ٻن ناوليٽن ”روشنيءَ جي تلاش“ ۽ ”اڻپورو انسان“ تي ٻڌل ڪتاب ”ٻہ ننڍا ناول“ اوهان اڳيان حاضر آهي. آغا سليم جو پھريون ناوليٽ 1960ع ۾ ”روشنيءَ جي تلاش“ جي نالي سان ڇپيو، تنھن کانپوءِ ”اڻ پورو انسان“ 1977ع ۾ ڇپيو. بقول نصير مرزا ”انھن ناولن جا ڪردار مھان چهرا آهن، جيڪي اتھاس جي اوٽ ۾ ڪٿي گم هئا. انهن کي آغا صاحب ماضي جي اونداهين گفائن مان ڪڍي، اسان جي حال جي سرواڻي ڪرائڻ، اسان جي ستل ذهنن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ مثال طور ڪري پيش ڪرڻ لاءِ انھن کي ڏينھن جي روشني ۾ کڻي آيو آهي“. بقول آغا سليم ”مان پنھنجي ناولن ۾ سنڌ جي اتھاس کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
ناول
ٻہ ننڍا ناول
- 0/5.0
- 10
- 0
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب، افسانا نگار ۽ ناول نگار آغا سليم جي ٻن ناوليٽن ”روشنيءَ جي تلاش“ ۽ ”اڻپورو انسان“ تي ٻڌل ڪتاب ”ٻہ ننڍا ناول“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
آغا سليم جو پھريون ناوليٽ 1960ع ۾ ”روشنيءَ جي تلاش“ جي نالي سان ڇپيو، تنھن کانپوءِ ”اڻ پورو انسان“ 1977ع ۾ ڇپيو.
بقول نصير مرزا ”انھن ناولن جا ڪردار مھان چهرا آهن، جيڪي اتھاس جي اوٽ ۾ ڪٿي گم هئا. انهن کي آغا صاحب ماضي جي اونداهين گفائن مان ڪڍي، اسان جي حال جي سرواڻي ڪرائڻ، اسان جي ستل ذهنن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ مثال طور ڪري پيش ڪرڻ لاءِ انھن کي ڏينھن جي روشني ۾ کڻي آيو آهي“. بقول آغا سليم ”مان پنھنجي ناولن ۾ سنڌ جي اتھاس کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
انهن ناولن جو جائزو وٺندي شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ”آغا سليم جي ناولن ۾ فن جي ارتقا، دراصل سندس ذهن جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿي. هن انساني زندگي، تاريخ ۽ تھذيب جي شعور کي تخليقي فن ۾ اظھار ڪيو آهي. هن زندگي جي مقصديت، ان مان پيدا ٿيندڙ بيزاري، فرد جي تنھائي جي محروميءَ جي شديد احساس کي افسانوي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1985ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف آغا سليم
- ڇپيو ويو 1998
- ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 0 ڀيرا