول نثار کوکر جي:
Tanveer Abbasi was simple, secular and sophisticated in thought and narration. He wrote on impulse and not on outer compulsion.
تنوير چئن سالن تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل رهيو. پاڻ سياسي ماڻهو نه هو پر سنڌي زبان کي قومي زبان جو درجو ڏيارڻ لاءِ هڪ لک صحيحون جمع ڪيائين. هيءُ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ لاءِ هڪ لفظ ڳالهائڻ به ڏوهه سمجهيو ويو ٿي. پاڻ 1979ع ۾ سکر ۽ خيرپور جي جيلن ۾ پڻ رهيو.
ڊاڪٽر تنوير، شاهه لطيف، سچل سرمست تي تمام گھڻو لکيو آهي پاڻ ٻن سالن لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو آنرري ڊائريڪٽر پڻ رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر تنوير جو شمار ملڪ جي بهترين جديد شاعرن ۽ روشن خيال دانشورن ۾ ٿئي ٿو. تنوير 25 نومبر 1999ع تي پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ اسان کان جدا ٿي ويو. بقول ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي “تنوير عباسي اميدن ۽ آسن جو شاعر هو.” هن نوجوانن ۾ ادب لاءِ اتساهه پيدا ڪيو. ادب جي سماجي ڪارج ۽ روشن خياليءَ کي عام ڪيو ۽ روايتي فرسوده ادبي تاڃي پيٽي کي ٽوڙيو. تنوير جي شعر ۾ فطرت جو رنگ، رواني ۽ غنائيت موجود آهي. هن جي ٻولي نج سولي، سرل ۽ مٺي آهي. سندس اهو ميٺاج سنڌي ادب ۾ ائين جذب ٿي ويو آهي، جيئن ريگستان جي واريءَ ۾ پاڻي. ڊاڪٽر تنوير جي لاڏاڻي وارو ڏينهن، 25 نومبر، سنڌي ادب ۾ وڇوڙي ۽ ورلاپ جو ڏينهن آهي:
اکيون آليون پاند پسي ويو
ڌرتيءَ کان تنوير رسي ويو
ڪيڏو آهي پيار ڏئي ويو
ويندي_ جيئي سنڌ چئي ويو.

الطاف شيخ
ڪراچي
سال 2000ع

ليکڪ پاران

ايڪيهين صدي شروع ٿي چڪي آهي. اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جڏهن کان اسان جو سنگاپور وڃڻ شروع ٿيو، سنگاپور ڪو اهڙي وڏي ڳالهه نه هو جهڙو اڄ ٿي پيو آهي. ٺيڪ آهي ڪن ڳالهين ۾، دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۽ ملڪن کان بهتر آهي پر 1970ع تائين سنگاپور کان ڪولمبو، عدن، ڪيپ وردي ويندي ڪراچيءَ جهڙا بندرگاهه سهڻا، ماڊرن ۽ سهولتن وارا هئا. سنگاپور ۾ اتي جي رهندڙن لاءِ ئي پورا پنا ڪاليج، اسڪول ۽ اسپتالون نه هيون. اعليٰ تعليم لاءِ سنگاپور جا نوجوان يورپ، آمريڪا يا ڀرواري کنڊ آسٽريليا جو رخ رکندا هئا. ويندي جهازراني ۽ جهازسازيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنگاپور جا ته ڇا ڀر واري ملڪ ملائيشيا جا به اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ايندا هئا. سنگاپور ۾ ٻه کن پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوشنون هيون جن ۾ مختلف ڊپلوما ڪورس هلندا هئا ۽ اهڙو ئي حال ملائشيا جو هو. 1980ع تائين ملائشيا جا همراهه جهازن جي تعليم ۽ ٽريننگ وٺڻ لاءِ اسان وٽ ايندا رهيا. 1983ع ۾ هنن پنهنجي اڪيڊمي کولي جنهن ۾ مون جهڙا ٻيا به پاڪستاني شروع کان پڙهائيندا اچن. سنگاپور پوليٽيڪنڪ ۾ به ڪافي پاڪستاني، انڊين ۽ بنگلاديشي پڙهاهئين ٿا.
سنگاپور وارن قومي جهاز ران ڪمپني (نيپچون شپنگ ڪارپوريشن) شروع ڪرڻ چاهي ته اسان جا پاڪستاني جهازي (ڪئپٽن ۽ چيف انجنئير) گھرائي شروع ڪئي ڇو جو اسان ان ڪم جا تجربيڪار ٿي چڪا هئاسين. پاڪستان جي قومي ڪمپني (نيشنل شپنگ ڪارپوريشن) 1964ع کان شروع ٿي چڪي هئي ۽ پرائيويٽ جهازران ڪمپنيون ته ان کان به ويهارو سال کن اڳ شروع ٿي چڪيون هيون. ملائشيا جي MISC جهازران ڪمپنيءَ ۾ شروعاتي ڏينهن ۾ پاڪستانين ڪم ڪيو. بهرحال اسان جو ملڪ اهڙن ملڪن کان گھڻو گھڻو اڳ هو. سنگاپور جي ايئرلائن SIA به اسان جي PIA جي مقابلي ۾ گھڻو گھڻو پوءِ شروع ٿي، پر پوءِ جتي سنگاپور جهڙا ملڪ اڳتي وڌندا رهيا، اتي بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ادارا پٺيان ٿيندا ويا.
اڄ سنگاپور جو بندرگاهه دنيا جي ٽن اهم ۽ مشغول بندرگاهن مان آهي. سنگاپور جي ايئر لائين ڪمپني سالن کان دنيا ۾ اوليت حاصل ڪندي اچي. سنگاپور جون ننڍيون ننڍيون ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشنون وڏيون يونيورسٽيون ٿي وين آهن جن ۾ تعليم جو بهترين نظام رکيو ويو آهي ۽ سنگاپور صاف سٿرن رستن کان دنيا ۾ مشهور ٿي پيو آهي. سنگاپور بئنڪن ۽ تجارتي ادارن کان پڻ مشهور ٿي ويو آهي. هاڻ سنگاپور جي سڪي ۽ سنگاپور جي ماڻهوءَ کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سنگاپور ۾ باقاعدي قانون جي سختي ڪري هر هڪ پاڻ کي سلامت سمجھي ٿو ۽ دنيا جا ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا. سنگاپور ۾ عدل ۽ انصاف ڪري ڌارين ملڪن جا امير ماڻهو هتي پئسو لڳائڻ چاهين ٿا ۽ بنا شڪ جي سنگاپور ڏيتي ليتيءَ کان بهترين علائقو مڃيو وڃي ٿو.
اڄ ڪلهه نه فقط ايشيا جي ملڪن جا ماڻهو پر يورپ ۽ آمريڪا جا به سنگاپور جي هن ننڍڙي ٻيٽ تي اچڻ چاهين ٿا- تعليم خاطر، نوڪريءَ خاطر، گھمڻ خاطر، شاپنگ خاطر، وغيره. ڪراچيءَ ۾ هوندو آهيان ته ڪيترن ئي ڄاڻن سڃاڻن جا فون مختلف ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. اڄ ڪلهه سڀ کان گھڻا سنگاپور بابت اچن ٿا. گھڻي کان گھڻا ماڻهو سنگاپور بابت معلومات حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. سنگاپور هڪدم اهم ٻيٽ، شهر ۽ ملڪ ٿي ويو آهي، جنهن جي تعليم، Law & Order، پوليس سسٽم، ايڪانامي، شپنگ، بزنيس جي ترقي ۽ خوشحالي جي مثالن کي اسان جهڙا ملڪ فالو ڪرڻ چاهين ٿا. اهو سوچي مون هن سفر نامي ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن جن بابت مون کان پڇيو وڃي ٿو. اميد ته هڪ نئين مسافر لاءِ سنگاپور پهچڻ کان اڳ هي سفرنامو پڙهڻ ڪارآمد ثابت ٿيندو.
سنگاپور بابت ٿورو گھڻو احوال منهنجن ڪيترن ئي اڳ جي سفرنامن ۾ اچي چڪو آهي، پر ٽن ڪتابن ۾ (“آل ابائوٽ سنگاپور” ڪتاب سميت) سنگاپور جو تفصيلي احوال آهي. انهن مان پهريون ڪتاب “سنگاپور ويندي ويندي” اڄ کان پنڌرهن سال کن 1985ع اڳ ۾ ڇپيو، ان بعد “سنگاپور ٿو سڏي ڪري” آهي ۽ هاڻ هي ٽيون ڪتاب “آل ابائوٽ سنگاپور” آهي. هي ٽئي ڪتاب هڪ ئي سيريز جو حصو به چئي سگھجن ٿا ته هر هڪ ڪتاب الڳ الڳ داستان به. ڇو جو باوجود Avoid ڪرڻ جي ڪيترين ڳالهين جي repeatation ٿي وئي آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪا اهڙي شيءِ جيڪا ڪنهن اڳئين ڪتاب ۾ تفصيل سان اچي وئي آهي ته هن ۾ مختصر طور بيان ڪئي اٿم. مثال طور “ٽائيگر بام گارڊن” بابت هتي يا هن کان اڳئين ڪتاب (سنگاپور ٿو سڏ ڪري) ۾ مختصر طور لکيو اٿم ڇو جو پهرين واري ڪتاب “سنگاپور ويندي ويندي” ۾ تفصيل سان اچي چڪو آهي ته ڪيئن ٻن چيني ڀائرن پهرين دوائون ٺاهيون جن ۾ “ٽائيگر بام” دوا مشهور ٿي وئي جنهن لاءِ اڄ ڏينهن تائين ماڻهن کي اهو وهم آهي ته ان ۾ شينهن (Tiger) جي جسم جا ڪجھه حصا گھوٽيل آهن.
بهرحال سنگاپور ويندڙ لاءِ، چاهي هو گھمڻ لاءِ ٻن ٽن ڏينهن جي مختصر عرصي لاءِ وڃي يا تعليم يا نوڪري خاطر گھڻي عرصي لاءِ وڃي، منهنجي هن کي اها ئي نصيحت آهي ته هو سنگاپور جي قانون جو چڱي طرح خيال رکي. قانون ته هر ملڪ ۾ آهن-اسان جي ملڪ ۾ به آهن، پر سنگاپور حڪومت پنهنجي ملڪ جي قانون تي عمل ڪرائڻ ڄاڻي ٿي، چاهي انهن جي پنهنجي ملڪ جو ڪو باشندو هجي يا ڌارئين ملڪ جو. چاهي اسان جهڙي غريب ملڪ جو هجي يا برونائي ۽ ڪويت جهڙي امير ملڪ جو يا آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ جو. رستي تي ٿُڪ اڇلڻ، ڪاڳر ڀور ڦٽو ڪرڻ، ويندي سنگاپور جي لوڪل گاڏي MRT ۾ ڪجھه کائڻ تي به 500 کن ڊالر ڏنڊ آهي. ڪنهن پبلڪ باٿ روم يا هوٽل يا دڪان جي ٽئاليٽ ۾ فارغ ٿيڻ بعد shank هلائي ڪموڊ کي صاف نه ڪرڻ جهڙن ڏوهن تي ته وڏيون سزائون آهن. چرس، آفيم جهڙين نشي جي غيرقانوني شين کي سنگاپور ۾ آڻڻ، پاڻ سان کڻي هلڻ، وڪرو ڪرڻ، استعمال ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي جو سامان رکڻ، وغيره تي موت جي سزا آهي- چاهي توهان اهو ڪم بي خياليءَ ۾ ڪيو هجي. ان ڪري آئون هميشه تاڪيد ڪندو آهيان ته پنهنجي ٿيلهي ۽ کيسي جو خيال رکجي ۽ پنهنجي ملڪ مان ڪنهن ٻئي جو سامان کڻي نه وڃجي - ويندي ايئرپورٽ تي ڪنهن جو سامان نه جهلجي ۽ نه توهان کي پنهنجو سامان ڪنهن ڌارئين جي حوالي ڪرڻ کپي. باٿ روم ۾ وڃڻ ٿئي ته به پنهنجي سامان کي پاڻ سان کڻي وڃڻ کپي.
اميد آهي ته هي ڪتاب سنگاپور ويندڙ کي سنگاپور بابت ڪيترين ئي ڳالهين جي ڄاڻ مهيا ڪندو ۽ هن جو پڙهڻ دلچسپ ۽ معلوماتي ثابت ٿيندو.


الطاف شيخ
30 جنوري 2000ع (ڪراچي).

لِي- سنگاپور جي هڪ دلچسپ شخصيت

سنگاپور وارن لاءِ لِي ڪُئان يُو (Lee Kuan Yew) ائين آهي جيئن اسان لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح- يا انڊيا لاءِ جواهر لعل نهرو، ڪينيا لاءِ جومو ڪينياتا يا ملائشيا لاءِ تنڪو عبدالرحمان وغيره- جن انگريزن کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ جا رهنما ٿي رهيا.
سنگاپور جي اها خوش نصيبي چئجي ته سنگاپور جي نوجوان ليڊر ليءَ کي قدرت وڏي حياتي ڏني (هو اڃا تائين حيات آهي، هن سال سيپٽمبر ۾ 75 هين برٿ ڊي ملهائيندو) ۽ ٽيهارو سال کن وزيراعظم بڻجڻ بعد به اڃا تائين پارليامينٽ ۾ آهي ۽ سينيئر وزير آهي.
ليءَ جا پڙ ڏاڏا تڙ ڏاڏا چين ۾ غريب هجڻ ڪري هو چين جي ڏاکڻي علائقي مان لڏي محنت مزدوريءَ لاءِ سنگاپور آيا هئا. سندن مادري زبان “هَڪا” هئي، جيڪا چين جي مشهور چيني ٻولين مان هڪ آهي. لي (Lee Kuan Yew) سورهين سيپٽمبر 1923ع تي سنگاپور ۾ ڄائو. بنيادي تعليم سنگاپور ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڪالت پڙهڻ لاءِ لنڊن ويو. اتي هن قانون جي ڊگريءَ ۾ ڊبل فرسٽ حاصل ڪيو جيڪا ڊگري هن ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 1940ع ۾ مسٽر لي پنهنجي وطن پهتو جتي مزورن جي اڳواڻ ٿيڻ جي حيثيت ۾ مشهوري ماڻي. سنگاپور ۾ اڃا تائين انگريزن جو راڄ هو.
1954ع ۾ انگريزن جي اجازت سان سنگاپور ۾ رهندڙن کي سياسي پارٽيون ٺاهڻ جي موڪل ملي جيئن اڳتي هلي هتي جا ماڻهو Self Rule ۾ حصو وٺي سگھن. لي پيپلس ائڪشن پارٽي (P.A.P) جو ميمبر ٿيو ۽ 1959ع واري اليڪشن ۾ (P.A.P) کٽي وئي ۽ لي ڪئان يو ملڪ جو وزيراعظم ٿيو. ان وقت پاڻ 36 سالن جو هو. ان وقت کان وٺي اڄ تائين(P.A.P) کٽيندي اچي. هن ٽيهارو سال لڳاتار وزيراعظم رهڻ بعد پنهنجي ڪرسي پنهنجي ڊپٽي “گو چاڪ ٽانگ” (Goh Chock Tong) حوالي ڪئي. “عوام چاهي ٿي ته آئون ان ڪرسيءَ تي هجان” ليءَ چيو، “پر هاڻ گھڻو ئي ٿيو. هاڻ ته آئون پوڙهو ٿي چڪو آهيان. منهنجي ملڪ ۽ قوم کي نوجوان وزيراعظم جي ضرورت آهي، ان ڪري مون کي هاڻ هڪ صلاحڪار جي حيثيت ۾ پاسي تي رهڻ کپي.”
سڀني چيو ٿي ته لي مرڻ بعد اهڙو نمونو ڪري ويندو جو سندس پٽ (جيڪو پٽ پارليامينٽ ۾ آهي ۽ وزير آهي) ئي وزيراعظم ٿئي، پر ماڻهن ڏٺو ته هن جيئري ئي ان تخت تاج کي پري ڪري ڇڏيو، جنهن لاءِ اسان جي ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪيترا اڳواڻ خوار خراب ٿي پوءِ ڇڏين ٿا. سڀني ڏٺو ته ليءَ پنهنجي جاءِ تي پنهنجي پٽ بدران هڪ ٻئي پارليامينٽرين کي چونڊيو. اهو ئي سبب آهي جو لي جيڪي ڪجھه چوي ٿو ان تي ماڻهو يقين ڪن ٿا. هو هميشه ان ڳالهه جي ئي وڪالت ڪري ٿو ته سنگاپور ۾ هر ڳالهه قابليت (Merit) جي ئي بنياد تي رهي.
لي کي پهرين ڏينهن کان هڪ صاف Vision هو ته سنگاپور ڪيئن هجڻ کپي:
“…an Striving acquistitive community… and equal and just society where man is rewarded on the basis of merit and effort”
سنگاپور پارليامينٽ جي اليڪشن هر پنجين سال ٿئي ٿي ۽ سنگاپور جي هر شهريءَ لاءِ ووٽ ڏيڻ ضروري آهي. منهنجي ملائيشيا ۾ رهائش دوران سنگاپور ۾ ٻه دفعا اليڪشن ٿي. ٻئي دفعا ڏٺم ته منهنجو سنگاپوري ڪليگ انجنيئر دائود ۽ سندس چيني زال اليڪشن واري ڏينهن ۾ موڪل ڪري سنگاپور ڀڄندا هئا. اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏيڻ ڪري هنن جو پاسپورٽ رد ٿئي ٿو يا شايد ٻي ڪا سزا هجي،سو مينهن هجي يا طوفان اليڪشن وارن ڏينهن ۾ هو سنگاپور پهچيويا ٿي.
بهرحال سنگاپور جنهن جو نالو ڪنهن زماني ۾ تيماسيڪ (Temasek) هو، ان بعد سنگاپور ٿيو. پوءِ جپانين سيونان (Syonan) بڻايس ۽ هاڻ هي “سٽي اسٽيٽ” يا “آئلئنڊ اسٽيٽ” سڏجي ٿو ۽ اڄ جي ماڊرن، تعليم يافته ۽ سهولت وارن شهرن مان هڪ آهي. سنگاپور جون گھٽيون ڪچري، ڏوهه ۽ سياسي هنگامن کان صاف آهن. سنگاپور لاءِ چيو وڃي ٿو ته سنگاپور ۾ Every thing works. نلن مان صاف سٿرو (پيئڻ لائق) پاڻي اچي ٿو. لائيٽ ڪڏهن به بند نٿي ٿئي. ٽيليفون ڪڏهن به خراب نٿو ٿئي. رستا ڪڏهن به ٽريفڪ کان جام نٿا ٿين. آفيسن ۾ ڪنهن جو به ڪاغذ پٽ نٿو ترسي... ۽ ان سمورين ڳالهين جو وڏو ڪريڊٽ هن شخص ليءَ جي حوالي آهي، جنهن جي ملڪ کي، جنهن جي ڪمن کي، جنهن جي ڳالهين کي، جنهن جي انٽرويوز ۽ بيانن کي آئون گذريل ٽيهارو سالن کان غور سان جاچيندو اچان، ٻڌندو اچان. اسان لاءِ هن شخص جون ملڪ کي بهتر بنائڻجون پاليسيون کليل ڪتاب آهن. هن جي وزيرن ۽ سرڪاري ڪامورن جي ڪم ڪار جو طريقو اسان لاءِ رهنمائي ثابت ٿي سگھي ٿو ۽ اسان جيڪي تمام گھڻو سڌريل هئاسين ۽ هاڻي پٺتي رهجي ويا آهيون، هڪ دفعو وري اڳتي نڪري سگھون ٿا.
بهرحال! لي ڪئان يو هڪ دلبر ماڻهو آهي. سندس ملڪ، مذهب ۽ زبان کڻي ڇا به هجي، سندس سٺين ڳالهين جي واکاڻ ۽ ان تي عمل ته اسين ڪري سگھون ٿا.
ويجھڙائيءَ ۾ لي ڪئان يو جو هڪ ڪتاب: The Singapore Story Memories of Lee Kuan Yew سنگاپور پريس هولڊنگس وارن ڇپيو آهي. ان جا ڪجھه ٽڪرا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏيڻ بي محل نٿو سمجھان،

لِي جي ڪهاڻي سندس زباني

سنگاپور جي سينئر وزير مسٽر لِي ڪئان يو (جيڪو ٽيهه سال کن سنگاپور جو وزيراعظم ٿي رهيو)، “دي سنگاپور اسٽوري” نالي ڪتاب لکيو آهيجنهن ۾ هن پنهنجي 75 سالن جي زندگيءَ جون ڪجھه اهم ڳالهيون لکيون آهن. انهن يادگيرين مان ڪجھه هن ريت آهن:
مون کي سڀ کان ننڍپڻ جي چٽي ياد اها آهي ته مون کي ڪنن کان جھلي کوهه مٿان جھليو هو. اهو کوهه اسان جي گھر جي ڪمپائونڊ ۾ ئي هو، جتي اڄ ڪلهه ٽيمبلنگ (Tambling) روڊ آهي. ان وقت آئون چئن سالن جو هوس.
آئون تن ڏينهن ۾ ڏاڍو ڏنگو هوس ۽ مون پنهنجي پيءُ جي پسند جي عطر 4711 جي شيشي ڀڳي هئي. منهنجي پيءُ کي ٿوري ٿوري ڳالهه تي سخت ڪاوڙ لڳي ٿي ۽ ان ڏينهن ته منهنجي پيءُ جي ڪاوڙ جو پارو ڇت به لتاڙي مٿي چڙهي ويو هو. هنمون کي ڳچيءَ کان جھلي ان کوهه جي پڳهه تي آندو ۽ پوءِ ڪنن کان جھلي ڪا دير مون کي کوهه مٿان لڙڪايو. مون کي ته سمجھه ۾ نٿو اچي ته منهنجا ڪن ايترو مضبوط ڪيئن ٿي ويا جو اهي ڇڄي نه سگھيا ۽ آئون کوهه ۾ ڪرڻ کان بچي ويس. يقين ڪريو اها ڳالهه مون کي اڃا تائين چٽيءَ طرح ياد آهي. پنجاهه سالن کان پوءِ، 1970ع ۾، مون Scientific American رسالي ۾ هڪ مضمون پڙهيو هو ته تڪليف ۽ صدمي (Shock) جي حالت ۾ دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ Neuropepides نئين تجربي کي دماغ جي خلين ۾ مضبوط ڪريو ڇڏي ۽ اهڙي طرح ان قسم جو تجربو وڏي عرصي تائين دماغ ۾ سوگھو رهي ٿو. (4711 بابت لکندو هلان ته اهو مشهور جرمن عطر جو نالو آهي، جيڪو هاڻ نظر نه پيو اچي پر اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ بيحد مشهور هو. اهو 1799ع ۾ جرمنيءَ جي ڪولون شهر ۾ ٺاهيو ويو هو.)
آئون سنگاپور ۾ 16 سيپٽمبر 1923ع تي هڪ ٻه ماڙ بنگلي ۾ڄايس، اهو بنگلو تمام وڏو هو ۽ 92 ڪمپونگ جاوا روڊ تي هو. منهنجي ماءُ، چُئاجِم نيو (Chua Jim Neo)، ان وقت 16 سالن جي هئي. منهنجو پيءُ لين چِن ڪون (Leen Chin Koon) ويهن سالن جو هو. هنن جي والدين- يعني منهنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ ۽ ناني نانيءَ، هنن جي شادي جو هڪ سال اڳ ئي بندو بست ڪيو هو. ٻنهي ڌرين ان شاديءَ کي بهتر سمجھيو هوندو تڏهن ته پوءِ اڳتي هلي منهنجي مامي ۽ پڦيءَ جي شادي طئي ڪئي وئي.
منهنجو پيءُ هڪ امير جي پٽ جي حيثيت ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. هو لاف هڻي اسان کي چوندو هو ته جڏهن هو ننڍو هو ته هن جو پيءُ (يعني اسان جو ڏاڏو) هن کي رابنسن ۽ جان لٽل جهڙن اعليٰ ڊپارٽمينٽل اسٽورن تان خريداريءَ لاءِ هميشه اڻ ميو ناڻو ڏئي ڇڏيندو هو ته جيڪي فئنسي قسم جا سوٽ ڪوٽ وڻنئي، اُهي وٺ. منهنجو پيءُ سينٽ جوزف (ڪئٿولڪ مِشن اسڪول) مان انگريزيءَ ۾ پڙهيو. هن ٻڌايو ته هن فقط جي ايس سي (جونيئر اسڪول سرٽيفڪيٽ) پورو ڪيو، ان کانپوءِ هن پڙهڻ ڇڏي ڏنو،جنهن جو منهنجي ماءُ ۽ ڏاڏيءَ کي ڏاڍو ڏک هوندو هو. گھڻو نه پڙهيل ۽ ڪنهن پروفيشن ۾ ڊگري نه هجڻ ڪري هن کي شيل آئل ڪمپنيءَ ۾ اسٽور ڪيپري ئي ملي سگھي، جيڪا هن کي مجبوراً ڪرڻي پيئي جو سخت ڏڪار (Great Depression) ۾ ٻنهي خاندانن جو الهه تلهه چٽ ٿي ويو هو.
اسان جي گھر ۾ منهنجا ٽي ڀائر، هڪ ڀيڻ ۽ ست سئوٽ ماسات رهيا ٿي، پر جيئن ته اهي سڀ مون کان ننڍا هئا ان ڪري مون چيني مهاڻن ۽ ڀر واري ڳوٺ جي ملئي مسلمانن جي ٻارن سان راند کيڏي ٿي. اها هڪ سادي سودي دنيا جي زندگي هئي. اسان جي هر راند ويڙهه ۽ مقابلي جي هوندي هئي. پوءِ ڪڏهن لغڙ پيا ويڙهائيندا هئاسين ته ڪڏهن لاٽون يا بلور. ڪڏهن ته مڇيون به ويڙهائيندا هئاسين. انهن راندين اسان جي اندر ۾ مقابلي جو جذبو ۽ کٽڻ جي خواهش پيدا ڪئي. مون کي خبر ناهي، پر ٿي سگھي ٿو اهي مقابلا هئا، جن مون کي اڳتي هلي سياست ۾ جنگيون جيترايون. اسان نه نازڪ مزاج هئاسين نه لاڏلا يا کريل ٻار. هڪ ننڍي ٻار جي حيثيت ۾ اسان کي نه اهڙا اوچا ڪپڙا هئا نه بوٽ، جهڙا اڄ اسان جا پوٽا ڏوهٽا پائين ٿا.
اسين ڪو غريب نه هئاسين پر اسان وٽ کيڏڻ لاءِ ڪي گھڻا رانديڪا نه هئا ۽ نه وري ڪا انهن ڏينهن ۾ ٽيليويزن ايجاد ٿي هئي. سو اسان کي پنهنجي دماغ مان رانديون سوچڻيون پيونٿي. اسان گھڻو وقت ڪتاب ۽ ڪهاڻيون پڙهيون ٿي پر سچي ڳالهه اها آهي ته انهن ڏينهن ۾ تصويرن جا ڪتاب تمام نه برابر هئا، ۽ جيڪي هئا اهي به تمام مهانگا هئا. پوءِ جڏهن آئون ٿورو وڏو ٿيس ته رئفلس لئبريريءَ ۾ وڃڻ شروع ڪيم، جتان ڪتاب ٻن هفتن لاءِ کڻي سگھيس ٿي.
زندگيءَ ۾ رڳو ننڍا ننڍا مزا به نه هئا. ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن منهنجو پيءُ بگڙيل موڊ ۾ گھر ۾ گھڙندو هو ۽ امان سان وات ڪرڻ شروع ڪندو هو. هو ائمبر روڊ تي چيني سئمنگ ڪلب ۾ پتي راند هارائي پوءِ امان کان وڌيڪ پيسا ڦرڻ لاءِ ايندو هو ته جيئن وري کيڏي سگھي ۽ ٿي سگھي ٿو کٽي اچي. امان وٽ پيسا نه هوندا هئا ته هن کان ڳهه گھرندو هو، جيئن گروي رکي پيسا حاصل ڪري سگھي. بس پوءِ جھيڙو هلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن بابا سخت ڇتو ٿي پوندو هو. پر منهنجي ماءُ وڏي همٿ واري عورت هوندي هئي جيڪا هر وقت ڳهه بچائڻ جي ڪندي هئي، جيڪي منهنجي نانيءَ هن کي شاديءَ ۾ تحفي طور ڏنا هئا. منهنجي ماءُ هڪ مضبوط ڪردار جي عورت هئي ۽ سخت محنتياڻي ۽ جستجو واري هئي. هن جي ننڍي هوندي ئي شادي ٿي هئي. هن جي ڏينهن ۾، عورت مان اها ئي اميد رکي وئي ٿي ته هوءَ سٺي زال ٿي رهندي، گھڻا ٻار ڄڻيندي ۽ انهن کي پالي وڏو ڪندي، جيئن هو سٺا مڙس ۽ زالون ٿي ڏيکارين. هوءَ جيڪڏهن هڪ پيڙهي دير سان ڄمي ها ۽ سيڪنڊري اسڪول کان وڌيڪ پڙهي ها ته جيڪر هڪ زبردست بزنيس ايگزيڪيوٽِو ثابت ٿئي ها.
منهنجي ناني منهنجي تعليم جي باري ۾ اعليٰ خيال رکيا ٿي. 1929ع ۾ جڏهن منهنجي عمر ڇهه سال به نه ٿي ته هن مونکي مهاڻن جي ٻارن لاءِ ٺهرايل هڪ اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو، جيڪو هڪ جھوپڙيءَ ۾ فقط هڪ ڪمري ۾ هو ۽ جتي هڪ چيني استاد تعليم ڏني ٿي. مون پنهنجي ماءُ کي منٿ ڪئي ته مون کي ڪنهن انگريزي اسڪول ۾ کڻي داخل ڪرائي ڇو جو چيني اسڪول ۾ ماستر صاحب رڳو لفظ رٽايا ٿي. انهن جي معنيٰ به نٿي سمجھائين ۽ جي ڪنهن جي سمجھائين ٿي ته مون کي سمجھه ۾ نٿي آئي. ٻن ٽن مهينن بعدمنهنجي ماءُ نانيءَ کي راضي ڪري ورتو ۽ جنوري 1930 ۾ مون Telok Kurao انگريزي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ هاڻي اتي جيڪي ماسترن چيو ٿي اهو مون کي سمجھه ۾ آيو ٿي. آئون ٿوري ئي عرصي ۾ ڪافي ڪجھه پڙهي ۽ سمجھي ويس. پنهنجي آخري سال، 1935ع ۾ آئون سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر آيس. مون کي رئفلس انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا ملي وئي،جتي فقط ٽاپ جا شاگرد کنيا ويا ٿي.
سنگاپور جي هن اسڪول (رئفلس انسٽيٽيوٽ) ۾ آئون ڏاڍو خوش رهيس. مون اسڪائوٽ تحريڪ ۾ حصو ورتو. ڪرڪيٽ کيڏيم ۽ ڪجھه ٽينس ۽ ترڻ کان سواءِ ڪيترين ئي ڊبيٽن ۾ حصو ورتم، پر آئون ڪڏهن به پريفيڪٽ (مانيٽر) ٿي نه سگهيس. مون ۾ مڙئي ڏنگائيءَ جو ڪجھه جزو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان شرارتي رڳ تي اچي ويندو هوس ۽ پنهنجن ڪلاس ميٽن سان چرچا ڪندو رهندو هوس. ڪيترا دفعا ڪلاس ۾ ڌيان نه ڏيڻ تي جھلجي پوندو هوس. يا ٽيچر جي ليڪچر وقت چٺيون لکندو رهندو هوس يا ڪنهن ماستر جو نقل ڪندو هوس.
هڪ دفعو منهنجي ڪيننگ (Caning) پڻ ٿي هئي. اسان جو پرنسپال ڊي ڊبليو ميڪلوڊ هونءَ ته تمام نرم دل هو پر ڊسيپلين جي معاملي ۾ تمام گھڻو سخت هو. هن جا قاعدا قانون سڀني لاءِ هڪجهڙا هوندا هئا ۽ انهن تي عمل نه ڪرڻ واري کي سزا ڏيندو هو چاهي هو ڪنهن جو به پٽ هجي. هن جو هڪ قانون اهو به هو ته جيڪو ڇوڪرو هڪ ٽرم ۾ ٽي دفعا دير سان اسڪول ۾ ايندو ان کي ٽي چَها (لڪڻ) هنيا ويندا هئا. آئون هميشه دير سان اٿندو هوس، ڪوئل واريون نه پر چٻري واريون عادتون هيم، ۽ پوءِ جڏهن ٽيون دفعو اسڪول ۾ دير سان ويس (1938ع) ۾ ته ڪلاس ٽيچر مون کي پرنسپال ڏي موڪليو. پرنسپال مون کي انعام ملڻ واري ڏينهن کان سڃاتو ٿي جو مون کي ڪيترائي انعام مليا هئا ۽ اسڪالرشپ پڻ ملي هئي، پر ان هوندي به پرنسپال مون کي نه ڇڏيو. آئون ڪرسيءَ تي جھڪي بيٺس ۽ پتلون مٿان ٽي چها لڳايا ويا. مون کي نٿو لڳي ته پرنسپال صاحب مار ڏيندي ڪجھه نرمي ڪئي هجي. مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته مغرب جا تعليمي ماهر مار جي خلاف ڇو آهن، جڏهن ته ان مار مون کي ۽ منهنجي ڪلاس ميٽن کي سڌاري ڇڏيو.
8 فيبروري 1942ع تي آئون رئفلس ڪاليج جي“E” بلاڪ ۾ ستو پيو هوس ته صبح جو چئين وڳي ڌاري بمن جي ٺڪا ٺوڪيءَ تي منهنجي اک کلي وئي. جپان سان جنگ شروع ٿي چڪي هئي. عجيب نظارو هو. رستن جون بجليون چمڪي رهيون هيون ۽ جپاني هوائي جهاز بم ڪيرائي هلياويا ۽ ان کانپوءِ خطري جو سائرن وڄندو رهيو. جپانين جي ان اوچتي حملي ۾ 60 شهري فوت ٿي ويا ۽ 130 زخمي ٿيا پر بمباريءَ جو نقصان گھٽ ڪري ٻڌايو ويو. ڪيپل هاربر، سيمباوانگ نيول بيس ۽ تنگاح ۽ سيليٽار هوائي بيس وارن حملن کي سينسر ڪيو ويو. ڪاليج جا شاگرد پريشان ٿي ويا ۽ ريل گاڏين ۾ چڙهي پنهنجن ڳوٺن ڏي روانا ٿي ويا. سڀني کي اهو ڊپ ته سينگاپور جو ٻيٽ اهم هجڻ ڪري جپانين جو وڌيڪ نشانو رهندو ۽ هوڏانهن ملايا جو ملڪ وڏو ۽ ڳوٺائي ماحول جو هو جتي وڃي رهڻ وڌيڪ سلامت هو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ هاسٽل خالي ٿي وئي. ڪاليج هلائيندڙ ادارو توڙي شاگرد سڀ منجھي پيا ته هي ڇا ٿي رهيو آهي. ههڙي حالت لاءِ ڪو به تيار نه هو. ٻن ڏينهن بعد اسان ٻڌو ته ان ساڳي صبح جو جپاني فوجون ڪيلنتان جي شهر ڪوٽا باروءَ ۾ لٿيون. (ڪيلنتان ملايا جي اتر واري رياست آهي.) چئبو ته جپاني ملايا به پهچي ويا. (جتي لڪڻ لاءِ اسان جي ڪاليج جا ڇوڪرا روانا ٿي ويا هئا.)
ڪاليج جي باقي بچيل ڇوڪرن زخميل ماڻهن جي مدد لاءِ ميڊيڪل آگزيلري سروسز ڀرتي ڪئي، جنهن جي هڪ شاخ اسان جي ڪاليج ۾ به کولي وئي. آئون روزانو صبح جو گھران (1935ع کان اسان نور فولڪ روڊ واري گھر ۾ رهياسين ٿي) ٽي ميل سائيڪل هلائي ميڊيڪل ڊيوٽي لاءِ ڪاليج آيس ٿي. اسان کي يونيفارم نه ڏنا ويا هئا جن جي ٺهڻ جو وقت ئي ڪٿي هو، بس مٿي جي بچاءُ لاءِ هڪ ٽين جو ٽوپلو ۽ ٻانهن تي ٻڌڻ لاءِ ريڊ ڪراس جي پٽي هئي. اسان ڪو خوف ۾ نه هئاسين پر ڪجھه ڏينهن اندر جنگي حالتون سٺيون نه رهيون. جپاني لڳاتار اڳيان وڌندا رهيا ٿي. جنوري تائين جپاني جوهوربارو (ملايا جي بارڊر واري ۽ سنگاپور جي پاڙيسري شهر) تائين پهچي ويا ۽ هنن جا جنگي جهاز سنگاپور تي بمباري ڪري رهيا هئا. هڪ بم پوليس اسٽيشن جي ويجھو ڪريو جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڏاڍو دل ڏاريندڙ منظر هو. ايترو خون، ڦٽيل ۽ مرندڙ ماڻهن کي ڏسڻ جو منهنجو پهريون تجربو هو.
جپاني فوج ملايا جي جوهور شهر کان هيڏانهن ٻيٽ ڏي شفٽ ٿيڻ لڳي. هنن جوهور (ملايا) کان سنگاپور ايندڙ پاڻيءَ جي پائيپ لائن اڏائي ڇڏي. هاڻ سنگاپور جو گھيرو شروع ٿي چڪو هو. 10 فيبروريءَ تي فوج ڪاليج تي قبضو ڪري ورتو. اسان جو ميڊيڪل آگزيلري يونٽ ختم ڪيو ويو. پهرين ته آئون گھر ۾ ئي ويٺو رهيس پر پوءِ جڏهن بم گولا وڌڻ لڳا ته آئون به پنهنجن مائٽن وٽ تلوڪ ڪورو هليو ويس. ٻئي ڏينهن توب جي گولن ۽ بندوقن جي گولين جو آواز ايندو رهيو ۽ پوءِ سانت ڇانئجي وئي. جڏهن آئون گھر جي پوئين دروازي کان ٻاهر نڪري ويهه کنقدم وڌيس ته مون خاڪي رنگ جي يونيفارم ۾ ٻه سپاهي ڏٺا. هي برطانوي سپاهي نه هئا. چند منٽن ۾ ئي مون کي احساس ٿي ويو ته هي جپاني سپاهي آهن. منهنجي سڄي جسم ۾ هڪ ڊپ جي لهر ڊوڙي وئي. بهرحال جپان جو قبضو ٿي چڪو هو. آئون ڊوڙ پائي گھر آيس ۽ جيڪي ڪجھه مون ڏٺو سو گھر جي ڀاتين کي ٻڌايم. اسان سڄي گھر جا در دريون کڻي بند ڪيون جيتوڻيڪ هڪ خدا ئي ڄاڻي ٿو ته ائين ڪرڻ سان اسان پنهنجي لاءِ ڪهڙي سلامتي پيدا ڪئي. اوچتو گھر گھر خبر مشهور ٿي وئي ته انگريز فوج آڻ مڃي آهي. ٻئي ڏينهن شهرکان ايندڙ ڪجھه دوستن کان خبر پئي ته سڄي شهر ۾ ڦرلٽ شروع ٿي وئي آهي. انگريز ۽ يورپين جي گھرن ۾ ڪم ڪندڙ ملئي ڊرائيورن ۽ مالهين پنهنجي مالڪن جي گھرن مان شيون چورائي خالي ڪري ڇڏيا آهن. اسان کي پنهنجي گھر (28 نور فولڪ روڊ) جو فڪر لڳو جنهن ۾ اسان جا سڀ ڪپڙا گنديون ۽ راشن پاڻي رکيل هو. امان جي موڪل سان آئون پنهنجي چيني مالهي “تيانگ ڪُو” سان گڏ پيرين پنڌ تلوڪ ڪرائو (Telok Kurau) کان اٽڪل 8 ميل، نور فلوڪ (Norfolk Road) روڊ تي ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ پهتس. رستي تي اسان ڏٺو ته ملئي ماڻهو امير ماڻهن جي گھرن مان هنڌ بسترا ۽ ٻيو فرنيچر چورائي وڃي رهيا هئا. چيني ڦورو گھرن بدران گدامن مان گھٽ وزن واريون پر وڌيڪ قيمت واريون شيون کنيو پئي ويا.
جپاني فاتحن به چڱي ڦر لٽ ڪئي. شروع وارن ڏينهن ۾ ڪو به لنگھندڙ سامان سان گذريو ٿي ته هن کي هلڪو ڪيو ويو ٿي. ويندي واچ ۽ پين به ڦري وئي ٿي. جپاني سولجر سرڪاري طرح ڳولا جي بهاني سان گھرن ۾ گھڙي اهي قيمتي شيون کڻي ورتيون ٿي جيڪي هو پاڻ سان لڪائي کڻي سگھن. پهرين ڏينهن ۾ هنن ماڻهن کان سائڪليون به کسي ورتيون پوءِ اهڙيون شيون هنن بيڪار سمجھيون جو هو هتي سنگاپور ۾ فقط ٿوري عرصي لاءِ هئا. هنن کي اڳيان جاوا ۽ ٻين ٻيٽن تي وڃي وڌيڪ علائقا فتح ڪرڻا هئا. هو ههڙيون سهڻيون سائيڪليون پاڻ سان کڻي نٿي سگھيا.
منهنجو ڪنهن جپانيءَ سان پهريون دفعو واسطو تڏهن پيو جڏهن آئون پنهنجي ننڍي ماسيءَ سان بڪت تيماح ڪئنال تي ٺهيل “ريڊ پل” جي ڀرسان ڪمپونگ جاوا روڊ تي ملڻ لاءِ ويس. جيئن ئي آئون پل جي ويجھو پهتس ته هڪ جپاني سپاهي پل تي پهرو ڏئي رهيو هو ۽ ٻيا ٽي چار سندس برادريءَ جا سپاهي چوڌاري ويٺا هئا. منهنجي مٿي تي هڪ ويڪري گھير وارو ٽوپلو هو جيڪو اڪثر آسٽريلين پائيندا هئا ۽ ان جهڙا ڪيترائي ٽوپلا هو سنگاپور جي سرينڊر کان اڳ ڦٽا ڪري ويا هئا، مون کي به هڪ ملي ويو هو ۽ اس کان بچڻ لاءِ مون اها هڪ بهترين شيءِ سمجھي ٿي.
آئون جيئن ئي جپاني سپاهين جي هن ٽولي وٽان لنگھيس ته هڪ ڄڻي زور سان ڀونڪيو “ڪوري، ڪوري!” ۽ مون کي پاڻ ڏي سڏڻ جو اشارو ڪيو. جيئن ئي هن جي ويجھو پهتس ته هن بندوق جي بيونٽ (Bayonet) سان منهنجو ٽوپلو لاٿو ۽ پوءِ ڳل تي هڪ زوردار ٿڦڙ وهائي مونکي جھڪڻ لاءِ حڪم ڏنو. پوءِ هن پنهنجي ساڄي بوٽ سان مون کي ڇاتيءَ تي اهڙو ٿڏو هنيو جو آئون بازوليون پائيندو لڙهندو ويس. ۽ پوءِ جيئن ئي اٿيس ته هن مون کي اوڏانهن ئي موٽي وڃڻجو اشارو ڪيو، جتان کان اچي رهيو هوس. منهنجي ٿوري ۾ ئي جان ڇٽي وئي. ڪيترن ٻين کي جن کي ان نئين آداب Etiquette جي خبر نه هئي ته رستن يا پلين تي بيٺل جپاني سنترين ڀرسان لنگھڻ مهل جھڪبو آهي انهن کي هنن ڪلاڪن جا ڪلاڪ اس ۾ جھڪائي مٿان وڏو پٿر رکي ٿي ڇڏيو جيسين هو ساڻا ٿي ڪري پيا ٿي.
ان ئي ڏينهن شام ڌاري هڪ جپاني ڪميشنڊ آفيسر ڪجھه سپاهين سان گڏ اسان جي گھر آيو، هن سڄي گھر کي چڪر ڏئي ڏٺو. فقط مونکي ۽ مالهي (تيانگ ڪُو) کي ڏسي هنن اهو فيصلو ڪيو ته هي گھر سپاهين جي رهڻ لاءِ سٺي بيرڪ آهي ۽ اسان کي حڪم ڏنو ته سندن خدمت چاڪري ڪريون. اها منهنجي لاءِ هڪ ڀوائتي خواب جي شروعات هئي. هونءَ مون لاءِ جپانين جي ويجھو اچڻ جو پهريون تجربو نه هو. سنگاپور جي براس بساح روڊ تي جپاني ڏندن ٺاهڻ وارا هئا جن جپاني ڊاڪٽرن ۽ جپاني نرسن کان آئون پنهنجي ڏندن جي صفائي ۽ علاج ڪرائي چڪو هوس، هو بيحد صاف سٿرا ۽ خوش اخلاق هئا. اهڙي طرح مڊل روڊ تي ڪيترن ئي جپاني سيلز مين ۽ سيلز وومين جا دڪان هئا. اهي پڻ صفائي پسند ۽ مٺو ڳالهائڻ وارا هئا، پر هنن بدبودار جپاني سپاهين سان ملي مون کي آتَ اچڻ لڳا. لڳو ٿي مهينن کان هنن نه ڪپڙا ڌوتا هئا ۽ نه پنهنجي جسم کي صاف رکيو هو. هو سڄي گھر جيهڪ هڪ ڪمري ۾ ڦرڻ لڳا. هنن کي کاڌي جي ڳولا هئي. جيڪو هنن کي ملي ويو جيڪو منهنجي ماءُ سڄي مهيني لاءِ اسٽور ڪري رکيو هو. جيڪي جيڪي هنن کي پسند آيو ٿي، ڳڙڪائيندا ويا ٿي. هنن اشارن ۽ گندي آواز ذريعي پنهنجن خواهشن جو اظهار ڪيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن مونکي سندن ڳالهه سمجھندي وقت ٿي لڳو ته هنن نه فقط گار گند ڪيو ٿي پر ٿڦڙن جو وسڪارو پڻ. اهي عجيب ماڻهو هئا جن جي نه ڏاڙهي ڪوڙيل هئي نه منهن ڌوتل. هنن رڳو گارين واري ٻولي ڳالهائي ٿي. هنن منهنجي دل ۾ تمام گھڻو خوف پيدا ڪري ورتو ۽ رات جو ننڊ ۾به پيو ڇرڪ ڀريندو رهيس. آخرڪار ٽن ڏينهن بعد هنن اسان جو گھر ڇڏيو. اهي ٽي ڏينهن مون لاءِ جهنم جا هئا.
جن ڏينهن ۾ هي جپاني سولجر اسان جي گھر رهيل هئا، انهن ڏينهن ۾ انگريز حڪومت جا انگريز، انڊين ۽ آسٽريلين فوجي قيدين جي صورت ۾جپانين جي حڪم تي مارچ ڪندا اسان جي گھر اڳيان لنگهي رهيا هئا. هيءَ پريڊ 17 فيبروري 1942ع کان شروع ٿي ۽ ٻه ڏينهن ۽ هڪ رات اسان جي گھر اڳيان لنگھندا رهيا ۽ ريڊ برج ٿنڀي اڳيان چانگيءَ ڏي وڃي رهيا هئا جتي هنن کي جيل ۾ رکيو ويو ۽ ڪيترائي ظلم ڪيا ويا. آئون ورانڊي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي هنن کي لنگھندو ڏسندو رهيس ۽ منهنجي دل لوهه وانگر ڳري محسوس ٿي رهي هئي. ڪيترائي ڏک ۽ شرم کان ندامت محسوس ڪري رهيا هئا. ڪيترا زندگيءَ مان بيزاري محسوس ڪري رهيا هئا. ڪيڏي افسوس جهڙي ڳالهه هئي تهجپاني گھٽ فوج ۽ گھٽ هٿيارن باوجود پري کاناچي هنن تي سوڀ پائي ويا هئا. اها فوج جيڪا آڻ مڃي ٿي ڪيڏي شرمندگي محسوس ڪري ٿي.
انهن P.O.W (جنگي قيدين) ۾ ڪي اهڙا هئا جن جي آئون واکاڻ ڪرڻ بنا رهي نٿو سگھان ۽ هنن لاءِ وڏي عزت اٿم. انهن ۾ هڪڙا ته اسڪاٽس ٽوپيون پاتل پهاڙي علائقن جا برٽش هئا جن جا هار ۾ به ڳاٽ اوچا هئا ۽ قدم ملائي زور زور سان ليفٽ رائيٽ، ليفٽ رائيٽ چوندا ٿي ويا ۽ انهن ئي جهڙا دلير ۽ هار ۾ به منهن ڦلهڙو نه ڪرڻ وارا گورکا هئا. مونلڪ چوريءَ هٿ لوڏي هنن جي همٿ افزائي ڪئي. گورکا هميشه پنهنجي مالڪ سان وفادار رهيا آهن. هنن منهنجي دل ۽ دماغ تي هميشه سٺو اثر ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور گورنمينٽ هنگامن کي منهن ڏيڻواري پوليس ۾ هڪ ڪمپني گورکن جي به رکي آهي ۽ اها 1960ع کان وٺي اڄ تائين اسان وٽ هلندي اچي.
جپانين اسان جو گھر ڇڏڻ بعد سڄي سنگاپور ۾ اهو هوڪو ڏياريو ته سنگاپور ۾ رهندڙ سڀني چينين لاءِ جالان بيسار واري اسٽئڊيم ۾ ٺهيل رجسٽريشن سينٽر ۾ ٽيسٽ لاءِ وڃڻو پوندو. مون ڏٺو ته پاڙيسري ۽ انهن جون فئمليون پڻ وڃي رهيون هيون ۽ مون اهو ئي سوچيو ته بهتر آهي ته آئون به وڃانڇو جو پوءِ جپاني ملٽري پوليس (Kempeitai) مون کي گھر ۾ پڪڙي ورتو ته هو سخت سزا ڏيندا. سو پنهنجي مالهيءَ سان گڏ جالان بيسار (بيسار روڊ) تي پهتس. خاردار تارن سان هڪ لوڙهو ٺاهيو ويو هو جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ چينين کي اندر رکيو پئي ويو. ٻاهر نڪرڻ واري هر در تي جپاني فوجي پهري تي بيٺل هئا. سڄي رات اتي گذارڻ بعد ٻئي ڏينهن مون اتان نڪرڻ چاهيو، پر مونکي آزاد ڪرڻ بدران در تي بيٺل سولجر مون کي هڪ نوجوانچينين جي ٽولي سان گڏ بيهڻ لاءِ چيو جن کي لارين ۾ ڀري رهيا هئا. مون کي قدرتي دل ۾ خيال آيو ته ڳالهه ڪا ڳري آهي مون کي پاڻ بچائڻ کپي. سو مون يڪدم سولجر کان موڪل ورتي ته پنهنجو سامان کڻي ٿو اچان. هن خبر ناهي ڇا سوچي مون کي کڻي اجازت ڏني ۽ آئون موٽي ويس ۽ هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات ترسي پيس. ان بعد وري ٽراءِ ڪيم. هن ڀيري، ڪنهن سبب يا بي خياليءَ کان هن مون کي ڇڏي ڏنو. منهنجي کاٻي ٻانهن جي مٿان ۽ قميص تي هن ڪنهن اڻ ڊهندڙ مس سان ٺپو ضرور هنيو. اهو جپاني زبان جي لکڻي “ڪانجي” ۾ هو جيڪا در اصل چيني زبان جهڙي آهي۽ اها تصوير (لفظ) “جپان” هو جنهن جي معنيٰ Examined آهي. آئونمالهيءَ سان گڏ وري موٽي گهر آيس.
ڪجھه عرصي کانپوءِ مون کي خبرپئي ته جپاني وچان وچان چينين کي چونڊي وڪٽوريا اسڪول ۾ گڏ ڪندا پئي ويا. 22 فيبروريءَ تي چاليهه پنجاهه کن لاريون گھرايون ويون جن ۾ انهن چار پنج هزار گڏ ڪيل چينين جا پٺ کانهٿ ٻڌي ڀريو ويو. اتان ڏهه ميل پري تناح ميراح بيسار واري سامونڊي ڪناري تي وٺي ويا، جيڪو چانگي جيل جي ڀر ۾ آهي. اتي سمنڊ جي ڪناري تي لاهي هنن کي سمنڊ ڏي هلڻ لاءِ چيو ويو. جيئن ئي هو اڳيان وڌيا ته پٺيان جپاني سولجرن مشين گنن سان وسڪارا ڪري ڇڏيا ۽ هو اتي ئي ڪرندا ويا. بعد ۾ هڪ هڪ مردي کي ٿڏا هڻي جانچيو ويو ته ڪٿي ڪو جيئرو ته نه بچيو آهي. ٿوري ئي شڪ تي انهن کي بندوق ۾ لڳل ڇري سان پرڻ ڪري ڇڏيو ٿي.
هنن کي دفن ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي ۽ لاش ڪي ڏينهن سڙندا رهيا ۽ سامونڊي ويرين ۾ ڪڏهن سمنڊ ڏي ته ڪڏهن ڪناري ڏي اهي لڙهندا رهيا. اهو معلوم ڪري آئون اڄ به اهو سوچيان ٿو ته مون کي ڄڻته نئينحياتي ملي نه ته پنهنجي هزارين ڀائرنسان گڏ آئون به جپانين جي ظلم جو شڪار ٿي وڃان ها.
جپانين جي قبضي وارن ڏينهن جي شروع ۾ هر هڪ پنهنجو پاڻوڃايل سمجھيو پئي. منهنجي پيءُ جي نوڪري هلي وئي. منهنجو ڪاليج هليو ويو. منهنجي ٽن ڀائرن ۽ ڀيڻ لاءِ اسڪول نه هو. بنهه نه برابر سوشل گڏجاڻي يا دعوت وغيره ٿي ٿي. هر هڪ غمگين حالت ۾ هو ۽ خوف جي زندگي گذاري ٿي. ڪنهن اٿارٽيءَ سان ڄاڻ سڃاڻ وڏي ڳالهه سمجھي وئي ٿي ۽ اها اٿارٽي جپاني هئا يا تائيواني ترجميڪار، جن جا جپانين سان تعلقات هئا. هنن طرفان توهان کي پني ڀور تي لکي ڏنل سرٽيفڪيٽ ته توهان سٺا شهري آهيو، وڏي فخر جي ڳالهه سمجھي وئي ٿي ۽ اهڙو سرٽيفڪيٽ خاص ڪري ان وقت بي بها شيءِ سمجھيو ويو ٿي، جڏهن ڪٿي پوليس چيڪنگ هلي ٿي يا جڏهن توهان ڪنهن نوڪري يا پورهئي مزوريءَ لاءِ درخواست ڏني ٿي.
1943ع واري سال جي آخري مهينن ۾ سنگاپور مان نڪرندڙ اخبار Syonan Shimbun ۾ مون هڪ اشتهار پڙهيو جيڪو جپانين جي انفارميشن پروپيگنڊا ڊپارٽمينٽ (جنهن کي جپانين Hodobu سڏيو ٿي ۽ ڪئٿي بلڊنگ ۾ هو) طرفان ڇپيل هو. هنن کي انگريزي زبان جي ايڊيٽر جي ضرورت هئي. منهنجو انٽرويو هڪ آمريڪا ۾ ڄاول جپاني همراهه جارج تاڪي مُورا ورتو، جنهن تمام سٺي انگريزي آمريڪن اسٽائيل ۾ ڳالهائي ٿي. مونکي هن انجاب لاءِ چونڊيو ۽ مون کي الائيڊ نيوز ايجنسين: ريورٽر، يو پي، اي پي، چين جي سينٽرل نيوز ايجنسي ۽ TASS جون خبرون گڏ ڪرڻيون پيون ٿي.
1943ع جي آخر کان کاڌي جي شين جي کوٽ شروع ٿي وئي ۽ ڏينهون ڏينهن ويو ناڻي جو اگھه ڪرندو. يعني ساڳي شيءِ لاءِ هر روز گھڻو ڏيڻو پيو ٿي. منهنجو پگھار مان گذارو ڏکيو ٿيندو ويو. هر روز گھر ۾ کائڻ لاءِ تمام ٿورو هوندو هو، جيڪو ويو ٿي وڌيڪ گھٽ ٿيندو. اها عجب جهڙي ڳالهه هئي ته منهنجا ڀائر ۽ آئون فقط ڪلاڪ گذرڻ بعد بکايل محسوس ڪندا هئاسين. منهنجي ماءُ ٻين مائرن وانگر پنهنجن ٻارن جو پيٽ ڀرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ٿي. هوءَ مڪئي سان گڏ جوئر ٻاجھر ملائي اسان کي اهڙين عجيب ڀاڄين سان ڏيندي هئي جن کي اسان هونءَ ڇهڻ به پسند نٿي ڪيو. ڳائو يا ٻاڪرو کائڻ وارو ته ڪو خوش نصيب هوندو هو. پورڪ (سوئر جو گوشت) ڪجھه سستو هو پر ڪنهن وٽ ان کي خريد ڪرڻ جيترا به پئسا نه هئا. ڪڪڙيون گھر ۾ پالي سگھياسين ٿي پر هنن جي ڏاري ۾ ڏيڻ لاءِ ڪٿان آيا بچيل سچيل مانيءَ جا ڀور ۽ ڪَنا. بچيل هجن ته اسان نه کائي وڃون. ان ڪري ڪڪڙيون پالڻ به وڏو مسئلو هو، جو هنن کي به ٿوري گھڻي کاڌي جي ضرورت پوي ٿي ۽ کاڌي جي سنگاپور ۾ سخت اڻاٺ ٿي وئي.
1944ع جي شروع ٿيڻ سان ملڪ ۾ Inflation اڃان وڌڻ لڳي. شين جا اگھه ويا وڌندا ۽ شيون لڀن ئي نه. ٻين شين بنا ته انسان رهي به سگھيو ٿي، پر کاڌو پيتو ۽ ضرورت جون شيون ته هر هڪ کي جياپي لاءِ کتيون ٿي. ڪيترائي ماڻهو انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گھر جون قيمتي شيون، ڳهه ڳٺا، ٿانوَ ٿپا، شوپيس ۽ ٻيو گھڻو ڪجھه وڪڻڻ لڳا. مهانگائيءَ جي ڪري منهنجو پگھار پورو نه پئي پيو. هونءَ بليڪ مارڪيٽ اهڙي شيءِ هئي جتي بروڪر جي حيثيت ۾ پئسو ڪمائڻ سولو ڪم هو. بروڪرن (دلالن) سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ ۽ چوليا اسٽريٽ ۾ ڪم ٿي ڪيو. آئون به هنن سان 1944ع ۾ شامل ٿيس ۽ سکي ورتم ته ڪهڙي مال کي خريد ڪري رکجي، جڏهن اهو سستو ملي ۽ پوءِ صحيح وقت تي اگھه چڙهڻ تي نيڪال ڪجي. اسان گھڻو ڪري ننڍا ننڍا ڳهه وٺي وڪيا ٿي. پئسن ڪمائڻ جو اهو آسان طريقو هو بشرطيڪه توهان کي اها اٽڪل هجي ته ڪهڙي شيءِ سستي آهي۽ اڳتي هلي اگھه ڪندي. ان ۾ ماڻهن سان لاڳاپا هجڻ پڻ ضروري ٿين ٿا.
انهن ڏينهن ۾ مون هڪ اهڙو ڌنڌو به ڪيو جنهن منهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آندي. بليڪ مارڪيٽ ۾ دلاليءَ دوران مون کي رئفلس ڪاليج جو هڪ گريجيوئيٽ مسٽر ينگ ناءِ يوڪ (Yong Nyuk)مليو. چوليا اسٽريٽ تي هڪ انڊين ڪتاب فروش بصرئي برادرس (Basraie Brothers) وارن جو دڪان هو. هنن مون کي ٻڌايو ته سنگاپور ۾ کونئر (Gum) جي سخت اڻاٺ پيدا ٿي پئي آهي. جنگ کان اڳ وارو اسٽاڪ ختم ٿي چڪو هو. ڇا آئون اهو ٺاهي سگھان ٿو؟ مون ينگ ناءِ يوڪ کان پڇيو. هن چيو ته هو اهو تاپيوڪا (Tapioca) جو اٽو ۽ ڪاربولڪ ائسڊ ملائي ٺاهي سگھي ٿو. سو مون هن کي ان تجربي ڪرڻ لاءِ خرچ پکو مهيا ڪيو.
ناءِ يوڪ جو ان کونئر ٺاهڻ جو هي طريقو هو. هن هڪ وڏي ڊگھي سلينڊر جهڙي ديڳڙي کي اٽي سان ڀري پوءِ هڪ وڏي ڪڻڇي ۾ گرم ٿيل تيل ۾ ديڳڙي رکي ٿي. اهڙي طرح اٽي کي سنئون سڌو باهه تي گرم ڪرڻ بدران ٽهڪندڙ تيل ذريعي ڪاڙهيو ٿي ويو. تيل گھڻو ڪري پام آئل استعمال ڪيو ٿي، جيڪو سولائيءَ سان ملي سگھيو ٿي ۽ سستو هو. تيل کي هڪ جهڙو گرم رکي اٽي کي لڳاتار گھمايو ٿي جيسين اهو اٽو ڀُڄي سونهري ڳاڙهو نه ٿئي. پوءِ ان ۾ پاڻي وجھڻ سان لئي ٺهي وئي ٿي ۽ پوءِ هن کي گھڻي عرصي لاءِ رکڻ (Reserve) ڪرڻ لاءِ ڪاربولڪ ائسڊ وڌو ٿي. ان لئي سان پوءِ اسڪاٽ ايملشن جون شيشيون ڀريون ويون ٿي، جيڪي ڍير خالي شيشيون اسان کي سستي اگھه تي ملي ويون هيون. هن لئي (کونئر) کي اسان Stikfasيعني “اِسٽڪ فاسٽ” سان ملندڙ نالي سان وڪڻڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ته شيشيون ۽ ان جا ليبل به ٺهراياسون.
ان کونئر مان اسان چڱو ناڻو ڪمائيو. کونئر کي تيار ڪرڻ لاءِ اسان ٻه سينٽر ٺاهيا. هڪ اسان جو گھر جتي منهنجي ماءُ ۽ منهنجي ڀيڻ منهنجي مدد ڪئي ٿي ۽ ٻيو ناءِ يوڪ جو گھر جتي هن جي زال ۽ زال جي ننڍي ڀيڻ ڪِوا گِيوڪ چُو (Kwe Geok Choo) مدد ڪئي ٿي. اها ڇوڪري گيوڪ (ناءِ يوڪ جي سالي) منهنجي رئفلس ڪاليج ۾ ڪلاس ميٽ هئي ۽ مون کان جيڪڏهن ڪا ڇوڪري هوشيار هئي ته اها هئي. تن ڏينهن ۾ نوڪرياڻين جو رواج نه هو. گيوڪ ئي گھر جو سڄو ڪم ڪار ڪيوٿي. کونئر ٺاهڻ هڪ اهڙو ڪم هو جنهن جي بدلي ۾ هن کي جيب خرچي ملي وئي ٿي. کونئر کي چيڪ ڪرڻ لاءِ منهنجو هنن جي گھر اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي ۽ منهنجي انهن ملاقاتن اسان جي وچ ۾ سٺي دوستي پيدا ڪري ڇڏي.
کونئر ٺاهڻ جو اهو سلسلو ست اٺ مهينا کن هليو- 1944ع جي آخر تائين. هاڻي جپانين جوزورو گھٽجڻ لڳو هو. ڌنڌو ڌاڙي ۽ آفيسن جو ڪم گھٽ ٿي ويو هو سو هاڻ کونئر جي ضرورت نٿي پئي. ان ڪري مون اهو کونئر ٺاهڻ جو ڪم بند ڪري ڇڏيو پر گيوڪ چُو سان ملڻ ۽ دوستي برقرار رکڻ لاءِ آئون سندس گھر تبونگ بارو ويندو رهيس. مون کي پڪ ٿي وئي ته انگريز هڪ دفعو وري سنگا پور ۽ ملايا موٽي ايندا ۽ سنگاپور جي گھٽي گھٽي ۽ گهر گھر ۾ ويڙه ٿيندي ۽ فوجين کان وڌيڪ شهري مرندا. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته بهتري انهي ۾ آهي ته سنگاپور جيترو جلد ٿي سگھي ڇڏي ڏجي، جو اڃا معاملو ٿڌو آهي. هڪ دفعو هنگامو شروع ٿي ويو ته پوءِ چرپر ڏکي ٿي پوندي ۽ هينئر پنهنجي نوڪري تان استعيفا ڏيڻ ۾ ڪنهن کي شڪ به نه ٿيندو. مون موڪل لاءِ درخواست ڏني ۽ ملايا هليو ويس جتي پينانگ ۽ ڪئمرون لئنڊس چڱي طرح گھمي ڏٺم ته ڪهڙي جاءِ مون لاءِ موزون ۽ سلامت رهندي.
پينانگ ۾ جيتوڻيڪ مون کي ڪي خاص جپاني فوجي سپاهي نظر نه آيا. پر ان هوندي به مون پينانگ ۾ رهڻ بهتر نه سمجھيو. ڪئمرون هاءِ لئنڊس ۾ منهنجا ڪاليجي دوست مدد لاءِ تيار هئا. واپس سنگاپور اچي مون ماءُ سان صلاح ڪئي تنهن ڪئمرون هاءِ لئنڊس تي هلي رهڻ وڌيڪ محفوظ سمجهيو. مون پنهنجي آفيس “هودوبو” ۾ نوڪري ڇڏڻ لاءِ مهيني جو نوٽيس ڏنو پر مون کي معلوم ٿيو ته ڪو منهنجو لڳاتار پيڇو ڪندو رهي ٿو. شايد جپانين کي ڪنهن ٻڌايو هوندو ته آئون انگريزن جو طرفدار آهيان ۽ جپانين جي شڪست جا آثار ڏسي نوڪري ڇڏڻ ٿو چاهيان. اسان جي گھر جي ٻاهران به هر وقت ٻه ڄڻا چوڪيداري ڪندي نظر اچڻ لڳا. آئون ٻن مهينن تائين ڪوئي ۽ ٻليءَ جي هن ڊوڙ ۾ مبتلا رهيس ڇو جو مون جپانين جا ظلم ٻڌا ۽ ڏٺا هئا.
15 آگسٽ 1945ع تي جپان جي بادشاهه اعلان ڪيو ته هو شڪست قبول ٿو ڪري. جيتوڻيڪ هتي سنگاپور ۾ جپاني فوجين جي شڪست نه ٿي هئي پر توقع اها رکي پئي وئي ته برطانوي جپانين کان جواب طلب ڪندا ۽ هنن کي سزائون به ڏيندا.
جپانين جو ساڍا ٽي سالن واري قبضي جو عرصو منهنجي زندگيءَ جو اهم ترين عرصو ثابت ٿيو. انسانن ۽ معاشرن جي باري ۾ منهنجي معلومات ۾ وسعت پيدا ٿي. بنا ان تجربي جي منهنجي اندر ۾ اهو تصور ڪڏهن به وڌي نه ها ته اقتدار ئي انقلاب جو ذريعو آهي. جپانين سڀني کان تابعداري گھري ٿي ۽ سڀني هنن جي تابعداري ڪئي ٿي جيتوڻيڪ هنن سان سڀني کي نفرت هئي، پر سڀني کي سندن طاقت جي خبر هئي ته بي چيو ٿيڻ تي يا هنن جو حڪم نه مڃڻ تي نقصان رسندو. ان ڪري چيني توڙي ملئي، انڊين توڙي يورپين سڌا ٿي ويا.
جپانين معمولي ڏوهه ڪندڙن کي به ايڏيون وڏيون سزائون ڏنيون ٿي جو ورلي ڪو ڏوهه ٻڌڻ ۾ آيوٿي. ماڻهن جي گھرن جا رات جو به دروازا کليل رهيا ٿي. پاڙي مان هر هڪ کي رات جي پهري لاءِ چيو ويو هو ۽ واري وٽي تي اسين رات جا مقرر ڪلاڪ هٿ ۾ معمولي لڪڻ کڻي پهرو ڏيندا هئاسين ۽ سڄي رات ڪا به چوري چڪاري، ڪنهن جو جهيڙو جهٽو نه ٿيندو هو، جنهن جي جپاني پوليس کاتي کي کڻي رپورٽ ڪجي. ڏوهه ٿين به ڪيئن جو هيڏيون سخت سزائون هيون. اهي تجربا ڌيان ۾ رکي آئون هر وقت انهن ماڻهن جي خيالن کي غلط سمجھندو اچان جيڪي ڏوهن ۽ ان جي سزائن لاءِ نرم دل رکن ٿا ۽ نرمائيءَ جي وڪالت ڪن ٿا. هنن جو اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته سزا ڏوهه نٿي گھٽرائي.
مون ان وقت تائين مائوءَ جو اهو قول نه ٻڌو هو ته “Power grows out of the barrel of a gun” (اقتدار بندوق جي نال مان پيدا ٿئي ٿو.) پر ايترو آئون سمجھي ويو هوس ته جپان جي بندوقن ۽ جپان جي ظلمن اهو فيصلو ڪري ڏيکاريو هو ته طاقتور ڪير آهي ۽ ماڻهن جي وفادارين جو حقدار ڪير آهي.
15 گسٽ 1945ع جي اعلانِ شڪست کان پوءِ کان وٺي انگريزن جي موٽڻ ۽ ڪنٽرول سنڀالڻ تائين (سيپٽمبر جي آخر تائين-ڏيڍ مهينو کن) جپانين جي مخالف گروپن قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي رکيو. هنن مشڪوڪ ماڻهن کي جھلي مارڻ ڪٽڻ شروع ڪيو. اهي سنگاپوري جيڪي جپانين جا چمچا ٿي پئي هليا، جن پنهنجن جي ئي جاسوسي ڪري جپانين کي راز پئي ٻڌايا، جن اهو ئي سمجهيو پئي ته هاڻ جپانين جو راڄ ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، انهن جو قتلِ عام ڪيو پئي ويو. مون کي هن وقت به انهن سنگاپورين جو جان بچائڻ خاطر گھٽين ۾ ڊوڙڻ ياد آهي، جن جپانين جي ساڍا ٽي سال حڪومت ۾ هنن (جپانين) جي طرفداري ڪئي ٿي. مون کي انهن ٺونشن ۽ ڇرين هڻڻ جو آواز ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هنن جي رڙين ۽ آزين نيزارين جا آواز هن وقت به ياد اچي رهيا آهن.
12 سيپٽمبر 1945ع اربع ڏينهن، صبح جو ساڍي ڏهين بجي آئون اسٽئمفورڊ روڊ تان واڪ ڪري سٽي هال پهتس، جتي انگريز حاڪمن اڳيان جپانين جي رسم موجب آڻ مڃڻي هئي. مون ڏٺو ته جپان جا ست اعليٰ فوجي عملدار برطانوي سپاهيءَ جي نظرداريءَ ۾ هاءِ اسٽريٽ کان مارچ ڪندا آيا. جپانين جي مٿي تي ڳاڙي ٽوپي هئي ۽ ٻانهن تي پٽي ٻڌل هئي. رستي جي ٻنهي پاسن کان بيٺل ماڻهن جي هجوم هنن تي نعرا هنيا، گار گند ڪيو، هوٽنگ ڪئي پر هو رعب سان پريڊ ڪندا وڌندا ويا. سندن ڳاٽ اوچو هو. هنن کي ڪنهن جي به پرواهه نه هئي. اڌ مني ڪلاڪ بعد، لارڊ مائونٽ بيٽن، برطانيا جو ڪمانڊر اِن چيف. ظاهر ٿيو. هو نيويءَ جي سفيد يونيفارم ۾ هو. هن ساڄي هٿ سان پنهنجي نيول ٽوپيءَ کي ٽي دفعا هوا ۾ لوڏي پنهنجي فوجين کي داد ڏنو. لارڊ مائونٽ بيٽن کي يونيفارم، پريڊ ۽ فنڪشن بيحد پسند هئا.
هي گھڙيون سچي خوشيءَ جون هيون. جپانين جي ظلم ۽ خوف جي خاتمي جي مهل هئي. ماڻهن سٺن ڏينهن جي وري موٽڻ جي اميد رکي. برطانوي فوج جي سپاهين خوشيءَ مان “پليئرس نيوي ڪٽ” سگريٽن جا پاڪيٽ ڪڍي ماڻهن کي ڏنا. جيڪي جپانين جي قبضي وارن ساڍن ٽن سالن ۾ نظر نه آيا. شراب، بيئر، چاڪليٽ، بسڪيٽ، مارڪيٽ ۾ نظر اچڻ لڳا ۽ هر هڪ اها اميد ٿي رکي ته سگهو ئي سنگاپور جون ڀاڄي مارڪيٽون ميون، ڀاڄين ۽ اناج سان ٽُٻ ٿي وينديون.
1945ع سجو سال پورو ٿي 1946ع جو شروع به ٿي ويو پر ماڻهن محسوس ڪيو ته سنگاپور ۾ اها پهرين واري خوشحالي موٽڻ مشڪل آهي. سڄو شهر جھڙو فوجين سان ڀريو پيو هو. شهر ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون، شراب خانا، (بار) ۽ اگھاڙن ناچن جا ڪلب کلي ويا هئا جن ۾ پڻ فوجي نظر آيا ٿي. جنگ کان اڳ جيڪو وڏي پئماني تي بزنس هليو ٿي اهو تباهه ٿي ويو هو، جو جنگ ۾ ڪيترائي مارجي ويا ٻيا صدمي ۾ پنهنجن ملڪن ڏي روانا ٿي ويا. جهازن جي اچ وڃ گھٽ هئي ۽ ويندي انگلينڊ ۾ به کاڌي پيتي جي شين جي اڻاٺ ٿي پئي هئي. صاف نظر اچي رهيو هو ته بهتر ڏينهن جي اچڻ ۾ سال لڳندا. في الحال سمگلرن ۽ ٺڳن جي ٻيگھي متل هئي. سڄي دنيا ۾ ڄڻ مونجھارو ڇانيل هو.
انهي دوران مون کي پنهنجي اڻ مڪمل ڪيل تعليم جو فڪر هو ۽ کونئر ٺاهڻ واري ڇوڪري “گيوڪ چُو” سان وڌندڙ محبت جي لوري لڳل هئي. مون پنهنجي ماءُ سان صلاح ڪئي ۽ هن اها راءِ ڏني ته هن جا بچيل ڳهه وڪڻي ۽ منهنجا بچايل پئسا، خاص ڪري کونئر جي ڪمائيءَ وارا ملائي ايترا ڪري سگھجن ٿا، جو آئون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ هليووڃان. مون پنهنجي ساهيڙي گيوڪ چُو کي ٻڌايو ته آئون سنگاپور جي ريفلس ڪاليج بدران انگلينڊ قانون جي تعليم لاءِ وڃي رهيو آهيان جتي مون کي ٽي سال کن لڳي ويندا. ان بعد موٽڻ تي آئون هن سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا هوءَ مون لاءِ ٽي سال انتظار ڪري سگھندي؟
گيوڪ چو مون کان پڇيو ته ڇا مون کي معلوم آهي ته هوءَ مون کان اڍائي سال کن وڏي آهي. مون چيومانس ته ها مون کي خبر آهي۽ مون ان کي به ڌيان ۾ رکيو آهي. مون اهو به سوچي ورتو آهي ته مون کي منهنجي هم خيال ۽ هم عمر ڇوڪري نه ملندي. اسان پنهنجن والدين کي ان بابت نه ٻڌايو هو ڇو ته هنن کي راضي ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم هو.
آئون “دي برٽينڪ” (The Britannic) نالي جهاز تي انگلينڊ روانو ٿيس. ڪنارڊ ڪمپنيءَ جو هي جهاز 65 هزار ٽنن جو هو، جنهن جنگ کان اڳ لور پول کان نيويارڪ ويندي ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙيو ٿي. هن کان اڳ ڪو به ايڏو وڏو ۽ تيز رفتار پئسينجر جهاز سنگاپور کان سائوٿمپٽن (انگلنڊ) نه ويو هو. اهو سڄو فوجين سان ٽٻ هو. چاليهه کن ايشيائي به هئا جن ۾ گھڻائي چينين جي هئي. گھڻا مسافر هجڻ ڪري هر ڪئبن ۾ نارمل مسافرن کان ٻيڻو تعداد رهيو ٿي.
مون وٽ قانون جا ٽيڪسٽ بڪ نه هئا جو کڻي ايندڙ پڙهائيءَ لاءِ تياري ڪيان، سو جهاز تي سڄو ڏينهن هانگ ڪانگ جي رهواسي شاگردن سان پوڪر (پتي راند) کيڏندو رهيس. وقت گذارڻ لاءِ جهاز تي ٻين جيڪي ڪم ڪيا ٿي ان جي مقابلي ۾ پتي راند کيڏڻ هڪ نهايت معصوم ڪم هو. اهو ڏسي مون کي حيرت ٿي ته چاليهه پنجاهه کن سپاهي عورتون ۽ نان ڪميشنڊ آفيسرياڻيون ۽ ٻين رئنڪن واريون جهاز جي آفيسرن ۽ مسافرن سان کلئي عام دل پشوري ڪري رهيون هيون. هڪ رات هانگ ڪانگ جو هڪ شاگرد مون وٽ ڊوڙندو آيو، سندس اکين جا ڌوڏا مٿي مان ٻاهر نڪري آيا هئا، تعجب مان چيو:“لي ٻاهر بوٽ ڊيڪ (Boat Deck) تي ته هلي ڏس ته ماڻهو ڪيئن بي شرم ٿي هڪ ٻئي سان بنا ڪپڙن جي ستا پيا آهن.”
مون کي به ڏسڻ جو شوق ٿيو ۽ ڏسڻ لاءِ سڌوBoat Deck تي آيس. سڄي ڊيڪ تي عورتون مرد هڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ هئا. ڪي شايد گھٽ بي شرم هئا جن ٻيڙين مٿان ٻڌل ڪپڙي کي کولي،ان اندر لڪ چوريءَ ليٽيل هئا. برطانوي ۽ يورپين کي ائين کلئي عام Sex ۾ مشغول ڏسي مون کي جپاني سولجر ياد آيا جيڪي ڪئرن هِل روڊ جي Comfort Houses (چڪلن) جي ٻاهران ڊگھين قطارن ۾ بيٺل هوندا هئا. هنن عياشيءَ لاءِ فلپينو ۽ ڪورين ڇوڪريون رکيون هيون. صبح جواٿي ان ڊيڪ تي ڏٺوسين ته ڪيترائي “فرينچ ليدر” جنهن کي هاڻ “ڪنڊوم” سڏين ٿا، چوڌاري پکڙيا پيا هئا.
لنڊن ۾ مون کي کاڌي جي ڏاڍي تڪليف رهي. ڪيترين ئي شين تي راشن لڳل هو. هوٽلن ۾ کاڌو تمام مهانگو هو. سنگاپور ۾ جيڪي شيون گھر ويٺي تيار ملنديون هيون انهن لاءِ هتي مون کي پاڻ ئي ڪم ڪرڻا پيا ٿي. رڌ پچاءُ، ڪپڙا ڌوئڻ،استري ڪرڻ وغيره وغيره سڀ ڪجھه مون کي پاڻ ڪرڻو پيو ٿي. مون لا ءِ انگلنڊ جي موسم، ماڻهو، کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، ماڻهن جون عادتون ۽ رسمون رواج سڀ نراليون ۽ اوپريون هيون، سواءِ انگريزي زبان جي جيڪا مون کي آئي ٿي ۽ ٻين جي به سمجھيم ٿي. هتي لنڊن ۾ پنهنجو ئي ڪم ڪار ڪري، ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ بسين ۽ ٽيوبن ۾ چڙهي ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي تائين پيرين پنڌ هلي هلي اهڙو ٿڪجي پوندو هوس جو ڪتاب پڙهڻ ۽ سوچڻ لاءِ همت ئي نه رهندي هئي.
هڪ ڏينهن “لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس” ۾ Constitutional Law تي پنهنجي پروفيسر جي. ايل. وليمسن کان ليڪچر ٻڌڻ بعد هن وٽ ويس. مون کي خبر پئي ته هو سينٽ جان ڪاليج، ڪئمبرج کان آهي، جتي هن Ph.D ڪئي هئي. مون هن کان ڪئمبرج ۽ اتي جي زندگيءَ بابت پڇيو. هن ٻڌايو ته اهو هڪ ننڍڙو شهر آهي، جنهن جي سڃاڻپ يونيورسٽي ڪري آهي ۽ اهو لنڊن کان بلڪل مختلف آهي. اتي زندگي وڌيڪ سڪون واري آهي ۽ لنڊن وانگر ڀڄ ڀڄان نه آهي. شاگرد ۽ ٽيچر سائيڪلن تي ئي هلندا رهن ٿا. مون کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ مون اتي وڃي داخلا ورتي. لنڊن جي مقابلي ۾ ڪئمبرج ۾ واقعي خاموشي هئي. ٽرئفڪ تمام گھٽ هئي. ڪي ٿوريون پرائيويٽ ڪارون، ڪجھه بسون ۽ ٽرڪون هيون نه ته چوڌاري رڳو سائيڪلون نظر آيون ٿي. مون به اٺن پائونڊن جي هڪ سيڪنڊ هئنڊ سائيڪل ورتي ۽ سيءَ توڙي مينهن جھڙ ۾ ان تي چڪر هڻندو رهيس.
ورزش خاطر ڪئمبرج ۾ آءٌ بوٽ ڪلب ۾ شامل ٿيس، پر هنن مون کي هڪدم ٻيڙي هلائڻ نه ڏني ان لاءِ مون کي هفتي ۾ ٻه دفعا، ٽن هفتن لاءِ درياهه جي ڪناري تي ٻڌل ٽب ۾ وهاري پرئڪٽس ڪرائي ته ڪيئن اڳيان ٿي جھڪي ۽ پوءِ ڪٿي پير کپائي چَپوئن (oars) کي پاڻ ڏي ڇڪجي، وغيره. ان بعد ٻين ستن ڄڻن سان گڏ ويهي ٻيڙي هلائڻ شروع ڪيم. هڪ پٺيان Rudder تي ويٺو ٿي جيڪو ضرورت وقت ٻيڙيءَ کي ساڄي کاٻي ڪري سگھي. هڪ اڳيان وچ ۾ ويهي اسان کي آواز ڏنو ٿي ته جيئن سڀ گڏ چَپُو هڻون. هڪ دفعو پرئڪٽس ٿي ۽ جنهن ڏينهن ٻئي دفعي جو وارو آيو ان ڏينهن صبح کان وٺي سخت برفاني طوفان لڳندو رهيو.ظاهر آهي آئون سمجھي ويس ته اهڙي حالت ۾ پرئڪٽس ڪئنسل ئي سمجهڻ کپي. پر پوءِ مون کي خبر پيئي ته منهنجا باقي انگريز ڀيچي سڀ پهچي ويا هئا ۽ هڪ ڄڻي کٽل ڪري هنن جي پرئڪٽس نه ٿي. منهنجي غير حاضر رهڻ تي مون کي ڏاڍا دڙڪا پيا. مون کي پڪ ٿي وئي ته انگريز وڏا چريا آهن ۽ مون بوٽ ڪلب ئي ڇڏي ڏنو.
جون 1947ع تي مون کي خوش خبري ملي ته گيوڪ چُو سنگاپور ۾ پهرين نمبر سان پاس ٿي آهي ۽ کيس انگلنڊ جي راڻيءَ طرفان انگلنڊ ۾ پڙهڻ جي اسڪالر ملي آهي.
هوءَ آگسٽ ۾ هڪ “ٽروپ شپ” تي سنگاپور کان سوار ٿي ۽ آڪٽوبر ڌاري لِورپورل ۾ پهتي. آئون سندس انتظار ۾ صبح کان بندرگاهه ۾ اچي بيٺو هوس ۽ وڏي عرصي جي جدائيءَ بعد هن سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. اسان ريل گاڏيءَ رستي سڌو لنڊن وياسين جتي پنج ڏينهن گھمڻ ڦرڻ بعد ڪئمبرج پهتاسين. هن مون کي ٻڌايو ته آئون پهرين کان گھڻو بدلجي چڪو آهيان. هڪ سال لنڊن ۽ ڪئمبرج ۾ رهڻ ڪري منهنجي اندر ۾ گھڻيون تبديليون اچي چڪيون هيون. هاڻ مون انگريزن کي هنن جي ئي ملڪ ۾ ڏٺو هو ۽ مون کي ان ڳالهه تي اعتراض هو ته هو ٻين ماڻهن تي انهن جي ملڪ ۾ هن جي ڀلائيءَ لاءِ حڪومت ڪرڻ جا اهل ڪيئن ٿا سڏائين.
اسان فيصلو ڪيوته آئون ۽ گيوڪ چُو شادي ڪري ڇڏيون سو نيٺ ڪرسمس جي موڪلن ۾ اسان لڪ چوريءَ ۾ شادي ڪري ورتي. اسٽرافورڊ شهر جتي شيڪسپيئر جو مشهور ٿيٽر آهي، گھمڻ لاءِ ويندي وقت اسين لنڊن ۾ وري ترسياسين ۽ ريجنٽ اسٽريٽ جي هڪ سوناري جي دڪان تان پليٽينم جي منڊي وٺي کيس آڱر ۾ پارايم جيڪا پوءِ هوءَ چين ۾ وجھي ڳچيءَ ۾ پائي هلڻ لڳي.
اسان جا آخري امتحان 1949ع مئي ۾ ٿيا ۽ رزلٽ جون ۾ آئي. اسان ٻنهي جو پهريون نمبر آيو ۽ Law Tripos II ۾ مون کي ڊسٽنڪشن ملي. اسان تار ذريعي مائٽن ڏينهن خوش خبري موڪلي. منهنجا انگلنڊ ۾ رهڻ جا چار سال سجايا ٿيا. گيوڪ چُو- جيڪا هاڻ منهنجي زال ٿي چڪي هئي ۽ آئون ڊچ پئسينجر جهاز وليم (The Willem Ruys) ذريعي سنگاپور روانا ٿياسين. هي تمام ماڊرن، نئون ۽ ايئرڪنڊيشنڊ جهاز هو جنهن تي ڊچ ۽ انڊونيشي کاڌا Serve ٿياٿي ۽ مسافرن جي خذمت خاطر ڪيترائي جاوا جا اسٽيورڊ رکيل هئا. اسان فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪيو ۽ ڏاڍو مزو آيو، سواءِ “بي آف بسڪي” ۽ “عربي سمنڊ” جي، جن تي مون کي ڏاڍي Sea Sickness ٿي ۽ الٽيون ۽ اٻڙاڪ ڏيندو رهيس.
اسين سنگاپور پهرين آگسٽ 1949ع تي پهتاسين. گھر موٽڻ جي وڏي خوشي ٿيسين ۽ پنهنجي وطن موٽي اچڻ کي بهتر سمجھيوسين. سنگاپور جي بندرگاهه ۾ منهنجو پيءُ، ماءُ، فريڊ، مونيڪا ۽ سوسان مون کي وٺڻ آيا هئا. گيوڪ چُو (منهنجي زال) کي وٺڻ لاءِ پڻ سندس فئملي آئي هئي. اسان دوستن جي حيثيت ۾ هڪ ٻئي کان جدا ٿياسين ۽ انگلنڊ ۾ رچايل شاديءَکي ان وقت راز ۾ ئي رکيوسين ۽ پوءِ گھر پهچي ظاهر ڪئيسين.
(نوٽ: لي ڪئان يو ۽ گيوڪ چُو کي ٻه پٽ-جن مان هڪ لِي هيسن لونگ سنگاپور جو پرائيم منسٽر به ٿيو، ۽ هڪ ڌيءُ ڊاڪٽر لِي وي لِنگ، جيڪا نيورولاجسٽ ۽ نئشنل نيورو سائنس انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر به رهي، آهي. ننڍو پُٽ لِي هسين ينگ سنگاپور جي فوج ۾ برگيڊيئر جنرل ٿي رهيو.)

سنگاپور ڪٿي آهي ۽ ڪيڏو وڏو آهي . . .

سنگاپور اسان کان ڪوگھڻو پري ناهي. هوائي جهاز رستي سڌو وڃجي ته جدي کان ٻيڻو پنڌ آهي ۽ لنڊن جي اڌ جيترو آهي، پر اولهه بدران اوڀر پاسي آهي. ڪراچي کان اسلام آباد هوائي جهاز جو پنڌ 1200 ڪلوميٽر آهي. ڪراچي کان جدو 2400 ڪلوميٽر آهي ۽ ڪراچي کان سنگاپور 4600 ڪلوميٽر آهي. ڪراچيءَ کان سنگاپور باءِ روڊ 5500 ڪلوميٽر پنڌ ٿئي ٿو ڇو جو باءِ ايئر ته سڌو هڪ ليڪ ۾ وڃڻو پوي ٿو پر باءِ روڊ ڪراچيءَ کان سڌو اوڀر طرف ڍاڪا تائين 2300 ڪلوميٽر پنڌآهي ان بعد ڏکڻ طرف وڃڻو پوي ٿو ۽ ڍاڪا کان رنگون (ميانمار) 900 ڪلوميٽر، ان بعد بئنڪاڪ 700 ڪلوميٽر ۽ پوءِ بئنڪاڪ کان وڌيڪ ڏکڻ ڪوالالمپور (ملائشيا) 1200 ڪلوميٽر ۽ ڪوالالمپور کان سنگاپور وڌيڪ ڏکڻ ۾ 400 ڪلوميٽر پنڌ تي آهي. ڪراچي، ڍاڪا ۽ سنگاپور سمجھو ته هڪ Right Angled ٽڪندو ٺاهين ٿا جنهن جو Base کاٻي کان ساڄي اي ۽ بي نقطا وٺي ٺاهجي ته A ڪراچي ۽ B ڍاڪا ٿيندو ۽ پوءِ B نقطي کان 90 ڊگرين جي ليڪ هيٺ C تائين ٺاهجي ته C سنگاپور ٿيندو. باءِ روڊ وڃڻ لاءِ اي کان بي تائين Base لتاڙڻو پوندو ان بعد بي کان سي تائين Perpendicular. پر باءِ ائير وڃڻ لاءِ اي کان سي Hypotenuse واري ليڪ وٺڻي پوندي.
سمنڊ رستي سنگاپور اچڻ لاءِ ڪراچيءَ کان هڪدم ڏکڻ طرف هلائڻو پوي ٿو -بلڪه چئن طرفن (اوڀر، اولهه ۽ ڏکڻ) بدرانجيڪڏهن اٺ طرف دماغ ۾ رکجن (يعني اوڀر، اوڀر-اتر، اتر، اتر-اولهه، اولهه، اولهه-ڏکڻ، ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اوڀر) ته جهاز کي “ڏکڻ-اوڀر” طرف هلائڻ سان 1300 ڪلوميٽرن بعد بمبئي ايندو. (هونءَ باءِ ايئر ڪراچيءَ کان بمبئي فقط 1000 کن ڪلوميٽر آهي، پر By Sea ڪجهه وڪڙن ڪري 1300 آهي ۽ جهاز جي رفتار جيڪڏهن 32کن ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي ته 40 ڪلاڪن ۾ بمبئي پهچيو وڃجي، پر پاڻيءَ واري جهاز لاءِ ضروري ناهي ته هر وقت 40 ڪلاڪ ئي وٺي. سامونڊي لهرن، مختلف قسمن جي هوائن۽ جهازن تي چڙهيل بار جهاز کي بندرگاهه ۾ ٻه چار ڪلاڪ اڳ يا دير سان به پهچائي سگھي ٿو، چاهي کڻي انجڻ جي رفتار هر دفعي ساڳي رکو. بهرحال بمبئي بعد وڌيڪ ڏکڻ اوڀر ۾ ڪولمبو اچي ٿو، جيڪو ڪراچيءَ کان 1700 ڪلوميٽر پري آهي. ڪولمبوکان پوءِ، سري لنڪا جي هيٺئين اڌ کي ڦيرو ڪري پوءِ اوڀر ڏي سڌو رخ رکڻو پوي ٿو جيسين جهاز ملاڪا جي سوڙهي ڳچي سمنڊ(Malacca Strait) ۾ داخل ٿئي، جيڪو 2500 کن ڪلوميٽر پنڌ آهي. ملاڪا نار جي کاٻي پاسي ملائيشيا آهي ۽ ساڄي پاسي انڊونيشيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ سماترا آهي. هيءَ نار 600 کن ڪلو ميٽر آهي، جنهن جي پوڇڙ تي (جتي اها ڏکڻ چيني سمنڊ سان وڃي ٿي ملي) سنگاپور جو ٻيٽ آهي. ڪراچي کان بمبئي تائين وارو سمنڊ “عربي سمنڊ” آهي ۽ سري لنڪا کان ملاڪا ڳچي سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ جيڪو سمنڊ اُڪرجي ٿو، اهو خليجِ بنگال (Bay of Bengal)جو حصو آهي. عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال “هندي وڏي سمنڊ” (Indian Ocean)۾ اچن ٿا. هوڏانهن ڏکڻ چيني سمنڊ “پئسفڪ وڏي سمنڊ” جو حصو آهي.
بهرحال ڪراچي کان سنگاپور سمنڊ رستي پهچڻ لاءِ پاڻيءَ جي جهاز کي اٽڪل 6100 ڪلوميٽر جو سفر ڪرڻو پوي ٿو سو به جيڪڏهن وڏو جهاز آهي ته نه ته اڳئين زماني ۾ جڏهن سڙهن تي هلندڙ جهاز (Sailing Ships) هئا يا گھٽ طاقتور مشين وارا ننڍا جهاز هئا ته هنن کي اڃا به وڏو سفر ڪرڻو پيو ٿي. اهي ڪولمبو کان سڌو ملاڪا نار جو رخ نه وٺندا هئا جو اهي جهاز خليج بنگال جي کلئي ۽ خوفناڪ سمنڊ جي سَٽَ جھلي نٿي سگھيا. انهن جو Coasting تي زور هوندو هو- يعني ڪنارو ڏئي هلندا هئا. ڪنهن به وقت ڪناري کان گھڻو پري نه ٿيندا هئا. يعني ڪولمبو بعد سري لنڪا جي هيٺين حصي کي ڦرڻ بعد اوڀر ڏي ملاڪا نار سڌو رخ ڪرڻ بدران مٿي اتر ڏي هندستان جو اوڀر وارو ڪنارو ڏئي هلندا هئا ۽ پانڊيچيري، مدراس، وشاڪا پٽنام ۽ برهمپور جهڙن بندرگاهن مان ٿيندا ڪلڪتي پهچندا هئا ۽ پوءِ هيٺ ڏکڻ ڏي (بلڪه ڏکڻ اوڀر ڏي) برما جو الهندو ڪنارو وٺندا، سيام (ٿائلنڊ) پهچندا هئا ۽ پوءِ ملاڪا نار ۾ گھڙندا هئا. يعني سري لنڪا کان ملاڪا نار پهچڻ لاءِ هنن کي ڪنارو وٺي اچڻ ڪري 5000 کن ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو ٿي، جيڪو اڄ ڪلهه جي وڏن جهازن کي خليج بنگال ڪراس ڪرڻ ۾ اڌ جيترو پنڌ پوي ٿو. اڳئين زماني جي جهازن جي اها به مجبوري هئي ته انهن وٽ تيل رکڻ لاءِ وڏيون ٽانڪيون نه هيون. اڄ ڪلهه جي جهازن ۾ ٻن مهينن جي لڳاتار سفر جو تيل ته آرام سان رکي سگھجي ٿو ۽ هر جهاز تي Fresh Water Evaporator مشين لڳل آهي جيڪا سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهيندي رهي ٿي. ان ڪرياڳئين زماني وانگر هنن کي ٽئي چوٿين ڏينهن تيل، پاڻي يا کاڌي جي راشن لاءِ بندرگاهه ڏي رخ نٿو ڪرڻو پوي. اڄ جي جهازن تي ڪُٺل ٻڪرين، رڍن، ڍڳين لاءِ پڻ وڏا ۽ بيحد ٿڌا ڪمرا ٺهن آهن، جن ۾ گوشت، ميوا ۽ ڀاڄيون وڏي عرصي لاءِ رکي سگھجن ٿيون.
بهرحال شروع وارن ڏينهن ۾ (جڏهن ته اڃا يورپين هن پاسي اچڻ شروع نه ڪيو هو) هندوستان ۽ عرب ملڪن کان جهازي / وڻجارا، هنن پٽن ڏي آيا ٿي (جيڪي اڄ ڪلهه ملائشيا، انڊونيشيا ملڪ سڏجن ٿا)، ته هو بنگال جو ڪنارو ڏئي آيا ٿي. بنگالي کڻي عرب يا مدراسي سوداگرن وانگر امير ۽ جهازن جا مالڪ نه هئا، پر سٺا جهازي ضرور هئا. ننڍي هوندي کان پاڻيءَ جي ويجھو ۽ طوفانن ۾ گذارڻ ڪري اڄ به هو سٺا خلاصي مڃيا وڃن ٿا ۽ تن ڏينهن ۾ به جهازن تي بنگالي گھڻا هوندا هئا، چاهي عربن جا جهاز هجن يا ايرانين جا، ۽ جيئن ته جهاز بنگال جو ڪنارو ڏئي ملاڪا نار ۾ پهچندا هئا ان ڪري ملاڪا نار جي بندرگاهن: پينانگ ملاڪا، آچيح، بينڪولين وغيره ۾ هر اهو ماڻهو جيڪو اوڀر کان ايندو هو بنگالي سڏبو هو پوءِ چاهي هو سچ مچ بنگالي (هندو يا مسلمان) هجي يا تامل، ملباري، سنڌي، ايراني. ايتري قدر جو گھڻو پوءِ جڏهن پهريون دفعو يورپ جي پهرين قوم (پورچوگالي) ملاڪا پهتي ته انهن کي به مڪاني ماڻهو بنگالي سڏڻ لڳا. البتسندن اڇو رنگ ڏسي کين پوتيح (اڇو) بنگالي چوڻ لڳا ۽ سندن ڳاڙهين کُهنبين (Blonde)ڏاڙهين کي هٿن سان ڇهي، حيرت کائڻ لڳا، ۽ پوءِ جيڪا ڪهاڻي ٿي اها تواريخ جو حصو آهي. پورچوگالين ههڙا سادا مڪاني ماڻهو، ههڙا سر سبز ۽ ساوا پٽ، ههڙي مزيدار موسم ۽ برساتون، ڀانت ڀانت جا مسالا ۽ هڳاءُ وارو ماحول ڏسي هو هتي جي ڌرتيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ جو سٽاءُ ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ عرب ٻاهر، اٺ تنبوءَ ۾. هي سڄو علائقوپورچوگالين حوالي ٿي ويو. ان بعد ڊچ آيا، ان بعد انگريز ۽ پوءِ جپاني ۽ وري ساڳيا انگريز ۽ پوءِ ويهين صديءَ جي اڌ بعد وڃي ايشيا ۽ آفريڪا جا ملڪ آزاد ٿيا.
سنگاپور ٻيٽ ڪيڏو وڏو آهي؟ سنگاپور ٻيٽ کي وڏو به چئي سگھجي ٿو ته ننڍو به. سنگاپور جي اوس پاس وارو علائقو جيڪو ايسٽ انڊيز پڻ سڏجي ٿو، سڄو ٻيٽن سان ڀريو پيو آهي. ويندي انڊونيشيا، فلپين جهڙا ملڪ ايران،افغانستان، پاڪستان وانگر ڌرتيءَ جا يڪا چَڪَ (pieces)نه آهن پر سَوين هزارين ٻيٽن تي مشتمل آهن. پوءِ ڪي ٻيٽ ايراضيءَ ۽ آدمشماريءَ کان تمام وڏا آهن جيئن ته انڊونيشيا جا ڪجھه ٻيٽ: سماترا، جاوا (جنهن تي گاديءَ جو هنڌ جڪارتا آهي)، بورنيو، بالي وغيره وڏا ٻيٽ آهن ۽ فلپين جو به لوزان، منڊانائو، سيبو، Panay چڱا وڏا ٻيٽ آهن، باقي ٻيا هزارين ٻيٽ آهن جن مان ڪجھه تي آبادي آهي ڪجهه تي نه. ڪي ته کٽ جيڏا به ٻيٽ آهن. ڪي اهڙا ٻيٽ آهن جيڪي ڏينهن ۾ ٻه دفعا سمنڊ جي وير چڙهڻ تي ٻڏيو وڃن ۽ وير لهڻ تي نظر اچن ٿا. ڪي اهڙا ٻيٽ آهن جن تي رهندڙ عوام ڪناري تي گھٽ پر ٻيڙين تي رهي ٿو ۽ رڌ پچاءُ به ان تي ڪري ٿو. ويندي جپان به هڪ يڪو ڌرتيءَ جو ٽڪرو ناهي پر چئن وڏن ٻيٽن (هونشو، ڪيوشو، شڪاڪو ۽ هيڪدو) ۽ ٻه ڊزن کن ننڍن ٻيٽن (ساڪي شيما، اوڪينيوا، امامي اوشيما، باڪو شيما، تنيگا شيما، ساڊو شيام وغيره وغيره) تي مشتمل آهي، ۽ اهڙن ملڪن جا ڪجھه اهڙا ننڍا ننڍا ٻيٽ به آهن جن جو اڄ ڏينهن تائين فيصلو نه ٿي سگھيو آهي ته ڪهڙي ملڪ جي ملڪيت آهن. جپان جي اتر ۾ ڪجھه ٻيٽ اهڙا آهن جيڪي روس ۽ جپان ٻئي Claim ڪن ٿا. اهڙي طرح فلپين ۽ انڊونيشيا جا ننڍا ٻيٽ هڪ ٻئي سان گڏ مڊ ٿي ويا آهن. ڪيترا اهڙا ويران ۽ ننڍا ٻيٽ آهن جن کي ڪير به نٿو پڇي. انهن تي جي ڪو ماڻهو ڇيڻو آهي ته اوسي پاسي جي ملڪن کي منٿ ميڙ ڪندو رهي ٿو ته ٻيلي هن ماڊرن دور ۾ اسان کي ڪي سهولتون مهيا ڪري ڏيو اسان توهان جي ملڪ جو حصو آهيون، پر ڏورانهين ٻيٽ تي ان ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ رهندڙ حاڪمن کي ڪهڙي پرواهه. پر جي اوچتو خبر پئجيو ٿي وڃي ته ڪنهنويران ٻيٽ تي ٻارڻ جي گئس يا تيل پيو نڪري يا سون جهڙو ڌاتو آهي ته پوءِ سائين اوسي پاسي جا ملڪ ته ڇا ڏورانهان ملڪ به ان کي پنهنجي ملڪ جو حصو قرار ڏئي هڪٻئي سان مار مارا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. جيئن اڄ ڪلهه اسپراتلي ٻيٽن (Spratly Islands) تي چوڌاري موجود سڀني ملڪن: ملائشيا، فلپين، چين، انڊونيشيا، ويندي ويٽنام ۽ تائيوان کڻي Claim ڪيو آهي ته اهي ٻيٽ هنن جا آهن، جيتوڻيڪ انهن ٻيٽن مان (جيڪي پنجاهه کن ٻيٽ ٿيندا ۽ هر ٻيٽ ڳوٺ وليداد چاچڙ جي به چوٿين حصي جيڏو مس ٿيندو) ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ تي ڪو بني بشر رهي ٿو، سو به ٻيڙين تي. هن پاسي جي ملڪن جي هنن هزارين ٻيٽن لاءِ پنهنجن شاگدن کي آئون هميشه ائين چوندو آهيان ته ڪنهن شيشي جي جڳ وانگر آهن، جنهن کي جيڪڏهن مٿاهينءَ تان سيمنٽ جي فرش تي ڇڏجي ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي. پوءِ ڪي وڏا ٽڪرا وڏا ٻيٽ ته ڪي ننڍا ٽڪرا ننڍا ٻيٽ آهن. اسپراٽلي ٻيٽ ته شيشي جا ٽڪرا نه پر سنهيون ڇَيتيون سمجھڻ کپن. بهرحال جي هڪ جڳ آهي ته اهو آسانيءَ سان چئي سگھجي ٿو ته هي سڀ شيشا فلاڻي جڳ جا آهن جيڪو فلاڻي هنڌان خريد ڪيو هئوسين يا فلاڻي گفٽ ۾ ڏنو هو پر اهو سوچيو ته هڪ بدران چار جڳ ڪنهن ڪمري جي مختلف ڪنڊن ۾ مٿان کان ڇڏجن ته ان صورت ۾ شيشي جي ٽڪرن مان اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ته ڪهڙو شيشو ڪهڙي جڳ جو آهي. شيشي جا وڏا ٽڪر ته کڻي سڃاڻي سگھجن (جيئن جاوا، سماترا، شوولاويسي، مالوڪو، تمور، منڊانائو ٻيٽ وغيره) جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪنڊ ۾ پيا هجن پر ننڍا شيشا ۽ ڇيتيون ته ڪمري جي وچ ۽ ٻين ڪنڊن ڏي، ٻين جڳن جي ٽڪرن سان مليو وڃن. مزي جي ڳالهه اها ته فلپين، انڊونيشيا، ملائشيا ۽ برونائي جي هڪ ٻئي سان مليل اهڙن ننڍن ٻيٽن ۾ هڪ ئي قسم جي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي جيڪا قديم ملئي زبان (Melayu) سان ملندڙ جلندڙ آهي، جيئن ڪراچيءَ کان اڳيان گوادر،پسني- ويندي ايران جي بندرگاهه ڇابهار ۽ بندر عباس تائين (جيڪي مڪران ڪوسٽ جا بندرگاهه سڏجن ٿا) ۽ ايران جي سامهون (يعني خليج عمان ۽ ايراني نار جي ٻئي پاسي) مسقط، دبئي، دوحا وغيره جي ڪناري جا رهاڪو ۽ مهاڻا هڪ ئي زبان مڪراني ڳالهائين ٿا جنهن جا اڌ کان وڌيڪ لفظ فارسيءَ جا آهن. سو اهڙي حالت ۾ هن پاسي جي ٻيٽن جي رهاڪن جي ويس وڳن، زبان يا رسم رواج مان اهو اندازو لڳائڻ سولو ناهي ته آيا فلاڻو يا فلاڻو ٻيٽ فلپين جو آهي يا انڊونيشا جو! وري به هاڻ ملڪن جو تعداد گھٽ ٿي پيو آهي نه ته اڳئين زماني ۾ ويندي اوڻيهين صديءَ جي شروع ۾، جڏهن انگريزن سنگاپور جي هڪ ويران ۽ جھنگ سان ڀريل ٻيٽ تي 1819ع ۾ قبضو ڪيو ته ان وقت مختلف ٻيٽن جا مختلف سردار، سلطان، بادشاهه يا انهن جا نمائندا حاڪم هئا.
1819ع ۾ سنگاپور کان وڌيڪ وڏو ۽ رونق وارو ٻيٽ ريائو (Riau) هو جنهن تي ملئي حاڪم رهيو ٿي، جنهن جي هٿ هيٺ سنگاپور جو ٻيٽ پڻ هو. اهو ملئي حاڪم (سلطان) ۽ ٻيا ڪيترائي اوسي پاسي جا ڊچن جي اثر هيٺ هئا. ڊچن خوب موج مزا ٿي ڪيا ۽ انگريزن کي ويجھو به نٿي اچڻ ڏنائون. انگريزن نيٺ سڙي سڙي سنگاپور ٻيٽ تي قبضو ڪيو جنهن لاءِ انگريز سيڪريٽري سر اسٽئمفورڊ رئفلس کي Credit ڏئي سگھجي ٿو. هن اهو ٻيٽ ڪيئن ملئي حاڪمن ۽ ڊچن کان هٿ ڪيو ۽ ان کي ترقي وٺرائي، ان جو سربستو احوال هن کان اڳ وارن ڪتابن (“سنگاپور ويندي ويندي” ۽ “سنگاپور ٿو سڏ ڪري”) ۾ ڏئي چڪو آهيان. هتي رڳو مختصر طور اهو ٻڌائڻو آهي ته سنگاپور ٻيٽ (جيڪو هڪ شهر، ملڪ ۽ رياست پڻ چئي سگهجي ٿو)، ٻين پاڻ جهڙن ٻيٽ نما ملڪن (جهڙوڪ تائيوان، سري لنڪا، مئڊا گاسڪر، ڪيوبا ۽ آئيسلئنڊ وغيره) کان تمام ننڍو آهي. سنگاپور جو ٻيٽ 26 ميل (42 ڪلوميٽر) ڊگھو آهي ۽ گھڻي کان گھڻو ويڪرو 14 ميل (23 ڪلوميٽر) آهي. ڪن هنڌن تي ته- خاص ڪري چانگي، بيدوڪ وٽ ته پنجن ميلن کان به گھٽ ويڪر اٿس. مزي جي ڳالهه اها ته سنگاپور جي ان ننڍڙي ٻيٽ جي چوڌاري ٻيا به انيڪ ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن جن مان 57 ٻيٽ ته سنگاپور جي ملڪيت آهن. انهن مان ڇهه ستن تي ڪجھه بني بشر رهي ٿو. خاص ڪري سنتوسا ٻيٽ تي، جنهن کي سنگاپور جي حڪومت چڱو سهڻو ۽ گھمڻ لائق ٺاهيو آهي، باقي خالي آهن.
جڏهن انگريزن سنگاپور ٻيٽ تي (1819ع ۾) قدم رکيو ته سنگاپور جو ٻيٽ تيلوڪ آير روڊ تائين هو، جنهن تي ناگور درگاهه شريف، مسجد الابرار ۽ چينين جو مندر ٿيان هاڪ ڪينگ آهي. سمنڊ جو پاڻي ان رستي تائين هو. چيني توڙي مسلمان جهازي، خلاصي، مهاڻا ان روڊ وٽ پنهنجا جهاز ۽ ٻيڙا ٻڌي پنهنجي پنهنجي عبادت گهر ۾ رب جا شڪر بجا آڻيندا هئا. (هندن جو عبادت گھر، “سري ماريا مان” مندر، ٿورو اندر سائوٿ برج روڊ تي مسجد جامي جي ڀرسان هو.) اڳتي هلي ويهين صديءَ ۾ انگريزن جي آخري ڏينهن ۾ ۽ لي ڪئان يو (چيني وزيراعظم) جي ٽيهه سال حڪومت ۾ سنگاپور کي وڌائڻ خاطر تيلوڪ آير روڊ کان بيٺل سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀري زمين حاصل (Reclaim) ڪئي وئي. هاڻ سنگاپور سيشل اسٽريٽ، مارڪيٽ اسٽريٽ، ائسسن روڊ، ابنس روڊ، شينشن وي، فلوٽن روڊ، بئٽري روڊ وغيره جيڪو ڏسو ٿا اهو سڄو سمنڊ هو. ٻين لفظن ۾ 1819ع ۾ سنگاپور ٻيٽ جي پکيڙ فقط 580 چورس ڪلوميٽر هئي، پر پوءِ ٻيٽ جي چوڌاري سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀري ڀري هاڻ 730 چورس ڪلوميٽر خشڪي بنائي وئي آهي.
سنگاپور جو ٻيٽ خط استوا (Equator) جي ويجھو آهي. اهو خط استوا کان 85 ميل کن اتر ۾ آهي. يعني حيدرآباد کان نوابشاهه جيترو پنڌ آهي جيڪو نه برابر سمجھڻ کپي. خط استوا اها خيالي ليڪ آهي جيڪا دنيا جي گولي تي پوري وچ تان لنگھي ٿي ۽ اتي سج جا ڪرڻا ٻارهوئي سڌو پون ٿا ۽ ٻارهو ئي ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿين ٿا. سج جا ڪرڻا سڌو پوڻ ڪري اتي سخت گرمائش ٿئي ٿي. ڪڏهن به ڪنهن جو سنگاپور، انڊونيشيا يا ملائشيا جهڙن ملڪن ۾ اچڻ ٿئي، جيڪي ملڪ خط استوا تي آهن يا خط استوا جي ويجھو آهن، ته پاڻ سان ڇٽي (Umbrella) ضرور آڻي ۽ پنهنجي مٿي ۽ ڪنڌ کي بچائڻ کپي. انهيءَ ڪري هتي جا مڪاني ماڻهو پٽڪو ٻڌن ٿا جنهن جو آخري حصو ڪنڌ پٺيان لڙڪائين ٿا. اڄ ڪلهه هتي جا نوجوان ٽوپي پائين ٿا ۽ چيني همراهه مٿي تي يا ڪنڌ تي ٽوال رکي هلن ٿا. انگريزن جي حڪومت ۾ به انگريز سرڪار طرفان ڪامورن توڙي فوجين کي مٿو ۽ ڪنڌ ڍڪڻ جي سختيءَ سان تاڪيد ٿيل هئي، ۽ اسان وٽ سنڌ هند ۾ به انگريز يا يورپي اس ۾ خاڪي ٽوپلو پائي هلندا هئا جيتوڻيڪ سنڌ ته خط استوا کان چڱو پري اٽڪل 26 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي. يعني خط استوا کي جيڪڏهن زيرو ويڪرائي ڦاڪ سمجهيو وڃي ۽ اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب واري ننڍڙي ويڪرائي ڦاڪ کي 90 ڊگريون اتر ۽ 90 ڊگريون ڏکڻ سمجھيو وڃي ته ڪراچي (بلڪه ملتان بهاولپور جيڪي 30 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي آهن) خط استوا کان هڪ ڀاڱي ٽي حصا ۽ اتر قطب کان ٻه ڀاڱي ٽي حصا پري ٿيا. ۽ جڏهن ملتان ۽ بهاولپور ۾ ئي سج جا ڪرڻا گرم ٿين ٿا ته سنگاپور ۾ ته تمام گھڻو هجڻ کپن، پر هر وقت مينهن ۽ جھڙ ڪري موسم خوشگوار رهي ٿي ۽ گرميءَ جو احساس نٿو ٿئي ۽ هن پاسي ڌاريون ايندڙ اهو نٿو سوچي ته هن پاسي جي اُس ڪيڏو خراب آهي. جيتوڻيڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هڪدم مٿي تي رومال يا اخبار رکي هلن ٿا يا وري ڇٽي، جيئن هو Sun Stroke (ڏينهن لڳڻ) کان بچي سگھن. سڀ کان بهتر شيءِ ڇٽي (umbrella) آهي جيڪا اس توڙي مينهن ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿي.
هن پاسي مينهن به تمام گھڻو ۽ هر وقت پوندو رهي ٿو ۽ اهڙي مينهن ۾ پسي ڪنهن خوبصورت ۽ ايئرڪنڊيشنڊ ڊپارٽمينٽل اسٽور يا هوٽل جي ٿڌڪار واري لابيءَ ۾گھڙڻ سان نه فقط توهان کي ٿڌ زڪام لڳي سگھي ٿو پر توهان جي جسم ۽ ڪپڙن مان ٽمندڙ پاڻي هوٽل ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور جي فرش يا وڇايل غاليچي جو به ڪارو منهن ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ جنهن کي نه خبر هوندي ان کي به پئجي ويندي ته توهان ڪٿان آيا آهيو. ان ڪري هن پاسي (ويندي ٿائلنڊ، هانگ ڪانگ، جپان) اچو ته ڪراچيءَ مان ئي هڪ عدد Folding قسم جي ڌُوپ ڇٽي وٺي نڪرو.ٻي ڳالهه ته ڪَهين واري بوٽ ۾ هن پاسي جو رخ رکڻ بدران سليپر ٽائيپ بوٽ پيرن ۾ پائي نڪرجو، ڇو جو هن پاسي جي ملڪن ۾ گھر ۾ گھڙڻ لاءِ بوٽ ٻاهر لاهڻا پون ٿا ۽ ڪهين وارا بوٽ سخت تنگ ڪن ٿا. ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو پٺاڻڪو سئنڊل پائي اچو ، خاص ڪري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي، جتي نانگن، وڇن ۽ سئو پيرين جو آزار آهي.
سنگاپور، انڊونيشيا وانگر ٻيا به ڪيترائي ملڪ خط استوا تي آهن، جهڙوڪ: سوماليا، ڪينيا، يوگنڊا، زائر، ڪانگو، گئبن، برازيل جو مٿيون حصو، ڪولمبيا ۽ اڪيڊار وغيره.
سنگاپور جو اصل نالو سنگاپورا (Singapura) آهي جيڪو سنسڪرت جو آهي جنهن جي معنيٰ شينهن جو شهر آهي. 1819ع بعد انگريز ان کي سنگاپور (Singapore) سڏڻ لڳا. پراڻن تواريخي ڪتابن مان معلوم ٿيو آهي ته سترهين صديءَ ڌاري هي ٻيٽ “تيماسيڪ” نالي سان سڏيو ويو ٿي، جنهن جي معنيٰ سامونڊي شهر آهي. ان وقت ٻيڙين ۾ چند مهاڻا ۽ سامونڊي ماڻهو (اورانگ لائوت) رهيا ٿي جن جو ڏينهن رات سمنڊ تي ئي گذارو هو. ڪجھه عرصي لاءِ ڪنارن تي ايندا هئا پر گھڻو ڪري رات سمنڊ تي ئي گذاريندا هئا جو هنن کي وهم ويٺل هو ته ڪناري تي رهڻ تي هو مري ويندا. ان قسم جا وهم اڄ به هن پاسي عام آهن، خاص ڪري انهن ماڻهن ۾ جيڪي ننڍن، ڏورانهن ۽ ويران ٻيٽن تي رهن ٿا.
15 فيبروري 1942ع تي سنگاپور جپانين جي قبضي ۾ آيو ۽ هنن سنگاپور جو نالو “سيونان” (معنيٰ “ڏکن جي روشني”) رکيو. سگھوئي ٻي وڏي لڙائي ختم ٿي ۽ 21 آگسٽ 1945ع تي جپانين آڻ مڃي ۽ انگريز موٽي آيا ۽ هن ٻيٽ جو ساڳيو نالو سنگاپور رکيو ويو.
ڪي پڙهندڙ شايد اهو سوچيندا هوندا ته مسلمانن جي ملڪ ملائشيا (جنهن جو سنگاپور هڪ حصو هو جڏهن ملائشيا “ملايا” هو) ۾ سنسڪرت ٻولي ڪٿان آئي جو هن ٻيٽ جو نالو سنسڪرت زبان ۾ سنگاپور (يعني “شينهن جو شهر”) رکيو ويو.
در اصل هن پاسي (جنهن کي اسان ملائشيا ۽ انڊونيشيا سڏيون ٿا) تي چين ۽ انڊيا جي تهذيب جو وڏو اثر هو جو سڀ کان گھڻا ماڻهو انهن ملڪن جا ملاڪا نار جي بندرگاهن ۾ آيا ٿي- ان ڪري چيني ۽ هندي ٻولين جو پڻ وڏو اثر هو. هتي اسلام اسان کان گھڻو پوءِ آيو تيسين هن پاسي جي ماڻهن جو مذهب هندو ڌرم هو، ۽ پوءِ پهرين ملاڪا رياست جو بادشاهه ۽ سندس رعيت مسلمان ٿي ان بعد ملايا (مغربي ملائشيا)۽ انڊونيشيا جون ٻيون رياستون، جنهن جو تفصيلي احوال “مڪلي کان ملاڪا” ۽ ملائشيا بابت لکيل ٻين ڪتابن ۾ اچي چڪو آهي. هتي جون اڃا به ڪيتريون ئي رسمون رواج هندو ڌرم ۽ هندو ڪلچر سان لاڳاپيل آهن ۽ انڊونيشيا جي هڪ ٻيٽ باليءَ جو آفيشل مذهب ته اڃا هندو ڌرم آهي. ننڍي هوندي ڪاليج ۾ Quiz مقابلن ۾ اڪثر اهو سوال پڇيو ويندو هو ته هندستان کان سواءِ اهو ڪهڙو ملڪ آهي جتي جو سرڪاري طرح هندو ڌرم آهي؟ ۽ جواب هوندو هو انڊونيشيا جو “بالي” ٻيٽ. هن پاسي برونائي، ملائيشيا، انڊونيشيا، ڏکڻ ٿائلنڊ ۽ ڏکڻ فلپين ۾ جيڪا زبان ڳالهائي وڃي ٿي ان جو سرڪاري نالو کڻي بهاسا ملائشيا يا بهاسا انڊونيشيا هجي پر اهي ملئي زبان جو فارم آهن جنهن ۾ انيڪ سنسڪرت جا لفظ آهن، جهڙوڪ، پرڌان منتري (وزيراعظم)، گرو (ماستر)، مها (وڏو)، ڇايا (روشني) وغيره وغيره. سو هن پاسي جي هڪ ملئي ٻيٽ جو سنسڪرت ۾ نالو هجڻ تعجب واري ڳالهه نه سمجھڻ کپي.
هن مضمون جي شروع ۾ هڪ هنڌ چئن طرفن (اڀرندو، اتر، الهندو ۽ ڏکڻ) بدران اٺن طرفن جو ذڪر ڪيو اٿم. در اصل جهاز هلائڻ جي سهولت لاءِ نقشي يا هن دنيا کي ڪيترن ئي طرفن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. ويندي هڪ هڪ ڊگري هڪ هڪ طرف تصور ڪيو وڃي ته اسان جي چوڌاري 360 ڊگريون يا طرف ٿيندا ۽ ڪو چاهي ته ان ڊگري (طرف) جا به وڌيڪ حصا ڪري سگھي ٿو. پر عام طرح پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ لاءِ جيڪي مختلف سمنڊن ۽ بندرگاهن جا نقشا (Nautical Charts) آهن، انهن تي 64 طرف ڏيکاريل هوندا آهن. مثال طور اٺن مان سورهن طرف ڪرڻ لاءِ اوڀر (E) ۽ اتر (N) جي وچ ۾ اتر اوڀر (NE) طرف ٿي ويندو ۽ NE ۽ E جي وچ ۾ NEE طرف ٿيندو ۽ NE ۽ N، جي وچ ۾NNE يعني نارٿ نارٿ ايسٽ (اتر اتر اوڀر) ٿيندو. هونءَ ته ڏٺو وڃي ته گھرن جون چار ڀتيون يا کٽ ۽ ٽيبل جا چار پاسا هجڻ ڪري اسان عام حساب ڪتاب لاءِ پنهنجي پلاٽ، گھر، ڳوٺ شهر کي چئن طرفن ۾ کڻي ورهايو آهي (يا پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ لاءِ نقشي کي 64 حصن ۾ ورهايو ويو آهي) نه ته ڏٺو وڃي ته بنيادي طرف ته فقط ٻه طرف آهن “ساڄو ۽ کاٻو” اوڀر ۽ اولهه. توهان ڪنهن ڪمري ۾ جتي بيٺا آهيو ان کي توهان جي اڳ ۽ پٺ کان سڌي ليڪ ڪڍي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ته هڪ ساڄي حصي وارو (يا کڻي چئجي ته اوڀر وارو) پاسو ٿيندو ٻيو کاٻي پاسي وارو الهندو ٿيندو. اهڙي طرح پنهنجي شهر، پنهنجي ملڪ، هن دنيا جي گولي يا سڄي ڪائنات کي ٻن طرفن ۾ ورهائي سگھجي ٿو يا ائين چئجي ته هر شيءِ جا بنيادي طرف فقط ٻه آهن ۽ قرآن جي آيت پڻ آهي ته والله المشرق والمغرب، الله جو ئي آهي اوڀر ۽ اولهه. اها آيت منهنجي هر جهاز جي ڪئبن ۾ اڪثر لڳل رهندي هئي ۽ ڪيترا (خاص ڪري اهي جن جو نيويگيشن سان واسطو نه هوندو هو) اهي پڇندا هئا ته What about North & South?. ۽ منهنجي پنهنجي خيال موجب ته ٻن بنيادي طرفن ۾ هر شيءَ اچي وڃي ٿي باقي ڪو چار طرف ڪري ٿو ته ٻيو اٺ به ڪري ٿو ته چوهٺ به. ۽ جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو ته فقط چار طرف آهن ته پوءِ اهو ڪهڙو طرف سڏبو جيڪو ٻن طرفن (مثال طور اوڀر ۽ اتر) جي پوري وچ ۾ آهي؟ ظاهر آهي اهو نه اوڀر ٿيو ۽ نه اتر. اهو هڪ نئون طرف ٿيو پوءِ ان جو نالو اسان کڻي ڀر وارا ٻه طرف (اوڀر۽ اتر) ملائي “اوڀر اتر” رکيو آهي ... يا توهان چاهيو ته ان طرف کي ڪو نئون نالو ڏئي سگھو ٿا ... ۽ نه فقط اٺ طرف ٺاهي سگھو ٿا پر ڊگرين مطابق 360 طرف يا منٽن مطابق 21600 طرف ٺاهي سگھو ٿا. هڪ ڊگريءَ ۾ 60 منٽ آهن ۽ دنيا جو گولو جي 21600 منٽن يعني گدري جي ڦارن وانگر ورهائجي ته هر ڦار جي ٻاهرئين حصي جي ويڪر يا مفاصلو هڪ ناٽيڪل ميل ٿو سڏجي، جيڪو ڪناري واري ميل (Statue Mile) کان ڪجھه وڏو ٿئي ٿو ۽ ڪلوميٽر کان ته تمام گھڻو وڏو ٿئي ٿو. اسان سمنڊ تي مفاصلو نه ڪلوميٽرن ۾ ماپيون نه ميلن ۾، پر ناٽيڪل ميلن ۾. جيڪو هڪ “منٽ” مفاصلي جيترو ٿئي ٿو يعني هڪ ڊگريءَ جو سٺهون حصو. هن مضمون ۾ مٿي، ڪراچي کان بمبئي يا ڪولمبو، ڪلڪتي تائين مفاصلو ڏنو اٿم اهو پڙهندڙن جي سهولت لاءِ ڪلوميٽرن يا ميلن ۾ آهي نه ته هئڻ ناٽيڪل ميلن ۾ کپي. اهڙي طرح پاڻيءَ جي جهاز جي رفتار Knots(ناٽس) ۾ هوندي آهي. ڪنهن جهاز جي رفتار ويهه ناٽ آهي معنيٰ اهو جهاز ڪلاڪ ۾ ويهه ناٽيڪل ميل هلي ٿو جيڪا ڪناري جي مفاصلي مطابق 24 ميل في ڪلاڪ رفتار ٿي يا 40 ڪلوميٽر في ڪلاڪ.
سنگاپور ۾ ماڻهن ۽ جهازن جو گھڻو اچڻ 1819ع کانپوءِ ٿيو آهي جڏهن کان اهوٻيٽ سر اسٽئمفورڊ رئفلس انگريزن لاءِ حاصل ڪيو نه ته ان کان اڳ سنگاپور جو سڄو ٻيٽ گھاٽو جھنگل هو. فقط ندي (سنگاپور ندي) جي منهن وٽ ٽيهارو کن ڪکاڻا ۽ ڪچا گھر هئا جن ۾ ملئي مهاڻا رهيا ٿي يا سامونڊي خانه بدوش ٻيڙين ۾، يا وري هتان هتان ڦرون ڪري اچي لڪندڙ چور ۽ قذاق(Pirates)! سنگاپور کان گھڻو گھڻو سڌريل ۽ وڏو ٻيٽ ته ريائو هو جنهن تي ڊچ، ملئي ۽ انهن جو سلطان رهيو ٿي، جنهن جي ملڪيت سنگاپور ٻيٽ هو. پوءِ انگريزن جي اچڻ ڪري سنگاپور اوسي پاسي جي سڀني ٻيٽن کان بهتر ٿي ويو. اوسي پاسي جي ملئي ٻيٽن جي رهاڪن کان علاوه ملاڪا، پينانگ جهڙن ڏورانهن ٻيٽن، ويندي انڊيا چين کان به ماڻهو اچي نڪتا، ۽ پوءِ صديءَ جي آخر تائين سنگاپور ۾ خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون قومون ۽ مختلف مذهبن ۽ زبانن جا ماڻهو رهي پيا. ان ڪري سنگاپور لاءِ اهو چوڻ صحيح آهي ته “Singapore is a nation of immigrants” (سنگاپور ڌارين ملڪن کان آيل ماڻهن جي قوم آهي) ۽ اهو نه فقط ماڻهن جي خيال کان (Demographically) صحيح آهي پر Botanically پڻ. سنگاپور کي پارڪن جو شهر (City of Garden) سڏيو وڃي ٿو ۽ هتي جيڪي سهڻا سهڻا گل، ٻوٽا، وڻ ٽڻ ڏسو ٿا اهي هتي رهندر ماڻهن وانگر ٻاهران آيا. ويندي رٻڙ جو وڻ جنهن تي هن علائقي (ملائشيا، انڊونيشيا) کي ناز آهي جو ان هنن ملڪن جي معاشي حالت سڌاري آهي، هتي جو نه پر برازيل (ڏکڻ آمريڪا) جو آهي. بوگن ولا جيڪا وچ شهر کان هوائي اڏي تائين سنگاپوررستن کي سهڻو بڻائي ٿي، ٻاهران هتي آئي.
سنگاپور جڏهن جهنگل هو ته جانور جام هئا پر پوءِ جھنگ صاف ٿيڻ تي جانور مرندا ويا. هاڻ ته سڄو سنگاپور يورپ جي ماڊرن شهر مثل ٿي پيو آهي. چوڌاري پڪا رستا ۽ پڪيون عمارتون ۽ رات جو ٻرندڙ بتيون ڏينهن جو ڏيک ڏين ٿيون ۽ ڪو جانور نظر اچي ٿو ته ٻلي، نوريئڙي ۽ سانڊي جهڙو ڪو ننڍو يا وري ڊگھي پڇ وارو ڀولڙو (Macaque). باقي هتي جي چڙيا گهرن ۾ هر قسم جا جانور، پکي، نانگ بلائون، واڳون ۽ پوپٽ ڏسي سگھو ٿا.
سنگاپور جو آئين هر مذهب جي آزادي ڏئي ٿو. سنگاپور ۾ توهان کي هر مذهب جو ماڻهو ملندو، ٻڌ ڌرم، تائو ڌرم، اسلام، عيسائيت ۽ هندو ڌرم جا سڀ کان گھڻا ماڻهو آهن، ان بعد سک، يهودي، جين ۽ زوروسٽرن (پارسي) آهن. تائو ڌرم جا ماڻهو ڪنفيوشس، لائوشي ۽ مينيڪس جهڙن چيني عالمن جا پوئلڳ آهن. تائو ڌرم جا گھڻو ڪري چيني آهن ۽ هنن جا سنگاپور ۾ ڪيترائي مندر آهن جن ۾ مختلف ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا پاٺ هلي ٿي. مسلمانن ۾ سڀ کان گھڻيون ذاتيون ۽ زبانون ڳالهائڻ وارا آهن. جھڙوڪ: ملئي، عرب، ايراني، بنگالي، انڊين، پاڪستاني وغيره. پر سڀ کان گھڻا ملئي مسلمان آهن جيڪي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ٻين اوسي پاسي جي ٻيٽن کان آيا. هن پاسي اسلام عربن ۽ انڊين واپارين آندو. هنن شروعاتي واپارين جي نيڪي ۽ سٺيون ڳالهيون ڏسي هن پاسي جا ملئي ماڻهو مسلمان ٿيا. سنگاپور جون پراڻيون مسجدون (جيڪي اڄ به قائم آهن) ڏکڻ هندستان جي مسلمان سوداگرن جون ٺهرايل آهن. هتي جا ملئي ماڻهو شافعي فرقي (School of thought) سان تعلق رکن ٿا. ٻئي نمبر تي هندستان ۽ پاڪستان سان تعلق رکندڙ حنفي آهن ۽ ڪجھه ڪجھه حنبلي، مالڪي، شيعا، آغاخاني، بوهرا ويندي بَهائي، احمدي (قادياني) به رهن ٿا. ڪيترائي چيني پڻ مسلمان آهن.
سنگاپور جي حڪومت کي مسلمانن جي مذهبي مسئلن ۽ ٻين ضرورتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ “دي مسلم رليجس ڪائونسل آف سنگاپور” آهي، جيڪا مسلمانن جي، هن ملڪ ۾ وڏي اٿارٽي سمجھي وڃي ٿي ۽ “چنڊ جي نظر اچڻ”جي فيصلي کان وٺي “فطرو مقرر ڪرڻ” هن ڪميٽيءَ جي بلي آهي. هر سال سنگاپور جي ماڻهن کي حج موڪلڻ ۽ مسجدن جو انتظام هلائڻ ۽ مسلمانن جي ٻين مسئلن لاءِ هيءَ ڪائونسل (ڪميٽي) لهه وچڙه ۾ اچي ٿي ۽ حڪومت کي صلاحون ڏئي ٿي.
عيسائين جا سنگاپور ۾ ڪيترائي گروپ آهن: ڪئٿولڪ، پروٽيسٽنٽ وغيره. پروٽيسٽنٽ جا به ڪيترائي ڀاڱا آهن جهڙوڪ: ائنگليڪن، ميٿاڊسٽ، بريدرن (Brethren) ۽ Presbyterian وغيره. عيسائين هن ٻيٽ تي ڪيترائي اسڪول کوليا ۽ تعليم تي زور ڏنو. هندو فقط انڊيا جا آهن جن مان گھڻا ڏکڻ هندستان جا آهن. ڪجھه سک پڻ رهن ٿا.
سنگاپور هڪ پارليامينٽري ريپبلڪ آهي جنهن ۾ ملڪ جو صدر رياست جو مک آهي ۽ وزيراعظم حڪومت جو مُک آهي. جيتوڻيڪ هر پارليامينٽ جو پنجن سالن جو مدو آهي پر هتي اهو رواج ٿي ويو آهي ته هر چوٿين سال، ڊسمبر جي مهيني ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي ٿي. پارليامينٽ هر چوٿين سال صدر چونڊي ٿي ۽ صدر پارليامينٽ جي هڪ ميمبر کي جنهن کي پارليامينٽ جي مئجارٽيءَ جو اعتماد هجي، ان کي وزيراعظم مقرر ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ ڪابينا پارليامينٽ ۾ جوابده هوندي آهي.
اليڪشن ۾ حصو وٺڻ هر سنگاپوريءَ لاءِ ضروري آهي ۽ فراڊ ۽ ٺڳيءَ کي روڪڻ لاءِ هر هڪ Ballot پني تي نمبر لڳل رهي ٿو. اڄ ڪلهه پارليامينٽ ۾ 81 سيٽون آهن. سنگاپور ۾ اٽڪل ويهارو کن سياسي جماعتون آهنپر 1959ع (شروع) کان فقط هڪ جماعت P.A.P (پيپلس ائڪشن پارٽي) اليڪشن کٽي رهي آهي ۽ ٽيهن سالن تائين هتي جو مشهور چيني وڪيل “لِي ڪئان يو” وزيراعظم رهيو. اڄ ڪلهه مسٽر “گوهه چاڪ ٽانگ” (Goh Chock Tang) وزيراعظم آهي. هو هڪ سرڪاري ڪامورو ۽ جهاز ران ڪمپنيءَ جو چيئرمن رهي چڪو آهي. مسٽر لِي ڪئان يو جو پٽ برگيڊيئر جنرل لي سين لونگ (Lee Hsien Loong)، جيڪو پنهنجي فوجي پوسٽ ڪري “بي جي” يعني برگيڊيئر جنرل به سڏجي ٿو، ڊپٽي پرائيم منسٽر آهي. BG پارليامينٽ ۾ 1984ع ۾ داخل ٿيو ۽ ڊپٽي پرائيم منسٽر ٿيڻ کان اڳ “ٽريڊ ۽ انڊسٽريءَ جو وزير” هو.

سنگاپور ۽ سامونڊي ڦورو (Pirates)

ٻيڙي يا جهاز ذريعي سفر ڪرڻ هر هڪ کي موهي ٿو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سامونڊي زندگيءَ جو پنهنجو هڪ خاصCharm آهي. اڄ کان ٻه سئو سال کن اڳ جو سوچي انهن ماڻهن جي زندگيءَ تي رشڪ اچي ٿو ته ڪيئن هو برطانيا ۽ يورپ کان پهرين سڙهن وارن جهازن تي ۽ پوءِ ٻاڦ جي انجڻين وارن جهازن تي، هڪڙن ملڪن کان ٻين ملڪن ۾ اچي نڪتا ٿي. يا هڪ پاسي عربستان، ايران ۽ هندستان کان ۽ ٻئي پاسي چين کانپنهنجن وڏن بتيلن ۽ ٻَيڙن ۾ ملائشيا ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن تي اچي نڪتا ٿي.
پر سامونڊي زندگي اڳ توڙي اڄ، ڪا سئو سيڪڙو خوبصورت ۽ آرام واري ناهي. پراڻي زماني جي ڪاٺ جي ٻيڙين ۽ سڙهن وارن جهازن بدران هاڻ مضبوط ۽ طاقتور انجڻين وارا لوهي جهاز ايجاد ٿي ويا آهن ... حضرت انسان اليڪٽرسٽي ايجاد ڪري، هيٽنگ ۽ ايئرڪنڊيشننگ سسٽم ذريعي ٿڌ ۽ گرمي تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، پر ڪجھه فئڪٽر (شيون) اهڙيون آهن جن تي انسان فتح حاصل ڪري نه سگھيو آهي. مثال طور طوفان، سامونڊي لهرون(waves) ڪُنَ(under currents) ، ويرن جو لهڻ چڙهڻ -اهڙيون شيون آهن جن تي جهاز وارا ڪنٽرول ڪري نه سگھيا آهن ۽ اڄ به، هن ماڊرن دور ۾، ههڙن آفتن جهڙن جهازن تي سوار ٿيندي به هڪ جهازيءَ جو ساهه ٿو سُڪي. سمنڊ تي انهن قدرتي آفتن کان سواءِ سامونڊي ڦورو (pirates) به زندگي عذاب ڪن ٿا. Piracy (سامونڊي ڦر) هينئر کڻي گھٽ آهي (جيتوڻيڪ بنهه گھٽ به نه آهي)، پر اڳئين زماني ۾ تمام گھڻي هئي ۽ جهازين جو الهه تلهه چٽ ٿي ٿي ويو.
سامونڊي ڦورو (Pirates) “قذاق” به سڏجن ٿا هن پاسي (ايسٽ انڊيز) توڙي ڪئربين سمنڊ ۾ (ويسٽ انڊيز)ڏي تمام گھڻا هئا. هڪ دفعي ڪراچيءَ جي هڪ پوليس آفيسر کان پڇيم ته لالو کيت ۾ ڦر ۽ ڌاڙي جا واردات گھڻا ٿين ٿا ۽ هاڪس بي ۽ ماڙيپور پاسي گھٽ ڇو؟
“ ان ڪري جو،” هن ٻڌايو “لالو کيت پاسي ڳتيل آبادي ۽ سوڙهيون گھٽيون جام آهن. چور يا ڌاڙيل ڦر ڪريو انهن گھٽين ۾ گم ٿيو وڃن. ماڙيپور پاسي هڪ ئي رستو آهي ۽ واردات ڪري ڀڄڻ مهل هميشه جھلجڻ جو خطرو رهي ٿو.
منهنجي خيال ۾ هن پاسي، سنگاپور جي آسپاس (ايسٽ انڊيز پاسي) ۽ هوڏانهن ويسٽ انڊيز پاسي گھڻي ڦر جو اهو ئي سبب آهي جو هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ننڍا وڏا سوين هزارين ٻيٽ آهن. قزاق (Pirates) ٻيڙين ذريعي جهازن تي چڙهي، ڦر ڪري پوءِ اهڙن ٻيٽن مان ڪنهن هڪ تي لڪيو وڃن. ڪيترن ٻيٽن جي چوڌاري سامونڊي گاهه ۽ وڻ ٽڻ (Mangroves) ايترا گھاٽا آهن جو هو انهن ۾ ٻيڙين سميت لڪيو وڃن. هي وڻ ۽ ٻوٽا Mangroves سمنڊ جي کاري پاڻيءَ تي ڦٽيو وڃن ۽ اهي جتي سامونڊي ساهه وارن ۽ پکين لاءِ فائدي مند آهن اتي چورن ۽ موالين جي لڪڻ جا پڻ بهترين اڏا آهن.
پڙهندڙ شايد اهو سوچي رهيا هجن ته ننڍڙي ٻيڙي جنهن ۾ قذاق چڙهي اچن ٿا ۽ جيڪا هو چَپوئن (Oars) سان هلائين ٿا، اها پاڻيءَ جي وڏي جهاز تائين ڪيئن ٿي پهچي جنهن جي رفتار گھڻي ٿئي ٿي ۽ اوچائي پڻ وڏي آهي. اهو ائين آهي جيئن ٽرڪن تان سامان جي چوري ٿئي ٿي. چور يا ڌاڙيل رستي تي پٿر يا وڻ جون ٽاريون رکيو ڇڏين ۽ پوءِ اتان لنگھڻ وقت ڊرائيور کي رفتار گهٽڪرڻي پوي ٿي ۽ اوسي پاسي لڪل ڌاڙيل ٽرڪ مٿان چڙهيو وڃن. سمنڊ تي جهازن جي رفتار گھٽ ڪرڻ لاءِ پٿر يا ٽاريون ته نٿيون وڇائي سگھجن باقي هن پاسي ڪن هنڌن تي تانگھو پاڻي هجڻ ڪري يا ٻيٽن وٽان ور ڪڙ هجڻ ڪري، ڪن هنڌن تي جهاز جي رفتار گھٽ ڪرڻي پوي ٿي. ان مهل هي قذاق جهاز تي رسو اڇلائي، مٿي چڙهيو پون. اهو ڪم خاص ڪري رات جو ٿئي ٿو. هر جهاز تي پورا پنا ماڻهو جهاز هلائڻ لاءِ ٿين ٿا. ڪنهن جهاز تي ڪو فالتو ماڻهو آهي به ته اهو ڪهڙي سڄي رات چوڪيداري ڪري سگهندو ۽ هيڏي ساري جهاز تي هو ڪهڙي هنڌ بيهي ڦورن تي نظر رکي. ٻي ڳالهه ته رات جي وقت جهاز هلائڻ مهل سڄي جهاز جي ٻاهرين حصي تي اونداهه ڪرڻي پوي ٿي ته جيئن سامهون ايندڙ پري کان جهاز جي بتي ڏسي ۽ ان سان ٽڪرائڻ کان بچاءُ ڪري سگهجي. سو ڦورن جي بچاءُ لاءِ جهاز جي ٻاهران بتيون ٻارڻ سان صحيح طرح جهاز هلائي نه سگھبو. اهو ائين آهي جيئن ڪار هلائڻ مهل اندر جون بتيون وسائجن ٿيون نه ته سامهون صحيح طرح نظر نٿو اچي.
ڪيترا قذاق (ڦورو) ڏينهن جو به جهاز جي ڦر لاءِ جهاز تي چڙهيو اچن. هر اها ٻيڙي جيڪا سامهون پئي اچي يا پاسي کان بيٺي آهي، ان جي ڪهڙي خبر ته ڌاڙيلن جي آهي يا ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي. پوءِ جيئن ئي جهاز ٻيڙيءَ ڀرسان لنگهي ٿو ته ٻيڙيءَ ۾ سوار ڦورو جهاز جي پٺ تان مٿي چڙهيو پون. سنگاپور جي اوس پاس واري علائقي ۾ ايترا ٻيٽ آهن جو ڏينهن رات سوين ٻيڙيون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پيون اچن وڃن- پوءِ ڪهڙي خبر ته انهن سون ۾ هڪ ٻه ٻيڙيون ڦورن (Pirates) جون به آهن. سڀ کان گھڻي ڦر انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا ۽ ملائشيا جي وچ ۾ ٺهيل سمنڊ جي پٽيءَ “ملاڪا ڳچي سمنڊ” ۾ ٿئي ٿي، جتان لنگھڻ هر جهازيءَ جي مجبوري ٿي پئي آهي، جو اهو سوڙهو سامونڊي رستو (Malacca Strait) اسان جهازين جو هڪ ته وڏو پنڌ بچائي سفر ننڍو ڪري ٿو، ان کان سواءِ پاسي کان وڏا ٻيٽ ۽ ڌرتي هجڻ ڪري سمنڊ جي هن 700 کن ميلن جي وهڪري ۾ نه آهي طوفانن جو خطرو ۽ نه سامونڊي ويرن جو ڊپ. پر هي سامونڊي رستو تمام سوڙهو هجڻ ڪري (خاص ڪري وير لهڻ مهل، جيڪا روزانو ٻه دفعا لهي ٿي)سمنڊ تانگھو ٿيو پوي ۽ اڳئين زماني ۾ توڙي اڄ، جهازين کي هن سوڙهي سمنڊ مان جهاز کي خبرداريءَ سان هلائڻو پوي ٿو جيئن جهاز ڪناري ڏي بتال(Drift) نه ٿئي، يعني رڙهي نه وڃي. ان سوڙهي ڳچي سمنڊ جي وچ وچ تي به ڪيترائي ٻيٽ ۽ سمنڊ اندر ٽڪريون آهن جن کان بچائڻو پوي ٿو ته متان انهن سان ٽڪرائجي جهاز ڀڄي نه پوي ۽ جهاز جي جيتري گھڻي رفتار هوندي اوترو وڏو نقصان ٿيندو. ان ڪري جهاز کي آهستي هلائڻ ۾ سلامتي آهي. تانگھي پاڻيءَ تان هلائڻ ۾ اهو نقصان آهي ته جهاز جو ترو سمنڊ جي تري واري ريتي يا گپ ۾ ڦاسيو پوي جنهن کي Grounding سڏجي ٿو. گرائونڊ ٿيل جهاز جي مشينن کي نقصان هڪ طرف ٿئي ٿو جو ان جي پمپن ۽ ڪولرن ۾ ريتي ڪاهيواچي ۽ جھٽڪي سان جهاز گرائونڊ ٿي هڪدم بيهڻ ڪري جهاز جي پروپيلر (پنکي) ۽ تري کي وڏو نقصان رسي ٿو۽ ترو ڦاٽڻ ڪري سمنڊ جو پاڻي اندر گھڙيو اچي ۽ جهاز ٻڏيو وڃي. پر جي اهي نقصان نٿا به ٿين ته ڦاٿل جهاز کي وري ڇڪائڻ ۾ وڏو خرچ ٿو اچي. ان ڪري اهڙن هنڌن تان جهاز کي آهستي ۽ وڏي خيال سان هلائڻو پوي ٿو ۽ ڦورن ڌاڙيلن کي ڦر ڪرڻ جو وجھه مليو وڃي.
پڙهندڙن جي دماغ ۾ شايد اهو به خيال ايندو هجي ته جهاز تي هٿيار (بندوق پستول) ڇو نٿا رکيا وڃن. مال بردار يا مسافر جهازن تي ائين هٿيارن جي آزادي ڏيڻ سان ويتر نقصان رسي سگھي ٿو. قذاق ته خبر ناهي ڪڏهن جهاز تي اچن، تيسين جهازي پنهنجو پاڻ ننڍين ننڍين ڳالهين تي هڪ ٻئي کي ماري ڪُٽي ويهي رهن. هونءَ به گھڻو وقت سمنڊ تي رهڻ ڪري دماغ توائي رهي ٿو، شايد اهو ئي سبب آهي جو جهازيءَ جي شاهدي اڌ برابر سمجھي وڃي ٿي. (حقيقت آهي يا ڪوڙ، مون به ماڻهن کان ٻڌو آهي، صحيح سُڌ وڪيلن کي هوندي.) جهاز تي ائين چڙهندڙ ڦورن کي جهاز تي مٿي چڙهڻ کان دل شڪستو ڪرڻ لاءِ کاري پاڻيءَ جا ڦوهارا هنيا وڃن ٿا.
1819ع ۾ جن ڏينهن ۾ رئفلس سنگاپور پهتو هو انهن ڏينهن ۾ هن پاسي يعني ملائشيا ۽ انڊونيشيا پاسي سامونڊي ڦورن (قذاقن) جو وڏو عذاب هو. سنگاپور ايندي يا سنگاپور کان ويندي ڪيترن ئي واپاري جهازن تي قذاقن جا حملا ٿيندا هئا. هڪ ڏينهن سال 1832ع جي ڊسمبر جيمهيني ۾، هڪ چيني واپاريءَ جو هڪ سڙهن وارو جهاز سنگاپور پهانگ وڃي رهيو هو. (هي قصو سنگاپور جي درسي ڪتابن ۾ پڻ آهي.) جهاز تي آفيم جون پيتيون، سڻيءَ جون ڳٺڙيون، سوٽي ڪپڙن جا تاڪيا، چانورن جون ڳوڻيون ۽ ٻيون شيون هيون.
جهاز تي 33 خلاصي هئا ۽ هنن وٽ منجنيق نموني جون ست کن ننڍيون گولا هڻڻ واريون مشينون هيون. سنگاپور جي بندرگاهه کان ٻاهر نڪري هن جهاز پهانگ لاءِ اتر طرف رخ ڪيو. جڏهن اهو جهاز ٽِنگي ٻيٽ وٽ پهتو ته هڪ خلاصيءَ وٺي رڙيون ڪيون: “پائريٽ! پائريٽ!” (قذاق! قذاق!) هنن سامونڊي ڦورن جو يڪو 15 ٻيڙين جو فِليٽ هن پاڻ ڏي ايندو ڏٺو، جنهن جي هر هڪ ٻيڙيءَ تي ڪيترائي ڦورو هئا.
ڦورن جون ٻيڙيون اچي جهاز وٽ پهتيون. اهو حال ڏسي خلاصين پنهنجيون بندوقون ڇوڙيون پر ڦورن وٽ هن کان وڌيڪ گهڻيون بندوقون ۽ بارود هو ۽ خلاصين کي سگھو ئي ماٺ ڪرائي ڇڏيائيون. هن دوبدو لڙائيءَ ۾ چار خلاصي مارجي ويا ۽ هنن وٽ جيڪو بارود هو ان کي اچي باهه لڳي ۽ جهاز جا سڙهه ڀڄي ڀري پيا. ان بعد خلاصي مجبور ٿي پيا. هو نه وڌيڪ وڙهي سگھيا ۽ نه پنهنجي جهاز کي اڳتي ڀڄائي سگھيا.
ان بعد ڦورو جهاز تي چڙهي ان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا. هنن کي جيڪو جهازي سامهون نظر آيو ٿي ان کي ڇرن ۽ ڀالن سان ماري رکيائون ٿي. ڪيترن ته جان بچائڻ لاءِ سمنڊ ۾ کڻي ٽپو ڏنو جن مان ڪيترا ٻڏي ويا، بچلن کي ٻيڙين ۾ موجود ڦورن مارڻ شروع ڪيو. ڦر ۽ مارڪٽ هلندي رهي تان جو اچي رات ٿي. خلاصين مان ٻارهن ڄڻا ۽ انهن جو ڪمانڊر خوش نصيب چئبا جو ڦورن جي ور نه چڙهيا ۽ هاڻ رات جي اونداهيءَ ۾ هڪ ڪاٺ جي تختي ذريعي، جيڪو سندن جهاز جي ڀڄڻ ڪري ڪِري پيو هو، ترندا رهيا. صبح جو اتان ڪجھه ملئي مهاڻا اچي لنگھيا. هنن رحمدل مهاڻن نه فقط هنن جي جان بچائي پر کين کائڻ پيئڻ لاءِ پڻ ڏنو. ملائيشيا جو ڪنارو ڪو پري نه هو جو هو ملاڪا نار ۾ تري رهيا هئا. مهاڻن جي ٻيڙين ۾ هو ملاڪا جي ويجھو پهتا ۽ واپس سنگاپور سمنڊ رستي موٽڻ بدران باءِ روڊ جوهور رياست مان ٿيندا سنگاپور پهتا. سنگاپور پهچڻ تي جهاز جي خلاصين ٻيڙين وارن مهاڻن جا ٿورا مڃيا ۽ کين انعام طور ڪجھه پيسا به ڏنا.
اوڻيهين صديءَ ۾، هنن ملئي ٻيٽن ڏي سامونڊي ڦر جو وڏو عذاب هو. سنگاپور ۾ رهندڙ واپارين جي زندگي ۽ مال هر وقت خطري ۾ هوندو هو. ڪيترن ئي مال بردار جهازن جي سنگاپور جي آس پاس، ڦر ٿيندي هئي. جهازن تي جيڪي مال چڙهيل هوندو هو سو کسجي ويندو هو ۽ جهاز تي چڙهيل ماڻهو ماريا ويا ٿي، يا غلام ڪري ٻين ملڪن ۾ وڪيا ويا ٿي. آگسٽ کان آڪٽوبر تائين ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ موسم بهتر ٿيڻ تي بورنيو ۽ ڏکڻ فلپين پاسي کان ڪيتريون ئي Pirate boats ملاڪا نار کان اچي نڪرنديون هيون ۽ سنگاپور پينانگ جي وچ ۾ مال کڻي هلندڙ جهازن ۽ بتيلن جي ڦر ٿيندي هئي.
ڪجھه ڦورو (قذاق) ته مٿي ذڪر ڪيل بورنيو ٻيٽ پاسي کان ايندا هئا، ٻيا وري جاوا، سماترا، ملايا ۽ ريائو ٻيٽن جي ڪناري واري علائقي کان ايندا هئا. اهي ڦورو سڄو سال ملاڪا نار ۾ جهازن جي ڦر ڪندا رهيا ٿي.
Piracy (سامونڊي ڦر) هن پاسي پهرين به هلي ٿي پر يورپين جي اچڻ جي ڪري اها وڌڻ لڳي هئي جنهن لاءِ اهو ئي سبب ٻڌايو وڃي ٿو ته انگريزن ۽ يورپين (فرينچ، ڊچ، پورچوگالين) جي هن پاسي اچڻ ۽ ٻيٽن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري پنهنجي پسند ۽ فائدي جا قاعدا قانون ٺاهڻ ڪري هتي جا مڪاني ماڻهو ڊسٽرب ٿيڻلڳا. خاص ڪري ڊچن ته تمام گھڻيون سختيون ڪيون. هنن چاهيو ٿي ته هتي جا ماڻهو آزاد نموني سان، هڪ ٻئي سان واپار ڪرڻ بدران هر ڪم هنن جي مرضي سان ڪن ۽ مال به فقط کين سندن مقرر ڪيل قيمتن تي وڪڻي ڏين. ائين ڪرڻ سان مڪاني سوداگرن کي ويو نقصان ٿيندو ۽ ڪيترن واپار ڪرڻ بدران ڦر تي کڻي سندرو ٻڌو جو ان مان کين وڏو فائدو رسڻ لڳو هو. جيئن جيئن يورپي وڌيڪ بندرگاهه کوليندا ويا ۽ گھڻا جهاز هلڻ لڳا تئين تيئن ڦورن (pirates) جو به تعداد وڌندو ويو، خاص ڪري ملاڪا نار اندر، جتي جهازن جي رفتار گھٽ ڪرڻي پئي ٿي.
هنن سامونڊي ڦورن لاءِ بهترين شڪار چيني جنڪ جهاز هئا يا وري مڪاني ماڻهن جون مال بردار ٻيڙيون. 1820ع کان وٺي 1830ع تائين شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي جنهن تي سنگاپور جي اخبار ۾ سامونڊ ڦر (Piracy) جي خبر نه آئي هجي. ڦورن يورپ جي وڏن ۽ هٿيارن وارن جهازن تي ڪوشش ڪري حملو گھٽ ڪيو ٿي. هنن گهڻو ڪري انهن جهازن تي حملو ڪيو ٿي جن جو حادثو ٿي پيو هجي يا سامهون جي تيز هوا ڪري جهاز اڳتي رڙهڻ کان مجبور ٿي پيو هجي.
1903ع تائين، حالتون اهڙيون ته خراب ٿي ويون جو ڦورو (Pirates) کلئي عام ڦريندا رهيا ۽ ملاڪا نار جي ويران هنڌن تي ته ڇا سنگاپور هاربر جي ٻاهران ئي ڦر ڪرڻ لڳا سو به ڏينهن ڏٺي جو. ڀر وارن ملڪن جا ڪيترائي واپاري ۽ سوداگر سنگاپور گھمڻ کان به گهٻرائڻ لڳا. اهڙي طرح سنگاپور جي واپار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ سنگاپور جي ڪيترن ئي واپارين جو ڏيوالو نڪري ويو.
سنگاپور جي واپارين ڪيترائي دفعا برٽش انڊيا جي حڪومت کي هنن سامونڊي ڦورن (Pirates) کان بچائڻ لاءِ دانهون ڪوڪون ڪيون پر انگريز حڪومت ڦورن خلاف قدم کڻڻ کان لنوايو ٿي. نيٺ، 1832ع ۾ سنگاپور جي واپارين چندو ڪري چئن وڏين مال بردار ٻيڙين تي هٿيارن جو بندوبست ڪيو. هر ٻيڙيءَ تي ٽيهه ٽيهه ماڻهو ڦورن (Pirates) سان مقابلو ڪرڻ لاءِ رکيا ويا. ان ڪري سامونڊي ڦرن ۾ ڪجھه ٺاپر آئي پر فقطڪجھه سال اڌ لاءِ.
آخرڪار چيني ۽ يورپي واپارين جي منٿ ميڙين تي حڪومت هٿيارن سان ڀريل ٽي ٻيڙيون (Gun Boats) ملاڪا نار جي پهري لاءِ مقرر ڪيون. انهن ٻيڙين هنن ڦورن جا چڱا ڏند کٽا ڪيا. سنگاپور جي ملئي وڏيرن، جن مان ڪجھه پاٿاريدار پڻ هئا ۽ کين هنن قذاقن (ڦورن) جي لڪڻ جي هنڌن جي ڄاڻ هئي، تن پڻ حڪومت جي مدد ڪئي ۽ انهن گن بوٽن کي ڦورن جا ٺڪاڻا تباهه ڪرڻ ۾ آساني رهي. هي فوجي ٻيڙيون ٻاهران ائين هيون ڄڻ مال بردار جهاز هجن. کين اڃا به واپاري نوعيت جو بڻائڻ لاءِ هنن کي عام جهازن جهڙو بڻايو ويو هو ۽ مٿين ڊيڪ تي ڪيترائي وهٽ بيهاريا ويا ٿي جيئن ڦورو سمجھن ته هي مال بردار جهاز آهن ۽ هڪ هنڌان جانور ۽ مال کڻي ٻئي بندرگاهه ڏي پيا وڃن.
بهرحال انهن سڀني ڪمن ڪري ڦر (Piracy) تي اثر پيو پر صفا بند نه ٿي. ڪجھه عرصي لاءِ گھٽ ٿي وري آهستي آهستي وڌڻ لڳي ٿي. دنيا جي سمنڊن تي (Piracy) جي تواريخ ۾ هڪ Turning Pointضرور آئي هئي. سڙهن وارا جهاز گھُٽ يعني هوا بند ٿيڻ ڪري هڪ هنڌ بيهي رهيا ٿي ۽ سامونڊي ڦورن کي انهن تي حملو ڪرڻ سولو ڪم ٿي پيو ٿي، پر ڪَلَ تي هلندڙ جهازن جي ايجاد بعد هوا بند ٿيڻ تي توڙي سامهون– يعني مخالف ٿيڻ تي، جهاز اڳتي هلندا رهيا ٿي.
ٻاڦ تي هلندڙ جهاز “ڊائيانا” جو قذاقن (سامونڊي ڦورن) سان ٿيل پهرين مقابلي ئيهنن کي وائڙو ڪري ڇڏيو. ملايا جي اوڀر واري ڪناري وٽ هڪ مال بردار چيني جنڪ تي ڦورن (Pirates) جونڇهه وڏيون ٻيڙيون حملو ڪري رهيون هيون ته ايتري ۾ ڪل تي هلندڙ مال بردار جهاز S.S DIANA اچي سهڙيو. ڦورن جڏهن ٻاڦ تي هلندڙ جهاز جي چمني (Funnel) مان دونهون نڪرندي ڏٺو ته هنن سمجھيو ته ڪو سڙهن وارو جهاز Sailing Ship آهي جنهن کي باهه لڳي وئي آهي. هو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ چيني جهاز جي پچر ڇڏي سامهون ايندڙ “ٻاڦ تي هلندڙ جهاز ڊائيانا” جي سامهون ٿي بيٺا ته جيئن ئي سمنڊ جي وهڪري تي ويجھو اچي ته دل وٽان ڦر ڪجيس.
قذاق اهو ڏسي وائڙا ٿي ويا ته اهو جهاز معذور ٿي رڙهي نه رهيو هو پر هو وڏي رفتار سان هلي رهيو هو ۽ منجھائنس عجيب ۽ خوفناڪ آواز (اسٽيم انجڻ ۽ بئالر جا) نڪري رهيا هئا. جهازن تي بندقون لڳل هيون.قذاقن جي ٻيڙين جي ويجھو پهچي ان جهاز جي عملي بندوقن جي ٺڪا ٺوڪي ڪري ڏني. ڪيترائي قذاق مارجي ويا ۽ ٻيا پٺيان ڀڄڻ لڳا، جن کي اڃا به وڌيڪ حيرت ٿي جڏهن هنن ڏٺو ته منٽن ۾ جهاز مڙي ويو ۽ گولين جو ٻيو وسڪارو شروع ڪري ڏنو. 90 کن قذاق (Pirates) مارجي ويا ۽ 30 کن سوگھا ڪيا ويا- ۽ ٻيا ڪيترائي زخمي حالت ۾ ڀڄي ويا يا ٻڏي ويا.
ٻاڦ جي انجڻ جي ايجاد بعد برٽش ۽ ڊچ حڪومت جي نيويءَ جون Gun Boats به انجڻ تي هلڻ لڳيون ۽ نه فقط ملاڪا نار جي قذاقن تي پر جاوا، سماترا، بورنيو ۽ ٻين ڏورانهن ٻيٽن جي ارد گرد ڦورن جي ٺڪاڻن تي وڏا حملا ڪيا. اهڙي طرح هي علائقو روز مرهه جي ڦر لٽ کان بچايو ويو ۽ واپاري ماڻهن سک جو ساهه کنيو. وڏا وڏا واپاري ۽ سوداگر هاڻ ٻئي سامانسان گڏ هيرا جواهر به کڻي هلڻ لڳا پر هنن جو ڪنهن به نالو نٿي ورتو. بهرحال ڦر لٽ صفا بند به نه ٿي وئي، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ضرور ٻڌبي هئي جيڪا اڄ تائين هلندي رهي ٿي.
هينئر به پاڪستان جي هڪ اخبار Dawn جي (2 فيبروري 1999ع واري پرچي ۾ ) هڪ اهڙي خبر ڇپي آهي جنهن ۾ سامونڊي ڦورن جهاز کي اغوا ڪري جهاز هلائيندڙ آفيسرن ۽ خلاصين کي Ransom (ڀُنگ) خاطر قيد ڪري رکيو آهي. انهن ۾ ڏهه کن پاڪستاني پڻ آهن. خبر هن ريت آهي:
M.V. Sea John هڪ جهاز مهينو کن اڳ پنهنجي عملي سميت، جنهن ۾ ڏهه کن پاڪستاني به آهن، اوڀر آفريڪا جي ڪناري وٽ، سوماليا جي ڀر ۾ اغوا (Hijack) ڪيو ويو آهي.
فيڊرل ڪميونيڪيشن منسٽري جو شپنگ ماسٽر، جيڪو انهن پاڪستاني خلاصين لاءِ جوابدار آهي جيڪي پاڪستان جي شپنگ آفيسن مان “Sign On” ڪريو ٿا وڃن، تنهن ٻڌايو ته هن وٽ سومر تائين ڪا معلومات نه پهتي آهي.
مٿيون جهاز ايم . وي. سي جان انگلنڊ ۾ رهندڙ هڪ انڊين واپاري مسٽر شبير جي ملڪيت آهي جنهن جي جهازران ڪمپني Glenrich جي هيڊ آفيس لنڊن شهر جي Dover اسٽريٽ ۾ آهي.
جهاز تي موجود پاڪستاني هن ريت آهن: چيف انجنيئر ، ايس ايم حسين سيڪنڊ انجنيئر، ظهير احمد ٿرڊ انجنيئر، سليم بيگ اليڪٽريڪل انجنيئر، ذڪريا جونيئر انجنيئر، پرويز چيف آفيسر، الطاف احمد سيڪنڊ آفيسر، ڪاظم نقوي ٿرڊ آفيسر ۽ امتياز خان ريڊيو آفيسر.
اهي سڀ آفيسر “گلينرچ جهاز ران ڪمپنيءَ” جي ڪراچي واري مڪاني ايجنسي “اساڪا شپنگ انٽرنيشنل” ڪمپنيءَ سال 1998ع جي آخري چوٿي ۾ چونڊيا هئا ۽ گورنمينٽ آف پاڪستان جي شپنگ آفيس جي اجازت سان هنن اتي جي رجسٽر تي Sing On ڪري پوءِ مٿين جهاز کي هلائڻ لاءِ سائوٿ آمريڪا جي بندرگاهه Belize لاءِ فلاءِ ڪيو هو جتي اهو جهاز بيٺو هو ۽ هڪ ٻيو پاڪستاني اختر علي، جنهن ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي شپنگ آفيس ۾ ٻين سان گڏ ان وقت سائن آن نه ڪيو، بعد ۾ هوائي جهاز رستي تنزانيا جي بندرگاهه دارالسلام ۾ پهچي، پوءِ ان جهاز تي چڙهيو. هن جي پهچڻ تي جهاز سائوٿ آمريڪا کان لنگر کڻي سائوٿ آفريڪا کي ڦيرو ڪري دارالسلام پهچي چڪو.
دارالسلام کان پوءِ جهاز ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا ۾ پهتو، جتان هن هندستان جي بندرگاهه ڪنڊلا ۽ بمبئيءَ لاءِ 5000 ٽن اڻ صاف ٿيل کاڄا (Cashew Nuts ) جهاز تي لوڊ ڪيا. انڊيا ۾ پيدا ٿيندڙ کاڄن کان سواءِ آفريڪا مان پڻ کاڄا هندستان امپورٽ ڪيا وڃن ٿا جن کي اتي ڇلي صاف ڪري، پالش ڪري پوءِ جپان ۽ يورپي ملڪن ڏي ڳرين قيمتن تي ايڪسپورٽ ڪيا وڃن ٿا.
ايتري ڄاڻ پئجي چڪي آهي ته جهاز کي اغوا ڪرڻ وارن جو تعلق تاراڪي گروپ وارن سان آهي جيڪي آفريڪا ڪناري وٽ اغوا ۽ ڦر جون وارداتون ڪندا رهن ٿا. معتبر ذريعن کان خبر پئي آهي ته اغوا ڪندڙ پهرين 6 ملين (يعني 60 لک) ڊالر گھري رهيا هئا پر هاڻي پنجن هفتن بعد پنهنجي ڊمانڊ ڏيڍ ملين ڪئي اٿن جنهن لاءِ پاڪستاني، انڊين، انڊونيشي ۽ تنزانين ڊپلومئٽن ڳالهه ٻول شروع ڪئي آهي، جيئن هو پنهنجي گھُر اڃا گھٽ ڪن. ذريعن ٻڌايو ته سامونڊي رستن (Routes) تي پنج جايون اهڙيون آهن جتي اهڙيون ڦر جون وارداتون عام آهن. اهي هنڌ هي آهن، ڏکڻ چيني سمنڊ، ملاڪا نار (ڏُور اوڀر ڏي ويندي ۽ ڏور اوڀرکان سنگاپور ايندي)، انڊونيشيا جي جاوا ۽ سماترا ٻيٽن وٽ ۽ اوڀر آفريڪا واري ڪناري وٽ.
ذريعن ٻڌايو ته اڄ ڪلهه جا ماهر قزاق (Pirates) ان ساڳئي پيٽرن تي وارداتون ڪن ٿا جن تي پراڻي زماني جا ڪندا هئا. هنن ڦورن وٽ آٽوميٽڪ هٿيار آهن، تيز رفتار ۽ ماڊرن ٻيڙيون آهن، جن ذريعي هو مال بردار جهاز کي وڪوڙيو وڃن ۽ پوءِ رسي ذريعي جهاز جي ڊيڪ تي چڙهي جهازين جو گھيراءُ ڪن ٿا. هڪ دفعو جهاز جي ڪمانڊ هنن جي هٿن ۾ پهچي ٿي ۽ جهاز کي وهندڙ رستي کان ڪڍي ڪنهن سلامتي واري پاسيري جاءِ تي پهچائين ٿا ته پوءِ هو ويتر بهادر ٿيو پون ۽ وڏي کان وڏي ڀُنگ (Ransom) جي گھر ڪن ٿا.
ڪراچيءَ ۾ موجود اساڪا شپنگ انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽر ڪئپٽن عبدالمعيض مغنيءَ سوالن جا جواب ڏيندي ڊان اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو ته جهاز کي اغوا ٿئي مهينو کن ٿيو آهي ۽ واسطيدار ڌرين سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي. اميد ته جهاز جا سڀ باشندا جلد آزادي ماڻيندا. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي وزارت خارجه وارا پاڪستاني سفير جي معرفت هي اغوا جو مسئلو حل ڪري رهيا آهن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته سندس شپنگ ايجنسي اساڪا جو عملو اسلام آباد ۾ موجود، سوماليا جي سفارتخاني سان شروع کان رابطو رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر هنن طرفان اڃا تائين ڪو خاطر خواهه جواب نه ملي سگھيو آهي. ان ڪري ان ڏس ۾ هو پنهنجيون ذاتي ڪوششون ڪري رهيو آهي.
جيستائين جهاز جو عملو آزاد ٿي اچي تيستائين انهن جي گھر جا ڀاتي سخت پريشان آهن ڇو جو هنن جي جهاز کي اغوا ٿئي هاڻ وڏو عرصو ٿي چڪو آهي.

ڪجھه شيون جن جي سمجھاڻي لکڻ ضروري سمجھان ٿو:
سائن آن (Sign On) ڪرڻ: جهاز هلائڻ وارن کي (چاهي هو آفيسر هجن يا خلاصي) مسافري شروع ڪرڻ کان اڳ جهاز جي مالڪ يا جهازران ڪمپنيءَ جي نمائندي سان لکت ۾ معاهدو (Contract / Agreement) ڪرڻوپوندو آهي ته هنن کي ڇهه مهينا يا سال کن جهاز هلائڻو آهي ۽ اهو عرصو هنن کي جهاز تي هي هي ڊيوٽيون ڏيڻيون آهن. سندن پگھار ۽ موڪل جو وقت هي ٿيندو ۽ کين هي کاڌو پيتو ڏنو ويندو. اهو معاهدو لکت پڙهت ۾ ملڪ جي واسطيدار وزارت مواصلات جي نمائندي (شپنگ ماسٽر) جي سامهون ڪيو ويندو آهي ۽ ان معاهدي تي جهاز جي مالڪ ۽ ڪم ڪرڻ وارن کي صحيحون ڪرڻيون پونديون آهن. صحيحون ڪرڻ بعد جهاز تي ڪم ڪرڻ وارن جي نوڪري شروع ٿي ويندي آهي. ان بعد جهاز تي ڪجهه ٿيڻ تي صحيحون ڪرڻ وارا جهازي جوابدار ٿيندا آهن يا کين ڪجھه ٿي پيو- مثال طور ڪو حادثو، موت، يا پگھار معاهدي موجب نه مليو ته پوءِ جهاز جو مالڪ جوابدار ٿيندو آهي۽ ڪنهن جي به معاهدي تان ڦري وڃڻ تي ملڪ جي شپنگ آفيس (جيڪا اسان وٽ پاڪستان ۾ وزارتِ مواصلات ۾ اچي ٿي)، وچ ۾ ٽپي انصاف ڏياريندي آهي، جيئن مٿئين جهاز ايم وي سي جان جي اغوا ٿيڻ تي شپنگ آفيس جي شپنگ ماسٽر کي وچ ۾ آندو پيو وڃي. جهاز جو مالڪ ۽ ڪمپني کڻي لنڊن ۾ آهي پر ان جي نمائنده ڪمپني (جنهن کي لوڪل ايجنسي سڏجي ٿو) “اساڪا شپنگ انٽرنيشنل” ڪراچي جي ڪمپني آهي ۽ اها ٻڌل آهي. ان ڪري ان جو ڊائريڪٽر آپريشن عبدالمعيض مغني ڀڄ ڊڪ ڪري رهيو آهي.
بهرحال جهاز تي نوڪري ڪرڻ جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ کي Sign On چئجي ٿو. جهاز تي نوڪري ڪرڻ واري کان جڏهن حال احوال پڇبو آهي ته چوندو آهي “موڪل تي آهيان”، يا چوندو: “سخت بزي آهيان فلاڻي جهاز تي سائن-آن ڪري چڪو آهيان، ڪنهن وقت به بندرگاهه مان لنگر کڻي هليا وڃون”
اهڙي طرح مقرر مدو يا اوٽ موٽ جو سفر پورو ڪري جهاز ڇڏڻ مهل جهاز جي مالڪ ۽ حڪومت جي شپنگ آفيس جي نمائندي اڳيان ساڳي رجسٽر تي صحيح ڪرڻي پوندي آهي ته مون کي معاهدي مطابق سفر ۾ هر شيءِ (پگھار، کاڌو پيتو، جهاز تي رهڻ جون سهولتون، الائونس وغيره) مليو. ان کي “سائن آف” سڏجي ٿو. Sign Off ڪرڻ بعد ان جي جوابداري ختم ٿي. ان بعد جهاز کي جي باهه لڳي وئي ته به هو ٻڌل ناهي. ان جي جوابداري ان تي ٿيندي جنهن هن جي جاءِ تي Sign On ڪيو هوندو آهي.
S.S. Dina ۽ M. V Sea John: اهي جهازن جانالا آهن. هر جهاز جي نالو اڳيان S.S (اسٽيم شپ)،M.V (موٽر ويسل) يا T. S.S (ٽربو اسٽيم شپ) ضرورو لکيو هوندو آهي جنهن مان خبرپوندي آهي ته جهاز ڪنهن جي طاقت تي هلي رهيو آهي– ٻاڦ جي انجڻ، ڊيزل انجڻ يا ٽربائين تي.
ارڙهين صديءِ ۾ جيمس واٽ نالي هڪ انگريز ٻاڦ جي انجڻ ايجاد ڪئي. ٻاڦ جي زور تي پسٽن هيٺ مٿي ٿي سگھيو ٿي ۽ ان پسٽن سان ڪو به ڦيٿو ڳنڍي ان کي گول هلائي سگھيو ويو ٿي. ارڙهين صديءَ جي آخر واري چوٿي ۾ انهن ٻاڦ تي هلندڙ انجڻين ذريعي ڪپڙي ٺاهڻ جون مشينون هلايون ويون ۽ پوءِ ريل گاڏي ٺهڻ سان اهي انجڻيون سڙهه تي هلندڙ جهازن تي فِٽ ڪيون ويون- جن جهاز جي پاسن کان لڳل پئڊل (Paddle Wheels) هلايا ٿي ۽ جهاز اڳتي وڌيو ٿي. ٻاڦ ٺاهڻ لاءِ پاڻيءَ کي بئالر ۾ ٽهڪايو ويو ٿي ۽ ٻارڻ لاءِ ڪوئلا استعمال ڪيا ويا ٿي.
ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ جي ايجاد کان اڳ، لنگر کڻڻ لاءِ جهازين کي ڏينهن جا ڏينهن بلڪه هفتن جا هفتا انتظار ڪرڻو پوندو هو جيسين سڻائي ڪنڊ کان واءُ لڳي ۽ جهاز سڙهه جي زور تي اڳتي هلي سگھي. ٻاڦ واري انجڻ کانپوءِ جهازي ڪنهن وقت به بندرگاهه ڇڏي سگھيا ٿي ۽ ڪنهن به طرف ڏي رخ رکي سگھيا ٿي. هوا جي سامهون به وڌي سگھيا ٿي.
شروعاتي جهازن (Seam Ships) ۾ انجڻ سان گڏ سڙهه به لڳايا ويا ٿي جيئن ڪٿي انجڻ ۾ مسئلو پيدا ٿي پوي ته سڙهن ذريعي اڳيان وڌي سگھجي.
شاهه لطيف سن 1690ع ڌاري ڄائو ۽ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. هن جي ڏينهن ۾ اڃا Steam Engine ايجاد نه ٿي هئي. جهاز سڙهن ذريعي، هوا جي زور تي هليا ٿي. ان ڪري شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن ڏينهن جي زندگي، جهازن، جهازين ۽ انهن جي ونين جي Feelings جو نقشو چٽيو آهي جن ڏينهن ۾ سڙهه وارا جهاز هئا.
اڳتي هلي ٻاڦ تي هلندڙ جهازن تان سڙهه لاٿا ويا ۽ Paddle Wheel بدران پٺيان Propeller (پنکو) فٽ ڪيو ويو. ان کانپوءِ ٽربائين تي هلندڙ جهاز ٺاهيا ويا جن کي ٽربائين اسٽيم شپ T.S.S سڏجي ٿو ۽ پوءِ جهازن جي پنکي هلائڻ لاءِ ڊيزل انجڻ لڳائي وئي ٿي ۽ اهي جهاز موٽر ويسل (M.V) سڏجڻ لڳا.
Chinese Junk Ship. اڄ ڪلهه ته سائنسي طريقي ۽ بين الاقوامي معيار مطابق دنيا جي هر ملڪ ۾ جهاز ٺهن ٿا. ڊيزل انجڻ ۽ ٻاڦ جي انجڻ ايجاد ٿيڻ کان اڳ جهاز سڙهن تي هلندا هئا. دنيا سائنسي علم سان نه هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئي ۽ نه وري “نيول آرڪيٽيڪٽ” ۽ “شپ ڪنسٽرڪشن) جهڙن سبجيڪٽن تي وڌيڪ کوجنا ٿي هئي. هر ملڪ ۾ جهاز ٺاهڻ جو پنهنجو اسٽائيل هو. جهاز ڇا بس سمجھو ته ٻيڙيون ۽ وڏا ٻيڙا هوندا هئا. سنڌي پنهنجي نموني سان ٺاهيندا هئا ته عرب پنهنجي نموني جا. اهڙي طرح چين ۾ جيڪي سڙهن وارا جهاز ٺهندا هئا انهن کي مغرب جي دنيا جنڪ شپ سڏيندي هئي جيئن عربن جي جهاز کي ڌائو (Dhow) سڏجي ٿو. جنڪ جهاز جي اها خاصيت هئي ته هن جي سڙهن ۾ رڳو ڪپڙي بدران ڪاٺ جي پٽي (Batten) پڻ هوندي هئي. رهائش لاءِ اڏاوت جهاز جي آخري حصي (Poop) ۾ هوندي هئي. جهاز جي پٺئين حصي کي پُوپ سڏجي ٿو ۽ جنڪ جهاز جو اهو پوُپ وارو حصو باقي ڊيڪ کان ٻاهر نڪتل هوندو هو. هي جهاز هلندا آهستي هئا، پر ڪافي ڪامياب ثابت ٿيا ۽ اڃا به چين پاسي نظر اچن ٿا. گھٽ ۾ گھٽ شنگھائي، هانگ ڪانگ ۽ چين جي اتراهين بندرگاهه دئرين ۾ مون کي گذريل ڏهاڪي تائين نظر آيا. اڄڪلهه جيڪي سير جون ٻيڙيون Yatches شوقين امير ٺهرائين ٿا انهن جي سڙهن ۾ به ساڳي چيني جنڪ جهاز واري ٽيڪنالاجي استعمال ٿيل آهي.
عام طرح جنڪ جهاز ڏسڻ ۾ گدلا ۽ ڳتيل ٿين ٿا. يعني سڄو ڊيڪ مزوريءَ جي کنيل سامان ۽ جهاز تي رهندڙ فئملين جي گھرو سامان سان ڀريل نظر ايندو. چيني ٻارين ٻچين جهاز تي رهن. هي جهاز اڪثر Lightering جو ڪم ڪن. يعني بندرگاهه کان پري بيٺل وڏي جهاز تان سامان لاهي اندر بندرگاهه ۾ پهچائين. يا ڪڏهن اسان جي جهاز کي هانگ ڪانگ جهڙي ڪنهن بندرگاه ۾ اندر جاءِ نه ملندي آهي ته پوءِ هي جنڪ جهاز بندرگاهه مان سامان ڳٺڙيون ۽ کوکا کڻي اسان جي جهاز تي پهچائڻ جو ڪم ڪندا آهن. جنڪ جهاز هلائيندڙ چيني ماڻهو، زالين مڙسين چڍيون پائي ڊيڪ تي پورهيو ڪندي نظر ايندا. پاڻ ئي جها هلائين، پاڻ ئي رسا ڇڪين ۽ ڊيرڪن (ڪرينن)ذريعي سامان لاهين چاڙهين. اڇي صبح کان وٺي رات جو دير تائين لڳاتار مزوري ڪن. وچ وچ ۾ عورتون رڌ پچاءُ کي به ڏسن- اهو به ڊيڪ تي هلندو رهندو آهي ۽ ٻارن کي پڻ منهن ڏين جيڪي پڻ اتي ئي ڊيڪ تي پيا کيڏندا ۽ هنگندا مٽندا آهن.
اسان جي پيٽارو ڪاليج جو هو ڪئڊٽ: مٿي هڪ جهاز M.V. Sea John جي هائجيڪنگ جي ڳالهه لکي اٿم جيڪا جنوريءَ ڌاري ٿي هئي. هينئر هي مضمون ڪتاب جي ڇپائي لاءِ درست ڪندي سوچيم ته ڇهه مهينا کن اچي ٿيا آهن، ان جهاز ۽ ان تي چڙهيل عملي بابت معلوم ڪجي ته ڇا ٿيو. سو ان جهاز جي مڪاني ايجنسي “اساڪا انٽرنيشنل شپنگ” جي ڊئريڪٽر ڪئپٽن عبدالمعيض مغنيءَ کي فون ڪري پڇيم ته ڇاٿيو.
“بس سائين، ڪهڙيون ٿا خبرون پڇو. ان هائيجيڪنگ جي مسئلي مون کي وڏي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي.”
“ڇو ڀلا جهازي اڃا آزاد نه ٿيا آهن ڇا؟” مون پڇيو مانس.
“انهن کي آزاد ٿئي ته ڪافي وقت ٿي ويو پر انهن کي (يعني جن خلاصين جو پاڪستان سان تعلق هو ۽ پاڪستان کان روانا ٿيا هئا) واپس پاڪستان گھرائڻ لاءِ هوائي جهاز جون ٽڪيٽون، پگھار ۽ ٻيو خرچ مون کي ڪرڻو پيو آهي.”
ڇو ڀلا؟ لنڊن ۾ موجود جهازران ڪمپنيءَ جو مالڪ جنهن توهان کي پاڪستان جو “شپنگ ايجنٽ” مقرر ڪيو آهي، اهو ڇو نٿو ڀري؟”
“اهو وڏو فراڊ نڪتو،” ڪئپٽن عبدالمعيض ٻڌايو، “هن جا پنج کن جهاز آهن، جن جي هر هڪ کي خبر آهي پر هن سرڪاري لکت پڙهت ۾ هر هڪ جهاز مختلف نالي واري ڪمپنيءَ جو ڏيکاريو آهي. هن حادثي ٿيڻ تي هو صاف صاف الي ويو آهي ته اهو ڪو سندس جهاز آهي. مالڪهن جهاز تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو آهي- ڇو جو خرچ ايڏو ٿي چڪو آهي جو جهاز وڪڻڻ سان به پورو ٿي نه سگھندو. جهاز تي چڙهيل ڪارگو (کاڄا) به هيستائين چوري ٿي چڪا هوندا. بهرحال جهاز کي سوماليا جي بندرگاهه ۾ Arrest ڪرايو ويو آهي. ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي. مون کي ته ايڏو نقصان رسيو آهي جو آفيس بند ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان.”
ڪئپٽن عبدالمعيض مغني اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو ڪئڊٽ اسان جي Petarian ائسوسيئيشن جو ميمبر آهي. پاڻ مون کان ڏهه سال کن ننڍو آهي. بيحد محنتي، پرهيزگار ۽ ڄاڻو ڪئپٽن ٿي رهيو آهي. پاڻ گھڻو وقت سعودي عرب شپنگ ڪارپوريشن جا جهاز هلايا اٿس. سندس هڪ ٻن نيڪ ۽ بهادريءَ جي ڪم ڪري کيس سعودي عرب حڪومت طرفان سونو ٻلو انعام ۾ مليو.
اوڀر آفريڪا ۾ موريطانيا ملڪ جو هڪ بندرگاهه نواڪشوط (Novakchott) نالي آهي. جيتوڻيڪ نواڪشوط ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شهر آهي پر هن بندرگاههجي ائپروچ ڏاڍي خطرناڪ آهي. دنيا جا ڪي ڪي بندرگاهه اهڙا آهن جن تائينپهچڻ لاءِ تانگھو پاڻي هوندو آهي، سمنڊ اندر ٽڪريون ۽ جبل آهن. ور وڪڙ آهن- سڀ کان وڏي ڳالهه راهه ڏيکارڻ لاءِ Navigational Lights ٻه پوريون ساريون آهن. اهڙا بندرگاهه جهاز هلائڻ وارن لاءِ مصيبت هوندا آهن ۽ هرجهازي اهڙو ڪم هٿ ۾ کڻڻ کان ڪيٻائيندو آهي. سعودي عرب کي ڪو خاص خيراتي ڪارگو هن بندرگاهه ۾ پهچائڻو هو. سعودي عرب ۾ موجود ڪئپٽنن مان فقط اسان واري همراهه عبدالمعيض هائوڪار ڪئي ۽ جهاز کي سامان سميت نواڪشوط ۾ پهچايو.
انهي ئي سفر جي واپسيءَ ۾ هن جي جهاز کي ميڊيٽئرينين سمنڊ ۾ حادثو پيش آيو. موسم تمام خراب هئي. سمنڊ جون جبلن جيڏيون ڇوليون جهاز مٿان هڪ طرف ٽپي رهيون هيون ته طوفان الڳ هو. اتي هن جي جهاز جو هڪ خلاصي جهاز جي ڊيڪ تان سمنڊ ۾ ڪري پيو. هونءَ اصول موجب (۽ بين الاقوامي قانون موجب) گھٽ ۾ گھٽ 24 ڪلاڪ ڪريل ماڻهوءَ کي ڳولڻ کپي. جهاز اڳتي هليو ويو هجي ته ان کي پٺيان موڙي واپس ورڻو آهي. پر هتي سمنڊ اهڙو خراب هو جو سمنڊ ۾ ڪري پيل جي بچڻ جي ته ڪا اميد نه هئي پر ان کي بچائڻ لاءِ ٻيڙي لاهڻ به خطري کان خالي نه هو. هر هڪ اهو چيو ته هڪ انساني جان پٺيان اجايو ٻيون به Causalities ٿينديون. ڪنهن کي به وڃڻ نه کپي، پر عبدالمعيض مغنيءَ نه مڃيو. “ٻيو ڪو هلي يا نه هلي پر آئون Life Boat (جهاز جي ٻيڙي) لاهي ٻڏل خلاصيءَ جي ڳولا ٿو ڪريان.” هن چيو. ٻيڙي لاهڻ مهل هن سان هڪ هندو آفيسر ساٿ ڏنو ۽ پنهنجي جان خطري ۾ وجھي سمنڊ ۾ ڪريل خلاصيءَ جي ڳولا ڪئي ۽ آخر ڪامياب ٿي ويا. سعودي عرب جي حڪومت ڪئپٽن مغنيءَ جي انهن خدمتن کي ساراهيندي کيس انعام ڏنو.
ڪئپٽن مغني جي ڄم جي تاريخ 23 سيپٽمبر 1954ع آهي. پاڻ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ اقبال هائوس ۾ هو ۽ ڪٽ نمبر N 5 هئس. سندس ڪجھه ڪلاس ميٽ هي هئا: ڪمانڊر الطاف نبي دار، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا M.N.A، ڪمانڊر حيدر علي پليجو، آصف علي زرداري (اڳوڻو صدر)، ڊاڪٽر خليل رحمان حيدرآباد وارو، ڊاڪٽر منير جوڻيجو LMC وارو ريڊيولاجسٽ، آرٿوپيڊڪ سرجن عبدالرحمان وغيره.

ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا

“ممباسا”، “ڪولمبو”، “سنگاپور” ۽ سُئيز ڪئنال کُلڻ کانپوءِ “عدن” وغيره اهڙا بندرگاهه آهن، جيڪي ان ڪري گھڻو مشهور ٿيا جو هنن جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙن هنڌن تي آهي جتان دنيا جون اهم سامونڊي گھٽيون ۽ لَنگھه گذرن ٿا. سامونڊي جهازن کي جپان، چين، يورپ، آفريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا جي بندرگاهن ڏي ويندي مٿين بندرگاهن تي ساهي پٽڻ لاءِ بيهڻو پوي ٿو يا انهن جي ڀرپاسي کان لنگهڻو ته ضرور پوي ٿو. خريد و فروخت ۽ ٻين ڳالهين جي سهولت ڪري جهازي ان کي سڻائا تڙ (بندرگاهه) سمجھن ٿا. ممباسا ڪنهن زماني ۾ ڏاڍو مشهور هو. سئيز ڪئنال نه هجڻ ڪري هر جهاز آفريڪا کي ڦيرو ڪري پوءِ مٿي سعودي عرب، ايران ۽ عرب رياستن ڏي ويندو هو. ممباسا سان گڏ دارالسلام پڻ بلي بلي بندرگاهه هو. سئيز ڪئنال کلڻ کان پوءِ عدن جو وڏو اوج ٿي ويو ۽ اسان جيسين تعليم وٺي رهيا هئاسين (1960ع واري ڏهاڪي تائين) ۽ جهازن تي اڃان نه آيا هئاسين، عدن جي وڏي واکاڻ ٻڌندا هئاسين. مردن توڙي عورتن لاءِ عدن خريداريءَ جي جنت هئي. ڪهڙي ضرورت پئي هئي آمريڪا، جپان يا يورپ وڃڻ جي، جڏهن هر شيءِ عدن ۾ ملي وئي ٿي. ۽ ڪولمبو جو بندرگاهه به بلي بلي هو پر ٻي نمبر تي! ۽ پوءِ 1965ع ڌاري عرب اسرائيل جي لڙائي لڳي ۽ سئيز ڪئنال بند ٿي ويو. هڪ سئيز ڪئنال بند ٿيڻ ڪري ۽ ٻيو يمن جي حڪومتي نظام تبديل ٿيڻ ڪري عدن جو بندرگاهه بس ٿي ويو. ڪميونزم يا سوشلزم جي چڪر ۾ ملڪ ڀينگ ٿي ويو. عدن جو پورٽ اهڙو بس ٿي ويو جو اڄ اهو اجڙيل ٺٽو ۽ ديبل ٿي پيو آهي. اسان جڏهن سٺ واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جهازن تي چڙهياسين ته سئيز ڪئنال بند هو. ايندي ويندي ممباسا ترسڻ جو موقعو ملندو هو. ممباسا ڪينيا ۾ آهي. ڪينيا کي نئين نئين آزادي ملي هئي پر واپار وڙي ۽ ٻين اهم پوسٽن تي اڃا انگريز ۽ انڊين هئا. انڊين واپارين ۾ گھڻائي کوجن، بوهرين، ميمڻن، سنڌي هندن، سکن ۽ گجراتين جي هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي قومون واپار مان ڄاڻن ٿيون. هنن پاڻ به پئي ڪمايو ته ملڪ جي اڪانامي به بهتر رکيو ويٺا هئا ۽ پوءِ مڪاني ماڻهن هر ڳالهه تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. ڪيترائي يورپي ۽ انڊين سختين ۽ اونڌن سبتن قاعدن قانونن ۽ Lawlessness ڪري پنهنجا هٿ ڪڍي ويا ۽ ستر واري ڏهاڪي جي آخري سالن تائين ممباسا ۽ دارلسلام بس ٿي چڪو هو. ويندي زنجبار (Zanzibar) جهڙا بندرگاهه به سياسي حالتن جي تبديليءَ جي ڪري پنهنجو موهه وڃائي ويٺا هئا.
انهيءَ دوران سئيز ڪئنال وري کلي ويو. جنهن ڪري ممباسا ۽ دارلسلام پاسي سامونڊي ٽرئفڪ گھٽجي وئي پر عدن به پنهنجا حال افعال وڃائي ڇڏيا هئا. جهازين جو گھڻو مارو ڪولمبو، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ هو. پر انهن ٽن مان به آخري ٻه وڌيڪ وڌي ويجھي رهيا هئا، ڪولمبو ۾سوشلزم اچڻ ڪري ستر وارو ڏهاڪو پٺتي رهيو. ترقي ته ترقيءَ جو ماڳ جيڪو اڳيون سوجھرو هو اهو به چٽ ٿي ويو. جيڪڏهن ترقي ٿيندي رهي ته فقط سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جي! جتي ڪولمبو تاملن ۽ مڪاني سنهالين جي گوريلا جنگ ڪري بس ٿي ويو آهي اتي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ تقريباً 1970ع کان وٺي ٽيهن سالن تائين انهن بندرگاهن کي پنهنجين اکين سان وڌندو ۽ خوشحال ٿيندو ڏسندا اچون. هنن بندرگاهن جهازن، انهنجي مالڪن ۽ انهن جي هلائيندڙن جي هر ضرورت محسوس ڪري ان جو اڳواٽ بندوبست ڪيو آهي.
سنگاپور عدن ۽ ڪولمبو کان پراڻو ناهي ۽ ٻي ڳالهه ته سنگاپور جي چوڌاري ۽ ٿورو اڳيان ملاڪا نار ۾ ٻيا به بندرگاهه مشهور ٿي سگھيا ٿي پر شروع جي ڏينهن ۾ انگريزن ۽ آزادي بعد هتي جي مڪاني حڪومتن سنگاپور کي مٿاهون درجو ڏيارڻ ۽ مشهور ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي. ائين ته سنگاپور جي ڀر ۾ ريائو جهڙا ٻيٽ سنگاپور کان به وڏا، بهتر ۽ پهرين کان آباد هئا پر انهن تي ڊچن جو اثر هو جن وٽ اهڙي بهتر Long Planning نه هئي، جهڙي انگريزن وٽ. انگريزن به يورپين وانگر هر ڳالهه پنهنجي فائدي لاءِ ڪئي ٿي پر گڏ گڏ مڪاني حالتون به بهتر ڪيائون ٿي ۽ جتي رهيا ٿي اتي ٽپال، ريل، بندرگاهه، اسڪول، پوليس ۽ جوڊيشري جهڙا ادارا قائم ڪيا ٿي. اسان جو پير، مير، وڏيرو، وزير اڄ جي دور ۾ به اهو نٿو چاهي ته سندس ڳوٺ يا تر جاماڻهو تعليم يافته ٿي پراڻين بيڪار رسمن رواجن خلاف ٿي بيهن جن هيٺ هنن پاور هٿ ڪيو آهي، پر ان معاملي ۾ وري به انگريزن کي شاباس هجي جو هنن ڏٺو پئي ته اهي نهرو، جناح ۽ ڪرمچند (گانڌيءَ) جهڙا ڇوڪرا پڙهي ڳڙهي کين ئي موچڙا هڻندا ۽ ملڪ (ڀارت) مان ڀڄائيندا پر تڏهن به آخر تائين انگريز تعليم تي زور ڏيندارهيا ۽ علم حاصل ڪريو جو نعرو هڻندا رهيا.
جيئن ئي انگريزن سنگاپور ۾ 1819ع ۾ قدم رکيو ته هنن هڪدم هڪ طرف لا ۽ آرڊر تي ڌيان ڏنو ته ٻئي پاسي رهائش، ٽرانسپورٽ ۽ بندرگاهه تي سڌارو شروع ڪيو. انگريزن جو سنگاپور تي قبضو ڪرڻ جو مطلب ئي اهو هو ته چين جپان ڪوريا ويندڙ جهازن يا اتان کان انڊيا ۽ عربن ملڪن ڏي ويندڙ جهازن تي نظر رکي وڃي ۽ سنگاپور کي واپار جي وڏي منڊي ٺاهيو وڃي جيئن گھڻي کان گھڻا جهاز سنگاپور ۾ اچن ۽ ان لاءِ ظاهر آهي ته جهازن لاءِ بندرگاهه ۽ جهازين جي رهائش، گھمڻ ڦرڻ ۽ خريد و فروخت لاءِ هر سهولت مهيا ڪئي وڃي. انهن مڙني ڳالهين ۾ انگريز تمام گھڻو ڪامياب ويا ۽ تمام تکي رفتار سان سنگاپور ترقي ڪرڻ لڳو. ڏهن سالن اندر اها حالت ٿي وئي جو هن پاسي ايندڙ هر جهازيءَ جي اها خواهش هوندي هئي ته سنگاپور ضرور ليئو پائجي. (انگريزي ۾ چوندا آهيون سنگاپور ضرور Call ڪجي يا سنگاپور ضرور Touch ڪجي. سو ان ٽرم جو هن وقت ڪو ٻيو اصطلاح نه ملڻ ڪري “ليئو پائڻ” لکيو اٿم.) تعجب جي اها ڳالهه آهي ته پوڻا ٻه سئو سال گذرڻ بعد اڄ به جهاز جي مالڪن ۽ جهاز هلائيندڙن (۽ مسافرن) کي سنگاپور اوترو ئي Fascinate ڪري ٿو.
سنگاپور ۾ پهريون ٻاڦ تي هلندڙ جهاز (Steam Ship) اپريل 1827 ۾ آيو. اهو پئڊلن (Paddle Wheels) تي هليو ٿي. هن شهر اندر بندرگاهه ۾ اچي لنگر ڪيرايو. ماڻهن ڪم ڪاريون ڇڏي بندرگاهه جو رخ ڪيو ۽ سمنڊ جي ڪناري تي بيهي عجيب شيءِ کي ڏٺو جنهن لاءِ ڪيترن سالن کان ٻڌندا آيا هئا ته انگريزن هڪ اهڙو جهاز ايجاد ڪيو آهي جيڪو بنا سڙهن جي هلي ٿو ۽ نه فقط هلي ٿو پر جنهن وقت دل چاهي بندرگاهه مان روانو ٿي سگھي ٿو. نه فقط ايترو پر جنهن طرف وڻي اوڏانهن هلي سگھي ٿو. ڀلي کڻي سامهون جي هوا هجي. اها ان دور جي ڪمال جي ڳالهه هئي.
انسان پاڻِيءَ مٿان سواري ڪرڻ لاءِ جهاز يا ٻيڙي تڏهن ايجاد ڪئي هوندي جڏهن پهروين دفعو برسات يا ٻوڏ ڪري هن ڪنهن وڻ جي ٿڙ کي جھٽي پنهنجي جان بچائي هوندي ۽ ان کي خبر ناهي ڪيترا هزارها سال ٿي ويا ڪجھه نٿو چئي سگھجي. حضور (صلعم) جن جي ولادت کي ڏيڍ هزار سال کن ٿي ويا آهن. حضرت عيسيٰ عليه السلام جن کي ٻه هزار سال ٿي ويا. حضرت موسيٰ عليه السلام جن کي چار پنج هزار سال ٿي ويا (جنهن جي رڪارڊ جي ڪجھه آئيڊيا فرعونن جي اهرامن مان پوي ٿي) ۽ حضرت نوح عليه السلام جن کي ته اڃا به گھڻو وڏو عرصو ٿيو هوندو جنهن زماني ۾ به ماڻهن کي جهاز ٺاهڻ جو وڏو علم هو. معنا ان کان به گھڻو گھڻو اڳ هن دنيا جي دريائن ۽ سمنڊن تي ننڍا وڏا ٻيڙا ۽ جھاز هلي رهيا هئا پر سڀني ۾ هڪ ڳالهه هڪجهڙي هئي ته جهازين کي هوا جو انتظار ڪرڻو پيو ٿي ۽ هو ان طرف جهاز نٿي هلائي سگھيا جنهن طرف کان سامهون هوا لڳي ٿي.
انگريزن ۽ ڊچن کان به گھڻو اڳ عربن ۽ سنڌين جا جهاز لنڪا (سري لنڪا) ۽ جاوا (انڊونيشيا) ويندا رهيا ٿي. بقول شاهه لطيف جي:
“لنڪا لنڪا ڪَن، ليءِ لنڪا جي اوهريا،
سُڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين،
پرهه پَڳهه ڇوڙيا، کاري کيڙائن،
وڏي ڀاڳ ڀِڙن، جي ڪَهيا ڪارونڀار ڏي.”

انهن ڏينهن ۾ ديبل (ٺٽو) ائين هو جيئن ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ ملاڪا ۽ ان بعد گهڻو پوءِ سنگاپور ٿيو. جڏهن اتر اولهه کان هوا لڳي ٿي، عرب ملڪن کان سڙهه تي هلندڙ جهازن (Sailing Ships) سنڌ ڏي رخ رکيو ٿي ۽ جڏهن ڏکڻ جي هوا لڳي ٿي ته سري لنڪا، بمبئي، گجرات کان مال بردار جهاز مٿي اتر طرف سنڌ ڏي آيا ٿي. انهن بندرگاهن، جهازن، جهازين (وڻجارن) جو ذڪر شاهه صاحب ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي. بهرحال هزارين سالن کان هلندڙ سڙهه وارن جهازن کي هوا جو انتظار رهيو ٿي. ٻين لفظن ۾ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ جي ايجاد کان اڳ جهازن کي هوائن هلايو ٿي. جهازن تي ڪپڙي جا وڏا سڙهه لڳايا ويا ٿي جن ۾ هوا ڀرجي وئي ٿي ۽ انهن سڙهن کي هوا اڳيان ڌڪيو ٿي، جنهن سان گڏ گڏ جهاز به هليو ٿي. اهو ائين آهي جيئن ڪراچي جي هوا بندر (ڪلفٽن) تي توهان ڇٽي کولي هوا جي سامهون پاسيري جھلي بيهو. هوا جا تيز جھُوٽا ان کي لڳڻ ڪري اها توهان جي هٿن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. مضبوطيءَ سان جھلڻ تي ائين لڳندو ڄڻ توهان کي ڇڪي رهي آهي. ۽ واقعي جي وڏي ڇٽي هجي ته توهان کي ڇڪي به وڃي. ڪپڙي جو سڙهه ته تمام وڏو ٿئي ٿو ۽ هڪ هڪ سڙهه سئو ٻه سئو ڇٽين برابر ٿئي ٿو، جيڪو ڪاٺ جي جهاز کي پاڻيءَ مٿان ڇڪيو وڃي. هونءَ به، ڪا به شيءِ خشڪيءَ تي ڇڪڻ بدران پاڻيءَ ۾ ڇڪڻ آسان آهي.
جڏهن اتر اوڀر کان هوائون لڳنديون هيون ته چين، جپان، ڪوريا، فلپين کان مال بردار جهاز (Sailing Ships) ملاڪا نار جو رخ ڪندا هئا جتي ملاڪا، پينانگ ۽ ڪلانگ (ڪوالالمپور ڀرسان) بندرگاهن ۾ اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. سامان لاهيندا هئا پر واپس چين، جپان وڃي نه سگھندا هئا جو سامهون جي هوا ۾ جهاز ڪيئنوڌي. پٺتي ئي وڃي سگھي ٿو. پوءِ مهينو ٻه ڪڏهن ته ٽي ٽي مهينا ويٺا هوندا هئا. پنهنجن ڪاٺ جي جهازن جي مرمت ويٺا ڪندا، ٿورو خشڪيءَ تي لاڙي جهاز جي ڪاٺ جي تَري ۽ ٻئي حصي کي صاف ڪري تيل هڻندا هئا جيئن پاڻيءَ ۾Resistance گھٽ رهي ۽ تکي رفتار سان هلي سگھي.

“ويٺو تُن تُنينس، مَکِ ڏيهاڻي مَڪُڙِي،
سَنباهي، سيد چئي، مٿي نينڊوُءِ نِينسِ،
وَٽائي وڏاندَرا، لاڄُو لڳائينسِ،
آخرِ اُهِرائينس، ته جوکو ٿئي نه جهاز کي.”

يا مهينن جا گدلا ٿيل سڙهه لاهي انهن تي چڙهيل گَرُ (گندگي) ۽ پکين جون وِٺيون صابڻ سان ويٺا ڌوئيندا يا ڦاٽل سڙهن کي ويٺا سبيندا ۽ چَتيون هڻندا، جيئن پوءِ سمنڊ تي سفر دوران وڌيڪ ڦاٽي نه پون ۽ منزل تي دير سان پهچڻ جو سبب بڻجن.

“مان پڇنئي سپرين، چِتَ ۾ رکي چيت،
سڙهه ڌئاري صاف ڪر، صابڻ ساڻ سُپيت،
سامونڊي! سُچيتُ، ٿي ته پهچين پار کي.”

ڪي ڪي خلاصي ته جهاز کي ڪناري تي ٻَڌي مهينو ٻه ڪناري تي ڪولي ٿي مزوري ڪندا يا هارپو ڪندا هئا ۽ پوءِ موسم بدلجڻ سان ان طرف جي هوا آهستي آهستي گھٽجي ويندي هئي ۽ پوءِ ٻه ٽي هفتا بلڪل Lull Period هوندو هو جنهن کي پاڻ “چٽ” به چئي سگھون ٿا، جنهن ۾ هوا بلڪل نه لڳندي آهي، پن به نه چرندو آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي ٻئي پاسي جون هوائون شروع ٿينديون هيون. جهازي پنهنجا کوها ۽ سڙه اڀا ڪندا هئا ۽ دوستن يارن ۽ ٻين جهازين کان موڪلائڻ شروع ڪندا هئا. پوءِ جهاز جا رسا ۽ لنگر کڻي پنهنجي وطن راونا ٿيندا هئا. پٺيان بندرگاهه جهازن ۽ جهازين جي وڃڻ ڪري ويران ۽ سنسان ٿي ويندا هئا، جنهن جو نقشو شاهه لطيف هيئن چٽيو آهي ته:

“ننگر ۽ ناڙيون پڳهه کڻي پنڌ ٿيا،
بندر بازاريون، سڃا سامونڊين ري.”

اهو ئي حال عربستان، يورپ ۽ انڊيا کان ملاڪا نار ڏي ايندڙن ويندڙن جو هوندو هو. اهي به هوا جي رخ جو انتظار ڪري پوءِ سفر جو سانباهو ڪندا هئا، پوءِ جي هوا تکي لڳندي هئي ته جهاز تکو تکو رڙهندو هو، پر جي آهستي آهستي لڳندي هئي ته منزل تي هفتو اڌ دير سان پڄڻ هڪ عام ڳالهه هوندي هئي. جيتوڻيڪ انهن جهازين جون ونيون بندرگاهه تي انتظار پيون ڪنديون هيون ۽ سکائون باسينديون وتنديون هيون ته ڪڏهن ٿا اچن. “اتر جي هوا (يا ان رخ جي هوا جنهن جي لڳڻ سان هو پنهنجي وطن موٽندا هئا: اها هوا) لڳڻ شروع ٿي وئي آهي پر هننجا ٻيڙا اڃا نه پهتا آهن.” هنن جون زالون سوچينديون هيون.

“سَر نسريا پانڌ، اتر لڳا، آءُ پرين!
مون تو ڪارڻ، ڪانڌ! سهسين سُکائون ڪيون.”

يا هنن جون ونيون هينئن ٿيون پاراتا ڏين:

“سَرَ، لوهيڙا ڳڀيا، ڪُسَرَ نسريا،
تو ڪيئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا؟”

(سَرُ، ساوا سلا ٿين ٿا جيڪي اڪثر اتر جي هوا لڳڻ تي نسرن ٿا. يعني اتر جي هوا جنهن جي لڳڻ سان ڪانڌ پنهنجي گھر موٽندو آهي، اها لڳڻ شروع ٿي وئي آهي، جنهن جو هن کي نه فقط گمان آهي پر پڪ آهي. ڇو جو ساوا سلا (سر) ڦٽي چڪا آهن، ان کان سواءِ لوهيڙن وڻن ڳڀ جھليو آهي، لوهيڙي وڻ ۾ ڳاڙها گل ٿين ٿا ۽ اهو وڻ جبلن ۽ ٿر ۾ گھڻو ٿئي ٿو. “ڪُسَر” معنيٰ خراب سر، ڪانهن جو قسم آهي. اهي پڻ ڦٽي چڪا آهن پر هي جهازي ملاڪا نار (لنڪا، گجرات، يا ٻي ڌارئين ڏيههَ) کان اڃا گھر ڏي -يعني Home Ward جرنيءَ تي نه نڪتا آهن. (اڄ جي ماڊرن دور ۾ به واپسيءَ جو وڏو فڪر رهي ٿو پر “جهازين” جي واپسيءَ جو نه پر “جهاز” جي واپسيءَ جو. ۽ اهو فڪر جهازين جون ونيون نٿيون ڪن، ڇو ته اهي گھڻو ڪري مڙسن سان ئي Sail ڪن ٿيون، اهو فڪر جهاز جو مالڪ يا جهازران ڪمپني ڪري ٿي ته ڪڏهن ٿو جهاز هوم پورٽ ۾ پهچي. يا جهاز وارن جهاز کي سامان سان ٽٻ ڪري نيويارڪ يا لورپول مان هوم ورڊ جرنيءَ جو اطلاع ته ڪڏهوڪو ڪيو آهي پر ڪراچيءَ اڃا ڇو نه پهتا آهن. ڪٿي جهاز ته نه ٻڏو! جهاز جا اسي ڪروڙ ته ويا چٽ ٿي مٿان ڪارگو جا اڍائي ارب رپيا به نه ڀري ڏيڻا پون.
پر اڄ کان ٻه سئو سال کن اڳ، شاهه لطيف جي ڏينهن تائين Sailing Shipsيعني سڙهن تي هلندڙ ٻيڙا هئا ۽ حالتون مختلف هيون. نڪرڻ بعد به پڪ نه ٿيندي هئي ته جهاز ڪڏهن پهچندو جو سڄو مدار هوا تي هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڌارئين ڏيهه مان نڪرڻ وقت هوا سٺي لڳڻ ڪري جهاز ترندو ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هوا بلڪل بند پڻ ٿي ويندي هئي ۽ جهاز هڪ هنڌ ڄڻ ڪلي سان ٻڌجي ويندو هو ۽ پوءِ اها حالت ڏينهن جا ڏينهن به هلندي هئي ۽ ويچارا جهازي سورن ۾ پئجي ويندا هئا. نتيجي ۾ هنن کي دير سان (Longer Delays) ۾ هوم پورٽ ۾ پهچڻو پوندو هو. کاڌو پيتو ۽ پاڻي کپي ويندو هو. هوڏانهن سندن زالون انتظار ۾ ڏٻريون پيون ٿينديون هيون يا پٽون پاراتا به ڏينديون هيون يا مرشدن ۽ ٻانڀڻن کان فالون پيون ڪڍرائينديون هيون.

“جيڪر اچي هاڻ ته، ڪريان روح رُچَنديون،
آيل! ڍولِئي ساڻُ، هوند ڳَر لڳي ڳالهيون ڪريان.”
يا
“آيل! ڍولئي ساڻُ، اچي ته جھيڙيان،
لائي ڏينهن گھڻا مون سان ڪَيءِ ٿورڙا.”

بهرحال انهن تڪليفن مان ڪڏهن ڪڏهن جهازي فائدو به وٺندا هئا. رستي تي ڪو سٺو تڙ (Port) ملي وين ته ان ۾ ڪاهي ويندا هئا۽ هفتو ٻه موج مزا ڪري پوءِ پنهنجي وطن موٽندا هئا. جهاز جي مالڪ يا مال جي واپاري يا گھر وارن کي اهو ئي چوندا هئا ته رستي تي هوا گھٽجي يا بند ٿي وئي هئي. هاڻ کين ڪير ڪوڙو ثابتڪري، ڪهڙا هئا ٽيليفون، ڪهڙيون هيون وائرليسون جو مختلف بندرگاهن کان معلوماتون حاصل ڪيون وڃن.
هونءَ سڙهه واري جهاز لاءِ هوا جو بند ٿيڻ وڏو مسئلو رهيو ٿي. هن جي چرپر بند ٿيڻ تي سفر جو ڊگھو ٿيڻ هڪ طرف هوندو هو ته سامونڊي ڦورن جو خوف ٻئي طرف- ڇو ته سامونڊي ڦورو يا قذاق (Pirates) بيٺل جهازن تي گھڻو حملو ڪندا هئا. سو ڪَل تي هلندڙ جهازن جي ايجاد کان اڳ هنن ڪاٺ جي سڙهن وارنجهازن کي سمنڊ جون لهرون هڪ طرف سٽينديون هيون ته ٻئي طرفPirates (سامونڊي ڦورن) جو خوف رهيو ٿي.

دنگي وچ درياهه، ڪِي ٻُڏي ڪي اُپڙي،
هو جي واڍي واڻيا، سي سُونهَڻَ سڀ سَڙيا،
مُعلمَ ماڳ نه اڳئين، فِرَنگي منجهه ڦِريا،
ملاح! تنهنجي مَڪڙي، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍِينگَ ڍَريا، تِتي تارِي تُنهنجي!

۽ جيستائين سامونڊي لهرن جو سوال آهي ان ۾ ته اڄ جا آفت جيڏا، ڪَل تي هلندڙ جهاز به ڇوڏي وانگر لڳن ٿا، جنهن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي:

بندر جان ڀئي، ته سُکاڻيا! مَ سمهو
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مَهي
ايڏو سُور سَهي، ننڊ نه ڪجي، ناکئا!

بهرحال هزارين سال سڙهه وارا جهاز هلندا رهيا. هاڻ جو ٻاڦ جي انجڻ (Steam Engine) وارو جهاز سنگاپور پهتو ته ڏورانهن ٻيٽن کان به ماڻهو ڏسڻ لاءِ اچي نڪتا. جهاز جي چمنيءَ (Funnel) مان دونهون نڪرندو ڏسي ملئي ان کي “ڪپال اساپ” Kapal Asap سڏڻ لڳا يعني دونهين وارو جهاز (جيئن پاڻ وٽ هند، سنڌ، ايران ۾ ان کي آگ بوٽ سڏڻ لڳا).
ان بعد ويهه ٽيهه سالن ۾ ڪيترن ئي ٻاڦ تي هلندڙ جهازن سنگاپور Call ڪيو. ڪجھه برطانيا جا جنگي جهاز هئا جنچين ويندي سنگاپور مان پاڻي ۽ ڪوئلو خريد ڪيو ٿي، ڪجھه اهي جنگي جهاز هئا جيڪي انگلنڊ وارن سامونڊي ڦورن ۽ انهن جا ٿڏا پٽڻ لاءِ موڪليا هئا ۽ ٻيا مال بردار ۽ ٽپال وارا جهاز هئا.
جهاز تي ٻاڦ پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ کي بئالر ۾ ٽهڪايو ويو ٿي ۽ بئالر کي ٻارڻ لاءِ ڪوئلو ٿي کتو. ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور جو بندرگاهه ڪوئلو سپلاءِ ڪرڻ جو وڏو اڏو ٿي پيو. هتان لنگھندڙ هر جهاز سنگاپور ۾ نه فقط سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ ٿي آيو پر اڳتي جي مسافري لاءِ ڪوئلو پڻ خريد ڪيو ٿي. سنگاپور جي واپارين گھڻي کان گھڻو ڪوئلو انگلينڊ کان گھرايو ٿي. انگلنڊ کان ڪوئلي جا وڏا جهاز ڪوئلي سان ڀرجي سنگاپور جي ائنڪريج تي اچي ٿي لنگر انداز ٿيا. جتان پوءِ ٻيڙين ۽ بارجن ذريعي ڪوئلو لاهي سنگاپور نديءَ جي ڪناري تي آندو ويو ٿي. اهو ڪوئلو (Boat Quay) روڊ تي ٺهيل گدامن ۾ اسٽور ڪيو ويو ٿي ۽ ضرورت پوڻ تي جهازن کي سپلاءِ ڪيو ويو ٿي.
Boat Quay روڊ سنگاپور نديءَ جي ساڄي ڪپر تي آهي. سر اسٽئمفورڊ رئفلس جي مجسمي کان وٺي (جيڪو پارليامينٽ لين جي ڪنڊ تي آهي) نيو برج روڊ تائين آهي. بوٽ ڪُئي روڊ جي سامهون ته سنگاپور ندي آهي پر بلڪل پويان بوٽ ڪُئي جي سڌائيءَ ۾ هاءِ اسٽريٽ آهي جيڪا هتي جي هندو سنڌي دڪاندارن کان مشهور آهي. هاءِ اسٽريٽ ۽ ان جي پٺيان ڪولمئن اسٽريٽ جي وچ ۾ ايڪسيلشر ۽ پيننشولا هوٽلون آهن. هاڻ توهان هوٽلن وٽ پهچي ويا ته به هاءِ اسٽريٽ ۽ Boat Quay تائين پهچي سگھو ٿا جيڪي سڀ واڪنگ ڊسٽنس تي آهن. اڃا به ڪولمئن اسٽريٽ جي پٺيان ايندائو ته اسٽئمفورڊ روڊ آهي جنهن تي سٽي هال واري MRT واري ريلوي اسٽيشن آهي.
انگلنڊ جي هڪ پراڻي جهازران ڪمپني P & Qپنهنجن جهازن تي شروع کان اسان جا پٺاڻ پنهنجن جهازن تي خلاصي طور رکي ٿي. پي اينڊ او ڪمپني (Peninsular and Oriental Navigation Company) جي جهازن 1840ع کان سنگاپور اچن شروع ڪيو. هنن پاڻ سان ڪجھه ڪارگو آندو ٿي پر سندن اهم ڪم هڪ بندرگاهه کان ٻئي بندرگاهه جلد جلد ٽپال پهچائڻ هو. هنن انگلنڊ جي “برٽش پوسٽ آفيس” کان ٽپال کنئي ٿي ۽ نائيجيريا، ڏکڻ آفريڪا، ڪينيا، عدن، هندستان جي بندرگاهن، ڪولمبو، برما، ملايا، انڊونيشيا ۽ سنگاپور جي بندرگاهن مان ٿيندو، چين تائين ٽپال ورهائي ٿي. هنن مسافر به کنيا ٿي- خاص ڪري انهن کي جن يورپ کان ايشيا ۽ ڏُور اوڀر جي ملڪن ۾ جلد پهچڻ چاهيو ٿي.
1880ع کان پوءِ انگلنڊ، جرمني، فرانس، اٽلي ۽ ٻين ملڪن جي ڪمپنين جا جهاز به سنگاپور اچڻ لڳا، جيتوڻيڪ هنن تي مال يا مسافر ٻين ڀر وارن ملڪن جا هوندا هئا. ايشيا جا واپاري جيڪي سنگاپور ۾ رهيل هئا، هاڻ پنهنجو مال سنگاپور کان ڀر وارن ملڪن ڏي ٻاڦ تي هلندڙ جهازن ذريعي موڪلڻ لڳا. انهن مان ڪجھه ماڻهن ته پنهنجا ننڍا جهاز به خريد ڪيا. حاجا (حاجياڻي) فاطمه جيڪا سنگاپور جي وڏي واپاري عورت ٿي گذري آهي ۽ لئوينڊر MRT ريلوي اسٽيشن ڀرسان، جالان سلطان (روڊ) تي هن جي نالي سان سندس ٺهرايل مسجد پڻ آهي، سندس ناٺيءَ پڻ ڪجھه ننڍا جهاز خريد ڪيا. 1890ع ۾ ٽن چيني واپارين ڪجھه يورپي واپارين سان گڏجي پنهنجي مڪاني جهاز ران ڪمپني “The Straits Steamship Company” کولي. هن ڪمپنيءَ جا جهاز ملايا ۽ بورنيو ٻيٽ جي مختلف بندرگاهن ڏي سامان کڻي آيا ويا ٿي.
سنگاپور جو بندرگاهه وارو علائقو سنتوسا ٻيٽ وٽ آهي، جتي ڪيبل ڪار پڻ وڃي ٿي. تيلوڪ بلانگاهه کان وٺي تنجنگ پگار تائين بندرگاهه وارو علائقو آهي. جيئن اسان وٽ بندرگاهه جو هڪ پاسو (ڪياماڙيءَ وارو) ايسٽ وهارف سڏجي ٿو ۽ ٻيو ويسٽ وهارف تئين هتي سنگاپور ۾جيڪي ٻه پاسا ٺاهيا ويا انهن مان هڪ جو نالو راڻي وڪٽوريا صاحبا جي نالي تي رکيو ويو ته ٻيو سندس مڙس شهزادي البرٽ نالي.
ويهين صديءَ جي شروعات کان سنگاپور هڪ مشغول بندرگاهه ٿي ويو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين سنگاپور نه فقط مشغول ترين پر صاف سٿرو Efficient بندرگاهه سڏيو وڃي ٿو.
بندرگاهه تائين سامان آڻڻ لاءِ اڄ ڪلهه ته وڏيون لاريون، ٽرڪون ۽ ٽرالر آهن پر تنهن زماني ۾ هن ٻيٽ، شهر، ملڪ ۾ هڪ هنڌ کان سامان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاءِ هٿ گاڏيون هيون جن کي ٻن چينين ڇڪيو ٿي. هڪ اڳيان گهوڙي وانگر ڇڪڻ جو پٽو ڪلهي تي رکي ڇڪيو ٿي ته ٻئي همراهه گاڏيءَ جي پويان هٿ رکي ڌڪيو ٿي. ڍڳي گاڏين ۾ سامان سان گڏ پاڻيءَ جا دٻا ڇڪيا ويا ٿي ان ڪري ڍڳي گاڏيءَ کي ملائشيا يا انڊونيشيا ۾ ته “ڪيرٽالَمبو” (ڍڳي گاڏي) سڏين پر سنگاپور جا ملئي ڍڳي گاڏيءَ کي “ڪيرٽا آير” پاڻيءَ جي گاڏي سڏين- ڇو جو ان تي پاڻي رکي گھرن ۾ پهچايو ويندو هو. ڍڳي گاڏيون اڄ به ملائشيا جي ڳوٺن ۾ هلن ٿيونجيڪي هاڻ ڏينهون ڏينهن ختم ٿينديون وڃن. سنگاپور ۾ گھوڙي گاڏيون ته اسان به شروع وارن ڏينهن ۾ چانگي ۽ وُڊلئنڊ واري پاسي هلندي ڏٺيون، جڏهن اهي علائقا اڃا جهنگل هئا. گهوڙي گاڏيون گهڻو ڪري بنگالين هلايون ٿي ۽ ڍڳي گاڏيون پنجابي مسلمانن ۽ سِکَن هلايون ٿي، جيڪي ٻي وڏي لڙائي ۾ يا ان کان اڳ، انگريزن گھرايا ۽ بعد ۾ هتي ٽِڪي پيا.

چينين جون ڳجھيون سوسائٽيون

سنگاپور ۾ توهان ڏينهن ٻن لاءِ آيا آهيو ته پوءِ ته ٺيڪ آهي، باقي نوڪري، پڙهڻ يا ڪنهن ڌنڌي ڌاڙي لاءِ آيا آهيو يعني ڊگهي عرصي لاءِ ته پوءِ ڪجهه هفتن بعد هتي جي Chinese Secret Societies (چينين جي ڳُجهين سوسائٽين) بابت ضرور ٻڌندائو جيڪي ڪنهن زماني ۾ هن پاسي (سنگاپور توڙي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي) غنڊه گردي ۽ داداگيريءَ ۾ تمام مشهور ۽ طاقتور هيون. کانئن هر هڪ ڊنو ٿي، ويندي سرڪار به. هنن جيئن چاهيو ٿي تيئن ڪيو ٿي. هنن جو پنهنجو قاعدو قانون هليو ٿي جيڪو مجال آهي جو ڪو نه مڃي. هنن جو چيو نه مڃڻ واري کي سخت سزائون ڏنيون ويون ٿي. چيني، جتي توهان کي دڪاندار جي حيثيت ۾ Polite لڳن ٿا اتي ظالم ۽ سخت دل به پهرين نمبر جا آهن. مون کي ته هينئر به لڳندو آهي ته اڃا به ڪجھه نه ڪجھه چينين جون ڳجھيون ايجنسيون آهن پوءِ اهي کڻي وڏي پئماني تي نه آهن، پر گروپن جي شڪل ۾، ٽولا ٽولا ضرور آهن، جيڪي پنهنجن کي اڳيان وڌائين ٿا ۽ پنهنجن کي تڪليف رسڻ تي بدلو وٺن ٿا. سنڌي چواڻي “پلاند پراڻو نٿو ٿئي”، هو پلاند ڪن ٿا. هو ماريو به ڄاڻن ته ماري به ڄاڻن ٿا.
بهرحال اوڻيهين صديءَ ۾ ملايا وانگر سنگاپور ۾ پڻ چينين جون ڪيتريون ئي ڳجھيون سوسائٽيون هيون. جن کي قائم رکڻ چين کان سنگاپور لڏي آيلغريب چينين جي مجبوري پڻ هئي. هنن سوسائٽين جا اڏا، شرط شروط ۽ ليڊر لڪل ۽ راز ۾ رهيا ٿي ڇو ته هنن جا ڌنڌا ملڪ جي قانون جي خلاف هئا. هنن جون لڪ ڇپ ۾ ميٽنگون ٿيون ٿي. نون ميمبرن کان سختيءَ سان قسم ۽ واعدا ورتا ويا ٿي ته سوسائٽي بابت ڪا به ڳالهه ڪنهن سان نه ڪندائو. هڪ اهڙي سوسائٽي جي، 1824ع ۾ ٿيل هڪ ڳجھي ميٽينگ بابت، هن پاسي جو هڪ ٽيچر، اديب ۽ زبانن جو ڄاڻو منشي عبدالله لکيو آهي.
چين کان نون آيل چينين (سنخيهن) لاءِ هي سوسائٽيون ڪارآمد هيون. چين کان سنگاپور ايندڙ غريب چينين کي سندن زبان ۾ “سنخيهه” سڏبو هو. انهن کي انگريزيءَ ۾ “لٽل پگ” به سڏيندا هئا، جو چين کان ٻيڙين ۾ جنهن طريقي سان هنن کي سٿيو ويو ٿي اهو جانورن لاءِ به صحيح نه هوندو هو. گھٽ کاڌي پيتي، گرمي ۽ گندگي ڪري منزل تي پهچڻ کان اڳ ڪيترائي مري به ويا ٿي.
سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جي، چين کان سنگاپور ايندڙهي چيني پناهگير، غريب هڪ طرف هئا ته اڻ پڙهيل ٻئي طرف. هو ڪڏهن به ملڪ کان ٻاهر ته ڇا پر ڳوٺ کان به ٻاهر نه نڪتا هئا- سو سنگاپور ۾ هنن پنهنجو پاڻ کي وطن، مائٽن مٽن ۽ دوستن کان پري محسوس ڪيو ٿي. هنن پنهنجو پاڻ کي اڪيلو ۽ مجبور سمجھيو ٿي. پوءِ اهڙي سيناريو ۾ ڳجھين سوسائٽين جي ميمبرن هنن سان دوستي ڪئي ٿي ۽ کين رهائش ۽ نوڪري ڳولي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ٿي. هو بيمار ٿي پيا ٿي ته هنن جي دوا درمل ڪئي ٿي. ان مدد جي عيوض ڪيترن سنخيهن اهي ڳجھيون سوسائٽيون ڀرتي ڪيون ٿي. چينين جو دفن ڪفن (Burial) ڪو اسان وانگر آسان -ڪپڙي ڀور ۽ ٻه گز قبر کوٽڻ سان مڪمل نٿو ٿئي، پر وڏي ڌام ڌوم ۽ دعوتن خرچن سان ٿئي ٿو، ڄڻ ڪو شاديءَ جو ڪاڄ پيو هلي. سو ان جو بندوبست ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي ۽ ان تي خرچ ڪرڻ واري جا لک ٿورا ڳائي سگھجن ٿا. اهي انهن خذمتن مان چند ڳالهيون آهن، جيڪي سنگاپور ۾ موجود چينين جي Secret Societiesسر انجام ڏنيون ٿي.
1840ع تائين سنگاپور ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳجھيون سوسائٽيون کلي پيون هيون جن جي ميمبرن جو جملي تعداد هزارن ۾ پهچي ويو هو. جيئن جيئن Immigrants سنگاپور ۾ پهچندا ويا تيئن تيئن هنن سوسائٽين جي ميمبرن جو تعداد وڌندو ويو ۽ ڏينهون ڏينهن ويون طاقتور ٿينديون.
هنن سوسائٽين جي ميمبرن کي سوسائٽي جا سمورا حڪم مڃڻا پيا ٿي ۽ هر ان Activity ۾ هنن لاءِ حصو وٺڻ ضروري هو جنهن لاءِ سوسائٽي جي اڳواڻن فيصلو ڪري هنن کي حڪم ڪيو ٿي. حڪم نه مڃڻ واري کي سوسائٽي جي اڳواڻن سامهون آندو ويو ٿي جن معافي يا سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ٿي. سوسائٽي جي ميمبرن جا پاڻ ۾ هلندڙ جھيڙا جھٽا پڻ سوسائٽيءَ جي ليڊرن نبيريا ٿي، ۽ کين وڏن ڏوهن لاءِ سخت سزا، ويندي موت به ڏنو ويو ٿي. يعني سوسائٽيءَ جي سربراهن (سردارن) کي موت ۽ زندگي بخشڻ جي طاقت مليل هئي. سنگاپور ۾ جيڪي چيني رهيا ٿي انهن جو وڏو حصو ڪنهن نه ڪنهن سوسائٽيءَ جو ميمبر ضرور هو.
آمريڪا جي مافيا ۽ جپان جي ياڪوزا وانگر، هنن سوسائٽين پنهنجا غيرقانوني ڌنڌا قائم رکڻ جي چڪر ۾ ڪڏهن ڪڏهن حڪومت ۽ ان جي قانون خلاف به ڪم ڪيو ٿي. هي سوسائٽيون ايڏو ته طاقتور هيون جو هنن جي ميمبرن مان ڪنهن حڪومت خلافوڏو ڏوهه ڪيو ٿي ۽ ان کي ڪورٽ ۾ آندو ويو ٿي ته حڪومت کي ڪو اهڙو ماڻهو نٿي مليو جو هن جي خلاف شاهديڏئي ۽ سچ ڳالهائي. اهو ان ڪري جو هنن سوسائٽين طرفان شاهدن جا کيسا ڀريا ويا ٿي ته شاهديءَ لاءِ ڪورٽ ۾ نه اچو يا ڪورٽ ۾ شاهديءَ لاءِ اچو ته به سچ نه ڳالهايو. اهي شاهد جيڪي پنهنجي ضد تي قائم رهيا ٿي ۽ رشوت وٺڻ کان انڪار ڪيوٿي انهن کي موت جو دڙڪو ڏنو ويو ٿي ۽ ويندي قتل به ڪيو ويو ٿي جيئن ٻين لاءِ سبق ٿئي. ڏوهاري جي ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ چاهيندو هو ته سوسائٽي هن لاءِ ڳجھه ڳوهه ۾ بندوبست ڪندي هئي.
چيني سيڪريٽ سوسائٽين جو ٻيو غير قانوني ڪم ڀَتو (Protection Money وٺڻ هو. هنن جا پاليل غنڊا هوندا هئا جن جو ڪم دڪاندارن، جوا جي اڏن، آفيم ۽ شراب جي گھتن ۽ چڪلن جي مالڪن ۽ ويندي گھٽين ۾ گاڏا کڻي هلڻ وارن کان زبردستي ڀتو وٺڻ هوندو هو. جن نٿي ڏنو انهن جون چوريون ڪيون ويون ٿي، انهن تي حملا ڪيا ويا ٿي ۽ ويندي انهن جو قتل ڪيو ويو ٿي ۽ ڪنهن کي به ايڏي همت نٿي ٿي جو سوسائٽيءَ جي ميمبرن خلاف پوليس ۾ رپورٽ ڪري. هر هڪ سوسائٽيءَ جي ڪم ڪرڻ جو طريقو ايڏو ڳجھو،Organized ۽ ڊسيپلينڊ هو جو حڪومت به پريشان رهي ٿي. ماڻهو پوليس کان به ايترو نه ڊڄندا هئا جيترو هنن سوسائٽين جي ميمبرن ۽ انهن جي غنڊن کان ڊڄندا هئا. جيئن اسان وٽ رکي رکي لا ۽ آرڊر جي حالت اهڙي خراب ٿيو وڃي جو ماڻهو پوليس کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ ڌاڙيلن ۽ پاٿاريندارن کان ۽ شهرن ۾ دهشتگردن جي سياسي ليڊرن کان ڊڄڻ لڳن ٿا.
هنن ڳجھين سوسائٽين جي ميمبرن ٽولن جي صورت ۾ جھيڙا، چوريون ۽ ڌاڙا هنيا ٿي. مختلف علائقن ۾ مختلف سوسائٽين جي ميمبرن جون گئنگون (Gangs) هونديون هيون جن جو ان علائقي تي راڄ هليو ٿي. اوڻيهين صديءَ جي شروعات ۾، 50 کان 300 ميمبرن تي ٻڌل گئنگس هٿيارن سان حملا ڪيا ٿي، پر اهو سڀ ڪم رات جي انڌوڪار ۾ هلندو هو، پر پوءِ آهستي آهستي هنن جو ڏهڪاءُ ايڏو وڌي ويو جو ڏينهن ڏٺي جو به ڦرون ڪرڻ لڳا. هنن جو وڏو نشانو امير ايشين ۽ يورپين هئا.
1840ع ۾ ٻه سوسائٽيون تمام گھڻيون طاقتور ۽ خوفناڪ سمجھيون ويون ٿي. هڪ گِھي هِن (Ghee Hin) ۽ ٻي گھي هوڪ (Ghee Hock). انهن لاءِ چيو ويو ٿي ته هر هڪ جا ڏهه هزار کن ميمبر هئا. انهن ٻن سوسائٽين جا پاڻ ۾ به جھيڙا جھٽا ٿيندا رهندا هئا ۽ اهي لڙائيون ايڏو ڊگھو هلنديون هيون جو حڪومت به پريشان ٿي ويندي هئي. عوام جو، خاص ڪري واپاري طبقي جو سک ڦٽي پوندو هو. ڇو ته ڌنڌو ڌاڙي تڏهن هلي سگھي ٿو جڏهن امن ۽ سڪون آهي. اڄ جي دور ۾ به سياسي يا لساني جماعتن جو جھيڙو ۽ هڙتال ٿئي ٿي ته سڄو ڪاروبار چٽ ٿيو وڃي. چيني Secret Societies جي انهن جھيڙن جهٽن چيني ۽ يورپي واپارين کي ايڏو پريشان ڪيو جو هو بار بار حڪومت کي انهن سوسائٽين خلاف ڪجھه ڪرڻ لاءِ چوڻ لڳا.
1854ع ۾ ته هنن سوسائٽين جو سنگاپور جي تواريخ ۾ وڏو ۽ خوني فساد ٿيو. مختلف سوسائٽين جي ميمبرن جي پاڻ ۾ هٿياري لڙائي ۽ مارا مارا ڏهه ڏينهن هلندي رهي. ان جنگ جي شروعات چون ٿا ته سنگاپور جي چيني علائقي چائنا ٽائون ۾ هُڪين ۽ ٽِيوچو ٻولي ڳالهائڻ وارن همراهن جي وچ ۾ چانور خريد ڪرڻ وقت معمولي تور جي گھٽ وڌائيءَ تان شروع ٿي. بس پوءِ ته گراهڪ ۽ دڪاندار ٻکين پئجي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بيٺلن ۾ ٽيوچو ۽ هڪين زبانون ڳالهائيندڙ چيني پنهنجي پنهنجي هم زبان جو پاسو وٺي شروع ٿي ويا. هڪ دفعو جھيڙو ڇا شروع ٿيو ڄڻ جهنگلن کي باهه لڳي وئي. جن جن Secret Societies جا ٽيوچو (Teiochew) ۽ هڪين (Hokkien) ڳالهائيندڙ هئا اهي جتي جتي هئا، هڪ ٻئي جي مار ڪٽائي ڪرڻ لڳا. ٽيوچو ڳالهائيندڙن کي انهن ڳجھين سوسائٽين جي به مدد ملي جن جا ميمبر ڪئنٽونيز (Cantonese) ۽ هڪا (Hakka) ڳالهائيندڙ چيني هئا. سنگاپور شهر جي گھٽي گھٽي ۾ جھيڙو شروع ٿي ويو. هر قسم جي هٿيارن، لڪڻن، ڏنڊن، خنجرن، پٿرن، ڀڳل بوتلن وغيره جو استعمال آزاد نموني سان ٿيڻ لڳو.
جھيڙو ايڏو وڌي ويو جو پوليس به ٻنجو نه ڏئي سگھي ۽ حڪومت کي گورکا ۽ سک سپاهي هڪ طرف گهرائڻا پيا ته بندرگاهه ۾ برطانيا جي بيٺل جهازن تان خلاصي ٻئي طرف. هندستان کان جيڪي قيدي جيلن ۾ رکڻ لاءِ آيل هئا، انهن کي به پوليس جي مدد لاءِ لڳايو ويو. ملايا جي ڀر واري رياست جوهور جي وڏي وزير سنگاپور جي حڪومت جي مدد لاءِ 200 ملئي ويڙهاڪ (Fighter) پڻ موڪليا، ۽ پوءِ جڏهن مس مس جھيڙو وڃي ختم ٿيو ته خبر پئي ته چار سئو کن ماڻهو مارجي ويا، اهڙا سوين سخت زخمي ٿي پيا، ان کان سواءِ سوين گهر سڙي ويا.
برطانيا جي حڪومت وڏي عرصي تائين ڏاڍا جتن ڪيا ته چينين جي هنن Secret Societies جو زور ڀڳو وڃي جيئن سنگاپور ٻيٽ تي فقط ۽ فقط انگريزن جو ئي راڄ هلي پر چينين جي انهن سوسائٽين جي داداگيري ختم نه ٿي. ان جو وڏو سبب اهو هو جو انگريز چينين جي ٻولين کان اڻ واقف هئا ۽ اندر ئي اندر چينين وٽ ڇا پئي وهيو واپريو، ان کان هي اڻ ڄاڻ هئا. اها رڪارڊ تي ڳالهه آهي ته 1870ع تائين ڪنهن هڪ به انگريز آفيسر کي چيني زبان نٿي آئي. انگريزن جي پوليس ۽ فوج ۾ جيڪي ملئي ۽ انڊين هئا، انهن مان به ڪنهن کي چيني زبان نٿي آئي. ان ڪري هنن کي خبر ئي نٿي پئي ته چينين جي هنن ڳجھين سوسائٽين ۾ اندر ئي اندر ڇا پيو وهي واپري ۽ کين اهو ڊپ ضرور لڳو ته سندن اهڙي معمولي سستيءَ جي ڪري ماڳهين سنگاپور جو ٻيٽ سندن هٿن مان نه نڪري وڃي. يا کڻي نالي ۾ ته سنگاپور سندن حوالي هجي پر هلندي پڄندي چينين حوالي ٿي وڃي. شايد اها غلطي محسوس ڪري، انگريز بهادر مڪاني زبانون ڄاڻڻ تي وڏو زور ڏنو. ويندي سنڌ ۾ به جيڪي انگريز رهندا هئا تن کي سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ زور ڀريو ويو. چاهي کڻي هو اڙدو ۽ فارسيءَ کان واقف هئا.
1869ع ڌاري سنگاپور جي انگريز حڪومت اهو قانون به پاس ڪيو ته هر سوسائٽي، امن پسند توڙي خطرناڪ، پنهنجو نالو، پتو، ليڊرن جا نالا ۽ مول متا حڪومت وٽ رجسٽرڊ ڪرائيندي. پر ساڳي سبب (زبان کان اڻڄاڻائيءَ) ڪري انگريز ڪامياب نه ٿي سگھيا. پوءِ ڀلو ٿئي وليم پڪرنگ (William Pickering) نالي هڪ انگريز جو جنهن چين کان اچي هنن جا ان بابت گھڻا مسئلا حل ڪيا. پڪرنگ ڪيترائي سال چين ۾ نوڪري ڪئي هئي ۽ هن کي چيني چڱيءَ طرح لکڻ پڙهڻ آئي ٿي. هو هُڪئين، ٽِيوچو، ڪئنٽونيز، هَڪا ۽ فوچو چيني ٻولين کان چڱيءَ طرح واقف هو. سنگاپور ۽ ملايا پاسي، چين جي جن صوبن مان چيني آيا ٿي، انهن اهي زبانون ڳالهايون ٿي. سنگاپور جي انگريز حڪومت 1877ع ۾ Chinese Protectorate نالي هڪ سرڪاري کاتو کوليو جنهن جو ڪم چينين جي ڳالهين ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ هو. پڪرنگ هن کاتي جو مُک ڪري مقرر ڪيو ويو هو. پڪرنگ سگھو ئي نه فقط چينين جي Secret Societies بابت معلومات حاصل ڪري ورتي پر ساڳئي وقت پاڻ چيني ليڊرن لاءِ هڪ باعثِ عزت ۽ اعتماد جوڳي شخصيت ثابت ٿيو. هي ليڊر اڪثر هن وٽ پنهنجا جھيڙا نبيرڻ لاءِ ويندا هئا.
جيتوڻيڪ هاڻ چيني ٽولن جي گھٽي گهٽيءَ ۾ ويڙهه گھٽجي وئي پر تنهن هوندي به هنن ڳجھين سوسائٽين جو وجود برقرار رهيو. حڪومت انهن کي گھٽائڻ ۽ دٻائڻ لاءِ 1890ع ۾ هڪ قانون ٺاهيو، جنهن مطابق اهڙين سوسائٽين جي Activities تي بندش وجھي ڇڏي. بهرحال قانون پنهنجي جاءِ تي پر اهي سوسائٽيون بلڪل بند نه ٿيون. وڏيون سوسائٽيون ته ضرور ختم ٿي ويون پر انهن جي جاءِ تي ننڍن ننڍن گروپن وجود ورتو جيڪي ڪيترائي ڏهاڪا سال سنگاپور جي مختلف علائقن مان Protection Money وٺندا رهيا ۽ شهر ۾ لڪ چوريءَ شراب خانا، جوا جا اڏا ۽ چڪلا هلندا رهيا.

چيني Secret Societies جي اڏي جو سير:

هنن ڳجھين سوسائٽين جا اڏا يا هيڊ ڪوارٽر شهر جي آباديءَ کان گھڻو پري گھاٽن جھنگلن ۾ هوندا هئا جتي هڪ عام ماڻهو پهچي نه سگھي. انهن سوسائٽين جا ليڊر، انهن اڏن تي، چوڪيدارن جي حفاظت هيٺ رهيا ٿي. مختلف هنڌن تان اوڳاڙيل ڀتو ۽ ڦر جو مال اتي پهچايو ويو ٿي. مختلف مسئلن جا فيصلا انهن ۾ ڏنل سزائن جي پوئواري ۽ نون ماڻهن کي ميمبرشپ ملڻ جون رسمون انهن اڏن تي ٿيون ٿي. اهڙي هڪ اڏي جي گھمڻ جي خواهش منشي عبدالله پنهنجي هڪ اثر رسوخ واري چيني دوست سان ڪئي. منشي عبدالله ان وقت جي ملايا جو مشهور عالم، اديب ۽ ٽيچر ٿي گذريو آهي. پاڻ ڪيترن ئي انگريز آفيسرن کي ملئي زبان سيکاريائين. ويندي سر اسٽئمفورڊ رئفلس جو پڻ ٽيچر ٿي رهيو ۽ هن سان گڏ ملاڪا کان سنگاپور آيو هو.
منشي عبدالله جي چيني دوست، جيڪو سيڪريٽ سوسائٽيءَ جو ميمبر هو، هن جي ڳالهه مڃي ۽ هن کي هڪ غريب ملئي هاريءَ جي روپ ۾ پاڻ سان وٺي هليو. ان ئي رات، هنن ٻڌو هو ته ان سوسائٽيءَ جا ماڻهو شهر جي ڪنهن حصي ۾ ڦر ڪرڻ وارا آهن.
عبدالله پنهنجي چيني دوست سان گڏ صبح جو 5 بجي روانو ٿيو. هو گھاٽي جهنگل مان سنهي ور وڪڙن واري پيچري ذريعي وڌڻ لڳا. رستي جي پاسن تان خطرناڪ ڌٻڻ هئي جنهن مان لنگھندي ماڻهو گوڏن تائيناندر هليو وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي جھنگل ايڏو گھاٽو هو جو ڄڻ وڻ وڻ سان مليو پيو هو ۽ مٿي آسمان جو ٽڪر به نظر نٿي آيو ۽ هيٺ ماڻهوءَ جي قد جيڏو گاهه هو. اونداهي جھنگل مان، ڪڏهن وڻن جي ڪريل ٿڙن مٿان ته ڪڏهن انهن جي هيٺان ٿيندا، اڳيان وڌندا رهيا. اٽڪل ڏهن ڪلاڪن جي سفر بعد هو اڏي تي 4 بجي شام جو پهتا.
اڏي جي چوڌاري هڪ ويڪري ۽ اونهي کڏ هئي. عبدالله ۽ هن جي چيني دوست کي اها کڏ پار ڪرڻ لاءِ ڊگھن ۽ سنهن تختن تان هلڻو پيو. کڏ پار ڪرڻ بعد ڪاٺ جا اهي تختا هڪدم هٽايا ويا جيئن ٻيو ڪو نه ٽپي. اٽڪل ٽي کن ڪکاڻيون جهوپڙيون، هر هڪ 200 کن فٽ ڊگھيون هيون: انهن جھوپڙين ۾ عبدالله ڏٺو ته تيل جا سوين ڏيئا ٻري رهيا هئا ۽ انهن جي چوڌاري ويٺل ماڻهو آفيم پي رهيا هئا. چوڌاري پٽ تي ڀالا، بڻڇيون، ڍالون ۽ خنجر هئا ۽ پوءِ شام ڌاري اٽڪل ستين وڳي، سڀ کان وڏي جھوپڙيءَ ۾500 ماڻهو اچي گڏ ٿيا. انهن به آفيم ڇڪيو ۽ شراب جو دور هليو. ڪلاڪ کن بعد نون ميمبرن کي سوسائٽيءَ ۾ ڀرتي ڪرڻ جي رسم شروع ٿي.
هيينئون ڦاڙ آواز ۾ پهرين ته گھنڊ ۽ نغارا وڄايا ويا. ان جي آواز تي سڀ ميمبر اسٽيج ڏي منهن ڪري قطارن ۾ ٿي ويٺا. اسٽيج تي رکيل ٽيبل تي ديوتائن لاءِ ڪجھه ميوا ۽ ٻيون شيون رکيل هيون. چوڌاري ٿلهيون اگربتيون (Joss Sticks) ٻري رهيون هيون جنهن جي بوءِ ۽ نشيدار دونهن ۾ دماغ ٿي چڪرايو. سوسائٽيءَ جو ليڊر اسٽيج تي آيو ۽ وچ تي رکيل سڀ کان وڏي ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو. اٺ چوڪيدار ڊگھن خنجرن سان هن جي ڀرسان ٿي بيٺا. پوءِ ماڻهن جو هڪ ٽولو ظاهر ٿيو جنهن سان گڏ اهو شخص هو جنهن هن سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيڻ چاهيو ٿي. سوسائٽيءَ جي اڳواڻ اڳيان پهچي هن سندس اڳيان سجدو ڪيو. گھڙي کن لاءِ ماٺ مٺوڙو ٿي ويو. پوءِ اڳواڻ ان ماڻهوءَ کان سوال ڪيو: “هتي تون ڇو آيو آهين؟”
“آئون توهان جي سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيڻ آيو آهيان.” هن جواب ڏنو.
“توکي سوسائٽيءَ جي قاعدن قانونن جي خبر آهي؟” سوسائٽيءَ جي اڳواڻ ڪڙڪيدار آواز ۾ هن کان پڇيو.
“هائو، مون کي خبر آهي ۽ اهو به سمجھان ٿو ته هن سوسائٽيءَ جو ڪو به راز ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي ٻڌائڻو نه اٿم جيڪو هن سوسائٽيءَ جو ميمبر نه هجي. ان قانون جي ڀڃڪڙي پنهنجو موت سمجھان ٿو.”
“تنهن جي معنيٰ ته تون واقعي ميمبر ٿيڻ چاهين ٿو؟” سوسائٽي جي اڳواڻ پڇيو.
“جي، ها.” همراهه وراڻيو.
انکانپوءِ هڪ وڏو پيالو آندو ويو، جنهن ۾ انگورن جي شراب سان گڏ ڪجھه موجود ميمبرن جي رت جا ڦڙا مليل هئا. نوڪر اهو پيالو ٽيبل تي رکيو ۽ ٽيبل تان ڇري کڻي ميمبر ٿيڻ لاءِ آيل اميدوار جي هڪ آڱر کي چيهڪ ڏنو، آڱر مان ٽمندڙ رت پيالي ۾ وڌو ويو ۽ پوءِ سوسائٽيءَ جي ليڊر هن کي حڪم ڏنو ته ان پيالي مان ڪجھه ڍڪ ڀر. حڪم جي پوئيواري بعد اهو پيالو ليڊر وٺي ٻه چار ڍڪ پيتا ۽ باقي ڪجھه ٻين اهم ميمبرن کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.
اهڙي طرح ٽي ٻيا چيني ميمبر ٿيڻ لاءِ رڪروٽ ڪيا ويا. ان بعد پنجين ماڻهوءَ کي گھلي سوسائٽيءَ جي ليڊر اڳيان آندو ويو. هن جا هٿ رسين سان سوگھا ٿيل هئا. هن ماڻهوءَ کي جھڪڻ لاءِ چيو ويو پر هو انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو. انڪار ڪرڻ تي هن کي هر دفعي بيد جي لڪڻ سان ڪٽيو ويو ٿي. جڏهن هن کان پڇيو ويو ته هو هن سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيندو ته پهرين هن ڪو جواب نه ڏنو، پر پوءِ چيو ته هو نٿو ٿيڻ چاهي. سوسائٽيءَ جي ليڊر حڪم ڏنو ته هن کي منهن ڀر زمين تي ليٽايو وڃي. ان بعد هن جي پٺيءَ تي لڪڻ سان وري وسڪارو ڪيو ويو. ڌڪ لڳڻ سان هن زور زور سان رڙيون ٿي ڪيون. ان سزا بعد به جڏهن هن ميمبر ٿيڻ لاءِ ها نه ڪئي ته اڳواڻ بيزار ٿي حڪم ڏنو ته هن کي هتان هٽايو وڃي ۽ سڀاڻي صبح ساڻ قتل ڪيو وڃي.
ان بعد اهو فنڪشن پڄاڻيءَ تي پهتو. ان وقت صبح جا ٻه اچي ٿيا هئا. ڪجھه ماڻهو آفيم ڇڪڻ لاءِ هلياويا، ڪجھه وڃي سمهي پيا. عبدالله کي پوءِ سندس چيني دوست کان خبرپئي ته سندن سوسائٽيءَ جي اڳواڻ جي حڪم موجب سوسائٽيءَ جا 200 کن ميمبر شهر ۾ ڦر لاءِ رواناٿيا آهن. ٻئي ڏينهن عبداللهجڏهن پنهنجي دوست سان گڏ شهر پهتو ته هن کي خبر پئي ته واقعي ٻه سئو کن ماڻهو، جن پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ پنهنجي منهن کي ڪوئلي جي ڪارنهن سان ڪارو ڪيو هو، شهر جي ڪنهن حصي ۾ اچي ماڻهن کي ڦري ويا. هن گذريل ڏينهن جي سڄي ڪٿا، ان وقت جي انگريز ريزيڊنٽ جان ڪرافرڊ (John Crawfrud) کي ٻڌائي ته ڪيئن هو هڪ چيني سوسائٽي جي اڏي تي پهتو. اتي ڇا ڇا ٿئي ٿو ۽ ڪيئن ڦر ڪرائي وئي.
(جان ڪرافرڊ جنهن جي نالي سنگاپور ۾ هڪ اهم روڊ پڻ آهي، سنگاپور جو ٻيو برٽش ريزيڊنٽ هو. هن کان اڳ ميجر وليم فرقوهر (William Farquhar) پهريون ريزيڊنٽ هو، جيڪو سر اسٽئمفورڊ رئفلس سان گڏ 1819ع ۾ سنگاپور آيو هو. چئن سالن بعد، سن 1823ع ۾ هڪ عرب واپاريءَ فرقوهر کي خنجر هڻي ماري رکيو. ان بعد برطانيا حڪومت سنگاپور جون واڳون هندستان جي گورنر جنرل حوالي ڪيون ۽ ڪرافرڊ کي سنگاپور جو ريزيڊنٽ ڪيو. سر اسٽئمفورڊ رئفلس ان ئي سال انگلنڊ روانو ٿي ويو. هن جي صحت صحيح نٿي رهي. 1926ع ۾ دماغ جي ناسور (Tumor) ڪري هو 45 سالن جي ڄمار ۾ انگلنڊ ۾ گذاري ويو. ڪي چون ٿا ته هو مليريا وگهي مري ويو.

پورهئي ۽ محنت جو اجورو

1819ع ۾ جڏهن سنگاپور انگريزن حوالي ٿيو ته سڄو ٻيٽ گھاٽو جھنگ هو. سنگاپور نديءَ جي منهن وٽ ڪجھه ملئي مهاڻن جا گھر هئا ٻيو سڀ خير. سنگاپور جهڙا ٻيا به انيڪ ٻيٽ اوسي پاسي ۾ هئا جن مان ڪن تي سنگاپور کان به وڌيڪ ماڻهو رهيا ٿي پر انگريزن کي پير ڄمائڻ لاءِ هي ئي ٻيٽ مليو ۽ هنن هن ٻيٽ کي واپار جي منڊي، ماڊرن ۽ ڪار آمد بندرگاهه ٺاهيو ٿي. هنن چاهيو ٿي ته هن ٻيٽ تي نه فقط اوسي پاسي جي ٻيٽن جا پر انڊيا، عربستان، چين ويندي يورپ کان امير توڙي غريب امن امان سان اچي رهن. امير پنهنجو پئسو لڳائي واپار وڙو ڪن ۽ غريب پورهيو / مزوري ڪري خوشحال ٿين، ۽ ان سان گڏ سنگاپور پڻ وڌي ويجھي ۽ سهڻو ٿئي ۽ انگريزن جي ناموس ٿئي. ملڪ (انگلنڊ) ۾ ويهي انگريز چون ته جادو ڀري ڏور اوڀر ۾ هڪ خوبصورت ٻيٽ آهي جنهن تي انگريزن جو قبضو آهي.
انگريز سرڪار پهرين ته اتي رهندڙ سئو سوا ملئي ماڻهن سان گڏو گڏ اوسي پاسي جي ٻيٽن کان ٻيا ملئي ۽ چيني گھرائي هنن کان جهنگ ڪٽرائڻ شروع ڪيو ۽ ان کان سواءِ في نگ جي حساب سان ڪوئا ۽ سئو پيريون مارائڻ شروع ڪيائون جيڪي سڀکان وڏيون مصيبتون هيون. نانگ بلائون، وڇون ۽ ٻيا زهريلا جيت به هئا. جھنگلي سوئرن ۽ واڳن جهڙا جانور به هئا، پر سڀ کان وڏي مصيبت سئو پيريون ۽ ڪوئا هئا جن کان ٻليون به ڊنيون ٿي.
ٿوري گھڻي صفائي بعد رهائش جي پلاننگ ڪئي وئي. ملئي، انڊين، چينين، يورپين ۽ عربن کي رهائش لاءِ مختلف زمينن جا حصا ڏنا ويا جيئن هر ڪو پنهنجن سان خوش رهي. گھر ٺهڻ ڪري ڪيترائي چيني، جيڪي پهرين چين کان پينانگ، ملاڪا، پاليمبانگ ۽ جاوا ۽ سماترا ٻيٽن تي اچي چڪا هئا لڏي سنگاپور اچڻ لڳا. آهستي آهستي جيئن ئي سنگاپور مشهور ٿيڻ لڳو ته ڪيترائي پاڻيءَ جا جهاز اچڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ نه هيون جهازن تي ڊيرڪون (سامان لاهڻ چاڙهڻ جون مشينون) ۽ نه ڪناري تي ڪرينون، جهاز تي سامان چاڙهڻ ۽ لاهڻ لاءِ سوين ڪولين (مزورن) ڪم ڪيو ٿي. وري بندرگاهه کان هٿ گاڏين يا ڍڳي گاڏين ۾ سامان کي ڍوئي گدامن تائين رکڻ لاءِ به سوين مزور (Coolie) جنبي ويندا هئا. شروع جي ڏينهن ۾ اهم جاب مزوري (ڪولي ٿي ڪم ڪرڻ) هوندو هو. چين، جتي تمام گھڻي غربت هئي، اتان سنگاپور اچي ڪولي ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهو ائين اچڻ لڳا جيئن ستر واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان هندستان کانماڻهو دبئي ۽ سعودي عرب وڃڻ لڳا هئا.
غريب چيني روزگار ڪمائڻ لاءِ ٻيڙين ۽ سڙهن وارن جهازن ذريعي ڏکڻ چين کان سنگاپور ۾ ڪُولي ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳا. غريبن وٽ سفر جو ڀاڙو به نه هوندو هو. پوءِ هو ان ڀاڙي جي بدلي ۾ ڇهه مهينا يا سال کن جهاز جي سيٺ وٽ يا ڪنهن ٻئي سيٺ وٽ ڪم ڪندا هئا جيڪو هنن جو ڀاڙو ڀريندو هو. هو مزور ٿي ڪم ڪندا هئا ۽ پهريون سال کين فقط کائڻ لاءِ ملندو هو ان بعد کين مزوري ڏني ويندي هئي. جنهن مان هو ڪجھه حصو بچائي پنهنجي غريب مائٽن کي موڪليندا هئا، ٻيو پاڻ تي خرچ ڪندا هئا. ڪي ته عقلمنديءَ کان ڪم وٺي ان مان به ڪجھه بچائيندا ويندا هئا ۽ پوءِ ڪجھه سالن بعد گاڏيءَ تي شيون رکي وڪڻندا هئا. ان بعد ننڍو دڪان ۽ پوءِ وڏو دڪان ٺاهي ويندا هئا. ڪي ته محنت، عقل ۽ ڀاڳ ڪري تمام وڏا وڏا سيٺ به ٿيا. هڪ ٻه اهڙا سيٺ ڌيان ۾ اٿم جن مان ڪنهن هڪ جو تفصيلي احوال يا انٽرويو ڏيڻ تي دل چئي رهي آهي ته هو ڪيئن هوٽلن ۽ بئنڪن جا وڃي مالڪ ٿيا. اڳتي هلي لکڻ جي گنجائش ۽ وقت مليو ته ضرور لکندس. اهي ماڻهو اڃا جيئرا آهن، توهان سنگاپور اچي هنن شخصيتن سان ملي سبق حاصل ڪري سگھو ٿا.
ڪي ويچارا غريب ۽ اڻ پڙهيل چيني پنهنجي سادي طبيعت ۽ سستيءَ ڪري سڄي عمر غريب رهيا. ڪي وري خراب صحبت ۾ ڦاسي سڀ ڪجھه وڃائي ويٺا، ويندي پنهنجي صحت به. گھر جي جدائي ۾، اڪيلائي ۽ ڊپريشن ۾، هنن نشي جو سهارو ورتو يا جوا ۽ ٻين گندين ڳالهين ۾ پئسو برباد ڪيو. اهڙي ئي هڪ رڪشا واري جي ڪهاڻي، ڪجھه دير اڳ هتي جي هڪ درسي ڪتاب ۾ پڙهي اٿم.
اوڻيهين صديءَ جي آخر ڌاري ۽ ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ سنگاپور ۾ اٽڪل ويهه هزار کن اهڙا چيني رهيا ٿي جن پنهنجو روزگار رڪشا ڇڪي ڪمايو ٿي. انهن ۾ هڪ وِي توه گُو (Wee Toh Gu) نالي نوجوان پڻ هو.
(چيني نالي ۾ اڳيان ذات لکي وڃي ٿي ان بعد نالي جا گھڻو ڪري ٻه لفظ ٿين ٿا. هتي “وي” همراهه جي ذات آهي ۽ “توه گُو” نالو.)
چين ۾ رهندڙ ماءُ پيءُ کي توه گو اڪيلو پٽ هو. سندس سڄو ڪٽنب بيحد مسڪين هو. توه گُو پنجن سالن جو هو ته سندس پيءُ گذاري ويو. غريب ماءُ ۽ توه گُو جي وڏي ڀيڻ اوڙي پاڙي جا ڪپڙا ڌوئي پيٽ گذر لاءِ چار پيسا ڪمايا ٿي. چين ڇڏڻ کان اڳ توه گُو پنهنجي ماءُ سان وعدو ڪيو ته سنگاپور پهچڻ تي هن کي جيئن ئي ڪا مزوري پورهيو ملندو ته هو کين ٿورا گھڻا پئسا موڪليندو رهندو.
توه گو جڏهن سنگاپور پهتو ته هن کي ٻيڙيءَ جي مالڪ ڀاڙي نه ڏيڻ بدلي ۾ خريد ڪيو. هن کان ڪاغذ پٽ صحيح ڪرايا ويا ته هن کي ٻيڙيءَ جي مالڪ وٽ هڪ سال لاءِ بنا پگھار جي ڪم ڪرڻو پوندو. ان بعد هن کي هڪ ٻيڙيءَ ۾ مزدور (Coolie) ڪري رکيو ويو ۽ هن جو ڪم وڏن جهازن تان سامان لاهي ٻيڙيءَ ۾ رکڻ ۽ پوءِ ٻيڙيءَ جي اندر اچڻ تي Boat Quay روڊ تي، ٻيڙيءَ مان سامان لاهي مالڪ جي گدامن ۾ رکڻ هو.
توه گُو جي ڪسرتي جسم ۽ بار ڍوئڻ ڪري هن جو نالو “تئاگو” رکيو ويو، تئا ملئي زبان ۾ وڏي کي چئجي ٿو ۽ گو ڍڳي کي، يعني “وڏو ڍڳو”. هتي هڪ ڳالهه لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته سنگاپور اصل ۾ ملئي ماڻهن جو ٻيٽ هو ان ڪري سنگاپور ۾ ملئي زبان عام طرح هلي ٿي. ويندي انگريز گورنر سر اسٽئمفورڊ رئفل کي، جنهن اچي هن ٻيٽ کي ملئي سلطان کان حاصل ڪيو، سٺي ملئي زبان آئي ٿي. آهستي آهستي ڌارين ٻيٽن ۽ ملڪن کان ملئي، چيني، انڊين، بوگي، جاواني، عرب اچڻ لڳا. انهن ۾ جيتوڻيڪ گهڻائي چينين جي هئي پر اهي چيني به پنهنجو پاڻ ۾ ۽ ٻين سان ملئي زبان ۾ ڳالهائيندا هئا ڇو جو آيل چيني چين جي هڪ صوبي مان نه پر مختلف صوبن مان آيا هئا جن مختلف چيني زبانون: هڪا، ٽيوچو، ڪئنٽونيز، منڊارين، فيوچو وغيره ڳالهايائون ٿيجيڪي سنڌي، اڙدو، سرائيڪي پنجابي وانگر هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ زبانون نه آهن، پر ائين آهن جيئن پشتو، تامل، بنگالي وغيره. يعني هڪ کي ٻي زبان بنهه سمجھه ۾ نه اچي. سو هڪڙي صوبي جا چيني ٻئي صوبي جي چينين سان ملئي زبان ۾ ڳالهائيندا هئا. اڄ به ملائشيا توڙي سنگاپور ۾ چيني هڪ ٻئي سان ملئي زبان ۾ ڳالهائين ٿا. بلڪ هاڻ تعليم يافته ٿيڻ ڪري انگريزي استعمال ڪن ٿا. سو اهڙي طرح مٿئين چيني ڇوڪري توه گو جو چيڙائڻ جو نالو تئاگو جيتوڻيڪ چينين رکيو پر ملئي زبان ۾ رکيو. اهڙي طرح ٻين به ڪيترين ئي ڳالهين ۾ سنگاپور ۾ ملئي زبان استعمال ٿئي ٿي. ويندي سنگاپور جو قومي ترانو ملئي زبان ۾ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنگاپور جو ٻيٽ جيڪو اصل ملئي ماڻهن جو هو ۽ هو چاهين ها ته تمام وڏي ترقي ڪري وڃن ها پر پنهنجي سادگي ۽ روايتي سستيءَ ڪري ان ئي مسڪينيءَ واري حالت ۾ رهيا ۽ هوڏانهن ڏورانهين ڏيهه چين کان جيڪي چُچ غريب آيا، جن پهريون سال ته بنا پگھار جي ڪم ڪيو، اهي محنت ۽ هوشياري ڪري امير، پڙهيل ڳڙهيل ۽ وڏا ماڻهو ٿي ويا. اهو ائين آهي جيئن سهراب ڳوٺ، ملير، ماڙيپور پاسي جيڪي اتي جا اصل باشندا سنڌي يا بلوچ آهن اهي ڪو گھڻو وڌيا يا ترقي نه ڪئي اٿن پر پٺاڻ ۽ افغاني جيڪي پري پري کان ڪهي آيا ۽ اچڻ مهل کين ڪجھه به نه هو، اڄ هو امير ۽ طاقت وارا آهن. ڪيترا ته مڪاني ماڻهن جي زبان سنڌي يا بلوچي به ڳالهائين ٿا.
بهرحال توه گُو يا تئاگو چيني ڇوڪري جي ڳالهه پئي هلي، جنهن جو هڪ ٻيو چيني ڇوڪرو چن سينگ (Chin Seng) نالي دوست ٿي ويو جنهن رڪشا ڇڪي ٿي. شروع جي ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ عام سواري رڪشا هوندي هئي جنهن کي چيني ڇڪيندا هئا. ان بعد سائيڪل رڪشا ٿي. هڪ ڏينهن هن چيني رڪشا هلائيندڙ چن سينگ پنهنجي مزور (ڪولي) دوست تئاگو کي چيو :“معاهدي مطابق جڏهن تنهنجي مزوريءَ جو سال پورو ٿئي ته ان بعد وڌيڪ مزور ٿي ٻيڙيءَ ۾ ڪم نه ڪجانءِ. منهنجي صلاح وٺين ته آزاديءَ بعد رڪشا ڇڪڻ وارو ٿجانءِ. ڏس نه ڪولي ٿي ٻيڙيءَ تي ڪم ڪرڻ سان توکي وڌ ۾ وڌ اڌ يا منو ڊالر ملي سگھي ٿو پر رڪشا ڇڪڻ ۾ توکي ڏينهن ۾ هڪ کان ٻن ڊالرن تائين ڪمائي ٿي سگھي ٿي. جيڪڏهن ٻيڙيءَ تي ڪولي (مزور) ٿي ڪم ڪندين ته سڄي عمر ڪولي ئي ٿي ڪم ڪندي پر رڪشا ڇڪڻ وارو ٿيڻ ۾ تون چاهين ته پئسا بچائي به سگھين ٿو ۽ هڪ ڏينهن رڪشا جو مالڪ به ٿي سگھين ٿو ۽ پوءِ هڪ دفعو رڪشا تنهنجي پنهنجي ٿي ويندي ته توکي ڪمائيءَ جو حصو رڪشا جي مالڪ کي ڏيڻو نه پوندو.
توه گُو پنهنجي دوست جي نصيحت هينئين سان هنڊائي ۽ جڏهن هن جو سال جو مدو پورو ٿيو ته ٻيڙيءَ تي مزوري ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ ساگو لين تي رهندڙ هڪ رڪشا مالڪ کان ڏهاڙي جي مسواڙ تي رڪشا ورتي ۽ رڪشا ڇڪيندڙ ٿي سنگاپور جي گھٽين ۾ رڪشا ڇڪڻ شروع ڪئي.
توه گو بيحد محنتي ۽ مضبوط جسم وارو هو. هن صبح کان وٺي رات تائين رڪشا هلائي ٿي. انهن ڏينهن ۾ يورپي توڙي عرب، جهازن جا ملاح توڙي مڪانيواپاري رڪشائن ۾ ئي چڙهيا ٿي. ڪنهن وٽ به پنهنجي ڪار نه هئي. بلڪ ڪار اڃا ايجاد ئي نه ٿي هئي. ڪار ايجاد ٿيڻ بعد سنگاپور ۾ پهرين ڪار 1896ع ۾آئي هئي جنهن جو مالڪ هڪ يورپي هو جنهن جو سنگاپور ۾ اخبارن جو واپار هو. بهرحال اسان وارو يار توه گو هڪ هڪ سينٽ بچائيندو رهيو. هو اهڙي طرح ٽي چار سال سخت پورهيو ۽ ڪنجوسي ڪرڻ بعد ئي رڪشا خريد ڪري سگھيو ٿي. هو بچت ڪرڻ سان گڏ ڪجھه پئسا پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ ڏي به چين موڪليندو رهيو.
ٻن سالن اندر هن ايترو بچائي ورتو جو رڪشا جي اڌ قيمت ادا ڪري سگھي. پر پوءِ هو اوچتو بيمار ٿي پيو. هن کي سخت پيٽ جو سور، مٿي جو سور ۽ اُلٽيون اچي ٿيون. هن جي هڪ دوست، جيڪو آفيم ڇڪيندو هو هن کي صلاح ڏني ته سور مان نجات حاصل ڪرڻي اٿئي ته آفيم واپراءِ.
توه گو هن جي صلاح تي عمل ڪندي آفيم ڇڪيو ۽ هن کي في الحال فرحت اچي وئي، پر پوءِ کيس وري اچي سور ٿيو ۽ هن کي سور پچائڻ خاطر ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا آفيم ڇڪڻو پيو، ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي هن جي بيماري بنا دوا کائڻ جي ختم ٿي وئي. توه گو هاڻ جيتوڻيڪ چاق چڱو ڀلو ٿي ويو پر هن آفيم ڇڪڻ جي پچر نه ڇڏي ڇو ته هن کي آفيم ڇڪڻ سان وڏو سرور حاصل ٿيو ٿي. هڪ ڏينهن هو هڪ عورت پئسينجر کي رڪشا ۾ وهاري وڃي رهيو هو ته هن جو لنگھه هڪ آفيم جي دڪان وٽان ٿيو. آفيم جي دڪان وٽان لنگهندي هن کي آفيم ڇڪڻ جي سخت ٻاڙ محسوس ٿي. هو دڪان اڳيان مسافر سوڌي رڪشا بيهاري دڪان اندر گھڙيو، دڪان ۾ ٻين کي آفيم ڇڪيندو ڏسي پاڻ به بالم ٿي ويهي رهيو ۽ آفيم ڇڪڻ جو مزو وٺڻ لڳو. کانئس اهو به وسري ويو ته ٻاهر هڪ عورت کي انتظار ۾ ويهاري آيو آهيان.
توه گُو هر روز آفيم پٺيان ويوگھڻي کان گھڻو پئسو ضايع ڪندو ۽ ان سان گڏ سندس وقت به برباد ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح هن جي ڪمائي به وئي ڏينهون ڏينهن گھٽبي- بلڪ هاڻ هي بچايل پئسن مان نوٽ ڪڍي آفيم وٺڻ لڳو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو اچي ويو جو هن جي سڄي بچت ختم ٿي وئي ۽ پٺيان چين ۾ رهندڙ پنهنجي ماءُ کي ته هن ڪڏهن کان پئسا موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا.
۽ ان سون تي سهاڳ اهو ته هي وري بيمار ٿي پيو. هن دفعي هن جا ڦڦڙ خراب ٿي پيا ۽ سڄو ڏينهن کنگھڻ لڳو. آرام نه ملڻ ۽ سخت پورهئي جي ڪري هن جي حالت ويتر خراب ٿي پئي، هن جي پراڻي ۽ سٺي دوست چن سينگ کي حقيقت جي خبر پئي ته هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو. هو کيس دوا لاءِ تان ٽاڪ سينگ (Tan Tock Seng) اسپتال وٺي هليو. اسپتال ۾ هن کي ٻه دفعا رهڻو پيو. ڊاڪٽرن ۽ نرسن اهي ڏينهن هن کان آفيم پري رکيو. بيماري جي علاج بعد هن کي سنگاپور جي Anti Opium Clinic ۾ رکيو ويو جيئن هن مان آفيم ڇڪڻ جي عادت هميشه لاءِ نڪري وڃي، اتي جي هڪ ڊاڪٽر توه گو جو نه فقط علاج ڪيو پر هن کي اهو به سمجھايو :
“توه گو، آفيم جي لعنت نڪرڻ بعد تون پنهنجو پاڻ کي آفيم کان هميشه پري رکجانءِ. آفيم ڇڪڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي. پنهنجي غريب ۽ پوڙهي ماءُ جو سوچ جيڪا چين ۾ تنهنجي پئسي جي انتظار ۾ آهي. هوءَ هرگز نه چاهيندي ته هن جو پٽ صحت ۽ پئسي کان محروم ٿي وڃي ۽ پنهنجي نئين رڪشا جو به سوچ جيڪا تون خريد ڪرڻ چاهين ٿو. آفيم ڇڪڻ جي اڏن تي وڃڻ تي توکي ڪو فائدو نه رسندو. آفيم ڇڪڻ سان تون آفيم وڪڻندڙ کي امير ۽ پنهنجو پاڻ کي غريب بڻائيندين. آفيم پٺيان پئسو وڃائڻ بدران اهوپئسو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ سٺو کاڌو وٺي کائيندين ته نه رڳو سٺي صحت رهندءِ پر طاقتور به ٿي پوندين.”
توه گو پنهنجي ڊاڪٽر جي نصيحت جيءَ سان جڙي ڇڏي ۽ آفيم ڇڪڻ کان هميشه لاءِ توبهه ڪئي. جيئن ئي توه گو صحتمند ۽ سگھارو ٿيو ته هو گھڻي کان گھڻو ڪمائڻ لڳو. ٽي سال محنت ڪري رڪشا ڇڪڻ مان هن ايترو ڪمايو جو هن نئين نڪور رڪشا خريد ڪئي ۽ مسواڙ جي رڪشا مان سندس جان ڇٽي وئي. اهڙي طرح ٽي سال کن وڌيڪ پورهيو ڪري هن هڪ ٻي رڪشا ورتي جيڪا هن مسواڙ تي ڏئي وڌيڪ پئسو حاصل ڪيو. اهڙي طرح هن ٽين ۽ چوٿين رڪشا ورتي.
توه گو جڏهن 52 سالن جو ٿيو ته هن کي ڪيتريون ئي رڪشائون هيون ۽ هن جون رڪشائون مسواڙ تي ڏيڻ جو وڏو ڪاروبار هو. انهيءَ وچ ۾ هن پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي به چين مان گھرائي ورتو هو ۽ پنهنجي ئي صوبي جي رهاڪن مان شادي پڻ ڪيائين. جيتوڻيڪ دير سان شادي ڪيائين ۽ 60 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن هن وفات ڪئي ته سندس ٻار اڃا ننڍا هئا پر سندس عقلمند زال، مڙس جو نه فقط ڪاروبار خيال سان هلايو پر ٻارن کي پڙهائي وڏو ماڻهو پڻ بڻايو.
اهڙي طرح توهان ڏٺو ته هڪ رڪشا ڇڪڻ واري پنهنجي زندگي تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتي ۽ هيءَ ڪهاڻي سنگاپور ۾لڏي آيل ٻين چينين جي زندگيءَ جي پڻ عڪاسي ڪري ٿي. پوءِ ڪيترا ويچارا نشي پتي ۾ تباهه به ٿي ويا ڪيترن محنت ڪري پنهنجي زندگي ٺاهي ورتي. سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي، چين کان جيڪي به چيني لڏي سنگاپور (يا ملايا ۽ انڊونيشيا) آيا، سي سخت غريب هئا. هنن پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي زندگي ٺاهي. مٿين ڪهاڻيءَ مان توهان کي آئيڊيا ٿي وئي هوندي ته هن پاسي جيڪي چيني ڏسو ٿا، جيڪي اڄ ڪلهه ٺاٺ جي زندگي گذارين ٿا، تمام گھڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ پئسي وارا نظر اچن ٿا. انهن جي ڏاڏن پڙڏاڏن هنن پَٽَن تي تمام ڏکي زندگي گذاري. هنن انهن ڏينهن ۾ هتي جي گرمين ۽ مينهن ۾ ڏينهن رات پورهيا ڪري، پنهنجي اولاد لاءِ هي مقام حاصل ڪيو. سنگاپور جو لڳاتار ٽيهن سالن تائين رهندڙ وزيراعظم ۽ هاڻ سينئر وزير “لي ڪئان يو” جا ڏاڏا پڙ ڏاڏا به غريب هئا. پوءِ هنن هتي اچي محنت مزوري ڪئي ۽ سندن اولاد محنت ڪري پڙهائي ڪئي ۽ هو انگريزن سان مقابلو ڪرڻ ۾ به گوءِ کڻي ويا. لِي ڪئان يو ۽ سندس زال انگلنڊ جي يونيورسٽين مان پوزيشنون کنيون ۽ لي ته ڊبل گولڊ ميڊلسٽ آهي. اڄ جي ماڊرن سنگاپور کي اهو درجو ڏيارڻ ۾، هر ڪو مڃي ٿو ته لِيءَ جو هٿ آهي. لي اڄ پوڙهو ٿي چڪو آهي. هن سنگاپور کي ٺاهڻ جو جيڪو سپنو ڏٺو هو اڄ اهو ساڀيان ماڻي چڪو آهي پر هو خوش ٿيڻ بدران فڪر مند آهي. پنهنجي ملڪ جي نئين ٽهيءَ جي هن کي وڏي پريشاني آهي. هو بار بار پنهنجي قوم جي ماڻهن کي خبردار ڪري رهيو آهي ته “دوستو! پنهنجي اولاد کي سست ڪاهل ٿيڻ کان بچائجو. سنگاپور ڪجھه به نه آهي ۽ نه هن ۾ ڪجھه آهي. نه سون نه پيٽرول. نه پوک لاءِ ڌرتي نه دٻيل ڌاتوءَ جا جبل. ويندي پيئڻ جو پاڻي به پاڙيسري ملڪ ملائيشيا کان ٿا خريد ڪيون. جيڪي ڪجھه اڄ سنگاپور آهي اهو اسان جي پورهئي ۽ محنت جو اجورو آهي. ان محنت کان ونءُ نه وڃجو. پنهنجي اولاد کي ان محنت جي رغبت ڏجو. اڄ جي ٻارن، جن ڄمڻ سان نرم بسترا، ٿڌا ڪمرا، چاڪليٽ ۽ ڪولائون ڏٺيون آهن اهي لاڏلا ۽ نازڪ طبيعت نه ٿي وڃن. ڇو جو جنهن وقت هنن جو پورهئي، محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ناتو ٽٽي ويندو اسان تباهه ٿي وينداسين. اسان جو ملڪ ختم ٿي ويندو.”

ملائشيا ۽ سنگاپور جي وچ ۾ تُو تُو

ملائشيا ۽ سنگاپور ٻئي پاڙيسري ملڪ آهن. ٻنهي جو ڇا مقابلو! سنگاپور هڪ پتڪڙو ٻيٽ نما ملڪ آهي ۽ ملائشيا آفت جيڏو، جنهن مان سنگاپور جهڙا سوين ٻيٽ ٿين. ملائشيا به امير ملڪ آهي پر سنگاپور ٽيڪنالاجي ۽ پئسي ۾ وڌيڪ امير آهي. خاص ڪري گذريل 15 سالن ۾ تمام گھڻو اڳتي نڪري ويو آهي. ٻنهي جي وچ ۾ ڪنهن فوجي (بري، بحري يا هوائي) جنگ جو امڪان ناهي، جو سنگاپور جيتامڙي کي جنهن وقت ملائشيا، انڊونيشيا، چين يا فلپين چاهي هضم ڪري سگھي ٿو. سو هڪ ٻئي سان گولا بارود جي جنگ کي هرڪو Avoid ڪري ٿو باقي ٻنهي جي وچ ۾ زباني چڪريون خوب هلن ٿيون. ملائشيا ۽ ٿائلنڊ جي يا سنگاپور ۽ انڊونيشيا جي ايتري “تُو تُو” نٿي ٿئي جيتري سنگاپور ۽ ملائشيا جي. جيتوڻيڪ ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪ ٻئي کان سواءِ رهيو به نٿا سگھن. ٻنهي ملڪن جي ملئي ۽ چيني ماڻهن جا مائٽ مٽ هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ آهن. ٻئي ملڪ برطانيا جي هٿ ۾ هئا، ٻنهي ملڪن ۾ڪيترائي قانون قاعدا، رسم رواج ساڳيا آهن. بلڪه حقيقت ته اها آهي ته سالن جا سال سنگاپور ملائشيا جو ئي حصو رهيو آهي. ملايا جو پينانگ ٻيٽ، ملاڪا رياست ۽ سنگاپور تي 1924ع تائين انگريزن جو مڪمل ڪنٽرول ٿي چڪو هو. 1926ع ڌاري اهي ٽئي Settlements (سنگاپور، پينانگ ۽ ملاڪا) Strait Settlements سڏجڻ لڳيون، جيڪي Malay Peninsula جو حصو هيون. ملئي سر زمين (Malay Peninsula) جو باقي حصو مختلف رياستن ۾ ورهايو ويو.
اتراهيون ملئي رياستون- ڪيداح، پرلس، ڪيلنتان ۽ ترنگانو سيام (ٿائلنڊ) جي ڪنٽرول ۾ هيون. باقي ٻيون رياستون جوهور، پهانگ، پيراق، سلينگور ۽ نگري سيمبيلان انگريزن ۽ سيامين جي حڪومت کان آزاد هيون. بهرحال 1874ع کان 1914ع جي وچ ۾ ملئي سڀ رياستون انگريزن جي ڪنٽرول ۾ اچي ويون. ان بعد Straits Settlements ۽ ملئي رياستون هڪ ئي نالي “برٽش ملايا” سان سڏجڻ لڳيون. يعني مڙني جو حاڪم هڪ ئي (برطانيا) ٿيو. اهڙي طرح برٽش ملايا جي هر رياست جو باشندو (چيني، ملئي توڙي انڊين) آزاد هو ته جتي وڻيس اتي ڌنڌو ڌاڙي ڄمائي يا گھر يا زمين خريد ڪري. هزارين جوهور رياست ۾ پوک جي ڪم لاءِ هليا ويا. ڪيترا پينانگ (جيڪو ڪنهن زماني ۾ انگريزن جي Settlements جو حصو هو)، جا ماڻهو ڪيداح وڃڻ لڳا جيڪو ڪنهن زماني ۾ سيام (ٿائلنڊ) جي ڪنٽرول ۾ هو. ملاڪا کان سلينگور ۽ پيراق ٽين جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا. سنگاپور ۾ رهندڙ چيني واپارين ملايا جي اوڀر ڪناري وارن رياستن (ترنگانو، ڪئلنتان) وغيره ۾ ڌنڌو ڄمايو. ملڪ جي هڪ ئي سرڪاري زبان (ملئي) رهي. هڪ ئي سڪو (رنگٽ) ۽ هڪ ئي قاعدو قانون ٿيو.
ملئي رياستن تي انگريزن جي ڪنٽرول کان اڳ انهن رياستن ۾ ڪا به ريلوي لائين نه هئي ۽ رستا به جھڙا تهڙا هئا. هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سامان جي Transportation دريائن ۾ هلندڙ ٻيڙين رستي ٿِي ٿَي يا جھنگ مان هاٿين رستي. ڪٿي رستا هئا ته اتي ڍڳي گاڏيون هليون ٿي. 1875ع کانپوءِ انگريز سرڪار بهتر ٽرانسپورٽ ڏي ڌيان ڏنو. هن رستا ۽ ريل جا پٽا وڇائڻ لاءِ پئسو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو ٽين جي ايڪسپورٽ تي ٽئڪس لڳائي حاصل ڪيو ويو. پهرين ٽين جي کاڻين کان بندرگاهن تائين ريل جا پٽا وڇايا ويا. خاص ڪري ملايا جي مغربي ڪناري پاسي پورٽ ويلڊ کان تائپنگ تائين، پورٽ ڪلانگ کان ڪوالالمپور تائين. ان بعد سرڪار اتر کان ڏکڻ تائين 750 ڪلوميٽر ريلوي وڇائي. اتر ۾ پينانگ ٻيٽ جي سامهون بٽرورٿ شهر کان ڏکڻ ۾ جوهور بارو شهر تائين.
ملايا ۾ ٺهندڙ ڪيترو ئي مال اتر کان ڏکڻ هلندڙ ريل ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچايو وڃڻ لڳو. ڪنهن سامان کي سنگاپور موڪلڻو هوندو هو ته ريل رستي جوهور بارو شهر تائين پهچائي پوءِ ٻيڙيءَ ذريعي سنگاپور پهچايو ويو ٿي. جوهور بارو بندرگاهه ۽ سنگاپور ٻيٽ جي وچ ۾ ڪو ميل ڏيڍ سمنڊ مس آهي. بعد ۾ ان مٿان پل ٺاهي وئي جنهن مٿان ماڻهو ۽ ڍڳي گاڏيون اچڻ وڃڻ لڳيون ۽ 1932ع ڌاري ريل جا پٽا وڇائي سنگاپور تائينريل هلائي وئي. جوهور باروءَ کان گاڏي هلي، سمنڊ مٿان ٺهيل پل ٽپي سنگاپورٻيٽ جي جنهن پهرين حصي تي پهچي ٿي ان جو نالو ووڊلئنڊ آهي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ سخت گھاٽو جھنگل هو. ان ڪري سنگاپور ٻيٽ جي ريلوي اسٽيشن گھڻو اڳيان آبادي واري علائقي ۾ ٺاهي وئي جيڪو تنجنگ پگار سڏجي ٿو.
جيئن ته مٿي لکي آيو آهيان ته انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ملايا جو هڪ حصو هو، هڪ انگ هو، جنهن جي جدا ٿيڻ جو ڪنهن سوچيو به نه هو، ۽ انهن سڀني جو حاڪم هڪ هو يعني انگريز بادشاهه. انگريز حاڪم هن پاسي KTM (ڪيريٽا آپي تناح ملايو) نالي هڪ ڪمپني ٺاهي جنهن سنگاپور ۾ به ريل جاپٽا وڇايا ۽ ريلوي اسٽيشن ٺاهي. جن جن جي اها زمين هئي انهن کي پئسا ڏئي ريل لاءِ خريد ڪئي وئي جيئن انگريزن جي ٺهيل قاعدي موجب اسان وٽ به ٿيو ٿي ۽ اڄ به ٿي رهيو آهي. سرڪار کي ڪٿي رستو ٺاهڻو هوندو آهي ته ان زمين جي مالڪ زميندار کان خريد ڪندي آهي. سو انهن ڏينهن ۾ به KTM ڪمپنيءَ، جيڪا ملايا جي ڪمپني هئي، تنهن سنگاپور ۾ زمين خريد ڪئي. KTM ائين آهي جيئن پاڻ وٽ انگريزن جي ڏينهن ۾ ۽ بعد ۾ ڪافي عرصو NWR (نارٿ ويسٽرن ريلوي) هو. KTM (ڪيريٽا آپي تناح ملايو) ملئي لفظ آهي. “ڪيريٽا آپي” معني ريل گاڏي. ملئي زبان ۾ ڪيريٽا معني ڪار ۽ آپي معنيٰ باه. “باهه جي ڪار” سا ٿي ريل گاڏي. تناح (Tanah) معنيٰ ڌرتي ۽ ملايو معنيٰ ملئي ماڻهو. يعني “ملئي ماڻهن جي ڌرتي” سا ٿي ملايا. بهر حال KTM نالي ان ڪمپنيءَ جي گاڏي اڄ به اتر ۾ بٽرورٿ شهر جي ريلوي اسٽيشن کان وٺي ڏکڻ ۾ جوهور بارو ۽ پوءِ پل ٽپي سنگاپور جي ريلوي اسٽيشن تنجنگ پگار تائين هلي ٿي. اڄ سنگاپور الڳ ٿي ويو آهي پر ريل گاڏيون، سنگاپور جي تنجنگ پگاراسٽيشن تائين ريلوي ٽرئڪ وارو پٽو ۽ ريلوي اسٽيشن KTM جي ملڪيت آهي. جنهن لاءِ سنگاپور وارا انڪار به نٿا ڪريو سگھن ڇو جو سنگاپور ۾ رهندڙ ڪيترن ملئي ۽ چيني ماڻهن جون پڻ پل جي ٻئي پاسي جوهور رياست ۾ (۽ ملائشيا جي ٻين رياستن ۾) ملڪيتون آهن ۽ سڀني جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي.
سنگاپور ملايا سان مليل هو پر پوءِ انگريزن کان آزادي ملڻ بعد سنگاپور ڌار ٿي رهڻ پسندو ڪيو (۽ ملايا وارن به پنهنجي ان ۾ بهتري سمجھي) ۽ “ملايا” بورينو ٻيٽ جي ٻن رياستن صباح ۽ سراواڪ سان گڏجي پنهنجي ملڪ جو نئون نالو “ملائيشيا” رکيو. هاڻ پراڻي ملايا رياستن واري ڌرتي ويسٽ ملائيشيا سڏجي ٿي ۽ بورنيو ٻيٽ جون مٿيون ٻه رياستون (صباح ۽ سرواڪ) ايسٽ ملائيشيا يعني اوڀر ملائشيا سڏجي. جيئن ڪنهن زماني ۾ايسٽ پاڪستان ۽ ويسٽ پاڪستان هو، پر انهن جي وچ ۾ ڌرتي (انڊيا) هئي پر هنن ٻن ملائيشيائن جي وچ ۾ سمنڊ (ڏکڻ چيني سمنڊ) آهي.
سنگاپور جي ترقي ڪري سڄو سنگاپور باغ بهار ۽ ماڊرن ٿي پيو آهي. هاڻ اهي پراڻا جھنگل ۽ ڌٻڻ وارا علائقا ئي نه رهيا آهن. جوهور بارو جي ڀر وارو سنگاپور ٻيٽ جو حصو، جيڪو Wood Land سڏجي ٿو ۽ واقعي ووڊ لئنڊ يعني جهنگل هو هاڻ يورپ ۽ آمريڪا ٿي پيو آهي ۽ هنن پنهنجي MRT انڊر گرائونڊ ريلوي به سڄي ٻيٽ تي انگ موکيو، زيشون (Yishun) بڪت، گومباڪ، پون لي ۽ تناح ميراح تائين وڃي پهچائي آهي. سو سنگاپور وارن ملائشيا کان ايندڙ ريل گاڏيءَ کي ٻيٽ جي ٻي ڪنڊ تنجنگ پگار تائين وٺي وڃڻ بدران ٻيٽ جي منهن وٽ (ووڊ لئنڊ وٽ) ريلوي اسٽيشن ٺاهي، ملائشيا کان ايندڙ مسافرن جاپاسپورٽ اتي چيڪ ڪرڻ چاهيا ٿي، پر ملائيشيا وارا ان تي بگڙي پيا آهن. انهن کي اهو شڪ آهي ته سنگاپور وارا ووڊ لئنڊ کان تنجنگ پگار ريلوي اسٽيشن تائين جيڪا وچ شهر جي 32 هيڪٽر زمين ٿئي ٿي(۽KTM جي ملڪيت آهي) ڦٻائڻ چاهين ٿا.
۽ پوءِ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي وچ ۾ جڏهن به اهڙي Situation پيدا ٿئي ٿي ته ملائيشيا جا سياستدان هڪ ئي ليور کي استعمال ڪن ٿا- اهو آهي پاڻي. سنگاپور ٻيٽ کي پنهنجي لاءِ پاڻي بنهه ٿورو آهي. هو پاڻي ملائيشيا کان خريد ڪن ٿا. ملائيشيا کان پاڻيءَ جا ٿلها پائيپ سنگاپور ٻيٽ تائين پهچن ٿا ۽ ان پاڻي جي قيمت سنگاپور منهن گھري ڏئي ٿو ۽ ملائيشيا ان مان وڏو ناڻو ڪمائي ٿو- خاص ڪري جوهور رياست، جيڪا سنگاپور جي ڀرسان آهي. ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن جوهور وارا باقي ملائيشيا کي اکيون ڏيکاريندا آهن ته ان پاڻيءَ جو حوالو ڏيندا آهن ته هو باقي رياستن کان امير رياست آهي ۽ اڪيلو به رهي سگھي ٿي جو سنگاپور جهڙو امير ملڪ سندس پاڙيسري ملڪ آهي، جنهن کي فقط پاڻي وڪڻي هو ڪروڙها ڊالر ڪمائي سگھن ٿا. سو ملائيشيا جا سياستدان جڏهن سنگاپور تي بگڙبا آهن، جيئن هينئر سنگاپور وارن ريلوي اسٽيشن جو مسئلو کنيو آهي، ته هڪدم پاڻيءَ جو مهڻو ڏيندا آهن ته اسين چاهيون ته توهان جو پاڻي بند ڪري سگھون ٿا ۽ پوءِ ٻڌندڙ عوام جذباتي ٿي Potong, Potong جا نعرا هڻندو آهي. پوتونگ جي معنيٰ آهي ڪٽڻ (to cut) يعني سنگاپورينجو پاڻي ڪٽيو وڃي، جيئن کين اٽي جي اگھه جي خبر پوي.
هونءَ سنگاپور وارا ملائشيا کان ڀاڄيون ۽ ميوا به وٺن ٿا پر ملائيشيا وارا کين ان جو مهڻو نٿا ڏين ڇو جو سنگاپور وارن ان جو نعم البدل (Altemative) ڳولي ورتو آهي. هو ملائيشيا کان به بهتر ميوو ۽ ڀاڄيون ڏورانهن ملڪن کان روزانو هوائي جهاز رستي گھرايو وٺن. ان ڪري ملائيشيا وارا ان ڳالهه کي آڏو به نٿا ڪن جو ميوي ۽ ڀاڄين وڪڻڻ مان ملائيشيا وارن جي وڏي ڪمائي آهي ۽ جوهور بارو ۽ سنگاپور ائين آهن جيئن حيدرآباد، ڪوٽڙي، يا مورو ۽ دادو. سنگاپور جي ميوا ۽ ڀاڄيون نه وٺندو ته ملائيشيا، خاص ڪري جوهور رياست جا باغائي ۽ زميندار رلي ويندا. ٻيو ڪهڙو ويجھو ملڪ آهي جيڪو کانئن خريد ڪندو؟ انڊونيشيا، ٿائلينڊ، فلپين، چين وغيره خود پنهنجي ميوي ۽ ڀاڄي وڪڻڻ جي چڪرن ۾ آهن. سو هڪ شيءِ پاڻي اهڙي آهي جنهن جو دڙڪو ملائيشيا وارا سنگاپور وارن کي ڏئي سگھن ٿا.
ڪجھه عرصو اڳ، منهنجي ملائيشيا ۾ هجڻ دوران، هڪ دفعي خبر پئي ته سنگاپور وارا اسرائيل جي وزيراعظم کي دعوت ڏئي گھرائي رهيا آهن. اهو ٻڌي ملائيشيا جي عوام (جنهن جي اڌ کان وڌيڪ آدمشماري مسلمان آهي)، سنگاپور تي سخت ناراض ٿي. سڀني جي چڙ انهن ڏينهن جي سنگاپوري وزيراعظم لي ڪئان يو تي هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مسٽر لي جوش ڪرڻ بدران هوشمنديءَ سان هر ڳالهه جو جواب ڏيندو رهيو ته هر هڪ جا پنهنجا پنهنجا ذاتي تعلقات ۽ دوست آهن. اسان جو ملائيشيا به دوست آهي ته اسرائيل به. اسان سمجھون ٿا ته ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ آهي ۽ هنن کي اسرائيل سان نفرت آهي پر اسان تي زور ڇو آندو پيو وڃي ته اسرائيل سان دوستي نه ڪريون. ڇا رڳو ان ڪري جو اسان جو ملڪ سنگاپور ننڍو آهي. ڇا ان ڪري جو اسان ڪمزور آهيون. اسان جو ملڪ سنگاپور ته وري به گھڻ قومو ۽ گھڻ مذهبو ملڪ آهي، جتي مسلمانن سان گڏ ٻين مذهبن جا ماڻهو به آهن. بلڪه مسلمان ته 20 سيڪڙو به نه آهن. مصر جهڙن ملڪن کي ڇو نٿو جھليو وڃي جيڪي مسلمان آهن ۽ اسرائيل سان دوستي رکيو پيا هلن. ياسر عرفات کي ڇو نٿو چيو وڃي جيڪو هر وقت هنن سان دوستي رکڻ جيڪري رهيو آهي.
ملائيشيا ۾ اسان جي اداري ۾ ڪم ڪندڙهڪ چيني ڪئپٽن سان ڳالهه ڪيم ته سنگاپور وارا اهو غلط ڪري رهيا آهن ته هڪدم وراڻيائين: “توهان مسلمان به عجيب آهيو. عربن بيوقوفيءَ ۾ اچي اسرائيل کان جنگ هارائي ۽ فلسطين يهودين حوالي ڪري ڇڏيو. هينئر به ياسر عرفات چوي ٿو ته يهودي اسان کي پنهنجي ڌرتي واپس ڪن ته هو اسان کي سڀ کان ويجھا آهن ۽ رشتي ۾ ڪزن ٿين. توهان يهودين کي گاريون ڏيو ٿا پر اڄ به ڳني جو رس پي پنهنجي ملڪ جي غريب کي روزگار مهيا ڪرڻ بدران انهن يهودين جون ڪولائون ۽ پيپسيون پي هنن کي وڌيڪ امير ڪريو ٿا. غريب فلسطين کي اسرائيل دربدر ڪيو آهي ته اڄ به آمريڪا، انگلنڊ ۽ يورپ جا ملڪ (جن تي يهودين جو وڏو اثر آهي)، کين پاڻ وٽ ٽڪائين ٿا، پر پاڙي جا امير مسلمان ملڪ: سعودي عرب، ڪويت، جارڊن وغيره امير هوندي ڪنهن هڪ به فلسطيني کي پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ نٿا ڏين...”
مون ان چيني ڪئپٽن جي تقرير ٻڌڻ ڇڏي ملائيشيا جي انگريزي اخبار Strait Times پڙهڻ شروع ڪئي جنهن ۾ ڏنل تصويرن ۾ ڏيکاريل هو ته ملائيشيا جي ڪيترن شهرن ۾ عوام سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪئان يو جا پتلا ساڙي پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو.
اڄ هي مضمون لکڻ وقت سوچي رهيو آهيان ته سنگاپور ٻيٽ جي چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ملائيشيا وارن جا اهي مهڻا ٻڌي سنگاپور حڪومت نيٺ هڪ ڏينهن سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهڻ جو Desalination Plant هڻندي. سنگاپور کي پوءِ مفت ۾ پاڻي ملي ويندو ۽ ملائيشيا جي سندس اڻ مئي پاڻيءَ مان ٿيندڙ زبردست ڪمائي بيهي ويندي.
سنگاپور جي هن هوٽل جو بئرو، جنهن مان هي مضمون لکي رهيو آهيان، چانهه جو ڪوپ کڻي آيو آهي. پاڻ سنگاپور جو شهري آهي پر ملئي آهي. چانهه جو ڍڪ ڀري کانئس پڇان ٿو:
“Abdul! Yang mana labih baik- Singapore atau Malaysia?”
“عبدل! توکي ملائيشيا وڌيڪ سٺو لڳي ٿو يا سنگاپور؟”
“سنگاپور!” هو جواب ڏئي ٿو.
“ڪيناپا؟” (ڇو ڀلا؟)
“ان ڪري جو سنگاپور منهنجو ملڪ آهي. هتي مون کي وڌيڪ آزادي آهي. هتي آئون وڌيڪ ڪمايان ٿو. اسان جي حڪومت جيڪا جيتوڻيڪ چيني آهي، عوام جي هر ماڻهوءَ جي ڀلي جو سوچي ٿي- چاهي هو چيني هجي، ملئي هجي يا ڪنهن ٻي قوم يا مذهب جو. اسان جي ملڪ سنگاپور ۾ ڪنهن جو به حق نٿو کسيو وڃي. هر ڳالهه ميرٽ تي ٿئي ٿي. هر ڳالهه Logical ۽ عقل کان ڪم ٺي سوچي سمجھي وڃي ٿي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي ٿو. ملائيشيا به سٺو ملڪ آهي پر سنگاپور کي ننڍو سمجهي آئون ان کي گھٽ نٿو سمجھان. هن جي سڄي دنيا ۾ وڏي ساک آهي. ڇا توهان کي سنگاپور جي ڊالر (ناڻي) مان ئي نٿي Idea ٿئي ته اهو ڪيڏو مضبوط آهي...”
سنگاپور ۾ رهڻ دوران توهان ملائيشيا جي ڪيترن ئي شهرن بابت ٻڌندائو، خاص ڪري جوهور باروءَ بابت. هوٽل جو مئنيجر، ٽئڪسي وارو، ٽوئرزم اداري وارا توهان کي جوهور باروءَ جي گھمڻ لاءِ ته خاص طور چوندا. مٿين مضمون ۾ به جوهور ۽ جوهور باروءَ جو ذڪر آيو آهي. ڪيترا ان ۾ ڀلبا آهن ته “جوهور“ ۽ “جوهور باروءَ” ۾ ڇا فرق آهي يا آيا هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن.
ملائيشيا مختلف حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر حصو رياست سڏجي ٿو جيئن پاڪستان جا مختلف صوبا آهن، سنڌ، پنجاب وغيره. ملائيشيا جي سواءِ چئن رياستن جي، باقي نون رياستن مان هر هڪ جو وڏو/سردار سلطان آهي، جيڪو ڄڻ ته ان رياست جو والي آهي. انهن نون رياستن جي سلطانن مان واري وٽي تي هڪ رياست جو سلطان پنجن سالن لاءِ سڄي ملڪ جو بادشاهه (King) ٿئي ٿو. مدو پورو ٿيڻ تي هڪ وڏي تاج ۽ تخت جو مالڪ (بادشاهه) پنهنجي رياست ۾ پنهنجي ڳوٺ، زندگي جا باقي ڏينهن جنهن چپڙيءَ سان وڃيو گولف کيڏي (يا ميوزڪ ٻڌي يا نماز روزي يا شڪار کيڏڻ ۾ وڃيو زندگي بسر ڪري) اهو دنيا کي حيرت ۾ وجھندڙ آهي. يعني دنيا جي تواريخ ته اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي جنهن ۾ ڪو هڪ دفعو بادشاهه ٿيو آهي ته وري نه لٿو آهي يا بادشاهت حاصل ڪرڻ لاءِ پٽ پيءُ کي به ماري ڇڏيو آهي.
بهرحال ملائيشيا مختلف رياستن تي مشتمل آهي. آخري رياست (جنهن کانپوءِ سنگاپور جو ٻيٽ آهي) جو نالو جوهو Johor آهي. جوهور رياست ۽ سنگاپور جي وچ ۾ سمنڊ جي پٽي آهي جيئن ڪياماڙي ۽ منهوڙي جي وچ ۾ بلڪه منهوڙو ته ڪياماڙيءَ کان وري به چڱو پري آهي پر سنگاپور ٻيٽ ته جوهور رياست سان مليو پيو آهي. سو “جوهور” رياست جو نالو آهي. هر رياست جي گاديءَ جو هنڌ آهي. جيئن سنڌ جو ڪراچي، پنجاب جو لاهور آهي تيئن جوهور رياست جو Capital (گاديءَ جو شهر) جوهورباروءَ نالي شهر آهي. رياست ۽ گادي جي شهر جي نالن ۾ هڪجهڙائي هجڻ ڪري ٽوئرسٽن ۽ ڌارين کي البت مونجھارو ٿئي ٿو. “جوهور” رياست جو Capital “جوهور بارو” بلڪل سمنڊ جي ڪناري تي آهي جيئن سنڌ جو ڪيپيٽل ڪراچي آهي. جوهور بارو شهر ۽ سنگاپور ٻيٽ جي وچ ۾ ميل ڏيڍ جو سمنڊ مس آهي ان ڪري سنگاپور کي جوهور رياست جي شهر جوهور باروءَ سان پل ذريعي ڳنڍيو ويو آهي. ان پل مٿان بسون ۽ ريل گاڏيون هلنديون رهن ٿيون ۽ ان پل کي هتي عام طرح “ڪاز وي” (Cause Way) سڏين ٿا.
پاڻي بچائڻ جي مهم شايد ئي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ايتري هجي جيتري سنگاپور ۾ آهي. دنيا جا ملڪ پنهنجن ملٽري ادارن کي پئسو گھٽ خرچ ڪرڻ لاءِ تلقين ڪن ٿا پر سنگاپور حڪومت پنهنجي فوج کي هميشه پاڻي گھٽ استعمال ڪرڻ لاءِ چوي ٿي. هڪ حد کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪرڻ تي هنن کان ٻيڻا پئسا ورتا وڃن ٿا. نتيجي ۾ سنگاپور فوج جا ڪئمپ ڪمانڊنٽ گذريل سال به پاڻي بچائڻ جي چڪر ۾ هئا. سڀ کان پهرين ته هنن فوجين کان ليڪيج بند ڪرائي. ڇو جو پاڻي ضايع ٿيڻ جو اهم ڪارڻ ليڪيج آهي. نل صحيح طرح بند نه ٿيڻ تي چاهي کڻي ان مان ٽيپو ٽيپو پاڻي پيو وهي ته به گھڻو آهي. ويتر جي ڪموڊ ليڪ آهي ته ان مان ته تمام گھڻو پاڻي ضايع ٿئي ٿو. 24 ڪلاڪن ۾ گھر جي اڌ ٽاڪي خالي ٿي وڃي. اهڙي طرح ڪَٽ لڳل پائپ آهن جيڪي گھٽين مان يا زمين هيٺان لنگھن ٿا. اسان وٽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ پاڻي ضايع ٿيڻ جو وڏو سبب ليڪيج آهي.
سنگاپور جا فوجي ٿورو گھڻو مينهن جو پاڻي پڻ گڏ ڪري پورائو ڪن ٿا. هونءَ ته هن پاسي اسان وانگر جبلن تي برف ڳرڻ ڪري پاڻيءَ جون نديون نٿيون وهن. هن پاسي ته مينهن وسڻ سان ئي نديون وهن ٿيون ۽ مينهن جو ئي پاڻي استعمال لاءِ گڏ ڪري سگھجي ٿو ۽ مينهن هتي واقعي مينهن جهڙائي وسن ٿا. سنگاپور ۾ به مينهن ڏاڍو وسي ٿو پر مسئلو رڳو اهو آهي ته مينهن جو پاڻي ڪٿي گڏ ڪجي. سنگاپور جي سڄي ڌرتي شهر، گھر گھٽيون، باغ بندرگاهه، شاپنگ سينٽر ۽ هوٽلون ٿي ويو آهي ۽ پاڻي گڏ ڪرڻ جا جيڪي شروع جا ٺهيل تالاب (Reservoirs) آهن، اهي اڄ جي ضرورت مطابق بيحد ننڍا آهن.
سنگاپور جي 1950ع ڌاري ڏهه لک آدمشماري هئي ۽ اڄ اها ٽيڻي يعني ٽيهه لک کن وڃي ٿي آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ پاڻيءَ جي کپت ست دفعا وڌي وئي آهي. سنگاپور جو “انڊسٽري ۽ ٽريڊ” جو وزير مسٽر يئو چيئو ٽانگ (Yeo Cheow Tong) قانون ٺاهڻ وارن کي اهي ئي منٿون ڪري رهيو آهي ته ٻيلي پاڻيءَ جي قيمتن کي وڌايو جيئن عوام ان جو گهٽ استعمال ڪري. (شايد سئيڊن ناروي جهڙن ملڪن وانگر جن ڪوڪا ڪولا جهڙن شربتن ۽ ٽيلفون جا اگھه وڌائي ڇڏيا آهن جنهن ڪري اتي جي ماڻهن ڪولائون پيئڻ ڇڏي ڏنيون آهن ۽ ساڳي طرح مڪاني فون ڪندي به ماڻهو ڊڄن ٿا. ماڻهن جي صحت ۽ وقت بچائڻ جو هنن اهو سٺو طريقو ڪڍيو آهي.)
سنگاپور ۾ پاڻيءَ جو وڏو مسئلو آهي. هنن کي ان لاءِ پاڙيسري ملڪ ملائيشيا تي آسرو رکڻو پوي ٿو. سنگاپور وارا پنهنجي پاڻيءَ کان سواءِ روزانو ڏيڍ بلين ليٽر پاڻي ملائيشيا جو استعمال ڪن ٿا. اهو پاڻي جوهور رياست مان پمپن ذريعي سنگاپور موڪليو وڃي ٿو. سنگاپور وارن جا ملائيشيا سان پاڻيءَ جي سلسلي ۾ ٻه معاهدا ٿيل آهن. پهرين معاهدي موجب ملائيشيا 2011ع تائين سنگاپور کي روزانو 400 ملين لٽر پاڻي ڏيندو ۽ ٻئي معاهدي مطابق ملائيشيا 2060 تائين، سنگاپور کي روزانو 1.1 بلين لٽر پاڻي سپلاءِ ڪندو. سنگاپور 1993ع ۾ جوهور رياست جي لنگيو (Linggiu) نديءَ تي ٺهندڙ ڊئم تي 300 کن ملين سنگاپور ڊالر Invest ڪيا هئا ان ڪري ملائيشيا مٿين سنن (سالن) تائين نه فقط سنگاپور کي پاڻي مهيا ڪندي پر گھٽ قيمت تي پڻ. سنگاپور جو وزيراعظم مسٽر گوهه چاڪ ٽونگ به بار بار عوام کي ياد ڏياري رهيو آهي ته اجھو ته پهريون معاهدو ختم ٿيو ۽ ملائيشيا ۾ ڪارخانا ۽ شهرن جي آبادي ايڏي وڌي رهي آهي جو ڏهه ٻارهن سالن بعد هنن جي پنهنجي پاڻيءَ جي ضرورت به وڌي ويندي ۽ پوءِ هنن اسان سان هن معاهدي بعد وڌيڪ سالن جو معاهدو نه ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ۽ جيڪڏهن ملائيشيا اسان کي پاڻي ڏنو به ته نئين معاهدي ۾ هو پاڻيءَ جو اگھه ڪهڙو رکندو؟
پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنگاپور وارا هڪ ته اسڪولن ۾ پاڻي بند ڪري ٻارن کي باردين ۾ پاڻي ڀري استعمال ڪرڻ جي عادت ۽ احساس ڏياري رهيا آهن ته نلڪن مان پاڻي نه اچڻ تي ڪيڏي تڪليف ٿئي ٿي. ان ڪري گھٽ پاڻي استعمال ڪريو. سنگاپور حڪومت انگ اکر گڏ ڪيا آهن ته سنگاپور ۾ روزاني کپت جو پنجون حصو ٽئاليٽن ۾ فليش سسٽم ۾ ختم ٿئي ٿو. ان ڪري هاڻي نين عمارتن جي باٿ رومن ۾ جيڪي فليشنگ جون نيون ٽانڪيون (Cisterns) لڳي رهيون آهن انهن جي Capacity ساڍن ٽن کان ساڍا چار لٽر آهي. هونءَ عام سسٽرن ۾ 9 لٽر پاڻي ڀرجي ٿو سو هر دفعي Flush ڪرڻ سان 9 لٽر پاڻي ضايع ٿيو وڃي.
سنگاپور حڪومت سنگاپور جي انجنيئرن ۽ سائنسدانن کي ڪا اهڙي ايجاد ڪرڻ تي انعام جي آڇ ڪئي، جنهن سان پاڻيءَ جو بچاءُ ٿي سگھي. پهريون نمبر ايندڙ، هڪ اهڙو Device ٺاهي پيش ڪيو، جنهن ذريعي هٿ منهن ڌوئڻ يا وهنجڻ جو پاڻي Recycle ٿي ٽئاليٽ جي فليشنگ لاءِ استعمال ٿي سگھي ٿو. سنگاپور ۾ اهڙي طرح هر روز ايترو پاڻي بچي سگھي ٿو جنهن سان اولمپڪ سئمنگ پول جهڙا ڏهه پول پاڻيءَ سان ڀري سگھجن ٿا.
هونءَ عرب ملڪن وانگر سنگاپور کي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي بڻائڻ لاءِ Desalination پلانٽ هڻڻ جو پڻ ارادو آهي پر اهوپاڻي ملائيشيا مان خريد ڪيل پاڻيءَ کان اٺوڻو مهانگو پوندو.
پاڻيءَ لاءِ سنگاپور وارا پنهنجن ڏاکڻن پاڙيسرين يعني انڊونيشيا وارن کي به چيو آهي جيڪي سندن بنتان ٻيٽ تان روزانو هڪ بلين لٽر پاڻي موڪلڻ جو سوچي رهيا آهن پر اهو پاڻي به پري کان اچڻ ڪري ملائيشيا کان خريد ڪيل پاڻيءَ کان پنجوڻ تي مهانگو پوندو.
بهرحال فيالحال ته سنگاپور حڪومت “پاڻي بچائڻ” جا فقط نعرا پوسٽرن ۽ ٽي ويءَ ذريعي عوام تائين پهچائي رهي آهي.

سنگاپور کي رڪشا ڇڪيندڙن به ٺاهيو

نواز شريف توڙي بينظير پنهنجين ٻنهي حڪومتن ۾ اها ئي ڪوشش ڪندا رهيا ته ڌارين ملڪن جا امير ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ واپار وڙي ۾ پئسو لڳائين. ظاهر آهي ان سان هو به ڪمائيندا ۽ اسان جي ملڪ جي به خوشحالي ٿيندي. مثال طور سانيو يا نيشنل ڪمپني جا جپاني مالڪ جيڪي ريڊيو، ٽي وي کان وي سي آر ۽ ريفريجريٽر ٺاهين ٿا ۽ جن جون فئڪٽريون پنهنجي ملڪ جپان کان سواءِ سنگاپور، ملائيشيا، انڊيا، دبئي، برازيل ۽ يورپ جي ملڪن ۾ پڻ آهن، اهي جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ به فئڪٽري کوليندا ته ان سان اسان کي به فائدو رسندو. جتي فئڪٽري کوليندا اتي بجلي، پاڻي، پڪي رستي ٺهڻ ڪري ڀر وارن ڳوٺاڻن کي به فائدو رسندو. ان کان سواءِ اسان جي ڪيترن بيروزگارن کي نوڪري ملي ويندي. نه فقط نوڪري ملندي پر هنن کي هنر به اچي ويندو. سندن شيون جيڪي هتي ٺهنديون اهي اسان کي انهن شين کان سستيون پونديون جيڪي اسين جپان يا ٻئي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه کان گھرايون ٿا. سندن فئڪٽري جو مال اسان جي بندرگاهه کان ٻاهر ٽرانسپورٽ ٿيڻ تي اسان جي مزورن، ٽرڪن جي مالڪن ۽ جهازن کي سامان ڍوئڻ جي ڪمائي هڪ طرف ٿيندي ته حڪومت کي ٽئڪس الڳ ملندو. فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ ڪري ڏهه يا پندرهن مزور، ٽيڪنيشن، انجنيئر، اڪائونٽنٽ، ڪلارڪ وغيره جيڪي هونءَ بيروزگار ويٺا هئا انهن وٽ هڪ مستقل آمدني اچڻ لڳندي جيڪا هو خرچ ڪندا ته مڪاني دڪاندار به خوشحال ٿي ويندا.
بهرحال اهو نه فقط اسين (پاڪستاني) چاهيون ٿا پر هر ملڪ چاهي ٿو. سري لنڪا، ماريشس، انڊونيشيا، بنگلاديش جهڙا غريب ملڪ ته چاهين ٿا پر اهي ملڪ به چاهين ٿا جيڪي اڳهين خوشحال آهن- جيئن ته آمريڪا USA، سئٽزرلئنڊ، فرانس، جرمنيءَ جهڙا به. پر امير واپاري ۽ پئسي وارا پنهنجو ناڻو اتي لڳائين ٿا جتي امن امان آهي. ملڪ ۾ لا ۽ آرڊر جي حالت بهتر آهي. سياسي حالتون Stable آهن. ائين نه ته وقت کان اڳ ئي ملڪ جو حاڪم تبديل ٿي وڃي. هر حاڪم گذريل حاڪم جي عوام يا ڌارين سان ڪيل واعدن ۽ Commitments تي پاڻي ڦيري ڇڏي. ۽ اهو به ڏسن ٿا ته ملڪ ۾ امن امان آهي يا نه. ڪا چوري چڪاري ٿئيٿي ته ان جو تدارڪ ڪيو وڃي ٿو يا پوليس به چورن سان شامل آهي. ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جتي فئڪٽرين ۾ ايندڙ ڪچو مال ۽ ٺهي نڪرندڙ تيار شده مال ته چوري ٿيو وڃي پر فئڪٽرين جي مشينري پرزن جي به چوري ٿيو وڃي. يمن، نائيجيريا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ ته فئڪٽرين جا مالڪ به چوري (اغوا) ٿيو وڃن. هاڻ اتي ڪهڙو ڌاريو ماڻهو پنهنجو پئسو هڪ طرف ۽ جان ٻئي طرف وڃائيندو.
ملڪ ۾ امن امان بعد هرڪو سهولتن کي ڏسي ٿو. رستا پڪا آهن يا نه، ٽيليفون، بجلي، پاڻي ۽ رهائش جو ڪهڙو بندوبست آهي. کاڌو پيتو سستو ۽ هائجنڪ آهي يا نه. ۽ پوءِ مئن پاور به ضروري شيءِ آهي. مزور پورهيت ۽ ايماندار آهن يا سست، ٽوٽي ۽ گسائيندڙ آهن. عرب ملڪن ۾، ويندي سعودي عرب ۾، اتي جا عرب ڪارخانيدار پاڪستان جي مسلمانن کان وڌيڪ انڊيا جا هندو Prefer ڪن ٿا- مٿئين سبب ڪري. پاڪستاني انڊين وانگر چئيوان نه آهن، عيد برات ۽ اگھائي سگھائي تي ته موڪل ڪن ٿا، پر ڪنهن ڀائٽي ڀاڻيجي جو مڱڻو يا طهر ٿيندوته ان جي به موڪل ڪندا. ڪو ڳوٺان دوست يا مائٽ اچي ويو ته ان کي گھمائڻ لاءِ ڪم تان گسائيندا.
Unskilled مزورن کان سواءِ پڙهيل ڳڙهيل ڪاريگر پڻ وڏي نعمت آهي. يورپ ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ اسان جي ان هنرمند جو قدر ٿئي ٿو جنهن ڊگريءَ سان گڏ اهو هنر به اچي ٿو. ڊاڪٽر ۽ انجنيئر هجڻ جي ڊگري سان گڏ کيس ڊاڪٽري يا انجنيئري به اچي ٿي يا نه؟ ملائيشيا جي هڪ اسپتال ۾ اسان جي ملڪ جي هڪ ڊاڪٽر کي پنهنجي ڌنڌي ۾ هوشيار نه ڏسي کيس نوڪريءَ کان جواب ڏنو ويو. پنهنجي قابليت جتائڻ لاءِ هو ٻڌائڻ لڳو ته هو MBBS سان گڏ ايڪنامڪس ۾ MA به آهي (جيڪا پڻ هن MBBS وارن ڏينهن ۾ ڪئي هئي.) منهنجي خيال ۾ اهو ٻڌائڻ سان اسپتال جي مالڪ کي ويتر دل جو دورو پيو هوندو ته ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جهڙا سبجيڪٽ اهڙا آهن جن جي پڙهڻ دوران صحيح قسم جي شاگرد کي مٿي کنهڻ جي به فرصت نٿي ملي، اتي ههڙا جادوگر ايم اي به ڪيو وٺن! صاف ظاهر آهي ته گھڻن ڪمن واري چاقوءَ (Jack Knief) جي نه قئنچي صحيح طرح ڪم ڪندي آهي نه ڇُري. نه Nail Cutter نه باٽل اوپنر. وڌ ۾ وڌ ڏند کوٽڻي يا ڪن کوٽڻي کڻي ڪم ڪندي هجي. هڪ ئي وقت MBBS، ايم اي ۽ ڪلارڪي ڪرڻ وارو ڳالهين ۾ ڳهير ضرور هوندو، نموني باز ۽ اٽڪل باز ضرور هوندو، ٻين کي بيوقوف بڻائڻ وارو ۽ ٺڳ ضرور هوندو پر نه سٺي ڊاڪٽري کان واقف هوندو نه ايڪانامڪس کان ۽ نه ايمانداريءَ سان نوڪري سرانجام ڏيڻ کان.
اهي ماڻهو جن کي ڪنهن به سبجيڪٽ جي ڊگريءَ سان گڏ ان جو ضحيح طرح علم ۽ هنر آهي ته هنن کي اڄ جي دور ۾ به مانُ ملي ٿو. آمريڪا جون ڪمپيوٽر ۽ آٽوميشن جون وڏيون ڪمپنيون ڪمپيوٽر جي ڪمن لاءِ انڊيا جا گريجوئيٽ کڻن ٿيون ۽ هاڻ ته انهن ڪمپنين پنهنجيون برانچ آفيسون ۽ فئڪٽريون انڊيا جي شهرن ۾ ئي لڳايون آهن ۽ اتي جي تعليم يافته ۽ هنرمندن کي اتي رهي ڪم ڪرڻ جو تمام سٺو پگهار، آمريڪا جي معيار وارو ڏين ٿيون.
انگريزن جي هڪ ڳالهه تعريف جوڳي اها آهي ته هو جتي به رهيا اتي امن امان ۽ قاعدي قانون جي تمام گھڻي سختي ڪئي. بنگال، پنجاب، سنڌ، توڙي پينانگ، سنگاپور، هانگ ڪانگ، جتي جتي رهيا اتي شهرين جي سڪون لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائون. عام پوليس واري جي پويان سڄو پوليس کاتو بلڪ حڪومت جي طاقت رهي ٿي. پينانگ (ملايا) ۾ به انگريز آيا ته پهرين مڪاني ماڻهن جي چوريءَ جي عادت ڪڍيائون. وڏا وڏا ڌاڙيل ۽ ويڙهاڪ سوگھا ڪيا ويا. اهو ئي ڪم هنن سنگاپور ۾ ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور اوسي پاسي جي ٻين ٻيٽن ۽ ملڪن کان وڌيڪ سڪون وارو ٿي ويو. ماڻهو سک جي ننڊ سمهڻ لڳا. چينين جون ههڙيون ڳجھيون ۽ طاقتور سوسائٽيون هيون، تن کي به نيٺ پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي ڇڏيائون. امن ۽ سڪون جي ڪري هرڪو سنگاپور ۾ رهڻ لڳو. امير کي پڪ هئي ته ڌنڌي کي وڌائڻ سان وڌيڪ ڪمائيندس، غريب کي خبر هئي ته هو پورهيو ڪري اجورو حاصل ڪندو۽ خوشحال ٿي ويندو. ان ڪري هر هڪ سنگاپور جو رخ ڪيو ٿي.
1819ع ۾ جنهن صورت ۾ سنگاپور جو ٻيٽ انگريزن کي مليو، اهو هڪ گھاٽو جھنگ هو جنهن ۾ نانگ بلائن، وڇوئن، سئو پيرين جهڙا زهريلا جيت جڻيا، مليريائي مڇر ۽ مرن ۽ مانگر مڇن جهڙا خوفناڪ جانور هئا. پينانگ، ملاڪا يا ريائو جهڙا بندرگاهه ۽ ٻيٽ سنگاپور جي مقابلي ۾ نه فقط آباد هئا پر گھڻو Developed هئا. انگريزن چاهيو ٿي ته اتان لنگھندڙ جهاز سنگاپور ايندا ويندا رهن. ان سان سنگاپور مشهور ٿيندو ۽ ماڻهن جي اچ وڃ ڪري واپار وڙو سٺو هلندو. ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي انگريزن ٻيٽ جو اهو حصو جيڪو سمنڊ کي ويجھو هو ۽ جتي سنگاپور نديءَ جو منهن هو، صاف ڪرايو. جهنگ ڪٽرايا، جيت جڻيا، خاص ڪري سئو پيريون، ڪوئا، ڀَٽون (وڇون) مارايا ۽ هر قسم جي ماڻهن لاءِ رهائش لاءِ سر زمين مقرر ڪئي. چينين لاءِ الڳ، انڊين لاءِ الڳ ته ملئي ماڻهن لاءِ الڳ. پنهنجي پاڻ (يعني انگريزن) ۽ يورپين جي رهائش لاءِ الڳ پلاٽ رکيا. ملڪ ۾ هڪ ئي قاعدو قانون رکيو ويو جنهن لاءِ پوليس هئي. ڪڏهن ڪڏهن هنگاما وڌيا ٿي ته جنگي جهازن تان انگريز ۽ انڊين فوجي، خاص ڪري گورکا، پنجابي، سک ۽ پٺاڻ گهرايا ويا ٿي. اڃا به جي وڌيڪ ضرورت پئي ٿي ته پاڙي وارن ٻيٽن تي رهندڙ سلطانن کان ويڙهاڪ ملئي ماڻهن جا جٿا گھرائي هر صورت ۾ حالتن کي ڪنٽرول ۾ آندو ويو ٿي. انگريز حڪومت هميشه اهو ثابت ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ته ڪو به ماڻهو قانون کان مٿي ناهي. معمولي ڏوهاريءَ کي به ڪوشش ڪري جھليو ويو ٿي ۽ قانون مطابق سزا ڏياري وئي ٿي، جيئن ٻين لاءِ سبق حاصل ٿئي. نتيجي ۾ سنگاپور جي ايڏي هاڪ ٿي جو ماڻهو اوسي پاسي جي ٻيٽن کان لڏي سنگاپور ۾ اچي رهڻ لڳا. جهاز اچڻ لڳا. تن ڏينهن ۾ Sailing Ships هئا يعني هوا جي زور تي جهاز هلندا هئا. جهازن تي ڪاٺ جا کوها هئا جن تي ٽڪنڊي نموني جا ڪپڙن جا سڙهه هئا، جن کي هوا لڳڻ تي جهاز اڳيان چُريو ٿي. انهن جهازن جي مرمت لاءِ ڪيترا واڍا ۽ سڙهه سبڻ لاءِ درزي قسم جا ڪاريگر سنگاپور ۾ رهڻ لڳا. ڪوڪي ڪليءَ کان وٺي رسيون، ڏيا وغيره، جن جي جهازن کي ضرورت پئي ٿي، انهن جا دڪان کلي ويا. هر جهازيءَ سنگاپور اچڻ چاهيو ٿي جو اتي جهاز جي ضرورت لاءِ هر شيءِ ملي وئي ٿي. هر قسم جا ڪارگير ۽ سامان لاهڻ چاڙهڻ لاءِ مزور (Coolie) ملي ويا ٿي.
سڙهه تي هلندڙ جهازن وارن ڏينهن ۾ ظاهر آهي ته نه هئي مشينري ۽ نه اليڪٽرسٽي. سو ڊيرڪون يا ڪرينون، جيڪي اڄ جي جهازن تان سامان لاهين چاڙهين ٿيون، اڃا ايجاد نه ٿيون هيون. جهاز تي سامان چاڙهڻ ۽ لاهڻ جو ڪم مزورن، جن کي قُلي (Coolie) سڏيو ويو ٿي، ڪيو ٿي. جهاز ايندو هو ته سوين قُلي قطارن ۾ ٿي بيهندا هئا ۽ هر هڪ مٿي تي دٻو يا هَڙَ رکي جهاز کان ٻاهر ايندو هو. يا بندرگاهه جي جيٽي (ڌڪي) کان وٺي جهاز جي هئچ (گودام) تائين قُلين جي قطار بيهندي هئي. پوءِ سامان جي هڙ، ڳٺڙي، کوکو يا بنڊل هڪ ٻئي کي پاس ڪندا ويندا هئا. مدراس ڪلڪتي، ڪولمبو، ڪراچي کان يورپ جي بندرگاهن تائين ساڳيو حال هو يعني مزورن ئي سامان لاٿو چاڙهيو ٿي. جنهن بندرگاهه ۾ گھڻا مزور (قُلي) هوندا هئا اهو بهتر سمجھيو ويندو هو جو سامان جو اُڪلاءُ جھٽ پٽ ٿيندو هو. يعني اڄ چاليهه هزار ٽن وزن به هڪ ڏينهن ۾ لهيو وڃي پر تن ڏينهن ۾ قلين ذريعي پنج هزار ٽن سامان لاهڻ ۾ به مهينو کن ته آرام سان لڳي ويندو هو. ۽ هر دفعي سامان لاهڻ چاڙهڻ ۾ ٻن ٽن غريب مزورن جو پير ترڪڻ، ڏينهن لڳڻ، جهازن جي گدامن جي گندي ڌپ ۽ ٻوسٽ ۾ موت ضرور ٿيندو هو ۽ اوترائي زخمي ٿيندا هئا.
گهڻي ڀاڱي غريب غربو خوش هو جو سنگاپور پهچڻ سان هن کي روزگار مليويو ٿي - خاص ڪر قليءَ جو. سنگاپور ايندڙ، گھڻو ڪري چين جي ڏاکڻي علائقي جا چيني، غريب ۽ اڻ پڙهيل هئا. کين ڪو به ڪم نٿي آيو سواءِ سامان ڍوئڻ جي. ان ڪري اوڻيهين صديءَ ۾ چين کان جيڪو سنگاپور ڏي ڀڳو ٿي ان جي زبان تي اهو ئي جاب هو ته هلي ٿو قلي ٿيان. قليءَ کان سواءِ ٻئي نمبر تي يا ان جي ئي مقابلي جو ٻيو جاب رڪشا ڇڪڻ هو. اهو به قلي يا رڪشا قلي سڏيو ويو ٿي. موٽر، لاري يا موٽر سائيڪل اڃا ايجاد نه ٿي هئي. گھوڙا ۽ گھوڙي گاڏيون هيون پر سنگاپور ۾ سڀ کان بهترين سواري رڪشا هئي، خاص ڪري اوڻيهين صديءَ جي آخري چوٿي ۾ ۽ ويهين صديءَ جي پهرين چوٿي ۾. ان بعد سِکَن جي اچڻ تي هنن کير لاءِ ڍڳيون پاليون ۽ بار ڍوئڻ لاءِ ڍڳي گاڏيون هلايون.
رڪشا 1869ع ۾ جپانين ايجاد ڪئي. رڪشا لفظ به جپاني زبان جو آهي، جيڪو اصل ۾ سڄو نالو “جِن رڪشا” (JINRIKSHA) آهي يعني ماڻهن جي طاقت تي هلندڙ گاڏي. پورن ڏهن سالن بعد اها گاڏي (رڪشا) سنگاپور پهتي ۽ ويهن سالن بعد، سن 1900 ۾ هتي جي رڪارڊ موجب سنگاپور ۾ 19414 اهڙيو رڪشائون هيون ۽ سڀ کان وڏو تعداد 1924ع ۾ 28786 هو. جتي ٽيهارو هزار کن رڪشا قلي هجن ۽ اهڙا ٽيهارو هزار کن سامان ڍوئڻ وارا قلي (مزور) ته اهو شهر ته ڄڻ قلين (Coolies) جو ئي ٿيو ۽ واقعي سنگاپور کي انهن ڏينهن ۾ Coolie Town چيو ويندو هو. هنن قلين بابت، خاص ڪري رڪشا ڇڪڻ وارن بابت هڪ انگريز ليکڪ “جيمس فرانسز وارن” جو ڪتاب RICKSHAW COOLIE: (People’s History of Singapore: 1880-1940) ڏهه سال کن اڳ هانگ ڪانگ ۾ پڙهيو هوم جتي جي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس اهو ڪتاب ڇپرايو هو. ان ڪتاب جي ليکڪ Warrenسنگاپور جي رڪشا ڇڪيندڙن جي زندگيءَ بابت لکيو آهي ته هو ڪهڙين ڏکين حالتن ۾ غلامن جهڙي زندگي بسر ڪندا هئا، ۽ سنگاپور جي ترقيءَ ۾ هنن جو پڻ وڏو هٿ آهي، جن اتي جي عوام لاءِ هڪ سستي ۽ آرامدهه سواري مهيا ڪئي ٿي. هي غريب رڪشا ڇڪيندڙ گھڻو ڪري چيني هئا، جيڪي بک ۽ بيروزگاري ڪري پنهنجو وطن ڇڏي سنگاپور روزگار جي ڳولا ۾ ايندا هئا ۽ جن ڪڇن ۾ رڪشا جا ڏنڊا سوگھا ڪري، ويٺل مسافر کي شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين پهچائڻ لاءِ پٿرائن رستن تي خط استوائي نٽهه اس ۾، پنهنجن خوابن جي پورائي لاءِ ڊوڙايو ٿي. هنن لاءِ گھر ۽ ڳوٺ جي ياد هڪ طرف هئي ته پراڻي ديس ۾ تڪليفون ۽ بيماريون الڳ هيون. مليريا، دست، ڪالرا، دل جو ڌڙڪو، بادفرنگ ۽ ٽي بي جهڙيون بيماريون اهم قاتل بيماريون هيون جن انهن غريب مزورن (قلين) جو نپوڙي ساهه ٿي ڪڍيو. بهرحال اڄ جو ماڊرن سنگاپوري جيتوڻيڪ ان وقت جي هن اهم ڪردار کي وساري چڪو آهي پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپان کان وڌيڪ سنگاپور کي رڪشا ۽ ان جي ڇڪيندڙن ٺاهيو. شايد ان ڪري سنگاپور حڪومت رڪشا جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ سنگاپور جي هوائي اڏي تي هڪ عدد خوبصورت رڪشا نمائش طور رکي آهي. خبر ناهي اڄ ڪلهه آهي يا نه پر چانگيءَ وارو اهو هوائي اڏو ٺهيو هو ته اها اتي موجود هئي ۽ هر مهمان کي سنگاپور جو هوائي اڏو گھمائڻ يا اتان خدا حافظ ڪرڻ وقت هن کي ان رڪشا ۾ وهاري فوٽو ضرور ڪڍندو هوس. آخري فوٽو 1990ع جو ڪڍيل آهي.
هتي اها ڳالهه به دلچسپ رهندي ته سنگاپور ۾ 1938ع ۾ رڪشائن جي وڏي هڙتال ٿي هئي جيڪا چاليهه ڏينهن هلي. رڪشائون جيترو جلد مشهور ٿيون اوترو ئي سندن سگھو سگھو زوال آيو. سائيڪل، موٽر سائيڪل ۽ ڪار وغيره جي ايجادن بعد رڪشا يعني “جِن رڪشا” گھٽبي وئي، خاص ڪري ٻي وڏي لڙائيءَ بعد.
بهرحال اسان سنگاپور جي ترقي ۽ مشهور ٿيڻ جي اهم نقطن تي غور ڪري رهيا هئاسين ته انگريزن ڊچن ۽ ٻين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي قبضي هيٺ آيل هن ٻيٽ سنگاپور کي ڪيئن ماڻهن لاءِ دلپسند بڻايو ۽ واپار جي منڊي ٺاهيو. هنن امن امان سان گڏ واپارين توڙي عام ماڻهن لاءِ سهولتون مهيا ڪيون. سواري لاءِ رڪشائون ۽ تن ڏينهن جي سڙهن وارن جهازن تان سامان لاهڻ لاءِ مزور (Coolies) ۽ ٻيڙين جي کوهن، سڙهن، چپن وغيره جي مرمت جو سامان ۽ ڪاريگر ايترا هئا جو ڪنهن جو ڪم رڪيو نٿي.
۽ پوءِ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ايجاد ٿي ته ريل گاڏيءَ سان گڏ جهاز به ٻاڦ تي هلڻ لڳا. ڇا جا سڙهه ۽ چپون، ڇا جي هوا ۽ ان جي رخ جو انتظار! جنهن وقت وڻي لنگر کڻي روانو ٿي وڃجي. ٻاڦ لاءِ پاڻيءَ کي بئالر ۾ ڪاڙهيو ويو ٿي ۽ باهه لاءِ ڪوئلو استعمال ٿيو ٿي. ٻاڦ تي هلندڙ جهازن Steam Ships کي ڪوئلي جي سخت ضرورت پئي ٿي. سنگاپور وارن ڪَلَ تي هلندڙ جهازن جي اها ضرورت محسوس ڪري هڪدم ڪوئلي جو بندوبست ڪيو. سنگاپور نديءَ جي ڪناري تي ڪيترائي گودام ٺهي ويا جتي سنگاپور جا چيني ۽ انڊين واپاري ٻاهرين ملڪن کان ڪوئلو گھرائي ضرورت مند جهازن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ رکيو. گھڻي ڀاڱي ڪوئلو نيوڪئسل (برطانيا) کان ايندو هو. سنگاپور ڪوئلي جو ڊپو ٿيڻ ڪري هتان لنگھندڙ هر اسٽيم شپ سنگاپور ڪال ڪندو هو. جهاز جو مالڪ توڙي جهازي سنگاپور ايندي خوش ٿيو ٿي جو سنگاپور مان نه فقط سندس جهاز لاءِ سستو ڪوئلو ۽ پاڻي ملي ويو ٿي پر سندس ضرورت جي شاپنگ به ٿي وئي ٿي. سنگاپور وارن هر اها شيءِ جنهن لاءِ محسوس ٿي ڪيائون ته جهازن ۽ جهازين جو کپُ(Demand) آهي، اها مهيا (Supply) ڪئي ٿي. وچ ۾ ڪميشن عوام جي کيسي ۾ وئي ٿي ته ٽئڪس سرڪاري ٽريزريءَ ۾. اهڙي طرح سنگاپور جي سر زمين ۽ عوام ويو ترقي ڪندو. ٻاڦ تي هلندڙ جهازن بعد پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ جهاز تيار ٿيا. هوائي جهاز نڪتا. واپارين کان سواءِ ٽوئرسٽ اچڻ لڳا. سنگاپور وارا هر ضرورت جي شيءِ سنگاپور ۾ ايندڙن لاءِ پيدا ڪندا ويا. اڄ به سنگاپور اهو ملڪ آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتان هر شيءِ ملي سگھي ٿي ڀلي کڻي اها شيءِ جپان جي ٺهيل هجي يا آمريڪا جي. اڳئين زماني وانگر اڄ به جهازن جا مالڪ پنهنجا جهاز خوش ٿي سنگاپور موڪلين ٿا. هنن کي خبر آهي ته سنگاپور اهو بندرگاهه آهي جتان جهاز لاءِ ڪجھه نه ڪجھه ڪارگو مليو وڃي ۽ جهاز جي مالڪ کي وڏو فائدو نه ته جهاز لاءِ تيل پاڻي ۽ جهاز هلائيندڙن جي خرچ پکي لاءِ ڪجهه پئسو نڪريو وڃي.

سنگاپور ۾ سڀ کان گھڻيون قومون رهن ٿيون

توهان کي هڪ ئي ملڪ ۾ مختلف مذهبن، فرقن، زبانن، ڪلچرن، رسم و رواجن جا ماڻهو يا ڪٽنب ڏسڻا آهن ته سنگاپور آئيڊيل جڳهه آهي. اڄ کان ٻه سئو سال اڳ جتي فقط چند مهاڻا ۽ قذاق (سامونڊي ڦورو) رهيا ٿي اڄ اتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر اچن ٿا ۽ تمام سڪون ۽ سانت ۾. انهن مان ڪيترن هن ڌرتيءَ ۽ هتي جي ماڻهن لاءِ ڇا ته خير خيرات ڪيا آهن. ڪيترائي هتي غربت جي حالت ۾ آيا. کين هڙ ۾ ڪجھه نه هو. محنت ۽ ڀاڳ هنن کي خبر ناهي ڪٿي وڃي پهچايو. مرڻ گھڙيءَ تائين هو محنت کي لڳا رهيا ۽ آيل مال ملڪيت ۽ ڌن دولت عيش عشرت ۾ کپائڻ بدران غريبن ۽ ضرورت مندن کي ڏنائون ۽ انهن جي مدد ڪيائون. اسڪول، اسپتالون، رستا، عبادتگاهون ٺهرايائون. اهو نه سوچي ته ان مان فقط سندن اولاد يا مائٽ مٽ فائدو وٺندا، پر اهو سوچي ته انسان ذات جو ڀلو ٿيندو ۽ ان مان ڪو به فائدو وٺي سگھي ٿو.
سنگاپور جنرل اسپتال جي ٻارن جي وارڊ (Pediatric Ward) جي در وٽ سنگمرمر جو Bust (ماڻهوءَ جي مٿين ڌڙ جو مجسمو) رکيل آهي. هيٺان سندس نالو ‘NAVROJI MISTRI’ لکيل آهي. ڪجھه سال اڳ حيدرآباد کان ڊاڪٽر قادر بخش ميمڻ هن اسپتال ۾ ڪنهن ڪورس يا سيمينار لاءِ آيو هو. ان جي پڇڻ بعد مون هتي چيني ڊاڪٽر دوستن کان معلوم ڪرايو ته “نوروجي مستري” هڪ پارسي واپاري هو. هو ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ هتي آيو هو. هو غريب هو ۽ بمبئيءَ کان هتي پهچڻ مهل سندس کيسي ۾ جيتوڻيڪ فقط ڏهه روپيا هئا پر هو هڪ محنتي نوجوان هو ۽ سندس دماغ ۾ عقل ضرور هو. هن سافٽ ڊرنڪ (مشروبات جون ٿڌيون بوتلون) ٺاهي وڪڻڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو ۽ هڪ ڏينهن لکا پتي ٿي ويو. هن اسپتال جو هي ٻارن جو وارڊ، نوروجي جي ڏنل ڏهه لک ڊالرن جي چندي مان ٺهرايل آهي. افسوس جو اهو ٺهي راس ٿيڻ تي هو ان کي ڏسڻ کان اڳ 1953ع ۾ ئي گذاري ويو. نوروجي، جنهن جي مستري ذات هئي، جيئن نسرونجي، ڪواسجي، بندوق والا، ڪانڊ والا، منشي وغيره. سنگاپور جي وڏنواپارين ۽ سرنديءَ وارن ماڻهن (Philanthropists ) مان مڃيو وڃي ٿو. هو پنهنجي پارسي ڪميونٽي جو اڳواڻ ۽ نمائندو پڻ هو. کيس برطانيا طرفان OBE (آرڊر آف برٽش ايمپائر) پڻ مليو جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي وڏو اعزاز سمجھيو ويو ٿي.
نوروجي مستريءَ شادي نه ڪئي ۽ نه اولاد هئس. سندس مرڻ تي سندس سڄي بخت جو والي وارث سندس ڀاءُ هورمسجي ٿيو. هورمسجيءَ سان منهنجي آخري دفعو ملاقات 1988ع ۾ ٿي جڏهن هو 96 سالن جو هو. کيس گجراتي ۽ ٿوري ڪڇي نموني جي سنڌي به آئي ٿي. باقي سندس اولاد نوشير (پٽ) جيڪو اڄ ڪلهه ڌنڌي کي ڏسي ٿو، شيرينا (پوٽي) سنگاپور جي گريجوئيٽ آهي ۽ ٻيا ننڍي ٽهيءَ جا انگريزيءَ سان گڏ ملئي زبان سولائيءَ سان ڳالهائين ٿا، جو هتي جي اسڪولن جي ٽن آپشنل زبانن (ملئي، چيني ۽ تامل) مان هنن ملئي کنئي آهي. هنن جا گھڻا مٽ مائٽ بمبئي ۾ رهن ٿا جن سان هنن جا لاڳاپا رهندا اچن پر هو پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي ئي فخر محسوس ڪن ٿا. هنن وٽ سنگاپور جو پاسپورٽ آهي. هو پنهنجي کاڌن ۽ ڪپڙن سان گڏ هتي جا کاڌا ۽ ويس وڳا پهريندي خوشي محسوس ڪن ٿا. پارسين لاءِ چيو ويندو آهي ته هو به يهودين وانگر جتي ڪٿي Adopt ڪريو وڃن. اسان وٽ “يهودي” لفظ ائين خراب سمجھيو وڃي ٿو جيئن مغرب جي دنيا ۾ “عرب”. پر هتي مون يهودي جو لفظ ان خراب Sense ۾ استعمال نه ڪيو آهي. منهنجو مطلب آهي ته پارسي جتي به رهن ٿا اتي جي زبان ۽ ڪلچر جي عزت ڪن ٿا. پنهنجي ڪميونٽي سان گڏ مڪاني ماڻهن جي به مدد ڪن ٿا. (جيئن ڪراچيءَ ۾ NED ۽ ماما پارسي اسڪولن جهڙا تعليمي ادرا کولي ماڻهن کي علم جي روشني ڏنائو)، ڪنهن سان وڙهڻ جھڙڻ بدران پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي ۽ پنهنجي آس پاس جي محلي، شهر جي صفائي سٿرائيءَ ۾ مگن رهن ٿا.
پارسي هميشه پنهنجي ڪميونٽيءَ ۾ شادي ڪن. ڪو ورلي ڌارين مان شادي ڪري. پر پوءِ ان جي اولاد کي غير پارسي سمجھيو وڃي ٿو. ان ڪري ڪيترا ڌارين مان شادي ڪرڻ کان سڄي عمر غير شادي شده ٿي رهن. نَوروجي مستريءَ بهرحال ڪنهن سبب ڪارڻ شادي نه ڪئي ۽ هن پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ به اهي ماڻهو رکيا جن سڄي عمر اڪيلو رهڻ جو شرط قبول ڪيو ٿي. هن جي هڪ ٻئي پارسي حصيدار پيروج شا فرامروز، جيڪو “فرامروز سافٽ ڊرنڪ” جي سلطنت جو والي وارث هو، ان پڻ پنهنجي اسٽاف تي ساڳيو شرط رکيو. بهرحال نوروجي مستري سخي مڙس هجڻ ڪري ۽ (يا شايد) کيس ڪو اولاد نه هجڻ ڪري سنگاپور جي ڌرتي ۽ ماڻهن لاءِ وڏا خير جا ڪم ڪيا. سنگاپور جو “پارسي روڊ” ۽ “مستري روڊ” هن شخص جي نالي آهن.
سنگاپور ۾ اسان جي بنگالي دوست جي پاڙيسري مسز سونا ڪانگا، جيڪا پارسي جرنلسٽ آهي ۽ سنگاپور ۾ ويهارو سالن کان رهي ٿي ۽ سنگاپور ايئر لائينز جي هڪ پارسي پائلٽ سان شادي ڪئي اٿس، تنهن ٻڌايو ته پارسي زاراٿسترا نالي پيغمبر (Prophet) کي مڃين ٿا ۽ سندن مذهب Zoroastrianism سڏجي ٿو جيڪو قديمي ايرانين کي سيکاريو ويو هو ۽ ڪنهن زماني ۾ جڏهن سائرس (Cyrus) ۽ داريس (Darius I) جهڙا ايران جا بادشاهه هئا ته زوروسٽرنزم ملڪ جو سرڪاري مذهب هو. هن ڌرم ۾ آهورا مزدا (زندگي ۽ عقل جي ديوتا) کي پوڄيو وڃي ٿو. پارسي باهه جا پوڄاري به سڏيا وڃن ٿا.
هونءَ بقول آرديشير ڪواسجي (Dawn اخبار جي ڪالم نويس) جي پارسي در اصل مذهب جو نالو نه اهي. اڄ کان 1370ع کن سال اڳ ايران جي صوبي پارس کان زاراٿشٽين (پيغمبر زاراٿشٽرن جي پوئلڳن) جو گروپ هندستان جي مغربي ڪناري تي اچي رهيو. جيئن ته هو پارس کان آيا هئا ان ڪري هو پارسي سڏجڻ لڳا.
سنگاپور ۾ رڳو پارسي به نٿا رهن، جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته اها ڪهڙيڪميونٽي آهي، جيڪا سنگاپور ۾ نٿي رهي. يهودي، عرب، آرميني، دائودي بوهرا، کوجا، اسماعيلي، بنگالي، سک، شامي، ايراني، عيسائي، هندو، تامل، پنجابي، سنڌي، جَين، گجراتي، گورکا، نيپالي، ڊچ ۽ پورچوگالي... لسٽ کٽڻ جي نه آهي. هونءَ به سنگاپور لاءِ ڪنهن کان پڇبو آهي ته سنگاپور ۾ ڪهڙا ماڻهو رهن ٿا ته چوندو “چيني، ملئي، انڊين ۽ ٻيا” جنهن لاءِ سرڪاري طرح CIMO لفظ استعمال ٿئي ٿو، يعني Chinese, Indian, Malays & Others۽ ان “others”۾ ڪئين ننڍا ننڍا گروپ (Minorities)اچيو وڃن ٿا. ڏٺو وڃي ته CIM وڏن گروپن ۾ به ڪئين ننڍا گروپ آهن. جيئن چيني ماڻهن جا به ڪئين گروپ آهن. هڪڙا ته باباز سڏجن ٿا جيڪي 600 سال کن اڳ هتي آيا ۽ اهي ٻين چينين وانگر پنهنجي غربت کي تڙڻ لاءِ هتي پورهئي مزوري ڪرڻ لاءِ نه آيا، پر هتي جي هڪ ملئي سلطان چين جي ڪنهن شهنشاهي گھراڻي مان شادي ڪرڻ تي هو چيني ڪنوار سان گڏ ڏيج ۾ آيا ۽ هتي جا باشندا ٿي ويا. هو ملئي به ڳالهائين ٿا. هنن جا ڪيترا رسم رواج ۽ کائڻ پيئڻ ۽ پهرڻ جا ڍنگ مڪاني ماڻهن جهڙا آهن. ٻيا چيني اهي آهن جيڪي گذريل ٻه سئو سالن ۾ چين کان (خاص ڪري چين جي ڏکڻ وارن صوبن کان) لڏي هيڏانهن ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ (1819ع کانپوءِ) سنگاپور اچي رهيا. هنن مان سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ پئسي واري جي ٻيا سڀ غريب هئا، بلڪه تمام غريب هئا. جڏهنسنگاپور ٻيٽ تي قدم رکيائون ته هنن جي جسم تي ڦاٽل وڳو ئي فقط ۽ فقط سندس ملڪيت هئي. ڪيترا ته اهڙي صورت ۾ پهتا جو هنن تي ڀاڙي جو خرچ قرض چڙهيل هو جيڪو لاهڻ لاءِ تن ڏينهن جي رواج موجب ڪنهن سيٺ وٽ هڪ سال لاءِ مفت ۾ پورهيو ڪرڻو پيو ٿي جيڪا زندگي هڪ غلاميءَ جي زندگيءَ کان ڪا گھٽ نه هئي. اهي چيني جيئن ته چين جي مختلف صوبن مان آيا هئا ان ڪري هو صوبن جي حساب سان مختلف گروپن ۾ ورهايل رهيا ۽ هر هڪ پنهنجي صوبي يا علائقي جي زبان ڳالهائي ٿو. جيئن ته ٽيوچو، هڪا، فوچو، ڪئنٽونيز، منڊران، شنگائينيز وغيره. ويندي ملئي به ڪيترن گروپن (Minorities) ۾ ورهايل آهن. مون به پهرين کين هڪ قوم سمجھيو ٿي. پوءِ هڪ دفعي ڪوالالمپور کان پاڪستان ايمبيسيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ارشاد عباسي مون وٽ ملاڪا ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيو. مون پنهنجي ملئي ڪليگ (جنهن سان ارشاد جي واقفيت ڪرائي هيم)، جي ڪجھه پهلوئن جي شڪايت ارشاد سان ڪئي ته “هي ملئي ٻين ملئي دوستن کان مختلف آهي. عجيب ميسڙو ٽائيپ آهي.”
“ها! بلڪل هوندو.” ارشاد منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪنهن به حيرت جو اظهار نه ڪيو، “جاوانين جي اها عجيب فطرت آهي.”
“پر هي ته ملئي آهي.” مون ارشاد جي درستي ڪئي يعني منهنجو مطلب هو ته هو انڊونيشي نه آهي ڇو جو جاوا ته انڊونيشيا جو ٻيٽ آهي.
“سمجھان ٿو”. ارشاد وراڻيو، “هينئر هو ملائيشيا ۾ رهي ٿو ان ڪري هو ضرور ملئي اهي. پر ملائيشيا جا اصل ماڻهو تمام ٿورا آهن. هتي جي ماڻهن مان گھڻي ڀاڱي ماڻهو ٻاهران آيا، خاص ڪري ڀر وارن ٻيٽن جاوا، سماترا، سيليبس وغيره کان ۽ اڄ تائين هنن ۾ ڪجھه ڪجھه ڳالهيون ۽ عادتون اهي آهن، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهن پر ڪي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ هندستان کان آيا ۽ مهاجر سڏجن ٿا. ڪي ورهاڱي کان به گھڻو اڳ پنجاب کان آيا ۽ پنجابي Settlers سڏجن ٿا جيتوڻيڪ هنن مان ڪيترا اسان کان به سٺي سنڌي ڳالهائين ٿا، ڪي بلوچستان جي مختلف حصن مان آيا ۽ بلوچ (جتوئي، زرداري، رند وغيره) سڏجن ٿا، ڪي سرحد ۽ افغانستان کان آيا ۽ جيتوڻيڪ هو کڻي پٺاڻ سڏائين ٿا پر گھر ۾ به سنڌي ڳالهائين ٿا، اهڙي طرح سنگاپور ۾ به جيڪي ملئي ماڻهو نظر اچن ٿا انهن ۾ به ڪي جاواني آهن ته ڪي بوپانيز، باتاڪ، آچيح وغيره. هر هڪ Minority جي پنهنجي طبيعت ۽ موڊ آهي جيتوڻيڪ آهن سڀ مسلمان ۽ سڀ ملئي زبان ڳالهائين ٿا. رهيو سوال انڊين رهاڪن جو، انهن ۾ ته سڀ کان گھڻا گروپ ۽ “سب گروپ” آهن.
مثال طور سرنگون روڊ تي انڊين ۾ توهان کي ڪارا ۽ سنهڙا همراهه ملندا، جيڪي سائوٿ انڊين آهن، پر انهن سائوٿ انڊين ۾ به ڪيترائي گروپ ۽ قومون آهن جيئن ته ملباري، تامل، مدراسي، ڪيرالائي، گوانيز وغيره، جيڪي گروپ صوبن ۽ علائقن جي ڪري آهن. ڪي زبانن جي ڪري آهن جيئن ته مليالم، ڪنهڙ، تيلگو، تامل وغيره. سڀ کان گھڻا تامل ڳالهائڻ وارا آهن پر تاملن ۾ به مذهب جي حساب سان ٽي گروپ آهن: عيسائي، مسلمان ۽ هندو. ٻيو ته ٺهيو پر سکن ۽ بوهرين جا به مختلف فرقا سنگاپور ۾ رهن ٿا. هاءِ اسٽريٽ جي دڪاننتي ڪيترا سک دڪاندار ۽ سندن زالون نظر اينديون جيڪي فقط بلو رنگ جون پڳڙيون ۽ دوپٽا اوڍين ۽ ٻين سکن کان ڪجهه ڌار ئي رهن. هنن جا ڪجھه پنهنجا عقيدا آهن. اهڙي طرح نارٿ برج روڊ تي هڪ بوهري دڪاندار ٻڌايو ته هن جا وڏا ڪمپالا (يوگنڊا) کان هتي سنگاپور آيا ۽ هو دائودي بوهرا سڏجن ٿا.
ڪراچيءَ ۾ صدر جي علائقي ۾ هڪ بيڪري هوندي هئي Persian Bakery هاڻ شايد نه آهي. اها بهائي مذهب رکڻ وارن ايرانين جي هوندي هئي. ڪراچيءَ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي بيڪريون ۽ هوٽلون هن فرقي جي ايرانين جون آهن. سنگاپور ۾ به ايراني - مسلمان، پارسي ۽ بَهائي رهن ٿا، جيتوڻيڪ انهن مان ڪيترا ماڻهو انگلنڊ، آمريڪا، خاص ڪري آسٽريليا لڏي ويا آهن. سنگاپور ۾ رهندڙ پرشين ۾ خاص ڪٽبن آهن: نمازي ۽ ريستي. هي ٻئي فئمليون پاڻ کي شيعا مسلمان سڏائين ٿيون. پارسين وانگر هي به ايران کان لڏي پهرين انڊيا اچي رهيا ان بعد هيڏانهن سنگاپور هليا آيا. هنن پنهنجن ٻارن کي سنگاپور جي بهترين انگريزي اسڪولن ۾ پڙهايو ۽ اڄ هنن جو اولاد ڪامياب پروفيشنل آهن. سِکنکي ته لڳي ٿو ته انگريز خاص چوڪيداري لاءِ، انڊيا کان وٺي آيا هئا. ويندي اسان جي شروع وارن ڏينهن 1970ع ڌاري به بئنڪن ۽ هوٽلن جي اڳيان سک چوڪيدار هوندا هئا، پر اڄ انهن جو اولاد سرجن، جج، وڪيل، فوجي، انجنيئر، پائلٽ ۽ پروفيسر آهن. فرق فقط اهو آهي ته سنگاپور آيل ڪجھه قومون ٻين کان ڪجھه جھٽ پڙهي مٿين درجي تي پهچي ويون جيئن ته عيسائي، پارسي، يهودي ۽ ويندي مٿيون پرشن فئمليون.)
سنگاپور جي تواريخ ۾ ڪيترن ئي پرشن پنهنجو نالو پيدا ڪيو آهي. جيئن ته ايم. ايم نمازي جيڪو 1910ع ۾ مدراس کان هتي سنگاپور آيو. مدراس ۾ هن گُليءَ (Indigo) جو واپار ڪيو ٿي، پوءِ سنگاپور اچي ڪپڙي جي هول سيل جو ڌنڌو ڪيو ۽ انگريزن جي مٿئين درجي جي حاڪمن ۽ اميرن سان تعلق وڌايو. جيئن ئي هن وٽ وڏو پئسو آيو ته ڪپڙي جي ڌنڌي سان گڏ هن رٻڙ ۽ پام آئل جي پوک شروع ڪئي ۽ فلم ڊسٽريبيوشن جو پڻ ڪم شروع ڪيو. جنهن ۾ هٿ وڌائين ٿي ان مان خوب ڪمايائين ٿي. اڳتي هلي هو هتي جو ميونسپل ڪائونسلر ٿيو ۽ مسلم ائڊوائيزري بورڊ ٺاهڻ لاءِ انگريزن کي مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هو آرٽ جو سرپرست ۽ سنگاپور جو سخي مرد (Philanthropist) مڃيو وڃي ٿو. سندس هڪ پوٽو هتي جو ايڪنامسٽ آهي ۽ پنهنجي پيءُ جي شپنگ ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو. سندس ٻيو پوٽو لنڊن ۾ مشهور فزيشن آهي. هنن جي ننڍي ٽهيءَ کي تمام گھٽ فارسي اچي ٿي. هو گھر ۾ توڙي ٻاهر انگريزي ۽ ملئي ڳالهائين ٿا. نمازيءَ جو هڪ پوٽو، فراح نمازي هتي جي مشهور وڪيل آهي.
سنگاپور ۾ هڪ ٻي ڪميونٽي جنهن جو تعلق مڊل ايسٽ سان آهي، اها آهي شامي عيسائي. لڳي ٿو شامي عيسائي صدين کان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦرندا رهن ٿا. سئيڊن، فنلئنڊ پاسي به ڪيترا شامي رهيل آهن. شام، عراق، مصر جهڙن ملڪن جو نالو ٻڌي اسان جي ڌيان ۾ رڳو مسلمان اچن ٿا. سو سئيڊن ۾ رهندڙ شامي عربن کي آئون پهرين مسلمان سمجھندو هوس پر پوءِ خبر پئي ته هو عيسائي آهن ۽ واقعي عرب ملڪن ۾ رهندڙ عيسائي به ته عرب ٿيا. بهرحال سنگاپور ۾ رهندڙ شامي عيسائين لاءِ چيو وڃي ٿو ته هنن جا وڏا سينٽ ٿامس سان گڏ انڊيا جي ملبار ڪناري تان سن 52ع ۾ آيا. ان بعد، گھڻو گھڻو پوءِ، اهي سنگاپور آيا ۽ لساني طرح هو مليالي انڊين پڻ سڏجن ٿا. سنگاپور ۾ هنن جا پنهنجا عبادتگاهه آهن جيڪي شامي چرچ سڏجن ٿا.
15 صديءَ ۾ جڏهن پورچوگالي انڊيا پهتا ته هنن مڪاني ماڻهن کي ڪئٿولڪ عيسائي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر شامي عيسائين هنن جي ڳالهه نه مڃي ۽ پنهنجي عيسائي فرقي تي ئي قائم رهيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته پورچوگالين بعد، جڏهن انگريز آيا ۽ هنن انگريزي اسڪول کوليا ته شامي عيسائين ان جو فائدو ورتو ۽ ڏکڻ هندستان ۾ هو سڀ کان گھڻو پڙهيل ڳڙهيل ليکيا وڃڻ لڳا. هنن مان جيڪو به سنگاپور ويو ٿي ته تعليم جي ڪري هن کي سول سروس ۽ ملٽريءَ ۾ نوڪري ملي وئي ٿي. اڄ ڪلهه سنگاپور ۾ اٽڪل 800 کن شامي عيسائي رهن ٿا، جن مان گھڻن جو واسطو مار ٿوما ڪليسا گهر (Mar Thoma Church) سان آهي. هنن جو مارٿوما اسڪول پڻ آهي. باقي بچيل شامي عيسائين جو تعلق آرٿوڊڪس شامي چرچ (Orhtodox Syrian Church) سان آهي.
سنگاپور ۾ رهندڙ ڪيترين ننڍين قومن جو تعلق مڊل ايسٽ سان آهي، جيڪي مذهبي يا ٻين ڪٽرپڻن ڪري پنهنجي جان موت جي منهن مان بچائي سنگاپور اچي سُکَ سان رهيون. ڪجھه ته غربت ڪري عرب ملڪ ڇڏي ٻاهر جي دنيا ڏي نڪتا. سنگاپور ايندڙ اهڙا ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏڻ بعد پهرين انڊيا اچي ٽڪيا ۽ پوءِ هيڏانهن ڏکڻ اوڀر ايشيا يا ڏُور اوڀر جي ملڪن جو رخ رکيو.
دائودي بوهرا جن جو تعداد پڻ پنج ڇهه سئو کن ٿيندو، انهن لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته هنن جا وڏا عراق کان لڏي پهرين يمن آيا، ان بعد انڊيا جي اولهه ڪناري واري علائقي گجرات ۾ آيا ۽ پوءِ هن پاسي سنگاپور، ملائيشيا، هانگ ڪانگ ڏي. هو اوڻيهين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ سنگاپور آيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچي۽ حيدرآباد وانگر سنگاپور ۾ پڻ اڄ ڪلهه هنن جا هارڊ ويئر (ڪوڪو، ڪلي، نٽ بولٽ، تارن ۽ لوهي سامان جا)دڪان آهن. پر شروع وارن سالن ۾ هو مصالن، تيل، ڪپهه ۽ چمڙي جي سامان جا سوداگر هئا. ڪجھه عمارتي ڪاٺ جي واپار ۾ ويا. سندن واپار وڙو سنگاپور، انڊونيشيا، ملائيشيا کان انڊيا ۽ مڊل ايسٽ تائين هو. هنن محنت، ڀاڳ، عقل جي استعمال سان وڏو ناڻو ڪمايو.
امير علي عبدالعلي نالي هڪ دائودي بوهري ٻڌايو ته اڄ ڪلهه جي ٽهي واپار کان وڌيڪ سرڪاري نوڪريءَ کي ترجيح ڏئي ٿي. سنگاپور ۾ رهندڙ ڪيترائي بوهري ڊاڪٽر، وڪيل، ايڪنامسٽ ۽ انجنيئر آهن. بوهري مردن توڙي عورتن کي سندن خاص ڊريس ۾ هجڻ ڪري پري کان سڃاڻي سگھجي ٿو. مرد ٽوپي، ڪرتي ۽ ڏاڙهيءَ مان، عورتون برقعي نما چادريءَ مان. امير عليءَ جي هڪ مائٽياڻي مسز سڪينا ڪاگدا سنگاپور جي Freelance جرنلسٽ ۽ شاعر پڻ آهي. هوءَ انگريزيءَ ۾ شاعري ڪري ٿي.
مسٽر سيد علوي الڪعف جيڪو هاڻ پاڻ کي ملئي سڏائي ٿو در اصل عرب آهي. پاڻ هتي جو مشهور واپاري آهي.
ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي عربن جو اچڻ ٻارهين صديءَ کان شروع ٿيو. هو سٺا واپاري ۽ جهازي هئا. هنن جي سٺي اخلاق ۽ Dealing ڪري، هن پاسي جي ماڻهن اسلام قبول ڪيو. هنن مان ڪيترن هتي جي مڪاني عورتن سان شادي ڪئي ۽ هتي جي ٻيٽن تي ٽِڪي پيا. 1819ع بعد سنگاپور تي انگريزن جي اچڻ ڪري اوسي پاسي جي ٻيٽن تي رهندڙ هنن عربن مان ڪجھه ۽ ٻيا گھڻا Direct عرب ملڪن کان سنگاپور اچي رهيا. اهي عرب گھڻو ڪري “حاضر الموت” کان آيا جيڪو علائقو عربستان جي ڏاکڻي ڪناري تي آهي ۽ اڄ ڪلهه يمن جو حصو آهي. سنگاپور ۾ رهندڙ انهن عربن مان جيڪي اڄ ڪلهه تمام گھڻيون اهم ۽ مشهور فئمليون آهن، اهي آهن: الساغوف، الجنيد، بن طالب ۽ الڪعف. الڪعف جو ڏاڏو شيخ بن عبدالرحمان الڪعف 1852ع ۾ سنگاپور ۾ آيو. هن سنگاپور ۾ زمينون وٺي انهن کي Devolp ڪيو ۽ انهن تي گھر ۽ دڪان ٺهرايا.
سنگاپور ۾ يهودي 1830ع ۾ نون ڄڻن جي هڪ ٽولي ۾ بغداد کان آيا. ان بعد آهستي آهستي ٻيا به عرب ملڪن کان اچڻ لڳا. بغداد کان آيل هنن يهودين عربيءَ ۾ ڳالهايو ٿي. ڪيترائي يهودي انڊيا کان به آيا جن هنديءَ ۾ ڳالهايو ٿي. ٻي جنگ عظيم کان اڳ سنگاپور ۾ اٽڪل اڍائي هزار کن يهودي رهيا ٿي. نئين آدمشماري جي انگ اکرن مطابق هينئر هنن جو تعداد ڪو اڍائي سئو مس وڃي بچيو آهي. ڪجھه اسرائيل هليا ويا، ٻيا آمريڪا ۽ آسٽريليا هليا ويا آهن.
سنگاپور ۾ رهندڙ يهودين ڪپڙي (Textile)، رٻڙ ۽ 1910ع تائين آفيم جي ڌنڌي مان ايڏو ناڻو ڪمايو جو هو نه فقط امير ٿي پيا پر ناليرا پڻ. (1910ع کان پوءِ آفيم جي ڌنڌي تي ڪنٽرول وڌو ويو.) پارسين ۽ ايرانين وانگر هنن پنهنجن ٻارن کي انگريزي اسڪولن مان پڙهايو ۽ هنن جا پٽ، پوٽا، پڙ پوٽا ڪامياب پروفيشنل ثابت ٿيا. هنن قانون، طب، فائنانس، انجنيئرنگ جي ميدان ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. واپار ۾ اڄ به هيرن جواهرن ۽ زمين جائداد Real State جهڙن ڌنڌن ۾ هنن جو هٿ آهي. اهو رڪارڊ تي آهي ته 1932ع تائين سنگاپور جا اڌ کان وڌيڪ مسواڙ تي هلندڙ گھر يهودين جا هئا. اڄ به ڪيتريون ئي عمارتون يهودين جون آهن.
يهودين سنگاپور ۾ پنهنجو پهريون عبادت گھر (Syngogue) 1841ع ۾ ٺهرايو جيڪو اڄ تائين سناگاگ اسٽريٽ تي موجود آهي. بلڪه ان گھٽيءَ جو نالو يهودين جي عبادت گھر (سناگاگ) تان پيو. سنگاپور جون ٻيون به ڪيتريون ئي گھٽيون يهودين جي ياد ڏيارين ٿيون. جهڙوڪ مناسيح اسٽريٽ، نسيم (Nassim) هِل، سولو من اسٽريٽ، الياس روڊ ۽ ناٿن روڊ وغيره. يهودين جون سڀ کان گھڻيون پراڻيون عمارتون صوفيا روڊ، ڪئن اسٽريٽ ۽ ولڪي Wilkie روڊ تي آهن، جن مان ڪيترين ۾ مرمت ڪري تبديلي اچي وئي آهي پر انهن تي کوٽيل هيبريو زبان جا اکر اڄ به قائم آهن. سنگاپور ۾ رهندڙ يهودين جا به ٻه وڏا گروپ آهن. هڪڙا اهي جيڪي انڊيا ۽ پرشيا کان لڏي آيا جيڪي Sephardic يهودي سڏجن ٿا. ٻيا Ashkenazi يهودي سڏجن ٿا، جيڪي روس کان لڏي هتي سنگاپور ۾ آيا.
يهودين جو هڪ اهم شخص مسٽر ڊئوڊ مارشل آهي جيڪو هن ٻيٽ سنگاپور جو پهريون ۽ فقط هڪڙو چيف منسٽر ٿي رهيو آهي. ان بعد لي ڪئان يو هن ٻيٽ جو پرائم منسٽر ٿيو. مارشل هن وقت 85 کن ورهين جو ٿيندو. پاڻ سنگاپور جو هڪ ذهين ڪرمنل وڪيل آهي. ڪجھه سال اڳ تائين هو فرانس، پورچوگال ۽ اسپين جو سفير هو.
يهودين جو مذهبي ڪتاب توريت آهي. هو مسلمانن وانگر جانورن کي ذبح ڪن ٿا ۽ ان ذبح ڪيل گوشت کي ڪوشر (Kosher) سڏجي ٿو. اسان جا پاڪستاني ۽ عرب آمريڪا توڙي يورپ ۾ حلال گوشت جي چڪر ۾ انهن دڪانن کي ڳولي لهندا آهن جن تي يهودين جو ذبح ڪيل گوشت (ڪوشر) ملي ٿو.
شروع جي سنگاپور جي سڌارڻ ۾انگريزن، يهودين، عربن، انڊين سان گڏ آرمينين جو پڻ هٿ هو. روس ۽ ترڪيءَ جي جھيڙن ۾ آرميني عيسائين کي وڏيون مصيبتون سهڻيون پيون ۽ ڪيترا پنهنجو ملڪ ڇڏي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا. هاڻ سنگاپور ۾ آرميني گھٽ نظر اچن ٿا پر شروع جي ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ پنج هزار کن آرميني رهيا ٿي. سنگاپور جي هِل اسٽريٽ تي سينٽ گريگري جو آرمينن اپوسٽولڪ چرچ آرمينين جو آهي، جيڪو هنن 1835ع ڌاري ٺهرايو، يعني هن ٻيٽ سنگاپور تي سر اسٽئمفورڊ رئفلس جي اچڻ کانپوءِ هڪدم ڏهن پندرهن سالن بعد ٺهرايو ويو. رڪارڊ موجب، ٻي جنگ عظيم بعد ڪيترائي آرمينين آسٽريليا لڏي ويا. هونءَ سنگاپور ۽ ملائيشيا وارن لاءِ آسٽريليا (جنهن ۾ پڻ انگريز رهن ٿا) ائين آهي جيئن اسان پاڪستانين ۽ انڊين لاءِ انگلنڊ.
سنگاپور جي مشهور هوٽل “رئفلس هوٽل” ٽن آرميني ڀائرن سارڪيز (Sarkics) ٺاهي. سنگاپور جي مشهور پيانو وڄائڻ واري جعسي سرڪي (Jessie Sarkies Theisiera) پڻ آرميني آهي.

سنگاپور جون نَوَ پليون

سنگاپور ملڪ به آهي ته ٻيٽ به ۽ شهر به. ۽ ان ننڍڙي ملڪ يا ٻيٽ تي سڀ کان وڌيڪ رونق وارو هنڌ سنگاپور نديءَ جي آس پاس وارو آهي. اهو هنڌ نه فقط اڄ ڪلهه پر شروع کان وٺي، جڏهن فقط ٿورا ماڻهو: مهاڻا ۽ سامونڊي ڦورو رهيا ٿي يا 1819ع بعد جڏهن انگريزن جو قبضو هن ٻيٽ تي ٿيو ۽ اوسي پاسي کان ملئي، چيني، انڊين، عرب ۽ ٻيون قومون هن ٻيٽ تي اچي رهيون.
هونءِ دنيا جون جيڪي پراڻيون آباديون آهن اهي ندين جي ڪناري تي آهن، ڇو جو انسان لاءِ پيئڻ جو پاڻي ضروري آهي، جيڪو هنن کي ندين، دريائن مان مليو ٿي. پر هن پاسي: سنگاپور، ملائيشيا،انڊونيشيا پاسي ندين جي ڪناري تي رهڻ جو سبب پيئڻ لاءِ پاڻي نه پر سفر ڪرڻ هو. هن پاسي ٻارهوئي ايڏا مينهن وسن ٿا جو ڪو کڻي ڪٿي به هجي اڃ نٿو مري سگھي. ساڳي وقت ڀلي زمين ۽ سخت مينهن ڪري هن پاسي جا ايڏا گھاٽا جھنگ آهن جو ڪن ڪن هنڌن تي جانورن جي چرپر به ڏکي ٿيو پوي. نه رڳو وڻ وڻ سان مليل پر گاهه ايڏو گھاٽو ۽ ڊگهو جو ماڻهو لڪي وڃي. هنن گهاٽن وڻن جون مٿيون ٽاريون هڪٻئي سان ملي اهڙي ڇت ٺاهين ٿيون جو آسمان نظر نٿو اچي. اڄ صدين بعد جڏهن هيڏي ماڊرنائيزيشن ۽ Urbanization اچي چڪي آهي ته به ملائيشيا جا ڪيترا حصا اهڙا آهن جتي ڏينهن جو به اونداهه رهي ٿي ۽ گھاٽن جھنگلن مان لنگھندي ڪار جون بتيون ٻاري هلڻو پوي ٿو. سو شروع جي ڏينهن ۾ جڏهن نه جھنگ صاف ڪيا ويا هئا ۽ نه رستا هئا نه گاڏيون ته انهن ڏينهن ۾ مسافريءَ جو ذريعو فقط نديون ۽ ٻيڙيون هيون. ان ڪري هر هڪ نديءَ جي ڪناري تي رهڻ چاهيو ٿي جيئن هن جي چرپر سولي ٿئي. سنگاپور ۾ به هر هڪ نديءَ جي ڪناري تي رهڻ لڳو. پهرين نديءَ جي منهن وٽ، جتي ندي اچي سمنڊ سان ملي ٿي، ان بعد اندر وڌندا ويا ۽ ساڳئي وقت ندي جا ڪنارا صاف ڪندا ويا.
اڄ به سنگاپور جون خوبصورت ۽ وڏيون عمارتون سنگاپور نديءَ جي ڪناري تي آهن. سنگاپور ندي شاعرن، آرٽسٽن ۽ عاشقن لاءِ Inspiration رهي آهي. دنيا جي ندين وانگر سنگاپور جي “سنگاپور ندي” جي به پنهنجي هڪ پرسنلٽي آهي جيتوڻيڪ اها نيل، سنڌو يا ٻين ندين وانگر ڪا آفت جيڏي ندي ناهي. اها فقط يارنهن ڪلوميٽر ڊگهي آهي، يعني ڄامشوري کان حيدرآباد تائين مس ٿيندي. ڪراچي جو ايم اي جناح روڊ به ان کان ٻيڻو ٿيندو پر بهرحال هن نديءَ جي پنهنجي تواريخ آهي جيڪا ايڏي پراڻي آهي جيڏو هي ٻيٽ. ۽ توهان ڀلي کڻي هڪ ڏينهن لاءِ سنگاپور اچو، اهو ٿي نٿو سگھي ته هن نديءَ وٽان نه لنگھو- هن نديءَ تي ٺهيل پلين تان ٻه چار دفعا نه ٽپو.
سنگاپور جي هيءَ ندي جنهن جو نالو پڻ “سنگاپور ندي” آهي جيتوڻيڪ سمنڊ جي منهن کان وٺي ڪا سنڌو ندي يا جھلم، چناب راويءَ جهڙي ويڪري ته ڇا پر سنڌو نديءَ جي ڪئنالن جهڙي به نه آهي. بس جيڪا ڪجھه آهي اها ڪم سينگ روڊ تائين ٽي ميل آهي، باقي ٽي ميل کن ڪچي آباديءَ مان وهندڙ نالي Drain وانگر آهي، جنهن جي وچ تي پٿر رکي ٽپي سگھجي ٿو. بهرحال سمنڊ جي منهن وارن ٽن ميلن واري حصي تي هن نديءَ مٿان نَوَ پليون ٺهيل آهن جن تان ٽپي هڪ پاسي کان ٻئي ڏي وڃي سگھجي ٿو ۽ وچ شهر واري سڄي رونق هن ٽُڪري تي آهي. سنگاپور جا ڪيترائي پراڻا ۽ مشهور روڊ ۽ گھٽيون نديءَ جي هن حصي ڀرسان آهن، جهڙوڪ: فلرٽن روڊ، پارليامينٽ لين، ايلزبيٿ واڪ، هاءِ اسٽريٽ، هِل اسٽريٽ، بئٽري روڊ، ايلن بورو روڊ، سرڪيولر روڊ، ڪئنٽن اسٽريٽ، مئگزين روڊ، سائگان روڊ، هانگ ڪانگ اسٽريٽ، ڪارپينٽر اسٽريٽ وغيره وغيره.
سنگاپور نديءَ مٿان جيڪي نَوَ پليون ٺهيل آهن اهي ڪي ڄامشوري، ڪوٽڙي يا “دادو موري” جهڙيون پليون نه آهن. ظاهر آهي جهڙي “ٿلهي متاري” ندي هوندي اهڙيون ئي مٿانس پليون ٺهي سگهنديون. ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ ٽپڻ لاءِ جيڪي پليون ٺهيل آهن اهي به وڏيون ۽ مٿاهيون آهن پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن پلين مٿان سڄو ڏينهن ماڻهن ۽ موٽرن جي اچ وڃ ۽ رونق لڳي رهي ٿي. دڪاندار، خريدار، رنگين هوائي ٽائيپ شرٽن ۾ ٽوئرسٽ ته هتي جي بئنڪن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ٽائي پهريل سمارٽ نوجوان ۽ چيني ڇوڪريون، ملئي ڊريس (باجو ڪورونگ) پهريل ملئي مسلمان ڇوڪريون ۽ ساڙهيءَ ۾ ملبوس هتي جون ڪارسريون تامل ڇوڪريون، عرب، افغاني، يورپين، جپاني، ماڻهن جو هر وقت هجوم نظر ايندو. سنگاپور نديءَ مٿان ٺهيل هنن پلين جو پنهنجو پنهنجو نالو آهي ۽ پنهنجي پنهنجي تواريخ آهي. انهن پلين مٿان لنگھندي آئون ته ڪڏهن ماضيءَ ۾ هليو ويندو آهيان ته هي پليون ڪڏهن ٺهيون، ڪهڙن ماڻهن جي نالي آهن ۽ انهن ماڻهن جي ڇا ڄاڻ آهي.
نديءَ جي منهن وٽان جيڪڏهن شروع ٿجي، يعني مرلائن (اڌ شينهن اڌ مڇي) واري مجسمي يا ايلزبيٿ واڪ وٽان پهرين پل “ائنڊرسن برج” آهي، جنهن مٿان کاٻي پاسي کان فلرٽن روڊ لنگھيو ساڄي پاسي ڪناٽ ڊرائيور ۽ هاءِ اسٽريٽ سان وڃيو ملي. ائنڊرسن برج 1910 ۾ ٺهي ۽ انگريز آفيسر سر جان ائنڊرسن نالي آهي جيڪو 1904ع کان وٺي 1911ع تائين واري عرصي ۾ گورنر ۽Federated Malay States جو هاءِ ڪمشنر هو.
• “ڪئوناگهه (Cavenagh) برج” جيڪا ايمپريس پليس ۽ فلرٽن اسڪائر کي ڳنڍي ٿي هن نديءَ مٿان پراڻي ۾ پراڻي پل آهي. هيءَ پل 1869ع ۾ ٺهي جنهن کان اڳ هيءَ ندي ٻيڙين ذريعي ٽپي وئي ٿي. پوءِ جڏهن مٿين پل ائنڊرسن برج ٺهي ته هيءَ پل فقط ماڻهن جي ٽپڻ لاءِ رکي وئي. ڍڳين، مينهن، گھوڙن ۽ ٻئي چوپائي مال ۽ بار جي گاڏين لاءِ ائنڊرسن پل رکي وئي. توهان جيڪڏهن جنرل پوسٽ آفيس وٽ بيٺا آهيو ته هيءَ پل تمام ويجھي اٿانوَ. هيءَ پل انڊيا جي گورنر آرفور ڪيوناگھه نالي آهي جنهن جي هٿ ۾، سن 1859ع کان 1867ع تائين سنگاپور جي ائڊمنسٽريشن هئي. هي انڊيا جو آخري گورنر هو جنهن سنگاپور جو نظام هلايو. ان بعد سنگاپور لاءِ انگلينڊ طرفان الڳ گورنر مقرر ٿيندو هو.
• ايلگن (Elgin) برج: سائوٿ ۽ نارٿ برج روڊن کي ڳنڍي ٿي جيڪا انڊيا جي گورنر جنرل لارڊ ايلگن نالي آهي. هيءَ پل 1822ع ڪاٺ جي تختن مان ٺاهي وئي، ان بعد 1844ع ۾ Draw Bridge ٺاهي وئي ۽ پوءِ 1863ع ۾ لوهه جي ٺاهي وئي.
• ڪولمئن (Coleman) برج: هيءَ پل هل اسٽريٽ ۽ نيو برج روڊ کي ڳنڍي ٿي ۽ سنگاپور جي پهرين آرڪيٽيڪٽ مسٽر جي. ڊي. ڪولمئن نالي آهي. جارج ڊرم گولڊ ڪولمئن (J.D. Colman) پبلڪ ورڪس جو سپرنٽينڊنٽ هو. سندس قبر فورٽ ڪئننگ وري قبرستان ۾ آهي. آرمينين چرچ، پارليامينٽ هائوس ۽ ٻيون ڪيتريون سنگاپور جون عمارتون ڪولمئن جون ٺهرايل آهن. هيءَ پل 1840ع ۾ ٺهي، ان بعد 1865ع ۽ 1886ع ۾ موجوده حالت واري شڪل ۾ آندي وئي.
• ريڊ (Read) برج: هيءَ پل بوٽ ڪُئي (Boat Quay) ۽ نارٿ برج ڪئي کي ڳنڍي ٿي. هيءَ پل 1889ع ۾ ٺهي ۽ هتي جي مشهور بزنيس مئن مسٽر ڊبليو هينري ريڊ نالي آهي. هن پل کي هتي جا ڪي ماڻهو “ملاڪا برج” ۽ رنگ ڪري “گرين برج” به سڏين ٿا.
• اورڊن (Ord) برج: هيءَ تمام ننڍڙي پل آهي جيڪا سن 1886ع ۾ ٺهي. ان کي ٽاڊي (Toddy) برج به سڏين. هن پل جي هڪ پاسي مشهور هوٽل “نيو اوتاني” آهي ته ٻئي پاسي چينين جو مندر چانگ سو ٽيمپل آهي. فئر اسٽريٽ ۽ مئگزين روڊ هن پل جي بلڪل ويجھو آهن.
• ڪليمنچو (Clemenceau) برج: هيءَ پل 1920ع ۾ ٺهي ۽ ڪليمنچو ايوينيو سان مليل آهي. هيءَ پل جارج ڪليمنچو نالي آهي جيڪو سنگاپور جي دوري تي آيل پهريون فرينچ پرائم منسٽر هو.
• پلائو سائگان فٽ برج: اها پل پلائو سائگان روڊ ۽ مربائو روڊ کي ڳنڍي ٿي. هيءَ پل 1890ع ۾ ٺهي. هن پل وٽ ڪاسائين جا ايترا ته دڪان هئا جو ڪنهن زماني ۾ هن پل کي “بُچر(Butcher) برج” به سڏيندا هئا.
• ۽ نائين پل جيڪا ٻين جي مقابلي ۾ هن دور ۾ ٺهي “ڪم سينگ برج” آهي جيڪا 1950ع ۾ ٺهي راس ٿي جيڪا ڪم سينگ روڊ سان ڳنڍيل آهي. ڪم سينگ (Kim Seng) سنگاپور جو مشهور واپاري هو.
ڪم سينگ پل کان پوءِ سنگاپور ندي ڪوئي جي پڇ وانگر ايتري سنهي ٿيو وڃي جو واٽر ڪورس به ان کان متارو ٿئي.

