ناول

منھنجي دنيا، ھيڪل وياڪل

ھي ناول ”منھنجي دنيا، ھيڪل وياڪل“ سراج جي ٽريالاجي Trilogy ”پياسي ڌرتي، رمندا بادل“ جي سلسلي جو پھريون ناول آھي. ان جو ٻيو حصو ”تنھنجي دنيا، سڀ رنگ سانول“ ۽ ٽيون حصو ”منھنجي دنيا، مرگه ترشنا“ آھي. ھي سڀ نالا نياز ھمايونيءَ جي مشھور گيت ”تنھنجي دنيا، سڀ رنگ سانول“ مان ورتل آھن. سراج اھو پھريون سنڌي ليکڪ هو، جنھن ٽن ناولن تي ٻڌل سنڌي ادب جي پھرين ٽريالاجي لکي. سراج سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري، سنڌي نوجوانن ۾ سنڌ جي تاريخ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو. جن ماڻھن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ نہ پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ ئي سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. 

  • 0/5.0
  • 11
  • 3
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book منھنجي دنيا، ھيڪل وياڪل
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق، اديب ۽ ناول نگار سراج الحق ميمڻ جو لکيل ناول ”منھنجي دنيا، ھيڪل وياڪل“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ھي ناول ”منھنجي دنيا، ھيڪل وياڪل“ سراج جي ٽريالاجي Trilogy ”پياسي ڌرتي، رمندا بادل“ جي سلسلي جو پھريون ناول آھي. ان جو ٻيو حصو ”تنھنجي دنيا، سڀ رنگ سانول“ ۽ ٽيون حصو ”منھنجي دنيا، مرگه ترشنا“ آھي. ھي سڀ نالا نياز ھمايونيءَ جي مشھور گيت ”تنھنجي دنيا، سڀ رنگ سانول“ مان ورتل آھن. سراج اھو پھريون سنڌي ليکڪ هو، جنھن ٽن ناولن تي ٻڌل سنڌي ادب جي پھرين ٽريالاجي لکي. سراج سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري، سنڌي نوجوانن ۾ سنڌ جي تاريخ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو. جن ماڻھن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ نہ پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ ئي سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو نومبر 1988ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو آگسٽ 1989ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف سراج الحق ميمڻ
  • ڇپيو ويو 1989
  • ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشن
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 3 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون