احساس ميرل سَيبتو سُڄاڻ شاعر آهي، جنھن پنھنجي شاعراڻي پنڌ ۾ سٺي مڃتا حاصل ڪئي آهي، اِها مڃتا کيس وقتائتي سُندر شاعريءَ جي حوالي سان ملي آھي. احساس سچ تہ سھڻن احساسن جو شاعر آهي. پياري احساس ميرل وٽ شعري حوالي سان کوڙ سارا موضوع آهن. قوميت ۽ محبت سان گڏ هن زندگيءَ جھڙي منجهائيندڙ موضوع يا هڪ ڏُکي ڳُجهارت تي پڻ گهڻو ڪجهه سوچيو ۽ لوچيو آهي. احساس ميرل جي زيرِ نظر شعري مجموعي اندر اسان کي غزل جي صنف اندر مختلف موضوعن، خيالن ۽ احساسن جي اُپٽار نظر اچي ٿي.
ارپنا…
هي ڪتاب آئون
پنھنجي استاد محترم سائين
گل محمد ملاح
کي ارپيان ٿو،
جنھن ميٽ لڳل ڪاٺ جي پَٽيءَ تي
ا.ب.ت لکڻ سيکاري،
ادب ۽ اخلاق جو درس ڏنو..!!
۽
ھي ڪتاب آئون پنھنجي
شھر اُڏيري ٽيشڻ
کي ارپيان ٿو، جنھن مونکي سڃاڻپ ڏني..!!
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــ احساس ميرل
حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
ڪتاب جو نالو: ’’دَرد گُھنگھرو ٻَڌا‘‘
موضوع: شاعري
شاعر: احساس ميرل سھتو
ڇاپو: پھريون
سال: 2020ع
ڪاپيون: 1000
ڪمپوزنگ/ لي آئوٽ: پرڪاش ڪرمواڻي
ڇپيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر –0333173584
قيمت: 300 روپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
DARD GHUNGHRO BADHA
[Poetry]
By: Ahsas `Meeral`
Edition: First
Quantity: 1000
Year: 2020
Published By: Samroti Publication,Tharparkar
Post Office Mithi,Tharparkar
Price Rs. 300-00
ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
ٿر ڪتاب گهر، مٺي- ڪنول-سمبارا ڪتاب گھر، حيدرآباد- ڪويتا ڪتاب گھر، حيدرآباد-ڀٽائي ڪتاب گهر،
گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ-
ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-مهراڻ ڪتاب، کپرو-
العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ-المدينه ڪتاب گهر، ڇاڇرو-ڪنگري بوڪ شاپ،
اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر-وسيم ڪتاب گهر شڪارپور-
سارنگ ڪتاب گهر ڪنڊيارو
احساس جو هانءُ ڇِڳو، تقدير ڏنو روئي
مظلوم جي پيرن ۾، زنجير ڏنو روئي
اڄ سنڌ جي سورن تي مضمون لکيو آ مون
پنو به پگهرجي ويو، تحرير ڏنو روئي
(احساس ميرل)
اداري پاران
پرڪاش ڪرمواڻي
0333-3173584
سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر
مُھاڳ: سوچ جو سفر...!
هتي اهو ڪجهه لکڻ کان پھرين، منھنجي سامھون محترم احساس ميرل جي شاعري هئي، جيڪا پاڻ ڪمپوز جي حالت ۾ مھاڳ لکڻ لاءِ ڪافي عرصو اڳ، مون ناچيز حوالي ڪري ويو هو. ڪيترن ئي مھينن جي گذري وڃڻ باوجود پاڻ ڪڏهن به ناراضگيءَ جو اظھار نه ڪيائون. آئون سمجھان ٿو ته اِها ئي اصل وڏائي آهي ۽ اهو ئي هڪ ڏات-ڌڻيءَ کي جُڳائي. مون سندس زيرِ نظر شعري مجموعي جي سمورين صنفن، مثلاََ غزل، چؤسٽي، نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم کي نھايت ڌيان سان پڙهي، پوءِ اِها راءِ جوڙي آهي ته پاڻ بلاشڪ هڪ ڏات-ڌڻي هئڻ سان گڏ، هڪ باڪردار انسان پڻ آهي ۽ منھنجي نظر ۾ اڄ جي دؤر ۾ هڪ ”سُٺو انسان“ هجڻ، سڀ کان اُتم ۽ اعليٰ سُڃاڻپ آهي ۽ اِها سُڃاڻپ سڀ کي نٿي نصيب ٿئي، تنھن ڪري پاڻ اُن ڏِس ۾ به ڀاڳوند آهي. ڇوته جيڪي گُڻ اسانکي اسانجي فطرت بخشي ٿي، اُنهن سان پاڻ کي سينگاري سنواري جڳ اندر جيئڻ ئي هڪ ڪامياب زندگي هجي ٿي.
پياري احساس ميرل ساڻ منھنجي شناسائي، سندس شاعريءَ ذريعي ئي ٿي، ۽ خوب ٿي..!! ڇوته ماڻهوءَ جي سوچ ۽ عمل ئي سندس سُڃاڻپ هوندا آهن ۽ پاڻ پنھنجي شاعراڻي سوچ و عمل وسيلي جھڙيءَ رِيت پڙهندڙن آڏو اچي ٿو، اُن سان سندس ڪردار واضع نظر اچي ٿو. پاڻ پنھنجي وجود ۾ بطور انسان، مڙني انساني قدرن سان سينگاريل لڳي ٿو. منھنجي اُن راءِ تي پڙهندڙ حضرات پنھنجي ڪا راءِ جوڙڻ کان اڳ، سندس شاعريءَ جو ضرور اڀياس ڪن، ڇوته اُها ئي اُن مٿان هڪ سچو گواهه آهي. سندس شاعريءَ ۾ قومي جذبي سان گڏ، انساني عنصر پڻ موجود آهي، تنھن ڪري هُو جتي قوميت يا قومي هم آهنگي پيدا ڪرڻ گُهري ٿو، اُتي هُو مڙني ماڻھن جي سُٺي انسان بڻجڻ لاءِ، انسانيت جو پڻ پرچار ڪري ٿو ۽ منھنجي نظر ۾ ”قوميت“ ۽ ”انسانيت“ ئي ٻه اهڙا عنصر آهن، جن سان ئي هڪ سُٺي ۽ باڪردار شخصيت جُڙي ٿي.
پياري احساس ميرل جي زيرِ نظر شعري مجموعي اندر موجود ”قومي احساسن“ کان اڳ، آئون چاهيان ٿو ته سندس ”انساني احساسن“ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان. سندس هڪ نظم بعنوان ”اهو افسوس ماري ٿو“ پڙهندي، سچ پڇو ته اهڙو انساني احساس مونکي اڄ جي دؤر جي سموري شاعريءَ اندر ڪٿ به نظر نه آيو، ۽ زبان مان نه رڳو ”واھ..!!“ نڪتي، پر جا روح کي راحت مِلِي، اُن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھان. هيٺ ڪجھه سِٽون اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو، ته جيئن منھنجيءَ مٿئين راءِ تي ڪنھن کي ڪو شڪ گُمان نه رهي.
“اهو افسوس ماري ٿو..!!
اسين انسان آهيون ڇا..!؟
اسان جو ڪم هيو ڇا ۽
اسين ڇا ڇا ڪيون ويٺا..!؟
هَوَس پنھنجي مِٽائڻ لئه
اُجاڙي گھر ڇڏياسين ڪَئِين
اسين انسان آهيون ڇا..!؟
چڱو انسان کي ڇڏِيو
ڀلا حيوان آهيون ڇا..!؟
ڪڏهن حيوان کي حيوان
ايئن پل ۾ ڪُٺو آهي..!؟
جڏهن انصاف جي ٽِڪ ۾
ڏٺو مون پنھنجي چھري کي
شرم ڏاڍو اچي ٿو اڄ
نه ٿي انسان سگهيس مان!
نه ٿي حيوان سگهيس مان!
دلين جو ڪوس ماري ٿو..!!
اهو افسوس ماري ٿو..!!”
مٿئين مثالي نظم ۾ انسان ۽ حيوان جي عملن جي ڀيٽ، ڪيڏي نه شاندار انداز ۾ حيواني چھري کي چِٽو ڪري ٿي! اها سموري شاعرانه حُسناڪي آهي، جيڪا ان حوالي سان هڪ عام انسان ۽ تخليقي ذهن رکندڙ انساني سوچن ۽ احساسن وچ ۾ فرق ظاهر ٿي ڪري، ۽ ائين ئي هڪ صاحبِ ڏات، تخليقڪار جي حيثيت، اُتم پد تي عيان ٿئي ٿي. واقعي به انسان جي شروعاتي دؤر کان وٺي اڄ جي دؤر تائين، هيترن سارن ڌرمي پيغامن ۽ منشورن هوندي به انسان، انسان ته ٺهيو، پر حيوان به نه بڻجي سگهيو آهي. ۽ ائين ئي ”اهو افسوس ماري ٿو!“
بنا ڪنھن وڌاءُ جي، منھنجيءَ نظر ۾ سندس سمورا نظم هڪ ٻئي کان وڌ لڳن ٿا. فني توڙي فڪري حوالي سان اسان جو پيارو احساس ميرل، سچ ته موجوده ٽهيءَ جي شاعرن ۾ هڪ مثالي شاعر چئي سگهجي ٿو.
زيرِ نظر مجموعي ۾ سندس نظر ۾ ”تاريخ“ پڻ ”انسانيت“ جي حوالي سان انسان لاءِ وڏو هڪ سنِيهو آهي، جنھن جون هيٺيون ٻه سِٽون ئي پوري نظم جو تَتُ آهن.
”انصاف کي ويو آ ڪير ٻَڌي..!؟
فرعون نچي پيو ڇير ٻَڌي..!!“
هِتي ”فرعون“، موسيٰ جي دؤر وارو ته محض هڪ حوالو يا مثال آهي، پر اسانجي موجوده سماج اندر مٿئين ڪلاس جي هرهڪ فرد کان وٺي، سمورن سياستدانن تائين (جن کي آئون ”عبدالفتور“ سڏيندو آهيان هر هڪ ”فرعون“ جو نمونو نظر اچي ٿو، جن هر دؤر ۾ انسانيت کي لڄايو آهي، ۽ اسانجي احساس ميرل پنھنجي هن نظم ۾ اُنهن کي سُٺو بي نقاب ڪيو آهي. ساڳئي عنوان ”تاريخ“ تحت سندس هڪ نثري نظم ۾ ڏسو ته هن ڪهڙي نه تلخ حقيقت کي شاعرانه انداز ۾ لفظن ذريعي نه رڳواظهاريو آهي، پر اسان آڏو هڪ سوال به رکيو آهي؛
”تاريخ ٻن قسمن جي لکبي آهي،
هڪڙن کي
ماڻهو روئي ياد ڪندا آهن..!!
۽
هڪڙن تي ماڻهو
لعنتون وجهي ياد ڪندا آهن..!!
تون پنھنجي ضمير کان پُڇ
ته توکي زمانو
ڪيئن ياد ڪندو..!؟“
ساڳيءَ رِيت سندس هڪ طوِيل نظم، بعنوان ”قرض لاهي ڇڏيم..!!“ پڻ فني توڙي فڪري حوالي سان شاهڪار نظم آهي. عُروضيءَ طور ٻه ڀيرا ”فاعلن“ جي وزن سان پاڻ بيحد خوبصورت نڀاءُ ڪيو اٿائين. ننڍڙي بحر ذريعي وڏي فڪر جو اظهار بلا شڪ هڪ صاحبِ ڏات ئي ڪري سگهي ٿو.مذڪوره نظم ذريعي پاڻ اسانجي سماجي حالتن، ڪامورا شاهي ۽ سياسي چالاڪين کي حقيقي طور وائکو ڪيو اٿائين. هاڻ اهو اسان تي منحصر آهي، ته اسان ان پسمنظر کي سامهون رکي، ڪھڙيءَ طرح قومي سُڌارا آڻڻ لاءِ جَتن ڪري، پنھنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهون ٿا..!؟
سنڌي ادب ۾ صنف ”نظم“ آڳاٽي صنف آهي. جديد دؤر ۾ آزاد نظم ۽ نثري نظم پڻ شامل آهن. اُن کان علاوه انهيءَ سلسلي هيٺ ”نئِين ڪَوِتا“ پڻ متعارف ٿي چُڪي آهي. پڙهندڙن لاءِ اُن ڏِس ۾ هتي مختصر طور انهن صنفن جي تعريف ڪندو هلان ته، نظم هڪ مخصوص بحر تي ئي پابنديءَ سان لکيو ويندو آهي، جڏهن ته آزاد نظم ۾ فقط بحر جي پابندي هوندي آهي، باقي اُن بحر جي رُڪنن کي گهٽ وڌ ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، پر نثري نظم لاءِ بجاءِ ڪنھن خاص بحر جي پابنديءَ جي، صرف فڪري پُختگيءَ ئي شرط هجي ٿو. پر ”نئِين ڪَوِتا“ نالي صنفِ نظم ۾، شاعر پنھنجي هڪ ئي تخليق اندر مختلف بحر به ڪم آڻي سگهي ٿو، ته اُن جي رُڪنن کي گهٽ وڌ به ڪري سگهي ٿو، ته گڏوگڏ ڪنھن جاءِ تي نثري انداز پڻ اختيار ڪري سگهي ٿو. اُن صنف لاءِ فقط فڪري اُڏام ئي شرط آهي. يعني هڪ منفرد ۽ اُتم خيال کي عام تائين پھچائڻ کي ئي اهميت حاصل هجي ٿي. اهو ان لاءِ ته هڪ اهم خيال، شعري پابندين سبب، عام ٿيڻ کان رهجي نه وڃي. پر هتي هڪ حقيقت کي واضع ڪرڻ ضروري ٿو ڄاڻان، ته اها صنف، يعني ”نئِين ڪَوِتا“ اڪثراهڙن شاعرن وٽ نظر اچي ٿي، جيڪي شاعريءَ جي فني پاسي کان بنهه اڻڄاڻ هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر شاعراڻي فن جي ماهر دوستن وانگيان، پياري دوست احساس ميرل پڻ ان صنف ڏانھن ڌيان ڏيڻ يا لکڻ ضروري ناهي ڄاتو.
پابند نظمن سان گڏ، احساس ميرل جا آزاد توڙي نثري نظم پڻ، پنھنجو مَٽ پاڻ آهن. منجهن موجود فني توڙي فڪري سُونھن اُتم پَد تي پهتل آهي. مثلاٌ ڪالا باغ ڊيم تي لکيل سندس آزاد نظم، ”مفاعيلن“ جي سُندر رِدم تحت، اسان جي سٻاجهي ساڻيھه، سنڌ امڙ سان هٿ چُراند ڪندڙن لاءِ هڪ وڏي تنبيھه مثل آهي. ان نظم جي پُڄاڻيءَ کي ڏِسو؛
”کُٽِي توکي
کنيو آهي..!!
ٻُڌي ڇڏ،
ڳالهه هِي منهنجي،
سِسِيءَ ۾ ساھه آ جيسين،
نه خاص و عام
ڪو ٺهندو..!!
نه ڪالا باغ
ڪو ٺهندو..!!“
پياري احساس ميرل وٽ شعري حوالي سان کوڙ سارا موضوع آهن. قوميت ۽ محبت سان گڏ هن زندگيءَ جهڙي منجهائيندڙ موضوع يا هڪ ڏُکي ڳُجهارت تي پڻ گهڻو ڪجهه سوچيو ۽ لوچيو آهي. ”زندگي“ منھنجي نظر ۾ هڪ بيحد ڳُجهه آهي، ۽ هر حساس مَن رکندڙ شاعر توڙي عام ماڻهو، اُن بابت فطري طور سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو. پاڻ ان موضوع تي به گهڻو سوچيو، لکيو ۽ نڀايو اٿائين. مثال طور سندس هن مختصر بحر تي، ٻارنھن سِٽن اندر سمايل سُندر سوچ تي ويچاريو، ته منجهس ڪيڏو شاندار شاعراڻو تخيّل نظر اچي ٿو!
“هَلِي گاڏي حياتيءَ جي،
مسافر کوڙ چڙهيَل هئا،
جتي جنھن جي هئي منزل،
اُتي بس پاڻ بيھي وئي،
وري اڳتي هَلِي ٿورو،
اِجهو سَڏ ٿيو مسافر کي،
لَهِي ويو، ڄڻ هُيو ئي نه،
سفر هي زندگيءَ جو آ،
اُنهيءَ ۾ پاڻ ڀي آهيون،
حياتيءَ جي اها گاڏي،
ڪڏهن مون لاءِ بيھڻي آ..!!
ڪڏهن تولاءِ بيھڻي آ..!!”
شاعري صنف جو چؤسٽو يا قطع پڻ غزل جي فارميٽ يعني گھاڙيٽي جي صورت ۾نظم جو ئي هڪ روپ آهي. ڇوته اُن ۾ به نظم وانگر فڪري تسلسل موجود هجي ٿو. ٻين لفظن ۾ اسان چؤسٽي کي مختصر نظم پڻ چئي سگهون ٿا.
پياري احساس ميرل جي زيرِ نظر شعري مجموعي ۾ صنف ”چؤسٽي“ سان پڻ پيارو نڀاءُ نظر اچي ٿو.
”احساس جو هانءُ ڇِڳو، تقدير ڏنو روئِي..!!
مظلوم جي پيرن ۾، زنجير ڏنو روئِي..!!
اڄ سنڌ جي سُورن تي، مضمون لکيو آ مون،
پنو به پگهرجي ويو، تحرير ڏنو روئِي..!!“
فني طور منفرد بحر يا وزن، ”مفعول مفاعيلن“ جي وزن تي فڪري حُسناڪي بيان جي محتاج ناهي. مظلوم جي پيرن ۾ زنجير ڏنو روئي..!!
آخر ۾ اچو ته هڪ نظر احساس ميرل جي غزلن تي وجهون.
احساس جي غزلن ۾ پڻ جابجا اُتم احساس سمايل نظر اچن ٿا، ۽ سندس نظمن وانگر غزل پڻ فني توڙي فڪري حوالي سان قابلِ تحسين آهن، ۽ بلاشڪ موجوده نئين ٽَهِيءَ جي سرجڻهارن ۾ پنھنجو منفرد مقام رکن ٿا.
غزل بنيادي طرح مجازي صنف آهي، جنھن ۾ محبوب جي ادائن کي موضوعِ سُخن بڻايو ويندو آهي. ٿَلهه يا مطلع کان وٺي آخري نالي واري مصرع، يعني مقطع تائين منجهس ڪُل ٻارنھن شعر يا مصرعه شمار ڪيا ويندا آهن. اُن کان وڌيڪ مصرعن يا شعرن تي مشتمل غزل کي قصيدو ڪوٺيو ويندو هو، مگر وقت سان گڏ هر شيءِ اندر تبديليءَ جو عمل فطري هجي ٿو، تنھن ڪري موجوده وقت ۾ ٻارنھن کان مٿي يا گهٽ شعرن تي مشتمل غزل پڻ لکيا وڃن پيا، ۽ احساس ميرل پڻ انُ فطري فرق کي اختيار ڪندي، غزل لکيا آهن. سندس غزل پڻ نظمن وانگر فن ۽ فڪر جو بھترين امتزاج يا ميلاپ آهن.
جيئن مون مٿي ڄاڻايو آهي ته وقت سان گڏ هرشيءِ فطري طور نوان رُخ اختيار ڪري ٿي، تيئن غزل ۾ پڻ فڪري طور محبوب جي ماڻن، ادائن ۽ ثنا مٿي خيال مرڪوز ڪرڻ سان گڏ، هن وقت ٻيا خيال مثلاٌ قوميت، سماج، سياست ۽ ٻيا مڙيئي موضوع به هن صنف جي سُونھن بڻبا رهيا آهن. ايئن اسانجي پياري احساس ميرل جي زيرِنظر شعري مجموعي اندر پڻ اسان کي غزل جي صنف اندر مختلف موضوعن، خيالن ۽ احساسن جي اُپٽار نظر اچي ٿي. سندس نظمن وانگر صنف غزل ۾ پڻ يار جي پيار سان گڏ انسانيت، سماج ۽ قومي جذبا نهايت سهڻي انداز ۾ نظر اچن ٿا. مثلاَ؛
”ميرل“ سنڌ سُڃاڻپ منهنجي، سنڌوءَ جَل جي سُرڪ ڀَرِي ٿَم،
موئن جي تهذيب مان آهيان، ترخاني، تاتاري ناهيان..!!
هڪڙي جيجل جنميو مونکي، ۽ ٻي جيجل پاليو آهي،
جيجل تي سِر مُرڪِي ڏيندس، جيجل جو واپارِي ناهيان..!!“
”جيجل جو واپاري ناهيان..!!“ جھڙا ڪيڏا نه اُتم ۽ امر احساس آهن! پر افسوس! اڄ اسان وٽ پئسو ئي سڀ ڪجهه بڻجي ويو آهي. دين ڌرم، انسانيت يا قوميت کي ثانوي حيثيت ڏيندي، اسانجي ڪامورن، سرمائيدارن ۽ سياستدانن جي سموري سوچ ۽ سندن عمل، محض مال ميڙي، ٻاهريَن ملڪن ۾ جمع ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي! نتيجي ۾ هيٺيون غريب طبقو، جنھن جي هٿن جي پورهئي يا ووٽ وسيلي اُهي اُن درجي تي پهچن ٿا، اُنهن جي حالت ڏينھون ڏينھن بد کان بدتر ٿيندي وڃي. اهڙن سياسي مڪارن يا ”عبدالفتور“ جي چھرن تان پياري احساس ميرل، ڏِسو ته ڪهڙي نه شاندار نموني ۽ سولي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي فني ۽ فڪري قوت جو استعمال ڪندي، نقاب لاٿو آهي. اُن ڏِس ۾ سندس هڪ غزل جي ٽن شعرن کي اندر جي اَک سان پڙهي ڏِسو!
”پنج سالن ۾ چڪر هڪڙو ڏئي،
قوم کي پاڳل بڻائي ويو هليو..!!
مھل سِر ڳالهيون ڪيائين ٿي وڏيون،
مھل آئي، مُنھن مَٽائي ويو هليو..!!
وقت توڏي هاڻ ايندو ڪينَڪِي،
وقت توکي آزمائي، ويو هليو..!!
مٿئين غزل ذريعي سياسي بازيگرن کي خوب وائکو ڪيو ويو آهي. اُهي سياستدان، جيڪي واقعي به رڳو مھل سِر، چونڊن وقت مُنھن ڏيکاري، وڏيون هامون هڻندا آهن، پر پوءِ پورو وقت پنھنجي علائقي تي نظر به نه ڦيريندا آهن، اُنھن کي ايئن ئي وائکو ڪري سگهجي ٿو.
سوچ جو سفر هر شاعر جي سرشت ۾ سمايل هوندو آهي. ۽ اُن سفر جي پنڌپيچرن تي هلندي، هڪ حساس مَن رکندڙ شاعر ڪيترو ٿو ڀوڳي..!؟ اهو فقط شاعر ئي ڄاڻي سگهي ٿو. آخر ۾ احساس ميرل جي اهڙي سوچ تي مشتمل چئن سِٽن کي اوهان آڏو رکندي، ايترو ئي چوندس ته سندس شاعري کي دل سان پڙهي، هانءُ سان هنڍائيندي، روشن روح سان اڳتي وڌڻ گهرجي، اهوئي سندس شاعريءَ جو پيغام آهي؛
”سوچ جو جاري سفر، هر گَلِي ٿڪجي پئي..!!
جا کنئي ٿم پاڻ سان، دردن ڀَرِي ٿڪجي پئي..!!
پاڻ پنھنجو پاڻ کي، ڪنھن سُڃاتو ڪينَڪِي
ڪنھن نه پنھنجو مُنھن ڏٺو، آرسِي ٿڪجي پئي..!!“
آسي زميني
دانش گاھ، ٽنڊو قيصر
8 سيپٽمبر 2019ع
پنھنجي پاران: وقت جا وهڪِرا....
جتي به هجو ، شال سُکيا ستابا هجو..!
خير انديش
احساس ميرل سھتو
-03013516393
اڏيرو لال اسٽيشن
دَرد گهُنگهرو ٻَڌا
مُحَمّد يا بيتَ
مِلائج مُحَمّد مير سان جو آھي اکين ٺار،
"ميرل“ آ پينار ،مالڪ ڪَج مھر تون.
مالڪ ڪَج مھر تون هيڻان اَٿم حال،
توکان سوا دل جي ڪنھن سان ڪيان ڳالھه،
"ميرل“ مٿان ڀال، ڪَجان رَبّ رَحيم تون.
✤✤
نعتِ رسولِ صلي الله عليھ وسلم
جاري زبان تي وِرد آ، صلي عليٰ صلي عليٰ...
عرشن چيو فرشن چيو، وڻ ٽڻ گُلن ٻوٽن چيو،
اِقرار ڪيو آھي ھوا، صلي عليٰ صلي عليٰ...
صُورت مِٺي سيرت مٺي، ويو چنڊ اِشاري سان ٽُٽي،
ماشاءِالله اھڙي ادا، صلي عليٰ صلي عليٰ...
آ مُجبتبيٰ ۽ مُرتضيٰ، ھو سرور ڪونين ڀي،
بس پيو پڙھان ھر ھر صليٰ، صلي عليٰ صلي عليٰ...
ھڪ آس آ، احساس آ، ھُو پاس آ، وشواس آ،
سڀ پار ٿيندا مرحلا، صلي عليٰ صلي عليٰ...
✤✤
اَمان
تنھنجي قدمن ۾ جنت نظر ٿي اچي..!!
مون لاءِ ھر ڪنھن سان جيجل وڙھيو ٿي پوين،
مان روئان ٿو ته جلدي جھُريو ٿي پوين.
تنھنجون مٺيون ملن، مان ھميشه ئي ننڍڙو ھجان..!!
تنھنجي قدمن ۾ جنت نظر ٿي اچي..!!
پير منھنجو ٿِڙي تون چَوين بسم الله،
تون ٺلھو بُت آن تنھنجو آھي مون ۾ ساھ.
چنڊ تارا ڇني تنھنجي پيرن ۾ آئون رکان..!!
تنھنجي قدمن ۾ جنت نظر ٿي اچي..!!
جيسين ”ميرل“ جي سرَ تي تنھنجو سايو آ،
مونکي ڪنھن جي امان ڪونھ پرواھ آ.
تون سلامت ھُجين روئي رب کان دعا ٿو گھُران..!!
تنھنجي قدمن ۾ جنت نظر ٿي اچي..!!
✤✤
سلام
خدا جو خاص ڪرم آ، حُسين جو غم آ.
ڪُھائي پنھنجي ٻَچن کي ڏسو ته آلِ رسول،
بچايو دين جو دم آ، حُسين جو غم آ.
اکين ۾ درد جا ڳوڙھا چپن تي لرزش آ،
کنيو تڏھن مون قلم آ، حُسين جو غم آ.
ذڪر جڏھن بھ ڇڙيو آ شھيدِ ڪربل جو،
اکين مان جاري ٿيو نم آ، حُسين جو غم آ.
نرم ڪا دل به ھجي يا ڀلي ھجي پٿر،
سڀن کي رنج ؤ الم آ، حُسين جو غم آ.
ڀلي مان پاڻ کي ڇُرِيون نٿو ھڻان "ميرل"،
خدا جو مونکي قسم آ، حُسين جو غم آ.
✤✤
غزل
وقت آرس ڀَڳو زندگيءَ جي اَڳيان
دردَ گُھنگُھرو ٻڌا هرخوشيءَ جي اَڳيان.
جانوَر جانورَ کان نه ڀَؤ ٿو ڪري،
سو به حيران آ آدميءَ جي اَڳيان.
دل کي آٿت ڏئي مُرڪيو مون مگر،
سچ سامھون هُيو آرسيءَ جي اَڳيان.
چاھ چانگي جو هو مينڌري سان مگر،
بار ڇڏيو اُٺن بيوسيءَ جي اَڳيان.
سُونھن سان سُونھن کي مون به ڀيٽي ڏٺو،
چنڊ ڪجھه ڪو نه ھو پدمڻيءَ جي اَڳيان.
تلخ لھجن ڦُٽيو دل جي احساس کي،
ماٺ ”ميرل“ رهيو دوستي جي اَڳيان.
✤✤
سوچ جو جاري سفر، هر ڳلي ٿڪجي پئي.
جا کنئي ٿم پاڻ سان دردن ڀري ٿڪجي پئي.
پاڻ پنھنجو پاڻ کي ڪنھن سُڃاتو ڪينڪي،
ڪنھن نه پنھنجو مُنھن ڏٺوآرسي ٿڪجي پئي.
خواب هو جيوَن سڄو وار چاندي ٿي ويا،
وقت جي هِن ڊوڙ ۾، زندگي ٿڪجي پئي.
ياد جي مندر اندر گِھنڊَ گونگا ٿي وَيا،
ڪونه پوڄارڻ وَري، مُورتي ٿڪجي پئي.
زندگي کٽ تي پِيل پُٽ لئه اکڙيون کُليل،
ماءُ جي ممتا سان گڏ بيوسي ٿڪجي پئي.
درد جي هن ديس ۾ دل به خالي گھر جيان،
توکي ساريندي سَڏي در دري ٿڪجي پئي.
✤✤
شرافتن جا بَخيا اُڊيڙي.
منافقيءَ جا ٿو پَر پکيڙي.
حصن ۾ جيڪو ويو ورھائي،
پُڇوس! مونکي ڪڏھن ٿو ميڙي.
مٽيءَ ۾ آخر مِٽي وَيو ٿي،
مٽيءَ تي ھلندو ھو ٻانھون ٽيڙي.
وڇوڙو ڄڻ ھي ڍڳن جو ھَرُ آ،
زمين دل جي ڇڏي ٿو کيڙي.
ڪري ڪو ”ميرل“ ويو آ ٻيجل،
دلين جي سُرندي کي نيٺ ڇيڙي.
✤✤
اوھان جي گھُور اھڙي آ.
حياتيون گھورجي وينديون.
ٽُڪي ٿو درد دلين کي،
لڳي ٿو پورجي وينديون.
اُميدون شھر پٿر ۾،
ڀِتر جيئَن ڀورجي وينديون.
اکيون ڄڻ عشق جو مقتل،
جوانيون جھورجي وينديون.
اجازت ڏي ادائن کي،
گلن ۾ تورجي وينديون.
✤✤
ھڪ نظر سان اک ۾ پائي ويو ھليو.
اجنبي ڪاڏي الائي ويو ھليو.
وقت تو ڏي ھاڻ ايندو ڪينَڪي،
وقت توکي آزمائي ويو ھليو.
مھل جون ڳالھيون ڪيائين ٿي وڏيون،
مھل آئي ھٿ ڇڏائي ويو ھليو.
پنج سالن ۾ چڪر ھڪڙو ڏئي،
قوم کي پاڳل بنائي ويو ھليو.
ياد ھئي ڪمري مثل اڄ اوچتو،
ڪير ھو جو در وڄائي ويو ھليو.
✤✤
فدا چنڊ چھري جي پردن تي ٿيو آ.
اڃان حُسن جو ٿيو مَھُورت نه آھي.
محبت کي دلبر تون محسوس ڪر بس،
محبت جي ھوندي ڪا صُورت نه آھي.
سڄي سنڌ جو رت پي ويو آ ليڪن،
اڃان ھُن جي ٿي ڪا پُورت نه آھي.
سڄڻ سچ سامھون چئون ٿا ھميشه،
اسان جي اندر ۾ ڪُدُورت نه آھي.
پرين تنھنجي دردن سان خوش ٿو گذاريان،
مونکي ھاڻ تنھنجي ضرورت نه آھي.
ڊٺل دل جي مندر ۾ يادن جا لشڪر،
مڃان ڪيئَن ته ان ۾ ڪا مُورت نه آھي.
✤✤
مورَ ھئا اڻلڀ اُھو منظر نه ھو.
ائين لڳو مونکي اڳوڻو ٿر نه ھو.
ڀاڪرن ۾ جيئن ڀريندي اک کُلي،
طلسمي ڪو خواب ھو دلبر نه ھو.
نيڻ ننگر پار ۾ ٽمندا رھيا،
سو ڪجل ڪاني ۽ ڪجلاسر نه ھو.
ھڪ نظر سان چاڪ دلڙي ٿي وئي،
ديد دونالي ھُئي خنجر نه ھو.
بس اشاري سان ٽٽي ويو چنڊ ھو،
مون ڏٺو تنھنجو ڪٿي ھمسر نه ھو.
✤✤
سِڪ سرديءَ جي ساڙ وانگي آ.
تنھنجو ڀاڪر اماڙ وانگي آ.
تنھنجي يادن جا ڌڻ سنڀالي ٿو،
منھنجو جيون ڌراڙ وانگي آ.
منھنجا جذبا ڪکن پنن وانگي،
تنھنجو لھجو لَتاڙ وانگي آ.
کوڙ ڪوشش ڪيم کلڻ جي پر،
درد دل جو سَپاڙ وانگي آ.
رنگ ڪاڇو ته نيڻ ڪشموري،
۽ طبيعت ۾ لاڙ وانگي آ.
خالي تقرير ۾ گرم جوشي،
گُفتو گفتو لٻاڙ وانگي آ.
✤✤
لوڪَ سامھون ھر دفعي ٽاري ڇڏيم.
لڙڪ پنھنجا پنھنجي مُنھن ھاري ڇڏيم.
حسرتن کي ھنڌ تي لورِي ڏئي،
برف وانگي زندگي ڳاري ڇڏيم.
منٽ ھڪڙو ڀي لَھي دل تان نٿي،
اھڙو تنھنجي ياد کي کاري ڇڏيم.
جيئن لٿو نيڻن جي واديءَ ۾ پرين،
تاڪ اکڙين جا ٻئي واري ڇڏيم.
تنھنجي يادن کي ڏيڻ لئه روشني،
پاڻ کي ڏيئي جيان ٻاري ڇڏيم.
✤✤
دل لڳي جو دام ھو، ٻيو ڪجهه نه ھو.
عشق جو الزام ھو، ٻيو ڪجھه نه ھو.
سونھن تنھنجي مصر جي واديءَ جيان،
منھنجو من اھرام ھو، ٻيو ڪجھه نه ھو.
سُک جي خاطر مان سيلاني ٿيس،
درد ھر جاءِ عام ھو، ٻيو ڪجھه نه ھو.
ياد، تنھائي، پنا ھٿ ۾ قلم،
ھجر جو الھام ھو، ٻيو ڪجھه نه ھو.
امن جي حاڪم هئين ٿي ھام پر،
بک ھئي ڪُھرام ھو، ٻيو ڪجھه نه ھو.
✤✤
پنھنجو کيڙيو ويٺو کاوان، ھل مان تنھنجو ھاري ناھيان.
روشن ڪرڻا ظاھر ٿيا ھِن، ھاڻي رات انڌاري ناھيان.
مارُوئڙن جا لڙڪ لڪائي ڇا لئه تنھنجا بوٽ چَٽيان مان،
ڌرتيءَ جا سڀ درد لکان ٿو مان ڪوئي درٻاري ناھيان.
ھڪڙي جيجل جنميو مونکي ۽ ٻي جيجل پاليو آھي،
جيجل تي سِر مُرڪي ڏيندس جيجل جو واپاري ناھيان.
ڇانگون ڇيلا چنگ سڃاڻان ڌرتيءَ جا ٿو دنگ سڃاڻا،
ھوشوءَ وارِي ھمٿ آھي سوچَ لٽيرن واري ناھيان.
"ميرل" سنڌ سُڃاڻپ منھنجي سنڌو جَل جي سُرڪ ڀري ٿم،
موھن جي تھذيب مان آھيان، ترخاني تاتاري ناھيان.
✤✤
پيو تڙپي ٿو سپنو پراڻو اکين ۾.
تنھنجي ياد جو آ ٺڪاڻو اکين ۾.
اچي درد تنھنجا ئي آرام ڪن ٿا،
وڇايل آ منھنجي وڇاڻو اکين ۾.
ڌڪاري ڪڍيو ھو جڏھن ورَ ونيءَ کي،
تَري پيار آيس اَباڻو اکين ۾.
اکين جي اکين سان ملاقات ٿي آ،
ڪيو تو پرين پئي پُڇاڻو اکين ۾.
سڀئي خواب لڙڪن ۾ پوئي اُڻيا ٿم،
رکيو مون سدائين اڏاڻو اکين ۾.
پرين عشق تنھنجي ھي اعزاز بخشيو،
سچي کي ٿا ”ميرل“ سڃاڻو اکين ۾.
✤✤
ليڙَ پوتي ٿانُ ٿيان.
ڪو ڳڀو يا نانُ ٿيان.
مُنھن ماڻھوءَ جو اَٿم،
دُعا ڪَيو انسانُ ٿيان.
اي اَمان هر حرف جو،
ڪرحڪم فرمانُ ٿيان.
روز غم ٻڌجو ملن،
روز ٿو زندانُ ٿيان.
ماءُ ”ميرل“ آ مِٽي،
سنڌ تان قربانُ ٿيان.
✤✤
اکڙين جا اشارا ۽ انداز سُڃاتا مون.
اي عشق ڏنئي جيڪي اعزاز سُڃاتا مون.
ھي پاڻ جو گڏ آھيون ھي ڳالهه عجب ناھي،
ھي روح جو رشتو آ، ھي راز سُڃاتا مون.
جھرڪين ۽ ڳيرن جِي رب توکي پارت آ،
گلشن ۾ لٿا آھن، اڄ باز سُڃاتا مون.
رت ساڻ رنڱي آڱر مقتول لکي ويو آ،
مونکي پنھنجن ئي ماريو آواز سُڃاتا مون.
سڪ تنھنجي سورٺ ٿي دل منھنجي ڏياچ جيان،
تنھنجي ياد بڻي ٻيجل سُر ساز سُڃاتا مون.
✤✤
آشڪاري اَڄ وري ڪو، تاڻ ۾.
روح پکين جو نَہ آهي، داڻ ۾.
دل ڦلوريا ياد جا جيئن جئين پَنا،
ٿيو اضافو اک جي آلاڻ ۾.
ڇو رقيبن کي وهاريون وچ ۾،
اچ ڳالھيون ٿا ڪيو ٻئي پاڻ ۾.
ماڻڪي محبوب جي ائين ٿي لڳي،
پيئي ڄَڻ تلوار آهي مياڻ ۾.
پيار ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ آ مزو،
ڇو وڃايون زندگي ڇڪتاڻ ۾.
جھول جيجَل جي هُجي ننڍپِڻ ھُجي،
ننڊ ”ميرل“ پيو هُجي ڪو ساڻ ۾.
✤✤
ڪِيس هي ڪيڏا پاپ ننگر تي سوچان ٿو.
ٻُڏندي پنھنجو پاڻ پگھرَ تي سوچان ٿو.
جنھن ورَ ۾ ھُن مونکي وَرائي قيد ڪيو،
ايندي ويندي اُنھيءَ ورَ تي سوچان ٿو.
موجن ۾ مھراڻ کي چيري پار ڪيم،
اڄ ڇو ھمت ھاري ڪَپرَ تي سوچان ٿو.
ڪيٽي بندر، ڪاڇو، ڪينجھر، لاڙ، اُتر،
جيجل تنھنجي ٿر ۽ برَ تي سوچان ٿو.
تنھائيءَ ۾ شور ھوا جو در کُڙڪيو،
ڪاش ھجين تون بيٺي درَ تي سوچان ٿو.
✤✤
پڙلاءُ پَل پَل پَل جو آھيان،
درد اُھو ديبل جو آھيان.
نِشتر وانگي نيڻن چيريو،
گھايل تو نرمل جو آھيان.
پيروڪار مان ٻئي جو ناھيان،
صوفي شاھ سچل جو آھيان.
اندر ليڙون ليڙون آھي،
ٻاھر ڄڻ بخمل جو آھيان.
چريو چوندا ٻيو ڇا چوندا؟
ماڻھن لئه پاڳل جو آھيان.
سُرندي سان آ سِرَ جو سودو،
شِيدائِي ٻيجل جو آھيان.
✤✤
اڪيلائي جو گھر آھيان.
دنيا کان بي خبر آھيان.
جفا جي ڳالهه جو نڪتي،
ٿيو لڙڪن ۾ ڇَر آھيان.
تون جُڙندين داستان ٿيندس،
اڪيلو مان اکر آھيان.
امڙ جي شفقتن عيوضَ،
ڦُڙي مان ٿيو بحر آھيان.
مليو در ناھي دلبر جو،
سدائين دربدر آھيان.
اکين ۾ خواب تڙپن ٿا،
اُڃو ”احساس“ ٿر آھيان.
✤✤
مثل آھيان مان ٽُٻڪي جي منھنجي ھستي اکر ناھي.
ڊھي سو ڀي وڃي ڪنھن پل اھا ڀي ڪا خبر ناھي.
اگر اخلاق ناھي ڪو ڪبو ملڪيت کي ڇا آخر،
ادب کان اوچو دنيا ۾ ٻيو ڪوئي به زر ناھي.
خدا چاھيو پرين ملبو سڄي آ ڳالھه قسمت جي،
زمانو ڇا ڪندو پانکي ڪوئي لوڏو لھر ناھي.
پليو جو ٻئي جي ٽُڪرن تي گُھري ٿو سنڌ کي ٽوڙڻ،
ٽُٽي ويندو سو ٽُڪرا ٿي ھُو اھڙو معتبر ناھي.
ورھيه گذري ويا ليڪن ڪيو دلبر نه ڀيرو آ،
اسان جي حال جي ھن بي خبر کي ڪا خبر ناھي.
ائين داڻا اٿئي ڳل تي ڦڙا ڄڻ ماڪ جا گُل تي،
تنھنجي وارن جي وَر جھڙو پرين ڪنھنجو به وَر ناھي.
لڪائي لوڪ کان توکي رکان آئون تون اچ ھيڪر،
اڱڻ اکڙين جو خالي آ لڳل دريون ۽ در ناھي.
مون ٻاري پاڻ کي ”ميرل“ سڄڻ جي ياد روشن ڪئي
انھيءَ جي سوچ کان خالي ڪڏھن گذريو پھر ناھي.
✤✤
هي جيون وڻ جيان آهي ۽ ماڻھو پنَ ٿيندا هِن.
امر ڪردار دنيا ۾ ڪي اجرا مَن ٿيندا هِن.
مان موئن جي مٽي آهيان سمبارا رقص ڪر مون ۾،
تنهنجي پازيب تي ماڻھو ڇناڇن ڇَن ٿيندا هِن.
اسان ساده صفا ساده خبر پئي ڪون دنيا ۾،
ڪئين معصوم چهرن ۾ فريبي فَن ٿيندا هِن.
چيم تون حال دل جو اڄ چئي ڏي پاڻ ۾ آهيون،
چيائين ماٺ ڪر ”ميرل“ ڀتين کي ڪَن ٿيندا هِن.
✤✤
من آ ميھار وانگي.
عشق درياھ تار وانگي.
ٻاجھريءَ جو سنگ جيون،
درد تنھنجا جھار وانگي.
ڪيئن دشمن کي سُڃاڻون،
سڀ ملن ٿا يار وانگي.
اُس جھڙو آ زمانو،
نيڻ تنھنجا ٺار وانگي.
اڄ به تنھنجو ضد ساڳيو،
اڄ ڀي آھين ٻار وانگي.
پيار پنھنجو وڻَ مثل آ،
پاڻ آھيون ٽار وانگي.
مُٺ ۾ واري آ ”ميرل“،
يار جي اقرار وانگي.
✤✤
جنھن وٽ ماني ڀور نه آھي.
تنھن لئه جيونَ غور نه آھي.
ڌرتي ساري ميڙي ويو آ،
ڪيئن چوين ٿو چور نه آھي.
ماڻھوءَ جيڪي ڪم ڪيا ھِن،
اھڙو آدم خور نه آھي.
اڻ لڀ ڄاريون ٿر ٿو روئي،
ڊيلون ۽ ڪو مور نه آھي.
اھڙو دل جو خانو ڪونھي،
جنھن ۾ دردن پور نه آھي.
ڪنوار ٽنگي پئي پنکي ۾ آ،
شرنائن جو شور نه آھي.
پاڻ غزل ھي لکجي ويو آ،
ھليو ”ميرل“ زور نه آھي.
✤✤
زندگي ڀر پيار ڳوليندو رھيو.
جيئن ڳڀو پينار ڳوليندو رھيو.
اڄ فرعونن جي اڳيان، انصاف کي،
صاحبِ ڪردار ڳوليندو رھيو.
يار تنھنجي گفتگوءَ ۾ فلسفو،
مون لئه نئون آزار ڳوليندو رھيو.
مان پرينءَ جي پيار ۾ ٿي گم ويس،
مون کي پوءِ سنسار ڳوليندو رھيو.
ڪنھنجي گھر ۾ مفلسيءَ جو راڄ ھو،
ڌن مگر ڌنوار ڳوليندو رھيو.
خواب اھڙي موڙ تي ويو ھو ٽُٽي،
مان ھتي، ھُت يار ڳوليندو رھيو.
ھو لکيئي جو ليک سو منصور کي،
مان ٿو سمجھان دار ڳوليندو رھيو.
✤✤
ھر وار بڻيو آھي.
ديوار بڻيو آھي.
ھر ڳالهه مڃائي ٿو،
ھو ٻار بڻيو آھي.
خود چور به آ جيڪو،
سالار بڻيو آھي.
مون سچ لکيو، تو لئه،
تلوار بڻيو آھي.
پيو پيءُ ڪمائي، پُٽ،
بدڪار بڻيو آھي.
اڄ پيار الائي ڇو،
تڪرار بڻيو آھي.
✤✤
ماڳ ته کوڙ مثالي آھن
چورَ مگر ٿيا والي آھن.
منھنجي رستا روڪ ٿئي ٿي،
دَر دَر تنھنجا پالي آھن.
سچ ٻڌڻ جي ھمت ناھي،
اھڙا جام جلالي آھن.
جيجل تي سر مُرڪي ڏيندا،
جيڪي پُٽ حلالي آھن.
ياد پرينءَ جي مَئي وانگي آ،
جذبا مست موالي آھن.
منھنجي قسمت ۾ تون ناھين،
ھٿ جا ليڪا خالي آھن.
✤✤
ھڏڙن جا ٽڙڪاٽ ٻُڌان پيو عشق جو گھاڻو ڏور نه آھي.
ڌرتي مومل لڙڪ اُگھي ڇڏ تنھنجو راڻو ڏور نه آھي.
رات ڏٺو مون سپني ۾ آ ڇيلن ڇانگون چاريان ويٺي،
عمر مارُو مونکي نِيندا ملڪ اباڻو ڏور نه آهي.
ڌرتي جو مان وارث آھيان ڀاڳيو آھيان چور ته ناھيان،
ٻولي منھنجي دنيا مڃندي خواب پراڻو ڏور نه آھي.
جوڌن جي اڄ ويرَ وَري آ لوڌي ڪڍندا توکي ڏسجان،
ھٿ گلي ۾ وجھندئي پڇندئي ھاڻ پڇاڻو ڏور نه آھي.
"ميرل" هي احساس ٿئي پيو شرنايون نڙ بيت وڄن پيا،
امڙيون گھر گھر لاڏو چونديون خوشين ھاڻو ڏور نه آھي.
✤✤
پيار ٿيو آ ٽاريءَ وانگي.
درد وڍي پيو، آريءَ وانگي.
جيڪي يار سان پل ٿا گذرن،
آھن ميگهه ملھاريءَ وانگي.
سُونھن زمينداري آ تنھنجي،
حسرت منھنجي ھاريءَ وانگي.
شعر ته منھنجا اھڙا ناھن،
سڏجان مان به بخاريءَ وانگي.
ھر ڪنھن جو اسٽاپ الڳ آ،
جيون آھي لاريءَ وانگي.
ھوريان ھوريان مُٺ مان ”ميرل“،
وقت وَھي پيو واريءَ وانگي.
✤✤
درد دل ۾ کُتل ۽ خاموشي.
ڊائري گل سُڪل ۽ خاموشي.
ماڻھو ماڻھوءَ کان آ پري ٿي ويو،
شھر سارو رُٺل ۽ خاموشي.
درد سان ان ڪري گذاريان ٿو،
آهي قسمت سُتل ۽ خاموشي.
سمنڊ جھڙي پرينءَ جي نيڻن ۾،
ھوشَ منھنجا ٻڏل ۽ خاموشي.
اڄ به ”ميرل“ کنيو پيو ڀٽڪان،
دل جا ٽڪرا ٽُٽل ۽ خاموشي.
✤✤
ديس ڇڏيندي ھنڌ پَلاڻي روئي پيو.
ويندي ويندي ڏُور ٺڪاڻي روئي پيو.
ھڪڙو ماڻھو خوشين لاءِ ڀٽڪيو پَئي،
۽ ڪو ماڻھو خوشيون ماڻي روئي پيو.
دنيا جي رنگينيءَ ۾ گم ھو جڏھين،
پُھتو پنھنجي ملڪ اباڻي روئي پيو.
پيٽ بکئي کان پاڙي وارن ڪونه پُڇيو،
مانيءَ لاءِ تاڻي تاڻي روئي پيو.
محفل ۾ اڄ موضوع ماءُ جي عظمت هو،
ھڪڙو ماڻھو ڦوٽو آڻي روئي پيو.
پنھنجو پاڻ کي ”ميرل“ ماري مُڃ ڪري،
يادن جي کٽ واڻي واڻي روئي پيو.
✤✤
ھوءَ ته ھڪڙو پل نھاري وئي ھلي.
دل الائي ڪيئن ٻھاري وئي ھلي.
ڪونه پھتو پُٽ امڙ بيمار وٽ،
زندگيءَ جي جنگ ھاري وئي ھلي.
ھِن ڪنڌي ۽ ھُن ڪنڌيءَ ناھي ته پوءِ،
زندگي ڪھڙي ڪناري وئي ھلي.
سمنڊ ڄڻ نيڻن ۾ جاڳي آ پيو،
ياد تنھنجي ياد ڏياري وئي ھلي.
حسرتن جي ڍنڍ مان نيرڳ پکي،
دل لڳي سڀئي اڏاري وئي ھلي.
ھڪ نظر جنھن جي ھُئي ڄڻ لالٽين،
وٽ مونکي ٺاھي ٻاري وئي ھلي.
✤✤
گُل رکي وئي ٻه ٽي اڄ مٽيءَ جي مٿان.
سيءِ به رُوئندا رھيا دل لڳيءَ جي مٿان.
ماءُ جيجل کي پُٽڙي ڌڪاري ڇڏيو،
گھر کان ٻاھر رُني پئي گھٽيءَ جي مٿان.
پيار توسان ڪيم جي ٿو سمجھين گنهه،
سر رکان ٿو پرين مان اڏيءَ جي مٿان.
زندگي ڄڻ ته دردن جو پھراڻ آ،
غم چتي پيو ھڻي ٿو چتيءَ جي مٿان.
بُک ۾ ٻار معصوم روئندا رھيا،
چنڊ ھڪڙو ھُيو جُھوپڙيءَ جي مٿان.
زندگيءَ جي سفر ۾ ھي ”احساس“ ٿيو،
بار ھوندو آ ڪاٺي سڌيءَ جي مٿان.
✤✤
جُڙِي پرينءَ ساڻ تار دل جي.
جَھڪي نه ٿي آ اُڏار دل جي.
اچڻ سان تنھنجي خزائون وينديون،
ڳلي ٿي ويندي بھار دل جي.
سڄڻ جي يادن جو انت ڪونھي،
حويلي ٿي آ چِڪار دل جي.
غمن جون جھرڪيون چُڳن ٿيون خوشيون،
اُڏار اکڙين سان جھار دل جي.
دنيا جا سڀ غم ڏنائين دل سان،
ھُئي ڪا ڏاڍي سچار دل جي.
✤✤
وارن ۾ وار ڪيڏا ۽ رات جو تصوُر.
تنھنجي اکين ۾ آھي پرڀات جو تصوُر.
ھي ڏس لُٽيرا پيٽُو حق ويا کسي ھٿن مان،
ھن قوم کي ڏئي اڄ خيرات جو تصوُر.
شاعر مان ڪونه آھيان لفظن کي بس ڳنڍيان ٿو،
مون ۾ ذرو ڀي ناھي ڪو ڏات جو تصوُر.
گھاڻي جي ڳالھه نڪتي مخدوم ياد آيو،
تاريخ پوءِ ڪيو هو حالات جو تصوُر.
خانه بندوش وانگي جِيوَن ويو آ گذري،
ناھي ڪيو ڪڏھن مون محلات جو تصوُر.
✤✤
ڪجھه روئي ڌوئي پنھنجي مُنھن مان لڙڪن کي اُڪلائي اَچان.
ڪا درد غمن جي ٽڙنگ ڀَري ڪٿ ڏُور وڃي اڇلائي اَچان.
تو مون کي ڄڻيو پنھنجي ڪُک مان بس ٿڃ ملھائڻ مون کي اَچي،
اي سنڌ مان تنھنجي جوڌن ۾ شل پنھنجو نانءُ ڳڻائي اَچان.
آ غلطي ھُن جي يا منھنجي مان پاڻ وڃان ٿو ڇا ٿِي پيو،
دل چاھي ٿي دلوارن کي خود پاڻ ھلي پرچائي اَچان.
اڄ ڳالهه ھلي پئي محفل ۾ موھن جي دڙي جي ماڻھن جي،
پوءِ ڇو نه، اتي آثار مثل مان ٽوپي اجرڪ پائي اَچان.
مان سنڌ امڙ جي جان ٿيان هِن ڌرتي تان قربان ٿيان،
تاريخ جي ورقن ۾ ”ميرل“ ڪو باب نئون لکرائي اَچان.
✤✤
نه وسريو عمر ساريءَ ۾.
آ جِيوَن انتظاريءَ ۾.
امڙ رونبو ڪري ويٺي،
لُڏي پيو ٻار ٽاريءَ م.
اکيون مھراڻ چھرو چنڊ،
ٿي مُرڪي سنڌ ناريءَ ۾.
گُڏي جھڙي ھي نياڻي ڏس،
گُڏيون وڪڻي پئي کاريءَ ۾.
اَدل منھنجو لکن ۾ ھڪ،
ھليا سھرا پئي لاريءَ ۾.
اَميرِ سنڌ پوڙھي جي،
جواني وئي تغاريءَ ۾.
✤✤
ڏُور جڏھن دلبر ٿيندو آ.
درد اچي پاسو ڏيندو آ.
اک جو بار گھٽائڻ لاءِ،
نانءُ سڄڻ جو ڪم ايندو آ.
يار جي ياد جو جھونڪو مون لئه،
اُلڪا کُٽڪا آڻيندو آ.
سک ٿي چاھي دنيا ليڪن،
ڪو ڪو خوشيون ماڻيندو آ.
سوئي اڳتي اُڀرِي ايندو،
ڪاوڙ کي جو پِي ويندو آ.
محبت واري مُڃ سان ”ميرل“،
عشق دلين کي واڻيندو آ.
✤✤
دل لڳيءَ جا پَنا بي خوديءَ جا پَنا.
وقت ويڙهي پَيو زندگي جا پَنا.
دل جي پيتيءَ کي غم جو سُرو ويو لڳي،
ٿي اَٽو ويا اسانجي خوشيءَ جا پَنا.
ڀائرن ساري ملڪيت ورهائي کنئي،
سڀ وڃائي ڇڏايائون اديءَ جا پَنا.
پيار مان جيڪي پيغام توڏي لکيم،
ائين اڇلايا تو ڄڻ رديءَ جا پَنا.
منھنجي جيون جو "ميرل" اَثاثو سَڄو،
ياد ڪمرو قلم شاعريءَ جا پَنا
✤✤
اک پَرائيءَ ۾ اٽڪي پيا.
لُڙڪ سَرائيءَ ۾ اٽڪي پيا.
شرنايون ماتم ۾ بَدليون،
خواب ڪَرائيءَ ۾ اٽڪي پيا.
تنهنجا منهنجا پيار الئه ڇو،
ڳالھه اجائيءَ ۾ اٽڪي پيا.
ڳالھين تائين ٺيڪ هُئا پر،
نيٺ وڏائيءَ ۾ اٽڪي پيا.
منھنجي سوچن جا دڳ ”ميرل“،
شاھ جي وائيءَ ۾ اٽڪي پيا.
✤✤
ڪڏھن چيو مون ته خُون گھرجي.
فقط جيئڻ لئه سُڪون گھرجي.
ڪيان ڇو ابليس جي پرستش
اھو نه موذي ملعون گھرجي
امن جا نغما چوڻ لئه جڳ ۾
زنده دلي ۽ جنون گھرجي
ستل سي قومون به جاڳنديون پَر
انھيءَ لئه جذبن ۾ جُون گھرجي
اسان جي جِيوَن جي ڀيٽ لاءِ
حسين عمارت زبُون گھرجي.
✤✤
مون لئه آ منھنجي ڀاڳن ڀري جھوپڙي.
ٻئي جي بنگلي کان پنھنجي ڀلي جھوپڙي.
ڄڻ ته خالي خيالي بيابان ۾،
منھنجو جيون به آھي ٺلھي جھوپڙي.
ھا مقدر ۾ منھنجي لکيل ھو تڏھن،
شڪر آ مونکي مالڪ ڏني جھوپڙي.
تنھنجا پاليل ڪُتا ڀي ستا محل ۾،
کٽ مون وٽ ڇڳل، ھڪ رلي، جھوپڙي.
اڄ انڌيرن جون” ميرل“ متيون وِيون مُنجھي،
ھُو جي آيو ٿي روشن ٻري جھوپڙي.
✤✤
برف وانگي جسم ھي ڳَري پيو اڃا.
آءُ وري ساھ منھنجو وَري پيو اڃا.
عشق جو آ عجب فلسفو دوستو،
ڪو جئي پيو اڃان ڪو مَري پيو اڃا.
کوڙ طوفان آيا اُجھائڻ مگر،
تنھنجي يادن جو ڏيئو ٻَري پيو اڃا.
رات جي سانت ۾ ڪنھن پئِي روئندي چيو،
ڏيل توبن ڏُکيءَ جو ڏَري پيو اڃا.
وار تنھنجو وِنگو ٿئي نه ”ميرل“ ڪڏھن،
من اڃايل دعائون ڪَري پيو اڃا.
✤✤
پيار ٿي ويو حد ٿي وئي.
ڌار ٿي ويو حد ٿي وئي.
مون پئي دشمن غير سمجھيو،
يار ٿي ويو حد ٿي وئي.
چنڊ گھُرجي چَئي ٿو منڙو،
ٻار ٿي ويو حد ٿي وئي.
تير نظرن جو جگر مان،
پار ٿي ويو حد ٿي وئي.
ٻي لئه گُل ۽ مون لئه ”ميرل“
خار ٿي ويو حد ٿي وئي.
✤✤
دشمن کي جي تاڻي ھلبو.
منزل کي پوءِ ماڻي ھلبو.
حق جي خاطر سڏ ٿيو جي،
سوريءَ ھلبو، گھاڻي ھلبو.
دل کي پيار جي ڄاري ٺاھي،
نفرت کي اڄ ڇاڻي ھلبو.
جاٿئون آيو آھين انسان،
موٽي ماڳ پراڻي ھلبو.
محبت واري مُرڪ سان ”ميرل“،
پيار دلين ۾ ماڻي ھلبو.
✤✤
سال ٿي ويا ڪونه ويو آ وَر ڏئي.
ياد سان چنبڙي روئان پيو دَر ڏئي.
انتظاري بيقراري جان کي،
وقت جھوليءَ ۾ وَيو اڪثر ڏئي.
پيار جو جيڪو فصل پوکيو ھُيم،
نفرتن سو ڀي لُيو آ تَر ڏئي.
پيار قسمت ۾ ھُجي مليو وڃي،
پيار ڪنھن ورتو نه آھي زَر ڏئي.
زندگي غوطا ٿي کائي ڇا ڪجي،
درد جو درياھ وھي ٿو ڇَر ڏئي.
✤✤
ڏٺيون مون ڄڻ ڪي گلاب اکيون.
ڏئي ويون ھِن عذاب اکيون.
اسان جون اکيون غريب آھن،
اوھان جون آھن نواب اکيون.
ڳلن چپن تي لکان غزل پر،
گھُرن ٿيون پورو ڪتاب اکيون.
چپن سان ھُن ڪجهه چيو نه ھو پر،
ڪري ويون اڄ خطاب اکيون.
اکيون اکين سان اَڙيون جڏھن کان،
ڏسن ٿيون تنھنجا ئي خواب اکيون.
✤✤
مُرڪ تنھنجي شبنمي مُرڪِي پئي.
گل ٽڙيا ھرڪا ڪَلي مُرڪِي پئي.
ماءُ سان پُٽ مُدتن کان پوءِ مليو،
لڙڪ لاڙي ھو وري مُرڪِي پئي.
هُن شفق ڏي جو نھاريو ھڪ نظر،
چنڊ ڇرڪيو چاندني مُرڪِي پئي.
موڪلائڻ مھل جو روئي ڏنم،
آٿتون پڻ ڏئي چُمي مُرڪِي پئي.
ڏس مصور عڪس تنھنجا جيئن چٽيا،
ھئي تڏھن ڪاريگري مُرڪِي پئي.
ريشمي ڌاڳا جو زلفن سان ٻَکيا،
چاھ مان چھٽي سَڳي مُرڪِي پئي.
✤✤
مون توکي گھُريو آھي.
ڇو جيءُ جھريو آھي.
جذبا ٿا ھڻن جُھمريون،
نئون ساز سُريو آھي.
ايمان وَکر وانگي،
پيئسن تي تُريو آھي.
نفرت جو پرين ٻوٽو،
ھر ھنڌ مُريو آھي.
پٿر ٿي ويا ماڻھو،
احساس ڀريو آھي.
✤✤
ھر نظر کي نه نيڻن ۾ پائي ھلي.
کيس چئجو ته چھرو لڪائي ھلي.
اڄ وري سنڌ جوڌن کي سَڏ پئي ڪري،
جو ھلي مون سان ڳائي وڄائي ھلي.
ڪو اچي تنھنجي محفل ۾ مشڪل وري،
پنھنجو ايمان ۽ دل بَچائي ھلي.
تنھن کي تاريخ منصور نالو ڏنو،
جيڪو سُوري ٿو سِر تي سجائي ھلي.
دردَ غم ۽ ستم سُورَ ڏي ڀل پيو،
بس ھو ”ميرل“ کي پنھنجو سڏائي ھلي.
✤✤
درد کي دربدر ڪري ڇڏبو.
پيار کي ھمسفر ڪري ڇڏبو.
ڀل مڃي ھُو نه پنھنجي اڳرائي،
پاڻ ئي درگذر ڪري ڇڏبو.
تلخ لھجا سڀئي جلائڻ لئه،
دل کي شمشان گھر ڪري ڇڏبو.
پاڻ کي ھٽ ڪري وفائن جو،
ماڻھپي کي وکر ڪري ڇڏبو.
سنڌ جيجل کي ڪيئن ٽوڙيندين،
تنگ تو لاءِ تر ڪري ڇڏبو.
✤✤
عشق ٻيڙو، تار جيون.
دل مُھاڻي، ڄار جيون.
دم کِلي ٿو دم ٿو روئي،
ڄَڻ هُجي ڪو ٻارجيون.
ڇو پيو تون محل ٺاهين،
ڏينهن آهي چار جيون.
وقت جي ڌاڳي ۾ آهي،
ڏُک سُک جو هار جيون.
سو نه مرندو جيڪو ”ميرل“،
صاحبِ ڪردار جيون.
✤✤
عڪس هُن جا آرسيءَ ۾ گم ٿِيا.
حوصلا منھنجا دريءَ ۾ گم ٿِيا.
جن دنيا ۾ پاڻ کي سمجھو خُدا،
سي وڃي آخر مٽيءَ ۾ گم ٿِيا.
ماءُ جيجل جا سُڪون آرام سَڀ،
پُٽَ جي آوارگيءَ ۾ گم ٿِيا.
واھَ جو قاضيءَ ڪَيو آ فيصلو،
جگر جا ٽُڪرا چَٽيءَ ۾ گم ٿِيا.
يادگيرين جا جڏهن کوليم پَنا،
لُڙڪ ڪِرندي ڊائريءَ ۾ گم ٿِيا.
دل جي چوريءَ جاجڏهن پيرا کنيم،
تنھنجي نيڻن جي گھٽيءَ ۾ گم ٿِيا.
اڄ ٿيو احساس "ميرل " کي اِهو،
دردَ سارا شاعريءَ ۾ گم ٿِيا.
✤✤
هوا کي پرَ به ٿيندا هِن.
وڇوڙا سرَ به ٿيندا هِن.
اکيون صحرا به ٿينديون هِن،
اکين ۾ گهرَ به ٿيندا هِن.
اوهان جا درد منهنجي لئه،
ڪڏهن رهبرَ به ٿيندا هِن.
زبان تالو به ٿيندي آ،
دلين کي درَ به ٿيندا هِن.
اسان جا حوصلا ”ميرل“،
وڌي ساگرَ به ٿيندا هِن.
✤✤
توبن دردن جا ڌڻ ٿي ويا.
جيون واڙو لڳندو آهي.
پيرَ ته گھر ۾ گم ٿيندا هِن،
جڏهن ڌاڙو لڳندو آهي.
ويس ته اعليٰ پھري ٿو پر،
پو به اگھاڙو لڳندو آهي.
نياپو تنھنجو آگم وانگي،
منڙو تاڙو لڳندو آهي.
وقت ڏکئي ۾ سُڌ پوي ٿي،
ڪير ڪُڄاڙو لڳندو آهي.
درد به مونسان گڏ ڄائو هو،
تڏهين جاڙو لڳندو آهي.
ملھاري سرُ ڇيڙين ٿو ائين،
ڄڻ ڪلواڙو لڳندو آهي.
✤✤
آزاد نظم
خواهش
تُنھنجي هڪڙي وڳي جي آ قيمت اُها،
مُنھنجي گھرَ جي سموري آ سامان جي،
مون بدن کي آ ليڙن سان ويڙهي ڇڏيو،
حق مُنھنجا کَسي تون وڏو ٿي وئين..!!
تُنھنجي پيرن جي جُوتي جِي قيمت وڏي،
مُنھنجي پيرن جي چمڙي آ جُوتو بڻي،
توکي شيشن، شرابن کان فرصت نه آ،
مان ته پاڻي دُٻن جو پئو، پيو جيان،
تُنھنجي طعامن جا نالا حوالا گهڻا،
مون کان مانيءَ جي خوشبوءِ به وسري وئي.
پير تُنھنجو ته پٽَ تي لڳي ئي نٿو،
تون کپائي سڄو ديس ڍاپين نٿو،
مُنھنجي جِيوَن سان دردن پئي رانديون ڪيون،
سوچ تُنھنجي ۽ مُنھنجي ۾ فرق آ اِهو،
تُنھنجي ڪوشش سدائين اِها آ رهي،
پنھنجي ڌرتيءَ جو سودو ڪرڻ ۽ لٽڻ،
مُنھنجي خواهش آ جيجل تان صدقو ٿيڻ..!!
✤✤
اِهو افسوس ماري ٿو
لتاڙي روڊ رستن کي،
اچي انسان تي پھتي،
ڇڄي آ ماءُ جي ڇاتي،
اَبي جي مُرڪ کسجي وئي،
ڏکن جو ناچ جاري ٿيو..!!
وڇوڙو سخت طاري ٿيو..!!
پنھنجي پر ۾ کٽي وياسين..!!
مرونُ کان ڀي مٽي وياسين..!!
سڀئي احساس جا ڌاڳا،
اسان پل ۾ ڇڳا آهن،
اندر ۾ ٿورڙو جانچون،
ا سين انسان آهيون ڇا؟
اسان جو ڪم هيو ڇا ۽،
اسين ڇا ڇا ڪيون ويٺا،
هوَس پنهنجي مِٽائڻ لئه،
اُجاڙي گهرڇڏياسين ڪَئِين،
اسين انسان آهيون ڇا؟
چڱو انسان کي ڇڏيو،
ڀلا حيوان آهيون ڇا؟
ڪڏهن حيوان کي حيوان،
ائين پَل ۾ ڪُٺو آهي؟
هٽا پردو تون وحشت جو،
حدون سڀئي تواورانگهيون،
ڪُٺي تو مارئي آهي،
ڪُٺي تو ڀيڻ ڌي ۽ ماءُ،
لَڄائِي لڄ تو آهي،
جڏهن انصاف جي ٽِڪ ۾،
ڏٺو مون پنهنجي چهري کي،
شرم ڏاڍو اچي ٿو اڄ،
نه ٿي انسان سگهيس مان،
نه ٿي حيوان سگهيس مان،
دلين جو ڪوس ماري ٿو..!!
اهو افسوس ماري ٿو..!!
✤✤
اتي ڪينَ بھارون رھن ٿيون..!!
اتي ذھن گنديون ۽ پيٽ وڏيون،
ڏس ڳجھون ماس کي کائڻ لئه،
بي پھچ جي رت کي پيئڻ لئه،
ھر وقت اڃاريون رھن ٿيون..!!
اتي ڪينَ بھارون رھن ٿيون..!!
جت ڪونڌر پٽ گُھمي ويٺو،
ڏئي وٽ مُڇن کي بازر ۾،
ڏس ڪاٽن پائي آيو آ،
بس ڳالھائي پيو ائين صفا،
ڄڻ ملڪ سڄي جو والي آ،
۽ پوڙھو پيءُ ڪمائي ٿو،
ان جُھور جي نيڻن مان ھر پل،
ڳوڙھن جون قطارون وھن ٿيون..!!
اتي ڪينَ بھارون رھن ٿيون..!!
جت جيجل سنڌ امير ھجي،
پر ھن جي ٻچن جي ڪنڌ مٿان،
ظالم جي اُڀي شمشير ھجي،
جنھن گھر ۾ سونَ جا ڍڳ ھجن،
پر مالڪ ڄڻ ته يتيم ھجي،
پيو تڙپي ڀور ڳڀي لاءِ،
مضبوط ظلم جون ديوارون،
اڄ تائين نه ڪنھن کان ڊھن ٿيون..!!
اتي ڪينَ بھارون رھن ٿيون..!!
جت جذبن کي مجروح ڪجي،
جت سڄڻن کي بي نور ڪجي،
۽ غيرن کي گھر ۾ آڻي،
بس پنھنجن کي پيو ڏُور ڪجي،
جت احساسن جا لاش کڄن،
۽ گلم وڇائي نفرت جا،
پيون دعائون گھرجن محبت جون،
اتي خزان جا حامي ويٺل ھن،
جت ھوَس جون ”ميرل“ دلين ۾،
ھر وقت اُڏارون رھن ٿيون..!!
اتي ڪينَ بھارون رھن ٿيون..!!
✤✤
تمنا
جت جيون واري ڌاڳي ۾،
معصوم چپن جي خاموشي،
سڏڪن جا موتي پوئي ٿي،
پو ٻالڪپڻ جي مايوسي،
خاموش ڪري ٿي جيون کي،
ٿي ماٺ وڪوڙي تن من کي،
جت حسرت جو ٿو خون ٿئي،
مون دل کي ٺاهي ماپو اڄ،
غم درد کي تورڻ چاهيو پر،
پُڙ خوشين هو هيٺ ڪريل،
سڀ لڙڪ ڪيا مون وٽَ مثل،
اکيون ته سڪي ٿي ٺوٺ ويون،
احساس اندر جا جاڳي پيا،
غم درد ڏکن جي هلچل هئي..!!
لاچار تمنا بيوس هئي ..!!
✤✤
سنڌ رھڻي آ
تون ٽوڙڻ جي ٿو ڳالهه ڪرين،
تون پاڻ ٽٽي ويندين ليڪن،
ھي جيجل ڪونه ٽٽي سگھندي،
ھي ڌرتي منھنجي سَرتي آ..!!
ھا خون ڏئي مون ورتي آ..!!
جنھن امڙ پنھنجي دامن ۾،
توکي ھو لڪايو پُٽ ڪري،
سڀ ليڪا تون ته لتاڙي وئين،
تون پينو بنجي آيو ھئين،
اڄ مالڪ ٿي پيو آھين تون،
تون رلي کڻيو پيو رلندو ھئين،
پوءِ جيجل توکي جاءِ ڏني،
اڄ اُن جو دشمن ٿيو آھين،
ڪن کولي ڳالهه ٻڌي ڇڏ تون،
ڀل زور لڳائي ڏس ڪيڏو،
تون پاڻ ختم ٿي ويندين پر،
سنڌ رھڻي آ سنڌ رھڻي آ..!!
سنڌ رھڻي آ سنڌ رھڻي آ..!!
✤✤
نيئر
پوءِ به سڏائين پاڻ کي شير،
آئين ڪٿان تون آھين ڪير؟
بُک جڏھن ڀي توکي لڳي ٿي،
ڇتو ٿين ٿو گِگ ڳِڙَئِي ٿي،
گُلِريون توکي گرمائن ٿيون،
پنھنجي گھر جي ڀاتين کي ڀي،
ڪونه سڃاڻي ڏاڙھين ٿو تون،
من ۾ تنھنجي آھي مير..!!
آئين ڪٿان تون آھين ڪير..!!
جنھن ھو توکي کير پياريو،
ٻچي وانگي توکي پاليو،
ڀور ٽُڪر تي توکي وھاريو،
ان گھر کي ٿو روز اجاڙين،
جنھن گھر توکي عزت ڏني ھئي،
رولوءَ مان تون مالڪ ٿي وئين..!!
ڇا لئه ڪانئير بي نڪ ٿي وئين..!!
جيءَ ۾ جاءِ ڏني جن توکي،
تن سان تو ته وڌو آ وير..!!
آئين ڪٿان تون آھين ڪير تون..!!
جن جي ويھي چٺ چٽين ٿو،
تن جي زور تي بَڪ بَڪين ٿو،
شايد توکي خبر نه آھي،
چور سدائين چور ٿي رھندو،
ڀاڳيو نيٺ ته ڀاڳيو ٿيندو،
اڄ ھي ڳالهه ٻُڌي ڇڏ منھنجي،
گھر جا ڀاتي جاڳيا آھن،
عزت تنھنجي اِن ۾ آھي،
پنھنجا ڊاھي جلدي پير..!!
آئين ڪٿان تون آھين ڪير..!!
آئين ڪٿان تون آھين ڪير...!!
✤✤
قرض لاھي ڇڏيم
قرض لاھي ڇڏيم..!!
روڊ رستا سڀئي،
ڄڻ ته شيشا ڪيم..!!
تنھنجي سانگين کي مون،
بس اَڏي آ ڇڏيو!
حق سڀن کي مليا!
پيا خوشيءَ ۾ ٽِلن!
ناھي ڌاڙو ھتي،
ڪير چئي ٿو ڀلا؟
روڄ راڙو ھتي..!؟
مونکي دعا ٿو ڪري،
اوڙو پاڙو ھتي..!!
گيس جيڪو ڏنئي،
تيل جيڪو ڏنئي،
ڪوئلو ڀي ڏنئي،
تن جا مالڪ سڀئي،
تنھنجا پنھنجا اٿئي،
غير آھن پري،
ھا! وسيلا سڀئي،
تنھنجي پنھنجن کنيا،
ڳالهه دل جي سچي،
اڄ ٻُڌائي ڇڏيم..!!
سنڌ تنھنجو سڄو،
قرض لاھي ڇڏيم..!!
تنھنجو ھر ھڪ ضلعو ،
آ خوشين جو قلعو،
لاڙ سر سبز آ،
آھي پاڻي گھڻو،
پيو سنڌوءَ جَل وَھي!
ڏِس مھاڻن جا ڪئين،
پيا بتيلا ھلن؟
آ مڇي ڀي گھڻي،
ھا! پلو پيو مَري،
ڀل سنڌو مان تون ڏس،
ناھي وارِي اُڏي،
آ بھاري وڏي،
۽ اُتر ڀي سَڄو،
آ امن ئي امن،
برف وانگي صفا،
بس ٺَري پيو ٺَري،
ڪنھن سان ناھي ظلم!
اڄ ھتي ڪا رسم،
ڪارو ڪاري نه آ..!!
ماءُ جيجل ڪئي،
آھ و زاري نه آ..!!
ڪابه نينگر ننڍي،
پيءُ جيڏي سان ھِت،
ڪونه پرڻائي ٿو،
ڪوبه جرڳو ھتي،
ڪنھن به مسڪين سان،
ڏاڍ ناھي ڪندو!
ھا چَٽيءَ ۾ ڪڏھن،
ڪنھن نه نياڻي ڏني،
ڪنھن وڏيري ڪڏھن،
ڪنھن به مسڪين جا،
ھا! لٽيرن کي چئي،
ڏاند ناھن ڪڍيا..!!
ڪاڇو ڪينجھر صفا،
ڄڻ ٿو پئرس لڳي..!!
۽ تون ٿر کي به ڏس،
مور ڪيئن پيا ٽِلن،
ٿر جا مارُو سڀئي،
پيا ٿاجُھومن رڳو،
ڪوئلو جو اُتي،
سونَ جي آ مثل،
جنھن جا مالڪ ٿَرِي،
ڏِس اميرن جيان،
پيا ٿا گھارين گھڙيون،
بک تن کي نه آ،
ٻار ننڍڙا اُتي،
بس نچن پيا نچن،
ناھي بيمار ڪو..!!
ناھي لاچار ڪو..!!
مرض ناھي اُتي..!!
غرض ناھي اُتي..!!
ٻيا ته سڀ سک ھتي،
پر تون تعليم ڏِس،
ٻار سڀ پيا پڙھن،
آ پڙھائي وڏي!
ڇو ته ٽيچر ڪڏھن،
ناھي موڪل ڪئي..!!
فرض سمجھي سدا،
پيو ٿو ڊيوٽي ڪري!
ماستر ڪو ھتي،
گوسڙو ڪونه آ،
ٻار جيڪر سٺو،
ڪو پڙھي ٿو اچي،
تنھنکي ميرٽ ڏيون،
نوڪرين جا ڪڏھن،
ڪونه پئسا وٺون،
حق جنھن جو به آ،
تنھن کي آرڊر ڏيون،
ٻيو اڃان ڇا ڪيون..!!
سنڌ منھنجي امان،
تنھنجو نالو مٺو..!!
پنھنجي سيني اندر،
اڄ لکائي ڇڏيم..!!
قرض لاھي ڇڏيم..!!
قرض لاھي ڇڏيم..!!
بس ڪثر ڪا اگر،
آھي رھجي وئي،
ھڪ دفعو بس وري،
مولئه ماڻھو نَچن،
ووٽ مونکي ڏين،
ڏس پو ڇا ٿو ڪيان،
جيڪا پھرين مليم،
سا ئي دانگي مليان..!!
سائي دانگي مليان..!!
✤✤
ڳجھون
تنھنجي بنگلي اندر،
شان، شوڪت، شبابن،
جي محفل متي،
پر ڪو مسڪين بک ۾،
ڳري ويو صفا،
ڄڻ ھڏن جي لڳو،،
ھڙ ٿي ھُن جو جسم،
ڏس ڳجھون تنھن کي،
کائڻ لئه تاڻيو وتن.
✤✤
۽ تو تي قرض ڇا آهي
۽ چھرو لال ٿيندو آ،
جڏهن ڪشمير جو ڀاڳيو،
زنجيرن ۾ ٻَڌو آهي،
۽ چورن کي آ آزادي،
اهو ڏک ڏاڍو ماري ٿو،
سڄي ڪشمير جي وادي،
ٺڳن جي وَر چڙهي وئي آ،
جڏهن ڪو لعنتي پنهنجي،
امڙ جيڏيءَ کي ايذائي،
شرم جون سڀ حدون اُڪري،
چُني جيجل جي ٿو لاهي،
انھيءَ دلال کان پڇجي،
اگر ڪو تنهنجي امڙ کي،
وجِھي وارن ۾ هٿ گِھلي،
ابي تنھنجي کي روڊن تي،
هڻي بندوق جا ڪُنداڪ،
ڪري رت ۾ ڇڏي ڳاڙهو،
۽ تنھنجي ڀيڻ جا ڄُنڊا،
پَٽي ڪو روڊ رستن تي،
جتي احساس جا لاشا،
کڻي تون قرض اپنائي،
تڏهن توکان اچي پڇندس،
دلين جو درد ڇا آهي..!!؟
۽ توتي فرض ڇا آهي..!!؟
✤✤
حلالي پُٽ
اکين ۾ خواب تڙپن ٿا،
زنجيرن ۾ ٻڌل سپنا،
رَسن ٿا سرد خاني ۾..!!
ٿيو ڇا ڇا زماني ۾..!!
رکي ويو گھر جو ڀاتي آ،
اُماڙي آشياني ۾،
جفا ڇُڙواڳ جيئن ٿي آ،
وفا ڄڻ ٿي وئي اڻلڀ،
ڌڃاڻيون سونَ جي گھر جون،
پني پٽَ سَٽ پَليون آهن..!!
سدائين هيڪليون آهن..!!
سمھن ٿا ساٽَ ۾ سانگي،
نه گھرڙا ۽ رليون آهن،
ائين جيئن برف ڳرندي آ،
حياتيون ائين ڳريون آهن،
دليون پٿر ٿيون آهن،
بھارون سوڳ ۾ ورتل،
خزان حاڪم بڻي آهي،
جوانيءَ کي لڳا جھولا،
رَڙِي آهي ڇڻي آهي،
اسان جا ماڳ کسجن پيا،
نه ٿيو ڪوڀي ڌڻي آهي،
سڏائي پُٽ جيجل جو،
وري جيجل جو دشمن ٿيو،
لُٽي ٿو خوب جذبن کي،
هڻي ٿو کوکليون هامون،
ڀري ٿو پيٽ پنھنجو بس،
اُٿو! جاڳو اُٿو! جاڳو،
اڃان ڀي وقت ناهي ويو،
ڪيون سڀ مالڪي پنھنجي،
حلالي پُٽ جيڪر ٿيون،
اسانجو بخت ناهي ويو،
ڪيون مضبوط پيرن کي..!!
ڀڄايون اڄ لُٽيرن کي..!!
ڀڄايون اڄ لُٽيرن کي...!!
✤✤
سال به گذري ويو
مُنھنجو سال به گذري ويو،
تو ته شرابن مان ڍئو ڪِيو هو،
شان شبابن مان ڍئو ڪِيو هو،
ڪڪڙ ڪبابن مان ڍَئو ڪيو هو،
تو پئي بچايو اوبر جيڪو،
سو ته ڪُتن ڪانگن پي کاڌو،
مون به اُنھيءَ مان پيٽ ڀريو هو،
مُنھنجو حال ڏسي هي ڪڏهن،
تو کي رحم ته ڪونه ٿي آيو،
تو وٽ بخمل بستر ڪيئي،
مون وٽ ليڙون ليڙون پوتي،
تُنھنجي رات رنگيلي آهي،
مُنھنجي رات آ لڙڪن واري،
جِيوَن واري جھول ۾ آخر،
توکي خوشيون ٽھڪ ڏئي،
مون کي درد جا تحفا ڏئي،
تُنھنجو سال به گذري ويو..!!
مُنھنجو سال به گذري ويو..!!
✤✤
حياتي
مسافر کوڙ چڙهيل هئا،
جتي جنھن جي هُئي منزل،
اُتي بس پاڻ بيھي وئي،
وري اڳتي هِلي ٿورو،
اِجھو سڏ ٿيو مسافر کي،
لھي ويو ڄڻ هيو ئي نه..!!
سفر هي زندگيءَ جو آ،
اُنھيءَ ۾ پاڻ ڀي آهيون،
حياتيءَ جي اِها گاڏي،
ڪڏهن مون لئه به بيھڻي آ،
ڪڏهن تو لئه به بيھڻي آ..!!
✤✤
ابليس
قدر شيشن جو ٿيئڻو آ؟
هٿن ۾ دل جي ٽڪرن کي،
کنيو در در پيو ڀٽڪان مان،
لڳو جذبن تي ڌاڙو آ،
اندر ۾ روڄ راڙو آ،
سُڪون هڪڙو به پل ناهي،
جسم ۽ روح ۾ يارو،
رڳو ڀنڃ ڊاھ جاري آ،
اکين جا بند ڀي هاڻي،
ڪرڻ سيمو لڳا آهن،
رڳو سُنسان سامھون آ،
ڏسان ٿو ڏُور تائين مان،
نه ڪو انسان سامھون آ،
جھان کان ڀي ڪَٽيل آهيان..!!
فراقن جو ڦٽيل آهيان..!!
زماني جي ته رسمن جو،
سراسر مان سٽيل آهيان..!!
هتي مُرڪڻ تي بندش آ،
اُنھيءَ کان وڌ ٻيو ڇا چئجي؟
وفا پوکڻ تي بندش آ،
وهن جي نير نيڻن مان،
اُهي روڪڻ تي بندش آ..!!
چريا ٿي ڀل رهو جڳ ۾،
مگر سوچڻ تي بندش آ..!!
هتي سمجھڻ تي بندش آ..!!
وڏي آ راند لفظن جي،
ڪندين تعريف جي ڪنھنجي،
ته پو سڀ کان ڀلو آهين،
مگر جي سچ چوندين تون،
ته پوءِ تون بُرو آهين،
اها بس پڪ ٿي وئي اڄ،
لڳين ٿو مُنهن ۾ موسيٰ پر،
اندر ابليس ويٺو ٿئي..!!
اندر ابليس ويٺو ٿئي..!!
✤✤
نغارا
قلندر لال سيوهاڻي،
دلين ۾ ڌڙڪندو رهندو..!!
امن ۽ پيار جو جھنڊو،
هميشه ڦڙڪندو رهندو..!!
قلندر لال جي نگري،
سدائين جيت ۾ هوندي،
ڌمالُون دهل شرنايون،
نغارا نينھن جا وڄندا،
امن ۽ پيار جا هرجاءِ،
سدائين مينھن پيا وسندا،
محبت مَروَندي هوندي..!!
نه ڪائي بيوسي هوندي..!!
ڏسي اڄ لال جي لالي،
سڄو سيوهڻ پيو جُھولي،
خوشيون ڏس کوڙ هِن مون ۾،
رڳو سُرتار جاري آ..!!
بھاري ڇا بھاري آ..!؟
اکين ۾ عشق طاري آ..!!
ڏسو هي سونھن جي نگري،
سراسر سوڀ واري آ..!!
خوشين ڀي ڇير پاتي آ،
ڏيئو هٿ ۾ ۽ باتي آ..!!
هٿن ميندي به لاتي آ،
قلندر گھر جيان آهي،
هتي هر ڪوئي ڀاتي آ..!!
سڀئي آواز گڏ آهن،
سُريلا ساز گڏ آهن،
نوان ڄڻ ناز گڏ آهن،
هي رمزون راز گڏ آهن..!!
هتي ڪنھنجو نه آ جھيڙو،
رڳو آ عشق جو ميڙو،
محبت پيار آ ڀيڙو،
هتي محبت جي حد ناهي،
هتي نفرت جو ڪم ناهي..!!
هتي غم کي به غم ناهي..!!
خدا جون رحمتون روڪي،
اهو ڪنھن ۾ به دم ناهي،
هتي هِن روح جا رشتا،
اُهي انمول ٿيندا هِن..!!
جتي نيڻن جي رستي ۾،
نه بلڪل جھول ٿيندا هن..!!
هتي هُل پيار جو آهي،
هتي تلوار ڪانهي ڪا،
هتي آ درس محبت جو..!!
قصو ناهي ڪو دولت جو..!!
هتي بس قرب جا ڪشتا،
هي بستي پيار جي بستي،
ختم تون ڪئين ڪري سگھندين،
ڪُڌا ڪردار بي معنيٰ!
سڀئي هٿيار بي معنيٰ!
اڙي او بي وَڙا ماڻھو،
ختم تون پاڻ ٿي ويندين،
ختم جھمريون نه هي ٿينديون،
ٻُڌي ڇڏ هار کائيندين،
قلندر لال جي نگري،
سدائين جِيت ۾ هوندي،
ڌمالون دُهل شرنايون،
نغارا نينھن جا وڄندا..!!
نغارا نينھن جا وڄندا..!!
✤✤
واڳ سنڀالي
پل ڀي ڪونه سڪون اچي ٿو..!!
نيڻن مان اڄ خون اچي ٿو..!!
کائون تنھنجو ليڪن پو ڀي،
ويري تنھنجا ويڌن تو سان،
توکي ڌارين لُٽيو ليڪن،
پنھنجن جا ڀي پيرا آهن..!!
جيجل جندڙي سنڌڙي تنھنجا،
سور اندر ۾ وڍ وجھن ٿا،
توسان پنھنجن ڪيس ڪيو آ،
اڄ به اهو ئي غم ٿو کائي،
تنهنجي لاءِ هاءِ جيجل،
ڪير نٿو اڄ سوچي، سڀڪو،
پنھنجو پيٽ ڀرڻ ٿو چاهي،
ڪاش ڄمي ڪو جوڌو اهڙو،
ماروئڙن جو ماڳ سنڀالي..!!
تنھنجي وکريل واڳ سنڀالي..!!
✤✤
ڀاڳُل
ڳڀي جي تاڙ ۾ نڪتو،
جواني وئي ڳري جنھن جي،
سمورا وار چاندي ٿيا،
لتاڙي نانگ راتين جو،
ڪٽي پُرخار رستن کي،
فصل کي ننڊ ارپي ٿو،
ڪڙهي ٿو اُس ۾ ڏينھن جو،
ڪچا گھر گنب جا ليڪن،
سدائين مِينھَن جو گھورو،
اسر ويلي هو ڏاندن کي،
اُٿاري هَر کڻي نڪتو،
ستو پيو لوڪ سارو هو..!!
انڌيرو هو، سيارو هو..!!
عمر اڌڙوٽ آ هِن جي،
۽ هٿ ۾ لَٺ ديويءَ جي،
کنگھي پيو ۽ ڪنجھي پيو ٿو،
لڳي ٿس سِلَھه بيماري،
اُڻڻ لئه خواب نڪتو آ،
ڪري همت بردباري،
پنھنجي پر ۾ هُو جيوَن جون،
خوشيون ميڙڻ جي لئه نڪتو،
زمين کيڙي اُميدن جو،
ڇَٽي اڄ ٻج آيو آ،
اڃان کاڌو نه پِيتو ٿس،
چڙِهي ڪِٿ سج آيو آ،
هزارين حسرتون پوکي،
اندر ۾ آس ٿو پالي،
نٿو ڪپڙن ۾ اڄ ماپي،
وڏي اڄ حوصلي ۾ آ،
وري موٽي آ گھر آيو،
رُکي مانِي اڳيان رکندي،
پُڇو اڄ زال پئي هُن کان،
”خبر ڏي پنھنجي نياڻيءَ جو،
ڪڏهن تون بار لاهيندين؟
ادا وارا چون پيا ٿا،
اسان کي ٽيم هڪڙو ڏيو..!“
اُتي ڳالھين کي ڪن ڏيندي،
تڏهن شرمائي ۽ لِڪندي،
پريان مومل لِيئا پائي،
ڏندن ۾ ڏيئي پوتِيءَ کي،
ٿي گم شرناءَ ۾ ويئي،
هٿن تي لائي مينديءَ کي،
چِٽي ٿي رنگ الفت جا،
چپن تي چاھ جاڳي ٿو..!!
نئون ويساھ جاڳي ٿو..!!
وئي گم ٿي آ سپنن ۾،
لھي پئي سؤٽ سان لائُون،
ڏسي ٿي خواب خوشين سان،
پري دٻڪيءَ کي سوريندي،
گرنھه کي ڳِيت ڏئي هاريءَ،
مٿان پاڻيءَ جو ڍُڪ پئندي،
ڏکن تي ضبط آڻيندي،
پنھنجي ڳوڙهن کي پِي هڪدم،
هڻِي هٿ پنھنجي ڇاتِيءَ تي،
چيائين، او چري ڀاڳل!
هي سڀئي لُڙ لَھِي ويندا،
سُکن جا ڏينھن اَچڻا هِن،
خوشين جا دُهل ڀي وڄندا،
فصل هن تي ئي نياڻيءَ جو،
وزن ويندو لَھي ڏسجان!
تڏهن ڳالھين ئي ڳالھين ۾،
فصل پورو پَچِي نڪتو،
مگر حسرت نه پوري ٿي،
خوشين کي درد جي گھر ۾،
سَلھاڙيو ويو ۽ واڙيو ويو،
پراڻا بُڪ کوليا ويا..!!
زهر جا ڍُڪ کوليا ويا..!!
فصل بنگلي ۾ پھچي ويو..!!
۽ ڪو صدمي ۾ پھچي ويو..!!
✤✤
جھول
مون گھر مٽيءَ جو پاڻ اَڏيو،
مون درد وڇايا بستر جيئن،
۽ سورن کي آ سوڙ ڪيو،
تون جھوليءَ ۾ ٿو چنڊ گُھرِين،
مان مانيءَ لئه ٿو جھول جھليان..!!
✤✤
دانگي منھن تي ڪھڙي ملجي
هر اک لڙڪن لار لڳي ٿي،
دهشت گردي ڌار لڳي ٿي،
اُجڙيل اُجڙيل هرڪو چھرو،
درد به آهي گِھرو گِھرو،
سوچن تي ابليس جو پِھرو،
گلشن ۾ آ باز وڏو ڪو..!!
صدين کان هي راز وڏو ڪو..!!
هِيسيل هِيسيل جھرڪيون ڳيرا،
لامارا ٿيا سؤ سؤ ڀيرا،
کاڌا ڪميني جگر جيرا،
خالي ٿي ويا سڀ آکيرا،
گُل ۾ خوشبوءِ ساڳِي ناهي..!!
ساڳيو سُرندو راڳِي ناهي..!!
جذبا ميرا ميرا ٿي ويا..!!
ساٿي چورَ لُٽيرا ٿي ويا..!!
مَن جا ڪيڏا ميرا ٿي ويا..!!
جيڪر خوشين هولِي آئي،
اُڏندي لُڏندي گولِي آئي،
کڄندي ”ميرل“ ڏولِي آئي،
پنھنجن پنھنجو خون ڪيو آ..!!
ڪِيس وڏو مَلَعُون ڪيو آ،
ڇاتي مان جي ڇيرا نڪتا..!!
اکين جا آکيرا نڪتا..!!
دانگي مُنھن تي ڪھڙي ملجي؟
پنھنجن جا ئي پيرا نڪتا..!!
✤✤
آکاڻي
خوشين جو هو ٻج ڇَٽيو پر،
درد غمن جي ٻوڏ اچي وئي،
اکڙين جا ٻئي بند ڀڄي پيا،
جِيوَن سارو پاڻي ٿي ويو..!!
درد ڀري آکاڻي ٿي ويو..!!
✤✤
ٻانھن نه هوندي
ائين يڪدم ميڙي وٺندين،
سنڌ ته منھنجي ساھ مثل آ،
ماءُ جا ڪونڌر ويٺا آهن،
هوشو، هيمون وانگر ڪيئي،
جوڌا گھر گھر جاڳي پوندا،
جيجل تي جند جان به ڏيندا،
کيل گُڏيءَ جو ناهي هيءُ جو،
کيل کَٽڻ جي ڳالھه ڪئي ٿئي،
ڌرتي هي جاڳير نه تنھنجي،
تون ته فقيرن وانگي آئين،
اڄ ڪٿان هي عيش ڪرين پيو؟
مٽيءَ توکي مانُ ڏنو پر،
ان ڌرتيءَ جو دشمن ٿي پئين،
بلڪل نانگ مثل تون آهين،
سنڌڙيءَ توکي کير پياريو،
ڏنگ انھيءَ لئه تاڻيو آ تو،
تنھنجا سڀ ناپاڪ ارادا،
نسلن جا ٿا رنگ سڃاڻون،
ترخانن جو بڻ تون آهين..!!
ڪينَ ٿيا سنڌوءَ جا ڪڏهين،
ڳائڻ وارو ڳُڻ تون ناهين..!!
چور ته آخر چور ئي رهندو،
ڀاڳيا آهيون، ڀاڳيا آهيون..!!
جيجل لاءِ جاڳيا آهيون..!!
ڌرتيءَ جا ٿا دنگ سُڃاڻون،
ڪھڙي باغ جي مُوري آهين،
جيڪر سنڌ تي آڱر کڻندين،
اهڙي ڪائي راھ نه هوندِي،
جيڪا تو لئه باھ نه هوندِي،
آڱر ڇاهي آڱر ”ميرل“
سچ چوان ٿو ٻانھن نه هوندِي..!!
سچ چوان ٿو ٻانھن نه هوندِي..!!
✤✤
سنڌ جيجل ماءُ
جتي ووڻن جي گُل ٻاٽي،
حُسن جا رنگ ڦھلائي،
جتي سورج مُکيءَ جا گُل،
اکيون سج ساڻ اٽڪائِن،
جتي سارين جي خوشبوءَ سان،
سڄو ماحول مھڪي ٿو،
جتي ٻيڙين تي رَڇ رکجن،
کِکيءَ جا خوب ٿين سودا،
جتي وائي ڀٽائيءَ جي،
ڪري ٿي عرش سان ڳالھيون،
جتي ميھار جاڳي ٿو،
جتي ڌڻ مال رَونشو ڪن،
جتي ڌنار جي هٿ ۾،
سونھين ٿي بانسري ڪيڏي،
جتي برسينم جون ڀرِيون،
ڪُنڍين لئه روز پُھچن ٿيون،
جتي ٻاجھر جي مانيءَ سان،
پَچي ٿو ساڳ تورئي جو،
انبن جا ٻُورَ تون آهين،
پِپر جي ڇانوَ تو ۾ آ،
نَمورين ويس بدلايو،
سَرِنهن جا گُل پِيلا ٿيا،
اڪن جي پنھنجي رونق آ،
سفيدا ڏس قطارن ۾،
۽ ٽالھيون مسڪرائِن ٿيون..!!
هوائون گيت ڳائِن ٿيون..!!
اڃا توکي ٻُڌايان ڇا؟
اها ٿئي سنڌ جيجل ماءُ..!!
اها ٿئي سنڌ جيجل ماءُ..!!
ڪچھريون مَچ تي مھڪن،
۽ بوڙينڊا سُريا آهن،
چَپن ۾ چنگ چاهت جا،
ٻُريا آهن، چُريا آهن،
ڳجھارت ڏور بيتن تي،
سڄيون راتيون وڃن گذريو،
اڃا گونجن ٿيون شرنايون،
اڃا امڙيون پُٽن لاءِ،
ڏسن ٿيون خواب خوشين جا،
اَٽي جي ٿالھه تي اڄ ڀي،
ٿين ٿا رقص سھرن تي،
اڃا گھوٽن جي هٿ پيرن،
وساريو ناهي مينديءَ کي،
اڃان لائُون به لھجن ٿيون،
ونيءَ کي اڄ به شيشي ۾،
ڏسي ٿو گھوٽ حسرت سان،
اڃا سي پيار جا چانور،
ٿين ٿا سونھن هٿڙن جي،
اڃا سو کِير مان ڇلڙو،
ونيءَ سان ورَ به ڳولي ٿو،
وهان ۾ اڄ به گلڙن جي،
ٿئي جت خوب ٿي ورکا..!!
اِها ٿئي سنڌ جيجل ماءُ..!!
اِها ٿئي سنڌ جيجل ماءُ..!!
✤✤
ڪشمير
حسرتن جي هنج ۾ آ زندگي،
ڪوھ جيڏين آ اُميدن ڪَرُ کنيو،
جيءُ ٽنگيل آهي جبل جي چوٽ تي،
هر طرف انجير جا وڻ ٿا وڻن،
مان مسافر آهِيان پرديس ۾،
ائين لڳو ڪشمير سان ٽڪراءُ ٿِيو..!!
ڪونه پئي مونکي خبر هي ڇا ٿِيو..!!
ڌڪ لڳو ۽ دل اندر ۾ ٺا ٿِيو..!!
نيڻ نيڻن جي تلاشي ٿا وٺن،
ڪيس الفت جو کُلي ٿو ڇا ڪجي؟
ڄڻ ڪو مجرم هٿ لڳو قانون کي،
۽ اکين آهي وڪالت خوب ڪئي،
جج جي ڪرسيءَ تي ويٺو عشق آ،
ڏوھ ثابت ٿي وڃي ٿو اوچتو!
ڏنڊ ۾ پنھنجي ڦُرائي دل ڇڏيم!
سوچيان ٿو هي اچانڪ ڇا ٿيو!؟
نيل درياھ جي ڪنڌيءَ تي ڪير هو!؟
جو ٻَڌي ويو عشق جو سَرمئي سَڳو،
ڇا ته ڇولين جيئن حُسن ۾ رقص هو!؟
آبشارن ۾ اُنهيءَ جو عڪس هو،
سامَھُون ٻُوٽا ڏسي اکروٽ جا،
درد جاڳيا مونکي پنھنجي ڳوٺ جا،
سوچيو مون اجنبي آهين چريا،
ڇا ٿيو ٿئي اجنبين جي شھر ۾،
روڪ پنھنجا نيڻ ويندين کاڄ ٿي،
جي سنڀاليئي پاڻ پنھنجو ڀاڳ ٿئي،
هوءَ الائي ڪير هئي جا وئي هلي!
ڪڻڪ رنگي سانوري هئي بانوري،
قدرتي چشمن جو هُو پاڻي پِيئڻ
پاڻ آئي سونھن جِي اڳواڻ ٿي،
دل ٿي تڙپي روح ۾ ڇڪتاڻ ٿي،
نيڻ نيڻن سان لَھڻ لائُون لڳا،
راز محبت جو کليو پرديس ۾،
اجنبي سان نينھن جون ڳالھيون نه ڪر!
دل کي مون ڏاڍي جھليو پر ڇا ڪجي؟
ڪونه ٿي منھنجي مڃي ٿِي ٻار آ..!!
عشق جو نيڻن ۾ درياھ تار آ..!!
ساوڪن ۾ سوچ سائِي ٿي وئي..!!
دل هئي پنھنجي پرائِي ٿي وئي..!!
✤✤
عيد
عيد ڀلا ڇو پنھنجي ناهي..!؟
مون جيڏيون سڀ هار به ڪن ٿيون،
سُرما ۽ سينگار به ڪن ٿيون،
رنگ برنگي ڪپڙا پائي،
چوڙيون پائي، ميندي لائي،
بابا سڀئي مون تي کلن ٿيون..!!
مُنھنجن ميرن ڪپڙن تي هُو،
چٿرون ڪن ٿيون، چَتِيَن تي هُو،
مُنھنجي پير ۾ جُتي ٽٽل آ،
بابا تُنھنجي ننڊ ڦٽل آ..!!
خوشيون هر ڪو پيو ٿو ملھائي،
بابا هڪڙي ڳالھه ٻڌاءِ!
عيد ڀلا ڇو پنھنجي ناهي..!؟
بابا پنھنجو حال ته ڏس تون،
تن تي چَتِيَن وارِي چولِي،
هي جي تيل ڦليل پيا ڪن،
تن جي آهي ساڳِي ٻولِي،
پنھنجي پاند ۾ ڇا لئه بابا؟
خوشين وارِي ناهي هولِي،
هي ڇو پاڻ کان ڪونه پڇن ٿا؟
پنھنجيون اکيون لڙڪن واريون،
ٽھڪن ۾ هي ڳوٺ سڄو آ،
ڇا هي پنھنجي قسمت آهي؟
اڄ ڀي پنھنجو روزو آهي؟
عيد جي ڏينھن ڀي چُلھه اجھاڻِي،
هرڪا جند پئي آ ساڻِي،
ڪونه ڪڏهن ڀي سُک ٿا سنڀرون،
پنھنجي اکين ۾ آهي پاڻي،
بابا! امان ڏس روئي ٿي،
بيماري جنھن کي وئي کائي،
کٽ تي ائين پئي آ جيجل،
ڄڻ ڪا هڏن جي آ مُوڙِي،
آس امڙ جي ڪونه ٿي پُوري،
جِيوَن ٿي ويو آهي کُوري،
جيجل خواب ڏٺا هئا جيڪي،
تن جو دَم ٽُٽي پيو آهي..!!
گھر جي هر هڪ ڪُنڊ مان بابا،
درد جو وڻ ڦُٽي پيو آهي..!!
بابا ڇو نٿو مون کي ٻڌائين؟
درد سڀئي ڇو پاڻ کي مِلِيا؟
مون ته ٻڌو هو جيجل سنڌڙي،
ناهي غريب، امير هِي آهي،
پوءِ ڀي ڇا لئه بک ڪَٽيون پيا؟
روز نئون ڪو ڏک ڏسون پيا،
جيڪر سنڌ آ سونَ برابر،
پوءِ ته ٿياسين سونَ جا مالڪ،
ائين ڪٿي ڇا ٿيو آ ڪڏهين،
سونَ جا مالڪ بک مَرن ٿا؟
روزا ٽيھه ٿين ٿا ليڪن،
پاڻ ته ورهين کان روزاتا،
ائين لڳي ٿو مون کي بابا،
سنڌ ته مُنھنجي سڀ ڪجھه آهي،
ليڪن پنھنجو وارث ناهي..!!
بابا هڪڙي ڳالھه ٻڌائي..!!
عيد ڀلا ڇو پنھنجي ناهي..!!
✤✤
تاريخ نه توکي معاف ڪندي!!
فرعون نَچي پيو ڇير ٻَڌي،
ڊپ ڊاءُ هَلي ڇُڙواگ پَيو،
تڏهن ته اسان جي جِيوَن مان،
سڀ خواب ٻُھاري ويو آهي،
وحشت جو ڪنڌ مٿي آهي..!!
مظلوم مَري پيو روڊن تي،
دهشت جو ڪنڌ مٿي آهي..!!
تو واپاري ايمان وڪيو..!!
او جابر! تو ڇا ڇا نه وِڪيو..!!
تو خوشيون شرنايون به وِڪيون،
تو ڳيچ وڪيا، لائُون به وِڪيون،
تو ڇپر وڪيا، ڇائُون به وِڪيون،
ميھار وِڪيئي، نَڙ بيتَ وِڪيئي،
تو هولِي، ڏيارِي، عيدَ وِڪِي،
تو لُڙڪ ڏنا، تو ٽھڪ وِڪيا،
تو آس وِڪِي، اُميد وِڪي،
تو گھرڙا، درِيُون، درَ وِڪيا،
تو ڏاند وِڪيا، تو هَر وِڪيا،
تو ٻيلا، کامان، وَر وِڪيا،
تو ڇانگون، ڇيلا، ڦَر وِڪيا،
تو دريا، ندِيُون، جَر وِڪيا،
تون آهين ضمير جو واپاري..!!
تون ڪانئِرن جو ساٿاري..!!
جنھن ڌرتيءَ جو تون کائين ٿو،
اُن جي ئي خمير جو واپاري..!!
مان رکوالو هان ڌرتيءَ جو،
مون ننگ سُڃاتو سَرتيءَ جو،
تون لَڄ لَڄائي خوش پيو ٿِين،
تون سوداگر آن ڌرتيءَ جو..!!
مان جيجل تان قربان وڃان،
مون ننڊ فصل کي اَرپي آ،
تون قاتل مُنھنجي نيڻن جو،
مون ڌرتيءَ جو سينو چِيري،
هو ٻج ڇَٽيو ۽ خواب ڇٽيا،
تو سپنن کي آ چُور ڪيو،
ها! خوشين کي اڄ ڏُور ڪيو،
۽ مارُن کي مجبُور ڪيو،
مون ڪانو ڪانو ميڙيو آ،
مون سرَ ڊَڀن تي ليپو ڪِيو،
مون گھر ڪکن جو ٺاهيو پر،
تو گھر کي خُوب اُجاڙيو آ،
ها! ڏاڍ، جبر جي نِيئر سان،
مُنھنجي سپنن کي تو واڙيو آ،
مون جيجل لاءِ ڏک ڏٺا،
تو جيجل جو آ نُور کَسيو،
مون ڌرتيءَ کي سُک چين ڏنو،
تون دشمن آهين ڌرتيءَ جو،
مان خواب اُڻڻ لئه جاڳان ٿو،
تو خوابن سان آ راند ڪئي،
اڄ پوڙهي پنھنجي نياڻيءَ جو،
آ بار ڪيو گڏ نيڻن ۾،
تون سمجھين ٿو سڀ مُنھنجو آ،
پر ڳالھه ٻُڌي ڇڏ ظالم تون!
سو ڏينھن پَري هاڻي ناهي،
هي قدرت سڀ انصاف ڪندي..!!
تاريخ نه توکي معاف ڪندي..!!
تاريخ نه توکي معاف ڪندي..!!
✤✤
پيار
ليڪن دل جي دَر تي تنھنجون،
سارون سار لھن ٿيون مُنھنجِي،
ڪوھ مريءَ جي حسناڪين کان،
تُنھنجيءَ سُونهن کي سَرسِي آهي..!!
نٿيا جھڙي نيڻن تُنھنجن،
من کي ياد جِي ساوڪ وانگي،
گھيري ڇڏِيو آهي تو بن،
پيار ته پنھنجو پربت کان ۽،
آهوڙن کان اوچو آهي..!!
چشمن جھڙيون اکيون تُنھنجون،
نيلم واديءَ جھڙيون ڳالھيون،
سامھون ڏونگر عرش سان ڳالھيون،
ڪن ٿا مونکي ائين لڳي ٿو،
جبل پاڻي پاڻي ٿيندا،
ليڪن پڪ پرين آ مونکي،
پنھنجو ساٿ نه پاڻي ٿيندو..!!
دنيا جنھن کي ياد ڪندي پئي،
اهڙي ڪا آکاڻي ٿيندو..!!
اهڙي ڪا آکاڻي ٿيندو..!!
✤✤
درويش
ڳوڙهن جي ڳنڍ هٿن ۾،
ٽھڪن جا خيال طاري..!!
سڏڪن جي هن سفر ۾،
لڙڪن جي لار جاري..!!
يادن جي نِم پراڻي،
نادِي رکيل آ ڀَر ۾،
درويش پيار مُنھنجو،
اڄ ڀي اُتي وڃي ٿو،
توسان ملڻ جون باسون،
باسي سَڳا ڪي سُٽ جا،
وَڻ ۾ ٻَڌِي اچي ٿو..!!
ليڪن چَريو آ منڙو،
مُنھنجي نٿو مڃي ڪا،
هُن کي خبر نه آهي،
جاڏي ويو تون آهين،
اوڏي ته بس وڃڻ آ..!!
موٽڻ ڪڏهن نه ٿيندو..!!
موٽڻ ڪڏهن نه ٿيندو..!!
✤✤
ڪالاباغ
هڻين ٿو حق تي ڌاڙو،
نئون نئون ڊيم کيڏين ٿو،
هي ڪھڙي گيم کيڏين ٿو..!!
اٿئي ڪو شيم کيڏين ٿو..!!
ٻُڌي ڇڏ! سنڌ جيجل جا،
اڃان جوڌا اٿئي جيئرا..!!
پليتي سوچ پنھنجي ۽،
پري ڪر پير تون پاپي،
سنڌوءَ جي سونھن جا دشمن،
وڏن تُنھنجن به ڪوشش ڪئي،
هلائي راڳ رينگٽ جو،
ٿي پاڻي سنڌ جو روڪيو،
مگر ناڪام ٿي ويا سڀ،
کُٽي توکي کنيو آهي،
ٻُڌي ڇڏ ڳالھه هي مُنھنجي!
سِسِيءَ ۾ ساھ آ جيسين،
نه خاص و عام ڪو ٺھندو..!!
نه ڪالاباغ ڪو ٺھندو..!!
نه ڪالاباغ ڪو ٺھندو...!!
✤✤
ننڌڻڪا
تو ته غمن جا جھول ڏنا هِن..!!
ليڪن ڏُک اِهو ئي آهي،
سورَ هزارين هڪڙو ”ميرل“
ڪيئن سنڀاليان تون ئي ٻڌاءِ..!!
هڪ کي سيني لايان مَس ٿو،
۽ ٻيو ڀَر ۾ روئي ويٺو،
سچ چوان ٿو هاڻي مُنھنجا،
ڪافي درد ننڌڻڪا آهن..!!
✤✤
چٻرا
خزان جو رقص جاري آ.
جتي هئا پيار جا پنڇي،
ٻُريون محبت سنديون ٻوليون،
اُتي نفرت پکيڙڻ لئه،
لٿا هِن باغ ۾ چٻرا..!!
لٿا هِن باغ ۾ چٻرا !!
✤✤
نثري نظم
الماڙي
طوفان
حسرتن
کي وڪوڙي
ويا آهن
وقت جي دز ۾
زنگجي ويل
سَپنا
دل جي
الماڙيءَ ۾
سُرجي
اٽو ٿي
ويا..!!!
✤✤
ونڊِي
مُنھنجي وجود کي،
خوف جي نِيئرن سان،
ٻڌي ڇڏيو آهي..!!
تڏهن به مون،
حوصلو ناهي هاريو..!!
ڇو ته!
مون مايوسين جي ماڳ تي،
انڌيرن سان جنگ ڪري،
اُميدن جا ڏيئا ٻاري،
اڪيلائيءَ جي،
آسمان تي،
حسرتن جا خواب،
سجائي ڇڏيا آهن..!!
ڪاش مُنھنجي سپنن کي،
ساڀيان ملي پوي..
ته مُنھنجو جِيوَن به،
بھارن جي واس کان،
واقف ٿئي..!!
ڇو ته!
مُنھنجي به دل،
چاهي ٿي،
جڏهن عيد جو ڏينھن اچي،
تڏهن آئون بابا کي چوان،
”بابا اڄ ته عيد آهي..!!
اڄ ته نوان ڪپڙا کپن..!!
اڄ ته خرچي کپي..!!
اڄ ته ڳنڌڻ سان،
ماني ڍؤ تي کپي..!!“
تڏهن بابا جي اکين مان،
لڙڪن جا قافلا،
جاري نه ٿين..!!
۽ بابا ائين نه چوي،
ته پٽ! هن عيد تي به،
ڀوتار،
ونڊِي ناهي ڏني..!!
✤✤
خواب
سگريٽ ۾،
زندگي تماڪ جيان،
دُکي رَهي آهي..!!
۽ مُنھنجا خواب،
روڊ تي پيل لاوارث،
فلٽر وانگر،
هوائن جي دوش تي،
دربدر آهن..!!
✤✤
پٿر
اشارا نه سمجھن،
ته اهي اکيون،
ڪھڙي ڪم جون..!؟
پر الائي ڇو..!؟
انسان ايڏو ته،
پٿر دل ٿي ويو آهي،
جو سندس سوچ ۾،
پٿر به پٿر ٿي ويو آهي..!!
✤✤
ڪَک پَن
دردَ دنيا جا،
ميڙي سيڙي،
يار ڏئي وئين،
تنھن کان پوءِ،
خواب ته مُنھنجا،
واچوڙن جي،
گھيري ۾ سڀ،
ڪَک پَن وانگي،
اُڏري ويا هن..!!
وکري ويا هن..!!
✤✤
حق
ايڏو آسان به ناهي..!!
جنھنکي جلدي،
سمجھي وڃجي.
ها پر مشڪل،
به ته ناهي..!!
جو درد کي،
محسوس نه،
ڪري سگھجي،
زندگي ته ٻين،
لاءِ جيئڻ جو،
نالو آهي.
پنھنجي خوشين ۾،
اُنھن جا حصا ضرور،
رَکو ..!!
جِن جي ڪري،
اوهانکي،
جيئڻ جو حق ڏنو ويو
آهي..!!
✤✤
آپگھات
ڪتاب جا ورق،
جو ورايم،
ته هر پني تي،
مون پنھنجي،
اُميدن کي،
آپگھات ڪندي ڏٺو..!!
✤✤
انسان
معذور شخص کي،
رستو پار ڪرايو..!!
مون اڄ خوشيون ڏئي،
درد خريد ڪري ڇڏيا آهن..!!
پنھنجي دستر خوان تان،
سڀ طعام کڻي،
ان ماءُ جي،
حوالي ڪري آيو آهيان،
جيڪا پنھنجي،
ٻچن کي ڳَڀي جي،
سکڻين لورين تي،
سمھاري صبح ڪندي آهي..!!
اڄ ئي ته مان انسان ٿيو آهيان..!!
✤✤
مات
توسان مُنھنجو،
رت جو رشتو ته ناهي،
پوءِ مُنھنجي احساسن کي،
ڇو آرام ناهي،
روئي چيو مانس..!!
جتي روحن جا رشتا زندھ هجن،
اُتي محبت کي مات ناهي ايندي..!!
✤✤
اڪيلائي
واچوڙن ۾،
زندگي ڪکن،
جيان،
ڦيرن ۾ آهي..!!
۽ حسرتن جا،
غمگين پکي،
اڪيلائيءَ جي،
آسمان ۾،
گم ٿي ويا آهن..!!
✤✤
تلاش
اُن وڻ جيان هو..!!
جنھن کي،
پَن ڇَڻ کان پوءِ،
بھار جي موسم جي،
تمنا هوندي آهي!!
سندس جِيوَن کي،
اُن پٿر دل جي وڇوڙي،
ڪنھن وڻ ويڙهيءَ جيان،
ورائي ڇڏيو هو..!!
جنھن جون پاڙون،
نه هوندي به،
گِهرو اثر هوندو آهي!!
ها! جيڪو،
زماني جي گردش ۾،
پنھنجو سُڪون،
وڃائي چُڪو هو..!!
جنھن جي اکين ۾،
لڙڪن جو راڳ،
رهندو هو..!!
۽ جنھن جي،
خوابن کي چڪنا چُور ڪري،
احساسن کي،
انتظاريءَ جا،
تمغا ملي چُڪا هئا..!!
اڄ مون اُن شخص کي،
تلاش ڪندي ڪندي،
جڏهن..!!
آرسي ڏٺي،
ته منهنجي تلاش
ختم ٿي وئي..!!
✤✤
پيغام
ڳلو ڪپي،
پيار جون،
ڳالھيون ڪجن..!!
نفرت جو جواب،
محبت سان ڏئي،
سِڪ جي سَڳي کي،
مضبوط ڪجي..!!
ڪنڊن جا تحفا،
ڏيندڙن کي،
محبتن جا گُل،
پيش ڪري،
امن جو ڳاٽ،
اُوچو ڪجي..!!
ٻئي جي تڪليف کي،
پنھنجو درد محسوس ڪري،
انسانيت جو،
ثبوت ڏجي..!!
جيجل جي،
قدمن کي چُمي ڏئي،
جنت جي،
نعمتن سان سرشار ٿجي..!!
اوهان جي عاجزي اهڙي هجي،
جو اوهان جي،
پھرين ملاقات کي ئي،
ماڻھو صدين جو ساٿ سمجھن..!!
✤✤
ڇرڪ
حَسرتُن جي،
هڙَ کڻي،
اُميدن جي،
آس ۾،
خوشين جا،
خواب ڏسندي،
ڇرڪي پئي..!!
✤✤
من گھڙت فيصلا
سڄي بدن کي وڪوڙي،
ذهن ۾ سوچن جي،
سربراهي ڪري،
پنھنجا مَن گھڙت،
فيصلا ٻڌائي،
مونکي مايوسيءَ سان،
ٺاھ ڪرڻ لئه،
مجبور ڪري رهي هئي..!!
گلاب جي گل جي،
رنگت سُڪون کي،
در بدر ڪري،
مونکي پٿر بنائڻ جي،
اڳڪَٿي ڪري چُڪي هئي..!!
۽ من بي چين،
رهڻ ۾ مصروف ٿي،
خوشين سان،
بائيڪاٽ ڪرڻ جو،
اعلان ڪندي،
پنھنجو پاڻ لئه خود،
سزا مقرر ڪري رهيو هو..!!
رات جي ڀاڪر ۾،
چنڊ جي،
چانڊوڪيءَ سان گڏ،
جيتن جا سُرڙاٽ،
سپنن کي سڏي،
تڪليف ۾،
اضافو ڪري رهيا هئا..!!
دل جو درد،
ايترو وڌي چُڪو هو،
جو هاڻ درد کي به،
درد ٿيڻ لڳو هو..!!
۽ ڳوڙها هر وقت،
اکين جا بند ڀڃيندي،
ڳلن جي،
زينت بنجڻ لڳا هئا..!!
هي احساس جا،
آخري الفاظ،
تنھنجي لئه،
تنھنجي جيت سان
توکي مبارڪ..!!
مُنھنجي هار،
مون سان دفن ٿي وئي..!!
✤✤
تاريخ
لکبي آهي..!!
هڪڙن کي،
ماڻھو روئي ياد ڪندا آهن..!!
۽ هڪڙن کي،
ماڻھو لعنتون وجھي،
ياد ڪندا آهن..!!
تون پنھنجي،
ضمير کان پُڇ!
ته توکي زمانو،
ڪيئن ياد ڪندو..!؟
✤✤
ڇِرڪ
ڏکڻ کان اُڀريو آهي،
گھوڙن جي ٽاپن جا آواز،
عرش ڏاري رهيا آهن..!!
آئون سلطنت جو،
بادشاھ ٿي ويو آهيان..!!
مُنھنجِي درٻار،
منهنجي حڪم جِي منتظر آهي..!!
مُنھنجي آجيان لاءِ،
رستا سينگاري،
عنبر ڇٽيا ويا آهن..!!
مون کي تاريخ ۾،
ياد ڪرڻ لئه،
سونَ جا قلم پھچي چُڪا آهن..!!
مُنھنجي اشارن سان،
هوائون به،
رُخ موڙڻ ۾ دير ڪونه پيون ڪن..!!
مُنھنجي چوڻ سان،
ٻٻر به ٻير ڏيڻ لڳا آهن..!!
مُنھنجي حڪم سان،
رات به ڏينھن ٿيو پوي..!!
پر اوچتو..!!
ڪنھن ڳَري آواز جا سڏ،
ڪنن تائين پھتا،
ته ڇرڪ نڪرڻ تي،
اک کلي ۽ خواب ٽُٽي ويو..!!
✤✤
بغاوت جو عَلم
۽ رات کي ڏينھن چَوَڻ،
اَميرِ شھر جو حُڪم هُجي..!!
جِتي پيٽ جي بُک،
اُجھائڻ لاءِ،
ماءُ پنھنجي،
جگر جي ٽُڪرن کي،
بازار ۾ ڍورن جيان،
کپائڻ تي مجبور ٿئي..!!
جِتي سَچ کي سوليءَ تي لٽڪائي،
ڪوڙ کي همتن جا تمغا ڏِنا وَڃن..!!
جِتي چورن لُٽيرَن کي،
ڌرتيءَ جي ڀيل ڪرڻ لاءِ،
بي لغام گھوڙن جيان،
ڇڏڻ کان پوءِ موٽ ۾،
اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ ارپيا وڃن ٿا..!!
جتي ضمير وڪڻڻ جا،
دُڪان کليل هُجن..!!
جِتي ڌرتي ڌڻي،
بي يارو مددگار،
۽ لاچار بڻيل هُجن..!!
جِتي جيئڻ تي بندش،
۽ مَرڻ کان پوءِ،
قبرستان تي قبضو ڪري،
مُردن جي تذليل ڪئي وڃي..!!
جتي گلاب جي گُل جھڙيون جوانيون،
پنکي ۾ لٽڪيل هُجن..!!
جتي پتڪڙن سپنن کي،
سنگسار ڪيو وڃي..!!
جتي معصوم ٻارڙن سان،
زيادتي ڪري،
سندن زندگيءَ جو،
ڏيئو اُجھايو وڃي..!!
جتي هارين جي حسرتن جو،
خون ڪري،
سندن خوابن کي،
چڪنا چُور ڪري،
امڙين جو نور کَسي،
جھُور پوڙهي پيءُ جي،
ڪُلھن تان نياڻيءَ جو بار،
لاهڻ جا سڀ حق،
غصب ڪيا وڃن..!!
جتي تعليم جي معيار کي،
برباد ڪري درسگاهن ۾،
گڏهن کي واڙيو وڃي..!!
جتي ميرٽ جي لتاڙ ڪري،
رشوت جي بازار گرم ڪئي وڃي..!!
جتي ڪپڙن جو رنگ سفيد،
۽ من ڪارو هجڻ سان گڏ،
نيتن ۾ کوٽ هجي..!!
جتي امير ڌرتيءَ جا وارث،
لاوارث جيان زندگي،
بسر ڪرڻ تي مجبور هجن..!!
جتي عزتون محفوظ نه هجن..!!
جتي زندگيون،
بصرن جيان ڪَٽيون وڃن..!!
جتي هر روز انصاف جا لاشا کڄندا هجن..!!
جتي انسانيت جو،
قتلِ عام ٿيندو هجي..!!
اُتي اسان کي بغاوتن جو،
عَلم کڻي،
ڏاڍ جي طوفانن کي،
روڪڻو پوندو..!!
✤✤
ضمانت
دليون ڦرجي وڃن..!!
جتي،
پيار جا پيرا،
گم ٿي وڃن..!!
جتي قرب جو،
ڪيس داخل ٿي وڃي..!!
جتي عشق جي،
عدالت ۾،
ماڻھوءَ کي،
عمر قيد جي،
سزا لڳي وڃي..!!
اُتي احساسن،
جي اپيل،
۽ زندگيءَ جي ضمانت،
ضبط ٿي سگھي ٿي..!!
✤✤
زندگي
دار آهي..!!
زندگي هڪ،
مٺو ساھ آهي..!!
زندگي اُميدن جو،
گھاءُ آهي..!!
زندگي جيئڻ جو،
نانءُ آهي..!!
زندگي صحرا ۾،
گلاب جو،
گُل آهي..!!
زندگي بھار ۾،
خزان به آهي..!!
زندگي هڪ،
ڪتاب آهي..!!
جنھن جي هر صفحي تي،
نوان نوان،
سبق ملن ٿا..!!
زندگي هڪ،
اهڙي ڪھاڻي آهي،
جنھن جي،
ڪلائيميڪس جي،
ڪابه خير نٿي پوي..!!
زندگيءَ خوابن جو،
هُجوم آهي..!!
ها! پر ضروري ناهي،
ته اُهو هجوم،
ٽھڪن جو هجي..!!
ڇو ته زندگي،
ڏُک ۽ سُک جو،
اهڙو سنگم آهي،
جنھن ۾،
ڪڏهن ٽھڪن،
ته ڪڏهن،
لڙڪن جي،
جيت ٿيندي آهي..!!
✤✤
درد
اڄ به تُنھنجي،
يادن جو،
تڏو وڇايل آ..!!
اڄ به مُنھنجي،
حال سان،
درد ڳراٽيون پائي،
روئندا آهن..!!
✤✤
لعنتون
دنيا جي هِن،
طويل سفر ۾،
حسيني سوچ،
سرخرو آهي..!!
وقت جي وهڪرن ۾،
اڄ به تاريخ،
پنھنجي زبان کولي ٿي..!!
ڀل يزيديت جي،
ڪھڙي به صورت هُجي،
سندس مٿان،
گھڙيال جِي،
هر ٽِڪ ٽِڪ تي،
لعنتون وَسن ٿيون..!!
✤✤
ڀاڪر
جن کي ڏسڻ کان پوءِ،
دل ۽ دماغ،
درد جي درياھ۾،
ٻڏندو رهيو..!!
ڇو ته مون ڏٺو،
جيجل جي چھري جا،
گُھنج غمن جي،
آثار مثل هئا..!!
مون ڏٺو ته اولاد،
نافرمانيءَ جون،
سڀ حدون اورانگھي،
ڇڏيون آهن..!!
مون ڏٺو پوڙهي پيءُ جي،
ڪُلھن تي،
ايترو وزن هو،
جو هاڻ سندس عمر،
اِهو بار کڻڻ کان،
بلڪل قاصر هُئي..!!
مون ڏٺا اُهي هٿ،
جن جي آڱرين ۾،
قلم بدران سگريٽ جا،
ٽوٽا سجايل هئا،
مون ڏٺا آهن ڌرتيءَ جا،
اُهي وارث،
جن جون عمريون،
تغاريون کڻندي گذري ويون..!!
مون ڏٺيون اُهي اکيون،
جن ۾ خواهشون،
خودڪشي ڪنديون آهن..!!
مون ڏٺا اُهي ڀاڪر،
جن ۾ پيار ۽ پنھنجائپ جو،
احساس هوندو آهي..!!
ها! اُهي ڀاڪر،
جتي نيڻن جا بند ڀڄي پون..!!
اُهي ڀاڪر سڏڪن جو،
سرگم بڻجي،
دلين کي ايترو ته،
پگھرائيندا آهن،
جو اُنھن کي جُڙڻ ۾،
ڪافي وقت لڳيو وڃي..!!
۽ مون ڏٺا آهن،
اُهي ڪنڌ..!!
جِن کي روئڻ لاءِ ڪڏهن،
ڪُلھو به ناهي ملندو،
جو دل جو بار هلڪو ڪري سگھن..!!
✤✤
نئون سال
رات جي انڌيري ۾،
جڏهن ٺريل جهوپڙيءَ ۾،
ماءُ جي ممتا جو هانءُ،
ڇڳل کٽ جيان،
بي ترتيب بڻيل هو،
تڏهن سندس اکين مان،
ننڊ ڪوهين،
ڏور هلي ويئي هئي..!!
پر جيجل،
پنهنجي جگرن خاطر،
مضبوطيءَ جو دامن،
جهليو بيٺي هئي..!!
ته اوچتو فائرنگ شروع ٿي وئي..!!
تڏهن ٻارن،
امڙ کي ڀاڪرن ڀَري ورتو..!!
جن تي،
خوف جو عالم طاري ھو..!!
آهستي آهستي،
معصوم سڏڪن ۾،
پڇڻ لڳا!
اَمان..!! او امان..!!
پاڙي ۾ چور آيا آهن ڇا..! ؟
هي ٺڪاءُ ته ٻڌ!
بس ئي نه پيا ٿين ..!!
ماءُ پنهنجي،
ڳوڙهن تي ،
ضبط آڻيندي چيو ،
پُٽ هي چور يا، ڌاڙيل ناهن
پاڙي وارا نئين سال جي ،
خوشي ڪري رهيا آهن..!!
✤✤
ميڻ بتي
جدت جي آسمان تان،
ستارا لاهي،
زمين تي کڻي اچ..!!
پر خدارا مونکان،
ميڻ بتيءَ جي،
مزدوري ته نَه کس..!!
✤✤