ڪجھه اهم انگريز

1819ع ۾ سر اسٽئمفورڊ رئفلس انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لاءِ سنگاپور حاصل ڪيو. پاڻ ان وقت سماترا ٻيٽ جي بينڪولين بندرگاهه جو ليفٽيننٽ گورنر هو. ان بعد هو سنگاپور جو ٿيو. ميجر وليم فارقوهر سنگاپور جو پهريون ريزيڊنٽ ٿيو ان بعد ڊاڪٽر جان ڪرافرڊ ٿيو. ڊاڪٽر ڪرافرڊ 1783ع ۾ ڄائو ۽ اسڪاٽلنڊ ۾ ڄائو. پاڻ رئفلس جي هٿ هيٺ جاوا ٻيٽ تي ڪم ڪيائين. (جاوا، سماترا، بالي وغيره اڄ ڪلهه انڊونيشيا جا ٻيٽ سڏجن ٿا.) ڪرافرڊ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ سن 1803ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ڀرتي ڪئي ۽ پهرين انڊيا ۾ رهيو ۽ پوءِ 1808ع ڌاري سندس پينانگ بدلي ٿي، جيڪو اڄ ڪلهه ملائيشيا جو ٻيٽ آهي. ان بعد 1823ع کان وٺي 1826ع تائين سنگاپور جو ريزيڊنٽ رهيو. چون ٿا ته ڊاڪٽر ڪرافرڊ چڙ جو تِکو هو ان ڪري هن کان اڳ واري ريزيڊنٽ ميجر فارقوهر وانگر عوام جي دلپسند شخصيت نه ٿي سگھيو، پر هن جي ڏينهن ۾ سنگاپور تمام خوشحال ٿيو. ڪرافرڊ جو هن پاسي جي ٻيٽن تي لکيل ڪتاب: هندي سمنڊ جي ٻيٽن جي تواريخ (The History of the Indian Archipelgo) تمام اهم حيثيت رکي ٿو، جيڪو 1820ع ۾ ڇپيو. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڊاڪٽر ڪرافرڊ نالي رستن، گھٽين ۽ عمارتن جا نالا آهن.
ڊاڪٽر ڪرافرڊ کانپوءِ سنگاپور جو انتظامي ڍانچو بدلايو ويو. ملاڪا، پينانگ (جيڪي پڻ انگريزن جي هٿن ۾ هئا) ۽ سنگاپور کي مِلائي Straits Settlement ٺاهيو ويو، جنهنجي مٿان گورنر مقرر ڪيو ويو. رابرٽ فلرٽن نالي هڪ اسڪاٽمئن جيڪو ان وقت پينانگ جو گورنر هو Strait Settlement جو پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو. فلرٽن نالي سنگاپور جو اهو اهم روڊ آهي جيڪو سنگاپور نديءَ جي منهن وٽ ٺهيل ائنڊرسن برج سان وڃيو ملي. هي روڊ اسٽيشن وي کان شروع ٿي رئفلس Quay وٽان ٿيندو اچي پل سان ملي ٿو. فلرٽن 1773ع ۾ ڄائو ۽ 1831ع ۾ گذاري ويو.
فلرٽن کان پوءِ هن پاسي جا گورنر برٽش انڊين گورنر سڏبا هئا ۽ سول سروس يا انڊين آرمي مان چونڊيا ويا ٿي. فلرٽن کانپوءِ رابرٽسن 1830ع ۾ گورنر ٿيو ۽ 1833ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ان بعد ڪينٽ مرچسن گورنر ٿيو. ان بعد سنگاپور جو ڪاروبار سئموئل جارج بونهام جي حوالي ٿيو ۽ 1843ع تائين رهيو. هي اهو سن آهي جنهن ۾ نيپئر سنڌ فتح ڪئي.
بونهام بعد 1843ع ۾ وليم جان بٽرورٿ هن پاسي جو گورنر ٿيو (بونهام ٽن سالن بعد سن 1846ع ۾ وري هانگ ڪانگ جو گورنر مقرر ٿيو هو.) وليم جان بٽرورٿ انڊين آرمي جو اڳوڻو ڪرنل هو ۽ 1855ع تائين Strait Settlement (يعني سنگاپور، ملاڪا ۽ پينانگ) جو گورنر رهيو. پينانگ ٻيٽ جي سامهون ملائيشيا جي سر زمين واري شهر جو اڄ به نالو سندس نالي پٺيان بٽرورٿ آهي. بٽرورٿ وڏي ريلوي اسٽيشن پڻ آهي ۽ ٿائلنڊ وڃڻ لاءِ هتان ٽڪيٽ وٺبي آهي. ڪيترا دفعا اسان جا جهاز پينانگ ٻيٽ تي بيهڻ بدران بٽرورٽ ۾ ئي بيهندا آهن. بٽرورٽ ۽ پينانگ جي وچ ۾ تڏهن کان وٺي فيري هلي ٿي. هاڻ پينانگ ٻيٽ کي بٽروٿ سان پل ذريعي ملايو ويو آهي جيڪا ايشيا جي وڏي ۾ وڏي پل سڏجي ٿي.
بٽرورٿ کانپوءِ ايڊمنڊ بلنڊيل 1855ع کان وٺي 1859ع تائين گورنر مقرر ٿيو. ان کان اڳ هو ملاڪا ۽ پينانگ جو ريزيڊنٽ قونصلر هو. هي اهڙو مشهور گورنر نه ٿيو. هن جو رکو ۽ کهرو مزاج هو. هن جي ڏينهن ۾ Piracy (سامونڊي ڦر) اوج تي هئي جنهن جي خلاف يورپي واپارين به شڪايتون ڪيون. هن جي ئي ڏينهن ۾ هندوستان جا قيدي پورهئي لاءِ سنگاپور موڪليا ويا جنهن خلاف پڻ ماڻهن آواز اٿاريو.
ايڊمنڊ بعد اورفر ڪئوناگهه 1859ع کان 1867ع تائين گورنر ٿيو. هي انڊيا طرفان آخري گورنر هو. ان بعد پندرهن کن گوررنر ٻي وڏي لڙائيءَ تائين ٿيا جن مان ڪيترا اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا جن جي نالن تي سنگاپور جا رستا، جيٽيون، پليون، عمارتون ۽ پارڪ آهن. ڪجھه مشهور گورنر ۽ ٻيا انگريز آفيسر سوداگر جن جا نالا ڪنهن نه ڪنهن ريت سنگاپور اچڻ ٻڌي ٿو، هيٺ لکان ٿو.
• جاجگ آرڊ: 1867ع کان 1873ع تائين سنگاپور جو گورنر ٿيو ۽ هي پهريون Colonial گورنر هو. سنگاپور جي ٽاڊي برج هن گورنر جي نالي آهي جنهن جو اصل نالو Ord برج آهي. گورنر جارج آرڊ ملٽريءَ جو آفيسر هو ۽ 1861ع ۾ برمودا جو گورنر پڻ هو. برمودا ڪئريبين سمنڊ ۾ ننڍڙو ٻيٽ آهي جنهن بابت ڪيتريون ئي غيباتي ڳالهيون مشهور آهن. برمودا ٻيٽ جي گادي واري شهر هئملٽن ۾ سر جارج آرڊ نالي رستو آهي. هي اهو گورنر آهي جنهن جي ڏينهن ۾ پهريون ايشيائي ماڻهو (مسٽر وامپوئا-چيني واپاري) ننڍي ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو.
• ائنڊريو ڪلارڪ (Andrew Clarke): ڪلارڪ ۽ ائنڊريو نالي به سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ڪجھه شهرن ۾ (خاص ڪري اپوح ۾) رستا آهن. ڪلارڪ 1873ع کان وٺي 1875ع تائين سنگاپور جو گورنر رهيو، هن جي ڪوششن سان ملايا جي ٻين رياستن تي به انگريزن جو اثر رسوخ شروع ٿيو.
• وليم ڪليور فرانسز رابنسن: هي هڪ ئي ماڻهو بلڪه سنگاپور جي هڪ گورنر جو نالو آهي جيڪو 1877ع کان وٺي 1879ع تائين گورنر رهيو. تنجنگ پَگار بندرگاهه هن شروع ڪرايو هو. سنگاپور ۾ فرانسز توڙي رابنسن نالي رستا آهن.
• فريڊرڪ ويلڊ: 1880ع کان 1887ع تائين سنگاپور جو گورنر ٿي رهيو. رئفلس ميوزيم ۽ لئبريري هن جي ڏينهن ۾ کلي. هي ملايا ۾ به ڪافي وقت رهيو ان ڪري سنگاپور توڙي ملائيشيا جي ڪيترن ئي شين تي ويلڊ جو نالو آهي.
• سيشل ڪليمينٽي سمٿ: هن گورنر جي نالي توهان کي سنگاپور ۾ ڪيتريون ئي شيون نظر اينديون. رستا، ريلوي اسٽيشن وغيره. هي گورنر چيني زبان ۽ ادب جو ڄاڻو هو ۽ ماڻهن هن کي بيحد پسند ڪيو ٿي. 1887ع کان وٺي 1893ع تائين سنگاپور جو گورنر ٿي رهيو. ان کان اڳ 1878ع ۾ سنگاپور ۾ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي آيو۽ پاڻ 1864ع ۾ سنگاپور ۾ انگريز سرڪار جي نوڪري تي چڙهيو.
ڪليمنٽيءَ جي ڏينهن ۾ هينري رڊلي “بوٽانڪ گارڊن” جو ڊئريڪٽري ٿي آيو ۽ پوءِ رٻڙ تي کوجنا ڪئي.
• مئڪسويل وليم ايڊوورڊ: مئڪس ويل نالي سنگاپور جو مشهور روڊ آهي. پاڻ 1893ع کان 1894ع تائين سنگاپور جو گورنر ٿي رهيو.
• چارلس هگ مچل: 1894ع کان 1899ع تائين سنگاپور جو گورنر رهيو. هن جي ڏينهن ۾ (1896ع ۾ ) ملئي فيڊريٽيڊ اسٽيٽس ٺهيون ۽ چارلس مچل سلينغور، پيراڪ، پَهانگ ۽ نگري سيمبيلان جو به هيڊ رهيو.
• فرئنڪ سويٽنهام: 1901ع کان 1903ع تائين گورنر رهيو. سنگاپور ٻيٽ کي ملايا جي سر زمين سان ملائڻ لاءِ جيڪو “سنگاپور جوهور ڪاز وي” آهي ان جي ٺهرائڻ جو ڪم سويٽنهام شروع ڪرايو. سويٽنهام ملايا ۾ به وڏين پوسٽن تي رهيو۽ ڪوالالمپور وٽ جيڪو پورٽ ڪلانگ بندرگاههآهي اهو هن گورنر جي نالي سان رهيو. ستر جي ڏهاڪي وارن آخري سالن تائين به هي بندرگاهه پورٽ سويٽنهام سڏبو هو. ان بعد هن بندرگاهه جو نالو بدلائي پورٽ ڪلانگ رکيو ويو. سنگاپور جو وڪٽوريا ميموريل هال پڻ هن ٺهرايو.
• جان ائنڊرسن: سنگاپور جو 1904ع کان 1911ع تائين گورنر ٿي رهيو. ڌنڌي جي لحاظ کان ائنڊرسن وڪيل هو. ائنڊرسن لنڊن جي ڪالونيل آفيس ۾ 25 کن سال نوڪري ڪئي هئي. ائنڊرسن نالي سنگاپور ندي جي منهن وٽ پهرين پل آهي ۽ رستي جو نالو پڻ آهي.
• آرٿر بنگ: 1911ع کان 1919ع تائين سنگاپور جو گورنر رهيو. هن جي ڏينهن ۾ پهرين وڏي لڙائي لڳي پر سنگاپور ٻيٽ تي خير رهيو. ڪو هنگامو نه ٿيو، سواءِ بدنام بغاوت جي جيڪا 5th Light Infantry جي سولجرن ڪئي. هن ۾ گھڻي ڀاڱي گڏيل پنجاب جا هندو ۽ مسلمان سپاهي هئا جن مان 36 ڄڻن کي کلئي عام ڦاهي ڏني وئي.
• لارينس گوملارڊ: 1919ع کان 1927ع تائين سنگاپور جو گورنر رهيو. هن جي ڏينهن ۾ (سن 1923ع ۾) سنگاپور کي ملايا سان ڳنڍڻ واري پل Cause way ٺهي راس ٿي، جنهن سان اچ وڃ ۾ آساني ٿي ۽ واپار وڌي ويو.
• چارسل ڪلفرڊ: 1927ع کان 1930ع تائين گورنر رهيو. سنگاپور جي ڪلفرڊ پيئر هن گورنر جي نالي آهي جنهن جو ذڪر مون ڪيترن ئي سفرنامن ۾ ڪيو آهي. سنگاپور جو گورنر ٿيڻ کان اڳ ڪلفرڊ نائيجيريا جو گورنر هو جيڪو ملڪ پڻ ڪينيا، انڊيا، سري لنڪا وانگر انگريزن جي ڪالوني هو. ڪلفرڊ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪو خاص مشهور نه ٿيو ۽ آخر ۾ کيس انگريز سرڪار زوريءَ رٽائرڊ ڪيو.
• شينٽن ٿامس: 1934ع ۾ گورنر ٿيو ۽ ٻي وڏي لڙائي (1946ع) تائين گورنر رهيو. جپانين جي سنگاپور تي قبضي دوران هي جنگي قيدي Prisoner of War)) ٿي رهيو. کيس ٻين قيدين سان گڏ تائيوان ٻيٽ تي رکيو ويو هو.

سنگاپور جو پوليس کاتو

سنگاپور جي پوليس کاتي جي شروعاتي ڏينهن بابت ٻه ٽي دلچسپ ڳالهيون لکڻ ضروري سمجھان ٿو. 1819ع ۾ سنگاپور جو ٻيٽ هٿ ڪرڻ سان اوسي پاسي کان ملئي، چيني، انڊين، ويندي يورپي هن ٻيٽ تي رهڻ لاءِ اچڻ لڳا. ڏٺو وڃي ته مقامي ماڻهن کي يورپي قومن۾ وري به انگريز بهتر لڳا ٿي. هنن جا ڪجھه طور طريقا، قاعدا قانون ۽ حڪومت هلائڻ جو نظام ٻين يورپي قومن (ڊچن، پورچوگالين، فرينچن، جرمنين وغيره) کان بهتر هو. سو اها خبر ٻڌي ته هاڻ سنگاپور انگريزن جي هٿن ۾ آهي، ته نه فقط انهن ايشيائي ملڪن جا جن تي انگريزن جي حڪومت هئي، پر ٻين مان به ماڻهو لڏي سنگاپور اچي Settle ٿيڻ لڳا.
اڄ ڪلهه ته دنيا جي آدمشماري ايتري وڌي وئي آهي. معاشي حالتون خراب ۽ ماڻهن جون گھرجون ايڏيون وڌي ويون آهن جو جيڪو جتي آهي اتي ئي هن جي پورت نٿي ٿئي ۽ ڪو به ملڪ، ويندي بنگلاديش، انڊيا يا سوماليا ۽ جبوتي به ڪنهن ڌارئي کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ٽِڪڻ نٿو ڏئي. نه ته ٻي وڏي لڙائيءَ تائين نه هئا پاسپورٽ ۽ ويزا جا چڪر ۽ نه شناختي ڪارڊ ۽ گرين ڪارڊ. جنهن کي جيڏانهن پئي وڻيو اوڏانهن پئي ويو. ۽ اڄ کان ٻه سئو کن سال اڳ ته اها حالت هئي جو سنگاپور جهڙا ٻيٽ به خالي خالي لڳا پيا هئا. ويندي ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ به فقط بندرگاهه وٽ (اتي کارادر ۽ ميٺادر وٽ) ڪجھه گھرڙا ۽ هٽڙا هئا ٻيو مڙيئي خير هو. سڄي ڪراچي خالي هئي. پوءِ جتي چار ماڻهو وڌيڪ وڃي رهيا ٿي، اتي رونق رهي ٿي.
سنگاپور به انگريزن جي هٿ ۾ ته اچي ويو هو، پرسندن ۽ سندن ڪمپني (ايسٽ انڊيا ڪمپني، جيڪا انگريز واپارين جي ڪمپني هئي جنهن هي رئفلس به ملازم هو ۽ هنن پنهنجي صاحبن، يعني انگريز واپارين ۽ سوداگرن جو فائدو ٿي ڏٺو) جي ان ۾ ئي بهتري هئي ته گھڻي کان گھڻا ماڻهو هن ٻيٽ تي اچي رهن جيئن واپار وڙو هلي، جهازن جي اچ وڃ ٿئي، وغيره.
انگريزن جو انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۽ ٻيٽن تي رعب تاب ڏسي هر هڪ چاهيو ٿي ته سنگاپور هلي رهجي. “هر هڪ” مان منهنجو مطلب آهي ته غريب غربي ۽ بيروزگار به ته امير واپاريءَ به. امير واپاريءَ کي پنهنجي ڌنڌي هلائڻ ۽ ڪمائڻ جو آسرو هو ۽ غريب، خاص ڪري ڏکڻ چين جي صوبن جا چيني ۽ ڏکڻ هندستان جا تامل، جيڪي بيحد ڏکين حالتن ۾ هئا، انهن سنگاپور اچي روزگار ڪمائڻ چاهيو ٿي. انگريزن هر ملڪ، شهر يا هن ٻيٽ سنگاپور کي يا پينانگ، برمودا، هانگ ڪانگ ٻيٽ کي ٺاهڻ لاءِ (۽ ڪجھه پنهنجو خرچ پکو ڪڍڻ ۽ ملڪ جو نظام هلائڻ لاءِ) ڪمائڻ وارن امير واپارين ۽ زميندارن تي ٽئڪس ۽ ڍلون هنيون ٿي، پر هنن کي ڦري ڀينگيو نٿي ڪيو. بلڪ هنن کي سلامتي مهيا ڪئي ٿي.
ملائيشيا ۾ هڪ سنڌي هندوءَ شڪارپور مان اچي بزنيس ڄمايو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٽن چئن سالن ۾ هو وڏو امير ٿيويو. هن جي فئڪٽرين، ڪارخانن ۽ دڪانن ۾ سوين مڪاني غريب ملئي ماڻهو ڪم ۾ لڳي روزگار ڪمائڻ لڳا. حڪومت طرفان به کيس ايوارڊ ڏنو ويو جو ملائيشيا جي حڪومت، خاص ڪري وزيراعظم مهاتير محمد هر وقت انهن ماڻهن جي عزت ڪري ٿو جيڪي پورهيو، محنت ۽ عقل کان ڪم وٺي پاڻ به ڪمائين ٿا ته ٻين لاءِ به روزگار مهيا ڪن ٿا. هڪ دفعي سندس ذات جي ڪجھه “ملئي سياستدانن” چينين تي چڙ جو اظهار ڪيو ته هو هتي اچي امير ٿي ويا آهن. وڏي دولت ڪمائي اٿن. وڏي عياشيءَ ۾ رهن ٿا، وغيره وغيره. مهاتير جواب ڏنن (جيڪو ٻئي ڏينهن اخبار ۾ به ڇپيو ) ته هنن عقل ۽ محنت کان ڪم وٺي، ملڪ جي قانون هيٺ رهي ناڻو ڪمايو آهي. جيڪڏهن ڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، چوري ڪري ٿو، سمگلنگ ڪري ٿو، غير قانوني ڪم ڪري ٿو ته توهان ان صورت ۾ انهن ڏوهن لاءِ کين سزا ڏئي سگھو ٿا ۽ اهو ماڻهو اسان جي سوسائٽيءَ لاءِ خراب آهي، چاهي چيني هجي، انڊين هجي يا اسان جو ملئي مسلمان هجي. باقي جنهن قانون هيٺ رهي ڌنڌو ڪري، پورهيو ڪري يا پوک ڪري ناڻو ڪمايو آهي ته اهو اسان لاءِ عزت جو حقدار آهي. جو هن جي امير ٿيڻ ڪري اسان جا ڪيترا غريب خوشحال ٿي سگھن ٿا. هن جي گھڻي ناڻي ڪمائڻ ڪري اسان جي ملڪ کي گھڻو ٽئڪس ملي ٿو ۽ ملڪ خوشحال ٿئي ٿو. اهڙي ماڻهوءَ جي عزت ۽ حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.
سو اسان جي سنڌي هندو واپاري کي هتي رهي خوشي حاصل هئي. آخري ڏينهن ۾ هڪ دعوت ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ۽ مون کيس جس ڏيندي چيو ته “توهان جهڙي عقلمند، واپار جي ڄاڻ رکندڙ، سٺي نموني سان ڪاروبار هلائيندڙ ۽ محنتي ماڻهوءَ جي اسان جي ملڪ ۾ به ضرورت هئي. توهان سنڌ ڇو ڇڏي؟ اتي هجو ها ته هي فائدا سنڌ جي ڪنهن شهر ۽ اتي جي رهواسين کي رسن ها.”
هن ڏکويل لهجي ۾ چيو ته “ڪو به ماڻهو پنهنجو وطن آسانيءَ سان نٿو ڇڏي. هر هڪ چاهي ٿو ته پاڻ ۽ سندس وطن سکيو رهي پر سنڌ جو سڌرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اتي جو وڏيرو، سياستدان ۽ ڪامورو جيسين نه سڌرندو تيسين نه سنڌ سڌرندي نه اتي جو غريب عوام سکيو رهندو.”
“ڇو ڀلا ... ؟” مون سبب پڇيو.
“ان ڪري جو اتي جو لٺ سردار (وڏيرو، سياستدان، ڀوتار يا ڪامورو وغيره)ٻئي کي چڙهندو ڏسي نٿو سگھي. ڪو به ٿورو وڌي ٿو ته ان کي ايڏو ڦريو وڃي ٿو، هن جي راهه ۾ اهڙا ته ڪنڊا وڌا وڃن ٿا جو هو بيحال ٿيو وڃي. نتيجي ۾ هن جي دل کٽي ٿيو وڃي.”
لِي ڪُئان يُو (سنگاپور جو سينئر منسٽر ۽ اڳوڻو پرائم منسٽر) به اهو ئي چوندو رهي ٿو ته ملڪ جي ترقي چاهيو ٿا ۽ اهو چاهيو ٿا ته پنهنجو توڙي ڌاريو ماڻهو پئسو لڳائي، فئڪٽري ڪارخانو هڻي يا ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪري ته پهرين هن لاءِ امن امان مهيا ڪريو ۽ هن ماڻهوءَ جي as tax payer عزت ڪريو. هو هڪ اهڙي سونا بيضا لاهڻ واري ڪڪڙ آهي جنهن کي توهان ڪهي ختم ڪرڻ بدران هن جي بيضن (يعني ٽئڪس) تي ئي خوش رهو.
اهو ئي طور طريقو انگريزن جو رهيو آهي. تڏهن به ۽ اڄ به. تڏهن ته آفريڪا توڙي ايشيا جا ماڻهو انگلنڊ ۾ رهڻ جا خواب ڏسن ٿا جتي هنن کي واپار، مذهب، سماجي زندگي جي وڌيڪ آزادي ۽ انصاف جي اميد رهي ٿي.
سنگاپور ۾ ماڻهن جي اچڻ ۽ واپار وڌڻ ڪري چوري چڪاري، ڦرلٽ ويندي خونريزي ۽ ٻيا ڏوهه پڻ ٿيڻ لڳا. رئفلس کي انهن ڏوهن جي ڄاڻ هئي ۽ هن ميجر فارقوهر (جيڪو سنگاپور جو پهريون ريزيدنٽ مقرر ٿيو هو) کي پوليس فورس ٺاهڻ لاءِ چيو. فارقوهر پنهنجي ناٺي برنارڊ کي چيف پوليس آفيسر ٺاهيو. هيءَ 1820ع جي ڳالهه آهي. برنارڊ ان ڪم تي ڪو گھڻو ڌيان ڏئي نه سگھيو جو هن کي ٻيون به جوابداريون سونپيل هيون جهڙوڪ مئجسٽريٽ ۽ اسسٽنٽ ريزيڊنٽ جو عهدو به هن جي حوالي هو. ان کان سواءِ پوليس کاتي ۾ تمام ٿورا ماڻهو هئا. پاڻ کان سواءِ هڪ جيلر هو جنهن جيل کي ڏٺو ٿي هڪ يورپين سارجنٽ هو ۽ فقط اٺ ايشين پوليس وارا هئا. ٽن چئن هزار ماڻهن کي سنڀالڻ لاءِ اهي تمام ٿورا پوليس وارا هئا. پوليس وارن کي ڪو يونيفارم نه هو ۽ پيرين اگھاڙا هليا ٿي. (هونءَ پيرين اگھاڙو هلڻ، هن پاسي، جتي گھڻا مينهن وسن ٿا، ڪا عجيب ڳالهه نٿي سمجھي وڃي. 1980ع تائين سري لنڪا ۾ ڪيترين ئي آفيسن جا ڪلارڪ ۽ پٽيوالا يونيفارم ۾ پر پيرين اگھاڙا نظر آيا ٿي. ساڳي طرح ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اڄ به ڪيترا امير تامل واپاري اَڇن اُجرن ڪپڙن ۾، اکين ۾ سرمو، مٿي تي لپ تيل جي، ڪنن ۾ عطر جو ٻُڙو پر سندن پير جُتيءَ بنا نظر اچن ٿا. (هيءَ 1970ع جي شروعاتي سالن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان).
پوليس فورس ڪيترن سالن تائين گھٽ ئي رهيو ۽ نه ڏوهن ۾ گھٽتائي آئي ۽ نه ڏوهاري جھلجي ٿي سگھيا. ڪي ڪي ڏوهه ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ به ٿيڻ لڳا. رات جا ڏوهه گھٽائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته رات جي وقت سنگاپور جون گھٽيون روشن ڪيون وڃن. سو 1824ع ۾ پهريون دفعو سنگاپور ۾ اسٽريٽ لئمپ لڳايا ويا جن جي هڪ پاسي شيشو هو باقي ٽن پاسن کان ٽين جون چادريون لڳايون ويون. روزانو شام جو تيل وارو ڏاڪڻ کڻي ايندو هو ۽ شمعدان ۾ تيل وجھي ٻاري ويندو هو. پر انهن ڳالهين ڪرڻ جي باوجود ڏوهن ۾ ڪو فرق نه آيو. چينين جي ڳجھين سوسائٽين جا ميمبر سون جي تعداد ۾ اچي ڦر ڪري هليا وياٿي. رات جي ڊيوٽي ڪرڻ وارا پوليس وارا ڪجھه به نٿي ڪري سگھيا، جو هو ڦورن جي مقابلي ۾ تمام گھٽ هئا.
آخر واپارين جي بي چينيءَ کي ڌيان ۾ رکي سن 1843ع ۾ ٿامس ڊنمئن کي پوليس جو فل انچارج بڻايو ويو. ڊنمئن ان ڪم لاءِ صحيح ماڻهو هو. هن کي مڪاني زبان ملئي به آئي ٿي. مختلف ڪميونٽين جي ماڻهن جي اڳواڻن سان هن جي دوستي به هئي ۽ هو سڄو ڏينهن افيس ۾ وهڻ بدران شهر جو واءُ سواءُ لهندو رهيو ٿي. هن پوليس جي سپاهين ۽ عملدارن کي تعليم ڏياري. پگھار وڌرايا ۽ ڊيوٽيءَ جو وقت گھٽرائي مقرر ڪيو ته هن وقت کان هن وقت تائين فلاڻي پولييس واري جي ڊيوٽي رهندي. هن هر هڪ کي پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ بدران فقط انهن کي پوليس ۾ آندو جن جي اخلاق ۽ ڪردار جي پڪ ٿي ٿي ته سٺا آهن. ان کان سواءِ ڊنمئن پنهنجي پوليس فورس کي پوليس جا ڪم ڪرڻ لاءِ بهترين ٽريننگ ڏياري. ڊنمئن 28 سال نوڪري ڪرڻ بعد 1871ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.
اوڻيهين صديءَ جي آخري ڏينهن ۾ پوليس فورس کي سڌارڻ لاءِ ڪجھه ٻيا قدم به کنيا ويا. سپاهين کي سٺي چال چلت (Good Conduct) الائونس پڻ ڏنو ويو. پوليس وارن کي بهتر ٽريننگ ڏيڻ لاءِ پوليس ٽريننگ اسڪول کوليو ويو. ساڳئي وقت گڏيل هندستان کان سک پوليس وارن جو وڏو تعداد سنگاپور گھرايو ويو. سک پوليس وارا سنگاپور جو امن امان سڌارڻ ۾ تمام سٺا ثابت ٿيا. سنگاپور جي گھٽين جو رات جو پهرو ڏيڻ لاءِ سِکن کي لڳايو ويو. قدآور ۽ ڏاڙهين سان هجڻ ڪري هر هڪ هنن کان ڊنو ٿي. نه فقط قد بت ۾ پر بهادري ۽ سگهه ۾ پڻ هو سڀ کان اڳرا هئا. ڪجھه سِکَ پوليس وارن کي ملايا جي بهانگ رياست ڏي پڻ موڪليو ويو جتي انگريزن جي مڪاني وڏيرن سان ويڙهه هلي رهي هئي.
1880ع ڌاري سنگاپور جي پوليس فورس ۾47 يورپي ۽ 549 ملئي۽ هندستاني هئا. هندستانين ۾ سئو کن ته سِکَ هئا ٻيا پٺاڻ ۽ پنجابي ۽ ڪجھه باقي ڏکڻ هندستان جا هئا. پهريون دفعو ڪجھه چينين کي به سپاهي طور ڀرتي ڪيو ويو. هونءَ هن پاسي جي ملڪن (سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا وغيره) ۾ فوج، پوليس ۽ چوڪيداريءَ ۾ سکن، پٺاڻن ۽ پنجابين (هندو توڙي مسلمان) جو وڏو Contribution رهيو آهي. 1970ع تائين ته سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملائيشيا جي تقريباً هر وڏي هوٽل ۽ بئنڪ اڳيان سک يا پٺاڻ چوڪيدار نظر آيو ٿي جن بابت مختلف شروعاتي سفرنامن ۾ لکندو رهيو آهيان. تعليم عام هجڻ ۽ سجاڳيءَ ڪري اڄ ڪلهه انهن جو اولاد پڙهي مختلف سرڪاري نوڪرين ۽ واپار وڙي ۾ لڳي ويو آهي، پر اڄ به هنن جو دلپسند کاتو پوليس ۽ فوج آهي، جنهن ۾ هو وڏن عهدن تي پهچي چڪا آهن. ڪيترائي سک ڪرنل ۽ برگيڊيئر رئنڪ تي آهن ۽ هڪ پٺاڻ (زمان خان نالي) ملائيشيا پوليس جو وڏو آفيسر (آءِ. جي. پوليس برابر) رهي چڪو آهي.
بهرحال انگريزن کي سڄي اوڻيهين صدي پوليس قائم ڪندي گھڻي ڪاميابي نصيب نه ٿي پر تنهن هوندي به ڪوشش قائم رکندا رهيا ۽ عوام کي هر وقت اهو احساس رهيو ٿي ته کين انصاف ملندو ۽ ڪو آهي جو سندن حفاظت جو خيال رکي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هندستان جي ورهاڱي بعد ۽ انگريزن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ هندستان توڙي پاڪستان جي ماڻهن کي هر وقت اهو چوڻ جو موقعو ملي ويو ٿي ته “حڪومت ڀلي انگريز هلائي” يا انگريزن جي حڪومت ۾ هڪ عام پوليس واري به وڏي طاقت رکي ٿي”. يا انگريزن جي انصاف بابت (جيڪو جهڙو به هو) چيو وڃي ٿو ته “انگريزن جي حڪومت ۾ ٻڪري ۽ شينهن هڪ ئي گھاٽ تان پاڻي پيتو ٿي ...” وغيره.
ان قسم جا جملا هن پاسي (گھٽ ۾ گھٽ سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾) توهان کي ٻڌڻ ۾ نه ايندا. تواريخ خاطر اهو ضرور چوندا ته پوليس، پوسٽ کاتو، ريلوي، جُوڊيشري جهڙا ادارا انگريزن قائم ڪيا پر اهو هرگز نه چوندا ته “انهن جي وڃڻ بعد ملڪ ۾ انصاف نه رهيو آهي. ملڪ ۾ قاعدو قانون نه رهيو آهي. ملڪ ۾ چورن ڌاڙيلن جو راڄ آهي” وغيره وغيره. هرگز نه. ان ڪري جو هن پاسي جي حڪومتن انگريزن جي وڃڻ بعد، انهن ادارن کي اڃا به وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط ڪيو، جنهن جي انگريز به اڄ تعريف ڪن ٿا. سنگاپور ۽ ملائيشيا پاسي ننڍي کان ننڍو ڏوهه ڪندي به ماڻهو ڊڄن ٿا، ڇو جو هر هڪ کي خبر آهي ته ڀلي کڻي ڪو غريب غربو هجي يا وڏو امير تونگر ۽ ڪامورو آفيسر، قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سان هن کي ڪڏهن به معافي نه ملندي. اهو ئي حال هتي جي تعليم کاتي ۽ ٻين ادارن جو آهي. ۽ اهو ئي سبب هنن ملڪن جي ترقيءَ جو آهي.

سنگاپور جا شروعاتي اسڪول

سنگاپور جي شروع وارن سالن ۾، يعني اوڻيهين صديءَ جي ٻي چوٿي شروع ٿيڻ وقت امير ۽ پڙهيل ڳڙهيل انگريزن، يورپين، ملئي مسلمانن، انڊين تاملن ۽ عورتن جو تعداد هڪ سئو به ڪو مس هو باقي اٺ ڏهه هزار غريب مزور ماڻهو هئا جي پاڻ به اڻ پڙهيل هئا۽ کين سندن اولاد جي پڙهائيءَ جي تعليم جو به خيال نه هو. هنن غريبن جو ته آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا وارو حساب هو. هو پيٽ ۽ پوشاڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ئي پريشان هئا، ٻارن جي تعليم جو ڪنهن کي ٿي هوش آيو. سنگاپور جي امير ماڻهن جا ٻار انڊيا ۽ يورپ ۾ پڙهيا ٿي. پر انهن ۾ ڪجھه اهڙا به امير هئا جن تعليم کي تمام گهڻي اهميت ڏني ٿي ۽ هنن چاهيو ٿي ته سنگاپور ۾ رهندڙ غريب مزورن (قلين) جا ٻار پڻ تعليم وٺن. ان ڪري هنن اسڪول کولڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.
هونءَ هجڻ ته ائين کتو ٿي ته سنگاپور جا اهي امير انڊين يا انگريز حاڪم تعليم عام ڪرڻ بدران ٻارن کي جاهل رکن ها جيئن هو سدائين ٽهي در ٽهي سندن غلام ٿي ڪم ڪن ها. جيئن اسان وٽ سنڌ بلوچستان جهڙن صوبن ۾ هلندي سرنديءَ وارن نٿي چاهيو ته ڪا تعليم عام ٿئي. پنهنجن ٻارن کي ولايت موڪلي پڙهائي ورتو ٿي پر سرڪار غريبن جي ٻارن لاءِ ڳوٺ ۾ اسڪول کوليو ٿي ته هنن ان کي به اوطاق ٺاهي رکڻ بهتر سمجھيو ٿي. جيتوڻيڪ اسلام علم حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو پر اسان وٽ مسلمان وڏيرن، جاگيردارن، رئيسن ۽ حاڪمن نه اسڪول کولرائڻ ۾ حصو ورتو ٿي ۽ نه مدرسي خٿاب جي پوئواري ڪئي ٿي. وري به شاباس هجي هندن، پارسين ۽ انگريزن کي جن تعليم عام ڪرڻ لاءِ اسڪول کوليا، جن کي اسان ظاهري طرح اڄ به گاريون ڏيندا اچون پر هر هڪ چاهي ٿو ته سندن ٻارن کي ڏيارام ڄيٺمل (D.J) سائنس ڪاليج ۾ داخلا ملي. ميٺا رام ۽ سيوا ڪنج هاسٽلن ۾ رهائش ملي. ماما پارسي (B.V) ۽ نادر جي ايڊلجي ڊِنشا (NED)، سينٽ جوزف، جيسز ۽ ميري ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ داخلا ملي.
سنگاپور ۾ جيئن ئي ماڻهن جي رهائش شروع ٿي ته هڪ هندو واپاريءَ نارايانا پلي (Pillay) ٻارن جو تامل اسڪول پنهنجي خرچ تي کوليو. ڪجھه عيسائي تبليغ وارن به ڪئنٽوني چيني زبان جا، هڪ هوڪين چيني زبان جو ۽ هڪ انگريزي اسڪول کوليو. اهي تمام ننڍڙا اسڪول هئا ۽ هڪ ڪئنٽوني اسڪول ۾ ته فقط اٺ ٻار هئا. ڪجھه نيڪ مسلمان مذهبي سوداگرن ملئي ٻارن لاءِ پڻ ٻه ٽي خٿاب کوليا جيڪي قرآن اسڪول سڏيا ويا ٿي. ان قسم جا اسڪول اڄ به سنگاپور جي ڪيترن هنڌن تي آهن جتي مڪاني توڙي ٻاهرين ملڪن جي مسلمانن جا ٻار قرآن جي تعليم وٺن ٿا. قرآن اسڪولن ۾ ٻارن کي عربي ۾ قرآن پڙهڻ کان سواءِ قرآن جون ڪجھه آيتون به ياد ڪرايون ويون ٿي. ان کان سواءِ مذهبي ۽ اخلاقي ڳالهيون ۽ قصا ڪهاڻيون ٻڌايون ويون ٿي. ڪن اسڪولن ۾ ملئي زبان سان گڏ ڪجھه ٻيا سبجيڪٽ جهڙوڪ سائنس، مئٿس، تواريخ، جاگرافي به پڙهائي وئي ٿي.
بهرحال اهي ننڍا ننڍا اسڪول 1819ع ۾ انگريزن جي اچڻ کانپوءِ شروع جي ٻن ٽن سالن ۾ ئي کلي ويا هئا. 1823ع ۾ رئفلس “سنگاپور انسٽيٽيوشن” جو بنياد وڌو. جيڪو پوءِ “سنگاپور فري اسڪول” جي نالي سان سڏجڻ لڳو ۽ پوءِ آخر ۾ Raffles Institution ڪوٺجڻ لڳي. اهو هڪ انگريزي پرائمري اسڪول هو جنهن ۾ ملئي، چيني ۽ هندستاني رهاڪن جا ٻار پڙهيا ٿي. 1830ع ۾ ان کي سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏنو ويو ۽ ان جو خرچ پکو حڪومت هلائڻ لڳي. ان ۾ فقط ڇوڪرا پڙهيا ٿي. 1844ع ۾ ان ئي جھڙو هڪ ٻيو اسڪول Raffles Girls School. ڇوڪرين لاءِ پڻ کوليو ويو. (پورن هڪ سئو سالن بعد 1944ع ۾ هالا ۾ ڇوڪرن جو اسڪول کليو.)
انهن اسڪولن کان سواءِ سنگاپور ۾ انگريزي تعليم جا ڪجھه ٻيا اسڪول به کليا. 1842ع ۾ چيني ڇوڪرين لاءِ سينٽ مارگريٽ اسڪول کليو ۽ 1862ع ۾ ڇوڪرن لاءِ سينٽ ائنڊريو نالي اسڪول کليو. اوڻيهين صديءَ جي باقي اڌ ۾ سنگاپور ۾ ڪيترائي حيدرآباد جي سينٽ مئري ۽ سينٽ بوناوينچر جهڙا اسڪول کلي پيا. جن مان ڪجھه هي هئا:
• سينٽ جوزف انسٽيٽويشن.
• ڪانوينٽ آف هولي انفئنٽ جيسز اسڪول.
• سينٽ ائنٿوني بئائز اسڪول.
• سينٽ ائنٿوني گرلز اسڪول.
• ائنگلو چائنيز اسڪول.
• ميٿاڊسٽ گرلس اسڪول.
• فيئر فيلڊ گرلس اسڪول.
• سنگاپور چائنيز گرلس اسڪول.
1856ع ۾ ٻه ملئي اسڪول، هڪ تيلوڪ بلانگاهه ۾ ۽ ٻيو ڪئمپونگ گلام ۾کوليو ويو. تيلوڪ بلانگاهه وارو اسڪول بعد ۾ هاءِ اسڪول ٿيو ۽ پوءِ جلد ئي ان کي “ملئي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج” ٺاهيو ويو.

سنگاپور جون ٽڪليون

سنگاپورجي ٽپال (پوسٽ) جي ٽڪلين تي ڪجھه لکڻ ضروري سمجھان ٿو.
سنگاپور جي پهرين حيثيت هڪ الڳ ٻيٽ مثل هئي جنهن تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي نمائندي، گھڻو ڪري ريزيڊنٽ نظر رکي ٿي. گھڻا تڻا حڪم احڪام ڪلڪتي يا مدراس (انڊيا) وغيره کان آيا ٿي، جتي ايسٽ انڊيا ڪمپني وڏي عرصي کان ڄمايو ويٺي هئي. ويندي سنگاپور ٻيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ به ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نمائندي رئفلس، ڪلڪتي جي گورنر کان اجازت ورتي هئي.
ڪجھه عرصي بعد سنگاپور ۽ ڀر ۾ ملايا جي ٻيٽ پينانگ ۽ بندرگاهه ملاڪا کي ملائي هڪ ئي نالو Straits Settlements رکيو ويو، جنهن جو انتظام هلائڻ لاءِ هڪ ئي گورنر مقرر ڪيو ويو. هو پهرين پينانگ ۾ رهيو ٿي پر پوءِ سنگاپور ۾ اچي رهيو.
سنگاپور ٻيٽ تي انگريزن جو 1819ع ۾ قبضو ٿيو ۽ پوري سال بعد 1820ع ۾ انگريزن ٽپال کاتو شروع ڪيو. پهرين پهرين ان ٽپال کاتي هن ريت ڪم ڪيو ٿي. توهان خط يا پارسل موڪلي سگھيائو ٿي پر ان جو ٽپال خرچ توهان کي نه پر ملڻ واري کي ڀرڻو پيو ٿي. 1840ع ۾ برطانيا جي پوسٽ آفيس پهريون دفعو چنبڙائڻ واريون ٽڪليون ڪڍيون. ان بعد خط پوسٽ ڪرڻ واري کي ٽڪليون خريد ڪري خط يا پارسل تي چنبڙائڻيون پيون ٿي. اهڙي طرح ٽپال کاتي کي خط پهچائڻ جو اجورو اڳواٽ ملي ويو ٿي نه ته جنهن کي خط مليو ٿي ان کان پئسا اوڳاڙڻ مسئلو رهيو ٿي. اهو ڪڏهن آهي ڪڏهن ناهي. ڪڏهن هن وٽ ٽپال جا پئسا ادا ڪرڻ لاءِ آهن ڪڏهن نه. ڪڏهن ته هن کي خط وٺڻ لاءِ ڪا دلچسپي نٿي رهي ۽ پئسا ڏيڻ لاءِ ٽال مٽول ٿي ڪيائين -ٻين لفظن ۾ ٽپاليءَ جو وقت ضايع ٿيو ٿي ۽ ٽپال کاتي کي نقصان رسيو ٿي.
اڳواٽ ٽڪليون وٺڻ واري آئيڊيا ڪامياب رهي ۽ 1854ع ۾ انڊيا ۽ سنگاپور (Strait Settlements) لاءِ ٽڪليون ڇپجڻ لڳيون. شروع جي ڏينهن ۾ ٽڪلين جي ڇپائي انڊيا جي ڪنٽرول ۾ هئي. سنگاپور پاسي ڊالر ۽ سينٽ هليا ٿي پر انڊيا مان سنگاپور لاءِ ڇپجي آيل ٽڪلين تي ڊالر يا سينٽن بدران رپيا ۽ آنا ڇپيل هوندا هئا. سنگاپور جي رهاڪن کي اها ڳالهه پسند نه آئي. بهرحال 1867ع بعد سنگاپور، ملاڪا ۽ پينانگ الڳ ڪالونيون سمجھيون وڃڻ لڳيون ۽ اڳتي هلي هن پاسي لاءِ ڌار ٽڪليون ڇپجڻ لڳيون.
ويهين صديءَ جي شروع ۾ هڪ سئو کان 500 ڊالرن تائين جون ٽڪليون ڇپجڻ لڳيون، جيڪي ٽپال کان سواءِ زمين، گھر يا ملڪيتون وڪڻڻ لاءِ ٽئڪس طور ڪم آيون ٿي. 1903ع ۾ هڪ سئو ڊالرن واريون ٽڪليون ڇپيون ۽ پورن ستن سالن بعد 1910ع ۾ سنگاپور جون مشهور 500 ڊالرن واريون ٽڪليون ڇپيون، جيڪي اڄ جي پوسٽل دنيا ۾ مشهور آهن. ٽڪليون گڏ ڪرڻ وارن وٽ ان ٽڪليءَ جو وڏو مان آهي ۽ مهانگين ٽڪلين مان هڪ سمجھي وڃي ٿي. 1910ع ۾ ڇپيل انهن 500 ڊالرن واري هر هڪ ٽڪليءَ جي قيمت اڄ جي مارڪيٽ ۾ 80000 ڊالر آهي. ويندي اهي ٽڪليون جيڪي اشتهارن لاءِ نموني طور ڇپيون هيون ۽ جن مٿان Specimen لفظ ڇپيل آهي اهي به 35000 ڊالرن ۾ ملن ٿيون، يعني هر هڪ جي اوپن مارڪيٽ ۾ Value ارڙهن لک رپيا آهن.
1939ع ۾ جارج ڇهون انگلنڊ جو بادشاهه ٿيو ۽ ٽڪلين تي ان جي تصوير ڇپجڻ لڳي نه ته ان کان اڳ انگلنڊ جي ٺوڙهي بادشاهه جارج پنجين جي تصوير هوندي هئي. 1952ع ۾ راڻي ايلزبيٿ ٻي تخت تي ويٺي ۽ ان جي تصوير اچڻ لڳي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ (1942ع کان) سنگاپور ۽ ملايا تي جپانين جو قبضو ٿيو. جپانين جي ڏينهن ۾ به ٽپال کاتو ڪم ڪندو رهيو. هنن ٽڪلين جو مسئلو هيئن هل ڪيو جو انگريزن جي ڇپايل ٽڪلين مٿان DAINIPPON جو ٺپو هڻي ڪم ڪڍندا رهيا. ان جي هيٺان 2602 جو انگ جپاني سن آهي جيڪو جپاني شهنشاهي ڪئلينڊر مطابق آهي ۽ “دائي نپان” جي معنيٰ آهي “عظيم جپان”.
1945ع ۾ جپانين جي وڃڻ بعد ٽپال کاتو جارج ڇهين جي تصوير وارين ٽڪلين تيBMA_ ملايا جو ٺپو هڻي ڪم ٽپائيندو رهيو. ٻي وڏي لڙائي ختم ٿيڻ تي انگريز ملايا موٽي آيا ۽ جيسين ڪو حڪومت جو بهتر طريقو ڳولين تيسين سنگاپور ۽ ملايا “برٽش مليٽري ائڊمنسٽريشن” تحت هئي جنهن جا اڳيان اکر BMA ٽڪلين تي نظر اچن ٿا.
جپانين جي حڪومت دوران ڪجھه ٽڪليون 4، 8، ۽ 15 سينٽن واريون جپان وارن به ڇپرايون. جپاني ملايا کي Malai (ملائي) ۽ سنگاپور کي نئين نالي Syonan سان سڏڻ لڳا. اڄ به اسان جي ملڪ جا ڪيترا پوڙها جيڪي جنگ دوران ملايا پاسي هئا، “ملئي” ماڻهن کي “ملائي” سڏين ٿا جيڪو نالو جپانين مشهور ڪيو هو.
جيستائين سنگاپور ۽ ملايا گڏ هئا ٽڪلين تي ٻنهي جو نالو ايندو هو. هاڻ سنگاپور الڳ آهي ته ان جي ٽڪلين تي فقط سنگاپور لکيل نظر اچي ٿو.