ڌرتي روشن آھي
آغا سليم جي ڪھاڻين ۾ رومانس سان گڏ، لفظن جي بيھڪ ۽ مقصد جي اپٽار بہ ڪيل هوندي آھي. سندس ڪھاڻين جو جائزو وٺندي شمس الدين عرساڻي لکي ٿو، ”هن افسانہ نگاري (ڪھاڻي توڙي ناول) ۾ هڪ نئين نفسياتي رخ ’شعوري رو‘ کي اهميت ڏني آهي. ان ۾ فنڪار ڪنھن خاص واقعي تي زور ڏيڻ بدران صرف ڪردارن جي ذهن ۽ شعور جون تصويرون پڙهندڙن جي آڏو آڻڻ چاهيندو آهي. آغا سليم ان واٽ تي مضبوطيءَ سان پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مان هن جي هڪ آزموديگار فنڪار ۽ پختي قلمي قوت رکندڙ اديب هجڻ جي ثابتي ملي ٿي،“.