الطاف شيخ ڪارنر

وري ياد آيا

ھن ڪتاب ۾ سنگاپور، آمريڪا ۽ آفريڪا سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ بابت ڄاڻ، ڪي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھيون ۽ سنسني خيز مضمون شامل آھي. آفتاب ابڙو لکي ٿو: ”اسانجي سفري سلطان سائين الطاف شيخ کي ڏيھ پرڏيھ ۾ جتي ڪنھن سنڌي سنپورنج جي خبر پئي آهي تہ هزارين حيلا ۽ وسيلا ڪتب آڻي، ان سان ملاقات ڪئي اٿائين. ان جي خاندان ۽ سندس ڪرت جو اهڙو تہ ذڪر ڪيو اٿائين، جو پڙهڻ سان ڳاٽ اوچو ٿيو وڃي ۽ مجموعي طور تي فخر جو احساس اڀري ٿو. سماج ۾ اهڙا ڪردار ئي هوندا آهن، جيڪي قومن جي ٻيهر اُڀار (Renaissance) جو باعث بڻبا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 56
  • 17
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book وري ياد آيا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ڪتاب ”وري ياد آيا“ اوهان اڳيان پيش آهي.
ھن ڪتاب ۾ سنگاپور، آمريڪا ۽ آفريڪا سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ بابت ڄاڻ، ڪي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھيون ۽ سنسني خيز مضمون شامل آھي. آفتاب ابڙو لکي ٿو: ”اسانجي سفري سلطان سائين الطاف شيخ کي ڏيھ پرڏيھ ۾ جتي ڪنھن سنڌي سنپورنج جي خبر پئي آهي تہ هزارين حيلا ۽ وسيلا ڪتب آڻي، ان سان ملاقات ڪئي اٿائين. ان جي خاندان ۽ سندس ڪرت جو اهڙو تہ ذڪر ڪيو اٿائين، جو پڙهڻ سان ڳاٽ اوچو ٿيو وڃي ۽ مجموعي طور تي فخر جو احساس اڀري ٿو. سماج ۾ اهڙا ڪردار ئي هوندا آهن، جيڪي قومن جي ٻيهر اُڀار (Renaissance) جو باعث بڻبا آهن.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون الطاف شيخ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

محترم سائين الطاف شيخ سان منهنجي نيازمندي 1982ع کان ٿي، جڏهن پاڻ پنهنجي ڳوٺائي سائين الله بچائي ميمڻ (انفارميشن آفيسر) سان ملڻ سنڌ سينٽر واري آفيس ۾ ايندا هئا. ان وقت تائين شيخ صاحب سنڌ جو ڄاتل سڃاتل ۽ سفرنامن جو سرواڻ ليکڪ مشهور ٿي چڪو هو. سائين سان تعارف ٿيو، ان دور ۾ مون به لسانيات، لغات لوڪ ادب ۽ لطيف سائين بابت ويٺي رنڍا روڙيا. هڪ مضمون بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو اسلام آباد مان خط آيو، جنهن ۾ منهنجي ”درسي ڪتابن جو جائزو“ واري مضمونن کي ساراهيو ويو هو. اهو خط مون سائين شيخ صاحب کي ڏيکاريو، جنهن تي پاڻ تمام گھڻو خوش ٿيو ۽ مون کي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو. ان کان پوءِ سائين سان سال بسال ڪنهن پروگرام جي موقعي تي ملاقات ٿيندي هئي ۽ سائين تاڪيد ڪندو هو ته آءُ لغات ۽ لسانيات واري شعبي ۾ وڌيڪ دلچسپيءَ سان ڪم ڪندو رهان ۽ ان وچ ۾ جيڪڏهن ڪو خاص مضمون ايندو هو ته ان پرچي جي گھر ڪندو هو، جيڪو سندس گِذرِي واري گھر جي ايڊريس تي اماڻيو ويندو هو.
سائين الطاف شيخ صاحب شروعاتي دور ۾ ڪهاڻيون به لکيون ته مضمون به لکيا. پر نالو سفرنامن ۾ ڪمايائون. سندس پهريان سفرناما: ”اناميڪا“ (1965ع)، ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ (1967ع)، ”پيار جي گھٽ“ (1970ع)، ”سمونڊ جن ساڻيهه“ (1972ع)، ”سمونڊ جي سيوين“ (1973ع)، دنيا آهي ”ڪاڪ محل“ (1974ع)، ”بندر بازاريون“ (1975ع).......
ان کان پوءِ به لڳاتار هر سال سندس سفرنامو يا ڪهاڻين جو ڪتاب ايندو رهيو. ڪن سالن ۾ ته سندس ٻه ٻه ڪتاب ايندا رهيا. سندس سفرنامن شايع ڪرڻ جي شروعات سنڌ جي قومي اڳواڻ ۽ سهڻي رسالي جي ايڊيٽر سائين طارق اشرف چپڻ شروع ڪئي. بعد ۾ نيو فيلڊس ڌڙاڌڙ سائينءَ جا ڪتاب شايع ڪيا. نيو فيلڊس وارن جو چوڻ هو ته هڪ ڪتاب شايع مس ٿي ڪري سگھيا ته اڳين ڪتاب جي ٻين ڇاپن جي ضرورت پئي ٿي. ان حوالي سان ڪافي پبلشر سائين کي ايلاز ڪندا هئا ته کين نئون ڪتاب ڇاپڻ لاءِ ڏئي. شيخ صاحب جو به نه ڪو شرط شروط نه اگر مگر، جيڪو آيو سو اگھيو. سائين کي راهه مان جيڪي پنج پتيون ملنديون هيون، سي به يارن دوستن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، رکيا نام الله دا، اَسي (1980ع) واري ڏهاڪي جي آخر ڌاري پنهنجا سڀ ڪتاب ڀري ٻڌي ڏنائين. مون لاءِ اُهي ڀاڳن جي ڀري ثابت ٿيا. هر ڪتاب ڌيان سان پڙهيم ۽ پروڙيم. يقيناً ڄاڻ ۾ اضافو ٿيو، ٻاهرين دنيا جا ديدار ڪري ساهه سڌير ٿيو!
نوي (1990ع) ڌاري خيال آيم ته هڪ تحقيقي مضمون لکان، ”الطاف شيخ جي لکڻين جي مقبوليت جا سبب“ ان وقت تائين سندس جيڪي به ڪتاب شايع ٿيا هئا. سي سڀ هٿ ڪيم. مضمون لکي تيار ڪيم، اهو ماهوار سهڻي کي ڏنم، جو سائين طارق اشرف سان تمام ويجھا لاڳاپا هئا. سهڻي رسالي ۾ منهنجا پنج کن مضمون شايع ٿيا. ڏاڍي ڳولا ڪيم پر اهو مضمون هٿ نه آيم.
ان موضوع تي ٻين اڪابرن سائين سراج، علي احمد بروهي، عبدالرحمان قريشي کان علاوه ڪيترن ئي عالم، اديبن لکيو آهي. ٿلهي ليکي: شيخ صاحب جي مختلف ملڪن جي تاريخ، ثقافت، سماجي زندگي، طور طريقا، معاشي حالتون، عام رعايا جو قانون تي عمل، ملڪ ۾ عدل انصاف جو سرشتو وغيره بابت تفصيلي ڄاڻ ڏنل هوندي آهي. مثلاً اوهان سندس ڪتاب ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ (1977ع) پڙهو، ان ۾ سرينلڪا جي تاريخ، تمدن، جاگرافي، مذهب، ٻوليون ڌنڌا، ريتون رسمون، ماڻهن جو مزاج، ماحول وغيره جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي.
وري جڏهن سندس موجود، ڪتاب ”وري ياد آيا“ (2019ع) ۾ سندس پهريون مضمون ”سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه – لي ڪئان يو“ جي ڪهاڻي پڙهندا ته هر صفحي تي حيران ٿي ويندا. اهڙي ته وڻندڙ، دلچسپ ۽ مستند معلومات ملندي جو ذهن کلندو ويندو. ضمير کان آواز ايندو ته ڪاش اسان وٽ به ڪو اهڙو لي ڪئان پيدا ٿي پئي! مضمون ۾ جتي لي جو تفصيلي ذڪر آهي ته اتي سنگاپور جي ترقي جي مڪمل تاريخ آهي ته 1960ع ۾ اتي ڇا هو ۽ هاڻي اتي ڇا نه آهي. حد اها آهي ته نه اتي پاڻي نه پوک، نه وري قدرتي وسيلا! سنگاپور جي ڪل ايراضي 580 چورس ڪلو ميٽر آهي. يعني اسان جي خيرپور ضلعي کان به گهٽ پوءِ دنيا جي صنعت، واپار، ميرين انجنيئرنگ ۾ ان جو ممتاز مقام آهي.
وري جڏهن شيخ صاحب ڪنهن ڪردار تي لکي ٿو ته ان بابت اهڙو ته تفصيل سان لکي ٿو ڄڻ ته اها پي ايڇ ڊي ٿيسز آهي. اعتبار نه اچيوَ ته هن ڪتاب ۾ ”خشونت کان سعديه تائين“ پڙهي ڏسو! ”خشونت سنگھ“ دنيا جو ممتاز ماڻهو آهي. ان تي ڪيئي ڪتاب اچي ويا آهن. سندس پڙهندڙن جو انگ به لکن - ڪروڙن ۾ آهي. پر شيخ صاحب جيئن پيرائتي ڳالهه ڪئي آهي. ڳالهه سان ڳالهه ملائڻ ۽ ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ دنيا جو اهم فن آهي، جنهن تي مانوارو سائين شيخ صاحب مڪمل مهارت رکي ٿو. خشونت جي ڪن ڪتابن جو هن اهڙو ته تاثر ڀريو ذڪر ڪيو آهي، جو دل پئي گھري ته اڄ اهي ڪتاب گھرائي پڙهجن! اها آهي ڪامياب ليکڪ جي پهرين خوبي، جو هو پڙهندڙن کي ترتيب ۽ حڪمت سان گڏ وٺي هلي ۽ جيئن پاڻ محسوس ڪري پڙهندڙ کي به اها ريس ڏياري.
مونکي ياد آهي ته مون پنهنجي مضمون ۾ اهو نقطو نروار ڪيو هو ته سائين الطاف پنهنجي سادي سلوڻي اسلوب سان لکڻين ۾ دلڪشي پيدا ڪري ٿو ۽ ان جديد دور جي معلومات مهيا ڪري ٿو. ان سبب سندس پڙهندڙن جو دائرو وڌندو وڃي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌي ادب ۾ لکين نوجوان اهڙا ملندا، جن شروعات ۾ سائين الطاف شيخ جا ڪتاب پڙهيا هوندا. ان کان پوءِ ان ۾ ذڪر ڪيل ڪتاب پڙهيا هوندا. جيئن منهنجي دل هاڻي به گھري ته جھڙي ريت سائين مضمون ۾ ذڪر ڪيو آهي ته خشونت جو ڪتاب ”دهلي“ ۽ A train to Pakistan پڙهان.
سائين الطاف شيخ جيتري دنيا ڏٺي آهي ۽ ان ۾ جيڪي رنگ ڏٺا آهن، هن اوتروئي لکيو آهي. پر ڀانيان ٿو سائين نوٽن (Notes) جي انداز ۾ جيڪي ڀانڊا ڀريا آهن، سي خالي ٿيڻا نه آهن، ساميءَ ته مٽ ڀريا هئا، جيڪي اوس خالي ٿيڻا هئا. پر کوهه خالي ناهن ٿيندا. 1982ع ۾ سهڻي اداري پاران شايع ٿيندڙ ڪتاب ”جاني ته جهاز ۾“ جي پيش لفظ ۾ سائين طارق اشرف، شيخ صاحب کي صلاح ڏني آهي ته هو هٿ هلڪو رکي! لکي ٿو ته: ”الطاف اڄ جو مقبول ليکڪ آهي، موجوده وقت ۾، جيڪي به ليکڪ لکي رهيا آهن، ڪنهن جا به ڪتاب الطاف کان وڌيڪ ڪونهن. پر هڪ ڳالهه چوڻ گھران ٿو ته، الطاف تمام تکو لکڻ لڳو آهي. تمام گھڻا ڪتاب نڪتا اٿس ۽ نڪرن پيا، پر لکڻ جي اها تيزي، الطاف کي ڪجھ نقصان ضرور رسائي رهي آهي........
سائين کي اهڙيون صلاحون ٻين اديبن ۽ ليکڪن به وقت بوقت پئي ڏنيون آهن، پر سائين ”جيئن ٿڌ تيئن وڌ“ جي اصول تي اڳ کان به وڌيڪ لکي رهيو آهي. سائين جي هاڻي ڪل وقت مشغولي وڃي اها رهي آهي، آءُ حيران آهيان ته اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن، جن جي آڌار تي شيخ صاحب پنهنجي پڙهندڙن جي حلقي کي قائم ۽ دائم رکيون پيو اچي! هن لکڻ جي چاشني ۾ ڪمي ڪانه ڪئي آهي. اڃا به سندس پڙهندڙن جو انگ وڌندو پيو وڃي؟ اهو وڏو سوال آهي، ان تي تحقيق ٿيڻ گھرجي! منهنجي ڄاڻ مطابق ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ اديب سائين جي علمي ۽ قلمي پورهيي تي تحقيقي ڪم ڪري رهيا آهن. تن کي شاباس هجي! پر شيخ صاحب تي: تحقيق اهو ڪري، جيڪو سائين جي مشاهدي ۽ مطالعي جي گھٽ ۾ گھٽ اڌ برابر هجي! جن سريلنڪا، سنگاپور، ملائيشيا، انگلينڊ، آمريڪا، جاپان وغيره ڏٺو ئي ناهي ته سائين جي مشاهدن بابت هو ڇا لکي سگھندو؟ سائين جيڪو عالمي ادب پڙهيو آهي ۽ جيڪي ٻوليون هو ڄاڻي ٿو. ان جي باري ۾ اڻ ڄاڻ ڇا راءِ ڏيندو! سائين شيخ صاحب جي لکڻ ۽ مسلسل لکڻ جي پويان وڏو فهم ۽ ادراڪ آهي، ان کي سمجھڻ لاءِ به ساڃاهه گھرجي.
سائين سراج الحق ميمڻ الطاف شيخ جي ڪتاب ”اوهريا جي عميق ڏي“ جي ”مهاڳ يا پڄاڻيءَ جو جواب“ نيو فيلڊس پبليڪيشن 1992ع ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته الطاف اهو هنر، اهو فن ڄاڻي ورتو آهي ته جيڪا ڳالهه ڌيان تي آڻڻي هجي، ان جي ابتڙ ڳالهه کي کولي بيان ڪجي ته تضاد ظاهر ٿي پوندو، ڪنهن وڏيري جي حويلي يا ڪنهن سيٺ جي محل جي تفصيلن کي بيان ڪندي، جيڪڏهن ڪو اديب ڪشنچند بيوس جي اها الافاني سٽ ورجائي ته ”الا جهري مَ شال غريبن جي جھوپڙي“ ته نه رڳو تضاد روشن سج وانگر ظاهر ٿي پوندو، پر ان جي تو ۽ تپت کان ماڻهو جو ذهن ڀسم ٿيڻ به لڳندو. اهوئي فن الطاف استعمال ڪيو آهي ۽ اهو ئي فن مرزا قليچ بيگ استعمال ڪيو هو.
شاهه لطيف پنهنجي فهم ۽ فڪر کي سمجھڻ لاءِ پنهنجي شاعري ۾ ٻين گڻن سان گڏ، تضاد واري مفهوم کي ڀرپور انداز ۾ اڀاريو آهي، جيئن:
ڪُهي سو ڪَر لهي، ڪوٺي سو قريب. (ڪلياڻ)
ڪوٺڻ قريبن جو، عين تڙڻ آ. (ڪلياڻ)
اي اُلٽي ڳالهڙي سڪ ورندي ساهه. (ڪلياڻ)
سوئي راهه رد ڪري، سوئي رهنما.
سو هيءُ سوهو، سو اَجل سو الله،
سو پرين، سو پساهه، سو ويري سو واهرو.
(ڪلياڻ)
سائين سراج صاحب، الطاف شيخ صاحب جي هڪ ٻئي گڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو ته: ”الطاف سان پيار جو ٻيو سبب اهو سر سامونڊي آهي، هن منهنجي انهن سمورن خوابن کي هڪڙي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا سامونڊي سرن ۾ ڀٽ ڌڻي کولي بيان ڪئي آهي ۽ جنهن هن کي سامونڊي جي بيتن مان ئي عنوان چونڊڻ جو حوصلو ڏنو آهي. جڏهن سنڌ آزاد هئي، تڏهن سنڌ جا غوراب سموري دنيا کي تهذيب ۽ تمدن جو پيغام پهچائڻ لاءِ دنيا جي هر هڪ ملڪ ڏانهن ويندا هئا. تاريخ کان به اڳ، شام ۽ عراق جي سلطنت (ميسوپوٽيميا) ۽ مصر جي فرعونن کي سنڌ ۽ سنڌي تهذيب سان روشناس ڪرڻ لاءِ اُهي غوراب ۽ جھاز سمنڊ جو سينو چيري پهچندا هئا. ۽ کين سنڌ جي تهذيبي زندگي جو ڄاڻ ۽ اطلاع ڏيندا هئا.
وڌيڪ لکي ٿو ته، ”ان سموري بحث مان مراد فقط هڪڙي حقيقت کي بيان ڪرڻ آهي ته جڏهن ڪو اديب ۽ لکندڙ سفرنامن جي ذريعي اهي نظريا، اهي قدر، اُهي ملهه، اُهي ضد، اهي حوالا ۽ اُهي علامتون صاف سٿرن لفظن ۾، سندن اصلي پسمنظر ۾، بيان ڪري ٿو ته ان جي حيثيت ڪيئن مقرر ڪجي؟ منهنجي خيال ۾، الطاف – گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي تهذيبي ۽ ادبي تاريخ ۾ اهو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو بلاذري جي زماني ۾، عرب دنيا ۾، هڪڙي سنڌي غلام صرافن جي وڏي بازار ۾ وڏي واڪ ادا ڪيو هو ته ”سنڌي غلام ته ٿي سگھن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو بي پهچ آهن، پر بي ايمان ۽ بي ضمير ٿي نٿا سگھن: ڇاڪاڻ ته سنڌ هنن کي اهڙو ايمان ۽ ضمير ڏنو آهي، جيڪو اوهان عربن جي مقابلي ۾، قرآن جي فلسفي مطابق فقط لفظ ”صادق“ ۽ ”امين“ جي معنيٰ ۾ بيان ٿي سگھي ٿو.“
تاريخ ۾ قومي اوسر ۽ استحڪام لاءِ ڪردار اهم ڪارناما سرانجام ڏيندا آهن. جيستائين دولهه دريا خان زندهه هو. تيستائين ڀرپاسي جي ڪنهن به حاڪم کي مَجال نه هئي جو هو سنڌ ڏانهن ميري اک کڻي ڏسي، پوءِ جڏهن ڄام فيروز جي ماءُ مدينيه ماڇياڻي هوڏ ڪري ڌارين کي دڳ ڏيکاريو ته سندس ان هڪ عمل سنڌ جو سماجي ڍانچو اهڙو ته اڊيڙي ڇڏيو، جو اڄ تائين سڌو نه ٿي سگھيو آهي. تفصيل لاءِ پڙهو ”برهانپور ڪي اولياءَ“ (سنڌي ادبي بورڊ) جو پير حسام الدين راشدي جو لکيل مهاڳ، ارعونن، ترخانن، ازبڪن ۽ مغلن سنڌ ۾ اهڙو ته محشر مچايو جو اسان جي عالمن، اڪابرن، هنرمندن، سنڌ ڇڏي وڃي بيا وڻ وسايا. اڄ دنيا جي اڪيچار ملڪن ۽ ماڳن تي اهي ڀاڳوند وسن پيا، انهن پنهنجي علم، هنر فن، بهادري، وڻج واپار ۽ سچائي ۾ اهڙو ته ڌاڪو ڄمايو، جو دنيا سندن ڳڻ پئي ڳائي. هو وري سنڌ جا بهه، چانور، انب، ٻوري، ڏڌڻي پيا ياد ڪن.
جھڙي ريت شاهه لطيف پنهنجي دور ۾ وکريل سماجي سرشتي کي جوڙڻ لاءِ هارين نارين، ڪمين ڪاسبين، هنرمندن، سخي ڏاتارن، غريبن جي واهرن وارا ڪردار ڳولي انهن جي گڻن کي واکاڻيو ته جيئن قومي سطح تي وڃايل ساک کي ٻيهر بحال ڪري سگھجي. پاڻ ۾ وڙهندڙ قبيلن کي هڪ ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ڪجي. پورهيت طبقي کي هٿي ڏئي، سندن مان مٿاهون ڪجي:
”هَلو هلو ڪوريين، نازڪ جنين نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا“
اهڙي طرح شاهه صاحب ڪڏهنه ڏهه ڏاتارن جو ذڪر پئي ڪيو ته ڪڏهن جادم جکري جو، جيڪو نادارن جو آڌار هو. ته ڪڏهن وري مورڙي ميربحر جو ذڪر ڪيو، جنهن جڏي جيءَ سان مانگر ماري ڀائرن جو پلاند ورتو ۽ ملاحن جا منهن سنرا ڪرڻ لاءِ کين سگھ بخشي.
شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ سمنڊ رستي وڻج واپار کي وڏي اهميت ڏني، جو ان بابت هن ٻه سر: سامونڊي ۽ سريراڳ چيا، انهن سرن ۾ زندگي جو وڏو فلسفو سمايل آهي، جنهن طرف سائين سراج صاحب به اشارو ڪيو آهي.
منهنجي ذاتي راءِ آهي ته اسانجي سفري سلطان سائين الطاف شيخ به انهن سرن جي فلسفي کي سمجھي ورتو آهي ۽ ڏيهه پرڏيهه ۾ جتي ڪنهن سنڌي سنپورنج جي کيس خبر پئي آهي ته هزارين حيلا ۽ وسيلا ڪتب آڻي، ان سان ملاقات ڪئي اٿائين. ان جي خاندان ۽ سندس ڪرت جو اهڙو ته ذڪر ڪيو اٿائين، جو پڙهڻ سان ڳاٽ اوچو ٿيو وڃي ۽ مجموعي طور تي فخر جو احساس اڀري ٿو. سماج ۾ اهڙا ڪردار ئي هوندا آهن، جيڪي قومن جي ٻيهر اُڀار (Renaissance) جو باعث بڻبا آهن.
اهڙا نيڪ گڻ الطاف جي لکڻين ۾ سموهيل آهن، جن کي اجاگر ڪرڻ وقت جي عالمن ۽ محققن جو ڪم آهي. سنڌ جي يونيورسٽين کي گھرجي ته ”سير ۽ سفرنامن“ بابت هڪ تحقيقي پيپر رکن، ته جيئن اسان جا نوجوان عالمي ادب ۽ حالتن کان آگاهه ٿي سگھن.
اسان في الحال سندس ٻه ڪتاب ”وري ياد آيا“ ۽ ”رنگ برنگي دنيا“ شايع ڪري رهيا آهيون، جيڪي هن اَملهه شخص اسان جي ڪم جي معيار کي ڏسي پاڻ سڏي ڏنا آهن. ان کان علاوه هڪ ٻيو ڪتاب به اسان جي رٿا ۾ شامل آهي، جنهن ۾ سائين شيخ صاحب جي سڀني ڪتابن جا پيش لفظ/مهاڳ ڪتابن جي ٽيڪنيڪل ڊيٽا، ۽ انتساب وغيره شامل ڪيا ويندا. خاطري سان چئي سگھجي ٿو ته ان جي اشاعت سان مستقبل جي محققن کي وڏي مدد ملندي.

ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
3559905-0334 چيئرمين
dr.aftababro@gmail.com پيڪاڪ پبلشرس

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه

ٽيون ڏينهن هالا جي گرلس ڪاليج ۾ منهنجو ليڪچر هلي رهيو هو ته ان دوران درٻيلي جي منهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ ۽ جهازي ساٿي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جو سنگاپور کان فون آيو. ”مَنو! ڪٿي آهين؟ پاڻ وارو همراهه رات گذاري ويو. ويري سئڊ!“
احمد حسين مخدوم سان منهنجي سڃاڻپ ۽ ساٿ 1960ع کان آهي جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هوس ته هن فرسٽ ييئر ۾ ۽ سندس سال کن ننڍي ڀاءُ خالد حسين مخدوم اسان جي مئٽرڪ ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي. منهنجي هنن سان يڪدم سٺي دوستي ٿي وئي جو سندن والد صاحب جسٽس مخدوم عبدالوالي پتي راند جو شوقين هجڻ ڪري منهنجي ناني سيٺ محمد حسن سومرو جو سٺو دوست هو ۽ موڪل واري ڏينهن تي هي ٻه، ٽيون عبدالصمد ڪاڇيلو (منهنجي ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇيلو جو والد) ۽ چوٿون هيرآباد جو سيٺ مولراج ڀيرواڻي (پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي هڪ ٻئي ساٿي رميش ڪمار جنهن جو ڪِٽ نمبر ون هو، جو والد) حيدرآباد جي انگريزن جي ڏينهن جي ونڊسر نالي مشهور ريسٽورينٽ ۽ بار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ تاش کيڏندا هئا. ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جو والد صاحب بيحد سادگي پسند ۽ ايماندار سرڪاري ڪامورو هجڻ ڪري منهنجي والد گل محمد شيخ جو به دلپسند دوست هو. سندس ان عظمت کان وڏي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي جو سندس والد يعني احمد حسين جو ڏاڏو جيڪو نوابشاهه ۽ موري پاسي جو وڏو پير هو، ان جي وفات بعد جسٽس مخدوم عبدالواليءَ گادي نشين بڻجي پيري مريدي هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جيتوڻيڪ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ مونکان هڪ سال سينيئر هو پر انٽر بعد ٻه سال مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهڻ بعد هن کي مرچنٽ نيوي جو شوق ٿيو ۽ هن جڏهن مئرين اڪيڊمي چٽگانگ، مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) ۾ داخلا ورتي ته هو مونکان هڪ سال جونئر ٿي پيو. تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪاليجي ساٿين کي ورلي ڪو ساڳي جهاز تي Sail (نوڪري) ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو پر عجيب اتفاق آهي جو اسان ٻئي ڪيترن ئي جهازن تي گڏ گڏ رهياسين ۽ ڏور اوڀر توڙي يورپ ۽ آمريڪا جي بندرگاهن ۾ گڏ گڏ گهمندا رهياسين. سمنڊ تي به جهاز هلائڻ دوران جيئن ته هن جي نيويگيشن برانچ هئي ۽ منهنجي انجنيئرنگ برانچ جي ساڳي رئنڪ هجڻ ڪري اسان جي ڊيوٽي جا ڏينهن وارا چار ڪلاڪ توڙي رات وارا چار ڪلاڪ ساڳيا رهيا ٿي يعني ساڳي وقت جهاز گڏجي جهاز هلاياسين ٿي. ڊيوٽي دوران چانهه پيئڻ مهل هڪ ٻئي سان فون يا واڪي ٽاڪي ذريعي چرچا ڀوڳ ۽ خبرون ڪندا رهياسين ٿي ۽ ايندڙ بندرگاهه ۾ گڏ گهمڻ جا پروگرام پڻ سمنڊ تي ئي ٺاهيندا هئاسين.
سمنڊ جي نوڪري ڇڏي جڏهن ڪناري جي نوڪري جي چونڊ ڪئيسين ته خبر پئي ته اسان ٻئي هڪ ئي ملڪ ملائيشيا جي ساڳي تعليمي اداري ۾ ٽيچنگ لاءِ اچي نڪتا آهيون جنهن لاءِ اسان ڪو به پهرين کان پروگرام نه ٺاهيو هو. ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم هڪ يوناني جهازران ڪمپني جي جهاز تي ڏکڻ آمريڪا ۾ هو آئون پاڪستاني جهاز تي جپان ۾ هوس. احمد حسين کي به مون وانگر ماستر ٿيڻ جو ننڍپڻ کان شوق هو ۽ تعليم دوران سٺو شاگرد ٿي رهڻ ته هنن جي سڄي فئملي جي رَتَ ۾ آهي. احمد حسين جا سڀ ڀاءُ ڀيڻ پڙهائيءَ ۾ هوشيار، ذهين ۽ محنتي رهيا آهن ۽ سٺو شاگرد ئي سٺو ٽيچر ٿي سگهي ٿو. سندس وڏي ڀيڻ ثريا مخدوم به مهراڻ ڪاليج ۾ ڪيترا سال پڙهايو ۽ سندس ننڍن ڀائرن خالد، زاهد ۽ جاويد مخدوم جن به هر امتحان ۾ اعليٰ پوزيشن کنئي. ڪئپٽن احمد حسين مخدوم به پهريون سنڌي بلڪه پهريون پاڪستاني آهي جنهن نيويگيشن سان واسطو رکندڙ سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ Ph.D ڪئي آهي.
ملائيشيا ۾ ڏهاڪو کن سال پڙهائڻ بعد آئون ته موٽي آيس پر هي 1982ع کان ان تر ۾ اڃان تائين درس تدريس جو ڪم ڪندو اچي..... پوءِ ڪڏهن ملائيشيا ۾ ته ڪڏهن برونائي ۽ سنگاپور ۾. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اسان هميشه گڏ گڏ گهمڻ يا آفيس طرفان سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ملائيشيا جي مختلف شهرن: ڪوالالمپور، شاهه عالم، اپوح، پينانگ وغيره توڙي سنگاپور ۽ ٿائلنڊ ڪار يا ٽرين ذريعي ويندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ اسانجي ملڪ ۽ ماڻهن جو وڏو قدر هو. سريلنڪا ۽ دبئي جي ته ڇا پر ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ايئر لائين، شپنگ ڪمپني ۽ نيول تعليمي ادارا اسان پاڪستانين هلايا ٿي. ساڳي وقت امن امان جي حالت بهتر هجڻ ڪري ۽ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا سياسي ليڊر سادگي پسند هجڻ ڪري اسان جون هنن سان قومي ڏينهن توڙي عيدن ۽ نيوييئر جي موقعي تي ٿيندڙ اوپن هائوسن ۾ دوستي جي حد تائين ملاقاتون رهيون ٿي. ملڪ جي وزير اعظم کان اسيمبلي جي ميمبرن اسان جو خيال رکيو ٿي ۽ هنن کي احساس هو ته اسان سندن نوجوان ٽهيءَ کي تعليم ڏئي قابل بڻائي رهيا آهيون. هونءَ به هن تر (Malay Archipelago) جي ماڻهن جي اها خوبي آهي ته هو ماستر (Cigu) ”چِگو“ جي وڏي عزت ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجي وزير اعظم مهاتير محمد کان وڌيڪَ سندس والد جي عزت ڪن ٿا جيڪو ماستر ماڻهو هو.
اسان جي شهر ملاڪا کي سنگاپور ائين هو جيئن هالا، سڪرنڊ يا ٺٽي ۽ ٿاڻي بولا خان جي ماڻهن لاءِ حيدر آباد. هڪ نه ٻئي آچر تي يا عيد برات جي موڪل تي اسين ملاڪا کان صبح جو نڪرندا هئاسين ۽ ٽن ڪلاڪن اندر سنگاپور پهچي ويندا هئاسين. اڌ رستي تي آئر حطام نالي شهر اچي ٿو جيڪو ائين آهي جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ نوري آباد .... جتي نيرن ڪندا هئاسين ۽ رات جو واپس موٽڻ مهل ان ئي شهر آئير حطام ۾ هڪ انڊين مسلمان جي ريسٽورنٽ ۾ رات جي ماني کائيندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن سنگاپور ۾ ڪنهن سستي هوٽل يا دوست جي گهر ٽِڪي پوندا هئاسين. سنگاپور ۾ اسانجا ڪيترائي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ جا ڪلاس ميٽ مختلف نوڪرين ۾ هئا. هو ملائيشيا ايندا هئا ته اسان وٽ رهندا هئا. اسان سنگاپور اليڪٽرونڪ جي سامان يا ڪپڙن، بوٽن ۽ ڪراڪري جي سامان لاءِ ويندا هئاسين. ان قسم جو سامان سنگاپور ۾ سستو هو. ۽ سنگاپور جا اسان جا دوست ملائيشيا جا جنگل ۽ قدرت جا نظارا ڏسڻ کان علاوه ملائيشيا مان ڀاڄيون ميوا، گوشت ۽ مڇيون خريد ڪرڻ لاءِ ايندا هئا جيڪي شيون سنگاپور ۾ تمام مهانگيون ٿين ٿيون جو اهي ٻين ملڪن مان امپورٽ ڪيون وڃن ٿيون. پيٽرول به ملائيشيا ۾ ذري گهٽ اڌ قيمت تي رهيو ٿي.
گهمڻ کان علاوه اسان ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري ميٽنگن، سيمينارن ۽ مختلف ڪورس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ٽي چار ڏينهن يا هفتو ٻه سنگاپور ۾ رهندا هئاسين. سنگاپور جيڪو سٺ واري ڏهاڪي تائين به ڪجهه نه هو اهو اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي تائين يورپ جو ڏيک ڏيڻ لڳو هو. ان ۾ سڄو ڪريڊٽ اتي جي سياستدانن جو، خاص ڪري ملڪ جي وزير اعظم ”لي ڪئان يو“ جو چئي سگهجي ٿو. ساڳي وقت سنگاپور کي ڏسي ملائيشيا به سڌرڻ لڳو جِتي پڻ ايماندار سياستدانن ڪري خاص ڪري مهاتير محمد جي محنتن ۽ نيڪ سوچن ڪري سڌارو اچي رهيو هو. اسان ملائيشيا يا سنگاپور ۾ نوڪريون ڪرڻ وارا ڌاريان .... خاص ڪري بنگلاديش، انڊيا، پاڪستان ۽ سري لنڪا جا، پنهنجن ملڪن کي پٺتي پوندو ۽ ملائيشيا ۽ سنگاپور کي اڳيان نڪرندو ڏسي اتي جي وزير اعظمن کي قدر جي نِگاهه سان ڏسندا هئاسين. قومي ڏينهن، اوپن هائوسن ۽ سيمينارن ۾ انهن سان ملاقات ٿيندي هئي ته اسان سندن واکاڻ ڪندي نه ڍاپندا هئاسين. ڏور اوڀر توڙي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ مذهبي ڏينهن تي يعني عيد، ڪرسمس ڊي، چائنيز نيوييئر تي هن پاسي جي ملڪن جا اهم سياسي ماڻهو عوام سان ملڻ لاءِ پنهنجي گهر جا دروازا کولي ڇڏيندا آهن ۽ هڪ ڏينهن اڳ اخبار ۽ ٽي وي ذريعي اعلان ڪيو ويندو آهي ته سڀاڻي عيد نماز بعد مهاتير محمد جي گهر اوپن هائوس جي دعوت هر عام ۽ خاص ماڻهو کي ڏجي ٿي. پوءِ اها دعوت صبح کان شامَ تائين پئي هلندي آهي. ٽيبلن تي کاڌا سجايا پيا هوندا ۽ هر ڪو ايندڙ مهاتير سان ملي پنهنجي پسند جي شيءِ کائي موڪلائي ويندو هو يا ٿوري دير لاءِ ويهي ڪچهري ڪندو هو. امن امان وارا ڏينهن هئا، آدمشماري گهـٽ هئي. اسان جهڙا ڌاريان به ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا. بهرحال آخري اوپن هائوس مون 1990ع ۾ اٽينڊ ڪيا ان بعد دنيا ۾ عام ٿيندڙ دهشتگردي ڪري اهي اوپن هائوس ڄڻ خواب ٿي ويا. سياستدانن ۽ وڏن ماڻهن جي گهرن ۽ آفيسن ۾ بنا اطلاع جي وڃي ساڻن ملڻ يا ڪچهري ڪرڻ جو سلسلو ڄڻ بند ٿي ويو. اسان پاڪستانين لاءِ به ان سال کان ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اچڻ لاءِ ويزا وٺڻ ضروري ٿي. نه ته انهن ملڪن توڙي ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا ۾ جنهن وقت موڊ ٿيندي هئي رڳو ٽڪيٽ وٺي هوائي جهاز ۾ چڙهبو هو. ڪوالالمپور، سنگاپور، جڪارتا يا بئنڪاڪ جي هوائي اڏن تي لهڻ سان مڪاني اميگريشن آفيسر پاسپورٽ تي ٽن مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندا هئا.
مٿين ڳالهه مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اهي ملڪ اسان لاءِ ڄڻ ٻي گهر مثال هئا جِتي ڪيترائي مڪاني ماڻهو ۽ هم وطني اسان جا دوست هئا. ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ته اڄ ڏينهن تائين اتي ٽِڪيو پيو آهي. ايتريقدر جو رهائش لاءِ هن سنگاپور ۾ ئي گهر ورتو آهي. اڄ به ان پاسي منهنجو وڃڻ ٿيندو آهي ته هن سان ضرور ملاقات ٿيندي آهي نه ته مهيني ڏيڍ فون ذريعي هو ان تڙ جون خبرون ڪندو رهندو آهي خاص ڪري اسان جي سنڌي هندو دوستن ۽ بنگالي ڪلاس ميٽن جون جيڪي اڄ سنگاپور جا citizen آهن. هُنَ هِنَ ڀيري جڏهن اهو ٻڌايو ته پاڻ وارو همراهه گذاري ويو آهي ته مون پنهنجن هڪ ٻن ڪلاس ميٽن جا نالا کنيا.
”اهي سڀ خوش چاق چڱا ڀلا آهن.“ هن وراڻيو.
”ته پوءِ ڀلا ڪهڙو همراهه گذاري ويو آهي؟“ مون تجسس مان پڇيو.
”لي ڪئان يو صاحب!“ هن جواب ڏنو.
”ويري سئڊ!“ منهنجي وات مان نڪتو ۽ پوءِ کيس چيم ’لي ڪئان يو‘ ته ”همراهه“ نه ٿيو. هو ته پنهنجو’ ‘SIR ۽ دلپسند شخصيت هو. جنهن جهڙي انسان لاءِ دعائون گهرندا هئاسين ته اهڙو ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ به ڄمي ۽ اسان جي ملڪ ۽ عوام جي به خوشحالي ٿئي.“
واقعي سنگاپور جو هي قائدِ اعظم محمد علي جناح وانگر قابل وڪيل اسان جو ڪو دوست نه هو پر هن سان 1968ع کان 1990ع تائين واري عرصي دوران دوستانا تعلقات رهيا. هن هر پڙهيل ماڻهوءَ جو قدر ڪيو ٿي ۽ ان کي عزت ڏني ٿي. منهنجو ڏهه ٻارهن سال ته هن ملڪ ۾ جهاز کي وٺي اچڻ ڪري ۽ ڏهه سال کن ڀر واري ملڪ ملائيشيا ۾ نوڪري دوران سنگاپور ۾ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اچڻ لڳو رهيو ٿي ۽ انهن سيمينارن ۽ قومي ڏينهن تي ٿيندڙ فنڪشنن ۾ اسان هن شخص کي ڏسندا رهياسين ٿي. هُو جنهن محنت ۽ اڻ ورچائيءَ سان سنگاپور کي ٺاهڻ ۾ لڳو رهيو ٿي ان اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو.
شروع وارن ڏينهن ۾ اسان جا ڪيترا جهازران ساٿي چوندا هئا ته سنگاپور جهڙي ٺڳ ملڪ کي راهه تي آڻڻ ناممڪن آهي. لي ڪئان يو کي کپي ته وڃي وڪالت ڪري. چيني اها بدمعاش قوم آهي جنهن کي مائوزي تنگ جهڙي ڏنڊي جي زور تي ئي سڌو ڪيو باقي هي ’لي ڪئان يو‘ فقط قاعدا قانون ٺاهيندو وتي.
پر يارو! اسان ڏٺو ته سنگاپور جو هي وزير اعظم نه فقط قاعدا قانون ٺاهيندو رهيو پر کيس انهن تي عمل ڪرائڻ به آيو ٿي. مٿال طور سنگاپور جيڪو ننڍڙو ٻيٽ آهي جنهن جي ڪل ايراضي 720 چورس ڪلوميٽر آهي. سنڌ جو سڀ کان ننڍو ضلعو مٽياري آهي جنهن جي ايراضي 1420 چورس ڪلوميٽر آهي يعني سنگاپور جو ٻيٽ نما ملڪ مٽياري ضلعي جي به اڌ جيترو آهي .... ۽ اهو به اڄ آهي نه ته ستر واري ڏهاڪي تائين ته سنگاپور جي ايراضي فقط 580 چورس ڪلوميٽر هئي. پوءِ سنگاپور ٻيٽ جي آسپاس واري سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀري ڀريوڌيڪَ زمين reclaim ڪئي وئي.
سنگاپور جي ماڻهن لاءِ جِتي پوک ۽ پاڻي جو مسئلو هو اتي رهائش جو به وڏو مسئلو هو. ياد رهي ته سنگاپور ۾ ڀاڄي ڀُتي توڙي پاڻي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان ٿو اچي. مون کي اڄ به ياد آهي ته سنگاپور جي مختلف علائقن ۾ مختلف قومن، مذهبن ۽ زبانون ڳالهائڻ وارا ناني ڪنڙو ڪري رهيا ٿي .... يعني هر قوم جا پنهنجا پاڙا هئا. ڪٿي چيني ته ڪٿي ملئي. ڪٿي تامل ته ڪٿي گجراتي ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارا. ڪٿي هندو ته ڪٿي سک. ڪنهن به پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي عيب ٿي سمجھيو جو ان وقت سنگاپور ٺڳين ۽ دو نمبر مال جي وڪري کان بدنام هو. پوءِ لي ڪئان يو رهائش جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ vertical عمارتون يعني فلئٽس جون اتاهيون عمارتون ٺهرايون ۽ ماڻهن کي آسان قسطن ۾ فلئٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو. ملئي ماڻهن گهڻو ئي چاهيو ته هو پنهنجو پنهنجو ٽولو ٺاهي رهن پر حڪومت طرفان ان حڪم تي عمل ڪيو ويو ته سستي اگهه تي فقط ان کي فلئٽ ملندو جنهن جو ڪُڻو نڪرندو ويندو. سڀ مجبور ٿي پيا. سستي ۽ سٺي فلئٽ کي ڪير ڇڏي. سائين سنگاپور جي سڄي آدمشماري مڪس اپ ٿي وئي. ساڳي بلڊنگ ۾ چيني به رهڻ لڳا ته ملئي به. هندو به رهڻ لڳا ته سک ۽ عيسائي به. ان مان اهو فائدو ٿيو جو ملئي، تامل ۽ ٻيون اهڙون سست قومون چينين جي ويجھو رهڻ ڪري هنن مان سٺيون ڳالهيون سکڻ لڳيون. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنگاپور جا ملئي ملائيشيا جي ملئي ماڻهن کان تيز آهن.
”لي ڪئان يو“ اتاهيون ڏهه ڏهه ٻارهن ٻارهن ماڙ عمارتون ته ٺهرايون ۽ منجھن لفٽ کان ڪڙي ڪنڍي تائين هر ڪم اعليٰ معيار جو رکرايو .... ويندي سئچ ۽ نلڪا اوچي قسم جا لڳرايا جيئن بار بار خراب نه ٿين. گهٽ پئسن ۾ ههڙا اوچا فليٽ ملڻ ڪري هر ڪو خوش هو پر ان سان گڏ ’لي ڪئان يو‘ انهن ۾ رهڻ وارن لاءِ قاعدا قانون به سخت ڪيا. هر هڪ فلئٽ ۾ نه فقط بجلي ۽ فون جو الڳ الڳ ميٽر رکرايو پر پاڻي جو پڻ جيئن ڪو اجايو سجايو پاڻي نه وڃائي. ڪموڊ جو Leak ٿيڻ تي فلئٽ وارو يڪدم پلمبر کي وٺي اچي ٺيڪ ڪرائي نه ته پاڻي جو بل ان مٿان چڙهي ويندو. اسان جي ملڪ ۾ اڄ به ان جو خيال نٿو رکيو وڃي. ڪنهن جو نلڪو ليڪ ٿئي ٿو ته 200 رپيا ڏئي پلمبر کان نئون وجھرائڻ بدران سڄي عمارت جي مٿاهين ٽئنڪ خالي ٿيو وڃي. فلئٽن ۾ سک سان رهڻ جي سلسلي ۾ حڪومت طرفان ڪيترائي قاعدا ٺاهيا ويا ته ڪو پنهنجي ٽي وي جو آواز وڏو نه ڪندو، ڪو به پنهنجي ڀت ۾ ڪوڪو پاڙي واري جي اجازت بنا نه هڻندو، ڪو فلئٽن اڳيان ڪار جو هارن نه وڄائيندو، ڪو به دريءَ مان هيٺ ڪچرو نه اڇلائيندو. مونکي ياد آهي ته 1970ع ڌاري اسانجي جهاز جي فرج انجنيئر محمود کِلي چيو هو ته: ”لي ڪئان يو“ جو دماغ خراب ٿيو آهي. چيني قوم فقط ڏنڊي سان سڌي ٿي سگهي ٿي جيئن چين ۾ مائوزي تنگ ڪيو آهي. اسان هر دفعي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ کانپوءِ چين جي به هڪ ٻن بندرگاهن ۾ ويندا هئاسين ۽ اتي جي حالتن کان واقف هئاسين.
بهرحال اسان وقت سان گڏ ڏٺو ته سنگاپور جي وزير اعظم نه فقط قانون ٺاهيا پر انهن کي Implement به ڪرايو. فلئٽن ۾ رهڻ واري ڪنهن قسم جي ڀڃڪڙي ڪئي ٿي ته پهرين دفعي ان تي ڏنڊ هنيو ويو ٿي، ٻئي دفعي هفتو ٻه جيل ۽ ٽئي دفعي ان جو فلئٽ ضبط ڪيو ويو ٿي. اڄ سڄو سنگاپور فلئٽن سان ڀريل آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان پرُسڪون رهائش سنگاپور ۾ آهي. سنگاپور ۾ MTR ريلوي شروع ٿي ته ان سان به قانون لاڳو ٿي ويا ته ڪو به ٽرين ۾ دُورين جهڙو بدبودار ميوو کڻي نه چڙهندو، ڪو به چيغم نه کائيندو، ڪو به ٿڪ نه اڇلائيندو وغيره وغيره ۽ ان لاءِ اڄ تائين 50 ڊالر يعني اسان جا چار هزار رپيا ڏنڊ مقرر آهي. سنگاپور ۾ نشو پتو به خوب هليو ٿي. لي ڪئان يو قانون ڪڍيو ته ڪو به چرس، گانجو، هيروئن جي چپٽي به وڪڻندو، رکندو ڪنهن کي ڏيندو يا استعمال ڪندو ته ان کي ڦاهي ڏني ويندي. آمريڪا، انگلنڊ، آسٽريليا، نيوزيلنڊ جهڙن طاقتور ملڪن جي سياحن ان کي چرچو سمجھيو .... ۽ پوءِ انهن ملڪن جا سفارتخانا ۽ وزير اعظم اپيلون ڪندا رهيا پر سنگاپور جو ڦاهي گھاٽ بزي رهيو ۽ اهو قانون اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. ساڳيو قانون مهاتير محمد به پنهنجي ملڪ ملائيشيا ۾ رکيو ۽ پهريان ٻه جيڪي ڦاهي تي چڙهيا اهي نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا جا هئا. اتي به اڄ تائين اهو قانون هلندو اچي ۽ مڪاني توڙي ڌاريان سڀ سڌا ٿيو پيا هلن.
مهاتير جو پيءُ ماستر هو ۽ گجرات کان لڏي ملائيشيا (انهن ڏينهن ۾ ملايا) جي ڪيداح رياست ۾ اچي رهيو. لي ڪئان يو جي فئملي امير هئي ۽ اهي به ٻاهران (چين کان) لڏي سنگاپور اچي رهيا. لي ڪئان يو جو پڙ ڏاڏو ”لي باڪ بون“ جيڪو چين جي گئان ڊانگ صوبي ۾ 1846 ۾ ڄائو، اتان 1863 ۾ لڏي سنگاپور آيو هو. سندس تعلق ”هَڪا“ چيني زبان ڳالهائڻ وارن سان هو. سنگاپور هڪ ويران ٻيٽ هو جنهن جي منهن وٽ جِتي سنگاپور ندي ڇوڙ ٿي ڪري سؤ ٻه سؤ مهاڻا ۽ بشني قسم جا ماڻهو رهيا ٿي. باقي سڄو ٻيٽ جنگل ۽ دلدل هئو. ملايا جي جوهور رياست وانگر هي ٻيٽ به ملئي سلطان جي ملڪيت هو. پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي واپاري بيٺڪ لاءِ سر ٿامس اسٽئمفورد رئفلس 1819ع ۾ جوهور جي سلطان کان خريد ڪيو جيڪو پوءِ 1826 ۾ برطانيا حڪومت حوالي ڪيو ويو. انگريزن هن کي پڻ پينانگ ٻيٽ ۽ ممبئي وانگر ٺاهيو سجايو، اوسي پاسي جي اميرن توڙي غريبن کي هتي اچي بزنيس ۽ پورهئي ڪرڻ لاءِ همٿايو. انگريزن جو انڊيا تي راڄ ته اڳهين هو جِتان هو تامل، سک، گجراتي به وٺي آيا ته جيئن هي اچي جنگلن جي صفائي ڪن، بزنيس ڪن، دڪان هلائين، روڊ رستا ۽ ريلوي ٽريڪ وڇائين، مينهون ڍڳيون پالين، ڌوٻي ٿي ڪپڙا ڌوئين .... اڄ به ڌوٻين وارو اهو علائقو ڌوٻي گھاٽ سڏجي ٿو ۽ ان ئي نالي سان ريلوي اسٽيشن Dhoby-Ghaut-MRT-Stationآهي. ۽ پوءِ جيئن جيئن ماڻهن جي رهائش ٿي ته چين جي ڏاکڻي صوبي کان چيني به اچڻ لڳا جن ۾ لي ڪئان يو جو پڙڏاڏو شروعاتي آيل ماڻهن مان هو. هن سِيو (Seow Huan Nio) نالي هڪ چيني دڪاندار جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. کيس 1871 ۾ ”لي هُو لينگ“ نالي پٽ ڄائو جيڪو وڏو ٿي ڊسپينسر ٿيو. ياد رهي ته چيني نالن ۾ ذات اڳيان اچي ٿي ۽ هنن جي ذات لي (Lee) هئي. هُون لينگ يارهن سالن جو هو ته سندس پيءُ، زال ۽ ٻار کي ڇڏي واپس چين هليو ويو جِتي ٻن سالن بعد 1884 ۾ گذاري ويو. لي هُون لينگ (Lee Hoon Leng) ڪو لِيم نيو نالي سنگاپور ۾ رهندڙ هڪ چينياڻيءَ سان شادي ڪئي جنهن مان کيس اسان واري وزير اعظم جو پيءُ لي چِن ڪُون (Lee Chin Koon) ڄائو. چِن ڪُون ”چُئا جِم نيو (Chua Jim Neo) نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جنهن مان کين 1923 ۾ ”لي ڪئان يو“ پٽ ڄائو. مون کي ياد آهي ته اسي واري ڏهاڪي جي ڪنهن سال ۾ اسان سنگاپور ۾ رهيل هئاسين ته شام جو ٽي وي تي خبر ٻڌيسين ته ملڪ جي وزير اعظم لي ڪئان يو جي والده ”چُئا جم نيو“ گذاري وئي آهي. اسان سمجھيو ٻئي ڏينهن آفيسون بند رهنديون ۽ ٽي وي تي ٻيا پروگرام بند ڪري سڄو ڏينهن مائي ”چُئا“ جي مرڻ ۽ دفن ڪفن جو رسم رواج ۽ روڄ راڙو هلندو پر اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي جنهن مان ملڪ ۽ حڪومت جي ڪاروبار ۾ ڪا ردو بدل اچي. اهڙي طرح ستر واري ڏهاڪي ۾ اسانجو جهاز جپان ۾ بيٺو هو ته اتي جو وزير اعظم گذاري ويو. اسان ته سمجھيو ته ٻئي ڏينهن ڪم ڪاريون سڀ بند رهندا پر ڪجهه نه ٿيو هر ڳالهه نارمل هلندي رهي. مون پنهنجي مڪاني آفيس ۾ جپاني مئنيجر کي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ته موڪل ڪيو ته هن مون ڏي حيرت مان ڏسي چيو: ”ڇا مطلب؟ هڪ وزير اعظم مئو اهو نقصان ۽ ٻيو موڪل ڪري ڪاروبار جو نقصان ڪيون!“
اسان واري سنگاپوري وزير اعظم ”لي ڪئان يو“ جو ڏاڏو ”لي هون لينگ“ سنگاپور جي ”رئفلس انسٽيٽيوشن“ مان انگريزي تعليم حاصل ڪئي هئي ان بعد ڪجهه سال ڪمپائونڊر (فارماسسٽ) ٿي رهيو. ان کان پوءِ هن هڪ آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندر جهاز) تي پرسر ٿي ڪم ڪيو. جهاز تي نوڪري دوران هن ”جاوا“ ٻيٽ تي رهندڙ هڪ سورهن سالن جي چينياڻي ڇوڪري ”ڪو لائيم نئو (Ko Liem Nio) سان شادي ڪئي. ان وقت سندس عمر 26 سال هئي. هيءَ سال 1897جي ڳالهه آهي.
انهن ڏينهن ۾ جِتي ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا)، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو اتي اڄ وارن انڊونيشي ٻيٽن جاوا، سماترا ۽ بالي وغيره تي ڊچن جي حڪومت هئي جن جو تعلق هالنڊ سان هو جيڪو ملڪ نيدر لئنڊ به سڏجي ٿو. لي ڪئان يو جي هيءَ ڏاڏي ”ڪو لائيم نِيئو“ سيمارنگ نالي شهر ۾ رهي ٿي جيڪو جاوا ٻيٽ جو گادي وارو شهر ۽ وڏو بندرگاهه پڻ آهي ۽ اڄ به هي شهر Semarang انڊونيشيا جو جڪارتا، سُوربايا، باندنگ ۽ ميدان بعد پنجون نمبر وڏو شهر آهي جنهن جي آدمشُماري 60 لک کن ٿيندي.
انڊونيشيا جي ٻيٽن تي ڊچ ٻولي پڙهائي وئي ٿي پر چيني هوشيار ماڻهو آهن. هنن انگريزي جي اهميت سمجھي ٿي ۽ ”ڪولائيم نئو“ کي انگريزي اسڪول ۾ پڙهائيو ويو. ”لي هون لونگ“ جو مامو امير ماڻهو هو. هو سنگاپور جي ڪٽونگ مارڪيٽ جو مالڪ هجڻ کان علاوه رٻڙ جي ڪيترين ئي جاگيرن جو مالڪ هو ۽ اڄ واري آرچرڊ روڊ تي هن جا ڪيترائي گهر هئا. لي هون لونگ آخرڪار ان جهازران ڪمپني ”هيپ اِنگ موهه“ جو وڃي M.D (مئنيجنگ ڊائريڪٽر) ٿيو. هِتي اهو لکندو هلان ته هن جهازران ڪمپني جو مالڪ ”اوئي تئانگ هام“ (Oei Toing Ham)انڊونيشي امير چيني ٿي گذريو آهي جنهن جي نه فقط مٿين جهازران ڪمپني هئي پر ڪيترائي کنڊ جا ڪارخانا هئا. پاڻ 1866 ۾ سيمارانگ (جاوا) ۾ ڄائو هو. هو “Man of 200 Million” جي لقب سان به مشهور آهي جو هن مرڻ وقت پنهنجي 200 ملين گلڊر (هالنڊ جو سڪو) جي جاگير سنگاپور کي ڏئي ڇڏي. سنگاپور ۾سندس نالي Oei Toing Ham Road آهي ۽ ان کان علاوه هالنڊ روڊ ڀرسان Oei Tiong Ham Park باغيچو پڻ آهي. عمر ۾ هي توڙي لي ڪئان يو جو ڏاڏو ”هون لينگ“ هندستان جي موهن داس ڪرمچند گانڌيءَ جيڏا هئا جيڪو 1869 ۾ ڄائو هو. هِتي اهو به لکندو هلان ته ”هون لينگ“ ان وقت جي فئشن موجب ٻي به شادي ڪئي ۽ کيس ڪل پنج ڌيئر ۽ ٽي پٽ هئا. هن جي پُٽ ”لي چن ڪُون“ جيڪو انگريزي اسڪول مان پڙهيو ۽ ”چُئا جَم نيو“ سان شادي ڪئي گهر نمبر 92 ڪمپونگ جاوا روڊ تي رهندا هئا جتي 1923 ۾ کين ”لي ڪئان يو“ نالي پٽ ڄائو.

Lee Bok Bon پڙ ڏاڏو:
1846 ۾ چين ۾ ڄائو. 1863 ۾ سنگاپور لڏي آيو جِتي
Seow Huan Nio سان شادي ڪئي.
1882 ۾ چين موٽي ويو جِتي ٻن سالن بعد 1884 ۾ گذاري ويو.

Lee Hoon Lengڏاڏو:
1871 ۾ سنگاپور ۾ ڄائو
1897 ۾ Ko Liem Nio سان شادي ڪئي

پيءُ: Lee Chin Koon
Chua Jim Neo سان شادي ڪيائين.
پاڻ: Lee Kuan Yew
1923 ۾ سنگاپور ۾ ڄائو 1959 ۾ وزير اعظم ٿيو.
2015 ۾ گذاري ويو. Kwa Geok Choo شادي ڪيائين.

پُٽ Lee Hsien Loong
2004 ۾ سنگاپور جو وزير اعظم ٿيو.
Ho Ching سان شادي ڪيائين.

لي ڪئان يو کي ٽي ٻيا به ڀائر هئا جن مان هڪ ڊينس وڪيل ٿيو، ٻيو فريڊي جيڪو بزنيس مئن ٿيو ۽ ٽيون ڊاڪٽر هو جيڪو سنگاپور ميڊيڪل ڪائونسل جو صدر هوندو هو.. هڪڙي ڀيڻ مونيڪا هئي. هِتي لي ڪئان يو جي ڀائرن ۽ ڀيڻ جا انگريزي نالا پڙهي انهن کي حيرت ٿي هوندي جيڪي ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ نه رهيا آهن. دراصل چين کان ٻاهر رهندڙ ڪيترائي چيني پنهنجي نالي اڳيان جان، فريڊرڪ، ڊيني، جارج جهڙو ڪو انگريزي نالو به رکن ٿا. ويندي لي ڪئان يو جو به ڄمڻ وقت ماءُ پيءُ انگريزي نالو ”هئري“ رکيو هو. پر پوءِ ڪجهه وڏو ٿيڻ تي لي کي پاڻ تي فالتو ۽ ٻئي ڪلچر جو نالو رکڻ پسند نه آيو ۽ هن هميشه پاڻ کي فقط پنهنجي چيني نالي Lee Kuan Yew سان سڏرايو. هِتي اهو به لکندو هلان ته چيني ماڻهن لاءِ سندن ٽن حصن وارا نالا کڻي ڏکيا نٿا لڳن پر اسان جهڙن ڌارئين لاءِ سخت مونجھارو پئدا ڪن ٿا ۽ ياد رکڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي. ان ڪري اهي چيني جن جو ٻين قومن ۽ ملڪن جي ماڻهن سان وهنوار رهي ٿو اهي ”چيني نالي“ سان گڏ انگريزي نالو به پاڻ تي رکرائڻ ضروري سمجهن ٿا. اها ڳالهه مون اسان جي سنڌي هندو واپارين ۾ به ڏٺي ته هو پڻ، خاص ڪري جپان جا رهاڪو پنهنجي سنڌي نالي قيمت راءِ، جھٽ پٽ مل، لڇمڻ داس سان گڏ انگريزي يا جپاني نالو به رکرائين ٿا.
”لي ڪئان يو“ جي فئملي سندس پڙ ڏاڏي کان وٺي سنگاپور جي سکين ستابين فئملين مان رهي آهي. پر هڪ اهڙو به ڏڪار جو زمانو اچي ويو جو هن جي ڏاڏي جي آخري سالن ۾ هو غريب ٿي ويا ۽ لي ڪئان يو جو پيءُ ”لي چِن ڪُون“ وٽ هڪ ننڍڙو دڪان وڃي بچيو ۽ هو غربت جي زندگي گذارڻ لڳا. لي ڪئان يو جي پڦي ”لي چُو نيو“ سنگاپور جي پهرين ليڊي ڊاڪٽر هئي.
لي ۽ هن جي زال ”ڪوا گيوڪ چو“ جي 1950 ۾ شادي ٿي. هنن ٻنهي جي پهرين ٻولي انگريزي هئي. ”لي“ چيني ٿي ڪري هن کي چيني نٿي آئي. هن 32 سالن جي ڄمار ۾ 1955 ۾ چيني ٻولي سکڻ شروع ڪئي. ان کان اڳ ٻي جنگ عظيم ۾ جڏهن چئن سالن لاءِ جپانين جو سنگاپور ۽ ملائيشيا تي قبضو رهيو ته ٻين وانگر هو به اسڪول ۾ جپاني پڙهيو ۽ ساڳي وقت جپانين وٽ ترجميڪار جي نوڪري به ڪئي.
لي جي زال Kwa Geok Choo سن 2010 ۾ گذاري وئي. کين ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. لي جو وڏو پٽ ”لي هسين لونگ“ جيڪو 1952 ۾ ڄائو ۽ فوج ۾ برگيڊيئر جي رئنڪ تائين رهيو ۽ پوءِ سياست ۾ آيو. 2004ع ۾ سنگاپور جو وزير اعظم ٿيو. لي جو ٻيو نمبر پٽ Lee Hsien Yang به آرمي ۾ برگيڊيئر هو. هو اڄ ڪلهه CAAS (سول ايويئيشن اٿارٽي، سنگاپور) جو چيئرمين آهي. لي جي ڌيءَ Lee Wei Ling نئشنل نيورو سائنس انسٽيٽيوٽ جي هيڊ آهي.
لي ڪئان يو 1923 ۾ جنهن گهر ۾ ڄائو اهو اڄ به گهر نمبر 92 ڪمپونگ جاوا روڊ تي موجود آهي. پاڻ پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب ۾ لکيو اٿس ته شروع جا سال هو Telok Kurau انگلش اسڪول مان پڙهيو جِتي جا سندس ڪلاس ميٽ غريب گهرن جا هئا ۽ ايڏا هوشيار به نه هئا. بعد ۾ ”لي ڪئان يو“ سنگاپور جي رئفلس انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا ورتي. هي اسڪول سنگاپور جوسڀ کان پُراڻو اسڪول آهي جيڪو 1823 ۾ ٺهيو. ڳالهه اها آهي ته هي علائقا .... يعني سنگاپور ۽ ملائيشيا وارا بيحد پٺتي پيل هئا. انهن کان اسانجو ننڍو کنڊ وڌيڪَ سلجھيل هو .... يعني ان مان اندازو لڳايو ته 1819 ۾ جڏهن رئفلس جيڪو ان وقت انگريز راڄ طرفان جاوا جو گورنر جنرل هو، ملئي سلطان کان سنگاپور ٻيٽ خريد ڪيو ته سنڌ جي ڪچي کان به بدتر هو. سڄو جنگل، دلدل ۽ سؤ پيرين ۽ نانگ بلائن سان ڀريل هو. درياهه جي منهن وٽ سئو کن مهاڻن ۽ سامونڊي چورن جون فئمليون رهيون ٿي. انگريزن هن ٻيٽ کي ٺاهيو ۽ اوسي پاسي جا چيني، انڊين ۽ ملئي اچي آباد ٿيا. انهن ۾ گهڻائي اڻ پڙهيلن، غريبن ۽ پورهيتن جي هئي. انگريزن جيئن سنڌ فتح ڪرڻ سان ڏهن سالن اندر ڪراچي ۽ سکر ۾ انگريزي اسڪول کولي ڇڏيا تيئن هِتي به رئفلس انسٽيٽيوٽ 1823 ۾ يعني پنجن سالن اندر انگريزي تعليم جو بهترين اسڪول کولي ورتو. پوءِ جن چيني، ملئي يا انڊين کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي تن پنهنجن ٻارن کي انگريزي تعليم ڏياري جنهن ڪري هنن کي وڏي Lead ملي وئي ۽ اڳتي هلي وڏين نوڪرين ۽ عهدن تي پهچي ويا.... خاص ڪري چيني ماڻهو. باقي ملئي مسلمانن ائين سستي ڪئي جيئن اسان وٽ سنڌ ۾. پارسي ۽ هندو ته يڪدم انگريزيءَ کي چهٽي پيا پر سنڌي مسلمانن سستيءَ جو مظاهرو ڪيو. ان معاملي ۾ اسان جا سنڌي ملئي مسلمانن کان به سست ثابت ٿيا جو ملئي ماڻهن کي وري به خيال اچي ويو ته انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي ۽ پنهنجي ملڪ ملايا ۾ انگريزن جي کليل اسڪولن ۾ پنهنجي ٻارن کي داخل ڪرڻ لڳا .... نتيجي ۾ اڄ ملائيشيا جي اسيمبلي ۾ ملئي ميمبرن ۽ اسانجي سنڌ اسيمبلي جي سنڌي ميمبرن جي ڀيٽ ڪريو. اسان جا ميمبر اڄ جي دؤر ۾ به اعليٰ تعليم يافته نه آهن ۽ نه هنن جي ڪا will ٿي نظر اچي ته سندن علائقن ۾ ٻچو ٻچو تعليم حاصل ڪري. هڪ جاهل ماڻهو اهو ئي چاهيندو ته باقي دنيا به جاهل رهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور به ملئي ۽ چيني وڏيرن سان ڀري پئي آهي پر انهن جا ٻار ڇا ته اعليٰ تعليم يافته آهن ۽ جن پنهنجن هارين نارين، مزدورن پورهيتن جي ٻارن کي به اعليٰ تعليم يافته ۽ پروفيشنل بنائي ڇڏيو آهي. اسان وٽ گھوسٽ اسڪول ۽ ويزا استعمال ڪندڙ ٽيچر آهن. آئون پنهنجي منهن هڪ هڪ ملڪ جو سوچيندو رهان ٿو .... ويندي ويٽنام، ڪمبوڊيا ۽ آفريڪا جي ڪينيا ۽ يوگنڊا جهڙن ملڪن جو .... مونکي ڪٿي به ان قسم جي تعليم جي معاملي ۾ بيدردي نظر نٿي اچي جهڙي سنڌ ۾ نظر اچي ٿي.
مٿي رئفلس جو نالو آيو آهي سندس سڄو نالو سر ٿامس اسٽئمفورد رئفلس هو. توهان کي هن جون مورتيون سنگاپور ۾ جِتي ڪٿي نظر اينديون. هن جي ئي idea هئي ته سنگاپور جو ٻيٽ حاصل ڪرڻ بعد هن علائقي ۾ انگريزن جي ڊچن ۽ فرينچن کان طاقتور پوزيشن ٿي ويندي. ان ڪري کيس ”سنگاپور جو بابو“ سڏيو وڃي ٿو. جن لنڊن ڏٺي هوندي ۽ اتي جي چڙيا گهر (Zoo) ۾ ويا هوندا انهن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته اهو هن همراهه رئفلس ٺهرايو ۽ کيس ”فادر آف لنڊن زو“ به سڏيو وڃي ٿو. پاڻ 1781 ۾ ڄائو ۽ 1826 ۾ هن پاسي جي مليريا وگھي گذاري ويو. ان وقت تائين اڃان مليريا جو علاج (ڪوئنن جون گوريون) عام نه ٿيو هو. رئفلس جاوا ۽ بينڪولين (انڊونيشيا پاسي وارن علائقن) جو گورنر ٿي رهيو. نيپولي جنگين دوران رئفلس جاوا ٻيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊچ ۽ فرينچ مليٽري سان مقابلا ڪيا. ان بابت هن پنهنجي ڪتاب The History of Java ۾ تفصيل سان لکيو آهي.
”لي ڪئان يو“ جونئر ڪئمبرج دوران يعني مئٽرڪ دوران ڪافي محنت ڪئي. هو نه فقط پڙهائي ۾ ذهين هو پر سٺو ڊبيٽر ۽ رانديگر پڻ هو .... خاص ڪري ڪرڪيٽ، ٽينس ۽ شطرنج (Chess) جو سٺو رانديگر هو. کيس وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ رئفلس ڪاليج ۾ اسڪالر سان گڏ داخلا ملي. هي ڪاليج اڄ نئشنل يونيورسٽي آف سنگاپور آهي. گذريل دفعي هن يونيورسٽي ۾ ليڪچر لاءِ ويس ته فارين اسٽوڊنٽس ۾ پاڪستان جا به ڪيترائي شاگرد هئا .... خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي جا. لي سڄي سنگاپور ۽ ملايا جي ٽاپ شاگردن مان هڪ هو. ٻي جنگ عظيم ۽ سنگاپور تي جپانين جي قبضي ڪري ليءَ جي 1942ع کان 1945ع تائين يونيورسٽي تعليم ۾ رخنو پئجي ويو. لي هنن سالن ۾ جپاني سکي ”شمودا“ نالي هڪ امپورٽ ڪمپني ۾ ڪلارڪ ٿي نوڪري ڪئي. گهر جي خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ هن دوستن سان گڏجي گهر ۾ کونئر (Glue) ٺاهي ڪِتابن جي دڪانن تي “Stik Fas” جي نالي سان وڪيو.
1945ع ۾ ٻي جنگِ عظيم ختم ٿيڻ بعد لي انگلنڊ روانو ٿيو جِتي پهرين ”لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس“ ۾ پڙهيو ان بعد يونيورسٽي آف ڪئمبرج ۾ داخلا ورتي جِتي هن Fitzwilliam ڪاليج مان قانون (Law) جي ڊگري حاصل ڪئي. هي ڪاليج جيڪو فقط Fitz جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو 1869 ۾ شروع ٿيو. هن ڪاليج مان ڪيترين ئي اهم شخصيتن ”لا“ پڙهيو. هڪ ٻه جن کي آئون سڃاڻان ۽ توهان به واقف هوندائو، هن ريت آهن: انڊيا جو بنگالي سڀاس چندر بوس جيڪو 39-1938ع ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جو صدر ٿي رهيو، شنڪر ديال شرما انڊيا جو نائون صدر 97-1992ع، احمد رشيد افغانستان جو صحافي جيڪو هيٺين انگريزي ڪِتاب جو مصنف به آهي:
Taliban: Militant Islam, Oil & Fundamentalism in Central Asia
۽ اسان جي سپريم ڪورٽ جو 1992ع کان 1994ع تائين جو چيف جسٽس ناصر اسلم زاهد.
’لي ڪئان يو‘ انگلنڊ ۾ به تعليم ۾ نالو پيدا ڪيو ۽ گرئجوئيشن ۾ ڊبل اسٽار (ڊبل فرسٽ ڪلاس آنرس) حاصل ڪيو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هو 1949ع ۾ واپس پنهنجي وطن سنگاپور آيو. جپانين جي قبضي دوران ”لي ڪئان يو“ اهو ئي سوچيندو رهيو ته انگريز پنهنجي پر ۾ پاڻ کي ڀلي پهلوان سمجھندا هجن پر هو کين جپانين جي حملي کان بچائي نه سگهيا. ۽ پوءِ ليءَ اهو ئي فيصلو ڪيو ته سنگاپور تي اتي جي رهواسين جي حڪومت هجڻ ضروري آهي. سنگاپور ۾ موٽڻ بعد ليءَ ٽي چار سال وڪالت ڪئي ان بعد 1954ع ۾ هن پيپلز ائڪشن پارٽي (PAP)نالي سياسي جماعت ٺاهي. 1955ع جي اليڪشن ۾ لي ”تنجنگ پگار“ واري علائقي جي سيٽ کٽي ۽ مخالف ڌر جو ليڊر ٿيو.
1959 وارين چونڊن ۾ لي جي پارٽيءَ PAP ايڪونجاهه مان 43 سيٽون حاصل ڪيون ۽ لي سنگاپور جو وزير اعظم ٿيو. ”لي ڪئان يو“ ڪڏهن ڪڏهن سيمينار يا ڊنر پارٽين ۾ چرچي چرچي ۾ چوندو هو ته: ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ چار قومي ترانا ڳايا: گاڊ سيوِ دي ڪنگ، ڪِميگايو، نيگاراڪُو ۽ ماجولا سنگاپورا.“
جن ڏينهن ۾ ليءَ سنگاپور ۾ جنم ورتو انهن ڏينهن ۾ سنگاپور برطانيا راڄ ۾ هو جيئن اسانجو جنم ۽ ٻين جو 14 آگسٽ 1947ع کان اڳ برتش انڊيا ۾ ٿيو. جيئن منهنجي برٿ سرٽيفڪيٽ تي 14 نومبر 1944ع هالا نوان، برٽش انڊيا لکيل آهي ۽ ملڪ کي خود مختيار ٿيڻ کان اڳ سنگاپور ۾ به اسان وانگر برطانيا وارو قومي ترانو God Save the Queen ڳايو ويو ٿي. جيڪو ڪجهه هن ريت آهي:
God Save the Queen!
Send her victorious,
Happy and Glorious
Long to reign over us:
God save the Queen!

دل کي ڳالهه وڻي يا نه وڻي پر برطانيه جي راڻي صاحبا لاءِ روزانو صبح جو اسڪول جي اسيمبلي ۾ ”اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي“، يا ”لب په آتي هي دعا“ يا قرآن مجيد جي ڪا سورة پڙهڻ بدران ”منهنجا مولا اسان جي راڻي صاحبه کي سلامت رک.... کيس وڏي حياتي ڏي ته اسان تي راڄ ڪندي رهي .... ڳايو ويندو هو.
بهرحال اڄ به اسان جا لکين مسلمان جيڪي انگلنڊ يا ڪئناڊا ۾ رهن ٿا ۽ اتي جي شهريت اختيار ڪئي اٿن، پاسپورٽ ورتو اٿن، اهي راڻي صاحبه لاءِ دعائن جو ترانو پڙهندا رهن ٿا. پر هاڻ اهي خوف يا غلامي جي ڪري نه پر اتي رهي آسودي زندگي ماڻڻ خاطر. پوءِ انهن ۾ ڪي ته غريب مجبور آهن. هو پورهيت آهن ۽ اتي به پورهيو ڪري پنهنجن ٻچن لاءِ اٽو ۽ لٽو مهيا ڪن ٿا ته ڪي وري اسان جا بدنام سياستدان، ڪامورا ۽ ٺڳ واپاري ۽ ظالم وڏيرا آهن جيڪي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي مسڪيني جي حالت ۾ وجھي پئسو کڻي وڃي ڌارين ملڪن ۾ پناهه ورتو آهي جيئن سندن وٺ پڪڙ نه ٿئي، جيئن پنهنجي وطن کان پري رهي سڪون سان عيش جي زندگي گذارجي ..... بقول ”لي ڪئان يو“ جي، ”جيڪڏهن اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو ملڪ کان ٻاهر پئسو نه ڪڍن ته اسان جا ملڪ به يورپ جهڙا سکيا آسودا ٿي پون.“ ان ئي اصول تي هلي لي ڪئان يو ۽ مهاتير محمد سنگاپور ۽ ملائيشيا کي اوج تي پهچائي ڇڏيو جيڪي ملڪ 1975ع تائين به اسان جي ملڪ کان گهڻو گهڻو پٺتي پيل هئا. اڄ سنگاپور ۽ ملائيشيا جا سياستدان پنهنجي ملڪ جي بسين ۾ چڙهن ٿا. هنن مان ڪو ٻاهرين ملڪ ۾ بيمار ٿئي ٿو ته به پاڻ کڻائي پنهنجي ملڪ ۾ علاج لاءِ اچي ٿو. هو سياست کي عوام جي خذمت ڪرڻ سمجھن ٿا.
”لي ڪئان يو“ جنهن ٻئي تراني ”ڪِمي گايو“ جي ڳالهه ڪري ٿو اهو جپان جو قومي ترانو آهي. اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو ان کي ڳائڻ کان ذري گهٽ بچي وياسين نه ته ٻي جنگ عظيم دوران جنهن رفتار سان جپاني هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملايا تي قبضو ڪري برما جي بارڊر تي اچي پهتا هئا، هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي بم نه ڪري ها ته جپاني ننڍي کنڊ ۾ پهچي وڃن ها ۽ اسان جي ماڻهن کي به سنگاپورين ۽ ملئي ماڻهن وانگر جپان جو قومي ترانو پڙهڻو پوي ها:

Kimigayo wa ڪِمي گايو
Chiyo ni چي يو ني
Yachiyo ni ياچييو نِي
Sazare – ishi no سازاري ـــ ايشي نو
Iwao to Narite اي وائو تو نارِي تي
Koke no ڪوڪي نو
Musu made موسو مادي.

هي ترانو جپان جي شهنشاهه ۽ ان جي راڄ جي بيقرار هجڻ جي دعا آهي: شل تنهنجو راڄ، هزارين سالن تائين هلندو رهي .... اٺ هزار ڄمارون .... جيسين پٿريون ٽڪر ٿي وڃي .... ساوڪ سان ڀرپور.
سنگاپور تي جپانين جو 1945ع تائين راڄ رهيو ان بعد وري انگريز جي قبضي ۾ اچي ويو. 1963ع ۾ انگريز پنهنجي وطن روانا ٿيا ۽ سنگاپور ۽ ملايا گڏجي هڪ ملڪ ٺاهيو ۽ سنگاپور ۾ اهو قومي ترانو وڄڻ لڳو جيڪو اڄ ملائيشيا ۾ ڳايو وڃي ٿو.

Negara Ku
Tanah tumpahnya
Darahku
Rakyat hidup
Bersatu dan maju

منهنجو ملڪ
اها ڌرتي جِتي منهنجو رت وهيو
ان جي زندهه رعيت
هڪ آهي ۽ ترقي جي راهه تي

Rahmat Bahagia
Tuhan Kurnikan
Raja Kita
Selamat Bertakhta
شل رب جي رحمت وسي
خوشحالي ۽ امن
شل اسان جي بادشاهه جو
تخت سلامت هجي.

سنگاپور ۽ ملايا جو ميلاپ گهڻو نه هلي سگهيو. سنگاپور وارن جدا نٿي ٿيڻ چاهيو پر ملايا وارن پنهنجو ان ۾ فائدو ڏٺو ته سنگاپور جيڪو چينين سان ڀريو پيو آهي جيڪي ملايا جي ماڻهن کان هر ڪم ۾ اڳڀرا آهن انهن کان جدا ٿيڻ کپي. 1965ع ۾ ملايا بورنيو ٻيٽ جي صباح ۽ سرواڪ رياستن سان ملي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو ۽ سنگاپور اڪيلي سر ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي. سنگاپور جون شروع کان ۽ اڄ تائين چار قومي زبانون هلنديون اچن: انگريزي، چيني، تامل ۽ ملئي. سنگاپور جو نالو تامل زبان جو آهي يعني ”شينهن وارو شهر“..... اها ٻي ڳالهه آهي ته سڄي سنگاپور ۾ ڪڏهن به شينهن نظر نه آيو. سنگاپور کي هاڻ پنهنجو قومي ترانو آهي جيڪو ملئي زبان ۾ آهي جيتوڻيڪ سنگاپور ۾ 80 سيڪڙو چيني رهن ٿا. 15 سيڪرو ملئي ۽ 5 سيڪڙو انڊين جن ۾ گهڻا تامل آهن ۽ باقي ٿورا گجراتي، پارسي، سنڌي، ملباري، بنگالي وغيره. پر سنگاپور جو قومي ترانو ۽ ٻيون ڪيترين شين جا نالا ملئي زبان ۾ آهن جو بنيادي ۽ ثقافتي طور هن ٻيٽ جو ملئي زبان ۽ ڪلچر سان واسطو آهي. پڙهيل ڳڙهيل چيني انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندا ۽ جِتي انگريزي کان اڻ واقف چيني هوندا اتي اهي ملئي زبان ۾ ڳالهائيندا. ملائيشيا ۾ به چينين کي توهان ملئي زبان ۾ڳالهائيندو ٻڌندائو. اهو ان ڪري جو هو کڻي چيني آهن پر ضروري ناهي ته سندن ساڳي چيني زبان هجي. چين تمام وڏو ملڪ آهي جِتي پنجاهه کن اهم چيني ٻوليون آهن جيڪي هڪ ٻئي کان مختلف آهن. سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ جيڪي چين کان لڏي آيا انهن جو جيتوڻيڪ چين جي ڏاکڻي صوبي سان واسطو آهي پر اتي جا به ڪي ٽيوچو، ڪي هاڪا ڪي منڊارن ته ڪي ڪئنٽونيز چيني ٻولي ڳالهائين ٿا. جيئن دبئي ۾ رهندڙ انڊين اڙدو (هندي) ڳالهائين ٿا جن ۾ ڪن جي مادري زبان تامل آهي ته ڪن جي مليالم، ڪنهڙ، مرهٺي ۽ گجراتي وغيره.
سنگاپور جو قومي ترانو Majulah Singapuraڪجهه هن ريت آهي. Maju ملئي لفظ جي معنيٰ آهي خوشحال، ترقي جي راهه تي گامزن.

اچو ته گڏجي هڪ ٿيون Marilah Kita Bersatu
هڪ نئين جوش مان Dengan Semangat yang baru
گڏجي اسان حاصل ڪريون Semna Kita berseru
خوشحال سنگاپور Majulah Singapura
خوشحال سنگاپور Majulah Singapura
وغيره.

لي ڪئان يو لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا ۾ سڀ کان وڏو عرصو وزير اعظم ٿي رهيو. هن جي پارٽي PAP(پيپلز ائڪشن پارٽي) ست دفعا لاڳيتو کٽڻ بعد 1990ع ۾ وري وزير اعظم ٿيڻ بعد هن اهو عهدو ”گوهه چوڪ ٽانگ“ حوالي ڪيو. ملڪ کي 1963 ۾ آزادي ملڻ بعد هي پهريون دفعو هو جو سنگاپور جو وزير اعظم بدليو. ان بعد لي ڪئان يو ڪابينا ۾ رهي نئين وزير اعظم ”گوه“ جي رهنمائي ڪندو رهيو. لي هميشه چوندو هو ته جيڪي هن کان پڄندو سنگاپور جي بهتري لاءِ هميشه ڪندو رهندو. 1988ع واري قومي ڏينهن تي اسان سنگاپور هئاسين. جلوس کي خطاب ڪندي لي چيو هو:
“Even from my sick bed, even if you are going to lower me into the grave and I feel something is going wrong, I will get up.”

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن شخص (ليءَ) سنگاپور ٻيٽ کي اخلاقي توڙي ٽيڪنالاجيڪلي سڌاري ڇڏيو. اڄ هن ملڪ جا ماڻهو خوش حال آهن ۽ سندن سڪو ملائيشيا جي سڪي کان به ٽيڻو آهي. شروع کان ليءَ ملڪ ۾ قاعدو قانون ايڏو سخت رکيو، ۽ سڀني لاءِ امير توڙي غريب لاءِ، جو ڪنهن کي به ڏوهه ڪرڻ جي همت نٿي ٿئي. مون کي ياد آهي ته 1987ع ۾ آرچرڊ روڊ تي هڪ هوٽل ٺهي رهي هئي. اها هڪ يا ٻن ماڙين تائين پهتي ته خبر پيئي ته هن هوٽل واري ڇهه انچ کن انڪروچ مينٽ ڪئي اهي. هن جي سڄي هوٽل ڊهرائي وئي. هن گهڻو ئي ڏنڊ ڏيڻ يا رشوت جي ڪوشس ڪئي پر هن جي ڪجهه نه هلي. اخبار ۾ خبر اچڻ بعد ٻئي دفعي ملاڪا (ملائيشيا جو شهر جنهن ۾ آئون رهيل هوس) کان سنگاپور ويس ته آرچرد روڊ تي اها هوٽل ڊٺل ڏٺم. دراصل اها ڳالهه ٻين لاءِ صاف نياپو هئي ته ڪنهن کي به انڪروچمينٽ نه آهي ڪرڻي .... ڪنهن به قسمَ جو غير قانوني ڪم نه آهي ڪرڻو. اسان سنگاپور گاڏي هلائيندا هئاسين. ڪڏهن ڀُل ۾ يا تڪڙ ۾ ڪٿي سگنل خلاف هليا ويندا هئاسين ته ٿنڀن ۾ لڳل ڪئميرائن ذريعي فوٽو نڪري ويندو هو ۽ شامَ جو ملائيشيا موٽڻ وقت جيئن ئي بارڊر ڪراس ڪندا هئاسين ته سنگاپور پوليس جھلي وٺندي هُئي ۽ اتي جو اتي ڏنڊ ڏيڻو پوندو هو. مطلب ته سنگاپور حڪومت اها خاطري ڪري ٿي ته ڪنهن به قسم جو ڏوهاري بچي نه سگهي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور ۾ پهچي وڏا وڏا ڏوهاري به ساڌو پنڊت ٿيو وڃن.
”لي ڪئان يُو“ سنگاپور ۾ صفائي سٿرائي ۽ اخلاق تي به زور ڏنو. اڃان اسان جهاز تي هئاسين يعني ستر واري ڏهاڪي ۾ ته سنگاپور جي روڊ رستن تي ٿڪ اڇلائڻ يا ڪنهن پارڪ مان گل پٽڻ تي ڏنڊ رکيو ويو هو. اسان ڌاريان جهاز کي وٺي ڪجهه ڏينهن لاءِ سنگاپور ۾ اچي رهڻ وارا ”لي ڪئان يُو“ تان پيا کلندا هئاسين! پر يارو! هن شخص ملڪ کي ٺاهي ڇڏيو. اڄ ڏينهن تائين سنگاپور Mr. Clean جي لقب سان سڏجي ٿو. ان جهڙو صاف سٿرو ته جپان ۽ سئٽزرلئنڊ به نه آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ بيٽلز ۽ هپيز مشهور ٿيا ۽ ڪيترا نوجوان ڇوڪرا ڇوڪرين وانگر ڊگها وار رکرائڻ لڳا. سنگاپور ۾ به ان شوق جي شروعات ٿي ٿي ته ”لي صاحب“ يڪدم خبردار ڪيو ته سنگاپور ۾ رهندڙ ڪوبه مقامي يا ڌاريون مرد رنن وانگر ڊگها وار رکي سنگاپور ۾ نه هلندو. ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته دنيا جي اخبارن ۾ فوٽن سان خبرون اچڻ لڳيون ته ڪيئن ’ڊگهن وارن‘ وارن ٽوئرسٽن جا ايئرپورٽ تي ئي وار ڪٽيا ويا ٿي. ڪجهه وقت دنيا جي ملڪن لي جي ان قانون تي ٺٺولي ڪئي پر پوءِ سگهوئي سڀ سڌا ٿي ويا.
سنگاپور ۾ MTR ريل شروع ٿي ته ٻين قانونن سان گڏ ان ۾ چيغم کائڻ تي به بندش پئجي وئي ۽ سگريٽ ڇڪڻ تي ته ڪڏهوڪي جھل آهي. بلڪه ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ سڀ کان گهٽ سنگاپور جا ماڻهو سگريٽ ڇڪين ٿا.
هڪ ٻي ڳالهه پئي ياد اچي ته سنگاپور ۾ اليڪشن دوران هر شهري لاءِ ووٽ ڏيڻ ضروري آهي. آئون جڏهن ملائيشيا ۾ پڙهائي رهيو هوس ته دائود نالي سنگاپور جو هڪ ملئي چيف انجنيئر به مونسان گڏ ليڪچرر هو. جيئن ئي اليڪشن جا ڏينهن ويجھا ٿيندا هئا ته پنهنجي سنگاپوري زال سان گڏ ووٽ ڏيڻ لاءِ سنگاپور روانو ٿي ويندو هو.
انگريزن جڏهن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اليڪشنون ڪرائي انهن ملڪن کي 1963ع ۾ خود مختياري ڏني ته ان وقت ملائيشيا جو وزير اعظم تنڪو عبدالرحمان هو ۽ سنگاپور جو لي ڪئان يو. ٻنهي جو اهو فيصلو ٿيو ته ٻئي ملڪ ملايا جي نالي سان هڪ ٿي هلندا. ظاهر آهي هڪ طرف پاڪستان جي ايراضي جيڏو ملايا ۽ ٻي طرف مٽياري ضلعي جي اڌ جيترو سنگاپور سو به الڳ ٿلڳ ٻيٽ ..... ان لاـءِ الڳ جياپو ڪرڻ يعني الڳ فوج، ڪرنسي، ڪورٽون، سفارتخانا ٺاهڻ وڏي مشڪل جي ڳالهه ٿيو ٿي پئي. ٻنهي ملڪن ۾ ساڳي قسم جا ماڻهو ملئي، چيني ۽ انڊين (جن ۾ گهڻائي ڏکڻ هندستاني تاملن جي هئي) رهيا ٿي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ساڳيون زبانون ڳالهايون ويون ٿي پر اهو هو ته پکيڙ ۾ سنگاپور کڻي ننڍو ملڪ هو پر آدمشماري تمام گهڻي هيس. جنهن ۾ وڏو حصو چينين جو هو. اهي چيني ۽ ملايا ۾ رهندڙ چيني گڏجڻ سان ملئي ماڻهن کان وڌي ويا ٿي. سو ملايا جي ملئي حاڪمن کي اهو ڀوت به اچي سوار ٿيو ته هر ڳالهه جي فيصلي ۾ چينين جو تعداد وڌيڪَ هجڻ ڪري فتح ۽ ڪاميابي چينين جي ٿيندي. ٻي ڳالهه ته سنگاپور ۾ اسڪول ڪاليج هجڻ ڪري اتي جا ماڻهو خاص ڪري چيني گهڻو پڙهيل ۽ هر ڳالهه ۾ هوشيار هئا .... ويندي راندين ۽ هنرن ۾ به. سو جڏهن ملڪ هڪ ٿيو ته هر ڳالهه ۾ راندين کان وٺي نوڪرين ۾ سنگاپور جي ماڻهن جو فائدو پئي ٿيو ۽ ملايا جا مسلمان سنڌ جي ٻهراڙي وارن ماڻهن جيان هئا جن کي نه تعليم هئي نه هنر ۽ نه وري واپار ۾ هوشياري. رڳو کيتي ٻاڙي ڪري ڳوٺن ۾ ويٺا هئا. سو اهي پنهنجن ماڻهن جا نقصان ساري ملايا جي وزير اعظم ۽ پارليامينٽ 1965ع ۾ سنگاپور کي ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيتوڻيڪ سنگاپور وارن الڳ ٿيڻ نٿي چاهيو. کين ڌار ڪرڻ تي ’لي ڪئان يو‘ تقرير ڪندي روئي ڏنو هو ۽ پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب ۾ لکي ٿو ته هو ڇهه هفتا کن ذهني مريض ٿي پيو ۽ هن تقرير ۾ اهو به چيو ته هي جدائي جو اعلان کين هر وقت چڀندو رهندو....
“Whole my life….. I have believed in merger and unity of two territories. We people are connected by geography, economics, by ties of kinship….”

سنگاپور جهڙن ملڪن کي ڪو اڪيلو هلائڻ سولو ڪم نه آهي. سنگاپور اهو زمين جو ٽڪرو آهي جِتي نه باغ ۽ پوکون آهن نه معدنياتي شيون: ٽامو پتل، تيل يا گئس. ٻيو ته ٺهيو پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي جيڪو اڄ تائين وڏي اگهه تي پائيپن ذريعي ملائيشيا کان خريد ڪن ٿا .... پر پوءِ دنيا ڏٺو ته لي ڪئان يو هن ننڍڙي ملڪ ۽ ماڻهن کي ماڊرن ۽ خوشحال بڻائي ڇڏيو. هن سڀ کان گهڻو زور امن امان ۽ انصاف تي ڏنو. ٻي نمبر تي تعليم ۽ پوليس کاتي تي ڏنو .... ان بعد واپار تي. سنگاپور ۾ ته نه پوک هئي نه ڪارخانا فئڪٽريون. پوءِ هِتي جا ماڻهو هڪڙن ملڪن مان شيون گهرائي ٻين کي وڪڻڻ لڳا. چيني هنر مند ته هئا. هو ريڊيو ٽي وي کان جهازن جي مرمت ڪرڻ لڳا. لي ڪئان يو پنهنجن ماڻهن کي تلقين ڪئي ته موڪلن جو گهٽ سوچيو. اسان جي ڪمائي ”سروس“ ۾ آهي يعني ٻئي جي خذمت ڪرڻ سان ڪمائي ٿئي ٿي ان ڪري موڪل واري ڏينهن به ڪو جهاز مرمت لاءِ اچي وڃي ٿو ته ان جي مرمت ڪريو. ان کي تيل پاڻي يا جيڪا شيءِ کپي اها دڪانن تان خريد ڪري پهچايو .... نتيجي ۾ ڇا ٿيو جو اسان جهاز وارا هر وقت سنگاپور وڃڻ جو سوچڻ لڳاسين جِتي بنا وقت ضايع ٿيڻ جي موڪل واري ڏينهن به جهاز جي repair لاءِ ورڪ شاپ وارا پهچي ويا ٿي. کاڌي پيتي کان جهاز جي اسپيئر پارٽن تائين هر شيءِ مهيا ٿي وئي ٿي. ۽ پوءِ ته آهستي آهستي سنگاپور کي جهازران ۽ هوائي ڪمپنيون به پنهنجيون ٿي ويون. تعليمي ادارا به ايترا وڌي ويا ۽ انهن جو معيار ايڏو اتاهون رکيو ويو جو اسان جي ملڪن جا ماڻهن به اڄ اعليٰ تعليم لاءِ سنگاپور جو رخ اختيار ڪن ٿا. نه ته 1980ع تائين به سنگاپور ۽ ملائيشيا جا ماڻهو پڙهڻ لاءِ اسان جي يونيورسٽين ۾ ايندا هئا. اڄ سنگاپور ايڏو خوشحال ۽ هر سهولت وارو ملڪ آهي جو ڪنهن سنگاپوريءَ جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ بدلي ٿي ٿئي ته هن جو منهن لهيو وڃي .... اهو ائين آهي جيئن ڪراچي يا حيدر آباد جي رهاڪوءَ کي نوڪري لاءِ مٺي، کپرو يا گھوٽڪي موڪلجي. ايشيا جي ملڪن ۾ سنگاپور اهو ملڪ آهي جنهن جا ماڻهو دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ وڃڻ چاهين ته بنا ويزا جي وڃي سگهن ٿا. ويندي آمريڪا (USA) ۾ به. ان جي ڀيٽ ۾ اسان ڏسون ته ڪو زمانو هو جو اسان بنا ويزا جي جپان ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ پئي وياسين ۽ اڄ اسان کي بنگلاديش، دبئي ۽ نيپال جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ به ويزا لاءِ پريشان ٿيڻو پوي ٿو. سري لنڪا ئي هڪڙو ملڪ هو جِتي وڃڻ لاءِ ويزا جي ضرورت نه هئي .... ان ملڪ لاءِ به ٻڌجي پيو ته گذريل مهيني کان اسان جي ماڻهن تي بنا ويزا جي سندن ملڪ ۾ وڃڻ تي بندش هڻي ڇڏي آهي.
”لي ڪئان يو“ جيتوڻيڪ جمهوريت کي قائم رکيو پر ان ۾ ڪجهه پنهنجيون ڳالهيون به سختيءَ سان مڃايون. جيئن اخبارن کي آزادي هوندي به هن اخبارن تي سختي ڪئي ٿي خاص ڪري جيڪڏهن هنن ڪنهن خبر کي سنسني خيز بڻائي باهه ڀڙڪائي ٿي جنهن سان مذهبي، لساني يا قومي هنگاما ٿي سگهن. هو اجاين جلوسن جلسن جي به خلاف هو. ڏياري، پونگل، لائن ڊانس، ڪرسمس ڊي جهڙا خوشيءَ جا جشن ملهائڻا آهن ته ڀلي ملهايو .... جيئن سِک يا چيني رنگين ڪپڙا پائي سنگاپور جي رستن تي نچن ٽپن ٿا ته سٺي ڳالهه آهي. سنگاپور ۾ آيل ڌاريان ٽوئرسٽ به ان قسم جا جشن ڏسي خوش ٿين ٿا. اندرا گانڌي جي قتل وارن ڏينهن ۾ آئون سنگاپور هوس. دهلي ۾ سکن سان ٿيل ظلمن جي خلاف سنگاپور جا سک روڊن تي نڪري آيا ۽ انڊيا حڪومت خلاف نعرا هڻڻ شروع ڪيا. لي ڪئان يو هڪدم حڪم جاري ڪيو ته ان قسم جي مسخري ڪرڻي اٿانوَ ته انڊيا وڃي ڪريو هِتي ڪو به ”هنگامو“ يا ”گوڙ گهمسان“ نه ڪريو. سِکَ ويچارا چُپڙي ڪري گهر هليا ويا. ان سان گڏ ٻين کي به سبق/نياپو ملي ويو. اسرائيل جو وزير اعظم سنگاپور آيو ته ملائيشيا جي ملئي مسلمانن سان گڏ سنگاپور جي ملئي ماڻهن به احتجاج ڪيو. ’لي ڪئان يو‘ کين اکيون ڏيکاريون ته ”سڌا ٿي هلو. اسان کي هر ملڪ جي عزت ڪرڻي آهي جيڪو اسان سان سٺو ٿو هلي“. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنگاپور کي جڏهن شروع وارن ڏينهن ۾ اڪيلو ڪيو ويو هو ته ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ ڊفينس لاءِ سنگاپور جي نوجوانن کي اسرائيل ۽ انڊيا ٽرين ڪيو هو. هونءَ به انڊيا جا سنگاپور سان ويجھا تعلقات ان ڪري آهن جو سنگاپور جا تامل ڏکڻ هندستان جا آهن ۽ سنگاپور جڏهن انگريزن جي هٿ هيٺ هو ته اهو ”مدراس پريزيڊنسي“ ۾ آيو ٿي جيئن سنڌ ۽ عدن ٻئي ”بامبي پريزيڊنسي“ ۾ هئا. هينئر به ”لي ڪئان يو“ جي وفات تي انڊيا هڪ ڏينهن جو سوڳ ملهايو آهي.
سنگاپور ٻيٽ جي پکيڙ گهٽ هجڻ ڪري ’لي ڪئان يو‘ هر فئملي تي گهڻا ٻار ڄڻڻ تي سختي ڪئي. مون کي ياد آهي انهن ڏينهن ۾ سنگاپور جي بندرگاهه کان ٻاهر نڪربو هو ته جِتي ڪٿي “STOP AT TWO” جا بِل بورڊ نظر ايندا هئا يعني ”بچي دو هي اڇي“ اڄ به سنگاپور ۾ جنهن کي ٻن کان وڌيڪَ ٻار ٿين ٿا انهن کي حڪومت طرفان سهولتون گهٽ ملن ٿيون. ’لي ڪئان يو‘ زال ڳولڻ جي سلسلي ۾ به پرچار ڪئي ته جيتري قدر ٿي سگهي گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪرين سان شادي ڪريو.
انگريزن جي ڏينهن کان اسڪول ۾ ڪيننگ (لڪڻ سان مار ڏيڻ) جاري هئي. لي ڪئان يو ان کي جاري رکيو جو هن جو اهو ئي خيال هو ته ڏنگن ٻارن کي سڌو ڪرڻ لاءِ ڏندو ضروري آهي. نه رڳو شاگردن لاءِ پر نشي پتي جي ڏوهارين ۽ ڀتين تي لکڻ وارن (Vandals) لاءِ به ڪيننگ قائم رکي. ان تي ڪافي ملڪن اعتراض ڪيو پر لي ڪئان يو ڪنهن جي نه ٻڌي. ملڪ جي هر نوجوان لاءِ ٻه سال فوجي سکيا وٺڻ پڻ ضروري ڪئي ۽ اسڪولن ڪاليجن ۾ پڙهائي سان گڏ رانديون، تقريرون ۽ ڊبيٽنگ ضروري ڪئي. لي پاڻ به سٺو ۽ محنتي شاگرد هو ۽ سندس تعلق امير خاندان سان هجڻ جي باوجود ٻي جنگِ عظيم دوران ڏکيا ڏينهن اچڻ تي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هن هٿ جو پورهيو ڪيو .... خاص ڪري Stik fas برانڊ جو کونئر پاڻ ٺاهي وڪرو ڪيو. ان ڪري لي چاهيو ٿي ته سندس ملڪ جا ٻار به محنتي ٿين ۽ جيڪو پاڻ کي پڙهڻ ۾ هوشيار نٿو سمجھي اهو مئٽرڪ بعد واڍي، اليڪٽريشن، پلمبر يا درزي وغيره جو هنر سکي ان فيلڊ ۾ ماهر ٿئي. تعليم جو معيار هن تمام مٿانهون رکيو جنهن ڪري سنگاپور جي گرئجوئيٽ کي جِتي ڪٿي نوڪري مليو وڃي.
لي ڪئان يو جي ڪاميابين تي چين به حيرت کائيندو رهيو ٿي. چين جي حڪمران دينگ زيائو پنگ (Deng Xiaoping) جي ڏينهن ۾، چين کان 2200 آفيسر سنگاپور ۾ خاص ان بابت سکيا وٺڻ لاءِ موڪليا ويا ته ملڪ کي ڪيئن خوشحال بنائجي. ان کي ڪيئن ترقي وٺرائجي. آمريڪا جو صدر رچرڊ نڪسن چوندو هو ته لي جيڪڏهن آمريڪا يا يورپ ۾ هجي ها ته هن جو قد ڪاٺ چرچل، ڊسرائيلي ۽ گلئڊ اسٽون برابر هُجي ها. برطانيه جو وزير اعظم ٽوني بليئر چوندو هو ته: “Lee is the Smartest leader I ever met”.
انگلنڊ جي مئڊم تساد جي ميوزيم ۾ لي ۽ سندس زال کي مرڪندو ڏيکاريو ويو آهي. گذريل سال 2014ع ۾ A Luxury we cannot afford نالي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيو آهي جنهن جو اهو عنوان لي جي هڪ اڻ پسند چوڻيءَ تان آهي. لي چوندو هو ته شعر و شاعري جهڙين شين تي وقت ضايع نه ڪريو ان جي بدران ڪنهن ڪم جي ڳالهه ڪريو.
“Poetry is a luxury we cannot afford…. What is important for pupils is not literature, but a philosophy of life”.
لي ڪئان يو ڪيترائي ڪتاب لکيا جيڪي وڏي دلچسپي سان پڙهيا وڃن ٿا. سڀ کان گهڻو مشهور يادگيرين جا ٻه واليوم آهن The Singapore Story۽ ٻيو ڪتاب From Third World to first
ان کان علاوه لي جا ڪجهه ٻيا مشهور ڪِتاب آهن:
Keeping Mandarin Alive هن ڪتاب ۾ لي ڪئان يو جو چيني زبان سکڻ جو تجربو آهي
Hard Truths to keep Singapore Going.
The Wit & Wisdom of Lee Kuan Yew ۽
One Man’s View of the World.

مائينڊ يوئر لئنگئيج

جهاز جي نوڪري دوران يا ولائت ۾ رهڻ دوران جن شاعرن، اديبن، فلمي ائڪٽرن يا فنڪارن سان ملاقات ٿي انهن مان ”بيري جوزف ايوانس“ به هڪ آهي جيڪو بعد ۾ ٽي وي اداڪار ”مسٽر جرمي برائون“ يا ٺلهو ”ماستر برائون“ جي نالي سان اسان جي ملڪ ۾ بي بي سي جي ڊراما سيريل Mind your language ڪري بيحد مشهور ٿيو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ستر جي ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ لنڊن ۾ ٿي جڏهن هو مختلف اسٽيج ڊرامن ۽ ٽي وي فلمن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو. کيس جيتري مشهوري ملي ان حساب سان هن جي خوشحال زندگي نه گذري. مون هن کي هر وقت پريشاني جي حالت ۾ ڏٺو. اسي واري ڏهاڪي ۾ هو ملائيشيا به آيو جتي پڻ منهنجي هن سان ملاقات ٿيندي رهي. ان وقت به هو پريشان هو جو هن ٻڌايو ته هو وڏي عرصي کان بيروزگار آهي. عمر ۾ هو مون جيڏو هو.... ڪو سال اڌ جو فرق هوندو. هو 18 جون 1943ع تي انگلنڊ جي Surrey علائقي جي گلڊ فورڊ ڳوٺ ۾ ڄائو. کيس پنهنجي والدين جي خبر ناهي جو ڄم وقت هنن هن کي لاوارث ڪري ڇڏيو ۽ مختلف يتيم گهرن ۾ رهي اتي جي اسڪولن ۾ پڙهيو.
ايوانس (Barry Joseph Evans) ننڍي هوندي کان اداڪاري ۾ هوشيار هو. هن جي اها خاصيت اسڪول جي ڏينهن ۾ ئي نمايان ٿي وئي جڏهن هو اسڪول ۾ ٿيندڙ ڊرامن ۾ ليڊنگ رول ڪرڻ لڳو. اڳتي هلي هن کي ڊرامن جي اسڪول ۾ داخلا لاءِ اسڪالرشپ ملي وئي، جتان گرئجوئيشن بعد هن ٽي وي جي هڪ سوپ اوپيرا Crossroads ۾ 1964ع ۾ ڪم ڪيو.
ايوانس سان جڏهن منهنجي ملاقات ٿي ته هو ان وقت جي مشهور مزاحيه ڊاڪٽر سيريز جي ناولن تي ٽي وي سيريز ۾ ڪم ڪري رهيو هو. انهن ناولن جو ٻڌي آئون ايوانس مان بيحد متاثر ٿيس. اسان جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هئاسين ته تن ڏينهن ۾ اسانجي لئبرري ۾ هي ڊاڪٽر سيريز جا ڪتاب: ڊاڪٽر ان هائوس، ڊاڪٽر ائٽ سِي، ڊاڪٽر ائٽ لارج وغيره موجود هئا جن جو ليکڪ رچرڊ گورڊن آهي. منهنجي خيال ۾ اسان سڀني ڪلاس ميٽن اهي پڙهيا هوندا. بلڪه ان وقت مشهور هو ته جنهن کي انگريزي ناول پڙهڻ جو شوق نه هجي ته اهو پهرين رچرڊ گورڊن جا ڊاڪٽر سيريز جا ناول پڙهي جيڪي دلچسپ هجڻ سان گڏ آسان انگريزي ۾ آهن. اڄ به آئون ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن جي شاگردن کي جن وٽ انگريزي هلي ٿي، اهي ناول پڙهڻ لاءِ چوندو آهيان. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته مون انهن ناولن کي وري ڪٿي نه ڏٺو. دنيا اڄ ڪلهه ايترو اڳتي وڌي چڪي آهي.... ايترا مزاحيه ڪتاب ۽ فلمون اچي چڪيون آهن جو ٿي سگهي ٿو اڄ جي نوجوان کي اهي ايترو نه کلائين جيترو اسين انهن ڏينهن ۾ پڙهي کل ۾ کيرا ٿي ويندا هئاسين.
ايوانس انگلنڊ کان ٻاهر اسانجي ملڪ پاڪستان، سنگاپور، انڊيا، نائيجيريا ويندي اسپين، فرانس، چين، جپان جهڙن ملڪن ۾ يڪدم مشهور تڏهن ٿي ويو جڏهن هن 1977ع ۾ Mind your language نالي هڪ مزاحيه سيريز ۾ جَرمي برائون نالي سان انگريزي سيکارڻ واري ٽيچر جو پارٽ ادا ڪيو. هن سيريز ۾ لنڊن ۾ شام جو هلندڙ (ايوننگ ڪلاس) ۾ انهن اميگرنٽس کي انگريزي پڙهندو ڏيکاريو ويو آهي جيڪي هاڻ لنڊن ۾ رهن ٿا. انهن ۾ مختلف ملڪن جا مرد، عورتون، نوجوان ۽ پوڙها آهن جيڪي پنهنجي ڳالهائڻ جي اسٽائيل ۽ عادتن ڪري دلچسپ لڳن ٿا ۽ جتي ڪٿي هنن کي پسند ڪيو ويو. انهن مان ڪجهه هن ريت هئا:
علي نديم نالي هڪ بيروزگار پاڪستاني هن انگريزي اسڪول جو پهريون شاگرد هو. علي جيڪو ٻڌائي ٿو ته هو لاهور کان هتي آيو، هر وقت جناح ڪئپ ۾ نظر اچي ٿو. هي سڀ ۾ گهڻو ڳالهائي ٿو ۽ ڪلاس ۾ ايندر سک رنجيت سان لڳائي رکي ٿو. عليءَ جا هر وقت چيل هي لفظ Oh Blimey، ايڪسڪيوز مي بدران ”اسڪئيزمي پليز“ ۽ ڳالهه ڳالهه تي “Jolly Good” چوڻ سڀني کي کلائي ٿو.
علي نديم کي مائينڊ يور لئنگئيج ۾ ڏسڻ ۽ پسند ڪرڻ وارن لاءِ هتي لکندو هلان ته هو اڄ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. علي هڪ بنگالي ائڪٽر هو. جنهن بنگلاديش جي ڊاڪا يونيورسٽي مان گرئجوئيشن ڪئي هئي. پاڻ 1929 ۾ ڊاڪا ۾ ڄائو ۽ 1984ع ۾ انگلنڊ ۾ وفات ڪئي.
ايوانس (جرمي برائون) جي هن ڪلاس ۾ هڪ اطالوي نوجوان بورچي به آهي جيڪو پنهنجي يوناني دوست مئڪس سان گڏ اچي ٿو. هن کي ماستر برائون جي ڪنهن به ڳالهه تي حيرت ٿئي ٿي ته يڪدم چوي ٿو ”سانتا ماريا“.... يا وري O.K چوڻ بدران ”اوڪي ڪوڪي“ چوي ٿو.
ائنا نالي هڪ جرمن ڇوڪري آهي جيڪا انگريزي لفظن سان گڏ جرمن لفظ ملائي ٿي. چُنگ سُئي نالي چيني ڇوڪري پاڻ سان روز مائوزي تنگ جو ريڊ بڪ کڻي اچي ٿي ۽ ڳالهه ڳالهه تي ان جي ڪا سِٽَ پڙهي ٿي. هوءَ هميشه “R” کي “L” سان مڪس ڪندي رهي ٿي. هن کي هر وقت جپاني پوڙهي شاگرد ”تارو نگازومي“ جي سوچ سان ٽڪراءُ رهيو ٿي. هي جپاني شاگرد روز ڪئميرا کڻي اچي ٿو.
رنجيت سنگهه جو پارٽ انگلنڊ جي ائڪٽر البرٽ موزز ڪيو آهي. ڪلاس ۾ جڏهن به ماستر جرمي برائون (ايوانس) سندس غلط انگريزي صحيح ڪري ٿو ته هو ٻئي هٿ ٻڌي چوي ٿو: “A thousand apologies”
مون وٽان ملائيشيا مان موٽڻ بعد ايونس وري انگلنڊ آيو پر وڏي عمر ڪري هن کي ان عمر جو ڪو پارٽ ملڻ ڏکيو ٿي پيو. هن اداڪاريءَ جي پچر ڇڏي لئڪسٽر شائر ۾ ٽئڪسي هلائڻ شروع ڪئي جتي سن 1997ع ۾ هو سندس ڊٺل گهر ۾ پوليس کي مئل حالت ۾ مليو. ان وقت سندس عمر 53 سال هئي. سندس موت کان ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڪار چوري ٿي وئي هئي جيڪا ملڻ تي هن کي اطلاع ڪرڻ لاءِ، پوليس هن جي گهرِ آئي ته هنن کي ايوانس جو لاش مليو.
جيمس نالي ڪار چور کي قتل جي ڪيس ۾ به سوگھو ڪيو ويو پر ثبوت نه ملڻ ڪري جيمس کي ڇڏيو ويو. اڄ ڏينهن تائين ايونس (ماستر جرمي برائون) جو قتل هڪ راز هلندو اچي جنهن کي انگلنڊ جي ”اسڪاٽلنڊ يارڊ“ جي پوليس به حل ڪري نه سگهي آهي!
آخر ۾ اهو به لکندو هلان ته ايوانس (ماسٽر جرمي برائون) جو هي مزاحيه سيريز Mind your language دنيا ۾ ايترو ته مشهور ٿيو جو ٻين ڪيترن ملڪن ۾ ان جهڙا مزاحيه ڊراما ٺاهيا ويا. آمريڪا (US) وارن ان جو نالو What a Country! رکيو. نائيجيريا وارن Second Chance رکيو. پاڪستان ۽ انڊيا وارن اڙدو ۽ هنديءَ ۾ الڳ الڳ ٺاهيو پر نالو ٻنهي ساڳيو رکيو: ”زبان سمڀال ڪي“.



هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سَفر

1960ع ۾ جڏهن اسين مئٽرڪ ڪلاس ۾ هئاسين ته اسانجو هڪ ڪلاس ميٽ درٻيلي جو خالد حسين مخدوم لاهور گهمي موٽڻ تي اتان “The Road to Mecca” نالي ڪتاب وٺي آيو هو جيڪو اسان سڀني پڙهيو. هن ڪتاب بابت Review يا شايد خبر، اسان ڊان اخبار ۾ پڙهيو هو. اسانجو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس، جيڪو هونءَ ته اسانکي گهڻي کان گهڻا انگريزي ڪتاب پڙهڻ لاءِ چوندو هو جيئن اسانجي انگريزي ۽ معلومات بهتر ٿئي پر لئبرري لاءِ هي ڪتاب گهرائڻ کان هو نٽائيندو رهيو. اسانجي پرنسپال جون هونءَ سڀ سٺيون ڳالهيون هيون پر هن کي جرمن، يهودين، نازين لاءِ سخت نفرت هئي. ان ۾ هن جو ڏوهه به نه هو. ٻي جنگ عظيم جيتوڻيڪ آخر ۾ انگريزن کٽي پر ٽي چار سال 1939ع کان 1945ع تائين جرمنن انگريزن کي پِنائي رکيو ۽ انگريزن جو D-Day تائين ساهه مُٺِ ۾ هو. ذرا سوچيو جن جو اڌ دنيا تي راڄ هو انهن کي جرمنن ۽ جپانين ڪنگلو ۽ نفسياتي مريض بنائي ڇڏيو. جنگ کٽڻ جي باوجود هو ايڏا ڪمزور ٿي ويا جو آفريڪا ۽ ايشيا جو هڪ هڪ ملڪ سندن هٿن مان نڪري ويو. اسانجو انگريز فوجي پرنسپال، ان جنگ جو حصو هو. هو جرمنن جي قيد مان ته بچي ويو پر سنگاپور ۾ پوسٽنگ دوران هو جپانين جو POW (پرزنر آف وار) ٿي رهيو ۽ سخت تڪليفون ڏٺائين. هن کي جپانين تي به چڙ هوندي هئي پر جرمنن لاءِ وڌيڪ غم ۽ غصو هوندو هوس جو جپاني ته وري به ڌاريان ۽ ڏورانهين ڏيهه جا ٿيا پر هي پاڙي جا جرمن ته ڄڻ سندن سوٽ ماسات هئا، جن ڏني نه ورتي پاڻ کي به خوار ڪيو ۽ هنن (انگريزن) کي به ذليل ڪيو.
هڪ دفعي ڪاليج ۾ اسان ڪجهه دوستن، بنا ڪنهن نيت يا پروگرام جي ٺوڙهه ڪرائي. ڪرنل ڪومبس کي ايڏي ڪاوڙ آئي جو اسان کي ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو. قاضي عبدالمجيد عابد صاحب (پاڪستان اسيمبلي جي اسپيڪر فهميدا مرزا جو والد) جنهن جا هن ڪاليج تي ڪافي ٿورا هئا ۽ سندس پٽ اظهر قاضي به ان ڪم ۾ اسان سان شامل هو، ان جي به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. آخرڪار هن (قاضي عابد صاحب) ان وقت جي صدر صاحب فيلڊ مارشل محمد ايوب کان سفارش ڪرائي جنهن تي راضي ٿي پرنسپال معاف ڪيو. ڪاليج موٽڻ تي به اسان حيران هئاسين ته آخر ٺوڙهه ڪرائڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه ڪيوسين. هونءَ ئي ڪاليج جي سڀني ڪئڊٽن جي Crew ڪٽ ٿيندي هئي، يعني ڪڻڪ جي داڻن جيڏا وار رکيا ويندا هئا. پوءِ ڪجهه هفتن بعد هڪ ڏينهن ڊنر تي ڳالهين دوران ڪرنل ڪومبس ٻڌايو ته جرمن نازي ائين ڪندا هئا......... ۽ اسان مان ڪيترن کي ان وقت اها به خبر نه هئي ته پهرين يا ٻي جنگ عظيم ۾ ڪهڙو ملڪ ڪنهن جي پاسي هو.
”دي روڊ ته ميڪا“ ڪتاب ۾ اسلام جون ڳالهيون ۽ سعودي عرب جو سفرنامو آهي ۽ اسانجي پرنسپال کي اسلام کان نفرت نه هئي. هن نه فقط اسان لاءِ پنج وقت نماز مسجد ۾ پڙهڻ ضروري ڪئي هئي پر روزانو صبح جو اسيمبلي ۾ قرآن جي تلاوت بعد ان جي معنيٰ پاڻ ٻڌائيندو هو. پوءِ خبر پيئي، هِن هُن کان ٻڌوسين ته ڪتاب جو ليکڪ محمد اسد جيڪو اسانجي پرنسپال جو تقريباً هم عمر هو ان سان کيس چڙ هئي جو هو يهودي هو. محمد اسد جيتوڻيڪ مسلمان ٿي چڪو هو پر ڪرنل ڪومبس جهڙن ڪيترن انگريزن هن کي نازي (جرمن) جاسوس سمجھيو ٿي. ايتري قدر جو 1939ع ۾ جيئن ئي ٻي وڏي لڙائيءَ جي شروعات ٿي ته انگريز حڪومت ننڍي کنڊ جي (برٽس انڊيا) ۾ جيڪي جرمن قوميت جا ٽي هزار کن يهودي هُئا انهن کي قيد ڪري ڇڏيو. هن ڪتاب The Road to Mecca جو ليکڪ محمد اسد به انهن ڏينهن ۾ هندستان ۾ رهيل هو ۽ ٻين يهودين ۾ هي اڪيلو مسلمان هو. هو ڪڏهوڪو نه فقط مسلمان ٿي چڪو هو پر هن جرمني ۽ پولنڊ جي قوميت به ڇڏي، آسٽريا جي وٺي چڪو هو. ان هوندي به هن کي جنگ جي خاتمي تائين جرمن فوج جو همدرد سمجهي انڊيا جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. بهرحال ان وقت تائين محمد اسد مٿيون ڪتاب اڃان نه لکيو هو پر اسلام تي ليڪچر ۽ مضمون لکڻ ۽ ”صحيح بخاري“ جون حديثون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ڪري ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي دل پسند شخصيت هو. سندس آزادي لاءِ ان وقت جي اهم ماڻهن ظفر الله خان ۽ سڪندر حيات انگريزن کي ڏاڍي سفارش ڪئي پر انگريزن ڪنهن جي به نه ٻڌي. هو کيس پنهنجو دشمن ئي سمجھندا رهيا. سر ظفر الله خان انهن ڏينهن ۾ وائسراءِ جي ڪابينا جو ميمبر قانون هو. پاڪستان ٿيڻ تي هو پهريون وزير خارجا مقرر ٿيو. سردار سڪندار حيات (1942ــ 1892ع) تن ڏينهن ۾ پنجاب صوبي جو وزير اعليٰ هو. سندس پٽ سردار شوڪت حيات (1998 ــ 1915ع) مسلم ليگ جو ورڪر ۽ محمد علي جناح جو ساٿي ٿي رهيو.
محمد اسد جو ڪتاب The Road to Mecca، جنهن جو ڪيترن ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ تازو اڙدو ۾ ”شاهراهه مڪا“ جي نالي سان ڇپيو آهي، عربستان جو سفرنامو ۽ محمد اسد جي شروعاتي سالن جي آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ هن 1932ع تائين، جيسيتائين هو مڪي ۽ مديني ۾ رهيو، پنهنجي زندگي جو احوال قلمبند ڪيو آهي. هي ڪتاب 1954ع ۾ ڇپيو ته ان ئي سال هن جو بيشمار ڪاپيون وڪرو ٿيون هيون. اسان کي 1960ع ۾ خبر پيئي ۽ پڙهيوسين، بلڪه هن ڪتاب کي مون جهاز جي ڊگهن سفرن دوران هڪ دفعو وري سمنڊ تي به پڙهيو ۽ هن ڪتاب مان ايڏو متاثر ٿيس جو 1994 ڌاري جڏهن آئون ڪجهه مهينن لاءِ پنهنجي عرب دوست (حسن الحاربي جنهن مون سان گڏ سئيڊن جي شهر مالمو مان جهازراني جي تعليم حاصل ڪئي) جي دعوت تي هن جي گهر ينبع (Yanbu) ۾ وڃي رهيس (جتان هر جمعي ڏينهن ڀر واري شهر مديني ويندا هئاسين) جي سفرنامي ۽ سعودي عرب ۾ گذاريل ڏينهن واري احوال جي ڪتاب جو نالو ”دي روڊ ٽُ مدينا“ رکيو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته محمد اسد جي هن ڪتاب The Road to Mecca کي ڇپئي اڄ سٺ سال کن اچي ٿيا آهن پر اهو اڄ به ايترو ئي مشهور آهي ۽ وڏي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. مشرق توڙي مغرب جا ناشر هن ڪتاب کي وڏي اهتمام سان ڇپين ٿا ۽ دنيا جي شايد ئي ڪا وڏي زبان هجي جنهن ۾ هن ڪتاب جو ترجمو نه ٿيو هجي. 1954 ۾ جڏهن هي ڪتاب پهريون دفعو ڇپيو هو ته هن ڪتاب جو وڪرو سڀني ڪتابن کان وڌيڪ مڃيو ويو هو. هن ڪتاب ۾ مهم جوئي جي واقعن کي اعليٰ نموني سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ مسلمانن، خاص ڪري عربن جي حقيقي زندگي جو اولڙو واضح طور ڏيکائي ڏئي ٿو. هي ڪتاب مصنف جي غير جانبداراني خيالن ۽ ذهني اتمپڻي جو ثبوت ڏئي ٿو. هن ڪتاب ۾ حقيقت ۽ افساني جو هڪ خوبصورت ميلاپ آهي جيڪو جرمن شاعر گوئٽي جي آتم ڪٿا Dichtung und Wahrheit (سچائي ۽ افسانو) جي ياد ڏاري ٿو ۽ بقول نيويارڪ جي هيرالڊ ٽريبون جي: ” فرييا اسٽارڪ کان پوءِ عرب دنيا تي هن کان وڌيڪ بهتر ڪتاب شآيع نه ٿيو آهي. ....“
مونکي اهڙن يورپي ۽ آمريڪي ماڻهن سان ملڻ جو ڏاڍوشوق رهيو آهي جن اسلام قبول ڪيو ۽ صحيح طرح مسلمان ٿي زندگي بسر ڪيائون. مون کي پنهنجو پاڻ تي افسوس ٿيندو آهي ته مسلمان جي گهر ۾ پيدا ٿي ڪري به اسان پنهنجي مذهب کي ان قدر سان نه ڏسون ٿا ۽ نه سمجهون ٿا. جيتوڻيڪ هن قسم جي ڪيترن ئي نون مسلمانن، حق جي ڳولا جي سفر بعد اسلام قبول ڪرڻ بابت ايمان افروز واقعا تحرير ڪيا آهن، پر شآيد ئي ڪنهن غير مسلم انهن کي پڙهي هنن جي راهه تي هلڻ جو فيصلو ڪيو هجي. هيءَ سعادت فقط محمد اسد جي ڪتاب ”دي روڊ ٽُ ميڪا“ (شاهراهه مکه) کي حاصل آهي جنهن کي پڙهي آمريڪا جي يهودي عورت مريم جميلا ۽ سابق جرمن سفير مرادو لفريد هافمان جهڙا ماڻهو مسلمان ٿيا.
محمد اسد سعودي عرب ۾ رهڻ بعد هڪ وڏو عرصو برٽش انڊيا ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو، پر منهنجي ساڻن ملاقات اسپين ۾ ٿي جتي ستر واري ڏهي ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ مان ايندي ويندي هر دفعي اسانجو جهاز سامان لاهڻ چاڙهڻ يا مرمت لاءِ بارسلونا ۽ اسپين جي ٻين بندرگاهن ۾ ترسيو ٿي. سامونڊي نوڪري ڇڏي سئيڊن جي شهر مالمو ۾ رهيل هوس ته 1992ع ۾ محمد اسد جي وفات جي خبر پڙهيسين. هو اسپين جي تاريخي شهر غرناطا ۾ دفن ٿيل آهي.
محمد اسد جولاءِ 1900ع ۾ جرمنيءَ جي شهر ليمبرگ (هاڻ هي شهر پولنڊ ۾ اچي ٿو ۽ Lvov سڏجي ٿو) ۾ ڪِيوا ويسز نالي هڪ يهوديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڄمڻ وقت سندس نالو ليوپولڊ ويسز (Leopold Weiss) رکيو ويو. محمد اسد جو خاندان پشت به پشت رابي (يهودي پنڊت) ٿي رهيا پر سندس پيءُ اهو هلندڙ وهنوار ختم ڪيو ۽ مندر جو ٻائو ٿيڻ بدران بئريسٽر ٿيو. اسد کي ننڍي هوندي مذهبي تعليم سان گڏ يهودين جي زبان هيبريو ۾ به ڀڙڪيو ويو. هن کي اهي سڀ مذهبي ڪتاب پڙهايا ويا جن سان هو گرئجوئيٽ ٻائو (Rabi) بنجي سگهيو ٿي. پر ان دوران هن جي فئملي اباڻو وطن ڇڏي آسٽريا جي گادي واري شهر ويانا ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي جتي جي يونيورسٽي ۾ اسد فلسفو ۽ تاريخ جهڙا سبجيڪٽ پڙهي اخباري نمائندو ٿيو. هو ٻه سال کن وچ يورپ جا چڪر هڻي 1992ع ۾ پنهنجي چاچي سان ملڻ لاءِ يروشلم آيو جتي هن جي ڪيترن ئي عربن سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ هن کي اسلام جي ڄاڻ ٿي. سال ٻه فلسطين، شام، عراق، مصر ۽ افغانستان جو دورو ڪري هو جرمني جي شهر برلن موٽيو. هن جي دماغ ۾ هر وقت اسلام بابت ڳالهيون رهيون ٿي.
هو پنهنجي مسلمان ٿيڻ جو واقعو هن ريت ٻڌائي ٿو ته: هو هڪ ڏينهن سال 1926ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ پنهنجي زال ايلسا سان گڏ برلن جي سب وي ٽرين جي مٿاهين ڪلاس واري دٻي ۾ سفر ڪري رهيو هو جنهن ۾ وڏا امير ۽ بزنيس مين سفر ڪن ٿا........... ”منهنجيون اکيون سامهون ويٺل هڪ دولتمند جي چهري ڏي کڄي ويون. هو اعليٰ پوشاڪ پهريل هو ۽ هن جي هر هڪ شيءِ ان ڳالهه جو ثبوت ٿي ڏنو ته هن وٽ زندگي جو هر سک ۽ آسائش موجود آهي. پر مون جڏهن هن جي چهري ڏي غور سان ڏٺو ته هو نه فقط ڏکويل لڳو پر بيحد ناخوش پڻ! مون اها ڳالهه ايلسا سان ڪئي جنهن پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي. ان بعد اسان هن گاڏي ۾ ويٺل ٻن اميرن ڏي ڏٺو ته هنن کي به اسان ساڳي مونجھاري ۽ مايوسيءَ ۾ غرق ڏٺو. لڳو ٿي ته اهي ڪنهن لڪل تڪليف ۾ مبتلا هجن. هڪ گهڙيءَ لاءِ مون سوچيو ته ڇا هنن کي ان جي خبر آهي؟ نه. هرگز نه. هو ته سڀ ڪجهه هوندي به بي سڪونيءَ جي حالت ۾ اڃان وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ آهن. پنهنجي زندگي جو معيار اڃان بلند ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. هو اڃان وڌيڪ آسائشون، مادي سهولتون، شيون شڪليون ۽ پاور حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن ۽ پاڻ پتوڙي رهيا آهن...........“
محمد اسد ٻڌايو ته ان ڏينهن شامَ جو گهر موٽڻ تي هن جون نظرون ٽيبل تي کليل قرآن شريف جي ڪاپي ڏي کڄي ويون جيڪو صبح جو پڙهڻ بعد ائين ڇڏي ويو هو.“ مون ان کي بند ڪري ڪتابن جي رئڪ تي ٿي رکيو ته منهنجون نظرون ان کليل صفحي ۾ ڄمي ويون جنهن تي قرآن جي سوره 102 التڪاثر جو انگريزي ترجمو لکيل هو جو مون پڙهڻ شروع ڪيو:
You are obsessed by greed for more & more
الهَاکمُ التڪَاثرُ
Until you go down to you graves
حَتيٰ زُرتُمُ المَقَابِرَ...........
(توهان کي گهڻي کان گهڻو حاصل ڪرڻ جي حرص غافل ڪيو (جو اوهان انسانيت جي صحيح منزل مقصود کان به ڀٽڪي ويائو). (اوهان پنهنجي طلب کي پنهنجي بنيادي ضرورتن موجب رکڻ بجاءِ حوس وڌائيندا رهيؤ) تان جو وڃي اوهان قبرن کي پهتؤ. (زندگي رُڳو) ائين نه آهي. (جيڪڏهن عقل ۽ فهم کان ڪم وٺو ته ان روش جي بڇڙاين ۽ تباهه ڪارين کي) اوهين ڄاڻي وٺندؤ.
وري (چئو ٿا ته زندگي) ائين نه آهي اوهين (ان روش جي تباهه ڪارين کي جلد ئي) ڄاڻي وٺنداؤ،. پڪ سان ائين نه آهي جيڪڏهن (اوهان به) يقيني طرح (گهرائي ۾ وڃي غور ڪرڻ) سان ڄاڻو ها (ته غافل نه ٿيو ها).
(پوءِ) قسم سان (قيامت ۾) دوزخ کي ضرور ڏسندؤ.
وري ان ڏينهن (دوزخ ۾ داخل ٿي) ان کي يقيني طرح سان ڏسندؤ.
وري ان ڏينهن (خُدا جي طرفان اوهان کي عطا ڪيل سڀني) نعمتن بابت اوهان کان پڇبو (ته انهن کي اوهان پنهنجي حوس جي تسڪين لاءِ ڇو استعمال ڪيو).
محمد اسد ٻڌائي ٿو ته: ”اهو پڙهي ڪجهه گهڙين لاءِ منهنجي زبان مان ڪو لفظ نه پيو نڪري. منهنجي خيال ۾ ڪتاب منهنجي هٿن ۾ لڏي ويو. مون اهو ايلسا حوالي ڪندي چيو، ”هي پڙهه ته سهي! ڇا هي ان ڳالهه جو جواب ناهي جيڪا پاڻ سب وي ٽرين ۾ ڏسي رهيا هئاسين؟“ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اهو هڪ فيصلي وارو جواب هو. مونکي هاڻ ڳالهه سمجھ ۾ آئي ته هي ڪتاب الهامي آهي جيڪو اسان جي هٿن ۾ آهي. جيتوڻيڪ هي ڪتاب اسان کي چوڏهن سال اڳ مليو پر هن ۾ انهن ڳالهين ۽ پريشانين جو به جواب آهي جيڪي اڄ جي مشيني ۽ جيٽ دؤر جي مونجھارن ۾ نظر اچي رهيون آهن......... هن ڪتاب جي هڪ هڪ سٽ انسان جي عقل کان مٿي آهي. ان ۾ لکيل حڪمت جون ڳالهيون ۽ انسان لاءِ ڏنل رهنمائي رب پاڪ طرفان ئي آهي.“
بهرحال اها ڳالهه ليوڊ پولڊ ويسس لاءِ turning point ثابت ٿي ۽ هو مسلمان ٿيو. برلن (جرمني) ۾ رهندڙ هڪ ننڍڙي مسلمان ڪميونٽي وٽ ليوپولڊ ويو ۽ ڪلمو پڙهي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيو. هن پنهنجو نالو ”محمد اسد“ پسند ڪيو. مسلمان ٿيڻ سان هن ڪجهه قدم يڪدم کنيا. هن جو پيءُ جنهن جو تعلق ملڪ جي يهودي گهراڻي جي تبليغي جماعت سان هو تنهن جي ناراضگي ڪري هن کان الڳ ٿي ويو. هن ايلسا سان شادي ڪئي جنهن پڻ اسلام قبول ڪيو (ياد رهي ته ان کان اڳ هي ٻئي بنا نڪاح جي دوستن جي حيثيت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا)، هن اخبار جي نوڪريءَ کي به الوداع ڪئي ۽ حج ڪرڻ جي ارادي سان مڪي رواني ٿيڻ جي تياري ڪئي.
اسد اسلام کي فقط مذهب نٿي سمجيو جيڪو عام طرح ٻين مذهبن کي سمجيو وڃي ٿو يا مغربي ماڻهن اسلام کي به ائين سمجيو ٿي پر هن اسلام کي هر دور کان هڪ ڪامل مذهب ۽ زندگي گذرڻ جو سڦل طريقو سمجيو ٿي. اسلام روز مرهه جي زندگي گهارڻ لاءِ Practical Guide آهي جنهن جا اصول Harmoniously Balanced آهن. بقول محمد اسد جي:
“Islam appears to me like a perfect work of architecture. All its parts are harmoniously conceived to complement and support each other: nothing is superfluous and nothing lacking: and the result is a structure of absolute balance and solid composure.”
مڪي پهچڻ کان نو ڏينهن پوءِ اسد جي زال ايلسا گذاري وئي جيڪا اتي دفن ڪئي وئي. پاڻ في الحال مڪي ۾ رهيو پيو هو ته ڪعبة الله جي لئبرري ۾ هڪ ڏينهن اسد کي شهزادي فيصل سان ملڻ جو موقعو ملي ويو جنهن کيس پنهنجي والد بادشاهه عبدالعزيز السعود سان ملڻ جي دعوت ڏني. هن دعوت ۾ بادشاهه عبدالعزيز محمد اسد جي ڄاڻ، روحاني گهرائي ۽ صاف سٿري سوچ مان ايڏو ته متاثر ٿيو جو هو روز اسد کي پاڻ وٽ گهرائي خبر چار ڪرڻ لڳو.
اسد مڪي ۽ مديني ۾ ڇهه سالَ گذاريا جن ۾ هن عربي زبان تي عبور حاصل ڪيو ۽ قرآن، حديث ۽ اسلامي تاريخ جو اونهو مطالعو ڪيو. هن عربن جي زندگي جو جائزو وٺڻ لاءِ بدو عربن سان ملڻ جلڻ رکيو ۽ هنن سان گڏ سفر ڪيو. ان بعد وڌيڪ مسلمان ڪميونٽين ۽ ڪلچر کي سمجھڻ لاءِ وڌيڪ اوڀر ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو. 1932ع ۾ اسد عربستان جا پَٽ ڇڏي هندستان (برٽش انڊيا) جو رخ ڪيو جتي هن جي ملاقات مشهور شاعر فلاسفر ڊاڪٽر محمد اقبال سان ٿي جنهن ويجھڙائيءَ ۾ خود مختيار مسلم رياست جو proposal پيش ڪيو هو. ڊاڪٽر محمد اقبال محمد اسد کي برٽش انڊيا ۾ رهي انڊيا جي مسلمانن کي پنهنجو الڳ مسلمان ملڪ ٺاهڻ ۾ رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. ڊاڪٽر اقبال اسد کي چوڌاري نياز علي خان سان به ملرايو جيڪو هڪ زميندار ۽ مخير انسان هو جنهن ڊاڪٽر اقبال جي چوڻ تي پٺاڻ ڪوٽ انڊيا ۾ ۽ جوهر آباد پاڪستان ۾ دارالاسلام ٽرسٽ انسٽيٽيوب ٺاهيون. اسد انڊيا ۾ رهي پيو ۽ ڊاڪٽر اقبال ۽ چوڌري نياز علي خان سان گڏ گڏ ڪم ڪرڻ لڳو. هن ڊاڪٽر اقبال جي چوڻ تي صحيح بخاري حديثن جو عربي مان انگريزي ۾ ترجمو شروع ڪيو جنهن جي ڇپائيءَ لاءِ پريس ۽ مالي مدد لاءِ اسد حيدرآباد دکن جي نظام سان مليو. ”نظام نه رڳو مون کي ڇپائي جي پريس گهرائي ڏني پر سماهي رسالي ”اسلامڪ ڪلچر“ جو به ايڊيٽر مقرر ڪيو. جنهن لاءِ هن مونکي سٺي پگهار جي آفر ڪئي. مونکان اڳ هن رسالي جو ايڊيٽر محمد مارما ڊيوڪ پڪٿال هو جنهن ادارت جي ڪم کان فارغ ٿي پنهنجو سمورو ٽائيم قرآن جي انگريزي ترجمي ڪرڻ ۾ لڳائڻ چاهيو ٿي“ اسد پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي.
محمد اسد لاهور ۾ رهي صحيح بُخاري جي ترجمي ۽ هن رسالي جو ڪم ڪرڻ لڳو. 1939ع ۾ ٻي وڏي لڙائي لڳي. اسد پنهنجن مائٽن کي مشرقي يورپ مان ڪڍي پاڻ وٽ انڊيا گهرائڻ چاهيو ٿي پر ڪامياب نه ٿيو سگهيو. ٻين يهودين وانگر اسد جا والدين به گرفتار ٿي ويا جن کي بعد ۾ نازين قتل ڪري ڇڏيو. انڊيا تي راڄ ڪندڙ انگريز حڪومت انڊيا ۾ رهندڙ سڀني يهودين کي کڻي سوگھو ڪيو. اسد جيتوڻيڪ 13 سال کن اڳ مسلمان ٿي چڪو هو ته به هن کي جرمني جو سمجھي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو ۽ 1945ع ۾ جنگ ختم ٿيڻ تائين هو مختلف جيلن ۾ نظر بند رکيو ويو. سندس ٻي زال منيرا ۽ پٽ طلال جمالپور (پٺاڻ ڪوٽ کان پنجن ميلن جي فاصلي تي) نياز علي خان جي گهر ۾ رهيا.
اسد نئين مسلم رياست ٺهڻ جي پاسداري ۽ حمايت ڪئي ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي نئين ملڪ ٺهڻ تي اسد جي خدمتن جي عيوض کيس پاڪستان جي فل شهريت (citizenship) عطا ڪئي وئي ۽ کيس فارين سروس ۾ نوڪري ڏني وئي ۽ هن پاڪستان جا اسلامي ملڪن سان تعلقات مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. انڊيا جي ڪجهه غلط فهميون پيدا ڪرڻ تي سعودي عرب وارن پاڪستان کي پنهنجو نٿي سمجھيو. اسد پنهنجي ٻي ڪتاب A Man of Desert ۾ لکيو آهي ته هن جا جيئن ته عرب حاڪمن سان دوستاڻا تعلقات هئا ان ڪري هو پاڻ سعودي عرب ويو ۽ پاڪستان جي وڪالت ڪري ٻنهي ملڪن ۾ ڀائپي ۽ دوستي پيدا ڪئي.
پاڪستان ۾ سرڪاري نوڪري دوران ڪجهه سرڪاري ڪامورن کي اسد سان ساڙ ۽ حسد ٿي پيو ۽ هن جي خلاف تنقيد ۽ سٽل سٽڻ لڳا. انهن ۾ هڪ اهم ڪردار اڙدو جو مشهور ليکڪ ۽ بيوروڪريٽ پطرس بخاري به هو. بقول محمد اڪرم چغتائي (اسد جي ڪتابن جي اڙدو مترجم) جي اسد ۽ پطرس بخاري جا تعلقات ڇڪتاڻ وارا رهيا. اسد جي نظرن ۾ پطرس هڪ مغرور، خودبين ۽ رعب ڄمائڻ وارو آفيسر هو. اختلاف راءِ هن کان بلڪل برداشت نٿي ٿي. ٻئي پاسي پطرس بُخاريءَ کي به اسد متعلق ڪجهه غلط فهيميون هيون جيڪي اسد جي استعيفا ڏيڻ تائين جاري رهيون. هيءَ سال 1952ع جي شروع جي ڳالهه آهي. اسد چپ چاپ نوڪري کان استعيفا ڏئي پنهنجي آتم ڪٿا (آٽو بايو گرافي) The Road the Meccaلکڻ ۾ وقت گذارڻ لڳو. هن آتم ڪٿا ۾ هن جي 32 سالن جي عمر تائين جو احوال آهي جنهن ۾ هن مصر، عراق، شام ۽ ٻين ملڪن جو سفر ۽ مڪي ۽ مديني ۾ زندگي گذارڻ جو احوال، سندس مسلمان ٿيڻ ۽ يهودين جي وڌندڙ Zionist تحريڪ بابت لکيو آهي. هي ڪتاب لکڻ وقت هو ٻن ٽن سالن لاءِ نيويارڪ (آمريڪا) ۾ اچي رهيو هو جتي هن پهرين نومبر 1952ع تي حميده پولا سان شادي ڪئي جنهن اتي نوڪري ڪئي ٿي.
اسد جي پهرين زال ايلسا جيڪا مڪي پهچڻ سان نون ڏينهن بعد گذاري وئي جرمن هئي جيڪا کانئس 15 سال کن وڏي هئي ۽ هن کي پهرين مڙس مان هڪ پٽ هو. اسد جي اسلام قبول ڪرڻ تي هوءَ به مسلمان ٿي ۽ پنهنجو اسلامي نالو عزيزه رکيو. 1927ع ۾ کيس مڪي ۾ مليريا ٿي پئي ۽ وفات ڪيائين. ٽن سالن بعد 1930ع ۾ اسد عرب قبيلي سان تعلق رکندڙ منيره بنت حسن نجدي سان شادي ڪئي. عمر ۾ هيءَ اسد کان 15 سال ننڍي هئي. هن مان اسد کي اڪيلو ٻار طلال 1932ع ۾ مديني ۾ ڄائو. هوش سنڀالڻ بعد هن ڪجهه عرصو هندستان ۾ پنهنجي پيءُ سان گذاريو پر گهڻو وقت ماءٌ سان رهيو ان ڪري هو ڪيترن ڳالهين ۾ پنهنجي ماءُ جي طرفداري ڪندو رهيو. منيره ۽ اسد جي وچ ۾ ڪافي عرصي کان اڻ بڻت شروع ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ لنڊن ۾ اڪيلي گذاري رهي هئي. سندس ۽ هنن جي پٽ طلال جو خرچ پکو اسد باقاعدگي سان موڪليندو رهيو. 1952ع ۾ اسد جي پولا حميده سان شآديءَ جو ٻڌي منيره ڪافي گوڙ ڪيو جنهن ۾ طلال جون همدرديون به پنهنجي ماءُ سان هيون. ايتري قدر جو جڏهن اسد جي شاديءَ جو مصدقه اطلاع پهتو ته طلال چيو ته ”اچ منهنجو پيءُ مري ويو“ اسد آخرڪار منيره کي طلاق ڏئي ڇڏي. ان بعد ته ماءٌ ۽ پٽ جا اسد سان تعلقات خراب ٿي ويا جيڪي منيره جي 1978ع ۾ وفات تائين ائين ئي رهيا. ان بعد وقت سان گڏ پيءُ پٽ جي وچ ۾ اهي فاصلا گهٽ ٿيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيءُ ۽ پٽ جي ملاقات ٿيڻ لڳي. ايتري قدر جو 1992ع ۾ جڏهن اسد وفات ڪئي ته طلال جي پهچڻ بعد سندس پيءُ جو ڪفن دفن ڪيو ويو.
طلال پنهنجو ننڍپڻ لاهور، سرينگر ۽ دهليءَ ۾ گذاريو. ابتدائي تعليم جو گهڻو حصو لاهور ۾ حاصل ڪيو. اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ۾ رهيو. طلال ائنٿروپالاجي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ نيويارڪ جي سٽي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آف انٿروپولاجي جي حيثيت سان وڏو نالو پيدا ڪيائين. اڄ ڪلهه هو نيويارڪ ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي. 2008ع ۾ آسٽريليا جي هڪ فلمساز ڪمپنيءَ اتي جي حڪومت جي مالي تعاون سان اسد تي جيڪا دستاويزي فلم ٺاهي، ان جي پريمئر ۾ طلال مهمان خصوصي هو. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. پر هن انهن ڪتابن ۾ پنهنجي پيءُ بابت تمام گهٽ لکيو آهي. سندس تازو ڪتاب On Suicide Bombing، نيويارڪ مان 2007ع ۾ شايع ٿيو هو. طلال سان 2005 ع ۾ نيويارڪ ۾ پنهنجي ملاقات جو احوال آمريڪا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان.
اسد جي ٽي زال پولا به سندس پهرين زال ايلسا (عزيزه) وانگر پهرين کان شادي شده هئي ۽ هن کي مسلمان ٿئي ٿورو وقت ٿيو هو جو سندس اسد سان شادي ٿي. سندس اسلامي نالو حميده هو. اسد هن سان 40 سال گذاريا پر بي اولاد رهيو.
اسد پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پولا بابت جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ شادي اسد جي اڌروٽ عمر جي سخت جذباتي وابستگي جو نتيجو هئي. ان وقت هو پنجاهه جي پيٽي ۾ هو جڏهن ته پولا جي عمر ذري گهٽ اڌ جيتري هئي. هن ”عشق“ ته هنن کي شاديءَ جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏيون پر ان لاءِ پولا کي نه فقط پنهنجي پهرين مڙس کان طلاق وٺڻي پئي پر اسد کي پنهنجي نوڪري ڇڏڻي پيئي. اسد جڏهن پولا سان شادي جو ارادو ظاهر ڪيو ته هن کي ٻڌايو ويو ته جيئن ته پولا جي شهريت پاڪستاني ناهي ان ڪري هن کي شاديءَ جي لاءِ پنهنجي وزارت خارجه جي معرفت وزير اعظم کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي. اسد ڪومايل دل سان ان تي عمل ڪيو پر پاڪستان جي سفير پطرس بُخاريءَ سان هن جا خراب تعلقات هجڻ ڪري هن جي درخواست رد ڪئي وئي. بهرحال اسد پنهنجي هن اهم ۽ اعليٰ عهدي جي به پرواهه نه ڪئي ۽ هن استعيفا ڏئي پولا سان شادي ڪئي.
پولا جي اچڻ سان اسد جي زندگي ۾ ذهني سڪون ۽ جذباتي آسودگي حاصل ٿي وئي جنهن جو پهريون ثمر ”دي روڊ تو ميڪا“ هو. شادي بعد اسد هڪ سال اندر هي ڪتاب مڪمل ڪري پولا (حميده) نالي منسوب ڪيو. هن ڪتاب ۾ اسد پنهنجي زندگي جو 1932ع تائين جو احوال ڏنو آهي. ان بعد جي زندگي جو احوال هن ٻئي ڪتاب ۾ لکڻ شروع ڪيو پر مڪمل ڪرڻ کان اڳ هو گذاري ويو. پوءِ سندس زال پولا (حميده) هن کي مڪمل ڪيو ۽ ڪتاب جو نالو ”محمد اسد اي مئن آف دي ڊيزرٽ“ رکيو .
ان ڏينهن اڙدو بازار ۾ ”ويلڪم بڪ پورٽ“ نالي ڪتابن جي دڪان تي پنهنجا اڙدو ڪتاب ڏسڻ ويس ته ڪهڙا ڇپيا آهن ته دروازي وٽ ئي محمد اسد جو ”محمد اسد ـــ بنده صحرائي“ ڪتاب نظر آيو جيڪو “Muhammad Asad – A man of the Desert” ڪتاب جو اڙدو ترجمو آهي، جيڪو جرمن زبان جي ماهر پاڪستانيءَ محمد اڪرام چغتائيءَ ڪيو آهي.
اسد پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان هي ڪتابُ ۽ ”شاهراهه مڪا“ سندس آتم ڪٿائون ۽ سفرنامو آهن. ان کان علاوه سندس قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير “The Message of the Quran” پڻ دنيا ۾ مشهور آهي. ان کان علاوه محمد اسد ”صحيح بخاري“ حديثن جي ڪتاب جو پڻ انگريزي ترجمو ڪيو آهي. اسد جي لکڻين ۾ منهنجي پڙهندڙن مان ڪنهن جي دلچسپي آهي ته هن کي اسد جا هي ڪتاب پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس.
• This Law of Ours
• Islam at the Crossroads
• The Encounter of Islam and West.
• Islam and Politics.
• What do we mean by Pakistan.
• The Spirit of Islam.
وغيره وغيره. ٿي سگهي ٿو ته مٿين ٻن ڪتابن (سوانح عمرين) وانگر سندس ٻيا ڪتاب به اڙدو ۾ ترجمو ٿي چڪا هجن پر انگريزي ۾ عام آهن.
هي مضمون لکڻ دوران مونکي پنهنجي سفير دوست خيرپور ميرس جي ظفر الله شيخ کان خبر پيئي ته اسد جي پهرين آتم ڪهاڻي The Road to Mecca تي فلم به ٺهي چڪي آهي جيڪا هن فرئنڪفرٽ (جرمني) ۾ ڏٺي جڏهن هو اتي جو سفير هو.
محمد اسد ويهين صديءَ جو هڪ اهم اسلامي مفڪر مڃيو وڃي ٿو. هن ننڍي هوندي کان وٺي تمام گهڻو سفر ڪيو. هو جرنلسٽ به هو ته ترجمو ڪندڙ به . کيس مشرق ۽ مغرب جون ڪيتريون زبانون آيون ٿي جيئن ته عربي، اڙدو، هيبريو، آرميني، جرمن، انگريزي، هسپانوي وغيره. هو سفارتڪار (Diplomat)، سياسي سائنسدان، سماجي نقاد، ريفارمسٽ ۽ مذهبي عالم (Theologian) به ٿي رهيو. پاڻ 1900ع ۾ مشرقي يورپ جي شهر لمبرگ ۾ڄائو ۽ وفات به يورپ جي شهر اندلس (اسپين) ۾ 1992ع ۾ ڪيائين. کيس اسپين جي شهر غرناطا ۾ دفن ڪيو ويو. ڪٽر يهودي خاندان مان هجڻ جي باوجود هن کي اسلام لاءِ چاهت هئي ۽ مرڻ تائين اسلام جي خدمت ڪندو رهيو. چوندو هو ته مسلمانن جو اسلام تي ٿورو ناهي پر اسلام جو مسلمانن تي آهي. جيڪو به ملڪ يا قوم اسلام جي صحيح پيروري ڪري ٿو ان کي خوشحالي نصيب ٿئي ٿي. پاڪستان ٿيڻ تي هن پاڪستان جي آئين کي اسلامي طرز جو رکڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪئي. پر پوءِ ڪجهه مجبورين ڪري (جنهن جو مختصر احوال مٿي بيان ٿي چڪو آهي) هو ٻين ملڪن ۾ وڃي رهيو. جنرل ضيا پنهنجي طرز جو اسلامي آئين ۽ حڪومت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ محمد اسد کي ڪيترائي دفعا خط و ڪتابت ۽ سفير ذريعي پاڻ وٽ گهرايو. انهن ڏينهن ۾ اسد پنهنجي زال پولا حميده سان پورچوگال ۾ رهيل هو. هو هڪ دفعو اسلام آباد آيو به پر پوءِ جلدي موٽي ويو جو هن پنهنجي خيال موجب ضياء صاحب جون ڪجهه ڳالهيون معتبر نٿي سمجھيون، جيئن ته عورت کي حڪومت ڪرڻ جي اجازت نه هجي، وغيره.
اسد ننڍپڻ ۾ پنهنجو ملڪ ڇڏي جڏهن يروشلم ۽ وچ اوڀر جي دروي تي نڪتو ته هڪ ماڻهوءَ سان هن جي ملاقات ٿي جنهن اسد جي دل ۾ اسلام بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو پيدا ڪئي. قاهره (مصر) ۾ اسد سان ملڻ وارو هي ماڻهو شيخ مصطفيٰ الماراغي (1945 ــ 1881ع) هو. هي هڪ روشن خيال ريفارمسٽ ۽ اسلام جو ڄاڻو ۽ عالم هو جيڪو پوءِ مصر جي الاظهر يونيورسٽيءَ جو ريڪٽر ٿي رهيو. شيخ مصطفيٰ جي خيالن جو اثر اسد تي تمام گهڻو رهيو.
اسد (جيڪو اڃان ان وقت تائين مسلمان نه ٿيو هو) ان هنن ملاقاتن مان هي اندازو لڳايو ته مسلمانن جو پٺتي پوڻ جو سبب اسلام ناهي، جيئن مغرب ۾ سمجيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ ان جو سبب اسلام تي پيروي نه ڪرڻ آهي ۽ بقول اسد (ليوپولڊ) جي:
“When properly interpreted in a modern light, Islam could lead Muslims forward, while offering spiritual sustenance that Judaism and Christianity had ceased to provide”
بهرحال مختلف مذهبن جي ڄاڻ ۽ انهن جي عالمن سان بحث مباحثا ڪرڻ بعد اسد جڏهن هڪ دفعو مسلمان ٿيو ته پوءِ سڄي زندگي ان تي قائم رهيو ۽ ٻين کي به اسلام جي صحيح معنيٰ کان آگاهه ڪندو رهيو. پنهنجي ٻي سوانح حيات: A Man of Desert (بنده صحرائي) ۾ هڪ هنڌ اسد هڪ عيسائي تبليغي جو احوال لکي ٿو ته هن اسد کي چيو:
”اسد توکي خبر آهي ته تون پيدائشي يهودي هئين ۽ تون پنهنجي مذهب کان غير مطمئن هئين. تنهنجي لاءِ ته موزون ترين رستو اهوئي هو ته تون عيسائي ٿي وڃين ها، پر تو ماڳهين اسلام جي چونڊ ڪئي! “اهو ٻڌي مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ جواب ڏنو مانس. ”اڃان سڀ ڪجهه ضائع نه ٿيو آهي، جيڪڏهن تون منهنجي هڪ سوال جو تسلي بخش جواب ڏين ته آئون هينئر به مسيحت کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. جيڪڏهن ائين ٿيو، ته آئون ايندڙ آچر تي ئي توسان گڏ گرجا گهر هلي عيسائي ٿيندس.“
عيسائيت جي تبليغ ڪندڙ وڏي تجسس مان پڇيو ”اهو سوال ڪهڙو آهي؟“ مون چيومانس: ”ڇا توهان مونکي تثليث (Trinity) جو مفهوم ٻڌائي سگهندائو؟“
ياد رهي ته عيسائين لاءِ خدا جو تصور هڪ نه پر ٽي آهن. (پيءُ، پٽ ۽ روح القدس جو ذات باري ۾ اتحاد)
هو دير تائين سوچيندو رهيو ۽ پوءِ چيو: ”هي ايمان جو هڪ راز آهي جنهن کي لفظن جي لبادي ۾ آڻي بيان نٿو ڪري سگهجي، پر جيڪڏهن توهان حقيقي ايمان جي دولت سان پاڻ کي پابند ڪندائو ته توهان جو قلب خودبخود ان حقيقت کي سمجھي ويندو.“
مون جواب ۾ عرض ڪيو ”اهوئي ته سبب آهي جنهن ڪري آئون عيسائيءَ بدران مسلمان ٿيس. توهان جو مذهب چوي ٿو ته پهرين ايمان آڻيو ۽ پوءِ توهانجي سمجهه ۾ مذهب اچي ويندو، جڏهن ته اسلام چوي ٿو ته پهرين عقل استعمال ڪريو، ڇو ته اهوئي توهان کي ايمان ڏي وٺي هلندو.“
اهڙي طرح هي بحث ختم ٿي ويو ۽ اسد کي هن تبليغيءَ عيسائي ٿيڻ لاءِ نه چيو.
اسد جا ڪتاب، مضمون، ليڪچر ۽ ڳالهيون ٻڌي دنيا جا ڪيترائي ماڻهو مسلمان ٿيا انهن مان هڪ آمريڪا جي يهودڻ مارگريٽ مارڪس به آهي، جيڪا پنهنجي اسلامي نالي مريم جميلان سان هڪ ليکڪا ۽ سچي مسلمان جي حيثيت سان مشهور آهي. هن هڪ پاڪستانيءَ سان شادي ڪئي ۽ هوءَ اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ رهي ٿي ۽ هن وقت سندس ڄمار اسي ورهيه آهي. اڳتي هلي پاڻ هن عورت بابت پڻ حال احوال ڪنداسين.

نيويارڪ جي ليکڪ اسڪول ٽيچر سان ملاقات

آمريڪا جي گذريل سفر ۾ جنهن ۾ اسان پنهنجي دلپسند ليکڪا ايريڪا جونگ سان سندس شهر نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي، ان سفر دوران نيويارڪ (بروڪلن)، فلڊ لفيا ۽ نيو اورلينس جي بندرگاهن مان اتي جي ”سي مينس“ ڪلبن مان ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا کنيا. جهاز جڏهن ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ آمريڪا جو ڪنارو ڇڏيو ته آئون پهرين ڏينهن ئي پنهنجي ڪتاب سان ڀريل کوکي مان ڪجهه ڪتاب ڪڍي پنهنجي دوست ڪئپٽن زيديءَ کي سندس ڪئبن ۾ ڏئي آيس. هو انهن ڏينهن ۾ ان جهاز جو چيف آفيسر هو ۽ آئون سيڪنڊ انجنيئر. اسان ٻنهي جي واچ، يعني جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ساڳي هئي .... شام جو چئين کان اٺين تائين ته صبح جو به چئين کان اٺين تائين. آئون انجن روم ۾ هوندو هوس ۽ هو ”برج“ تي جتان جهاز جو رخ موڙي سگهجي. رکي رکي اسان فون تي ڪچهري پڻ ڪندا هئاسين.
منهنجي ڪتابن ڏيڻ کانپوءِ ٽئي ڏينهن رات واري واچ ۾ فون تي خبر چار ڪندي زيديءَ چيو: ”يار جيڪي تو ڪتاب مونکي ڏنا آهن انهن ۾ پهريون ئي ڪتاب اهڙو زبردست آهي جو پڙهڻ وقت کلندو رهان ٿو.“
”ته بس اهو مونکي به ڏجانءِ“ مون چيومانس. ڪئپٽن زيدي جي پڙهڻ ۾ نه رڳو رفتار تکي هئي پر هو پڙهڻ کي وقت به گهڻو ڏيندو هو. سمنڊ تي ته ڇا ڪڏهن ڪڏهن ڪناري تي به گهمڻ لاءِ شهر ڏي وڃڻ بدران ڊيڪ تي آرام ڪرسي رکي ڪتاب ويهي پڙهندو هو. آئون به اهو ئي چاهيندو هوس ته هو گهڻي کان گهڻو ڪتاب پڙهي پوءِ پنهنجي راءِ ڏئي ته ڪهڙو دلچسپ آهي ۽ ڪهڙو بور .... جيئن آئون بور ڪتابن تي وقت ضايع ڪرڻ بدران فقط مزيدار رهان.
ڊيوٽي ختم ٿيڻ تي سڌو زيديءَ جي ڪمري تي آيس ۽ هن سندس پلنگ جي سيرانديءَ کان رکيل هڪ ڪچي جلد وارو ڪتاب Everything but Money کڻي مونکي ڏنو.
”هي ڪتاب اڳ ۾ جي پڙهيل هجي ها ته نيويارڪ ۾ ايرڪا جونگ سان ملڻ بدران هن ڪتاب جي ليکڪ سئم ليون سن (Sam Levenson) سان ملون ها.“ زيديءَ چيو.
”ڇو ڀلا هي به نيويارڪ ۾ رهي ٿو ڇا؟ ۽ اهڙو مڙيئي ٽاپ جو ليکڪ آهي ڇا؟“ مون پڇيو.
”مونکي ته ايريڪا کان به بهتر ٿو لڳي .... وڌيڪَ تون پاڻ پڙهي پوءِ ٻڌائجانءِ“ زيديءَ چيو.
ڪتاب ڪو اهڙو ٿلهو نه هو. سندس ٽائيٽل ڪور به رنگين هجڻ بدران بلئڪ ائنڊ وائيٽ ۾ هو. سنڌي ۽ اڙدو جي مزاحيه ليکڪ عبدالحليم بروهيءَ پهرين انگريزي ۾ لکڻ شروع ڪيو هو ۽ سندس ٻه ڪتاب Nothing in Earnest ۽ Nothing in Particular جيڪڏهن ڪنهن ڏٺا هوندا ته سئم ليونسن جو هي ڪتاب ”ايوري ٿنگ بَٽ مَني“ بلڪل انهن جهڙو هو. مزي جي ڳالهه ته انهن ڪتابن جي ڇپائي جا سال به ساڳيا هئا. حليم بروهي جا ڪتاب حيدرآباد مان ڇپيل هئا ته سئم جا نيويارڪ مان.
سئم ليونسن جي ڪتاب مونکي ڏاڍو مزو ڏنو، جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏاڍو خراب هو ۽ مون هي ڪتاب سخت ”سِي سڪنيس“ ۽ ”ڊپريشن“جي حالت ۾ پڙهي پورو ڪيو. اهڙي مايوسي جي حالت ۾ به آئون رکي رکي کلندو رهيس ۽ لکڻ واري جي حسِ لطافت کي داد ڏيندو رهيس. ان وقت ئي ارادو ڪيم ته ان جا ڪجهه حصا پنهنجي پڙهندڙن لاءِ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندس .... ۽ پوءِ اڳتي هلي ترجمو ڪيم ۽ اهي حصا نه فقط اخبارن ۾ ڇپيا پر منهنجي هڪ ڪتاب، شايد ”خدا ڏي خط“ يا ڪنهن ٻئي ترجمي جي ڪتاب ۾ پڻ شايع ٿيا هئا. هتي پڻ ان جو ڪجهه حصو ڏيان ٿو.
ڪتاب پورو ڪندي اچي آفريڪا جي ڪناري سان لڳاسين ۽ جبرالٽر (پورچوگال ۽ موراڪو جي وچ وٽان) سامونڊي سوڙهي گهٽي لتاڙي ائٽلانٽڪ کان ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ داخل ٿياسين. ان سفر ۾ اسانکي اسپين جي بندرگاهه بارسلونا ۽ لبنان جي بندرگاهه بيروت ۾ ڪجهه ڏينهن ترسڻ بعد سئيز ڪئنال مان لنگهي ڪراچي پهچڻو هو.
پنهنجي دوست مظهر زيديءَ کي چيم ته جيڪڏهن پنهنجي جهاز کي ٻئي سفر ۾ به نيويارڪ وٺي هلڻو پيو ته پوءِ هن شخص ”سئم ليونسن“ سان ضرور ملاقات ڪبي، ڪراچي ۾ ٻه هفتا کن رهڻ بعد اسان کي چٽگانگ وڃڻو پيو جيڪو هاڻ اسان جي ملڪ پاڪستان جو نه پر بنگلاديش جو بندرگاهه ٿي چڪو هو. اسان جي جهاز هن بندرگاهه لاءِ بارسلونا مان يا شايد ڪراچيءَ مان پاڪستان جون ٺهيل ريل گاڏيءَ جون بوگيون آنديون هيون. چٽگانگ بعد وري ڪراچي آياسين جتي اسان جي جهاز جي ٻي سفر بابت فيصلو ٿيو ته اهو هڪ دفعو وري USA-Canada روٽ تي رهندو.
اسانجو جهاز هميشه وانگر سائوٿ آمريڪا جي ملڪ برازيل ۽ ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو مان ٿيندو پهرين بالٽيمور آيو ۽ پوءِ نيويارڪ. نيويارڪ جي مئن هٽن ۽ بروڪلن ۾هفتو ڏيڍ بيهڻ دوران اسان سئم ليونسن کي ڳولي ورتو. سچي ڳالهه اها آهي ته اسان سئم سان ۽ هن کان اڳ واري سفر ۾ ايريڪا سان ملياسين ضرور، پر ان وقت ايڏو ڪو گهڻو خوش يا excitement ۾ نه رهياسين .... اهو ته سالن پڄاڻان هاڻ ٿو سوچيان ته خوشي ٿي ٿئي ته ڪيئن اهڙن ماڻهن کي وڃي ڳولي لڌوسين ۽ ساڳي وقت اها به وڏي ڳالهه ٿو سمجھان جو هنن هيڏن وڏن اديبن ۽ شاعرن اسان جهڙن عام ماڻهن جي خوشي لاءِ پنهنجو وقت ڪڍي اسان کي عزت بخشي نه ته ان وقت اسان ڇا هئاسين؟ معمولي ڊرائيور ته هئاسين پوءِ ڪار يا ٽرڪ جا نه ته کڻي پاڻي جي جهاز جا .... ڪهڙو فرق ٿو پوي. ساڳي وقت آئون دنيا جي مشهور سياستدان مهاتير محمد ۽ ”لي ڪئان يو“ کي به قدر جي نگاهه سان ٿو ڏسان جن سان ملائيشيا ۾ ماستري دوران جڏهن به ملڻ وڃبو هو ته هو لک عزتون ڏيندا هئا جيتوڻيڪ اتي مون سان گڏ هلندڙ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم مونکي ياد ڏياريندو هو ته پاڻ ته ٿياسين ماستر ماڻهو. واقعي ڪي ڪي ماڻهو ڪيڏو مشهور ۽ طاقتور هجڻ جي باوجود ”همبل“ ٿين ٿا!
سئم ليونسن سان اسان جي ملاقات ٿي ته اسان 26 سالن جا هئاسين پاڻ ان سال 60 سالن جو هو. هو 1911ع ۾ نيويارڪ ۾ ڄائو هو جتي 1980ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ نيويارڪ جي علائقي بروڪلن ۾ رهيو ٿي جتي اسانجي ملاقات ٿي. اتي جيڪو بروڪلن ڪاليج آهي ان مان هن 1934ع ۾ گرئجوئيشن ڪئي هئي. هو بنيادي طرح ٽيچر هو جنهن هسپانوي ٻولي پڙهائي ٿي. پڙهائڻ دوران هن لکڻ جو به ڪم شروع ڪيو. هونءَ به ماستر ماڻهوءَ لاءِ لکڻ جهڙي وندر ضروري آهي. مون ته لکڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ماستري کي ترجيح ڏني. ڇو جو ماستر ماڻهو وندر ۾ لکڻ يا ٽيوشن جو ڪم نه ڪري ته ٻيو ڀلا ڇا جوا ويهي کيڏي .... هوٽلن تي ويهي چانهه پيئي؟ پر اسانجي ملڪ ۾ بلڪه اسانجي صوبي ۾ امتياز ابڙو، حفيظ ڪنڀر، زيب سنڌي، نياز پنهور، منوج هالائي ۽ ٻين ڪيترن ٽاپ جي اديب ۽ شاعر ماسترن کي ايجوڪيشن جي اڳئين وزير صاحب نوٽس Issue ڪيا ته توهان اخبارن ۾ ڪالم لکڻ بند ڪريو. جيتوڻيڪ هنن اهو ڪم ناڻي ڪمائڻ لاءِ نٿي ڪيو ڇو جو هر هڪ کي خبر آهي ته سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون موڪلڻ واري کي اجورو نه ملندو آهي بلڪه ٽپال جو خرچ به هو پنهنجي کيسي مان ڀريندا آهن.
سئم ليونسن هي ڪتاب ”ايوري ٿنگ بٽ مني“ 1966ع ۾ لکيو هو. Sex & Single Child سندس ”بيسٽ سيلر“ ڪتاب آهي. ان کان علاوه “You can say that again, Sam” ۽ “In One Era & Out the other” سندس ڪتاب پڻ مشهور ٿيا جيڪي هن اسانجي ملاقات بعد 1975ع ڌاري لکيا هئا .... جنهن بعد هو سگھوئي گذاري ويو. پاڻ ٽي وي تي به ڪيترن پروگرامن ۾ ائنڪر ٿي رهيو. بروڪلن ڪاليج جتان هو پڙهيو اتي جو 150 سيٽن وارو آڊيٽوريم سندس نالي منسوب آهي. جيڪو سندس وفات کان 8 سال پوءِ ڪيو ويو. ان ۾ سندس مٿين جسم Bust جو مجسمو به رکيل آهي.
”ايوري ٿنگ بٽ مني“ ڪتاب، جنهن جا ڪجهه حصا هيٺ ڏئي رهيو آهيان، دراصل سندس آٽو بايوگرافي آهي. سئم ليونسن “Time Tested Beauty Tips” نالي هڪ نظم پنهنجي پوٽيءَ لاءِ لکيو جيڪو اڄ تائين مشهور آهي. ڪيترا ماڻهو ان لاءِ سمجھن ٿا ته اهو ان وقت جي مشهور هالي وڊ فلم ائڪٽريس آڊري هيپبرن جو آهي. پر ائين ناهي. اهو سئم ليونسن 1976ع ۾ لکيو هو جيڪو 1992ع ۾ آڊري هيپبرن هڪ فنڪشن ۾ پڙهيو جنهن ۾ هن کان جڏهن پڇيو ويو ته سندس حسن ۽ سونهن جو ڇا راز آهي ته هن سئم ليونسن جو هي نظم پڙهي ٻڌايو.
بهرحال ان نظم جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن:

Time Tested Beauty Tips

For attractive lips, speak words of kindness.
For lovely eyes, seek out the good in people.
For a slim figure, share your food with the hungry.
For beautiful hair, let a child run his or her fingers
through it once a day
For a poise, walk with the knowledge you’ll never walk alone
People, even more than things, have to be restored,
renewed, revived, reclaimed, and redeemed;
Never throw out anybody.
Remember, If you everneed a helping hand, you’ll
find one at the end of your arm.



سي ئي سندر ڏينهن

نيويارڪ جي غريب ۽ منحوس علائقي هارلم ۾ آئون ڄايس ۽ اتي ئي وڏو ٿيس. اسان جو علائقو منحوس ضرور هو، پر اسان پاڻ کي ڪڏهن به منحوس نه سمجھيو. اسان جو گهر غربت جي خلاف جنگ جو ميدان هو، جتي اسين هر وقت جيئرو رهڻ جي جدوجهد ۾ هئاسين. فقط جيئرو ته جانور به رهي سگهي ٿو، پر اسان عزت ۽ ناموس سان جيئرو رهڻ چاهيو ٿي.
اسان جي گهرو فوج ۾ ست ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي، جنهن جا اڳواڻ امان بابا هئا. زندهه رهڻ جي جاکوڙ ۽ غربت سان وڙهڻ لاءِ اسان جا هٿيار هئا: سخت پورهيو، ڪٽنب جي ساک ۽ سڀ کان اُتم، تعليم ۾ ڀروسو. اسان جو روز جو قول هو: اوندهه کي پِٽڻ بدران ڪا جوت جلائڻ جي ڪجي.
گهر ۾ اڀرو سڀرو جيڪو ملندو هو، ان ۾ خوش رهي پڙهڻ کي لڳا رهياسين ٿي. تن ڏينهن ۾ ته اسان کي اها به خبر نه هئي ته سمهڻ لاءِ هنڌ نرم هئڻ کپي. اسان لاءِ ته ڪاٺ جي تختي ۽ گاديلي، ساڳيو مطلب رکيو ٿي. مون کي اها به خبر نه هئي ته ونجهوٽيءَ لاءِ سوڙهي گهٽي نه پر چورس ميدا سٺو ٿئي ٿو. آئون ان وقت راند ۾ ايڏو رڌل رهندو هوس جو انهن ڳالهين ڏي ڌيان ئي نه ويندو هو. مون کي ته اها به خبر نه هئي ته ٻڪريءَ يا ڍڳيءَ جي گوشت جو ڪهڙو حصو وڌيڪَ سوادي ٿئي ٿي ۽ ڪهڙو گهٽ. اسان لاءِ ته فقط ٻه ڳالهيون سامهون هونديون هيون: ”کائڻو اٿوَ ته کائو نه ته اٿي وڃو.“ گهڻو ڪري دال ۽ ڪُهرن تي گذر ٿيندو هو. امان انهن کي ڪوفتن جو ٻوڙ سڏيندي هئي. اڄ جڏهن آئون وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان ته به سچ ته انهن ڪوفتن جي ٻوڙ جو مزو اصلي گوشت جي ٻوڙ مان نٿو اچي. مهيني جا اڌ کان وڌيڪَ ڏينهن پاروٿي ساروٿي تي گذر ٿيندو هو.
اسان جي پاڙي ۾ ويهه کن پراڻين فليٽن واريون جايون هيون. هر عمارت ۾ ٽيهه کن ڪٽنب رهيا ٿي (انهن ۾ مهمان شامل نه آهن، جي هر وقت پاڇي وانگر غريبن سان لڳل هوندا آهن). محڪمي مردم شماري مطابق هر ڪٽنب کي اٽڪل پنج ڏهائي ڇهه ٻار هئا، اهي انگ اکر گڏ ڪرڻ وارو جي ٿورو ئي صبر ڪري ها ته ڏهائي بدران کيس سڄا انگ حاصل ٿي سگهن ها.
آمريڪا ۾ اهڙا به شهر آهن، جن جي آدمشماري اسان جي علائقي کان گهٽ آهي. بهرحال اسانجو علائقو ايڏو ڳتيل هوندي به مون ڪڏهن سوڙهه محسوس نه ڪئي. چوندا آهن ته شاهوڪارن کي سڀ غريب هڪ جهڙا لڳندا آهن، پر مون لاءِ اسان جي غريب پاڙيسرين انفرادي حيثيت رکي ٿي. اسان کي هنن بابت هر ڳالهه جي خبر هئي ۽ هنن کي اسان جي. اسان ڪڏهن اهو به محسوس نه ڪيو ته هوم ورڪ ڪرڻ لاءِ ماٺ جي ضرورت آهي. سڀ ڀائر هڪ هنڌ گڏ ٿي سائنس ۽ جاگرافي جا سبق ياد ڪندا هئاسين ته حساب به. انهن ڏينهن ۾ آئون ان کان به اڻ ڄاڻ هوس ته مائرن کي ٻارن تي نفسيات استعمال ڪرڻ کپي. ان زماني ۾ مائرون اهو ئي استعمال ڪنديون هيون، جيڪو هنن جي هٿ چڙهي ويندو هو: وڃڻو، لڪڻ، ڇٽيءَ جو ڳن، يا ٻيو ڪجهه نه ته پادر يا ٿڦڙ ته هوندو ئي هوندو هو. مون کي اها خبر نه هئي ته ڏنگائي ڪرڻ تي پيءُ کي مارڻ کپي يا نه، پر جنهن ٻار کي موچڙا نه ملندا هئا، اهو پاڻ دل ۾ ڪندو هو ته شايد پيءُ کيس سڌارڻ نٿو چاهي، يا ته سندس ويڳو پيءُ آهي.
اسان جو گهر سڄي پاڙي ۾ مثالي ليکيو ويو ٿي. مائٽن جو سڄو زور تعليم تي هو. اسان جي صحت ۽ پيٽ قوت لاءِ امڙ هميشه خدا کي ٻاڏائيندي رهندي هئي. اسان کي اهو ئي سبق ڏنو ويو ٿي ته ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي پٺيان لڳجي، محنت ڪجي، بچائجي. ڇڙو ٻانهون ٻڌي انتظار ڪرڻ سان ڪڏهن به ڪجهه ملي نه سگهندو، پوءِ کڻي علم هجي يا روزگار. انسان جو ڀاڳ ۽ بخت به هجڻ ضروري آهي، پر منهنجو ته اهو تجربو آهي ته جيتري ڪو محنت ڪري ٿو اوترو ئي ڀاڳ به سندس ويجھو اچي ٿو.
اسان کي ان احساس کان پري رکڻ لاءِ ته اسان غريب آهيون، امان ڇا ڪيو هو جو هڪ دٻي تي ”غريبن لاءِ“ لکي، خيرات لاءِ رکي ڇڏيو هو. جنهن ۾ اسان کي غريبن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه وجھڻو پوندو هو. ايئن ڪرڻ سان اسان پاڻ کي خوشنصيب ۽ شاهوڪار سمجھندا هئاسين. ڪڏهن ڪنهن شيءِ جي سڌ ڪندا هئاسين ته امان وراڻيندي هئي: هينئر نه، پهرين اسان کي ضرورت جون شيون حاصل ڪرڻ کپن ۽ ضروري شيون ڪهڙيون هيون: فقط ڪتاب! راند روند جون شيون، جهـڙوڪ: بلور، لاٽون، سائيڪلون سڀ پوءِ. مان اهو ان وقت به محسوس ڪندو هوس ته امان کي اسان جي ٻاروتڻ جا شوق پورا نه ڪندي ڏاڍو ڏک ٿيو ٿي، پر غربت ڪري مجبور هئي. پوءِ اسان کي پنهنجي منهن سمجھائيندي هئي ته ٻچا سڀاڻي جو ڏينهن جي آرام ۾ گذارڻ چاهيو ٿا ته اڄ لاءِ ٿوري قرباني ڏيو.
اسان ڀائرن جي ننڍي هوندي کان ٻڌي هئي. هڪ ٻئي سان وڙهڻ بدران پڙهائيءَ ۾ مدد ڪندا هئاسين. وڏي ڀاءُ جو وڳو واري وٽي تي ڦرندو جڏهن مون تائين پهچندو هو ته ليڙون ليڙون ٿيڻ تي هوندو هو. سڀني ڀائرن ۾ ننڍو هوس ان ڪري اڄ به ٻار سمجھيو ويندو آهيان. آئيس ڪريم جي ضرورت پوندي هئي ته مون کي ڊوڙائيندا هئا. اسان ستن ڀائرن کي رڳو هڪ ڀيڻ ڊورا آهي. ڊورا جي ڄمڻ تي بابا کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ امان تي ڪاوڙ ڪيائين ته: تو منهنجي پٽن جو رڪارڊ ڀڃي رکيو، پر پوءِ پاڙي وارن سمجھايس ته ائين به ٿيندو آهي.
امان کي وڏن ڀائرن جا نالا چڱيءَ طرح ياد هوندا هئا، پر ننڍي هجڻ ڪري امان منهنجي نالي تي ڪڏهن ڪڏهن منجھي پوندي هئي. خاص ڪري ڪاوڙ مهل مونکي مخاطب ٿيڻ لاءِ ٻين ڀائرن جا نالا وٺندي ويندي هئي: ”جئڪ. نه نه. ڊيوڊ، نه، نه.....“ پوءِ امان بيزاريءَ مان مون کي چنبو هڻي چوندي هئي ”ڇورا تون. ڇا اٿئي نالو، توکي پئي چوان، ٻوڙا.“
هونءَ امڙ سڄي پاڙي ۾ سگھڙ ۽ سليقي شعار سمجھي وئي ٿي ـــ ان ۾ ڪو شڪ ناهي. انهن ڏينهن ۾ ماڻهو گهڻو وقت نه رهندا هئا، پر شيون رهنديون هيون. پراڻين شين کي اڇلائڻ بدران رڌڻي ۾ ٺهيل خانن تي رٽائر ڪيو ويندو هو. هر گهر ۾ اهڙو ڪٻٽ ضرور هوندو هو، جنهن ۾ ڀڳل ڪئنچي، ڏندن ڀڳل ڦڻوٽو، شيشن بنا عينڪ، چٿريل ۽ ڳن ڀڳل ڪوپ، ويزلين جون ڍڪ بنا شيشيون، گهڙيال جو منهن، نموني نموني جا ڪوٽن جا بٽڻ، پراڻيون چاٻيون، انڊپين جو ڍڪ ۽ ٻيون اهڙيون شيون ڪٻـٽ جي خانن تي ڏسڻ ۾ اينديون هيون. هر ماهي، ٽي ماهي انهن خانن مٿان پراڻين اخبارن جا نوان پوش چڙهندا هئا.
پراڻين اخبارن جي کوٽ ڪنهن به گهر ۾ نه هئي. تازي اخبار ته اسان ڪڏهن به امان کي وٺندي نه ڏٺي. آخر اها وٺي به ڇو جڏهن هن اڃان پراڻيون ئي پڙهي بس نه ڪيون هيون. اخبارون اسان جي گهر ۾ خبرون پهچائڻ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم سرانجام ڏينديون هيون. امان جڏهن به ڪاٺ جي فرش کي پوچو ڏئي بس ڪندي هئي ته پوءِ سڄي ڪمري ۾ ”وال ٽُ وال“ اخبارون وڇائيندي هئي. کيس مٿان جھڪي پراڻا اداريا پڙهندي ڏسندو هوس. اخبار جو رنگين فلمي صفحو ناندان مٿان وڇائڻ لاءِ مخصوص هوندو هو. ناندان جو هيٺيون خانو ويم گهر ئي سمجھيو ويندو هو. جڏهن به اسان جي ٻلي (وري) پيٽ سان ٿيندي هئي ته امان گوشت ڪَپڻ واري ڪات سان اخبار جا ڀور ڀور ڪري ان خاني ۾ وڇائي مٿان اخبار رکي ڇڏيندي هئي، جيئن ٻلي ۽ سندس پونگڙا گاديلي وارو آرام محسوس ڪن. عورتون ئي اهي ڳالهيون سمجھي سگهن ٿيون. اسان جي گهر ۾ ٻليءَ جا پونگڙا هلڻ کان اڳ پڙهڻ سکندا هئا. وڏي ڀاءُ جي ٽوپي ننڍي کي پوري نه ايندي هئي ته امان ان ۾ به اخبار جا ٻه تهه ڏئي سوڙهي ڪندي هئي. اخبار مان ٻيا به ڪيترائي ڪم اسان جي گهر ۾ ورتا ويندا هئا، جهڙوڪ: شيشن جا ڍڪ ٺاهڻ، ڀت جا سوراخ بند ڪرڻ، ڪتابن تي جلد چارهڻ، ٻيڙيون ۽ ٻيا رانديڪا ٺاهڻ، رول ٺاهي مارڻ وغيره وغيره. گهڻي ڪاوڙ مهل آچر جي اخبار جو رول ٺهندو هو نه ته عام حالت ۾ ٻي ڪنهن ڏينهن جي اخبار جو.
امان کي صفائيءَ جو به ڏاڍو خيال هو. گهر ۾ غربت سارو جيڪا شيءِ هوندي هئي، چمڪندي هئي. ”گندگي نه رڳو شين کي خراب ٿي ڪري پر اسان جي روحَ کي پڻ.“ خاص ڪري بستري کي صاف رکڻ تي زور ڏيندي هئي.
”ميراڻ کان ونءُ وڃڻ کپي“ پاڻ پڏائيندي هئي. ”ڪنا بسترا ڪنا خيال آڻين ٿا، ۽ ڪنا خيال ڪنن ڪمن جي پوئواري ڪن ٿا.“
اسان جي گهر ۾ صبح جو ڪجهه سوير ئي اٿڻو پوندو هو. امان پرهه ڦُٽيءَ کان به اڳ اٿي گهر جي صفائيءَ جو ڪم لاهيندي هئي، پوءِ هنڌ ويڙهڻ شروع ڪندي هئي. ڪو اڃا ستل هوندو هو ته هيٺان چادر ڇڪي وٺندي هئي ۽ لڪڻ سان وهاڻي کي سٽي هنڌ ويڙهيندي هئي. مجال آهي جو سج اڀرڻ کانپوءِ ڪو سمهي. هڪ ڏينهن ماستر مونکي اسڪول کان موڪل ڏيئي چيو: ”ٻچا توکي تپ ٿي پيو آهي، سڌو گهر وڃي هنڌ تي سمهه“ گهر پهتس ته امان هميشه وانگر پٽ تي جھڪي آلي ڪپڙي سان فرش صاف ڪري رهي هئي. ”امان! سر چيو آهي ته آئون بيمار آهيان. مونکي هنڌ وڇائي ڏي ته سمهان.“
امان مون ڏي مٿي نهاريو ”ڇا چيئي؟ ڇا وڇائي ڏيانءِ؟ هنڌ ته مون ويڙهي ڇڏيو. ڇا واقعي اهڙو اگھو ٿي پيو آهين جو ويهي به نه سگهندين؟“
سومر ڏينهن سڀني فليٽن ۾ ڪپڙن جو ڌوپ هلندو هو. ان ڏينهن صبح ساڻ جھرڪين جي چرچر سان گڏ ڏنڱرين جي سَٽِ سَٽِ به شروع ٿي ويندي هئي. منجھند ڌاري هيٺ مٿي، چوڌاري، هر وقت فليٽ اڳيان پويان رسين تي ڪپڙا سڪندي نظر ايندا هئا ۽ منهنجو ڪم اهو هوندو هو ته ڏاڪڻيون لهي هيٺ ڪريل رومال مٿي کڻي اچان. پر آئون ان کان ڪيٻائيندو هوس، ڇو جو جهڙو هيٺ پهچندو هوس ته ڪنهن ٻئي فليٽ جي دريءَ مان ڪا عورت منهن ڪڍي ڪاوڙ مان مون کان پڇندي هئي: ”ڇورا، ڇا پيو ڪرين؟؛“
”امان جا رومال ڪري پيا آهن، اهي ٿو کڻان.“
”ماڻهين جا نه آهن. اهي منهنجا آهن.“ ۽ پوءِ انهن دانهن تي ڪنهن ٻئي فليٽ جي مائي نڪري نروار ٿيندي هئي ۽ ٻنهي ۾ جھيڙو شروع ٿي ويندو هو. ”اهي نه هن جا آهن ۽ نه تنهنجا. اهي منهنجا آهن.“
”مائي ڇتي ڇو ٿي آهين. ڪيئن ٿي چئين ته اهي تنهنجا آهن؟“
”پنهنجا رومال آئون نه سڃاڻندس ته ٻيو ڪير سڃاڻندو؟“
”مان به پنهنجا سڃاڻا ٿي. ڪوڙ ڇو ٿي ڳالهائين.“
”الله ڪندو ته آئون ڌيءَ جي شاديءَ تائين جيئري نه رهنديس جي ڪوڙ ڳالهايو هجيم.“
”چڱو چڱو مائي هاڻ پاڻ کي ايڏو نه پِٽ. رومال آهن ڪي ميز پوش ته نه آهن.“
۽ پوءِ ڪيترن ڏينهن جي جھيڙي بعد صلح جو واءُ ورندو هو.
بابي سان گڏ امڙ پڻ اسان کي پنهنجن هٿن جو پورهيو ڪري پڙهايو. گهر جي ڪم ڪار پوري ٿيڻ تي مشين اڳيان رکي سبڻ ۾ لڳي ويندي هئي. شاديءَ کان وٺي جو مشين هلائڻ شروع ڪئي هئائين ته سندس ننڍا ٻار به اچي جوان ٿيا ۽ شاديءَ وقت بابا امان جي فقط هڪ آڱر ۾ منڊي پاتي هئي. باقي ٻين ۾ انگستان سُئيءَ کي سخت ڪپڙي ۾ اندر ڌڪڻ لاءِ لوهي کوپو). هوءَ عينڪ بنا هڪ هٿ سان سئيءَ ۾ ڌاڳو چارهي ويندي هئي. ڏندن سان ڳنڍ ٻڌي ۽ کولي ويندي هئي. پاڙي وارن جي سلائيءَ سان گڏ اسان جا به ڪپڙا سبندي هئي. وڏي ڀاءُ جي ڦاٽل سوٽ کي ڪتري ننڍي لاءِ چڍي ٺاهيندي هئي. ڪن ۾ ڳنڍ ۽ چتيون هڻندي. ٺونٺ وٽان ٻانهن ۾ پلاسٽڪ سرجن واري گرافٽنگ ڪندي هئي. ڪو ويڪري پتلون جي دانهن ڪندو هو ته، چوندي هيس: ”پٽ پرواهه ناهي، ٻئي سال تون ايڏو وڏو ٿي ويندين جو ماڳهين سوڙهي لڳندئي، ان ڪري هينئر ڀلي ٿوري ڍري هجي. امان کي فئشن جو فڪر نه هو، رڳو اوگھڙ ڍڪڻ جي اون هئي. اسان جا ڪپڙا هميشه مسافريءَ ۾ رهندا هئا، هڪ ڀاءُ کان ٻئي ڀاءُ تائين. گهڻو ڪري هن قسم جا جملا اسان جي گهر ۾ ٻڌبا هئا: .امان منهنجي هوءَ قميص ڪٿي آهي؟“
”ڪهڙي قميص پٽ؟“
”امان اها ئي جيڪا البرٽ جو پهراڻ هئي، جيڪا جئڪ جي به قميص هئي ۽ جيڪا اديءَ جو چولو به هئي.“
”ها ها. هاڻ ياد آيو. پٽ ان مان تنهنجي وڏي ڀاءُ ڊيوڊ جا اڳئين هفتي ڪڇا ٺاهي ڇڏيم.“
اسان مسواڙين ۽ جاءِ جي مالڪ ۾ فقط اها ڳالهه ساڳي هئي ته ٻئي مسواڙ گڏ ڪرڻ ۾ رڌل هوندا هئاسين. هو اسان مان، اسان پورهئي مان. بچت سچت ڪري ڏيڻ ۾ هميشه دير ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن پهرين تاريخ تي ئي پئسا ڏيندا هئاسين ته جاءِ جو مالڪ ٽوڪي چوندو هو: ”هي ڇا؟! هن دفعي مسواڙ ائڊوانس ۾ پيا ڏيو ڇا!؟“
بهرحال خدا ڪارڻ ڳالهه ڪبي ته هن ڪڏهن به اسان کي ڏاڙهيو ڪونه. گاريون ڏيڻ بدران هو ٻيا طريقا استعمال ڪندو هو. مثال طور: مسواڙ ۾ دير ٿيڻ تي هو صبح سوير هڪ ڌارئين عورت کي پاڻ سان وٺي نموندار ٿيندو هو ۽ اسان سان بنا عليڪ سليڪ جي ان مائيءَ کي جاءِ ايئن ڏيکارڻ شروع ڪندو هو، ڄڻ اسان گهر جا ڀاتي نه پر روح هجون جي فقط هڪ ٻئي کي ڏسي سگهون. هونءَ به اسان ان وقت چتين لڳل ڪڇن ۽ گنجين ۾ ڌارين مهمانن اڳيان بحث ڪرڻ بدران لڪندا وتندا هئاسين.
مسواڙي ۽ مالڪ جي جھڳڙي اسان جي ڪچي ذهن تي ايڏو اثر وڌو، جو اسان لاءِ جاءِ جو مالڪ معنيٰ ڏنگو ماڻهو، خوفناڪ جانور، يا رت چوسيندڙ ڄؤر هو. اسان هن کي شايد ان لاءِ به نٿي وڻياسين، جو اسان، هن سان دولاب ڪيو هو. اسان جهڙي وڏي آڪهه لاءِ مسواڙ تي گهر ڳولڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي. اسان جا ماءُ پيءُ جڏهن گهر جي ڳولا لاءِ نڪتا هئا ته پاڻ سان فقط ٻه ٻار کنيا هئائون. پوءِ جڏهن اسان سامان کڻي رهڻ لاءِ آياسين ته جاءِ جو مالڪ اسان کي ڏسي وائڙو ٿي ويو هو. هڪ ٻئي پٺيان يڪا سارا اٺ ٻار ڏسي سندس منهن جو رنگ ئي اڇو ٿي ويو هو (۽ پوءِ وارن جو پڻ) امان کي ٽوڪ مان چيائين: ”پهرين ڇو نٿي ٻڌائي ته توهان کي هيڏي اعليٰ فئملي آهي؟“
”ابا ڪڏهن پنهنجي به نظر لڳي ويندي آهي. ان ڪري مون هڪدم نٿي ٻڌايو.“ امان ڪاٺ جي پيتي ٽانگي تان لاهيندي چيس.
ٻئي ڏينهن جاءِ جي مالڪ سنجيدگي سان بابا کي چيو: ”ڳالهه ٻڌ! ٻار تمام گهڻا آهن. آئون ته فقط ٻه رکندس.“
بابا هن جي ڳالهه اُبتي سمجھي ۽ وراڻيس: ”اسان ته پاڻ خوش ٿينداسين. ڪهڙا ٻه ٻار تون رکڻ ٿو چاهين؟“
اسان غريبن جو پاڙو به عجيب هو. هر هڪ وٽ ڏکن هوندي به خوشي هئي. هڪٻئي سان جهيڙو جھٽو هجڻ جي باوجود هڪ ٻئي کي اوکي ويل سڏ تي سڏ ڏيندا هئاسين. هڪٻئي جي اوڻاين پوڻاين، غمين خوشين کان چڱيءَ ريت واقف هئاسين. گهرج تي (جيڪا هر وقت لڳي رهندي هئي)، هڪٻئي کان لوڻ، مرچ ۽ کٽ بسترو ته ٺهيو، پر ذاتي شيون به اڌاريون وٺندا ۽ ڏيندا هئاسين. ”ماسي ذرا پٽهين کي ته ٿوري دير منهنجي حوالي ڪجانءِ ته هيءَ هڙ بس اسٽاپ تائين کڻائي هلي.“
”ڀيڻ پنهنجي درين جا پڙدا اڄ رات لاءِ ڏجانءِ، منهنجو ناٺي پيو اچي.“
ڪي پاڙي وارا ته کنڊ جو ”ٻڪ“ وٺڻ لاءِ پاڻ ايندا هئا ۽ موٽائڻ مهل ڪنهن ننڍي ٻار هٿان موڪليندا هئا، جيئن گهٽ موٽائڻي پوي. پاڙي ۾ هڪ غريب رن زال مسز برنيس رهندي هئي. جڏهن هن جي ڌيءُ جو مڱيندو پهريون دفعو سندس گهر اچي رهيو هو ته امان سان ڳالهه ڪندي چيائين: ”ڀيڻ اڄ شامَ لاءِ پنهنجو مڙس ته اڌارو ڏجانءِ، جيئن اسان جي گهر جو وڏو ٿي ساٺ سنوڻ پورا ڪري.“
واندڪائين ۾ وڏڙن جون رهاڻيون ٿينديون هيون. امان، پاڙي واريءَ کي فقط چئي ايندي هئي: ”اڄ ته اسان وٽ گهمڻ اچ.“ انهن ڏينهن ۾ نه ٽي وي هئي، نه ڊانسنگ ڪلب، نه شراب ڪواب نه پتي راند. بس ٺلهو ٻئي جي گهر اچي دل جي وندر ڪچهريءَ سان پوري ڪبي هئي. وڌ ۾ وڌ عياشي، ته سياري ۾ چلهه ۾ ڪجهه وڌيڪَ ڇوڏا ۽ اڱار وجھي باهه جو ڀنڀٽ کڻي ٻاربو هو. مرد ماڻهو هڪ طرف ڌار ويهي پنهنجين نوڪرين، صاحبن، ڪمدار ڪامورن ۽ ڪارخارنن جون ڳالهيون ڪندا هئا ته عورتون ٻي ڪنڊ وٺي وهنديون هيون. پوءِ ڪي عورتون گهران آندل چونئرا پيون ڇلينديون، ڪي آر به هٿن سان پيون هلائينديون ته ان سان گڏ اوڙي پاڙي جي چشڪا ڏئي گلا به پيون ڪنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن صوف کڻي ويهنديون ۽ پوءِ آهستي آهستي ان جي کل بنا ڇڄڻ جي نانگڻ وانگر لاهي، پنهنجي باقي بچيل ڏندن سان چٻ چٻ ڪري کائينديون هيون ۽ پنهنجي ويم جا سور ۽ مسئلا به کڻي ويهنديون هيون. ”پهرين ٻار تي مونکي ٽي ڏينهن سور هليا، ٻئي تي رڳو چار ڪلاڪ.“ پنهنجا ڪوڙا سچا ۽ خيالي ويم، ڪُهايون ۽ ٻار ڪيرائڻ جون تڪليفون به هڪٻئي کي ٻڌائينديون، ته رکي رکي نڪ کي موڙا ڏئي ”هنن“ يعني مردن ڏي به آڱرين سان اشارا ڪنديون، جيڪي سندن خيال مطابق سندن تڪليفن جا ذميوار هئا.
پاڙي جو هر ڪردار مختلف ڳالهين ۽ ڪمن کا سڃاتو ويو ٿي. ڪي ڪي ماڻهو رڌ پچاءَ کان سڃاڻبا هئا، جنهنجي خوشبوءِ سڄي پاڙي ۾ ڇانئجي ويندي هئي. بصر سڙڻ جي ڌپ تي هڪدم امان چوندي: ماسي ”ب“ اڄ وري بصر پئي تري ۽ سندس نالو ئي مائي بصران پئجي ويو. کومي جي ڌپ جي سمجھي وينداسين ته ماسي استري آهي، ڪپڙا پئي استري ڪري. اهڙيءَ طرح در تي ڪڙو لڳڻ جي انداز مان ماڻهو سڃاڻي سگهبو هو ته ڪهڙو پاڙي وارو آهي. ڪنهن جو ڪڙو زور سان هوندو هو ڪو ڄڻ چؤنئريءَ تي چمچو پيو هڻي. ڪو ڪڙي بدران آڱرين جي ڏوڏن سان در کڙڪائيندو هو، ڪو نهن سان ٽپ ٽپ ڪندو هو ۽ جڏهن در تي ڪنهن به قسم جو ڪڙو نه لڳندو هو ته سمجي ويندا هئاسين ته جاءِ جو مالڪ پيو اچي. ڪي پاڙي وارا سندن هلڻ جي آواز مان سڃاڻبا هئا ۽ سندن نالا به ان مطابق رکيل هئا.
هر قسم جي رسم رواج، ساٺ سنوڻ ۽ ڦڪيءَ ڦيڻي لاءِ ڪانه ڪا وڏي، پاڙي ۾ ضرور هئي. خاص ڪم جيڪو خير خوبيءَ سان سرانجام ڏنو ويندو هو، سو هو هڪ ٻئي جي ڌيئن جي شادي ڪرائڻ. فقط اهي شادي کان ڀاڄوڪڙ ڪنوارا بچي سگهندا هئا، جن جون ڪئين سالن جو تجربو هوندو هو. پوليس به ايترا ماڻهو نه جھليا هوندا، جيترا هنن پوڙهين پاڙي جي ڇوڪرين کي اگھائڻ لاءِ ڪنوار ڦاسايا هوندا.
جيڪڏهن اتفاق سان ڇوڪرو پنهنجي پاڙي ۾ نه هوندو هو ته پوءِ ٻئي محلي يا شهر جا به ساڳي سٽاءُ ۽ ائڪٽنگ سان جھليا ويندا هئا. جنهن جي ريهرسل اڳواٽ ٿيندي هئي، جا هن ريت هئي: ”آئون پنهنجي ڀاڻيجي کي فلڊلفيا مان مانيءَ تي گهرايان ٿي. پوءِ مانيءَ بعد اٽڪل نائين وڳي ڌاري تون ڌيڻين هٿان ٻه ڊالر مون ڏي موڪلجانءِ، جيڪي آئون توکي لهڻان. آئون پوءِ بهاني سان ڌيڻين جي ڄاڻ سڃاڻ ڀاڻيجي سان ڪرائينديس ۽ هن کي چانهه لاءِ چونديس. بس هڪ دفعو هن ڏٺو ته سمجهه ته اڌ قصو پورو ٿيو.“
سو ايئن مڱڻا ۽ شاديون ٿينديون هيون: پوءِ کڻي ڇوڪريءَ ۾ ڪا خاص سونهن يا قابليت نه هجي. ڪا ٿلهي ۽ بندري هوندي ته اٽڪلي پوڙهي چوندي: ”قد جي سا ٿوري ننڍي آهي، پر عقل ۾ ڪير نه پڄيس.“ ۽ ڪا چست چالاڪ نه هوندي ته چونديون: ”ٻيون ڳالهيون کڻي ڇڏ اهي ته پيون اينديون، پر سبڻ، ڀرڻ ۽ رڌ پچاءَ ۾ هن سان ڪير پُڄي؟“ وغيره وغيره.
پوءِ جڏهن شادي ٿيندي هئي ته پاڙي جون ننڍيون وڏيون ڪنور کي اچي سينگارينديون. گهر جو ڪم ڪار ڪنديون ۽ آيل مهمانن لاءِ ماني ٽڪي تيار ڪنديون. ”ڪنوار جا وار هيئن نه هيئن ٺاهينديس. ان اسٽائيل ۾ ته صفا ڏهه سال پوڙهي ٿي لڳي.“ ڪا پڇندي: ”امان ڇوڪرو ڪهڙي ٿو نوڪري ڪري؟“
”اڃان پڙهي پيو. آخري سال ۾ آهي. مائٽن جو به سڀ ڪجهه اٿس.“
”ڪنوار جا ڀاڳ ڀلا! اڄڪلهه ڪٿي ٿا اهڙا ڇوڪرا ملن.“
”ڇوڪري به ته گهٽ نه آهي، ڀاڳن وارن کي اهڙي ڪنوار ملندي.“
”امڙ پنهنجو پاڻ ۾ ويٺا آهيون ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ، هو هن جي لائق آهي ته هوءَ هن جي.“
شاديءَ جي دعوت تي ننڍو وڏو اچي گڏ ٿيندو هو. اهي ٻار جن کي اڃا ڏند نه آيا هوندا، انهن کي به مائرون وات ۾ ڪجهه نه ڪجهه گچينديون رهنديون هيون. ڪي زالون در تي بيهي ڄڃ اچڻ تي لوڻا هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي مهمانن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. ”هي گھوٽ جو چاچو آهي، نيو جرسيءَ ۾ ٿو رهي، هي مامون اٿس، هي بروڪلن ۾ نلڪن جو ڪم ٿو ڪري ۽ هي جيڪو اچي پيو ان کي ته مان نه سڃاڻان، لڳي ٿو گھوٽيتن پاسي جو آهي. ٻڌجي پيو ته گھوٽيتا مڙئي ٿوري ٽون ڦان وارا آهن. اجھو هارن جو کارو به اچي ويو. اڃان گھوٽ جو پتو ڪونهي.“
”اچي ويو. اچي ويو.“ ٻارن جي هُل ۾ هڪ پراڻي ٽئڪسي لڏندي اچي بيهندي. پهرين گهوٽ جا ماءُ پيءُ ان مان لهندا، پوءِ ٻارن جو ڌڻ، پوءِ گھوٽ، پوءِ گھوٽ جي ڪنواري ڀيڻ، پوءِ چاچي ۽ ان سان گڏ ٽئڪسيءَ جا بار ڪري چٻا ٿيل ڦيٿا ڪجهه مٿي کڄندا. ايتري ۾ ڪنوار به اندرين ڪمري مان ٺهي جڙي نڪرندي. ٻار شاديءَ جا ڳيچ ڳائيندا:
Here comes the Bride – All dressed in white
Here comes the feller – All dressed in Yeller.
هڪ دفعو وري نئين جوڙي تي عورتون ٽيڪا ٽپڻي ڪنديون. سس پس شروع ٿي ويندي. اٿڻ مهل هڪ ٻئي کي آهستي ڪن ۾ ڦسڪا هڻنديون: ”پنهنجو پاڻ ۾ ويٺا آهيون، ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ، هوءَ هن جي لائق آهي نه هو هن جي.“
پاڙي ۾ ڪيترا پوڙها ۽ پوڙهيون رهنديون هيون جي سڀني جا چاچا ۽ چاچيون هيون. هڪ چاچي هوندي هئي جيڪا ايڏي ته پوڙهي هئي جو هن کي اهو به ياد نه هو ته هن جا وڏا ڪير هئا ۽ ڪٿان آيا. سندس مائٽن مان ڪير جيئرو نه بچيو هو. سندس مڙس کي به ياد نه هو. منهنجا ڀائر ساڻس چرچا ڪندا هئا ته هنن جو نڪاح نامون رد ٿي ويو آهي ۽ هاڻ گناهه جي زندگي پيا گذارين. ننڍن ٻارن کي ڪوڏائڻ وقت چوندي هئي: ”بلڪل پڙڏاڏي تي ويو آهين.“ يا ”بلڪل تڙنانيءَ تي مهانڊو اٿس.“ هاڻ ڪير جيئرو آهي جو سندس ڳالهه جو ثبوت ڏئي يا رد ڪري.
هڪ ٻي پوڙهي چاچي هوندي هئي، جنهن لاءِ مشهور هو ته سندس سؤٽ جو هن سان عشقُ هو. هڪ ڏينهن سندس سوٽ سندس ڳل تي کڻي هٿ لاٿو. جنهن تي مائي ڪاوڙجي پئي ۽ سخت دل ۾ ڪيائين ته اهو ماڻهو جيڪو هينئر ئي هٿ ٿو لاهي، سو اڳتي هلي خبر ناهي ڪهڙا ڪم ڪندو ۽ هو ويچارو به شرم ۽ گناهه جي احساس کان ماڳهين نيويارڪ ڇڏي ڪئليفورنيا هليو ويو، جيئن اها ڳالهه دل تان وسري وڃي. هيءَ چاليهه سالن تائين سوچيندي رهي. آخر اها ڳالهه درگذر ڪري هن ڏي نياپو موڪليائين ته، شاديءَ لاءِ اچان پئي. قدرت خدا جي، جنهن ڏينهن هوءَ پنهنجي سؤٽ وٽ ڪئليفورنيا پهتي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ سندس سؤٽ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. پوڙهيءَ تي ان ڳالهه هيڪاندو اثر ڪيو ۽ محسوس ڪيائين ته سندس سوٽ ڪيڏو نه بلند اخلاق هو. ڪاش هوءَ اڳواٽ شادي ڪري اهي چاليهه سال اڪيلو گھارڻ بدران هن سان گڏ گذاري ها. بهرحال، جيئن ته هوءَ شاديءَ جو پڪو پهه ڪري ڪئليفورنيا آئي هئي، سو اتي ئي هڪ ٻئي واندي سان شادي ڪيائين، جيڪو پورن ٽن سالن بعد گذاري ويو. مرحوم پٺيان کيس ۽ هڪ غير استعمال شده دوائن جو خانو ڇڏي ويو. چاچيءَ هڪ دفعو وري شادي ڪئي، پر اهو همراهه به ستت ئي وفات ڪري ويو. ان بعد هوءَ هڪ مَني ٿي واپس نيويارڪ موٽي آئي ۽ هڪ دفعو وري پاڻ کي ڪنواري سڏائڻ لڳي.

• سئم ليونسن
• سنڌيڪار: الطاف شيخ

هڪ يهودڻ سان ملاقات

1960ع واري ڏهاڪي ۾ مون جهاز سازي جي تعليم مڪمل ڪري مئرين انجنيئر جي حيثيت سان جهاز جي نوڪري شروع ڪئي. گرم انجن روم ۾، طوفاني موسمن ۾ ۽ مڇريل سمنڊن تي بيٺي پير چار ڪلاڪ ڏينهن جو چار ڪلاڪَ رات جو ڊيوٽي ڪرڻ جتي ڏکيو ڪم هو اتي جهاز جي مختلف بندرگاهن ۾ پهچڻ تي گهمڻ ڦرڻ جا مزا پڻ هئا. اڄ جي گهما گهمي ۽ دهشتگردي جي دنيا سان جڏهن اڄ کان اڌ صدي اڳ وارا ڏينهن ٿو ڀيٽيان ته انهن ڏينهن ۾ دنيا جي هر ملڪ ۾ ڪيڏو ته سڪون، سَستائي ۽ سانت هئي. ڪوالالمپور جيڪو اڄ يورپ جو شهر لڳي ٿو اتي فقط ”جالان تئانڪو عبدالرحمان“ وارو روڊ سيمنٽ جو يعني پٿرن ۽ ڏامر جو ٺهيل هو جنهن کي چوندا ئي هئا ”باتو روڊ“ يعني پٿرن وارو رستو .... سنگاپور ۾ ڪا به عمارت هِڪَ ماڙ کان مٿي نه هئي. بندرگاهه کان ايئرپورٽ تائين ”وڊ لئنڊ“ وارو سڄو علائقو جنگل ئي جنگل هو. ويندي ڪراچي به صدر تائين محدود هو. ڪافي ويران علائقو هلڻ بعد گرو مندر ايندو هو جتي عامل هندن جا گهر هوندا هئا. اهو ئي حال ڪولمبو، عدن، بئنڪاڪ جو توڙي آمريڪا ۽ يورپ جي شهرن جو هو. اڄ جي مقابلي ۾ امن امان به ڏاڍو هو. هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ لاءِ فقط ٽڪيٽ خريد ڪرڻي پوندي هئي. ڪيترن ئي ملڪن، ويندي جپان ۽ انگلنڊ، جي به ويزا جي ضرورت نه هوندي هئي. ايئرپورٽ تي اڏام کان اڌ ڪلاڪ اڳ پهچڻ ڪافي هو. ٻاهرن ملڪن ۾ اتي جي مشهور اداڪارن، رانديگرن، سرڪاري ڪامورن ۽ حاڪمن سان ملڻ به آسان ڪم هو. انهن ئي ڏينهن ۾ ٽرنيڊاڊ (ويسٽ انڊيز ٻيٽ) تي اتي جي رهاڪو ۽ بعد ۾ اڳتي هلي دنيا جو مشهور ليکڪ ٿيندڙ ۽ نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ وي. ايس نائپال سان ملاقات ٿي ۽ هانگ ڪانگ جي هڪ هوٽل ۾ رهائش دوران خوشونت سنگهه سان ٿي. ان وقت تائين خوشونت سنگهه جا جيتوڻيڪ ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا هئا پر هو اڃان مشهور نه ٿيو هو. اڄ ٿو سوچيان ته ان زماني ۾ گهمڻ ڦرڻ، فلمون ۽ ٿيٽر ڏسڻ، اجائي سجائي خريداري پٺيان پئسو ۽ وقت ضايع ڪرڻ بدران هر ملڪ جي بندرگاهن ۾ اتي جي اديبن، شاعرن، آرٽسٽن، فلمي اداڪارن ۽ ٻين اهڙين شخصيتن سان ملي انهن جا انٽرويو وٺجن ها. پر انهن ڏينهن ۾ انهن ڳالهين جو هوش نه هو. وري به هر جهاز تي ڪو هڪ ٻه اهـڙو آفيسر ملي ويو ٿي جنهن کي مون وانگر ڪتابن پڙهڻ جو شوق هجڻ ڪري سمنڊ تي ان ٽاپڪ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو مليو ٿي باقي ڪناري تي ڪڏهن ڪڏهن مڪاني اهم شخصيت سان ملاقات ٿي ٿي ته اها به اتفاقي طرح. جيئن هڪ دفعي نيويارڪ ۾ اتي جي مشهور شاعره ۽ اديبا ”ايريڪا جونگ“ (Erica Jong) سان ٿي .... پوءِ ته اها اڃان به گهڻي مشهور ٿي ۽ ڪو عرصو سندس نالو جپان ۽ ڪوريا تائين گونجندو رهيو. هاڻ پاڻ ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. ظاهر آهي ان جي جاءِ تي ان کان وڌيڪَ قابل ۽ ماڻهن کي پسند ايندڙ اديب شاعر اچي ويا آهن.
ايريڪا جونگ سان اسان جي ملاقات ستر واري ڏهي ۾ ٿي جڏهن اسان جو جهاز ڪولمبو (سريلنڪا) کان نيويارڪ لاءِ روانو ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ ٻاهر جا انگريزي ناول گهٽ ملندا هئا ۽ جيڪي ملندا هئا سي مهانگا هوندا هئا. ڪولمبو ۾ اتي جي سرڪار ڪتابن تي سبسڊي ڏيڻ ڪري اتي سستا هئا ويتر انهن ڏينهن ۾ اسانجي ملڪ جي رپئي جي قيمت وڌيڪَ هجڻ ڪري اسان لاءِ سستائي هئي. ان ڪري سمنڊ تي پڙهڻ لاءِ ڪتاب سري لنڪا جي بندرگاهه ڪولمبو مان وٺندا هئاسين يا وري آمريڪا پهچي اتي جي ”سي مين“ ڪلبن مان کڻندا هئاسين جيڪي اسان جهازن وارن کي مفت ۾ ڏيندا هئا.
ان ڀيري ڪولمبو مان ورتل ڪتابن مان هڪ Fear of Flying ناول ”ايريڪا جونگ“ نالي عورت جو پڻ هو. پهريون صفحو پڙهڻ سان مون کي هي ناول، بلڪه مائيءَ جي لکڻ جو اسٽائيل، بيحد نرالو لڳو. هن ان ناول ۾ وڏي دليريءَ سان (بلڪه بي شرميءَ سان) پنهنجي فِڪشن ڪهاڻي لکي آهي، جيڪا بعد ۾ خبر پيئي ته ان ۾ وڏو حصو سندس سچ پچ جي زندگيءَ جو به آهي. اڄ جي دؤرَ ۾ جڏهن ٽي وي، سئنيمائن ۾ يا ڪمپيوٽر انٽرنيٽ تي خبر ناهي ڪهڙي قسم جون واحيات فلمون پيون هلن ان جي مقابلي ۾ اڄ ايريڪا جو هي ناول ڪا حيثيت نٿو رکي پر انهن ڏينهن ۾ جنهن پڙهيو ٿي ان اهو ئي چيو ٿي ته عورت ٿي ڪري ڪيڏو ته بي حيائيءَ سان لکيو اٿس ۽ هر هڪ ان ناول کي Erotic سڏيو ٿي. پر اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، انهن ڏينهن ۾ اسان جو هر ملڪ ۾ وڃڻ ٿيو ٿي پر سچي ڳالهه اها آهي ته ايريڪا جي هن ڪتاب ۾ فحشپڻو ڪو نالي ماتر آهي منجھس ادب ۽ لکڻ جو جديد اسٽائيل وڌيڪَ آهي ۽ هُنَ هي ناول لکڻ ۾ ڪافي محنت ڪئي هوندي. نيويارڪ کان واپسي تي مون ان ناول جو چئپٽر اڌ ترجمو ڪري سنڌي اخبار ۾ به ڏنو هو ۽ هتي پڻ پڙهندڙن لاءِ ڏئي رهيو آهيان.
ايريڪا جونگ اسانجي عمر جي ٿيندي بلڪه اسان کان ٻه سال وڏي آهي. پاڻ 1942ع ۾ نيويارڪ شهر ۾ هڪ يهوديءَ جي گهر ۾ ڄائي. سندس پيءُ جو اصل ملڪ پولنڊ هو ۽ ماءُ جيڪا ڄائي ته انگلنڊ ۾ پر سندس والدين يعني ايريڪا جو نانو ۽ ناني روس جا يهودي هئا. ايريڪا جونگ جي پيءُ جي پروسلين جي گُڏين ٺاهڻ جي ڪمپني هئي ۽ ماءُ پينٽر ۽ ٽيڪسٽائيل ڊزائينر هئي جيڪا پنهنجي مڙس جي ڪمپني جي گُڏين جي ڊزائين ڪندي هئي. ايريڪا جي وڏي ڀيڻ سُوزانا هڪ لبناني عيسائي عرب سان شادي ڪئي هئي ۽ هڪ ننڍي ڀيڻ ڪلاڊيا سوشل ورڪر هئي جنهن جي مڙس ايريڪا جي پيءُ جي ڪمپني Seymour Mann Inc. ۾ ڪم ڪيو ٿي ۽ 2006ع ۾ گذاري ويو.
ايريڪا جي چار دفعا شادي ٿي. پهريون دفعو پنهنجي ڪاليج جي دوست مائيڪل سان، ٻيو دفعو چيني آمريڪن سئڪا ٽرسٽ سان انهن ٻنهي جو احوال هن پنهنجي ناول ”فيئر آف فلائنگ“ ۾ پڻ ڪيو آهي. سندس ٽيون مڙس ”جوناٿن فاسٽ“ ناول نويس هو جنهن جو پيءُ هووارڊ فاسٽ پڻ مشهور ناول نويس ٿي گذريو آهي. ان شاديءَ جو احوال ايريڪا پنهنجي ٻن ناولن How to save your own life ۽ ”پئراشيوٽس ائنڊ ڪِسز“ ۾ ڏنو آهي. ايريڪا اڄ ڪلهه پنهنجي چوٿين مڙس ڪينٿ ڊئوڊ سان رهي ٿي جيڪو نيويارڪ جو مشهور وڪيل آهي.
ايريڪا ٽي سال کن جرمني ۾ پنهنجي ٻئي نمبر مڙس سان گڏ رهي جتان هوءَ اڪثر اٽلي جي شهر وينس ۾ گهمڻ لاءِ ويندي رهي جنهن بابت احوال هن پنهنجي ناول Shylock’s Daughter ۾ ڪيو آهي.
ايريڪا جونگ 1965ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي مان انگلش لٽريچر ۾ ايم اي ڪئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايريڪا جي مشهوري Fear of Flying ناول ڪري ٿي. مون سندس تقريباً سڀ ناول پڙهيا آهن جيڪي پاڻ بعد ۾ لکيائين پر سندس مٿيون پهريون ناول جيڪو هن First Person Sing (زمان متڪلم) ۾ لکيل آهي سڀني پسند ڪيو آهي جنهن لاءِ نيويارڪ ٽائيمس ۾ آيو هو ته:
“......The Book tries to answer the many conflicts arising in women in today’s world, of womanhood, femininity, love, one’s quest for freedom and purpose”.
ايريڪا جونگ بنيادي طرح شاعره آهي. هوءَ اڄ به شاعري وڏي شوق سان ڪري ٿي. جيستائين آئون جهاز تي هوس نيو ييئر تي سندس ڪارڊ مون وٽ به ايندو رهندو هو جيڪو هوءَ پنهنجن پڙهندڙن کي باقاعدگيءَ سان موڪليندي رهي ٿي. انهن ڪارڊن تي سندس نئين شاعري هوندي هئي.
مون سندس شاعريءَ جا ٻه شروعاتي ڪتاب Fruits & Vegetables ۽ ”هاف لائيف“ سامونڊي نوڪري وارن ڏينهن ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر هميشه وانگر شاعري پنهنجي سمجهه کان پري رهي آهي. هن وقت موجود سندس هڪ پراڻو New Year ڪارڊ مون وٽ موجود آهي جنهن تي لکيل سندس ڪجهه شعر هتي ڏيان ٿو:
Perishable Women
Perishable Women - -
The colonial graveyards
Are strewn with your bones,
The islands of Caribbean
Are rich with your deaths.
Your perished
Like the creatures of the reefs,
Bringing forth your kind.

Perishable women - -
Smashed like pots
Upon the floor beneath the wheel,
Crushed like shells upon the beach,
Like husks of coconut,
Like bits of bottle glass.
At my age I’d be dead.
You would not be.
© Erica Mann Jong

اُڏام جو ۽ ٻيا خوف

جهاز جي اُڏام وقت منهنجي حالت هميشه ٻي هوندي آهي. اڏام جو ڀؤ سڄو وقت وڪوڙي ويٺو هوندو اٿم. منهنجيون آڱريون (۽ پٻ پڻ) برف جهڙا ٿڌا ٿي ويندا آهن. آنڊا ٻرانگھ ڀري مٿي پاسراٽين جي پڃري ۾ اچي پوندا آهن. نڪ جي چهنب جو ٽيمپريچر به هيٺ ڍرڪي ساڳي سطح تي وڃي بيهندو آهي جيڪو آڱرين جو آهي. ببن جون ٻنڍيون مٿي کڄي باڊيءَ جي اندرين ڪپڙي کي سلامي ڏينديون آهن. (پر هن صورت ۾، ڪڙتي کي، ڇو جو هن وقت باڊيءَ بنا سفر ڪري رهي آهيان) ۽ رکي رکي ڪنهن منٽ جي جھٽڪي ۾ منهنجي دل جو ڌڙڪو ۽ جهاز جي انجڻ جو ڌڌڪو پاڻ ۾، تار ۾ تار ملائين ٿا ۽ آئون اهو ثابت ڪرڻ ۾ لڳي وڃان ٿي ته ايئرو ڊائنامڪس جا اصول ڪي خيالي يا وهمي ته نه آهن، جيتوڻيڪ من اندر مونکي لڳي پيو ته، اهي آهن. ان ڪري جهاز جي هر ڪامياب اڏام کانپوءِ پنهنجو پاڻ کي مبارڪباد ڏيندي آهيان.
آئون آمريڪا کان لبنان پنهنجي ڀيڻ رُئنڊيءَ وٽ ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ پئي ويس. هوءَ اتي هڪ عيسائي عرب سان پرڻايل آهي، جنهن سان هن ارڙهن سالن جي عمر ۾ برڪلي ۾ شادي ڪئي هئي. ان کان پوءِ ڪئليفورنيا ۾ ئي هئي ته چار ٻار ڄايس ۽ پوءِ بيروت پنهنجي مڙس جي وطن لڏي وئي، جتي پنج ٻيا ٻار، في ٻار ڏهين مهيني جي حساب سان، سوا چئن سالن ۾ ٿيس.
منهنجيون باقي ٻه ننڍيون ڀيڻون ”لالاح ۽ چُولي“ آمريڪا کان اتي پهتل هيون ۽ هينئر آئون اڪيلي يورپ کان ڦرندي بيروت وڃي رهي هُيس ۽ هميشه وانگر جهاز ۾ مونکي اجايا ڊپ ۽ وسوسا ورائي ويٺا هئا: جهاز جي تباهي، باد فرنگ بيماري، شيشن جي ڀرڪٽ ڳهڻ، عرب، ڇاتيءَ جو ڪئنسر، نازي، رت جي کوٽ، ماليخوليا، يهودي هجڻ جا ۽ ٻيا.
اسان جو اڃان اڌ سفر به پورو نه ٿيو ته منهنجا خيالي خوف ماڳهين سچ ۽ حقيقتن ۾ ڦرڻ جو ڏيکُ ڏيڻ لڳا. بحر روم جي مٿان جهاز اچي طوفان ۾ ڦاٿو. طوفان سان گڏ مينهن جو وڏ ڦڙو ڄڻ ته جهاز کي ٻنهي پاسن کان ٿڦڙون هڻڻ لڳو. اندر ٽيبلن تي رکيل ماني ۽ سامان سڄي جهاز ۾ ٽڙي پکڙي ويو. پيٽ وات سان اچي ٿي لڳو. اطالوي زبان ۾ اطالوي پائلٽ جون آٿتون به ڪم نه ڪري سگهيون. (هونءَ به اطالوي زبان ۾ ڪا به شيءِ اعتبار جوڳي نه لڳندي آهي). آئون مرڻ لاءِ تيار ٿي ويس. هر دفعي جيئن ئي اسان جو جهاز هوائي پور ۾ ٿي گهڙيو ۽ پنج سؤ فوٽ هيٺ ٿاٻو ٿي کاڌائين ته مون هڪدم ٻڪ کڻي سُکا ٿي باسي ته منهنجا مولا بس هن ڀيري سو آئون بچي وڃان، باقي پوءِ سدائين لاءِ سيڪس، سوئر ۽ سفر کان پاسو ڪنديس.
مرڻ لاءِ پوءِ تيار به ٿي ويس، پر چوڌاري نگاهه ڪيم ته ڪي اهڙا خاص ماڻهو به نه هئا، جن سان گڏ مرڻ به موج ثابت ٿئي. جيئن ئي جهاز هيٺ گهت ٿي هنئي ته هڪ ٻن گڏهن نشي جي حالت ۾ وٺي ٿي رڙ ڪئي يا اٻڙڪا ڏئي الٽي ڪڍي، ۽ ڪي ڇسا وري چرين وانگر ٽهڪ ڏئي رهيا هئا. ههڙن چرين سان گڏ مرڻ جي خيال مونکي ڏڪائي ٿي رکيو. سڄي واٽ الله کي ياد ڪندي آيس. خراب موسم ۾ ڪنٽرول کان ٻاهر نڪتل هوائي جهاز منجهه توهان کي ڪو به دهريو نظر نه ايندو.
ڀاڳن سان جيئن قبرص مٿان پهتاسين ته طوفان جھڪو ٿي ويو، يا ان کي اسان پٺيان لتاڙي آياسين. منهنجي ڀرسان هڪ تکن نقشن وارو مصري ويٺو هو. (ڇا ٻيو به ڪو انهن جو قسم آهي؟) ۽ پوءِ هڪ ڀيرو جڏهن هن کي پڪ ٿي وئي ته خطرو لنگهي ويو ۽ هاڻ سڀني جي جان سلامت آهي، ته هو مون کي عشق جي چڪرن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پاڻ قاهره ۾ ڪو رسالو ڇاپيندو آهي ۽ هينئر واپار جي سلسلي ۾ بيروت وڃي رهيو هو. هروڀرو ضد ڪرڻ لڳو ته طوفان مهل هو مور نه ڊنو هو جو هن وٽ هڪ فيروزو آهي، جيڪو هر خطري ۽ بلا کي ٽاريو ڇڏي. (فيروزو، موتي يا ڪو پٿر ان وقت سندس حالت به ڏسڻ وٽان هئي. پر هاڻ همراهه پنهنجي لئه رکڻ لڳو.) ۽ اڃا به وڌيڪَ ڊاڙوڻ هڻڻ لڳو ته سندس ۽ منهنجو ”لڪي نڪ“ آهي ان ڪري به جهاز پرزا پرزا نه ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي ۽ منهنجي نڪ تي هٿ رکي چوڻ لڳو، ”ڏس. آهن نه ڀاڳ ڀريا نڪ؟“
”منهنجا نبي! موسيٰ عليه السلامـ! آئون چڱي هن جي نڪ جهڙي بيهودي ڳالهه مان ڦاٿيس.“ مون سوچيو. آئون هن جي ان خوشامد ۾ مور نه آيس. اها به ڪا ڳالهه چئبي! هن جو ٿاڦوڙي جهڙو نڪ هو، بلڪل ناصر مرحوم جهڙو (سڀ مصري مون کي ناصر جهڙا لڳندا آهن) ۽ منهنجو نڪ کڻي چتونءَ جي چهنب جهڙو سهڻو نه سهي ته به ننڍڙو ۽ سڌو ته آهي. اهو کڻي ڪنهن پلاسٽڪ سرجن جو سهڻو خواب نه هجي پر ساڳئي وقت جمال ناصر جهڙو بي ڊلو به ته نه آهي.
خير سائين سندس کٿريل ڳالهين صفا متاثر نه ڪيو ۽ مون جند ڇڏائڻ جي پئي ڪئي ته ايتري ۾ اسان جي اطالوي پائلٽ اعلان ڪيو ته جهاز بيروت جي هوائي اڏي تي لهي رهيو آهي. دريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته لوهي ٻنوڙي پويان، پري کان پڌري منهنجي ڀيڻ رئنڊي اٺين يا نائين مهيني پيٽ ۽ شان سان بيٺي هئي. مون سمجھيو ڪسٽم مان پار اڪرڻ ۾ ڪا دير لڳندي، پر منهنجي عرب ڀيڻيوئي پيريءَ جي ڪسٽم ۾ چڱي ڄاڻ سڃاڻ ٿي ڏٺي جو ان مرحلي ۾ ڪا ويرم نه لڳي. اهو 1965ع جو سال هو. عربن ۽ اسرائيل وارن جي اڃا ڇهن ڏينهن واري جنگ ڪانه لڳي هئي، ان ڪري حالتون ايتريون خراب نه ٿيون هيون. جي توهان اسرائيل کان سڌا نه آيا آهيو ته پوءِ لبنان ايئن هو ڄڻ آمريڪا جي ميامي.
روئنڊي ۽ سندس مڙس پيري ايئرپورٽ کان مون کي جنازي کڻڻ جهڙي وڏي ايئرڪنڊيشنڊ، ڪاري رنگ جي ڪئڊلڪ ڪار ۾ گهر وٺي آيا، جتي گهر جا باقي ڀاتي منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا.
بيروت جو شهر پنهنجي ليکي سٺو آهي، پر اهڙو به ڪو هيڪاندو وڏو ناهي، جيڏو پيريءَ اسان جي مغز ۾ ويهاريو هو. ذري گهٽ هر شيءِ نئين آهي. چوڌاري ڪارن فليڪس جي کوکن جهڙيون سوين اڇي رنگ جون عمارتون سنگ مرمر جي ڏيڍين سان آهن. جيڏانهن تيڏانهن گهٽين جي ڀڃ ڊاهه لڳل هئي. آگسٽ جي مهيني ڪري بيورت ۾ چڱي گهم ۽ ڪاڙهو هو. خبر ناهي ڪهڙي رنگ جو هتي گاهه ٿئي ٿو، پر سج جي تپش ڪري ڏاسجي ڇاڻ جي رنگ جهـڙو ڀورو ٿي ويو هو. ميڊيٽرينين (ڀؤنچ) سمنڊ گُليءَ جهڙو نيرو ضرور آهي (پر ايجين سمنڊ کان وڌيڪَ ناهي، چاهي پيري ڪيترو به کڻي ان کي پڏائي).
ڪن ڪن ڪُنڊن وٽان بيروت جو شهر ڪجهه اهڙو ٿو لڳي جهڙو اٿينس، ڪاٽو يوناني قلعي جي، هڪ ٽنگون ٽيڙيل ۽ چيلهه چٻي ٿيل مشرقي شهر، جنهن جي چپي چپي تي پراڻين جُھريل جاين جي ڀرسان نيون اڀرندڙ عمارتون نظر اچن ٿيون. شهر گهمڻ کان پوءِ توهان کي ڪهڙيون شيون ياد رهي سگهنديون: مسجدن ڀرسان ڪوڪا ڪولا جا اشتهار، برماشيل پيٽرول پمپن جا عربيءَ ۾ لکيل نالا. جتي ڪٿي مکين جا انبار. مرسيڊيز ۽ شيورليـٽ ڪارن ۾ پوين سيٽن تي منهن ڍڪي ويٺل عرب عورتون. ڪارن جا شيشا پڙدن سان ڍڪيل، منجھن رکيل اسپيڪرن تان ڪن کائيندڙ وڏي آواز ۾ عربي ميوزڪ جي ڌم. ڪٿي ته پڙدي جو اهو حال ڪٿي وري عربياڻيون الحمرا اسٽريٽ جهڙين جڳهين تي مني اسڪرٽن ۽ سنهين آرپار نظر ايندڙ چولن ۾ پسار ڪندي نظر اينديون. ساڳي مٿئين گهٽيءَ ۾ تازيون آمريڪن آيل فلمون ۽ ڪتابن جي ڀرمار لڳل. ڪتابن جا دڪان پينگوئن، لائوريس ڊي پوچي، آمريڪن ڪاغذي جلدن وارن ڪتابن ۽ ڪوپن هيگن ۽ ڪئليفورنيا کان آيل تازن فحش ڪتابن سان ڀريل. ايئن محسوس ٿو ٿئي ته واقعي مشرق ۽ مغرب پاڻ ۾ اچي مليا آهن، پر ملڻ سان ڪا سهڻي شيءِ ڄڻڻ بدران ڄڻ ٻئي ڪتن جي حوالي ٿي ويا آهن.
منهنجي ڀيڻ جي فليٽ تي سڄو ڪٽنب اسان جو انتظار ڪري رهيو هو، سواءِ امان بابا جي، جيڪي جپان ويل هئا ۽ ڪنهن وقت به هتي پهچڻ وارا هئا. اسان جي ڀيڻ روئنڊي هيڏي لوڌ ڄڻڻ بعد به لڳاتار ايئن نخرا ڪري رهي هئي ڄڻ تاريخ ۾ هيءَ پهرين عورت پيٽ سان ٿي هجي.
مون کان چار سال ننڍي ڀيڻ لالاح کي گهمرا ٿي پيا هئا ۽ هر ڀيري هن ڪاڪوس مان موٽڻ مهل هر هڪ کي پنهنجي ڪاڪوس جو رنگ ۽ پٽڙائيءَ بابت ٻڌايو ٿي. سندس شادي ننڍي هوندي ئي آمريڪا جي هڪ (سندس چواڻي) اڇي ۾ اڇي شيدي باب سان ٿي هئي. باب اڇو خير ڪو آهي، پر چاڪليٽ جهـڙو ناسي چئي سگهجي ٿو. بهرحال سندس دل سا اڇي اُجري آهي، کير جهڙي. پاڻ ڊاڪٽر آهي. ايم. بي. بي ايس بعد هڪدم هن ان طرف رُخ رکيو، جيڏانهن ڪمائي گهڻي آهي، يعني آرٿوپيڊڪ سرجري ۽ هاڻ هفتي جا چار ڏينهن ماڻهن جون ٽنگون سڌيون ڪندو آهي، ڀڳل هڏن ۾ ڪلا ٺوڪي ڳنڍيندو آهي ۽ انشورنس ڪمپنين کان ڏوڪڙ اوڳاڙيندو آهي. اسان جي اها ڀيڻ سڀني ۾ سکي آهي. زال مڙس کي ڌار ڌار ڪارون آهن ۽ فرصت ۾ رڳو گهمڻ ڦرڻ هوندو اٿن. اسان اهو پئي سمجھيو ته ههڙن مشغول ماڻهن کي ٻار ڄڻڻ جي لاءِ نه خيال هوندو نه ئي وري واندڪائي! پر اسان ڀليل هئاسين. هوءَ ته ماڳهين ”ٻار روڪ“ بدران ”ٻار ڄم“ جون گوريون کائي رهي هئي. (جيئن پوءِ پاڻ ڳالهه ڪيائين ۽ ساڳي وقت اخبارن ۾ به پڙهيوسين). شاديءَ کان پورن ٻن سالن بعد هڪ نه ٻه، يڪا سارا چار ٻار هڪ ئي وقت ڪڍي کڻي ٻاهر ڪيائين. بهرحال لالاح جي به مون سان نه پوندي آهي خاص ڪري منهنجو لکڻ پڙهڻ جو شوق کيس ڀانءِ نه پوندو آهي. هر وقت ڏوراپا ڏيندي آهي ته آهي ڇا ان شعر و شاعريءَ ۾؟ ڪا ڪم جي ڳالهه به سجھنئي ٿي يا نه. مون وانگر چار نه ته گهٽ ۾ گهٽ جاڙا ئي کڻي ڄڻ.
هونءَ گهر ۾ امان بابا جن، منهنجي مڙس کي درويش سمجھي سڀني کان وڌيڪَ ان جو خيال رکندا ۽ هر وقت هن کان ڊڄندا رهندا. هنن جي مغز ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته منهنجي مڙس کي ٻين جي دلين جو حال پڙهڻ اچي ٿو. پر اها ڳالهه ناهي. ڪيترا دفعا سمجھايو هوندو مان ته: ”امان! جڏهن هو خالي دماغ سان توهان ڏي گھوري ٿو ڏسي ته ڪو توهان جي اندر جون ڪمزوريون ڪونه پيو جانچي، هو ته ان مهل پنهنجي کٽاري گاڏيءَ جو تيل بدلائڻ، چڪن سوپ ٺاهي پيئڻ ۽ مليريا کان بچڻ جون ترڪيبون ويٺو سوچي.“
چُولي منهنجي ٽيون نمبر ڀيڻ آهي. مون کان ڇهه سال ننڍي آهي. بيروت پهتس ته هوءَ پنهنجي مڙس جي خطن جي انتظار ۾ ڪانگ اڏائي رهي هئي. هوءَ سڀني ۾ لاڏلي ۽ سهڻي آهي. هن آمريڪا ۾ ئي اسان جي پاڙيسري عبل نالي يهوديءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ کيس هڪ ئي پٽ آدم آهي جيڪو ماءُ پيءُ وانگر سهڻو ۽ اڇي رنگ جو آهي. ڪڏهن ڪڏهن عيد برات ڪٽنب جي گڏجاڻين مهل، اڱڻ ۾ کيڏندڙ ڏهٽن ڏهٽين ۾ هڪ آدم ئي آريو لڳندو آهي، باقي ٻيا ٽين دنيا جا اڻ آريا.
۽ هينئر ته بيروت جي ڪجهه گرميءَ ڪري، ڪجهه گهڻن مهمانن جي ڪري روئنڊيءَ جا ٻار پڻ ڇتا ٿي پيا هئا. سڄو ڏينهن بالڪني ۽ ڇت تي ٽاپيون هڻڻ ۾ پورا هئا يا نوڪرياڻيءَ کي عربيءَ ۾ گاريون ڏيڻ ۾. (جنهن ڪري هن روز سامان ٻڌي گهر ڇڏڻ جي ڌمڪي ٿي ڏني). اسان جي ڀيڻوئي پيريءَ، جيڪو پنهنجي پر ۾ پنهنجو پاڻ کي خليل جبران سمجھي ٿو، گائون پائي گهر جي پٿرائين پٽ تي چڪر هنيا ٿي ۽ وچ اوڀر بابت پراڻي زماني جا ڪنا چرچا ٻڌايا ٿي، جن مطابق وڏي ڀيڻ جي مڙس کي باقي ٻين ڀينرن تي به ساڳيو حق هو. جڏهن ان قسم جي بڇڙين ڳالهين کان واندڪائي مليس ٿي ته پنهنجي شاعري کڻي ويٺو ٿي، (لڳي ٿو سڀ عرب شاعري ڪن ٿا) جيڪا ڪجهه هن ريت لڳي ٿي:
منهنجو پيار ڪڻڪ جي تهه مثال،
جيڪو کڙيو گل ٿيو پوي.
هن جون اکيون ڄڻ آسمان ۾ هيرا..... وغيره.
”ظلم اهو آهي ته“، چاش جهڙي مٺي عربي ڪافيءَ جون سرڪيون ڀريندي مون پيريءَ کي ٽوڪيو، ”ڪڻڪ جا تهه ڪڏهن به ٽڙيل ٿيندا ته نه آهن.“
”شاعراڻو سرٽيفڪيٽ“. هن ڳنڀير ٿي چيو.
”چڱو، چڱو. هلو ته سڀ بيچ (سمنڊ جي ڪناري) تي هلون.“ مون صلاح ڏني مان، پر هرڪو ٿڪل هو. هر هڪ کي گرمي لڳي رهي هئي. هر هڪ کي سستي چڙهيل هئي. ظاهر آهي بالبيق يا صيدار ڏي وٺي هلڻ لاءِ ته چئي نٿي سگهياسين. ڀلا دمشق .... قاهره .... ٺهيو ڇڏين کڻي. هلندا هونءَ ئي ڪونه. اسرائيل جيتوڻيڪ بارڊر جي هن پاسي آهي، پر اوڏانهن وڃڻ لاءِ پهرين قبرس وڃڻو پوندو ۽ ايندي وقت واري هوائي سفر بعد اوڏانهن وڃڻ جو سوچڻ به عذاب هو. ۽ جي کڻي وڃجي ته به وري لبنان موٽڻ مسئلو هو، جو عرب ملڪن مان نه سڌو سنئون اسرائيل وڃي سگهجي ٿو نه اتان اچي سگهجي ٿو. سو سڄو ڏينهن گهر جي بيٺڪ ۾ ئي ويهي وقت گذارڻو پيو ٿي.
۽ پوءِ جڏهن امان بابا جن هٿ ٺوڪئي ”پراسرار اوڀر“ کان سوکڙين پاکڙين سان ٽٻ ٿي گهر پهتا ته گهر جون حالتون ويتر ابتڙ ٿي ويون. پهريان ٽي چار ڏينهن اسان جي ڀيڻ هنن کي ڏسي ٺري خوش پئي ٿي، پر پوءِ جيئن ڏينهن تي ڏينهن پوڻ لڳو ته سندس ڇتائيءَ جي ڊگري وڌڻ لڳي. ڳالهه ڳالهه تي ڄڻ چڪ پائڻ ٿي آئي. جهيڙي خاطر، کوٽي کوٽي اڄ کان ويهه سال اڳ جون ڳالهيون ڪڍيائين ٿي. ”مُئا پر پٽجن هيل“ چوڻيءَ مطابق هاڻي اها به ڪا ڳالهه ته: امان مون کي ننڍي هوندي پيانو سکڻ جي موڪل ڇو نه ڏنئي؟ ننڍي هوندي منهنجا پيشاب هاڻا ڪڇا سگها سگها ڇو مٽائيندي هئينءَ، يا ڇو نه مٽائيندي هئينءَ؟ مطلب ته هر ڳالهه لاءِ ڏوهاري امان بابا جن. ۽ آئون اهو سوچيندي رهيس ته مون کي ڪهڙي ڪاري بلا کاڌو جو آرام لاءِ سڄو جهان ڇڏي هتي بيروت کان اچي نڪتيس.
منهنجا والدين ته هفتو کن مس ٽڪي وٺي اٽليءَ ڀڳا، جتي کين واپار جي سلسلي ۾ وڃڻو هو ۽ جتان پوءِ واپس آمريڪا موٽڻو هون. خوش قسمتيءَ سان هنن وٽ ته امپورٽ ايڪسپورٽ لائسنس آهي، سو جڏهن وڻين تڏهن اچي سگهن ٿا ۽ جڏهن چاهين (يا جڏهن ڏسن ته گهر ۾ ڇتائي بمباريءَ جي حد تي پهتي آهي) ته وڃي سگهن ٿا. هو هميشه پنهنجن ڌيئن وٽ گهمڻ لاءِ ايندا آهن ته سوکڙين جا ڍير اچي ڏيندا آهن ۽ وڃڻ وقت دعائن جا ڍير. اهو سڄو مرحلو هفتي اندر پورو ٿي ويندو آهي، باقي سال جا ڏينهن هو اهي ئي ڳڻتيون کائيندا آهن ته هنن پنهنجا ٻار ايڏو ڏورانهين ڏيهه ۾ ڇو پرڻايا.
جن ڏينهن ۾ آئون جرمنيءَ اچي رهيس (۽ رئنڊي بيروت اچي چڪي هئي) ته امان هر وقت اهو سوچيندي هئي ته ٻن ٻارن ڇو کڻي دشمنن جي ڌرتيءَ تي رهڻ پسند ڪيو آهي. هڪ ڏينهن نيٺ مون به چئي ڏنومانس: ”امان، ان ڪري جو اهي توهان کان وڌيڪَ مهمان نواز آهن“، ۽ پوءِ ته امان مونسان لائي ٻاري ڏني. ڏٺو وائٺو منهنجي خلاف ٿي بيٺي.
امان جن ته بيروت ڇڏيو، پر گهر اڃان تائين مهمانن سان ڳتيل هو. چار اسين ڀينرون، ڀيڻويو، ڊزن کن ٻار، نوڪرياڻي ۽ ڪپڙن ڌوئڻ ۽ ٿانون ملڻ واري مائي. گرمي به انهن ڏينهن ۾ اهڙي هئي، جو اسان ورلي ڪو ٻاهر ٿي نڪتاسين، نه ته سڄو ڏينهن ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ وقت گذريو ٿي. مون چاهيو ٿي ته ٻاهر نڪري ڪو سير سپاٽو ڪجي، پر ڪٽنب جي ٻين ماڻهن جي سستيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ختم ٿيڻ جو نالو نٿي ورتو. ”سڀان“، مون سوچيو، ”قاهره ٿي وڃان هلي.“ پر مصر اڪيلو ويندي ڀؤ ٿي لڳو ۽ اوڏانهن هلڻ لاءِ نه ته لالاح ساٿ ڏيندي نه چولي بس ايئن ئي هڪ ٻيو هفتو به گذري ويو. هڪ دفعي اسان سڀ ڪبانا ڪلب وياسين، جتي پيري پٿرائين ڪناري تي بيهي نيري رنگ جي ميڊيٽرينن سمنڊ ڏي نهاري شاعري شروع ڪري ڏني، پر اسان کي باهه وٺي پئي وئي. (هن ذري ذري بيروت جي سٺي ۽ سڪون ڀري زندگيءَ بابت ليڪچر ٿي ڏنو. جنهن خاطر هو آمريڪا جي واپاري ۽ مشينري قسم جي جيئڻ کي الوداع چئي موٽي آيو هو.) ها ڪلب ۾ پنهنجي هڪ دوست سان اسان جو اهو چئي تعارف ڪرايائين ته: ”هي چار منهنجيون زالون آهن.“ ۽ ان وقت مونکي اهڙي چڙ لڳي، جو دل چاهيو ته هينئر جو هينئر گهر هلي وڃان، پر منهنجو گهر ڪٿي آهي؟ امان بابا جن وٽ، پنهنجي رسي ويل مڙس وٽ، پنهنجي ساهيڙي پيئا وٽ، پنهنجي يار چارليءَ وٽ، پنهنجي پهرين مڙس برئان وٽ، يا اڪيلو؟
بس وقت في الحال ايئن بي مقصد گذرندو رهيو. ڏينهن جو هڪ ڏيڍ وڳي اٿندا هئاسين ۽ سڄو ڏينهن ٽي. وي ۽ ٻارن جون دانهون ڪوڪون ٻڌندا هئاسين. پئرس کان ايندڙ اخبار هرالڊ ٽربيون، سينسر طرفان ڪتريل سوراخن جي چوڌاري پڙهندا هئاسين (بيروت ۾ اڄڪلهه اسرائيل بابت هر ڇپيل ڳالهه پڙهڻ تي پابندي آهي. ايتري قدر جو ايلزبيٿ ٽيلر ۽ سيمي ڊيوس جهڙن ناليرن يهودي ائڪٽرن جي فلمن تي به بندش آهي) ۽ پوءِ باقي بچيل ڏينهن گذارڻ لاءِ ويهي فيصلو ڪندا هئاسين ته ڪهڙو پروگرام ٺاهجي. ان رٿا ۾ اسان ايترو ئي هڪ راءِ هئاسين، جيترو عرب اسرائيل تي حملو ڪرڻ لاءِ، ڪو سمنڊ جي ڪناري تي هلڻ لاءِ پيو چوندو هو ته ڪو بائبلاس هلڻ لاءِ منهن ٺاهيندو هو. لالاح صلاح ڏيندي ته بالبيق هلون، ته ٻار هڪدم چڙيا گهر هلڻ لا دانهون ڪندا ۽ رئنڊيءَ جا وڏا ٻار اميوزمينـٽ پارڪ لاءِ ٻاڪاريندا هئا ۽ رئنڊيءَ ويٽو جو پاور استعمال ڪري سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هونءَ به ان بحث مباحثي ۾ ايتري دير ٿي ويندي هئي، جو ٻاهر نڪرڻ لاءِ باقي وقت ئي نه رهندو هو ۽ پوءِ ڪو الحمرا اسٽريٽ ۾ ڪا ڦٿل سٿل فلم وڃي ڏسندو هو ته ڪو ماٺ ڪري. ٽي وي اڳيان ويهي بونانزا سيريز (Bonanza) ڏسندو هو، جنهن جو عربي ۽ فرينچ ترجمو ٽي ويءَ جو اڌ ولاري ڇڏيندو هو.
ڪنهن ڪنهن شام جو بحث مباحثي جي وچ ۾ اسان جي ڀيڻوئي پيريءَ جي ماءُ ۽ ماسيون ڳوٺان اچي وينديون هيون. (ٽي ٿلهيون متاريون زالون، ڀريل ٿڻن ۽ مڇن جي ٻر سان، ڪارن جبن ۾ ذري گهٽ هڪ جهڙيون لڳنديون هيون. منجھن ڪو تفاوت ته ٻڌائي سگهي!) اهي ٽئي ڳائڻين جو ٽولو واهه جو ٺاهي سگهيون ٿي. انهن سان مصيبت اها هئي ته هنن کي ڇڙو هڪ ئي راڳ آيو ٿي: ”لبنان گڊ لبنان سٺو يا نيويارڪ؟“ جيڪو ذري ذري ڳائينديون رهيون ٿي. هونءَ هيون ڀليون، پر کين انگريزي نٿي آئي، سو هر ڳالهه سمجھائڻ لاءِ مٿو ڦاڙڻو پيو ٿي. هنن جي نازل ٿيڻ سان ئي عرب نوڪرياڻي راحما ڪافيءَ جا وڏا پيال ڀري آڻي اڳيان رکندي هئن. پيريءَ کي اوچتو ڪو ڪم ان وقت ياد اچڻ سان غائب ٿي ويندو هو ۽ اسان واري ڀيڻ رئنڊيءَ کي، جا هونءَ ته سڄو ڏينهن گهر جي هڪ هڪ ڪمري ۾ جهار پئي هڪليندي هئي، پر سس ۽ ان جي ڀيڻ کي ڏسي هڪدم ياد اچي ويندو هيس ته هوءَ نائين مهيني جي نازڪ حالت ۾ آهي ۽ ڪمري کي اندران بند ڪري کونگھرا وڃي هڻندي هئي. انهن کونگھرن جي پسِ منظر ۾ باقي: لالاح، چولي ۽ آئون رهجي وينديون هيونسين ۽ اسان هنن پوڙهين اڳيان ”هائو. لبنان نيويارڪ کان سٺو آهي“ جو هر ڏينديون رهنديون هيون سين.
زندگي ويٺي ويٺي ايئن ئي بنا ڪنهن ڳالهه جي گذري رهي هئي، ته اوچتو هڪ اهـڙو ڦڏو ٿي پيو جنهن ڪري اسان سڀ هلچل ۾ اچي وياسين. جيتوڻيڪ ڪو اهڙو وڏو جھڳڙو نه هو پر في الحال اسان جو مطلب ٿي ويو ڇهن سالن جي راجر کي نوڪرياڻي راحما زوريءَ وهنجاري رهي هئي ته هن ٺوڪي کڻي ابن شرت چيس، جنهنجو آزاد ترجمو ”حرامڙي“ يا ”ڪڃري جي اولاد“، يا ڪيئن به کڻي ترجمو ڪجي ته اها عربيءَ جي حساب سان وڏي ۾ وڏي گار آهي. بس پوءِ ته راحما جو روڄ پٽڪو پئجي ويو. ڇوري گهر ڇڏڻ لاءِ هڙ ٻڌڻ لڳي. پيريءَ فرينچ ائڪٽرن واري اداڪاري ڪري هن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ به ڪا اڳهين ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار ويٺي هئي، سو هڪ به نه مڃيائينس. پيريءَ وري پنهنجا خار پٽس راجر کي موچڙا هڻي ڪڍيا، جيتوڻيڪ راجر جو ان ۾ ڪو به ڏوهه نه هو. هو ته پڻس کان ئي اها گار، ڪار هلائيندي ٻڌندو هو. (بيروت ۾ رستي جا اصول نه پر گاريون ٿين. ۽ خود پيري پاڻ به چوندو آهي ته سندس پُٽَ عربيءَ ۾ گاريون ڏيندي ٺاهوڪا لڳن ٿا).
خير سائين اها شام ايئن گار گند ۽ روڄ راڙي ۾ گذري وئي ۽ سڄو گهر پاڻيءَ جي ڇنڊن سان چڪڻ ٿي ويو پر ٻارن ۽ راحما جي ماٺ نه ٿي. نتيجي ۾ ڪيڏانهن به گهمڻ جو پروگرام ان ڏينهن به نه ٺهي سگهيو، پر ان جھڳڙي مان اهو سو فائدو ٿيو جو راحما کي ڳوٺ ڇڏي اچڻ بهاني اسان کي گهمڻ جو وجهه ملي ويو.
ٻئي ڏينهن راحما کي هن جي جابلو ڳوٺ ڪارڪابي ڇڏڻ ۽ ٻي نوڪرياڻيءَ کي آڻڻ لاءِ سڀ ڪار ۾ نڪتاسين. ڪارڪابي لبنان جو هڪ ننڍو ۽ پراڻو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ لائيٽ ئي هاڻ آئي آهي ۽ لائيٽ جو ٿنڀو ئي سڄي ڳوٺ ۾ سڀ ڪجهه آهي، جنهن ڏي ڳوٺاڻا اشارو ڪري ڌارين کي ڏيکاريندا آهن. جڏهن اسان ڳوٺ جي وچ تي پهتاسين (جتي هڪ ڏٻرو ڏاند ڪڻڪ پيهڻ جي جنڊ جي چڪي ڇڪي رهيو هو)، ته ذري گهٽ هڪ هڪ ڳوٺاڻو اسان جي وڏي ڪار کي هٿ لائي عجب مان ڏسڻ لڳو ۽ پيري ڄاڻي واڻي ڪار آهستي هلائڻ لڳو، جيئن ڀلي سڀ ڏسن ۽ پنهنجي اها لئه ڏسي ٺريو پئي. هن، ٿي سگهي ٿو اهو به چاهيو هجي ته سندس ڳوٺائي اهو سوچين ته اسان چارئي هن جون زالون آهيون. (جيتوڻيڪ هر ڪو اسان کان ڀلي ڀت واقف هو). ڳوٺ جا سڀ پيريءَ جا مائٽ هئا. پوءِ ڪو ماسات ته ڪو سؤٽ. ڪو پڦاٽ ته ڪو ماروٽ. سڀ غريب ۽ اڻ پـڙهيل ٿي ڏٺا. ڪيترا ته پيرين اگھاڙا هئا. هاڻ اهڙن اٻوجھن تي لئه رکڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
آخر سندس گهر اڳيان ڪار اچي بيٺي، جيڪو اڇي پوچيءَ سان وهنتل هو. ڊاک جون وليون ڇت تان پئي لڙڪيون. درين جي جاءِ تي رڳو ڪاٺ جا چؤنڪ لڳل هئا، جن تي ڪو به شيشو نه هجڻ ڪري مکيون اندر ٻاهر بنا جھل پل جي آيون ويون پئي. (اڃا به ايئن کڻي چئجي ته اندر گهڻيون آيون ٿي ٻاهر ڪا ورلي وئي ٿي.) اسان جي اچڻ ڪري سڄو ڳوٺ افراتفريءَ ۾ اچي ويو. پيري جي ماءُ ۽ ماسيون رڌ پچاءَ کي لڳي ويون ۽ اسي سالن جو پوڙهو پيءُ ان ئي وقت بندوق کڻي پکين کي مارڻ لاءِ نڪتو ۽ ذري گهٽ پاڻ کي ٿي ماري وڌائين. چاچو ڪٺل سهي کي صاف ڪرڻ لڳو. گهر کي چار ڪمرا هئا، جن جي ڀتين تي حضرت عيسيٰ جون تصويرون، پاڪ منڌيئڙو ۽ ڪجهه گهنجيل اخبارن مان ڪتريل چٻيون سٻيون مورتيون هيون.
جيسين ماني تيار ٿئي تيسين پيري اسان کي پنهنجي زمين ڏيکارڻ وٺي هليو. رئنڊيءَ ته پيٽ جو بهانو وٺي کٽ تي ڊگهي سمهي رهي. اسين پيريءَ پٺيان گهمڻ لاءِ نڪتونسين. (۽ اسان جي پٺيان پٺيان پيريءَ جي ڀائٽن، ڀاڻيجن، سؤٽن، مامن جي ٻارن جو پيرين اگھاڙو لشڪر، جن رکي رکي اسان کي اشاري سان لائيٽ جو ٿنڀو ٿي ڏيکاريو). پيريءَ ان ڳالهه تان هنن کي عربيءَ ۾ ڇنڊ پئي ڪڍي. هن اسان کي ان کان وڌيڪَ ڪا ٻي شيءِ ڏيکاري متاثر ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ آخر کيس نظر اچي وئي. سامهون ٻي ٽڪريءَ جي ماٿريءَ ۾ هڪ ريڍار ڇوڪرو، صوفن جي وڻ هيٺ رڍن جي جيئري جاڳندي ڌڻ سان بيٺو هو. پيريءَ کي به اهو ٿي کتو. يڪدم خليل جبران ۽ ايگرگيسٽ بڻجي لڳو شاعري ڪرڻ: ”ريڍار! رڍون! صوفن جو وڻ، ڪيڏو نه وڻندڙ، ڪيڏو نه دلبر نظارو آهي! هومر، ورگل ۽ بائيبل جو هڪ ئي وقت ميلاپ!“
سو اسان اڳتي هلي ان پنڌرهن سالن جي نينگر وٽ آياسين، جو ان وقت جپاني ٽرانسسٽر تي عربي اشتهارن بعد فرئنڪ سانترا ٻڌي رهيو هو. چوليءَ سگريٽن جو پاڪيٽ ڪڍي هن کي آڇيو، جيڪو هن ڏاڍي لئه ۽ انداز سان ورتو. پوءِ هن دلبر ريڍار پنهنجي دلبر کيسي مان هڪ دلبر گئس لائيٽر ڪڍيو. پوءِ جنهن دلبر فلمي ادا سان هن پهرين چوليءَ جو ۽ پوءِ پنهنجو سگريٽ دکايو، ان مان هر ڏسڻ وارو اندازو لڳائي سگهيو ٿي ته هن پنهنجي سڄي ڄمار فلمون ڏسندي ئي گذاري آهي.
مانيءَ کانپوءِ، پيريءَ جا سڀ مائٽ، ٻين لفظن ۾ سڄو ڳوٺ اچي گڏ ٿيو. انهن ۾ ڪيترا ته ٽي وي ڏسڻ لاءِ آيا هئا جو سڄي ڳوٺ ۾ پيريءَ جي ماسيءَ کي ٽي وي آهي. پر ان رات اسان کي ڏسڻ لاءِ آيا هئا ۽ رکي رکي ڪنڌ ورائي اسان کي ٿي ڏٺائون. هڪ ٻن مائين ته اسان جي سونهري وارن کي هٿ به لاٿو. منهنجي دل ۾ ته اهو خوف پئي پيدا ٿيو ته ڪٿي هنن کي وارن مان اها خبر نه پئجي وڃي ته آئون يهودڻ آهيان پر منهنجو اهو خيال اجايو هو. وڃڻ وقت جيڪي اسان کي تحفا ڏنائون انهن ۾ پاڪ منڌيئڙو ۽ بيبي مريم جي مورت پڻ هئي. هڪ هٿ جو اڻيل ڇائيتاليهه نمبر جو سوئيٽر (جيڪو مونکي گوڏن تائين ٿي آيو)، هڪ نيري رنگ جو پٿر (مشڪل کي دفع ڪرڻ لاءِ) پڻ هو. چڱي دير مهمان ٽي ويءَ اڳيان پاٿيلي ماريو ويٺا هئا ۽ وڃڻ جو نالو ڪونه ٿي ورتائون. پوءِ پيريءَ جي چاچي ڏٺو ته اسان ٿڪجي پيا آهيون ۽ اوٻاسين جو ڦهڪو لاهي ڏنو اٿئون، ته هو دستور موجب آهستي آهستي ڪري مٿي وڃي ٽي ويءَ جي ائنٽينا کي هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو. ۽ هيٺ ٽي ويءَ تي تصويرون ڦڏيون سڏيون ٿينديون ويون ۽ ٿورن ئي منٽن اندر سڀ مهمان موڪلائي هليا ويا.
سمهڻ لاءِ ڪو سٺو بندوبست نه هو. رئنڊي، پيري ۽ سندس ٻارن کي پيريءَ جي پيءُ واري گهر ۾ رکيو ويو، ڀر ۾ ماسينس جي گهر ۾ هڪ ٻٽي بستري تي چولي ۽ لالاح کي سمهڻو پيو ۽ مون کي ٿورو پري ٽڪريءَ تي ٻي ماسيءَ جي گهر اڪيلي سر ننڍي ڪوٺي ڏني وئي. مون چاهيو اهو ٿي ته چولي ۽ لالاح سان گڏ مونکي به رکيو وڃي پر هنن جو هنڌ ٻن لاءِ مس پورو ٿي ٿيو. سو آئون اڪيلي پاڪ منڌيئڙي جي هيٺان پور پچائيندي رهيس. ننڊ نه اچڻ ڪري آئون جنن ڀوتن جون ڳالهيون سوچيندي رهيس، زهريلن نانگن ۽ وڇن بابت، جيڪي ڀت ذريعي ڇت تي پهچي منهنجي مٿان ڪِري پوندا. اهو سوچي رهي هيس ته جڏهن رات جو بنا ٽارچ جي اڱڻ واري ڪاڪوس ۾ وينديس ته پڪ ڪا ڏائڻ منهنجو مڻڪو ڀڃي ويندي، ۽ ٻيون بيشمار ڳالهيون، ڊڄڻي دل کي رڌل رکڻ لاءِ سوچيندي رهيس.
مون کي ايئن سوچيندي ڪلاڪ ڏيڍ ٿيو هوندو ته در چيچاٽ ڪري کليو.
”ڪير آهي؟“ مون چيو ۽ ان سان گڏ منهنجي دل پڻ ٻڏي وئي.
”شش.....“ مونکي ڪڇڻ کان منع ڪندي، ڪارو پاڇولو مون طرف وڌيو.
”خدا جي واسطي ڪير آهين؟“
”شش. آئون آهيان پيري.“ پيريءَ چيو.
”ڇا ڳالهه آهي؟“ مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته اهڙين مهلن تي مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي.
”تون ايڏي ڏکويل ڇو لڳي رهي آهين؟ ڊڄ نه مان ته توکي ننڍي ڀيڻ ٿو سمجھان.“ هو وڌي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. منهنجيون وايون بتال ٿي ويون ته ڇا ڪريان. دانهون ڪريان؟ متان هو دل ۾ ڪري ته همدرديءَ جو بدلو اهو مليو. هو ته مون کي ڀيڻ ٿو سمجھي. ته پوءِ ماٺ ۾ رهان؟ پر نه. ٿي سگهي ٿو ته هن جي نيت خراب هجي.
”ڏس تون منهنجي ڀيڻ آهين نه؟“ هو پنهنجو هٿ هاڻ منهنجي سٿر تي گهمائڻ لڳو.
”ڏس پيري اها غلط ڳالهه آهي. ڪو مذهب، ڪو انساني اخلاق، ڪو به ملڪي قانون ان جي اجازت نٿو ڏئي.“
”شش. آهستي ڳالهاءِ.“ هن مونکي هنڌ تي ٿيلهو ڏيندي چيو.
”پيري.“ مون وٺي رڙ ڪئي. پيري اُڀ کڙيءَ وٺي ڀڳو.
آئون هڪ منٽ لاءِ ڄڻ گونگي ٿي ويٺي رهيس. منهنجو پڙاڏو ڪوٺيءَ ۾ گونجندو رهيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳيس ته ڇا ٿو ٿئي. ڪجهه به نه ٿيو. پوءِ گائون پائي ٻاهر لالاح ۽ چوليءَ جي ڳولا ۾ نڪتيس. مون لبنان ان وقت ئي ڇڏڻ چاهيو ٿي. هڪ دفعو وچ اوڀر مان وڃڻ بعد وري هتي هرگز قدم نه رکنديس. پٿرن تان ٿڙندي ٿاٻڙندي اڳتي وڌيس. ٿنڀي ۾ لڙڪيل بلب جي روشني ۾ هيٺ سڄي ڪارڪابي شهر جي گهرن جون ڇتيون نظر پئي آيون. مون ڌڪار منجھان هتي جي پراڻي تهذيب ۽ تمدن بابت سوچيو. تهذيب؟! اها آهي هتي جي تهذيب! هتي جي وٿاڻن ۾ پڪ هن وقت به اڌ کان وڌيڪَ ڇوڪرا رڍن سان ستا پيا هوندا يا پنهنجين ڀيڻن سان، ۽ هنن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ئي ناهي. ڪو پاپ ئي ناهي، پر مونکي ڇو ٿي چڙ وٺي. ان ڪري شايد جو مونکي اها ڳالهه نٿي وڻي. آخر مذهب، اخلاق، انسانيت به ڪا شيءِ آهي ۽ سڀ کان مٿي انساني ضمير. اڄ مان پنهنجي ڀيڻ جي مڙس سان سمهڻ کي گناهه نه سمجھنديس ته سڀاڻ پنهنجي ماءُ جي مڙس سان سمهڻ ۾ ڪهڙو عيب محسوس ڪنديس. ۽ توبهه نعوذ بالله اهو ڪير ٿيو، منهنجو پيءُ! بابو!.
آخر ٻيا به چار پنج گهر لتاڙي هنن جو گهر ڳولي ڪڍيم. چُولي ۽ لالاح اڃا جاڳي رهيون هيون. هو ڪو رسالو پڙهي رهيون هيون جنهن ۾ هو ايڏو گم هيون جو آئون اچي اڳيان بيٺي سان ته به هنن جو ڌيان مون ڏي نه ٿيو.
”چڱو هاڻ ان کي بند ڪري هڪ منٽ منهنجي ڳالهه ٻڌنديون؟“ مون دانهن ڪئي.
”آهي ڇا ڇوري؟“ لالاح رسالي کي لوڏي خارن مان پڇيو.
”مان توهان کي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ آڌيءَ رات جو آئي آهيان.“ مون چيومان.
”ٻڌاءِ؟ آخر ڪهڙي ڳالهه تنهنجو سک ڦٽايو آهي.“ هنن پڇيو ۽ مون ڏٺو ته هو هڪ ٻئي ڏي نهاري پوءِ شڪي نگاهن سان مونکي ڏسي ٽهڪ ڏيڻ لڳيون.
”چئبو ته توهان کي اڳواٽ خبر آهي. سچ ٻڌايو خبر اٿانوَ نه؟“ مون پڇيو مان.
”تون اهو ٻڌائڻ آئي هوندينءَ ته پيريءَ تنهنجي عزت تي حملو ڪيو.“ لالاح چيو. سندن ٺٺڪو اڃان بند ڪونه پئي ٿيو.
”رنون توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“ مون وائڙن وانگر پڇيومان.
”ڇاڪاڻ جو هن مونسان به هڪ دفعو هٿ چراند ٿي ڪئي.“ لالاح چيو.
”۽ مون سان به.“ چوليءَ چيو.
”پوءِ توهان ڇا ڪيو؟“ مون پڇيومان.
”ڇا ڪرڻ کپي، مون ته کيس گاريون ڏئي ڪمري کان ٻاهر ڪڍيو هو ۽ چولي به چوي ٿي ته هن به کيس ڀڄائي ڪڍيو هو، پر مونکي مڙيئي چُوليءَ تي شڪ آهي.“ لالاح چيو.
”ڪميڻي. ذليل.“ چوليءَ کيس وهاڻو هڻندي دانهن ڪئي.
”چڱو. چڱو. هاڻ گهڻو ئي ٿيو. مونکي توهان ٻنهي تي يقين آهي.“ مون ڳالهه ختم ڪرڻ ٿي چاهي.
”۽ توکي ته هاڻ ڪتابن ۾ لکڻ لاءِ پنهنجي ڀيڻوئي جي آکاڻي ملي وئي.“ لالاح کي منهنجي لکڻ واري ڳالهه ان وقت به نه پئي وڻي. پر مون به سڙي کامي ورندي ڏني مانس: ”ها پوري ڪوشش ڪنديس لکڻ جي.“
ٻئي ڏينهن ڪاراڪابي کان واپس بيروت اچڻ وقت پيري بلڪل ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ رات ڪجهه ٿيو نه هجي. هو رستي تان گذرندڙ ڳوٺن ۽ شين جا نالا ٻڌائيندو هليو ۽ آئون سوچيندي رهيس ته آئون مغرب جي ٿي ڪري به پاپ ۽ پن جي ڦيرن ۾ نپوڙجي رهي آهيان ۽ ڪي هن جهڙا ماڻهو به آهن جن کي ذرو به گناهه جو احساس ناهي!
بيروت پهچڻ تي اسان کي هونءَ به واپس موٽڻو هو. لالاح ۽ چوليءَ کي نيويارڪ لاءِ چارٽر فلائيٽ جي ٽڪيٽ هئي، سو اهي ٻئي گڏ روانيون ٿيون. مون وٽ اٽلين ايئر لائين ”ال اٽاليا“ جي ٽڪيٽ بيروت کان روم ۽ روم کان جي.ايف.ڪي ايئرپورٽ نيويارڪ تائين هئي، سو هفتي کن لاءِ روم ۾ ٽڪڻ لاءِ اٽليءَ هلي ويس.

(ايريڪا جونگ جي ناول جا ٽڪرا... ترجمو: الطاف شيخ)

مهاراڻي گياتري

هندستان جي رياست راجستان جي گادي واري شهر جئپور جي ”Statue سرڪل“ وٽ بيٺو هوس. هي هنڌ هن گلابي شهر جئپور جو مرڪز چئي سگهو ٿا. هي سرڪل (Round About) هن شهر جي بنياد رکندڙ ”مهاراجا سوائي جئه سنگهه دوم“ جي ياد ۾ ٺهرايو ويو هو. چوراهي جي وچ ۾ هن راجا جو بت (Statue) پڻ آهي.
مهاراجا جئسنگهه 1688 کان 1743 تائين حڪومت ڪئي ـــ هي شهر جئپور هن 1727 ۾ ٻڌرايو. هن گهراڻي جو آخري راجا ”سوائي مان سنگهه“ ٿي گذريو آهي جيڪو 1912 ۾ ڄائو ۽ يارهن سالن جي ڄمار ۾ 1922 کان 1949 تائين جئپور نوابي رياست تي حڪومت ڪيائين. راندين جو ماهر هو خاص ڪري پولو راند جو، جنهن ۾ هن 1933 ۾ ورلڊ ڪپ کٽيو هو. هن ان ڳالهه کي چڱي طرح سمجھيو ٿي ته سياحت (Tourism) ۾ وڏي ڪمائي آهي جنهن مان مقامي ماڻهو خوشحال رهن ٿا. ان ڪري 1958 ۾ هن پنهنجي خوبصورت ”رام باغ محل“ کي هوٽل ۾ تبديل ڪيو جيئن دنيا جا امير ترين سياح رهائش جو اعليٰ ترين بندوبست ڏسي، راجستان جو هي شهر جئپور ۽ ٻيا شهر گهمڻ لاءِ اچن. 1970 ۾ هن جي وفات ٿي جنهن کان ڪجهه سال اڳ هو اسپين ۾ انڊيا جو سفير ٿي رهيو.
جئپور جي هن مرڪزي علائقي واري ”اسٽئچو سرڪل“ جي چوڌاري ”سروجني مارگ“ آهي. انڊيا جي ڪيترن شهرن جي اهم رستن کي ”مارگ“ سڏجي ٿو جيئن ڪراچي يا تهران ۾ وڏا رستا ”شاهراهه“ سڏجن ٿا. پنهنجي هڪ انڊيا واري سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ به لکي چڪو آهيان ته ”مارگ“ شايد گجراتي، مرهٺي يا سنسڪرت جو لفظ هجي جيڪو شاهه لطيف به تمام گهڻو استعمال ڪيو آهي. سر سسئي آبري ۾ فرمائي ٿو:
عمِرِ سڀ عشق سين، پنهون جي پڇن،
رِيسَ ريذاليون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ؟
مارڳ جي مَرن، وڏو طالع تن جو
مارڳ معنيٰ راهه يا رستو. سسئي ٿي چوي ته پنهونءَ جي ڳولا ۾ جيڪڏهن ڪا رستي تي مري به پوي ته به هن جو وڏو طالع (نصيب) ٿيو.
سر حسينيءَ ۾ شاهه لطيف فرمائي ٿو:
اڳي پوءِ مران، مَرُ مران مارڳ ۾!
مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون
(هتي به مارڳ جي ساڳي معنيٰ آهي يعني راهه، رستو، پيچرو).
هڪ ٻئي هنڌ شاهه صاحب (سر حسينيءَ جي هڪ وائيءَ ۾) چوي ٿو:
چڙهي نه سگهان چوٽئين، مارڳ مٿانهون.....
سو ڪڇ، گجرات ۽ راجستان جي شهرن ۾ جتي ڪٿي وڏي روڊ لاءِ مارگ (Marg) لفظ استعمال ٿيل آهي.
جئپور شهر جي هن روڊ ”سروجني مارگ“ وٽ ئي هتي جو آڳاٽو مندر ”هنومان وير مندر“ آهي ۽ اڳيان ”مهاوير مارگ“ ٽپي ”اشوڪ مارگ“ ۽ ”روز گارڊن“ جي ويجھو ”MGD اسڪول“ اچڻو هو. منهنجو ميزبان منهنجي خواهش تي ٻن ڏينهن کان هن شهرجا تعليمي ادارا ڏيکاري رهيو هو. اسڪول اڳيان لهڻ مهل منهنجي ميزبان ٻڌايو ته ”هي اسڪول اسان جي ”راج ماتا“ 1944ع ۾ ٺهرايو هو ۽ اهو سڄي راجستان ۾ ڇوڪرين جو پهريون اسڪول آهي.“ هُنَ اسڪول تان نظرون هٽائي مون تي وڌيون ۽ مون کي ماٺ ۾ ڏسي پڇيو: ”MGD ڇا جو شارٽ فارم آهي؟“ آئون ان وقت سوچي رهيو هوس ته انهي سال 1944ع ۾ بارڊر جي ٻئي پاسي، اسان جي ڳوٺ هالا نوان ۾ ان سان ملندڙ جلندڙ شارٽ فارم “MGH” (مخدوم غلام حيدر) نالي اسڪول ٺهيو هو جنهن مان مون پنجون ڇهون ۽ ستون ڪلاس پاس ڪري پوءِ 1958ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ورتي. فرق فقط اهو آهي ته اسانجي ڳوٺ ۾ اهو بئائز اسڪول هو. ڇوڪرين لاءِ نج اسڪول 40 سالن بعد ٺهيو.
”جي ها. مون کي پڪ ناهي پر آئون سمجھان ٿو ته هي اسڪول توهانجي آخري راجا ”مهاراجا سوائي مانسنگهه“ جي بيحد ”کوب سورت“ زال مهاراڻي گياتري ديويءَ نالي آهي“ کوبسورت لفظ کي ڇڪي چوڻ سان هن کان به کل نڪري وئي. هو هتي جي هر عمارت، هر پارڪ ۽ هر شيءِ کي ”کوبسورت“ سڏي رهيو هو. سندس مادري زبان گجراتي هئي ان ڪري فارسي جو لفـظ ”خوبصورت“ صحيح طرح اچاري نٿي سگهيو.
”گياتري ديوي 90 سالن جي ڄمار ۾ ويجھڙائيءَ ۾ وفات ڪري وئي آهي. توهان هن بابت ڪڏهن ٻڌو آهي؟“ هن پڇيو.
”جي ها. دنيا هن کي حسين ترين عورتن مان هڪ مڃيو ٿي. هن جي هڪ دفعي آمريڪا جي رسالي Vogue جي ٽائيٽل ڪور تي به تصوير آئي هئي. ان وقت آئون جهاز تي Sail ڪري رهيو هوس.“
مون کيس ٻڌايو ته جهازن جي نوڪري ڇڏڻ بعد جڏهن آئون ملائيشيا ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس ته گهمڻ ڦرڻ يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اسان کي اڪثر باءِ ٽرين يا هوائي جهاز رستي ڀر واري ملڪ ٿائلنڊ ۾ وڃڻو پوندو هو. هڪ دفعي بئنڪاڪ ۾ هوس ته ملائيشيا وارن جي نئشنل ڊي جي دعوت ۾ هڪ مقامي ٿائي سياستدان، آيل مهمانن ۾ هڪ ٿائي شهزاديءَ سان ملايو جيڪا پنهنجن ٻن ٻارن سان گڏ هئي. هن ٻڌايو ته ”هيءَ توهان جي ڀر واري صوبي/رياست جي راجا جي زال آهي.“ بعد ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ راجستان جي مهاراڻي گياتري ديويءَ جي ننهن آهي .... يعني گياتريءَ جي اڪيلي پٽ ”جڳت سنگهه“ جي زال آهي .... بلڪه هئي. دراصل جڳت سنگهه جي هن ٿائي شهزادي ”مام راجا ونگسي پريا نندنا“ سان 1978ع ۾ شادي ٿي ۽ نون سالن بعد 1987ع ۾ طلاق ٿي. سندس ٻه ٻار: لليتا ڪماري (ڄم جو سال 1979ع) ۽ ديو راج سنگهه (1981ع) ماءُ سان گڏ رهن ٿا. هيءَ 1989ع يا 1990ع ڌاري جي ڳالهه آهي.
”توهان گياتري ديويءَ تي ٺهيل انگريزي فلم “Memories of a Hindu Princess” (هڪ هندو شهزاديءَ جون يادگيريون) ڏٺي آهي؟“ منهنجي گجراتي ميزبان پڇيو.
”نه. مون اها فلم ڏٺي ناهي، بلڪه ٻڌو هوم ته ڪنهن فئنڪوس ليوي نالي ڊائريڪٽر ٺاهي هئي. باقي سندس آتم ڪهاڻي جو ڪتاب “Princess Remembers: The memories of the Maharani of Jaipur” پڙهيو آهي جيڪو هن 57 سالن جي ڄمار ۾ 1976ع ۾ لکيو هو.“ مون ٻڌايومانس.
هي ڪتاب تمام گهڻو مشهور ٿيو. انهن ڏينهن ۾ اسان جهازن تي هئاسين ۽ آمريڪا ۽ انگلنڊ جي بندرگاهه ۾ ويندا هئاسين ته اتي جي سب وي ٽرين ۾ سفر ڪندڙ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هٿ ۾ هوندو هو. اهو دور اڃان ڪتاب پڙهڻ جو هو ۽ ويندي ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۾ سيلز گرلز ۽ مالڪن گراهڪن جي غير موجودگي ۾ وقت پاس ڪرڻ لاءِ وقت جو ”بيسٽ سيلر“ ڪتاب پڙهيو ٿي. هاڻ ته اهي نظارا ئي نظر نٿا اچن .... ٻين ملڪن جي ته ڇا ڳالهه ڪجي، جپاني، جيڪي ريل گاڏين ۾ سؤ سيڪڙو ڪتاب پڙهندي نظر ايندا هئا، اڄ انهن جي هٿن ۾ به ڪتابن بدران موبائيل فون/آءِ پيڊ/ٽيبليٽ وغيره يا لئپ ٽاپ نظر اچي ٿو.
گياتريءَ جو هي ڪتاب هن سانٿا رامائو نالي هڪ انڊيا ۾ ڄاول آمريڪن ليکڪا جي مدد سان لکيو آهي. ادب ۽ سفرناما پڙهندڙن جي شوقينن لاءِ لکندو هلان ته سانٿا (SANTHA) سفرنامن کان به مشهور آهي. قد ۾ بيحد ڊگهي 1923 ۾ چنائي (مدراس) ۾ ڄائي. سندس ماءُ ڪشميري برهمڻ هئي ۽ پيءُ جنهن جي مادري زبان ڪوڪني هئي، سائوٿ انڊين برهمڻ هو. جپان واري سفرنامي ۾ جپان ۾ رهندڙ ۽ اتي هوٽل هلائيندڙ ”نير صاحب“ لاءِ لکيو اٿم ته انڊيا کي آزادي ملڻ بعد سڀاش چندر گوش جي هن ساٿي نير سان (نير صاحب) جپان ۾ انڊيا جو سفير ٿيڻ جي خواهش خاطر نهروءَ سان ملڻ لاءِ انڊيا آيو. نهروءَ ملڪ جي آزادي ماڻڻ ۾ سندس خذمتن جي واکڻ ضرور ڪئي پر کيس ٽوڪيو ۾ انڊيا جي سفارتخاني جو سفير بنائڻ بدران ان کان ٻئي نمبر واري پوسٽ ”قونصلر“ جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبول نه ڪئي ۽ انڊيا ڇڏي ٽوڪيو ۾ پنهنجي هوٽل اچي هلائي. پڙهندڙن لاءِ هتي لکندو هلان ته جپان ۾ سفير جي ان عهدي تي هن ليکڪا سانٿا جي پتا ”سر بينيگال رامائو“ کي مقرر ڪيو ويو هو. ٽوڪيو ۾ نير سان خبرون ڪندي ان وقت اسان کي به افسوس ٿيندو هو ته نير صاحب هيڏو قابل ماڻهو هو .... هو ڪيوٽو جي اعليٰ يونيورسٽي جو تعليم يافته هو، جپاني زبان جو ماهر هو، سندس سياسي سرگرميون اعليٰ قسم جون هيون ته به ههڙي قابل ماڻهوءَ کي انڊيا جي حڪومت سفير جي پوسٽ به نه ڏني ۽ پنهنجي ڪنهن سفارشي مائٽ کي ڏئي ڇڏي. پر پوءِ جڏهن مون مهاراڻي گياتري ديويءَ جي آتم ڪٿا پڙهي جنهن ۾ سانٿا جو به ذڪر آيو ته ان وقت سانٿا جي والد جي بايو ڊاٽا پڙهي حيرت ٿي ته جتي نير صاحب قابل ماڻهو هو اتي سانٿا جو والد سربيني گال ان کان به وڌيڪَ هو ۽ هو سيڪريٽري ليول جو ڪامورو پڻ هو. ان قسم جون ڳالهيون پڙهي اهو احساس ٿئي ٿو ته ٿي سگهي ٿو انڊيا ۾ ڪجهه سفارشن تي به ڪم هلندو هجي پر هنن شروع کان قابليت (Merit) تي زور رکيو. اهو ئي سبب آهي جو انڊيا جي سفيرن کان وٺي ايئر هوسٽسن تائين سڀ ميرٽ تي رکيون وڃن ٿيون ۽ اهوئي سبب آهي جو هنن جا ادارا ــــ سفارتخانن کان هوائي جهازن ۽ ريل گاڏين جو نظام اسان کان بهتر ليکيو وڃي ٿو ـــ جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن کي هڪ ئي وقت آزادي ملي، هڪ ئي جهڙا ماڻهو آهن، هڪ ئي موسم آهي، هڪ جهڙا resources آهن پر ترقيءَ جي راهه مختلف ٿي پئي آهي.
سانٿا جو 1944ع ۾ گرئجوئيشن بعد پهريون ڪتاب “Home to India” ڇپيو هو. ان بعد سانٿا جا آمريڪا جي مختلف رسالن: نيويارڪ ٽائيمس، دي نيو يارڪر، هاليڊي ۽ هارپر ۾ سفرناما ايندا رهيا. سندس سفرنامن جا ڪجهه ڪتاب بيحد مشهور ٿيا، جهڙوڪ: ”ايسٽ آف هوم“، ”ماءِ رشين جرني“، Gifts of Passage (هي سفرنامي سان گڏ سندس آتم ڪهاڻي به آهي). سندس هڪ رڌ پچاءُ جو ڪتاب The Cooking of India پڻ آهي.
رڌ پچاءَ جو هڪ ڪتاب مهاراڻي گياتري ديويءَ جو به لکيل آهي جنهن جو نالو آهي: “Gourmet’s Gateway: A Royal Collection.” مهاراڻي گياتري ديوي تي به ڪيترائي ڪتاب ۽ انيڪ مضمون لکيا ويا آهن. ٻه ڪتاب جيڪي تمام مشهور آهن، انهن مان هڪ ڌرميندر ڪنول جو Rajmata Gayatri Devi ۽ ٻيو جيڪو 2006 ۾ ڇپيو اهو ”لوسي مور“ جو “Maharanis” آهي.

گياتري سگهوئي مهاراڻي ٿي وئي ....

گياتري ديويءَ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته هن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ 500 ٻانهيون مقرر هيون. بلڪل ائين ئي هوندو. هوءَ هڪ عام عورت نه هئي. هوءَ جئپور جي ٺاهوڪي ۽ پولو جو ورلڊ ڪپ کٽڻ واري راجا مانسنگهه دوم جي مهاراڻي هئي.... جنهن راجا جا ڪَئين خطاب ۽ لقب هئا ....
ليفٽيننٽ جنرل، هزهائينيس، سرامدِ راجاجي هندوستان، راج راجيندرا، مهاراجا ڌيراج، شري، سر سوائي مانسنگهه دوم، جئپور، GCIE، GCSI (اها ٻي ڳالهه آهي ته ڄمڻ وقت هن جو نالو فقط مور مڪت سنگهه هو ۽ پاڙي اوڙي جا ٻار ۽ مائٽ مٽ کيس فقط ”مور“ سڏيندا هئا).
گياتري ديوي پاڻ به ڪا اهڙي تهڙي خاندان جي نه هئي. سندس پيءُ جيتندرا نارائڻ (ڀوپ بهادر) ۽ سندس ڏاڏو نريپيندرا نارائڻ ڪوچ بهار جا راجا هئا. پيءُ جي وفات بعد سندس ڀاءُ راجا ٿيو.
گياتري ديوي پنهنجي ماءُ اندرا راجيه طرفان به وڏو ماڻهو هئي جو هن جو نانو ساياجي رائو گائيڪواد انڊيا جي ٽيون نمبر امير رياست (حيدرآباد دکن ۽ ڪشمير بعد) بڙودا جو مهاراجا هو جنهن جي اهم ترين راڻي، ”مهاراڻي چمنا ٻائي“ (1958-1872) گياتري ديويءَ جي ناني هئي.
گياتري ديوي 1919ع ۾ شهزاديءَ جي حيثيت سان ڪوچ بهار رياست جي هندو مهاراجا جيتندرا نارائڻ جي محل ۾ ڄائي. ڪوچ بهار اڄ جي انڊيا واري مغربي بنگال جو حصو هو. اهو اتر ۾ هماليه جبلن جي قدمن وارو علائقو آهي. اتر بنگال ۾ ڪوچ بهار جو شهر اڪيلو شهر آهي جيڪو پلاننگ سان ٺهيل آهي جتي اڄ به آڳاٽيون عمارتون ۽ شهنشاهي محل موجود آهن جن مان ”ڪوچ بهار محل“ ۽ ”مدن موهن مندر“ ته Heritage Town قرار ڏنا ويا آهن جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ موهاتا پئلس، فريئر هال، چوکنڊي مقبرا ۽ لاهور ۾ اسلاميا ڪاليج، شالامار باغ، بادشاهي مسجد وغيره آهن. انگريزن جي ڏينهن ۾ هن نوابي رياست جو وڏو مان شان هو جنهن تي ڪوچ گهراڻي جي راجائن (گياتري جي ابن ڏاڏن) حڪومت ڪئي ٿي. 1949ع ۾ انڊين سرڪار ٻين رياستن سان گڏ هن رياست جو پڻ نوابي درجو ختم ڪري ڇڏيو.
گياتري ديويءَ جو پيءُ جيتندرا نارائڻ ۽ ڏاڏو نريپيندرا نارائڻ انڊيا جا اهم راجا مڃيا وڃن ٿا ۽ آئون به هنن کي ان ڳالهه ۾ قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو ته هنن کي پنهنجي عوام جو ڪافي خيال هوندو هو، خاص ڪري تعليم جي معاملي ۾. هونءَ ته راجائن، نوابن ۽ بادشاهن جا جتي ڪٿي ڪم ڀڏا هئا. رنون، شراب، عوام کان بي خبر رهڻ سندن خاص مشغلا هئا. پر انهن ۾ به ڪي ڪي اهڙا هئا جن غريب عوام جو خيال به رکيو ٿي. ويندي انگريزن جي راڄ ۾ به ڪيترن نوابن ساڻن بحث مباحثا ڪري، پنهنجي رياست ۾ پنهنجن ماڻهن لاءِ تعليم، صحت، سفر جون سهولتون مهيا ڪيون ٿي. ان معاملي ۾ بڙودا (گجرات) جا راجا ـــ گياتري ديويءَ جا ناناڻا ۽ جئپور جا مهاراجا ـــ گياتريءَ جا ساهرا به گهٽ نه هئا ـــ مرد ته مرد پر ويندي گياتري، ان جي ڀيڻ ايلا ديوي (جنهن جون پوٽيون بالي ووڊ جون مشهور اداڪارائون: رائما سين ۽ رياسين آهن)، پڦيون، ماءُ، نرانون سڀ اعليٰ تعليم يافته هيون جيڪو ٽرينڊ اسان وٽ سنڌ ۾ شروع کان نه هئو. سنڌ مدرسو يا ان کان اڳ ۾ ٺهيل سنڌ جا مدرسا به حسن علي آفندي يا اين جي وي اسڪول، يا سکر جو مکي ديوانداس ديمبلا اسڪول عام سنڌي ماڻهن ٺهرايا ۽ قائم ڪيا _ ڪنهن سنڌ جي حاڪم اهڙو ڪم نه ڪيو .... خاص ڪري تعليم کي وڌائڻ جو. اڄ به اسانجي ماڻهن جو پٺتي هجڻ جو وڏو سبب تعليم جي کوٽ آهي. جتي عمران خان يا شهباز شريف جهڙا پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ سٺا تعليمي درسگاهه ٺاهي رهيا آهن ۽ عوام کي تعليم جون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن اتي اسان وٽ سنڌ ۾ ڪا خاص بهتري ناهي جيڪا اڄ جي مقابلي ۾ هجڻ کپي.
گياتري ديوي جي پڙڏاڏي نريندرا نارائڻ جي 1863ع ۾ وفات بعد گياتري جو ڏاڏو نرپيندرا ڪوچ بهار جو راجا بڻيو. ان وقت هن جي عمر فقط ڏهه مهينا هئي ان ڪري رياست جو ڪاروبار هلائڻ جو نظام انگريز گورنر جنرل ڪمشنر حوالي ڪيو. جنهن نرپيندرا جي سار سنڀال سان گڏ سندس تعليم جو به خيال رکيو. هن بنيادي تعليم بنارس جي Wards Institute مان حاصل ڪئي ان بعد بانڪيپور ڪاليج، پٽنام ۾ داخلا ورتي. گرئجوئيشن بعد ڪلڪتي جي پريزيڊنسي ڪاليج مان قانون (law) پڙهيو. شاديءَ بعد وڌيڪَ تعليم لاءِ هو انگلنڊ روانو ٿيو. هن جي شادي ڪنهن ٻي رياست جي راجا جي ڌيءَ سان ٿيڻ بدران سندس ئي رياست جي هڪ بنگالي هندو فلاسفر ڪيشوب چندرا سنگهه جي ڌيءَ سنيتي (Suniti) ديويءَ سان ٿي. انهن ڏينهن ۾ بنگال ۾ غلام رکڻ عام هو. هن 1884 ۾ قانون پاس ڪري غلام رکڻ تي بندش وڌي. پنهنجي رياست جي ٻارن جي اعليٰ تعليم لاءِ هن 1888 ۾ وڪٽوريا ڪاليج (جيڪو اڄڪلهه ”A.B.N. Seal ڪاليج“ سڏجي ٿو) کوليو. ان کان علاوه پنهنجي راڻي سنيتي ديوي نالي 1881 ۾ سنيتي ڪاليج کوليو هو جيڪو بعد ۾ ”سنيتي اڪيڊمي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ڪلڪتي جو انڊيا ڪلب هن مهاراجا (1881 ۾) ٺهرايو ۽ سلهه جي مريضن لاءِ دارجلنگ ۾ جيڪو سينيٽوريم آهي ان جي زمين پڻ هن ڏني. ان کان علاوه غريبن کي مفت کاڌو کارائڻ لاءِ هن پنهنجي شهر ”ڪوچ بهار“ ۾ 1889 ۾ آنند مايي نالي ڌرمشالا ٺهرايو. ۽ پنهنجي پيءُ نالي ”نريندرا نارائڻ پارڪ“ 1892 ۾ ٺهرايو. اڳتي هلي جڏهن مهاراجا جيتندرا (گياتري جو پيءُ) 1913 ۾ تخت تي ويٺو ته هن پهريون ڪم پنهنجي پيءُ نالي هاءِ اسڪول ٺهرائڻ جو ڪيو جيڪو 1916 ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ ”نريپيندرا ميموريل هاءِ اسڪول“ جي نالي سان مشهور آهي.
مهاراجا جيتندرا (گياتري جو پيءُ) ”ڀوپ بهادر“ ۽ ”مهاراج ڪمار وڪٽر“ به سڏبو هو. انگريزن جي نالن مان لڳي ٿو ته ان وقت اسانجو عام ماڻهو ته ڇا پر ان وقت جا ڪجهه راجا، نواب به متاثر هئا جو هندو، سک، مسلمان هجڻ جي باوجود پنهنجي اصلي نالي سان انگريزن جو به نالو لڳائيندا هئا جيئن گياتري جي پيءُ مهاراجا جيتندرا پاڻ کي Victor سڏايو ٿي. يا ته هتي وڪٽر سان سندس مطلب ”فاتح“ سان هجي جيتوڻيڪ پاڻ ڪا اهڙي جنگ نه ڪيائين نه کٽيائين. البت فلم ائڪٽريس شرميلا ٽئگور جي مڙس نواب آف پٽوڊي وانگر ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر هو. ائين ته اسان جو هڪ مير حاڪم پاڻ کي ”جارج“ پڻ سڏرائيندو هو.
گياتري جي ماءُ اندرا ديوي به ڪا عام عورت نه هئي نوابي رياست بڙودا جي شهزادي هئي. اندرا ديوي جنهن جو ڄمڻ وقت ”اندرا راجيه“ نالو رکيو ويو هو، بڙودا جي مهاراجا ”ساياجي رائو گائيڪواد سوم“ ۽ مهاراڻي ’چمنا ٻائيءَ‘ جي اڪيلي ڌيءَ هئي. اندرا ديوي 1892 ۾ ڄائي هئي. انڊيا جي نوابي رياستن جي شهزادين جي گهڻو ڪري نوابن جي ٻارن سان ئي شاديون ٿيون ٿي. شهزادي اندرا بڙودا جي تاريخي محل ”لڪشمي ولاز“ ۾ پنهنجن ڀائرن سان گڏ پلي نپني ۽ ننڍي هوندي کان هوءَ گواليار نوابي رياست جي مهاراجا ماڌو راءِ سنڌيا (Scindia) جي نالي ڪئي وئي هئي. هوءَ 1911 ۾ جڏهن 19 سالن جي ٿي ته هن جي مڱڻي جي رسم ادا ڪئي وئي. ان سال دهلي جي مشهور درٻار، جنهن ۾ انگلنڊ کان پهريون دفعو ان وقت جو انگريز بادشاهه جارج پنجون آيو هو ۽ جنهن درٻار ۾ انڊيا جا سڀ راجا، مهاراجا، راڻيون، شهزادا ۽ شهزاديون اچي حاضر ٿيون هيون، اتي اندرا جي ملاقات ڪوچ بهار جي مهاراجا جيتندرا سان ٿي ۽ هڪ ٻئي سان اهڙو معاشقو ٿيو جو اڳتي هلي اندرا پنهنجي بي سري مڱيندي (گواليار جي مهاراجا ماڌو راءِ) کي ڇڏي ڪوچ بهار جي هن ٺاهوڪي شهزادي جيتندرا سان شادي ڪئي جنهن مان کين گياتري ديوي پيدا ٿي جيڪا اسان جي هن قصي جو مرڪزي ڪردار آهي.
هونءَ اسان جي ننڍي کنڊ جي نوابن، راجائن، ولي عهدن ۽ والين جي عشقن، شاهه خرچين، عياشين، ناچ گانن ۽ محلاتي سازشن جا به انيڪ ۽ عجيب قصا آهن جن کي انگريزن خوب exploit ڪيو آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ عربن وٽ پيٽرول جو پئسو اچڻ بعد دنيا ۾ عربن جي عياشين جون خبرون ٻڌڻ لڳاسين ۽ انهن بابت ڪتاب ڇپجڻ لڳا نه ته ان کان اڳ ۾ Scandals پڙهڻ لاءِ اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ توڙي انگلينڊ ۾، هندستان جي نوابن ۽ راجائن وغيره جي محلاتي زندگي جون اندروني ڳالهيون پڙهيون ويون ٿي. انگريز حاڪم به وڏا هوشيار هئا. هنن عوام کين ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ نوابي يا راجائي حساب ڪتاب قائم رکيو ۽ انگريزن جتي انڊيا جي نوابن راجائن کي عياشيءَ جي کُلي آزادي ڏئي ڇڏي اُتي هنن جاسوس عورتن ۽ مردن ذريعي انهن راجائن جي ڪڌن ڪمن: شراب، زنا، جوا، هم جنسي کان شاهه خرچين ۽ گهمڻ ڦرڻ تي پڻ نظر رکي ٿي جنهن بابت پوءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا. انگريزن جي ان هوشياري بابت ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته جهانگير مغل بادشاهه جي ڏينهن ۾ جيڪي پهريان انگريز آيا انهن به ظاهري طرح دوستي جو ڍونگ رچائي مغل درٻار جي اندروني حويلين جو احوال معلوم ڪري ڇڏيو جيڪو پوءِ انگلينڊ ۾ ڇپبو رهيو ته جيئن دنيا کي خاص ڪري سندن انگريزن کي خبر پوي ته انڊيا جي انهن ظاهري سلطنتن پٺيان اندروني ڪمزوريون ڪهڙيون آهن.
اسان به ڪجهه ڪاليج جي ڏينهن ۾ ڪجهه سامونڊي سفرن ۾ انڊيا جي نوابن/راجائن بابت نه فقط انگريزن جا لکيل ڪتاب چشڪي سان پڙهندا رهياسين پر رکي رکي اخبارن ۾ ايندڙ انهن بابت ڌماڪي خيز خبرون به پڙهيون ٿي. سامونڊي نوڪريءَ دوران مونکي ڪن بندرگاهن يا جهازن جي لائبررين مان انڊيا جي راجائن جي زندگي بابت پڙهڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ ئي ڪتاب ملي ويا. انهن بابت تمام گهڻو پڙهڻ بعد ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هوس ته ڪجهه لکان پر گهڻو تڻو Scandals جون ئي ڳالهيون هونديون هيون. پر هڪ ڳالهه آهي ته انهن عياشين جي باوجود ڪيترن نوابن ۽ راجائن عوام لاءِ به بهتري جا ڪم ڪيا ٿي ..... خاص ڪري تعليم ۽ صحت جي معاملي ۾. گياتري ديويءَ جي پنهنجي توڙي مڙس جي ۽ نانيءَ جي خاندانن جي نوابن جو ان معاملي ۾ جواب ناهي.
گياتريءَ جي ماءُ اندرا جو هڪ وڏي راجا گواليار جي حاڪم سان مڱڻو ختم ڪري ڪوچ بهار جي شهزاديِ راجا سان، جنهن جو رتبو ايڏو وڏو نه هو، شادي ڪرڻ تي اندرا جي خاندان (بڙودا جي راجائن) کي ڏاڍي شرمندگي ٿي. دراصل انگريزن انڊيا جي راجائن جي پنهنجو پاڻ ۾ ڇڪتاڻ پئدا ڪرڻ لاءِ هنن جي درجا بندي ڪئي هئي. اهي جيڪي انگريزن کي گهڻو مال ڏيندا هئا ۽ انهن جي مدد لاءِ پنهنجا سپاهي موڪليندا هئا اهي مٿانهين درجي جا سڏيا ويا ٿي جيئن گواليار جي مهاراجا جو رتبو 21 بندوقن جي سلامي وارو هو. بهرحال گياتري جي ماءُ اندرا ۽ پيءُ جيتندرا جي شادي انڊيا بدران لنڊن جي هڪ هوٽل ۾ ٿي جنهن ۾ اندرا جي خاندان جو ڪو به ماڻهو نه آيو. ان وقت ڪو چ بهار جو مهاراجا گياتري جو چاچو راجيندرا هئو. هڪ اها به ڳالهه هئي جيڪا اندرا جي مائٽن کي نٿي وڻي ته هنن جي اڪيلي ۽ سڪيلڌي ڌيءَ گواليار جي مهاراجا کي ڇڏي هڪ ننڍي رياست ڪوچ بهار جي شهزادي سان شادي ڪري رهي آهي. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو اندرا جي شادي وارن ڏينهن ۾ اندرا جو ڏير مهاراجا راجيندرا سخت بيمار ٿي پيو. گهڻي شراب پيئڻ هن کي ڳاري ڇڏيو هو. گهڻي بيمار هجڻ دوران به هو نشو ڪندو رهيو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد گذاري ويو. اهڙي طرح اندرا جي شاديءَ بعد سندس مڙس جيتندرا ڪوچ بهار جو مهاراجا ۽ پاڻ مهاراڻي ٿي وئي. ٻئي زال مڙس خوشحال زندگي گذاريندا رهيا ۽ هڪ ٻئي پويان کين ٻه پٽ ۽ ٽي ڌيون ٿيون. پر جيئن ته ڪوچ بهار جي هنن راجائن ۾ گهڻي شراب پيئڻ جي پِٽ هئي سو جيتندرا به شادي کان ڏهن سالن بعد ننڍي عمر (38 سالن جي ڄمار) ۾ 1922 ۾ نشي وگهي گذاري ويو.
اندرا جو ان وقت وڏو پٽ به اٺ سالن جو مس هو سو حڪومت جون واڳون هن پاڻ سنڀاليون. هوءَ ڪافي همت سان رياست جو ڪاروبار هلائيندي رهي ۽ وچ وچ ۾ ڊگهو عرصو يورپ جي ملڪن ۾ رهي پيئي ٿي. 1936 ۾ سندس وڏي پٽ رياست جون واڳون سنڀاليون ته پاڻ فل ٽائيم يورپ ۾ اچي رهي. اندرا ديويءَ جي زندگيءَ ۾ کيس ڪجهه صدما به رسيا. سندس هڪ پٽ باهه جي حادثي ۾ مري ويو ۽ وڏي ڌيءَ ”ايلا ديوي“ (بالي وڊ ائڪٽريس: رائما ۽ ريا جي ڏاڏي) شاديءَ بعد سگهوئي وفات ڪري وئي.

گلئمر ۽ رومنس جي ’باربي ڊال‘ _ گياتري ديوي

راج ماتا گياتري ديوي 90 سالن جي ڄمار ۾ 29 جولاءِ 2009 تي جئپور ۾ گذاري وئي. هوءَ اها انڊين شهزادي هئي جنهن جي حسن جي هاڪ سڄي انگريز راڄ ۾ هئي. هوءَ گلئمر ۽ رومانس جي ”باربي ڊال“ هئي.
پڙهندرن جي ڄاڻ لاءِ هتي ٻن ٽن لفطن جي وضاحت ڪندو هلان جيئن پڙهندڙ ان مونجھاري ۾ نه پون ته گياتري ديوي ”شهزادي“ هئي يا ”مهاراڻي“ يا ”راج ماتا“. دراصل ڪنهن به رياست جي راجا جا پٽ شهزادا ۽ ڌيئون شهزاديون سڏائين ٿيون. ڪنهن به شهزاديءَ جي شاديءَ بعد هن جو مڙس راجا ٿئي ٿو ته هن جي شهزادي زال راڻي يا مهاراڻي ٿئي ٿي. مهاراجا مڙس جي مرڻ بعد جيڪڏهن راڻي جيئري آهي ته تخت تي سندس پٽ وهي ٿو ته هونءَ ان رياست جي ”راج ماتا“ سڏجي ٿي. گياتري به شادي کان اڳ شهزادي سڏي وئي ٿي. شادي بعد جيئن ئي سندس مڙس مهاراجا ٿيو ته هوءَ مهاراڻي سڏي وئي. سندس مڙس ننڍي عمر ۾ مري ويو. وڏو پٽ اٺن نون سالن جو مس هو ۽ جيسين هو بالغ ٿي رياست جو حاڪم ٿئي گياتري ديوي Regent يعني حاڪم جي غير موجودگي ۾ راڄ هلائيندي رهي. پٽ جي راجا ٿيڻ تي هوءَ راج ماتا سڏائڻ لڳي.
گياتري ديوي 1919 ۾ لنڊن ۾ ڄائي. انڊيا جي مشهور شاعره امرتا پريتم به ان سال ڄائي هئي جيڪا گياتري ديويءَ کان 4 سال اڳ 2005ع ۾ گذاري وئي. گياتري ديويءَ اڳتي هلي سياست ۾ به حصو ورتو ۽ هن نه فقط سونهن ۾ پر سياست جي دنيا ۾ به نالو پيدا ڪيو. هن شروع جي تعليم لنڊن مان حاصل ڪئي. ان بعد رابندر ناٿ ٽئگور جي شانتي نڪيتان جي وسوا ڀارتي يونيورسٽيءَ مان ۽ بعد ۾ سئٽزرلئنڊ جي هڪ آڳاٽي ۽ مشهور يونيورسٽي Lausanne مان تعليم ورتي. هن يونيورسٽي بابت لکندو هلان ته اٽڪل 5 صديون اڳ سن 1537 ۾ هيءَ يونيورسٽي هڪ مذهبي اسڪول جي حيثيت ۾ سئٽزرلئنڊ جي شهر لوساني شهر ۾ کلي هئي. يونيورسٽي جو درجو هن کي 1890 ۾ مليو. اڄ هن ۾ 15000 شاگرد ۽ 3000 کن ريسرچر پڙهن ۽ کوجنائون ڪن ٿا. سئٽزرلئنڊ کان علاوه دنيا جي 120 ملڪن جا 1500 کن شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. منجهس آرٽس، بايولاجي، ايڪانامڪس، جيو سائنس ۽ ماحوليات (GSE)، قانون، ڪرمنل جسٽس ۽ پبلڪ ائڊمن (FDSC)، سوشل ۽ پوليٽيڪل سائنسز، ٿيولاجي ۽ ٻيون Faculties آهن. منهنجو مطلب آهي ته هيءَ ڪا ٺڙڪو قسم جي چئن ڪمرن تي ٺهيل يونيورسٽي ناهي جتان اسان جا ڪيترا سياستدان ۽ ٻيا پئسا ڏئي، ٺلهي داخلا وٺي بنا حاضريءَ جي ڊگريون حاصل ڪن ٿا. گياتري ديويءَ پاڻ يا سندس مائٽن کيس هن يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو هوندو ته صحيح معنا ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ ۽ پاڻ پڪ وڏي محنت ڪئي هوندائين. سو اها ڳالهه ڪن ڪن نوابن، راجائن ۽ بادشاهن جي تعريف جوڳي آهي ته هنن پنهنجي اولاد کي سکيو رکڻ سان گڏ سخت تعليم به ڏياري ۽ اهو ئي نظر اچي ٿو ته ان قسم جا ٻار بعد ۾ جڏهن پنهنجي رياست، صوبي يا ملڪ جا حاڪم ٿيا ته هنن پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ به تعليمي ادارا کوليا جيئن ملائيشيا جو بادشاهه سلطان ازلان شاهه جيڪو هاڪي جي ٽورنامينٽن لڳائڻ کان اسان جي ملڪ ۾ مشهور آهي، پاڻ انگلئنڊ جي ناٽگهام يونيورسٽي مان لا پڙهيو ۽ جج به ٿي رهيو ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي ملئي حاڪمن جا ٻار آهن جن کي هنن جي والدين ننڍي هوندي سختي ۾ رکي اعليٰ تعليم ڏني. ويندي پاڙي جي ملڪ ٿائلنڊ جي هاڻوڪي بادشاهه ڀوميبل عدولياديج، ان جي ڀاءُ آنندا ماهيدل ۽ ڀيڻ گلياني واڌانا اعليٰ تعليم حاص ڪئي. بلڪه انهن ٽنهي ڄڻن سئٽزرلئنڊ جي هن ساڳي يونيورسٽي لائوساني (Lausanne) مان تعليم حاصل ڪئي. ٿائلنڊ جو بادشاهه ڀوميبل جيڪو ”راما نائون“ به سڏجي ٿو 1946 ۾ تخت تي ويٺو ۽ بادشاهت هلائيندي هن کي 70 سال اچي ٿيا آهن ـــ هي دنيا جو وڏي کان وڏو عرصو رهندڙ بادشاهه آهي. ڀوميبل پڪ گياتري ديوي کان ڇهه ست سالن بعد سئٽزرلئنڊ جي هن يونيورسٽي ۾ آيو هوندو جو ڀوميبل گياتريءَ کان ست سال کن ننڍو آهي.
سئٽزرلئنڊ جي هن يونيورسٽيءَ مان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي شاهي خاندانن، سياستدانن ۽ اهم ماڻهن تعليم حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ ايران به هڪ آهي. مسلمان ملڪن ۾ هن يونيورسٽيءَ مان سڀ کان گهڻا شاگرد ايران جا پڙهيا آهن. انهن مان هڪ محمد سعيد به آهي جيڪو 1943 ۾ ايران جو وزير اعظم ٿيو هو. فارسي ادب جو هڪ مشهور اديب محمد علي جمالزاده اصفهاني به هن يونيورسٽيءَ مان پڙهيو. سندس ڪيترائي ڪتاب آهن جن مان ”يڪي بود يڪي نابود“ سياستدانن تي طنز و مزاح جو ڪتاب بيحد مشهور ٿيو پر ان وقت جي حڪومت هن ڪتاب تي ايران ۾ بندش لڳائي ڇڏي هئي.
گياتري ديوي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿي ته هن جي ننڍپڻ کي ڍنگ جي شڪل ڏيڻ ۾ ٻن عورتن جو وڏو اثر رهيو. هڪ سندس ماءُ ’اندرا ديوي‘ جنهن سندس پيءُ جي مرڻ تي ڏهاڪو سال ڪوچ بهار رياست تي حڪومت ڪئي ۽ ٻي سندس ناني بڙودا جي مهاراڻي ’چمنا ٻائي‘ جنهن جي مڙس مهاراجا ”سياجي رائو“ بڙودا کي هڪ ماڊرن ۽ خوشحال رياست بڻائي ڇڏيو.
گياتري ديويءَ جي پنهنجي مڙس جئه (مهاراجا سر سوائي مانسنگهه دوم) سان ملاقات تڏهن ٿي جڏهن هوءَ 12 سالن جي هئي. مهاراجا مانسنگهه ڪلڪتي ۾ پولو راند کيڏڻ لاءِ آيو هو ۽ هنن (گياتري وارن) جي ڪوچ بهار واري محل ۾ اچي رهيو هو. ان وقت مهاراجا جي عمر 21 سال هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مهاراجا مانسنگهه هڪ ٺاهوڪو جوان هو. هو بيحد امير هجڻ سان گڏ پولو جو بهترين رانديگر هو ۽ هن پنهنجي رياست جئپور کي هر ٽورنامينٽ ۾ کٽرايو ٿي.
مهاراجا مانسنگهه کي اڳهين ٻه زالون هيون جيڪي هن رياست جي ورثي ورهاست ڪري پنهنجي خاندان مان ڪيون هيون پر هن تي ڪا جھل نه هئي ته ڪٿان ٻاهران معاشقي جي به شادي ڪري. ۽ گياتري ديويءَ جي ته ڇا ڳالهه ڪجي جيڪا حسن جي ديوي هجڻ سان گڏ مهاراجا جي گهر گهريتن راجپوت زالن کان بلڪل مختلف ٽام بئاء ٽائيپ نينگري هئي جيڪا گهوڙي سواري، پولو راند ۽ شڪار جي نه رڳو شوقين پر ماهر هئي. هن ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ شينهن جو شڪار ڪيو هو جنهن جي تصوير سندس آتم ڪٿا واري ڪتاب ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي نظر اچي ٿي. هوءَ ننڍپڻ کان ڏينهن جا ڏينهن پنهنجي خذمتگار اٽالي سان بنگال جي جنگلن ۾ شڪار ڪندي رهي ٿي. هوءَ ڪارن جي به وڏي شوقين هئي. هندستان ۾ پهرين مرسيڊيز ڪار W126 – (500 SEL) گياتري ديويءَ گهرائي هئي جيڪا پوءِ ملائيشيا موڪلي وئي. هن وٽ ڪيتريون رولس رائسز ڪارون ۽ هڪ هوائي جهاز پڻ هو.
گياتري ديوي 12 سالن جي ۽ مهاراجا مانسنگهه 21 جو هو ته هنن جي هڪ ٻئي سان اک اٽڪي ۽ هنن جو لڪ ڇپ ۾ نياپو نڙو هلندو رهيو. بعد ۾ جڏهن گياتري ديويءَ کي سندس مائٽن انگلنڊ جي شهر نائيٽس برج جي ”مونڪي ڪلب اسڪول“ ۾ موڪليو ته اتي هنن جو لڪ چوريءَ ملڻ به ٿيندو رهيو جنهن دورران هنن غير سرڪاري طرح مڱڻيءَ جو اعلان ڪيو ته انڊيا جي نوابي دنيا ۾ حيرت ڇانئجي وئي. آخرڪار 9 مئي 1940ع تي سندن شادي ٿي.
ڪوچ بهار جي نوابي گهراڻي کي ان ڳالهه جو فڪر ٿيو ته گياتري جهڙي آزاد شهزادي جيڪا مردن وانگر سير شڪار ڪندي وتي، جيڪا سئٽزرلئنڊ جهڙي ملڪ مان پڙهي آهي، جنهن کي ڪارن هلائڻ ۽ پولو کيڏڻ جو شوق آهي اها جئپور جهڙي فيوڊل رياست جي شاهي حويليءَ ۾ ڪيئن گذر ڪندي جتي سخت پڙدو هلي ٿو. شاديءَ جو ڪاڄ هڪ وڏي ڪاميابي ثابت ٿيو. گياتري ديويءَ پاڻ کي لاڏلو سمجھڻ بدران پاڻ کي جئپور محل جي جونئر ۽ ٽيون نمبر راڻي سمجھڻ ۾ عافيت سمجھي جيتوڻيڪ هن ۽ ٻين محسوس ڪيو ٿي ته مهاراجا جي هوءَ دلپسند راڻي آهي. هن پنهنجو پاڻ کي هڪ طرف راجپوت شاهي زنانا (حويلي) جي رسم و رواج ۽ پابندين مطابق پاڻ کي ٺاهيو ته ٻئي طرف هن پنهنجي اٿارٽيءَ کي استعمال ڪري حويلي جي عورتن کي 20 صدي مطابق ماڊرن ڪيو. آخر ته هوءَ جنهن جي ڌيءَ هئي (يعني ڪوچ بهار جي اندرا ديوي) ۽ جنهن جي ڏهٽي هئي (يعني بڙودا رياست جي چمنا ٻائي)، اهي به ته پنهنجي پنهنجي رياست جون ڪامياب مهاراڻيون هيون. گياتري ديويءَ چاهيو ٿي ته سندس ڪوچ بهار وانگر هتي جئپور جي نواب خاندان جي عورتن کي به آزاديءَ جو احساس ڏياريو وڃي. اها ڪهڙي انصاف جي ڳالهه آهي ته مرد حضرت گهمندا ڦرندا ۽ عيش ڪندا وتن پر عورتون ـــ سندن ڀيڻون، ڌيئرون ۽ زالون ڪوٽن منجهه قابو هجن ۽ تعليم به حاصل ڪري نه سگهن. ايندڙ ٻي جنگِ عظيم سندس هن ڪم ۾ وڌيڪَ مدد ڪئي. مهاراڻي گياتريءَ جنگ جي حالتن ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ عورتن جا مختلف گروپ ٺاهي هنن کي مختلف ڪم سونپيا ۽ 1944 ۾ پنهنجي نالي سان ”گياتري ديوي گرلس اسڪول“ کوليو جنهن ۾ پهرين سال 40 ڇوڪرين داخلا ورتي جن لاءِ هن هڪ انگلش ٽيچر رکيو. اڄ اهو اسڪول انڊيا جي اعليٰ اسڪولن مان هڪ آهي. جئپور ۾ اڄ جيڪو ڪاشي (Blue – Pottery) جو ڪم ڏسو ٿا ان جو داد به هن مهاراڻي گياتري ديويءَ کي ڏئي سگهو ٿا. جئپور ۾ اڳ ۾ به ڪاشيءَ جو ڪم هليو ٿي جيئن هالا ۽ ملتان به ڪاشيءَ جي ڪم کان مشهور هئا جيڪو آرٽ دراصل ايران ۽ ترڪيءَ کان اسان وٽ پهتو ۽ اڄ جيئن اسان وٽ تقريبن ختم ٿي ويو آهي تيئن جئپور ۾ به ختم ٿي ويو هو پر پوءِ اتي جي مشهور پينٽر ڪرپال سنگهه شيخاوت راج ماتا گياتري جي مدد سان ان ۾ جدت آندي. اڄ جئپور ۾ ڪاشيءَ جا ڪارخانا ڪيترن ئي ماڻهن کي روزگار مهيا ڪن ٿا. نه فقط اڳوڻا رنگ ۽ ڊزائنيون سڌاري سان واپس آنديون ويون پر نين شين جو به واڌارو ڪيو ويو آهي. ڪاشيءَ جي سرن کان علاوه جئپور ۾ توهان کي گلدان، گلدستا، مخبا، ڪوپ ساسرون، جڳ، ائش ٽري، پليٽون گلاس ۽ ٻيو سامان پڻ ملندو.
جئپور ۾ جي توهان آڳاٽي ڪاشيءَ جو نمونو ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ بهترين عمارت ”رام باغ محل“ آهي جتي ڦوهارن جي قطار ڪاشي جي سرن سان ٺهيل آهي. هتي جا ڪاريگر ٻڌائين ٿا ته ڪاشيءَ جي ڪم ۾ چيڪي مٽي (Clay) استعمال نٿي ٿئي پر Quartz (سنگ مردار) پٿر جو چورو، شيشو، بورئڪس، کونئر، ملتاني مٽي (Fuller’s Earth) جنهن کي اسان ”ميٽ“ سڏيون ٿا ۽ پاڻي ملايو وڃي ٿو.
ڪرپال سنگهه شيخاوت بابت ٻڌائيندو هلان ته جيئن اسان وٽ صادقين مشهور پينٽر آهي تيئن انڊيا ۾ مٽيءَ جي ٿانون ۽ ڪاشيءَ جي گلڪارين کان ڪرپال سنگهه ڄاڻو سڃاڻو آرٽسٽ ٿي گذريو آهي. هو 1922 ۾ راجستان ۾ ڄائو (گياتريءَ کان 3 سال ننڍو هو). هن به گياتريءَ وانگر بنگال جي شانتي نڪيتن مان تعليم حاصل ڪئي. هن جو سبجيڪٽ ”اوريجنل پينٽنگ“ هو. بعد ۾ هن جپان جي ٽوڪيو يونيورسٽيءَ مان ”اورينٽل آرٽس“ ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي. هو گياتري کان سال اڳ سن 2008 ۾ جئپور ۾ گذاري ويو جتي گياتريءَ ٻي سال وفات ڪئي. ڪرپال سنگهه جو جئپور ۾ ”ڪرپال ڪنڀ“ نالي مٽيءَ جي ٿانون جو اسٽوڊيو اڄ به قائم آهي جنهن کي ٽوئرسٽ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. اهو سندس زال سجن ڪنور پنهنجين ٽن ڌيئن: مِناڪشي، هماني ۽ ڪمود راٺوڙ سان گڏ هلائي ٿي.
گياتريءَ کان علاوه ٻي جنهن عورت ڪرپال سنگهه کي ڪاشيءَ جي ڪم کي اجاگر ڪرڻ ۾ همٿايو اها ڪملا ديوي (Kamaldevi Chattopadhyay) آهي. ڪملا انڊيا جي مشهور سماج سڌارڪ ۽ فريدم فائيٽر ٿي گذري آهي. ڪملا جي انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ۽ انڊيا جي هنرن: جنڊي، ڪاشي، اوڄو (هٿ سان ڪپڙو ٺاهڻ)، ويندي اسٽيج ڊرامن کي واپس پراڻو شان بخشڻ کان، وڏو نالو آهي. هوءَ ليکڪا به مشهور آهي ۽ سندس انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن، جيئن ته:
- The Awakening of Indian Women.
- Japan – Its Weakness & Strength.
- In War-torn China
- America – The Land of Superlatives.
- Handicrafts of India
- Indian Embroidery.
وغيره.
هتي جئپور ۾ ۽ ان کان اڳ مشهد کان تاس (جتي ايران جي فارسي شاعر فردوسيءَ جو مقبرو آهي) ڏي بس ۾ سفر ڪندي رستي تي ڪيترائي ننڍا وڏا ڪاشيءَ جا ڪارخانا نظر آيا. اڄ کان سٺ پنجهٺ سال اڳ جڏهن آئون هالا ۾ پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس ته هالا جي طارق روڊ کان اربابن جي محلي تائين جيڪي اوطاقون هيون انهن ۾ سوسي ۽ کاڌي جي ڪپڙي جي اڄٽ ٿيندي هئي يا ڪاشيءَ جو ڪم. هالا جي ڪاشي ڏورانهن شهرن تائين وئي ٿي. هاڻ فقط منهنجي ڪلاس ميٽن عبدالرحمان ۽ صابر وارن جي هڪ ڪارخاني جي ٻيا سڀ ڪاشيءَ جا ڪارخانا بند ٿي ويا آهن ۽ انهن هنڌن تي گهر ٺهي ويا آهن. جئپور ۽ مشهد ۾ ڪاشيءَ جي ڪم ۽ ان مان ماڻهن کي روزگار ڪمائيندو ڏسي اهو ئي سوچيندو رهان ٿو ته ڪا راج ماتا گياتري يا ڪملا ديويءَ جهڙي شخصيت اسان جي ڳوٺ ۾ ان آرٽ کي revive ڪرائي ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو مهيا ڪري.

گياتري ديويءَ جيل جي به سزا ڪاٽي

جئپور جي ”مهاراڻي گياتري ديوي“ انڊيا جي راجائن ۽ نوابن جي دنيا جي هڪ نرالي عورت ٿي گذري آهي. هوءَ پيريءَ ۾ به سونهن جو icon مڃي وئي ٿي. گذريل صديءَ جون جيڪي دنيا جون ڏهه خوبصورت عورتون قرار ڏنيون ويون گياتري ديوي انهن مان هڪ آهي. سونهن کان علاوه هوءَ پڙهيل ڳڙهيل هئي. کيس پولو راند ۽ شڪار جو شوق هو. هن وٽ ڪيتريون قيمتي ڪارون ۽ هڪ هوائي جهاز پڻ هو. تعليم کي پکيڙڻ لاءِ هن پنهنجي رياست ۾ اسڪول ۽ ڪاليج کوليا ـــ خاص ڪري ڇوڪرين جا ـــ جيڪي اڄ انڊيا جا ٽاپ جا تعليمي درسگاهه آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن سياست ۾ نه رڳو حصو ورتو پر هر چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
1947ع ۾ انڊيا کي انگريزن کان آزادي ملڻ بعد انڊيا سرڪار جئپور ۽ ٻين 18 نوابي رياستن کي ملائي هڪ راجستان رياست ٺاهي جنهن جي گاديءَ جو شهر جئپور مقرر ڪيو.
حڪومت جي ڪانگريس پارٽي کي پنهنجي لاءِ سٺو نه سمجهي انڊيا جي ڪيترن نوابن حڪومت جي مخالف سياسي، سواتانتر (Swatantra) سياسي پارٽي ۾ داخلا ورتي. 1962 ۾ گياتري ديويءَ پهرين عوامي تقرير ڪئي ۽ اليڪشن ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جي خلاف مقابلو ڪيو جنهن ۾ هن کي زبردست ڪاميابي حاصل ٿي. دنيا ۾ ايترا گهڻا ووٽ ڪنهن کي به نه مليا هئا جيترا گياتريءَ کي مليا. اڍائي لک ووٽن مان گياتريءَ کي ٻه لک کن مليا جنهن جو رڪارڊ ”گنيز بڪ آف ريڪارڊس“ ڪتاب ۾ به آيو. 1965 ۾ وزير اعظم لال بهادر شاستري سان ملاقات ۾ هن گياتريءَ کي هڪ دفعو وري آفر ڏني ته هوءَ ڪانگريس پارٽي ۾ اچي. هي اهو وقت هو جڏهن حڪومت هن جي مڙس کي اسپين جو سفير مقرر ڪيو هو پر گياتري ديوي پنهنجي اصولن تي قائم رهي ۽ حڪومت جي مخالف پارٽي سوا تانترا طرفان اليڪشن وڙهندي رهي.
1967 ۾ مهاراڻي گياتري هڪ دفعو وري اليڪشن ۾ بيٺي ۽ هوءَ وري اها سيٽ کٽي وئي ۽ هاڻ جڏهن مخالف پارٽين گڏجي پنهنجي رياست راجستان ۾ پنهنجي حڪومت ٿي ٺاهي ته مرڪز جي حڪومت صدارتي راڄ لڳائي ڇڏيو ۽ ان ئي سال ڪانگريس پارٽيءَ ريزوليوشن ذريعي انڊيا جي نوابن ۽ راجائن جون مقرر ڪيل خرچيون ۽ سهولتون بند ڪري ڇڏيون. ان بعد 1970 ۾ حڪومت بل ذريعي نوابن جي درجا بندي به ختم ڪري ڇڏي .... ڪير وڏو ڪير ننڍو سڀ عام رعيت جيان ڪيا ويا. هن بل پاس ٿيڻ بعد مهاراجا مان سنگهه ۽ مهاراڻي گياتري ديوي انگلنڊ روانا ٿي ويا. مهيني سوا بعد مهاراجا مانسنگهه پولو راند جي امپائري ڪري رهيو هو ته گهوڙي تان ڪري پيو ۽ ان ئي ڏينهن مري ويو.
جيتوڻيڪ مڙس کي مئي هڪ سال به نه ٿيو هو ۽ گياتري ديوي اڃان ڏک جي حالت ۾ هئي، پر هن 1971 واري اليڪشن ۾ حصو ورتو. اندرا گانڌيءَ ملڪ ۾ امرجنسي هڻي پنهنجن مخالفن کي نشانو بڻايو. گياتري ديويءَ کي به ٽئڪس چوري ڪرڻ جهڙي لولي لنگڙي ڏوهه جي آڙ ۾ 5 مهينا انڊيا جي بدنام جيل تـِهار ۾ بند ڪيو.
هِتي تِهار جيل بابت لکندو هلان ته انـڊيا جو هي جيل سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ وڏي ۾ وڏو جيل آهي جنهن ۾ اسان جي حيدرآباد سنڌ جي جيل جيڏا نو سينٽر جيل آهن. هي نيو دهلي جي اولهه ۾ چنڪياپوري ڳوٺ وٽ آهي. هن جيل لاءِ چيو وڃي ٿو ته سڀ کان گهڻي سيڪيورٽي وارو جيل آهي. هن ۾ اندرا گانڌيءَ جو پٽ سنجي گانڌي به ڏيڊ مهيني لاءِ رهي ويو آهي. ان کان علاوه بهارت رياست جو وزير اعليٰ لالو پرساد يادو، اندرا جا ٻه قاتل سک ستونت سنگهه ۽ ڪيهر سنگهه ـــ جن کي پوءِ ڦاهي ڏني وئي، بين الاقوامي قاتل چارلس سوڀراج جيڪو هن جيل مان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو پر پوءِ سگھوئي گرفتار ڪري کيس ڏهه سال وڌيڪَ سزا ڏني وئي. انا هزاري کي به هن جيل ۾ رکيو ويو هو.
انڊيا جي مشهور پوليس آفيسرياڻي ڪرن بيدي جڏهن جيلن مٿان آءِ جي (انسپيڪٽر جنرل) ٿي ته هن انڊيا جي ٻين جيلن سان گڏ هن جيل جي حالت تمام گهڻي سڌاري. جيل ۾ ايندڙ قيدين جي زندگي ٺاهڻ لاءِ نه فقط هنن کي هنر سيکارڻ جو بندوبست ڪيو پر تعليم جو به. تهار جيل مان هر سال ڪيترائي گرئجوئيشن ڪن ٿا. هڪ ته IAS (انڊين ائڊمنسٽريٽو سروس) جو امتحان به پاس ڪيو. ۽ ڪرن بيديءَ هن جيل جو نالو تـِهار پرزن مان بدلائي تهار آشرم ڪرايو آهي.
مهاراڻي گياتري ديوي پهرين شاهي خاندان جي عورت هئي جيڪا نه فقط سياست ۾ آئي پر پنهنجي مخالف ڪانگريسيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پسند ڪئي وئي. جيتوڻيڪ هوءَ چاهي ها ته سرڪاري پارٽي (ڪانگريس) ۾ اچي آرام سان وزير ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ کيس نه فقط لال بهادري شاستريءَ چيو پر اندرا گانڌيءَ پڻ. پر گياتري ديوي پنهنجي اصول تي قائم رهي. ان ڳالهه تان اندرا گانڌيءَ کي هن تي سخت باهيون رهيون ٿي ۽ هن کي اسيمبلي جي فلور تي نه فقط گهـٽ وڌ ڳالهائين پر بعد ۾ ايمرجنسيءَ دوران 5 مهينا جيل جي به سزا ڏياريائينس.
انڊيا جي مشهور جرنلسٽ ۽ مزاحيه ليکڪ خوشونت سنگهه جو هڪ 2005ع جو مضمون پئي پڙهيم جيڪو هن مهاراڻي گياتري بابت لکيو آهي ته جڏهن هوءَ 86 ورهين جي ڄمار جي هئي....
”انڊيا جي مهاراڻين ۾ سڀ کان نمايان شخصيت جئپور رياست جي راج ماتا گياتري ديويءَ جي آهي جيڪا 86 سالن جي ٿيڻ جي باوجود اڄ به سهڻي لڳي ٿي. اها جنهن پنهنجي پيءُ جي رياست ڪوچ بهار ۾ آزاد زندگي گذاري .... سير شڪار ڪيائين، نئين ماڊل جون مهانگيون ڪارون هلائين. هوءَ شاديءَ بعد پنهنجي مڙس مهاراجا مانسنگهه جي رياست جئپور ۾ ٻين راجپوت زالن وانگر محل اندر پڙدي ۾ به رهي. هن مڙس جي شوق ـــ پولو راند کي پنهنجو شوق بڻايو ۽ جڏهن انگلنڊ ۾ هن جو مڙس پولو راند جي امپائري ڪندي، پنهنجي ئي گھوڙي هيٺان لتاڙجي مري ويو ته هوءَ انگلنڊ ۽ يورپ ڇڏي پنهنجي وطن موٽي آئي ۽ پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ نه فقط اسڪول پٺيان اسڪول کوليا پر هنن جي روزگار ۽ صحت جو پڻ خيال ڪيو. گياتري ديويءَ جو سڀ کان حيرت انگيز ڪم سياست ۾ اچڻ ۽ سواتانترا سياسي پارٽيءَ جي ليڊر ٿي لوڪ سڀا (اسيمبليءَ) ۾ اچڻ هو. هن جي اندرا گانڌي (جيڪا عمر ۾ تقريبن هن جيڏي هئي) سان اڻبت رهي. هنن جي شانتي نڪيتن وارن ڏينهن کان هڪ ٻئي سان ڄاڻ سڃاڻ هئي. اندرا کان وڌيڪَ سهڻي هجڻ ڪري گياتري ديويءَ سان اندرا جي اجائي چڙ رهي ٿي. هڪ دفعو ته اسيمبليءَ جي فلور تي اندرا گانڌيءَ هن کي گهـٽ وڌ ڳالهايو ۽ کيس bitch (ڪُتِي) ۽ گلاس ڊال سڏيو. ايمرجنسي دوران هن گياتريءَ مان وڌيڪَ باهيون ڪڍڻ لاءِ 5 مهينا جيل موڪليو ۽ انڪم ٽئڪس پورو نه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ گياتري جو سڄو محل جاچيو ويو. سواءِ ڪجهه ننڍن ن نوٽن ۽ سڪن جي ٻيو ڪجهه به نه مليو. ايمرجنسي دوران گياتري ديوي انهن پهرين ماڻهن مان آهي جنهن کي جيل موڪليو ويو. گياتريءَ معافي يا منٿ ميڙ ڪرڻ بدران تِهار جيل جي ڪال ڪوٺهڙي قبول ڪئي. اندرا گانڌيءَ جو پٽ سنجي جڏهن هوائي جهاز جي حادثي ۾ مري ويو ته گياتري ديويءَ عذر خواهي ڪارڻ اندرا کي فون ڪيو. پر اندرا ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“
ڇهه مهينا جيل ۾ رهڻ بعد به مهاراڻي گياتري ديويءَ جا حوصلا بلند هئا پر هن جي صحت ڪافي خراب ٿي وئي. هوءَ ڪجهه عرصو اسپتال حوالي رهي ان بعد سياست تان هٿ کڻي پنهنجي سوانح حيات (آٽو بايوگرافي) A Princess Remembers ڇپرائي. هي 1976ع جو سال هو. انهن ڏينهن ۾ هن تي Memories of a Hindu Princess نالي فلم پڻ ٺهي.
آخري ڏينهن ۾ لنڊن ۾ رهڻ دوران مهاراڻي گياتريءَ کي بدهضمي (Gastric Problems) جي تڪليف ٿي پئي جنهن جي علاج لاءِ هوءَ لنڊن جي ”ڪنگ ايڊورڊ اسپتال“ ۾ داخل ٿي. بهتري نه ٿيڻ تي هن پنهنجي وطن جئپور موٽڻ جي خواهـش ظاهر ڪئي ۽ ايئر ايمبولنس جهاز ذريعي هن کي جئپور پهچايو ويو. جئپور ۾ هن کي SDMH (سانتو ڪبا دُرلاڀجي ميموريل هاسپيٽل) ۾ داخل ڪيو ويو جتي 12 ڏينهن رهڻ بعد 29 جولاءِ 2009ع تي وفات ڪئي.

گياتري ديويءَ جي ناناڻن جون تعليمي خذمتون

مهاراڻي گياتري ديويءَ جا ڏاڏاڻا ڪوچ بهار جا مهاراجا، ساهرا جئپور جا مهاراجا ۽ ناناڻا بڙودا رياست جا مهاراجا هئا. گياتري جي ماءُ ”اندرا ديوي“ جو پيءُ مهاراجا ساياجي رائو گائيڪواد بڙودا رياست جو مهاراجا هو ۽ ماءُ چمنا ٻائي گياتريءَ جي ناني هئي. گياتري هميشه چوندي هئي ته هن کي گُروم ڪرڻ (ٺاهڻ) ۾ سندس ماءُ ۽ نانيءَ جو هٿ آهي.
گياتري جي پنهنجي خاندان ۽ ساهرن وانگر سندس ناناڻن بڙودا جي گائيڪواڊن (نوابن) کي به تعليم جو وڏو فڪر هو ۽ هنن بڙودا ۾ ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج کوليا جيڪي اڄ يونيورسٽين جي حيثيت رکن ٿا. مون پنهنجي انڊيا جي پهرين سفرنامي ”دهليءَ جو درشن“ ۾ هنن راجائن جي چڱي تعريف لکي آهي جن پنهنجي ماڻهن کي تعليم جي روشني ڏئي خوشحال بنايو. خوش حال هن ريت جو جڏهن اسان وٽ انگريزي تعليم عام نه هئي ته هنن اڳتي جي حالتن جو سوچي پنهنجي رياست ۾ تعليم عام ڪئي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ تي هنن کي پنهنجي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جتي انگريزي عام آهي، آساني سان نوڪري ملي وئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو انگلنـڊ توڙي آمريڪا ۾ ننڍي کنـڊ جا سڀ ۾ گهڻي کان گهڻي انڊيا جي رياست گجرات جا آهن .... يعني احمد آباد، بڙودا، سورت وغيره جا آهن.
مهاراجا ساياجي راءِ گائيڪواد (جنهن جو ڄمڻ وقت نالو شريمانت گوپال رائو هو) 1863 ۾ ڄائو ۽ 12 سالن جي ڄمار ۾ تخت تي ويٺو يعني بڙودا رياست جو مهاراجا ٿيو. 76 ورهين جي ڄمار ۾ 1939ع ۾ وفات ڪيائين. بـڙودا رياست کي ٺاهڻ ۽ ماڊرن بنائڻ ۾ هن راجا جو وڏو هٿ آهي. حڪومت جون واڳون سنڀالڻ سان هن پهريون ڪم تعليم کي ترقي ڏيارڻ جو ڪيو. هن تعليم کي غريب غربي لاءِ عام ڪيو. ايتريقدر جو ڊاڪٽر امبيڊڪر جهڙي هيٺائين ذات جي ٻار به مئٽرڪ ۽ بي اي ڪئي ته هن کي شاهي خرچ تي آمريڪا، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو.
هن مهاراجا عوام جي بهتريءَ لاءِ انصاف، ائگريڪلچر ۽ سماجي حالتن ڏي ڌيان ڏنو. هن فائين آرٽس ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي وڌايو. ايتري قدر جو هن ريلوي سسٽم قائم ڪيو. انڊيا جي مشهور بڙودا بئنڪ جو بنياد هن راجا 1908 ۾ رکيو. ملڪ کان ٻاهر ڪم ڪندڙ گجراتين جي سهولت لاءِ هن بڙودا بئنڪ جون برانچون ڪيترن ئي ملڪن ۾ نظر اچن ٿيون. هن راجا جي پنهنجي ذاتي لئبرري انگريزن کي به متاثر ڪندي هئي. اڄ اها بڙودا جي سينٽرل لئبرري آهي جنهن جو نيـٽ ورڪ ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ آهي.
مهاراجا ”ساياجي رائو“ لاءِ مشهور آهي ته هن هڪ طرف جيتوڻيڪ انگريزن کي پسند ڪيو ٿي، ايتريقدر جو هن انگريزن جي راڄ کي ننڍي کنڊ لاءِ بهتر سمجھيو ٿي جو ان کان اڳ مغلن، مرهٺن ۽ ٻين مقامي هندن ۽ ايران افغانستان کان آيل مسلمان حاڪمن ننڍي کنڊ کي تباهه ڪري رکيو هو ۽ عوام هر وقت ٻه ويلا مانيءَ لاءِ پريشان رهيو ٿي. ان جي مقابلي ۾ انگريزن جي حڪومت ۾ انڊيا ترقي ڪري رهي هئي. سفر جي سهولتن لاءِ انگريز روڊ رستا ۽ ريل گاڏيون هلائي رهيا هئا، غريب ماڻهو امن ۽ انصاف ۾ وقت گذاري رهيو هو، جتي ڪٿي اسڪول ۽ اسپتالون کلي رهيون هيون جنهن ڪري ذهني سجاڳي ۽ صحت بهتر ٿي رهي هئي. غريب عوام سان گڏ انڊيا جو هر نواب، راجا پنهنجي پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ خوش ۽ موج مزي ۾ هو ....
پر ان جي بدلي ۾ بڙودا جي هن مهاراجا (گياتري ديويءَ جي ناني) هڪ حد تائين انگريزن طرفان گهربل عزت ۽ احترام جو مظاهرو ته ضرور ڪيو ٿي پر ساڳي وقت هن انگريز سرڪار کي ڪاوڙائڻ بنا پنهنجا حق ۽ شان (Status) به قائم رکڻ جي ڪوشس ڪئي ٿي. مهاراجا ”ساياجي رائو“ جي رياست جي گورننس ۽ اصولن تي انگريز سرڪار سان رکي رکي کٽ پٽ ٿيندي رهي ٿي. ان سلسلي ۾ انگريز حڪومت جيڪي مختلف رياستن ۾ پنهنجا نمائندا ”ريزيڊنٽ“ مقرر ڪندي هئي، انهن سان، يا ويندي وائسراءِ ۽ ٻين سرڪاري ڪامورن سان بڙودا جي هن مهاراجا جي لکت ۾ يا زباني تلخيون ٿينديون رهيون ٿي. هونءَ انگريزن سان سٺو هلڻ ۾ به مهاراجا جو جواب نه هو ايتري قدر جو انگريز سرڪار 1876ع ۾ هن کي ”فرزندِ خاصِ دولتِ انگليشيا“ جو خطاب عطا ڪيو هو. انگريز سرڪار طرفان دهليءَ ۾ نوابن کي گهرائڻ جي درٻارن ۾ به هي مهاراجا اچي حاضر ٿيندو هو. پر 1911ع ۾ جيڪا وڏي پئماني تي ۽ تاريخي دهلي درٻار لڳي ان ۾ هن مهاراجا گڙٻڙ ڪري وڌي بلڪه هن پنهنجي ظاهري هلت مان پنهنجي اندر جي ڳالهه انگريزن اڳيان عيان ڪري ڏيکاري ته هو هڪ حد تائين انگريزن طرفان گهربل عزت ڏئي سگهي ٿو پر ان جو مطلب اهو ناهي ته انگريز حد کان وڌيڪَ انڊيا جي اصلي نوابن ۽ راجائن کي ذليل ڪن.
1911ع واري هن ”دهلي درٻار“ ۾ انگلنڊ جو بادشاهه ”جارج پنجم“ آيو هو. هي پهريون دفعو هو جو انڊيا تي راڄ ڪرڻ وارن انگريزن جو حاڪم شهنشاهه جارج انگلنڊ کان سفر ڪري انڊيا آيو هو. هن جو دهليءَ ۾ آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار هر انڊين راجا جن کي انگريز “Native Prince” سڏيندا هئا، مان چڱي طرح وفاداري ۽ عزت جو مظاهرو ڪرڻ جي اميد رکي ٿي. انگريز راڄ ۾ هي لفظ Native جيڪو مقامي ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو هو هڪ نيچپائي جو اظهار ڪندو هو. مقامي ماڻهو کڻي ڊاڪٽر، انجنيئر يا ڪنهن رياست جو نواب هجي، انگريزن لاءِ Native هوندو هو. ۽ Native کڻي ڪيڏو به سهڻو، هنر وارو، پـڙهيل ڳڙهيل يا امير هجي، هن جو درجو هڪ عام انگريز کان به گهٽ سمجھيو ويو ٿي. اهو ئي حال ملايا (اڄ واري ملائيشيا) سنگاپور، ڪينيا ۽ ٻين ملڪن جي مقامي ماڻهن جو هو جتي جتي انگريزن راڄ ڪيو ٿي. ڪٿي ڪنهن حادثي ۾ ڪنهن انگريز کي رهنڊ به آئي ٿي ته واويلا مچي وئي ٿي پر جي مقامي پنج ڇهه مري ويا ٿي ته به اها ڳالهه نه برابر سمجهي وئي ٿي. پنج ڇهه ماڻهن جي مرڻ جو ٻڌي هر انگريز کان رڙ ضرور نڪتي ٿي پر ٻي گهڙيءَ جڏهن ٻڌايو ويو ٿي ته اهي Natives هئا ته ٻڌڻ وارو انگريز يڪدم ”اڇا! Natives هئا“ چئي ٿڌو ٿي ويو ٿي.
اسان ننڍا هئاسين ته به هن لفظ Native جو استعمال عام ٻڌوسين جنهن ۾ ڪمتر ۽ نيچپائي جو اظهار محسوس ٿيو ٿي. اڄ به انگريز راڄ جي ڏينهن جا ”ڀاواني جنڪشن“، ”اي پئسيج ٽو انڊيا“ جهڙا انگريزن يا اسانجي ماڻهن جا ناول پڙهي ڏسو ته ان ۾ Native جو استعمال عام نظر ايندو. بهرحال 1911ع واري ”دهلي درٻار“ ۾ انڊيا جا سڀ راجا مهاراجا گهريا ويا هئا ۽ انهن کي چيو ويو ته هو انگريز شهنشاهه سان ملڻ وقت، مڪمل وفاداريءَ جو اظهار ڪن. ان لاءِ، هر راجا کي انگريز شهنشاهه جي ويجھو پهچي هن جي اڳيان ٽي دفعا جھڪڻو هو. ان بعد شهنشاهه کي پٺي ڏئي موٽڻ بدران، يعني مڙڻ بدران پٺتي وڃڻو هو جيئن انهن ڏينهن ۾ يا اڄ به ڪيترين درگاهن مقبرن تي يا پير مرشد سان ملڻ بعد معتقد ماڻهو پٺيان پير ڪري هلن ٿا يا مجاورن ۽ خليفن طرفان، آيل سائل کي مجبور ڪيو وڃي ٿو.
بڙودا جي مهاراجا ”ساياجي رائو گائيڪواڊ“ جو انڊيا جي راجائن ۽ نوابن ۾ ٽيون نمبر مٿانهون درجو هو سو انگريز حاڪم شهنشاهه جارج پنجين جي اڳيان جھڪڻ وارن انڊيا جي مهاراجائن جي قطار ۾ گائيڪواڊ جو ٽيون نمبر هو. انگريز سرڪار جي حڪم موجب سڀ راجا مهاراجا پنهنجي رياستي پڳ پوشاڪ ۾ ملبوس ٿي اتي پهتا هئا ۽ حڪم موجب هو انگريز سرڪار طرفان مليل رتبن ۽ خطابن جا ٻِلا (Madals) لڳائي آيا هئا پر بڙودا جو هي مهاراجا گائيڪواڊ (گياتري ديويءَ جو نانو) هڪ ته نوابي ڊريس ۽ ٺاهه جوڙ ۾ نه آيو هو جنهن ڪري انگريز ڪامورا پريشان ٿي رهيا هئا ويتر هي انگريز شهنشاهه اڳيان حڪم موجب ٽي دفعا جھڪڻ بدران فقط هڪ دفعو جھڪي شهنـشاهه سلامت کي پٺ ڏئي اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو.
گياتري ديويءَ جي آٽوبايوگرافي ”ميري سمرتيان“ (Princess Remembers: The Memories of Maharani of Jaipur) ۾ هن لکيو آهي ته ”ڪن سببن ڪري منهنجو نانو ان فنڪشن جو اڳواٽ هلندڙ ريهرسلون اٽينڊ ڪري نه سگهيو هو. ان ڪري هن کي اها ڄاڻ نه هئي ته ”شهنشاهه بادشاهه“ سان ڪيئن ملجي“. پر ان فنڪشن ۾ موجود ماڻهن جو اکين ڏٺو احوال اهو آهي ته گياتريءَ جو نانو (مهاراجا گائيڪواڊ) انگريز شهنشاهه سان ان طرح ملڻ جي ٺٺوليءَ تي واپسي تي کِلي رهيو هو. دراصل مهاراجا گائيڪواڊ جي، ان کان اڳ انڊين نئشنل ڪانگريس ۽ ان جي ليڊرن جي کلئي عام Support ڪرڻ تي انگريز سرڪار هن تي اڳهين ڪاوڙيل هئي ۽ هاڻ هن مثال بعد انگريزن هن تي اعتماد ڪرڻ ڇڏي ڏنو. اها ٻي ڳالهه آهي ته 1919ع ۾ انگريز سرڪار هن مهاراجا کي GCIE ايوارڊ ڏيڻ مهل هن کي هن جي ڪوتاهين کي معاف ڪري ڇڏڻ جو کلئي عام اعلان ڪيو. باءِ دي وي هي سال 1919ع اهو آهي جنهن ۾ هن مهاراجا جي ڏهٽي مهاراڻي گياتري ديويءَ جنم ورتو. ۽ هتي اهو به لکندو هلان ته 1911ع واري هن ”دهلي درٻار“ ۾ جنهن ۾ پهريون دفعو ان وقت جو انگريز شهنـشاهه جارج پنجم انڊيا آيو هو جنهن جي آڌرڀاءَ لاءِ انڊيا جي مختلف رياستن جا راجا مهاراجا اچي گڏ ٿيا هئا، تن مان ڪيترا ته پنهنجين مهاراڻين ۽ ٻارن (شهزادن ۽ شهزادين) سميت آيا هئا ـــ جيڪي پڙهندڙ گياتري ديويءَ جي هيءَ ڪهاڻي شروع کان پڙهندا اچن، انهن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته هي اهائي 1911ع واري دهلي درٻار آهي جنهن ۾ گياتري ديويءَ جو ڏاڏو ڪوچ بهار رياست جو مهاراجا نرپيندرا ناراين پنهنجي مهاراڻي ۽ پٽ شهزادي جيتندرا سان گڏ آيو هو. هن دهلي درٻار جي ٻن سالن بعد مهاراجا نرپيندرا گذاري ويو ۽ سندس پٽ هي شهزادو جيتندرا مهاراجا ٿيو. هن ئي دهلي درٻار ۾ بڙودا جو مهاراجا ساياجي رائو گائيڪواد به پنهنجي مهاراڻي چمپا ٻائي ۽ اڪيلي ڌيءَ شهزادي اندرا راجيه سان گڏ آيو هو ـــ جنهن شهزاديءَ بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته ان جو گواليار جي مهاراجا سان مڱڻو ٿيل هو. پر هن درٻار ۾ ”شهزادي اندرا“ ڪوچ بهار جي شهزادي جيتندرا (گياتري جي ٿيڻ واري پيءُ) کي ڏسڻ سان هن تي اَڪن ڇڪن ٿي پئي ۽ هن کان پنهنجو پوڙهو ڍڍ نڪتل مڱيندو مهاراجا وسري ويو. ماءُ پيءُ گهڻو ئي سمجھايس ته ڪوچ بهار رياست جو هي فقط شهزادو آهي. الائي مهاراجا ٿئي به يا نه جو تخت جو وارث ڪرائون پرنس هن جو وڏو ڀاءُ ويٺو آهي ۽ هوڏانهن تنهنجو مڱيندو گواليار رياست جو هينئرئي مهاراجا آهي ۽ شاديءَ بعد تون يڪدم مهاراڻي ٿي ويندينءَ. پر ”اِندرا راجيه“ هڪ نه ٻڌي ۽ ڪوچ بهار جي شهزادي جيتندرا سان وڃي شادي ڪيائين جنهن مان کين گياتري ديوي، ايلا ديوي (فلم ائڪٽريس مون مون سين جي سَسُ) ۽ مونيڪا ديوي جهڙيون سهڻيون ڌيئرون ڄايون.
بڙودا جي هن مهاراجا گائيڪواد جو ٿو سوچجي ۽ هن جي همعصر سنڌ جي حاڪمن مير علي مراد خان ٽالپر (1894-1842)، مير فيض محمد ٽالپر (1909-1894)، مير امام بخش ٽالپر (1921-1909)، مير علي نواز ٽالپر (1936-1921) وغيره جو ٿو سوچجي ته سنڌ جي پاڙي واري رياست گجرات جي حاڪم مهاراجا گائيڪواد پنهنجي ماڻهن لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو. هن جي 1862 ۾ ٺهرايل ”گائيڪواڊ بڙودا اسٽيٽ ريلوي“ نيـٽ ورڪ اڄ به دنيا ۾ ”نئرو گيج ريلوي“ جو وڏي ۾ وڏو نيٽ ورڪ آهي. سندس رياست جي ماڻهن لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ جو هن کي 1892 ۾ خيال آيو ۽ ”اجوا“ ۾ واٽر اسڪيم ٺاهي، جيڪا ايڏي ته وڏي ۽ بهترين ثابت ٿي جو اڄ سوا سؤ سالن بعد جڏهن بڙودا هڪ تمام وڏو شهر ٿي ويو آهي ته به ان جي هڪ حصي جي ماڻهن لاءِ پاڻيءَ جون ضرورتون هن آڳاٽي ٺهيل اسڪيم مان پوريون ٿيون ٿين. بـڙودا شهر جو خوبصورت پبلڪ پارڪ جيڪو هاڻ ”ساياجي باغ“ سڏجي ٿو هن مهاراجا ٺهرائي عوام کي تحفي طور ڏنو. ان وقت هن باغ جو نالو ”ڪماتي باغ“ رکيو ويو هو. سندس ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي هن رياست جي خزاني مان ۽ پنهنجي کيسي مان پئسو ڪڍي يونيورسٽي آف بڙودا ٺهرائي جيئن اوسي پاسي جي ڳوٺن جا غريب شاگرد پڻ فائدو وٺي سگهن. هن يونيورسٽيءَ کي وڌيڪَ وڌائڻ ۽ بهتر ڪرڻ ۾ سندس پوٽي ”سر پرتاب سنگهه رائو گائيڪواد“ کي به داد ڏنو وڃي ٿو. ڪراچي ۾ منهنجو 82 سالن جو گجراتي پاڙيسري عبدالرحمان ڀائي جيڪو مٿين يونيورسٽي مان پڙهيو ۽ هُنَ هـِنَ گائيڪواد گهراڻي جي حاڪمن جا عوام لاءِ بڙودا ۾ ترقيءَ جا ڪم چڱي طرح ڏٺا آهن اهو پرتاپ سنگهه رائو جي به ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. رات مونکي هن جا تخلص ۽ خطاب ٻڌائي رهيو هو جنهن سان هو سڏيو ويو ٿي: ”شريمنت، سرڪار، مهاراجا پرتاب سنگهه گائيڪواد، سينا خاص خيل، شمشير بهادر، فرزندِ خاص، دولتِ انگليشيا......“
مهاراجا ساياجي رائو گائيڪواڊ 63 سال حڪومت ڪرڻ بعد 76 ورهين جي ڄمار ۾ 1939ع ۾ گذاري ويو. سندس وفات بعد سندس پوٽو پرتاب سنگهه راءِ بڙودا رياست جو مهاراجا ٿيو. سندس ٻه زالون هيون. سندس پوٽو پرتاب سنگهه سندس پهرين زال مان اڪيلي پٽ ليفٽيننٽ ڪرنل ”يوورجا فتح سنگهه رائو“ جو پٽ آهي جيڪو (ڪرنل صاحب) 25 سالن جي ڄمار ۾ 1908ع ۾ گذاري ويو. گياتري ديويءَ جي ماءُ اندرا رجيه ديوي ٻي زال (چمپا ٻائي دوم) مان هئي. مهاراجا جو هن زال مان به هڪ پٽ (يعني اندرا جو ڀاءُ ۽ گياتريءَ جو مامو) برٽش آرمي ۾ ڪرنل هو.
اهي ڳالهيون ٿيون سوچجن ته هيڏن نوابن ۽ راجائن به پنهنجن ٻارن کي فوج ۾ موڪليو ۽ هنن ان جي سخت زندگي ۽ تربيت جي پرواهه نه ڪئي. ويندي راڻي ايلزبيٿ جو پٽ به فوج (نيويءَ) ۾ رهيو. بهاولپور رياست جي نوابن جا ٻار به فوج ۾ ويا. ان کي ٿو ڏسجي ته اسان وٽ سنڌ ۾ اڃان اهو ٽرينڊ نه آيو آهي. ورلي ڪنهن پير، جاگيردار يا وڏيري جي ٻار فوج ۾ وڃي پنهنجي زندگي ڊسپلينڊ ٺاهي هوندي. بهرحال اسانجو عام ماڻهو گذريل ٽيهارو سالن کان پنهنجن ٻارن کي فوج (آرمي، نيوي، ايئرفورس) ۾ موڪلي رهيو آهي ۽ نه فقط ڇوڪرا پر ڇوڪريون به نظر اچن ٿيون. هالا جون ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون ڪئپٽن ۽ ميجر رئنڪ تائين پهچي ويون آهن. انهن مان پني عاقل جي شيخ فئملي جي پاڪستان ايئر فورس جي پائلٽ آفيسر مريم مختيار به هڪ آهي جنهن جيهوائي جهاز جو ويجھڙائي ۾ حادثو ٿيو ۽ شهادت ماڻيائين. البت اسان جي حاڪمن مان هڪ مير فيض محمد خان ٽالپر دوم جو پٽ مير علي مراد خان ٽالپر آرمي جو ڪرنل ضرور هو.

گياتري ديويءَ جي ٿائي پوٽاڻ ۽ بالي وڊ جون اداڪارائون

مهاراڻي گياتري ديوي جنهن کي ننڍپڻ ۾ سندس گهر وارا ۽ ساهيڙيون ”عائشه“ پڻ سڏينديون هيون جي 1940ع ۾ جئپور جي مهاراجا سان شادي ٿي ۽ 9 سالن بعد 1949ع ۾ فقط هڪ ٻار شهزادو جڳت سنگهه ٿيو. البت هن جي مڙس مهاراجا سوائي مانسنگهه دوم لاءِ هي چوٿون پٽ ٻار ٿيو جو هن کي پنهنجين پهرين ٻن زالن مان اڳهين ٽي پٽ هئا.
جڳت سنگهه بنيادي تعليم پنهنجي رياست جئپور مان ورتي ان بعد ڪجهه عرصو اجمير جي ”مايو ڪاليج“ ۾ پڙهڻ بعد 1963ع ۾ انگلنڊ جي Harrow مان چار سال تعليم ورتي. 1978ع ۾ جڳت سنگهه ٿائلنڊ جي شهزاديءَ سان شادي ڪئي. ٿائي شهزادن توڙي شهزادين جا نالا ڪي سولا ناهن جو اهي تخلص سان لکيا وڃن ٿا. هتي جيتوڻيڪ ٿائي شهزادي لکڻ ڪافي آهي پر انهن پڙهندڙن لاءِ جيڪي سيامي (ٿائي) تاريخ ۽ ملڪ ۾ دلچسپي رکن ٿا انهن لاءِ هن ٿائي شهزاديءَ جو سڄو نالو هڪ دفعو لکان ٿو: Mom Rajawongse Priyanandana Rangsit.
هن شهزاديءَ جي ماءُ شهزادي وڀا وادي رانگسٽ جو تعلق پڻ ٿائلنڊ جي شاهي خاندان سان آهي. وڀا وادي پاڻ ۽ ان جو پيءُ راجاني چمچاراس (يعني جڳت سنگهه جي زال جو نانو) ٻئي ٿائلنڊ جون ادبي شخصيتون آهن. ايتريقدر جو وڀا وادي جي ياد ۾ هن جي صوبي سورت ٿاني ۾ هر سال 16 فيبروري موڪل جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ بئنڪاڪ جي ايئرپورٽ ”ڊان مئاگ ايئرپورٽ“ کان بئنڪاڪ شهر تائين پهچڻ وارو جيڪو هاءِ وي آهي اهو پڻ جڳت سنگهه جي ٿائي سس نالي Vibhavadi Rangsit Highway آهي.
گياتري ديوي جي اڪيلي پٽ شهزادي جڳت سنگهه جي شادي هن ٿائي شهزادي سان 1978ع ۾ ٿي پر اها ڪا ڏهه سال مس هلي. سال 1987ع ۾ سندن طلاق ٿي وئي. ان بعد ڏهه سالن کانپوءِ سال 1997ع ۾ هو (جڏهن ته اڃان سندس ماءُ مهاراڻي گياتري جيئري هئي) 48 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس ٿائي زال پنهنجن ٻن ٻارن لليتا ڪماري (ڄم جو سال 1979ع) ۽ پٽ ديوراج سنگهه (ڄم جي تاريخ 1981ع) سان گڏ بئنڪاڪ ۾ رهندي اچي ۽ هن وقت 63 سالن جي آهي. طلاق کان وٺي ٿائي شهزادي ۽ سندس ٻارن جو ملڪيت ۾ حصي تي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندا رهن ٿا. جيسين مهاراڻي گياتري ديوي جيئري هئي (2009ع تائين) ته جڳت سنگهه جو پٽ ديوراج سنگهه بئنڪاڪ کان جئپور پنهنجي ڏاڏيءَ وٽ ايندو رهيو ٿي. جڳت سنگهه جي ڇڏيل ملڪيت ۾ آڳاٽي جيولري آهي جيڪا ڪروڙين ڊالرن جي آهي، جئپور جا ڪجهه قلعا ۽ محل، انڊيا جي لگزري هوٽلن مان وڏو حصو ۽ انگلنڊ جي مي فيئر شهر ۾ ٽائون هائوس ۽ Ascot جي ڀرسان خوبصورت فارم هائوس جتي مهاراڻي گياتريءَ پنهنجي پٽ جي شادي جي دعوت ۾ انگلنـڊ جي راڻي ايلزبييٿ ۽ انڊيا جي سابق وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن کي گهرايو هو، شامل آهن. بهرحال هن وقت تائين ان ملڪيت جو فيصلو ٿي چڪو آهي يا نه، ڪا خبر ناهي. چون ٿا ته مرڻ وقت مهاراڻي گياتريءَ پنهنجي سرڳواسي پٽ جڳت سنگهه جو اهو خط ڏيکاريو هو جنهن ۾ هن ماءُ ڏي لکيو هو ته منهنجي مري وڃڻ بعد منهنجي ملڪيت ۾ منهنجا ٻار شامل نه ڪيا وڃن. بهرحال ان خط يا وصيت بابت اهي ئي افواهه هئا ته اها نقلي آهي. گياتري ديويءَ ڪورٽ کي اهو به چيو ته سندس پوٽا ان ملڪيت جا وارث ٿي نٿا سگهن جيڪا انڊيا ۾ آهي ڇو جو هنن وٽ انڊيا بدران ٿائلنڊ ۽ انگلنڊ جو پاسپورٽ آهي.
ٻه سال کن اڳ اها خبر ضرور ٻڌڻ ۾ آئي هئي ته ڀاءُ (ديوراج سنگهه) ۽ ڀيڻ (لليتا ڪماريءَ) پنهنجي چاچي (پيءُ جي ويڳي ڀاءُ) پرٿوي راج تي انڊيا جي ”جئه محل پئلس هوٽل“ جو حصو وٺڻ لاءِ ڪيس ڪيو آهي. ”جئه محل هوٽل“ ارڙهين صديءَ جي اڌ ۾ جئپور نوابي رياست جي وزير اعظم لاءِ ٺاهي وئي هئي. اڄ اها دنيا جي بهترين آرامده Spa هوٽلن مان هڪ آهي.
مهاراڻي گياتري ديويءَ جو پيءُ ڪوچ بهار جو مهاراجا ”جيتندرا نارائڻ“ لڳي ٿو ته ٻين نوابن ۽ راجائن وانگر هڪ کان وڌيڪَ شاديون نه ڪيون. ڇو ته گياتري ديويءَ جا سڀ ڀائر ڀينرون هڪ ئي ماءُ مهاراڻي اندرا راجيه ديوي جو اولاد آهن.
گياتري ديوي پاڻ ۾ ٽي ڀيڻيون: پاڻ، اِيلا ديوي ۽ ميناڪا ديوي هيون ۽ ٻه ڀائر جگديپيندرا ۽ اندرجيت هئا. ايلا ديوي گياتريءَ کان 5 سال وڏي هئي ۽ 1914ع ۾ ڄائي. سندس شادي تريپورا رياست جي مهاراجا راميندر ڪشور سان ٿي. تريپورا رياست اتر اوڀر انڊيا ۾ بنگلاديش جي بارڊر تي آهي. سندس ٻئي پاسي انڊيا جون آسام ۽ ميزورام رياستون آهن. تري پورا رياست جي گاديءَ جو شهر اگرتلا آهي. سندس ننڍي عمر ۾ (31 سالن جي ڄمار ۾) سال 1945ع ۾ وفات ٿي.
گياتري ديويءَ جي ننڍي ڀيڻ ميناڪا ديويءَ جي به شاهي خاندان ۾ شادي ٿي جيڪو ديواس رياست جو مهاراجا هو. ميناڪا ديوي ۽ ايلا ديوي پنهنجي وچين ڀيڻ گياتري ديويءَ وانگر کڻي گهڻيون سهڻيون نه هيون ۽ نه ايترو هر فن مولا هيون. البت ايلا ديويءَ کي سندس ننهن ۽ پوٽين ڪري اسان جا بالي ووڊ فلمن جا شوقين سڃاڻي سگهن ٿا. ايلا ديويءَ کي مهاراجا تريپورا مان 1941ع ۾ هڪ پٽ مهاراجڪمار ڀرت ڪشور (جيڪو شهزادو هَبي به سڏجي ٿو) ڄائو. هن جي شادي ان وقت جي مشهور بنگالي فلم ائڪٽريس سُچيترا سين (جنهن 1955ع جي هندي فلم ديوداس ۾ به ڪم ڪيو) جي ڌيءَ ”مون مون سين“ سان ٿي. 1960ع واري ڏهي ۾ جڏهن اسان ايسٽ پاڪستان (مشرقي بنگال) ۾ پڙهندا هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ اسان جا بنگالي ڪلاس ميٽ سُچيترا سين جي فلمن جا عاشق هوندا هئا. هوءَ هر فلم ۾ گهڻو ڪري انڊين ائڪٽر اتم ڪمار سان گڏ هيروئن ٿيندي هئي. سُچيترا سين پهرين بنگالي فلم ائڪٽريس آهي جنهن کي 1963ع ۾ بين الاقوامي ايوارڊ مليو. کيس انڊيا جو وڏي کان وڏو ايوارڊ پدماشري به مليو. هن کي اڪثر ان وقت جي انگريزي فلمن جي مشهور سئيڊش فلم ائڪٽريس ”گريتا گاربو“ سان ڀيٽيو و يو ٿي. انڊيا جي وزير اعظم اندرا گانڌيءَ کان متاثر ٿي بالي ووڊ وارن جيڪا 1974ع ۾ ”آنڌي“ فلم ٺاهي هئي ان ۾ سُچيترا کي Best Actress جو ”فلم فيئر“ ايوارڊ مليو هو ۽ بيسٽ ائڪٽر جو سنجيو ديو کي مليو هو جنهن ان فلم ۾ سُچيترا سين جي مڙس جو پارٽ ادا ڪيو هو.
هونءَ بنگالي ائڪٽر اتم ڪمار جنهن سان گڏ سُچيترا اڪثر فلمن ۾ آئي ٿي جيڪو عمر ۾ سُچيترا کان چار پنج سال وڏو هو (سُچيترا جي ڄم جو سال 1931ع هو ۽ اتم ڪمار جو 1926ع) وڏو قابل ۽ ماڻهن جو (خاص ڪري بنگالين جو) دلپسند اداڪار هو جيئن دليپ ڪمار اسان وٽ هو. اتم ڪمار ۾ ڪيتريون ئي خوبيون هيون. هو ائڪٽر، ڊائريڪٽر، سنگر، پروڊيوسر، ميوزڪ ڪمپوزر ۽ پلي بئڪ سنگر هو. چون ٿا ته هن سان برابري ڪرڻ وارو انڊيا ۾ ڪو ائڪٽر ناهي. پاڻ 1980ع ۾ گذاري ويو. ڪولڪاتا ۾ سندس نالي ٿيٽر (Uttam Mancha) آهي. ڪولڪاتا جي تولي گنج ميٽرو اسٽيشن وٽ اتم ڪمار جو وڏو بت Statue رکيل آهي ۽ اتم جي ياد ۾ هن اسٽيشن (تولي گنج) جو نالو ”مها نائڪ اتم ڪمار ميٽرو اسٽيشن“ رکيو ويو آهي. انڊيا حڪومت هن اداڪار جي ياد ۾ پوسٽ جي ٽڪلي به جاري ڪئي آهي. ان کان اڳ پرٿوي راج، گرودت ۽ نرگس دت جي ياد ۾ به ان قسم جون ٽڪليون جاري ٿي چڪيون آهن. مون ٻڌو آهي ته انڊيا جو پوسٽ کاتو زندهه فنڪارن جون به ٽڪليون جاري ڪري رهيو آهي جن ۾ شاهه رخ خان، ثانيا مرزا ۽ سچين ٽينڊولڪر به شامل آهن. ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن اسان وٽ به عابده پروين، روبينه قريشي، محمد يوسف، محمد جمن جهڙن ڳائڻن جون به ٽڪليون نظر اچن .... باقي ڪرڪيٽ، هاڪي يا ٻين قومي راندين ۾ ته في الحال چئن مان ٻن صوبن جو ته ڪو ايڪسٽرا ۾ به نظر نٿو اچي.
بهرحال هتي اسان مهاراڻي گياتري ديويءَ جي ڀاڻيجي (ايلا ديوي جي اڪيلي پٽ) مهاراجڪمار ڀرت ڪشور جي زال ”مون مون سين“ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جيڪا انڊيا جي بنگالي فلمن جي مشهور ائڪٽريس ”سُچيترا سين“ جي ڌيءَ آهي. ماءُ وانگر مون مون سين به انڊيا جي هڪ ناليواري اداڪارا آهي جنهن بنگالي، هندي، تامل، تيلگو، مليالم، مرهٺي ۽ ڪنهڙ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. ”مون مون سين“ جو پيءُ اديناٿ سين ڪلڪتي جو امير ترين بزنيس مئن هو. مون مون سين شلانت شهر جي انگريزي اسڪول ”لوريٽو ڪانوينٽ“ مان پڙهڻ بعد آڪسفورڊ انگلنـڊ جي Somerville ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي ۽ ان بعد ڪلڪتي جي ”جاد اوَ پُر يونيورسٽيءَ“ مان انگريزي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي. (ڪلڪتا Calcutta کي اڄ ڪلهه اصلي بنگالي نالي ڪول ڪاتا Kolkata سان سڏين ٿا). فلمن ۾ اچڻ کان اڳ مون مون سين ڪلڪتي جي بالي گنج بئائز اسڪول ۾ انگريزي پڙهائي ٿي. سندس شادي 1978ع ۾ ٿي وئي هئي. فلمن ۾ جڏهن هوءَ آئي ته ماءُ بڻجي چڪي هئي. هندي فلمن ۾ 1984ع جي اندر باهر، 1986ع جي محبت ڪي قسم، 1987ع جي پيار ڪي جيت، 1993ع جي زخمي دل، 1991ع جي 100 Days جنهن ۾ هن ماڌوري ڊڪشٽ سان گڏ ڪم ڪيو آهي .... اپنا ديس پرائي لوگ، بهار آني تڪ، بارود، مل گئي منزل مجھي .... وغيره آهن.
”مون مون سين“ کي ٻه ڌيئون: رياسين ۽ رائما سين ٿيون جيڪي پڻ بالي ووڊ دنيا جون مشهور اداڪارائون آهن. ”ريا سين“ جيڪا هن وقت 35 سالن جي آهي فلم ائڪٽريس سان گڏ ماڊل به آهي. سندس 2003ع جي فلم ”جھنڪار بيٽس“ انگريزي ۽ هنديءَ ۾ آهي ان کان علاوه 2005ع جي فلم ”شادي نمبر ايڪ“ ڪافي هلي. هن جي پهرين انگريزي فلم It was raining that Night دراصل مشهور بنگالي فلم: ”هيئي برشتير رات“ جي Remake آهي. پاڻ بنگالي، تامل، تيلگو، مليالم فلمن ۾ به ڪم ڪيو اٿس. گذريل دفعي ملائيشيا هوس ته ڪوالالمپور جي هڪ سئنيما هال ۾ انگريزي نالي Bharathi Raja’s Taj Mahal واري هڪ تامل فلم هلي رهي هئي. ياد رهي ته ملائيشيا جي آدم شماريءَ ۾ اٽڪل 10 سيڪڙو انڊين آهن. ان ڏهه سيڪڙو مان سمجھو ته 9 حصا ڏکڻ هندستان جا تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪنهڙ ٻوليون ڳالهائڻ وارا آهن ۽ باقي هڪ حصو پنجابي ڳالهائڻ وارا سک، مسلمان، گجراتي، سنڌي (هندو)، بوهري، پٺاڻ وغيره آهن. سو ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ هندي (اڙدو) کان وڌيڪَ تامل ۽ مليالم فلمون هلن ٿيون.
رياسين لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ پنهنجي ڏاڏيءَ ايلا ديوي ۽ ان جي ڀيڻ گياتري ديوي وانگر چڱي خاصي سهڻي آهي ۽ انڊيا جي عورتن جي رسالي فيمينا ۾ انڊيا جي 50 خوبصورت عورتن ۾ نائين نمبر تي آئي هئي.
ريا سين به ماءُ وانگر ڪلڪتي جي لوريٽو ڪانوينٽ اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ”راني برلا گرلس ڪاليج“ مان گرئجوئيشن ڪئي جيڪو ڪاليج ڪلڪتا يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي. ان بعد هُنَ نئشنل انسٽيٽيوٽ آف فئشن ٽيڪنالاجي“ مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪجهه عرصو هابيءَ خاطر جيولري ڊزائيننگ ڪندي رهي. ان کان علاوه ريا ڪٿڪ ۽ ٻيون ڊانسون پڻ سکيون. هتي آئون راجائن، راڻين، شهزادين، شهزادن فلمي اداڪارن ۽ شاهي خاندانن جي مردن توڙي عورتن جي تعليم بابت ان ڪري لکان ٿو ته اسانجو ماڻهو اهو محسوس ڪري سگهي ته ملائيشيا وانگر انڊيا جو به غريب غربو توڙي امير ـــ جنهن کي ڀلي نوڪريءَ جي ضرورت نه هجي ۽ هو اڪيلو پٽ يا ڌيءَ هجي ۽ سندس ماءُ پيءُ جي دولت ايتري هجي جو گهر ويٺي ست پيڙهيون کائين، ان هوندي به هو پنهنجن ٻارن کي گهڻي کان گهڻي تعليم ڏيڻ ضروري سمجھن ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ، سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي باقي گهڻي ڀاڱي پيرن، ميرن، وڏيرن، وزيرن، سياستدانن، اعليٰ ڪامورن جا ٻار بهتر تعليم کان ٽهندا وتن. جهڙا تهڙا ڪلاس اٽينڊ ڪري ڪاپيءَ جي زور تي ڪا معمولي ڊگري مس وٺڻ ۾ به وڏي ڳالهه سمجھن ٿا. هو اهو ئي سمجھن ٿا ته وڏن ماڻهن جا ٻار هجڻ جي ناتي کين ئي وڏيون نوڪريون ملي وينديون. ۽ پوءِ مقابلي جا امتحان پاس ڪرڻ بنا وڏا عهدا حاصل ڪري نه صحيح طرح ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ آفيسن ۾ اچن ٿا ۽ نه عوام جا ڪم ڪن ٿا.
بالي وڊ ائڪٽريس ’رياسين‘ وانگر سندس ٻه سال وڏي ڀيڻ ’رائماسين‘ به پهرين بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪيو. ريما ڪيترين ئي هندي فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي جهڙوڪ: گاڊ مدر، دامن، ياترا، دس، منوراما سڪس فيٽ انڊر..... وغيره. ۽ هوءَ به ڀيڻ، ماءُ، ناني وانگر اعليٰ تعليم يافته آهي.

آفريڪي سياست جو هڪ افسانوي ڪردار

گذريل پنجاهه سالن جو جائزو ٿو وٺان ته پنهنجي آس پاس جي ملڪن ۾ ڇا ڇا نه ڦيرا آيا! سٺ واري ڏهاڪي ۾ (1963ع) ۾ جڏهن جهازراني ۽ جهاز سازي جي تعليم لاءِ مئرين اڪيڊمي ۾ داخلا ورتيسين ته پنهنجن استادن (جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جيڪي سامونڊي نوڪري ڇڏي اسان کي پڙهائي رهيا هئا) کان عدن (يمن جي بندرگاهه)، شنگهائي (چين) ۽ ڪولمبو (سريلنڪا جيڪو ان وقت سلون سڏبو هو، ان جي بندرگاهه) جون خبرون ٻڌندا هئاسين. اسان جا استاد وڏي چَس سان انهن بندرگاهن ۾ گهاريل ڏينهن جون ڳالهيون اسان کي ٻڌائيندا هئا. عدن ۽ ڪولمبو اهي بندرگاهه هئا جِتي هر وقت ٽوئرسٽن جا ميلا متل هئا. شهر جون بازاريون سڄي رات کليل هونديون هيون ۽ پئسي جي خوب ريل پيل هلي ٿي ۽ هر مڪاني ماڻهو ـــ امير توڙي غريب غربي جي خوب ڪمائي ٿي ٿي. چوڌاري خوشحالي جون ڳالهيون هيون .... ۽ پوءِ اسان جي تعليم دوران ئي سلون ۽ يمن جي سياست ۾ تبديليون آيون ۽ چين ۾ ته 1949 کان مائوزي تُنگ اهڙو ڏنڊو کنيو جو سڀ پورهئي ۾ لڳي ويا ۽ رنگينيون غائب ٿي ويون .... اهي ملڪ نالي ماتر ڪميونزم جي اثر هيٺ آيا ۽ ستاستدانن اهو ئي بانور ڪيو ٿي ته ملڪ جو هر ماڻهو برابر جو خوشحال ٿي ويندو. پر ٿيو ائين جو عوام غريب ٿيڻ لڳو ۽ سياستدان ويا امير ٿيندا. 1968ع ڌاري جڏهن اسان سامونڊي سفر شروع ڪيا ته ڪولمبو ۽ عدن جو ٻيڙو ٻڏي چڪو هو. هاڻي اتي نه اهي ٽوئرسٽن جا ميلا هئا نه خوشحالي. ملڪ جي حاڪمن اهڙا جنتر منتر ڪيا جو عوام جا حال برا پر سندن ٽجوڙيون ڀريل. عدن (يمن) جو اڄ به ساڳيو حال آهي، ڪولمبو (سريلنڪا) مڙيئي recover ٿي رهيو آهي. اسان جڏهن جهاز هلايا ته انهن ڏينهن ۾ ڪولمبو ۽ عدن جون سِڪون هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ٿي لاٿيون. پر اهي ڪافي اڳتي هلي 1975ع ڌاري بهتر بندرگاهه ٿيڻ لڳا ۽ هاڻ ته يورپ کان به اڳتي آهن. پر اسان جا شروع وارا سال 1968ع کان اٽڪل 1975ع تائين به اهي ٻئي ملڪ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ دو نمبري ۽ ٺڳ سڏبا هئا. ڏينهن ڏٺي جو به چوري چڪاري ۽ جيب ڪتري لڳي رهي ٿي. پوءِ لي ڪئان يو جهڙي سنگاپوري وزير اعظم ۽ ٻئي پاسي ملائيشيا ۾ مهاتير محمد ۽ هانگ ڪانگ ۾ انگريز سرڪار قاعدا قانون اهڙا ته سخت ڪيا ۽ عدل انصاف ايترو ته ڪيائون جو ڏسندي ئي ڏسندي هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ پينانگ جهڙا بندرگاهه ۽ ملڪ ويا امير ٿيندا .... حڪومت ترقياتي فندن سان پنهنجا کيسا ڀرڻ بدران ملڪ جي ترقي تي زور ڏنو.
ساڳي وقت ڪي اسان جهڙا ملڪ به هئا جيڪي جيتوڻيڪ دنيا جي خوشحال ملڪن مان هئا پر هڪ ٻئي پويان اهڙا سياستدان ايندا ويا جن ترقي فقط وٺرائي پنهنجي ڪاروبار کي، پنهنجن مٽن مائٽن کي .... باقي ملڪ جي سا ڀينگ ڪري ڇڏي. هر حاڪم حڪومت جون واڳون حاصل ڪرڻ کان اڳ عوام کي فقط خواب ڏيکاريندو رهيو ٿي ته موجودهه حاڪم ۽ ان جي حڪومت ڪرپٽ آهي .... کيس ملڪ جون واڳون ملڻ تي هو کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائي ڇڏيندو. پر پوءِ قدرت کيس وارو ٿي ڏنو ته پاڻ پهرين حاڪم کان به وڌيڪَ ملڪ جي ستياناس ڪئي ٿي ۽ عوام سان ظلم ڪيو ٿي. اهو حال ۽ بدنصيبي نه فقط ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن سان رهيو پر آفريڪي ملڪن سان پڻ.
اڄ کان پورا يارنهن سال اڳ هن مهيني آگسٽ ۾ سعودي عرب جي هن شهر جدي جي اسپتال ۾ جتان هي لکي رهيو آهيان. هڪ اهڙي آفريڪي ملڪ يوگنڊا جي سياستدان عيدي امين جي وفات ٿي هئي جيڪو پنهنجي ملڪ جي ستياناس ڪري 1978ع ۾ پنهنجي ملڪ مان جان بچائي ڪجهه سال لبيا ۽ عراق ۾ گذاري هِتي جدي ۾ اچي پناهه ورتي هئي ۽ پوءِ مرڻ گهڙيءَ تائين هِتي ئي لڪي رهيو.
عيدي امين جو يوگنڊا ۾ پهرين جنوري 1925ع تي هڪ مسلمان قبيلي ڪاڪوا ۾ جنم ٿيو ۽ 16 آگسـٽ 2003ع تي ڪجهه ڏينهن وينٽيليٽر مشين ذريعي جيئرو رکڻ بعد هميشه لاءِ تابوت ۾ بند ڪري کيس دفن ڪيو ويو. سندس مرڻ جي خبر اسان سندس فوٽو سان گڏ جدي جي انگريزي اخبار ”عرب نيوز“ ۾ پڙهيسين. سندس اهو فوٽو 1972ع جو يوگنڊا جي گادي واري شهر ’ڪمپالا‘ ۾ نڪتل هو جنهن ۾ هو شام جي صدر حافظ الاسد، مصر جي صدر انور سادات ۽ لبيا جي سربراهه ڪرنل قذافي سان گڏ بيٺل نظر اچي رهيو هو.
تعليم دوران عدن ۽ ڪولمبو سان گڏ اسان آفريڪا جي هن ملڪ يوگنڊا جي به خوب تعريف ٻڌندا هئاسين. يوگنڊا ڪو سامونڊي ڪناري وارو ملڪ ناهي. اهو افغانستان ۽ سئٽزرلئنڊ وانگر Land Locked آهي جنهن جي چوڌاري مختلف آفريڪي ملڪ: ڪينيا، سوڊان، ڪانگو، روانڊا ۽ تنزانيا آهن. سو يوگنڊا کي سمنڊ ته نه آهي پر قدرت طرفان هن ملڪ کي دنيا جي خوبصورت ڍنڍ آهي جنهن جو نالو ’وڪٽوريا‘ آهي. ان جو ڪنارو ڏئي هلجي ته 3000 ميل يعني 4830 کن ڪلوميٽر فاصلو ٿيندو ۽ مزي جي ڳالهه اها ته هيءَ ڍنڍ اهڙي هنڌ تي آهي جِتي يوگنڊا سان گڏ ڪينيا ۽ تنزانيا جو بارڊر ملي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ڍنڍ جو وڏو حصو يوگنڊا ۽ تنزانيا ۾ اچي ٿو .... اٽڪل 12 ۽ 13 هزار چورس ميل ۽ اهڙا ڏيڍ هزار چورس ميل ڪينيا ۾ اچن ٿا. يعني هيءَ ڍنڍ سمجھو ته سنڌ جي اڌ جيتري آهي جو سنڌ صوبي جي پکيڙ 54 هزار چورس ميلن جي لڳ ڀڳ آهي. هن ڍنڍ جي چوڌاري ڪيترائي سهڻا بندرگاهه آهن جيئن ته ڪينيا جا شهر ڪِسومو ۽ ڪِي سيئي (Kisii)، يوگنڊا جي گاديءَ جو شهر ڪمپالا (جنهن کي ڪينيا جي سامونڊي بندرگاهه ممباسا سان ڳنڍڻ لاءِ انگريزن اڄ کان سؤ سال اڳ ريل شروع ڪئي)، اينتيبي ۽ جِنجا. اهي آخري ٻه شهر يعني وڪٽوريا ڍنڍ جا بندرگاهه پڻ بيحد تاريخي ۽ سهڻا آهن ’جِنجا‘ وٽان ته هن ڍنڍ جو پاڻي درياهه جي صورت ۾ٻاهر نڪري ٿو جيڪو سفيد نيل درياهه يا ندي سڏجي ٿو. اهڙي طرح تنزانيا واري حصي ۾ ٽي ته تمام اهم بندرگاهه آهن، جيئن ته: موانزا، مُوسوما ۽ بُوڪوبا.
وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري وارن شهرن جنجا، ڪمپالا، ڪسومو وغيره جي وچ ۾ موٽر لانچون ۽ فيريون هلن ٿيون .... ۽ هڪ اهڙو وقت به هو جو وڏن جهازن تي وڏن سمنڊن مٿان وڏا سفر ڪرڻ بدران وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري بندرگاهن ۾ يا وري هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ ۾ هلندڙ ڪنهن فيريءَ تي نوڪري ڪرڻ جو مونکي ڏاڍو شوق ٿيو جنهن نوڪريءَ ۾ رات جو جهاز تي سمهڻ بدران جنجا يا ڪولون ۾ مليل گهر ۾ سڪون جي ننڊ ڪرڻ جو موقعو مليو ٿي. بهرحال اسان جي تعليم وارن ڏينهن ۾ وڪٽوريا ڍنڍ جا ڪمپالا ۽ جنجا شهر (بندرگاهه) به بلي بلي هئا جن جون خبرون اتي جون فيريون هلائڻ وارن کان علاوه ڪراچيءَ جا آغا خاني ۽ بوهري به خوب ڪندا هئا جو اتي ننڍي کنڊ جا بوهري، کوجا، هندو سنڌي، گجراتي وغيره واپار تي ڇانئيل هئا جن انگريزن جي دور حڪومت ۾ ڪينيا، يوگنڊا توڙي ممباسا ۽ زنجبار (Zanzibar) ۾ اچي ڄمايو هو.... يوگنڊا ته ملڪ ئي اهڙو هو جنهن ۾ ڪو به آيو ٿي ته ان کي دل ڏئي ويٺو ٿي .... تڏهن ته برطانيه جي وزير اعظم چرچل چيو ته Uganda is a pearl of Africa .... يعني يوگنڊا آفريڪا جو هيرو موتي آهي.
اسان جن ڏينهن ۾ سامونڊي سفر شروع ڪيا ۽ يوگنڊا جي ڀر وارن بندرگاهن ممباسا، زنجبار وغيره وڃڻ شروع ڪيوسين ته انگريز وڃي چڪا هئا. ڪينيا توڙي يوگنڊا آزاد ٿي چڪا هئا. حڪومت سندن مقامي ماڻهن جي هٿن ۾ اچي چڪي هئي. ڪينيا جو وزير اعظم ’جوموڪينياتا‘ هو. ان جي ملڪ ۾ تعريف هئي باقي يوگنڊا جي وزير اعظم ملٽن اوبوٽي ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي هئي ۽ ماڻهن جي واتن تي اهو ئي هو جيڪو اسانجي ملڪ ۾ عام آهي ته .... اسان جي حاڪمن کان ته انگريز بهتر هئا.
1971ع ۾ يوگنڊا جي فوجي آفيسر عيدي امين جيڪو ”دادا“ جي نالي سان به مشهور هو، فوجي انقلاب ذريعي ملڪ جو سربراهه ٿيو. اسان جو جهاز سندربنس انهن ڏينهن ۾ اتي ممباسا ۾ هو ته اسان عيدي امين جون ”ميري هم وطنو ....“ قسم جون تقريرون مڪاني انگريزي اخبارن ۾ پڙهيوسين. دراصل ملڪ جو چونڊيل وزير اعظم ملٽن اوبوٽو UNO جي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ سنگاپور ويو هو جِتان موٽيو ته يوگنڊا جي فوج ايئرپورٽ تي توبن ٽينڪن سان گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ملڪ جي گادي وارو شهر ڪمپالا مڪمل طور فوج جي قبضي ۾ ٿي ويو. اوبوٽو وزارتِ عظما تان هٿ کڻي چپڙي ڪري ڀر واري ملڪ ڪينيا جي گاديءَ واري شهر ’نئروبي‘ روانو ٿي ويو.
ست سالن تائين ملڪ جو هيوي ويٽ باڪسر عيدي امين ريڊيو تان خطاب ڪندي اهو جتائيندو رهيو ته چڱو جو آئون آيس ملٽن اوبوٽي جي حڪومت سخت مالي بدعنوانين جو شڪار ٿي چڪي هئي. ان ڪري جو ان جي وزيرن وٽ ڪارن بدران هوائي جهاز هئا ۽ غريب عوام ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ پريشان هئي .....“ وغيره.
عيدي امين جي پهرين تقرير بعد يوگنڊا جا شهري عيدي امين جي حق ۾ نعرا هڻندا گهٽين ۾ نڪري آيا ۽ عيدي امين جي حڪومت جو وڏي جوش سان استقبال ڪيو.... جيئن ضيا يا مشرف جي اچڻ تي اسان جي ماڻهن مٺايون ورهائڻ شروع ڪيون ٿي. اخبارن ۾ فوٽو ڏسندا هئاسين ته عيدي امين جي اچڻ تي ماڻهو خوشيءَ وچان نچي رهيا هئا. سڄي آفريڪي ريجن ۾ اها لهر هئي ته عيدي امين يوگنڊا کي اهڙو ته ٺاهي وٺندو جو اهڙو انگريزن جي ڏينهن ۾ به نه هو. گذريل وزير اعظم ملٽن اوبوٽو جي ظلمن کان تنگ آيل برطانيا ۽ يورپ جا ملڪ به في الحال عيدي امين جي انقلاب کي قبول ڪري يوگنڊا سان سٺا تعلق قائم ٿيڻ جون نيڪ تمنائون ۽ خواهشون رکڻ لڳا .... پر سائين ڪي هفتا به نه گذريا ته عيدي امين ملڪ ۽ عوام کي ائين لٽڻ ۽ ظلم ڪرڻ لڳو جو سڄي دنيا حيرت ۾ پئجي وئي.
عيدي امين ڊگهي قد ۽ مضبوط جسم ڪري 1949ع ۾ انگريزن جي فوج ۾ بورچي طور چونڊيو هو .... پوءِ آهستي آهستي وڌندو رهيو. يوگنڊا کي خودمختياري ملڻ وقت يوگنڊا جا فقط ٻه ماڻهو فوج جا ڪميشنڊ آفيسر هئا جن مان هڪ ليفٽيننٽ عيدي امين هو. ان بعد تڪڙين ترقين ڪري پنجن سالن ۾ هو ڪرنل ٿي ويو ۽ پوءِ يڪدم برگيڊيئر ۽ فوج جو جنرل به ٿي ويو. پنهنجي پروموشن ڪرائڻ وارو به پاڻ هو يا سندس دوست ملڪ جو وزير اعظم ملٽن اوبوٽو.... جنهن سان شروع ۾ ملي هنن ٻنهي ڀر واري ملڪ ڪانگو مان سون سمگل ڪيو ٿي ۽ ڪينيا مان عاج.... جيڪو پوءِ گجراتي سيٺين کي وڪڻي ڪمايل پئسو شراب، جوا ۽ عورتن پٺيان خرچ ڪيو ٿي.
فوجي انقلاب بعد عيديءَ انڊين واپاري توڙي ٻيا ايشيائي ماڻهو پنهنجي ملڪ يوگنڊا کان ڀڄائي ڪڍيا جن جو تعداد ڇهه لک کن چيو وڃي ٿو. ان کان علاوه مخالف قبيلن توڙي ناپسند آفيسرن جي مار مارا به ڏاڍي ڪئي. عيدي جي ان ظلم جون ڪهاڻيون عيدي جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد سندس هڪ سابق وزير “A State of Blood” نالي ڪتاب ۾ لکيون آهن جيڪو 1977ع ۾ ڇپيو هو. ان موجب امين ٽن لکن ماڻهن جو قتل ڪرايو.
عيدي امين 8 سال حڪومت ڪئي. 1979ع ۾ سندس فوج ڀر واري ملڪ تنزانيا تي حملو ڪيو پر تنزانيا جي فوجين نه فقط يوگنڊا جي فوج کي پنهنجي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو پر يوگنڊا جي گاديءَ واري شهر ڪمپالا تائين اچي پهتي. عيدي امين جان بچائي سعودي عرب ۾ وڃي پناهه ورتي جِتي هو مرڻ گهڙيءَ تائين ويٺو رهيو. ملڪ جو وري ساڳيو پُراڻو وزير اعظم ملٽن اوبوٽو سربراهه ٿيو جنهن باقي رهيل سهيل ڪسر پوري ڪئي. يوگنڊا جهڙو سهڻو ۽ سکيو ستابو ملڪ تباهه ٿي ويو .... جنهن کي پنهنجن ئي تباهه ڪيو. اڄ ڪلهه ملڪ جو سربراهه ’يوويري موسوويني‘ آهي جيڪو گهڻو بهتر لڳي ٿو ۽ هو سري لنڪا وانگر پنهنجي اجڙيل مڪ کي هاڻ خوشحالي ڏي وٺي وڃي رهيو آهي. هن يوگنڊا کي ڇڏي ويل انڊين واپارين کي به موٽي اچي ڪاروبار ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. عوام جي بنيادي سهولتن جو به هو سٺو خيال رکي رهيو آهي .... جنهن کان ٿو پڇجي ته اهو سک جو اظهار ڪري ٿو.
منهنجي خيال ۾ آفريڪا جو ڪو به ليڊر ايتري ننڍي عرصي ۾ مشهور نه ٿيو هوندو جيترو عيدي امين. اڄ ڪلهه نظر ايندڙ گلوبٽ وانگر جيڪو ڪڏهن ڪارن جا شيشا پيو ڀڃي ته ڪڏهن هٿ ۾ تسبي کڻي ڪورٽ ۾ گهڙڻ کان اڳ سجدا پيو ڪري..... ان جهڙي اداڪاري عيدي امين ٿي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال بند هو سو اسانکي ڪراچي کان لنڊن يا نيويارڪ وڃڻ لاءِ به سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻ پيو ٿي ۽ ممباسا جهڙن بندرگاهن ۾ لنگر انداز ٿيڻ سان عيدي امين جا نوان چرچا، قصا ڪهاڻيون ۽ ظلم جا داستان ٻڌبا هئا. ملڪ جي ڀينگ ٿيندي رهي هو شاديون ڪندو رهيو. ملڪ جو خزانو خالي ڪري لبيا ۽ سعودي عرب کان پنندو رهيو _ جيڪي ملڪ هن کي وڏو مسلمان سمجھڻ لڳا هئا. انهن کي ڏيکارڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن مسجدون ٺهرائڻ جا اعلان ڪندو رهيو باقي کيس نماز جو هڪ وقت پڙهندي به ٻرو ٿي چڙهيو. 1975ع ۾ پنهنجو پاڻ جنرل مان پروموشن حاصل ڪري فيلڊ مارشل ٿي ويو. ان کان علاوه هو پنهنجو پاڻ کي مختلف لقبن سان سڏائڻ لڳو، جيئن ته: هز ايڪسيلنسي، پريزيڊنٽ آف لائيف، فيلڊ مارشل الحاج ڊاڪٽر عيدي امين دادا، وائيس چانسلر، Conqueror of the British Empire (CBE)وغيره وغيره. عيدي امين جي اهڙن چريائپ وارن ڪمن کي دنيا جي ميڊيا خوب مشهور ڪيو ۽ سندس ڪوڙيون سچيون ڳالهيون هر وقت اخبارن جي زينت رهيون ٿي. هن بابت ڪي ڪهاڻيون يا خبرون ٺلها افواهه ۽Myth به هئا ته ڪيترين ۾ حقيقتون به هيون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو سٺو باڪسر هو. ڀر وارن ملڪن تنزانيا، ڪينيا يا ڪانگو جي حڪومت سان اختلاف ٿيندو هوس ته اتي جي ليڊرن کي دڙڪو ڏئي چوندو هو ته توهان پاڻ کي سمجھو ڇا ٿا. طاقت اٿانوَ ته اچي مون سان باڪسنگ جو مقابلو ڪريو. سٺو گٽار وڄائڻ وارو ۽ Swimmer (تارو) پڻ هو
هو هميشه اهڙا ڪم ڪندو هو جو ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا. هڪ دفعي فل يونيفارم ۾ کڻي سئمنگ پول ۾ ٽپو ڏنائين ۽ ٻين کي پنهنجي ترڻ جا ڪرتب ڏيکارڻ لڳو. هو ڪڏهن ڪنوار وانگر ڏوليءَ ۾ سفر ڪندو هو ۽ اها ڏولي گورن انگريز ملازمن کان کڻائيندو هو ۽ بين الاقوامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوندو هو ته: ”انگريزن کي محسوس ٿيڻ کپي ته هاڻ اسان آزاد آهيون ۽ هي عمل اسان بدلي طور ڪري رهيا آهيون. ڪڏهن هنن جي حاڪمن جو ڏوليون يوگنڊا جا شهري کڻندا هئا .... هاڻ منهنجي ڏوليءَ کي انگريز کڻي رهيا آهن. منهنجي هن عمل سان يوگنڊا جي عوام کي تسڪين حاصل ٿئي ٿي.“
عيدي امين ڪوڙ به خوب ڪٽيندو هو. پاڻ به پڏائيندو هو. تعليم فقط چار درجا هيس پر غلط سلط انگريزي ڳالهائيندي شرم ته نه ايندو هوس بلڪه پاڻ کي وڏو انگريزدان سمجھندو هو.
عيدي امين بي انتها ظالم ۽ خوني هو. سندس لاءِ مشهور آهي ته مخالفن جا سر ريفريجريٽر (Cold storage) ۾ رکي ڇڏيندو هو جن کي وقت بوقت ڏسي خوش ٿيندو هو. هڪ دفعو ته سندس لاءِ اهو به مشهور ٿيو ته عيدي امين آدمخور آهي. اها خبر اسان 1977ع ۾ يوڪوهاما (جپان) ۾ اتي جي انگريزي اخبار ”اساشي“ ۾ پڙهي. آفريڪا جي سخت گرميءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فل يونيفارم ۾ بيهي فوجين کان سلامي وٺندو هو. ڳالهه ڳالهه تي پاڻ کي انعام ۽ ايوارڊ طور ميڊل ڏيندو هو. انهن ميڊلن (ٻِلن) جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو هن پنهنجي ٽيونڪ ڪوٽ (جيڪو اڇي شيرواني ٽائيپ بشرٽ وانگر ٿئي) کي گوڏن کان به هيٺ تائين ڊگهو سبرايو جيئن ان تي سڀ ميڊل لڳي سگهن.
عيدي امين لاءِ مشهور آهي ته هن پنهنجي اڌ ڊزن زالن مان هڪ کي چچري ماري ڇڏيو. اها ڳالهه 1980ع واري انگريز فلم Rise & Fall of Idi Ameen ذريعي پڻ دنيا ۾ مشهور ٿي. سندس ظلم جا داستان ۽ چريائپ جا قصا هڪ ٻي انگريزي فلم ”دي لاسٽ ڪنگ آف اسڪاٽلئنڊ“ ۾ به ڏيکاريا ويا آهن جيڪا فلم 2006ع ۾ رليز ٿي هئي.
عيدي امين جيسين پاور ۾ هو يوگنڊا جي پريس جيڪا ظاهر آهي سندس چنبي هيٺ هئي، کيس وڏو اڪابر، ڏاهو، پهلوان، دلير ۽ دانشور طور پيش ڪندي رهي. پاڻ به پنهنجن چمچن کان پنهنجي تعريف ٻڌي کڳيون هڻندو هو پر ٻاهر جي پاپولر ميڊيا کيس چريو، ظالم، ٺڳ، لٻاڙي، ڪوڙو ۽ ڊرامي باز چوندي رهي. 1977ع جي ٽائيم مئگزين ۾ جيڪو عيدي امين تي مضمون ڇپيو هو ان ۾ عيدي امين لاءِ لکيل هو ته هو: Killer & Clown, Big Hearted Buffoon & Strutting Martinet آهي.
عيدي امين تي ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. شوقينن لاءِ هي ڪتاب پڙهڻ وٽان آهن.
ٿامس پئٽرڪ جو: Hitler in Africa
ڊئوڊ مارٽن جو: General Amin
۽ جميلا صديقيءَ جا ٻه ڪتاب: Bombay Gardens ۽ The Feast of Nine Virgins.

مائرون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون ..

راڌڻ اسٽيشن جو اسان جو شاعر دوست ڊاڪٽر ديدار جوڻيجو، اسانجو فئملي ڊاڪٽر به آهي. هو ڪراچي جي جناح اسپتال جي ”شعبه نومولود“ (Department Neonatology) جو هيڊ ٿي رهيو ۽ هاڻ گذريل سال رٽائرڊ ٿيڻ تي”ٽن تلوارن“ وٽ هلال احمر واري بلڊنگ ۾ هفتي جا ٽي ڏينهن پنهنجي ڪلينڪ ۾ مريض ڏسي ٿو باقي ڏينهن هو پنهنجي دوستن يارن ـــ خاص ڪري اديبن، سان ملي جلي ٿو ۽ شعر و شاعري ڪري ٿو. هو ”ٿوري ڪمائي، گهڻي برڪت“ ۾ يقين رکي ٿو ۽ سڄي زندگي سادگي ۽ مسواڙ جي گهر ۾ گذاري اٿس. هاڻ رٽائرمينٽ تي مليل فنڊ مان ننڍڙو فلئٽ ورتو اٿس. رب پاڪ هن جي هٿن ۾ شفا ڏني آهي سو امير توڙي غريب هن جي ننڍڙي ڪلينڪ ۾ موجود هوندا آهن. ڪيترا دفعا مونکي ڪراچي جي ڏورانهن علائقن بابا ڀٽ ٻيٽ ۽ ملير لانڍي کان جاتي ۽ ڪيٽي بندر کان آيل مريض نظر آيا هوندا..... جيڪي خبر ناهي ڪيئن فقط ڀاڙو ڀري هن وٽ پهچن ٿا. هن جو پنهنجي ڪمپائونڊر کي چيل آهي ته ڪنهن کي في ڏيڻ جي طاقت نه آهي ته ان کان نه وٺندو ڪر. پئسي جي لالچ نه هجڻ کان علاوه سندس خرچ به گهٽ آهن جو هن جي ننڍڙي فئملي آهي ـــ بلڪه تمام ننڍڙي فئملي! پاڻ، گهر واري ۽ هڪ ڌيءَ درِ شهوار. پاڻ ڳوٺ جو ٿي ڪري تعليم تي توجهه ڏنائين ۽ هميشه پوزيشن کنيائين. اهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي ڌيءَ کي به پني جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر علم حاصل ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو آيو. درِ شهوار پنهنجي والد ۽ چاچن اکين جي ماهر ڊاڪٽر تميز جوڻيجو ۽ انجنيئر نذير جوڻيجو وانگر سٺن گريڊن سان گرئجوئيشن ڪئي. ٻه ٽي مهينا اڳ ڊاڪٽر ديدار کان در شهوار جو پڇيم ته هن ٻڌايو ته ”هن Law ڪيو آهي ۽ جج ٿيڻ ٿي چاهي جنهن جو ٽيسٽ ۽ انٽرويو ٿيڻ وارو آهي.“ ۽ پوءِ ڪجهه سيڪنڊن لاءِ سوچي، مونکان پڇيو: ”ڪو جج سڃاڻو اٿانوَ؟“ ۽ آئون اهو چوڻ جو سوچي رهيو هوس ته آهن ته صحيح پر ان معاملي ۾ سفارش ڪرڻ تي نه منهنجو ضمير چوندو ۽ نه ڪو جج اسان جي ٻڌندو. جي ڪو ٻڌي ۽ عمل ڪري ته اهو ئي چئونس ته ”سائين انصاف ڪجو. ڪنهن جو حق نه مارجو“. پر اسانجو معاشرو اهڙو تباهه ٿي چڪو آهي جو ان ۾ نه اخلاق رهيو آهي نه خدا جو خوف. گهڻي ڀاڱي ماڻهن جو وڏو پير پئسو ٿي چڪو آهي. جتي ڪلارڪ ۽ قاصد جي نوڪريءَ لاءِ چار چار پنج پنج لک رپيا ورتا وڃن اتي سترهين ارڙهين گريڊ لاءِ ڇا ته پئسي جي گهر ٿيندي هوندي! ڪيترن جو ته پئسو ڏيڻ تي به ڪم نٿو ٿئي. جڏهن به ڳوٺ ويندو آهيان ته ننڍپڻ جي هڪ ڪلاس ميٽ کي دانهيندي ٻڌندو آهيان ته فلاڻو آفيسر، دوست هوندي منهنجا هيترا لک به کائي ويو ۽ منهنجي پٽ کي نوڪري به نه وٺرائي ڏنائين. آفيسر جو سچو يا ڪوڙو اهو ئي راڳ ته ”سائين پئسا مٿي واسطيدار ڪاموري ۽ سياستدان کي پهچايم، هاڻ نوڪري جو ليٽر اِشو نه ٿيو ته آئون ڇا ڪريان.“
ديدار جي پُڇيل سوال تي منهنجي جواب ڏيڻ جي نوبت نه آئي جو هن پاڻ ئي وراڻيو ”الطاف! جج ۽ ٻيا سرڪاري ڪامورا ۽ سياستدان ته منهنجا به سڃاڻا آهن. ڪي ته مون وٽ علاج لاءِ به اچن ٿا پر آئون پاڻ به سفارش جي خلاف آهيان. مثال طور: منهنجي چوڻ تي ڪو منهنجي ڌيءَ کي نوڪري ڏئي ۽ اصل ۾ هوءَ ميرٽ تي نه هجي ته پوءِ ته اهو وڏو گناهه جو ڪم ٿيندو. اهو ٿيندو ڪنهن ٻئي جي حق تي ڌاڙو هڻڻ.“
ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد ڊاڪٽر ديدار کان پڇيم ته هن در شهوار لاءِ ڪنهن کي سفارش ڪئي يا نه؟
”سفارش ته مون نه ڪئي پر پنهنجي ڌيءَ کي سمجھائي ڇڏيم ته هوءَ الله تي رکي. هن وڏي محنت سان پڙهائي ڪئي آهي ۽ سٺي طرح ٽيسٽ ڏنا آهن جي هن جي چونڊ نه به ٿي ته ان ۾ رب پاڪ جي بهتري سمجھبي“.
دل ۾ چيم ته ڇا ڪجي.... رشوت خور آفيسرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن کي ويهي پٽجي يا پنهنجو منهن مٿو پٽجي. سڌريل ملڪن ۾ هن قسم جي ڳالهه ڪر ته اهو ئي ٿا چون ته اهڙن سياستدانن کي ووٽ ڇو ٿا ڏيو. هاڻ کين ڪير ٻڌائي ته اسان ووٽ نٿا ڏيون ته به هو بنا ووٽ جي به چونڊجيو وڃن. اسان وٽ سرڪاري آفيسر عوام جا خذمتگار يا مددگار نه پر انهن وزيرن سياستدانن جا ذاتي نوڪر آهن ۽ اهي نوڪري نه پر بزنيس ڪري رهيا آهن. هنن پاڻ پئسو ڏئي نوڪري حاصل ڪئي آهي ان انويسٽمينٽ تي هو مور ۽ فائدو ڪمائڻ لاءِ رشوت جي مارڪيٽ گرم رکن ٿا.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هڪ پوليس وارو جيڪو ماءُ جا زيور يا پيءُ جي ڇڏيل ٻه جريب زمين وڪڻي 8 لک روپيا رشوت جا ڏئي نوڪري وٺي ٿو، ان کي عوام جي خذمت مان ڪهڙو فائدو رَسندو. هو ته چور، ڌاڙيل ۽ اغواڪار جي ئي مدد ڪري پنهنجو قرض لاهي سگهي ٿو.
گذريل هفتي ملائيشيا کان جيئن ڪراچيءَ پهتس ته ڊاڪٽر ديدار جوڻيجو سان ملاقات تي هن وڏو ڀاڪر پائي چيو ”يار ڪمال ٿي ويو! بنا سفارش ۽ رشوت ڏيڻ جي درِ شهوار جج واري چونڊ ۾ ڪامياب ٿي وئي.“
مون کلندي چيومانس ته مونکي درِ شهوار جي ڪاميابيءَ تي خوشي ۽ حيرت ناهي جو هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ هن کي ڏسندو اچان ته هوءَ هڪ ذهين ۽ محنتي ٻار آهي. خوشي ۽ حيرت مونکي ان ماڻهوءَ تي ٿي آهي جنهن ايمانداريءَ سان امتحان ورتو آهي. تنهن جي معنيٰ هي اسانجو ملڪ جيڪو ههڙين ڏکين حالتن ۾ به هلي رهيو آهي ان ۾ ڪي نيڪ انسان به آهن. هو ڇا شاهه لطيف چيو آهي ته: ”اڃان ڪي آهين ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي.“
منهنجي لاءِ اهو هڪ خوشگوار هوا جو تازگي بخشيندڙ جھوٽو هو. انصاف ۽ بنا رشوت يا سفارش جي چونڊيل آفيسر پاڻ به عوام سان انصاف ڪري سگهي ٿو. آئون اهڙا به آفيسر سڃاڻان، جيڪي وزيرن، سياستدانن، پيرن، ميرن جو اولاد هجڻ ناتي، پڙهائي ۽ ڄاڻ ۾ چٽ هجڻ جي باوجود، وڏن عهدن تي ويٺا آهن جن کي انگريزي جو هڪڙو جملو به صحيح لکڻ نٿو اچي. هنن جو سڄو زور پنهنجن ٽائوٽن ذريعي سائل مان پئسو ڪڍڻ ۽ غريبن جي زندگيءَ سان راڱا ڪرڻ آهي.
مٿين ڳالهه کي اڃان ڪجهه ڏينهن مس ٿيا ته هڪ سنڌي اخبار (ڪاوش) ۾ پنهنجي پسنديده ڪالم نويس نثار کوکر جو ڪالم پڙهيم. عنوان هوس ”ٿينڪ يو چيف“. ان ڪالم مان مونکي خبر پيئي ته نه فقط ڪراچيءَ مان اسانجي دوست ڊاڪٽر ديدار جوڻيجو جي ڌيءَ سان انصاف ٿيو آهي پر سنڌ جي مختلف ضلعن مان 158 نوجوانن کي پڻ سول ججن ۽ مئجسٽريٽن جي حيثيت ۾ ارڙهين گريڊ ۾ بنا ڪنهن سفارش ۽ بنا ڪنهن رشوت جي چونڊيو ويو آهي. نثار کوکر سان آئون سهمت آهيان ته هاڻوڪي دجالي دؤر ۾ اهو ڪم ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. نثار لکي ٿو ته هن چونڊ ۾ ويٺل ڪجهه اهڙا به نوجوان هئا جن کان بار جي ڪجهه عهديدارن ۽ ڪجهه وزيرن مشيرن جي ماڻهن ويهه ويهه لک روپين واري ڊيل ڪئي هئي پر غريب ۽ محنتي نوجوانن جا ڀاڳ ڀلا جو ان سليڪشن ڪميٽي جو سربراهه سنڌ جو هاڻوڪو چيف جسٽس سجاد علي شاهه ڪو ڪرپٽ ڀوتار مافيا جو نمائندو نه هو ۽ هو ميرٽ تي ڪامياب ٿي ويا. انهن ڪامياب اميدوارن مان ڪن جو احوال سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ فيس بڪ تي اچي رهيو آهي ته ڪيئن نه لاڙڪاڻي جي ڪورٽ ٻاهران چانهن وڪرو ڪندڙ چاچي جو پٽ سول جج ٿي ويو آهي ۽ هو اکين مان خوشيءَ جا لڙڪ روڪي نه سگهيو آهي. چيف صاحب کي اندازو آهي الائي ڪونه ته سنڌ جي غريبن وٽ ڪنهن محبتي ماڻهوءَ جي آجيان لاءِ اهي ئي ٻه ٽي لڙڪ ۽ ٻه ٽي گيت وڃي بچيا آهن، ”باقي ته مال کائي وئين سڀ وڏيرا“ وارو ڪم لڳو پيو آهي.
نثار کوکر پنهنجي هن ڪالم ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي تاريخ ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو دؤر سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو ته جنهن دؤر ۾ سنڌ جا ڀوتار هڪ پٽيوالي ۽ سپاهي جي نوڪري ٽن چئن لکن ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، ان دؤر ۾ پورن هڪ سؤ اوڻونجاهه نوجوانن کي ميرٽ تي مفت ۾ ارڙهين گريڊ جون نوڪريون مليون آهن. هڪ باعزت روزگار سان گڏ کين اهو موقعو به مليو آهي ته هو عدل ۽ انصاف واري سنڌ قائم ڪرڻ ۾ مددگار ٿين. هاڻ اهو ڪامياب نوجوانن مٿان فرض آهي ته هو سنڌ جي غريب ۽ لاچار ماڻهن جون تڪڙيون شنوائيون ڪن ۽ تڪڙا فيصلا ڏين ته جيئن عدالتن مٿان عوام جو اعتماد وڌيڪَ بحال ٿئي. عدالتي ڪيس تڪڙا اڪلائڻ سان گڏ ڇا اهي نوجوان اهو به عزم ڪندا ته هو پنهنجي ڪئريئر تي توجهه ڏيندا ۽ ننڍين عدالتن ۾ هلندڙ رشوت جي بازارين ۾ پنهنجي ميرٽ يا پنهنجي نالي کي ميرو نه ڪندا. اميد آهي ته انهن نوجوانن جي اڪثريت سنڌ جي ايماندار ججن جي هڪ ڊگهي قطار جوڙيندي“.
نثار کوکر ان ڪالم ۾ وڌيڪَ لکي ٿو ته: ”مون کي خبر ناهي ته چيف صاحب هي منهنجو سنڌي ۾ لکيل ڪالم پڙهندو يا نه پر مونکي اها خوشي آهي ته هن ڪراچيءَ جو اردو اسپيڪنگ جج هوندي به اسان سنڌين سان اهڙي ڀلائي ڪئي آهي جيڪا ڪنهن سنڌي ڪاموري يا سنڌي ڀوتار به نه ڪئي هوندي. مونکي سندس هي عملي ڪم ايترو ته پسند آيو آهي، جو منهنجي وس ۾ هجي ته آئون هڪ ڀرپور عوامي ميڙ ۾ کيس سونو تاج نه سهي پر سنڌي پڳ ضرور پارائيندس ڇو ته سنڌ جي ڪرپٽ مافيائن واري دؤر ۾ هن هڪ نئين تاريخ لکي آهي. هن هڪ ڌڪ ۾ ايترا جج کنيا آهن جن ۾ اقليتن ۽ عورتن کي به ميرٽ تي حق ڏنا ويا آهن. انهن ۾ ڪيترا ته اهڙا غريب آهن جن جا پيئر ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪن ٿا ۽ آڻين ۽ چاڙهين واري حساب ۾ آهن جن جي هوشيار ٻارن جو اڄ جي رشوتي ماحول ۾ ڪو به پڇڻ وارو نه هجي ها ۽ هنن جي ميرٽ زندهه ئي دفن ٿي وڃي ها. مقابلي ۾ وهڻ وارا اميدوار ٻڌائين ٿا ته هنن مان ڪامياب ٿيل هڪ گرئجوئيٽ ايڏو غريب هو جنهن کي انٽرويو ۾ پائي وڃڻ لاءِ ڪو سنئون سبتو ڪوٽ به نه هو. هن کي اسان مان هڪ اڌارو ڏنو. ساڳي وقت انهن انٽرويوز دوران هاڻوڪن ٽن ايم پي ايز جا ويجھا عزيز اسڪريننگ مان آئوٽ ٿي ويا هئا. انهن ٻيهر اپيل به ڪئي پر انهن جون مارڪون سامهون آڻي ڳالهه صاف ڪئي وئي ته هاڻ ججن جي مقرري سفارش تي نه ٿيندي.
”سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاه کي ”ٿينڪ يو“ چوڻ سان گڏ سليڪشن ڪميٽيءَ ۾ شامل جسٽس احمد علي شيخ ۽ ٻين ميمبرن جي به مهرباني جن حڪومتي وزيرن مشيرن جي ڏنل لسٽ کي نظر انداز ڪندي ميرٽ جو هڪ انوکو مثال قائم ڪيو. چيف جسٽس کي ”ٿينڪ يو“ چوڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته سندس هن قدم سان منهنجي سنڌ جي محنتي ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن جو ادارن ۾ اعتماد بحال ٿيو ته هڪ ادارو اهڙو به موجود آهي جتان ميرٽ جي اميد آهي ورنه هو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيل تازو تماشو ڏسي ويٺا آهن. هو انهن يونيورسٽين مان ڊگريون وٺي آيا آهن جن ادارن جا سربراهه پوليس آفيسرن جيان ڪروڙن جي رشوت ڏئي پوسٽنگون وٺي آيا هئا. هو انهن گهٽين مان نڪري وڏا ٿيا آهن جتي پٽيوالي ۽ ماستريءَ جي نوڪرين جا واڪ لڳندا هئا. هو ستن سالن دوران پنهنجي شهرن جي انهن گندين گهٽين مان گذريا آهن جتي نوڪرين جا آرڊر ڀوتارن جي بنگلن تي وڪرو ٿيندا هئا. اهڙي جھنگل جي قانون واري دؤر ۾ هڪ غير سنڌي جج جڏهن ميرٽ جي بنياد تي هڪ سؤ کان مٿي جج کڻي ٿو ته يقيناً خوشي ٿئي ٿي ۽ دل چوي ٿي ته کيس ’ٿينڪ يو‘ چيف صاحب چئجي.“
نثار کوکر جو ڪالم پڙهي مونکي ته بيحد خوشي ٿي جو آئون ان خيال جو آهيان ته اسانکي سٺن ماڻهن جو قدر ڪرڻ کپي. اهو ماڻهو جيڪو اسان جي ڌرتي ۽ ان جي رهاڪن جو خيال ڪري ٿو ان جي عزت ڪجي پوءِ اهو چاهي اسان مان هجي يا ڌارين مان. دراصل اها ڳالهه مون ملائيشيا ۾ رهڻ دوران محسوس ڪئي ۽ مون ڏٺو ته ملائيشيا جي ترقيءَ جو وڏو راز ان ۾ ئي سمايل آهي. ملائيشيا وڃڻ کان اڳ ۽ 1968ع ۾ پهريون دفعو پهچڻ تي مون ڏٺو ته هتي جا ماڻهو ته بنهه ڪي ڄٽ آهن. ڊاڪٽري، انجينري، ويندي جهازراني.... ڪنهن ۾ به ڪي قابل نه آهن. انگريزن هنن کي آزادي ڏئي پاڻ ته ٽپڙ ٻڌي هليا ويا پر هي الائي ڇا ڪندا. پوءِ پهريان ڏهه سال کن جهاز هلائڻ دوران منهنجو هن ملڪ ۾ لڳاتار اچڻ ٿيندو رهيو. ان بعد اهڙا ڏهه سال هن ملڪ ۾ ٽِڪي ڪناري جي نوڪري ڪيم. مون ڏٺو ته ملائيشيا جيڪو اسانجي ملڪ کان هر ڳالهه ۾ پٺتي پيل هو اهو پنهنجي حڪومت جي عقلمندي سان ڇا مان ڇا ٿي ويو. ملائيشيا جي حڪومت تعليم تي زور ڏنو ۽ اعلان ڪيو ته هر هڪ کي تعليم پرائڻي آهي. ان معاملي ۾ هنن هر هنڌ محنتي ۽ هوشيار ٽيچر رکيا ۽ شاگردن کي سخت ڊسيپلين ۾ رکيو. ڪاپي ڪلچر کي اسرڻ نه ڏنائون ۽ نوڪري ميرٽ تي رکي وئي. ٿوري به سفارش يا رشوت هلڻ نه ڏنائون.
ملائيشيا ۾ 50 سيڪڙو مسلمان آهن ته 40 سيڪڙو کن چيني. باقي 10 سيڪڙو ۾ تامل، گجراتي، سک، اسانجا پنجابي ۽ پٺاڻ مسلمان، هندو سنڌي، بنگالي وغيره جيڪي سڀ ”انڊين“ جي خاني ۾ اچن ٿا جو انگريزن جي ڏينهن ۾ انهن جا وڏا برٽش انڊيا کان هتي آيا ۽ ان وقت کان رهيل آهن. ملئي ۽ چينين جي توڙي ملئي ۽ انڊين جي هڪ ٻئي سان هونءَ کڻي خوب لڳي ٿي. هڪ ٻئي سان سياسي ۽ مذهبي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر آئون ڏسندو اچان ته هر اهو ماڻهو جيڪو ملائيشيا ۽ ان جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سٺو ڪم ڪري ٿو ته سڀ ان جي عزت ڪن ٿا ۽ ان کي حڪومت ۽ بادشاهه طرفان انعام ۽ خطاب به ڏنا وڃن ٿا چاهي اهو چيني هجي يا سک يا تامل يا ماڳهين ٻئي ملڪ جو ڌاريو هجي ۽ جيڪڏهن ڪو ڪامورو، سياستدان يا وڏيرو ملڪ ۽ ماڻهن سان خراب ورتاءُ ڪري ٿو ته ان کي نِنديو وڃي ٿو پوءِ اهو ماڻهو چاهي سندن ملڪ جو بوميپترو (Son of Soil) ملئي هجي يعني سندن هم مذهب ۽ هم زبان ملئي هجي _ ان کي ذليل سمجھن ٿا. پر افسوس جو اسان وٽ اهو ڪلچر اچي نه سگهيو آهي. اسان جو سنڌي سياستدان توڙي ڪامورو ٻوڏ جي ستايلن لاءِ مليل امداد به کايو وڃي تڏهن به هن کي فڪر نٿو ٿئي جو هو سمجھي ٿو ته هو سنڌي آهي ان ڪري هن کي سندس صوبي جا سنڌي ماڻهو بخش ڪري ڇڏيندا. ۽ واقعي اسان وٽ ائين ئي ٿيندو اچي.... ويندي اسانجا سنڌي وزير، پنهنجا سيڪريٽري، وائيس چانسلر اسانجي تعليمي ادارن کي تباهه ڪريو پيا هلن.... ڪا پرواهه نه اٿن. ڀاڙي تي رکيل ڪجهه چمچا هنن جي تعريف ڪري ٻين جو وات بند ڪريو ڇڏين. اسان کي جي ترقي ڪرڻي آهي ۽ غريب ۽ حقدار سنڌي نوجوان جو ڀلو ڪرڻو آهي ته اسان کي ملائيشيا کي فالو ڪرڻ کپي.... يعني تعليم جو معيار صحيح رکجي، تعليمي ادارن کي صحيح رکجي، قابل شاگرد کي ميرٽ تي نوڪري ڏيارجي ۽ جيڪو ماڻهو اسانجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ڀلائي ڪري ان کي داد ڏجي جيئن نثار کوکر ڪالم لکي چيف جسٽس کي داد ڏنو آهي. ۽ وري جيڪو ماڻهو اسان جي ماڻهن سان ظلم ڪري ان کي نندڻ کپي پوءِ اهو ڀلي اسانجو پنهنجو سنڌي وزير، سياستدان، ڪامورو، وڏيرو، ڀوتار ڇو نه هجي. پر ڇا ڪجي اسان جا ڪيترا سنڌي اهڙا درويش صفت آهن جو ان ڳالهه تي به ڏک ڪن ٿا. مون هڪ مضمون ۾ پيٽارو جي ٻن غير سنڌي دوستن جي والدين جي تعريف ڪئي جن جون سنڌ ۾ تعليمي فيلڊ ۾ وڏيون خـذمتون آهن. مون ڏٺو ته ڪجهه پڙهندڙن ان تي اعتراض ڪيو ته مون غير سنڌين جي تعريف ڇو ڪئي آهي. ۽ هاڻ جڏهن نثار کوکر جو ڪالم پڙهيم جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: ”مونکي خوشي آهي ته ڪراچي جو جج اڙدو اسپيڪنگ هوندي به اسان سنڌين سان اهڙي ڀلائي ڪئي آهي جيڪا اسانجي ڪنهن سنڌي ڪاموري يا ڀوتار به نه ڪئي هوندي.“
نثار کوکر جو هونءَ به آئون هر ڪالم شوق سان پڙهندو آهيان. سال ٻه اڳ مون سندس ٻه ڪتاب (”مسافر محبتون“ ۽ ”گونگي تاريخ جا ورق“) به پڙهيا هئا. سندس هي ڪالم پڙهي مون فون ڪيومانس ته سٺو ڪم ڪيو اٿئي. ۽ پوءِ کلي چيومانس؛ ”سائين ڳالهه ته ٻڌو! هن ڪالم تي ڪجهه ماڻهن ضرور توتي تنقيد ڪئي هوندي.“
. ”بلڪل صحيح ٿا چئو. ايتريقدر جو هڪ چيو ته آئون چيف جسٽس صاحب جو مڱڻهار ٿيو پيو هلان. ٿي نٿو سگهي ته جج پئسو نه ورتو هُجي..... وغيره.“
نثار کي مون چيو ته تو صحيح ڪم ڪيو آهي ويهن سالن کان آئون به هن جج کي سڃاڻان ٿو جڏهن هو وڪيل هو. سرڪاري ڪامورا خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿان پهچيو وڃن پر هي ان ئي گهر ۾ سادگي واري زندگي گذاري رهيو آهي. نماز لاءِ اسان ساڳي پاڙي جي مسجد ۾ هوندا آهيون جتي ڪيترا ننڍا آفيسر به قيمتي ڪارن ۾ اچن ٿا پر هي شخص جنهن لاءِ تنهنجي ”ٿينڪ يو“ چوڻ وڏو ملهه رکي ٿي، سادي سودي لباس ۾ پيرين پنڌ مسجد ۾ پهچندو آهي.
نثار کوکر کي ته اهو چئي ويٺس پر پوءِ آئون به دل ۾ سوچيندو رهيس ته هن دؤر ۾ ايمانداريءَ سان چونڊ ڪرڻ واقعي ڪمال جي ڳالهه آهي. هيڏي وڏي نوڪريءَ لاءِ، سو به 159 ڄڻن لاءِ، ٿي نٿو سگهي ته مٿان سفارش لاءِ هن تي دٻاءَ نه پيا هجن. ۽ اها به حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جڏهن اسان جي سکين گهرن جا وزير، مشير، سياستدان، ڪامورا هڪ لک رپيا به نٿا ڇڏين اتي ان لالچ هن تي اثر نه ڪيو هجي. سومهڻي نماز تي اتفاق سان هو ساڳي صف ۾ منهنجي ويجھو ئي بيٺل هو.
جيئن ئي نماز ختم ڪري دعا گهريسين ته آئون به اٿي کڙو ٿيس ۽ چپل پائڻ وقت چيو مانس: ”سجاد! توهان کان مونکي ٻه ٽي سوال ڪرڻا آهن.“
”ضرور ضرور“. هو مسجد جي در وٽ ئي بيهي رهيو.
”بس هلندا ٿا هلون. توهان جي گهر تائين هلندي هلندي پڇي ٿو وٺان جتان پوءِ آئون پنهنجي گهر ڏي مُڙي ويندس.“ مون جج صاحب کي چيو:
جسٽس سجاد علي شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوويهون چيف جسٽس آهي. پاڻ انهن ججن مان آهي. جن مشرف دؤر ۾ PCO هيٺ قسم کڻڻ کان انڪار ڪيو هو. پاڻ 14 آگسٽ 1957ع تي P.A.F بيس مسرور (ماڙيپور) ۾ جنم ورتو جتي سندس والد صاحب اليڪٽرانڪ انجنيئر هو. پاڻ 1984ع ۾ گورنمينٽ اسلاميا ڪاليج ڪراچيءَ مان LL.B ۽ 1988ع ۾ ايس. ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ماسٽرس ڪئي. وڪالت جو ڪم 1985ع کان شروع ڪيائين. ڪجهه عرصو ايس ايم لا ڪاليج ۾ آنرري طور ليڪچرار به رهيو. سال 2002ع تائين وڪالت ڪيائين ان بعد ڊپٽي اٽارني جنرل ٿي رهيو. 24 آڪٽوبر 2005ع کان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو.
مسجد کان سندس گهر تائين واڪ دوران مون کيس ٻڌايو ته ڪالهه سنڌي اخبار ڪاوش ۾ نثار کوکر نالي هڪ دلير ۽ حقيقت پسند صحافيءَ جو توهان جي تعريف ۾ ڪالم آيو آهي جنهن کي پڙهي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.“
”ها مونکي به خبر پئي. مونکي جسٽس احمد علي شيخ ٻڌايو.“ جسٽس سجاد علي شاه چيو.
”ڏاڍو سٺو. هن اڳهين لکيو آهي ته خبر ناهي توهان پڙهي سگهندائو يا نه جو اهو سنڌيءَ ۾ آهي.“
”نه نه مون بلڪل پڙهيو. مونکي به ٿوري گهڻي سنڌي اچي ٿي ۽ منهنجي زال ته چڱيءَ طرح پڙهيو وڃي.“
”سچ پڇو ته توهان وڏو نيڪ ڪم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هر هڪ سمجھي سگهي ٿو ته ان چونڊ تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ توهان تي ڇا ڇا نه پريشر پيا هوندا پر توهان هميشه وانگر ثابت قدم ٿي ڏيکاريو آهي ۽ توهان ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي ۽ غلط ڪم کان پنهنجو پاڻ کي پري رکيو. آئون سمجهي سگهان ٿو ته توهان فقط اهو ڪم صحيح سمجھو ٿا جيڪو رب جي راضپي لاءِ ڪيو وڃي.“
”بلڪل صحيح سمجھيو اٿانوَ. نوڪريون ۽ پئسو اچڻو وڃڻو آهي. مون اهو ئي چاهيو ٿي ته حقدارن کي حق ملي پوءِ اهو ڀلي امير هجي يا غريب. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ امير جو ٻار محنت نٿو ڪري جو هو سمجھي ٿو ته پئسي جي زور تي نوڪري به حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ غريب جو ٻار پڙهائي ۽ محنت ڪرڻ کان ان ڪري دل شڪستو آهي جو هو ڏسي پيو ته هن کي محنت ڪرڻ جي باوجود نوڪري نٿي ملي.... هن جو حق کسيو وڃي ٿو. آئون گئرنٽيءَ سان چئي سگهان ٿو ته هن چونڊ ۾ ڪو هڪ به اهو چئي نه سگهندو ته هو سفارش يا رشوت تي ڪامياب ٿيو آهي.“ جج صاحب ٻڌايو ۽ مون به، کانئس چڱيءَ طرح واقف هجڻ جي باوجود اهو سڀ ڪجهه سندس واتان ٻڌڻ ٿي چاهيو.
جسٽس سجاد شاه چئن سالن جو هو ته سندس والد صاحب فوت ٿي ويو. پاڻ ٻڌائيندو آهي ته سندس والده کيس نپائي وڏو ڪيو. ”هن ئي مونکي ننڍي هوندي کان نماز روزي جو پابند بنايو. هوءَ اڄ تائين مونکي اها تلقين ڪندي رهي ٿي ته ڪنهن جو حق نه کائجي ۽ حرام کان بچي هلجي.“
سجاد علي شاه صاحب جي والده هن وقت نوي سالن جي آهي ۽ پاڻ ٻڌائيندو آهي ته هو جڏهن صبح جو فجر تي اٿندو آهي ته پنهنجي امڙ کي هميشه جاڳندو ۽ قرآن پڙهندو ڏسندو آهي.
هيءَ ڪهاڻي مون نه فقط جج صاحب کي خراجِ تحسين ڏيڻ لاءِ پر اڄ جي مائرن لاءِ به لکي آهي ته هو پنهنجن ٻارن کي نه فقط سٺي تعليم ڏين پر هنن جي دلين ۾ خدا جو خوف به وجھن ته جيئن هو وڏا آفيسر، سياستدان يا وڏيرا، زميندار يا ڪارخانيدار ٿي غريبن سان ظلم نه ڪن، ٻئي جو حق نه مارين. هو پئسي جي لالچ ۽ پاڻ کي امير بنائڻ جي خواهش ۾ ٻين کي مسڪين نه بنائين جيئن اسان جو معاشرو ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهي. اهو ڪم فقط مسلمان مائرن لاءِ ضروري نه آهي. اتفاق سان منهنجي ٻن ٻين به اهڙن ججن سان ويجھڙائي رهي آهي جيڪي جيتوڻيڪ هينئر هن دنيا ۾ نه آهن پر هنن جي ايمانداري ۽ انصاف ڪري هو اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا ۽ هنن جي تربيت پٺيان به سندن مائرن جو وڏو هٿ هو جيڪي هنن کي اها نصيحت ڪنديون هيون ته ٻين سان انصاف ڪريو غريبن سان ظلم نه ڪريو ڇو جو ”آهه غريبان قهر خدائي“. انهن دلبر ججن مان هڪ هندو جسٽس راڻا ڀڳوانداس ۽ ٻيو پارسي جسٽس دوراب پٽيل هو ــ جن ٻنهي جو ڪيترن هنڌن تي ذڪر ڪري چڪو آهيان ۽ سندن مونسان گڏ فوٽا نيٽ تي موجود آهن. سو نون چونڊيل ججن ـــ جن ۾ مسلمان، هندو ۽ ڀيل ميگھواڙ به آهن ـــ جي مائرن کي چوندس ته هو به پنهنجن پٽن کي نيڪ ۽ انصاف پسند ٿيڻ جي تلقين ڪن ۽ پنهنجي پسنديده ڪالمسٽ نثار کوکر کي چوندس ته نه فقط چيف جسٽس جي مهرباني پر اسان انهن مائرن جا به ٿورائتا آهيون جيڪي پنهنجي پٽن کي صحيح تربيت ڏين ٿيون ۽ باٽم لائين اها ئي آهي ته اسانکي هر ان ماڻهوءَ جي تعريف ۽ عزت ڪرڻ کپي جيڪو هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪُن لاءِ سٺائي ٿو ڪري پوءِ اهو چاهي مسلمان هجي يا سک، عيسائي يا هندو، پارسي. شيعو هجي يا سني، آغا خاني هجي يا بوهري، پنجابي هجي يا پٺاڻ. ۽ جن اسانجي پنهنجن ئي اسان کي لٽيو ڦريو آهي، اسانجي تعليم، صحت، امن امان جي حالت خراب ڪئي آهي، انهن کي نندڻ کپي، انهن جي پت وائکي ڪرڻ کپي پوءِ اهو ڀلي اسانجي مذّهب جو هجي ۽ اسانجي مادري زبان ڳالهائيندو هجي.... اسان جو ذات ڀائي هجي يا ڳوٺ جو ڇو نه. اسانجي ملڪ جي، خاص ڪري اسان جي صوبي سنڌ جي ڪافي ڀينگ ٿي چڪي آهي. جڏهن عوام جي سجاڳي ۽ نيڪ سياستدانن ڪري سنگاپور جهڙا چور ملڪ، ”مسٽر ڪلين“ ٿي سگهن ٿا ۽ ملائيشيا جهڙا جھنگلن وارا ملڪ يورپ جي مقابلي جا خوشحال ۽ سهڻا ٿي سگهن ٿا ته ڇو نه اسانجو ملڪ ۽ اسانجو صوبو؟

خوشونت کان سعديه تائين

پاڪستان ۾ بيحد پسند ڪيو ويندڙ ۽ پاڪستان کي پسند ڪندڙ سِکُ ليکڪ خوشونت سنگهه، اڄ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي پر سندس لکڻيون ۽ ڳالهيون ماڻهن جي دماغ ۽ زبان تي آهن. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن هو اڃان ايڏو مشهور نه ٿيو هو ۽ نه وري مونکي ان وقت تائين ڪو اهڙو Craze هو جو جنهن تنهن اديب سان ملندو وتان. اڃان اديبن شاعرن کان وڌيڪَ اندين فلمن جي مشهور اداڪارن خاص ڪري اداڪارائن سان ملڻ جو نه فقط مونکي پر مون سان گڏ جهاز تي رهندڙ ٻين نوجوان آفيسرن کي به شوق هو. اهو ان ڪري جو ان دور ۾ نه اڃان ڪميپوٽر ايجاد ٿيو هو ۽ نه وڊيو رڪارڊر جنهن سان سامونڊي ڊگهن سفرن تي وقت گذاري سگهجي. تن ڏينهن ۾ شاپنگ جو به ايڏو شوق نه هو ۽ نه اهڙيون فئنسي شيون هيون جهڙيون اَڄُ ڏسجن ٿيون. وڌ ۾ وڌ ايئرو، وارن هوسينٽ ۽ سينٽ مائيڪل جهڙيون برانڊيڊ قميصون، عطر، صابڻ، رومال، ڪف لنڪ ۽ شربتن ۾ ڪوڪاڪولا ۽ سيون اپ ...جن جا انهن ڏينهن ۾ دٻا شروع ٿيا هئا.... ۽ اهي سڀ شيون جهاز جي ڊيوٽي فري اسٽور مان تمام سستي اگهه تي ملي وينديون هيون. بندرگاهه ۾ جهاز جي لنگر انداز ٿيڻ تي سڀني جو رُخ سئنيما هالن ڏي هوندو هو. خاص ڪري ڪولمبو (سري لنڪا)، بيروت (لبنان)، ممباسا (ڪينيا)، زنجبار (تنزانيا)، پينانگ (ملائيشيا) ۽ سنگاپور جي بندرگاهن ۾.... جِتي جي ڪنهن هڪ يا ٻن سئنيمائن ۾ هميشه انڊين فلمون لڳل هونديون هيون. هڪ دفعي ته اسانجو جهاز بيروت ۾ بيهڻ بدران لبنان جي هڪ ٻئي بندرگاهه طرابلس (Tripoli) ۾ اچي بيٺو ۽ اسان جهاز جا دوست آفيسر طرابلس مان ٽئڪسي ڪري بيروت ۾ شمي ڪمپور ۽ سائره بانو جي فلم ”ايوننگ ان پئرس“ ڏسڻ ويا هئاسين.
هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ڪولمبو جهڙن بندرگاهن ۾ جتي هاڻ انڊين فلمن جي شوٽنگ ٿيڻ لڳي هئي، انهن شهرن جي هوٽلن ۾ يا اهم مارڪيٽن ۾ ڪڏهن ڪڏهن انڊين فلمن جو عملو ملي ويندو هو. خاص ڪري جڏهن اسان جو جهاز ڊگهي مرمت لاءِ شپ يارڊ ۾ هوندو هو ته اسان جهاز هلائڻ وارن کي ڪمپني جي خرچ تي ان بندرگاهه جي وڏي هوٽل ۾ رهايو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن انهن هوٽلن ۾ رهندڙ اهم ماڻهن سان صبح جي وقت ڊائننگ هال ۾ يا شام جو لائونج ۾ ملاقات ٿي ويندي هئي.
هڪ دفعي هانگ ڪانگ ۾ جهاز جي مرمت ۽ ڊراءِ ڊاڪنگ هلي رهي هئي. جهاز تي لائيٽ ۽ پاڻيءَ جو بندوبست نه هجڻ ڪري اسانکي هانگ ڪانگ ٻيٽ جي ٻئي پاسي ڪولون جي هوٽل ميرامار ۾ رهايو ويو. منهنجي خيال ۾ اهو سال 1972ع يا 73ع هو. مونکي پهريون دفعو شوق ٿيو ته هانگ ڪانگ جي ڪنهن مشهور چيني شاعر يا اديب سان ملجي ... خاص ڪري اسانجي ليکڪ امر جليل جي هم عمر زانگ يان جيڪا xixi به سڏجي ٿي جنهن جي هڪ ناول جو انگريزي ترجمو ايندي وقت سمنڊ تي پڙهيو هوم ۽ معلوم ٿيو هو ته هوءَ هانگ ڪانگ جي اسڪول جي ٽيچر آهي. باءِ دي وي سال 2006ع جي مشهور فلم “2Become1” هن جي ناول “Mourn Over the Breasts” جي بنياد تي ٺهيل آهي. هن جي هڪ ٻئي هم عمر ليکڪ ني ڪئانگ جو به هڪ رومانوي ناول پڙهيو هوم ۽ سوچيم ته هن ليکڪ سان به ضرور ملجي. پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته هيستائين، جڏهن هو اسي سالن جي ويجھو آهي، هو 300 کن ناول ۽ 400 فلمن جون Scripts لکي چڪو آهي. سندس ڀاءُ يي شُو (Yi Shu) جا به ڪيترائي رومانوي ناول آهن. ميرامار هوٽل جي رسيپشن تي ويٺل صبح ۽ شامَ وارين ڪلارڪ ڏوڪرين سان مون پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ هنن وعدو ڪيو ته هو مونکي سڀان تائين مٿين ليکڪن جا فون نمبر ۽ اتا پتا هٿ ڪري ڏينديون جيئن آئون هنن سان ملي سگهان. پر مونکي حيرت ٿي جڏهن ان ئي ڏينهن شامَ ڌاري رسيپشن ڪلارڪ مونکي ڪمري تي فون ڪيو ته هيٺ لائونج ۾ اچي هڪ رائيٽر سان ملان.... بلڪه هو پاڻ مونسان ملڻ چاهي ٿو. اها هڪ عجيب ڳالهه هئي. آئون يڪدم ڪپڙا بدلائي پنجين فلور تان لفٽ ذريعي هيٺ آيس. منهنجي خيال ۾ اهو اديب چيني شڪل جو ئي هجڻ کتو ٿي پر لائونج ۾ ته ان وقت ويٺل ماڻهن ۾ ڪو به چيني مهانڊي جو نه هو. رسيپشن ڊيسڪ تي بيٺل چيني ڪلارڪ وٽ پهتس ته هن لائونج ۾ ڏهاڪو کن ماڻهن جي ميڙ ۾ هڪ سک همراهه ڏي اشارو ڪيو. مونکي ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه پئي آئي. انهن ڏينهن ۾ سنگاپور، پينانگ ۽ هانگ ڪانگ جي هوٽلن جي درن وٽ ۽ رسيپشن لائونج جو دروازو کولڻ ۽ چوڪيداري لاءِ سک هوندا هئا. اهڙي طرح بئنڪن جي ٻاهران پٺاڻ هوندا هئا. پر اها ڪمال جي ڳالهه آهي ته انهن محنت مزوري ۽ پورهيا ڪري نه رڳو پئسو بچايو پر پنهنجي اولاد کي اعلا تعليم ڏني. اڄ انهن ملڪن ۾ ڪوبه سک يا پٺاڻ هيٺين نوڪريءَ ۾ نظر نٿو اچي. هنن جي ٻي ۽ هاڻ ٽي جنريشن سرجن، ڊاڪٽر، وڪيل، فوجي آفيسر ۽ رانديگر آهن.
بهرحال انهن ڏينهن ۾ يعني سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ سک معنيٰ هوٽل جو درٻان ۽ هانگ ڪانگ جي هوٽلن جو درٻان معنيٰ سک. سو مون سمجھڻ ۾ غلطي ڪئي ۽ هانگ ڪانگ جي هوٽل جي رسيپشن ۾ ڪنهن سک کي ڏسي اهوئي سوچيم ته هوٽل جي ڪلارڪ يا غلط سمجھيو آهي يا مون سان تعدي ڪئي آهي. ڪلارڪ ڏي گهورڻ سان هن چيو ته هي ماڻهن جو جٿو ايئرپورٽ ڏي ويندڙ بس جو انتظار ڪري رهيو آهي ان ڏاڙهيءَ واري جنهن کي خبر آهي ته هن هوٽل ۾ توهان پاڪستاني به رهيل آهيو سو مونکي ڪنهن اهڙي سان ملڻ لاءِ چيائين جنهن کي لٽريچر سان شوق هُجي.
آئون هن سک سان اچي مليس ته هن سٺي انگريزي ۾ ٻڌايو ته هن جو نالو خوشونت سنگهه آهي ۽ هن کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هجڻ ڪري هن وٽ هِتي هانگ ڪانگ ۾ رهڻ دوران ڪيترائي رسالا ۽ ڪِتاب گڏ ٿي ويا آهن ۽ هاڻ گهڻي وزن ڪري هو پاڻ سان انڊيا نٿو کڻي وڃي. ساڳي وقت ايڪسٽرا وزن اڇلڻ بدران ڪنهن مون جهڙي کي ڏيڻ چاهي ٿو جنهن لاءِ هوٽل جي ڪلارڪ کيس ٻڌايو. واقعي مونکي رسالا ۽ ڪجهه ڪِتاب حاصل ڪري ڏاڍي خوشي ٿي. فرصت ۾ هانگ ڪانگ ۾ ۽ سمنڊ تي پڙهڻ لاءِ مونکي ڄڻ ته قُوت ملي ويو. خوشونت سنگهه پنهنجي هئنڊ بئگ کولي پنهنجي صحيح سان مونکي پنهنجا ٻه ڪِتابَ ”ٽرين ٽو پاڪستان“ ۽ “I Shall not hear the nightingale” جي ڪاپي پڻ ڏني “Train to Pakistan” هندستان جي ورهاڱي بابت هڪ تاريخي ناول آهي جنهن جي اها ڪاپي 1956ع جي ڇپيل آهي. ٻيو ناول 1959ع جو ڇپيل آهي جيڪو امرتسر جي انهن ڏينهن جي عڪاسي ڪري ٿو جڏهن انگريزن خلاف Quit India تحريڪ زور شور سان هلي رهي هئي. اسان ٿوري دير هِتان هُتان جي خبر چار ڪئي ته بس اچي وئي ۽ هي دهلي وڃڻ وارا مُسافر ان ۾ سوار ٿي ايئرپورٽ هليا ويا.
’ٽرين ٽو پاڪستان‘ هڪ مختصر ناول آهي پر سندس ڪي ڪي جملا ڏاڍا چڀندڙ آهن جيڪي اڄ به مونکي لڳي ٿو ته ائين ئي آهن. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن هڪ سياستدان ڪنهن ڳوٺاڻي کي آزادي جو مفهوم سمجھائي ٿو ته هو وراڻيس ٿو ته:
”آزادي توهان سياستدانن ۽ رئيسن ڀوتارن لاءِ آهي. اسين ڳوٺاڻا تعليم کان پري رکيل، انگريزن جا غلام هئاسين ۽ هاڻ آزادي ملڻ بعد توهان جا غلام ٿي رهنداسين....“
اڄ جي سنڌ جي منظر تي نظر ٿو ڪريان ته ڄڻ اهي جملا اڄ به اها ئي حقيقت رکن ٿا. سنڌ جا ڳوٺاڻا جن کان تعليم پري رکي وئي آهي اهي اڄ به غلاميءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن.
هن ناول تي ساڳي نالي Train to Pakistan سان 1998ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي جنهن ۾ نرمل پانڊي، موهن اگاشي، رجيت ڪپور، سمرتي مشرا، ديويا دتا ۽ منگل ڌلان ڪم ڪيو آهي.
خوشونت سنگهه جو ”ٽرين ٽو پاڪستان“ ايڏو ته مشهور ناول آهي جو ڪيترن ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ڪجهه سال اڳ ملائيشيا ۾ ان جو تامل ترجمو پڻ ڏٺو هوم. ملائيشيا ۾ جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻهو رهن ٿا انهن ۾ 90 سيڪڙو تامل ڳالهائڻ وارا آهن. هن ناول جو سنڌيءَ ۾ ترجمو هالا جي ڊاڪٽر امجد ڪيريو ڪيو آهي ۽ سليمان وساڻ جي ”سنڌ سلامت“ ويب تي موجود آهي.
خوشونت سان اوچتو ملاقات بعد اٽڪل 35 سال بعد 2005ع ۾ دهلي ۾ ٿي جڏهن آئون پنهنجن پيٽارو جي اوڏ دوستن جي ٻارن جي شادي لاءِ مهينو کن دهلي ۾ رهيل هوس. مونکي خوشونت سنگهه هميشه پاڪستاني ڪالم نويس ۽ جهاز جو مالڪ آرڌشير ڪواسجي جي ياد ڏياريندو هو. ٻنهي جون لکڻيون شوخ آهن، ڏاڙهيون Impressive آهن ۽ سندن ڳالهين ۽ لکڻين ۾ هڪ عجيب طنز ۽ مزاح آهي. ٻنهي جي انگريزي ڏاڍي سٺي آهي.... بلڪه هئي جو ٻئي ڄڻا گذاري ويا آهن. هڪ سک هو ته ٻيو پارسي.... ڪواسجي صاحب سان گهڻي ملاقات ۽ گهڻي هجت هجڻ ڪري هڪ ڏينهن چيو هيومانس ته مونکي توهان ٻنهي مان ساڳي خوشبوءِ ٿي اچي. (منهنجو مطلب هو ته توهان ٻنهي جي لکڻين ۾ ساڳي Satire آهي) کلي وراڻيائين ته ساڳي برانڊ جو عطر ٿا هڻون يا ساڳي ڪمپنيءَ جي ناس ٿا ڏيون؟ هونءَ خوشونت سنگهه ڪواسجي کان ڏهه سال وڏو هو ۽ 1915ع ۾ پنجاب جي شهر هدالي ۾ ڄائو هو. سندس والد سر سوڀا سنگهه هڪ امير سِول ٺيڪيدار هو جنهن جون دهلي ۾ ٺاهيل ڪيتريون ئي مشهور عمارتون آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:” ڪناٽ پيلس جو مارڪيٽ ڪامپليڪس ۽ مشهور ڪمرشل عمارت Chelmsford، دهليءَ جي ٽي بي اسپتال، ماڊرن اسڪول، گونگن ۽ ٻوڙن جو اسڪول، سينٽ ڪولمبيا اسڪول، بڙودا هائوس وغيره. سر سوڀا سنگهه کي ملڪ رياض وانگر زمين وٺڻ جو به شوق هو. دهلي جي غير آباد علائقن ۾ جِتي به هن کي سستو پَٽُ مليو ٿي ته اهو وٺي ڊيولپ ڪيو ٿي. ايتريقدر جو هن کي ماڻهو ”آدهي دهلي دا مالڪ“ سڏڻ لڳا. مرڻ وقت هن پنهنجي ملڪيت جو وڏو حصو خيراتي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو جيڪو ”سوڀا سنگهه ٽرسٽ“ جي نالي سان دنيا ۾ مشهور آهي. هڪ دفعي خوشونت سنگهه انڊيا ۾ جيڪو پنهنجي پيءُ بابت ليڪچر ڏنو هو، ان جو عنوان هو: ”ماءِ فادر، دي بلڊر“ سوڀا سنگهه وريام ڪور نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جيڪا سوڀا کي انگريزي سرڪار کان Sir جو خطاب ملڻ بعد ”ليڊي سردارني ويرا ٻائي“ سڏبي هئي. کين چار پٽ ڀڳونت سنگهه، خشونت سنگهه، ميجر گربخش سنگهه ۽ دلجيت سنگهه ۽ هڪ ڌيءَ موهندر ڪور ٿي.
هِتي اهو لکندو هلان ته اسانجي دلپسند ليکڪ خشونت سنگهه جي ڀيڻ موهندر ڪور ”رخسانا سلطانا“ جي سس هئي. رخسانا سلطانا جو نانو ميان احسان الحق بيڪانير نوابي رياست جو چيف جسٽس هو. رخسانا جي ماسي (يعني جسٽس ميان احسان جي ٻي ڌيءَ ”بيگم پارا“ انڊيا جي مشهور ائڪٽريس ٿي گذري آهي. جنهن جو پٽ ايوب خان به ائڪٽر هو جنهن جو مشهور فلم ائڪٽر دليپ ڪمار (يوسف خان) سڳو چاچو ٿئي. رخسانا سلطان جي هڪ ڌيءَ (يعني خشونت سنگهه جي ڀاڻيجي، شِوندر سنگهه جي ڌيءَ) ”امرتا سنگهه“ بالي وڊ جي مشهور اداڪارا آهي جنهن 1983ع واري فلم ”بيتاب“ 1985ع جي بيحد ڪامياب فلم ”مرد“ ۽ ”صاحب“، 1986ع جي ”شادي“ ۽ ”نام“، 1987ع جي ”خود غرض“، 1992ع جي ”راجو بن گيا جينٽلمئن“ ۽ ”آئينا“ فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا. منهنجي خيال ۾ نواب آف پٽوڊي جي پٽ سيف جنهن هاڻ ٻي شادي ڪرينا ڪپور سان ڪئي آهي، ان جي ”امرتا سنگهه“ پهرين زال هئي. سيف علي خان جو پيءُ انڊيا جو نواب ۽ مشهور ڪرڪيٽر منصور علي خان ۽ ماءُ بالي وڊ جي ائڪٽريس شرميلا ٽيگور آهي.
بهرحال هِتي اسان خشونت سنگهه جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هو پاڪستان جي پنجاب صوبي جي خوشاب ضلعي ۾ ڄائو. انهن ڏينهن ۾ سندس پيءُ سَر سوڀا سنگهه دهليءَ ۾ عمارتون ٺاهڻ جو ڪم ڪري رهيو هو جِتي جي هڪ اسڪول ”ماڊرن اسڪول“ مان خشونت بنيادي تعليم حاصل ڪئي، ان بعد هن دهلي جي سنيٽ اسٽيفن ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ پوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتي. هن انگلنڊ جي شهر ڪئمبرج جي ”ڪنگ ڪاليج“ مان پڻ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هن لاهور اچي اتي جي هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪئي.
خشونت سنگهه مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري نوڪريون ڪيون، اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو، سياست ۾ رهيو، ناول لکيائين، شاعري ڪيائين، اخبارن ۾ ڪالم ۽ سياسي ڪمينٽريون ڪيائين.
شروع ۾ ٽورنٽو (ڪئناڊا) ۾ انڊين حڪومت طرفان انفارميشن آفيسر ٿي رهيو ۽ 1948ع کان 1950ع تائين انگلنڊ ۽ آئرلئنڊ ۾ موجود انڊين هاءِ ڪميشن ۾ پريس اٽيچي (اتاشي) ۽ پبلڪ آفيسر ٿي رهيو. خشونت سنگهه انڊيا جي مشهور رسالي ”السٽريٽيڊ ويڪلي آف انڊيا“ (هاڻ هي رسالو بند ٿي ويو آهي نه ته اسان ڪي ڏها هن رسالي کي شوق سان پڙهيو ۽ پنهنجي انگريزي سڌاري. ان کان علاوه هر جهاز تي عورتن جو انڊين رسالو فيمينائن مشهور هوندو هو)، نئشل هيرالڊ ۽ هندستان ٽائيمس جو ايڊيٽر ٿي رهيو. خشونت جو ڪواسجي وانگر هفتيوار ڪالم (جنهن جو عنوان “With Malice Towards one & All”) ايڏو ته مشهور هوندو هو جو ڪيترن انگريزي اخبارن کان علاوه مڪاني مرهٺي، گجراتي، بنگالي ۽ تامل زبانن ۾ به ترجمو ٿيندو هو.
خشونت سنگهه 1980ع کان 1986ع تائين پارليامينٽ جو ميمبر به ٿي رهيو. سندس ننڍو چاچو سردار اُجل سنگهه جنهن 1983ع ۾ وفات ڪئي، پڻ پارليامينٽرين هو ۽ هندستان جي ڏاکڻي صوبي ”تامل ناڊو“ جو 1966ع کان 1971ع تائين گورنر ٿي رهيو. خوشونت کي 1974ع ۾ صدارتي ايوارڊ ”پدما ڀوشن“ مليو هو جيڪو هن اندرا گانڌيءَ جي سکن جي گولڊن مندر تي گوليباري ڪرائڻ جي ڏک ۽ احتجاج ۾ 1984ع ۾ واپس موٽائي ڏنو. سال 2007ع ۾ کيس هڪ ٻيو صدارتي ايوارڊ پدما وڀوشن عطا ڪيو ويو جيڪو سول ايوارڊن ۾ ٻئي درجي تي اعليٰ آهي.
خشونت سنگهه لکڻ جي معاملي ۾ سڄي عمر لکندو رهيو. سندس آخري ناول The Sunset Club ان وقت لکي پورو ڪيو جڏهن هن جي عمر 95 سال هئي. ان بعد به هو هلڪيون ڦلڪيون شيون لکندو رهيو ۽ مرڻ کان هڪ سال اڳ هن جو ڪِتاب” خشونت ناما ـــ دي ليسنز آف ماءِ لائيف“ شايع ٿيو هو. خشونت ٽيهن کان وڌيڪَ ناول لکيا ان کان علاوه ڪيترائي درجن افسانا ۽ مضمونن سميت 80 کان مٿي ڪِتابَ لکيا. هن لاءِ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته هو هر روز صبح جو چئين بجي اٿي لکڻ شروع ڪندو هو. هن جي سکن بابت لکيل تاريخ جا ٻه واليوم “A History of the Sikhs” سندس آتم ڪٿا جو ڪِتاب 2002ع ۾ پينگئن پبلشرس ڇپرايو جنهن جو نالو “Truth, love & a little Malice” آهي. سندس ناولن ۾ “Delhi” پڻ تمام مشهور ٿيو جنهن جي ڇپجڻ سان سندس ايشيا کان علاوه يورپ ۾ هاڪ ٿي وئي. آئون انهن ڏينهن ۾ سئيڊن جي شهر مالمو ۾ رهندو هوس. درياهه جي ٻئي پار ڪوپن هيگن ۾ پڙهڻ جو مونکان وڌيڪَ شوقين محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو پٽ محمد علي ميمڻ رهيو ٿي. هو لنڊن مان ان ڪِتاب جي ڪاپي وٺي آيو هو پاڻ پڙهڻ بعد، منٿن سان مونکي هفتو کن اڌارو ڏنائين.
خشونت سنگهه جو هي انگريزي ناول “Delhi” هڪ تاريخي ناول آهي جنهن جي ڪهاڻي دهلي شهر ۽ دهلي سلطنت جي اڳيان پويان چُري ٿي. هن ۾ هڪ جرنلسٽ (ممڪن طور خشونت پاڻ) انگلنڊ ۾ عورتن سان دل پشوري ڪري واپس وطن دهلي اچي ٿو ته هن جي ميل ملاقات ”ڀاڳمتي“ نالي هڪ کدڙي سان ٿئي ٿي جيڪو تِهار جيل ۾ پنهنجي ڏوهن (پنهنجو جسم وڪڻڻ ۽ ڀڙوت جهڙن ڪمن) جي سزا ۾ جيل ڪاٽي ٻاهر نڪري ٿو ۽ ڪنهن سهاري جي ڳولا ۾ آهي ته هن خاطو (جرنلسٽ) سان هن جو ٽڪر ٿئي ٿو. دل جو مهربان هي سِکُ هن جي مجبورين کي منهن ڏئي ٿو. ڀاڳمتي نه مرد آهي نه عورت پر منجھس زبردست جنسي ڪشش آهي. ليکڪ هن عظيم شهر ۽ پنهنجي جنسي تعلقات جا تجربا چئپٽر پٺيان چئپٽر ۾ ڏيندو هلي. ان سان گڏ نادر شاهه، تيمور لنگ ۽ اورنگزيب جا به قصا لکندو هلي جن دهليءَ کي ڦريو لٽيو ۽ مير تقي مير ۽ بهادر شاهه ظفر جو به ذڪر ڪري ٿو جن کي دهليءَ تباهه ڪيو. هو لال ڪيسٿ جهڙي هندو مان مسلمان ٿيڻ واري نيم تاريخي ڪردار جو به ذڪر ڪري ٿو جنهن چوڏهين صديءَ جي غياث الدين بلبن وٽ ڪم ڪيو ٿي. هو مغل سلطنت جي سج جي اڀرڻ کان نهال سنگهه مسواڙ جي سک قاتل جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو مغلن کان بدلو وٺڻ ڪارڻ 1857ع واري بلوي کي ٻنجو ڏيڻ ۾ انگريزن جي مدد ڪري ٿو. هو مغلن جي حڪمت جي ٻڏندڙ سج ۽ انگريز ڪاموري جي زال الائين الڊويل جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا قيد جي سزا کان بچڻ لاءِ مسلمان ٿي پر ان هوندي به هوءَ پاڻ کي زوريءَ زنا کان بچائي نه سگهي ۽ هڪ تيز واپاري طبيعت جي پنجابي بزنيس مئن جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪو دهلي جي Lutyen علائقي جي عمارتسازي لاءِ انگريز حڪومت کان ٺيڪو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃي (سر سوڀا سنگهه ليکڪ جو والد ئي اهو ”هڪ ماڻهو“ هو)، ته ان هندو نوجوان جو به جنهن جي ڀيڻ کي هندستان جي ورهاڱي دوران پاڪستان ۾ اغوا ڪري ريپ ڪيو ويو ۽ هن راشٽريا سوايام سيوڪ سانگهه (RSS) ۾ ڀرتي ٿي دهلي ۾ مسلمانن جو قتل ڪيو ۽ ان واقعي جو به اکين ڏٺو شاهد ٿيو جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ کي قتل ڪيو ويو.
سردار صاحب ٻڌايو ته اهو ناول “Dehli” کيس مڪمل ڪرڻ ۾ اٽڪل 25 سال لڳي ويا هئا. هن اهو ناول پنهنجي پٽ راهول سنگهه ۽ نيلوفر بلموريا کي منسوب ڪيو آهي. هن چرچن چرچن ۾ چيو ته:
“History provided me a skeleton, I covered it with flash and injected blood and a lot of seminal fluid into it”.
خشونت سنگهه جي اجازت سان هن ناول جو اڙدو ترجمو لاهور ۾ عرفان احمد خان ڪيو جيڪو سال 1988ع، ان بعد 1999ع ۾ ۽ ٻه دفعا سال 2000ع ۾ ۽ ان بعد 2005ع ۾ ڇپيو. غير قانوني طرح يعني خشونت جي اجازت بنا ته هن ناول جا اڙدو ۽ انگريزي ڇاپا ڪيترائي ڇپيا آهن ۽ ڪي ته اهڙي سادي ڪاغذ ۽ ڇپائي وارا آهن جيڪي پڙهڻ مشڪل آهن پر خشونت جا پرستار اهي به خريد ڪندي نطر اچن ٿا.
ناول ان سين تي ختم ٿئي ٿو ته اندرا گانڌيءَ کي سندس سک گارڊن قيتل ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ غصي ۾ هجوم سندس (يعني هن جرنلسٽ جيڪو پاڻ خشونت ئي چئي سگهي ٿو) جي پاڙي ۾ رهندڙ سکن جو ڪوس ڪري رهيا آهن.
ڳالهه اها آهي ته سردار خشونت سنگهه هميشه اهو ئي ڪجهه لکيو آهي جيڪو هن جي دل ۾ آيو آهي. هو هميشه پنهنجي خيال جو اظهار کلئيءَ دل سان ڪندو هو ۽ اڪثر سيڪس ۽ عورتن تي ڏنل بيانن ڪري مخالفتن جو شڪار ٿي ويندو هو. ان ڪري هو ڀارتي ادب جو “Dirty old man” (ڪمينو ڪراڙو) سڏجڻ لڳو هو. پر هن ان لقب تي ڪڏهن به اعتراض نه ڪيو. ها، انڊيا جي ”آئوٽ لڪ“ رسالي جي ايڊيٽر ونود مهتا سان هڪ دفعي ڳالهه ٻولهه ۾ چرچي خاطر ايترو ضرور چيو ته ”ماڻهو مونکي ڊرٽي اولڊ مئن ته سڏڻ لڳا آهن پر منهنجن ڪِتابن ۾ توهان کي سيڪس جو ڪو گهڻو احوال نه ملندو. مون گهڻو تڻو سنجيده موضوعن تي ئي لکيو آهي.“
ڪواسجي وانگر خشونت جو به هفتيوار ڪالم ”ود ميلس ٽوورڊز ون ائنڊ آل“ (بخشيو ڪنهن کي به نه ويندو) بي انتها مقبول هو ۽ مون جهڙا لکين ماڻهو ان کي پڙهڻ لاءِ انتظار ڪندا هئا. اڄ مونکي ڪواسجي ۽ سردارجي جي وڇوڙي جي افسوس کان وڌيڪَ هنن جي ڪالمن پڙهڻ کان محروم رهڻ جو ڏک آهي. ڪير آهي جيڪو لکڻ ۾ اهڙو سچار ۽ بولڊ هُجي.
خشونت کي هندستان جي ورهاڱي جي جنون بابت لکيل ڪتاب ”ٽرين ٽو پاڪستان“سڀ کان گهڻي شهرت ڏني. 1956ع جو ڇپيل هي ڪِتاب اڄ به ڪيترين ئي يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل آهي.
خشونت کي پيريءَ ۾ به ڇوڪرين ۽ عورتن سان ملڻ ۽ چرچا ڀوڳ ڪرڻ جو وڏو شوق هو. ان ڏينهن دنيا اخبار جي ڪالم نِگار محترما انجم نياز جو خشونت سان ملڻ جو احوال پڙهي رهيو هوس ته ان به ان بابت لکيو آهي ته هو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ رکي رکي چرچن جو ”تڙڪو“ به ڏئي رهيو هو. ساڳي وقت مونکي غور سان ڏٺو ٿي ته آئون پريشان ته نٿي ٿي وڃان. حقيقت ته اها آهي ته آئون واقعي ٿورو گهڻو منجھي پئي هيس ۽ پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ اچي رهيو هيم ته ڇا هي احمقاڻا چرچا ٻڌڻ لاءِ هِتي آئي آهيان. هي چرچن جو دور هلندو رهيو جيسين چرن جيت سنگهه (ببلز) اتي آئي. هن جي پرڪشش شخصيت ۽ نشيلي اکيون هيون. هوءَ ريشم جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس هئي. هن کي ڏسي خشونت سنگهه جي چهري تي رونق اچي وئي. ائين لڳو ڄڻ هن آبِ حيات پي ورتو هجي. خشونت سنگهه پنهنجي خوبصورت مهمان کي ٻڌايو ته هن ميريڊن هوٽل جي سئلون ۾، جِتي هو منهن ۽ هٿ پيرن جي مالش مساج ڪرائڻ ويو هو اتي هڪ حسينا جيڪا هن جي ٽريٽمينٽ ڪري رهي هئي، ان سان هن فلرٽ ڪيو هو ۽ پوءِ پاڻ ئي لقمو ڏنائين ته ”سب چلتا هي ...“
جنهن شامَ جو آئون خشونت سان سندس گهر ملڻ لا3 ويو هوس ان ڏينهن به مونکان علاوه باقي سندس ٽي مهمان عورتون هيون. پنهنجي پيٽارو جي اوڏ دوستن: پروفيسر رامچند ۽ سندس ڀاءُ انڪم ٽئڪس ڪمشنر نول راءِ اوڏ جي پٽن جي شاديءَ جي سلسلي ۾ ڪنڊياري ۽ ڪراچيءَ کان نڪتل ڄڃ کي دهليءَ ۾ مهينو کن رهڻو پيو هو جنهن ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ جو سٺو موقعو ملي ويو هو. فلم ائڪٽر فيروز خان سان منهنجي پهرين عيلڪ سليڪ هئي جنهن منهنجي خشونت صاحب سان ملاقات ڪرائي.
خشونت سنگهه وڏي عرصي کان وچ دهلي ۾ سنجن سنگهه پارڪ واري علائقي ۾ رهي ٿو. سندس زندگي جو آخري ڏينهن به اتي گذريو جِتان پوءِ سندس لاش کي ميل کن اڳيان لوڌي روڊ واري شمشان گھاٽ ۾ ساڙيو ويو. دهلي جي مشهور ۽ پاش مارڪيٽ ”خان مارڪيٽ“ جنهن جو ذڪر آئون پنهنجي پهرين انڊيا واري سفرنامي ”دهلي جو درشن ۾ ڪرري چڪو آهيان، جي بلڪل ڀرسان ”سجن سنگهه پارڪ“ وارا فلئٽ آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته دهليءَ جو پهريون ”اپارٽمينٽ ڪامپليڪس“ آهي جيڪو خشونت جي والد صاحب هندستان جي ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ ٺاهيا هئا. سبرامنيا ڀارتي مارگ (روڊ) تي هن ڳاڙهين سرن واري اپارٽمينٽ بلڊنگ ۾ خشونت سنگهه جو گرائونڊ فلور تي E49 نمبر فلئٽ هو. هن عمارت جو نالو ”سجن سنگهه“ سر سوڀا سنگهه پنهنجي پيءُ يعني خشونت جي ڏاڏي نالي رکيو. ائڪٽر فيروز جي ڀيڻ دلشاد شيخ به هن جي پاڙيسري آهي. خشونت ٻڌايو ته فيروز خان جيئرو هو ته مون ڏي روز ڪواب موڪليندو هو يا شايد دلشاد وارا موڪلين ٿا جو ان ڏينهن به ڊنر تي ڪواب هئا. هونءَ به سندس گهر جي ڀرسان واري خان مارڪيٽ جا ڪواب سڄي دهليءَ ۾ مشهور آهن خاص ڪري ”سليم ڪباب“ ۽ ”خاص چاچا ڪباب“ شاپ وارن جا.
پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ اهو به لکندو هلان ته دهليءَ جي خان مارڪيٽ جو نالو پاڪستان جي اسفند يار جي ڏاڏي ۽ ولي خان جي والد ’خان عبدالغفار خان‘ جي نالي آهي جنهن کي ”فرنٽيئر گانڌي“ ۽ ”بادشاهه خان“ جي نالي سان پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو. هِتي اهو به لکندو هلان ته ”باڇا خان“ به خشونت سنگهه جيتري عمر پاتي. هو 1890ع ۾ ڄائو هو ۽ 1988ع ۾ وفات ڪيائين. بهرحال دهليءَ جي هيءَ ”خان مارڪيٽ“ جيڪا پاڪستان ٺهڻ بعد ٺهي ۽ خوشونت جي والد سر سوڀا سنگهه جي ”سجن سنگهه پارڪ“ ٺهرائڻ کان ڏهه سال کن پوءِ ٺهي، دهليءَ جي ان اهم علائقي ۾ آهي جِتي زمين جو اگهه سڀ کان گهڻو آهي. هيءَ مارڪيٽ ”انڊيا گيٽ“ جي بلڪل ويجهو ان هنڌ تي آهي جِتي مهارشي رامائن مارگ (روڊ) سبرامانيا ڀارتي مارگ سان ملي ٿو. ٿورو ئي اڳتي لوڌي باغ به آهي. خان مارڪيٽ وٽ انڊرگرائونڊ ميٽرو اسٽيشن پڻ آهي. دهلي جا ڪجهه اهم روڊ جهڙوڪ شاهجهان روڊ، پرٿوي روڊ، همايون روڊ، اورنگزيب روڊ پڻ ڀرسان ئي آهن. انگريزن جي ڏينهن جي ائمبسڊر هوٽل جيڪا هاڻ ”تاج وي وانتا“ سڏجي ٿي پڻ خشونت سنگهه جي گهر واري علائقي سجن سنگهه پارڪ وٽ آهي. خشونت سنگهه جي گهر ڀرسان وهندڙ ”سبرامانيا ڀارتي روڊ“ اڳيان وڃي ڊاڪٽر ذاڪر حسين مارگ سان لڳي ٿو. انڊيا ۾ اهم روڊ کي ’مارگ‘ سڏجي ٿو جيئن ملائيشيا ۾ ”جالان“ ۽ اسان وٽ ”شاهراهه“ هونءَ مارگ لفظ سنڌي ۾ به رستي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. شاهه لطيف جو هڪ بيت آهي ته: ”مارگ جي مرن وڏو طالع تن جو“ جيڪي روحاني واٽ ۾ ٿيون مرن، تن جو بخت وڏو چئبو. مارگ معنيٰ رستو، راهه، واٽ، ماڙ وغيره. سسئي محبت جي مارڳ ۾ مئي، تڏهن ته سندس نالو ديسان ديس وڄي ويو.
خشونت جي گهر جي ٻاهران سندس نالي جو بورڊ ته نظر نه آيو بلڪه اهو بورڊ ضرور هو جنهن تي لکيل هو:
Please do not ring the bell
Unless you are excepted
يعني توهان کي دعوت آهي يا توهان آڳهين appointment ورتي آهي ته پوءِ ڀلي ڊور بيل وڄايو. مونکي اهو به چيو ويو ته خشونت سان ملڻ وقت سندس گهر جو بيل فقط هڪ دفعو وڄائجانءِ. منهنجي جڏهن خشونت سان ٻيو دفعو دهليءَ ۾ ملاقات ٿي ته هو ڪافي ڪراڙو ٿي چڪو هو. نوي سالن جي لڳ ڀڳ هو پر ته به چرچن ڀوڳن ۾ ۽ آيل مهمان عورتن کي ڳراٽڙي پائي ملڻ ۾ نوجوان لڳو ٿي. هو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي سياست جون به خبرون پڇي رهيو هو جنهن بابت منهنجي ڄاڻ مشڪل سان پاسنگ مارڪن يعني 33 سيڪڙو تائين مس رهندي آهي. ڏهن سالن بعد، اڳئين پير پاڳارو صاحب جي وفات کان هڪ سال اڳ جڏهن جپان کان آيل پنهنجي ڏهٽي احسن ميمڻ جي شوق تي آئون ساڻن ملڻ ويس ته ان وقت سندن عمر ۽ خبرون پڇڻ جو اسٽائيل مونکي دهلي ۾ مليل خشونت ياد ڏياري رهيو هو. منهنجي سياست ۾ اڻ ڄاڻائي ڏسي مٿيون 33 سيڪڙو پاس مارڪن وارو جملو پيرپاڳاري مون لاءِ چيو هو.
خشونت جو ڪمرو هر اديب جي ڪمري جيان لڳو. صوفي ڀرسان ننڍي ٽيبل جنهن جي مٿان لکڻ لاءِ پنا ٻئي پاسي ڊريسنگ ٽيبل جهڙي الماري جنهن تي ميڪ اپ جي سامان بدران رڳو ڪِتاب ئي ڪِتاب. مٿي تي پڳڙيءَ بدران پشم جي ٽوپي جيڪا اسان ناروي ۽ سئيڊن جي سيءَ ۾ گهر ۾ پائي وهندا هئاسين. صوفي جي پويان ”بُخاري“، جنهن ۾ سياري ۾ ڪاٺيون ٻاري ڪمري کي گرم رکبو آهي.
خشونت کي جِتي ادب، شعرو شاعري، جرنلزم جو شوق آهي اتي پيرپاڳاري وانگر سياست جو به آهي. هو وزير اعظم اندراگانڌيءَ سان 1960ع ۾ تمام ويجھو رهيو. ان بعد 70 ۾ ۽ هڪ دفعو وري 1980ع ۾ به هو اِندرا جي تعريف ڪندو رهيو ۽ هن جي ڪچن ڪئبينيٽ جو ميمبر رهيو. خشونت سنگهه جي جن پرستارن کي سندس اها ڳالهه نٿي وڻي انهن ماڳهين سندس نالو ”خوشامدي ٽوڊي (Toady) سنگهه“ کڻي رکيو، پوءِ 1984ع ۾ جڏهن اِندرا سکن جي امرتسر واري اهم مندر (Golden Temple) تي حملو ڪرايو ته خشونت حڪومت طرفان کيس مليل ايوارڊ واپس ڪري ڇڏيو ۽ اندرا جي سياست ۽ پارٽي کي هميشه لاءِ باءِ باءِ ڪري ڇڏيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻو گهڻو پوءِ اندرا جي ننهن سونيا گانڌيءَ خشونت کي سندس لکڻين تي ان کان به وڏو ايوارڊ ڏنو. امرتسر جي گولڊن ٽيمپل واري حملي ۾ 450 کان مٿي سک ماريا ويا. پنجن مهينن بعد اندرا گانڌيءَ کي سندس ٻن سک گارڊن قتل ڪري ڇڏيو. هندو جوش ۾ اچي ويا ۽ دهليءَ ۾ سکن جي مار مارا شروع ڪري ڏنائون. اسان واري خشونت سنگهه دهلي ۾ موجود سئيڊن جي سفارتخاني ۾ وڃي پناهه ورتو..... جنهن بابت هو پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ته:
“I felt a refugee in my own country”
بهرحال، خشونت ان ڳالهه جي حق ۾ بلڪل نه هو ته سک پنهنجو الڳ ملڪ ”خالصتان“ ٺاهين.
خشونت وٽ آيل مهمان ۾ هڪ سندس Best فرينڊ خاتون ”سعديه دهلوي“ به هئي. سعديه جي خشونت ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ ان بعد مونکي به اڄ تائين جڏهن موقعو ملي ٿو ته سعديه جي ڪا لکڻي پڙهيو وٺان، سعديه به پنهنجي ڪالمن ۾ خشونت جي ڏاڍي تعريف ڪندي رهي آهي جنهن مان سندس خشونت لاءِ (يا شايد سندس فقط لکڻين لاءِ) هن جي دل سان چاهت جو اظهار ظاهر ٿئي ٿو. سعديه دهلوي صوفيزم جي اسڪالر آهي. خشونت سنگهه سندس 1993ع ۾ ڇپيل ڪِتاب “Not a nice man to know” سعديه کي منسوب ڪيو آهي ۽ سندس اسڪئنڊلن واري ڪِتاب “Women and men in my life” جي ٻاهران ڪور تي سعديه دهلويءَ جو فوٽو ڏنو آهي.
سعديه جي هڪ بلاگ thedehliwala.com ۾ سعديه لکي ٿي ته ”مونکان جيڪڏهن توهان پڇندائو ته ليکڪ خشونت سنگهه جي زندگيءَ ۾ ڪهڙيون عورتون رهيون آهن ته آئون اهو ئي چونديس ته اها فقط آئون ئي آهيان. خشونت لاءِ عورتون ان ڪري ڪشش محسوس ڪن ٿيون جو هو هنن سان همدردي ڪري ٿو.... هنن جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو.... جن جي دل ٽٽي پئي آهي انهن کي پنهنجو ڪلهو ڏئي ٿو ۽ هنن جا ڳوڙها اگهي ٿو. هن کي هر ماڻهوءَ کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت آهي. مون سميت ڪيترن ئي ليکڪائن ۽ ليکڪن جي ڪامياب بنجڻ ۾ خشونت جي همٿ افزائي شامل آهي.
سعديه ٻڌائي ٿي ته هن جي خشونت سان پهرين ملاقات عرب ڪلچرل سينٽر ۾ ٿي جِتي سندس ساهيڙي امينا احمد پنهنجي خطاطي (ڪيليگرافي) جي تصويرن جي نمائش ڪري رهي هئي. خشونت ان نمائش ۾ آيل هو. هو مون ڏي وڌيو ۽ مرڪندي چيو: Why are you so beautiful مون کلندي وراڻيو مانس ته: Because I am a beautiful person. هن مونکي ٻئي ڏينهن سندس گهر ”سجن سنگهه پارڪ“ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ آئون ان ڏينهن کان سندس گهر ايندي ويندي رهان ٿي. سندس فلئٽ منهنجي لاءِ امير، نامور ۽ بيڪار ماڻهن جي دنيا ڏسڻ جي دري آهي. خشونت جي هن فلئٽ تي مون ملڪ جي صدرن، اسيمبلي، ميمبرن، مذهبي رهنمائن، مفڪرن، آرٽسٽن، اديبن، شاعرن، سوداگرن، مظلوم عورتن، لالچي مردن ۽ خبر ناهي ڪهڙي ڪهڙي قسم جي ماڻهن سان ملاقات ڪئي. منهنجي خشونت سان ايڏي ته دوستي وڌي وئي جو هو مونکي ڪڏهن ڪڏهن گهمائڻ، ماڻهن جي گهرن ۽ پبلڪ فنڪشنن ۾ به وٺي هلڻ لڳو. سندس زال ڪنول به مونکي پسند ڪيو ٿي ان ڪري هن کي منهنجي خشونت جي بيڊروم ۾ وڃڻ تي به اعتراض نه هوندو هو. جيتوڻيڪ ٻين عورتن کي فقط اسٽڊي روم تائين محدود رکيو ٿي ۽ هر هڪ کي ڊنر لاءِ آڌر ڀاءُ نٿي ڪيو....“
هڪ دفعي سعديه اخبار وارن کي خشونت لاءِ ٻڌايو هو ته:
“We grew to share an incredible bond, a friendship that continue to nurture me intellectually & emotionally.”
سعديه ٻڌايو ته سندس خشونت سان دوستي تي ڪيترن کي ساڙ به رهي ٿو ۽ ڪيترا اهو الزام هڻن ٿا ته ”منهنجا اخباري ڪالم آئون نه پر خشونت لکي ٿو. دراصل ڳالهه اها آهي ته خشونت ۽ مونکي هن شهر دهلي ۽ اڙدو شاعريءَ سان پيار آهي. خشونت کي مسلمانن لاءِ دل ۾ همدردي آهي، خاص ڪري مسلمان عورتن لاءِ.“
ڪيترا پڙهندڙ شايد سوچيندا هجن ته هيءَ سعديه دهلي ڪير آهي. منهنجي عمر جا خاص ڪري ۽ ٽيهه چاليهه سال کن ننڍا سعديه جي ادبي فئملي کان چڱي طرح واقف هوندا جيڪي 1987ع تائين اڙدو جو مشهور ادبي ۽ فلمي رسالو ”شمع“ ڪڍندا رهيا. اسان ته اڃان ننڍن ڪلاسن ۾ پڙهندا هئاسين ته اسانجي ڳوٺ ۾ به شمع رسالو مشهور هو جنهن کان وڌيڪَ ان ۾ ايندڙ ”شمع معما“ جيڪي صحيح طرح ڀرڻ سان انعام مليو ٿي. هي انعام ان وقت جي حساب سان ڪافي وڏا هئا جو ڪنهن کي ڪو ٽيون انعام مليو ٿي ته به سڄي شهر بلڪه اوسي پاسي جي شهرن ۾ به وڏي هاڪ هلي ٿي.
وڏڙن کي اڪثر ڏسبو هو ته چانهه جي هوٽلن تي صحيح جواب لاءِ مٿا ڪٽ پيا ڪندا هئا. هڪ دفعي 1955ع ڌاري اسانجي هڪ عزيز ۽ سنڌي جي مشهور شاعر سائين عبداللطيف ساقيءَ جو به انعام نڪتو هو. سڀ کان گهڻو چرچو شاهي بازار جي هڪ درزيءَ جو هوندو هو جنهن جي دڪان تي هر وقت شمع معما جي صحيح حلن (جوابن) بابت گرما گرم بحث هلندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن چرچي ڀوڳ لاءِ کيس مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به گهرائيندو رهندو هو جو سندس گهر به اتي مخدومن جي بنگلي واري گهٽيءَ ۾ هو. مخدوم صاحب جن پهريون لُڪِ ۾ هڪ ڌارئين کي بيحد سنجيده لڳندا هئا پر هنن ۾ ادبي ۽ شعر و شاعري سان گڏ حسِ لطافت (Sense of Humor) به زبردست هئي. سندس وفات تائين آئون هنن وٽ پنهنجي والد صاحب گل محمد شيخ جيڪو هنن جو همعمر، کير شريڪ ڀاءُ ۽ دوست هو يا پنهنجي وڏي ڀيڻوئي ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ جيڪو هنن جو جنرل فزيشن هو، سان گڏ ويندو رهيس ۽ سندن شاعريءَ کان وڌيڪَ سندن وقتائتا چرچا ۽ مزاحيه جملا ٻڌي لطف اندوز ٿيندو هوس. سندن پهريون چرچو جيڪو اڃان تائين ياد اٿم ۽ اها سين اکين اڳيان ڦري رهي آهي، اڄ کان 61 سال اڳ جو آهي. انهن ڏينهن ۾ مخدوم اعجاز جي ڪوٽ ۾ سوئر ۽ ڪتن جي ويڙهه ٿيندي هئي جنهن کي ڏسڻ لاءِ شهر جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. هاڻ ثواب يا گناهه جو بحث نٿا ڪريون. انهن ڏينهن ۾ نه ٽي ويون هيون نه سئنيما هال، نه شراب خانا هئا ۽ نه جوا خانا، ماڻهن نه چوريون ڪيون ٿي ۽ نه خونريزون.... بس مهيني ڏيڍ ڪو سوئر جھلبو هو ته هن کي ڪتن سان ويڙهائڻ جو پڙهو ايندو هو ۽ ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ اها ئي هڪ وندر هوندي هئي. هڪ دفعي ڪو اهڙو طاقتور سوئر اچي ويو جنهن لاءِ چون ٿا ته راڻيپور جي پير موڪليو هو، سڀ ڪتا چٽ ڪري ڇڏيا پاڻ اهڙو ئي تازو نوبنو چڪر هڻي رهيو هو. ڪتن لاءِ شوقينن کي سڏ ٿيندا رهيا پر ڪو ڪتو موجود نه هو. مخدوم صاحب سندن ڀر ۾ ويٺل منهنجي والد صاحب ۽ ٻين دوستن: قاضي عبدالعليم، الهه بچايو گاجڻي، محمد صديق گاجڻي، اسماعيل انصاري ڪِتابن واري ڏي ڏسي، شمع معما ڀريندڙ درزيءَ جو نالو وٺي چيو ته هاڻ ان کي هيٺ موڪلجي ته ويهي شمع معما ڀري. ان تي سڀني ٽهڪ ڏنا. بهرحال هي اڙدو رسالو ’شمع‘ سڄي کنڊ ۾ مشهور هو شمع رسالو دهلي مان ’شمع گهر‘ مان نڪتو ٿي جنهن ۾ رسالي جو ايڊيٽر يونس دهلوي (سعديه جو پيءُ) ۽ چيف ايڊيٽر يوسف دهلوي (سعديه جو ڏاڏو) رهيو ٿي. هي شمع گهر ”سردار پٽيل روڊ“ تي آهي جِتي 1957ع ۾ سعديه جنم ورتو. اڄڪلهه هن عمارت ۾ ”باهو جان سماج پارٽي“ جو هيڊ ڪوارٽر آهي.
سعديه اڄ ڪلهه انڊيا جي چڱي مشهور ليکڪا ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ آهي ۽ انگريزي اخبار ”هندستان ٽائيمس“ کان علاوه اڙدو جي اخبار ”فرنٽ لائين“ ۾ پڻ سندس ڪالم ايندا رهن ٿا. پاڻ اجمير جي خواجا غريب نواز ۽ دهلي جي حضرت نظام الدين اولياء جي پوئلڳ آهي. پاڻ پنهنجي پٽ سان گڏ رهي ٿي. 2009ع ۾ سندس صوفيزم تي ڪِتاب هار پرڪولنس وارن ڇپيو جنهن جو نالو آهيSufism: The Heart of Islam سندس ٻيو ڪِتاب ”دي صوفي ڪورٽ يارڊ: درگاهز آف دهلي“ پڻ ساڳي پبلشر 2012ع ۾ ڇپيو.
خشونت سنگهه Not a Nice man to know ڪِتاب جيڪو سعديه کي منسوب ڪيو آهي ان ۾ سعديه لاءِ لکي ٿو:
“Dedicated to Sadia Dehlvi, who gave me more affection and notoriety than I deserve.”
”مين ائنڊوومين ان ماءِ لائيف“ ڪِتاب ۾ خشونت هڪ سڄو چئپٽر سعديه تي لکيو آهي. سعديه دهلوي کان ڪنهن انٽرويو ۾ جڏهن اهو پڇيو ويو ته تون هڪ وقت ڪراچيءَ ۾ به رهي چڪي آهين توکي ڪراچي ۽ دهليءَ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ساڳيون لڳن ٿيون؟ سعديه وراڻيو هو ته: ”جي ها. منهنجو مڙس پاڪستاني هو. اسان اسلام آباد، لاهور ۽ آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ به رهياسين. منهنجي دماغ ۾ پاڪستان جون ڪيتريون ئي يادون آهن پر دهلي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪا ورلي هڪجهڙائي آهي. اڃان به لاهور کي دهليءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ٻنهي شهرن ۾ ڪجهه شين جي ساڳائيءَ جو احساس ٿئي ٿو.... ٻيو نه ته تاريخ جي خيال کان، آب هوا ۽ ڪلچر جي خيال کان! هونءَ ته پاڪستان ۾ رهڻ دوران پورو ٽائيم آئون مونجھاري ۽ ڊپريشن جو شڪار رهيس ... مونکي ڪٿي به ڪا کليل جاءِ نه ملي جِتي مونکي پنهنجي وجود جي آزاد هجڻ جو احساس ٿي سگهي جيڪو انڊيا ۾ هر وقت رهي ٿو. دهليءَ جي ايئرپورٽ تي پير رکڻ سان مونکي فرحت اچي وئي ۽ رب جا شڪر ادا ڪيم ته چڱو جو منهنجي وڏن دهليءَ ۾ ئي رهي پوڻ کي ترجيح ڏني.
دهلي ڪي ناٿا ڪڇهه اوراقِ مصور ٿي
جو شڪل نظر آئي تصوير نظر آئي
بهرحال هِتي پاڻ خشونت سنگهه جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ته هو هڪ وڏو ارڏو ۽ بيباڪ ناول نِگار، ڪالم نگار، وڪيل، سياستدان ۽ صحافي هو جيڪو اڄ اسان کان جُدا ٿي ويو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڄ مذهبي انتها پسندي، لسانيت ۽ فرقيواريت جي باهه ۾ ٻرندڙ ”پاڪ هند“ ۾ سيڪيولرزم جي پرچار ڪندڙ هڪ وڏو وڪيل ۽ هندوستان ۽ پاڪستان وچ ۾ دوستي جي خواهش جو هڪ وڏو نالو هيءَ دنيا ڇڏي ويو آهي. بقول ذوالفقار هاليپوٽي (سنڌ جي جرنلسٽ) جنهن جي خشونت سان آخري ڏينهن ۾ مُلاقات ٿي ”خشونت سنگهه گهڻ رنگي ۽ گهڻ رخي طبيعت رکندڙ ماڻهو هو. سياسي ڪالم لکندو هو ته لڳندو هو ته سندس جهڙو سياسي تجزيي نِگار ورلي ڪو ملي. وري جنهن مهل ناول لکندو هو ته هن جو خيال هن جو گهاڻيٽو، لهجو ۽ ٻولي پڙهندڙ کي سحر انگيز ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. هو جنهن مهل شخصيتن جا پروفائيل يا تعزيتي مراسله لکندو هو ته لڳندو هو ته هن جهڙو درد دل ۾ رکندر ڪو ماڻهو دهليءَ ۾ نه ملندو ۽ وري جنهن مهل هو پنهنجي محبوب شهر دهلي جي اپر ڪلاس سياستدانن، صنعتڪارن، سول سرونٽس ۽ ٻين جي منافقانه ڪردار، انهن جي سيڪس لائيف ۽ شهر ۾ ٿيندڙ ٻين گهوٽالن بابت بي رحم تبصرا ڪندو هو ته ماڻهو کيس بدتميز ۽ ڇڙواڳ رائيٽر سڏيندا هئا. بقول احمد نديم قاسمي جي
عشق نه ٿا تو نقطي پي نقطا، بات سي بات نڪلتي ٿي
جب هوا عشق، تو آخري دم تڪ ايڪ هي افسانا چلا
خشونت ڇا ڇا نه لکيو. عورت، عشق، سيڪس، رومانيت، سياست، تاريخ، ثقافت ... هن هر موضوع تي ڪيترائي شاندار ڪِتاب تخليق ڪيا. سندس بهترين ڪِتابن ۾ دي گڊ، دي بئڊ، ائنڊ دي ريڊيڪيولس، ايگونسٽ خشونت، دي ڪمپني آف وومن، دي پورٽريٽ آف ليڊي، ايبسوليوٽ خشونت سنگهه ۽ ٻيا ڪيترائي زبردست ڪِتاب شامل آهن. هن سان ماڻهن جا ”لو ـــ هيٽ“ (محبتن توڻي نفرتن) وارا لاڳاپا رهيا. ڪن کي هو بي انتها وڻندو هو ته ڪن هن کي The Last Pakistani living on Indian soil قرار ڏنو. هن جي پاڪستان سان پيار ڪري ڪيترا کيس پاڪستان جو جاسوس به سمجھندا هئا.
خشونت سنگهه گارين وارا چرچا ڀوڳ ڪرڻ کان مشهور هجڻ جي باوجود هن هڪ ڊسپلينڊ زندگي گذاري ۽ هر شيءِ عادت مطابق ڪيائين. زندگي جا آخري سال به هو صبح جو 4 بجي اٿندو هو ۽ صبح جو وقت لکڻ پڙهڻ ۾ لڳائين ٿي، منجھند جو آرام ڪيائين ٿي. روزانو 7 بجي گهرايل مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪيائين ٿي ۽ ٻه پيگ وسڪيءَ جا پيتائين ٿي پنهنجي هڪ مضمون ۾ هو لکي ٿو ته هو انڊين ڇو آهي؟
پنهنجي ئي ڪيل ان سوال جو جواب ڏئي ٿو ته: ”ان ڪري جو مونوٽ ٻي ته ڪا Choice آهي ئي ڪانه. آئون انڊيا ۾ ئي ڄائس سو انڊين ٿي پيس. جيڪڏهن ڌڻي تعاليٰ هن ڌرتيءَ تي پيدا ڪرڻ کان اڳ مونکان ان سبجيڪٽ تي صلاح مشورو ڪري ها ته آئون ضرور ڪنهن اهڙي ملڪ جي چونڊ ڪريان ها جيڪو اميريءَ ۾ وڌ هجي ها، آدم شماريءَ ۾ گهٽ هجي ها، شراب ۽ مختلف کاڌن تي بندش نه هجي ها ۽ مذهبي منافقت کان پاڪ هجي ها....“
خشونت سنگهه 1939ع ۾ جڏهن 24 سالن جو هو ته ”ڪنول مَلڪ“ نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين ۽ کيس هڪ پٽ راهول سنگهه ۽ هڪ ڌيءَ مالا سنگهه ٿي. سندس زالَ کانئس 13 سال اڳ 2001ع ۾ گذاري وئي. خشونت کي موت جو سوچي پريشاني ضرور ٿيندي هئي ۽ هن جي خواهش هوندي هئي ته هو چڙهي جُتي سوار ٿي وڃي ۽ ٻي جي محتاجيءَ کان بچيل رهي. ۽ واقعي ٿيو به ائين ئي. سندس پٽ راهول ٻڌائي ٿو ته خشونت آخر تائين ٺيڪ ٺاڪ ۽ پنهنجن پيرن تي هلندو رهيو. آخري ٻه ڏينهن هو ڪجهه دير سان ستو. وفات وري ڏينهن به پنهنجي روٽين مطابق صبح جو چئين بجي اٿيو ۽ صبح جو ستين بجي پنهنجي دل پسند وسڪي پيتائين ۽ نيرن ڪيائين. روز وانگر ان ڏينهن به اخبارون پڙهندو رهيو ان بعد ڪراس پزل (معما) حل ڪندو رهيو جن جو هن کي ڏاڍو شوق هو. هن جو ذهني توازن بلڪل فرسٽ ڪلاس هو ۽ پوءِ هڪ ۾ 15 منٽ هئا ته هن کي اوچتو دل جو دورو پيو ۽ سيڪنڊن ۾ ساه نڪري ويس.
2010ع ۾ موت بابت خشونت سنگهه جا لکيل ويچار بلڪل پڙهڻ جهڙا آهن: هو لکي ٿو ته: ”اسانجي گهرن ۾ موت جو ذڪر ڪو رولي ٿئي ٿو. خبر ناهي ڇو! جڏهن ته اسان مان هر هڪ اهو سمجھي ٿو ته موت کي اچڻو ئي اچڻو آهي ۽ اسانکي ڪيرائڻو اٿس. موت کان ڪو بچي نٿو سگهي جيئن ياس يگانا چنگيزيءَ چيو آهي ته ”خُدا ۾ شڪ هو تو هو، موت ۾ نهين ڪوئي شڪ“. ۽ هر هڪ کي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکڻ کپي.
”95 ورهين جي ڄمار ۾ آئون موت جو سوچيان ٿو. آئون موت بابت هر هر سوچيندو رهان ٿو پر ان جي پريشاني ۾ پنهنجي ننڊ نٿو خراب ڪريان. آئون انهن جو سوچيندو رهان ٿو جيڪي هن جهان مان هليا ويا آهن. ڪيڏانهن هليا ويا آهن؟ هينئر هو ڪٿي هوندا؟ مونکي انهن سوالن جا جواب نه آهن: توهان ڪيڏانهن ويندائو، مرڻ کانپوءِ ڇا ٿيڻو آهي. دل وندرائڻ لاءِ فقط عمر خيام جي رباعي ڌيان ۾ ايندي آهي.
“There was a door to which I found no key,
There was a veil through which I could not see,
Some little talk awhile of Me and Thee,
There seemed - and then no more of thee & Me”
خشونت پنهنجي هڪ مشهور ڪِتاب ”ڊيٿ ائٽ ماءِ ڊور اسٽيپ“ ۾ لکيو آهي ته: موت ڪنهن کي به معافي نٿو ڏئي. هن ان ڪِتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته: ”موت بادشاهه جي به ائين وَٺَ ڪندو آهي جيئن عام فقيرن، سنتن، ساڌوئن ۽ اوِتارن جي. موت جڏهن اچي ٿو ته هن کي نه جوانن تي قياس اچي ٿو نه پوڙهن مڙهن تي رحم. ان ڪري اسان مان هر هڪ تي لازم آهي ته جڏهن هو قهار سِر تي چڙهي اچي بيهي رهي ته بجاءِ ڊڄڻ ۽ ڪنبڻ جي مُرڪي ان جي آجيان ڪريون.“
مٿين ڪِتاب يعني ”موت منهنجي چائنٺ تي“ ۾ هُو وڌيڪَ لکي ٿو ته: ”آئون هڪ حقيقت پرست ماڻهو آهيان. ان ڪري موت بعد، جنم وٺي وري زمين تي موٽي اچڻ کي خام خيالي ٿو ڄاڻان، يعني هندن واري اواگون يا پُنر جنم ۾ مُنهنجو ڪو به ويساهه ڪونهي.... معنيٰ جيڪو هڪ دفعو ويو سو سدائين لاءِ ڇُٽو! دئٽس آل! ان کان علاوه آئون به چاچا غالب سان شامل راءِ آهيان ته:
هم ڪو معلوم هي جنت ڪي حقيقت ليڪن
دل ڪو بهلاني ڪو غالب يه خيال اڇا هي
خشونت جي يارن دوستن ۽ محبوبائن جو هڪ وسيع ٽولو هو جنهن ۾ ملڪ جا صدر، وزير اعظم، چيف جسٽس، وڏا اداڪار..... شاعر.... موسيقار.... مصور ۽ عام شهري.... سڀ اچي ويا ٿي. هو ڳالهائڻ توڙي لکڻ جي معاملي ۾ بيباڪ اهڙو هو جو هڪ دفعي لکيائين ته: ”مونکي جيڪڏهن پنهنجن ويجھن دوستن جي فهرست ٺاهڻ لاءِ چيو ويندو ته انهن ۾ مٿين نالن ۾ منهنجي وفادار ڪتي سمبا جو نالو هوندو.“
خشونت ٻڌائي ٿو ته ”مون هڪ دفعي دلائي لاما کان پڇيو ته انسان کي موت کي ڪيئن منهن ڏيڻ کپي؟ هن مونکي mediation جو مشورو ڏنو. مونکي ڪو موت جو خوف ناهي ۽ ان کان ڊڄان ٿو. اهو ته هر صورت ۾ اچڻو آهي. جيئن ته ان تي مون ڪافي غور فڪر ڪيو آهي ان ڪري آئون ان بابت پريشان نه آهيان. بلڪه آئون ان لاءِ تيار آهيان جيئن اسد الله مرزا غالب لکيو آهي ته:
رَو مين هي رخشِ عمر، ڪهان ديکيي ٿمي
ني هاٿ باگ پر هين نه پا رڪاب مين
(عمر آهي جيڪا گهوڙي وانگر ٽاپيون هڻندي اڳيان پئي وڌي، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪٿي بيهي رهي. اسان جي هٿ ۾ نه هن جون واڳون آهن ۽ نه اسانجا پير ان جي رڪاب ۾ آهن.)
منهنجا سڀ همعمر جيڪي هتي انڊيا ۾ هئا يا پاڪستان ۽ انگلئنڊ ۾، سڀ هڪ هڪ ٿي گهليا ويا آهن. خبر ناهي ته سال ٻن کان پوءِ آئون به ڪٿي هوندس. موت کان ته ڊپ نه اٿم پر ان ڳالهه جو خوف ضرور اٿم ته ڪنهن ڏينهن پنهنجي اکين جو نور نه وڃائي وهان يا وڏي عمر ڪري لولو لنگڙو ٿي پوان ۽ ٻين جو محتاج ٿي رهان. آئون هونءَ ئي پنهنجي ڌي مالا تي ڪافي بار آهيان آئون هن تي وڌيڪَ بار نٿو ٿيڻ چاهيان.
منهنجي دل ۾ اها آس آهي ته موت مون وٽ ماٺ مٺوڙي ۾ اچي ۽ مونکي گهڻي تڪليف نه ڏئي. بس گھاٽي ننڊ مان ئي مونکي کڻي وڃي. ان جي اچڻ تائين آئون چاق چڱو ڀلو هجان ۽ هر ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ مشغول هجان. ڪرڻ لاءِ مون وٽ اڃان به ڪيترو ئي ڪم رهي ٿو. ڇا مونکي اهو ڪم پورو ڪرڻ جي مهلت ملندي. بهرحال پنهنجو پاڻ کي آئون ڊاڪٽر اقبال جو هي شعر ٻڌائي مطمئن ڪندو رهان ٿو:
باغِ بهشت سي مجهي حڪمِ سفر ديا ٿا ڪيون؟
ڪارِ جهان دراز هي، اب ميرا انتظار ڪر
(اي ربَ تو جنت جي باغَ مان مونکي ڪڍڻ جو حڪم ڇو ڏنو؟ بهرحال هن دنيا ۾ منهنجو ڪافي ڪم اڃان رهي ٿو، هاڻ منهنجو انتظار ڪر.)
”سو آئون اڪثر ”بڙي ميان“ (پنهنجي رب کي وقت بوقت آئون ان نالي سان مخاطب ٿيندو آهيان) کي چوندو رهندو آهيان ته هاڻ ٿورو صبر ڪر مونکي اڃان هن دنيا ۾ ڪافي ڪم مڪمل ڪرڻو آهي. آئون انگريز شاعر ٽينيسن جي هنن سٽن تي يقين رکان ٿو:
Sunset and evening star,
And one clear call for me,
And way there be no moaning of the bar,
When I put out to sea...
Twilight and evening bell,
And after that the dark!
And may there be no sadness or farewell,
When I embark.”
دراصل آئون جين ڌرم جي ان فلسفي ۾ يقين رکان ٿو ته موت هميشه ملهائڻ گهرجي. جڏهن به مونکي مايوسي ۽ ڊپريشن ٿئي ٿي ته آئون ڪنهن شمشان گھاٽ جو رخ رکان ٿو جِتي مُڙدن کي سڙندو ڏسي پاڻ کي بهتر سمجان ٿو. اهو عمل منهنجي لاءِ ٿيراپيءَ جو ڪم ڪري ٿو. دراصل، مون ته پنهنجي قبر لاءِ ڪتبو به لکي رکيو آهي:
“Here lies one who spared neither man nor God
Waste not your tears on him, he was a sod
Writing nasty things he regarded as great fun
Thank the lord he is dead, this son of a gun.”
(هِتي اهو شخص دفن آهي، جيڪو جيستائين زندهه هو ته، نه پنهنجو پاڻ کي معاف ڪيائين، نه ڀڳوان کي بخشيائين! ان ڪري اهڙي بد مزاج ماڻهوءَ لاءِ پنهنجا قيمتي ڳوڙها ضايع نه ڪجو، هو هڪ نهايت گناهگار شخص هو، جيڪو پنهنجي فضول تحريرن کي ماڻهن لاءِ تفريح تصور ڪندو هو. ڀڳوان جا لک لک شڪرانا، جو هاڻي هو مري چڪو آهي ۽ اهو به سدائين جي لاءِ.....!“
بهرحال قبر جي ڪتبي لاءِ لکيل لفظ (epitaph) لاءِ ٻيا به ڪيترا اديب، شاعر مرزا قليچ بيگ کان سعادت حسين منٽو جهڙا وصيت ڪري ويا. سڪندر اعظم جي قبر تي ڪتبو آهي ته ”اهو شخص جنهن لاءِ سڄي دنيا به گهٽ هئي ان لاءِ هاڻ قبر ڪافي آهي.“ اسانجي مشهور راڳي ڪندن لعل سهگل وصيت ڪئي هئي ته ”منهنجو جنازو کڻڻ مهل منهنجي گاني جو رڪارڊ وڄائجو: جب دل هي ٽوٽ گيا، اب جي ڪر ڪيا ڪرين هم.“ هڪ حسابن جي ماهر Ludolph Van Ceulen جي قبر تي فقط هي انگ لکيل آهي:
3.14159265358979326846264338327950
مئٿس جا شاگرد سمجھي ويا هوندا ته اهو انگ ڇا آهي؟ اها پاءِ جي Value آهي جيڪا هن ڊچ حسابدان لڊولف ايجاد ڪئي ... جيڪا ٻن گولن (Circles) جي circumference جو سندن قطر سان ratio ڪڍڻ لاءِ ڪم اچي ٿي. يا ڪنهن گول جي گهيري يعني circumference جي ماپ ڪڍڻ لاءِ گول (circle) جي قطر (diameter) کي هن Pye سان ضرب ڏني وڃي ٿي.
گهڻو گهڻو اڳ 1943ع ۾، جڏهن خشونت 28 سالن جو هو ته هن پنهنجي موت جي خبر لکي هئي جيڪا سندس ڪهاڻين جي مجموعي ۾ “Posthumous” جي عنوان سان ڇپي هئي. ”ان مضمون ۾،“ خشونت ٻڌائي ٿو، ”مون اهو تصور ڪيو هو ته روزناما انگريزي اخبار ”دي ٽربيون“ جي پهرين صفحي تي منهنجي ننڍي فوٽوءَ سان گڏ منهنجي مرڻ جي خبر شايع ٿئي ته ڪيئن هوندي خبر جو عنوان هوندو: ”سردار خشونت سنگهه مري ويو.“ ان بعد ننڍن اکرن ۾ هوندو: ”اسان کي اهو اطلاع ڪندي ڏک ٿو ٿئي ته سردار خشونت سنگهه ڪالهه شام جو 6 وڳي مري ويو. پٺيان سوڳوار ۾ هن نوجوان زال، ٻه معصوم ٻار ۽ وڏو تعداد دوستن ۽ پرستارن جو ڇڏيو آهي. سندس جنازي تي ملڪ جا ڪيترائي اهم ماڻهو اچي گڏ ٿيا.....“ تقريباً ستر سالن بعد سندس وفات تي واقعي ملڪ جا اهم ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ دنيا ۾ رهندڙ انيڪ پرستارن کي سندس مرڻ جو ڏک آهي. سندس وفات تي انڊيا جي وزير اعظم منموهن سنگهه ٽويٽ تي ميسيج ڪيو ته خشونت سنگهه هڪ باصلاحيت مصنف ۽ پيارو دوست هو. هن واقعي هڪ تخليقي زندگي گذاري.
مشهور تاريخدان رام چندر لکيو آهي ته خشونت سنگهه پنهنجي سکن جي تاريخ جي ڪري ياد ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ اسان هن کي وساري سگهون ٿا پر هن جا ڪِتابَ ۽ سخاوتون هميشه ياد رکيو وينديون. مصنف امتياو گهوش خراج تحسين پيش ڪندي لکيو آهي ته عظيم مؤرخ، ناول نِگار، ايڊيٽر، ڪالم نِگار ۽ هڪ شاندار ماڻهو ”خشونت سنگهه“ جو موت هڪ بيحد افسوسناڪ خبر آهي.
خشونت سنگهه جي اها عجيب ڳالهه آهي ته هو سڄي زندگي نه رڳو چرچا ٻڌائيندو رهيو پر ماڻهن سان به ڪندو رهيو ـــ خاص ڪري عورتن سان! هونءَ ٻڌڻ وارا اهو به چوندا هئا ته خشونت جا ڪم ته ڪهڙا آهن پر ساڳي وقت وري تجسس ۾ به رهندا هئا ته هن فلاڻي يا فلاڻيءَ سان ڪهڙو چرچو ڪيو. جن ڏينهن ۾ پاڻ پارليامينٽ جو ميمبر هو تن ڏينهن ۾ فلم اسٽار نرگس دت به ميمبر هئي. نرگس جي تعزيتي نوٽ ۾ خشونت لکي ٿو ته: ”پارليامينت جي اجلاس ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي ويٺا هئاسين ته نرگس چيو: ”سردار جي! هو تنهنجو جيڪو بئنگلور وارو بنگلو آهي نه، ٿورن ڏينهن لاءِ ان جي چاٻي ته ڏي. آئون ٻارن سوڌو اوڏانهن گهمڻ لاءِ ٿي وڃان.“ چيومانس.... ”حاظر! پر هڪ شرط تي چاٻيون ڏيندس، چيائين: ”شرط قبول آهي،“ چيومانس: ”ته پوءِ مونکي اجازت هوندي ته پنهنجي ڪالم ۾ لکندس ته، نرگس ... بئنگلور واري منهنجي بيڊروم ۾ منهنجي هنڌ تي..... آرام فرمايو هو.“
مختلف چرچا ٻين جي نالي ٻڌائڻ لاءِ هن ٻه خيالي ڪردار بانٽا سنگهه ۽ سانتا سنگهه ايجاد ڪيا هئا جن کي هر ڳالهه ۾ ٽنبيندو رهيو ٿي.
بانٽا سنگهه سانتا سنگهه کي چيو ته مون هڪ قسم جو ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو آهي جيڪو اسان انسان وانگر behave ڪري ٿو. ”ڪهڙي ڳالهه ۾؟“ سانتا سنگهه حيرت مان پڇڇيو. ”جڏهن هو ڪا غلطي ڪري ٿو،“ بانتا سنگهه چيو، ”ته ان غلطيءَ جو ڏوهه ٻين ڪمپيوٽر تي هڻي ٿو.“ خشونت هڪ ٻيو لطيفو ٿو ٻڌائي ته :
• انٽرويو جي دوران هڪ ائڪٽريس کان پڇيو ويو ته آيا هن جو ويجھڙائيءَ ۾ شادي جو ارادو آهي؟
نوجوان عورت انڪار ڪندي وراڻيو ته: ”آئون پنهنجي والده جي نقش قدم تي هلڻ چاهيان ٿي. آئون هن وانگر سنگل رهڻ چاهيان ٿي.
• خشونت لکي ٿو ته: ننڍن ٻارن کي توهان هنن جي زندگيءَ جا پهرين ٻه سال واڪ ۽ ٽاڪ سيکاريو ٿا ۽ پوءِ توهان هنن کي 16 سال وهڻ ۽ ماٺ ۾ رهڻ جو حڪم ڏيندا رهو ٿا.
• آئون خدا کان سائيڪل جي گهر ڪندو رهيس. پر پوءِ سمجهه ۾ آيم ته قدرت جو ڪاروبار ائين نٿو هلي آئون ويس ۽ هڪ سائيڪل چوري ڪري آيس ۽ پوءِ خدا کان ان گناهه جي معافي گهرندو رهيس.
• روشني آواز کان تمام گهڻي تيز آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا ماڻهو بيحد ذهين نظر اچن ٿا ۽ پوءِ سندن ڳالهيون ٻڌي سندن اصليت جي خبر پوي ٿي.
اڄ کان نو سال کن اڳ دهليءَ ۾ خشونت سان ملاقات دوران خبر ناهي ڪيئن دين ڌرم جي ڳالهه اچي نڪتي. ان شامَ جو ڪچهريءَ ۾ موجود هڪ خاتون جيڪا جرنلسٽ لڳي ٿي تنهن چيو ته ”سر! توهان جي لکڻين ۽ ڳالهين مان پڙهندڙ کي توهان بابت اهو اميج ملي ٿو ته توهان Agnostic (لا ادري) آهيو پر توهان جي لکيل ”سِکن جي تاريخ“ ڪِتاب مان توهان جو لاڙو سک ڌرم سان لڳي ٿو ۽ توهان جي قوميت پنجابي هجڻ جو اظهار ٿئي ٿو.“
دراصل ان کان اڳ Atheist (دهريو) جي عنوان سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ته مون کلندي چيو هو ته اسان جي ادبي دنيا ۾ دهريو سڏائڻ فيشن ٿي ويو آهي پر پوءِ مرڻ جي ويجھو پهچڻ تي اهي اڪثر وڏا مذهبي ٿي ويندا آهن ۽ هونءَ به ”بي آف بسڪي“ (انلگلنڊ جي ڀر واري خطرناڪ سمنڊ) يا سياري جي مند ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ ڪراس ڪرڻ مهل جهاز تي مونکي ورلي ڪو دهريو نظر آيو هوندو.
بهرحال ان رات اٿڻ وارا هئاسين سردار وسڪيءَ جو آخري پيگ چاڙهيو هو ۽ زبردست قرار ۾ هو. جواب ڏيڻ بدران اسانکي چتائي ڏسندو رهيو.
۽ پوءِ مرڪندي بلهي شاهه جو شعرُ چيو:
بلها! ڪي جانان مين ڪون؟
نه مين مومن وچ مسيتان
نه مين وچ ڪفر ديان ريتان
نه مين پاکان وچ پليتان
نه مين موسيٰ، نه فرعون
بلها! ڪي جانان مين ڪون.
خشونت سنگهه جي دلپسند شاعرن مان مرزا اسد الله غالب پڻ هو. سعديه دهلوي ٻڌائي ٿي ته ”سردار جي“ ڪڏهن غالب جو هي شعر به ٻڌائيندو هو.

هم وهان هين جهان سي هم ڪو ڀي
ڪڇه هماري خبر نهين آتي!

منشي عبدالڪريم ۽ وڪٽوريا مهاراڻي (هڪ انوکي عشق جي ڪهاڻي)

هندستان تي ان وقت مغل بادشاهه جهانگير جي حڪومت هئي جو سندس پٽ بيمار ٿي پيو هو. هڪ انگريز ڊاڪٽر سندس علاج ڪيو ۽ نينگر نوبنو ٿي ويو. بادشاهه سلامت حڪم جاري ڪيو ته انعام طور انگريز ڊاڪٽر کي سندس پٽ جي تور جيترو سون ڏنو وڃي. انگريز ڊاڪٽر سون وٺڻ کان انڪار ڪندي بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو ته ان جي بدلي ۾ هن جي ملڪ جي ماڻهن (انگريزن) کي انڊيا ۾ واپار جي اجازت ڏني وڃي. اهڙي طرح انگريزن جو انڊيا ۾ اچڻ شروع ٿي ويو ۽ واپار وڌائڻ سان گڏ مڪاني سياست ۽ حڪومت جو به جائزو وٺندا رهيا ۽ آهستي آهستي مڪاني حاڪمن جي ڪمزورين جو جائزو وٺي هنن کي پاڻَ ۾ ويڙهائي، ڪن کي پاڻ شڪست ڏني ۽ سڄي انڊيا کنڊَ تي قبضو ڪري ورتو. اهڙي طرح هندستان ۾ واپار ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪرڻ وارا انگريز هندستان جا ”حاڪم“ ٿي ويا ۽ جن جو ملڪ هو.... هندو، مسلمان، سک وغيره سڀ هنن جا ”غلام“ ٿي ويا. مجال آهي جو ڪو نواب، راجا يا بادشاهت جو وارث ڪجهه ڪڇي سگهي. انگريز ايڏا منظم ۽ هوشيار هئا جو جنهن ٿي بغاوت ڪئي ان کي اهڙو سبق ٿي سيکاريو جو ٻيا بي همٿا ٿي ٿي پيا. اهڙي طرح اهو حال انگريزن ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ڪينيا، نائيجيريا کان آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ تائين ڪيو ۽ انهن ملڪن ۽ ماڻهن کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. انهن ڏينهن ۾ اهو سچ چيو ويو ٿي ته برطانيه جي حڪومت تان سج ڪڏهن به نٿو لهي. ملايا، برما، انڊيا، سري لنڪا ۾ رات ٿي ٿي ته يوگنڊا، ڪينيا ۽ سائوٿ آفريڪا ۽ رهوڊيشيا ۾ سج نظر آيو ٿي ۽ اتي اونداهه ٿي ٿي ته ڪئناڊا ۾ سج رهيو ٿي. يعني دنيا جي گولي تي انگريزن جي هٿ ۾ ايترا ته ملڪ هئا جو ڪٿي نه ڪٿي سج چمڪندو نظر آيو ٿي.
ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪن تي يورپ جي ٻين ملڪن فرانس، جرمني، اسپين، پورچوگال، اٽلي ۽ هالنڊ جهڙن به قبضو ڪيو پر برطانيا جي حڪومت سڀ ۾ طاقتور مڃي وئي ٿي ۽ ملڪ جو بادشاهه يا راڻي دنيا ۾ طاقتور ترين سمجھيا ويا ٿي. آمريڪا جي صدر جو به اهو ٺاٺ ۽ پاور نه هو جيڪو انگريز بادشاهه/راڻي جو رهيو ٿي. اسان پنهنجي چوڌاري ڪهڙي به پير، مير، جاگيردار، نواب جو تصور ڪريون ته هو انگريز راڄ ڌڻي جي مقابلي ۾ ڪجهه به ثابت نه ٿيندو. انگريز سلطنت جو سڀ کان وڏو اوج، دٻدٻو ۽ عروج تڏهن هو جڏهن راڻي وڪٽوريا انگلنڊ جي تخت تي ويٺل هئي. انگلنڊ جي تخت جي دٻدٻي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ جڏهن انگلنڊ جي هٿن مان اهي سڀ ملڪ نڪري ويا آهن، اڄ جڏهن هر هڪ آزاد ۽ برابر سمجھيو وڃي ٿو تڏهن به انگلنڊ جي اڄ جي راڻي ايلزبيٿ سان ائين هرڪو ملي نٿو سگهي جيئن سئيڊن، ڊئنمارڪ يا يورپ جي ٻين راڻين يا بادشاهن سان هڪ عام ماڻهو ملي سگهي ٿو. بلڪه سئيڊن جي شاهي خاندان کي اسان جهڙن ماڻهن عام پارڪن ۽ فنڪشنن ۾ ڏٺو جڏهن سئيڊن ۾ پڙهندا هئاسين. بهرحال انگريزن جو جڏهن اسان جي ننڍي کنڊ تي راڄ هو ته برطانيه جي تخت ڌڻي طرفان مقرر ٿيل وائسراءِ يا گورنر يا ڪمشنر سان به ملڻ جي فقط نوابن ۽ راجائن کي اجازت هوندي هئي جنهن لاءِ به هنن کي اڳواٽ موڪل ۽ وقت وٺڻو پوندو هو ۽ ملاقات جو چند منٽ شرف حاصل ڪرڻ تي کين وڏا وڏا تحفا، سون ۽ هيرن جون ٿيلهيون انگريز حاڪمن کي نذراني طور پيش ڪرڻيون پيون ٿي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته برطانيه جي تخت ڌني جو فقط پري کان ديدار ڪرڻ به ڪيڏي وڏي ڳالهه ٿي سگهي ٿي!
هاڻوڪي راڻي ايلزبيٿ جي جڏهن تاج پوشي ٿي هئي ته ان موقعي تي انڊيا، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي ڪجهه اهم ماڻهن کي اهو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني وئي هئي. جيتوڻيڪ ان وقت ننڍي کنڊ (برٽش انڊيا) کي خودمختياري ملڪي چڪي هئي ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي چڪو هو پر اسان جي ماڻهن ان دعوت کي وڏي نعمت سمجھي. هو ڀاڙا ڀتا ڀري لنڊن ويا ۽ اهو فنڪشن ڏسڻ لاءِ کين فرلانگ کن پري وهڻ جي جاءِ ملي ۽ چند گهڙين جي ديدار کي هنن زندگي جو وڏو سرمايو سمجھيو ۽ واپسي تي پنهنجي ديس واسين کي گد گد ٿي اچي ٻڌايائون ۽ مرڻ تائين ٻڌائيندا رهيا ته هنن کي ڪيڏي وڏي عزت بخشي وئي! نه رڳو پنهنجي وطن جي ڪجهه ماڻهن سان پر هِتي ملائيشيا ۾ پڻ شروع وارن سالن ۾، منهنجي هِتي جي ڪجهه وڏن ۽ اهم ماڻهن سان ملاقات ٿي جيڪي جيتوڻيڪ پاڻ ئي وڏا فيوڊل لارڊ، جاگيردار ۽ ڀوتار آهن جن جا هزارين پوئلڳ ۽ جانثار آهن پر سائين برطانيا جي راڻي صاحبه جي پري کان ڏٺل هڪ جھلڪ به هنن لاءِ زندگي جو وڏو سرمايو هئي. راڻي صاحبه جو فقط ديدار ئي هنن لاءِ ايڏي وڏي ڳالهه هئي جو مرندي گهڙي تائين انهن لمحن جو ذڪر ڪندي هنن جي زبان نٿي خشڪ ٿي پر جيڪڏهن راڻي صاحبه ساڻن هٿ ملائي ها يا ڀر ۾ وهاري منٽ کن ڳالهه ٻولهه ڪري ها ته نه فقط هنن لاءِ پر هنن جي مريدن، رعيت، راڄ لاءِ هڪ اهڙو حيرت انگريز ڪارنامو سمجھيو وڃي ها جنهن جو ڪو سوچي نه سگهي ها!
مٿي هي سڀ ڪجهه مون ان ڪري لکيو آهي جيئن منهنجو پڙهندڙ جنهن آزاد فضا ۾ ساهه کنيو آهي اهو ان غلامي جي دور جو احساس ۽ اسان جي ماڻهن جي سائڪي سمجھي سگهي جيڪو هڪ عام انگريز جي نظرن ۾ به ڪمتر سمجھيو ويو ٿي. مٿئين مثال مان پڙهندڙ اهو به اندايو لڳائي سگهندا ته انگريزن جو اسان مٿان راڄ ختم ٿيڻ بعد به جڏهن اتي جي راڻي ايلزبيٿ ايڏي وڏي پير مرشد سمجھي وڃي ٿي ته سندس ڏاڏي پڙڏاڏي وڪٽوريا جيڪا راڻين جي به راڻي يعني مهاراڻي سمجھي وئي ٿي اها پنهنجي زماني ۾ ڇا اهم شيءِ هوندي! ۽ هاڻ جيڪڏهن توهان کي ٻڌايان ته ان دور ۾ هندستان ۾ عبدالڪريم نالي هڪ اهڙو به عام نوڪر هو جنهن کي وڪٽوريا پنهنجي ڪمري ۾ گهرايو ٿي، هن کي ڀر ۾ وهاري هن کان اڙدو سکي ٿي، ڪيترن دعوتن ۾ هن کي نه فقط پاڻ سان وٺي وئي ٿي پر هن انگريزن سان گڏ وهاريو ٿي. بيمار ٿي پوڻ تي مهاراڻي وڪٽوريا پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان نه فقط هن جو علاج ڪرايو ٿي پر عبدالڪريم جي ڪمري ۾ وڃي هن جو حال پڇيو ٿي. هن کي آرام سان سمهڻ لاءِ هن جو وهاڻو سيٽ ڪيو ٿي ۽ هن کي مالي فائدو پهچائڻ لاءِ ان وقت جي انڊيا جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون تي زور آندو ٿي. عبدالڪريم کي مهاراڻي وڪٽوريا ذاتي خذمتگار طور رکيو پر پوءِ هن جو مرتبو وڌائڻ ڪارڻ هن کي منشي جو خطاب ڏنو. سال ڏيڍ بعد عبدالڪريم موڪلن تي هندستان هليو ويندو هو ته وڪٽوريا کيس خط لکندي هئي. وڪٽوريا جيڪا روزمرهه جي ڊائري لکندي هئي ان ۾ پڻ منشي عبدالڪريم جون تعريفون هونديون هيون.
عبدالڪريم کان اڳ مهاراڻي وڪٽوريا جو دلپسند خذمتگار جان برائون (1826-1883) نالي اسڪاٽ هو جنهن جي ساٿ ۽ خذمت گذاري مان راڻي صاحبه بيحد خوش هئي. پر سڀني جو اهو چوڻ آهي ته جيترو راڻي کي عبدالڪريم پسند هو ان جي مقابلي ۾ جان برائون ڪجهه به نه هو. جيتوڻيڪ مهاراڻي وڪٽوريا کي سندس انگريز خذمتگار سان به ايترو پيار هو. بقول هڪ انگريزي تاريخدان جي:

“The exact nature of his relationship with Victoria was the subject of a great speculation by contemporaries and continues to be controversial today......”
وڪٽوريا جي پنهنجن ٻارن ۽ دربار جا وزيرن ۽ صلاحڪارن ان ڳالهه کي پسند نٿي ڪيو. ايتري قدر جو مهاراڻيءَ جون ڌيئرون ته کل کل ۾ برائون لاءِ چئي ڏينديون هيون ته هو “Mama’s Lover” آهي. نوڪرن ۾ گهڻي دلچسپي رکڻ جو هي سلسلو، مهاراڻي وڪٽوريا، پنهنجي مڙس البرٽ جي مرڻ بعد يڪدم شروع ڪيو. 1861ع ۾ جيئن البرٽ وفات ڪئي ته مهاراڻيءَ جان برائون کي ذاتي جذمتگار طور پاڻ وٽ رکيو. جنهن لاءِ ڊربي جي ”پنڌراهين ارل“ ايڊورڊ اسٽينلي پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته ”شاهي آداب ۽ اخلاق جي خلاف راڻي وڪٽوريا پنهنجي خذمتگار کي ڀر واري ڪمري ۾ سمهاريندي هئي. هر هڪ جي زبان تي هنن جي مشڪوڪ تعلقاتن جون ڪهاڻيون هيون......“.
57 سالن جي ڄمار ۾، 1883 ۾ جان برائون جي مري وڃڻ بعد سگهوئي عبدالڪريم هن جي جاءِ ولاري. عبدالڪريم 1887 ۾ جڏهن مهاراڻي وڪٽوريا جي خذمت لاءِ لنڊن ته هن جي ان وقت عمر فقط 24 سالَ هئي. عبدالڪريم کي مهاراڻي صاحبه جي سندس مرڻ گهڙيءَ تائين جملي 15 سال قربت حاصل رهي.
عبدالڪريم جهانسي شهر جي ڀر واري ڳوٺ لَليتپور ۾ حاجي محمد وزير الدين جي گهر ۾ 1863ع ۾ جنم ورتو. سنڌ جا مشهور اديب مرزا قليچ بيگ، ڏيارام گدو مل ۽ پرمانند ميوارام ان وقت سمجهو ته ست اٺ سالن جا هئا. بهرحال عبدالڪريم جو پيءُ انگريزن جي هڪ فوجي ريجمينٽ جي اسپتال ۾ اسسٽنٽ هو. عبدالڪريم کي وڏو ڀاءُ عبدالعزيز ۽ چار ننڍيون ڀيڻيون هيون. عبدالڪريم کي سندس پيءُ پرائيويٽلي فارسي ۽ اڙدو پڙهائي. 1880 ۾ ائنگلو افغان لڙائي جي خاتمي بعد عبدالڪريم جي پيءُ کي فوج مان ٽرانسفر ڪري سينٽرل جيل آگري ۾ سِول نوڪريءَ ۾ رکيو ويو ۽ عبدالڪريم آگار ۾ اتي جي جاوارا نواب وٽ نمائندي جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. 3 سال اگار ۾ ڪم ڪرڻ بعد عبدالڪريم پيءُ وٽ آيو ۽ آگري جيل ۾ ڪلارڪ طور ڪم شروع ڪيو.
جيئن حيدرآباد جيل ۾ قيدين کي کاڌيءَ جو ڪپڙو اڻڻ سيکاريو وڃي ٿو ته هو ڪمائي جوڳا ٿي سگهن اهڙي طرح آگري جيل ۾ قيدين کي غاليچا ٺاهڻ جي ڪم ۾ لڳايو ويو ٿي. 1886 ۾ لنڊن ۾ هڪ نمائش جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ آگري جيل مان 34 قيدين کي موڪليو ويو ته هو غاليچا ٺاهڻ جو هنر ڏيکارين. جيتوڻيڪ عبدالڪريم کي قيدين سان گڏ لنڊن نه موڪليو ويو پر قيدين جي ۽ مهاراڻي وڪٽوريا لاءِ تحفي خاطر ٻن غاليچن جي چونڊ عبدالڪريم ذريعي ڪئي وئي. نِمائش جي ڪاميابي تي آگري جيل جي سپرنٽنڊنٽ ”جان ٽيلر“ جي تعريف ٿي جنهن جي عيوض هن عبدالڪريم کي به شاباس ڏني. مهاراڻي وڪٽوريا کي پنهنجي انڊين راڄ ۾ تمام گهڻي دلچسپي رهي ٿي ۽ هن ان نمائش دوران ان خواهش جو اظهار ڪيو ته سندس سلطنت جي گولڊن جوبلي لاءِ ٻن هندستاني خذمتگارن کي رکيو وڃي. هن جيل سپرنٽنڊنٽ جان ٽيلر کي حڪم ڏنو ته هن جي خذمت چاڪري لاءِ ٻن هندستانين کي هڪ سال جي مدي لاءِ موڪليو وڃي.
جان ٽيلر هندستان پهچي يڪدم پنهنجي جيل جي ڪلارڪ عبدالڪريم کي جلدي جلدي انگريزي ۽ انگريزن جي آداب اطوار (manners) جي تربيت ڏياري، هڪ ٻئي همراهه محمد بخش سان گڏ هڪ سال لاءِ مهاراڻي جي ٽهل ٽڪور لاءِ لنڊن موڪليو. محمد بخش هن کان اڳ به انڊيا ۾ هڪ انگريز ميجر جنرل ٿامس وٽ نوڪري ڪري چڪو هو جيڪو هاڻ انڊيا مان بدلي ٿي لنڊن ۾ مهاراڻي جي محل جي ڪم ڪارين جو انچارج مقرر ٿيو هو.
عبدالڪريم ريل گاڏي ذريعي آگري کان بمبئي پهتو جتان پوءِ اسٽيمر ذريعي جون 1887 ۾ لنڊن پهتو. انهن ڏينهن ۾ انجڻ ايجاد ٿي چڪي هئي جنهن جا پسٽن ٻاڦ ذريعي هيٺ مٿي ٿيا ٿي جنهن سان ريل جا ڦيٿا يا پاڻي جي جهاز جو پروپيلر ڳنڍيل هو. ڊيزل يا پيٽرول انجڻيون پوءِ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ايجاد ٿيون نه ته ٻاڦ تي هلڻ ڪري ان وقت جا جهاز ”اسٽيمر“ يا آگبوٽ سڏبا هئا. عبدالڪريم ۽ محمد بخش کي ونڊسر ڪئسل (ونڊسر محل) ۾ ميجر جنرل ٿامس (Thomas Dennehy) حوالي ڪيو ويو. جِتي هنن پهريون دفعو 23 جون 1887 جي صبح جو مهاراڻي وڪٽوريا کي نيرن Serve ڪئي. مهاراڻي وڪٽوريا کي ڊائري لکڻ جي عادت هئي. هن جي ڊائريءَ مان ان تاريخ تي هندستان جي هنن خذمتگارن بابت سندس راءِ جي ڄاڻ پوي ٿي. هن عبدالڪريم لاءِ لکيو ته........
”........ هي محمد بخش کان عمر ۾ ڪافي ننڍو، رنگ ۾ صاف، ڊگهو ۽ همٿ ۽ فضيلت وارو نوجوان آهي جنهن جو پيءُ آگري ۾ حڪيم آهي. ڪريم ۽ بخش ٻنهي منهنجي پيرن کي چميو......“
پنجن ڏينهن بعد مهاراڻيءَ پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو: ”هي هندستاني خذمتگار منهنجو بيحد گهڻو خيال رکن ٿا ۽ منهنجي حڪم جي پوئواري ڪرڻ لاءِ حاضر رهن ٿا....“
3 آگسٽ تي هن لکيو: ”آئون هنن کان هندستاني زبان جا ڪجهه ڪجهه لفظ سکي رهي آهيان. هي همراهه ۽ هنن جي زبان مون لاءِ باعث دلچسپي آهي.“ 20 آگسٽ تي مهاراڻيءَ کي ”هنن جو رڌل ٻوڙ “Curry” بيحد پسند آيو.“ ۽ 30 آگسٽ تائين عبدالڪريم مهاراڻي وڪٽوريا کي اڙدو جا ايترا لفظ سيکاري چڪو هو جيڪي هن بڙودا جي مهاراڻي چمنا ٻائي جي ڊسمبر واري آڌر ڀاءُ ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪافي سمجيا.
وڪٽوريا جي عبدالڪريم ۾ ڏينهون ڏينهن دلچسپي وڌندي وئي ۽ حڪم جاري ڪيو ته عبدالڪريم کي مزيد ٽيوشن ذّريعي انگريزي سيکاري وڃي. فيبروري 1888 ڌاري هن مهاراڻي جي لکيل ڊائريءَ موجب:
“................ He has learnt English wonderfully”
راڻي صاحبه جو پاڻ لاءِ ايڏو قرب پسي هڪ ڏينهن ڪريم هن سان ماڻو ڪيو ته هو هندستان ۾ ته ڪلارڪ هو پر هِتي هن کي هٿ جو پورهيو (Menial Work) ڪرڻو پوي ٿو جيڪو هن جي مان مرتبي کان گهٽ آهي. راڻي صاحبه هن کي يڪدم ترقي ڏئي ”منشي“ مقرر ڪيو. هيءَ آگسٽ 1888 جي ڳالهه آهي. راڻي صاحبه جي وڌيڪَ حڪم تي ڪريم جا اهي سڀ اڳوڻا فوٽو ڦاڙيا ويا جن ۾ هو با ادب خادم وانگر وڪٽوريا جي ڀرسان بيهي ماني کارائي رهيو آهي يا ڪجهه کڻي ڏيڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي. تواريخ ۾ هي پهريون هندستاني هو جنهن کي انگلنڊ جي راڻيءَ جو ذاتي ڪلارڪ ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو. ساڻس گڏ آيل ٻيو هندستاني محمد بخش 1899 ۾ مهاراڻي وڪٽوريا جي وفات تائين ونڊسر محل ۾ خذمتگار ۽ ماني کارائڻ وارو بئرو ئي ٿي رهيو.
ڪريم جي زندگي جو احوال ڪيترن ئي لکيو آهي جنهن مان هڪ سشيلا آنند پڻ آهي جنهن راڻيءَ جي لکيل خطن جو حوالي ڏيندي لکيو آهي ته راڻي صاحبه عبدالڪريم کي دل ۽ دماغَ سان چاهيو ٿي. هن عبدالڪريم سان سياست کان فلسفي تائين هر عنوان تي ڪچهري ڪئي ٿي. عبدالڪريم کي ونڊسر محل ۾ ڪم ڪندڙ هندستاني نوڪرن جو انچارج بڻايو ويو ۽ هنن جي پگهارن ۽ ڏيتي ليتيءَ جي جوابداري ڪريم کي سونپي وئي. راڻي وڪٽوريا پنهنجي خطن توڙي محل ۾ رکيل جرنل ۾ عبدالڪريم جي تمام گهڻي تعريف لکي آهي: ”هو تمام سٺو ۽ فضيلت وارو آهي جنهن کي آئون گهڻو چاهيان ٿي......“ وڪٽوريا جي لفظن مطابق:
“I am so very fond of him. He is good and gentle & understanding all I want and is real comfort to me.....”
بالمورل محل ۾ ڪريم کي اهو ڪمرو ڏنو ويو جيڪو راڻي صاحبه جي هن کان اڳ واري دلپسند انگريز نوڪر جان برائون کي مليل هو، جيڪو 1883 ۾ گذاري ويو هو. بقول BBC جي نمائندي الستر لاسن جي عبدالڪريم راڻي وڪٽوريا جو وڏو رازدار ۽ ويجھو دوست هو جيتوڻيڪ ان ڳالهه کي شاهي گهراڻي جا ماڻهو راڻي جي وفات بعد توڙي سندس حياتيءَ ۾ لڪائيندا رهيا. راڻيءَ جي وفات بعد جيتوڻيڪ عبدالڪريم وٽ لنڊن ۾ توڙي هندستان واري گهر ۾ موجود راڻي صاحبه جي خطن ۽ سندس ڊائرين کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو پر ويجھڙائي ۾ راڻي وڪٽوريا ۽ ڪريم جي تعلقات تي ڇپيل ڪِتاب “Victoria & Abdul Karim” ۾ مصنف شراباني باسوءَ جيڪو احوال لکيو آهي اهو انهن بچيل ڊائرين جي آڌار تي لکيو آهي جيڪي عبدالڪريم جي مائٽن لڪائي ڇڏيون هيون جن ۾ عبدالڪريم جي لنڊن ۾ گذاريل ڏهه سالن گولڊن جوبلي کان ڊائمنڊ جوبلي تائين جون ڳالهيون آهن. هندستان جي ورهاڱي تي مرحوم عبدالڪريم جا پونئير اهي ڊائريون ۽ خط پاڪستان کڻي آيا. هنن کي جڏهن خبر پيئي ته محترما باسو عبدالڪريم ۽ راڻي صاحبه تي ڪِتابُ لکي رهي آهي ته هنن پاڻ وٽ سانڍيل ڊائريون ۽ خط ”شراباني باسو“ کي ڏسڻ ڏنا جنهن اهي پڙهڻ بعد اهو چيو هو ته:

I was fortunate enough to have unearthed a truly remarkable love story.

هي ڪِتاب هسٽري پريس وارن لنڊن ۾ ڇپيو. هنن ڊائرين مان اها به ڄاڻَ پوي ٿي ته مهاراڻي وڪٽوريا انگريز خذمتگار جان برائون کان به وڌيڪَ هندستاني خادم عبدالڪريم کي پسند ڪيو ٿي ۽ هن جي وڌيڪَ ويجھو هئي. 1861 ۾ راڻي وڪٽوريا جو مرس شهزادو البرٽ جيئن ئي گذاري ويو ته راڻيءَ پنهنجي هن خذمتگار جان برائون سان کڻي دوستي وڌائي. هيترن ملڪن جي راڻيءَ جو هڪ نوڪر جي ايڏو ويجھو وڃڻ ۽ پاڻ سان گڏ رکڻ ڪري، شاهي گهراڻي توڙي سرڪاري ڪامورن ۾ چوٻول پيدا ٿي ويو. هنن کي مهاراڻي صاحبه جي انگريز نوڪر ”جان برائون“ سان ئي گهرائي نٿي وڻي ۽ هاڻ هندستان کان آيل هڪ قداور، ٺاهوڪي نوجوان ڪريم سان جان برائون کان وڌيڪَ دوستي رکڻ ڪري هر هڪ کي تمام گهڻي حيرتَ ٿي. بقول شراباني باسو ليکڪا جي:

It was a relationship that sent shock waves through the royal court and was arguably a relationship far more scandalous than her much reported friendship with Mr. John Brown.

بهرحال عبدالڪريم هندستان کان لنڊن جي ونڊسر محل ۾ جون 1887 ۾ آيو هو ۽ اٽڪل 16 مهينن بعد هن کي وطن وڃڻ لاءِ چئن مهينن جي موڪل ملي جنهن ۾ هو پنهنجي پيءُ سان مليو. ان موڪل دوران به مهاراڻي وڪٽويا جي عبدالڪريم سان خط و ڪِتابت ڪريم هلندي رهي. هندوستان مان راڻي وڪٽوريا کي لکيل خطن مان هڪ ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ لکيو ته هو ريٽائرڊ ٿيڻ وارو آهي ۽ هو پينشن جي اميد رکي ٿو. ان ئي خط ۾ ڪريم پنهنجي اڳوڻي صاحب جان ٽيلر جي پروموشن جي سفارش پڻ ڪئي. جان ٽيلر آگري جيل جو سپرنٽنڊنٽ هو جنهن عبدالڪريم جي مدد سان جيل ۾ غاليچا ٺاهڻ وارن قيدين جي چونڊ ڪري انهن کي لنڊن ۾ لڳل نمائش ۾ حصو وٺڻ لاءِ موڪليو هو.
عبدالڪليم جي سفارش تي راڻي وڪٽوريا سال 1889 جا شروع وارا ڇهه مهينا هندپستان جي ان وقت جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون (Lord Lansdowne) سان خط و ڪِتابت ڪندي رهي ۽ هن تي زور وجھندي رهي ته عبدالڪريم جي پيءُ وزير الدين کي پينشن عطا ڪئي وڃي ۽ جان ٽيلر جي پروموشن ڪئي وڃي.
هي وائسراءِ اهو هو جنهن جي نالي روهڙي سکر کي ڳنڍيندڙ پل لئنسڊائون برج سڏجي ٿي. هيءَ پل 1887 ۾ جڏهن ٺهي راس ٿي هئي ته هيءَ پل ان وقت جي دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي Rigid گرڊر واري پل مڃي وئي ٿي. اوڻهين صديءَ جي هيءَ پل هڪ عجوبو سمجھي وئي ٿي جنهن ۾ 3300 ٽن لوهه استعمال ٿيو هو. ممبئي ۾ رهندڙ ان وقت جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون سکر اچي 25 مارچ 1889 تي هن پل جو افتتاح ڪيو هو. اهڙن موقعن تي کڻي ڪهڙو به ملڪ ۽ موسم هجي انگريز بهادر مڪمل يونيفار ۽ سوٽ ٽاءِ ۾ ئي اٽينڊ ڪري ٿو. سکر جي گرميءَ جو خيال رکي هي جشن منجھند يا شامَ جو ڪرڻ بداران صبح ساجھر رکيو ويو. پل کولڻ جو افتتاح هڪ خوبصورت موتين سان مڙهيل تالي کي ڪنجيءَ سان کولي ڪيو ويو. هي سهڻي ڊيزائين وارو ڪلف (Pad Lock) لاهور جي ”مايو اسڪول آف آرٽ“ جي پرنسپال ”جي. ايل. ڪپلنگ“ ڊزائين ڪيو هو. ياد رهي ته انگريزي جو شاعر ۽ ليکڪ جوزف رڊيارڊ ڪپلنگ هن پرنسپال صاحب جو پٽ هو. هِتي اهو پڻ لکندو هلان ته عوام ۽ ٽرئفڪ جي وڌڻ ڪري (1960-1962) ۾ هن جي ڀرسان ٻي پل ٺاهي وئي جيڪا ايوب برج سڏجي ٿي. پهرين واري پل کان هيءَ پل 100 فٽ کن جي فاصلي تي آهي پر پري کان هي ٻئي پليون ائين لڳن ٿيون ڄن هڪ هجن. هن پل جو افتتاح ان وقت جي صدر محمد ايوب خان 6 مئي 1962 تي ڪيو هو.
انڊيا جو هي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون 1845 ۾ لنڊن ۾ ڄائو ۽ 1927 ۾ وفات ڪيائين. پاڻ 1883 کان 1888 تائين ڪئناڊا جو گورنر جنرل ٿي رهيو. ان بعد 1894 تائين 6 سال انڊيا جو وائسراءِ ٿي رهيو. انڊيا جي اترکنڊ رياست ۾ سندس نالي ”لئنسڊائون“ شهر پڻ آهي جيڪو ان کان اڳ ڪالوڊنڊا نالي مشهور هو. هن وائسراءِ نالي ڪولڪتا ۾ لئنسڊائون روڊ پڻ هو جيڪو هاڻ سرت بوش روڊ سڏجي ٿو. ائين ته هن جي زال نالي ”ليڊي لئنسڊائون“ هڪ ٻاڦ تي هلندڙ جهاز (اسٽيمر) پڻ هوندو هو جيڪو انگلنڊ جي شهر برڪنهيڊ ۾ ٺهيو هو. هي جهاز دنيا جو پهريون لوهي جهاز آهي جنهن جون ڀتيون واٽر ٽائيٽ ٺاهيون ويون هيون جيئن جهاز جي هڪ حصي کي نقصان رسي ته پاڻي ٻين حصن تائين پهچي نه سگهي. هي جهاز نمائش طور اڄ به لنڊن ۾ موجود آهي. ويجھڙائيءَ ۾ ڪنهن مئگزين ۾ پڙهيم ته ان جهاز کي هاڻي ڀڃي ڀوري ان جي جاءِ تي هڪ گهڻ ماڙ عمارت اڏي ٿي وڃي.
پاڻ عبدالڪريم جي مهاراڻي وڪٽوريا سان ويجھن تعلقات ۽ اهميت جي ڳالهه ڪريون جيڪا شروع ۾ بيان ڪيل هن حقيقت مان ظاهر آهي: نومبر 1888 ۾ ڪريم کي وطن وڃڻ لاءِ چئن مهينن جي موڪل ملي جنهن دوران هن پنهنجي پيءُ سان ملاقات ڪئي. ان بعد ڪريم مهاراڻي وڪٽوريا کي خط لکيو ته هن جو پيءُ رٽائرڊ ٿيڻ وارو آهي ۽ هو اميد ٿو رکي ته هن کي رٽائرمينٽ بعد پينشن سان نوازيو وڃي. ڪريم هن خط ۾ راڻي وڪٽوريا کي پنهنجي سابق باس جان ٽيلر لاءِ به سفارش ڪئي ته هن کي پڻ ترقي ڏني وڃي.
ڪريم جي ان سفارشي خط جي نتيجي ۾ سال 1889 جا پهريان ڇهه مهينا مهاراڻي وڪٽوريا انڊيا جي ان وقت جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون کي ڪريم جي پيءُ وزير دين جي پينشن ۽ جان ٽيلر کي پروموشن ڏيڻ لاءِ خط و ڪِتابت ڪندي رهي. ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته هڪ انڊين خذمتگار جي ايتري هلي ٿي جو جان ٽيلر جهڙي اعليٰ عملدار انگريز کي به ڪريم جهڙي هڪ ادنيٰ ديسي ماڻهوءَ جي پارت جي ضرورت سمجھي ٿي.
ڪريم جي ايڏي لئه ۽ راڻي وڪٽوريا جي نظرن ۾ ايڏو اهم ٿي وڃڻ جيڪا ان وقت دنيا جي طاقتور هستي مڃي وئي ٿي جو هوءَ نه فقط انگلنڊ جي راڻي هئي پر انڊيا، ملايا، سلون، برما، ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، ويسٽ انڊيز، ڪينيا، يوگنڊا، نائيجيريا، هانگ ڪانگ، سنگاپور..... خبر ناهي ڪيترن ملڪن ۽ ٻيٽن جي راڻي هئي، شاهي گهراڻي هن شخص لاءِ ساڙ ۽ نفرت جو ماحول پيدا ڪيو. سوچڻ جي ڳالهه آهي جِتي عام حالتن ۾ برطانيا جي شاهي خاندان جي ڪنهن ماڻهوءَ کي سماجي طرح ڪنهن راجا يا نواب کان گهٽ واري هندستاني سان ڳالهائڻ کي به خراب سمجھيو ويو ٿي اتي برطانيا جي تخت ۽ تاج جي مالڪڻ مهاراڻي وڪٽوريا هڪ ادنيٰ ڪاري هندستاني خذمتگار تي ائين فدا ٿيندي رهي! هونءَ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ايشيا جا ماڻهو توڙي کڻي آفريڪا جي شيدين وانگر ايترو ڪارا نه هجون پر سڏيا ته ڪارا ۽ ڪلرڊ وڃون ٿا. پر حقيقت اها هئي ته عبدالڪريم پٺاڻن وانگر ڳاڙهو، صحتمند ۽ سهڻو جوان لڳو ٿي ۽ کيس ڳالهائڻ جي به اَدا آئي ٿي ۽ تاريخ ۾ مهاراڻي وڪٽوريا پهرين عورت ته نه هئي جيڪا هڪ غلام تي فدا ٿي رهي هئي. مصر جي عزيز جي زال ذوليخا به ته پنهنجي غلام تي موهت ٿي هئي. بهرحال راند جا قانون کڻي ڇا به هجن پر وڪٽوريا پنهنجي درٻار ۽ خاندان جي ماڻهن کان اهوئي چاهيو ٿي ته هن سان آزاداني نموني سان گڏ هلندڙ هڪ هندستاني ماڻهوءَ کي هو ايتري ئي عزت ۽ مانُ ڏين، جيڪو هو انگريز گوري آفيسر کي ڏين ٿا. هوڏانهن عبدالڪريم کي به ايڏو اعتماد هو جو هن به اهوئي چاهيو ٿي ته انگريز کيس پاڻ برابر سمجھن.
پرنس آف ويلز البرٽ ايڊورڊ 26 اپريل 1889 تي راڻي وڪٽوريا جي خذمت ۾ جڏهن هڪ تفريحي جشن جو بندوبست ڪيو ته ڪريم کي اهو معلوم ڪري پنهنجي بي عزتي محسوس ٿي ته سندس ڪرسي نوڪرن واري پنڊال ۾ لڳائي وئي هئي. هو اتي وهڻ بدران رُسي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. بعد ۾ راڻي وڪٽوريا هن جو پاسو کڻي، جشن جو انتظام ڪرڻ وارن کي سمجھائيندي رهي ته هنن کي ڪريم جي لاءِ ڪرسي شاهي خاندان جي ٻين مهمانن سان گڏ لڳائڻ کَتي ٿي. 1890ع ۾ جڏهن مهاراڻي وڪٽوريا بريمر راندين (Braemar Games) ڏسڻ آئي ته سندس پٽ آرٿر ڊيوڪ آف ڪناٽ (جنهن جي نالي دهلي ۾ ڪناٽ پئلس ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڪناٽ روڊ آهي) عبدالڪريم کي وي آءِ پي ماڻهن سان گڏ ويٺل ڏسي ڪاوڙ ۾ راڻي صاحبه جي پرائيويٽ سيڪريٽري سَر هينري پونسونباءِ وٽ آيو. سيڪريٽريءَ هن جي ڪاوڙ ٿڌي ڪندي چيو ته جيئن ته هن اهو ڪم راڻي صاحبه جي حڪم تي ڪيو آهي ان ڪري هن کي راڻي ڏي رجوع ٿيڻ کپي. هينري ان بابت پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ته: “This entirely shut him up” يعني اهو ٻڌي راڻي جو پٽ چپ ٿي ويو.
ڪريم جي روزانو وڌندڙ لئه ۽ شوخي ڏسي محلات ۾ ڪم ڪندڙ گورن جي نظرن ۾ هو هڪ ناپسنديده شخصيت بڻجي پيو. هي اهو دور هو جڏهن انگلنڊ ۾ نسل پرستي عروج تي هئي ۽ انگريزن جو سڄي دنيا تي حاوي هجڻ ڪري هنن جو مانُ ۽ مرتبو يورپي قومن ۾ به مٿانهون هو. شاهي خاندان جي ماڻهن توڙي سرڪاري ڪامورن ۽ تخت ۽ تاج جو ڪاروبار هلائيندڙ گورن هرگز نٿي چاهيو ته Dark-skinned ديسي ماڻهو، جنهن کي انگريز Native سڏي گهٽتائي ڪندا هئا اهو راڻي جي ويجھو ته ڇا پر انگريز نوڪرن سان گڏ هڪ ئي ٽيبل تي ماني به نه کائي. پر وڪٽوريا صاحبه هر وقت هن پنهنجي دلپسند هندستاني خذمتگار “Dear Good Munshi” جو پاسو کڻي معاملو رفع دفع ڪري ڇڏيو ٿي. جنهن وقت به ڪريم جي دانهن ڪنهن راڻيءَ کي ڏني ٿي ته هن ڪريم جي خلاف هر ڳالهه ٻڌڻ کان نابري واري ڇڏي ٿي. اهڙي طرح هن ڪريم جو بچاءُ ڪري ورتو ٿي بلڪه شڪايت آڻيندڙ کي غلط قرار ڏنو ٿي. ان سلسلي ۾ هڪ حيرت انگيز ڳالهه پڻ هِتي لکان ٿو. مختلف وقتن ۾ لنڊن ۾ راڻي جي محل ۾ ڪريم وٽ سندس ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينرون به اچي رهيون ٿي. هڪ دفعي (جون 1889 ۾) ڪريم جي ڀيڻوئي حرمت عليءَ راڻي وڪٽوريا جا سونا بروش ونڊسر جي هڪ سوناري کي وڪيا.
وڪٽوريا ڪريم جي اها ڳالهه ٻڌي دل ۾ نه ڪيو ته بقول ڪريم جي ”راڻي جا گم ٿيل بروش حرمت عليءَ لڌا ۽ انڊيا ۾ اها ڳالهه عام آهي ۽ صحيح سمجھي وڃي ٿي ته گم ٿيل شيءِ جو مالڪ لڀڻ وارو ئي ٿئي ٿو.“ راڻيءَ جي ماٺ ۽ مطمئن ٿيڻ تي درٻار ۽ محل جا سڀ واسطيدار ۽ شاهي خاندان جا ماڻهو ظاهري طرح ته چپ ٿي ويا پر دل ئي دل ۾ هنن ان کي چوري ئي سمجھيو.
مٿين واقعي کان فقط مهينو کن بعد يعني جولاءِ 1889 ۾ راڻي وڪٽوريا کي ڪريم کي وڌيڪَ پنهنجي ويجھو رکڻ لاءِ کيس ڪجهه ڏينهن اڳ وفات ڪري ويل سندس ذاتي ڊاڪٽر سر جيمس رِيڊ وارو ڪمرو ڏنو ۽ کيس پنهنجي ڊرائنگ روم (Sitting Room) واري ڪمري کي استعمال ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني.
راڻي وڪٽوريا، پنهنجي خذمتگار عبدالڪريم (جيڪو هاڻ منشي ڪريم سڏيو ويو ٿي) جي اثر هيٺ اچي پنهنجي انديا واري وائسراءِ لئنسڊائون تي زور آڻيندي رهي جنهن ڪريم جي پيءُ جي پينشن واري ڪم جي ته حامي نه ڀري باقي جان ٽيلر کي جيل جو ائڪٽنگ آءِ جي (انسپيڪٽر جنرل پوليس) ضرور بنايو.
ڪريم ۽ راڻي وڪٽوريا تي لکيل ڪِتابن، مضمونن ۽ ڊائرين ۾ اهو به آهي ته شاهي محل جي ماڻهن کي ان وقت بيحد حيرت ٿي جڏهن 1889 جي سيپٽمبر واري مهيني ۾ راڻي وڪٽوريا بالمورل محل م وڃي رهي هئي ته اتي هن ڪريم کي گهرائي هڪ ڏورانهين اسٽيٽ هائوس ۾ هڪ رات گذاري. هن کان اڳ راڻي وڪٽوريا ان ڏورانهين گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن برائون کي به گهرائيندي هئي. ”جان برائون“ لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هو ڪريم کان اڳ وڪٽوريا جو خاص خذمتگار هو ۽ سندس راڻيءَ سان تعلقات بيحد مشڪوڪ رهيا. بهرحال جان برائون جي وفات بعد راڻيءَ قسم کنيو هو ته هوءَ هاڻ ان گهر ۾ ڪنهن سان نه ويندي. سو ظاهر آهي پنهنجو قسم ڀڃي ڪريم سان ان نويڪلي هنڌ تي رات گذارڻ سڀني لاءِ حيرت جي ڳالهه هئي.
راڻي وڪٽوريا جو ڪريم منشي سان ويجھڙائپ جو هڪ ٻيو مثال، جيڪو بيحد مشهور آهي: 1890 جي شروع وارن ڏينهن ۾ ڪريم بيمار ٿي پيو. کيس ڳچيءَ تي وڏي ڦُرڙي ٿي پيئي. راڻي پنهنجي ذاتي معالج کي ڪريم جي علاج لاءِ موڪليو ۽ کيس خط ۾ پنهنجي پريشاني جو اظهار ڪندي لکيو ته هوءَ محسوس ٿي ڪري ته هڪ راڻيءَ جي حيثيت ۾ هن جي جوابداري آهي ته ڏورانهين ڏيهه هندستان کان هلي آيل نوڪرن جو خيال رکيو وڃي. انگريز ڊاڪٽر ڪريم جي ڦٽ جي آپريشن ڪئي ۽ آخرڪار هو صحتمند ٿيو. راڻي جي هن ذاتي معالج جي ڊائري ۾ مارچ 1890 واري صفحي تي راڻيءَ بابت لکيل آهي ته: ”راڻي صاحبه ڪريم جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ڏينهن ۾ ٻه دفعا پاڻ خود ڪريم جي ڪمري ۾ هلي آئي ٿي ۽ هن وٽ ويهي اردو جا سبق به ورتا ٿي. سندس ڳچيءَ تي هٿ رکي زخم کي ڏٺو ٿي ۽ وهاڻا ٺاهي رکيا ٿي ۽ چادر کي لسو ڪيو ٿي. “
1890 ۾ راڻي وڪٽوريا ان وقت جي اعليٰ آرٽسٽ ”هينرچ وان انجيلي“ کان ڪريم جو پورٽريٽ ٺهرايو. پر راڻيءَ مطابق ”هينرچ اهو پاڻ ٺاهيو جو هن کي شوق هو ته ڪنهن هندستانيءَ جي تصوير ٺاهي وڃي. ڪريم جو سهڻو چهرو ۽ رنگ ڏسي هو بيوس ٿي ويو.“
11 جولاءِ 1890 تي مهاراڻي وڪٽوريا لنـڊن کان هندستان جي وائسراءِ لئنسڊائون کي خط لکيو ته هن جي ”بيحد بهترين ۽ مثالي نوجوان منشي عبدالڪريم کي ڪا زمين عطا ڪئي وڃي“ پوڙهي راڻيءَ کي پنهنجي اولاد ۽ محل جو ڪاروبار هلائڻ وارن تي ڀروسو نه هو. هن وصيت ڪرڻ بدران پنهنجي جيئري ئي ڪريم کي عيش ڪرائڻ چاهيو ٿي پر سائين وڪٽوريا جيتوڻيڪ راڻي هئي پر سندس گورن عملدارن اصولن کي به ڏٺو ٿي ۽ هر ڳالهه يعني حڪم جي اکيون پوري پوئواري نٿي ڪئي. سکر روهڙي پل واري وائسراءِ لئنسڊائون راڻي صاحبه کي جواب ۾ لکيو ته ”ٺهيل قانون موجب زمينون فقط سپاهين کي ڏئي سگهجن ٿيون سي به اهي جن جي ڊگهي سروس رهي آهي ۽ ان سان گڏ سچائي ۽ وفاداري جو ثبوت ڏنو آهي.“
بهرحال وئسراءِ اها ڳالهه قبول ڪئي ته هو منشي ڪريم لاءِ ساليانو 600 رپين جي گرانٽ جو بندوبست ڪندو. ”ان گرانٽ جي به فقط اهي پوڙها فوجي اميد رکي سگهن ٿا جن سڄي ڄمار انگريز راڄ جي دل و جان سان خذمت ڪئي.“ بهرحال پوءِ نيٺ وائسراءِ ڪريم جي ڳوٺ آگري جي ڀرسان هن لاءِ زمين جي چونڊَ ڪئي ۽ وڪٽوريا کي اطلاع ڪيو ويو.
1892 ۾ ڪريم جو پيءُ وزيردين برطانيا گهمڻ ويو ۽ هو سمورو وقت بالمورل ۽ ونڊسر محلن ۾ رهيو. 1893 ۾ هو رٽائرد ٿيو ۽ 1894 جي نئين سال جي ڏينهن تي راڻي وڪٽوريا جن اهم ماڻهن کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ اعلان ڪيو انهن ۾ هڪ ڪريم جو پيءُ به هو جنهن کي ”خانبهادر“ جو خطاب عطا ڪيو ويو. ان ڳالهه انڊيا جي وائسراءِ کي به حيرت ۾ وجھي ڇڏيو.
جيڪي ڏينهن ڪريم موڪل تي هندستان ايندو هو انهن ۾ به وڪٽوريا کيس خط لکندي رهي ٿي جيڪي جيتوڻيڪ سندس زبان انگريزي ۾ هوندا هئا پر انهن تي آخر ۾ هوءَ اڙدو ۾ صحيح ڪندي هئي جيڪا ڪريم هن کي سيکاري هئي. ڪريم انگلنڊ ۾ راڻي ۽ ٻين کي اهوئي ٻڌايو ته هن جو پيءُ سرجن آهي. 1894 ۾ لارڊ لئنسڊائون جو وائسراءِ وارو مدو ختم ٿيو ۽ ان جي جاءِ تي لارڊ الگن (Elgin) انڊيا جو وائسراءِ ٿيو. راڻي وڪٽوريا نئين وائسراءِ جي ”ايڊ ڊي ڪئمپ“ فريڊرڪ کي لکيو ته هو آگري وڃي اتي جي سرجن جنرل وزيردين جي خير عافيت معلوم ڪري اچي. انگلنڊ موٽڻ تي فريڊرڪ اچي راڻي وڪٽوريا کي ٻڌايو ته وزيردين سرجن جنرل ته ڪونهي پر هو اتي جي جيل ۾ دوائون وڪڻڻ وارو آهي.
چون ٿا ته اها ڳالهه راڻي وڪٽوريا کي نه پسند آئي ۽ نه اعتبار آيس. هن فريڊرڪ کي چيو ته پڪ تون ڪنهن ٻئي سان ملي آيو آهين ۽ پنهنجي ناپسند جي اظهار خاطر هن سڄو سال فريڊرڪ کي ڊنر جي دعوت نه ڏني.
1894 جي ڪرسمس تي منشي ڪريم لنڊن مان هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن ڏي ڪرسمس ڪارڊ موڪليو. راڻي وڪٽوريا کي جڏهن خبر پئي ته موٽ ۾ وائسراءِ ڪريم کي نه ڪارڊ نه خط لکيو ته هن فريڊرڪ ذريعي وائسراءِ کي شڪايت موڪلي. ان جي جواب ۾ وائسراءِ ايلگن راڻيءَ کي لکيو ته:

“I did not imagine that any acknowledgement was necessary or that the Queen would expect him to send one”

هن حيرت جو اظهار ڪيو ته اها ڳالهه هن جي سوچ کان ٻاهر آهي ته انڊيا جي وائسراءِ جي حيثيت ۾ هو هندستان جي Native نوڪرن کي سندن موڪليل ڪارڊن جا جواب لکي! ۽ ان ڳالهه لاءِ راڻي صاحبه جي به خواهش آهي.
لنڊن مان فريڊرڪ انڊيا لارڊ ايلگن کي 1895 ۾ لکيو ته ڪريم کي سڄي محل جا ماڻهو اهڙو ئي نفرت سان ڏسن ٿا جهڙو جان برائون کي ڪريم کان اڳ. جان برائون راڻي وڪٽوريا جي دلپسند شخصيت هو ۽ جنهن لاءِ پڻ محل ۾ عجيب افواهه پکڙيل هئا ۽ راڻيءَ جي هن سان ويجھڙائيءَ کي پڻ شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو ٿي. ان بابت شهزاديءَ بيٽريس، لوئي، شهزادي هينري، برطانيه جي وزير اعظم لارڊ روزبيري، سيڪريٽري اسٽيٽ فولر ۽ ٻين اهم ماڻهن جڏهن راڻي وڪٽوريا سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته هن ڪريم خلاف نه فقط ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر سخت ڪاوڙجي پيئي. سڀني اهوئي سوچيو ته ڪريم راڻيءَ جي لاءِ ائين آهي جيئن ڪنهن لاءِ ڪتو، ٻلو يا ڪو ٻيو پالتو جانور يا پکي جنهن کان پالڻ وارو جدا ٿيڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري.
هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن کي انگلنڊ واري محل جي ماڻهن ۽ ٻين خير خواهن خبردار ڪيو ته هو انڊيا کان راڻي صاحبه سان جيڪا خط و ڪِتابت ڪري ٿو اها سوچي سمجھي ڪري جو راڻي پنهنجا ذاتي ۽ سرڪاري خط منشي ڪريم کي به پڙهڻ لاءِ ڏئي ٿي. راڻي وڪٽوريا جي صلاحڪارن کي اهو انديشو هو ته انڊيا جي آزادي خاطر انگريزن سان ويڙهاند رکندڙ هندستاني باغي مسلمان رفيع الدين جي ڪريم سان عليڪ سليڪ آهي ۽ هنن کي شڪ هو ته ڪريم ڪيتريون ئي راز جون ڳالهيون رفيع الدين کي ٻڌائي ٿو جيڪي افغانستان جي امير عبدالرحمٰن خان تائين پهچن ٿيون. بهرحال آخر تائين ان شڪ جي صحيح هجڻ جا ثبوت حاصل ٿي نه سگهيا.
ڪريم کي زمين ۽ پئسن جي گرانٽ ملڻ ڪري هو هاڻ هڪ امير ماڻهو ٿي پيو هو. هو راڻي وڪٽوريا جي پسنديده شخصيت (پالتو جانور يا بهترين خذمتگار) جي ناتي راڻيءَ مان ننڍا ننڍا فائدا ته هر وقت وٺندو رهيو ٿي پر هاڻ هن راڻيءَ وٽ پنهنجي نئين خواهش جو اظهار ڪيو ته هن کي ”نواب“ بڻايو وڃي. هي عهدو انگلنڊ ۾ Peer جي برابر آهي جنهن ۾ Order of Indian Empire جي نائيٽ هڊ عطا ڪئي وڃي ٿي. چون ٿا ته راڻيءَ جي ڳالهه ڪرڻ تي هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن راڻي صاحبه کي صلاح ڏني ته بهتر ٿيندو ته هوءَ ڪريم کي رايل وڪٽوريل آرڊر جو ميمبر (MVO) بنائي جيڪو هن جي ذاتي عطيات ۾ پڻ آهي ۽ ان سان انگلنڊ توڙي انڊيا ۾ سياسي وڳوڙ پيدا ٿيڻ جو انديشو به نه رهندو. ملڪ جي وزير اعظم ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن ته راڻي صاحبه کي اها صلاح ڏني ته ڪريم جهڙي هڪ ننڍڙي ماڻهوءَ کي ته ڪو ننڍي کان ننڍو خطاب به ملڻ نه کپي جو ان سان پوءِ انگلنڊ يا شاهي خاندان طرفان ڏنل خطابات ۽ انعامات جو ڇا قدر ٿيندو. بهرحال راڻي وڪٽوريا پنهنجي 80 هين جنم ڏينهن تي (1899 ۾) ڪريم کي ڪمانڊر آف دي آرڊر (CVO) مقرر ڪيو جيڪا رئنڪ ميمبر ۽ نائيٽ جي وچ واري آهي.
1899 جي آخري ڌاري منشي عبدالڪريم انڊيا موڪل تي آيو. تن ڏينهن ۾ انڊيا جو وائسراءِ لارڊ ايلگن بدران لارڊ ڪرزن ٿي چڪو هو. جون 1900 ڌاري ڪريم انگلنڊ ورڻ جي ڪري رهيو هو ته سندس پيءُ وزير دين گذارري ويو. ڪجهه مهينا ٻيا هندستان ۾ گذاري نومبر 1900 ۾ لنڊن موٽيو. راڻي وڪٽوريا جي به صحت هاڻي ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي هئي ۽ هوءَ ٽن مهينن اندر گذاري وئي.
”وڪٽوريا جي مرڻ بعد هن جي پٽ ايڊورڊ منشي ڪريم جي نوڪري ختم ڪئي ۽ کيس ۽ سندس سڀني مائٽن کي هندستان موٽڻ لاءِ ٽپڙ ٻڌرايا. ها ايترو ضرور ڪيو ويو جو سڀ کان آخر ۾ کيس راڻي وڪٽوريا جي جنازي جو منهن ڏسڻ ۽ جنازي سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏني. راڻي وڪٽوريا ۽ ڪريم جي وچ ۾ جيڪي خط پٽ يا ڪارڊن جي ڏي وٺ ٿي هئي، اهي تقريباً سڀ، ايڊورڊ جي حڪم تي ساڙيا ويا.“ هي احوال لارڊ ڪرزن 9 آگسٽ 1901 تي پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو.
منشي ڪريم موٽي آگري آيو ۽ پورن 8 سالن بعد 1909 ۾ پنهنجي گهر ”ڪريم لارج“ ۾ گذاري ويو. پويان هن ٻه زالون ڇڏيون. هن کي آگري جي مشهور قبرستان پنچ ڪئن ۾ سندس پيءُ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
انگلنڊ جي ان وقت جي شهنشاهه ايدورڊ ستين جي حڪم تي آگري جو ڪمشنر W.H Cobb ڪريم جي گهر آيو ۽ هن جي وارثن وٽ موجود راڻي وڪٽوريا جا ڪريم ڏي باقي خط ۽ صحيح ٿيل فوٽو ضبط ڪري بادشاهه ڏي لنڊن روانا ڪيا. ان وقت جي وائسراءِ (لارڊ منٽو)، جنرل جان هيوٽ ۽ ٻين ڪيترن انڊيا آفيس جي انگريز ڪامورن ان ڳالهه کي اصولي طرح پسند نه ڪيو ۽ صلاح ڏنائون ته راڻي وڪٽوريا جا ڪريم ڏي خط ۽ تحفي طور فوٽو واپس ڪريم جي وارثن کي ئي ڏنا وڃن. ان بعد بادشاهه وڏي بي دلي سان چار خط ان شرط سان موٽايا ته ڪريم جي ڪنهن به هڪ زال جي مرڻ بعد اهي بادشاهه ڏي وري موڪليا وڃن.
منشي ڪريم ۽ مهاراڻي وڪٽوريا بابت ڪيترائي مضمون ۽ ڪِتاب ڇپجي چڪا آهن. آءٌ پنهنجي پڙهندڙن کي ان بابت وڌيڪَ پڙهڻ ۽ ڄاڻَ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻه ڪِتاب پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس.

 Indian Sahib: Queen Victoria’s Dear Abdul _by Sushila Anand
 Victoria and Abdul By Shrbani Basu.
 The Memories of Frederick Ponsonby’s.

سراواڪ جو سفيد راجا

انگريزن يا يورپين ايشيا توڙي آفريڪا جي ملڪن تي حڪومت ڪئي.... جيئن اسان واري ننڍي کنڊ تي انگريزن. انگلنڊ جي راڻي صاحبه يعني مهاراڻي وڪٽوريا طرفان انڊيا ۾ وائسراءِ، گورنر، ڪمشنر مقرر ٿيندا رهيا پر ائين نه ٿيو ته مغل بادشاهن جي حڪومت جي خاتمي بعد انگلنڊ جو ڪو عام انگريز ماڻهو هندستان جو ’بادشاهه‘ ٿي رهيو هجي. سنڌ فتح ڪرڻ بعد ائين نه ٿيو ته چارلس نيپئر پاڻ کي ’ميرنيپيئر ٽالپر‘ سڏرائي سنڌ جو راجا بڻجي حڪومت ڪري. ايتريقدر جو سنگاپور ۽ پينانگ جيڪي ويران ٻيٽ هئا (جن جهڙا ٻيا به انيڪ ٻيٽ ملئي راجائن جي هٿ هيٺ هئا،) اهي ٻيٽ انگريزن ملئي راجائن/سلطانن کان پئسن تي خريد ڪري انهن کي بمبئي وانگر آباد ڪيو پر ائين نه ٿيو ته رئفلس يا ڪو ٻيو انگريز پاڻ کي انهن ٻيٽن جو سلطان، بادشاهه يا راجا سڏائي. پر ايشيا جو هڪ اهڙو ملڪ ضرور هو جنهن جو انگريز راجا ٿي رهيو .... نه فقط پاڻ راجا ٿي رهيو پر سؤ سالن تائين هن جي گهراڻي ان تي حڪومت ڪئي .... ۽ اهو ملڪ هن انگريز ڪنهن راجا کان کسيو نه هو پر کيس تحفي طور مليو ۽ پاڻ انگريز راجا ”وائيٽ راجا“ جي نالي سان حڪومت ڪئي.
ان انگريز ماڻهوءَ جو نالو ”جيمس بروڪ“ هو جيڪو سراواڪ Sarawak جو راجا ٿي رهيو. ملئي زبان ۾ کيس ”راجا پوتيح“ يعني سفيد راجا سڏيو ويو ٿي. هن پهرين سفيد راجا ’جيمس بروڪ‘ جي وفات بعد کيس اولاد نه هجڻ ڪري سندس ڀائٽيو تخت تي ويٺو ان بعد ان جو اولاد راجا بڻيو.
اڄ ڪلهه سراواڪ ملائيشيا جو حصو آهي بلڪه ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان هڪ آهي. جن ڏينهن ۾ سراواڪ ۾ سفيد راجائن جي حڪومت هئي انهن ڏينهن ۾ يا ان کان اڳ ڪنهن کي خواب خيال ۾ به نه هو ته سراواڪ اڳتي هلي ”ملائيشيا“ نالي ملڪ جو حصو ٿيندو.... بلڪه 1957ع تائين ته ڪنهن اهو نالو يعني ملائيشيا ٻڌو به نه هوندو. ننڍي هوندي کان اسان هن علائقي جو نالو فقط ”ملايا“ ٻڌو. ايتريقدر جو 1968ع ۾ جڏهن پاڻيءَ جي جهاز ذريعي منهنجو پهريون ڀيرو پينانگ ۽ ڪوالالمپور اچڻ ٿيو ته به هن نئين نالي واري ملڪ ملائيشيا کي اسان ڪاليج جي ڏينهن ۾ جاگرافي جي ڪتاب ۾ پڙهيل نالو ’ملايا‘ سڏيندا رهياسين. ۽ مڪاني ماڻهو اسانجي درستي ڪندا رهيا ته بابا هي ملڪ ملايا 1957 کان پوءِ ملائيشيا سڏجي ٿو. اسانجي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وارن جو ته اهڙو حال آهي جو اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن منهنجا ٻار وڏا ٿيڻ تي انهن جي تعليم خاطر سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ اچي نوڪري ڪئي ۽ هنن کي مڪاني اسڪول ۾ اسان جي چوڻ تي پاڪستان مان جيڪي ٽيڪسٽ بڪ گهرائي پڙهائيندا هئا انهن ۾ (1980 واري ڇاپي ۾) ان وقت به ”ملايا“ لکيل هو جو اسڪول جو هيڊ ماستر سخت ناراض ٿيندو هو ته ملايا کي ملائيشيا ٿئي ٽيهه سال ٿي ويا آهن پر توهانجي سنڌ جي بورڊ آف ايڊيوڪيشن جي ڪتابن ۾ اڃان تائين ”ملايا“ پيو لکجي. اها ساڳي غلطي اسان جي ٻارن سان گڏ پڙهندڙ انڊيا، برما ۽ سري لنڪا جي ٻارن جي ڪتابن ۾ نه هئي.
دراصل صدين تائين هي علائقو ”ملايا“ سڏيو ويو ٿي جنهن ڏکڻ ٿائلنڊ کان شروع ٿي سنگاپور ٻيٽ تي اچي دنگ ڪيو ٿي .... جنهن ۾ ڪوالالمپور، ملاڪا، اپوح، پينانگ، جوهوربارو، شاهه عالم جهڙا شهر آهن جن ڏي اڄ ڪلهه اسان جا ڪيترا ماڻهو گهمڻ، پڙهڻ يا نوڪري لاءِ اچن ٿا. ان پراڻي ’ملايا‘ ۾ يارهن رياستون هيون جن مان نَوَ رياستن تي مڪاني ملئي سلطانن جو راڄُ هو جن سلطانن مان اڄ به واري وٽي تي هڪ بادشاهه ٿئي ٿو ۽ ٻه رياستون ملاڪا ۽ پينانگ انگريزن جي هٿ هيٺ هيون جن جو اڄ به سربراهه گورنر رهي ٿو. اها ملايا اڄ واري مغربي ملائيشيا آهي. مشرقي ملائيشيا ۾ ٻه رياستون صباح ۽ سراواڪ آهن جيڪي سمجهو ته ڪوالالمپور کان هزار کن ميل اوڀر ۾ آهن جيئن مشرقي پاڪستان (هاڻوڪو بنگلاديش) مغربي پاڪستان کان هو جنهن جي وچ ۾ انڊيا جو ملڪ هو پر هتي ٻن ملائيشيائن جي وچ ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ آهي.
اهي ٻه رياستون ”صباح“ ۽ ”سراواڪ“ بورنيو ٻيٽ جو حصو آهن پنهنجي ڪتاب ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ۾ تفصيلي احوال لکي چڪو آهيان ته هي ٻيٽ (بورنيو) دنيا جو ٽيون نمبر ۽ ايشيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي جنهن جي ايراضي 752 هزار چورس ڪلوميٽر آهي.... يعني ذري گهٽ سڄي پاڪسيتان جيڏو ٿيو جو پاڪستان جي پکيڙ 770 هزار چورس ڪلوميٽر آهي. بورنيو ٻيٽ جو وڏو حصو (ڏکڻ وارو) جيڪو انڊونيشيا جي جاوا، بالي ۽ سولاويسي ٻيٽن جي ويجھو آهي اڄ به انڊونيشيا جو حصو آهي ۽ ڪاليمنتان سڏجي ٿو ۽ سڄي ٻيٽ جو 73 سيڪڙو آهي. باقي بورنيو واري اتراهين حصي ۾ ٽي رياستون صباح، سراواڪ ۽ انهن جي وچ ۾ برونائي آهي. برونائي تمام ننڍو ملڪ آهي ۽ بورنيو ٻيٽ جو هڪ سيڪڙو به نه ٿيندو پر سون ۽ تيل ڪري هي رياستي (ملڪ) دنيا جي امير ملڪن مان هڪ آهي.... سندس گاديءَ جو هنڌ ”بندر سري ڀڳوان“ آهي. سراواڪ ڪافي وڏي رياست آهي...... بورنيو ٻيٽ جي 17 سيڪڙو .... اٽڪل 125000 چورس ڪلوميٽر يعني سنڌ صوبي جيڏي جيڪو 141000 چورس ڪلوميٽر آهي. سراواڪ جي گاديءَ جو شهر ”ڪُچنگ“ آهي. اهڙي طرح مشرقي ملائيشيا جي ٻي رياست صباح آهي جنهن جي ايراضي 75000 کن چورس ڪلوميٽر آهي يعني بلڪل KPK خيبرپختونخواهه جيڏي ٿي. سندس گاديءَ جو شهر ”ڪوٽا ڪنابالو“ آهي.
انگريزن جڏهن ملايا، سنگاپور، صباح، سراواڪ ۽ برونائي کي خود مختياري ڏني ته ملايا سنگاپور جي ننڍڙي ٻيٽ کي به پاڻ سان شامل ڪري هڪ ملڪ ملايا ٺاهيو پر سال ڏيڍ بعد سنگاپور کي الڳ ڪري ڇڏيائون ۽ هنن سنگاپور نالي ملڪ جو اعلان ڪري وڃي پنهنجي فوج، پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي ڪرنسي ٺاهي. برونائيءَ به پنهنجي الڳ حيثيت رکي باقي بورنيو ٻيٽ جي صباح ۽ سراواڪ رياستن ملايا سان گڏجڻ جو فيصلو ڪيو جن کي ملايا جي حڪومت قبول ڪري ۽ نئين ملڪ جو نئون نالو ملائيشيا رکيو.
سو اها سنڌ جيڏي رياست سراواڪ آهي جنهن تي سفيد راجائن جو راڄُ رهيو جنهن جو پهريون راجا جيمس بروڪ هو جنهن 1842ع کان مرڻ تائين (1868ع تائين) سراواڪ تي راڄ ڪيو. سراواڪ جو هي پهريون سفيد راجا جيمس بروڪ 1803ع ۾ انڊيا جي شهر بنارس ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ ٿامس بروڪ انڊيا جي هڪ ٻئي مشهور شهر بريلي ۾ انگريز حڪومت طرفان جج هو.
ننڍپڻ جا ٻارنهن سال هندستان ۾ گذارڻ بعد جيمس کي ماءُ پيءُ انگلنڊ جي ”ناروچ اسڪول“ ۾ داخل ڪيو پر هو ڪو سال اڌ مس پڙهيو ۽ پوءِ اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنائين. ان بعد کيس گهر ۾ ماستر رکي پڙهايو ويو. بهرحال جهڙا تهڙا چار سال کن پڙهي 1819ع ۾ هندستان موٽي آيو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي بينگال فوج ۾ اچي جونئر آفيسر ٿيو. 1825ع ڌاري ’ائنگلو برمي‘ جنگ ۾ هو ڪافي ڦٽجي پيو ۽ کيس علاج لاءِ انگلنڊ موڪليو ويو. سندس پنج سال علاج هليو ان بعد 1930ع ۾ هو واپس هندستان آيو جِتي مدراس ۾ هن پنهنجي ساڳي فوجي دستي ۾ شامل ٿيڻ چاهيو ٿي پر دير سان موٽڻ ڪري هن کي نه رکيو ويو. ان بعد هو فوج مان استيعفا ڏئي ان ساڳي جهاز Castle Huntly ۾ اچي رهيو جنهن ۾ هو انگلنڊ کان آيو هو. انهن ڏينهن ۾ جهاز معنيٰ پاڻيءَ وارا ڪاٺ جا ٻيڙا. هوائي جهاز ته اڃان هلڻ نه لڳا هئا پر پاڻيءَ جا هي جهاز به بِنا ڪَلَ جي هئا.... گهڻو گهڻو پوءِ آگبوٽ يعني ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙا ۽ لوهي وڏا جهاز هلڻ شروع ٿيا هئا.
جيمس بروڪ انگلنڊ پهچي ڏور اوڀر جي ملڪن سان بزنيس قائم ڪيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. ان دوران 1833ع ڌاري هن جو ڪو ويجھو مائٽ گذاري ويو جيڪو ڪافي امير هو جنهن جي ڇڏيل ملڪيت مان جيمس کي ورثي ۾ 30 هزار پائونڊ مليا جيڪا ان وقت هڪ وڏي ملڪيت هئي جو انهن ڏينهن ۾ تولو سون جو پائونڊ ڏيڍ جو مليو ٿي چانديءَ جو تولو هڪ رپئي جو هو .... بلڪه رپئي واري چانديءَ جي سڪي جي تور ئي هڪ تولو رکي وئي هئي. جيمس بروڪ انهن پئسن مان هڪ ڏيڍ سؤ ٽن وارو اسڪونر جهاز خريد ڪيو. هن قسم جا جهاز سڙهن تي هليا ٿي جن ۾ بندوقون به فٽ ڪيون ويون ٿي جيئن رستي تي قزاقن (سامونڊي ڦورن) سان يا ڪناري تي غنڊن ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري سگهجي.
جيمس 1838ع ۾ پنهنجي جهاز، جنهن جو نالو The Royalist رکيو هئائين، ان جو لنگر کنيو ۽ بورنيو ٻيٽ جي مشهور شهر ”ڪُچنگ“ کان اچي نڪتو. اتي پهچي هن کي خبر پيئي ته اتي جا ابان ۽ بدايو برادري جا ماڻهو برونائي جي سلطان جي خلاف هنگاما ڪري رهيا آهن. جيمس کي بورنيو ٻيٽ جا هي سر سبز ۽ سهڻا علائقا بيحد وڻيا ۽ هِتي رهڻ ۽ پير ڄمائڻ جي خيال کان هن برونائي جي سلطان سان، هن جي خلاف لڳل بلوي کي منهن ڏيڻ جو وعدو ڪيو. پنهنجي جهاز جي بندوقن ۽ بارود جي مدد سان هن في الحال گوڙ گهمسان کي ٻنجو ڏئي ڇڏيو. برونائي جو سلطان ڏاڍو خوش ٿيو ته هن جي حڪومت برقرار رهجي وئي. هن ان جي بدلي ۾ جيمس کي 1841ع ۾ سراواڪ رياست جو گورنر مقرر ڪيو.
انهن ڏينهن ۾ انهن علائقن ۾ قذاقن (سامونڊي ڦورن) جو وڏو آزار هو. ڳالهه اها آهي ته Piracy جو اهو مرض اڄ به انهي پاسي توڙي هن پراڻي ملايا پاسي هلندو اچي. انهن سامونڊي ڦورن ڪري سراواڪ ۽ برونائي پاسي عام واپاري جي زندگي عذاب ٿي پئي هئي. ڪاروبار وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن گھٽجي رهيو هو.
جيمس بروڪ سراواڪ جو گورنر ٿيڻ سان ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪناري جي چورن ڌاڙيلن توڙي سامونڊي قذاقن جي خوب وٺ پڪڙ ڪئي.... جنهن ۾ سُڪن سان گڏ آلا به ٻرڻ لڳا ۽ مڪاني ماڻهن احتجاج به ڪيا پر هن انگريز سختيءَ کان ڪم ورتو. جيئن اڄ ڪلهه سنڌ جو حال آهي، خاص ڪري اتر سنڌ ۾ جِتي ڏينهن ڏٺي جو به ڌاڙا، فساد ۽ اغوائون عام ٿي پيون آهن بلڪه روزگار جو ذريعو ٿي پيون آهن جنهن ۾ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن سان گڏ ڏسڻا وائسڻا سردار، سياستدان ۽ ڪامورا به شامل ٿي پيا آهن. اهو ئي حال ان وقت جي برونائي ۽ سراواڪ جو هو. جيمس بروڪ جيئن ئي ان قسم جي ڏوهن کي ٻنجو ڏنو ته مڪاني وڏيرا رئيس مڇرجي پيا ۽ هنن برونائي جي سلطان ۽ ان جي انتظاميه کي لوڏي رکيو ۽ مودا هاشم (ملئي ٻوليءَ ۾ شهزادي کي ”مُودا“ Muda سڏجي ٿو) ۽ هن جي اهم آفيسرن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ برونائي جو سلطان جان بچائي پاسي تي ٿي ويو. پر جيمس بروڪ آڻ نه مڃي. هن سنگاپور ۽ ملايا جي برٽش فوج کان مدد وٺي هنن باغين کي قابو ڪري ورتو. برونائي جي سلطان جو تخت ۽ تاج هڪ دفعو وري قائم ٿي ويو. ان خوشيءَ ۾ سلطان جيمس بروڪ کي سڄي سراواڪ رياست جي مالڪي ڏئي ڇڏي جنهن ۾ ليبئان وارو ٻيٽ به اچي وڃي ٿو جيڪو اڄ جي ملائيشيا ۾ ڪوالالمپور وانگر فيڊرل حڪومت ۾ اچي ٿو. جيمس بروڪ ان وقت، يعني 1846ع ۾، اهو ٻيٽ (Labuan) برطانيه جي حڪومت کي تحفي طور ڏنو. هي واقعو سمجھو ته لڳ ڀڳ انهن ڏينهن جو آهي جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ هاڻ گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد مان ڦيرائي ڪراچي ڪيو هئائون ۽ منهوڙي ٻيٽ کي ان جي اهميت مطابق ترقي وٺرائي رهيا هئا. بهرحال جيمس بروڪ هاڻ سراواڪ جو گورنر نه پر راجا ٿي چڪو هو جيڪو خطاب کيس برونائي جي سلطان طرفان مليو. ڏٺو وڃي ته سراواڪ ۽ سنڌ تي انگريزن جو راڄُ لڳ ڀڳ هڪ ئي وقت ٿيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اصلي حاڪمن جا حال پورا سارا هئا. انگريزن اچڻ سان سنڌ ۾ اسڪول، اسپتالون، ٽپال، ريلوي ۽ ٻيا ادارا قائم ڪيا پر انهن کان به وڌيڪَ هن سفيد راجا سراواڪ کي سڌاريو ۽ ترقي وٺرائي. جيمس بروڪ جي سڄي دنيا ۾ واهه واهه ٿي وئي خاص ڪري سندس ملڪ انگلنڊ ۾...... جِتي هو مهيني ٻن لاءِ 1847ع ۾ ويو ته هن کي KCB جهڙا خطاب ۽ لقب عطا ڪيا ويا.
جيمس بروڪ کي اولاد نه هو ان ڪري هن پنهنجي ڀيڻ جي ٻئي نمبر پٽ چارلس کي پنهنجي بادشاهت جو والي وارث بنايو جيڪو 1868ع ۾ جيمس جي وفات بعد سراواڪ جو سفيد راجا بڻيو. چارلس بروڪ 49 سال راڄ ڪيو ۽ 1917ع ۾ وفات ڪيائين جنهن بعد هن جو پٽ وائينر بروڪ (Charles Vyner de Windt Brooke) سراواڪ جو سفيد راجا بڻيو. هي ٽئي راجا انگلنڊ مان پڙهيا ۽ مرڻ بعد سندن مڙهه کي اوڏانهن دفن ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو.
راجا وائينر بروڪ جي حڪومت ٻي وڏي لڙائي تائين قائم رهي. جپانين جي قبضي کان اڳ هن سراواڪ برطانيا حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو جنهن جي بدلي ۾ هن کي هر مهيني پينشن طور وڏي رقم ملندي رهي. جپان تي بم ڪرڻ بعد ملايا، سنگاپور ۽ سراواڪ وري انگريزن جي قبضي ۾ آيا جن کي هنن ڪجهه عرصي بعد هندستان ۽ سلون وانگر هڪ ئي وقت خود مختياري ڏئي ڇڏي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سؤ سالن جي راڄ ۾ هنن ٽن سفيد (انگريز) راجائن پنهنجي لاءِ خوب ملڪيت ٺاهي پر هنن سراواڪ کي به اسپتالن، اسڪولن، پارڪن ۽ ٻين عمارتن سان يورپ بڻائي ڇڏيو. انگريزن جي وڃڻ بعد مڪاني ملئي حاڪم به ان کي نه فقط قائم رکندا اچن پر وڌيڪَ ماڊرن بنائي ڇڏيو اٿن. ملئي ماڻهو پنهنجي اڄ جي حاڪمن توڙي انگريزن طرفان ڏنل آزادي ۽ جمهوريت مان خوش آهن جو هو وڃن خوشحال ٿيندا ۽ ملڪ جو چپو چپو وڃي ترقي ڪندو. پر اسان وٽ نرالو حال آهي جِتي جي جمهوريت عوام ۽ ملڪ کي خوشحال بنائڻ بدران حاڪمن کي امير بڻائي ڇڏيو آهي.... ڪارخانن ۽ زمينن جو مالڪ بنائي ڇڏيو آهي ..... اسان کي انگريزن کان مليل آزادي ڄڻ هڪ دفعو وري کسجي وئي ۽ غريب عوام وتي سڌون ڪندو ته اسانجو ملڪ به سنگاپور ٿئي، ملائيشيا ٿئي جِتي جا حاڪم اتي جي عام بسين ۾ سفر ڪن ٿا، مڪاني اسپتالن ۾ علاج ڪرائين ٿا ۽ جن جا ٻار انهن ساڳين اسڪولن ۾ وڃن ٿا جن ۾ غريب هاري، پورهيت ۽ مزدور جا ٻار وڃن ٿا.

ڪي ڪي ماڻهو موتيءَ داڻا

ڪجهه عرصو اڳ هڪ پلمبر (نل، پائيپ، ڪموڊ، واش بئسن ٺاهڻ واري) همراهه جي ڪهاڻي لکي هئي ته هن جيتوڻيڪ نواب شاهه جي انجنيرنگ تعليمي اداري مان تعليم حاصل ڪئي پر نوڪري نه ملڻ تي هو اهو به وساري ته هو چند ايڪڙ زمين جو به مالڪ آهي، ڪراچيءَ هڪ نلڪن واري جي دڪان تي اچي نوڪر ٿي بيٺو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪم به سکندو ويو ته پير به ڄمائيندو ويو. ڏهه ٻارهن سالن بعد هاڻ هو ڪم جو ماهر هڪ طرف مڃيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف هو پنهنجو ذاتي دڪان هلائي ٿو. اڄ سندس دڪان تي کانئس ننڍو ڀاءُ ۽ ٻيو به هڪ ٻه پٺاڻ ۽ رياستي (بهاولپور پاسي جا) نوجوان هيلپر ۽ ٽيڪنيشن طور ڪم ڪري رهيا آهن. کيس مون چيو ”ڪجهه ڳوٺ جا پنهنجا به کڻي گهراءِ ته روزگار کي لڳي وڃن.“
جواب ڏيڻ بدران هو فقط مرڪندو رهيو.
”ڇو ڀلا ڪو اچڻ نٿو چاهي ڇا؟“ مون کيس کوٽڻ شروع ڪيو ته هن مرڪڻ بند ڪري سنجيدگي سان چيو: ”سائين ڇو نه. آئون پاڻ به چاهيندس .... بلڪه شروع ۾ ته مونکي ڏاڍو جوش هو ته منهنجي ڪري گهڻي کان گهڻا منهنجا ڳوٺائي فائدو وٺي سگهن.“
”پوءِ ـــ؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”سائين پنهنجن ماڻهن ۾ حال ناهي. کڻي ائين چئو ته همٿ ناهي، Will power ناهي، يا وڌڻ ويجهڻ جي جستجو ناهي.“ هن چيو.
”ڪيئن ڀلا؟“ مون پڇيو.
”اهو هينئن ته ڪم ۾ ته کڻي آئون لڳائيندس پر اوائلي اسٽيج تي ته ڪو به ڪلاس ون آفيسر جو پگهار نٿو ماڻي سگهي ۽ ٻي ڳالهه ته شروع جي ڏينهن ۾ رهائش جي ڳولها، رهائش تائين ڪراچي جي ڀڳل بسن ۾ لڙڪي پهچڻ، ڪڏهن بک ڪڏهن ڍءَ تي گذارو ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ جي يادِ ستائڻ ۽ دوستن مائٽن جي سڪ ستائڻ کي ته هن کي پاڻ منهن ڏيڻو پوندو. هر هڪ ماڻهو اهي منزلون اڪرڻ بعد ئي ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهي ٿو.“ هن پنهنجي ڀاءَ ڏي اشارو ڪري چيو ته، ”منهنجو فقط هي ڀاءُ هتي ٽِڪي پيو ۽ هاڻ ذري گهٽ مون جهڙو قابل پلمبر ٿي ويو آهي باقي هن سان گڏ آيل ٻيو ڀاءُ، سوٽ ۽ ٻه ٽي ٻيا ڳوٺ جا نوجوان ڪو هفتو ته ڪو مهينو کن مس ڪم ڪري موٽي ويا ته وري نظر نه آيا..... چي گهٽ ڪمائي آهي...... ڪم ڏکيو آهي..... هوٽل جي ماني مهانگي آهي ۽ پاڻ پچائڻ نٿي اچي.... بس ۾ چڙهندي تڪليف ٿي ٿئي.... وغيره وغيره. يقين ڪريو ڪيترا پٺاڻ ڇوڪرا ايندا آهن چوندا آهن ته شروع جا مهينا ڀلي پگهار به نه ڏيو رڳو ڪم سيکاريو. سو دراصل ڳالهه اها آهي ته منزل ماڻڻ لاءِ جيڪو شروع جو ڏکيو سفر آهي اهو پورو ڪرڻ لاءِ ڪن ڪن ۾ همٿ ٿئي ٿي ته ڪي صفا ڀاڙي ٿين ٿا. ڳالهه اها آهي ته اهو سوچڻ وارو ته ٺهيل ٺڪيل گرانهه ڪو منهنجي وات ۾ وجھندو، ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو .... اڄ به جن ۾ ولولو آهي جن کي غيرت آهي ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي بک ختم ڪندا، اهي هر ڪم ۾ ڪامياب ٿيو وڃن. هو چاهي ڪنهن درزي جي دڪان تي اچي نوڪر ٿي بيهن يا ويلڊنگ واري وٽ.... هو هڪ ڏينهن ڪامياب ۽ خوشحال ٿيو وڃن. باقي اسان جا ڪيترا نوجوان جيڪي محنت ۽ پورهئي کان ڀڄن ٿا .... انهن جو بس فقط هڪ ئي خواب آهي ته هنن کي ڪنهن سڻڀي سرڪاري اداري ۾ ڪلارڪي ملي وڃي جتي رشوت جو پئسو جام هجي .... پر سائين هاڻ اهي ڏينهن ئي ويا هليا.“
دل ۾ مون چيو ته ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري. واشنگٽن ۾ منور لغاري جي فلئٽ تي رهيو پيو هوس ته هيوسٽن شهر کان هن جا ٻه اترادي دوست آيا جن لاءِ منور ٻڌايو يا شايد هنن پاڻ ئي ٻڌايو ته هنن مان هڪ سيڌي جو دڪان هلائي ٿو جنهن جون ٻين شهرن ۾ به شاخون آهن ۽ ٻئي کي آٽو گئراج آهي جتي هو ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي مرمت ۽ سروس ڪري ٿو. انهن مان هڪ جي فئملي کان آئون واقف هوس ۽ هن جي بيروزگار ڀائرن جو سوچي هن کي چيم ته هو پنهنجي ڀائرن کي ڇو نٿو کڻي آمريڪا گهرائي ته هو به خوشحال ٿي وڃن.
”سائين نه. ائين ناهي جيئن توهان سوچيو ٿا،“ هن مون کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”رڳو آمريڪا پهچڻ سان ڪو خوشحال نٿو ٿي وڃي .... هي ملڪ Land of Opportunities ضرور آهي پر انهن ماڻهن لاءِ جيڪي محنت ڪن ٿا .... جن ۾ Initiative آهي .... جن ۾ ڪجهه بنجڻ جيWill آهي ۽ ان خواب جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ پورهئي ۽ تڪيلف برداشت ڪرڻ جي سهپ آهي....“
اهو چئي پوءِ مون کي آهستي چيو ”سائين مون پنهنجن ٻنهي ڀائرن کي ڀاڙا موڪلي هتي آمريڪا ۾ گهرايو... پاڻ وٽ رهائيو .... پر سوال آهي ته پورهيو ته کين ڪرڻو پوندو... ڀڄ ڊڪ ته کين ڪرڻي پوندي .... آئون ته کين آڱر کان وٺي نه پيو هلندس ....“
مونکي ڳوٺ جو هڪ گهر ياد آيو جنهن جي نوجوان ڇوڪري مڙيئي ڇڪي تاڻي ڪاپيون ڪري مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئي ان بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۾ B.A ڪئي. مائٽن جي هر وقت اها شڪايت ته سندن ڪو وزير يا ايم اين اي، ايم پي اي مائٽ ڪونهي جو ڇوڪر کي نوڪري ڏياري يا وري پاڙي واري گهر تي چڙون هين جن جو ڇوڪرو مائڪروبايولاجي ۾ M.Sc ڪرڻ بعد اسڪالر ملڻ تي ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ لاءِ آمريڪا هليو ويو هو ۽ هاڻ اتي ئي نوڪري ڪري رهيو هو. ”آمريڪا ۾ رهيو پيو آهي کڻي اسان جي به ڇوڪري کي گهرائي.“ هنن مون سان به پاڙي واري جي شڪايت ڪئي.
دل ۾ مون سوچيو ته آمريڪا به ڪنهن ماڻهوءَ کي ضرور گهرائجي پر هن ۾ همت ته هجي. سج وڃي چوٽ کي لڳو آهي پر هنن جو هي ڇوڪرو اڃان ستو پيو آهي. مکيون پيون پٽينس ته به هوش ناهيس. اهو شخص ولايت ۾ هلي ڪهڙا پورهيا ڪندو! پر اسانجي ڪيترن ماڻهن کي اها غلط فهمي آهي ته لنڊن، نيويارڪ يا جدي ۽ دبئي جهڙن هنڌن تي فقط پهچڻ سان امير ٿي سگهجي ٿو ..... ان ڪاميابيءَ پٺيان جيڪا محنت ۽ جدوجهد لازمي آهي اها ڪيترن کي ڌيان ۾ ئي نٿي اچي .... اهو ته ڪير به نٿو سوچي ته آمريڪا يا جپان ۾ رهڻ وارو ڏينهن جو ٻارهين تائين ستو نٿو رهي. هن کي ته رات جا صحيح طرح چار پهر ننڊ به آچر واري ڏينهن نصيب ٿئي ٿي ... ڪيترا ويچارا ته آچر وارا ڏينهن به آرام بدران ڊبل ڊيوٽي يا اوور ٽائيم ڪن ٿا ۽ اسان وٽ اهو به ڪو نٿو سوچي ته ٽوڪيو هجي يا نيويارڪ ڇا سياري ۾ غضب جي سردي ۽ اونهاري ۾ گرمي ٿئي ٿي جنهن ۾ هر هڪ کي پورهيو ڪرڻو پوي ٿو .... اهو ئي حال عرب ملڪن جي موسم جو آهي. ٻي ڳالهه اها ته ڪيترا اهو سمجھن ٿا ته ولايت ۾ انٽر يا بي اي پاس واري کي به نوڪري مليو وڃي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اڄڪلهه Ph.D وارا به پريشان آهن!
ڀلا جي ڪو وزير مشير ماتلي، ڏوڪري يا سڪرنڊ جي ڪنهن نوجوان کي ڪراچي ۾ نوڪري وٺرائي ڏئي ٿو ته اها وڌ ۾ وڌ ڪلارڪي ئي هوندي. ۽ هو نوجوان جي آرام پسند آهي (۽ ضرور هوندو جنهن مئٽرڪ ۽ انٽر ئي ڪاپي ڪري پاس ڪئي آهي) ۽ هن ۾ شامَ جو ڪٿي ڊبل ڊيوٽي ڪرڻ جي همت ناهي ته اهو فقط ان صبح واري ڪلارڪي جي پگهار مان ڇا کائيندو پيئندو، ڇا رهائش لاءِ مسواڙ ڏيندو، ڇا ڀاڙا ڀري آفيس پهچندو ۽ ڇا بچائي ڳوٺ موڪليندو؟!
ائين ناهي ته دنيا ختم آهي .... ڪيترا اهڙا آهن جن جو ڪو اثر رسوخ ناهي.... تعليم ۾ به اعليٰ پوزيشن هجڻ باوجود ڪا نوڪري نه ملي سگهي هوندن پر هنن جي غيرت، محنت، عزم ۽ پختي ارادي هنن کي نيٺ هڪ منزل تي وڃي پهچايو هوندو جتي هو نه فقط خوشحالي جي زندگي گذارين ٿا پر حق حلال جي روزگار ۽ ايمانداري ڪري هنن جو وڏن آفيسرن ۽ وڏن پيرن ميرن جاگيردارن کان به وڌيڪَ نالو ۽ ناموس آهي. اهڙا ڪجهه ماڻهو آئون به سڃاڻان ٿو ۽ هي ڪالم لکندي مونکي 1970ع وارو ڏهاڪو ياد ٿو اچي. اڄ ڪلهه ڪراچي اسان لاءِ ڪو ڌاريون شهر ناهي. توهان کي سنڌ جي هر ڳوٺ جا ماڻهو ملندا.... جيڪي توهانجي مالي نه ته اخلاقي ته ضرور مدد ڪندا. پر اڄ کان چاليهه پنجاهه سالَ اڳ اسان سنڌي ڪراچيءَ ۾ وائڙن وانگر هئاسين. ان وقت جي اوپرن ۽ ڏکين حالتن ۾ اڄ جي ٻن مشهور اديبن ۽ اهم شخصيتن: ڪاوش جي مارڪيٽنگ مئنيجر اسلم لغاريءَ ۽ سنگم پبليڪيشن جي پبلشر ڪرم الاهي چنا روزگار خاطر پٽيواليءَ کي به قبول ڪيو هو. ائين نه آهي ته ڪو هو انٽر فيل هئا ۽ مئٽرڪ ڪاپي ڪري پاس ڪئي هين .... انهن ڏينهن ۾ ته اڃان ڪاپي جو ڪلچر ئي شروع نه ٿيو هو.
ميرپور خاص ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’حاجي سعيد خان لغاري‘ جي اسلم لغاريءَ سنڌ يونيورسٽي مان انٽرنيشنل رليشنز ۾ ايم اي ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪئي. نوڪري نه مليس. حيدرآباد ۾ مرحوم ظفر حسن (سنڌ يونيورسٽي جي جاگرافي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ) کان سندس ڇپائي جي پريس ٺيڪي تي وٺي مزور ٿي ڇپائي جو ڪم شروع ڪيو....“ بس ان مان مڙيئي پريس جي مسواڙ ۽ پيٽ جي ماني ڪڍي مولا جا شڪر ڪيو ويٺو هوس.“ هن پنهنجي زندگي جو احوال ڏيندي هڪ ڏينهن مونکي ٻڌايو هو. ”هي ضيا جي مارشل لاءِ جو دور هو جنهن ۾ سنڌي رسالن ۽ ڪتابن پٺيان وٽ پڪڙ لڳل هئي. ظفر حسن جو رسالو ”ڌرتي“ به انهن ڏينهن ۾ ان پريس مان نڪرندو هو. رسالو به بند ٿي ويو ۽ پريس به Seal ٿي وئي. ڪاروبار روزگار بند ٿي ويو.“ اسلم ٻڌايو ته پوءِ هو حيدرآباد ڇڏي ڪراچيءَ ۾ هڪ ڇپائي جي پريس جتان “Mining Engineer” رسالو ٿي نڪتو اتي اچي پٽيوالو ٿيو. اهو ٻڌي مونکان اچرج مان رڙ نڪري وئي ته اسلم چيو: ”ادا ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهيس. بک پئي ميس.“
بهرحال اها اسلم جي عظمت چئجي جو هيڏو پڙهيل هوندي به نوڪري نه ملڻ تي مايوس ٿيڻ بدران حق حلال جي روزگار کي خوش آمديد چيو. شروع جا مهينا هن کي رهڻ لاءِ ڪا جاءِ نه هئي ته هو ان پريس ۾ ئي رات جو پَٽ تي سمهي رهندو هو. سال ٻن بعد هن کي آفتاب اخبار (جيڪا حيدرآباد مان علي محمد شيخ صاحب ٿي ڪڍي) جو ڪراچي جو بيورو چيف مقرر ڪيو ويو جيڪو ڪم هن يارهن سال کن ڪيو. ان دوران هن ڪنهن سان ملي الاعظم اسڪائر ۾ هڪ ڪمرو مسواڙ تي ورتو. پريس جي پٽيوالي يا اخبار جي خاطوءَ جي حيثيت ۾ کيس ڪو گهڻو پگهار نٿي مليو سو ڪٿي ٻي نوڪري ڪرڻ بدران هن ڪتابن جي ڇپائي شروع ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌي جي گهڻي تڻي ڇپائي حيدرآباد جي سهڻي پريس ۽ ٻين ڇاپخانن ۾ هلي ٿي پر هن اها نه رڳو ڪراچيءَ مان شروع ڪئي پر حيدرآباد مان ڇپيل مختلف پريسن ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل ڪتابن جي مقابلي ۾ سستي قيمت ۽ اعليٰ سونهن وارا ڪتابَ ڇپيا جيڪي هو وڪڻڻ لاءِ به پاڻ ڀريون ٻڌي دڪانن تي ويندو هو ۽ بعد ۾ پئسن جي اوڳڙ ڪندو هو. هي اهو زمانو هو جو منهنجي هن سان هڪ ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿي. منهنجو جهاز، آمريڪا ڪئناڊا ۽ يورپ جي مختلف بندرگاهن ۽ سمنڊن تان اٺ ڏهه مهينن جو ڊگهو سفر ڪري ڪراچي بندرگاهه ۾ اچي لنگر انداز ٿيو هو. ان دفعي موسم ۽ جهاز بهتر هجڻ ڪري مونکي پنهنجي سامونڊي سفر ۾ لکڻ جو سٺو موقعو مليو هو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن کن ڪتابن جو مواد گڏ ٿي چڪو هو.
جهاز جي ڪراچي ۾ پهچڻ جي ٻئي يا ٽئي ڏينهن اسلم لغاري منهنجن دوستن قمر شهباز ۽ شمشير الحيدري سان مون وٽ جهاز تي آيو ۽ منهنجا ڪتابَ ڇپڻ لاءِ ارادو ڏيکاريو. انهن ڏينهن ۾ خليل جبران جا ڇهه ست ڪتاب هڪ ئي اسٽائيل جي ٽائيٽل ڪور سان ڇپيا هئا. اسلم لغاريءَ چيو ته هن جو خواب آهي ته هو منهنجا سفرناما ان نموني سان ڇپرائي. مون هائوڪار ڪئي جيتوڻيڪ ان وقت مون نٿي سوچيو ته اسلم لغاري جهڙو اڪيلو ماڻهو جنهن وٽ نه ڇپائي جي مشين آهي ۽ نه ڪم ڪار لاءِ ماڻهو اهو ڪو ڇپي سگهندو. بهرحال مون کيس تازه لکيل اهي ٻه سفرناما ڏنا ۽ بعد ۾ ٻئي سفر دوران جپان مان هڪ ٻيو لکيل سفرنامو به کيس پوسٽ ڪيم. هن منهنجا پنج يا ڇهه ڪتاب ڇپيا پر واقعي هن جيڪي چيو اهو ئي ڪري ڏيکاريائين ۽ انهن ڪتابن جي سرڪيوليشن به اهڙي زبردست ڪيائين جو اهي ڪتاب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملڻ لڳا. آئون اڄ به حيرت کائيندو آهيان ته جتي اسان جا سرڪاري ادارا هر سهولت هوندي به ڪو خاص ڪم نٿا ڪن اتي هن غريب اڪيلي سر بنا ڪنهن سواري ۽ مدد جي، هن هُنَ کان کنيل قرض تي ههڙا سهڻا ڪتابَ ڇپرائي کنيل قرض به لاٿو ٿي ته پنهنجو روزگار به بڻايو ٿي.
هو پهرين ڏينهن کان ئي مونکي محنتي، ايماندار، پختي ارادي وارو پورهيت لڳو .... ۽ شايد سندس اهي صلاحيتون اسانجي ڪاوش ۽ KTN واري علي قاضيءَ يڪدم پرکي ورتيون ۽ کيس 1991ع کان جو پاڻ وٽ رکيو آهي ته جوان اسلم لغاري هاڻ وڃي پوڙهو ٿيو آهي ۽ گذريل سال سٺ سالن جو به ٿي ويو پر نه علي ٿو کيس ڇڏي ۽ نه پاڻ ٿو عليءَ کي ڇڏي.
۽ اهڙي ئي محنت، پورهئي ۽ ايمانداري جي ڪهاڻي سڪرنڊ پاسي جي ڪرم الاهي چنا جي آهي جيڪو اڄ ڪلهه سچل ڳوٺ ۾ رهي ٿو. هن سنڌ يونيورسٽي مان ايم.اي. صحافت ۾ ۽ ايم.اي. انٽرنيشنل رليشن ۾ ڪئي ۽ هو نه فقط پوزيشن هولڊر هو پر هن پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان به پاس ڪيو پر هن کي نوڪري نه ملي. گذر سفر لاءِ هن ڪجهه سال حيدرآباد مان نڪرندڙ هلال پاڪستان اخبار جو رپورٽر ٿي ڪم ڪيو. پوءِ هن ڏٺو ته ان مان ڪو سٺو روزگار نٿو ٿئي ۽ جيئن ته هن ۾ همت ۽ جستجو آهي سو هو ان کي استعمال ڪري سگهي ٿو.
”پوءِ آئون اهو سڀ ڪجهه وساري ته مون وٽ ٻه ڊگريون آهن، پبلڪ سروس ۾ به چونڊيل آهيان، ڪراچي هليو آيس ۽ ڪتاب وڪڻڻ لڳس.“ هن ٻڌايو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات ڪرم الاهيءَ سان ٿي هئي. هن وٽ ايترو پئسو نه هو جو پنهنجو ڪو دڪان ته ڇا گاڏو وٺي سگهي جنهن تي ڪتاب رکي وڪڻي. هو ڪتابن ۽ رسالن جي هڙ کڻي سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ جتي جتي سنڌي هئا انهن وٽ وڪڻڻ لاءِ پهچندو هو. مون وٽ به جهاز تي ڪتاب کڻي آيو هو ۽ بعد ۾ ته هن ’سنگم‘ نالي ماهوار ڊائجسٽ به ڪڍيو جنهن لاءِ پڻ مونکان مضمون وٺڻ ايندو هو.
ڪرم الاهيءَ کي ادب سان ته شروع کان دلچسپي هئي، اخبار ۾ به ڪم ڪيو هئائين ۽ سنڌي رسالا ۽ ڪتاب وڪڻندي هن جي نظر ۾ ڪافي پڪا گراهڪ ٿي ويا هئا. سو هن اهو مٿيون ڊائجيسـٽ ”سنگم“ ڪڍيو ۽ منجھس معياري ادب ڏيڻ ڪري اهو تمام گهڻو ڪامياب ويو.
ان دوران هن کي پاڪستان گيهه ڪارپوريشن ۾ پروٽوڪال آفيسر جي نوڪري ملي وئي پر بقول سندس هن اها ڪيترائي سال ڪئي پر کيس ان ۾ مزو نه آيو. نيٺ اها ڇڏي هن وري رسالا ۽ ڪتابَ ڇپڻ ۽ وڪڻڻ جو ڪم شروع ڪيو. اڄ هن کي پنهنجو ادارو آهي جنهن ۾ سندس ٻار به سنڌي ۽ انگريزي جي ڪمپوزنگ ۾ سندس مدد ڪن ٿا. هن کي پنهنجو گهر آهي ۽ هن جي سڀني ٻارن: پٽن توڙي ڌيئرن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن به ڪئي آهي. ان کان علاوه پاڻ توڙي سندس ٻار سماج ۽ تعليم جي سڌاري لاءِ عام ماڻهن جي رهنمائي ۽ مدد ڪندا رهن ٿا. ڪرم الاهي چنا جيتوڻيڪ ڪو اعليٰ عهدو حاصل ڪري نه سگهيو ۽ نه وري هن ڪڏهن حرام جي ڪمائي ۾ دلچسپي ورتي پر اڄ هن جو اعليٰ آفيسرن کان وڌيڪَ نالو ۽ ناموس آهي ۽ هو بيحد مطمئن آهي ته هن محنت، جدوجهد ۽ ايمانداري سان زندگي گذاري.
منهنجي نظرن ۾ ان قسم جا ٻيا به ڪيترائي ماڻهو آهن جن پنهنجي ۽ فقط پنهنجي محنت ۽ قابليت ذريعي ڏکين حالتن ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. هتي اڃان هڪ ٻئي انسان جو به ذڪر ڪندس. دراصل هن شخص .... اسانجي ڳوٺ جي الهه بچايو ميمڻ جي ايندڙ مهني پهرين اپريل تي برٿ ڊي جو سوچي هي مٿيون ڳالهيون ياد اچي ويون ۽ هن قسم جو ڪالم لکڻ جو ارادو ٿيو.
الهه بچائي جو تعلق پڻ مٿين همراهن (اسلم لغاري ۽ ڪرم الاهي چنا) وانگر هڪ غريب فئملي سان آهي ۽ هو به انهن وانگر تعليم يافته هو. عمر ۾ هو مونکان ڇهه سال ننڍو آهي. ننڍپڻ کان هو ڳوٺ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن سان عزت سان ملندو ۽ سندن ڳالهيون غور سان ٻڌندو هو. هڪ ڏينهن اسان جي ڳوٺ جي مشهور اديب ۽ شاعر سليم هالائيءَ (جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هو) تنهن چيس ته ٻي ته ڪا نوڪري ناهي سندس کاتي ۾ دفتريءَ جي آهي. الهه بچائي يڪدم حامي ڀري.
”پر اها ڳالهه به ڌيان ۾ رک ته ماهوار پگهار فقط چاليهه رپيا ملندءِ ان مان تون ڪيئن گذر سفر ڪري سگهندين؟“ سليم هالائي صاحبَ اڳواٽ چِتاءُ ڏنس.
”سائين اهو منهنجو ڪم آهي. ائون سمجھان ٿو ته مون ۾ ايتري همت ۽ Guts آهن جو آئون بکون ڪاٽي به مشڪلن کي منهن ڏئي ويندس.“ الهه بچائي چيو. ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته هن ڪيئن نه سڄي زندگي محنت ڪئي. ڪراچي ۾ جنهن ڏورانهين مائٽ جي گهر اچي رهيو ان جا ڪم ڪار ڪيائين.... شامَ جو ريڊيو ۽ ٽي وي تي ته ڪڏهن اخبارَ ۾ ڪم ڪيائين. سندس هئنڊ رائيٽنگ سٺي هوندي هئي ۽ ننڍي هوندي ڪو مضمون لکندو هوس ته هن کان فيئر ڪرائيندو هوس. هاڻ جهاز تي هجڻ ڪري سؤ سوا سؤ کن صفحن جا سفرناما لکي ايندو هوس ۽ مون پاڻ به الهه بچائي جهڙو ماڻهو ڪراچيءَ ۾ پئي ڳوليو جيڪو منهنجي لکيل مواد کي فيئر ڪري ڏئي. کيس مون چيو ته آئون هڪ رپيو في صفحي جي حساب سان ڏئي سگهان ٿو. هن هائوڪار ڪئي ۽ روز شامَ جو منهنجي جهاز تي اچي فيئر ڪندو هو. مون هن جي حوالي هڪ ڪئبن ڪرائي ڇڏي هئي ۽ ماني ٽڪي جو بندوبست پڻ. هو ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير تائين لکي جهاز تي ئي سمهي رهندو هو ۽ ٻئي ڏينهن جهاز تان آفيس ويندو هو. وچ ۾ آچر يا ڪو موڪل وارو ڏينهن اچي ويندو هو ته پوءِ ته هو لڳاتار لکندو رهندو هو ۽ منهنجو جهاز ڪراچيءَ ۾ هفتو کن به بيهندو هو ته هو سئو کن صفحا آرام سان فيئر ڪري ويندو هو. ان ڳالهه ۾ هن جو به فائدو ٿي ويندو هو ته منهنجو به.
بهرحال ڳالهه جو مطلب اهو ته الهه بچائي پورهئي ۾ ڪڏهن به آر محسوس نه ڪيو ۽ هر ڪم Perfect ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. واندڪائيءَ ۾ رلڻ پنن بدران ڪڏهن سگا وارن وٽ ته ڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري ۾ جيڪو به ڪم مليس ٿي اهو ڪيائين ٿي.... هو ڄڻ محنت، ايمانداري سان ڊيوٽي ڏيڻ ۽ همٿ جو Symbol هو. آفيس ۾ به نه رڳو پنهنجي حصي جو پر ٻين جي ڪم ۾ به هٿ ونڊائيندو رهيو ٿي. ان ڪري آفيسرن توڙي هيٺين اسٽاف هن کي پسند ڪيو ٿي. ٻين وانگر هن موڪلون به نٿي ڪيون ۽ وقت تي آفيس پهچڻ کي هن اصول بڻائي ڇڏيو.
الهه بچائي ڪڏهن به حلال جي پورهئي کي عيب نه سمجھيو. هو جيتوڻيڪ ممتاز ڀٽو، لياقت جتوئي، ارباب رحيم، سردار علي محمد مهر ۽ سيد قائم علي شاهه جهڙن وڏن وزيرن جي حڪومت ۾ پريس سيڪريٽري ۽ فيڊرل منسٽر مخدوم امين فهيم جو PRO رهي چڪو آهي، ان هوندي به هو اڄ پنهنجي بايوڊاٽا ۾ اهو لکندي شرم نٿو محسوس ڪري ته هن ’دفتري‘ جي پوسٽ تان نوڪري شروع ڪئي. ان بعد ئي هو جونئر ڪلارڪ ٿيو پوءِ اسسٽنٽ انفارميشن آفيسر ۽ ٻين عهدن تان ٿيندو اڄ جي پوسٽ تي پهتو.
الهه بچائي هڪ سرڪاري ڪامورو ٿي ڪري اجائي ٽون ڦان رکڻ ۽ خود غرض ٿيڻ بدران غريب عوام لاءِ وڏي خذمت ڪئي خاص ڪري تعليمي ۽ سماجي ڳالهين ۾. هالا ۾ گرلس ڪاليج توڙي پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ هو هر وقت ان وقت جي گورنرن جنرل جهانداد خان ۽ اشرف تاباني صاحب وٽ ائين پنڌ ڪندو هو ڄڻ هن جو ڪو پنهنجو ذاتي ڪم هجي. هالا ۾ سئي گئس جي سپلاءِ جو ڪم هجي يا اسپورٽس ڪامپليڪس ٺهرائڻ جو هي اڻ ورچ ٿي واسطيدار عملدارن ۽ چيف منسٽرن جو مٿو کائيندو رهيو ٿي. ان بابت ان وقت جا اسانجا پيٽارو جا همراهه لياقت جتوئي ۽ ڊاڪٽر ارباب رحيم به چوندا هئا ۽ ڪڏهن ته چڙ جو به اظهار ڪندا هئا ته هن جا ڪم کُٽن ئي نٿا. پر اسانجو هي الهه بچايو ڳوٺ جي خيري ڪمن لاءِ هنن کي چهٽيو پيو هوندو هو. ان کان علاوه هو ان ڳالهه لاءِ به Credit لهڻي ته ڪراچي جي امير ’ميمڻ ڪميونٽي‘ کان پڻ هن پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ ڪيترائي خير جا ڪم ڪرايا جيئن ته غريب ماڻهن لاءِ خيراتي ڊسپينسري، اکين جي ڪلينڪ، ليڊي مريم آدمجي مئٽرنٽي هوم، ڪاليا گروپ طرفان ميمن ڪمپيوٽر ٽريننگ سينٽر، وغيره. هالا جي ڏيڍ هزار کن غريب شاگردن لاءِ اسڪالرون ۽ مفت ۾ ڪتاب ڪاپيون وٺرائي ڏيڻ ۾ پڻ الله بچائي جو هٿ آهي. آئون هميشهه نوجوان شاگردن کي دل شڪستو ٿيڻ بدران محنت ڪرڻ لاءِ ۽ اسانجي سرڪاري ڪاموري کي پنهنجي ڳوٺ جي ضرورتمند ماڻهن لاءِ خير جا ڪم ڪرڻ لاءِ الله بچائي جا مثال ڏيندو آهيان.
سالن بعد ٽيون ڏينهن اوچتو ساڻس ملاقات ٿي ته ٻڌائين ته هن کي رٽائرڊ ٿئي به ٻه سال ٿي ويا آهن يعني هو ٻاهٺ سالن جو ٿي ويو آهي. وقت ڪيڏي تيز رفتاري سان ڊوڙي ٿو..... منهنجي اکين اڳيان ڪالهه جو اهو ڏينهن اچي ويو جيڪو شايد سال 1970ع هو ۽ 20 سالن جو الهه بچايو چاليهه رپيا پگهار تي سائين سليم هالائيءَ سان گڏ هن جي سرڪاري ڪار ۾ ڪراچي وڃي رهيو هو ۽ پٺيان گهٽيءَ ۾ بيٺل سندس مائٽ ئي چئي رهيا هئا ته ”ڇورو اجھو ٿو ٻن ڏينهن بعد ڳوٺ موٽي.“
پر نه. اڄ ٿو سوچيان ته باوجود تڪليفن جي, دلشڪستو ٿي هو پاڻ ته ڳوٺ نه موٽيو پر موٽ ۾ پنهنجي ڳوٺ کي گهڻو ڪي ڪجهه ڏياري پنهنجو ۽ پنهنجي ڳوٺ جو مانُ مٿانهون ڪيو.

ٿي سگھي ٿو هيءَ ڪهاڻي توهان جي سوچَ بدلي

گذريل هفتي منهنجي ڪلاس ميٽ ۽ مون وانگر جهازن جي مئرين چيف انجنيئر اجتبيٰ زيديءَ جو فون آيو. هو ڪراچي جي ان علائقي ”ڊفينس سوسائٽي“ ۾ ئي رهي ٿو جِتي منهنجي رهائش آهي.
”ڪالهه هڪ سنڌي پلمبر اسان جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ آيو. اصغر گهانگهرو نالو اٿس. توکي به سڃاڻي پيو.“ هن ٻڌايو.
”جي ها. آئون هن کي وڏي عرصي کان سڃاڻان ٿو. هن جو ڀاءُ منهنجا ڪِتاب ڇپيندو آهي. ڪيئن لڳو توکي؟“ مون پنهنجي ڪليگ زيديءَ کان پڇيو جيڪو سڄي زندگي هر جهاز تي بهتر کان بهتر ڪم ڪندو رهيو ۽ هن پاڻ سان گڏ جهاز تي ٻيا ڪم وارا جونئر انجنيئر، اليڪٽريشن، ڊيزل مڪينڪ، تيل وارا، آگ وارا به اهي ٿي پسند ڪيا جيڪي محنتي ۽ ڪم جا ماهر هُجن.
”يار تمام هوشيار ۽ ڄاڻو آهي.“ زيدي يڪدم وراڻيو. ڪجهه ڏينهن بعد اصغر مليو ته مون هن کي چيو ته تنهنجي ڪم جي تعريف هڪ اهڙي ماڻهوءَ ڪَئي آهي جنهن کان وڌيڪَ مونکي قابل نظر نٿو اچي.
پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر اسان جو ڪلاس ميٽ ساٿي اجتبيٰ زيدي هڪ قابل مئرين انجنيئر يعني جهازن جو انجنيئر سمجھيو وڃي ٿو. هونءَ ته B.E پاس هڪ مڪينڪل يا اليڪٽريڪل انجنيئر يا وري MBBS پاس ڊاڪٽر نڪمو ۽ ناڪارو ٿي سگهي ٿو يعني موڳو ۽ ڪاهل ٿي سگهي ٿو پر هڪ مئرين انجنيئر جيڪو جهاز جو چيف انجنيئر آهي (يعني جهاز تي ڪم ڪندڙ جونئر کان سيڪنڊ انجنيئر تائين ست اٺ مئرين انجنيئرن جو هيڊ آهي) نڪمو ٿي نٿو سگهي ڇو جو هن لاءِ جهاز هلائڻ زندگي ۽ موت جو سوال آهي. سمنڊ تي جهاز خراب ٿيڻ تي جهاز جي انجنيئرن (مئرين انجنيئرن) کي ئي جهاز جلد ٺيڪ ڪري اڳتي هلڻو آهي. سمنڊ تي هنن جي مدد لاءِ ڪو ورڪ شاپ نٿو پهچي سگهي ۽ ٻي ڳالهه ته وچ سمنڊ تي جڏهن جهاز خراب ٿئي ٿو يعني هن جي هلائڻ واري انجڻ بند ٿئي ٿي ته هو هڪ لولو لنگڙو ٿيو پوي ۽ سمنڊ جي ڇولين ۽ هوائن جي رحم ڪرم تي اهڙو ته لڙهندو ۽ لڏندو رهي ٿو جو هڪ عام ماڻهو يا مُسافر لاءِ ته ان حالت ۾ بستر تي هڪ ڪلاڪ ليٽڻ به عذاب آهي پر اسان مئرين انجنيئرن کي بنا ساهيءَ جي ان کي صحيح ڪرڻو پوي ٿو چاهي ڏينهن رات لڳي وڃي ۽ ان جي فائنل ذميداري چيف انجنيئر تي آهي جو ٻين مئرين انجنيئرن جي ناڪام وڃڻ تي هن کي هر صورت ۾ هر مشين کي ٺيڪ ڪرڻو آهي ۽ جهاز کي ويجھي بندرگاهه تائين پهچائڻو آهي.... پوءِ چاهي هن کي انجڻ جي ڀڳل ڪَلَ پرزن کي عارضي طور ويلڊ ڪرڻو پوي يا ليٿ مشين تي نئون ٺاهڻو پوي ... يا ڪو ٻيو جُڳاڙ ڪرڻو پوي. ان ڪري هر مئرين انجنيئر کي ٿيوري سان گڏ ويلڊنگ، ڪَٽنگ، ٿريڊنگ، ليٿ مشين تي ڪم ڪرڻ ۾ قابل ٿيڻ پڻ ضروري آهي ۽ هن کي چيف انجنيئر جو عهدو مقرر بين الاقوامي امتحانن، سمنڊ جي تجربي (Sea Time)، قابليت ۽ اعتماد کي پرکي پوءِ جهاز جا مالڪ ۽ انشورنس ڪمپنيون (جيڪي جهاز جي حادثن ۾ مالڪن کي ڪروڙها رپيا ڀري ڏين ٿيون) هن کي ڏين ٿيون. ان هوندي به ڪورٽن ۾ ڪيس هلن ٿا جن ۾ جهاز جي چيف انجنيئر کي ثابت ڪرڻو پوي ٿو ته اهو حادثو هن جي negligence ڪري نه ٿيو پر Material Defect يا قدرتي آفت ڪري ٿيو.... نه ته ٻي صورت ۾ چيف انجنيئر جو سرٽيفڪيٽ رد ڪيو وڃي ٿو يعني هو دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو جهاز ڪنهن به سمنڊ تي هلائي نٿو سگهي. سو ڳالهه اها آهي ته جهاز ۾ سوار پئسينجر کي اهو فڪر نه ڪرڻ کپي ته جهاز جو چيف انجنيئر يا ڪئپٽن يا هوائي جهاز جو پائلٽ نالائق هوندو. هن کي ان پوسٽ تي ائين نه رکيو ويو آهي. جيئن ڪنهن مَٽَ يا دلي کي خريد ڪرڻ مهل ٺوڪي ٺوڪي پڪ ڪئي ويندي آهي ته سڄو ۽ سالم آهي. تيئن چيف انجنيئر کي ان عهدي تي آندو وڃي ٿو. سو جهاز جو چيف انجنيئر کڻي ڪنهن به ملڪ يا مذهب جو هجي پنهنجي هنر ۾ يعني سمنڊ تي اڪيلي سر بئالر هجي يا ايئرڪنڊيشنگ پلانٽ، پمپ هُجي يا اليڪٽرڪ موٽرون، جنريٽر هجن يا پيوريفائر ۽ ايووپريٽر.... هر مشين کي هلائڻ ۽ ڦٽل کي ٺاهڻ جي قابليت رکي ٿو. پر اجتبيٰ زيديءَ کي اسان ۾ سڀ کان وڌيڪَ قابل ان ڪ ري سمجھيو وڃي ٿو جو هن عام جهاز جيڪي Sea Worthy سڏيا وڃن ٿا يعني جن کي انشورنس ڪمپني جا سرويئر هر وقت چيڪ ڪري انهن جي صحيح هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏين ٿا، انهن کي هلائڻ ڇڏي پاڻ سان ٻه چار جونئر انجنيئرن جو ٽولو کڻي هن پنهنجو پرائيويٽ ڪم شروع ڪيو. هو آمريڪا يا يورپ ۾ خراب ۽ مدو پورو ڪندڙ جهاز خريد ڪري انهن کي ڪنهن نموني سان ٿورو گهڻو ٺيڪ ڪري ممبئي، تائيوان يا ڪراچي تائين هلائي ايندو هو جِتي انهن کي اسڪريپ (ردي/ڪٻاڙ) ۾ لوهه، ٽامي ۽ ڪاٺ جي وزن جي حِساب ۾ وڪڻندو هو.
اهو سوچڻ کپي ته ڪو به جهاز جو مالڪ پنهنجي جهاز کي ائين رديءَ ۾ نٿو وڪڻي. جڏهن اهو صفا هلڻ کان هلاڪ ٿئي ٿو يا ٻڏڻ لڳي ٿو ته پوءِ ان مان جان ڇڏائي ٿو. اهڙن جهازن کي اجتبيٰ زيدي جهڙا جيڪي چيف انجنيئر ٽوپو ٽڙو ڪري هلائين ٿا اهي هيڪاندا جينس ۽ جوکم کڻڻ وارا ٿينٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا يا يورپ جي بندرگاهه ۾ گئرنٽي ختم ٿيل اهڙا جهاز اوڻي پوڻي ۾ مليو وڃن جن کي جيڪڏهن ڪو گڊاني جهڙي اسڪريپ يارڊ تائين پهچائي ٿو ته هن کي وڏو فائدو ٿيو وڃي. پر ان پٺيان زندگي ۽ پئسي ڏوڪڙ جو به وڏو risk رهي ٿو جو انهن جهازن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ هفتا لڳيو وڃن ۽ آمريڪا جهڙن بندرگاهن ۾ انهن جي بيهڻ يعني پارڪنگ جي في ئي ڪروڙها ٿيو وڃي جو ڪراچي جهڙي بندرگاهه ۾ ئي عام جهاز جي روز جي پارڪنگ چارج ٽي چار لک رپيا آهي ... ان کان علاوه اهي ردي ۾ ورتل مرزيل جهاز سمنڊ ڪراس ڪرڻ دوران ٻڏي به وڃن ٿا. اجتبيٰ زيدي جي آخري ورتل جهاز به هن کي ۽ هن جي ڪمپني کي وڏي نقصان ۾ وجھي ڇڏيو هو. هنن آمريڪا جي بندرگاهه لاس اينجلس مان هڪ ردي جهاز کي خريد ڪيو ۽ هاڻ پئسفڪ سمنڊ لتاڙي تائيوان جي بندرگاهه وٺي پئي آيا جِتي پڻ پاڪستان جي گڊاني شپ بريڪنگ جهڙي انڊسٽري آهي. جهاز بنهه ڪو جنهر هو جو ڪجهه ڪلاڪ هليو ٿي ته وري ڪا نه ڪا مشين خراب ٿي پئي ٿي.... ڪڏهن جنريٽر ته ڪڏهن بئالر ته ڪڏهن ڪا ٻي شيءِ ۽ هنن کي ان کي صحيح ڪرڻ ۾ سڄو سڄو ڏينهن به لڳي ويو ٿي. آخر هفتي ٻن بعد آمريڪا جي هوائي رياست جي هونولولو ٻيٽ جي ويجھو پهتا ته هڪ طوفاني رات جو جهاز جي ٻاهرين جسم جي هڪ لوهي پليٽ اکڙي وئي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جهاز ۾ داخل ٿيڻ ۾ دير ئي نه لڳائي. جهاز ۾ سوار جهازران ڀڄي ڊڪي لائيف بوٽ لاهي پنهنجي جان بچائي ۽ جهاز کي پنهنجي اکين اڳيان ٻڏندو ڏٺو.
هو پاڻ به ان ٻيڙيءَ ۾ اٺ ڪلاڪ کن سمنڊ جون صعوبتون سهندا رهيا. ٻئي ڏينهن بين الاقوامي قانون مُطابق هڪ جهاز هنن کي ڏسي ورتو ۽ کين ٻيڙيءَ مان ڪڍي هونولولو بندرگاهه جيڪو اتان 300 ناٽيڪل ميل پري هو اتي اچي لاٿو... جِتي هنن کي مهينو کن ڪورٽن ۾ پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ ۽ زخمن جو علاج ڪرائڻ ۾ لڳي و يو. جهاز جا پئسا ته هنن جا ٻڏي ويا جو اهڙا جهاز انشوئر نه ٿيندا آهن پر پرديس ۾ جهاز هلائڻ وارن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي تي آيل لکها رپيا خرچ پڻ زيديءَ کي ڀرڻو پيو.
بهرحال پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته اجتبيٰ زيدي جهڙو چيف انجنيئر جڏهن ڪراچي ۾ ڪنڊياري جي پلمبر اصغر گهانگهري جي تعريف ڪري ته معنيٰ هو واقعي سٺو پلمبر آهي. اهو به لکندو هلان ته جهاز هلائيندڙ مئرين انجنيئر کي جهاز تي پلمبري جو به هر ڪم ڪرڻو پوي ٿو. جهاز جا هر قسم جا پائيپ ۽ پمپ هر جونئر انجنيئر ٺيڪ ڪري چيف انجنيئري جي پوسٽ تي پهچي ٿو. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جهاز جي ڪنهن ڪئبن جو ڪموڊ چوڪ ٿي وڃي ته سمنڊ تي ڪهڙو پلمبر يا ڀنگي ايندو؟ اهو ڪم مئرين انجنيئر کي ئي ڪرڻو پوي ٿو. جهاز تي نلڪن يا ڪموڊ جي معمولي ليڪيج به برداشت جوڳي ناهي جو سمنڊ تي پاڻيءَ جي وڏي کوٽ رهي ٿي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ پاڻي تمام مهانگي اگهه تي ملي ٿو.
هِتي اهو به لکندو هلان ته جهاز جي انجنيئر کي ڪي ڪم اهڙا به ڪرڻا پون ٿا جيڪي عام ماڻهو جي سوچ کان پري آهن. 1973ع تائين سمنڊ کي صاف رکڻ جي قانون تي ايڏي سختي نه هئي. جهاز جو گند ڪچرو ائين ئي سمنڊ ۾ اڇليو ويو ٿي. جهازن جي ٽئاليٽن جو نيڪال فقط هڪ پائيپ ذريعي ٿيو ٿي جيڪو ڪموڊ مان سڌو سنئون سمنڊ ۾ ويو ٿي پر پوءِ ان تي سختي ٿي. اڄ هر جهاز تي sewage plant آهي ۽ جهاز تي سفر ڪندڙ هر ماڻهو جو ٽئاليٽ ان مان پاس ٿئي ٿو ڇو ته انسان جو ڪاڪوس سمنڊ ۽ سمنڊ جي مڇين لاءِ توڙي ڪناري جي آبادين لاءِ نقصانڪار آهي ان ڪري ان کي سنئون سڌو سمنڊ ۾ خارج ڪرڻ بدران گند کي صاف ڪرڻ واري پلانٽ مان پاس ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ هوا ذريعي آڪسيجن ۽ ٻيا ڪيميڪل وڌا وڃن ٿا جيڪي ان ۾ پيدا ٿيل جراثيمن کي سگهارو بنائين ٿا جيئن اهي ٽئاليٽ کي ختم ڪري ڇڏين جيڪو مختلف ٽانڪين مان ٿيندو اٽڪل ٽن ڏينهن بعد جڏهن سمنڊ ۾ خارج ٿئي ٿو ته اهو پاڻيٺ جي شڪل ۾ غير نقصانڪار حالت ۾ ڊسچارج ٿئي ٿو. اهي پمپ جيڪي ٽئاليت کي ٽانڪين جي هڪ ڪمپارٽمينٽ کان ٻئي ۾ پهچائين ٿا ۽ جهاز وانگر ڏينهن رات هلندا رهن ٿا آخر اهي به ته خراب ٿين ٿا جن کي سمنڊ تي ٺاهڻ وارو يا جن جي روٽين مينٽيننس ڪرڻ وارو مئرين انجنيئر آهي. هو ان کي کولي ان جا پرزا صحيح ڪري ٿو ۽ گٺل پرزا بدلائي ٿو.... ۽ اهو ڪم هو روٽين جو سمجهي ٿو ان لاءِ هن کي تعليم دوران ئي تربيت ڏني وڃي ٿي ته هو آفيسر هوندي به هڪ مزور ۽ پورهيت آهي ۽ هن کي صبر ۽ خوشيءَ سان هر ڪم ڪرڻو آهي.
مئرين اڪيڊمي ۾ جڏهن اسان ڪئڊٽ هئاسين ته روزانو صبح جو پي ٽي ڪرڻ بعد اڌ ڪلاڪ صفائي (clean ship) ڪرڻي پوندي هئي جنهن ۾ هر ڪئڊٽ کي اڪيڊمي جو هڪ حصو صاف ڪرڻو پوندو هو جنهن ۾ آفيس يا ڪلاس روم جو ڪمرو ۽ ٽئاليٽ تائين اچي ويو ٿي. ۽ پوءِ ڪڏهن ڪموڊ صحيح طرح صاف نه هوندو هو ته اڪيڊمي جا ڪئپٽن رئنڪ جا آفيسر پاڻ ٽئاليٽ پيپر کڻي ڪموڊ يا بئسن جهڙي شيءِ کي صاف ڪري ڏيکاريندا هئا جيئن اسان کي شرم اچي ۽ پاڻ ڪريون ۽ Dignity of Labour کي محسوس ڪري سگهون ۽ اهو سوچيون ته هڪ ڀنگي به اسان وانگر انسان آهي، هن جي عزت ڪرڻ کپي.
هونءَ جهاز کي هلائڻ ۽ ان جي مشين جي پرگھور لهڻ جهاز جي چيف انجينئر جي ذميواري آهي پر هو به سمجھي ٿو ته اهو سڀ ڪم هڪ اڪيلي جو ناهي پر ٽيم ورڪ آهي جنهن جو ڪريڊٽ هر مئرين انجنيئر ۽ انهن جي هيلپ ڪرڻ وارن مسترين مڪينڪن جو به آهي.... پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته فيصلو ڪرڻ چيف انجينئر جو ڪم آهي ۽ جهاز جي مالڪن توڙي امتحان وٺي هن کي چيف انجنيئر بنائڻ واري اداري طرفان سزا ۽ جزا به چيف انجنيئر کي ملي ٿي. ۽ مون ڏٺو آهي ته چيف انجنيئر جي سالن جي تجربي هوندي به هن جي مقابلي ۾ ڪڏهن هڪ جونئر انجنيئر يا نئون آيل مستري به ڪڏهن ڪڏهن صحيح ۽ سڌي صلاح يا diagnosis ڪريو وڃي. ان ڪري سٺو چيف انجنيئر اهو آهي جيڪو مونجھاري وقت ٻين سان به صلاح مشورو ڪري ٿو. هڪ قابل سرجن هڪ پيچيده آپريشن ته بلڪل صحيح ڪري وڃي پر ٿي سگهي ٿو آخر ۾ ٽنڪا هڻڻ يا پٽي ڪرڻ ۾ هن کان وڌيڪَ بهتر نرس ثابت ٿئي جو اهو ڪم هوءَ ڪري ڪري ان ۾ ماهر ٿي وئي آهي ۽ هڪ سرجن اهو ڪم تعليم دوران ضرور سکيو هوندو پر ان سان واهپو نه هجڻ ڪري هن کي ان ڪم جي اها ڄاڻ يا ڦڙتائي نه هجي جيڪا هڪ نرس کي ٿئي ٿي. اهڙي طرح ننڍين ڳالهين ۽ مسئلن کي ڪڏهن ڪڏهن مستري مڪينڪ وڌيڪَ خير خوبي سان منهن ڏئي سگهن ٿا.
مٿي ذڪر ڪيل اسان جي پبلشر دوست علي نواز گهانگهري جو پلمبر ڀاءُ هڪ دفعو منهنجي به آزمائش هيٺ اچي ويو هو.
ڪراچي ۾ منهنجي گهر جي باٿ روم جو ڪموڊ هفتي کان ليڪ ڪري رهيو هو. منهنجي زال مون کي بار بار ياد ڏياري رهي هئي ته پلمبر کي گهرائي ٺيڪ ڪرايان جو پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. منهنجو هر وقت اهو ئي جواب ته ان معمولي ڪم لاءِ پلمبر کي ڇو گهرايان اڄ ئي شامَ جو واندڪائي ۾ آئون پاڻ ٺاهي وٺندس. منهنجي زال جيڪا مون سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ ست اٺ سال لڳاتار جهازن تي رهي مون کي ڏينهن رات مختلف جهازن جي انيڪ مشينن تي ڪم ڪندو ڏسي چڪي هئي تنهن کي اها ته پڪ هئي ته آئون ٺاهي ويندس پر هن اهو به سمجھيو ٿي ته جهاز تي ڪم ڪرڻ جي ٻي نوعيت ۽ اهميت رهي ٿي جو اُتي جهاز جي ٻڏڻ ۽ سڀني جي مرڻ جو خطرو رهي ٿو ۽ هي گهر وارو ڪم نه اهڙي اهميت وارو هو ۽ نه گهر ٻار کي ڪجهه ٿيڻ وارو هو سو هاڻ جڏهن منهنجي موڊ ٿئي.... پر پوءِ سگهو ئي هڪ ڏينهن واندڪائي ملي وئي. سڄو سسٽم کولي چيڪ ڪيم.... واشر، فلوٽ، راڊ، ناب.... هر شيءِ صحيح هئي جنهن کي واپس assemble ڪري بند ڪيم پر پاڻيءَ جي اهائي ليڪيج! وري ٻئي ڏينهن کوليم.... صحيح نه ٿيو. زال چيو ته ان کان ڪنهن پلمبر کي گهراءِ آئون اجائي تڪليف ڇو پيو ڪريان. پر منهنجو اهو ئي ضد ته پلمبر به اهو ئي ڪندو جيڪي ڪجهه آئون ڪري رهيو آهيان ۽ هن ۾ ڪهڙي مشڪل ٽيڪنالاجي آهي... ڪهڙو مين انجن جو گورنر آهي.
گورنر جو مثال اسان مئرين انجنيئر ان ڪري به ڏيندا آهيون جو جهاز جو پکو (Propeller) هلائڻ وري ڇهه هزار هارس پاور واري مين ڊيزل يا ٽربو انجڻ جي رفتار کي جيڪا مشنين ڪنٽرول ۾ رکي ٿو اهو 300 کن مختلف ننڍڙن پرزن جو ”گورنر“ سڏجي ٿي جنهن کي کولڻ، مرمت ڪرڻ ۽ وري سڀ پرزا مقرر clearances سان بند ڪرڻ بيحد مشڪل ڪم سمجھيو وڃي ٿو....سو ان جي مقابلي ۾ ڪموڊ جو Shank System ڇا حيثيت رکي ٿو. پر هاءِ افسوس ان کي کولي ٺاهڻ جي باوجود اهو ڪم نه ڪري رهيو هو! جيتوڻيڪ اها ته سٺي ڳالهه هئي جو هن جو ڪو به پرزو ڀڳل يا گٺل نه هو نه ته ان ڪمپني جو ڏهه سال اڳ ورتل هي سينيٽري جو سامان ڪراچي ۾ ملڻ نا ممڪن هو.
آخر ڪجهه ٻيا ڏينهن ترسي اصغر گهانگرو کي فون ڪيم ته اچي ڏسي ۽ مونکي پڪ هئي ته هو ڇا ڪري سگهندو. پر سائين هو ته ٺيڪ ڪري ويو!
”ابا ڇا مسئلو هو؟“ مون حيرت مان پڇيومانس.
”سائين واشر صحيح نه هو، اهو بدلايم“ هن ٻڌايو.
”پر اهو ته بلڪل صحيح هو.... نه ڪٽيو هو نه سخت ٿيو هو.“ مون چيو.
”نه سائين هنن اٽليءَ جي ڪمبوڊن جو اهو ئي مسئلو آهي. ان ڪري ڪيترا پلمبر منجھيو پون ۽ اهي واشر ملن به نٿا.“
”پوءِ تو ڪٿان هٿ ڪيو؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”مون کي هڪ هنڌان ڪجهه هن قسم جا دو نمبر واشر ملي ويا سو مون ههڙن وقتن لاءِ وٺي رکيا آهن.“ هن ٻڌايو ۽ ڪم جا 210 رپيا وٺي ويو.... ڏهه رپيا واشر جا 200 رپيا هن جي مقرر وزٽ في آهي چاهي سامان 10 رپين جو هجي يا هزار رپين جو.
مونکي اهو افسوس ته نه ٿيو ته آئون صحيح نه ڪري سگهيس. پر اها خوشي ٿي ته هڪ ڪنڊياري جهڙي سنڌ جي ڳوٺ جو ڇوڪرو جڏهن اڄ کان ٻارهن تيرهن سال اڳ ڪنڊياري کان ڪراچي آيو هو ته هن ڪڏهن پنهنجي گهر جو نلڪو به نه ٺاهيو هو ۽ هاڻ هو پنهنجي ڪم ۾ ڀڙ آهي جنهن جي تعريف بين الاقوامي شهرت جو چيف انجنيئر اجتبيٰ زيدي به ڪري ٿو. اصغر جي پنهنجي ڪم جي ڄاڻ، چاهت ۽ نباهه ڏسي مون کي آمريڪا جي بندرگاهه نيويارڪ ۾ اسان جي جهاز تي ايندڙ شيدي ڪرين آپريٽر ٿو ياد اچي جنهن ٻڌايو هو ته هو پنهنجي ڪم ۾ ماهر ڇو آهي ۽ هن کي عزت جي نِگاهه سان ڇو ٿو ڏٺو وڃي. هن چيو ته ”آئون جڏهن وڏو ٿيس ۽ ماءُ کان پڇيم ته آئون ڪهڙو ڪم ڪريان؟ ته منهنجي ماءُ چيو ته اُن لاءِ آئون توکي ڪجهه نه چونديس، جيڪي وڻنئي اهو ڪر. پر جيڪو به ڪم ڪرين ته اهو دل لڳائي ڪجانءِ ۽ ان ۾ قابليت حاصل ڪجانءِ.... پوءِ چاهي اهو ڪم گهٽين کي ٻهاري ڏيڻ هجي.“
اصغر گهانگهري جي هيءَ ڳالهه ڇو ياد آئي آهي؟
اصغر جو ذڪر ان ڪري کڻي ويٺو آهيان جو ڪالهه سانگهڙ کان هڪ 24 سالن جي نوجوان جو فون آيو جنهن چيو:
”سائين مون انٽر پاس ڪئي آهي غريب مائٽن جو ٻار آهيان. اسان جو وزير يا MPA، ايم اين اي واقف ناهي جنهن جي سفارش تي مونکي نوڪري ملي سگهي.....“ وغيره.
”انٽر ڪڏهن ڪئي اٿئي؟“ مون پڇيومانس.
”سائين ان کي چار پنج سال ٿي ويا آهن.“ هن وراڻيو.
”۽ پوءِ اهي چار پنج سال ڇا پئي ڪئي؟“ مون پڇيومانس.
”بس وڏيرن رئيسن جي ڪڍ هئس ته ڪو نوڪري وٺرائي ڏئي....“ هو پنهنجي تر جي سرندي وارن ماڻهن جا نالا وٺندو رهيو ۽ آئون سوچڻ لڳس ته هي سال 2014ع آهي. اڄ کان پورا 50 سال کن اڳ 1964ع ۾ آئون ڪراچي ۾ هوس ته ڪراچي ۾ انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل کلي هئي جيڪا هاڻ پرل ڪانٽينينٽل جي نالي سان سڏجي ٿي، ان هوٽل جي بئرن لاءِ اخبار ۾ اشتهار آيو ته ڊي جي ڪاليج مان ٻن ڄڻڻ جن ان سال B.Sc ڪئي هئي ۽ منهنجي ڪاليج جي سامهون واري هاسٽل ميٺارام ۾ رهائش ڪري هنن سان واقفيت هئي، انهن به هوٽل ۾ بئرو ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ اپلاءِ ڪيو. مونکي ڏاڍي حيرت ٿي جو انهن ڏينهن ۾ B.Sc يا B.A پاس ڪرڻ وارن کي پرائمري اسڪول جي ماستري يا ڪنهن سرڪاري کاتي ۾ ڪلارڪي آسانيءَ سان ملي وئي ٿي. منهنجي پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته هنن ان تي ڪافي غور ڪرڻ ۽ والدين سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو آهي . ڪلارڪي يا ماستري ۾ پگهار ئي ڇا آهي؟ پر جي ٽي چار سال ٻيا پڙهي B.E يا M.Sc ڪنداسين ته به انجنيئر ٿي رشوت ۽ حرام وٺڻ کان بهتر آهي ته اسان بئرا ٿي حق حلال جو ڪمايون ۽ سٺي خذمت ڪرڻ سان اسان کي بهتر ٽِپ ملي سگهي ٿي ۽ پئسو بچائي ان کي ڪنهن ڪِرت ۾ لڳائي سگهون ٿا.
مون ڏٺو ته هنن ڪو عار محسوس نه ڪيو ۽ پنهنجي ڪم ۾ دلچسپي ۽ ايمانداري سان لڳا رهيا ۽ ڪجهه سالن ۾ هنن نه فقط چڱو خاصو پئسو بچائي ورتو جيڪو هنن جي سياڻن والدين پراپرٽي ۾ لڳايو ۽ ڀُٽي صاحب جي ڏينهن ۾ يعني ستر جي شروع وارن سالن ۾ ان تمام وڏو اَگهه ڪيو ۽ ان کان علاوه انهن ڏينهن ۾ جدي ۽ رياض ۾ فائو اسٽار هوٽلون ٺهيون جن ۾ هنن کي پهرين بئري طور پوءِ بئرن جي انچارج طور ۽ آخر ۾ اسسٽنٽ مئنيجر جي پوسٽ تي وڏي پگهار تي رکيو ويو ۽ هنن جي زندگي ڪيترن انهن ڪلاس ميٽن کان سکي گذري جيڪي انجنيئر يا سرڪاري ڪامورا ٿي رشوت تي گذارو ڪندا رهيا.
بهرحال منهنجي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته پورهئي ۾ ڪو عيب ناهي. حق حلال جي ڪمائي جي وڏي اهميت آهي پوءِ اها چاهي نوڪر ٿي ڪمائجي. بهرحال اڄ کان 50 سال اڳ به اهو زمانو هو جو B.Sc وارن بئري ٿيڻ جي نوڪري کي به خوش نصيبي ٿي سمجھي اڄ ته ڊاڪٽري، انجنيئري ويندي Ph.D ڪرڻ وارا جِتي پرائمري اسڪول جي ماستري لاءِ پيا واجھائين ته انٽر يا B.A پاس وارن کي ڪهڙي نوڪري ملي سگهي ٿي؟ دل ۾ مون سوچيو ته هن سانگهڙ جي همراهه کي ڪو وزير يا ايم پي اي ڪراچي يا حيدرآباد شهر ۾ ڪلارڪي وٺي به ڏئي ته اٺ ڏهه هزار رپيا کن پگهار مان هو ڇا کائيندو، ڇا گهر (ڪمري) جي مسواڙ ڏئي سگهندو، ڇا گهر کان آفيس ڀاڙا ڀريندو ۽ ڇا پنهنجي پاڻ ۽ گهر لاءِ بچائيندو.
مون هن سانگهڙ واري نوجوان کي چيو ته ”انٽر بعد چار پنج سال نوڪري پويان وقت وڃائڻ بدران ڪو درزڪو يا واڍڪو يا مڪينڪ جو ڪم سکي وٺين ها ۽ هينئر به وقت ويو ڪونهي ٻه سال کن دل لڳائي ڪم سکي وٺندين ته نوڪريءَ کان وڌيڪَ ڪمائي سگهندين.“ مون کي ان وقت اسلام آباد ۾ ڪم ڪندڙ گمبٽ جا ٻه واڍا ڌيان ۾ آيا جيڪي ٻين وانگر ڏهاڙي جا هزار رپيا وٺڻ بدران 1200 وٺن ٿا ان هوندي به ڪم لاءِ هرڪو هنن کي منٿون ڪري ٿو. ان جو راز اهو آهي ته هو هڪ ڏينهن ۾ ڏيڍ ڏينهن جيترو ڪم ڪن ٿا ۽ ڪم ۾ هنن جهڙو قابل نه هوندو. سو ڳالهه آهي ته ڪو به ڪم صحيح ڪرڻ واري جو ولايت ۾ ڇا اسان وٽ به قدر آهي ۽ واڍڪو، درزڪو، ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرڪ جهڙا ڪم ته ٿڌي ڇانوَ جا آهن. پر منهنجي اها صلاح ڏيڻ تي هي نوجوان ماڳهين ناراض ٿي ويو ۽ يڪدم چيائين ”اسان جي خاندان ۾ آئون ئي ته پڙهيو آهيان سو ڪيئن ٿو پورهيو ڪري سگهان....“ مون کيس ٿورو گهڻو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ويندي ڪلارڪي، ڊاڪٽري ۽ ماستري به پورهيو آهي ۽ ڪو به پورهيو ڪري حق حلال جو پئسو ڪمائڻ ڪو عيب ناهي... پر هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ۽ مون سان به هي پهريون دفعو نه ٿي رهيو هو. سنڌ جا اڪثر نوجوان اهڙڙي صلاح تي ناراض ٿي ويندا آهن ته اسان B.A يا M.A پاس ڪو پورهيو ڪنداسين... جيتوڻيڪ جپان توڙي آمريڪا جهڙن سڌريل ملڪن ۾ اهو ڪو عيب ناهي ۽ اهڙن نوجوانن لاءِ آئون اهو سوچي اڄ اصغر جو مثال لکڻ ويٺو آهيان ته پڙهيل ڳڙهيل هوندي هن ڪيئن پورهئي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪئي.
اصغر جو وڏو ڀاءُ علينواز گهانگهرو جنهن سان منهنجي اڄ کان ويهارو سال کن اڳ پبلشر جي حيثيت ۾ ملاقات ٿي، آئون هن مان يڪدم ۽ تمام گهڻو مُتاثر ٿيس. طبيعت ۽ ڪپڙي پوشاڪ ۾ سادو سودو، ڳالهائڻ ۾ نه فقط فضيلت وارو پر سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڳوڙهي معلومات رکڻ وارو، ڳالهه ڳالهه تي تاريخي ۽ ادبي حوالا ڏيڻ وارو پر ڏسڻ ۾ مولائي طبيعت جو ۽ پورهيت، ڪِتابن جون ڀريون ٻڌي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ بس ۾ يا پيرين پيادو پيو ويندو. منهنجي ڪِتابن جا پروف ۽ درستگيون ايڏي محنت ۽ عالماڻي انداز سان ڪندو جو مونکي حيرت ٿي ٿي. بهرحال اها ڳالهه ته ڪيترن لاءِ کڻي اهم نه هجي ۽ ويندي آئون به هڪ مئٽرڪ پاس، شاهپور چاڪر ڳوٺ جي هڪ نوجوان کي ابراهيم جماليءَ کي سڃاڻان جيڪو ڪراچي جي ٻهراڙي واري علائقي ”سرجاني ٽائون“ ۾ پنهنجي پرائيويٽ لئبرري هلائي ٿو ۽ ان سان گڏ ڪيترن رسالن ۽ ٽي وي اسٽيشنن تي اڙدو ۽ سنڌي ترجمو ڪري ٿو. مون پنهنجن اڙدو جي لکڻين جي اصلاح لاءِ خبر ناهي ڪيترن ماڻهن کان مدد ورتي هوندي... ويندي يونيورسٽي جي ٻن پروفيسرن کان جن مان هڪ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هو پر هن ڳوٺاڻي شخصيت ابرهيم جمالي سان ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي. سو ڪنڊيارو جو اسان جو هي پبلشر علي نواز گهانگهرو به مئٽرڪ پاس هجڻ جي باوجود هن جي سنڌي ادب تي دسترس ٿي سگهي ٿي. آخر اهڙا به آهن جيڪي مدرسي مان چار سال عربي پڙهڻ بعد عربي ڦر ڦر (Fluent) ڳالهائين ٿا ۽ اهل زبان عربن جي ڳالهه سمجھن ٿا ۽ ٻئي طرف اسان جا ڪيترا سنڌي عربي ۾ M.A ڪرڻ بعد به عربي جا چار جملا عربي لهجي ۾ نٿا ڳالهائي سگهن.
پر علينواز جي جنهن ڳالهه مونکي گهڻو impress ڪيو اها هيءَ ته هو جپانين ۽ جرمنن وانگر آرگنائيز آهي، انگريزن وانگر وقت تي ڪم پورو ڪري ڏئي ٿو ۽ ڪِتاب کي مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو، آمريڪن وانگر هو نه رڳو ڇپائي تي پر ڪِتاب جي سونهن، پني جي سٺائي، بائينڊنگ، ٽائيٽل ڪور جي جاذبيت تي به پورو ڌيان ڏئي ٿو. هڪ ڏينهن پڇيومانس ته ”علي نواز ڇا پڙهيل آهين؟“
نٽائي چيائين ”سائين ڇڏيو انهن ڳالهين کي توهان منهنجو ڪم ۽ پورهيو ڏسو.“
”ان ۾ ته تنهنجو جواب ناهي پر تنهنجي ڳالهين ۽ خاص ڪري ٽيڪنيڪل سوچ مان لڳي ٿو ته تون جيڪي ڪجهه پڙهيو آهين سو سٺن ماسترن يا دين سان گڏ سائنس جي معلومات رکندڙ مولوين وٽ پڙهيو آهين.“ جواب ۾ هو رُڳو کلندو رهيو.
آخر هڪ ڏينهن، منهنجي خيال ۾ ٻن ٽن سالن بعد، جڏهن هو منهنجا پنج ڇهه کن ڪِتاب ڇپي چڪو ته هن پاڻ بابت ٻڌايو ته هن نواب شاهه مان انجنيئري پڙهي آهي. ان تي مونکي حيرت ٿي ۽ پڇيومانس ته انهن سالن ۾ ته انجنيئر يا ڊاڪٽرن کي آساني سان نوڪري ملي وئي ٿي...... کڻي وڏي نه پر هلڪي ڦلڪي سرڪاري نوڪري ملي وئي ٿي.
”صحيح ٿا چئو پر مون سرڪاري نوڪريءَ کي ترجيح نه ڏني.“ هن وراڻيو
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو.
”سائين ملڪ ۾ مهانگائي ڏسو ۽ سرڪاري نوڪري جا پگهار ڏسو! پوءِ ماڻهو رشوتختور ٿئي ان کان مون پنهنجو پاڻ ۾ پورهئي جي سگهه ساري ٿي ۽ سرڪاري نوڪري ۾ وڃي هڏ حرام ٿيان ۽ پوءِ پورهيو به نه پڄي ان ڪري مون بسم الله ئي محنت ڪري هنر سکڻ سان ڪئي.“
علينواز ٻڌايو ته هُنَ هڪ ڇپائي جي دڪان تي اچي ڪم سکيو ۽ ڪجهه سالن بعد هن پنهنجو ادارو ”روشني پبليڪيشن“ کولي ڪِتاب ڇپڻ شروع ڪيا.
”پر علينواز ان وقت تو اهو نه سوچيو ته اهو ڪم ته ڪيترا سرڪاري ادارا ۽ پرائيويٽ ماڻهو ڪري رهيا آهن؟“ مون پڇيو.
”ها بلڪل صحيح ٿا چئو. پر مون سوچيو ته هر هڪ جو پنهنجو نصيب آهي ۽ هر هڪ جي پنهنجي dealing آهي آءٌ پنهنجي طريقي سان هن فيلڊ ۾ جدت پيدا ڪندس ۽ ڇپائي سان گڏ مارڪيٽنگ کي به منهن ڏيندس.“
۽ پوءِ مون ڏٺو ته علينواز واقعي ان تي عمل ڪري ڏيکاريو. ڪڏهن ڪڏهن فون ڪندو هوسانس ته چوندو هو ته باڊهه ۾ آهيان، مديجي ۾ آهيان، باقراڻي ۾ آهيان.... منهنجي پڇڻ تي ته انهن ڳوٺن ۾ ڇا پيو ڪرين ته چوندو هو ته ڪِتاب distribute ڪرڻ آيو آهيان.
”ڪمال آهي“، آئون حيرت مان پڇندو هوس، ”انهن ڳوٺن ۾ تنهنجا ڇپيل (يعني اسان جا لکيل) ڪِتاب هلن ٿا ڇا؟“
”نه سائين هلن ته ڪونه ٿا پر مڙيئي دڪاندارن کي هڪ هڪ ٻه ٻه ڪِتاب چنبڙايو پيو وڃان ته من وڪرو ٿي پوي ۽ ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت پئدا ٿي سگهي.“
علينواز جي هر وقت اها ڪوشش هوندي آهي ته گهڻي کان گهڻا ريڊر پيدا ڪجن. بهرحال اڄ ٿو ڏسان ته هو هر سال اڪيلي سر جيترا ڪتاب ڇپي ۽ نيڪال ڪري ٿو اوترا ته اسانجو سرڪاري ادارو به نٿو ڪري جنهن جي آفيسن ۽ پگهارن تي عوام جي ٽئڪس جا ڪروڙها رپيا خرچ ٿو ٿئي. اهو نه آهي ته اسان وٽ فقط علي نواز ثابت ڪيو آهي ته هڪ اڪيلو ماڻهو به محنت ۽ ايمانداري سان ڪِتابي ادارو هلائي سگهي ٿو پر ان ۾ ڪجهه ٻين ماڻهن جا نالا به add ڪري سگهان ٿو جيئن ته فيروز ميمڻ (نيو فيلڊس پبليڪيشن)، طارق اشرف (سهڻي پبليڪيشن)، امير ابڙو (انڊس پبليڪيشن)، نور احمد ميمڻ (سنڌيڪا)، انعام عباسي (نئون نياپو)، ناز سنائي (سنڌي ساهت گهر)، قربان منگي (پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور) ۽ موهن مدهوش ڪويتا پبليڪيشن وغيره.
بهرحال پاڻ علي نواز جي ڀاءَ اصغر گهانگهري جي ڳالهه ڪريون جنهن پڻ نواب شاهه مان انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري نه ملڻ تي سال کن ڳوٺ يعني ڪنڊياري ۾ اليڪٽريشن جو ڪم ڪيو ان بعد علي نواز کيس ڪراچي وٺي آيو. ڪراچي جي ڊفينس علائقي ۾ سعودي عرب قونصل خاني وٽ گذري بس اسٽاپ وٽ مُبارڪ مسجد آهي.... ان جي بلڪل سامهون هڪ پلمبر جو دڪان آهي جنهن تي نه فقط سئنيٽري يعني نلڪن، پائيپن جو هر قسم جو سامان ٿو ملي پر هن وٽ ٽي چار پلمبر به موجود هوندا آهن جيئن ڪو باٿ روم جو سامان وٺي فٽ ڪرائڻ چاهي ته هن کي اتان ئي پلمبر ملي وڃي. علينواز ڪنهن جي معرفت هن دڪان جي مالڪ کي اصغر جي ٻانهن ڏئي ويو ته هي توهانجي دڪان تي ڪم ڪار ڪندو ٻين لفطن ۾ نوڪر ٿي بيهندو. مالڪ کي هيڏي وڏي دڪان لاءِ ڪنهن همت واري نوجوان جي ضرورت هئي جيڪو صبح ساڻ دڪان کي صاف سٿرو رکي ۽ گراهڪن جي آڌر ڀاءَ ڪري چانهه پاڻي پيئاري.
اهو پڙهي توهان کي به حيرت ٿيندي هوندي ۽ مونکي به ٿي ۽ مون جڏهن علينواز ڏي سواليه نِگاهن سان ڏٺو ته هن چيو ته ”پورهيو ڪرڻ ته عيب ناهي؟“
”بلڪل ناهي. صحيح ٿو چوين. پر اسان وٽ سنڌ ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي نڪي پاڻ ٿا ڪن نڪي ٻين کي ڪرڻ ٿا ڏين.“ مون چيومانس.
”سائين ماڻهن کي جيڪي وڻي سو پيا چون. ڪو بک پيو مرندو ته هن کي اچي ڏيندا ته ڪو نه. بلڪه پاڻ به پيا بک مرندا ۽ چاهيندا ته ٻيو به ائين ئي هُجي.“ علي نواز ٻُڌايو.
”پوءِ ڀلا اصغر کي ڪيئن راضي ڪئي؟“ مون پڇيومانس
”ادا! هڪ ڏينهن ويهي سمجھايومانس ته جي زندگي ٺاهڻي اٿئي ته هڪڙو ٻن ٽن سالن جو نسخو آهي. گرئجوئيشن پٺيان به ته چار پنج سال وڃائي ڇڏئي نه ـــ اهڙا ٻه سال بيروزگار ٿي رهين. ڳوٺ ننڍڙو ان ۾ ڇا اليڪٽرڪ جو ڪم سکندين ۽ ڇا روزگار ڪمائيندين؟“ علينواز چيو.
”پوءِ؟“ مون پڇيو.
”پاڻ چيائين ته آئون تيار آهيان جيڪي چوندائو اهو ڪندس.... آئون ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ٿو چاهيان؟ آئون ان بعد کيس سڌو هن دڪان تي وٺي آيس جيڪو منهنجي هڪ سڃاڻي جي دوست جو آهي. مون اصغر کي چيو ته ڪو مفت ۾ ته ڇا پر پئسن تي به ڪم نٿو سيکاري. توکي پاڻ همت ڪرڻي پوندي ۽ تنهنجي ڪاميابي جو مدار تنهنجي همت ۽ جذبي تي آهي......“
”پوءِ“
”پوءِ مون چيومانس ته اڄ ڏينهن کان پوءِ تون اهو وساري ڇڏ ته تو ڪا گرئجوئيشن ڪئي آهي ۽ نه انهن ڪلاس ميٽن جو سوچجانءِ جن کي سرڪاري نوڪري ملي وئي آهي ۽ رشوت جي پئسي مان گاڏيون پيا هلائين ۽ نه اهو سوچجانءِ ته بابو ڪجهه ايڪڙ زمين ڇڏي ويو آهي. اهي پاڻ چار ڀائر ورهائينداسين ته ٻه ٻه ايڪڙ ٿي ويندي. تون زيرو کان شروع ڪر. هن دڪاندار جي اها به مهرباني آهي جو توکي نوڪر ڪري به رکي ٿو. ان نوڪر ٿي رهڻ دوران تون پلمبنگ سان واسطو رکندڙ شين، اوزارن، ڪم ڪرڻ ۽ دڪانداري هلائڻ جي ڳالهين سان familiar ٿي ويندين جو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهين ۽ پڙهيل هُجڻ جو اهو ئي فائدو آهي ته هو جاهل کان وڌيڪَ ۽ جھٽ سکي وڃي ٿو.“
پلمبر جو دڪان جنهن تي اصغر ڪم لاءِ اچي بيٺو هو ان علائقي ۾ آهي جِتان جڏهن به منهنجو ڪراچي ۾ رهڻ ٿيو ٿي ته شاپنگ لاءِ اچڻو پيو ٿو. ڀر ۾ هارڊويئر جو دڪان، دوائن جو دُڪان، فوٽو اسٽيٽ واري جو دُڪان ۽ جڏهن به اتي اچبو هو ته هن پلمبر جي دڪان وٽان ضرور لنگهه ٿيو ٿي ۽ اصغر هر وقت ڪم ۾ مشغول رهيو ٿي. نظر پوڻ تي مرڪي کيڪاريائين ٿي.... ۽ پوءِ وقت گذرندي دير نٿي لڳي... اصغر ٻه سال کن هڪ بي هنر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪندو رهيو پر هو ان وقت دڪان ۾ موجود هڪ هڪ شيءِ جو نالو ۽ ان جو استعمال ۽ ان جي قسمن ۽ ڪمپنين بابت ڄاڻ رکندو رهيو ۽ ڪم تي ويندڙ پلمبرن کان سندن ڪم جو احوال ۽ طريقو به معلوم ڪندو رهيو. مالڪ کيس ايڏو ذهين ڏسي کيس دڪان ۾ ڇنڍ ڦوڪ جو ڪم ڪرائڻ بدران پلمبرن سان گڏ هيلپر جي حيثيت ۾ موڪلڻ شروع ڪيو. پلمبر کي ڪنهن اوزار جي ضرورت پئي ٿي ته هن کڻي ڏنس ٿي ڪٿي ڪو پائيپ ڪڍڻو يا وجھڻو پيو ٿي ته هن بنا ڪنهن عار جي کوٽائي يا وزن کڻڻ جهڙو ڪم ڪيو ٿي ۽ استادن يعني مسترين جي عزت ڪئي ٿي. ايتريقدر جو سال ڏيڍ گذرڻ بعد هر پلمبر جي اها خواهش رهي ٿي ته هن سان گڏ اصغر هيلپر ٿي هلي. هن جي ڪم ۾ دلچسپي ڏسي هر پلمبر هن کي ڪم جي ڄاڻ ڏيندو رهيو ۽ هي سکندو رهيو. جِتي جِتي ڪم ٿيو ٿي خاص ڪري ڊفينس ۾ ته وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ يا سفارتخانن جهڙين آفيسن ۾ ته هن هر هنڌ اخلاق سان ڳالهايو ٿي..... ايتريقدر جو ڪيترا ماڻهو هن کي ڊئڪريڪٽ فون ڪري ڪم جو ٻڌائيندا هئا ۽ هي پنهنجي دڪان جي مالڪ کي ٻڌائي ضرورت جو سامان ۽ پلمبر وٺي اتي وقت تي پهچي ويو ٿي. اهڙي طرح سال ڏيڍ وڌيڪَ گذرڻ تي هو پاڻ به ماهر پلمبر بنجي ويو ۽ دڪان جو مالڪ کيس اڪيلو موڪلڻ لڳو ۽ پوٰءِ سال اڌ ٻيو ڪم ڪري مالڪ کان موڪلايو.... ان دوران مون کيس چيو ته توکي ته دڪان به ڪونهي ڪم ڪيئن ملندٰءِ؟ هن پنهنجي موبائيل فون ڏي اشارو ڪري چيو ”سائين الله مالڪ آهي منهنجي آفيس به هي فون آهي ته دڪان به اهو آهي.“
هن ٻڌايو ته هن جو ايترن ته ماڻهن سان واسطو ٿي ويو آهي جو ڪم لاءِ هو هن کي فون ڪندا رهندا. ۽ واقعي ائين ئي ٿيو. جڏهن به ڪم لاءِ فون ڪبو هوس ته خبر پوندي هئي ته ڪنهن ملٽي نئشنل آفيس ۾ ڪم پيو ڪري يا ڪنهن ايران يا سعودي عرب جي سفارتخاني ۾. ان دوران هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ منور کي به ڪنڊياري کان گهرائي ورتو هو ۽ هو به هن جهڙو محنتي نڪتو ۽ اڄ هو به اصغر جهڙو ايڪسپرٽ آهي. هيلپر طور هنن ٻه پٺاڻ رکي ڇڏيا آهن. بهرحال هن وٽ جيئن ئي ڪجهه پئسو ٿيو ته دهلي ڪالوني ۾ سادو ۽ سستو گهر ورتائين. مون چيومانس هونءَ اسان سنڌين لاءِ ته اهو مشهور آهي ته سمورو پئسو شوبازي ۾ ٿا ڦوڪيو ڇڏيون تو اهڙو ڀڳل ۽ ڊٺل گهر ڪيئن ورتو آهي. هن ٻڌايو ته ان پٺيان هن جي پلاننگ آهي... جيڪا واقعي هن جي صحيح پلاننگ هئي. هن گهر کي ٺيڪ ڪرائي ان مٿان ٻه ماڙيون ٺهرائي اهي مسواڙ تي ڏنيون. سندس ڀاءُ علينواز چيو ته ڪئي ته بيوقوفي اٿس ان کان ته ڪو دڪان وٺي ها. پر اصغر اهو دليل ڏنو ته سندس ڪم دڪان بنا هلي رهيو آهي ان ڪري رهائش لاءِ گهر ضروري هو. هن ان دوران هڪ ٻيو مائٽ به ڳوٺان گهرايو پر بقول سندس اسانجو گهڻو تڻو نوجوان هٿ جو پورهيو ڪرڻ کي بي عزتي ٿو سمجھي ۽ ڪم سکڻ لاءِ جستجو نٿو ڪري. ان ڪري هو ڄمي نه سگهيو.
گهر وٺڻ بعد ٻن يا ٽن سالن بعد هن ڊفينس جي شهباز ڪمرشل ۾ هڪ دڪان 30 هزار رپيا مسواڙ تي وٺي ان ۾ سينيٽري جو سامان يعني نلڪا، پائيپ، گيزر، بئسن، ڪموڊ رکيا. دڪان کولي مون وٽ آيو. چيومانس ”ڪئي ته وڏي غلطي اٿئي. علائقو ته تمام سٺو ۽ پئسي وارن جو آهي پر اتي اڳهين هڪ پٺاڻ ۽ هڪ بوهري جو هلندڙ دُڪان آهي.“
پر لڳو ته هن کي ان جي به ڄاڻَ هُئي. ”سائين اسان جو به جيڪو نصيب هوندو اهو ملي ويندو.“ هن وراڻيو. ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته بوهري ۽ پٺاڻ جي پُراڻي دڪان هوندي به هن جي ڪمائي سڀ کان سٺي پئي هلي. هِتي پڙهندڙ لاءِ ان جا سبب به لکندو هلان جن کي ڌيان ۾ رکي اصغر انهن تي عمل ڪيو:
اسانجي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ دڪان يارهين ٻارهين کان اڳ کلن ئي ڪونه ٿا پر هنن ڀائرن اهو فيصلو ڪيو ته سردي هجي يا گرمي، بارش هجي يا طوفان دڪان 9 بجي کان اڳ کولڻو آهي ۽ شامَ جو سڀ کان آخر ۾ بند ڪرڻو آهي.
جنهن وٽ به ڪم تي وڃبو ته هن کي صلاح صحيح ڏبي ــ مثال طور ڪنهن جو گيزر ٿوري خرچ ۾ صحيح ٿي سگهي ٿو ته هن کي نئين خريد ڪرڻ کان منع ڪبي .... پوءِ ڀلي دڪان جي ڪمائي نه ٿئي.
جنهن وقت به ڪو ايمرجنسي ۾ گهرائيندو.... مثال طور ڪنهن جو پائيپ ڦاٽي پيو آهي، وغيره، ته ان جو ڪم يڪدم ڪرڻو آهي.
بهرحال اڄ کان ڏهه ٻارنهن سال اڳ جيڪو ماڻهو نوڪر ٿي دڪان تي اچي بيٺو اهو محنت، پورهئي ۽ ايماندار سان اڄ دڪان جو مالڪ ٿي ويو آهي، ڪراچي جهڙي سهر ۾ پنهنجو گهر ۽ گاڏي اٿس، سندس ٻار علائقي جي بهترين اسڪول ۾ پڙهن ٿا... پر ان منزل تي پهچڻ لاءِ هن کي پڪو فيصلو ڪرڻو پيو هو ته هن کي هٿ جو پورهيو ڪرڻو آهي ۽ هن ان ڳالهه تي يقين رکيو ته حلال جي ڪمائي لاءِ محنت مزوري ڪرڻ ۾ ڪو عيب ناهي.
سانگهڙ جي انٽر پاس ڇوڪري کي جڏهن چيم ته ڪو هنر کڻي سک ته هو ناراض ٿي پيو جيتوڻيڪ ولايت ۾ رهي آئون ڏسي رهيو آهيان ته سرڪاري نوڪريون ڪندڙن کان ان ملڪ جا واڍا، رازا، درزي، اليڪٽريشن، پلمبر وغيره وڌيڪَ خوشحال آهن ۽ هنن کي ڪو احساس ڪمتري نٿو رهي پر اسان وٽ خاص ڪري سنڌ ۾ شايد ڪجهه ماحول اهڙو آهي جو ماڻهو ان کي پنهنجي گهٽتائي ٿا سمجھن.
هِتي آئون پنهنجو مثال به لکڻ ضروري سمجھان ٿو. مونکي جڏهن فرسٽ ييئر ۾ اونهاري جي ٻه مهينا موڪل ملي ته مُنهنجي پيءُ جيڪو ان وقت حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو مونکي ۽ منهنجي ننڍي ڀاءَ کي گاڏي کاتي ۾ مستري محمد اسماعيل چانڊيو وٽ ان جي گئريج ۾ وٺي آيو ته هنن کي ڪم سيکار.
چاچي اسماعيل سان اسان جي مائٽي به هُئي جو هن جي سڳي ماسي ’چاچي حاتل‘منهنجي ڏاڏي جي ڪزن محمد صادق جي زال هُئي. انهن کي (يعني چاچا محمد صادق ۽ سندس زال چاچي حاتل کي) به مون هالا ۽ حيدرآباد ۾ ڏٺو هو ۽ ان وقت به هو جيئرا هئا ۽ گاڏي کاتي ۾ هن گئريج جي سامهون گهر هين. اها گئريج اڄ به موجود آهي جيڪا چاچا اسماعيل بلوچ جو پٽ خان هلائي ٿو. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چاچا اسماعيل هڪ اعليٰ قسم جو قابل مستري هو جنهن جو ۽ سندس وڏي پٽ علي احمد ”بُلا“ جيڪو اسانجو همعمر آهي، جو ذڪر پروفيسر قاضي خادم پڻ پنهنجي ساروڻين جي ڪِتاب ”ڳالهڙيون کٽيون نه آهن“ ۾ ڪيو آهي. ٻين وانگر مُنهنجو پيءُ به هن جي ڪم ۽ قابليت مان متاثر هو ۽ چاهيو ٿي ته اسين موڪل جا ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن ضايع ڪرڻ بدران ڪجهه هنر سکي وٺون يا گهٽ ۾ گهٽ ان ۾ دلچسپي وٺي سگهون. اسان لاءِ بابا جون اهي ڳالهيون حيرت جهڙيون نه هيون جو ننڍي هوندي کان اسان اهي هن کان ٻڌندا رهيا هئاسين ... خاص ڪري جڏهن کان هو آمريڪا مان M.Sc ڪري آيا هئا ته وقت کان جڏهن آئون اڃان پهرين انگريزي يعني پنجين ڪلاس ۾ هوس ته هن اسان کي آمريڪا جي وڏن ماڻهن فورڊ ۽ راڪ فيلر جهڙن جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪيون هيون ته هو هيڏا امير ۽ ناليوارا هجڻ جي باوجود پنهنجن ٻارن ۾ پورهئي ڪرڻ جي عادت وجھن ٿا. ايتريقدر جو 1955ع ۾ منهنجي پيءُ ڪار ورتي ته اسان سمجھيو ته ڳوٺ ۾ ان وقت موجود ٻن يا ٽن ڪارن جي پيرن سيدن مالڪن وانگر اسانجو پيءُ به ان ڪار جي سارَ سنڀالَ لاءِ هڪ عدد نوڪر ۽ هلائڻ لاءِ هڪ ڊرائيور رکندو پر پوءِ ڪار اچڻ تي اسان ڏٺو ته ان کي منهنجو پيءُ پاڻ هلائڻ لڳو ۽ هلائڻ کان اڳ اسان پٽن کي شامل ڪري ان کي ڪپڙي سان ڇنڍي ۽ آلي ڪپڙي سان صاف ڪندو هو ۽ اسان کي سمجھائيندو هو ته جيتري قدر ٿي سگهي هر انسان کي پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کپي. سو حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ ان وقت موجود هن واحد گئراج جي ٻاهران روڊ تي اس ۽ گرمي ۾ مسترين سان گڏ هيلپر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي اسان کي ته ڪا پريشاني نٿي ٿي جو چاچي اسماعيل جو اسان جيڏو پٽ علي احمد به ڪم سِکي رهيو هو جنهن سان پاڙي جي ٻين ٻارن خالد هاشماڻي (پيٽارين، هاڻ آمريڪا ۾ رهي ٿو، رٽائرڊ انڪم ٽئڪس ڪمشنر اقبال جماڻي، جهانگير صديقي (JS بئنڪ وارو)، مقصود مغل (ڊپٽي سيڪريٽري، رشيده حجاب جو ڀاءُ)، سان شام جو اڄ واري حيدر چوڪ وٽ ونجهوٽي راند به کيڏندا هئاسين ۽ اتي ئي منهنجي ناني سيٺ محمد حسن سومري (زميندار هوٽل جي مالڪ)، ان جي ڀاءُ چاچا لالا (فاران هوٽل جي مالڪ) ۽ اسانجي نانيءَ جي ڀاءُ ماما عبدالرحمان مغل (جسٽس حامد علي مزار جو والد ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نذير مغل (نذرو) جي چاچي) جا گهر هئا. پر اسان کي تيل ۽ گريزهاڻن هٿن ۽ ڪپڙن ۾ رستي تي گاڏين هيٺان ليٽي ڪم ڪندو ڏسي اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو هالا ۾ منهنجي ڏاڏيءَ سان ڳالهه ڪندا هئا ته هڪ اها ٻي حيدرآباد ۾ رهندڙ منهنجي ناني سخت اعتراض ڪندي هئي ۽ مونکي سمجھائيندي هئي ته ”هيءَ ڪهڙي فضيلت آهي..... پيءُ ڊپٽي ڪمشنر ۽ هيڏو وڏو زميندار آهي (ياد رهي ته منهنجي ڏاڏي کي منهنجو پيءُ اڪيلو پٽ هجڻ ڪري سڀ زمين هن کي ورثي ۾ ملي) ۽ نانو هيڏو سيٺ! توکي گهڻي کان گهڻو پڙهڻ کپي. هي مسترين وارا ڪم نه ڪرڻ کپن.“
منهنجو پيءُ ٽي چوٿين ڏينهن منهنجي منهن تي بيزاري يا انهن ڳالهين جو ٿيندڙ اثر محسوس ڪري سمجھائيندو هو ته پٽ پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي آهي هنر پنهنجي جاءِ تي ۽ اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ موٽر ڪارن جو تعداد ايترو ته تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي جو ڏهن سالن بعد 1970ع ڌاري ڏسجانءِ ته آٽو مڪينڪ سکڻ وارن جو وڏو مانُ هوندو. هر وڏي ماڻهو وٽ ڪار هوندي ۽ اها خراب به ٿيندي رهندي ۽ جي تو ههڙي گئريج کولي ته اهي سڀ نام نهاد وڏا ماڻهو تنهنجا محتاج رهندا..... پر جي ٻي ڪا نوڪري ڪئي ته به پنهنجي ڪار ته confidence سان هلائيندو رهندين ۽ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍڻي پوندئي. حق جي ڳالهه ڪبي ته گاڏي کاتي کان ٿورو اڳتي صدر جي علائقي ۾ رهندڙ منهنجي ناني جي وڏي ڀيڻ پڦو غلام فاطمه بروهي (مشهور مزاحيه ليکڪ حليم بروهي جي ماءُ) مونکي هميشه شاباس ڏيندي رهي ٿي ۽ چوندي هئي ته وس پڄي ته نعيم (حليم جو ننڍو ڀاءُ منهنجو هم عمر) کي به موڪلن ۾ ڪجهه هنر سيکاريان.
بهرحال فرسٽ ييئر ۽ انٽر ڪلاس دوران اونهاري جي موڪلن ۾ گاڏي کاتي ۾ موٽر ڪارن جي گئريج ۾ ڪم ڪندي ڪڏهن مزو آيو ٿي ته ڪڏهن دل چوندي هئي ته ٻين ڪلاس ميٽن وانگر وئڪيشن جا ڏينهن ننڊون ڪندي گذارجن ۽ ڪڏهن بابي تي حيرت ٿيندي هئي ته هن اسان کي ڪم سان لڳائي سندن ۽ منهنجي بي عزتي ڪرائي رهيو آهي. پر سچ پڇو ته اڄ مونکي صحيح معنيٰ ۾ حيرت ٿي ٿئي ته منهنجو پيءُ ڪيڏو ڏاهو، Visionary ۽ بولڊ هو جنهن ڳوٺ ۽ مائٽن جي ٽوڪ طعنن جي پرواهه نه ڪندي اهو ڪم ٿي ڪيو جيڪو هن کي صحيح لڳو ٿي ۽ هن هٿ جي پورهئي ۽ حق حلال جي روزيءَ ۾ يقين رکيو ٿي. هن اسان کي هر وقت اهو سبق ڏنو ٿي ته جڏهن اسان شاگرد آهيون ته شاگرد ئي رهون ۽ دماغ ۾ اها ڳالهه رکي ته اسانجو پيءُ ڊپٽي ڪمشنر يا پڪي جو زميندار آهي، ٽيڙي ۽ ٽانءَ ۾ نه اچون. هالا کان حيدرآباد يا پيٽارو کان موڪل ٿيڻ تي منهنجا ڪجهه ڪلاس ميٽ پنهنجي ڪار گهرائيندا هئا ۽ مون به چاهيو ٿي ته آئون به ٻين ته لئه رکان پر بابا مونکي هر وقت اهو سمجھائيندو هو ته ٻين عام شاگردن وانگر بس ۾ سفر ڪر. هن جي ان پٺيان اها ئي سوچَ هُئي جيڪا اڄ جي مائٽ کي به دل سان هنڊائڻ کپي ته ائين ڪرڻ سان منهنجا دوست خوشامدي ٿيندا. هو چوندو هو ته جيتوڻيڪ پنهنجي ۽ سرڪاري گاڏي بيٺي آهي پر هو مونکي هن ڪچي عمر ۾ اها منهنجي حوالي ان ڪري نه ڪندو جو پوءِ پڙهڻ ۽ پاڙهو دوستن سان واسطو رکڻ بدران رول ڇوڪرن جي سنگت ۾ اچي ويندس ۽ ٿي سگهي ٿو ڪو لوفر دوست مونکان اهو بهانو ڪري ڪار اڌاري وٺي وڃي ته هو پنهنجي بيمار ماءُ کي اسپتال وٺي ٿو وڃي..... ان بدران هو ڪنهن گرل فرينڊ کي وٺي وڃي ڪرائيم ڪري يا حادثو ڪري وجھي ته بدنامي اسان جي ٿيندي.
سچي ڳالهه اها آهي ته انهن ڏينهن ۾ بابا جون اهي ڳالهيون پسند نه اينديون هيون ۽ هر وقت ماءُ سان شڪايت ڪندو رهندو هوس پر اڄ ٿو سوچيان ۽ ڏسان ته ڪيئن اسان جي اميرن، وڏيرن، ڪامورن جا ٻار پيءُ جو گاڏيون ۽ گارڊ کڻي وتن ڏوهن جا ڪم ڪندا. ويجهڙائيءَ ۾ هڪ منهنجي پيٽارو جي ساٿي جو پٽ اسڪول جي ڏينهن ۾ گاڏي سندس هٿن ۾ هجڻ ڪري ٻين دوستن سان گڏ هڪ ڇوڪريءَ جي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ ڇهه ست سالن کان ڇوڪرو هڪ طرف جيل ۾ آهي ته مائٽ ٻي طرف پريشان. هنن ڇا خواب ڏٺا هوندا ته سندن اڪيلو پٽ پڙهي ڳڙهي نالو پيدا ڪندو پر هن کي لاڏلو ۽ ڇڙواڳ رکڻ ڪري هو سندن بدنامي جو سبب بڻجي پيو آهي. ۽ اڄ هرڪو ڇوڪري کي نه پر هن جي والدين تي ڏوهه ٿو هڻي ته هنن هن کي ايتري آزادي ڇو ڏني جو هن ٻين لوفر دوستن سان گڏجي پرائي نياڻيءَ کي ڌتاري نه فقط برو فعل ڪيو پر ثبوت ڊاهڻ لاءِ هن ٻين لوفر دوستن سان گڏجي پرائي نياڻيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.
جيستائين Dignity of labour (هٿ جي پورهئي کي عزت) جي نِگاهه سان ڏسڻ جي ڳالهه آهي ته ان ۾ اسانجو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس به پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن هڪ دفعو سڄي ڪاليج ۽ هاسٽل کي اسان ڪئڊٽن کان رنگ ڪرايو. هر آچر تي ٽي ٽي ڪلاڪ اسان کان پوچي ڏياري ٿي ۽ رنگ وارن لاءِ مقرر پئسو اسان کي ورهائي ڏنائين. مونکي ياد آهي ته ان وقت جي هڪ نائين ڪلاس جي شاگرد (يعني مون کان ٻه سالَ جونئر) جنهن جو والد پنهنجي تر جو وڏيرو، جاگيردار ۽ سياستدان هو ان اعتراض ڪيو پر اسان واري پرنسپال کيس مطمئن ڪري ڇڏيو ته ائين ڪرڻ سان ٻار کي مزور ۽ پورهيت جو قدر رهي ٿو ۽ هو زندگي ۾ پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ ۾ عيب نه سمجھندو. هو ڇوڪرو جيڪو هينئر 67 سالن جو آهي اڄ ڪلهه پاڻ به هڪ سياسي شخصيت آهي ۽ ٻه دفعا ملڪ جو فيڊرل وزير به رهي چڪو آهي. فقط ٻه ڏينهن اڳ هن وٽ ويس. جلدي ۾ هوس. سندس بورچي مارڪيٽ ۾ سودي لاءِ ويل هو. پاڻ اٿي مون لاءِ چانهه ٺاهيائين ۽ اتي ئي ڪچن ۾ بيهي چانهه پيتيسن ته هو ٿانوَ ڌوئڻ لڳو. چيومانس اهو ڪم ته نه ڪر ته ٽهڪ ڏئي چيائين ”جڏهن ڪمرن ۽ ڪاڪوسن جي ڀتين کي کرڙي پوچيون ڪري سگهون ٿا ته ٻه ڪوپ ڌوئڻ ۾ ڪهڙي بي عزتي.“
منهنجي خيال ۾ ڪرنل ڪومبس جي اها سوچ بلڪل مقصد رکي ٿي. والدين کي کپي ته هو کڻي ڪيڏو به پئسي وارا هجن پر ٻارن کي گهَرَ جي ڪمن ۾ پڻ لڳائين. مون ڏٺو آهي ته اهڙا ٻار جڏهن ولايت ۾ پڙهائي يا نوڪري لاءِ اڪيلا رهن ٿا ته هنن کي ننڍن مسئلن جو ڪو فڪر نٿو رهي. هو پاڻ ئي همت سان ۽ وڏي اعتماد سان انهن کي منهن ڏيو وڃن.
انٽر بعد مونکي حيدرآباد جي گئريج ۾ ڪم نه ڪرڻو پيو جو مئرين انجنيئرنگ لاءِ آئون چونڊجي ويس ۽ مونکي پاڪستان جو پاڻ وارو حصو يعني مغربي پاڪستان ڇڏي انڊيا جي ٻئي پاسي واري پاڪستان جي حصي مشرقي پاڪستان وڃڻو پيو جيڪو هاڻ بنگلاديش سڏجي ٿو. اتي جي چٽگانگ شهر ۾ جِتي ڪرناڦلي ندي خليج بنگال ۾ ڇوڙ ڪري ٿي اُتي جُلديا نالي هڪ ٻيٽ تي ”پاڪستان مئرين اڪيڊمي“ هئي (جيڪا هاڻ ”بنگلاديش ميريٽائيم اڪيڊمي“ سڏجي ٿي). هِتي پهچي جِتي مونکي گئريج ۾ ڪم کان ڇوٽڪارو ملڻ جي خوشي ٿي اُتي مونکي جلدي ئي ان ڳالهه جي خوشي پڻ ٿي ته مونکي پنهنجي پيءُ گئريج جو ڪم سيکاري منهنجي لاءِ وڏي سهوليت پيدا ڪري ڇڏي. ڇا ٿي ٿيو جو سڄو هفتو ڪلاس روم ۾ جهازن جي انجڻين بابت (مئرين انجنيئرنگ جا سبجيڪٽ) پڙهندا هئاسين پر پرئڪٽيڪل لاءِ يعني انهن انجڻين ۽ مشينن جي اندرن پرزن کي ڏسڻ ۽ سمجھڻ لاءِ مهيني جي آخري ڇنڇر تي چٽگانگ جي بندرگاهه ۾ بيٺل مختلف ملڪن جي جهازن تي ويندا هئاسين. ڪلاس روم توڙي جهازن جي انجڻ روم ۾ جِتي منهنجا ڪلاس ميٽ مونجھاري جو شڪار رهندا هئا اتي انجڻين جي مختلف حصن سڃاڻڻ ۽ سمجھڻ جي معاملي ۾ منهنجو ذهن کليل رهيو ٿي جو آٽو ورڪشاپ (گئريج) ۾ ڪم ڪرڻ ڪري پسٽن، سلينڊر، ڪئم شافٽ ۽ ڪرئنڪ شافٽ کان ٽئپٽ ڪليئرنس، فيول پمپ ٽائمنگ وغيره کان آئون واقف هوس. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪار جي انجڻ ننڍي ٿي ٿئي جنهن جي سلينڊر ۾ مُٺ به مشڪل سان وڃي سگهي ٿي. جهاز جي انجڻ جو سلينڊر وڏو ٿو ٿئي جنهن جي اندر ڏاڪڻ رکي ٻه ماڻهو هڪ ئي وقت آرام سان گهڙي مقرر گيج سان ان جي ٿيل گسائي (wear) جي ماپَ وٺي سگهن ٿا. انهي فائدي ڪري ڪلاس روم ۾ به مونکي هر ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ٿي. انهي lead ڪري پنجن سالن بعد جڏهن بين الاقوامي امتحان M.O.T پارٽ ون ٿيو ته پهرين attempt ۾ فقط آئون پاس ٿيس. هي امتحان دنيا جي هر ملڪ ۾ ڪٿي مهيني ۾ هڪ دفعو ڪٿي مهيني ۾ ٻه دفعا ٿين ٿا ۽ ان کي پاس ڪرڻ ايترو آسان نه هوندو آهي. بهرحال هِتي هن عمر ۾ پهچي هي سڀ ڪجهه پنهنجي تعريف لاءِ نه لکي رهيو آهيان پر هتي اڄ جي والدين ۽ اڄ جي نوجوان جي رهنمائي لاءِ لکي رهيو آهيان ته ڪي ڪي ڳالهيون جيڪي في الحال اسان کي عجيب لڳن ٿيون اهي اڳتي هلي فائدو ڏين ٿيون. ان معاملي ۾ مونکي پنهنجي پيءُ تي حيرت ٿي ٿئي ته هو زميندار ۽ سرڪاري ڪامورو هجڻ جي باوجود حقيقت پسندي کان ڪم وٺي اسان کي ڪوڙي شان ۽ ٽيڙي جي عادت وجھڻ بدران ڪم، هٿ جي پورهئي ۽ محنت جي عادت وڌي. پنهنجي والد جي ان سلسلي ۾ هڪ ٻه ٻيون به ڳالهيون لکندو هلان جيڪي ٿي سگهي ٿو ڪجهه شاگردن ۽ والدين کي بهتر لڳن ۽ هو ان مان Guide line حاصل ڪري سگهن:
مئٽرڪ ۾ هوس ته هالا ۾ جمعي ٽِيڪي نالي هوٽل جي مالڪ جي پٽ ٽائپنگ اسڪول کوليو. منهنجي پيءُ مون کي ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپ سکڻ لاءِ موڪليو. ان جو فائدو به مونکي ان وقت نه ٿيو پر پوءِ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، سئيڊن ۾ جڏهن پهتس ته مونکي پنهنجي ٿيسز لکڻ ۾ سهوليت ٿي ۽ جن شاگردن کي ٽائيپنگ نٿي آئي انهن کي پنڌرهن ڏينهن کن شامَ جو ٽائيپنگ جو ڪورس ڪرڻو پيو. اڄ به آئون ٽائيپنگ وقت ڏهه ئي آڱريون استعمال ڪريان ٿو. بهرحال ان جو وڏو فائدو مونکي ان وقت ٿيو جڏهن جهاز جو چيف انجيئر ٿيس. جهاز بابت confidential رپورٽون ۽ خط جيڪي هيڊ آفيس يا شپ يارڊ ۽ انشورنس ڪمپنين کي موڪلڻيون پيون ٿي ان لاءِ مونکي ٻئي جي ڪاڻ ڪڍڻي نٿي پئي پاڻ ئي ٽائيپ ڪري ٽپال ذريعي، بعد ۾ ڪمپيوٽر ۽ نيٽ ذريعي موڪليندو رهيس ٿي.
گريجوئيشن بعد مونکي ٿورو ٿورو شوق ٿيو ته CSS جو امتحان ڏئي سرڪاري ڪامورو ٿجي پر مُنهنجي پيءُ مونکي دليلن سان سمجھايو ته ان کان بهتر آهي ته انجنيئر، ڊاڪٽر ٿجي يا ڪو ٽيڪنيڪل ورڪشاپ کولجي. اڃان اسڪول ۾ هوس يعني هي گذريل صدي جي پنجاهه واري ڏهي جي ڳالهه آهي ته بابو اسان ڀائرن کي ان ڳالهه تي ڌيان ڇڪائيندو هو ته هالا ڳوٺ ۾ ڪو ويلڊنگ شاپ کولجي جنهن ۾ هر قسم جي ويلڊنگ ۽ گئس ڪٽنگ جو ڪم ڪري سگهجي. هي اهو وقت هو جڏهن اسانجي ڳوٺ ۾ فقط ٻه لوهار هئا پر بابا جي اها سوچَ هئي ته زمانو جنهن رفتار سان ٽيڪنيڪل ٿي رهيو آهي ان ۾ هنن شين جي وڏي ڊمانڊ رهندي. دراصل مونکي لڳي ٿو ته منهنجي پيءُ جي ٻين مائٽن ۽ ڳوٺائين کان مختلف وسچ ان ڪري به هئي جو پڙهائي دوران هنن جو وڏو عرصو پوني انڊيا ۽ نيويارڪ (آمريڪا) ۾ گذريو جِتي هن غور سان جائزو ورتو ته ايندڙ دور يا زماني جي ڇا بيهڪ رهندي ۽ تعليم سان گڏ هنر جي پڻ اتي رهي اهميت سمجھي. اسان کي ٿورو به ٽانءِ يا فخر ۾ ڏسندو هو ته راڪ فيلر جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته هو ايڏو امير آهي جو سواريءَ لاءِ ڪارون ته ڇا هن کي پنهنجو هوائي جهاز آهي پر هن جا ٻار پنڌ اسڪول وڃن ٿا.
ويلڊنگ لاءِ پاڻ وڏو شاپ، مشينون (Plants) ۽ ماڻهو رکي ٿي ڏنائين پر مونتي اهو شرط وڌائين ته پهرين آئون ڇهه مهينا کن هر قسم جي ويلڊنگ سکي ايڪسپرٽ ٿيان پوءِ ڀلي ڪم ڪرڻ بدران مئنيجمينٽ سنڀاليان ۽ ڪم ڪاريگرن کان وٺان. مونکي به ٿورو گهڻو شوق ٿيو پر جيئن ته منهنجي مئرين انجنيئرنگ لاءِ چونڊ ٿي وئي ۽ آئون پهريون سنڌي هوس جو چٽگانگ هن اڪيڊمي لاءِ وڃي رهيو هوس ان ڪري منهنجو پيءُ به راضي ٿي ويو. جيتوڻيڪ پاڙي جي ڪجهه پوڙهين اسان جي ڏاڏيءَ جا ڪن اچي ڀريا ته هن کي ننڍي عمر ۾ ايڏو پري ڇو ٿا موڪليوس جڏهن ڄامشورو جي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ به چونڊجي ويو آهي پر گهرجي ٻين ڀاتين منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ ماڻهن جي ڳالهين تي نه لڳڻ لاءِ چيو. اهڙن موقعن تي اسان جي ماءُ جي سوٽ ادي رضيه سومرو (مسز ڊاڪٽر غني صديقي) جو اسان جي خاندان ۾ مثال ڏنو ويو ٿي جيڪا منهنجي هم عمر آهي. هوءَ جڏهن اٺن سالن جي هئي ته هن جي پيءُ لالا سومرو (اسانجي ناني جي ڀاءُ) هن کي پڙهڻ لاءِ اڪيلو ڪوهه مري موڪليو هو. حيدرآباد واري فاران هوٽل اڄ ڪلهه رضيه جو ڀاءُ اختر سومرو ۽ ان جو پٽ عبدالله سومرو هلائي ٿو.
جهاز جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد هڪ دفعو ٽوڪيو هوس ته مونکي مهيني کن جي موڪل ملي جيڪا مون جپان ۾ رهي جپان گهمڻ ٿا چاهيو. بابا کي خبر پيئي ته هن مونکي سمجايو ته جپان ۾ ڀلي رهي پئه پر ان دوران بهتر ٿيندو ته ڪجهه پڙهائي به ڪر. اڄ ڪلهه ڪمپيوٽر ۽ آٽوميشن جو دور آهي تون جپان ۾ هجڻ جو فائدو وٺي ان جو ڪو ڪورس ڪري ڇڏ. مونکي به ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۽ سوچيم ته گهمڻ ته گهڻو ئي ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو. سو فئملي کي ڳوٺ موڪلي مون اوساڪا جي ڀرسان ’آيوئي‘ نالي هڪ شهر ۾ تيراساڪي نالي ڪمپني وٽ آٽوميشن جو ڪم سکڻ لاءِ داخلا ورتي. جيئن ئي ڪورس مڪمل ڪري ڪراچي پهتس ته خبر پيئي ته اسانجي جهازران ڪمپنيءَ آٽوميٽڪ جهاز ٺهرائڻ جو ارادو ڪيو آهي جنهن لاءِ هن جپان کي آرڊر ڏنو آهي ۽ هاڻ ان جي تعمير جي ديک ڀال ۽ بعد ۾ ان جهاز کي هلائڻ لاءِ هو چيف انجنيئر جي ڳولا ۾ آهن. منهنجي هن آٽوميشن ڪورس جو ٻڌي مونکي يڪدم ٽوڪيو موڪليو ويو جِتي مالا ڪنڊ نالي هي جهاز ٺهي رهيو هو ۽ مونکي ۽ منهنجي فئملي کي هڪ مهيني بدران ٽي مهينا ٽوڪيو ۾ رهڻ جو موقعو ملي ويو جيسين جهاز IHI شپ يارڊ ۾ ٺهندو رهيو جنهن کي پوءِ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ مون هلايو ۽ جنهن جهاز جي 30 سالن بعد اسڪريپ ٿيڻ جو احوال هڪ هنڌ ”وري يادن ورايو“ جي عنوان سان لکيو اٿم.
بهرحال منهنجي هن ڊگهي مضمون جي باٽم لائين اها ئي آهي ته والدين کي کپي ته پنهنجي اولاد کي تعليم سان گڏ هنر به سيکارين ۽ اها تلقين ڪن ته هٿ جو پورهيو ڪرڻ ڪو عيب ناهي ۽ نوجوان شاگردن کي کپي ته موڪلون ننڊون يا ڪچهري ڪندي گذارڻ بدران ڪنهن ڪم سکڻ ۾ لڳائين جيڪو زندگي ۾ ڪنهن وقت به فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

هڪ يهودي ڇوڪريءَ جو اسلام ڏي سفر

يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهڻ دوران، خاص ڪري تعليم دوران، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾، جتي جي مسجدن ۾ جتي عرب دنيا ۽ ترڪيءَ جا عالمِ دين ليڪچر ڏيڻ ايندا هئا اتي يورپ جا گورا نو مسلم به اسلام بابت ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. هو اسان (پرديس ۾ رهندڙن) جي پڇيل سوالن ۽ مونجھارن جا جواب پڻ ڏيندا هئا. اڄ ڪلهه “Peace” چئنل تي جيڪي عالم اچن ٿا انهن مان ڪافي مون ڊئنمارڪ جي مسجد ۾ ليڪچر ڏيندي ٻُڌا. ’ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ‘ جيڪو انهن ڏينهن ۾ ميڊيڪل جو شاگرد هو ان کي ۽ سائوٿ آفريڪا جي گجراتي عالمِ دين ”احمد ديدات“ کي به پهرين اتي ڏٺو. هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته يورپ يا آمريڪا جا گورا توڙي شيدي، جيڪي پنهنجو مذهب ڇڏي مسلمان ٿين ٿا انهن کي اسلام جي وڏي ڄاڻ ٿئي ٿي. بلڪه هو اسلام بابت چڱيءَ طرح معلومات حاصل ڪري ان بعد پنهنجو اباڻو دين عيسائيت يا يهوديت ڇڏي اسلام جي دائري ۾ اچن ٿا.
اڄ ڪلهه پهرين ڪلاس کان اسلاميات پڙهائي وڃي ٿي، هر ڳوٺ ۾ مدرسا آهن، گهرن ۾ درس ٿئي ٿو ۽ ٻارن کي ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. اسان جي ڏينهن ۾ نه اسڪول ۾ ۽ نه گهر ۾ ديني تعليم جو بندوست هو. عمر وڌڻ تي اسلام بابت ڪيترائي سوال اسان جي دل ۾ اڀريا جن جا جواب ڳوٺ جي ان وقت جي مولبين جيڪي ڏنا ٿي انهن مطمئن نٿي ڪيو. سچي ڳالهه اها آهي ته هنن کي پاڻ به ايترو علم نه هو. گهڻي پُڇ پُڇ ڪرڻ تي دڙڪا مليا ٿي. مئٽرڪ ڪلاس ۾ پهچڻ وقت مونکي لئبرريءَ مان مولانا مودودي جو هڪ انگريزي ڪتاب Towards Understanding Islam مليو. هن کي مون ٻه دفعا پڙهيو. مولانا مودوديءَ تمام آسان نموني سان هڪ مون جهڙي اڻ ڄاڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ اسلام بابت ڄاڻ ڏني آهي. ان ڪتاب مونکي اسلام بابت ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ آئون اڄ تائين مسلمان توڙي غير مسلم شاگردن کي اهو ڪتاب پڙهڻ جي تلقين ڪندو اچان.
مولانا ابوالاعلي مودودي جي هڪ سياسي پارٽي ”جماعت اسلاميءَ“ سان سڃاڻپ پنهنجي جاءِ تي ۽ جنهن جماعت کي بنگال ۾ ’البدر‘ ۽ ’الشمس‘ جهڙن گروهن بدنام پنهنجي جاءِ تي ضرور ڪيو پر مولانا مودودي جي ڪردار ۽ اسلامي خذمتن جي واکاڻ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪئي وڃي ٿي..... خاص ڪري سعودي عرب، ملائيشيا، تنزانيا، زئنزيبار.... جن ملڪن ۾ منهنجو جهاز هلائڻ دوران گهڻو اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو. ايتريقدر جو مولانا مودودي جو قرآن جو تفسير (ڇهن جلدن تي مشتمل ”تفهيم القرآن“) انهن ملڪن جي مقامي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل نظر آيو. آئون به سڀ کان گهڻو اهو پڙهان ٿو جو مونکي اهو وري به ٻين جي مقابلي ۾ آسان اڙدو ۾ لڳي ٿو. هن جيتوڻيڪ قرآن جو لفظ به لفظ ترجمو نه ڪيو آهي پر اسانجي گرامر موجب لس ئي لس لکيو آهي ان ڪري اسان جهڙن عربيءَ کان گهٽ واقفيت وارن لاءِ اهو سمجھڻ آسان ٿو رهي. هتي اهو به لکندو هلان ته مودودي صاحب پهريون شخص آهي جنهن کي سعودي عرب طرفان 1979ع ۾ ”شاهه فيصل انٽرنيشنل ايوارڊ“ ڏنو ويو هو ۽ سندس وفات تي مڪي ۾ ”غيبي جنازي نماز“ پڙهائي وئي. النجاشي بادشاهه اشاما ابن ابجار بعد مولانا مودودي دنيا جو ٻيو ماڻهو آهي جنهن جي جنازي نماز ڪعبة الله ۾ پڙهائي وئي. نجاشي اهو بادشاهه هو جنهن وٽ حبش ۾ مڪي جا مسلمان هجرت ڪري ويا هئا جنهن کي اصحابي حضرت جعفر ابن ابي طالب قرآن جي سورت ”مريم“ پڙهي ٻڌائي هئي جيڪا ٻڌي هي عيسائي حاڪم ۽ ان جا پادري بيحد متاثر ٿيا هئا ۽ مسلمانن کي واپس موڪلڻ بدران پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو هو.
مون مٿي لکيو آهي ته مغرب جو ڪو عيسائي يا يهودي پنهنجو دين ڇڏي اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ ان بابت چڱيءَ طرح ڄاڻ حاصل ڪري ٿو ۽ مسلمان ٿيڻ بعد اهڙا ڪيترا نو مسلم پنهنجين تقريرن ۽ لکڻين ذريعي اسلام جو دفاع ڪن ٿا، اسان جهڙن گهٽ ڄاڻ رکندڙ مسلمانن ۽ غير مسلمانن کي اسلام جي معلومات ڏين ٿا. هڪ اهڙي يهودي نو مسلم محمد اسد (جيڪو 1900ع ۾ آسٽريا ۾ Leopold Weiss نالي سان هڪ يهوديءَ جي گهر ۾ ڄائو) بابت تفصيل سان لکي چڪو آهيان ۽ جنهن جي ڪتاب A Road to Mecca مونکي ايڏو ته متاثر ڪيو جو مون پنهنجي سعودي عرب واري سفرنامي جو نالو ”اي روڊ ٽُ مدينا“ رکيو.
محمد اسد جي مٿئين ڪتاب ۽ قرآن جي انگريزي ترجمي ۽ تفصير The Message of the Quran جنهن جي مڪمل ڪرڻ ۾ هن کي 17 سال لڳي ويا، مغرب جي ماڻهن کي بيحد متاثر ڪيو ۽ محمد اسد صاحب جي لکڻين ڪري ڪيترائي مسلمان ٿيا جن مان هڪ بيحد نامياري شخصيت ’مريم جميلان‘ آهي جيڪا نيويارڪ جي رهاڪو هئي ۽ هن جا ماءُ پيءُ پڻ اسد جي والدين وانگر ڪٽر يهودي هئا ۽ هن مسلمان ٿيڻ بعد اسلام تي محمد اسد کان به وڌيڪَ لکيو. مريم جميلان جي لکڻين مان به اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي غير مسلم توڙي مسلمان اسلام بابت ڄاڻ حاصل ڪن ٿا. اسد وانگر هن به عمر جو وڏو حصو پاڪستان ۾ گذاريو ۽ مولانا مودودي کان تعليم حاصل ڪئي. اڄ دنيا جي مسلمانن کي مريم جميلان ۽ محمد اسد جهڙن نو مسلم تي فخر آهي ۽ يورپ وارا سچ ٿا چون ته: ”مريم جميلان ۽ محمد اسد مغرب طرفان دنيا جي مسلمانن لاءِ وڏو تحفو آهن.“
مريم جميلان (Maryam Jameelah) 1934ع ۾ ’مارگريٽ مارڪيوس‘ جي نالي سان نيويارڪ ۾ يهودي والدين جي گهر ۾ جنم ورتو جن جا وڏا جرمنيءَ کان لڏي USA ۾ اچي رهيا هئا. مريم آمريڪا جي جديد تهذيب ۾ ننڍي ٿي وڏي ٿي. هن کي پنهنجي مغربي تهذيب جي ظاهري ”چمڪ ڌمڪ“ جنهن کي ڊاڪٽر اقبال ”ڪوڙن نگن جي طمعڪاري“ سڏيو آهي، هن کي بلڪل متاثر نه ڪيو. مغرب ۾ ڇوڪري ڇوڪريءَ جو شاديءَ کان اڳ ملڻ يعني Dating، رقص ۽ سرور جون محفلون ۽ هل هنڀوڇي واريون مجلسون جيڪي مغرب جي طرزِ زندگيءَ جو حصو آهن، هن جي زندگي کان ٻاهر هيون. اسڪول ۽ ڪاليج جي زندگيءَ ۾ هن مذهب جي ”تقابلي مطالعي“ Comparative Study جي چونڊ ڪئي. يهودي گهرا

مريم جميلان (Maryam Jameelah) 1934ع ۾ ’مارگريٽ مارڪيوس‘ جي نالي سان نيويارڪ ۾ يهودي والدين جي گهر ۾ جنم ورتو جن جا وڏا جرمنيءَ کان لڏي USA ۾ اچي رهيا هئا. مريم آمريڪا جي جديد تهذيب ۾ ننڍي ٿي وڏي ٿي. هن کي پنهنجي مغربي تهذيب جي ظاهري ”چمڪ ڌمڪ“ جنهن کي ڊاڪٽر اقبال ”ڪوڙن نگن جي طمعڪاري“ سڏيو آهي، هن کي بلڪل متاثر نه ڪيو. مغرب ۾ ڇوڪري ڇوڪريءَ جو شاديءَ کان اڳ ملڻ يعني Dating، رقص ۽ سرور جون محفلون ۽ هل هنڀوڇي واريون مجلسون جيڪي مغرب جي طرزِ زندگيءَ جو حصو آهن، هن جي زندگي کان ٻاهر هيون. اسڪول ۽ ڪاليج جي زندگيءَ ۾ هن مذهب جي ”تقابلي مطالعي“ Comparative Study جي چونڊ ڪئي. يهودي گهراڻي ۾ ڄمڻ جي باوجود هن نه فقط يهوديت کان بيزاري محسوس ڪئي پر فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن کي دل سان محسوس ڪيو. اسڪول جي ڏينهن کان وٺي هن ايشيائي، خاص ڪري عرب ڪلچر ۽ تاريخ لاءِ ڪشش محسوس ڪئي. هن جي يهودي مٽن مائٽن ۽ ڪلاسي ساٿين جڏهن اسرائيل کي سپورٽ ٿي ڪيو ته هن انهن جي خلاف ڳالهايو ٿي ۽ عربن ۽ فلسطينن سان همدردي ڪئي ٿي. ان احساس جو اظهار هن جي پهرين قلمي ڪاوش ”احمد خليل“ جي صورت ۾ سامهون آئي. هي ناول هن تڏهن لکڻ شروع ڪيو جڏهن هن جي عمر فقط چوڏهن سال هئي ۽ هوءَ اڃان اسڪول جي شاگردياڻي هئي. مذهبن جي ڀيٽ واري مطالعي مان جيڪو علم هن قرآن ۽ حديث جي باري ۾ حاصل ڪيو هو، ان کي هُن هِن ناول ۾ استعمال ڪيو ۽ جڳهه جڳهه تي قرآن جي آيتن ۽ حديثن جا حوالا ڏنا آهن. ظاهر آهي سڄو خاندان هن جي خلاف ٿي ويو. هي ناول هن يروشلم جي مفتي اعظم حاجي امين الحسيني کي منسوب ڪيو.
يهوديت کان بيزاريءَ بعد مريم (جيڪا اڃان مارگريٽ جي نالي سان سڃاتي وئي ٿي) عيسائيت جو مطالعو ڪيو پر جڏهن هوءَ ان مان به مطمئن نه ٿي ته هن اسلام بابت لکيل ڪتاب ڳولڻ شروع ڪيا. انهن ڏينهن ۾، يعني 1951 واري ڏهاڪي تائين جيڪي نيويارڪ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ مسلمان رهيا ٿي اهي پنهنجي روزگار پٺيان ئي مشغول هئا. مريم عرب دنيا ۽ پاڪستان جي ڊزن کن ماڻهن سان خط و ڪتابت ڪئي پر هي سلسلو گهڻي دير نه هلي سگهيو. پوءِ هن عالم اسلامي جي نامور عالمن جي ڳولا شروع ڪئي ۽ 1960ع تائين هن ڪيترن ئي عالمن سان رابطو قائم ڪيو جن ۾ واشنگٽن ۾ مرڪز اسلامي جو ڊائريڪٽر محمود حب الله، فرانسيسي سامراج جي خلاف جدوجهد جو اهم رهنما، آلجيريا جو شيخ محمد بشير ابراهيمي، مصر جي جامع الازهر جو ڊاڪٽر محمد البهائي، پئرس ۾ رهندڙ معروف اسڪالر ڊاڪٽر حميد الله وغيره اچي وڃن ٿا. هن اخوان المسلمون جي سربراهه سيد قطب شهيد سان به رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو انهن ڏينهن ۾ مصر جي جيلن ۾ ڊگهو قيد ڪاٽي رهيو هو. فيبروري 1960ع ۾ هن ”سائوٿ آفريڪا“ مان شايع ٿيندڙ هڪ رسالي “The Muslim Digest of Durban” ۾ مولانا مودوديءَ جو هڪ مضمون “Life after Death” پڙهيو جيڪو هن کي ان وقت تائين پڙهيل مضمونن ۾ سڀ کان گهڻو بهتر ۽ متاثر ڪندڙ لڳو. هن رسالي جي ايڊيٽر کي خط لکي مولانا مودوديءَ جي ائڊريس حاصل ڪئي ۽ هن سان خط و ڪتابت شروع ڪئي. ان وقت تائين هن اڃان اسلام قبول نه ڪيو هو پر پهرين خط ۾ هن جن خيالن جو اظهار ڪيو ان جو جواب ڏيندي مولانا سيد ابو الا عليٰ مودوديءَ 21 جنوري 1961ع تي هن کي جيڪو خط لکيو ان ۾ هو هن سان ”السلام عليڪم“ سان مخاطب ٿيو ۽ پوءِ وضاحت ڪئي، ”آئون ڄاڻي واڻي توهان کي السلام عليڪم چئي مخاطب ٿيو آهيان جيڪو مسلمانن ۾ هڪ ٻئي سان ملڻ يا ڳالهه شروع ڪرڻ جو طريقو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جيتوڻيڪ توهان اڃان اسلام قبول ڪرڻ جي باري ۾ سوچي رهيون آهيو پر مونکي يقين آهي ته توهان پهرين ئي مسلمان ٿي چڪيون آهن. جيڪو شخص خدا کي هڪ مڃي ٿو، محمد صلي الله عليه والي وسلم کي آخري نبي، قرآن کي الله جو ڪلام مڃيندو هجي ۽ آخرت تي يقين رکندو هجي ته اهو چاهي يهودي گهراڻي ۾ پئدا ٿيو هجي، ڪنهن عيسائي گهراڻي ۾ يا ڪنهن ڪافر جي گهر ۾، اهو مسلمان ئي ٿيو. توهان جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي انهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته توهان انهن ڳالهين تي ايمان رکو ٿيون، ان ڪري آئون ته توهانکي مسلمان ئي سمجھان ٿو ۽ دين جي ناتي سان پنهنجي ڀيڻ.“
انهيءَ دوران مارگريٽ (مريم) نو مسلم يهودي محمد اسد جو هڪ ڪتاب The Road to Mecca پڙهيو جنهن هن تي ڏاڍو اثر ڪيو ۽ هن مسلمان ٿيڻ جو پڪو فيصلو ڪيو. ان بابت ڪيترن هنڌن تي آهي ته:
“She was also inspired by Muhammad Asad’s book “The Road to Mecca”, which recounted his journey and eventual conversion from Judaism to Islam”
آخرڪار، 24 مئي 1961ع تي مارگريٽ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ۽ پنهنجو نالو مريم جميلان رکيو. مريم جميلان جي وفات تي ڪجهه اخبارن ۾ جيڪي خبرون شايع ٿيون انهن ۾ ٻڌايو ويو ته هن مولانا مودودي جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو هو. پر دراصل ڳالهه ائين نه آهي. هن بروڪلين (نيويارڪ) جي شيخ دائود احمد فيصل جي هٿن تي اسلام قبول ڪيو هو جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”ائٽ هوم ان پاڪستان“ ۾ پتوڪي مان 7 سيپٽمبر 1962ع تي پنهنجي ماءُ پيءُ ڏي لکيل خط ۾ ڪيو آهي.
ڪتاب پڙهندڙن جي شوقينن لاءِ لکندو هلان ته هن ڪتاب جو ويجھڙائيءَ ۾ اڙدو ترجمو ”آمريڪا سي هجرت“ اهم ادبي شخصيت ڪرنل (ر) اشفاق حسين ڪيو آهي. ڪرنل اشفاق پاڻ به 8 کن ڪتابن جو مصنف آهي جن ۾ طنز مزاح جي مشهور سيريز ”جينٽل مين“ پڻ شامل آهي.
اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي مريم جميلان مغربي تهذيب کان بيزار هئي ۽ هن جي رهڻي ڪهڻي مغرب جي رسم و رواج کان بلڪل مختلف هئي. ساڍا ٽي سال کن هوءَ نفسيات جي ماهرن جي نظر هيٺ پڻ رهي پر ان جو ڪو نتيجو نه نڪتو.... مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي..... ٻه سال هوءَ دماغي امراض جي اسپتالن ۾ رهي. آخرڪار هوءَ ان نتيجي تي پهتي ته آمريڪي معاشري ۾ هن لاءِ ڪا جاءِ ناهي. انهن ڏينهن ۾ مولانا مودوديءَ هن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني.
پنهنجو گهر ۽ مائٽن مٽن کان جدائي اختيار ڪرڻ ڪو آسان فيصلو نه هو. ڏيڍ سال هن ان سوچ ويچار ۾ گذاريو ۽ پوءِ آخرڪار هجرت جو فيصلو ڪيو ـــ خاص رب پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي معاشري جي ڳولا ۾، جتي هوءَ پنهنجي دين مطابق زندگي گذاري سگهي.... جتي ڪو کيس روڪڻ ٽوڪڻ وارو نه هجي. هن وٽ ايترو پئسو نه هو جو نيويارڪ کان ڪراچي باءِ ايئر اچي سگهي. بحري مسافر بردار جهازن جي ٽڪيٽ اڃان به گهڻي ٿي ٿئي جو انهن جي رهائش ۽ سهولتون فائو اسٽار هوٽل جهڙيون ٿين ٿيون. ان ڪري هن هڪ مال بردار (ڪارگو) جهاز ۾ سفر ڪرڻ جو بندوبست ڪيو. هڪ مهيني جي ڏکئي سامونڊي سفر بعد هوءَ ڪراچي پهتي. رستي تي هي ڪارگو شپ جنهن جو نالو ”دي هيلينڪ ٽارچ“ هو مصر، سوڊان، جبوتي ۽ سعودي عرب جي بندرگاهه جدي ۾ سامان لاهيندو ۽ چاڙهيندو رهيو ۽ مريم جميلان کي اسلامي دنيا کي ويجھڙائي مان ڏسڻ جو پهريون موقعو مليو. هن سفر جون دلچسپ ڳالهيون هوءَ پنهنجي ماءُ کي رستي تان لکندي رهي. والدين سان خط و ڪتابن جو سلسلو پاڪستان اچڻ بعد به جاري رهيو. اهي ئي خط بعد ۾ ڪتابي شڪل ۾ “At Home in Pakistan” جي نالي ڪتاب ۾ شايع ٿيا. هن هي ڪتاب ”مولانا مودوديءَ“ کي منسوب ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ديباچي ۾ هوءَ لکي ٿي....
”آمريڪا کان پاڪستان جو سفر هڪ هجرت هئي جنهن جو مقصد هڪ اهڙي جڳهه جي ڳولا هئي جتي پنهنجي اباڻي ملڪ آمريڪا جي ڀيٽ ۾، آئون اسلام مطابق ڀرپور زندگي گذارڻ جي اميد رکي سگهان....
”پڙهندڙن طرفان هڪ حيران ڪندڙ سوال هي ٿي سگهي ٿو ته مان ماڊرن آمريڪي ڇوڪري جيڪا نيويارڪ جهڙي وڏي شهر ۾ پيدا ٿي، اتي ئي پلي نپني، هن هر قيمت تي خوشين کي حاصل ڪرڻ ۽ آرزوئن جي پورائي لاءِ ٽين دنيا جي هڪ پٺتي پيل ۽ غريب ملڪ ۾ رهڻ جي چونڊ ڇو ڪئي؟ هن ڪتاب ۾ ڇپيل منهنجا خط جيڪي مون شروع جي سالن ۾ لاهور ۽ پتوڪيءَ مان لکيا آهن، انهن ۾ مٿين سوالن جا مفصل جواب آهن.....“
هڪ نو مسلم جي ايمان آڻڻ جي ڪٿا کان علاوه ڪو پڙهندڙ سٺي انگريزيءَ مان لطف حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته هو مريم جميلان جا ڪتاب ضرور پڙهي. بينظير جي لکڻين وانگر هن جي انگريزي به پڙهڻ وٽان آهي. مالبردار بحري جهاز ۾ سفر دوران هن مختلف بندرگاهن ۾ مسلمانن جو توڙي جهاز جي آفيسرن جي ٽوڪ طعني ۽ بندرگاهن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جو احوال هن دلچسپ انداز ۾ لکيو آهي ۽ ان وقت جي يعني 1960ع واري ڏهاڪي جي جهازراني جي خبر پوي ٿي. هي اهو ڏهو آهي جنهن ۾ مون (1968ع کان) جهاز هلائڻ شروع ڪيا...... جن ڏينهن ۾ اسانجي ڪارگو جهاز تي به ڪجهه مسافرن جي سفر ڪرڻ جو بندوبست هوندو هو. پوءِ اسان جهاز هلائيندڙ انهن مسافرن سان ڪڏهن ڪڏهن اجايو سجايو بحث ڪندا هئاسين. مريم جميلان سان به جهاز جا آفيسر جيڪي عيسائي ۽ يهودي هئا سڄي واٽ بحث خاطر سندس نئين مذهب کي قبول ڪرڻ تي ٺٺوليون ۽ ٽوڪون ڪندا رهيا.
محترما مريم جهاز تان لکيل 3 جون 1962ع واري خط ۾ لکي ٿي ته ”جهاز جي يوناني ڪئپٽن عربن ۽ مسلمانن سان سخت نفرت ڪئي ٿي. هن جي نظرن ۾ اهي ڄٽ، جاهل، گدلا ۽ مذهبي نون وارا هئا. هن کي مون سان سڀ کان وڏو اعتراض منهنجي حجاب ڪري هو. هن چيو ته هن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هڪ نوجوان ۽ پُرڪشش آمريڪي ڇوڪري، مشرقِ وسطيٰ جي پٺتي پيل ماڻهن جهڙو لباس پائڻ ڇو ٿي پسند ڪري؟ مون وراڻيو مانس ته آئون هڪ مسلمان آهيان ۽ چاهيان ٿي ته ڏسڻ ۾ به مسلمان ئي اچان. ۽ ٻي ڳالهه ته آئون هن لباس ۾ پاڻ کي سکيو ۽ خوش محسوس ڪريان ٿي“.
مصر جي بندرگاهه اسڪندريا ۾ جهاز ٻه ڏينهن ترسيو ته مريم هن بندرگاهه جون مسجدون ۽ گهٽيون گهمڻ ۽ ماڻهن جا حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ جهاز تان لٿي. سڄي عمر نيويارڪ ۾ رهڻ بعد هيءَ دنيا هن لاءِ نه فقط عجيب هئي پر حيرتناڪ پڻ. پاڻ لکي ٿي: ”جي ها! اها ڳالهه صحيح آهي ته هتي مونکي اها سڄي غربت ۽ پسماندگي نظر آئي جيڪا مصر بابت لکيل هر ڪتاب ۾ وڏي نفرت سان ٻڌائي وڃي ٿي ۽ مغربي دنيا جو هر هڪ ماڻهو جيڪو هتي آيو ۽ آمريڪا ۾ مون سان مليو، تفصيل سان ان جو ذڪر ڪيو....... پر مون اهو ڪجهه ڏٺو جيڪو هو نه ڏسي سگهيا.... جي ها! غربت ته ضرور هئي پر مايوسي نه هئي. گهٽيءَ ۾ ٻار کل خوشيءَ ۾ راند کيڏي رهيا هئا. هاڪر پنهنجين شين کي وڪڻڻ لاءِ مٺن سرن وارن راڳن ۾ گِراهڪن کي سڏي رهيا هئا. ٻه ننڍڙيون ڇوڪريون هَٿ هَٿ ۾ ڏئي پسار ڪري رهيون هيون. هڪ نوجوان پيءُ کي ڏٺم جنهن پنهنجي ڌيءَ کي ڪلهن تي سوار ڪيو هو..... نه نه هن کي ڪير مايوس ڪندڙ منظر يا غمناڪ جاءِ چوندو. ماڻهو خوش پاش لڳي رهيا هئا. گهٽ ۾ گهٽ مون ته اهو ئي تاثر ورتو. هنن جي ڳالهائڻ ۾ نرمي هئي، هو مهربان، مشفق ۽ منڪسر المزاج لڳي رهيا هئا. اتي گهمندي مونکي هڪ طرح جو پنهنجائپ جو احساس ٿيو، ڄڻ آئون پنهنجن دوستن جي وچ ۾ هجان. ان کان به وڌيڪَ اهو احساس ته هاڻ آئون به انهن مان ئي آهيان....“
مصر توڙي سوڊان ۽ سعودي عرب ۾، نوجوانن توڙي پوڙهن..... سڀني اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي ته هڪ آمريڪي ڇوڪري ٿي ڪري مون اسلام ڪيئن قبول ڪيو؟ جيڪڏهن ڪو آمريڪي، خاص طور تي ڪو يهودي مونکان اهو سوال ڪري ها ته هو ڪنهن وڏي شاهي فلسفيانا جواب جي اميد رکي ها ۽ منهنجي دماغي حالت تي شڪ به ڪري ها، پر هتي مون فقط ايترو چيو ٿي ته ”الله جڏهن چاهي ٿو رهنمائي عطا فرمائي ٿو“ ۽ هو منهنجي ڳالهه يڪدم سمجھي ويا ٿي ـــ چڱيءَ طرح.“
پاڪستان ۾ پهريون سال ته مريم جميلان لاهور ۾ مولانا مودوديءَ جي گهر ۾ گذاريو ۽ هن جي ٻارن ٻچن سان رلي ملي وئي ۽ آهستي آهستي اردو پڻ سکڻ لڳي.
مولانا مودودي ۽ ان جي گهر بابت (جتي آمريڪا مان اچڻ تي مريم جميلان رهي)، اڇرهه لاهور مان هوءَ 12 جولائي 1962ع واري ماءُ پيءُ ڏي لکيل خط ۾ لکي ٿي: ”اسانجو گهراڻو مولانا مودودي، ان جي زال، ان جي نوَ ٻارن، هڪ رڌ پچاء ڪندڙ عورت ۽ هڪ ڪم ڪار ۾ مدد ڪندڙ ڇوڪر تي مشتمل آهي. مولانا مودودي 1903ع ۾ ڄائو پر هو سٺ سالن جو لڳڻ بدران اسي سالن جو لڳي ٿو. هو ڊگهو عرصو جيلن ۾ رهيو ۽ 1953 ۾ کيس موت جي سزا به ڏني وئي هئي. جيل ۾ رهڻ ڪري هن جي صحت خراب ٿي وئي آهي پر ان هوندي به هو دين جي ڪمن کي لڳو رهي ٿو.
”منهنجي هتي پهچڻ کان ڪجهه روز اڳ هو سعودي عرب جي دوري تان واپس آيو هو جتي هن شاهه عبدالعزيز بن سعود سان مديني ۾ هڪ ”اسلامي يونيورسٽي“ ٺهرائڻ بابت خيالن جو تبادلو ڪيو هو. مولانا مودودي شاهه ابن سعود جو ويجھو دوست آهي ۽ گذريل ٻن ٽن سالن ۾ هو چار دفعا سعودي عرب وڃي چُڪو آهي. هو جماعت اسلامي جو به سربراهه آهي جنهن تي اڄ ڪلهه پابنديون لڳل آهن.
”مونکي مولانا مودوديءَ جي گهر واري به تمام گهڻو پسند آهي. گهر جون ذميواريون نڀائڻ سان گڏوگڏ هوءَ پاڙي جي ڪيترن ئي گهرن ۾ قرآن ۽ حديث جو سبق ڏيڻ وڃي ٿي ۽ عورتون هن جون ڳالهيون غور سان ٻڌن ٿيون.
”عمر فاروق مولانا جو سڀ کان وڏو پٽ آهي ان بعد احمد فاروق آهي جنهن جي عمر اٽڪل 25 سال ٿيندي. هو ڊاڪٽر بڻجڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. مولانا جي ڌيءَ حميران ويهه ٻاويهه سالن جي آهي ۽ انگريزي ادب ۾ ڊگري حاصل ڪري رهي آهي. 19 سالن جي اسماءَ معاشيات ۾ ايم اي ڪري رهي آهي. مون جڏهن مولانا صاحب کان پڇيو ته هن جون ڌيئرون انگريزي ڇو پڙهي رهيون آهن ته هن جواب ڏنو ته ملڪ ۾ برطانيه ۽ آمريڪا جو ايترو ته اونهو اثر آهي جو ڪنهن به پڙهيل لکيل جو تيستائين ڪو عزت نٿو ڪري جيستائين هو مغربي علوم تي عبور حاصل نه ڪري. جيڪو ماڻهو فقط علوم اسلاميه سکي ۽ هن کي انگريزي نه اچي ته پوءِ ماڻهن جي نظرن ۾ هن جي اهميت نٿي ٿئي ۽ ماڻهو هن جو احترام نٿا ڪن.
”مولانا جو ٻيو پٽ محمد فاروق 18 سالن جو ۽ ٽيون حيدر فاروق 15 سالن جو آهي. محمد فاروق هاڻي اسڪول جي آخري سال ۾ آهي، هو ڪرڪيٽ جو چئمپين رانديگر آهي ۽ روز کيڏڻ وڃي ٿو. ٻين ٻارن وانگر حيدر فاروق کي پکي ۽ جانور پالڻ جو شوق آهي. بيگم مودوديءَ مونکي ٻڌايو ته هڪ دفعي هو ڪتي جو پونگڙو پالڻ لاءِ کڻي آيو پر پڻس منع ڪيس ته ڪتو نجس جانور آهي. حيدر کانپوءِ ڏهن سالن جو خالد آهي جنهن جون اکيون هر وقت ننڊاکڙيون رهن ٿيون. هن جو شوق ترڻ آهي ۽ محلي جي ٻارن سان گڏ هو اڪثر نهر ۾ ترڻ وڃي ٿو. مولانا مودوديءَ جي سڀ کان لاڏلي ڌيءَ ڇهن سالن جي عائشه آهي جنهن کي سڄي فئملي ”بيبي“ سڏي ٿي. هوءَ منهنجي انگريزي ڳالهائڻ واري لهجي جون اڪثر طراحون ڪري کل ۾ کيري ٿي ويندي آهي. هن هاڻ ويجھڙائيءَ ۾ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو آهي. مولانا مودوديءَ جي سيڪريٽري ملڪ غلام علي ۽ ڪتابن جي پبلشر ميان طفيل محمد جا ٻار پڻ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر ۾ خالد ۽ عائَشه سان کيڏڻ لاءِ ايندا آهن.“
ڪجهه عرصي بعد جماعت اسلامي جي هڪ ڪارڪن حڪيم نعمت علي خان مريم کي پنهنجي ڳوٺ پتوڪي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. ابتدائي طور هوءَ ٻن ٽن ڏينهن جو سوچي ”پتوڪي“ رواني ٿي پر ڳوٺاڻي زندگيءَ جو سادو سودو ماحول هن کي ايڏو ته پسند آيو جو هوءَ پنهنجو مختصر سامان جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي ڪتاب هئا، کڻي پتوڪيءَ منتقل ٿي وئي. اتي هن جي رهائش سال کن رهي. پتوڪيءَ ۾ رهائش دوران هن جو رابطو ڪراچيءَ جي هڪ دغا باز صحافيءَ سان ٿيو، جنهن هن جي دماغ ۾ اها ڳالهه وهاري ته مولانا مودودي هن جي جان جي پويان آهي ۽ هن کي مارائي ڇڏيندو. مريم جميلان هن جي ڪوڙڪين ۾ اچي وئي ۽ هن کي لکيو ته هو پتوڪي اچي هن کي وٺي وڃي. هن صحافيءَ کي ته ڇا اچڻو پيو، لاهور کان ميان طفيل آمريڪي سفارتخاني جو هڪ اهلڪار ۽ دماغ جي اسپتال جو انچارج هن کي وٺڻ لاءِ پتوڪي پهچي ويا. لاهور ۾ هن کي دماغي امراض جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. ان کانپوءِ به هن جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڊرامائي موڙ آيا پر آخرڪار هن جي شادي هڪ پٺاڻ گهراڻي ۾ محمد يوسف خان سان ٿي جيڪو پهرين ئي شادي شده هو ۽ ان وقت هن کي پهرين زال مان چار ٻار ٿي چڪا هئا ۽ مريم سان شادي ڪرڻ بعد پهرين مان _ ٻيا به پنج ٻار ٿيا. مريم مان کيس ڪل پنج ٻار ٿيا جن مان پهريون ٻار عائشه ڪجهه مهينن بعد گذاري وئي باقي چار ٻار: حليمان، خالد، حيدر ۽ ماريا وڏا ٿي پوٽن ڏهٽن وارا ٿيا.
شادي بعد لاهور ۾ رهي هن کي پنهنجي صلاحيتن کي آزمائڻ جو موقعو مليو. هن پنهنجو پاڻ کي لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ وقف ڪري ڇڏيو ۽ تمام اعليٰ قسم جا ڪتاب لکيا جن جا ترجما ڪيترن ئي زبانن اردو، فارسي، ترڪ، بنگالي، ملئي وغيره ۾ ٿي چڪا آهن. هن جا لکيل خط، مضمون، تقريرون، ڪالم، ڪئسٽ، آرٽ ورڪ ”نيويارڪ پبلڪ لئبرري“ جي ”سوشل سائنس لئبرريءَ“ ۾ موجود آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته مريم جميلان ننڍي هوندي کان سٺي آرٽسٽ هئي ۽ هن جو پهرين ڪتاب ”احمد خليل“ ۾ ٺهيل تصويرون سندس ئي آهن. بعد ۾ پاڪستان ۾ جڏهن مولانا مودوديءَ کيس ٻُڌايو ته اسلام ۾ تصويرن ٺاهڻ پسند نٿو ڪيو وڃي ته هن اهو ڪم ڇڏي ڏنو.
مريم جميلان جو سڄي دنيا جي معروف علمائن سان رابطو هو. هن دنيا جي ڪيترن ئي انگريزي رسالن ۾ اسلام بابت مضمون لکيا ٿي. سندس ڌيءَ ماريا خانم (جنهن جي شادي معين خان سان ٿي ۽ ٽي ٻار: معصوما، همايون ۽ آمنا آهن) ٻڌايو ته پاڪستان هجرت ڪري اچڻ بعد سندس والده ڪڏهن به آمريڪا وڃڻ جي خواهش نه ڏيکاري ـــ هڪ دفعو به نه!
مريم جميلان (سابقه مارگريٽ مارڪيوس) مغربي تهذيب ۾ ڄائي نپني ۽ وڏي ٿي، بعد ۾ هن ان جي ئي خلاف ڪتاب لکيا جيئن ته ”ويسٽرنائيزيشن ورسز مسلم“، ”مغربيت ۽ بهبود انساني“، ”جديد ٽيڪنالاجي ۽ انسانيت جي تذليل“، ”مغربي سامراج“ وغيره. ان کان علاوه ”اسلام بمقابل مغرب“، ”اسلام ۽ جديديت“، ”اسلام بمقابل اهل ڪتاب ماضي و حال“، ”اسلام ۽ اڄ جون مسلمان عورتون“ شامل آهن. هي سڀ ڪتاب انگريزيءَ ۾ آهن. هي فقط چند ڪتاب لکيا اٿم نه ته مريم جميلان جو جملي ڇپيل ڪتابن جو تعداد 38 آهي، جن مان ڪيترائي ڪتاب دنيا جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. انهن ڪتابن کان علاوه هن جا سوين مضمون آهن جيڪي دنيا جي مخلتف انگريزي رسالن ۾ ڇپجي چُڪا آهن جن ۾ هن اسلام جي ڄاڻ، مسلمان ٿيڻ جي دعوت ۽ اسلام تي لڳل الزامن جا جواب ڏنا آهن. خطن ذريعي هن پنهنجي والدين کي به اسلام جي دائري ۾ داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس نومبر 1986ع ۾ لاهور مان لکيل پنهنجي والدين ڏي هڪ کليل خط جي ڪتاب ۾ ڏنل ڪاپي منهنجي سامهون آهي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ کي پنهنجي آخرت سنوارڻ لاءِ لکي ٿي:
”توهان چئو ٿا ته توهان خوش آهيو ۽ ان ريت زندگي گذارڻ ۾ مطمئن آهيو. توهان پنهنجي زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ جا خواهشمند آهيو ۽ حال ۾ رهڻ چاهيو ٿا ۽ هر ايندڙ ڏينهن جون خوشيون ماڻڻ چاهيو ٿا. جيڪڏهن زندگي هڪ سفر آهي ته ڇا اها حماقت نه ٿيندي ته بندو رستي ۾ ايندڙ منزلن تي آرامده ڏينهن ۽ خوشگوار ٺڪائڻ جو ته فڪر ڪري، پر سفر جي خاتمي جي باري ۾ يعني آخري منزل بابت ڪجهه به نه سوچي؟ آخر اسان هن جهان ۾ ڇو پئدا ٿيا آهيون؟ هن زندگيءَ جو ڇا مطلب آهي؟ ڇا مقصد آهي؟ آخر اسان کي ڇو مرڻو آهي ۽ اسان مان هر هڪ سان موت کان پوءِ ڇا معاملو ٿيڻو آهي؟
”منهنجا ابا! توهان هڪ کان وڌيڪَ دفعا مونکي ٻڌايو آهي ته توهان ڪنهن روايتي مذهب کي ان ڪري قبول نٿا ڪري سگهو جو توهان کي يقين آهي ته الهامي مذّهب جديد سائنس کان متضاد شيءَ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ اسانکي سڄي دنيا بابت تمام گهڻي ڄاڻ ڏني آهي. اسان کي آرام ۽ آسائشون ۽ سهولتون مهيا ڪيون آهن، هن اسان جي بيمارين جي علاج جي ڳولا ڪئي آهي جيڪي جان لاءِ خطرو هيون پر سائنس اسانکي اهو نٿي ٻڌائي ۽ نه ٻڌائي سگهندي ته زندگي ۽ موت جو ڇا مطلب آهي؟
سائنس اسان کي ”ڇا ۽ ڪيئن“ جو جواب ته ڏئي ٿي پر ”ڇو“ جي سوال جو ڪڏهن به ڪو جواب نٿي ڏئي. ڇا سائنس ڪڏهن اهو ٻڌائي سگهي ٿي ته ڇا صحيح ۽ ڇا غلط؟ ڇا نيڪي آهي، ڇا بُرائي؟ ڇا خوبصورتي آهي ۽ ڇا بدصورتي؟ اسان جيڪي ڪجهه ڪريون ٿا ان لاءِ ڪنهن کي جوابده آهيون؟..... مذهب انهن سڀني سوالن جا جواب ڏئي ٿو.“
انهي نومبر 1986ع واري خط ۾ مريم هڪ ٻئي هنڌ پنهنجي ماءُ پيءُ کي لکي ٿي: ”سيڪيولرزم ۽ ماديت آمريڪن کي انهن جي انفرادي يا اجتماعي زندگيءَ ۾ ڪنهن طرح مثبت ۽ تعميري، اخلاقي قدر فراهم نٿي ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو عيسائيت ۽ صيهونيت جي هٿان ناڪاميءَ بعد آمريڪا ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو اسلام ڏي مائل ٿي رهيا آهن. نو مسلم اسلام ۾ هڪ پاڪ، صحتمند، صاف سٿري ۽ ديانتدار زندگيءَ جي موجودگي ڏسن ٿا. مسلمانن وٽ موت سان هر شيءِ ختم نٿي ٿئي پر هو ان کان پوءِ آخرت ۾ هميشه قائم رهڻ وارين نعمتن، ذهني سڪون ۽ دائمي خوشين جي توقع رکي ٿو.
”منهنجا ابا، امان! توهان تمام ڊگهي عمر گذاري چڪا آهيو ۽ هاڻ تمام گهٽ مهلت وڃي بچي آهي. جيڪڏهن توهان جھٽ پٽ عمل ڪريو ته گهڻي دير نه لڳندي. جيڪڏهن توهان جو فيصلو ”ها“ ۾ آهي ته پاڪستان ۾ پنهنجي پيارن ماڻهن سان توهان جو نه فقط رت جو رشتو جڙي پوندو پر ايمان جو رشتو به قائم ٿي ويندو. توهان نه فقط هن دنيا ۾ انهن سان محبت ڪري سگهندائو پر هميشه رهڻ واري زندگيءَ ۾ به توهان اسان سان گڏ هوندائو.
”جيڪڏهن توهان جو فيصلو ”نه“ ۾ آهي ته مونکي ڊپ آهي ته توهان جي هيءَ کل خوشي، آرام ۽ سک چين جي زندگي ته جلد ختم ٿي ويندي ۽ جڏهن ”ٿيڻ واري“ ٿي رهندي ته افسوس ۽ پڇتاءَ جو دور گذري چڪو هوندو. جيڪا سزا ملندي اها تمام خوفناڪ هوندي.... ان کان لڪڻ لاءِ نه جاءِ ۽ نه راهه فرار ملي سگهندي.
”آئون هڪ ڌيءَ جي حيثيت ۾، جنهن کي توهان سان محبت آهي، آخري وقت تائين چاهينديس ته توهان هن بدبختيءَ کان بچي وڃو پر فيصلو فقط توهان جي هٿن ۾ آهي. توهان کي مڪمل اختيار آهي ته توهان هن دعوت کي قبول ڪريو يا رد ڪريو. توهان جي مستقبل جو مدار هن چونڊ تي آهي جيڪو توهانکي هينئر ڪرڻو آهي.... پنهنجين بي انتها محبتن ۽ نيڪ خواهشن سان گڏ...... توهانجي وفادار ڌيءَ مريم جميلان.“
مريم جميلان پنهنجي سڄي زندگي دين جي خذمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. خوش قسمتي سان سندس شادي به اهڙي ئي گهراڻي ۾ ٿي، جتي خاندان جا ماڻهو پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي رهيا ٿي. جيتوڻيڪ سندس مڙس محمد يوسف صاحب جي هيءَ ٻي شادي هئي ۽ شروع شروع ۾ سندس پهرين زال شفيقه پنهنجي پهاڄ مريم سان ناراض به رهي پر بعد ۾ هنن جي وچ ۾ محبت جو اهڙو ته ناتو قائم ٿيو جو مريم جميلان فقط لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف رهي. ٻارن کي پالڻ جي سڄي ذميواري محترما شفيقه خوشي سان سنڀالي. ان ڪري مريم جميلان جا ٻار شفيقه کي ”امي“ ۽ پنهنجي سڳي ماءُ کي ”خانم“ سڏيندا هئا جو مريم کي گهر جا سڀ ماڻهو نوڪر چاڪر ان نالي سان سڏيندا هئا. ٻنهي زالن جي محبت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پنهنجي وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ مريم وصيت ڪئي ته هن کي محترما شفيقه جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي ۽ هن جي ان وصيت تي عمل ڪيو ويو.
ڪيترا پڙهندڙ شايد اهو معلوم ڪرڻ چاهين ته مريم جميلان کي ڪيترا ٻار ٿيا. ان سلسلي ۾ مريم جي هڪ ڪتاب جي آخر ۾ 1989ع ۾ سندس مڙس محمد يوسف خان جي ”پس تحرير“ جي عنوان سان هڪ مضمون آهي جنهن ۾ هو لکي ٿو ته: ”مريم جي پهرين ڌيءَ عائشه جي ڪجهه مهينن بعد وفات کانپوءِ کيس چار ٻار ٿيا.... ٻه ڌيئون، ٻه پٽ. حليمان (ڄم: 1965ع)، خالد فاروق (1967ع)، حيدر فاروق (1968ع) ۽ ماريا خانم (1972ع).
”فائين آرٽس ۾ ايف اي ڪرڻ بعد حليمان جي شادي 1983ع ۾ هڪ مائٽ شهريار خان سان ٿي جيڪو پوليس آفيسر هو. ان جون ٻه ڌيئرون آهن: ايمان (1985ع) ۽ عريبا (1987ع). هنن ڪاڪين جي پيدائش تي مريم ”ناني“ ٿي وئي جنهن جي هن کي ڏاڍي خوشي ٿي.
ڪاليج جي ڏينهن کان حيدر فاروق اسلامي ڪتاب شوق سان پڙهندو هو. جون کان آگسٽ 1987ع تائين هن افغانستان ۾ روسي جارحيت خلاف جهاد ۾ حصو ورتو ۽ مجاهدين سان گڏ وڙهندو رهيو. ان بعد خالد ۽ حيدر پنهنجن ناناڻن سان ملڻ ۽ اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا روانا ٿيا.“
خالد فاروق جي شادي عمرانا سان ٿي جنهن مان کيس هڪ ٻار جزا خان آهي. حيدر فاروق جي شادي شازيا سان ٿي ۽ کين ٽي ٻار ٿيا: ثانيا، ايمان ۽ حارث ۽ ننڍي ڌيءَ ماريا خانم جي شادي معين خان سان ٿي جن کي پڻ ٽي ٻار آهن: معصومه، همايون ۽ آمنا.
مريم جميلان صاحبه ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 31 آڪٽوبر 2012ع تي وفات ڪئي.