سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر غوث پيرزادي جي شاعريءَ جو مجموعو ”چيڪي مٽي“ اوهان اڳيان پيش آهي.
غوث پيرزادي جي شاعريءَ ۾ مھين جي دڙيِ جي چيڪي مٽيءَ جو ھڳاءُ آھي. سندس شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جون لھرن جي بہ عڪاسي ٿيل آھي تہ ڳوٺن جي ھر منظر جي لاجواب عڪاسي پڻ ٿيل آھي. غوث پيرزادي جو ڪوبہ شاعراڻو منظر احساس کان وانجهيل ڪونھي، اھو پنھنجي دور، پنھنجي سماج جي درد ۽ پيڙا سان سلھاڙيل آھي. غوث پنھنجي شاعراڻي شعور کي استعمال ڪندي موضوع بہ غير روايتي چونڊيا آھن. ھن نج لھجي ۾ پنھنجا سادا پر دلڪش خيال پيش ڪيا آھن.
ھي ڪتاب 2010ع ۾ سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي