شاعري

نگاھن جا سجدا

رخسانہ پريت پنھنجي شاعريءَ جي سڃاڻپ لاءِ جيڪي گهاڙيٽا گهڙيا آھن انھن کيس الڳ سڃاڻپ ڏني آھي. سندس شاعريءَ جا موضوع انسان جي ڪيفيتن سان گڏ اردگرد ٿيندڙ زندگيءَ جا حالتن جا ڏس ڏين ٿا. سندس جديد شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪيت جو بہ رچاءُ نظر اچي ٿو. رخسانہ پريت بنيادي طرح غزل جي شاعرہ آھي. ھن وٽ غزل جو پنھنجو رنگ ۽ ڍنگ آھي. سندس غزل ۾ مجموعي طور تي رومانوي رنگ ڇانيل نظر اچي ٿو. ساڳي وقت رخسانہ پريت جو غزل ڪنھن حد تائين سماج سان بغاوت ڪندي نظر اچي ٿو. هوءَ عام رواجي شعر چوڻ بدران غزل ۾ جرئت آڻي پنهنجي احساسن ۽ جذبن جو بيان بيباڪيءَ سان ڪري ٿي.

Title Cover of book نگاھن جا سجدا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ رخسانہ پريت جي شاعريءَ جو مجموعو ”نگاھن جا سجدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
رخسانہ پريت پنھنجي شاعريءَ جي سڃاڻپ لاءِ جيڪي گهاڙيٽا گهڙيا آھن انھن کيس الڳ سڃاڻپ ڏني آھي. سندس شاعريءَ جا موضوع انسان جي ڪيفيتن سان گڏ اردگرد ٿيندڙ زندگيءَ جا حالتن جا ڏس ڏين ٿا. سندس جديد شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪيت جو بہ رچاءُ نظر اچي ٿو. رخسانہ پريت بنيادي طرح غزل جي شاعرہ آھي. ھن وٽ غزل جو پنھنجو رنگ ۽ ڍنگ آھي. سندس غزل ۾ مجموعي طور تي رومانوي رنگ ڇانيل نظر اچي ٿو. ساڳي وقت رخسانہ پريت جو غزل ڪنھن حد تائين سماج سان بغاوت ڪندي نظر اچي ٿو. هوءَ عام رواجي شعر چوڻ بدران غزل ۾ جرئت آڻي پنهنجي احساسن ۽ جذبن جو بيان بيباڪيءَ سان ڪري ٿي.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ ماءِ پبليڪيشن، سکر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي