ڪالم / مضمون

سڙيا مٿي سچ

”سڙيا مٿي سچ“ ننڍن وڏن ستاويھن ليکن جو مجموعو آهي، جنھن ۾سماج جي مڙني موجوده مسئلن نوڪريءَ جي نالي ۾ نوجوانن سان ٿيندڙ مذاق کان ويندي تعليمي ادارن ۾ انتظامي نااهلي، آدمشماري، وڻن جي نسل ڪشي، سنڌي ٽي وي چينل ۽ ٻوليءَ جو بگاڙ، ڀوپن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، ڪتاب نہ پڙهڻ جا مختلف بھانا، ادبي ميلا ۽ مچ ڪچھريُون ۽ ڪورونا وبا اهم موضوع آهن. سرمد جي مضمونن ۾ مقصديت، اختصار سان گڏ جامعيت، اهم نڪتن کي نروار ڪرڻ واري هنر سان گڏوگڏ هڪ تحمّل ۽ ٺهراءُ پڻ نظر اچي ٿو، جيڪو سرمد جي شخصيت ۾ بہ بدرجئہ اُتم موجود آهي.

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سڙيا مٿي سچ

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

Book No:110

ڪتاب: سڙيا مٿي سچَّ
موضوع: مضمون
ليکڪ: سرمد کوسو
پهريون ڇاپو: اپريل2021ع
تعداد: هڪ هزار
ڪمپوزنگ: سرمد کوسو
لي آئُوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
سرورق: نعيم ديسوالي
ڇپائيندڙ: مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچي
قيمت: 300 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

Book: SARRIYA MATHAY SACH’a
Subjecat: (Artocals)
Autor: Sarmad Khoso
First Edition: April 2021
Quantity: 1000 Copies
Composed by: Sarmad Khoso
Lay-out: Zain Computers Karachi
Title: Naeem Deswali
Published by: Murk Publication, Karachi
Price PK Rs. 300/-
ملڻ جو هنڌ:
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي، ڪاٺياواڙ بوڪ شاپ اردو بازار ڪراچي
ڪنول سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد، عزيز ڪتاب گهر سکر
پيڪاڪ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، رابيل ڪتاب گھر لاڙڪاڻو
مدني بوڪ اسٽوردادو، سوچ ڪتاب گهر دادو،
تهذيب بڪ اسٽور خيرپورميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي
پريتم قاضي نواب شاهه، عاجز منگي سانگهڙ

ارپنا

هي پيار جو پورهيو،
دنيا جي سڀني مزدورن،
هارين ۽ پورهيتن جي نانءِ
جيڪي هزارين تڪليفون برداشت ڪري،
اسان لاءِ آسائشون ميسّر ڪن ٿا.
ــ سرمد کوسو

پتنگن پَهُه ڪيو، مِڙيا مٿي مچَّ،
پسِي لَهسَ نه لِچيا ،سَڙيا مَٿي سچَّ،
سندا ڳِچين ڳَچَّ، ويچارن وڃائيا
(ڀٽائي رحه)
سُر يمن ڪلياڻ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سرمد کوسي پاران سماجي موضوعن ۽ مسئلن تي لکيل مختلف مضمُونن ۽ لکڻين تي ٻڌل ڪتاب ”سڙيا مٿي سچ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
”سڙيا مٿي سچ“ ننڍن وڏن ستاويھن ليکن جو مجموعو آهي، جنھن ۾سماج جي مڙني موجوده مسئلن نوڪريءَ جي نالي ۾ نوجوانن سان ٿيندڙ مذاق کان ويندي تعليمي ادارن ۾ انتظامي نااهلي، آدمشماري، وڻن جي نسل ڪشي، سنڌي ٽي وي چينل ۽ ٻوليءَ جو بگاڙ، ڀوپن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، ڪتاب نہ پڙهڻ جا مختلف بھانا، ادبي ميلا ۽ مچ ڪچھريُون ۽ ڪورونا وبا اهم موضوع آهن. سرمد جي مضمونن ۾ مقصديت، اختصار سان گڏ جامعيت، اهم نڪتن کي نروار ڪرڻ واري هنر سان گڏوگڏ هڪ تحمّل ۽ ٺهراءُ پڻ نظر اچي ٿو، جيڪو سرمد جي شخصيت ۾ بہ بدرجئہ اُتم موجود آهي.
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون مُرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاريءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. مھربانيون سرمد کوسي جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

دنيا ۾ سڌريل سماج رڳو بهترين حڪمرانيءَ سبب نه آهن، اُن جو سبب رڳو سرڪاري يا غير سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي نه آهي، نه رڳو اُتان جون قومون، خاندان ۽ فرد پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا پر ان ٻوليءَ جا ليکڪ پڻ پنهنجي پنهنجي ذميواري نڀائين ٿا، اُهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا، پُراڻا توڙي نوان آزادي ماڻيندڙ ملڪ ترقي ياآفته آهن. ترقي يافته رياستن جا ماڻهو نيڪ نيتي سان رياست توڙي سماج جي سُڌاري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا، پر پاڻ اڃان تائين اُهي قدر سڃاتا ئي نه آهن، ورهاڱي کان اڳ سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترائي حملا ٿيا، قوم کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ قيد ڪري استعمال ڪيو ويو، ورهاڱي کان پوءِ ڌاريا پير کوٽيندا رهيا، اڄ تائين ننڍي ۾ ننڍي مسئلو بنياد بڻائي قومن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش جاري آهي، اديب ذاتي مفادن خاطر پنهنجي پنهنجي پگهر ۾ ٻڌل نظر اچن ٿا. ڪير به ڪنهن به ننڍي توڙي وڏي ظلم ۽ زيادتي خلاف آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي. ايتري قدر جو پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارڻ وارن کي قوم جا غلام حڪمران لٺيون وسائن ٿا. پر هي بي حس ماڻهو، ليکڪ توڙي دانشور خاموش تماشائي آهي، سواءِ فيس بوڪي بيان جي ٻيو ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهن.
سنڌ ۾ ظلم ۽ بربريت جي انتها سان مهاڏو اٽڪائيندڙ چند ليکڪ آهن، انهن ۾ اڪثريت نئين ٽهيءَ جي آهي، جيڪي پنهنجي زوق شوق کي اڳتي وڌائين ٿا، يا سماجي ڪردار ادا ڪن ٿا، انساني حقن جي پاسداري ڪن ٿا يا قومي غيرت جو ثبوت ڏين ٿا. پر اُهي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ضرور ڏيارين ٿا، انهن ليکڪن ۾ سرمد کوسو پڻ اهم نانءُ آهي.
سرمد کوسو سنڌي ٻوليءَ جو سجاڳ ليکڪ ٿي سامهون آيو آهي، سندس لکڻ جي رفتار پنهنجي حلقي ۽ هم عمر ليکڪن ۾ گهڻي تيز آهي. هو سماج تي گهري نظر رکي ٿو، نه رڳو ايترو پر قوم سان ٿيندڙ ناانصافيءَ تي قلم به کڻي ٿو، هو نه رڳو سماج جي سورن تي تڙپي ٿو پر قلم ذريعي آواز اٿاري ٿو، هونئن به هڪ ايماندار ۽ ذميدار ليکڪ جو ڪم لکڻ ئي هوندو آهي. ليکڪ هٿيار کڻي ڪڏهن به ظالم سان مهاڏو نه ٿو اٽڪائي پر قلم ذريعي ڊگهي مُدي تائين تحريڪ ضرور هلائي يگهي ٿو. اهڙي ريت سرمد کوسو به سرگرم قلمڪار جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.
سرمد کوسو نه رڳو پنا ڪارا ڪري ٿو پر کيس نثر جي کوڙ ساترين صنفن جو هنر به اچي ٿو. هن هر نئين آفت، ظلم، بربريت توڙي قتل عام تي روزانو جي بنياد تي جيڪو لکڻ جو ڪم ڪيو، اُهو ”سڙيا مٿي سچ“ جي صورت ۾ پڙهندڙن جي آڏو آهي.
سرمد کوسي جا هي ليک موقعن جي آڌار سگهارو آواز آهن، اهڙو آواز جيڪو انصاف جي اپيل ته ڪري ٿو پر ڌرتي ڌڻين کي اتساهه ۽ اڳتي وڌي پنهنجو حق حاصل ڪرڻ جوجذبو به ڏين ٿا. اهڙو ذميدار ليکڪ جيڪڏهن نوجوان ٽهيءَ مان آهي ته سنڌي ادب جو ڀاڳ چئبو.
”سڙيا مٿي سچ“ ننڍن وڏن ستاويهن ليکن جو مجموعو آهي، جنهن ۾سماج جي مڙني موجوده مسئلن نوڪريءَ جي نالي ۾ نوجوانن سان ٿيندڙ مذاق کان ويندي تعليمي ادارن ۾ انتظامي نااهلي، آدمشماري، وڻن جي نسل ڪشي، سنڌي ٽي وي چينل ۽ ٻوليءَ جو بگاڙ، ڀوپن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، ڪتاب نه پڙهڻ جا مختلف بهانا، ادبي ميلا ۽ مچ ڪچهريُون ۽ ڪورونا وبا اهم موضوع آهن.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان سرمد کوسي جو هي قلمي پورهيو تاريخ ۾ محفوظ ته ڪيون ٿا پر پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچندي خوشي پڻ محسوس ڪري رهيا آهيون. اميد ته خلوص واري موٽ ملندي.

مرتضيٰ لغاري
0300518249

مُهاڳ: ٻَرِي ٻَرِي ٿو ڪيان اُجالو

’مضمُون‘، ڪنهن به ٻوليءَ جي نثر جِي بنيادي صنف آهي، جيڪا پنهنجي تحرير جي طرز ۾ نظر اچڻ جي لحاظ کان جيتري سؤلي آهي، اوتري ئي لکڻ ۾ ڏُکي آهي. ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ ۾ درج مضمُون جي ڪليدي وصف مُوجب: ”مضمون، نثري ادب جي شخصي يا داخلي اهم شاخ يا صنف آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجن ويچارن ۽ جذبن کي اظهار ڏئي ٿو. منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي ته: ’ناول ۽ ناٽڪ زندگيءَ جو آئينو آهن، ته شعر ۽ مضمون، شاعر يا ليکڪ جي شخصيت جو آئينو آهن.‘ مضمُون کي عربيءَ ۾ ’مقالمه‘، پارسيءَ ۾ ’مقاله‘ ۽ انگريزيءَ ۾ ’اَيسَي‘، چئبو آهي. اهو انگريزي لفظ، فرينچ لفظ ’اِسائي‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’ڪوشش يا سعيو‘.“
انساني تاريخ ۾ مضمون نويسي ڪيتري پراڻي آهي. اهو سوال به اوترو ئي ڏکيو آهي، جيترو اِهو سوال ته دنيا ۾ ٻولين جا لکتي اظهارَ ڪيترا پراڻا آهن. دنيا جو پهريون لکتي اظهار يقيناً ڪا سادي عبارت ئي هوندو، پر اهو اظهار نثر ۾ هو؟ يا نظم ۾؟ ۽ ٻنهي مان جنهن ۾ به هو، ته ان جي صُورت ڇا هئي؟ ان جو ويس ڪهڙو هو؟ يا ان کي موجُوده صنفن جي لحاظ سان ڪهڙيءَ صنف جي ابتدائي شڪل سمجهي سگهجي ٿو. اهي اهڙا سوال آهن، جيڪي آهن ته ڏاڍا دلچسپ، پر انهن جا جواب اڻلڀ ۽ اڄاتلَ! اها ڳالهه به عام / سادي عقل (ڪامن سينس) هٿان تسليم ٿيڻ جوڳي آهي، ته دنيا ۾ مضمون نويسيءَ جو پهريون تجربو، ڪنهن قديم زبان ۾ ئي ٿيو هوندو ۽ ممڪنه طور تي اها ٻولي، دنيا جي چئن يا پنجن پراڻين تهذيبن منجهان ئي ڪنهن تهذيب جي ٻولي هوندي. پر جيستائين قلمبند ٿيل تاريخ جي ڏَسَ جو تعلق آهي، ته جديد زبانن منجهان، انگريزي ادب ۾ ’بِيڪن جا مضمُونَ‘، جيڪي 1579ع ۾ ڪتابي صورت ۾ (مونٽائگن جي مرتيي کان فقط پنج سال پوءِ) شايع ٿيا، جنهن ۾ سندس پهريان 10 مضمون به شامل هئا، اهو 1612ع ۽ 1625ع ۾ پڌرو ٿيل انگريزيءَ جو پهريون نثري ڪارنامو هو، جنهن کي ”مضمُون“ طور مڃيو وڃي ٿو. ’بين جانسن‘، 1609ع ۾ پهريون ڀيرو ان قسم جي نثري تحرير لاءِ ”مضمون“ جو اصطلاح ۽ ان جي تخليقڪار لاءِ ”مضمُون نگار“ جو لفظ استعمال ڪيو هو.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مُوجب ئي ”فرانس جو اديب ’مانٽين‘ مضمُون جِي صنف جو بانيڪار چيو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي پيرسنيءَ ۾، 1571ع ڌاري دنيا کان پاسيرو ٿي، پنهنجي پوريءَ عمر جي مشاهدن جي آڌار تي مختلف موضوع کڻي، اُنهن تي ننڍڙا ننڍڙا شخصي (سَبجيڪٽِو) مضمون لکيا. ’مانٽين‘ پنهنجي ان قسم جي ڪوشش کي ’ايسائِي‘ جو نالو ڏنو، جيتوڻيڪ انهيءَ لکت ۾ ڪو فلسفيانه بحث نه هو، پوءِ به سندس اندازِ بيان ۾ هڪڙي بي ساختگي موجود هئي. فرانس مان اها صنف انگريزي ادب ۾ آئي، جتي ان صنف جو پهريون ليکڪ، ’لارڊ فرانسز بيڪن‘ سڏجي ٿو، جنهن جي مضمُونن جي ڪتاب ’بيڪنس ايسيز‘ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا قليچ بيگَ، ’مقالات الحڪمت‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمونن جي پهريَن (ابتدائي) ڪتابن مان چئي سگهجي ٿو.“
سنڌي ٻوليءَ توڙي ادب ۾ مضمون نويسي، انگريزن معرفت آئي. سنڌي ادب جي تاريخ سهيڙيندڙن، سنڌي مضمون کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو آهي. ان ڏس ۾ پهريون دؤر 1861ع کان 1900ع تائين، ٻيو دؤر 1900ع کان 1947ع تائين ۽ ٽيون دؤر ورهاڱي کان اڄ تائين جو ليکيو وڃي ٿو. يعني ايئن چئي سگهجي ٿو ته ’مضمون‘، گهڻين ٻولين وانگر سنڌيءَ ۾ به گهڻي پراڻي صنف ڪانهي ۽ ان جي شروعات سنڌيءَ ۾ به لڳ ڀڳ ان ئي دؤر ۾ ٿِي، جنهن زماني ۾ سنڌيءَ کان عمر ۾ گهڻي ننڍي زبان، اردوءَ ۾ نثر لکجڻ جو آغاز ٿيو. هوڏانهن اردُوءَ جو پهريون نثرنويس ۽ مضمُون نگار، سر سيّد احمد خان، 1857ع ۾ علي ڳڙهه ۾ ’انسٽيٽيُوٽ گزيٽ‘ ۽ ’تهذيب الاخلاق‘ رسالن ۾ اردوءَ ۾ پنهنجا ۽ بعد ۾ ٻين جا مضمون ڇاپي، اردوءَ ۾ مضمون نويسيءَ جا بنياد وجهي رهيو هو، ته هيڏانهن اسان وٽ سنڌي مضمون نويسيءَ جي ابتدا جا پيرا، ان کان لڳ ڀڳ 4 سال بعد 1861ع ۾ سنڌي صحافت جي شروعات کان سُتت پوءِ ملن ٿا. سنڌيءَ جي پهرين اخبار، مرزا محمّد صادق 1861ع ۾ جاري ڪئي. جنهن کانپوءِ ڪجهه وقت اندر ئي ٻيون اخبارون به جاري ٿيون، جن ۾ سنڌي مضمون ڇپجڻ لڳا. ان مُنڍ واري دؤر ۾ ”سرسوتي مخزن“ ۽ ”جوت“ جا مضمون ”هيري جون ڪهاڻيُون“ ۽ ”گُل ڦُل“ جي نالي سان شايع ٿيا. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ هن دؤرَ جو نمايان مضمون نويس ۽ مترجم ٿي اُڀريو. هن دؤر ۾ تحرير ٿيندڙ مضمونَ گهڻو ڪري سماجي، اخلاقي، تعليمي ۽ سير سيّاحت جي موضوعن تي مشتمل هئا. سنڌي مضمون جي ٻي دؤر ۾ (يعني 1900ع کان 1947ع تائين) پهرين دؤر کان وڌيڪ ڪم ٿيو ۽ وڌيڪ نثر نويسن ان صنف ۾ لکيو. ويهين صديءَ جي شروعات تائين سنڌيءَ ۾ ڳڻڻ جوڳي انگ ۾ رسالا ۽ اخبارون جاري ٿي چڪا هئا، جن جي نتيجي ۾ سنڌي مضمون نويسيءَ ڪافي ترقي ڪئي ۽ هر نوع جا سنجيده، فلسفياڻا توڙي طنز ۽ مزاح تي ٻڌل مضمون لکيا ويا. هن دؤر جي مضمون نگارن ۾ شمس الدين ”بُلبل“، ڄيٺمل پرسرام، محمّد هاشم ”مخلص“، مولانا دين محمد وفائي، منگهارام ملڪاڻي، ميران محمّد شاهه اوّل، حڪيم فتح محمّد سيوهاڻي، شمس العلماء علامه ڊاڪٽر عمر بن محمّد دائُودپوٽو، محمّد اسماعيل عرساڻي ۽ ٻيا شامل آهن. هن دؤر ۾ ”چڻنگون“ (مصنف: تيرٿ سَنت)، ”ادبي غُنچو“ (مصنف: نارائڻ داس ڀمڀاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻي)، ”ادبي آئينو“ (ليکڪ: ليکراج عزيز)، ”ڳوٺاڻي چَهر“ ۽ ”انار دانا“ (مصنف: نارائڻ داس ملڪاڻي)، ”سدا گلاب“ (ليکڪ: لال چند امر ڏنو مل)، ”درس ِعمل“ (ليکڪ: عثمان علي انصاري) جهڙا مضمونن جا مشهور مجموعا شايع ٿيا.
سنڌي نثر ۽ خاص طور مضمون جي ٽين دؤرَ (ورهاڱي کان اڄ تائين) تي نظر وجهبي، ته ننڍي کنڊ جَي ورهاڱي سان هن خطي تي پوندڙ منفي سماجي اثرن سان گڏ، هي ورهاڱو سنڌي ادب تي پڻ تمام گهڻو اثرانداز ٿيو. ورهاڱي سبب ڳچ ناميارن سنڌي اديبن توڙي ناشرن ۽ ڇاپي خانن جي مالڪن جي لڏي وڃڻ سبب، سنڌ جي ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو. جنهنڪري سنڌي ادب جي ٻين صنفن سان گڏوگڏ مضمون نويسيءَ جي صنف کي به نقصان رسيو. اهڙيءَ صُورتحال ۾ بعد ۾ ”نئين زندگي“ ۽ ”مهراڻ“ جهڙن رسالن ۽ ادبي مخزنن، سنڌي مضمون نگاريءَ جي بقا ۽ واڌاري ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو. تنهن کانپوءِ ٻين رسالن ۽ اخبارن پڻ سنڌي مضمون شايع ڪري، سنڌي مضمون نويسيءَ کي هٿي ڏني. سنڌي مضمون جي هن ٽين دؤر جي شروعات، محمّد اسماعيل عرساڻيءَ، ڪريم ڏني راڄپر، چيتن ماڙيوالا ۽ عطا حسين موسويءَ جهڙن سرموڙ مضمون نگارن جي قلمي پورهئي سان ٿي. جنهن کانپوءِ ميران محمّد شاهه ٻئَي، پير علي محمّد راشديءَ، علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ڪيترائي تاريخي مضمون لکيا. انهن ٽنهي دؤرن ۾ قلمي پورهيو ڪندڙ مضمون نويسن جي فهرست تمام طويل آهي، جن سڀني جا نالا هڪ ليک ۾ شامل ڪرڻ ممڪن ناهن.
اردوءَ جي بعد وارن نشانبر مضمون نويسن ۾ نواب وقارالمُلڪ، مولانا الطاف حسين حالي، چراغ علي، ماسٽر رام چند، محمّد حسين آزاد، مير ناصر علي، مُحسن المُلڪ، مولوي ذڪاءُ الله، مولانا عنايت رسول چڙيا ڪوٽي، علامه شبلي نعمانيءَ وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا، جن اردوءَ ۾ مضمون توڙي انشائيه (مضمُون سان ملندڙ جُلندڙ صنف) لکي پاڻ ملهايو.
ماضيءَ جي ڳڙکيءَ جو طاق ٻيڪڙي، حال تي نظر وجهئون ته، اسان جي کوڙ سارن المين منجهان هڪ الميو اهو به آهي، ته اخبارن توڙي رسالن لاءِ نثر لکندڙ دوستن جي اڪثريت کي مضمون، ڪالم، آرٽيڪل، فيچر اسٽوري، ڪَوَر اسٽوري، لِيڊ اسٽوري وغيره ۾ فرق ئي معلوم ڪونهي. مون ورهن جا ورهه اخباري دنيا سان وابسته کوڙ سارن دوستن کي ”مضمون“ کي ”ڪالم“ ۽ ”فيچر“ کي ”مضمون“ چوندي ٻُڌو آهي. وڌيڪ افسوس جي ڳالهه ته اها به آهي ته کوڙ سارن ايڊيٽوريل صفحن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن کي به ان تخصيص جي خبر ڪانهي! ان جو وڏو سبب اهو به آهي، ته نه اهي سيکارڻ وارا رهيا آهن ۽ نه ئي ان چاهه سان سِکڻ وارا...
اردوءَ جو سينيئر ڪالم نويس، حسن نثار چوندو آهي ته: ”جهيڙو، ڏُڌُ ۽ ڪالم، جيترو وڻي، ڊگهو ڪري سگهجي ٿو. جهيڙي ۾ نبيري جي ڳالهه ئي نه ڪريو، لسيءَ ۾ پاڻي وجهندا وڃو ۽ ڪالم ۾ هڪ جملي واريءَ ڳالهه کي 5 جملن ۾ طُول ڏئي لکندا وڃو، ته ٽئي جيترو چاهيو، ڇِڪي سگهو ٿا!“ ڪالم توڙي مضمون لکڻ ڪو ’هنر ناهي، بلڪه هڪ ’آرٽ‘ (فن) آهي ۽ هر ڪوئي آرٽسٽ (فنڪار) ڪونهي هوندو. اهو ئي سبب آهي، جو اسان کي روزانو پنهنجي اخبارن جي ادارتي صفحن تي، توڙي ماهوار ۽ پندرنهن وار رسالن جي سِينن تي مضمون ۽ ڪالم ته لاتعداد پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، پر انهن مان هر ليکُ، ’فنپاري‘ طور تاريخ جو حصّو ڪونه ٿو بڻجي.
اسان جو دوست ۽ اڀرندڙ اديب ۽ استاد، سرمد کوسو، مٿين وصفن ۽ ڪسوٽيءَ مطابق، بجا طور تي ’مضمون نويسيءَ جي آرٽ ڄاڻندڙ‘، سنڌيءَ جو هڪ ذميوار ۽ سيبتو مضمُون نويس آهي، جنهن جي مضمونن جو هي ٻيو مجموعو ”سڙيا مٿي سچَّ“ پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ ڇپيل سمُورا مضمون، گذريل چند سالن ۾ مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ پنهنجي پنهنجي وقت جي مناسبت سان اهميت جوڳن مامرن ۽ مسئلن کي موضوع بڻائي لکيل آهن. جيتوڻيڪ اهي سمورا مضمون اخبارن ۽ رسالن لاءِ لکيل آهن، پر اسان مان جن دوستن جي ڪيريئر ۾ صحافت هڪ ڪُل وقتي ڪرت رهي آهي، انهن جي پنهنجن ادارن لاءِ لکيل ڪالمن توڙي مضمونن جي لکڻ جي انداز توڙي ’ٽيمپرامينٽ‘ ۾، ۽ سرمد جهڙي دوست جي مضمون لکڻ واري تخليقي عمل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، ڇاڪاڻ ته ڊيسڪ تي جنهن وٺ پڪڙ ۾ محدود وقت (ڊيڊلائن) اندر مضمون لکي فائيل ڪرڻو هوندو آهي، ان لکڻيءَ ۾ تحمّل توڙي جامعيت جي اڻهوند کي هر حساس (گهري مشاهدي وارو) پڙهندڙ آسانيءَ سان پرُوڙي سگهي ٿو. جنهن جي ابتڙ، سرمد جي مضمونن ۾ مقصديت، اختصار سان گڏ جامعيت، اهم نڪتن کي نروار ڪرڻ واري هنر سان گڏوگڏ هڪ تحمّل ۽ ٺهراءُ پڻ نظر اچي ٿو، جيڪو سرمد جي شخصيت ۾ به بدرجهء اُتم موجود آهي.
ٻه سال اڳ، جڏهن سرمد کوسي جو تعليمي مضمونن تي مشتمل، پهريون ڪتاب ”تنين کي تعليم جِي“ شايع ٿيو هو، ته مونکي ان ڳالهه جي خوشي ته ٿي ئي هئي ته سرمد، ’صاحبِ ڪتاب‘ ٿي ويو، پر مونکي ان ڳالهه جي وڌيڪ خوشي ٿي هئي، ته اسان وٽ تعليم جي مسئلن متعلق لکڻ وارا آڱرين تي ڳڻڻ کان به گهٽ آهن ۽ هڪ اهڙو ليکڪ، جنهن جو پاڻ تعليم جي شعبي سان سنئون سڌو تعلق آهي، جيڪو ان شعبي جي مسئلن کي ’اندر ويٺل‘ جي نگاهه سان ڏسِي ۽ پَسِي سگهي ٿو، ان کان بهتر انهن مسئلن تي ٻيو ڪير لکي سگهي ٿو! مون ان خواهش توڙي اميد جو اظهار، سرمد جي اُن پهرين ڪتاب تي اردوءَ ۾ تبصرو لکندي به ڪيو هو، ته هُو اسان جهڙي پٺتي پيل مُلڪ جي گهٽ ۾ گهٽ ترجيح واري شعبي، تعليم جي حوالي سان لکندو رهندو ۽ ان جي مسئلن کي اُجاڳر ڪندو رهندو. سرمد جي پنهنجي تعليمي نظام جي ان حد تائين فڪرمنديءَ کي ڏسندي کيس فقط ”استاد“ چوڻ ڪافي ناهي، بلڪه هُو يقيناً هڪ ذميوار ۽ فرض شناس ”تعليمدان“ آهي، جنهن کي نه فقط هن تعليمي نظام کي سُڌارڻ جو اونو ۽ اُلڪو آهي، بلڪه ان جي سُڌارَ ۽ سنوارَ لاءِ وٽس نِت نوان حل به آهن.
اها حقيقت آهي ته اسان جي يونيورسٽين مان هر سال ”فائين آرٽس“ جِي ڊگري وٺندڙ سڀ شاگرد، چترڪار يا مصوّر ناهن بڻجي سگهندا. هر سال مختلف ٻولين جي ادب ۾ ماسٽرس ڪندڙ سڀ شاگرد، اديب ناهن ٿي سگهندا، هر سال صحافت توڙي ميڊيا سائنس ۾ ڊگريون وٺندڙ هزارين نؤجوانَ، عملي ميدان ۾ صحافي يا ’اينڪر‘ ناهن بڻجي سگهندا ۽ هر سال اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪ يا مڪينيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردَ، سائنسدان ناهن بڻبا، انڪري ضروري ناهي ته هر استاد يا ايجوڪيشن جي ڊگري حاصل ڪندڙ ’بي. ايڊ‘ ۽ ’ايم. ايڊ‘ ڪندڙ هر فرد، هڪ ”تعليمدان“ به هجي ۽ ههڙي دؤر ۾، جتي ڪوئي لکين روپين جي نوٽن جُون دستيُون، سياسي منڊيءَ ۾ کڻي پنهنجي لاءِ سرڪاري بيلداري ’خريد ڪرڻ‘ وڃي ۽ کيس انهن ڏوڪڙن عيوض ماستريءَ جو آرڊر پڪڙايو وڃي، ته اهڙي دؤر ۾ اوهان ڪيترا تعليمدان پنهنجي آسپاس ڳولي سگهو ٿا؟ ان اُوندهه انڌُوڪار ۾ سرمد کوسي جهڙو فرض شناس، حساس، پنهنجن شاگردن سان پنهنجي گهر ڀاتين وانگر پيار ڪندڙ، سندن مستقبل جي باري ۾ فڪرمند استاد، جنهن جِي پنهنجَي کاتي جي اوڻاين توڙي تعليمي نظام تي گهري نظر هجي ۽ هُو انهن منجهه سؤلن قدمن تي مشتمل سڌارن جو نه فقط تمنائي هجي، بلڪه پنهنجي وسَ آهر، انهن لاءِ ڪوششن ۾ به هجي، ان کي ته مان پوري ذميواريءَ سان هڪ ”فرض شناس تعليمدان“ سمجهندس، جنهن کي هر وقت پنهنجي قوم جي مستقبل جو اونو لڳل آهي.
مونکي سرمد جي هن ٻئي ڪتاب جِي سندس پهرين ڪتاب کان وڌيڪ خوشي آهي. ان جو سبب اهو آهي، ته هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جي موضوعن ۾ اسان جا اُهي سماجي ۽ معاشرتي موضوع شامل آهن، جيڪي هن دؤر جا ٻرندڙ سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي مسئلا آهن، جن جو تعلق سنئون سڌو عام ماڻهوءَ سان آهي. اِهي اُهي موضوع ۽ مسئلا آهن، جن تي لڳ ڀڳ هر حساس ۽ هن معاشري لاءِ فڪرمند ماڻهو، نه رڳو سوچي ٿو، بلڪه پنهنجي وس آهر لوچي به ٿو. بقول شيخ اياز جي ته ”سوچَ، لوچَ بنان ايئن اجائي آهي، جيئن لوچَ، سوچَ بنان...“
هن ڪتاب ۾ شامل موضوعن منجهان به ڪجهه موضوع سنوان سڌا تعليم سان وابسته آهن، جڏهن ته ڪجهه ۾ اڻ سڌيءَ طرح تعليم جو ذڪر آهي، يا انهن مسئلن جي اسان جي تعليمي نظام ۽ زيرِ تعليم شاگردن تي پوندڙ اثرن جو ذڪر آهي. هن ڪتابن ۾ ننڍا وڏا، 27 موضوع شامل آهن ۽ سڀ جا سڀ هن وقت جا ٻَرندڙ موضوع آهن، جن ۾ ”پاڻيءَ جي کوٽ ۽ زراعت جي تباهي“، ”پَسيو بازارون، ھينئڙو مُون لوڻ ٿئي! “، ”نوڪريءَ جي نالي ۾ نؤجوانن سان ٿيندڙ مذاق“، ”تعليم ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال“، ”سماجي لاتعلقي“، ”لولي پاپ ۽ اھم اشُوز“، ”سياسي مانڌاڻ جو انت ڪٿي ٿيندو؟“، ”وڌندڙ آدمشماري ــ ملڪ لاءِ ھڪ وڏو چيلينج“، ”سنڌ ۾ وسڪارو ــ رحمت؟ يا زحمتَ؟“، ”نؤجوان نسل کي تباھيءَ کان بچايو! “، ”گلوبل وارمنگ ۽ سنڌ“، ”ٻيلن جي تباھي، ماحول لاءِ خطرناڪ آھي“، ”بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ”ڄار“ جي وڻ جي نسل ڪُشي“، ”سنڌي ٽي وي چينل ۽ ٻوليءَ جو بگاڙ“، ”ڀوپن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار“، ”سياسي واعدا ۽ معصُوم عوام“، ”ٻه ننڍڙيون تصويرون ــ ٻه وڏا دَرد“، ”فيس بڪ تي تڏو وڇائڻ“، ”ديس جي تباھيءَ جا ڪارڻ“، ”ٻار، وڏن کان ئي سِکن ٿا“، ”ڪتاب نه پڙهڻ جا مختلف بهانا“، ”ٻه اکر:ٻه اکر پڙهيل ماڻهن ۽ اڄوڪي تعليمي معيار بابت“، ”ادبي ميلا ۽ مچ ڪچهريُون“، ”ڪورونا ۽ اسان جو تعليمي نظام“، ”اوهان عام ماڻهوءَ کي پنهنجو سمجهيو ئي ڪڏهن آهي!؟ “، ”وبا ۽ وري کُلندڙ تعليمي ادارا“۽ ”ڳوٺاڻا ٻارَ ۽ آن لائين پڙهائي“ جهڙا اهم موضوع شامل آهن. ڪوبه پڙهندڙ، هنن مضمُونن کي پڙهڻ کان اڳ ئي فقط ان جي عنوانن مان اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو، ته سرمد هن دؤر جي ڪهڙن ڪهڙن اهم موضوعن کي ڇُهيو آهي، جن تي نه رڳو لکيو ۽ ڳالهايو گهٽ ٿو وڃي، بلڪه انهن بابت مجموعي طور تي سياستدانن کان وٺي سِول سُوسائٽيءَ تائين ڳڻتي به نالي ماتر ڏسڻ لاءِ ملي ٿي. جيڪا اخبار کوليو، جيڪو به ٽي وي نيُوز چينل ڏسو، ان ۾ 95 سيڪڙو کان وڌيڪ فضول بحث فقط سياست.... سياست... ۽ سياست تي ئي ٻُڌڻ لاءِ ملندو. سياست ۾ به عالمي سطح تي ڇا پيو وهي واپري، ان کان آگاهه رکڻ اسان جي ميڊيا پنهنجو فرض سمجهي ئي نٿي! بلڪه پاڪستاني سياست جي ماٽيءَ ۾ روز جيڪا ساڳئي نوعيت جي مانڌاڻي پئي ڦري، ۽ ان مهيءَ جي گردش جي ڪري، جيڪي اُگرا آواز نڪرن پيا، اُهي ئي پڙهندڙن توڙي ڏسندڙن تائين پهچائي اخبارن توڙي ايئرٽائيم جو پيٽ ڀريو پيو وڃي، جڏهن ته گلوبل وارمنگ، ماحولياتي گدلاڻ، بي شعوريءَ جي واڌ، تعليم جي تباهيءَ، بنا ڪنهن تناسب جي وڌندڙ آدمشماريءَ، فوري طبي امداد، روڊ سيفٽيءَ، صحت جي مسئلن توڙي ٻين سماجي مامرن تي نه ڪي خاص ڳڻائن جوڳا پروگرام ٿا نشر ٿين، نه ئي اخبارن رسالن ۾ انهن موضوعن تي تواتر سان لکيو ٿو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن ڀاسندو آهي ته هن معاشري جو پهريون ۽ آخري موضوع اسان جِي منافقت تي ٻڌل سياست ئي رهجي وئي آهي، اهڙيءَ صُورتحال ۾ سرمد کوسي جو دردمند قلم، اهڙن حساس ۽ وقت جي اهم ترين موضوعن تي جُنبش ۾ اچي، نه فقط پنهنجو فرض ٿو نباهي، بلڪه ٻين ليکڪن کي تقليد جي دعوت به ڏئي پيو. هن ڪتاب ۾ شامل مٿي ذڪر ڪيل مضمونن منجهان 5 جو تعلق سنئون سڌو نؤجوانن سان آهي، 4 مضمون ڪورونا جي صورتحال تي لکيل آهن، جن منجهان 3 سنوان سڌا ڪورونا جي لاڪڊائون سبب پيدا ٿيل تعليمي حرج کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تعليم جي حوالي سان انهن صلاحن تي ٻڌل آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان گهٽ وقت ۾ کُلندڙ تعليمي ادارن ۾ وڌ ۾ وڌ ان موڪل واري حرج کي پورو ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ شامل مضمونن مان 4 مضمون گلوبل وارمنگ سبب ٻيلن توڙي زراعت تي پوندڙ اثرن ۽ ان سبب ٿيندڙ بي وقت ۽ جهجهين بارشن جي حوالي سان آهن، هڪ مضمون آدمشماريءَ جي ٻرندڙ مسئلي، ٻه مضمون ڪتاب دوستيءَ، ٻه مضمون سوشل ميڊيا توڙي روايتي ميڊيا جي غلط ٽرينڊس ۽ ان تي ٿيندڙ ٻوليءَ جي بگاڙ تي ڳڻتيءَ بابت آهن، جڏهن ته باقي مضمون به مختلف اهم موضوعن تي لکيل، فڪر جي دعوت ڏيندڙ ليکَ آهن. سرمد جي انهن مڙني موضُوعن ۾ هڪ عنصر اوهان کي مُستقل ۽ ڀرپُور نظر ايندو، اهو عنصر آهي ”احساس“... هڪ ذميوار شهريءَ جي حيثيت سان قوم جي وسيلن جو احساس... ۽ عام ماڻهوءَ کي نه ملندڙ حقن تي افسوس ۽ ڳڻتيءَ جو احساس... سماج سان پيار ڪندڙ جي حيثيت ۾ سماجي قدرن جي وڃائجڻ جو احساس ۽ ان بابت ڳڻتي... سِول سُوسائٽيءَ جي هڪ ميمبر هجڻ جي ناتي اسان ۾ سرايت ڪري ويندڙ معاشرتي بيمارين جي مُوذي هجڻ ۽ انهن جي نتيجي ۾ اسان جي مجموعي ڪردار جي پَستيءَ جو احساس... ثقافت ۽ ٻوليءَ جي پريمي هجڻ جي حيثيت ۾ ثقافتي قدرن جِي لتاڙ ۽ ٻوليءَ جي بگاڙ جو احساس... سماجي اخلاقيات جي پرچارڪ جي حيثيت ۾ اسان جي مجموعي اخلاقي پستيءَ جو احساس... هڪ تعليمدان جي حيثيت ۾ اسانجي تعليمي نظام جي تباهيءَ جو احساس... ۽ ٻيا ان جهڙا نه ڄاڻ ڪيڏا املهه احساسَ...
سرمد رڳو مسئلن جو ماتم ڪري ويٺو هَٿَ نٿو مَلي، بلڪه انهن مسئلن جا ممڪنه حل به ڏَسي ٿو. هڪ ته مسئلن جي نشاندهي ڪندي هو ايڏي سؤلي نموني، نُڪتن جي صُورت ۾ 1، 2، 3 ڪري هر مسئلي کي اُجاڳر ڪري ٿو، جو پڙهندڙ جي شعُوري سطح ڪهڙي به هجي، ان لاءِ ان مسئلي کي سمجهڻ مشڪل نٿو رهي. وري ان مسئلي جي حل لاءِ به هُو پوائنٽس جي صُورت ۾ حلَ پيش ڪري ٿو، ته فلاڻي مسئلي جو حل نمبر 1 هِي، نمبر 2 هي، نمبر 3 هي ۽ نمبر 4 هي ٿي سگهي ٿو. ان طرزِ تحرير سان، سندس هر تحريرنه رڳو سمجهڻ ۾ سَنهنجي ٿي پوي ٿي، بلڪه سندس هر تحرير انهن مسئلن تي حڪومتي قانون سازيءَ ۾ به مدد ڏئي سگهي ٿي. ان عمل سان سرمد ڄڻ ته پنهنجي نڪتهء نگاهه جي اظهار سان وسَ وارن ۽ پاليسي سازن کي مفت صلاحُون ڏنيون آهن، ته فلاڻي مسئلي جي حوالي سان فلاڻا فلاڻا زاويا به ٿي سگهن ٿا (جن تي ٿي سگهي ٿو اوهان نه سوچيو هجي!) ۽ ان جا حلَ هِي، هِي ۽ هِي به ٿي سگهن ٿا (جن طرف شايد اوهان جو ڌيان نه ويو هجي!) مثال طور: ان جو هڪ سادو مثال مان اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ته ڪورونا جي وبا جي ڦهلاءَ کان وٺي، ان جي زور پڪڙڻ، پهرين ٻين ۽ ٽين لهر دؤران ان موضوع تي مونکي به مختلف ٻولين ۾ مڪاني توڙي بين الاقوامي ليکڪن ۽ صحت جي ماهرن توڙي سوشل سائنسدانن جا لکيل لاتعداد مضمونَ، ريسرچ اسٽڊيز، فيچرَ ۽ آرٽيڪل پڙهڻ لاءِ مليا آهن ۽ مون خود مختلف ٻولين ۾ براهِه راست ان موضوع تي لکيو به آهي ۽ لکان به پيو، پر منهنجو ان بنيادي مسئلي ۽ ”مصيبت“ طرف نه ڪڏهن ڌيان ويو ۽ نه ڪڏهن ڪنهن مضمون يا اسٽڊيءَ ۾ ان جي نشاندهي پڙهيم، جيڪا سرمد پنهنجي ڪتاب جي مضمُون ”ڳوٺاڻا ٻارَ ۽ آن لائين پڙهائي“ ۾ ڪري ٿو، ته: ”مان سمجهان ٿو ته اسڪولن جي بند ٿيڻ ۽ لاڪڊائون جي ڪري ۽ ماڻهن جي آمدني گهٽ ٿيڻ يا بيروزگار ٿيڻ جي ڪري، ڪافي ٻار هاڻي واپس اسڪول نه وڃي سگهندا. اُنهن جو تعليمي سفر اِتي ئي ختم ٿيو. ڇو ته انهي دؤران انهن ٻارن مان گهڻا پنهنجي والدين جي مدد خاطر مزدورين کي لڳي ويا. هونئن به اسان وٽ ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن کان ٻاهر آهي. جيڪي ٻار وڏين ڪوششن سان اسڪول وڃن ٿا،اهي به هِن وبا ۽ ڊگهيءَ موڪل جي ڪري وري نه وڃي سگهندا! اسڪول يا ڪاليج ۾ واپس اچي سندن تعليمي عمل شروع ڪرڻ وڏو سواليه نشان آهي!“
جيڪڏهن ڪورونا جي نڪتهء نظر کان جُڙندڙ تعليمي رٿا ٺاهيندي، مٿي ذڪر ڪيل نُڪتو خاص طور نظر ۾ رکيو وڃي، ته اسان جي تعليم کاتي پاران ٻهراڙيءَ جي ٻارن لاءِ جوڙيل تعليمي پاليسيءَ جو زاويو ئي مَٽجي وڃي! ان کانسواءِ به سرمد، هر مسئلي کي ڏسڻ جو الڳ زاويو پيش ڪري ٿو ۽ ان جا اهي ممڪن حل ڏئي ٿو، جيڪي شايد عام ذهنن ۾ نه اچي سگهن.تعليم سان واڳيل هڪ فرض شناس ۽ نون خَطن تي سوچيندڙ استاد جي حيثيت سان سرمد ”تعليم ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال“ جي موضوع سان پنهنجي مضمون ۾ هر سطح جي ٻار لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي، سهڻيون صلاحون ڏيندي، هيٺيان اهم نڪتا بيان ٿو ڪري:
”ــ اڄ جي ٻار جو ڪلاس روم کان ٻاھر گھڻو وقت ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل شين (گيجيٽس) کي استعمال ڪرڻ ۾ ٿو گذري، انڪري اھو ٻار چاھي ٿو ته کيس سندس نصابي سرگرميون به ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان ڪرايون ۽ سمجھايون وڃن.
ــ اڄ جي دؤر جا استاد به ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪن ٿا ۽ سندن اھا گھُر ھوندي آھي ته ڪلاس روم ۾ ٽيڪنالاجيءَ سان متعلق آلا موجود ھجڻ گھرجي. مثال طور: اڄ جا اڪثر استاد ملٽي ميڊيا ذريعي ليڪچر ڏيڻ ۽ ٻارن کي مختلف مضمون سمجھائڻ کي اوليت ڏين ٿا. جنهن ۾ مختلف موضوعن سان سلهاڙيل تصويرون توڙي ويڊيوز ان موضوع کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ مدد ڪن ٿيون. ڏٺو ويو آهي ته ان سان شاگرد به ڪلاس ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺن ٿا.
ــ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان هر شاگرد کي سندس سمجهڻ جي رفتار موجب سمجھائي سگھجي ٿو. ڇو ته ڪجهه ٻار تيزيءَ سان سمجھڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ته ڪجهه شاگرد وري سمجهڻ ۾ ٿورو وقت وٺن ٿا. ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان انهن ٻارن کي اھي شيون وري وري ڏيکارڻ ۽ دلچسپ انداز ۾ سمجھائڻ ممڪن آهي.“
ڪڏهن هُو ”لالي پاپ ۽ اهم اشُوز“ جي عنوان تحت لکيل مضمون ۾ پاڪستاني ميڊيا پاران ’نان اشُوز‘ کي ’اشُوز‘ بڻائي، هفتن جا هفتا عوام جو اصل مسئلن تان توجهه هٽائي، 2011ع دؤران ڪرڪيٽ ڊپلوميسيءَ جهڙن جُهنجهڻن (ڇِمڪڻن) سان عوام جو ڌيان مٽائڻ واري عمل کي ننديندي، ڌرتيءَ جو درد جو اظهاريندي، عوام کي جاڳڻ جو ڏسُ ٿو ڏئي، ته ڪڏهن سندس قلم ”سماجي لاتعلقيءَ“ نالي لکيل ليک ۾ عوام جي اڪثريت پاران اجتماعي مسئلن جا انفرادي حلَ ڳولي، پنهنجيون زندگيون جنت بڻائڻ جي ڪوشش ڪندڙ معاشري جي اهڙن فردن جي بي حسيءَ تي لڙڪ لاڙي ٿو، جيڪي انهن معاشرتي مسئلن جو حل تلاش ڪري سڀن لاءِ زندگي گلزار بڻائڻ بدران، پنهنجا گهر گلشن بڻائن ٿا ۽ عام ماڻهن جا مسئلا سندن بي حسيءَ سبب جيئن جو تيئن رهن ٿا ۽ سماج نٿو سُڌري.
”بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ”ڄار“ جي وڻ جي نسل ڪُشي“ جهڙي اهم موضوع طرف نشاندهي ڪندي سرمد رقم طراز ٿئي ٿو:
” ’ڄار‘ جو وڻ ٻن قسمن جو ٿئي ٿو: هڪ ’مٺِي ڄار‘ ۽ ٻئي ’کارِي ڄار‘. مٺِي ڄار ته سنڌ ۾ ٻين به ڪافي علائقن ۾ ملي ٿي، پر کارِي ڄار رڳو بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ عام جام ملي ٿي. اها کارِي ڄار وري مختلف ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿي ۽ ان ڪري وڍجي به وڌيڪ ٿي. هن جي پاڙ ۾ ڪافي ڪيميڪلز ۽ تيزاب ملن ٿا، جيڪي مختلف طبّي مقصدن لاءِ استعمال ٿين ٿا. هن جِي پاڙ مختلف دوائن توڙي ٽُوٿ پيسٽ ٺاهڻ جي به ڪم اچي ٿي، ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو هن وڻ جي ٽارين کي ڏندڻ طور به استعمال ڪن ٿا. هن وڻ جو ڪاٺ گهرن ٺاهڻ جي به ڪم اچي ٿو. هي وڻ اُٺن سميت ٻين جانورن جي پسند جو چارو به آهي. انهن سمورن سببن جي ڪري هر ڪو هن وڻ کي وڍڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي. کارِي ڄار جي پاڙ وڌيڪ قيمتي هُجڻ ڪري، هن کي پاڙ کان وڍيو ويندو آهي، جنهن سان هن وڻ جي نسل ڪُشي ٿي رهي آهي. هن وڻ کي وڏو ٿيڻ ۾ لڳ ڀڳ 20 سال لڳي ويندا آهن، تنهنڪري هاڻي نوان وڻ ته ماڻهو پوکين ئي نٿا، باقي جيڪي وڻ اڳي موجود آهن، اهي به تمام تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن. واهن جي کوٽائيءَ دؤران به هنن وڻن جو ڪو خيال ناهي رکيو ويندو ۽ واهن جي ڪپن تي موجود کارِيءَ ڄار جي وڻن کي وڍيو ويندو آهي. اڳي ڄارين جا وڏا ٻيلا ۽ ڍورا هوندا هئا، پر هاڻي اهو وڻ ورلي نظر اچي ٿو!“
”گلوبل وارمنگ ۽ سنڌ“ جي عنوان سان پنهنجي لکيل مضمون ۾ سرمد، نه فقط عام پڙهندڙن کي ”گلوبل وارمنگ“ جهڙي عالمي آفت بابت آگاهي ٿو ڏئي، بلڪه ان جي مڪاني اثرن بابت ذڪر ڪندي، ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي رُوداد بيان ڪندي ٻُڌائي ٿو، ته: ”سال 1999ع ۾ آيلَ سامونڊي طوفان، بدين ۽ ٺٽي ضلعي کي تباھه ڪري ڇڏيو. 2001ع ۾ زلزلو آيو. 2003ع ۾ ’ايل بي او ڊي‘ (سِمَ نالي) ماڻهن کي ٻوڙَي ماريو. 2006ع ۽ 2007ع ۾ تباهه ڪُن برسات، حيدرآباد شهر کي ٻوڙيو. 2007ع ۾ ڪراچيءَ ۾ تيز هوائن لڳڻ سبب ڪافي بلبورڊ (وڏا سائن بورڊَ) ڪِرڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. ساڳئي ئي سال بلوچستان ۾ به ٻوڏ آئي. جنهن جي پاڻيءَ سنڌ ۾ دادوءَ، قنبر، خيرپور ناٿن شاهه، شهدادڪوٽ ۽ ٻين پسگردائيءَ جي شهرن توڙي ڳوٺن کي نقصان پهچايو. پر پوءِ به اسان الائي ڪڏهن سبق حاصل ڪنداسين!“
”وڌندڙ آبادي ـ ملڪ لاءِ هو وڏو چيلينج“ جي موضوع تي لکندي، سرمد، عالمي آباديءَ کي پاڪستان جي آباديءَ سان ڀيٽيندي، اسان جي آبادي وڌڻ جي سببن ۾، پنهنجي دانست مُوجب تعليم جي گهٽتائيءَ، گرم موسم، ننڍيءَ عمر ۾ ڪرايل شاديُن، وندر ۽ تفريح جي گھٽتائيءَ، علاج ۾ بھتريءَ، وبائن ۽ آفتن تي ضابطي، گھڻين شادين ڪرڻ جي رجحان، پُٽ پيدا ڪرڻ جي خواھش، جاگيرداراڻي نظام، ٻارن ۾ مؤت جي شرح جي گھٽجڻ، ٻھراڙين ۾ وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ جي سوچَ، سياسي سھارَي ۽ خانداني منصوبه بنديءَ تي عمل نه ڪرڻ جهڙن 13 موضوعن کي ڳڻي ٿو. جڏهن ته ان جي نقصانن طور: وسِيلن جي زيانَ، بيروزگاريءَ، ماحولياتي بگاڙ، جھالت، حادثن، نفسياتي مونجھارن جهڙن 6 موضوعن کي’لائين اَپ‘ ڪري، اُن جي حل لاءِ هيٺيان ۽ ڪجهه ٻيا نُڪتا تجويز ڪري ٿو:
”1 ــ اسان آباديءَ جي مقدار کي گھٽائي، معيار کي وڌائڻ طرف سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيون.
2 ــ تعليم، آگاھيءَ ۽ شعور جي ڦهلاءَ طرف توجهّه ڏيون.
3 ــ اسان ايمانداريءَ سان پنھنجن ادارن جي سنڀال ڪريون.
4 ــ آبادي گھٽائڻ جو ڪم رڳو خانداني منصوبا بنديءَ واري کاتي (پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ) تي نه ڇڏيون، بلڪه پاڻ به ان طرف سچائيءَ سان ڌيان ڏيون ۽ مثبت ڪوششون وٺون.“
مان هن مهاڳ ۾ ”ڪجهه ٻڌائي به ڪجهه نه ٻُڌائڻ“ ۽ ”ڪجهه نه ٻڌائي به ڪجهه ٻڌائڻ“ واري تحريري حِڪمت اختيار ڪندي، پڙهندڙن لاءِ هن سمُوري ڪتاب کي پڙهڻ جي تشنگي ڇڏڻ چاهيان ٿو، ته جيئن هي مُهاڳ هن ڪتاب جي فقط اهم عڪسن جو آئينو ئي رهي ۽ ”سَڙيا مٿي سچَّ“ جا باقي رنگ پَسڻ لاءِ پڙهندڙ پاڻ هي سڀ جا سڀ 27 مضمُون پڙهي، انهن دردن جو اونو به ڪري ته انهن جو درمان بڻجڻ جو سعيو به!
هن ڪتاب جي نالي مان ئي ظاهر آهي، ته سرمد اهي سڀ سچَّ قلمبند ڪندي، اُنهن سماجي مسئلن تي فڪرمند ٿيندَي، اُن تڪليف مان پاڻ به گذريو آهي ۽ پاڻ ساڙَي، پنهنجي قلم کي مشعل ڪري، سُهائو ڪيو اٿائين، ته منَ! هيءَ معاشرتي اُوندهه ”واڪا ڪرڻ وس مُون، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو...“ جي مصداق، ٽرِي پئي! ۽ ڇهني ڏِسائن ۾ ڏاهپ، شعُور، دردمنديءَ، قومي اصلاح ۽ پنهنجين غلطين کي درست ڪرڻ جا اُجالا اُڀري پون ۽ هر اک ۾ اصلاح جي چمڪَ جاڳي پوي.
سرمدَ کوسي، استاد بخاريءَ جي هنن سٽن وانگر، جلِي جلِي اُجالو ڪيو آهي. اچو ته سندس فڪر ۽ فڪرمنديءَ جِي لاٽ مان لاٽ ٻاري، هن ٻاٽ کي ٽارڻ ۾ ساڻس پنهنجو پنهنجو ڀاڱو ڳنڍيُون:
ٻَرِي ٻَرِي ٿو ڪيان اُجالو
لُڇِي لُڇِي ٿو لکان جمالو
کِلي پُڇين ٿو؟ ته ڪيئن هلان ٿو؟
جيئين هلي ٿو جهان!
سَٺو گهڻو ٿَم زيان...


ياسر قاضي
مورڙي جو شهر ـ ڪراچي
مقصود گل جي مهيني (اپريل) جي ڇَهين پرهَه
اڱارو، 6 اپريل 2021ع
27 چيٽُ 2078 بڪرمي / سنبت

منھنجو موڀِي پُٽ

مُونکي چار پٽ آھن ۽ انھن ۾ سرمد منهنجو موڀي پُٽ آھي. مُون سرمد جي تاريخي شخصيت کان متاثر ٿي، اڳيان پٺيان ڪجهه ڳنڍڻ بنا سندس مختصر نالو صرف ”سرمد“ رکيو. سرمد، سڀاءُ ۾ ھڪ فضليت ڀريو انسان آھي. ھن کي اسان سڀئي گھر ڀاتي پيار مان ”جاني“ چوندا آھيون ۽ هُو آھي به اسانجو جاني! ھن سٻاجھي انسان، پاڻ لاءِ چونڊيو به پڙھائڻ وارو پيغمبري پيشو ۽ پڙھائڻ کانسواءِ اڪثر خاموش ھوندو آھي. انھيءَ جو مقصد اھو به ڪونھي ته ھو صرف خاموش آھي، پر ھن جي خاموشيءَ ۾ به ڪو طوفان ھوندو آھي. ھو اڪثر سوچيندو رھندو آھي، انياءُ خلاف، ڪنھن بدديانتيءَ خلاف، بيحرمتيءَ خلاف، ڪنھن ناانصافيءَ، ڪنھن برائيءَ ڪنهن بڇڙائيءَ خلاف...
ٻه ڏينھن اڳ، جانيءَ مونکان ھڪ عجب فرمائش ڪئي، ته مان سندس ڪتاب لاءِ کيس ڪجهه لکي ڏيان. مون ساڻس ’نه‘ ته نه ڪئي پر سندس ڪم ۽ ڪتاب مٿان مون لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو به آھي. سرمد، اڳي ئي صاحب ِ ڪتاب آھي. زيرِ نظر سندس ڪتاب ٻيو نمبر ڪتاب آھي. ھن ڪتاب ۾ جن مسئلن تي لکيو اٿس، اھي اسان سڀني جي زندگيءَ جا ٻرندڙ مسئلا آھن. مثال طور: ”پاڻيءَ جو مسئلو ۽ زراعت جي تباھي“. اسان کي اھا ڀليءَ ڀَت ڄاڻ آھي ته اسان وٽ وک وک تي ’وڏو ڀاءُ‘ ويٺو آھي، جنھن کي ’ننڍي ڀاءُ‘ کي پاڻي ڏيندي ٻَرو ٿو چڙهي! اسان وٽ واٽر مينيجمينٽ، ٻُڙيءَ برابر آھي، نتيجي ۾ اسانجي زراعت به اچي ’زِيرو‘ تي بيٺي آھي. اسان زرعي ملڪ ھوندي به زرعي شيون خريد ڪرڻ يا پنڻ ۾ پورا آھيون. سندس ٻيو موضوع نھايت دل کي ڇھندڙ آھي، اھو آھي: ”پَسيو بازاريون هينئڙو مون لوڻ ٿئي!“ ھيءَ لطيف سائينءَ جي بيت جي سِٽَ آھي ۽ اسان جي سنڌ جي اھا ئي حالت آھي. ڪھڙو ادارو ڏسون! سڀ چوپٽ ٿي ويو آھي. اسانجي وڏڙن جيڪي ادارا ٺاهيا، نه اھي رھيا آھن ۽ نه انھن ادارن جي ساک! ھاڻ ھرھنڌ ڪو نه ڪو ’چرٻٽ‘ ويٺو آھي. نؤجوانن جي مسئلن کي ذھن ۾ رکندي، سرمد ڏاڍو ڏکارو ٿئي ٿو، ته ھي پبلڪ سروس ۽ ٻيا ادارا روزانو نؤجوانن سان مذاق ڪن ٿا. کين پئسا ڀرائي، ڪنگلو ڪري صرف خوار ۽ خراب ڪن ٿا، پر نوڪريُون پنهنجن من پسند ماڻھن، جيالن ۽ چاپلُوسن حوالي ڪيون ٿيو وڃن. اھو سنڌ جي نئين نسل سان نسورو ناحق آھي. ليکڪ، سنڌ ۾ نشي جي واھپي تي به رنجُور نظر اچي ٿو، جو ان لعنتَ، نؤجوان نسل جا کنڌا کڻي ڇڏيا آهن ۽ ڪير به ان کي روڪڻ وارو ڪونھي. آدمشماري وڌڻ ڪري وڻن جي واڍي چوٽ چڙھيل آھي. وڻن جي واڍي، وڌندڙ آبادي، آبهوا جي گدلاڻ جي ڪري ماحول آلودو ٿي ويو آھي. جنھن سان گلوبل وارمنگ وڌي وئي آھي. دنيا ان مسئلي تي سنجيدگيءَ سان غور نه ڪيو ته اڳتي ھلي جاندارن جي زندگين تي ان جا اُگرا اثر پوندا. سندس ھڪ لکڻي، عطائي ڊاڪٽرن، پيرن ۽ ڀوپن بابت آھي. اسانجي ملڪ ۾ ھر عطائي لئي ۾ آھي. جنھنڪري پيچيدگيون پيدا ٿينديون وڃن. ملڪي تباھيءَ جي سببن کي به ڪنھن لکڻيءَ ۾ چڱو اجاگر ڪيو اٿس. کيس ميڊيا تي ھلندڙ ٻوليءَ جي بگاڙ تي به ڏک آھي، ته ڪيئن صورتخطيءَ کي بگاڙي لکيو وڃي ٿو... ڪيئن تحرير توڙي تقرير ۾ پنھنجا لفظ ھوندي، ٻين ٻولين جا لفظ ٺوڪيا وڃن ٿا. کيس انھي ڳالهه تي به ڳڻتي آھي ته انساني آباديءَ ۾ روزانو تمام گهڻو اضافو ٿي رھيو آھي، وسيلن جي اڻاٺ ٿيندي پئي وڃي، خوشيون کسبيُون وڃن ۽ سون ورنيون زمينون، جتي اناج پوکي انساني پيٽ ڀرجي، اتي بلڊنگون پلازا ۽ گٽر ٺھندا وڃن. ڏوھن جي شرح ۾ ڏينهن رات اضافو ٿيندو پيو وڃي. سندس هن ڪتاب ۾ آخري موضوع ”تعليمي معيار“ بابت آھي، جيڪو روز بروز ڪِرندو وڃي ۽ ڪنھن کي به ان جو اونو ڪونھي.
سرمد جُون هي لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن، جن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪري ڪتابي شڪل ڏني اٿس. اميد ته پڙھندڙن کي اھو ڪتاب سوچڻ تي مجبور ڪندو ته اسانجو سماج اھي ڪھڙا اپاءُ وٺي، جن سان مستقبل ۾ چڱائي نظر اچي.

ڊاڪٽر سُومار کوسو
20 مارچ 2021ع

پنھجي پاران: ڀلا ساگر جي مؤجن کي ڳڻڻ ممڪن ڪٿي ٿيندو!

اڄ آءٌ جڏهن پنهنجي ٻئي ڪتاب تي ٻه اکر لکي رهيو آهيان، ته مونکي خوشيءَ جي احساس سان گڏ ڪيتريون ئي ڳالهيون ذهن تي اچن پيون. هي ڪتاب مختلف سماجي مسئلن تي، مختلف وقتن تي، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيل منهنجن مضمونن جو مجموعو آهي. جنهن ۾ گذريل پندرنهن سالن دؤران منهنجي لکيل مضمونن مان چونڊ مضمون شامل ڪيا ويا آهن. جن ۾ پاڻيءَ جو مسئلو، زراعت جي تباهي، ماحولياتي تبديلين، وڌندڙ آباديءَ، وسيلن جي گهٽجڻ، بيروزگاريءَ، تعليم جي تباهيءَ، صحت جي سهولتن جِي اڻهوند، وڻن جي واڍيءَ، سماجي بيحسيءَ، مادري ٻوليءَ جي اهميت ۽ ميڊيا تي اُن جي بگاڙ، سوشل ميڊيا جي اثر، ڪورونا جي قهر کان ويندي مختلف موضوع شامل آهن.
هن کان اڳ منهنجو مضمونن جو هڪ ڪتاب ”تنين کي تعليم جي“ شايع ٿيل آهي، جنهن جو موضوع ’تعليم‘ آهي. هڪ استاد هئڻ ناتي مون اِهو ضروري سمجهيو، ته سڀ کان پهريان منهنجو تعليمي موضوعن تي ڪتاب منظرِ عام تي اچي. اُن کانپوءِ سماجي سائنسز جو شاگرد هئڻ ۽ هن سماج جو فرد هئڻ ناتي مون پاڻ تي اِهو فرض سمجهيو ته، هن سماج جي مختلف پر اهم مسئلن تي منهنجو ڪتاب شايع ٿئي، ۽ اڄ ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيو آهيان، ته خوشيءَ ۽ اطمينان جو احساس اٿم.
هي مضمونَ منهنجي مشاهدي ۽ احساسن جو نتيجو آهن. مون مختلف واقعن، حالتن، وارتائن، ورتائن ۽ لقائن کي جيئن به ڏٺو ۽ دل سان محسوس ڪيو، تيئن لکي ڇڏيو اٿم. پنهنجي پيغمبري پيشي جا فرض پورا ڪرڻ کانپوءِ لکڻ ۽ پڙهڻ کي وقت ڏيڻ ۽ مختلف مسئلن بابت پڙهندڙن کي آگاهي ڏيڻ سان گڏ لکت ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ به پاڻ تي فرض سمجهندو آهيان، ته جيئن ڪير به، ڪڏهن به هي ليک پڙهي، ته کيس اِهو احساس ٿئي ته، هي اسان جي گڏيل ڏُکن ۽ سُورن جو اظهار آهي.
هي مضمونَ، مختلف اخبارن ۽ رسالن، خاص طور ”عبرت“ ميگزين، ”ڪاوش دنيا“ ميگزين، ”همسري“رسالي ۽ ”افيئر“ نيُوز ميگزين ۾ شايع ٿيل آهن. گڏوگڏ انهن منجهان ڪجهه ليکَ، سوشل ميڊيا رستي پڻ ونڊيل آهن. اُنڪري انهن سڀني رسالن جي ايڊيٽرن، محترم مرتضيٰ سيال صاحب، واحد پارس هيسباڻي صاحب، انور ابڙي صاحب، مانائتي زاهده ابڙو صاحبه ۽ همسفر گاڏهي صاحب جا ٿورا، جن منهنجيُون هي لکڻيون شايع ڪيون ۽ عوام جا مسئلا عوام تائين پهچايا.
هن ڪتاب جو مهاڳ، بيڪ ٽائيٽل ۽ ڪتاب تي راء، انهن ماڻهن لکي آهي، جيڪي منهنجا استاد آهن، اِها ڳالهه مون لاءِ بيحد خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ڪتاب تي راء منهنجي بابا سائينءَ لکي آهي، جنهن نه رڳو عملي طور مون کي آڱر کان جهلي هلڻ سيکاريو، پر پنهنجي تجربي جي آڌار تي هر معاملي ۾ رهنمائي ڪئي ۽ ڪندا رهن ٿا. جنهن منهنجي نالائقيءَ کي برداشت ڪيو، منهنجا انگل ۽ آرا اکين تي رکيا ۽ مونکي اهو ڪجهه بڻايو، جيڪو مان اڄ آهيان. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، ناليواري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪارَ، محترم زيب سنڌي صاحب لکيو آهي. جنهن هميشه مون کي لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ منهنجي همّت افزائي ڪئي. زيب سائين جڏهن به منهنجو ڪو ليک پڙهندو آهي، ته اُن تي پنهنجي قيمتي راءِ ضرور ڏيندو آهي. غلطين جي درستي به ايئن ڪرائيندو آهي، جيئن ڪو شفيق استاد پنهنجي شاگرد کي ڪا ڳالهه سمجهائيندو هُجي!
ڪتاب جو مهاڳ، ناليواري شاعر، مضمون نويس، ڪالم نگار ۽ براڊ ڪاسٽر، محترم ياسر قاضي صاحب لکيو آهي، جنهن جا روايتي انداز ۾ ٿورا مڃيان ته، اِها ناانصافي ٿيندي. ياسر منهنجو پيارو دوست ۽ وڏو ڀاءُ آهي. جنهن کي مون جڏهن مهاڳ لکڻ لاءِ عرض ڪيو ته پاڻ دل سان ’ها‘ ڪيائين ۽ اِهو به چيائين ته جلد مهاڳ لکي موڪليان ٿو، پر ياسر مهاڳ لکڻ ۾ ڪافي وقت وٺي ويو. مون سوچيو ته هي مصروف ماڻهو آهي، وقت نه ملندو هوندس ۽ مون به عجيب فرمائش ڪري دوست کي پريشان ڪيو آهي. مونکي اِها خبر ئي نه هُئي ته ياسر پنهنجي ڪم کي لڳو پيو آهي، هُو نه صرف مهاڳ لکڻ سان گڏوگڏ هي ڪتاب دل سان پڙهندو ويو، پر اُن ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان موجود اوڻاين کي نه رڳو درست ڪندو ويو، پر مونکي به انهن کان آگاهه ڪندو ويو، ته جيئن اڳتي آءٌ انهن غلطين کي نه دُهرايان. تنهنڪري، ياسر هن ڪتاب جي هر لفظ کي دل سان پڙهيو به آهي، ته پيار سان اُن جي سنوار به ڪئي اٿس، جيڪو آءٌ پاڻ لاءِ اعزاز ٿو سمجهان. هونئن به ياسر منهنجو استاد آهي، جنهن منھنجين ڪيترين ئي ڳالهين ۾ رهنمائي ڪئي آهي ۽ دل سان ڪئي آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پنهنجائپَ وارو احساس ئي موجود هوندو آهي. ياسر ڪو به سُٺو ڪتاب، سُٺو ميسيج، سُٺي ڳالهه يا وري سُٺي موسيقي، مون سان ضرور شيئر ڪندو آهي. خاص طور تي ڪشور ڪمار جا ته اسان ٻئي وڏا مدّاح آهيون. اسان جي شايد ئي ڪا ڪچهري هُجي، جنهن ۾ ڪشور ڪمار جو ذڪر نه ٿيندو هُجي! سو، پياري ياسر جي انهيءَ پيار جو آءٌ هميشه قرضي رهندس. دعا آهي ته هُو ايئن ئي علم ۽ ادب جي آبياري ڪندو رهي ۽ اسان جي رهنمائي ڪندو رهي. (آمين!)
هن ڪتاب جي ترتيب ۽ سنوار ۾ منهنجن پيارن ڀائرن منصور ۽ هالار جون محبّتون به شامل آهن. امڙ سائنڻ جون دعائون، پيار ۽ شفقت ته منهنجو هر ڪم آسان ڪنديون ئي آهن! اُنهن مڙني جو مونسان گڏ هجڻ، مون لاءِ منهنجي سڀ کان وڏي طاقت ۽ حوصلو آهي.
آخر ۾ آءٌ مُرڪ پبليڪيشن جو به ٿورائتو آهيان، جن مظلومن جي آواز کي هن ڪتاب جي صُورت ۾ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. انهن سمُورن سڄڻن جا ٿورا مڃيندي، مقصود گل صاحب جي سٽن جو سهارو وٺڻ سٺو ٿو لڳيم، ته:
رسالي شاهه جي ۾ جيترا شامل اکر آهن،
انهن کان ڀي ڏهُوڻا دوستن مون تي ڪيا ٿورا
ڀلا ساگر جي مؤجن کي ڳڻڻ ممڪن ڪٿي ٿيندو!
ڳڻيا مُون جيترا ٿورا، هُيا سي تيترا ٿورا.

سرمد کوسو
6 اپريل 2021ع

سَڙيا مٿي سچ

---

پاڻيءَ جي کوٽ ۽ زراعت جي تباھي

سنڌي سماج ھڪ زرعي سماج آھي، جنھن جي آباديءَ جو وڏو حصّو ڳوٺن ۾ رھي ٿو. اھو طبقو زراعت ۽ چوپايي مال پالڻ سان وابسته آھي. سندن زندگيءَ جو ڦيٿو انهن شين جي موجودگيءَ ۽ واڌ ويجھ جي ڪري ڦِري ٿو. گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ جي خاص طور تي لاڙ وارن ضلعن ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ۽ ان جي غير منصفاڻي ورڇ جي ڪري زراعت مڪمّل طور تباهه ٿي چڪي آھي. ھاڻي ته حالت اُتي وڃي پھتي آھي، جو ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ لاء به شديد پريشان آھن. ماڻهو پنهنجي جياپي جيان بنيادي حق لاء روز روڊن تي مارچ ۽ احتجاج به ڪن ٿا، پر لاڳاپيل اختيارين جي ڪَنَ تي ڪابه جُونءَڪانه ٿي چُري. جنهن جا نتيجا ڏاڍا خراب پيا نڪرن. ھڪ ته زراعت نه ٿيڻ ڪري ماڻهن جو مالي نقصان ٿي رھيو آھي، ٻيو ته گدلو پاڻي واپرائڻ سبب ماڻهو انيڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن. جن ۾ ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ واڌاري جي ڪري ماڻهن جي زندگي زھر ٿي وئي آھي.
زراعت جي تباهي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ماڻهو ذھني مريض ٿيندا پيا وڃن. ڪافي ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ ۽ پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي به مجبور آھن. انهن ذھني پريشانين ۽ پيٽ ۾ بُک جي ڪري روزانين چورين توڙي ڌاڙن جي انگ ۾ بهمسلسل واڌارو ٿي رھيو آهي ۽ سماج ۾ بدامني پکڙجي رھي آھي، جيڪا خود سماج لاء وڏو ناسور آھي. ھاڻي ماڻهو پاڻيءَ جي ڪري وڏي پيماني تي جھيڙا به ڪن ٿا ۽ ھڪٻئي کي ماريندي به دير نٿا ڪن.
انھيءَ تباھيءَ سان اسان جي ماحوليات کي به تمام وڏو نقصان پهتو آھي. جتي اڳي ڍنڍون ۽ ڍورا تارؤُن تار ھوندا ھئا، ھاڻي اُتي سُڃَ ۽ رُڃَ واڪا ڪري رھي آھي. آبادي وڌڻ ڪري ماڻهن پنھنجيون معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ وڻن کي به وڍي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. اڳي جتي وڏا وڏا جھنگل ٻيلا ھوندا ھئا، اتي ھاڻي ھڪ وڻ به ڳولي نٿو لڀي.
گڏوگڏ جانورن توڙي پکين جا پڻ کوڙ سارا نسل تباهه ٿي چڪا آھن. جتي اڳ ۾ سَھا، ڪبوتر، طوطا ۽ پوپٽ عام جام ھوندا ھئا، اتي ھاڻي رڳو مکيُون ۽ مڇر آھن، جيڪي مختلف بيماريون ڦھلائڻ جو سبب بڻيل آھن. پوپٽ، گلن تي ايندا ھئا، جڏھن گل ئي ناهن رھيا ته پوپٽ ويچارا بهرستا مَٽائي ويا آهن. ھاڻي ھر طرف آھي گند ۽ ڪچرو!جيڪو مکين ۽ مڇرن جو آماجگاهه آھي، جن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.
مٺو پاڻي نه ھئڻ ۽ ڊائون اسٽرِيم ڪوٽڙي نالي ماتر پاڻي ڇڏڻ ڪري، لاڙ جي سمنڊ کي ويجھن ضلعن کي سمنڊ به ڳڙڪائيندو پيو وڃي ۽ اتي رھندڙ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آھن. جڏهن ته اُتي رھندڙ مڪاني ماڻهن کي ھر وقت سامونڊي طوفان ۽ ٻين قدرتي آفتن جو پڻ ڊپ رھي ٿو.
ھن سڄي تباهيءَ ۾ ٻيو جيڪو وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي،اُهو اِھو آھي ته آبادگار سُورن سان قرض کڻي وڏا خرچ ڪري، جيڪڏهن ڪو فصل پوکين ٿا، ته وري ان فصل جي اُپت تي سرڪار پاران اُن جو مناسب اگھ نٿو ڏنو وڃي ۽ وري اھو خريد به نٿو ڪيو وڃي. جنھن جو مثال ھن وقت ڪڻڪ جي خريداري نه ڪرڻ آھي. يا وري لاڙ وارن ضلعن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ماڻهو ڪمند پوکين ٿا، ته ڪمند جو به مناسب اگھ نٿو ملي ۽ شگر ملون به تمام دير سان ۽ ٿوري وقت لاءِ ھلايون وڃن ٿيون. نتيجي ۾ غريبن جي اميدن تي پاڻي ڦري ٿو وڃي. حد اھا آھي جو جيڪو اگھ حڪومت طرفان هر سال مقرر ڪيو ٿو وڃي، اهو به شگر مل مالڪَ ڏيڻ لاءِ تيار ناھن. ان سان امير، وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي ۽ غريب، ويتر غريب!!
ان سڄي تباهيءَ ۾ حالت اتي وڃي پھتي آھي، جو زيرِ زمين پاڻي (جَرُ) به کارو ٿي ويو آھي، پاڻي ۾ سينکيو ۽ ٻيا زھريلا مادا وڌي ويا آھن، جن جي ڪري ڪينسر ۽ ٻيون خوفناڪ بيماريون پيدا ٿي رھيون آھن.
انڪري ھاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آھي، ته پاڻيءَ جي انصاف واري ورڇ ڪجي ۽ جيڪي پاڻي چوري ڪن ٿا، انھن کي قانون موجب سزا ملڻ گھرجي. ان سان گڏوگڏ وڻن جي واڍيءَ تي پڻ پابندي لڳائي وڃي ۽ نوان وڻ ۽ ٻوٽا پوکڻ جون مھمُون شروع ڪجن. مختلف زرعي جنسن جا اگھ مناسب ڏنا وڃن، ته جيئن سنڌ جو پورھيت ۽ مزدور طبقو ساھ کڻي سگهي ۽ فضيلت ڀري زندگي گذاري سگهي.
ھاڻي اھو سڄو ڪم آھي حڪومت جو! جنھن کي اھو غريب ٽيڪس ڏئي ٿو ۽ ٻيو انهن نمائندن جو، جِن کي ھي ماڻهو ووٽ ڏين ٿا. ھي ڪو عام مسئلو ناھي، پر تمام وڏو مسئلو آھي. جيڪڏهن ھن کي صحيح طرح سان حل ڪري وقت سِر جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا، ته پوءِ اسان جي سماج جي حالت اڃا به خراب ٿيندي ۽ ان جا ويجهي مستقبل ۾ ڏاڍا خوفناڪ نتيجا نڪرندا.


(پندرنهن وار ”عبرت“ ميگزين جي 15 جون 2019ع واري شماري ۾ شايع ٿيل)

پسيو بازارون، ھينئڙو مُون لوڻ ٿئي!

”عيد“ جو لفظ، ذھن ۽ زبان تي ايندي ئي ماڻهوءَ جي دل ۾ خوشيءَ جو احساس جنم وٺڻ لڳندو آھي، پر موجودہ وقت ۾ ماڻهو، عيد ۽ خوشيءَ جھڙن لفظن کان به اڻواقف ٿي ويا آھن. ڇو ته ھن وقت ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ، نفسانفسيءَ، وڌندڙ آباديءَ، بيمارين، غربت، جھالت، بيروزگاريءَ ۽ ٻين انيڪ مسئلن، ويچاري عام ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. عيدون ۽ خوشيون ته ھر انسان لاءِ ھونديون آھن، پر اسان جي سماجي ڍانچي ۾ اھي عيدون ۽ خوشيون به رڳو اميرن لاءِ وڃي رهيون آھن. اڄ به ويچارو غريب، ٻه ويلا اڻڀي مانيءَ لاءِ به پريشان آھي. طبقاتي سماج ۾، جتي امير، امير تر ۽ غريب، غريب تر ٿيندو پيو وڃي، اتان جي پورھيت طبقي تي زندگي به ٻوجھ بڻجيو پوي.
مون کي ياد ٿو اچي ته اسان ننڍپڻ ۾ عيدن تي ڪيڏو نه خوش ٿيندا ھئاسين... نوان نوان ڪپڙا پھري، پنھنجن مائٽن کان عيد جي خرچي وٺندا ھئاسين... عيديءَ ۾ اسان کي نوان نوٽ ملندا ھئا... جيڪي ڏسي اسان خوش پيا ٿيندا ھئاسين... سڀئي ٻارڙا گڏجي رانديون کيڏندا ھئاسين... انکانپوءِ عيد جي موقعي تي تيار ٿيل مختلف طعام گڏجي کائيندا ھئاسين... ان وقت ان روايت تي به باقائدگيءَ سان عمل ٿيندو ھو، ته جنھن گھر ۾ جيڪا به کاڌي جي شئي پَچندي ھئي، ان مان ڪجهه حصّو پاڙي وارن ۾ ضرور ورھائبو ھو، جيڪو ھڪٻئي سان ڀائيچاري ۽ امن جو وڏو مثال ھو. اُن وقت عيد جي موقعي تي اسان پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري ننڍڙي شھر به ايندا ھئاسين. جتان گھمي اچڻ کانپوءِ اسان لاءِ عيد جون خوشيون ۽ مزو هيڪاندو وڌي ويندو ھو. اصل ۾ اھو سڀ ممڪن تڏهن ھو، جڏھن ماڻهن ۾ قوّتِ خريد ھئي ۽ ھر طرف خوشحالي ھئي. پر ھاڻي ته”پَسيو بازارُون، ھينئڙو مُون لوڻ ٿئي!“ واري ڪار لڳي پئي آھي. اھو سڀ ايڏو جلدي تبديل ٿي ويندو...اهو سوچي اندر جُھري ٿو پوي!
لاڙ واري علائقي ۾ ته اڄ کان 20 سال اڳ آيل سامونڊي طوفان جون شروع ڪيل تباھيون اڃا تائين جاري آھن، جيڪي تيزيءَ سان هن خِطي کي تباهه ڪري رهيون آهن. ان ويھن سالن جي عرصي ۾ جتي زلزلن، پاڻيءَ جي شديد کوٽ، برساتي ٻوڏ، ”ايل بِي او ڊِي“ جي نالي سان موجود سم نالي جھڙي راڪاس جي راڱن، توڙي انتظامي ڪوتاھين هتان جي اٻوجهه ۽ مسڪين عوام جون خوشيون کسيون، اتيان سڄي عرصي دؤران، درد جو درمان بڻجڻ جا خواب ڏيکاري آيل مختلف ”اين جي اوز“ به ھنن غريبن جي غربت جو مذاق اڏائي،وڃي پنھنجا ئي پيٽ ڀريا! باقي غريبن کي ڪو به سُک پلئه ڪونه پيو! ان سڄي عرصي ۾ ماڻهن کان عيدون ۽ خوشيُون ئي وسري ويون ۽ ھو هاڻي ته بس رڳو جيئڻ جا جتن پيا ڪن. اڄ جي حالت اھا آھي جو مان يقين سان چئي ٿو سگھان ٿو ته غربت ۾ ورتل ماڻهن جي پنجن، ڏھن سالن جي ٻار کي عيد جي خبر ئي نه ھوندي ته عيد ٿيندي ڇاھي!

جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا اسان سُوءَ ورتِي سُومِرا!
ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، خوشِي ۽ خَرِيدَ
سِڪَڻَڪِيا شهِيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا.

ھن وقت به عيد کان بلڪل ٿورو اڳ ۾ مھانگائي، ھن ملڪ جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي بيٺل آھي. نتيجي ۾ ماڻهن لاءِ رڳو دال، اٽو ۽ ٻيون ضرورت جون شيون ئي نه، پر پنھنجو وجود به مھانگو ٿي پيو آھي. ماڻهو، ماڻھوءَ مان بيزار لڳو پيو آھي. ماڻهو پنهنجي جيءَ کان خفا ٿيو پيو ھلي! ان سڄي ظلم ۾ ماڻهو ويچارا ذھني مريض پيا ٿيندا وڃن.
ان لاء ھاڻي اھو وقت اچي ويو آھي، جو اسان ٻين جي احساسن جو قدر ڪريون. پنھنجي خوشين ۾ ٻين کي به شريڪ ڪريون. ھونئن به چوندا آھن ته خوشيُون ونڊڻ سان وڌنديون آھن ۽ ڏک ورهائڻ سان گھٽبا آھن. تنهنڪري ڇو نه اسان به ھڪٻئي سان پنھنجا سُکَ ۽ ڏکَ ونڊيون، ته جيئن سماج جا ڏُک گھٽجي وڃن ۽ سُکَ وڌن .ايئن ڪرڻ سان اسان پنھنجيون وڃايل شاندار ريتون ۽ رسمون توڙي قدرَ واپس ورائڻ ۾ به سوڀارا ٿي وينداسين. ان سان ھڪ بھتر معاشرو جنم وٺندو. دنيا جو هر دين به اسان کي اھو ئي پيغام ڏئي ٿو، ته اسان ڏکويل ماڻهن جي مدد ڪريون ۽ کين پنهنجو سمجهي، سندن ھر ڏک کي گھٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريون.
اچو ته پاڻ ۾ موجود ويڇن کي گھٽايون... نفرتن جون پاڙُون پٽي انهن کي پري اڇلايون...خوشيون ورھايون ۽ پاڻ ۾ امن سان رھون. محنت ڪريون ۽ محبّت ونڊيون ته اسان لاءِ عيدون ئي عيدون آھن.

سڄو ڏيھ ڏاٽا ڪري جي اڀا،
لکين عيد جا چنڊ اڀري پون.
(اياز)


(روزاني ”عبرت“حيدرآباد۾15 جون 2019ع تي شايع ٿيل)

نوڪريءَ جي نالي ۾ نؤجوانن سان ٿيندڙ مذاق

ملڪ جي آدمشماري وڌڻ جي ڪري جتي ٻيا کوڙ سارا مسئلا پيدا ٿي پيا آھن، اتي انھن سڀني مان جيڪو مسئلو وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي،اهو بي روزگاري آھي. خاص طور تي نؤجوان طبقو بيروزگاريءَ جو وڏي پيماني تي شڪار پيو ٿئي. ماڻهن جي انگ وڌڻ ڪري وسيلن تي بار به ڏينھون ڏينھن وڌندو پيووڃي ۽ روزبروز وڌندڙ لاقانونيت سبب اجتماعي وسيلا وڌڻ بدرانتيزيءَ سان گھٽجي رهيا آهن. انڪري اھو ممڪن ڪونهي ته ھر ماڻھوءَ کي روزگار ملي سگهي. اسان وٽ سنڌ ۾ اڃا به اھا روايت آھي، جو گھر ۾ ڪمائڻ وارو ھڪڙو فرد ۽ کائڻ وارا ڏھ ڏهه فرد! ان صورتحال مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو، ته بيروزگاري ڪيتريءَ حد تي پھچي چڪي آھي.
ان سڄي منظر ۾ اڪثر نؤجوان آپگهات ڪري پنھنجين زندگين جا ڏيئا اجھائين ٿا. ٻي صورت ۾ هُو پنڻ ۾ پورا آھن يا مختلف ڏوهن ۾ ملوث ٿين ٿا. صنعتون به وڏن شھرن ۾ ھئڻ ڪري ٻھراڙيءَ جو نؤجوان اتي روزگار لاء نٿو وڃي. ڳوٺن ۾ سندن روزگار جو واحد وسيلو زراعت ۽ چوپايو مال آھي، جيڪو گذريل ڪجهه سالن کان پاڻيءَ جي غيرمنصفاڻي ورھاست ۽ کوٽ جي ڪري مڪمّل طور تباھ ٿي چڪو آھي. ان ڪري ٻھراڙيءَ جي نؤجوانجي حالت ڏاڍي خراب آھي. نؤجوانن جي ايڏي وڏي انگجي صلاحتين ۽ توانائيءَ کي صحيح طرح ڪتب آڻڻ لاءِ، حڪومتي سطح تي ڪنهن به دؤر ۾ ڪابه جامع رٿابندي ڪانھي ڪئي وئي.
اھا ته ڳالهه ٿي ٻھراڙيءَ جي!۽ خاص طور تي اڻپڙھيل نؤجوان جي! ھاڻي جائزو وٺون ٿا ان نؤجوان جي حالت جو، جيڪو مختلف يونيورسٽين مان ڊگريون وٺڻ کانپوءِ مختلف نوڪرين لاءِڪوششون ڪري ٿو.
آدمشماري وڌڻ ڪري اھو ممڪن ناھي ته سڀني ماڻھن کي سرڪاري نوڪري ملي سگھي. پر پوءِ به سرڪار نؤجوانن لاءِ ٻيا وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان گھڻو ڪجهه ڪري سگھي ٿي. پر افسوس! جو حڪومتي سطح تي ان ڏس ۾ ڪجهه به نه ٿو ڪيو وڃي! اڳ ۾ اھو چيو ويندو ھو ته سرڪار ۾ سفارش ۽ پئسن کان سواءِ نوڪريون ناھن ملنديون، تنهن ڪري نؤجوانن کي خانگي شعبي ۾ نوڪرين لاءِ اپلاءِ ڪرڻ لاءِ همٿايو ويندو هو، جتي اهليت (ميرٽ) کي ترجيح ڏني ٿي وڃي. پر ھِن وقت حالت اھا آھي، جو خانگي شعبي ۾ به بغير سفارش جي ڪابه ملازمت ڪانه ٿي ملي. پنهنجي واسطيدار ۽ من پسند ماڻهن کي space ڏنو وڃي ٿو. باقي ويچاري عام نؤجوان لاءِ ڪا جڳهه ناھي. ان حوالي سان ڪافي سوال پيدا ٿين ٿا، جن مان ھڪ سوال اھو به آھي ته اسان جون يونيورسٽيون رڳو ڊگريون ورھائڻ ۾ پوريُون آھن، ھُوJob Market لاءِنؤجوانن کي تيار ئي نٿيون ڪن. نتيجي ۾ نؤجوانن جُون صلاحيتون ۽ نوڪريءَ جو معيار پاڻ ۾ برابرنٿو رهي ۽ نؤجوانن کي مايوسي پلئه پوي ٿي.

سرڪاري ادارن ۾ رشوتن ۽ سفارشن عيوض نوڪرين واريون ڳالهيون به عام آھن، پر اتي به محنتي نؤجوان چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن ۾ يقين رکندو پئي آيو آھي. جنهن ذريعي نؤجوان پنهنجيءَ محنت سان ڪافي سٺن شعبن ۾ نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. گذريل ڪجهه عرصي کان”سِي ايس ايس“ ۽ ”پِي سي ايس“سميت ليڪچرارن ۽ استادن جُون ڀرتيون به مختلف ادارن کان ٽيسٽون ۽ انٽرويو وٺي، ڊگرين جي تصديق کانپوءِ ڪيون پيون وڃن، جيڪا ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي ۽ سنڌ جي محنتي نؤجوانن ان ڏس ۾ پاڻ ملھايو به آھي. مان ان حوالي سان ڏاڍو پراميد آھيان.

ان سڄيءَ صورتحال جو وري گذريل ڪجهه مھينن کان جائزو وٺون ٿا، ته ھاڻي وري انھن امتحانن ۾ به سنڌ جي نؤجوانن سان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن. ھڪ ته اھي مقابلي وارا امتحان ھر سال ٿيڻ کپن، ته جيئن نؤجوان ان عمر جي مقرر ڪيل حد اندر نوڪري حاصل ڪري سگهن. امتحان ٿين ٿا ھر پنجن يا ڏھن سالن کانپوءِ! تهنؤجوان ويچارو اڌڙوٽ ٿيو وڃي ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ جا خواب سندس اکين ۾ ئي دفن ٿيو وڃن! ٻيو ھاڻي وري امتحانن جا نتيجا بنا ڪنهن سبب ڄاڻائڻ جي منسوخ ڪري بهنؤجوانن کي مايوس ڪيو پيو وڃي. جنهن جو مثال گذريل ڪجهه وقت کان PCS جي نتيجن کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ سامهون آيو آھي. ايتري تائين جو انٽرويو پاس ڪرڻ کانپوءِ به نؤجوانن کي اھو چئي مايوس ڪيو ٿو وڃي، ته ڪرپشن ٿيڻ ڪري نتيجا رد ڪيا ويا. اھي صاحب جيڪي نتيجا رد ڪن ٿا، اھي ان وقت اهو ذري برابر به نٿا سوچين، ته ڪيترن غريب نؤجوانن ڪيڏين مشڪلن سان ان نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪري انٽرويو پاس ڪرڻ واري مرحلي کي عبُور ڪيو ھوندو.
مختلف ٽيسٽن ۽ انٽرويوز لاء ادارا 500 کان 1000 روپين تائين ھر ھڪ اميدوار کان في وصول ڪن ٿا. توهان اندازو ڪريو ته ڪيڏا بيروزگار نؤجوان هر پوسٽ لاءِ درخواستون ڏيندا ھوندا ۽ ڪيڏا پئسا انھن ادارن ۾ ”درخواست فيس“ يا ”پراسيس فيس“ جي مد ۾ جمع ٿيندا هوندا، پر پوءِ به اھي ادارا ھڪ ته وقت تي امتحان نٿا وٺن ۽ ڪي ته مُرڳو نوڪرين جي انھيءَ اشتھار کي ئي رد ڪري، وري نئون اشتھار شايع ڪرايو ڇڏين! اھو نؤجوانن سان مذاق ناھي ته ٻيو ڇاهي!؟
انڪري اسان جي حڪومتي ادارن کي گذارش آھي ته خدارا!! سنڌ جي نؤجوانن جي روزگار لاء واضح پاليسيون ٺاھيو ۽ انهن پاليسين تي عمل به ڪريو! ان سان گڏوگڏ خانگي ادارن جا سربراھ به رڳو پنهنجي خاندانن ۽ يارن کي نوازڻ بجاءِ سنڌ جي ميرٽ کي مان ڏين. ان سان ئي اسان پنهنجن نؤجوانن کي مايوسين مان ڪڍي، ھڪ پُراميد مستقبل ۽ هڪ روشن سماج جو بنياد رکي سگهنداسين.


(ماهوار”ھمسري“حيدرآباد جي جون 2019ع واري شماري ۾ شايع ٿيل)

تعليم ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال

وقت گذرڻ سان ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ۽ اثر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڌندو پيو وڃي. ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال اڄڪلهه شھرن توڙي ڳوٺن ۾ عام جام ٿيڻ لڳو آھي. شھرن ۾ ته مختلف ڪارخانا ۽ فيڪٽريون، ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪن ٿا، پر ھاڻي ته ڳوٺن ۾ به ماڻهو ٻنيءَ جي ڪم کان ويندي گھرن ۾ مختلف ڪمن ڪارن کي انجام ڏيڻ لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال عام جام ڪرڻ لڳا آهن. اڄ جيڪو ماڻهو ٽيڪنالاجيءَ کان اڻواقف آهي، ان کي اڄ جي دؤر جو ماڻھو ئي نه ٿو ليکيو وڃي. معاشري تي ٽيڪنالاجيءَ جا اثر ڪھڙا آھن؟ اسان اُن جو استعمال ڪيئن ٿا ڪيون؟ اِھو وري الڳ بحث آھي. ھن وقت اسان ان ڳالهه تي بحث ڪنداسين، ته ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان سکڻ ۽ سيکارڻ، پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جي عمل تي ڪھڙا مثبت اثر پيا آهن؟ اڄ جي مقابلي واري صنعتي دؤر ۾ اھو تمام ضروري ٿي پيو آھي ته ھڪ شاگرد کي ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ ۽ ان ۾ مھارت ضرور هجي!
اڄ جو ٻار، جيڪو ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر ۾ پيدا ٿيو آھي،ان جو پنهنجي زندگيءَ ۾ اڪثر واسطو به ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل شين سان ئي پوي ٿو. مان سمجھان ٿو ته اِھو ٻار ٽيڪنالاجي جي استعمال سان وڌيڪ سٺي نموني پنهنجا مختلف تعليمي مضمون سمجھي سگھي ٿو. ڇو ته ھن جي چوڌاري ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل ”گيجيٽس“ئي موجود آھن.

ان حوالي سان هي ڳالهيون اھميت واريون آھن:
ــ اڄ جي ٻار جو ڪلاس روم کان ٻاھر گھڻو وقت ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل شين (گيجيٽس) کي استعمال ڪرڻ ۾ گذري ٿو، انڪري اھو ٻار چاھي ٿو ته کيس سندس نصابي سرگرميون به ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان ڪرايون ۽ سمجھايون وڃن.
ــ اڄ جي دؤر جا استاد به ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪن ٿا ۽ سندن اھا گھُر ھوندي آھي، ته ڪلاس روم ۾ ٽيڪنالاجيءَ سان متعلق آلا موجود ھجڻ گھرجن. مثال طور: اڄ جا اڪثر استاد ملٽي ميڊيا ذريعي ليڪچر ڏيڻ ۽ ٻارن کي مختلف مضمون سمجھائڻ کي اوليت ڏين ٿا. جنهن ۾ مختلف موضوعن سان سلهاڙيل تصويرون توڙي ويڊيوز ان موضوع کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ مدد ڪن ٿيون. ڏٺو ويو آهي ته ان سان شاگرد به ڪلاس ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺن ٿا.
ــ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان هر شاگرد کي سندس سمجهڻ جي رفتار موجب سمجھائي سگھجي ٿو. ڇو ته ڪجهه ٻار تيزيءَ سان سمجھڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ته ڪجهه شاگرد وري سمجهڻ ۾ ٿورو وقت وٺن ٿا. ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان انهن ٻارن کي اھي شيون وري وري ڏيکارڻ ۽ دلچسپ انداز ۾ سمجھائڻ ممڪن آهي.
ــ سائنس جا سبجيڪٽ جنهن ۾ ڪيميسٽري، بائيولاجي، فزڪس ۽ رياضي وغيره کي دلچسپ ڪري ڪمپيوٽر ۽ ملٽي ميڊيا وسيلي مختلف شڪيلن (ڊاياگرامس)، نقشن ۽ ڊاڪيومينٽريز وغيره جي مدد سان تمام سٺي نموني سمجھائي سگھجي ٿو.
ــ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪا خاص حد به مقرر ٿيل ناھي! مطلب ته جيڪا ڳالهه اسان جنهن به وقت سکڻ چاھيون، اها سکي سگھون ٿا. ان جي سکڻ لاءِ بيشمار ويب سائيٽس موجود آهن.

ــ جديد امتحاني طريقيڪار موجب به ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنھن ذريعي لکين شاگردن جو امتحان ھڪ وقت وٺڻ ممڪن آهي ۽ ان جانتيجا به ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر ظاهر ڪرڻ ممڪن آهي. جنهن جو هڪ بهترين ۽ عام مثال اسان وٽ مختلف ادارن جي داخلا لاءِ ورتا ويندڙ امتحان (انٽري ٽيسٽ) آھن. ان ۾ ان امتحان جي شفافيت به يقيني بڻجي ٿي ۽ ان جو نتيجو به جلد ظاهر ڪرڻ ممڪن ٿيو پوي.
ــ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان ٻار جو ڌيان به آسانيءَ سان گهربلموضوع طرف آڻي سگھجي ٿو. ان سان گڏوگڏ ٻار کي ڪنهن تعليمي سرگرميءَ ۾ مصروف رکڻسؤلو آهي.
ــ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال،هر ٻار جي انفرادي ذهني ۽ نفسياتي سطح جي حساب سان ڪرڻ گھرجي. البته ان جي استعمالجي ضرورت ھر ٻار (شاگرد) کي بهرحال آھي.
ــ اڄ جي صنعتي دؤر ۾ ”جاب مارڪيٽ“ ۾ به ان نؤجوان کي اھميت ڏني وڃي ٿي، جنهن وٽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ آھي. ڇو ته ھاڻي ھر ڪاروبار توڙي ڪِرت ۾ ڪمپيوٽر جي مختلف سافٽ ويئرس توڙي ايپليڪيشنز جو استعمال عام جام ٿئي ٿو، انڪري جنھن شخص وٽ ان جي ڄاڻ آھي،اهو ئي ڪامياب آھي.
انڪري اھو تمام ضروري ٿي پيو آھي ته اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي روايتي انداز مان ڪڍي، جديد انداز ۾ موڙڻو پوندو ۽ ان ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي مثبت استعمال کي ھٿي ڏيڻي پوندي، ته جيئن اسان جو نؤجوان جديد دنيا سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي مقابلو ڪري سگھي ۽ پنهنجيءَ قوم ۽ ملڪ لاء ھڪ ڪارگر ۽ بھتر فرد ثابت ٿي سگهي.


(ماهوار ”ھمسري“حيدرآباد جي مئي 2019ع واري شماري ۾ شايع ٿيل)

سماجِي لاتعلقي

ھن وقت اسان جو سماج جن انيڪ مونجھارن جي ور چڙھيل آهي، انهن مان ھڪ مسئلو ”سماجي لاتعلقي“ به آهي. معاشري ۾ موجود فردن جي اڪثريت، ھر شعبي ۽ ڪم کان لاتعلق بڻيل آهي. اسان کي اڪثر اھي جملا ٻڌڻ لاء ملن ٿا ته
”ٿيندو ھونئن به ڪجهه ڪونه...! ھرُوڀرُو دماغ کپائڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي...!!“
يا وري
”فلاڻا ھمراھ ته اچي چريا ٿيا آهن... جو سڄو ڏينهن ٿا ماڻهن کي سماجي ڀلائيءَ جون ڳالهيون ٻڌائين...! ھي سماج ته سُڌرڻوئي ڪونهي...!!!“
وغيره وغيره...
مان توهان کي ڪجهه مثال ٿو ڏيان، جن مان توهان اندازو ڪريو، ته اسان وٽ ”سماجي لاتعلقي“ ڪيتريءَ حد تائين وڌي چڪي آهي. ان سماجي لاتعلقيءَ کي سماجي بيحسي به چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو.
ــ اسان وٽ سرڪاري اسڪول ۾ پڙھائيءَ يا سھولتن جي کوٽ ھوندي، ته اسان سڀ گڏجي ڪنهن آفيسر وٽ اھڙي شڪايت درج ڪرائڻ بدران، چونداسين ته ”سرڪاري اسڪولن جو ڪير به ڌڻي سائين ڪونهي... ڇو نه ٻار ڪنهن خانگي اسڪول ۾ داخل ڪرائجن... جتي سھولتون به آهن ته پڙھائي به بھتر آهي...“ ان جو مطلب سرڪاري اسڪولَ، جيڪي اسان جي ٽيڪسن جي پيسن مان ھلن ٿا، انهن سان اسان جو واسطو ئي ناهي!؟
ــ سرڪاري اسپتالن ۾ علاج صحيح ناهي، ته خانگي اسپتالن ۾ وڃو. خانگي اسپتالن ۾ ڳاٽي ٽوڙ خرچ به برداشت ڪنداسين، پر سرڪاري اسپتال کي پنهنجو ادارو سمجهي انهن جي مالڪي اصل نه ڪنداسين!
ــ اسان وٽ بجليءَ جي مجموعي کوٽ جي ڪري لوڊشيڊنگ تمام گهڻي ٿي وئي آهي, انڪري بجليءَ جي چوري نه ڪرڻ ۽ بچت ڪرڻ بجاءِ اسان چونداسين ته ”بجلي ناهي ته اسان جو ڇا وڃي...!! اسان جنريٽر ۽ سولر سسٽم لڳرايو آهي... بجلي ناهي ته خير آهي... اسان جو ڪم ته سولر سسٽم تي ھلي پيو...!“.
ــ پيئڻ جو صاف پاڻي نه پيو ملي, ان لاءِ گڏيل طور تي ڪو سماجي تحرڪ وٺڻ بدران، چونداسين: ”اسان ته منرل واٽر پيئون پيا... يا فلٽر پلانٽ گھر ۾ لڳرايو آهي. باقي عوام کي صاف پاڻي نٿو ملي، ته ان ۾ اسان کي ڪا به تڪليف ناهي...!“
ــ پبلڪ ٽرانسپورٽ به اڄڪلهه وڏو مسئلو آهي، پر جن غريبن جي مجبوري آهي، اھي ان ۾ سفر ڪن ٿا. ان جي بھتريءَ لاءِ آواز اٿارڻ بدران، اسان پنهنجي گاڏي خريد ڪري چونداسين:”پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ اسان ڇو سفر ڪيون...!؟“
ــ سرڪاري ٽپال وارو نظام درست ناهي، ته ان کي بھتر ڪرڻ لاءِمجمُوعي ڪوششونوٺڻ گھرجن، پر نه!! اسان ته خانگي ڪوريئر سروس رستي سامان يا ڪاغذ پَٽَ موڪلينداسين... اسان جو ڇا وڃي سرڪاري پوسٽ سان!!
ــ وڻن جي واڍيءَ جي ڪري وڻ گھٽباپيا وڃن ۽ گرمي وڌندي پئي وڃي. انڪري وڻ پوکجن ته جيئن ماحول ۾ گرمي (گلوبل وارمنگ) گھٽجي ۽ ماحول بھتر ٿئي. پر اسان اھو ڪونه ڪنداسين. ”گرمي آهي ته ڇا ٿيو!! اسان جي گاڏيءَ ۾ به ايئر ڪنڊيشنر لڳل آهي ۽ گھر به ايئر ڪنڊيشنڊ آهي... اسان کي گرميءَ جي پرواهه ئي ناهي!! ماحول خراب ٿو ٿئي ته ڀلي پيو ٿئي!! اسان جو ان سان واسطو ڪونهي...!!“
ــ اليڪشن ۾ بھتر اميدوار کي ووٽ ڏيو! ”نه! اسان ووٽ ڪونه ڏينداسين... ڪير گرميءَ ۾ وڃي قطارن ۾ بيھي خوار ٿئي!اسان کي سُٺا نمائندا ھونئن ئي ڪونه ملندا! باقي غريب پيا ووٽ ڏين... اسان پولنگ اسٽيشن تي ڪونه وينداسين... باقي سوشل ميڊيا تي پيا رڳو سماج سڌارڻ بابت ٺَلها تبصرا ڪنداسين...!!“
اھڙيءَ طرح اسان ڪنهن به سماجي بھتريءَ ۽ تبديليءَ جو محرّڪ بڻجڻ کان پري آھيون ۽ ان جي تبديليءَ لاءِ ڪنهن تحرّڪ يا تحريڪ جو حصّو ٿيڻ لاء تيار ناھيون. اسان ھر ڳالهه جي لاءِ انفرادي طور متبادل ٺاهي ڇڏيا آهن. بنيادي ضرورتون ملن يا نه ملن... اسان وٽ انهن جا متبادل تيار آهن.
اسان جيڪڏهن پنهنجي روّيي ۾ تبديلي نه آندي، ته پوءِ اسان رڳو پيا تبصرا ۽ تنقيدون ڪنداسين، البته معاشري ۾ بھتري ۽ تبديلي ڪانه ايندي.
ان سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجن ادارن جي به مالڪي ڪرڻي پوندي ۽ انهن جي بھتريءَ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوندي ته جيئن سڄو سماج انهن مان فائدو حاصل ڪري سگھي.
اسان کي گھرجي ته سماج ۾ ٿيندڙ چڱن ڪمن کي ھٿي ڏيون ۽ انهن جو حصّو بڻجون. ايئن ڪرڻ سان برائي گھٽبي ۽ چڱو ڪم ڪرڻ جي روايت پيدا ٿيندي ۽ وڌندي. ان ڳالهه جي اسان جي سماج کي تمام گھڻي ضرورت آهي. باقي نه ته اسان وٽ رڳو نڪته چيني ۽ ٽوڪ ڪرڻ جو عمل فقط مايوسي ئي پکيڙي رھيو آهي، جيڪو کوڙ سارين نفسياتي بيمارين سميت سماجي بيمارين جو پڻ سبب بڻجي رهيو آهي.انڪري ھڪ مثبت سماج جوڙڻ لاءِ اسان سڀني کي پاڻ ۾ مثبت روّيا پيدا ڪري، معاشري جي هر مسئلي کي پنهنجو سمجهڻو پوندو. ان سان ئي اسان جو سماج بھتر ٿيندو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي به ان جو فائدو ٿيندو.

لولي پاپ ۽ اهم اشُوز

تازو عوام جي وات ۾ هڪ ”لولي پاپ“ ڏنو ويو آهي، جنھن سان عوام جو نه رڳو وات بند ٿي ويو، پر گڏوگڏ کين مٺو ذائقو به محسوس ٿيندو رھيو. اھو لولي پاپ ھو ”ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011ع“ جو سيمي فائنل ميچ! جيڪو ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ کيڏيو ويو. ھونئن ته ھميشه پاڪستان ۽ انڊيا جوهر ميچ ٻنهي ملڪن جي عوام جي نگاهن توڙي توجّهه جو مرڪز ھوندو آھي، پر ھن ڀيري ھن ميچ جي اھميت ڪجھ سرس ھئي. اسان جي نالي ماتر ميڊيا، 15 ڏينھن اڳ ئي انھيءَ ڪم ۾ جنبي وئي ھئي، ته ان ڏينھن تي حڪومت کان عام موڪل ڪرائجي! رحمان ملڪ سميت مختلف سياستدانن نماز پڙھي، پاڪستان جي کٽڻ لاءِ خصوصي دعائون ڪيون. سنڌ اسيمبليءَ ۾ به سڀني ميمبرن ۽ وزيرن پاڪستان جي کٽڻ لاءِ دعائون گھريون. وفاقي سرڪار ته اڌ ڏينھن جي موڪل ڪئي، پر اسان واري سائينءَ (وڏي وزير) ته وڏيءَ دل جو مظاھرو ڪندي، سڄي ڏينهن جي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. سائينءَ کان شايد اھو وسري ويو، ته ھينئر مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ امتحان ھلندڙ آھن، جيڪي متاثر ٿيندا!
خير!! ميچ ته ”ڪرڪيٽ ڊپلوميسيءَ“ تحت ڀارت کٽي ويو ۽ پاڪستان جو وزيراعظم يُوسف رضا گيلاني ويچارو، ڀارتي ”پَرڌان منتري“، من موھن سنگھ سان ملاقات ڪري واپس موٽي آيو. اھو ته چڱو ٿيو، جو ايتري ۾ جان ڇُٽي وئي! جيڪڏھن پاڪستان فائنل ۾ پهچي وڃي ھا، ته اسان وارو وڏو وزير ته سڄو ھفتو ان خوشيءَ ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏي ھا! پوءِ ته سندس خوشيءَ جي ڪا انتھا ئي نه رھي ھا!!

انھيءَ سڄي منظرنامي دؤران، منھنجي ذھن ۾ ھڪ اھم سوال ڪر کڻندو رھيو، ته خاص طور تي سنڌ جي اھم اشُوز جو ڇا ٿيندو!؟ گھرشماري، آدمشماري، ليڊي ھيلٿ ورڪرز جا مسئلا، ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ تيل جون وڌندڙ قيمتون وغيره...
منھنجي خيال ۾ حڪومت ۽ ميڊيا، ماڻھن جو ذھن بدلائڻ ۾ هن ڀيري به هميشه جيان ڪامياب ٿي ويا. گھٽ ۾ گھٽ 15 ڏينھن ماڻھو انھن سڀني اھم اشوز کي وساري ميچ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رھيا. مان سمجهان ٿو اھڙن ’لولي پاپس‘ مان جان ڇڏائڻ لاءِ عوام کي ھاڻي فڪري طور سجاڳ ٿيڻو پوندو.


(ماهوار”افيئر“حيدرآباد جي 15 اپريل2011ع واري شماري ۾ شايع ٿيل)

سياسي مانڌاڻ جو انت ڪٿي ٿيندو!؟

ھن وقت ملڪي سياست ۾ وڏو مانڌاڻ متل آھي. ھر سياستدان روايت کي برقرار رکندي، ٻين تي نڪته چيني ڪندي، پاڻ کي اڇو اجرو ثابت ڪرڻ ۾ رڌل آھي. اھڙو ڌنڌو ڪندي سياستدان سدائين عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھن. وڏيون آسُون اميدون ڏيندا آھن ۽ پوءِ چُونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، پنجن سال لاءِ عوام کي وساري، پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪندا آھن ۽ ھر روز ”مفاھمت“ جي نالي ۾ نئين ”منافقت“ ٿيندي رهندي آھي. ھن وقت عمران خان پنھنجن بائونسرن سان ٻين پارٽين ۽ انھن جي اڳواڻن کي’ھِٽ‘ ڪري رھيو آھي ۽ پنھنجو پاڻ کي سچّو، امين، صادق ۽ ايماندار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي. تمام تيزيءَ سان سياسي ٻاڙائيءَجو شڪار ٿيندڙ سياستدانَ کيس ’جُوائن‘ ڪرڻ جي جتن ۾ آھن. ڪي گذريل حڪومت ۾ مزا ماڻيندڙ، ته ڪي وري انھن مزن کان رھجي ويلَ، ايندڙ اليڪشن کانپوءِ ٺھندڙ سياسي سيٽ اپ ۾ پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن ريت ’فِٽ‘ ڪرڻ جا خواب کڻي، عمران خان جا ٻانھن ٻيلي بڻجي رھيا آھن. عمران خان پنھنجي ھر بيان ۽ تقرير ۾ پاڻ کي سچّو، ديانتدار ۽ عوام جو ھڏڏوکي ثابت ڪرڻ جون دعوائون ڪري رھيو آھي. اھو ته خير!وقت ٻڌائيندو ته ھو ڪيترو ايماندار آھي!
ھن وقت ھڪڙي ڳالھ سوچڻ جھڙي آھي، ته عمران خان جيڪو آمرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن خلاف ته ڳالھائي رهيو آهي، پر ٻئي پاسي انھن ئي پارٽين (جيڪي ھن جي نظر ۾ ڪرپٽ ترين آھن) جي اڳواڻن کي پنھنجي پارٽيءَ ۾ مسلسل شامل ڪندو پيو وڃي. ان مان اھا ته ڳالھ واضع آھي ته رڳو چُونڊن کٽڻ لاءِ اھڙن ماڻھن جو سھارو پيو ورتو وڃي، جيڪي اڳي به عوام کي ٺڳي ۽ بيوقوف بڻائي چڪا آھن.
ھن ملڪ جي اھا پراڻي روايت رھي آھي، تهاسان جا وڏيرا (جيڪي ’ايم. پي. اي‘ ۽ ’ايم. اين. اي‘ ٿين ٿا) سدائين پنهنجو پاڻ کي ”اڀرندڙ سجَّ جا سلامي“ ثابت ڪن ٿا ۽ جنھن پارٽيءَ کي ايندڙ اليڪشن ۾ زور آور سمجھن ٿا، ان ۾ شامل ٿي وڃن ٿا ۽ اھا پارٽي بغير ڪنھن احتساب جي عوام جي ھانوَ تي مُڱ ڏرَي، انھن کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪري ٿي ۽ عوام سان اھا ڪار ٻارھوئي ٿيندي رھي ٿي.
اتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي، ته عمران خان ايئن ويندو انھن وڏيرن کي پنھنجي پارٽيءَ ۾ شامل ڪندو!؟ يا وري روايت کي برقرار رکندي، ھميشه جيان پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻندو!؟ خاص طور تي سنڌ ۾ وري انھن آزمايل مِيرن، پِيرن ۽ وڏيرن کي ٽڪيٽ ڏيندو!؟
آخر ان سياسي مانڌاڻ جو ڪٿي انت به ايندو؟ يا نه!؟


(ماهوار”افيئر“حيدرآباد جي ڊسمبر2011ع واري شماري ۾ شايع ٿيل)

وڌندڙ آدمشماري ــ ملڪ لاءِ ھڪ وڏو چيلينج

پاڪستان ھن وقت انيڪ مسئلن جي ور چڙھيل آھي. پاڪستان انھن انيڪ مسئلن ۾ وڪوڙجي ۽ جڪڙجي چڪو آھي. ھڪ مسئلي مان اڃا پاند مس ٿو آجو ڪرائي، ته ٻئي ھنڌ ڦاسيو پوي! ٻين مڙني مسئلن سان گڏ، ھن وقت پاڪستان کي وڌندڙ آباديءَ جو وڏو چئلينج آھي. معاشرتي توڙي معاشي ماهرن جي خيال ۾ سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح سمورن مسئلن جو واسطو بهرحال ھن ئي مسئلي سان لاڳاپيل آھي.
ھن مختصر مضمون ۾اسان دنيا جي آباديءَ ۽ پاڪستان جي آباديءَ جو مجموعي طور جائزو وٺنداسين ۽ انھيءَ کانپوءِ وڌندڙ آباديءَ جا مختلف سبب پڻ بحث هيٺ آڻينداسين ۽ آخر ۾ اھو پڻ بحث ڪنداسين، ته ان مسئلي تي ضابطو ڪيئن آڻجي؟ ۽ ان ڏس ۾ حلَ ڪهڙا آهن.
دنيا جي آبادي:
1950ع ۾ دنيا جي آبادي،لڳ ڀڳ اڍائي ارب ھئي ۽ 1960ع ۾ اھا 3 اربن تي وڃي پھتي. 1970ع ۾ اھا 3.6 اربن تي وڃي پھتي ۽ اھا 1985ع ۾ 4.9 ارب (ذري گهٽ 5 ارب) ٿي، جيڪا 2000ع ۾ 6.3 اربن تي پھتي. اھڙيءَ طرح پاڻ ڏسون ٿا ته 1950ع کان 1985ع تائين دنيا جي آباديءَ ۾ 60 سيڪڙو واڌ ٿي آھي، جيڪا تمام ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آھي. صحت جي عالمي اداري (ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن) جي انگن اکرن موجب، وڌندڙ آباديءَ جو مسئلو رڳو غريب ملڪن سان آھي، جتي تعليم ۽ شعور جي کوٽ آھي ۽ نتيجي ۾ اھي ملڪ انيڪ مسئلن ۾ ڦاٿل آھن. اسان جو پيارو پاڪستان به انھن ئي ملڪن مان ھڪ آھي.

پاڪستان جي آبادي:
1950ع ۾ پاڪستان، آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو چوڏھون وڏو ملڪ ھو، جڏهن ته 2035ع ۾ پاڪستان، آباديءَ جي لحاظ کان ڀارت کان به ٻئي نمبر تي ھوندو. ھر سال پاڪستان ۾ آباديءَ جي واڌ جي ڪري، البانيا يا نيوزيلينڊ جھڙو ھڪ ننڍو ملڪ ٺھِي ان ۾ شامل ٿو، جيڪا انتھائي فڪر جوڳي حد آھي. ھندستان کان الڳ ٿيڻ وقت پاڪستان جي آبادي 3 ڪروڙ 24 لک ھئي، جيڪا ھن وقت 15ڪروڙن کان به مٿي وڃي پهتي آھي. توھان کي اھو پڙھي تعجب ٿيندو، ته پاڪستان ۾ ھر منٽ ۾ 8 ٻار جنم وٺن ٿا ۽ ھر ٻن منٽن کان پوءِ ھڪڙو ماڻھو جھان ڇڏي ٿو. مطلب ھر ٻن منٽن تي ھڪڙو ماڻھو گھٽ ٿئي ٿو ۽ 15 ماڻھو وڌن ٿا. 1978ع ۾ پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ85 لک ماڻھو روزگار سان لڳل ھئا ۽ 2001ع ۾ پاڪستان ۾ بيروزگاريءَ ۾ ڇَھُوڻ تي واڌ آئي آھي. اسان وٽ ھر ڪلاڪ کانپوءِ ڪا نه ڪا ماءُ،هڪ ٻار کي جنم ڏيندَي ھي جھان ڇڏي ٿي. آباديءَ ۾ واڌ جي ڪري تيل جون قيمتون وڌن ٿيون ۽ مھانگائيءَ جو راڪاس رقص ڪندو رھي ٿو. جيڪڏھن آباديءَ ۾ واڌ جي شرح ساڳئي رھي، ته 2010ع تائين کاڄرو تيل، پيٽرول ۽ ان جُون مختلف جنسون (مصنوعات) 123 سيڪڙو مھانگيون ٿي وينديون.
اسان وٽ آباديءَ جي وڌڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟

1 ـ تعليم جي گهٽتائي:
گھٽ تعليم، مردمشماريءَ ۾ واڌ جو سڀ کان پھريون سبب آھي، ڇو ته جيستائين تعليم ۽ شعور اسان جي سماج ۾ نه ايندو، تيستائين اھي مسئلا عروج تي هوندا. انھيءَ ڪري انھن مامرنجي نزاڪت توڙي نقصانن کي سمجھڻ لاءِ عوام ۾ تعليم جو ھجڻ تمام ضروري آھي.

2 ـ گرم موسم:
موسم جا به ماڻھوءَ جي صحت ۽ ورتاءَ تي ڪافي اثر پون ٿا. انھيءَ ڪري اھو عام طور تي ڏٺو ويو آھي،ته جن به علائقن جي موسم گرم آھي، اتي آبادي وڌيڪ آھي. پاڪستان به مجموعي آبهوا جي لحاظ کان هڪ گرم ملڪ آھي. انھيءَ ڪري پاڪستان جي آبادي چوٽ چڙھيل آھي ۽ ان ۾ تيزيءَ سان واڌارو پڻ ٿي رهيو آهي.

3 ـ ننڍيءَ عمر ۾ ڪرايل شاديون:
اسان وٽ عام طور تي پوري ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ ننڍيءَ عمر ۾ شاديون ڪرايون وينديون آھن، جنهنڪري انھن جوڙن جي ٻار پيدا ڪرڻ وارو عرصو وڌي وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ ھر جوڙو 15 کان 16 ٻار پيدا ڪري ٿو.
4 ـ علاج ۾ بھتري:
علاج ۾ بھتريءَ مان مراد اها آهي،ته ھاڻي کوڙ سارين خطرناڪ بيمارين جو علاج نڪري پيو آھي. اڳي انھن بيمارين ۾ ماڻھو مري ويندا ھئا، پر ھاڻي علاج جي ڪري جلدي نٿا مرن ۽ ايئن آباديءَ ۾ واڌ ٿئي ٿي.

5 ـ وبائن ۽ آفتن تي ضابطو:
ھاڻي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي بدؤلت، وبائن ۽ آفتن تي به گهڻيءَ حد تائين ضابطو آيو آھي. اڳي جتي انھن آفتن ۾ ھزارين ماڻھو مري ويندا ھئا، ھاڻي انھن مان اڪثريت انسانذات بچي وڃي ٿي. ايئن به ناھي ته ھاڻي آفتون آھن ئي ڪونه۽ ماڻھو مرن نٿا، پر انهن جي شدّت توڙي نقصانن ۾ واضح حد تائين ضابطوآيو آھي.

6 ـ پُٽ پيدا ڪرڻ جي خواھش:
اسان جي سماج ۾ ڇوڪرين کي اڃا تائين گهٽ حيثيت واري فرد جِينظر سان ڏٺو ويندو آھي ۽ انھيءَ کي خاص اھميت ناهي ڏني ويندي. عام ماڻھوءَ جي سوچ مُوجب، ڇوڪريءَ جي پيدائش کي اڃا به گهڻين جاين تي’نڀاڳ‘جي نشاني سمجهيو ويندو آھي، جڏهن ته ڇوڪرو پيدا ٿيو ته ان کي سڀاڳ سمجهيو ويندو آھي. پوءِ پٽن جي خواھشن ۾ ماڻهُو ويندا آھن، نياڻيون پيدا ڪندا! جيڪي ويچاريون سُورن ۾ ھونديون آھن.اڄ به اسان جهڙن سماجن جا ڪافي مردَ، نياڻين کي جنم ڏيڻ تي پنهنجين عورتن تي ظلم ڪندا آھن.

7 ـ جاگيرداراڻو نظام:

جاگيرداڻي سوچ ۽ وڏيرڪَي نظامَ، اسان جي معاشري کي جيترو نقصان ڏنو آھي، اوترو شايد ٻئي ڪنھن کي بهمنفي عنصر نه ڏنو آھي. ھنن جي سوچ ئي اھا آھي، ته ماڻھو جاھل ئي رھن ۽ منجهن ڪوبه شعور نه اچي. انهن ۾ شعور آيو ته اھي سڀ ڳالھايون سمجھي ويندا.

8 ـ ٻارن ۾ مؤت جي شرح جو گھٽ هجڻ:
هاڻي ٻارن جي گهڻين بيمارين تي ضابطي جون دوائون ۽ ويڪسين نڪري، عام طور واپرائجڻ لڳيون آھن. انھيءَ ڪري ٻارن ۾ مؤت جي شرح ۾ واضح طورگھٽتائي آئي آھي. انھيءَ ڪري آبادي وڌندي پئي وڃي ۽ ٻار ويچارا گهٽ سهولتن ۽ غير معياري پرورش جي ڪري آزار ۾ آھن.

9 ـ ٻھراڙين ۾ وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ جي سوچ:
سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙا ۽ فساد عروج تي آھن. ان ڪري عام ماڻھوءَ جي سوچ اها ھوندي آھي، تهوڌيڪ ٻار ڄڻيون، جيڪي اڳتي ھلي ھنن جھيڙن ۾ اسان جو سھارو بڻجن. جيترواولاد وڌيڪ هوندو، اوتري طاقت وڌيڪ سمجهي ويندي! تنهنڪري انھيءَ سوچ به اسان جي سماج کي وڌيڪ ڇيهو رسايو آهي.

10 ـ سياسي سھارو:
سياست سان وابسته گھڻن ماڻھن جي وري اھا سوچ به هوندي آھي، ته سندن جيترا جهجها ٻار ھوندا، اھي سندن ذاتي سهاري بڻجڻ سان گڏوگڏ، سياسي سھارو به بڻبا ۽ خانداني سياست کي اڳتي وڌائيندا. ان طرح سان اهي روايتي مُدي خارج موروثي سياست کي ھٿي ڏيندا ۽ قائم ۽ دائم رکندا.

11 ـ خانداني منصوبه بنديءَ تي عمل نه ڪرڻ:
اسان وٽ عوام جو تمام ٿورو ڀاڱو، خانداني منصوبه بنديءَ (فيملي پلاننگ) تي عمل پيرا آھي، انڪري به اسان جي آدمشماري ايڏي تيزيءَ سان وڌي ٿي.
اچو ته اهو به ڏسون، تهان وڌندڙ آباديءَجا سماج تي ڪهڙا منفي اثر پون ٿا:

1 ـ وسِيلن جو زيان:
اھا ڳالھ پڌري پٽ پئي آھي، ته جتي ماڻھو گھڻا ھوندا، اتي وسيلن جو زيان به اوترو وڌيڪ ٿيندو. ماڻھن جو تعداد وڌي پيو ۽ وسيلن جو تعداد گھٽجي پيو. تنهنڪري اهو هڪ مسئلو ٻين انيڪ مسئلن کي جنم ڏئي رھيو آھي ۽ اھو ھڪڙو ڄار آھي يا زنجير آھي، جنھن جون کوڙ ساريُون ڪڙيون هڪٻئي سان جُڙيل آھن.

2 ـ بيروزگاري:
ھن وقت بيروزگاري، اسان جي سماج جو وڏو مسئلو آھي، جنھن ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. روزگار جا وسيلا گھٽجن پيا ۽ ماڻھو وڌن پيا. بيروزگارن جي هڪ فؤج پئي تيار ٿئي! جنھن جي روزگار لاءِ حڪومت وٽ ڪا به جوڳي رٿا بندي ڪانھي.

3 ـ ماحولياتي بگاڙ:
ماڻھن جي وڌڻ ڪري آڪسيجن جي مسلسل ڪمي ٿي رھي رھي آھي ۽ ماحول ۾ زھريليون گئسون وڌي رھيون آھن. ڪم علميءَ ۽ ڄاڻ جي اڻاٺ سبب ماڻھو، ماحول کي حد درجي تائين گدلو ڪريرهيا آهن. ماڻھن ۾ وڻن پوکڻجي عادت به ناهي، ويتر جيڪي وڻ اڳي ئي موجود آھن، انھن کي به تيزيءَ سان وڍيو پيو وڃي.

4 ـ جھالت:
آدمشماريءَ جي بنا حساب ڪتاب جي وڌڻ جي ڪري،اسان وٽ جھالت وڌي رھي آھي ۽ هڪڙو اهڙو سماج جُڙي رھيو آھي، جيڪو جيئڻ جي قابل ناهي.

5 ـ حادثا:
ماڻھنجو تعداد جهجهو آهي، ته انھن جا ميڙ به جام آھن. اھڙيءَ طرح انھن ۾ گهڻي تعداد ۾ حادثا به پيش اچن ٿا، جن جي ڪري ماڻھو تڪليفن مان گذرن ٿا.

6 ـ نفسياتي مونجھارا:
آدمشماري وڌڻ جي ڪري ماڻھو نفسياتي مريض ٿينداپيا وڃن. جڏھن ماڻھو گهڻا ھوندا، ته انھن کي پنھنجا حق صحيح نموني سان نه ملي سگهندا، جنهن سبب ماڻھو نفسياتي مونجھارن جو شڪار ٿيندا، يا وري ٻين سماجي براين توڙي ڏوهن ۾ مُلوث ٿيندا، جن ۾ ڦرُون، ڌاڙا، چوريون، اغوا، رشوت خوري وغيره اچي وڃن ٿا. پوءِ عوام انھن ڪُڌن ڪرتوتن جي ور چڙھيو وڃي ۽ نتيجي ۾ ڪيتريون ئي جوانيون تباهه ۽ برباد ٿيو وڃن.
انھن سمورن مسئلن کي ڪنھن حد تائين گھٽ ڪري سگھجي ٿو، پر ان لاءِ شرط اھو آھي ته اسان آدمشماريءَ تي ضابطوآڻڻ لاءِ عملي اُپاءَ وٺون.ان مسئلي تي ضابطوآڻڻ لاءِ منھنجي ذھن ۾ ڪجهه تجويزون آھن، جيڪي هن ريت آهن:
1 ــ اسان آباديءَ جي مقدار کي گھٽائي، معيار کي وڌائڻ طرف سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيون.
2 ــ تعليم، آگاھيءَ ۽ شعور جي ڦهلاءَ طرف توجهّه ڏيون.
3 ــ اسان ايمانداريءَ سان پنھنجن ادارن جي سنڀال ڪريون.
4 ــ آبادي گھٽائڻ جو ڪم رڳو خانداني منصوبابنديءَ واري کاتي (پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ) تي نه ڇڏيون،بلڪه پاڻ به ان طرف سچائيءَ سان ڌيان ڏيون ۽ مثبت ڪوششون وٺون.
5 ــعوام سان گڏ، لاڳاپيل ادارن ۽ حڪومت کي به ان طرف سنجيدگيءَ سان جامع پاليسيون جوڙي ڪم ڪرڻو پوندو.
6 ــ ماحول کي گدلاڻ کان بچايون.
7 ــ پاڻ کي هميشه مثبت ۽ تعميري ڪرت ۾ مصروف رکون.
8 ــ گھر کان ٻاھر گھمڻ ڦرڻ جا موقعا تلاش ڪريون ۽ زندگيءَ جي گهڻ رُخن مَصرفَن تي ڌيان ڏيون.
اڃا به اسان ان طرف ڌيان نه ڏنو، ته اسان پنھنجي ايندڙ نسلن کي پاڻيءَ جي بوند لاءِ به تڙپندي ڏسنداسين. کين هڪ سهولتن کان وانجهيل معاشري ۾ لُڇندي ۽ مرندي ڏسنداسين. اسان اڃا به عملي ڪوشش نه ورتي ته بُک، بيروزگاريءَ، بيمارين، ڏُکن، اهنجن کي اسان جو مقدّر بڻائڻ کان ڪوبه نٿو روڪي سگهي.


(پندرنهن وار”عبرت“ ميگزين جي 16 جولاءِ2008ع واري شماري ۾ شايع ٿيل)

سنڌ ۾ وسڪارو ــ رحمت؟ يا زحمتَ؟

سنڌ، گذريل ڳچ سالن کان پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ کوٽ جي ڪري نهايت ئي ڏکئي دؤر مان گذري رهي آهي. زرعي سماج هئڻ ڪري اڪثر ماڻهن جي جياپي جو ذريعو رڳو زراعت ئي آهي. پاڻي نه ملڻ ڪري اسان جي زراعت تباھه ٿي چڪي آهي. شهرن ۾ وري صنعتن جو وڌڻ ۽ بغير ڪنهن منصوبابنديءَ جي اپارٽمينٽس ۽ پلازائن جي تعمير ڪري، شهرن ۾ گدلاڻ ۽ زهريلين گئسن جو مقدار وڌندو پيو وڃي، جنهن ڪري شهري علائقن ۾ شديد گرمي ٿئي ٿي. جنهن جو تازو مثال ڪراچيءَ سميت ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ ماڻهن جي گرميءَ جي شدّت ڪري مؤت واقع ٿيڻ وارن واقعن ۾ مسلسل واڌ آهي. انهيءَ صورتحال ۾ ڳوٺن توڙي شهرن ۾ عام ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي.
ماڻهو ويچارا گرميءَ کان بچڻ ۽ دريائن ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ واڌ لاءِ مِينهَن جون دعائون ته گُهرندا آهن، پر جڏهن مينهن وسڻ شروع ٿيندا آهن، ته انتظامي نااهليءَ ۽ ڪرپشن جي ڪري اهي مينهن، رحمت بجاءِ زحمت بڻجي پوندا آهن. وري به هر حال ۾ عام ماڻهو ئي سُورن ۾ اچيو وڃي! هاڻي ته ماڻهن سان ڪاتيءَ ۽ گِدري واري ڪار آهي.هُو مينهن وسڻ سان خوش به ٿين ٿا، ته ساڳئي ئي وقت ناخوش به ٿين ٿا، ڇو ته کين خبر آهي ته سندس ڪچِي جُهڳي توڙي سُورن سان پوکيل اَڀرو سَڀرو فصل، انهن مينهن جي سَٽَ سهي نه سگهندو. شهرن ۾ به پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪوبه جوڳو انتظام نه هجڻ ڪري، شهري به وڏي عذاب مان گذرن ٿا. هفتن جا هفتا بجلي هلي ٿي وڃي، جيڪا ماڻهن لاءِ هڪ الڳ مصيبت آهي. بجلي بند ٿيڻ جو به وڏو سبب اهو ئي آهي، ته بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ادارن پاران، هڪڙن علائقن ۾ چوري ٿيل بجليءَ کي ٻين علاقن ۾ بجلي بند ڪري حساب ڪتاب پُوروٿو ڪيو وڃي. جنهن جو سبب ماڻهن کي وري اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته ”بجليءَ جي بحاليءَ وارو ڪم جاري آهي... جنهن ڪري پاورجي سپلاءِ بند آهي!“ ماڻهو به ويچارا هميشه وانگر سندن ڪوڙن دلاسن تي اعتبار ڪري، خاموش ٿي صبر سان سُور سهندا رهن ٿا.
ان کان وڏي بيوسي ۽ الميو ڪهڙو ٿو ٿي سگهي! جو شهرن ۾ بيٺل پاڻيءَ بابت، انهن شهرن ۾ رهندڙ ڪامورا سوشل ميڊيا تي اهي پوسٽون شيئر ٿا ڪن، ته هاڻي گهرن مان نڪرڻ لاءِ ٻيڙيون رکجن. ان جو مطلب اهو آهي ته برسات جي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ هنن وٽ ڪا به جامع رٿابندي يا تياري ناهي. اهي ڪامورا، انهن حڪمرانن سان ملي ڪري، ترقياتي رٿائن جا پيسا کائين ٿا ۽ ان جڳهه تي ڪم رڳو ڪاغذن جا پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿئي ٿو. مختلف شهرَ، مختلف بااثر ماڻهن کي ٺيڪي تي ڏنل آهن. جتي اهي ٺيڪيدارَ مال ميڙي، پنهنجا ۽ پنهنجن ڌڻين جا ڀِڀَ ڀرين ٿا. اهڙيءَ طرح مينهوڳيءَ جي مند ۾ شهرن ۾ رهڻ، ڪنهن جنگ کان گهٽ ڪونهي!
ٻيو ته اسان وٽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال به تمام گهڻو ٿئي ٿو، جيڪي هڪ ته مختلف بيمارين جو سبب بڻجن ٿيون ۽ ٻيو ته اهي نالين ۾ ڦاسي، انهن کي بند ڪري ٿيون ڇڏين. اهي ٿيلهيون نه ڳرِي سگهن ٿيو ۽ نه ئي تلف ٿي سگهن ٿيون. انهن کي ساڙڻ ته ماحول سان ڪنهن وڏي دشمنيءَ کان گهٽ ڪونهي، جنهن جي سڙڻ سان ماحول دشمن زهريلين گيسن جو اخراج ٿئي ٿو، جيڪي زندگيءَ لاءِ هاڃيڪار آهن. انهن ٿيلهين جي نالين توڙي گٽرن ۾ ڦاسي پوڻ سبب، مِينهن جو پاڻي، مختلف علائقن ۾ بيهي ٿو رهي. جيڪڏهن وڌيڪ مينهن پوي ٿو ته اهو پاڻي گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين هيٺاهيُن جڳهن ۾ اندر داخل ٿيندي به دير ئي نٿو ڪري! نتيجي ۾ اسڪولَ، ڪافي ڏينهن تائين بند ۽ اسپتالون ڪم ڪرڻ کان لاچار ٿي وڃن ٿيون. يا وري وڏو پاڻي جھاڳي استاد، شاگرد، طبي عملو توڙي عام ماڻهو انهن جايُن تائين پهچن ٿا. جنهنڪري، ان سڄي ماحول ۾ زندگيءَ جو ڪاروهنوار بيهي ٿو رهي ۽ ڪمَ ڪار سُستيءَ جو شڪار ٿين ٿا.
ڳوٺن ۾ ته مينهن، فطري سونهن ۾ واڌاري جو سبب هوندا آهن، پر هاڻي اتي به ٺهيل سِمَ نالا، ٻهراڙين کي هر سال ٻوڙيندا رهن ٿا، جنهن سان عوام جو جاني توڙي مالي نقصان ٿئي ٿو. هاڻي ته اهي سِمَ نالا، ڪنهن راڪاس کان گهٽ ناهن. انهن سنڌ جون سون جهڙيون زرعي زمينون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. سامونڊي پٽيءَ تي، سمنڊ جي چاڙهَه جي ڪري به، اتي رهندڙ ماڻهن جي زندگي بيحد ڏکي ٿي پئي آهي. اهي سِمَ نالا به انهن علائقن جي ڀلائيءَ جي نالي ۾ ٺاهي، پنهنجا نوازي ڪري ماڻهن کي مالي فائدا ڏنا ويا. جنهن جو نتيجو هن وقت اسان سڀني جي سامهون آهي. وقت تي پاڻي نه ملڻ ڪري، ماڻهن فصل به وڏي خرچ سان دير سان پوکيا، سي به برساتن جي ور چڙهِي، ٻُڏي ويا.
هن سڄي ظلم ۾ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي، ته انتظاميه ۽ سياستدان ڪٿي به نظر ڪونه ٿا اچن! ان کان وڌيڪ ظلم ڪهڙو ٿيندو، جو معمول جا مينهن به اسان لاءِ عذاب ٿي ٿا پون. وري به ايندڙ هفتي کان عيد جي دؤران به مِينهن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي، جيڪو ٻُڌي ماڻهن جو ساھه مُٺ ۾ آهي، ته جيڪڏهن هن ڀيري به تيز مينهن پيا، ته اسان جو ناڪاره نظام، اسان لاءِ جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيندو.
هاڻي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران، ڪامورا ۽ باشعور ماڻهو گڏجي هڪ منصوبابندي جوڙين ۽ ان کانپوءِ ان لاءِ عملي ڪوششون وٺن، ته جيئن ’ابرِ رحمت‘ کي ’ابرِ زحمت‘ بڻجڻ کان بچائي سگهجي.


(سنڌ ۾ 27 جولاء 2019ع تي پيل تباهه ڪُن مينهن کانپوءِ واريءَ صورتحال تي لکيل)

نؤجوان نسل کي تباھيءَ کان بچايو!

اسان جي سماج ۾ منشيات جو واهپو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. جنهن جو شڪار سڀ کان وڌيڪ نؤجوان طبقو ٿي رهيو آهي. جنهن نؤجوان کي ان عمر ۾ علم حاصل ڪرڻ گهرجي، اهو نشي آور شيون واپرائي نه رڳو پنهنجو، بلڪه پنهنجي سموريءَ قوم جو مستقبل برباد ڪري رهيو آهي. نشي واريون شيون استعمال ڪرڻ سان نؤجوانَ ذهني توڙي جسماني طور تي مفلوج ٿي ٿا وڃن. نتيجي ۾ هو ڪو به ڪم صحيح طرح سان نٿا ڪري سگهن ۽ پنهنجي زندگيءَ کي ايئن ئي وڃائي ٿا ڇڏين. اسان کي لڳ ڀڳ هر آفيس، اسڪول، اسپتال، روڊ، رستي تي، مطلب ته هر ڪنڊ پاسي تي پانن جي پچڪارين ۽ ٿُڪن سان ڀريل ڀتيون ملنديون. ماڻهن جي اڪثريت جا وات پان يا گُٽڪي سان ڀريا پيا هوندا! ڪنهن سان ڳالهائڻ مهل آواز نه نڪرندُن! ۽ پوءِ پيا اشارن ذريعي ڳالهائيندا... پر واتَ مان اهو گند ٻاهر نه ڪڍندا! اڪثر ڳالهائيندي ڳالهائيندي سندن وات مان پان جون ٿُڪون سامهون واري شخص جي مُنهن ۾ به پيُون لڳنديون... پر پان کائيندڙ شخص کي شرمندگيءَ جو ڪوبه احساس ناهي ٿيندو!
هاڻي سگريٽ ته هر ماڻهو پيو ڇڪي. يونيورسٽين جا باشعور شاگردَ، مستقبل جا معمار نؤجوان، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي ڪينٽينز تي سموسن ۽ چانهه سان گڏ سگريٽن جو آرڊر ڏيندي نظر ايندا! اڪثر ماڻهو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر دؤران پيا سگريٽ مٿان سگريٽ ڇڪيندا... کين اهو احساس به ناهي ٿيندو ته اسان جي ان عمل سان گاڏيءَ ۾ سوار ڪو ٻار تڪليف ۾ ايندو، ڪو دم جو مريض تڪليف ۾ اچي، ويتر بيمار ٿيندو يا ڪنهن صحتمند ماڻهوءَ جي ڦڦڙن تي به سندن دونهين سان منفي اثر پوندا ۽ ڪوسندن سگريٽ جي دونهين يابدبُوءِ جي ڪري اُلٽيون ڪري بيحال ٿي پوندو. اهڙن ماڻهن کي وري ڪو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ سگريٽ پيئڻ کان منع ڪندو، ته ان تي سگريٽ پيئندڙ ماڻهو ڪاوڙجي چوندو، ته: ”جيڪڏهن ايڏي تڪليف ٿي ٿئي، ته پوءِ پنهنجي گاڏي وٺي سفر ڪريو! باقي اسان موالين جو دماغ خراب نه ڪريو!“ ٻين ماڻهن جي اڪثريت به وري ان سگريٽ پيئندڙ جو ساٿ ڏيندي نظر پئي ايندي، پر ان کي غلط چوڻ وارو ڪو ورلي هوندو! نتيجي ۾ اهو شخص پاڻ کي وڌيڪ معتبر ۽ سوڀارو سمجهڻ لڳندو آهي.
انهيءَ کان سواءِ هاڻي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندي، اسان کي ٻين کاڌي جي شين سان گڏ مين پُڙي، سگريٽ ۽ گٽڪو به عام جام ملندو آهي. هاڻي ته ننڍا ٻار به نشو واپرائيندي پيا نظر اچن. سرڪار طرفان انهن شين تي پابنديءَ جا به رڳو سَکڻا اعلان پيا ٿيندا آهن، باقي انهن تي ڪو به عمل ٿيندي نظر ناهي ايندو.
سرڪار، وس وارين اختيارين سان گڏوگڏ، سول سوسائٽيءَ جي نمائندن، استادن، والدين توڙي سماج جي هر باشعور فرد کي اپيل ٿي ڪجي ته خدارا! نؤجوان نسل کي تباهه ٿيڻ کان بچايو ۽ کين جيترو ممڪن ٿي سگهي، نشي کان پري رکو! ته جيئن هڪ صحتمند سماج جي تعمير ممڪن ٿي سگهي.


(پندرنهن وار”عبرت“ ميگزين جي مارچ 2007ع واري شماري ۾ شايع ٿيل)

گلوبل وارمنگ ۽ سنڌ

انسان کي ﷲ رب العزت اشرف المخلوقات بڻائي پيدا ڪيو آهي. انسان کي هر سهولت مهيّا ڪري ڏني... شعور ۽ سمجهه ڏني... بيشمار نعمتن سان نوازيو...، پر انسان انهن نعمتن کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ بجاءِ انهن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ پورو آهي. اڄ جي دؤر ۾ انسان، ترقيءَ جي نالي ۾ فطرت کان پري ٿيندو پيو وڃي ۽ دنيا جي خوبصورتين کي تباهه ڪرڻ ۾ رُڌل آهي. اهڙن انسانن جو خيال هوندو آهي، ته پيسو ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ پيسي سان ئي هر خوشيءَ کي خريد ڪري سگهجي ٿو، پر شايد کين اها خبر ناهي، ته پيسي سان خوشيءَ کي خريد ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. پئسي سان حقيقي سُڪونَ،آرام، پيار ۽ پنهنجائپ وغيره کي خريد نٿو ڪري سگهجي.
اڄ جو ماڻهو، جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مزي ۾ مگن آهي ۽ هي اهو محسوس نٿو ڪري، ته منهنجن انهن مزن جي ڪري منهنجي ايندڙ نسلن جي حياتي داءَ تي لڳل آهي. اڄجو انسان، آسائشون حاصل ڪرڻ لاءِ قدرتي وسيلن کي تيزيءَ سان تباهه ڪري رهيو آهي. انسان جي انهن پرڪارن جي ڪري ڌرتيءَ جو گولو، تباهه ۽ برباد ٿيندو پيو وڃي.
اڄڪلهه هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجي گاڏي هجڻ ضروري ٿي پيو آهي. جنهن کي ضرورت ناهي، سو به شوق خاطر گاڏي وٺي ٿو. ڇو ته انهيءَ سان هُوپنهنجي شان ۾ اضافو ڀانئي ٿو. اسان وٽ هاڻي شان ۽ وقار جا معيار به مصنوعيٿي ويا آهن. انهن اجاين شوقن جي ڪري اسان جا قدرتي وسيلا تباهه ٿي رهيا آهن. تيل جي کوٽ جو مسئلو ڏينهن به ڏينهن وڌَي پيو. ماحولياتي گدلاڻ ۾ واڌ پئيٿئي. مهانگائيءَ ۾ واڌارو پيو ٿئي. گاڏين جي دونهين جي ڪري ساهه ۽ چمڙيءَ جون بيماريون عام پيون ٿين.
انهيءَ دؤران وڻن جي واڍي به تيزيءَ سان جاري آهي. ڪيترا ئي ٻيلا وڍي، اُتي وڏا وڏا پلازا ٺاهيا ويا آهن. اڄ جو انسان وڻ ته پوکي ئي نٿو،ويتر جيڪي خود رؤ وڻ قدرتي طور تي ڦُٽن ٿا، انهن کي به ماڻهو وڍي ٿا ڇڏين.
هڪ اندازي موجب، دنيا ۾ اڄڪلهه، هر سال هڪ ڪروڙ هيڪٽر (هڪ لک اسڪوائر ڪلوميٽرن) جي حساب سان ٻيلا تباھ ٿي رهيا آهن ۽ ٻي ڪا مخلوق نه، بلڪه انسان ئي اهو واحد خطرو آهي، جيڪو ان جهنگلي جيوت کي تباهه ڪري رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ وڏي پيماني تي موسمي تبديليون اچي رهيون آهن. هن وقت روز ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ زلزلو يا طوفان اچي ٿو.اڳي موسمي صورتحال بهتر هجڻ ڪري وقتائتا مينهن پوندا هئا ۽ سرديون توڙي گرميون به پنهنجي پنهنجي وقت تي اينديون هيون. جيڪي هر ساهه واري لاءِ فائديمند هونديون هيون، پر انهنمنفي موسمي تبديلين جي ڪري گليشيئر تيزيءَ سان رِجي رهيا آهن. گلوبل وارمنگ وڌي رهي آهي. انهيءَ ڪري ڪجهه ملڪن ۾ ٻوڏُون پيون اچن ۽ ڪٿي ته صفا سوڪهڙو آهي. ماڻهو، پاڻيءَ لاءِ ترسن پيا. پاڻيءَ جي کوٽ سبب جانورن ۽ پکين جا کوڙ سارا قسم ۽ نسل به اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن. جيڪي بچن ٿا، سي وري شڪارين جي ور چڙهيو وڃن!
اسان جي ملڪ ۾ به وري اسان جِي سنڌ جي حالت ان حوالي سان هيڪاندي خراب آهي. ان ۾ حڪومت جي عدم دلچسپي، غلط پاليسين ۽ ڪامورن جي افعالن جي ڪري سنڌ هن وقت ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ڀوڳي رهي آهي. ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي ساحلي علائقن ڏانهن سمنڊَ، ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ’ايل بي او ڊي‘ نالي سم نالي جهڙن ناڪام منصوبن جي ڪري هر سال ڪيترائي ماڻهو وڏي عذاب مان گذري، پنهنجيون زندگيون برباد ٿيندي ڏسي رهيا آهن.سمنڊ هر روز سوين ايڪڙ زمين ڳڙڪائيندو پيو وڃي. ڪيتريون ئي زرخيز زمينون بنجر ٿي ويون ۽ ڪامورا انهيءَ انتظار ۾ هوندا آهن ته ڪهڙي وقت ٿوسامونڊي طوفان اچي، جو اسان غريبن جي نالي ايندڙ امداد سان پنهنجا ڀِڀَ ڀري سگهون. اهي حڪمران ۽ ڪامورا اهو نٿا سوچين ته سندن انهن ڪرتُوتن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو خودڪشي ڪري پنهنجي زندگين جا ڏيئا اجھايو ڇڏين!
سال 1999ع ۾ آيلَ سامونڊي طوفان، بدين ۽ ٺٽي ضلعي کي تباھه ڪري ڇڏيو. 2001ع ۾ زلزلو آيو. 2003ع ۾ ’ايل بي او ڊي‘ (سِمَ نالي) ماڻهن کي ٻوڙَي ماريو. 2006ع ۽ 2007ع ۾ تباهه ڪُن برسات، حيدرآباد شهر کي ٻوڙيو. 2007ع ۾ ڪراچيءَ ۾ تيز هوائن لڳڻ سبب ڪافي بلبورڊ (وڏا سائن بورڊَ) ڪِرڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. ساڳئي ئي سال بلوچستان ۾ به ٻوڏ آئي. جنهن جي پاڻيءَ سنڌ ۾ دادوءَ، قنبر، خيرپور ناٿن شاهه، شهدادڪوٽ ۽ ٻين پسگردائيءَ جي شهرن توڙي ڳوٺن کي نقصان پهچايو. پر پوءِ به اسان الائي ڪڏهن سبق حاصل ڪنداسين!
انهيءَ سڄي ماحولياتي تباهيءَ ۾ جتي هڪ عام ماڻهو ملوث آهي، ان کان به وڌيڪ سرڪار ان تباهيءَ جي ذميوار آهي. انهيءَ ڪري اهو تمام ضروري ٿي پيو آهي، ته ماحوليات بابت ماڻهن کي آگاهي ڏجي ۽ انهيءَ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن ۽ انهن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. ان کان اڳ جو وقت اسان جي هٿن مان نڪري وڃي ۽ سمنڊ توڙي ماحولياتي تبديليون سڄي سنڌ ڳڙڪائي وڃن!

ٻيلن جي تباھي، ماحول لاءِ خطرناڪ آھي

اسان وٽ هن وقت ٻيلن، ٻُوٽن ۽ وَڻنٽڻن سان جيڪو حشر ڪيو پيو وڃي، اهو ڏاڍو ڏکوئيندڙ، افسوسناڪ ۽ جيءَ کي جهوريندڙ آهي. ٻُوٽا پوکڻ ته پري رهيو! پر اسان ته سدائين ٻوٽا پَٽڻ جي چڪر ۾ رهون ٿا! وڻَ، قدرت جي نيارِي نعمت آهن، جيڪي اسان کي ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن فراهم ڪن ٿا ۽ ماحول ۾ موجود ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ نائٽروجن کي جذب ڪن ٿا. اِهي وڻ ئي آهن، جيڪي اسان جي ماحول ۽ اسان جي ڌرتيءَ کي خوشگوار، سرسبز، شاداب ۽ پُرڪشش بڻائين ٿا. اڄ اسان انهن ئي وڻن جي پويان هٿ ڌوئي پئجي ويا آهيون، جيڪي اسان جي جياپي جو ذريعو آهن.
ٻيلن جي شرح اسان جي ملڪ ۾ تمام گهٽ آهي. جيڪا هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ٻيلن جي شرح گهٽجڻ جي ڪري ئي تمام خطرناڪ حد تائين موسمي تبديليون آيون آهن ۽ اچن پيون ۽ جي اسان اڃا به اک نه پَٽي ته مستقبل ۾ اڃا به وڏيون تباهيون اينديون. ڌرتيءَ جي گهٽ حصّي تي وڻ هُجڻ ڪري، گرميءَ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي، جنهن جو اسين هن وقت مزو چکي رهيا آهيون. اهو سڀ اسان جي پنهنجن ڪارنامن جو نتيجو آهي ۽ جي اسان اڃا به نه سڌرياسين، ته پوءِ اسان وٽ رڳو ’گهوڙا گهوڙا...‘ ڪرڻ، دانهون، ڪُوڪُون ڪرڻ ۽ مَٿو پِٽڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه رهندو! اهي وڻ ٽڻ ئي آهن، جن سان اسان جو مستقبل سلهاڙيل آهي. اِهي وڻ ئي آهن، جيڪي اسان کي ڪاٺ فراهم ڪن ٿا. اسان کي انهن ئي وڻن مان ڪوئلو ملي ٿو.

جڏهن ننڍو ٻار پيدا ٿئي ٿو، ته انهيءَ کي ڪاٺ جي پينگهي (هندوري) ۾ لوڏيو وڃي ٿو. ٻار جي تعليمي سفر جي شروعات ۾ به ڪاٺ جي پَٽيءَ(ڦرهيءَ) تي پڙهڻ سان ٿئي ٿي، جنهن فڪر ــ ڦرهيءَ رستي هُو ماٺ مطالعو ڪري ٿو. اُنهيءَ کانپوءِ گهر جي فرنيچر کان ويندي، ماڻهوءَ جي قبر تائين جي سفر ۾ ڪاٺ سندس ساٿ ڏئي ٿو.
ٻيلن جي گهٽجڻ جي ڪري تمام خوفناڪ موسمي تبديليون اچي رهيون آهن. ٻيلن جي شرح گهٽجڻ جي ڪري ئي طوفان اچڻ جو خطرو به وڌي رهيو آهي. ٻيلن گهٽجڻ ۽ ڪارخانن وڌڻ جي ڪري ڪيترا ئي ماڻهو ساهه ۽ چمڙيءَ جي خطرناڪ بيمارين جي وَر چڙهي رهيا آهن.’ڄار‘ ۽ ٻٻر جو وڻ،لاڙ جي علائقن ۾ اڳي جهجهي مقدار ۾ ملندو هو، پر هاڻي تمام گهٽ ٿو ملي. ماحول جا وڏا وڏا ماهر وڻ پوکڻ جي مهم جو آغاز ڪندي، هڪڙو ننڍڙو ٻُوٽو پوکي، ان جو فوٽو سيشن ڪرائي، پنهنجو ڪم پورو ٿا سمجهن، باقي زميني حقيقت موجب ٻيلن جي جيڪا تباهي ٿي رهي آهي، اُن سان هنن جو واسطو ئي ناهي. ٿڌين آفيسن ۾ ويهي ماحوليات تي وڏا وڏا ورڪشاپ ۽ سيمينار ته ڪرايا وڃنٿا، پر حقيقت ۾ ڏسجي ته انهن لوڪن تائين ته انهن صاحبن جا پيغام ڪونه ٿا پُهچن، جن کي ان آگاهيءَ جي اصل ضرورت آهي. جن کي ان ڏس ۾ شعور جي ضرورت آهي، انهن کي اها ڄاڻ ملي ئي ڪانه ٿي. باقي پروگرامن ۾ وڏن وڏن ڪامورن کي گهُرايو ٿو وڃي، اُهي ته اڳي ئي ”عقلِ ڪُل“ آهن! اُنهن کي ڪهڙي ضرورت آهي ان موضوع بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جِي!
’اين جي اوز‘ سان سلهاڙيل دوستن لاءِ به’ماحوليات ‘ رڳو پيٽ ڀرڻ جي موقعن کان سواءِ ڪجهه به ناهي. وڻ بچائڻ جي نالي ۾ وڏا وڏا فنڊ وٺي، رڳو ٽي ويءَ تي اشتهار ڏياري ٿا ڇڏين، باقي عملي طور سرزمين تي ڪجهه به نٿو ڪيو وڃي. انهن اين جي اوز وارن ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان انهيءَ مسئلي کي ورتو ئي ناهي! انهيءَ ڪري ايتريءَ حد تائين تباهي آئي آهي.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته، اهو مسئلو رڳو سرڪار، سياسي نمائندن ۽ ’اين جي اوز‘ جو ناهي، پر اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني منجهان هر فرد جو آهي. انهيءَ ڪري اسان سڀني کي گڏجي انهيءَ ڀلائيءَ جي ڪم کي شروع ڪرڻو پوندو. اهو ڪرڻ لاءِ اسان رڳو پنهنجي گهر ۾ هڪڙو سُٺو باغيچو لڳايُون، ته به اها هڪ وڏي تبديليءَ جي شروعات ٿي سگهي ٿي.
انهيءَ سان گڏوگڏ سرڪار، سياسي نمائندن ۽ ’اين جي اوز‘ کي به گذارش آهي ته انهيءَ مسئلي کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻلاءِ ڪوششُون ڪن، ته جيئن هيءَ ڌرتي وڌيڪ تباهيءَ کان بچي سگهي ۽ سرسبز ۽ شاداب رهي. ان سان گڏوگڏ اسين پاڻ خطرناڪ مصيبتن کان بچي سگهون ۽ هيءَ ڌرتي، اسان جي رهڻ ۽ ساهه کڻڻ جي قابل رهَي.

بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ”ڄار“ جي وڻ جي نسل ڪُشي

هونئن ته سموري سنڌ، پر خاص طور تي لاڙ وارو علائقو قدرتي وسيلن سان مالا مال رهيو آهي. هتي اسان کي معدني ذخيرا ملن ٿا... ناياب پکين ۽ جانورن جا بيشمار قسم ملن ٿا... تهوڻن جا به ڪافي خوبصورت ۽ وڻندڙ قسمملن ٿا... جيڪي سڀ هن خطّي جي خوبصورتيءَ جو سبب آهن. پر گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان انهن سمورين قيمتي وٿُن کي هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. شڪار جي شوق جي بهاني، ناياب پکين ۽ جانورن کي ماري ختم ڪيو پيو وڃي. ان سان گڏ هتي موجود وڻن کي به وڍَي، نه رڳو ان وڻن جي نسل ڪُشي ڪئي پئي وڃي،بلڪه ان سان اسان جي ماحول تي به ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. جن جي نقصانن جي ڪجهه سالن کانپوءِ اسان کي واضح طور خبر پوڻ شروع ٿي ويندي، پر اهو شدّت سان نوٽ ڪيو ويو آهي، ته خاص ڪري ”ڄار“ جي وڻ جي واڍي تمام تيزيءَ سان جاري آهي. هي وڻ مقامي ماڻهن جي جياپي جو اهم ذريعو آهي. تيزيءَ سان وڌندڙ انساني آباديءَ جي بنسبت وڻَ تمام تيزيءَ سان گهٽجي رهيا آهن. جيڪا ڳالهه هر ساڃاهوند جي دماغ ۾ ڪنڊي وانگر چُڀي رهي آهي، پر اسان جو عام ماڻهو ان ڳالهه کي اڃا تائين نه پيو سمجهي. حڪومت طرفان بهوڻن جي واڍيءَ تي قلم 144 لاڳو هجڻ جي باوجود ان تي عمل ڪونه ٿو ٿئي.
”ڄار“ جو وڻ ٻن قسمن جو ٿئي ٿو: هڪ ’مٺِي ڄار‘ ۽ ٻئي ’کارِي ڄار‘. مٺِي ڄار تهسنڌ ۾ ٻين به ڪافي علائقن ۾ ملي ٿي، پر کارِي ڄار رڳو بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ عام جام ملي ٿي. اها کارِي ڄار وري مختلف ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿي ۽ ان ڪري وڍجي به وڌيڪ ٿي. هن جي پاڙ ۾ ڪافي ڪيميڪلز ۽ تيزاب ملن ٿا، جيڪي مختلف طبّي مقصدن لاءِ استعمال ٿين ٿا. هن جِي پاڙ مختلف دوائن توڙي ٽُوٿ پيسٽ ٺاهڻ جي به ڪم اچي ٿي، ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو هن وڻ جي ٽارين کي ڏندڻ طور به استعمال ڪن ٿا. هن وڻ جو ڪاٺ گهرن ٺاهڻ جي به ڪم اچي ٿو. هي وڻ اُٺن سميت ٻين جانورن جي پسند جو چارو به آهي. انهن سمورن سببن جي ڪري هر ڪو هن وڻ کي وڍڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي.کارِي ڄار جي پاڙ وڌيڪ قيمتي هُجڻ ڪري، هن کي پاڙ کان وڍيو ويندو آهي، جنهن سان هن وڻ جي نسل ڪُشي ٿي رهي آهي. هن وڻ کي وڏو ٿيڻ ۾ لڳ ڀڳ20 سال لڳي ويندا آهن، تنهنڪري هاڻي نوان وڻ ته ماڻهو پوکين ئي نٿا، باقي جيڪي وڻ اڳي موجود آهن، اهي به تمام تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن. واهن جي کوٽائيءَ دؤران به هنن وڻن جو ڪو خيال ناهي رکيو ويندو ۽ واهن جي ڪپن تي موجود کارِيءَ ڄار جي وڻن کي وڍيو ويندو آهي. اڳي ڄارين جا وڏا ٻيلا ۽ ڍورا هوندا هئا، پر هاڻي اهو وڻ ورلي نظر اچي ٿو!
ٻيو ته اسان جي سماج ۾ بيروزگاري وڌڻ ڪري به ماڻهو وڻ وڍَي، ان جو ڪاٺ وڪرو ڪري، پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا. انکانسواءِ هن وڻ جو ڪاٺ ڳوٺن ۾ ٻارڻ جي به ڪم ايندو آهي. اها هڪ الڳ بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي،ته جن علائقن مان تيل نڪري ٿو ۽ گيس نڪري ٿي، انهن علائقن ۾ ئي گيس جي سهولت موجود ناهي. انڪري گيس جي سهولت نه هجڻ ڪري ماڻهو وڻن جي ڪاٺ کي ٻاري ان کي رڌ پچاءِ لاءِ استعمال ڪن ٿا.
تنهنڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته هن وڻ سميت هر وڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئيوڃي ۽ نوان وڻ پوکيا وڃن، ته جيئن اسان ايندڙ خطرناڪ ماحولياتي آفتن کان بچي سگهون. هونئن به هي لاڙ وارو علائقو سدائين قدرتي آفتن جي زد ۾ رهندو آيو آهي، جنهن کي وڌيڪ آفتن کان بچائڻ لاءِ پاڻ ۾ وڻن پوکڻ جي عادت وجهي، موجود وڻن جي واڍي روڪڻي پوندي ۽ ماحول بچائڻ لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو.


(پندرنهن وار”عبرت“ ميگزين جي سيپٽمبر2007ع واري شماري ۾ شايع ٿيل)

سنڌي ٽي وي چينل ۽ ٻوليءَ جو بگاڙ

ڪو وقت هوندو هو، جڏهن سنڌي ماڻهن لاءِ ٽي ويءَ تي تفريح جو واحد ذريعو، اڪيلي ٽي وي چينل’پي ٽي ويءَ‘ تي سنڌي ”ناٽڪ رنگ“جا ڊراما هوندا هئا، جيڪي ڏسي ماڻهو پيا لطف اندوز ٿيندا هئا. ڪڏهن ”باک“ ۾ مولُوءَ جي مستي ڏسندا هئا، ته ڪڏهن ’لکمير خان‘ جو ڀڀڪيدار آواز ٻڌندا هئا. 90ع جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي، جڏهن ’پي ٽي ويءَ‘ تان هفتي ۾ ٻه ڀيرا ”ناٽڪ رنگ“ نشر ڪيو ويندو هو. انهن ڊرامن جو سڀني کي بي صبريءَ سان انتظار هوندو هو. هاري نارِي پنهنجي ٻنيءَ ٻاري جو ڪم ڇڏي، اچي ڊرامو ڏسندا هئا. عورتون گهر جو ڪم ڪار ڊرامي جي نشر ٿيڻ کان اڳ ۾ مڪمل ڪري، ڊرامو ضرور ڏسنديون هيون. ان وقت ڪٿي ڪٿي ته سڄي ڳوٺ ۾ هڪڙي ٽي وي هوندي هئي، پوءِ سڄي ڳوٺ جا شوقين ان هڪڙي ٽي ويءَ۾ اکيون اٽڪايو ويٺا هوندا هئا. تڏهن اڃا ريموٽ ڪنٽرول واريون شيون عام جام ڪونه هونديون هيون ۽ چينل به هڪ ئي هوندو هو. ان جو هڪ فائدو اهو به هو ته ماڻهو ڪو به پروگرام مڪمّل ڏسي وٺندو هو. تڏهن ته اڪثر ماڻهو اڄ به چوندا آهن، ته ڪو به پروگرام مڪمّل ڏسڻو آهي ته ريموٽ ڪنٽرول پري رکي ڇڏيو! ان وقت اڃا ڊش اينٽينا عام نه هئي ۽ ڪيبل نيٽورڪته بنهه ڪونه هو. ’پي ٽي ويءَ‘ کانسواءِ، ڪڏهن ڪڏهن اينٽينا،ڀارت جي ”دُور درشن“چينل جو ڌُنڌلو درشن ڪرائي وٺندي هئي. اڄ به کوڙسارا ماڻهو ان دؤر کي ياد ڪندا آهن ۽ سٺو سمجهندا آهن.
ان کانپوءِ آهستي آهستي ’وي سي آر‘(ويڊيو ڪيسيٽ رڪارڊر) جو دؤر آيو، پر اهو زمانو گهڻيدير جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ ان کانپوءِ ڊش اينٽينا اچي ان جي جاءِ والاري. جنهنکانپوءِمارڪيٽ ۾ رنگين ٽي وي سيٽس جو بهوڪرو وڌيڪ ٿيڻ شروع ٿي ويو. هر ڳوٺ جي هڪ ٻن گهرن جي ٿَلهن تي ڊش جو ’ڇِڪو‘/’کارو‘ پيل نظرايندو هو. نوان نوان چينل هئا ۽ انهن کي ڏسڻ جو نئون مزو ۽ شوق... انهيءَ کان پوءِ ڊش اينٽينا تان آهستي آهستي چينل ختم ٿي ويا ۽ ڪيبل نيٽورڪ اچي ان جي جاءِ والاري!جنهن تي اڪثرڀارتي چينل هلندا هئا، جن تي اڳتي هلي سرڪار به پابندي مڙهي ڇڏي. ۽ پوءِ 2002ع ۾ اسان وٽ به اڳ ۾ ’ايمرا‘(اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيولرٽي اٿارٽي) ۽ پوءِ ’پيمرا‘(پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيولرٽي اٿارٽي) ٺاهي، ملڪ جي سيٺين کي پنهنجا چينل کولڻ جي اجازت ڏني وئي.
ان وقت سڀني ڌرتيءَ ــ ڌڻين چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي خطرو آهي، ڇو ته ڪو به سنڌي چينل ڪيبل نيٽورڪ تي ڪونه پئي هليو، پر پوءِ اعلان ٿيو ته سنڌي چينلشروع ٿي رهيو آهي، جنهن جي نشريات صرف چار ڪلاڪ هوندي. ماڻهن ان سنڌي چينل جي شروعات جي خوشيءَ ۾ مِٺايون ورهايون. ’سنڌ سان عشق جي نئين ابتدا‘ ٿي. ان جي شروعات عابده پروين، شفيع فقير، صادق فقير، انور حسين وسطڙي، منظور سخيراڻيءَ، ثمينه ڪنول، ديبا سحر ۽ برڪت عليءَ وغيره سان ٿي ۽ انتها وڃي وحيد هڪڙي، جگر جلال، جلال جوڳيءَ۽ غلام حسين عُمراڻيءَ تي ٿي! ڪيڏانهن وئي عابده... ڪيڏانهن ويو صادق فقير... خبر ئي نه پئي!!
ڊرامن جي حوالي سان شروعات ٿي صلاح الدين تُنيي، منظور مراد، انور سولنگيءَ ۽ مشتاق جسڪاڻيءَ وغيره سان ۽ انتها وڃي ٿي بصر بادشاهه، ماما لالوءَ ۽ ’خُوني ماڻهوءَ‘ تي! اها ترقي ٿي آهي! اها خدمت ٿي آهي سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي! هن وقت انهن چينلز تي اڪثريتانهن ماڻهن جي ڪم ڪري رهي آهي، جن کي سؤلي سنڌي به ڳالهائڻ به نٿي اچي! گهٽ پيسن ۽ خرچ تي، غير معياري شيون ٺاهي اسان کي ڏيکاريون ٿيون وڃن.
سنڌي ماڻهوءَ کي رڳو ڌاڙيل جي رُوپ ۾ ڏيکاريو ٿي وڃي! يا وري سنڌي ماڻهوءَ کي هوٽلن تي چانهه پيئندي، ذات ۽ برادريءَ جي نالي تي جهيڙن ۾ وڙهندي ڏيکاريو ٿو وڃي! هڪڙي چينل تي تهٻه عورتون ڄُنڊا پَٽَ جي ڪري مشهور آهن. سنڌي ميوزڪ چينلز تي وري هڪڙو ئي همراهه ميوزڪ ڊائريڪٽر به آهي، شاعر به آهي، ڳائڻو به آهي،ويڊيو ڊائريڪٽر به آهي،ته پروڊيوسر به پاڻ ئي آهي! انهن ماڻهن سنڌي موسيقيءَجو جيڪو حشر ڪيو آهي، ان جو به ڪو مثال نٿو ملي!
بهرحال هن وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڊوڙ ۾ ڇهه سنڌي چينل ڪم ڪري رهيا آهن. جن مان ٽي انٽرٽينمينٽ، ٻه نيوز ۽ هڪ ميوزڪ چينل آهي. انهن خانگي چينلز جي انتظاميه کي سوچڻ گهرجي ته سنڌي رڳو ڌاڙيل ۽ خوني ناهن، پر انهن جُون ڪافي سُٺايون ۽ خُوبيون به آهن، انهن کي سامهون ڇو نٿو آندو وڃي!؟ رڳو قبائلي جهيڙن تي زور آهي. اهڙيءَ طرح موسيقيءَ ۾ بهاڻ ڳڻيا باصلاحيت ڪلاڪارسنڌ ۾ موجود آهن، جن کان ڪم ورتو وڃي. ٿرڊ ڪلاس ۽ غير معياري ڪردارن تي تهٽيلي فلمون ٺاهڻ بجاءِ، سنڌ جي اصل هيروز تي فلمون ڇو نٿيُون ٺاهيون وڃن. انهن چينلن جي مالڪن کي گذارش آهي ته پئسا ڀلي ڪمايو! پر هن سماج، ٻوليءَ ۽ ثقافت تي رحم ڪري، حقيقي ڪم ڪريو ۽ سنڌ جو ايل مثبت ۽ سنجيدو عڪس دنيا تائين پهچايو!



(پندرنهن وار”عبرت“ ميگزين جي مئي 2008ع واري شماري ۾ شايع ٿيل)

ڀوپن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار

سنڌ ۾ جتي ٻيا انيڪ مسئلا آهن، اُتي صحت جي سهُولتن جي کوٽ به هڪ وڏو مسئلو آهي. انهيءَ مسئلي جي ڪري خاص طور سنڌ جي ٻهراڙين وارا علائقا، ڀوپن، عطائي ڊاڪٽرن ۽ ٽوڻن ڦيڻن وارن جي آزار هيٺ آهن، جن جو ڪم ئي غريب ماڻهن کي ڊيڄارڻ، ڦُرڻ ۽ عجيب وسوسن ۾ مبتلا ڪرڻ آهي.
مختلف بيمارين جا مريضَ، هنن جي چڪر ۾ اچيو پاڻ ڦُرايو ويهن. خاص طور تي نفسياتي مريض ته آسانيءَ سان هنن جي قابو ۾ اچيو وڃن. هي انهن مريضن کان عجيب ۽غريب فرمائشون ڪري پنهنجا پيٽ ڀرين ٿا. انهيءَ حوالي سان تمام ٿوريون ئي خبرون ميڊيا ۾ رپورٽ ٿين ٿيون. جڏهن ته ڪيتريون ئي خبرون منظرِ عام تي ئي نٿيون اچن، جن مان اها خبر پوي ته هنن مافيائن، اسان جي سادن اڻ پڙهيل لوڪن سان ڪيڏي ويڌن ڪئي آهي! اسان سڀني جي چوڌاري مشاهدي ۾ وقت بوقت اهڙا ڪيترا ئي واقعا ايندارهن ٿا.
ڪجهه ڏينهن اڳ، ان حوالي سان هڪڀارتي ٽي وي چينل تي هڪ ڊاڪيومينٽري نشر ٿي، جيڪا ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. جنهن ۾ هڪ غريب ڳوٺاڻو ذهني مريض هوندو آهي. جنهن کي سندس مائٽ علاج لاءِ هڪ ڀوپي وٽ وٺي ويندا آهن. ڀوپو چوندو آهي ته:”مريض منهنجي حوالي ڪري توهان هليا وڃو... مان پاڻهي هن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندس!“ اهڙيءَ طرح ان مريض جا مائٽ، کيساُن ڀوپي جي حوالي ڪري هليا وڃن ٿا. ڀوپو مائٽن جي وڃڻ کانپوءِ پنهنجي ’ڪارروائي‘ شروع ڪري ٿو. مريض کي گهر ۾ ابتو ٽنگي، مسلسل ٻارنهن ڏينهن تائين خطرناڪ سزائون ڏيندو رهي ٿو. جڏهن سندس مائٽ مريض بابت ڄاڻ وٺڻ اچن ٿا، ته انهن کي چوي ٿو ته:”هن وقت مريض تي جِنَ جو اثر آهي. هُو جلال ۾ آهي... هن وقت کيس اڪيلو ڇڏيو...!“ اهڙيءَ طرح نيٺ پندرهن ڏينهن کان پوءِ مائٽن کي ان مريض جو لاش ملي ٿو ۽ ڀوپو فرار ٿي وڃي ٿو. اهڙا سوين واقعا ٿوري گهڻي فرق سان اسان جي سماج ۾ به رُونما ٿين ٿا. ان ۾ به وري عورتون انهيءَ جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون.
حڪومت کي گهرجي ته انهن مضبوط مافيائن جي ان ڪُڌي ڌنڌي جو نوٽيس وٺندي، غريبن کي سندن ڳوٺن ۾ صحت جُون سهولتون فراهم ڪري ڏي، ته جيئن ان آزار مان عوام جي جان ڇُٽي سگهي.


(پندرنهن وار”عبرت“ ميگزين جي مارچ 2007ع جي شماري ۾ شايع ٿيل) 

سياسي واعدا ۽ معصوم عوام

هونئن ته هر سال ۾ چار موسمون هونديون آهن، پر اسان وٽ انهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻي موسم جو واڌارو به ٿي ويندو آهي، جنهن کي ”اليڪشن جي موسم“ چيو وڃي ٿو. اليڪشن جي ڏينهن ۾ خاص طور تي اسان کي سالن پڄاڻان، وڏن ٽائرن واريون گاڏيون ڏسڻ نصيب ٿينديون آهن. ڪافي ڏٺل چهرا سالن کانپوءِ وري ڏسڻ جي سعادت نصيب ٿيندي آهي. وري اُهي ساڳيا واعدا ۽ وچن ڪيا ويندا آهن، جيڪي هر اليڪشن جي مُند ۾ ڪيا ويندا آهن. ڪافي ورهه اڳ گذاري ويلن جون فاتحائون پڙهيون وينديون آهن... عُذر خواهيون ڪيون وينديون آهن... شادين جون مبارڪون ڏنيون وينديون آهن. ڇو ته اِن ’موسم‘ کان اڳ، ويچارا اميدوار عوام جي خدمت ۾ ايڏا ته مصروف هوندا آهن، جو انھن وٽ وقت ئي ناهي هوندو، جو اهي هي سڀ ڪم به ڪري سگهن. تان جو وري انهن کي ان موسم ۾واندِ ملندي آهي. همراهه وڏين وڏين گاڏين مان ويڪرين شلوارن سان لهندي، غريب عوام تي ايئن حڪم هلائيندا آهن، جهڙوڪر هي عوام سندن زر خريد غلام آهي. اهي صاحب حڪم ئي اهو ڪندا ته ”ووٽ اسان کي ڏجو! نه ته اسان جي خبر اٿَوَ...!“ غريب ۽ بي واهو عوام ويچارو ڪيڏانهن وڃي! مجبور ٿي کين ئي ووٽ ڏيندو آهي.سياستدان هميشه ڪُوڙا دلاسا ۽ ڌمڪيون ڏئي ووٽ وٺي ويندا آهن. جڏهن کين انهن ووٽن جي ڪري اقتدار ملي ويندو آهي، ته پوءِ هنن کان اهو غريب عوام وسري ويندو آهي ۽ پوءِ هي پُورن پنجن سالن تائين هن سماج کي کائيندا ۽ پَٽيندا رهنداآهن.
هن وقت سنڌ ۾ تمام گهڻي غربت آهي، تعليم ناهي، شعور ناهي، رڳو بُک ۽ بدحالي آهي. ماڻهو ويچارا پنهنجي پيٽ گذر جي ڳڻتيءَ ۾ قابو آهن. اهڙيءَ حالت ۾ هُو سُٺي ۽ بُري ۾ به فرق نٿا ڪري سگهن ۽ هر ڀيري هنن حرامخورن جي هٿان ٺڳجي ٿا وڃن. اِهي غريب هنن جي ڌمڪين کان ڊڄي، سردي گرميءَ ۾ پولنگ اسٽيشنز ٻاهران قطارن ۾ بيهي، انهن کي ئي ووٽ ڏين ٿا، پوءِ کين جيڪا موٽ ملي ٿي، سا ڪنهن کان به لڪل ناهي. حقيقت ته اها آهي جو هاڻي ماڻهو به اهڙيءَ سياست مان بيزار ٿي پيا آهن. پر هنن وٽ ٻي ڪا واهه به ناهي! آخر ڪيڏانهن وڃن!
اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جو اهو فرض آهي، ته هُو پنهنجي پنهنجي آسپاس جي عوام کي صحيح واٽ ڏَسين ۽ هنن جي منفي سياست ۽ حاڪماڻيءَ سوچ بابت کين ڄاڻ ڏين. انهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري، کين بنيادي سماجي مسئلن بابت معلومات ڏين، ته جيئن هنن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايترو شعور اچي سگهي، جو هُو درست اميدوار جي چونڊ ڪري سگهن ۽ سڀني ۾ هڪ آواز ٿي مثبت اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جي سگهه پيدا ٿي سگهي.
ڪئين ماڻهن جو اهو موقف به نوٽ ڪيو ويو آهي ته: ”ان ڳالهه جي ڪهڙي گارنٽي آهي؟ جو اسين جن کي ووٽ ڏينداسين، اهي اسان جي دردن جو درمان ڪندا! ڇو ته اسان سان هن وقت تائين رڳو ٺڳيون ۽ استاديون ئي ٿينديون رهيون آهن!“ منهنجي خيال ۾ گارنٽي ته ڪنهن جي به ناهي، پر پوءِ به اُن اميدوار کان بار بار پڇاڻو ڪجي! کيس سندس تڪ جي مسئلن بابت ٻڌائجي، لکت ۾ ڏجي، دانهن ڪري ان دانهن جي تدارڪ لاءِ پويان پئجي، ته بهتريءَ جي هڪ اميد پيدا ٿي سگهي ٿي. نه ته کيس ٻئي ڀيري اکيون پُوري ووٽ نه ڏئي اچجي! منهنجي خيال ۾ هر اميدوار کانسندس هر ووٽر کي هيٺيان سوال ضرور ڪرڻگهرجن:

ــ سنڌ جي مجموعي (اجتماعي) مسئلن تي توهان اسيمبلي ۾ ڪيترا ڀيرا ڳالهايو؟
ــ سنڌ جي پاڻيءَ، ناڻي ۽ قدرتي وسيلن بابت توهان ڪيترا ڀيرا آواز اٿاريو؟ ۽ ان جو کڙ تيل ڇا نڪتو؟
ــسنڌ جي زراعت جي تباهيءَ تي توهان ڪيترا ڀيرا پنهنجو موقف ريڪارڊ تي رکيو؟
ــ سنڌ جي تباهه ٿيل تعليمي نظام لاءِ توهان ڇا ڪيو؟
ــ سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جي سُڌاري بابت توهان ڪهڙا عملي قدم کنيا؟
ــ سماج ۾ بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ اوهان ڪهڙيون رٿون پيش ڪيون؟ ۽ ڪوششون ورتيون؟
ــ سنڌ جي ماحولياتي تباهيءَکي روڪڻ بابتاوهان ڇا ڪيو؟
ــ سنڌي ٻوليءَ کي ”قومي ٻوليءَ“ جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڇا توهان ڪهڙا عملي قدم کنيا؟

انهيءَ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي سوال ٿي سگهن ٿا، جن جا جيڪڏهن مثبت جواب ملن، ته ووٽ ڏجي، نه ته اُن اميدوار کي ووٽ ئي نه ڏجي!
هن ڀيري ايندڙ چُونڊن ۾ اسان جنهن کي به ووٽ ڏيون، ان کي گهٽ ۾ گهٽ هيٺين پنجن ڳالهين (مسئلن) کي حل ڪرڻ لاءِ آماده ضرور ڪريون:

1 ــ تعليم: ناقص پاليسين سبب سنڌ جي تعليم تباهه ٿي چڪي آهي. اهو مسئلو اسان کي هميشه سڀني مسئلن کان وڌيڪ اهم سمجهڻ گهرجي. ڇو ته تعليم ذريعي ئي اسان هن سماج کي سُٺا فرد ڏئي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ نياڻين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.

2 ــ ماحوليات: ماحوليات هن صديءَ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. اسان وٽ وڻن جي واڍِي، جانورن ۽ پکين کي مارڻ عام بڻجي ويو آهي. اُنڪري ان طرف غير معمولي ڌيان جي ضرورت آهي.

3 ــ روزگار: هن وقت بيروزگاري انتهائي درجي تي پهتل آهي. غريب نوڪرين لاءِ چالان فيس ڀري اپلاءِ ڪن ٿا، پر کين نوڪري نٿي ملي. نؤجوانن جون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ به اسان وٽ ڪي ادارا ڪونهن، جيڪي انهن کي ’جاب مارڪيٽ‘ لاءِ تيار ڪن. ان ڪري حڪومت کي اهڙا منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن، جن سان بيروزگاري گهٽجي. اسان جو تعليمي نظام درست نه هئڻ ڪري اسان جا اڪثر نؤجوان ته مقابلي جا امتحان به پاس نٿا ڪري سگهن. ان جي نتيجي ۾ ماسٽرس ڪيل همراهَه کي پٽيوالي به نٿي ملي. نتيجي ۾ اسان جي نؤجوانن جو وڏو انگ، نفسياتي مُونجهاري جو شڪار ٿي، ڊپريشن جو مريض ٿيو وڃي.

4 ــ زراعت: زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿي. زرعي سماج هجڻ ناتي اسان جو اهو فرض آهي، ته اسان کي زرعي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن. هن وقت به سرڪار، شگر ملز وارن آبادگارن سان جُٺ ڪريو ويٺي آهي ۽ ان بابت حڪومت کان ڪوبه پُڇڻ وارو ڪونهي. اهو به انهن نمائندن جو فرض آهي، ته اهي آبادگارن کي مناسب اگُهه ۽ وقت سر پاڻي وٺرائي ڏين. جيئن اسان جي ماڻهن جي معاشي حالت بهتر ٿي سگهي. نه ته ماڻهو پاڻ کي ايئن ئي خودڪشيُون ڪري ماريندا رهندا. ان ڪري ئي بدامنيءَ ۾ به مسلسل واڌارو ٿي رهيو آهي.

5 ــ ڪارو ڪاري ۽ قبيلائي جهيڙا: سنڌ، جيڪا سُونهن جي علامت سمجهي وڃي ٿي، تنهن کي اهي قبيلائي جهيڙا اندران ئي اندران کائِي کوکلو ڪري رهيا آهن. ڪيتريون ئي بيگناهه زندگيون انهن تڪرارن جي ور چڙهيو وڃن. انهن واقعن تي ضابطي آڻڻ لاءِ چونڊيل نمائندن جي رهنمائيءَ هيٺ ’سِول سوسائٽيءَ‘ کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
تنهنڪري، مون کي اميد آهي، ته اسان جو عام ماڻهو ڪنهن به اميدوار کي ووٽ ڏيڻ کان اڳ، انهن ڳالهين کي ذهن ۾ ضرور رکندو، ته جيئن سندس انفرادي توڙي قوم جي اجتماعي حقن جو حصُول ممڪن ٿي سگهي ۽ سماج، مثبت رستي تي هلڻ جي قابل ٿي پوي. ◙

(پندرنهن وار”عبرت“ ميگزين جي فيبروري2008ع واري ”اليڪشن اسپيشل“ شماري ۾ اُن وقت ٿيندڙ عام چونڊن جي مناسبت سان شايع ٿيل)

ٻه ننڍڙيون تصويرون ــ ٻه وڏا دَرد

هي سماج ڪيڏانهن پيو وڃي!؟ اُن جو جواب هر ڪنهن وٽ پنهنجو پنهنجو هوندو. پر مون تازو، گذريل ٻن ڏينهن دؤران، سوشل ميڊيا تي عام جام نظر ايندڙ ٻه تصويرون ڏٺيون آهن. جِن، اندر اڌ اڌ ڪري ڇڏيو آهي. اُن مان اوهان به اندازو لڳايو ته هِن سماجَ جو چهرو، ڪيڏو نه خوفناڪ ۽ ڀيانڪ ٿيندو پيو وڃي!
پهرين تصوير: ڪنڊيارَي شهر جي هڪ لائبريريءَ جي آهي، جنهن لائيبرريءَ ۾ پاڻي داخل ٿيل آهي ۽ ڪتاب اُن پاڻيءَ ۾ ڪِريل آهن، جيڪي پُسي خراب ٿي رهيا آهن. جتي شعور ۽ علم سان اهو حشر ٿيندو هُجي، اُتي ڪهڙا فضيلت ڀريا نسل پيدا ٿيندا؟ ۽ ڪهڙو شعُور اُسرندو! اهو هڪ وڏو سوال آهي.
ٻئِي تصوير: ڪراچي شهر جي ڪنهن علائقي جي ٽِن نؤجوانن جي آهي (جن مان ٻه، پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن)، جيڪي مِينهن ۾ ڪرنٽ لڳڻ ڪري تڙپي تڙپي پنهنجا آخري پساهه کڻي رهيا آهن. ڪنهن هنڌ ته انهن نؤجوانن جي تڙپڻ جي وڊيو به اپلوڊ ٿيل آهي. سمارٽ فون جي اسڪرين اسڪرول ڪندي، منهنجي سامهون جيئن ئي اهڙيون تصويرون ٿيون اچن، ته آءٌ اُهي ڏسي نٿو سگهان ۽ جلديءَ ۾ اُهي اسڪرين تان هٽايو ڇڏيان! وري سوچيان ٿو ته موبائيل فون جي اسڪرين تان ته هٽائي ڇڏيم، پر دِل ۽ دماغ جي اسڪرين تان ڪيئن هٽايان؟؟
جتي ايڏي بيحسي ۽ وحشت هُجي، اُتي انسانيت زنده به آهي يا نه؟ اِهو به هڪ وڏو سوال آهي.
اهڙي قسم جون خبرُون ۽ تصويرون ونڊڻ ته هاڻي، هن سماج ۾ روز جو معمول بڻيل آهي. ڪير تڙپِي مرَي پيو، اسان کي ان جو احساس ناهي! ان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ضروري نٿا سمجهون! پر انهن جُون تصويرون ڪڍڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ تمام ضروري ٿا سمجهون. حد ته اها آهي جو بيحسيءَ سان اُهي تصويرون ۽ وڊيوز وري سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري، سڀني سان شيئر ڪريُون ٿا. اها به اسان جي بيحسيءَ جي انتها آهي!!! هاڻي ته اڪثر اخبارون به اهڙيون رت ۾ ٻُڏل تصويرون، لاشن جافوٽو، حادثن جون خوفناڪ تصويرون به شايع ڪن ٿيون ۽ انساني نفسيات ۽ احساسن جو ذري برابر به خيال نٿيون ڪن! آءٌ، ان تڪليف بابت اڳ ۾ به فيس بڪ تي دوستن کي اهو نماڻو عرض ڪندو رهيو آهيان، ته خدارا!مهرباني ڪري اهڙَي قسم جُون تصويرون ۽ وڊيوز، سوشل ميڊيا تي اپلوڊ نه ڪريو!
مڃون ٿا ته اسان جي حڪومتن ۽ نااهل حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ خراب حڪمرانيءَ جو به انهن خراب حالتن پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار آهي، پر اسان مان به فضيلتون، قدرَ ۽ احساس تيزيءَ سان موڪلائيندا پيا وڃن.
سچ ته اهو آهي جو هِن سماج جو اِهو روپ ڏسي، هاڻي هن سماج مان ڪرڀ اچڻ لڳي آهي. اهڙي نام نهاد پڙهيل لکيل، جديد ترقي يافته سماج کان ته اڳ وارو غير ترقي يافته سماج ڀلو هو، جنهن ۾ موبائيل فون ۽ ٻي ٽيڪنالاجي ته ڪانه هئي، پر سماجي قدرَ، احساسَ، لڇڻَ، وڏي ننڍي جو لحاظ، شرم حياء ۽ قياس جهڙا احساس موجود هئا. علم، ادب ۽ ڪتابن سان پيار هوندو هو. وڏي ڳالهه ته انسانيت هُئي! هاڻي ته انسانيت ئي اڻلڀ ٿي وئي آهي. ماڻهوءَ کي مِرُنمان نه، پر ماڻهوءَ مان ئي وڏو خطرو، نقصان ۽ ڊپ آهي.
گذرندڙ وقت سان، هن ترقي يافته سماج جا اڃا ته الائي ڪهڙا ڪهڙا ڀيانڪ چهرا ڏسڻا پوندا! اهو سوچي وار ڪانڊارجي ٿا وڃن ۽ جسم مان سيسراٽيُونٿيون نڪري وڃن.
اسان ته بس پنهنجي ڏک جو اظهار پنهنجو پاڻ سان ئي ٿا ڪريون.


(12 آگسٽ 2019ع تي لکيل ـ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪراچيءَ جي ٽن نؤجوانن جي دردناڪ مؤتَ ۽ ڪنڊياري شهر جي ڪنهن لائبريريءَ ۾ پاڻي داخل ٿي وڃڻ ۽ ڪتابن جي پُسي وڃڻ واريندردناڪ ۽ دل خراش تصويرن کي ڏسي ”فيس بُوڪ“ تي لکيل تاثر)

فيس بڪ تي تڏو وڇائڻ

اڄڪلهه، ماڻهوءَ جي مؤتَ تي سندس تڏو به فيس بُڪ تي وڇائجي ٿو ۽ RIP لکي روايت پوري ٿي ڪجي... ۽بس...!!
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪھاڻيڪار نُور گھلو صاحب، اڄ گذاري ويو. جنهن ڪجهه وقت اڳ سندس ھڪ ڪھاڻي "انتقال پُرملال" ۾ اھڙو ئي ذڪر ڪيو ھو ته ماڻهُوءَ جي مؤتَ تي سندس پونيَر ۽ دوستَ، فيس بڪ تي ئي تڏي جو انتظام ڪري، پنھنجو ۽ ٻين جو وقت بچائين ٿا. اھا ڪھاڻي دنيا جي بيحسيءَ ۽ بي رحميءَ جي عڪاسي آھي.
مون کي سندس اھا ڳالهه بلڪل دل سان لڳي، جڏھن مون زيب سنڌي صاحب جي پوسٽ تي، زيب صاحب جو لکيل اھو ڪمينٽ پڙھيو ته:
”نور گهلُوءَ جي جنازي نماز ۾ سندس مائٽن کانسواءِ، افسوس! ته اديبن جو تعداد فقط ويهارو کن ئي هيو!“
اھو ڪمينٽ پڙهڻ سان اکين ساڻ دل به ڀرجي آئي! ان کان وڌيڪ بيحسي باقي ڪھڙي ٿي سگهي ٿي...!!
اھڙيءَ ئي طرح اسان چچريل لاشن جي تصويرن، خطرناڪ بيمارين ۾ ورتل ماڻهن جي تصويرن، حادثن جي ڀيانڪ منظرن، ڪپڙا ليڙُون ليڙُون ٿيل عورتن ۽ ٻارن جي تصويرن کي رڳو ھڪ خبر سمجهي، وڏي ديدہ دليريءَ سان فيس بڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمس تي اپلوڊ ڪري، ٻين ڪيترن ئي ماڻهن جي احساسن جو بيرحميءَ سان قتل ڪندا آھيون ۽ اهو ناهيُون سوچيندا ته جيڪڏهن تصوير ۾ ڏيکاريل اهو شخص، اسان جو ويجهو هجي ها، ته اهڙي تصوير ڏسي اسان جي دل تي ڇا گذري ها!

ديس جي تباھيءَ جا ڪارڻ

سنڌ، جُڳن کان درد سھندِي، ڀوڳيندِي، سُور برداشت ڪندِي، تڙپندي ساھ پساھ کڻي رھي آھي. سنڌي ماڻھو شايد سُور سھڻ جا عادي ٿي ويا آھن، ڇو ته جيڪا تڪليف ماڻھوءَسان مستقل سلهاڙجي وڃي، پوءِ ماڻھو انھيءَسُور سهڻ جو عادي ٿي ويندو آھي. تاريخ شاھد آھي ته سنڌي ماڻھو، صدين کان پيار ورھائيندڙ ۽ پراون کي پنھنجو ڪندڙ رھيا آھن. ڌارين کي پنھنجو ڪرڻ وارا،سدائين انھن دوستن ۽ پنھنجن کان ئي ڏنگبا رهيا آھن، جن کي ھنن جيءَ ۾ جايون ڏنيُون. جن کي ھنن ھر شئي ۾ حصو پتي ڏنو. اھي ئي ھنن جي ڳچيءَ ۾ پيا آھن.
ھن وقت سنڌ کي جيڪي اھم مسئلا درپيش آھن، اھي ھي آھن:
1 ــ ماحولياتي تباھي: سنڌ ۾ ماحولياتي تباھي عروج تي آھي. وڻن کي بيدرديءَ سان وڍيو ۽ جانورن کي بيدرديءَ سان ماريو پيو وڃي. اسان وٽ ڪوبهاهڙو قانون ڪونھي، جيڪو ظلم جي ان لهر کي روڪي سگهي.ڪنهن کي ڪوبه چوڻ يا پُڇڻ وارو ناھي. امير ماڻھُو، شڪار جي شوق خاطر جانورن کي مارڻ ۾ پورا آھن. آدمشماري وڌڻ ڪري وڻن جي واڍي به تيزيءَ سان جاري آھي، جنھنڪري وڻ به تيزيءَ سان ختم ٿي رھيا آھن. ماڻهو ڪاٺ کي وڪڻِي، پنهنجو پيٽ گذر ڪري رھيا آھن.
2 ــ پاڻيءَ جو جائز حصو نه ملڻ: سنڌ، جيڪو زرعي ديس آھي، جنھن جي 60 سيڪڙي کان وڌيڪ آباديءَ جو گذر سفر زراعت تي آھي، انھيءَ کي پنھنجو سنڌو درياءُ ھئڻ باوجود،نه صرف پاڻيءَ جو جائز ۽ صحيح حق نه ٿو ڏنو وڃي،بلڪه جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي موجود آھي، انھيءَ تي به ڊيم اَڏڻ جون ڳالھيون ڪري، سنڌُوءَ جي پاڻيءَ چورائڻ جا سانباهاڪيا پيا وڃن. جيڪا سراسر ناانصافي آھي. جڏھن ته حڪومت 1991ع واري پاڻيءَجي ٺاھ (سنڌ طاس معاهدي) تي بهپوريءَ طرح عمل ناهي ڪرائي سگھي. جنھنڪري سنڌ کي پاڻي، وقت تي ۽ مناسب مقدار ۾ به نٿو ملي. انڪري فصل به پنھنجي پنھنجي وقت تي نٿا ٿين ۽ ان سان گڏوگڏ انھن مان گُھربل اُپت به نٿي ملي. سٺي اپت نه ملڻ ڪري سنڌ کي مسلسل معاشي نقصان رسِي رهيو آهي.
3 ــ اين ايف سي ايوارڊ مان جائز حصو نه ملڻ: سنڌ، معدنيات سان مالا مال ملڪ آھي. تيل، ڪوئلو، گئس وغيره سڀ ھتان نڪرن ٿا. جيڪي سڄي ملڪ جُون معدني ضرورتون پوريون ڪن ٿا. نتيجي ۾ سنڌ کي ڪجھ به نٿو ملي. سنڌين کي پنھنجن وسيلن تي ئي مالڪيءَ جو حق ڪونھي. ھميشه ڌارين ھتي اچي قبضا ڪري سنڌ کي پئي لُٽيو آھي. ايتريءَ حد تائين جو سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ اھي بين الاقوامي ڪمپنيون، جيڪي ’سنڌ جو تيل ڪڍي رھيون آھن‘، سي به اُتان جي مقامي سنڌي ماڻهن کي ٻي نوڪري ته نٿيوُن ڏين، پر گهٽ درجي وارين ملازمتن کان بهمقاميماڻھن کي محرُوم رکن ٿيُون. سنڌين کي پنھنجن وسيلن تي جيستائين مالڪي نه ملندي، تيستائين اھي مسئلا حل ڪونه ٿيندا.
4 ــ امن امان جي خراب صورتحال: سنڌ، جيڪا امن، پيار، محبّت، سُکَ ۽ شانتيءَ جي ڌرتي آھي، اتي گهڻي وقت کان امن امان ناھي.قانون جي عملداريڪانھي. جنھن کي جيڪو ٿو وڻي،بنا رنڊَ روڪ جي اهو ٿو ڪري. ماڻھو پنھنجي گھر ۾ به محفوظ ناھي. جرڳائي سسٽم، ڪاروڪاري ۽ سرداري ۽ قبيلائي سسٽم، سنڌ جي امن امان کي برباد ڪري ڇڏيو آھي.
5 ــ زراعت جي تباھي:وقت سر پاڻيءَنه ملڻ ۽ مختلف زرعي جنسن جا مناسب ۽ جائز اگھ نه ملڻ ڪري، سنڌ جي زراعت کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي. ان کانسواءِ ڪيميائي ڀاڻ، تيلَ ۽ کيڙيءَ جا خرچ به تمام گھڻا آھن. جنهنڪري آبادگارن کي ڪجھ به نٿو بچي ۽ ھاري ويچارو ته سدائين قرضي رھندو پيو اچي! مختلف پيسٽيسائيڊ ڪمپنيون به دوائن ۽ ٻجن جي نالي ۾ ماڻھن کي کُلي عام ڦُري رھيون آھن.
6 ــ بيروزگاري: بيروزگاري سنڌ لاءِ ناسُور بڻجي وئي آھي. سياسي نمائندن وٽ روزگار جي حوالي سان ڪابهجامع پاليسي ڪانھي. ھنن کي رڳو ماڻھن کي پنائڻ ۽ خيرات تي ھيرائڻ کانسواءِ ڪجھ به نٿو اچي! جيستائين ڪارخانا، صنعتون يا ٻيا ڪي مستقل روزگار جا ذريعا پيدا نه ڪيا ويا، تيستائين ھي ماڻھو بيروزگاريءَ جي چَڪيءَ ۾ ايئن ئي پِيسبا رھندا.
7 ــ تعليم جي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال: ھي تمام اھم مسئلو آھي، جنھن طرف ڪنھن به حڪومت جو ڌيان ناھي ھوندو! بلڪه ايئن چئجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو، ته اسان وٽ تعليم، ڪنهن به سرڪار جي ترجيح ڪڏهن به ناهي رهي! ڪنهن به سرڪار جي تعليم بابت ڪا واضح تعليمي پاليسي ناھي رهي! اميرن لاءِ ھڪڙو تعليمي نظام آھي،ته غريبن لاءِ ٻيو!! پرائيوٽ اسڪولن وارا به معياري تعليم ڏيڻ بجاءِ رڳو پئسا ڪمائڻ جي چڪر ۾ آھن. انھيءَ لاءِ اھو ضروري آھي ته سلجھيل ماڻھن جا گروهَه، پنھنجي پنھنجي علائقي جي سرڪاري اسڪولن جي مالڪي ڪن۽ اتي ٻارن جي بھتر تعليم جو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪن.
8 ــ صحت جي سھولتن جي اڻھُوند:سنڌ ۾ صحت جي سھولتن جي به حالت غير اطمينان بخش آھي. ڪٿي اسپتالُون ڪونھن، ته ڪٿي ڊاڪٽر ناھن! ڪٿي دوائون ناھن! ڪٿي ڊاڪٽر آھن،ته ڊيوٽيءَ تي ڪونه ٿا اچن! دوائن جي ڪمپنين وارا به ماڻھن کي مارڻ جو سامان تيار ڪرڻ۾ رُڌل آهن. ھاڻي ته دوائون کائڻ سان، ”دوا اندر ۽ دم ٻاھر!“ وارو محاورو سچ ٿي ويو آهي.
انھيءَ ڪري، وقت آهي ته اسان پنھنجي اندر ۾ جھاتي پايُون. اسين ايترا به غريب ناهيون ٿيا، جو پنھنجو منھن بهنه ڌوئي سگُهون! سنڌ ساڳئي ئي آھي، پر اسان جا لڇڻ موڪلائي ويا آھن. سنڌ جون شامُون ۽ سنڌ جا صبحَ ساڳئيءَ طرح حسين ۽ خوبصورت آھن... سنڌ جا ڳوٺ سهڻا آھن... سنڌ جون ٻنيُون اڄ به سايُون آھن... بس رڳو ضرورت ان ڳالھ جي آھي،ته اسان پنھنجن وسيلن جي مالڪي ڪريون ۽ پنھنجي ادارن کي سڌارڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجو انفرادي ڪردار ادا ڪريون.


(روزاني ”عبرت“حيدرآباد ۾5 اپريل 2009ع تي شايع ٿيل)

ٻار، وڏن کان ئي سِکن ٿا

اسان وٽ اِها هاڻي عام روايت بڻجي چُڪي آهي ته، ٻارن جي درست تربيت ڪرڻ بجاءِ اُنهن مان اسين سُٺن افعالن جي اميد ڪريون ٿا. ٻار جو پهريون درسگاهه سندس گهر آهي، جتي سندس والدين ئي سندس استاد آهن. اُن کانپوءِ ٻار تعليمي ادارن ۾ داخل ٿي، اُتي موجود استادن کان سِکي ٿو. اِهو نوٽ ڪيوويو آهي ته، اسان جا اڪثر والدين ۽ استاد جيڪي نصيحتون ٻارن کي ڪندا آهن، پاڻ انهن تي ذري برابر به عمل ناهن ڪندا. پوءِ اسان کي اِهي جملا عام جام ٻُڌڻ لاءِ ملندا آهن ته:”اڄ جو ٻار بدتميز آهي. کيس ڪوبه اخلاق ڪونهي!“ هاڻي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته ٻار ۾ اِهي بُرا لڇڻپيدا ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟ يقيناً انهن فردن جو، جن وٽ ٻار پنهنجو وقت گذاري ٿو. هاڻي اسان پاڻ جائزو وٺون ته، اسان ٻارن کي ڪهڙو ماحول ٿا ڏيون.
مون اهڙا کوڙ سارا والدين ڏٺا آهن، جيڪي ٻارن جي سامهون غير تهذيب يافته ٻولي استعمال ڪندا آهن، يا گاريون اُچاريندا آهن يا وري انهن آڏو پاڻ ۾ جهيڙا ڪندا آهن، جنهن جو اثر ٻار تي اِهو ٿيندو آهي، جو ٻار به گاريون ڏيڻ ۽ جهيڙا ڪرڻ شروع ڪندو آهي. والدين ۽ اُستادَ، ٻار کي تنبيهه ڪندا آهن ته سچُّ ڳالهايو، پر جڏهن والدين ۽ استادَ، ٻارن جي سامهون يا ٻارن سان ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪندا آهن، ته پوءِ ٻار ۾ به ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت اُسرندي آهي، جيڪا هڪ ڏينهن وڌِي وڻ ٿي ويندي آهي. مون ڪيترائي اهڙا استاد ۽ والدين ڏٺا آهن، جيڪي نشي آور شيون ٻارن جي سامهون ئي واپرئيندا آهن يا سگريٽ نوشي ڪندا آهن، ته اُن جي نتيجي ۾ شاگرد ۽ ٻار به نشو ڪرڻ جا عادي ٿي ويندا آهن.

هن وقت ڪم عمر ٻارن ۾ موبائيل فون استعمال ڪرڻ واري شڪايت ۾ به واڌارو پيو ٿئي. والدين ۽ استادن کي اِها شڪايت هوندي آهي، ته: ”شاگرد سڄو ڏينهن سمارٽ فون تي وقت وڃائين ٿا، پر ڪتاب کولي به نه ٿاڏسن!“ هاڻي اسان پاڻ ڏسون ته ڪيترا والدين يا وري استاد ڪتاب پڙهن ٿا!؟ اڪثر والدين ۽ استاد به سڄو ڏينهن سمارٽ فون استعمال ڪن ٿا ۽ ٻار جي سامهون ڪتاب نه ٿا پڙهن. ته، ٻار وري ڪٿان ڪتاب پڙهندو! گهڻا والدين ٻارن کي اِهو درس به ڏيندا آهن ته: ”سوير سُمهو، ۽ سوير اٿڻ جي عادت وجهو!“ پر پاڻ اُن جي بلڪل اُبتڙ، دير سان سُمهندا آهن ۽ دير سان اُٿندا آهن.
اُن ڪري والدين ۽ اُستادن کي گهرجي ته، رڳو ڳالهيون۽ ٺلهيون نصيحتُون ڪرڻ بجاءِ، اِهي سموريون مُثبت سرگرميون عملي طور تي پاڻ انجام ڏين، ته جيئن ٻار اُن مان سُٺو سبق پرائي، اتساھ وٺي سگهن. استاد ۽ والدين کي گُهرجي ته، ٻار جي سامهون موبائيل فون استعمال نه ڪن يا صفا گهٽ، فقط ضرورت آهراستعمال ڪن! اُن جي جڳهه تي ٻارن جي سامهون ڪتاب پڙهن ته، جيئن ٻارن ۾ به ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪتابن سان پيار ڪرڻ جي عادت پيدا ٿئي. نه ته ٻار به سڄو ڏينهن موبائيل فون استعمال ڪريڪري، چڙچڙي طبيعت جو مالڪ ٿي ٿو وڃي! جنهن جا اُن جي ذهني توڙي جسماني صحت ۽ نفسيات تي تمام خراب اثر پون ٿا. اسان کي گهرجي ته ٻارن سان رانديون کيڏُون ۽ انهن کي راندين لاءِ اتساهيُون.
انهن ننڍن ننڍن ڪمن ۽ ڳالهين تي ڌيان ڏئي، اسان ڪيترن ئي مسئلن ۽ بيمارين کان بچي سگهون ٿا. باقي رڳو ميارُون ڏيڻ يا پنهنجي ذميواري ٻئي جي ڳچيءَ ۾ وجهي جان ڇڏائڻ سان مسئلا حل ڪونه ٿيندا.

ڪتاب نه پڙهڻ جا مختلف بهانا

اسان جي سماج ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان وقت گذرڻ سان گهٽبو پيو وڃي. ماڻهن جون مصرُوفيتون توڙي ترجيحُون ڪجهه ٻيون ٿي ويون آهن. اِها ڳالهه هاڻي ماضيءَ جي آهي ته، ماڻهو راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري مطالعو ڪندا هئا. ڪتابن کي ساهه سان سانڍي رکندا هئا ۽ ڪتابن جي شوق ۾ پنهنجيُون ذاتي لائيبرريون ٺاهيندا هئا. ڪتاب، جيڪو شعور ۽ علم ته ڏئي ئي ٿو، پر شخصيت سازي به ڪري ٿو. اڄ جو ماڻهوڪتاب نٿو پڙهي ته، اُن جو مزاج به عجيب قسم جو چيڙاڪ ٿيندو پيو وڃي! ڄڻ ته احساس کان خالي هڪ ٺلهي مجسمي مثل ئي لڳي ٿو... اڄ جو انسان!!
اڄ جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کان اِهو معلوم ڪندو آهيان ته، ڪتاب ڇو نٿا پڙهو!؟ ته، اڪثر ماڻهو جيڪي جواب ڏيندا آهن، انهن مان ڪجهه عجيب ۽ غريب جواب هي به هوندا آهن:
ــ اسان ڪو واندا آهيون ڇا؟ جو ويٺا ڪتاب پڙهون!ڪتاب ته اهي پڙهن، جن وٽ وقت هجي! اسان ته مصرُوف ماڻهو آهيون.
ــ هاڻي ته هر شئي انٽرنيٽ تي دستياب آهي، پوءِ هرُوڀرُو ڪتاب ڇو وٺي پڙهون!؟ انٽرنيٽ تي ته ڪيترائي آپشن ملن ٿا. اُنڪري اسان اُتان ئي پڙهي وٺنداسين.
ــ اڄڪلهه سُٺا ڪتاب نه لکجن ٿا ۽ نه ئي وري ڇپجن ٿا، ڇا پڙهي ڪريون!
ــ ڪتاب مهانگا آهن. اسان غريب ماڻهو ڪٿي ٿا خريد ڪري سگهون!
انهن جوابن جي جواب ۾ مان سوچيان ٿو ته:
ــ جيڪي ماڻهو سڄو ڏينهن ڪو خاص ڪم نٿاڪن، فضُول ڪمن ۾ پيا وقت ضايع ڪن، اهي به چون ٿا ته اسان وٽ وقت ناهي.
ــ جيڪي انٽرنيٽ جي ڳالهه ٿا ڪن، انهن مان به اڪثريت انٽرنيٽ تي ٻين ڪمن ۾ رڌل رهي ٿي، پر انٽرنيٽ تي ئي ڪتاب کولي ڪونه ٿي پڙهي!کين سوشل ميڊيا يا ٻيا ٽُولز ته استعمال ٿين ٿا، پر ڪتاب جي ويجهو ناهي وڃڻو! اتي اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آهي، ته ڇا جيڪو مزو هارڊ ڪاپيءَ ۾ ڪتاب کي پڙهڻ ۾ آهي، اهو ”اِي بوڪ“، ”ڪِنڊل“ يا ڪتاب جي ”پِي ڊِي ايف“ فارميٽ پڙهڻ ۾ آهي؟ ڪتاب جي ورقن کي ڇُهڻ، انهن کي آڱر آلي ڪري اُٿلائڻ ۽ ڪتاب جي ورقن جي خوشبوءِ کي محسوس ڪرڻ جو به پنهنجو سُرور آهي، جنهن مان پڙهندڙ لطف اندور ٿئي ٿو.
ــ جيڪي چون ٿا ته اڄڪلهه سُٺا ڪتاب نٿا اچن، اُهي جهڙوڪر هر روز ڀٽائي سائينءَ ۽ شيخ اياز جي ’ڪيليبر‘ جي شاعرن کي پيا پڙهن! سو همراهن کي ٻيوڪوڪتاب وڻي ئي نٿو! کڻي مڃجي به سهي ته، سندن ڳالهه درست آهي،ته بهڇا هُو ڪافي وقت اڳ ڇپيل ڪتاب پڙهن ٿا؟ جواب نفيءَ ۾ ئي هوندو. ڇو ته اها حقيقت ئي آهي، ته اسان ڪتابن کان تيزيءَ سان پري ٿيندا پيا وڃون.
ــ جيڪي ماڻهو ڏينهن ۾ ٻه سؤ روپين جا سگريٽ ۽ چار پيالا چانهه جا پيئن ٿا، اهي مهيني ۾ ٻه ٽي سؤ روپين وارو هڪ ڪتاب خريد ڪندي غريب ٿي ٿا پون!
تنهنڪري حقيقت اِها آهي ته، اسان جُون ترجيحون تبديل ٿي ويون آهن. جڏهن ته ڪتاب پڙهڻ هڪ بهترين مشغلو اڄ به آهي ۽ سدائين رهندو، جيڪو توهان جي مشاهدي کي وڌائي ٿو. سُٺو ڪتاب ماڻهوءَ جي سوچن کي نوان رخ ۽ رستا ڏي ٿو، اندر ۾ سوجهرو اوتي ٿو ۽ انسان جي ڪردار سازيءَ ۽ شخصيت سازيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو.
ڪتاب پڙهڻ واري رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهو ضروري آهي، ته پبلڪ لائيبررين کي متحرڪ ڪري ان ۾ ڀرپاسي جي ماڻهن کي اچڻ تي آماده ڪجي، اتي سهُولتن جي کوٽ کي پورو ڪجي. اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ لائيبررين کي استعمال ۾ آڻجي. شاگردن ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪتابن کي سنڀالڻ جي عادت وجهجي. هر ڪلاس ۾ لائبريريءَ جو پيرڊ لازمي طور ٽائيم ٽيبل ۾ شامل ڪيو وڃي، ته جيئن شاگردن ۾ ڪتاب دوستيءَ جو جذبو ۽ اُن جي اهميت پيدا ٿئي. ان کانسواءِ ٻارن جي والدين ۽ مائٽن کي به گهرجي، ته هو گهر ۾ ٻارن اڳيان ڪتاب پڙهن، کين جنم ڏينهن يا وري امتحان ۾ پوزيشن کڻڻ جي خوشيءَ ۾ ڪتاب تحفي طور ڏين. ان سان ٻارن ۾ ڪتابن سان پيار ۽ احترام وارو جذبو پيدا ٿيندو.

ٻه اکر: ٻه اکر پڙهيل ماڻهن ۽ اڄوڪي تعليمي معيار بابت

جڏهن به ’تعليم‘ جو لفظ زبان تي ايندو آهي، ته اُن وقت ذهن ۾ سجاڳي، شعور، روشنيءَ ۽ اميد جو تصّور اُڀري ايندو آهي. دنيا جي وڏن وڏن ڏاھن، تعليم جُون ڪيتريون ئي وصفون بيان ڪيون آهن. وري جڏهن اُنهن وصفن ۽ نظرين جي بنياد تي اسان پنهنجي سماج جو جائزو وٺون ٿا، ته ڏکوئيندڙ صورتحال نظر اچي ٿي. اسان جي سماج جو شعورَ، روشنيءَ ۽ اميد سان پري پري جو واسطو ناهي! اسان کي رڳو انگ اکر کپن ته، ڪيترا ٻار اسڪول ۾ داخل ٿيا، ڪيترا اسڪول ڇڏي ويا، ڪيترن اسڪولن ۾ استاد ناهن، ڪيترن اسڪولن ۾ ويهڻ لاءِ فرنيچر ڪونهي، ڪيترن اسڪولن ۾ ٽوائليٽ ناهي، ڪيترن اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي، ڪيترن اسڪولن ۾ بجلي ناهي وغيره وغيره... اهي سڀ انگ اکر گڏ ڪرڻ به يقيناً اهم آهن، پر ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته، دنيا جنهن وقت تعليم ذريعي سائنس، ٽيڪنالاجيءَ، فلسفي، نفسيات، معيشت، ڪاروبار، صحت جي سهولتن ۽ نيُن نيُن ايجادن تي زور ڏئي رهي آهي، اسان عين اُن وقت اهي سُور روئڻ ۾ پورا آهيون، ته اسان جي اسڪولن ۾ ٽوائليٽ به آهن يا نه!؟
اسان اُهي ماڻهو آهيون، جن کي رڳو انگ اکر کپن! تعليم جي هوندِ يا ان جي معيار سان اسان جو ڪهڙو واسطو! ڪو به ادارو کڻو، اُن جو سمورو زور رڳو انگن اکرن گڏ ڪرڻ تي آهي. تعليم پنهنجي جوهر ۾ ڇا آهي؟ ان ڳالهه کان اسين بي نياز آهيون.
اسان وٽ جن ماڻهن تعليم جي تباهي ڪئي آهي، نام نهاد سڄاڻ ڌريون وري اهڙن ماڻهن جي خوشامد ڪرڻ ۾ پوريُون آهن. جن تعليمي نظام جي ڀينگ ڪئي، اُنهن کي وڏا وڏا لقب ڏئي، اسٽيجن تي ويهاريو ٿو وڃي ۽ تقريرن ۾ اِهو راڳ ٿو آلاپيو وڃي ته، ”اِهو يار ئي هو، جيڪو سڄي تعليمي نظام کي ڪُلهو ڏيو بيٺو هو، هاڻي ته وڏو خال پيدا ٿي پيو آهي، جيڪو قيامت تائين نه ڀربو...!!“
اُن کانپوءِ اُهي ئي ماڻهو چوندا آهن ته، تعليم تباھ ٿي وئي!! افسوس اِهو به آهي ته، جن ماڻهن کي تعليم جي وصف جي ئي خبر ناهي، اُنهن کي به هتي تعليمدان ٿوڪوٺيو وڃي. جن جا پنهنجا ٻارَ مهانگن اسڪولن ۾ ٿا پڙهن، اهي وري ڪنهن سرڪاري اسڪول ۾ ڪپڙا ۽ جُتيون ورهائي، غريب ٻارن سان تصويرون ڪڍرائي، اُنهن جي عزتِ نفس مجروح ڪري، اِهو سمجهن ٿا ته، هنن تعليم جي بهتريءَ لاءِ ڪي وڏا ڪارناما انجام ڏنا آهن.
اسان وٽ تعليم رڳو عجيب ۽ غريب امتحان وٺي،ڊگريءَ نالي هڪ ڪاغذ جو ٽڪروشاگرد کي ڏيڻجو نالو ئي وڃي رهي آهي، ٻيو وري ڇاهي! جڏهن ته سُڌريل ملڪن ته اِهو روايتي امتحانن وٺڻ وارو مُدي خارج سلسلو ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
وري جڏهن اسان اعليٰ تعليم جي حوالي سان پنهنجيُن يونيورسٽين جي حالت ڏسون ٿا ته، اُتي به ساڳئي ئي سُڃَ لڳي پئي آهي. اُتي موجود پروفيسرن جي اڪثريت جو زور ان ڳالهه تي هوندو آهي ته، هِتان هُتان ڪَٽَ سَٽَ ڪري، ڪو پيپر ڪنهن انٽرنيشنل جرنل ۾ ڇپرائجي. انهيءَ پيپر ۽ ڪُوڙي تحقيق جو سماج کي ڪهڙو فائدو آهي؟ اِهو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ وڏو ۽ بنيادي سوال آهي. اُن کانسواءِ گهڻو پڙهي وڏا وڏا امتحان پاس ڪندڙ همراهن به ڀينگ ڪرڻ ۾ وسئُون ڪونهي گهٽايو. سندن ڳوٺن جي اسڪُولن جي ئي حالت خراب هوندي آهي. ڪڏهن به واپس مُڙي، انهن جي پرگهور ناهن لهندا.
ان صورتحال ۾ تعليم، اسان جي سماج ۾ ڪنهن ڳجهارت جيان بڻجي وئي آهي، جيڪا اڃا ڪير به ڀَڃي ناهي سگهيو. اها ڳجهارت ڪهڙو سپُورنج ڪڏهن ڀڃندو!؟ ۽ خاموش پاڻيءَ ۾ پٿر اُڇلائيندو... ڪو پتو ڪونهي!

ادبي ميلا ۽ مچَّ ڪچهريُون

سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان تواتر سان ادبي ميلا ۽ مچ ڪچهريُون ٿي رهيون آهن، جيڪي تقريباً سڀ، حڪومتي ادارن جي مالي سهڪار سان ئي منعقد ٿين ٿا. جن ۾ ادب ۽ آرٽ جي ترقيءَ ۽ واڌ ويجهه جي نالي ۾ تمام گهڻو پيسو استعمال ٿئي ٿو، جيڪو رڳو ٽن ڏينهن جي چهچٽي کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ڇو ته انهن ميلن مان ادب کي ڪهڙي ترقي ٿي ملي؟ يا هڪ عام اديب ۽ فنڪار جو ڪهڙو فائدو ٿو ٿئي؟ اهو ته بحث ۾ ئي نٿو اچي! لڳ ڀڳ هر سال هر ميلي ۾ هر موضوع تي هر اسٽيج تي ساڳيا ئي ماڻهو مقرر طور ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. اِن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته، ڪنهن به نئين ماڻهوءَ کي ’اسپيس‘ ناهي ڏيڻو! يا ته وري انهن چند فردن کانسواءِ اسان وٽ ڪو ڪم جو ماڻهو آهي ئي ڪونه! جيڪو ڪنهن موضوع تي ڳالهائي يا بحث ڪري سگهي.
انهن ميلن ۽ ڪچهرين ۾ منهنجي مشاهدي ۾ جيڪي ڳالهيون آيون آهن، اهي دوستن سان ونڊيان ٿو:
ــ اهي ادبي ميلا ۽ مچَّ ڪچهريُون، چند فردن لاءِ نالو ڪڍرائڻ، ڪاروبارڪرڻ، گهڙي کن جي چهچٽي ۽ واندن جي وندر کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن. هن وقت تائين انهيءَ کانسواءِ انهن جو ٻيوڪوبه سماجي ڪارج سامهون ناهي آيو.
ــ انهن ميلن ۽ ڪچهرين ۾ ادب جي خدمت جي نالي ۾ رڳو ذاتي پذيرائي ٿئي ٿي.
ــ جڏهن ڪو همراهه ڪنهن سيشن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو، ته اُن لاءِ اهو ميلو ڀلو آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪنهن سيشن ۾ دعوت نٿي ڏنيوڃي، ته اهو ميلو (بقول ان شخص جي) بيڪارٿيو پوي. اِهو رَوّيو به عام آهي.
ــ انهن ميلن کي ڏسڻ لاءِ ايندڙن ۾ گهڻو ڪري سنجيده ماڻهن بجاءِ اڪثر ڇڙواڳ ۽ غير سنجيده ماڻهن جا انبوهه ملن ٿا، جيڪي رڳو سيلفي بازيءَ توڙي هُلڙبازي ۾ پورا هوندا آهن.
ــ تقريباً هر سال انهن ادبي ميلن جي سيشنز جا موضوع به ساڳيائي هوندا آهن... اسپيڪر به ساڳيا... ته ماڊريٽر به لڳ ڀڳ ساڳيائي هُوندا آهن. آخر انهن مدي خارج خيالن ۽ موضوعن جي ادب کي ڪهڙي ضرورت آهي، جو هر ڀيري ساڳيا همراھ اسٽيجن تي ويٺا آهن.
ــ اهڙن ميلن ۾ سائنسي ادب متعلق توهان کي ڪوبه سيشن ڪونه ملندو. خير! سائنس سان اسان جو پري پري تائين واسطو به ناهي!
ــ تعليم تي رڳو هر ڀيري ساڳين يونيورسٽين جي ساڳين وائيس چانسلرن کي گهرائي، ساڳئي ئي نوعيت جا سيشن ڪوٺايا وڃن ٿا. ڇا تعليم رڳو يُونيورسٽين تائين ئي محدود آهي؟ يا ڇا تعليم رڳو ”اعليٰ تعليم“ ئي آهي؟ انهيءَ جا ٻيا پاسا ۽ پهلُو آهن ئي ڪونه!؟
ــ گهڻو زور رڳو مشاعرن تي هوندو آهي، جيڪو رڳو شاعرن جي دل خوش ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. هونئن به اسان وٽ شاعر جهجها آهن، انهن مان ڪِن کي وارو ملي ٿو، ڪجهه پوءِ به رهجي ٿا وڃن! پوءِ رهجي ويندڙن پاران اها شڪايت عام جام ٻُڌڻ لاءِ ملندي آهي، ته ادب سان وڏو ظلم ٿي ويو!اها به حقيقت آهي ته هن وقت اسان وٽ ٿيندڙ شاعريءَ جو وڏو حصّو ڪو اهڙو آهي به ڪونه، جنهن جوڪو سماجي ڪارج يا قومي ۽ اجتماعي مقصد يا اهميت هجي! يا جيڪو اجتماعي انقلابن جي سرواڻي ڪري سگهي.
ــ ڪتابن جي اسٽالن تي به ماڻهن جا رڳو انبوهه بيٺل نظر ايندا آهن، جن مان ڪتاب خريد ڪندڙ تمام ٿورا هوندا آهن، باقي رڳوانهن ڪتابن سان پنهنجيون سيلفيُون ڪڍڻ ۾ پورا هوندا آهن.
ــ اهڙن ادبي ميلن ۾ نفسيات ۽ سماجي سائنس جي موضوع تي ڪي به سيشن ناهن ڪوٺايا ويندا. جيڪڏهن ڪوٺايا ويندا به آهن ته انهن ۾ به لاڳاپيل فيلڊ جا ماڻهو ناهن هوندا! رڳو خانا پوري ڪئي ويندي آهي.
ــ ڪيڏو نه ڀلو ٿئي! جيڪڏهن انهن ميلن، شامُن ۽ ڪچهرين تي خرچ ٿيندڙ پئسو، ادارا سازيءَ تي خرچ ڪيو وڃي،نؤجوانن کي هنري سکيا ڏئي روزگار ڏيڻ تي خرچ ڪجي يا اڳي موجود ادبي ادارن جي بهتريءَ تي خرچ ڪجي!
ــ هنن ميلن ۾ عام ماڻهوءَ جي شموليت نه هجڻ برابر آهي. اُنڪري اهڙي قسم جون سرگرميُون ڪجن، جن ۾ عام ماڻهوءَ جي شرڪت به ممڪن ٿي سگهي.
هي خالصتاً منهنجو ذاتي رايو آهي، جنهن سان اختلاف ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي. باقي مونکي اهڙن ميلن جي نه ڪنهن سيشن ۾ وڃڻ جو ڪڏهن ڪو شوق رهيو آهي ۽ نه ئي ضرُورت! مون پنهنجي پُوري حياتيءَ ۾ رڳو هڪ ڀيري هڪ ئي ميلي جو هڪ ئي سيشن اٽينڊ ڪيو هو، جيڪو ملڪ جي نامياري سائنسدان (نيوڪليئر طبعياتدان) ڊاڪٽر پرويز هودٻائيءَ جو هو. اڳتي اهڙي قسم جا ڪارآمد سيشن منعقد ٿيا، ته اهي ضرور اٽينڊ ڪبا. جن مان ماڻهوءَ جي سوچ کي نوان رخ ملي سگهن.

ڪورونا ۽ اسان جو تعليمي نظام

هن وقت ڪورونا جي وبا پوريءَ دنيا کي پنهنجيءَ لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. زندگيءَ جو لڳ ڀڳ هر شعبو ۽ هر وهنوار بيهي رهيو آهي. دنيا جي معاشي نقصان سميت، تمام گهڻو سماجي نقصان به ٿي چڪو آهي. ڪورونا جي اچڻ کانپوءِ زندگيءَ جو چهرو ئي تبديل ٿي ويو آهي. ماڻهن جي رويّن ۾ تبديلي اچي وئي آهي ۽ اڃا به اڳتي ايندي! ان سموري پسمنظر ۾ اسان جيڪڏهن پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ خاص طور تي سنڌي سماج تي نظر وجهون ٿا، ته ڪيترين ئي پريشانين ۽ مايُوسيءَ ۾ وڪوڙجي ٿا وڃون. ڇو ته اسان ته انهيءَ وبا کان اڳ ئي انيڪ وبائن جي ور چڙهيل آهيون. انهن وبائن اسان جي پوري سماج جو نقشو ئي بگاڙي ڇڏيو آهي.
جتي انهيءَ وبا جي زد ۾ زندگيءَ جو هر شعبو آيو آهي، اتي اسان جو اهم تعليمي شعبو به ان جي خوفناڪ اثرن هيٺ آيو آهي، جن مان اسان هتي ڪجهه مُک ڳالهين جو ذڪرڪنداسين. مان اڪثر سوچيندو آهيان ته اسان جو تعليمي نظام، جيڪو اڳي ئي انيڪ مسئلن جو شڪار آهي، اهو هن مسئلي کي ڪيئن منهن ڏيندو؟
26 فيبروري 2020ع تي، جنهن ڏينهن هن وبا جو پهريون ڪيس سنڌ ۾ ظاهر ٿيو، اُن ڏينهن ئي رات جو سمُورن تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. جيڪو موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي بهتر فيصلو هو. هاڻي ته انهيءَ وبا جي ڪري في الحال اسان جا تعليمي ادارا ٽن مهينن لاءِ بند ٿي ويا. اصل مسئلو اِهو آهي، ته انهن ٽن مهينن کانپوءِ اسان وٽ ڪا واضح رٿابندي آهي؟ ته اسان جو تعليمي نظام ڪيئن ڪم ڪندو؟ هن وبا کان بچڻ لاءِ ته پهريون ۽ اهم احتياط ئي اهو آهي، ته اسان پنهنجن هٿن کي صابڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن سيڪنڊن تائين هر هر چڱيءَ طرح صاف ڪريون. هاڻي حالت اها آهي، جو اسان جي خاص طور تي ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۾ ته پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت ئي موجود ناهي، واش روم ۽ ٽوائليٽ جي سهولت ناهي. صابڻ ۽ سينيٽائيز جو هجڻ ته انهن حالتن ۾ تمام وڏي ڳالهه آهي ۽ ذري گهٽ ناممڪنات منجهان آهي. انهن حالتن ۾ انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ ويچارا ٻارڪيئن هن وبا کان بچي سگهندا؟ هن بيماريءَ کان بچڻ جو ٻيو احتياط اهو ٻڌايو پيو وڃي، ته ماڻهو پاڻ ۾ وِٿي رکن. هاڻي حقيقت اها آهي جو اسان جي اسڪولن ۾ ڪمرن ۽ فرنيچر جي کوٽ جي ڪري تمام گهڻا شاگرد هڪ ئي ڪلاس ۾ ڳُتيل نموني ويهڻ تي مجبور آهن. هڪ بينچ تي پنج پنج ٻار به ويهن ٿا. انڪري هاڻي انهن ٻارن کي ڪيئن پري پري ڪري ويهاربو؟ ايترا ڪلاس روم ۽ ايترو فرنيچر ڪٿان ايندو؟ جيڪو اڳ ۾ ئي اڻپورو آهي. اُنکان پوءِ تعليمي ادارن ۾ موجود سموري اسٽاف، استادن ۽ شاگردن سميت سڀني کي پاڻ ۾ دعا سلام ۽ حال احوال ڪرڻ جا طريقا به تبديل ڪرڻا پوندا. انهيءَ کان به اسان جا ڪيترائي ماڻهو بيخبر آهن. اسان وٽ ته اڄ به ٻئي هٿ ڏئي مصافحو ڪرڻ ڀاڪر پائڻ واري روايت عام آهي. جيڪڏهن ايئن نٿو ملجي، ته ماڻهو دشمنيءَ ۽ نفرت واري ورتاءَ تي به لهي ٿا اچن. انهيءَ کانسواءِ هاڻي اها ڳالهه به هلي رهي آهي، ته ڪجهه وقت لاءِ آن لائين تعليمي نظام شروع ڪجي! اِهو خيال ته آهي ته ڏاڍو ڀلو! ۽ مان ذاتي طور تي ان راءِ سان متفق آهيان، پر اِتي به سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان وٽ ڪمپيوٽر، سمارٽ فون، ٽيبليٽ، ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ جي سهولت ڪيترن شاگردن وٽ آهي؟ اسان جو ويچارو ٻار ته غذائي کوٽ جي ڪري اڳ ئي ٻين انيڪ مُوذي مرضن ۾ وڪوڙيل آهي. اهو ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ ڪٿان آڻيندو! انهيءَ مان ته اها ڳالهه واضح آهي ته، اسان جو تعليمي نظام جيڪو اڳ ئي طبقاتي آهي، سو وڌيڪ طبقاتي ٿي ويندو. جنهن وٽ ليپ ٽاپ هوندو،اهو ته پڙهي سگهندو، باقيي غريب، جيڪو ٻه ويلن جي اٽي ۾ پريشان آهي، اهو مسڪين ڪٿان پڙهي سگهندو؟ ٻيو ته اسان وٽ هن وقت خاص طور تي اسڪولن ۾ جيڪي استاد مقرر ٿيل آهن، انهن مان اڪثريت انهن استادن جي آهي، جن کي 80ع واري ڏهاڪي ڌاري ملازمت ملي هئي. انهن کي ته پاڻ کي ئي ڪمپيوٽر هلائڻ نٿو اچي ۽ نه ئي وٽن اهڙا ’گيجيٽس‘ موجود آهن!’گيجيٽس‘ ته کڻي هُو خريد ڪري به وٺن، پر هلائين ڪيئن!؟ ان کانپوءِ اڪثرڳوٺن ۾ نه بجليءَ جي سهولت آهي ۽ نه وري ڪنهن موبائيل نيٽورڪ جي موجودگي! اُتي اهو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ وارو تعليمي نظام ڪيئن هلندو!؟ ٻيو ته اسان وٽ اهڙي قسم جو ڪورس يا نصاب تيار ڪرڻ ۾ به وقت لڳندو. موجوده ڪورس ۽ پڙهائڻ واري انداز سان ته اهو ڪم ڪونه هلندو! هن وقت ٻارن جي امتحانن جا مهينا آهن. هاڻي ايندڙ امتحانن جو طريقيڪار ڪهڙو هوندو!؟ ان ڏس ۾ ڪا واضح ڳالهه يا رٿابندي موجود ئي ناهي. تنهنڪري، اهي سڀ ڳالهيون ڏاڍيون پريشان ڪندڙ آهن، جنهن طرف تمام گهٽ ماڻهن جو ڌيان آهي ۽ ادارا به انهيءَ حوالي سان سنجيده نٿا لڳن.
هن سماج جي فرد ۽ هڪ استاد هجڻ جي ناتي، مان ان حوالي سان ڪجهه گذارشون عرض رکڻ ٿو چاهيان. ممڪن آهي، انهن مان ڪجهه تي به عمل ڪرڻ سان ڪنهن حد تائين انهن درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي:
ــ تعليمي ادارا کولڻ کان پهرين اهڙا قانون ۽ ضابطا ٺاهيا وڃن، جن تي انهن ادارن جو عمل ڪرڻ لازمي هجي. انهيءَ لاءِ پهرين ته اسڪولن کي لازمي طور واش روم، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ ۽ صابڻ وغيره جو بندوبست ڪرڻو پوندو. ايئن ڪرڻ کانسواءِ ادارا کولڻ خطري کان خالي نه هوندو.
ــ هن وقت کان ئي ريڊئي، ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙا تربيتي پروگرام يا پيغام نشر ڪيا وڃن، جن ذريعي هن وبا کي مُنهن ڏيڻ لاءِ احتياطن جي حوالي سان ماڻهن جي تربيت ٿيندي رهي. اهڙي قسم جا پروگرام ڏسيڏسي انهن احتياطن جِي ماڻهن، خاص طورشاگردن، سندن والدين ۽ استادن ۾ عادت پئجي ويندي.
ــ ادارا کولڻ کان پهرين، سڀني ادارن کي چڱيءَ طرح پاڻيءَ ۽ ڪيميڪلز جا اسپري ۽ ’فيُوميگيشن‘ڪرائي، انهن کي سُٺي نموني صاف (سينيٽائيز) ڪرائجي.
ــ ادارا کولڻ کان پهرين استادن کي به ان حوالي سان تربيت ڏني وڃي، ته جيئن هو پاڻ به انهن ڳالهين جو خيال رکن ۽ پنهنجن شاگردن کي به اهي ڳالهيون سمجهائين.
ــ تمام گهٽ والدين ٻارن جي تعليم ۾ سنجيده هوندا آهن، پر هن مسئلي کان پوءِ هاڻي هر مائٽ کي پنهنجي ٻار جي تعليم ۽ تربيت لاءِ سنجيده ٿيڻو پوندو. والدين کي هاڻي ٻار جي هر عمل جو خيال رکڻو پوندو.
هن تحرير جو مقصد ماڻهن کي ڊپ ڏيڻ ناهي، پر انهيءَ حوالي سان آگاهه ڪرڻ آهي. ڇو ته اسان جو عام ماڻهو اڄ به انهن ڳالهين کان بيخبر آهي. دنيا اڳ ۾ به ڪيترين ئي وبائن ۽ آفتن کي منهن ڏنو آهي، انڪري يقيناً هي وقت به گذري ئي ويندو، پر هن وقت وڌندڙ آباديءَ ۽ تيز سماجي وهنوار جي ڪري اسان کي وڌيڪ محتاط ٿيڻو پوندو. مون کي اميد آهي ته اسان سڀ گڏجي نه رڳو هن وبا جو مقابلو ڪنداسين، پر ان سان گڏوگڏ پنهنجن ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست به ڪنداسين. ڇو ته وري به انهن سمُورن مسئلن جو حل، بهرحال سُٺي تعليم ئي آهي. جيڪڏهن اُها هوندي ته اسان انيڪ سماجي بيمارين کان محفوظ رهي هڪ صحتمند زندگي گذاري سگهنداسين.


(هفتيوار ”ڪاوش دنيا“ ميگزين ۾ 19 اپريل 2020ع تي شايع ٿيل)

اوهان عام ماڻهوءَ کي پنهنجو سمجهيو ئي ڪڏهن آهي!؟

ڪورونا جهڙِي، جانيون ڳڙڪائيندڙ وبا جي موجوده انتهائي تڪليف واريءَ صورتحال ۾ مختلف ڳالهين، خبرن ۽ رَوَيّن کي ڏسندو، ٻُڌندو ۽ محسوس ڪندو رهيو آهيان. پهرين سوچيم ته ان بابت ڪجهه به نه لکجي! پر دل ڪونه مڃيو، تنهنڪرياُهي ٻه ٽي ڳالهيون يا سوال، جيڪي منهنجي ننڍڙي ذهن ۾ آيا، اهي دوستن سان ونڊيان ٿو:
•پهرين ڳالهه: ته اسان وٽ عام طور تي ڏٺو ويو آهي، ته هر ماڻهو، پنهنجو پاڻ کي هر علم جو ماهر سمجهي، مفت جا مشورا ڏيندوٿو وتي! پاڻ عملي طور ڪندو ڪجهه به ڪونه! ٿوري گهڻي ڳالهه تي اجايا بحث ڪرڻ جو شينهن!
•ٻي ڳالهه: ته افسوس سان اظهارڻو ٿو پوي ته غير تصديق ٿيل خبرون ڦهلائي ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪرڻ هاڻي اسان جو سماجي مرڪُ بڻجي ويو آهي. هر پنج منٽن کانپوءِسوشل ميڊيا تي اهڙِي پوسٽ اَپ ڊيٽ ڪرڻ ضروري ٿو سمجهيو وڃي ته ڪورونا جا ملڪ ۾ يا سنڌ ۾ هيترا ڪيس ٿي ويا... هيترا فوت ٿي ويا... فلاڻ ٿي ويو... وغيره... وغيره... اوهان وٽ ڪا چڱي خبر ونڊڻ لاءِ ڪونهي! ته خاموش به رهي سگهجي ٿو. باقي اڄڪلهه جي انٽرنيٽ جي دؤرَ ۾ اهي انگ اکر ڪنهن لاءِ به معلوم ڪرڻ ڪو مسئلو ڪونهي!اوهان کان پڇڻ وارو اصل سوال ته اهوٿو ٺهي ته، انهن حالتن ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ اوهان ڪهڙو چڱو ڪم ڪيو آهي!؟
•ٽين ڳالهه ۽ سڀ کان اهم ڳالهه: ته، هر طرف اِها ’گهوڙا... گهوڙا...‘ آهي ته:”ماڻهو مڃن ئي نٿا... ماڻهو لاڪ ڊائُون دؤران به گهرن ۾ ويهن ئي نٿا... ماڻهو سرڪار سان سهڪار نٿا ڪن...“ وغيره وغيره...
منهنجي خيال ۾ اِهو چئي ڇڏڻ ته ڏاڍو سؤلو آهي، پر پورهيت طبقي جي درد کي محسوس ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. انهن ماڻهن سان حڪومت ۽ نام نهاد سڄاڻ ڌرين ڪهڙو سهڪار ڪيو آهي!؟ اهي سڀ ڌريون پورهيت طبقي کان تمام وڏي وقت کان لاتعلق آهن. پورهيت جي گهر جي چُلهه ڪيئن ٿي ٻري! اها ته انهن کي خبر ئي ناهي! اِهو درد اُهو ئي ڄاڻي ٿو، جنهن جا ٻچا بُکيا سمهن ٿا. ٻيو اِهو به اڄڪلهه عام جام ٿو چيو وڃي ته: ”ماڻهن ۾ صفائيءَ توڙي صحت جي اصُولن تي عمل ڪرڻ جُون فضيلتون ناهن!“ مڃون ٿا منجهن فضيلت ناهي، پر اِن طرف (ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت طرف) ڪهڙيءَ حڪومت ڪڏهن ڌيان ڏنو آهي؟ انهن تي جيڪڏهن ڌيان ڏنو وڃي ها، ته شايد اڄ حالتون مختلف هجن ها!
تعليم، شعور ۽ بنيادي سهولتن کان محروم ماڻهن مان اِهي اميدون ڪرڻ اجايو آهي، ته هُو سهڪار ڪندا. جن وٽ سڀ ڪجهه آهي، اهي مختلف صلاحون ٿا ڏين، ته:”لاڪ ڊائون ۾ ڪتاب پڙهو، موسيقي ٻڌو، ٻارن ۽ بُزرگن سان ڪچهريون ڪريو، ورزشون ڪريو“ وغيره... مڃون ٿا! ته اهي سموريون ڳالهيون ڀليُون آهن، پر جنهن جي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي! هڪ ڪمري واري گهر ۾ چويهه ڪلاڪ پنج ڇهه ڀاتي جانورن وانگر واڙيل هجن، ته توهان پاڻ ٻڌايو، اهي ڪهڙا ڪتاب پڙهندا ۽ ڪهڙيون موسيقيُون ٻڌندا! يا ڪهڙيُون ڪچهريون ڪندا!!
حڪومت جي هن وقت وٺ وٺان لڳي پئي آهي، ته ’ايمرجنسي آهي!‘ مون ته پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ هتي ايمرجنسيءَ واري صُورتحال ئي ڏٺي آهي. ڪا شئي، ڪو ادارو، ڪو کاتو صحيح ڪم ڪري پيو!؟ ڪو به نه!! سڀ پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پُورا آهن. هاڻي اچي سڀني کي هيءَ گهڙي ڏُکي لڳي آهي، ته همراهن کي فضيلتون ۽ اجتماعي سهڪار ياد آيا آهن. نه رڳو اها وبا، پر هي سماج ته وڏي عرصي کان انيڪ معاشرتي ۽ اخلاقي بيمارين ۽ وبائن جي ور چڙهيل آهي. ڪڏهن ڪنهن اهو نوٽ ڪيو آهي؟ ۽ ان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي؟ ته بُک وگهي ڪيترا ماڻهو مَرن ٿا؟ جرَ جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري سنکيي،ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين ڪيترا گهر اجاڙي ڇڏيا آهن! ڪڏهن انهن جا انگ اکر ڪنهن ايئن گڏ ڪيا آهن؟ ڪڏهن به نه!!
آءٌ يقين سان چوان ٿو، ته جيڪڏهن ڪورونا رڳو پاڪستان ۾ هجي ها ۽ ٻين ملڪن ۾ نه هجي ها، ته هن وقت فضيلتن ۽ سهڪار جُون نصيحتُون ڪندڙ، سمورا يار وڃي ٻاهرين ملڪن جا وڻ وسائن ها! پر هاڻي ته سڄي دنيا ۾ هيءَوبا پکڙجي چڪي آهي، ته مجبوراً کين هتي ئي رهڻو پيو آهي.هاڻي اها ڳالهه به طئي آهي بلڪه ثابت ٿي چُڪي آهي، ته جيڪو ملڪ پنهنجو پاڻ کي انهن مصيبتن لاءِ اڳواٽ تيار رکندو،اهو ئي انهن کي مُنهن ڏئي سگهندو. باقي اسان جي يارن وانگر، جن جو رڳو امدادُن ۽ خيراتن تي گذارو هوندو، سي ڏاڍا ڏکيا ٿيندا ۽ ٿين به پيا!
اسان هر قسم جي شعور، تعليم، سائنس، منطق کان پري مُنجهيل ۽ توائي ٿيل ماڻهن جو انبوهه آهيون... قوم ڪٿي آهيُون! اهو ”ماڻهن جو ڌڻُ“ ائين نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو! ان سڄيءَ ڳالهه سَلڻ مان منهنجو مقصد اهو ناهي، ته ماڻهو صحيح پيا ڪن يا ماڻهو غلط آهن! پر افسوس جو هتان جي حڪومتن، ادارن، آفيسرن ۽ سُڄاڻ ڌرين ڪڏهن به انهن ماڻهن کي انسان ئي ناهي سمجهيو! رهندو انهن غريبن کي ايذائڻ ۽ تڪليفون ڏيڻ سندن محبُوب مشغلو رهيو آهي، ته هاڻي اوچتو انهن (بقول هنن جي) ’جانورن‘ مان اميدُون وابسته ڪرڻ سان هن وبا مان جند ته ڪانه ڇُٽندي!


(29 مارچ 2020ع تي لکيل)

وبا ۽ وري کُلندڙ تعليمي ادارا

اسان وٽ اڄ کان اٺ مهينا اڳ عالمي وبا ڪورونا مُنهن ڪڍيو هو. اُن وقت وبا جي شدت کي سامهون رکندي، حڪومت تعليمي ادارا سڀ کان پهرين بند ڪيا ۽ پوءِ ڪجهه مهينن لاءِ ته هر ڪاروهنوار بند ڪيو ويو، ته جيئن بيماريءَ جي پکيڙ کي روڪي سگهجي. انهيءَ کان پوءِ آهستي آهستي، واري واري سان مختلف ڪاروبار ۽ آفيسون کوليون ويون ۽ هاڻي گذريل مهيني کان تعليمي ادارن کي به مرحليوار کوليو ويو آهي.
ان حوالي سان مون ڪجهه مهينا اڳ به هڪ مضمُون ”ڪاوش مئگزين“ ۾ ئي لکيو هو ۽ اُن ۾ اِهو خدشو ظاهر ڪيو هو ته، جيڪڏهن بغير تياريءَ ۽ احتياطي اپُائن جي تعليمي ادارا کوليا ويا، ته اِها وبا وڌيڪ پکڙجي سگهي ٿي. انڪري اڄ اسان تعليمي ادارا وري کلڻ کان پوءِ جي صورتحال تي سوچ ويچارڪنداسين.
جيئن ئي اسان جا تعليمي ادارا کوليا ويا ته، مُنڍ وارن ڪجهه ڏينهن ۾ سختيءَ سان احتياطي اُپائن تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ ان تي ڪافي حد تائين عمل ڪرايو به ويو، پر جيئن جيئن وقت گذرڻ لڳو آهي، تيئن تيئن اِهي سڀ ڳالهيون ختم ٿيندي نظر پيون اچن. هاڻي جيئن بازارن ۽ شهرن ۾ ماڻهو بغير ماسڪ جي ۽ ٻين احتياطي تدبيرن جي گُهمي رهيا آهن، تيئن ئي اڪثر تعليمي ادارن ۾ به شاگرد ۽ استاد انهن ڳالهين تي عمل ڪندي نظر ڪونه پيا اچن. اسان وٽ ھميشه ائين ئي ٿيندو آهي، ته اسان ڪنهن به وڏي مسئلي يا سانحي کي سنجيدگيءَ سان ناهيون وٺندا ۽ ٿوري وقت گذرڻ کانپوءِ اسان منجهان ان جو ڊپ ختم ٿي ويندو آهي ۽اسان ان جي خطرن کي وساري ڇڏيندا آهيون.
وڏو مسئلو ته تڏهن ٿو پيدا ٿئي، جڏهن تعليمي ادارن ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ لاءِ گهربل سامان ئي استادن ۽ شاگردن کي نٿو فراهم ڪيو وڃي. سماجي وٿيءَ کي نظر ۾ رکندي، شاگردن کي ڪجهه وڇوٽيءَ تي ويهارڻ لاءِ وڌيڪ ڪلاس رُومز ۽ فرنيچر گهربل آهي، جيڪو اسان جي تعليمي ادارن ۾ موجود ناهي. اهڙيءَ حالت ۾ شاگردن کي وٿِيرڪو ويهارڻ ممڪن ئي ناهي. ان کانسواءِ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پاڻي ۽ ٽوائليٽ جي سهولت موجود ناهي. انڪري وري وري صابڻ سان هٿ ڌوئڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. اسان جي ٻهراڙين ۾ اڪثر غريبن جا ٻار ئي پڙهن ٿا. انهن لاءِ اِهي ’سينيٽائيزر‘ ۽ ماسڪ خريد ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. شاگرد جيڪڏهن ڪپڙي جو ماسڪ ٺهرائي استعمال ڪن به ٿا، ته وري ان جي گهربل صفائيءَ جو خيال نٿا رکن. انهن سمورن مسئلن سان گڏ هڪ وڏومسئلو ٻارن جو نفسياتي طور تي پريشان ٿيڻ به آهي. وبا جي حوالي سان ميڊيا ۾ ايندڙ هر روز نيون خبرون ۽ افواهه به سندن پريشانيءَ جو وڏو سبب بڻجنٿا. انهيءَ ماحول جو مشاهدو ڪندي حڪومت، تعليمي ادارن جي سربراهن، والدين، استادن توڙي شاگردن کي ڪجهه گذارشون عرض رکجن ٿيون:
ــ اسان سڀني کي ماسڪ استعمال ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هيءَ وبا اڃا ختم ناهي ٿي. ماسڪ پائڻ سان ماڻهو پنهنجي نڪ ۽ وات کي سڌو سنئون ڇُهي نه سگهندو.
ــ انهن بي بنياد ڳالهين تي اعتبار ناهي ڪرڻو، ته ڪورونا ڪجهه به ناهي ۽ فقط هڪ مفرُوضو آهي... هرُوڀرو ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي.. وغيره. ڪورونا هڪ حقيقت آهي، جنهن کي سڄي دنيا تسليم ڪري چُڪي آهي.
ــ والدين ۽ استادَ، شاگردن جي صفائي سٿرائيءَ ۽ نظم وضبط جو سختيءَ سان خيال رکن.
ــ جن اسڪولن ۾ ٻارن جو تعداد گهڻو آهي، انهن کي مختلف ڏينهن تي واري ڦيري سان اسڪول گهرائجي.
ــ هجُومن ۽ ميڙاڪن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
ــ صابڻ سان هٿ وري وري ڌوئڻ گهرجن.
ــ حڪومت به سَکڻن اعلانن بدران ضروري شيُون ۽ سامان اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن تائين پهچائي. اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ٽوائليٽ جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي.
ــ تعليمي ادارن ۾ صاف پاڻيءَ جي موجودگيءَ کي يقيني بڻايو وڃي.
ــ استادن کي پنهنجي روايتي پڙهائڻ وارن طريقن کي تبديل ڪري، ٻارنجو نفسياتي طور تي ڏڍُ بڻجڻ گهرجي ۽ کين صفائي سٿرائيءَ ۽ ماسڪ پائڻ جي وري وري هدايت ڪرڻ گهرجي.
ــ والدين کي به ٻارن جي صحت ۽ تعليم جي حوالي سان سنجيده ٿيڻ گهرجي. ٻارن جي طبيعت ٺيڪ نه هجي ۽ منجهن ڪورونا جي ڪابه علامت هجي، ته کين اسڪول نه موڪلجي.
ــ استادن کي ته سڀ کان پهرين انهن سمورين ڳالهين تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي. ڇو ته شاگرد، استادن کان ئي سکن ٿا. هاڻي جيڪڏهن استاد ئي عمل نه ڪندا ته شاگرد ڪهڙو عمل ڪندا!
هي ڪجهه گذارشون آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان اسان پاڻ کي ۽ پنهنجن پيارن کي هن وبا کان بچائي سگهون ٿا ۽ اُن سان گڏوگڏ اسان پنهنجي تعليمي نظام کي هن وبا جي مُند ۾ بهتر نموني هلائيندي، پنهنجي تعليمي عمل کي جاري رکي سگهون ٿا.

ڳوٺاڻا ٻارَ ۽ آن لائين پڙهائي

ڪورونا جهڙي عالمي وبا، جڏهن دنيا ۾ تيزيءَ سان ڦهلجڻ لڳي، تڏهن سموريءَ دنيا ۾ رهندڙ انسانن جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو. ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. تيز رفتار دنيا جو ڄڻ ڦيٿو ڦِرڻ ئي بند ٿي ويو. سمورا عوامي وهنوار ۽ ڪاروبار بند ٿي ويا. رڳو فارميسيُون ۽ اسپتالون کُليل رهيون ۽ هر طرف عجيب قسم جو ڊپ ۽ سِرَ بچائڻ جو اُلڪونظر آيو. انهيءَ سڄي منظرنامي ۾ هر شعبي وانگر تعليم جهڙي اهم شعبي جو به تمام گهڻو نقصان ٿيو. هن عالمي وبا کي ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ سڄيءَ دنيا وانگر اسان وٽ به سڀ کان پهرين سڀني تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو. ظاهر آهي، ته انهيءَ جو وڏو سبب اِهو هو ته جيئن خاص طور تي معصوم ٻارن ۾ هيءَ وبا نه ڦهلجي ۽ انهن ٻارن ذريعي اِها بيماري هر گهر تائين نه پهچي.
هاڻي جيڪڏهن اسان سال 2020ع جو سراسري طور تي تعليمي حوالي سان جائزو وٺون، ته لڳ ڀڳ هي سڄو سال اسان جا تعليمي ادارا بند رهيا. وچ ۾ ڪجهه وقت جيئن جيئن وبا ڪجهه جَهڪي ٿي، ته ڪجهه وقت لاءِ تعليمي ادارا کوليا ويا، پر وري ڪورونا جا ڪيسَ وڌڻ جي ڪري انهن کي بند ڪيو ويو. هاڻي سڌريل ملڪن ۾ ته تعليمي نظام مضبوط هئڻ ڪري، پڙهڻ ۽ پاڙهڻ جي روايتي طريقن کان هٽي ڪري، آن لائين يا فاصلاتي تعليم کي اهميت ڏني وئي، ته جيئن هر استاد ۽ شاگرد پنهنجي گهران ويهي، پنهنجي تعليمي عمل کي جاري رکي سگهي. افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان وٽ مجموعي طور تي تعليمي نظام اڳي ئي تباهيءَ جو شڪار آهي. اسان جا تعليمي ادارا بنيادي سهولتن کان محروم آهن. انهيءَ ماحول ۾ موجوده صورتحال ۾ تعليمي عمل کي جاري رکڻ تمام ڏکيو آهي. جتي بنيادي سهولتون ئي نه هجن، اُتي آن لائين تعليم جو تصوّر ئي هڪ خواب ٿو لڳي. اسان پنهنجي هن مضمون ۾ هن سال دؤران سنڌ ۾ پرائمري، سيڪنڊري ۽ يونيورسٽي سطح جي تعليمي سلسلي تي مختصر طور نظر وجهون ٿا:
ــ پرائمري تعليم: پرائمري تعليمَ، ٻار جو تعليمي بنياد هوندي آهي. جتي ٻار کي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جهڙي بنيادي سکيا ڏيندي ويندي آهي. تعليمي ماهرن مطابق گهٽ ۾ گهٽ پرائمري تعليم دؤران اِهو تمام ضروري آهي، ته شاگرد ۽ استاد هڪ جڳهه تي موجود هجن. ڇو ته شروعات ڪندڙ ٻار کي هر بنيادي ڳالهه سيکارڻ لاءِ اُن جو اسڪول ۾ موجود هجڻ ضروري آهي. تنهنڪري منهنجي خيال ۾،اسان جي پرائمريءَ جي ٻار کي آن لائين يا فاصلاتي طور تي پڙهائڻ ڪارگر ناهي، پر جيئن ته گهڻي تعليمي نقصان کان بچڻ لاءِ وڏن شهرن جي ڪجهه خانگي اسڪولن ته اِهو سلسلو شروع ڪيو، پر اسڪولن جي گهڻائي اِهو ڪم نه ڪري سگهي. ٻيو ته اسان وٽ ڳوٺن ۾ بجلي ۽ انٽرنيٽ جي سهولت نه هجڻ سميت ٻيا انيڪ مسئلا آهن، اُتي اِهو ممڪن نه هو. تنهنڪري سال 2020ع ۾ هڪ ته ٻارن کي اڳيَن ڪلاسن ۾ بغير ڪنهن امتحان جي پروموٽ ڪيو ويو ۽ وچ ۾ ڪجهه وقت لاءِ اسڪول کُلڻ ڪري رڳو ڪجهه ئي داخلائون ٿي سگهيون. باقي ڪو به ڪم ڪونه ٿي سگهيو، جيڪو هڪ وڏو نقصان آهي.
ــ سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري تعليم: سيڪنڊري تعليم ۾ هاءِ اسڪول ۽ هاير سيڪنڊري تعليم ۾ ڪاليج اچي وڃن ٿا. انهن ۾ به تقريباً صورتحال ساڳئي ئي رهِي. اُتي به ڇهين ڪلاس کان اٺين ڪلاس جي ٻارن کي پروموٽ ڪيو ويو. نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جو امتحان جيئن ته امتحاني بورڊ وٺندا آهن، تنهنڪري هِن صورتحال ۾ انهن پاران به امتحان منسُوخ ڪندي، شاگردن کي سندن گذريل تعليمي سال جي مارڪن جي بنياد تي مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويو. جنهن سان پڙهڻ واري محنتي شاگرد جو نقصان ٿيو. ڇو ته هُن کي پنهنجو گريڊ بهتر ڪرڻ لاءِ ضرور امتحان ڏيڻو هو، جيڪو نه ٿي سگهيو. سيڪنڊريءَ جا ٻارڪجهه وڏاٻار آهن، تنهنڪري اُنهن کي آن لائين پڙهائڻ جو سلسلو وڏين ڪوششن سان، پر اڪثريت جي ذاتي دلچسپيءَ سبب شروع ڪيو ويو ۽ انهيءَ ذريعي ڪنهن حد تائين تعليمي نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن سال سنڌ ۾ سيڪنڊريءَ جي شاگردن لاءِ مقرر ڪورس کي گهٽايو ويو آهي ۽ ان مان رڳو مخصُوص ۽ اهم مضمُون ۽ موضُوع چونڊيا ويا آهن، جيڪي هن سال پڙهائڻا هُئا ۽ اُنهن مان ئي امتحان ورتو ويندو.
ــ هاير ايجُوڪيشن: هن سال اسان وٽ يونيورسٽيءَ جي تعليم به وڏيءَ ٻُڏَتَرَ جو شڪار رهي. يونيورسٽيءَ جي شاگردن هن صورتحال ۾ تمام گهڻو ڀوڳيو. ڇو ته، سندن ڪلاسز ڪونه هلي سگهيا. ڪجهه وقت سندن آن لائين پڙهائيءَ وارو سلسلو هليو، پر اُن ۾ تمام ٿورن شاگردن ئي حصّو ورتو. نه ئي مناسب انداز ۾ سندن امتحان ورتا ويا ۽ نه ئي وري داخلائن لاءِ ڪا واضح رٿابندي ڪئي وئي. پنهنجي مستقبل جي فڪر ۽ شعوري طور بالغ هُئڻ ڪري، يونيورسٽيءَ جا شاگرد وڌيڪ مشڪلات جو شڪار رهيا ۽ نفسياتي دٻاءَ هيٺ رهيا. هڪ ڪاليج ۾ پروموٽ ٿيڻ ڪري ڪافي شاگردن جو اُهو گريڊ نه اچي سگهيو، جنهن جي کين اميد هئي يا جيڪوروايتي امتحان ڏيڻ ڪري اچي سگهي ها! انهيءَ بنياد تي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند جي شعبي ۾ سندن داخلا به ڏُکي ٿي پئي آهي، جنهن جو تازو مثال ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ورتل ٽيسٽ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي حالت ڏکوئيندڙ آهي. اِها ڳالهه به ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي. انهيءَ پاسي سڀني ڌُرين کي سنجيده ٿي سوچڻو پوندو.
عالمي ادارن موجب، وقتي طور تي اسڪولن جي هِن ڊگهيءَ موڪل جي ڪري دنيا ۾ 91 سيڪڙو کان وڌيڪٻارن جي تعليم تمام گهڻي متاثر ٿي آهي. وري ان ۾ به اسان جهڙن ملڪن جي حالت بنهه ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ڇو ته اسان وٽ سالياني ملڪي اپت مان رڳو2 سيڪڙو تعليم تي خرچ ٿئي ٿو. سو به بهتر ۽ مثبت انداز ۾ خرچ نٿوٿئي.
مان سمجهان ٿو ته اسڪولن جي بند ٿيڻ ۽ لاڪڊائون جي ڪري ۽ ماڻهن جي آمدني گهٽ ٿيڻ يا بيروزگار ٿيڻ جي ڪري، ڪافي ٻار هاڻي واپس اسڪول نه وڃي سگهندا. اُنهن جو تعليمي سفر اِتي ئي ختم ٿيو. ڇو ته انهي دؤران انهن ٻارن مان گهڻا پنهنجي والدين جي مدد خاطر مزدورين کي لڳي ويا. هونئن به اسان وٽ ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن کان ٻاهر آهي. جيڪي ٻار وڏين ڪوششن سان اسڪول وڃن ٿا، اهي به هِن وبا ۽ ڊگهيءَ موڪل جي ڪري وري نه وڃي سگهندا! اسڪول يا ڪاليج ۾ واپس اچي سندن تعليمي عمل شروع ڪرڻ وڏو سواليه نشان آهي! هونئن به اسان وٽ ڪنهن به معاملي ۾ گهڻو زور انگ اکر گڏ ڪرڻ تي هوندو آهي. سببن طرف تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويندو آهي.
هاڻي جيڪڏهن هن مسئلي جي ڪري پيدا ٿيل تعليمي نقصان کي گهٽائڻ لاءِ هيٺيان قدم کنيا وڃن، ته ڪجهه بهتري ممڪن آهي:
ــ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي آن لائين تعليم جي حوالي سان بنيادي سهولتُون فراهم ڪيون وڃن.
ــ استادن کي سکيا ڏئي، کين جديد تعليمي طريقن بابت ڄاڻڏني وڃي.
ــ ڪوشش ڪري ٻارن جي والدين جي روزگار کي يقيني بڻايو وڃي.
ــ داخلائن توڙي امتحان وٺڻ جا آسان ۽ جديد طريقا استعمال ڪيا وڃن.
ــ شاگردن کي سندن تعليمي عمل بابت واضح پاليسين ذريعي ڄاڻ ڏني وڃي.

هاڻي انِهن سڀني ڳالهين تي عمل حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي ڪرڻ به کپي.
اهڙيءَ طرح ڪجهه ڳالهيون وري والدين توڙي استادن سميت هر سماجي فرد ڪري سگهي ٿو:
ــ اسان سڀني کي گهرجي ته ڪورونا بابت وَضع ڪيل SOPs تي سختيءَ سان عمل ڪريون.
ــ هن وبا کي ذهن ۾ رکندي، پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ، طور طريقن ۽ زندگيءَ گذارڻ جي ڍنگ کي تبديل ڪرڻو پوندو.
ــ ٻارن (شاگردن) کي مثبت سرگرمين طرف وٺي اچُون، ته جيئن اُهي هن وبا جي خوف مان نڪري سگهن ۽ پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن.
ــ اسان وٽ اِها چوڻي عام آهي ته، ”جِيءُ خوش! ته جهان خوش...!“ مطلب ته سڀ ڳالهيون زندگيءَ سان ئي مشرُوط آهن. انڪري زندگي سڀ کان اهم آهي. زندگي آهي، ته اِنهن سڀني نقصانن جو پورائو به ڪري سگهبو. اُنڪري اِها اجائي ”گهوڙا... گهوڙا...!“ بند ٿيڻ گهرجي ته: ”تعليم تباھ ٿي وئي... ڪورونا مذاق آهي... ۽ حڪومت اسان کي تباھ پئي ڪري....“ وغيره. اِهو رويّو بنهه درست ناهي، بلڪه انتهائي خطرناڪ آهي.هڪٻئي تي اجائي نُڪته چيني ۽ چٿرَڪري، پنهنجي ذميوارين کان آجاٿي، اسان ڪو به چڱوڪم نٿاڪري سگهون. البته، اسان هڪٻئي جو ساٿ ڏئي، انھيءَ مشڪل صورتحال مان پار پئجي سگهون ٿا. اهڙيءَ طرح پنهنجن ٻارن ۽ شاگردن جو به حوصلو ۽ همّت وڌائي، اسان پنهنجي مستقبل کي بهتر بڻائي سگهون ٿا.
جيئن ته نئون سال به شروع ٿي چڪو آهي. تنهنڪري اِهو سال اسان لاءِ رڳو ڪيلينڊر ۾ انگن اکرن جي تبديلي نه هجڻ گهرجي، بلڪه اسان کي گهرجي ته اسان ان کي پنهنجي لاءِ مثبت تبديليءَ جي سال طور ڀليڪار چئون ۽ هن ورهَه کي ”وبا تي سوڀ ماڻڻ جو سال“ بڻائڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريُون.

(هفتيوار ”ڪاوش دنيا“ ميگزين ۾ 3 جنوري2021عتي شايع ٿيل)