شاعري

اکڙيون ڏيلا من گهايل

ڊاڪٽر مرلي ڌر سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن(SIUT)  ڪراچي ۾ پروفيسر آهي، جتي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ڊاڪٽر مرلي ڌر پنهنجي طبي خدمتن سان گڏ ادب جي خدمت پڻ ڪري رهيو آهي. پاڻ بھترين شاعر ۽ نثر نويس آهي. ڊاڪٽر مرلي ڊاڪٽر ھجڻ باوجود حساس طبيعت آھي. ھيءَ شاعري سندس ترقي پسند فڪر جو واضح پيغام آھي. ڊاڪٽر مرليءَ ڪوشش ڪئي آھي تہ عام ماڻھوءَ جي سڏڪن کي شاعراڻو روپ ۽ پنھنجي غصي کي ڀرپور آواز ڏئي. داڪٽر مرلي ڌر جي شاعريءَ ۾ اڄ جي دور جي شاعريءَ وارو مشھور موضوع ”رومانس“ ناھي، پر ھِن ۾ ڳوڙھا آھن ۽ ڳوڙھن جون ڳالھيون آھن. سندس شاعريءَ جو ھڪ ئي موضو آھي جنھن جو نالو آھي انسان.

  • 4.5/5.0
  • 37
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مرلي ڌر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اکڙيون ڏيلا من گهايل

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شاعر ۽ ڪالم نگار ڊاڪٽر مرلي ڌر جي شاعريءَ جو مجموعو ”اکڙيون ڏيلا من گهايل“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ڊاڪٽر مرلي ڌر سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن(SIUT)  ڪراچي ۾ پروفيسر آهي، جتي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ڊاڪٽر مرلي ڌر پنهنجي طبي خدمتن سان گڏ ادب جي خدمت پڻ ڪري رهيو آهي. پاڻ بھترين شاعر ۽ نثر نويس آهي. ڊاڪٽر مرلي ڊاڪٽر ھجڻ باوجود حساس طبيعت آھي. ھيءَ شاعري سندس ترقي پسند فڪر جو واضح پيغام آھي. ڊاڪٽر مرليءَ ڪوشش ڪئي آھي تہ عام ماڻھوءَ جي سڏڪن کي شاعراڻو روپ ۽ پنھنجي غصي کي ڀرپور آواز ڏئي. داڪٽر مرلي ڌر جي شاعريءَ ۾ اڄ جي دور جي شاعريءَ وارو مشھور موضوع ”رومانس“ ناھي، پر ھِن ۾ ڳوڙھا آھن ۽ ڳوڙھن جون ڳالھيون آھن. سندس شاعريءَ جو ھڪ ئي موضو آھي جنھن جو نالو آھي انسان.
ھي ڪتاب 2010ع ۾ مارئي پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي