مذهب

سيرت النبـي جـا سـنهري پهلـو

ڪروڙين ڪرم انهيءَ خالق ڪائنات جا جنھن اسان کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو ۽ وري خاتم النبيين ۽ رحمت العالمين جن جو امتي ڪري پيدا ڪيو ۽ سھڻي محبوب ﷺ جن جي حيات مبارڪ کي اسان لاءِ اعليٰ نموني طور پيش ڪيائين. اسان تي اھو فرض آھي تہ سيرت النبيﷺ کي سمجهي ڪري رسول صہ جي راھ تي عمل ڪيون ۽ اهو پيغام پنهنجي ٻين ڀائرن تائين پھچايون. انھيءَ پيغام پھچائڻ جي سلسلي ۾ نامياري تاريخدان دادا سنڌيءَ ھن ڪتاب ۾ سيرت النبيﷺ جي ڪجهه خاص پھلوئن تي لکيو آھي.  

  • 4.5/5.0
  • 91
  • 18
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سيرت النبـي جـا سـنهري پهلـو

سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ

پهريون ڇاپو: 2020ع
ڪتاب جو نالو : سيرت النبيﷺ جا سُنهري پهلو
ليکڪ: دادا سنڌي
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: عبدالله جروار
ڇپيندڙ: عزيز پريس، ڪراچي
ڇپائيندڙ : دادا سنڌي لائبريري،
داد لغاري ضلع گهوٽڪي، سنڌ
قيمت : 150/= رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ملڻ جا هنڌ

محمد قاسم سومرو، انچارج دادا سنڌي لائبريري، داد لغاري، ضلع گهوٽڪي فون: 03062617329
سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، 03133692150
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 03352233803
سنڌيڪا بوڪ شاپ، جي پي او روڊ پوسٽ آفيس پٺيان، لاڙڪاڻو فون: 03313480039

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق دادا سنڌيءَ جو لکيل ڪتاب ”سيرت النبيﷺ جا سُنھري اصول“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ڪروڙين ڪرم انهيءَ خالق ڪائنات جا جنھن اسان کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو ۽ وري خاتم النبيين ۽ رحمت العالمين جن جو امتي ڪري پيدا ڪيو ۽ سھڻي محبوب ﷺ جن جي حيات مبارڪ کي اسان لاءِ اعليٰ نموني طور پيش ڪيائين. اسان تي اھو فرض آھي تہ سيرت النبيﷺ کي سمجهي ڪري رسول صہ جي راھ تي عمل ڪيون ۽ اهو پيغام پنهنجي ٻين ڀائرن تائين پھچايون. انھيءَ پيغام پھچائڻ جي سلسلي ۾ نامياري تاريخدان دادا سنڌيءَ ھن ڪتاب ۾ سيرت النبيﷺ جي ڪجهه خاص پھلوئن تي لکيو آھي.
ھي ڪتاب دادا سنڌي لائبريري پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون محمد قاسم سومري جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

ڪروڙين ڪرم انهيءَ خالق ڪائنات جا جنهن اسان کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو ۽ وري خاتم النبيين ۽ رحمت العالمين جن جو امتي ڪري پيدا ڪيو ۽ اسان جي زندگي لاءِ لافاني پيغام قرآن مجيد تحفو ڏنائين ۽ سهڻي مجبوب جن جي حيات مبارڪ کي اسان لاءِ اعليٰ نموني طور پيش ڪيائين، انهيءَ سان گڏ اسان کي عقل وارو ڪري اسان جا عمل اسان جي وس رکيائين ته جيئن قرآن ۽ سيرت النبيﷺ کي معلوم ڪري انهيءَ جي راهه تي عمل ڪري پنهنجي ديني ۽ دنياوي زندگي کي بهتر بنايون، هاڻي اهو اسان تي فرض آهي ته اسان الله جي پيغام ۽ نبيﷺ جي زندگي کي معلوم ڪيون ۽ انهيءَ تي عمل ڪيون ۽ اهو پيغام پنهنجي ٻين ڀائرن تائين پهچايون، انهيءَ پيغام پهچائڻ جي سلسلي ۾ اسان اوهان جي اڳيان سنڌ جي نامياري تاريخدان داد سنڌي جو سيرت النبيﷺ جي ڪجهه خاص پهلوئن تي لکيل ڪتاب اوهان اڳيان پيش ڪيون ٿا ته جيئن اوهين پڙهي انهيءَ تي عمل ڪيو ته جيئن اسان جو هي ننڍڙو پوڙهيو الله جي بارگاهه ۾ قبول پوي، ليکڪ پنهنجي پوري ڪوشس سان هن ڪتاب جي موضوعن سان خوب نڀايو آهي پر ان هوندي به اوهان پاران هن ڪتاب لاءِ نيڪ صلاحن ۽ پنهنجن راين جو انتظار رهندو.

والسلام
قاسم سنڌي
انچارج، دادا سنڌي لائبريري
داد لغاري، ضلع گهوٽڪي (سنڌ)
موبائيل: 03062617329

حضرت محمدﷺ جي روزاني زندگي

حيات انساني جي سڀ کان وڏي خصوصيت هي آهي ته روزاني زندگي جي گهڙين کي سٺي عمل ۽ چڱي ڪم ۾ صَرف ڪري، عقائد ۽ عبادات سان کلي زندگي گذارڻ جي سڀني طريقن ۾، اهڙو حسن پيدا ڪجي، جيڪو پاڻ کي به سٺو لڳي ۽ ٻئي لاءِ به حسن عمل جو نمونو هجي، اهڙي زندگي صداقت ۽ سچائي جو درخشنده مثال آهي، درحقيقت سٺي ۽ مثالي زندگي اها آهي، جيڪا هڪ ماڻهو جيڪي خوبيون ٻين ۾ پيدا ڪرڻ گهري ٿو اهي پهريائين پاڻ ۾ پيدا ڪري، ساري انسان ذات لاءِ ڪنهن جي زندگي، معيار، نمونو ۽ مثال آهي ته اها زندگي حضرت محمدﷺ جي حيات طيبه آهي. اهوئي سبب آهي جو، انساني تاريخ ۾، هي زندگي آهي، جيڪا سڄي جي سڄي، حافظي، ذمن فڪر ۽ ڪاغذ ۾ ئي نه، پر عمل ۽ ڪردار ۾ به محفوظ آهي. ساري دنيا جي ننڍن ۽ وڏن مان رسول خدا جي زندگي کي محفوظ ڪرڻ، هن ڳالهه جو زنده ثبوت آهي ته انسان ذات لاءِ هي واحد زندگي ڪامل نمونو آهي، ڪابه زندگي هن ڪامل ۽ مقدس زندگي کان جيترو پري آهي اها اوتري پُست، به وقعت، نڪمي ۽ بيڪار آهي، ۽ جنهن کان پوءِ، ماحول ۽ معاشري ۾ هي مقدس زندگي لڪي ٿي، اتي سعادت ۽ فلاح جي شمع روشن رهي ٿي، نيڪي جا گل ٽڙن ٿا پيار ۽ آخرت جون ٿڌيون هيرون لڳن ٿيون ۽ معاشرو امن ۽ سڪون جو گهوارو بنجي پوي ٿو، هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته، انسانيت جي ترقي ۽ تنزل جو انحصار، حضورﷺ جي اسوه حسنه جي قربت ۽ دوري تي آهي، ان ڪري ئي قرآن شريف ۾ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته: ”لقد کان لکم في رسول الله اسوة حسنه“ يعني ”حضورﷺ جي زندگي سڀني انسانن لاءِ حسين ترين مثال آهي.“
حضور ﷺ، هن دنيا ۾، اسان کي زندگي جا راز ٻڌائڻ آيا، ڀٽڪيل انسانن کي راه راست لائڻ آيا، حيات ابدي ۽ حيات مستعار جا گڻ ٻڌائڻ آيا، سندن هر قول ۽ فعل، علم ۽ عمل گفتار ۽ ڪردار ۾ انسان ذات جي فلاح ۽ بهبود آهي. سندن هر عمل جي ڪارروائي هن دنيا جي هر شيءِ کي ان جي قدرتي، فطري ۽ صحيح تربيت تي قائم ڪري ٿي ۽ هر گمراهه کي صراط مستقيم ڏيکاري ٿي.
پاڻﷺ سڳورا الله جا نبي هئا، سندن اٿڻ ۽ ويهڻ الله جي منشا موجب هو، ان ڪري سندن روزاني زندگي جي تقسيم اوقات به الله طرفان مقرر ٿيل هئي.( ) سندس روز مراهه جي زندگي جي خاص خوبي هي آهي ته ان جي شروعات به الله جي عبادت سان ٿئي ٿي ته پڇاڙي به الله جي عبادت سان. حضورﷺ جن جي روزاني زندگي جو نقشو منشاءِ الاهي موجب هيئن آهي:

(1) فجر جي نماز کان اشراق تائين:
پاڻ سڳورن جي روزاني زندگي جي شروعات، فجر جي نماز کان ٿيندي هئي، نماز جماعت سان مسجد ۾ ادا ڪرڻ کان پوءِ، اتي ئي مصلي تي ڀلٿي ماري وهندا هئا ۽ اشراق تائين ذڪر ۽ ياد الاهي ۾ رڌل رهندا هئا، ان کان پوءِ سج اڀرڻ وقت اشراق جي نماز پڙهندا هئا.

(2) اشراق کان چاشت تائين:
اشراق جي نماز کان پوءِ سندن روزاني زندگي ۾ خدمت خلق جو وارو ورندو هو، پاڻ سڳورا خدمت خلق کي عبادت الاهي سمجهندا هئا، حقوق الله بجا آڻڻ سان گڏ حقوق العباد کي به ادا ڪرڻ ۾ خاص خيال رکندا هئا، هي وقت الله جي ٻانهن سان گڏ گذاريندا هئا. سندن تعليم ۽ تربيت ڪندا هئا. ماڻهو وٽن اچي ويهندا هئا، پاڻ کين هدايت ۽ نصيحت ڪندا هئا. پاڻ اصحابن کان پڇندا هئا ته ڪنهن ڪو رات جو خواب ڏٺو هجي ته ٻڌائي. پاڻﷺ ان جو تعبير ڪندا هئا. ان کان پوءِ هر قسم جي گفتگو ٿيندي هئي. ماڻهو جاهليت جي دور جا قصا ٻڌائيندا هئا ۽ شعر به پڙهندا هئا. خوش مزاجي جون ڳالهيون به ٿينديون هيون، پر پاڻ صرف مشڪندا هئا.( ) مريضن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي گهر ويندا هئا. سندن حڪم هو ته: ”بيمار جي عيادت ڪرڻ، هڪ مسلمان تي لازم آهي.“ سندن معمول هو ته جڏهن ڪنهن جي موت جو وقت، ويجهو ٿيندو هو ته پاڻ ان وٽ ويندا هئا، ان لاءِ دعاءِ مغفرت گهرندا هئا. ان جي جنازي نماز پڙهائيندا هئا. عبادت وقت، بيمار کي دلجاءِ ڏيندا هئا. نبض تي هٿ رکي، ان جي صحت لاءِ دعا به گهرندا هئا. مسجد نبوي ۽ صحابه صفه ۾ تعليم ڏيندا هئا. ماڻهو سوال پڇندا هئا، پاڻﷺ سندن ذهني ۽ سماجي مسئلا حل ڪندا هئا فتويٰ پڇڻ وارن کي، فتويٰ ڏيندا هئا. وڙهيل ماڻهن جا فيصلا نبيريندا هئا ۽ انصاف سان سندن ٺاهه ڪرائيندا هئا. غريب مسلمانن جي حاجت روائي ڪندا هئا، کين مالي مدد به ڏيندا هئا. ٻاهرين ملڪن ۾ اسلام جي تبليغ اشاعت لاءِ وفد موڪليندا هئا. عام ماڻهن جا ڪم ڪرڻ لاءِ ساڻن ٻاهر به نڪري ويندا هئا. عبدالله بن ابي ابن اوف کان روايت آهي ته بيواهن ۽ مسڪينن سان گڏجي سندن ڪم ڪرڻ ۾، کين ڪوبه عار نه هوندو هو. حضرت حباب ؐ جڏهن جهاد تي ويو ۽ سندن گهر ۾ عورتن کي کير ڏُهڻ ڪونه ايندو هو، پوءِ مرد به نه هو، تڏهن سرڪار دوجهان روزانو پاڻ سندس گهر وڃي، کير ڏُهي ايندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته مسجد نبوي کان پري وڃي ماڻهن کي نصيحتون ڪندا هئا ۽ سندن تڪليفن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، عورتن لاءِ به خاص ڏينهن مقرر ڪيو هئائون ۽ ان ڏينهن تي نماز کان پوءِ کين ديني مسئلا ۽ امور خانه داري سمجهائيندا هئا. مطلب ته هن وقت ۾ پاڻ سارو انتظامي ۽ امور دنياداري جو ڪم ڪندا هئا.

(3) نماز چاشت کان زوال تائين:
جڏهن چاشت جو وقت ٿيندو هو تڏهن پاڻ ڪڏهن چار ته ڪڏهن اٺ رڪعتون، نماز جون پڙهي، پوءِ گهر ويندا هئا، اتي اهل و عيال جي خاطرداري ڪندا هئا، سندن ضروري مسئلا حل ڪندا هئا، گهر ۾ پنهنجن حرمن کي گهرو ڪم ۾ هٿ ونڊائيندا هئا. گهڻو ڪري پنهنجو ڪم پاڻ ڪندا هئا. مثلاً پراڻن ڪپڙن کي سبڻ، چتيون لڳائڻ، جُتي ڳنڍڻ، کير ڏهڻ، گوشت ڪپڻ وغيره ايتري تائين جو ٻهاري به ڏيندا هئا. ازواج مطهرات عرض ڪنديون هيون ته اسان خدمت لاءِ حاضر آهيون،“ ته فرمائيندا هئا ته ”مان اوهان لاءِ امتيازي شان پيدا ڪرڻ نٿو گهران.“ ان کان پوءِ ماني کائيندا هئا ماني کائڻ وقت، ان تي نالو نه رکندا هئا،جيڪو هوندو هو، اهوئي نوش فرمائيندا هئا. جيڪڏهن ڪا شيءِ ناپسند هوندي هئي ته ان کي هٿ نه لائيندا هئا، کير، کارڪون، جَون جي ماني ۽ گوشت سندن عام کاڌو هو، پاڻﷺ ساري عمر ۾ ڪڻڪ جي اٽي يا ميدي جي ماني نه کاڌائون. گرم کاڌو نه کائيندا هئا. فرمائيندا هئا ته ان ۾ برڪت نٿي ٿئي. هميشه پنهنجو ويجهو کائيندا هئا، ٽن آڱرين سان ماني کائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن چوٿين آڱر به ملائيندا هئا، کاڌو گهروارن کان نه گهرندا هئا، ماني کائڻ کي لازمي قرار ڏيندا هئا. فرمائيندا هئا ته: ”معدي جو هڪ حصو کاڌي لاءِ هڪ حصو پاڻي لاءِ ۽ هڪ حصو خود معدي لاءِ ڇڏڻ گهرجي. ماني کائڻ وقت هي دعا پڙهندا هئا: ”بسم الله اللهم اجعلها نعمة مشکورة تصل بها نعمة الجنة“ ”شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان، الاهي ان کي نعمت بخش، جيڪا نعمت جنت تائين پهچائي وڃي.“ ماني کائڻ کان پوءِ آڱريون ايترو ته زبان سان صاف ڪندا هئا جو اهي ڳاڙهيون ٿي وينديون هيون، فرمائيندا هئا ته ”خبر ناهي، ڪهڙي کاڌي ۾ برڪت آهي!“ ماني کائڻ کان پوءِ هي دعا پڙهندا هئا: ”الحمدلله اللهم لک الحمد اطعمت، فاشبعت و سبقت نارويت لک الحمد غير منکفور ولا مودع ولا مستغني عنه“ ”سڀ تعريفون الله تعاليٰ لاءِ آهن. الاهي تنهنجو شڪر آهي تو کاڌو کارايو، تو منهنجو پيٽ ڀريو ۽ پاڻي پياري سيراب ڪيو، تنهنجي تعريف آهي، اسان ناشڪري نٿا ڪريون، نه اڳتي پنهنجي نعمت کان ئي نااميد ٿا ٿيون، ته توکان بي نياز ٿا ٿيون.“ پاڻي کي پاڻ سڳورا 3 دفعن ۾ پيئندا هئا ۽ ان ۾ 3 دفعا بسم الله ۽ آخر ۾ 3 دفعا الحمدالله چوندا هئا، پاڻي کي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندا هئا، ڪڏهن هڪ ساهي به پاڻي پيتائون، پاڻي جي ٿانءُ ۾ پاڻي پيئڻ وقت ساه نه کڻندا هئا. ماني کائڻ کان پوءِ، قيلوله يعني ٿورو آرام ڪندا هئا. جڏهن سج لڙندو هو، تڏهن اٿي ويهجندا هئا يا وري وضو ڪري چار رڪعتون نماز زوال هڪ سلام سان پڙهندا هئا.

(4) ظهر کان عصر تائين:
جڏهن ظهر جي اذان ٿيندي هئي، تڏهن پاڻﷺ گهر کان ٻاهر مسجد ۾ ايندا هئا ۽ ظهر جي نماز جماعت سان ادا ڪندا هئا، ظهر جي نماز جي فرضن ۾ ننڍيون سورتون پڙهندا هئا، ان کان پوءِ عصر جي نماز تائين مسجد ۾ ترسندا هئا، جتي مال غنيمت، وظيفن ۽ خراج جون رقمون ورهائيندا هئا. تعليم به ڏيندا هئا، قرآن شريف جو تفسير ڪندا هئا، ته وري سمجهاڻيون ڏيندا هئا. عام ماڻهن جا مسئلا ٻڌي، انهن کي حل ڪندا هئا، جهڳڙن جا فيصلا ڪري عام ماڻهن کي پرچائيندا هئا، ٻاهرين وفدن سان ملاقاتون ڪري، انهن جون ضرورتون پوريون ڪندا هئا، صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين سان ٻاهر نڪري عام ماڻهن ۾ وڃي تبليغ ڪندا هئا.

(5) عصر کان مغرب تائين:
عصر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ ازواج مطهرات مان هر هڪ وٽ ويندا هئا، اتي ڪجهه وقت ترسندا هئا، کين دلداري به ڏيندا هئا ته سندن ضروري حاجتون به پوريون ڪندا هئا، سندن ڏک سک ٻڌائيندا هئا. جيڪڏهن گهر ۾ ڪجهه ... مال پيل هوندو هو ته کڻي غريبن ۾ ورهائيندا هئا، هڪ دفعي پانﷺ عصر جي نماز کان پوءِ گهران جلدي موٽي آيا، پڇڻ تي ٻڌايائون ته، ڪجهه سون گهر ۾ پيل هو شڪ ٿيو ته، ايئن نه ٿئي جو رات ٿي وڃي ۽ سون گهر ۾ پيو هجي، ان ڪري ان کي خيرات ڪيم، ان کان پوءِ مغرب نماز لاءِ مسجد ۾ ايندا هئا، مغرب جي فرضن ۾ سورة ”طور“ ۽ ”والمرسلات“ وڌيڪ پڙهندا هئا.

(6) مغرب کان عشاءِ تائين:
مغرب جي نماز پڙهي گهر ويندا هئا، اهل و عيال کي تسلي ڏيندا هئا، مهمانن ۽ مسافرن کي کاڌو کارائيندا هئا، کاڌي کارائڻ ۾ مسلمانن ۽ ڪافرن جو سڌ نه رکندا هئا، جڏهن اهل حبشه جو وفد آيو، تڏهن پاڻ انهن کي ماني کارايائون، هڪ دفعي هڪ ڪافر مهمان کي ستن ٻڪرين جو کير پياريائون، ڪڏهن ڪڏهن ته ايترن مهمانن کي رات جو ماني کارائيندا هئا جو گهر ڀاتين لاءِ ڪجهه ڪونه بچندو هو. مقامي ماڻهن مان ”اصحاب صفه“ کي اڪثر پاڻ ماني کارائيندا هئا. حضرت مقداد ؐ جو بيان آهي ته اسان جو بک کان حال خراب ٿي رهيو هو، اسان حضور جن وٽ وياسون، پاڻ سڳورن اسان کي 3 ٻڪريون ڏيکاري چيو ته انهن جو کير پيئندا ڪريو، اسان مان هر هڪ شخص انهن جو کير ڏهي پنهنجو پنهنجو حصو پيئندو هو. مهمانن کي ماني کارائڻ کان پوءِ، پنهنجي مال جي سنڀال ڪندا هئا. کين گاهه، داڻو ۽ پاڻي ڏيندا هئا. پوءِ ان حرم پاڪ جي گهر ويندا هئا، جتي رات رهڻ جو پروگرام هوندو هو. سندن ٻيا حرم پاڪ به اتي ايندا هئا ۽ عورتن جا مسئلا بيان ڪندا هئا. ازواج مطهرات جي تعليم ۽ تربيت جو اهوئي وقت هوندو هو، جڏهن عشا جي اذان ايندي هئي، تڏهن پاڻ نماز لاءِ مسجد ڏانهن ويندا هئا.

(7) عشاءِ کان فجر تائين:
عشاء جي نماز جي فرضن ۾ ”والتين والزيتون“ يا ان جيتريون ٻيون سورتون پڙهندا هئا، ان کان پوءِ گهر ايندا هئا، ان وقت ڪنهن سان ڳالهائڻ پسند نه ڪندا هئا، گهر ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ چار رڪعتون نفل پڙهندا هئا، تڪبير ۽ تحميد ادا ڪرڻ کان پوءِ بستري تي ايندا هئا، ان وقت قرآن شريف جون سورتون تلاوت ڪندا هئا. مثلاً سورت زمر، اسرا، حديد، صفِ، تغابن، جمع، اخلاص، فاتح، معوذ، تين ۽ ملڪ وغيره پوءِ ننڊ ڪندا هئا. هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سندن ننڊ مبارڪ غفلت جي رنگ ۾ نه هوندي هئي پر سندن قلب مبارڪ، ذڪر الاهي ۾ مشغول رهندو هو، شمائل ترمذي ۾ آهي ته ”ننڊ ڪرڻ وقت گهڻو ڪري هي لفظ چوندا هئا: اللهم باسمک اموت احيٰ “ ”منهنجا الله، تنهنجو نالو وٺي مران ٿو ۽ زندهه رهان ٿو.“ جاڳڻ وقت فرمائيندا هئا ته ”الحمدلله الذي احيانا، بعد ما اماتنا واليه النشور“ ”ان خدا جو شڪر، جنهن موت کان پوءِ زنده ڪيو ۽ ان ڏينهن ئي حشر ٿيندو.“ سندن طريقو هو ته ساڄي پاسي، ساڄو هٿ ڳل هيٺان رکي سمهندا هئا پر جڏهن ڪنهن سفر ۾ پوئين پهر منزل تي پهچي آرام ڪندا هئا ته سندن معمول هو ته ساڄو هٿ مٿي ڪري منهن ان تي ٽيڪي سمهندا هئا، هنڌ بستري لاءِ ڪو خاص انتظام نه هو، ڪڏهن سادي هنڌ تي، ڪڏهن تڏي تي، ڪڏهن کل تي ته ڪڏهن وري خالي زمين تي به سمهي پوندا هئا. رات جو گهڻو وقت آرام به ڪندا هئا. پهر رات کان پوءِ ضرور اٿندا هئا. حضرت بيبي عائشه ؒ کان روايت آهي ته، ”وضو جو پاڻي ۽ ڏندڻ، سيراندي کان رکيل هوندو هون، پهرين ڏندڻ ڪندا هئا ۽ پوءِ وضو ڪري 8 رڪعتون پڙهندا هئا، انهن نفلن جي مقرر تعداد ۾ سواءِ بيماري جي ڪڏهن به ناغو نه فرمائيندا هئا ڪڏهن ڪڏهن ننڊ مان اٿي رات جو سڌو قبرستان هليا ويندا هئا ۽ اتي وڃي عبادت به ڪندا هئا ته فوتين جي بخشش لاءِ دعا به گهرندا هئا، رات جو عبادت تمام گهڻي ڪندا هئا، حضرت عائشهؒ کان روايت آهي ته، جڏهن سورت مزمل جون شروعاتي آيتون لٿيون، تڏهن پاڻ ايتري ته نماز پڙهندا هئا جو سندن پير مبارڪ سڄيو ٿي ويا. (مائده) ٻارهن مهينا باقي ٻه آيتون رڪيون رهيون سال کان پوءِ جڏهن ٻيون آيتون نازل ٿيون، تڏهن رات جي نماز جيڪا فرض هئي، سا نفل ۾ تبديل ٿي ويئي. رات جي نماز ۾ سندن طريقو هو، 9 رڪعتن کان 13 رڪعتن تائين پڙهڻ، يعني 11 رڪعتون تهجد جون وترن سميت ۽ 2 رڪعتون، سنت فجر جون پڙهندا هئا.
سنن ابوداؤد ۾ آهي ته- ”رات جو 8 رڪعتون لاڳيتو پڙهندا هئا، پوءِ هڪ ٻي رڪعت پڙهي وهندا هئا ۽ ٻه رڪعتون ٻيون به ادا ڪندا هئا. اهڙي طرح يارهن رڪعتون ٿي ٿيون، پر جڏهن، سندن عمر مبارڪ وڌي ويئي ۽ جسم مبارڪ ڪجهه ڳرو ٿي ويو ته پوءِ ست رڪعتون پڙهندا هئا، جنهن کان پوءِ 6 رڪعتون ٻيون به ادا ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن، رات جو اتفاقاً ننڊ اچي ويندي هين ۽ اهڙي طرح رات واري روزاني عبادت ۾ فرق پوندو هو ته ڏينهن جو ٻارهن رڪعتون پڙهندا هئا.“
نماز تمام هوريان ادا ڪندا هئا، ڪڏهن ته، هڪ رڪعت ۾ ايترو قيام ڪن، جو سندن پيرن تي سوج اچي وڃي ۽ رڪوع ۽ سجود ۾، ايترو وقت رهڻ جو اهل خانه انديشي ۾اچيو وڃن، نماز ۾ مٿن رقت طاري ٿي ويندي هئي، اکين مان ڳوڙها وهي ويندا هئن.“ حضرت عبدالله بن شخير ؐ کان روايت آهي ته، ”هڪ دفعي پاڻ نماز پڙهي رهيا هئا ته اکين مان ڳوڙها اچي وين، رئندي رئندي، ايڏا ته سڏڪا ڀرڻ لڳا، جو ايئن ئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪا چڪي پيئي پيهجي، يا ديڳڙي پيئي اُٻري.“ نماز پڙهڻ کان پوءِ پاڻ مصلي تي ئي ويهي، ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول ٿي ويندا هئا، تانجو پڙهه ڦندي هئي، ڏينهن جا آثار نمايان ٿيندا هئا ته پاڻ اذان ٻُڌي فجر جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ مسجد ويندا هئا، فجر جي نماز جي فرضن ۾ سؤ سؤ آيتون به پڙهندا هئا رات جو پهرئين حصي ۾ سمهڻ ۾ پوئين رات ۾ اٿڻ پاڻ سڳورنﷺ جو هڪ اهڙو اصول هو، جنهن کي پنهنجي روزاني زندگي ۾ ڪڏهن به نه ڇڏيائون.
لک صلواتون لک سلام سندن ذات اطهر تي

(ماهوار نئين زندگي جنوري-فيبروري 1982ع ۾ ڇپيل)

حضرت محمدﷺ جي سماجي زندگي

حضرت محمدﷺ جو دنيا ۾ مبعوث ٿيڻ تاريخ انسانيت جو هڪ رنگين باب آهي. پاڻ هادين ۽ مصلحين جي انهيءَ گروهه سان تعلق رکن ٿا، جيڪو قديم زماني کان خداپرستيءَ ۽ اخلاق جي تعليم ڏيئي رهيو هو. پاڻ سڳورن به اهائي تندتنواري. مگر سندن هي ڪارنامو تاريخ ۾ زنده آهي ته پاڻ خدا تي ايمان، اصول اخلاق ۽ عملي زندگي، ٽنهي کي ملائي، هڪ مڪمل نظام حيات ۽ مڪمل تهذيب ۽ تمدن جو نقشو دنيا آڏو آندو. حضور جن تهذيب ۽ تمدن جو نقشو دنيا آڏو آندو. حضور جن واضح طور تي ٻڌائي ڇڏيو ته فقط هڪ خدا تي ايمان آڻڻ مسلماني نه آهي. پر انهيءَ ايمان جي فطري تقاضا هڪ اهڙي اخلاق جو ظهور آهي، جيڪو انسان جي عملي زندگيءَ ۾ ڪرنگهي مثل آهي. سندن سيرت سڳوريءَ جو هڪ ڪمال هي آهي ته اها هڪ ئي وقت زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ انسان جي رهنمائي ۽ رهبري ڪري ٿي. سندن پاڪ زندگيءَ جو جيڪو به پهلو ڏسبو، ته ان ۾ پاڻ سڳورا اڳي کان اڳرا نظر ايندا. مان هت حضورﷺ جي اقوال مبارڪ ۽ پاڪ سيرت جي روشنيءَ ۾، سندن سماجي زندگي جي ڪن خاص پهلوئن تي روشني وجهڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو.
حضورﷺ جي سماجي زندگي سندن سيرت پاڪ جو هڪ روشن باب آهي، پاڻ محسنِ انسانيت ۽ انسانيت جا علمبردار هئا. انسانذات جي خيرخواهي، انساني محبت ۽ خلوص، انساني رابطن ۽ لاڳاپن، معاشرتي طرز حيات ۽ خدمت خلق جي جيڪا تعليم سندن اقوال مبارڪ ۾ ملي ٿي، ان جو عملي نمونو سندن سيرت پاڪ ۾ به ملي ٿو پاڻ سڳورن صرف چئي نه ڇڏيو، بلڪ عملي دنيا ۾ هڪ پوري ملڪ جي نظام تمدن ۽ سياست کي انهن اصولن تي نافذ ڪيو. سماجي زندگيءَ جا ڪيترائي پهلو آهن. مثال طور، عام سماجي لاڳاپا، خدمت خلق، حسن سلوڪ، مهمان نوازي، طرز معاشرت، حسن معامله، مجلسي آداب ۽ طريقا وغيره. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حضورﷺ جن انهن سڀني ۾ مڙني کان مٿانهان نظر ايندا. سندن دل ۾ انساني درد هو. جڏهن کين اڃا ظاهري نبوت ڪانه ملي هئي، تن ڏينهن ۾ به پاڻ عام سماجي بهتريءَ لاءِ ڪوشان رهيا. سندن ڪوششن سان ئي مڪي شهر ۾ هڪ سماجي جماعت وجود ۾ آئي، جنهن جا پاڻ ميمبر ٿي رهيا ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي چونڊيا ويا. هن جماعت جا مقصد هي هئا:


(1) ملڪ مان بدامني دور ڪرڻ، (2) مسافرن جي حفاظت ڪرڻ،
(3) غريبن جي مدد ڪرڻ، (4) مظلومن جي حمايت ڪرڻ ۽
(5) ڪنهن به ظالم کي مڪي ۾ نه رهائڻ. هن جماعت جي رڪنيت سان کين ايتري ته محبت هئي، جو نبوت ملڻ کان پوءِ هڪ ڀيري پاڻ فرمايائون ته، ”جيڪڏهن اڄ ڪا اهڙي مجلس قائم ٿئي، ته اسان خوشيءَ سان ان جا رڪن بڻباسون.“

(1) عام سماجي لاڳاپا:
پاڻ سڳورا هميشه رستي هلندڙن کي سلام ڪندا هئا، جيڪڏهن ڪنهن کي پيغام موڪليندا هئا، ته ان سان گڏ کيس سلام به موڪليندا هئا. هڪ دفعي ڇوڪرن جي هڪ ٽوليءَ وٽان لنگهيا ته کين سلام ڪيائون، عورتن وٽان گذر ٿين، ته انهن کي به سلام چيائون. گهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت به سلام چوندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن سان هٿ ملائيندا هئا، ته ايستائين پنهنجو هٿ نه ڇڏائيندا هئا، جيستائين اهو شخص خود پنهنجو هٿ جدا نه ڪري، مجلس ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ته هن ڳالهه جو خيال رکندا هئا ته جيئن اصحاب تعظيم ۽ عزت خاطر اٿي نه بيهن. مجلس جي ڪناري سان ئي ويهي رهندا هئا ۽ ٻين کي تڪليف ڏيئي، هروڀرو وچ ۾ وڃي ويهڻ پسند نه ڪندا هئا، فرمائيندا هئا ته ”اهڙيءَ طرح اٿو ويهو، جهڙيءَ طرح خدا جو بندو اٿي ويهي ٿو.“ پنهنجون ٽنگون ڊگهاري يا پٿاري ڪين ويهندا هئا. ڪو ايندو هو، ته پنهنجي چادر وڇائي ڏيندا هئا. اچڻ وارو جيستائين پاڻ نه اٿندو هو، تيستائين پاڻ به نه اٿندا هئا. ڪن ۾ ڪو ڳالهائيندو هون، ته پاڻ ايستائين ڪن پري نه ڪندا هئا، جيستائين اڳلو ڳالهه پوري نه ڪري، ڪنهن سان ملڻ ويندا هئا، ته در تي بيهي اطلاع ڏيندا هئا، ۽ اجازت وٺڻ لاءِ ٽي دفعا سلام چوندا هئا. جواب نه ملڻ تي واپس هليا ويندا هئا، بدن يا ڪپڙي تان ڪو مٽي پري ڪندو هو، ته ان کي سلام چوندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: ”خدا هر ان شيءِ کان توکي پري رکي، جا توکي خراب لڳي.“ تحفو قبول ڪندا هئا ۽ ان جي عيوض ۾ تحفو ڏينداهئا، ڪنهن کي کانئن ڪا تڪليف پهچندي هئي، ته ان کي بدلي وٺڻ جو حق ڏيندا هئا، ڪو نئون ڪپڙو پائي ايندو هو، ته ان کي چوندا هئا: ”سٺو آهي، بهتر آهي، شل هميشه پائين.“
ٻارن سان کين بي پناهه محبت هوندي هئي، فرمائيندا هئا: ”جنهن وٽ ٻار ۽ گل نه آهن، سو خدا جي نعمتن کان محروم آهي.“ ٻارن جي مٿي تي هٿ ڦيريندا هئا، دعا ڪندا هئا ۽ گود ۾ کڻندا هئا. هڪ ٻار کي پيار ڪندي چيائون ته” هي ٻار خدا جي باغ جا گل آهن.“ ٻارن کي قطار ۾ بيهاري، ڊوڙائيندا هئا. ٻار ڀڄندا ايندا هئا، ته ڪو سندن پيٽ مبارڪ تي ڪرندو هو ته ڪو سيني مبارڪ تي، سفر کان واپس ايندا هئا، ته ٻارن کي پاڻ سان گڏ سواري ڪرائيندا هئا، ڪو نئون ميوو ايندو هو، ته اول ٻارن کي کارائيندا هئا، سندن نظريو هو ته: ”هي ٻارڙا آئيندي تحريڪ اسلامي جا علمبردار بڻبا.“ ٻڍن جو سدائين احترام ڪندا هئا، مڪي جي فتح جي موقعي تي حضرت ابوبڪر ؐ پنهنجي ضعيف العمر والد کي بيعت اسلام لاءِ سندن خدمت ۾ وٺي آيو، پاڻ فرمايائون ته، ”هن کي ڇو تڪليف ڏنيئه، مان پاڻ وٽس هلان ها.“
حضورﷺ جي ميل ميلاپ واري زندگيءَ جي تصوير، حضرت انس ؐ هن طرح چٽي آهي: ”مان حضورﷺ جن جي خدمت ۾ ڏهه سال رهيس، پر پاڻ سڳورن مون کي ڪڏهن اُف به نه چيو. ڪوبه ڪم جيئن به ڪيم، ڪجهه نه چيائون ۽ ڪو ڪم نه ڪيم، ته به ڪجهه نه چيائون، اهو معاملو سندن ٻانهن ۽ ٻانهين سان به هو، پاڻ انهن کي به ڪڏهن کهرو نه چيائون.“

(2) خدمت خلق:
خدمت خلق ۽ عام جي ڀلائي، پاڻ سڳورن جي سماجي زندگيءَ جو روشن باب آهي. ٻنهي جهانن جي سردار جنهن ماحول ۾ اسلام جي پيغام کي ماڻهن تائين پهچائڻ جو نبوي فرض ادا ڪيو، تنهن ۾ سندن شخصي ڪردار ۽ بلند اخلاقي کي وڏو دخل هو ۽ سندن قوم کي ”امين“ ۽ ”صادق“ جي لقبن سان ياد ڪندي هئي. ان جو سبب رسول ڪريمﷺ جن جي انساني همدردي، خدمت ۽ انساني دوستيءَ جا گڻ هئا ۽ اهي ئي ڳالهيون پوءِ اسلام جي تبليغ ۾ سندن مددگار ثابت ٿيون. حضور جن جي بيلوث خدمتن جو اعتراف سندن دشمنن به ڪيو آهي. بهرحال اهي اخلاق ئي هئا، جنهن جي ڪري دشمنن جي گروهه ۾ سندن حيثيت ۽ وقعت بلند ٿي ۽ سندن آندل پيغام ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ والاري . پاڻ فرمائيندا هئا: ”مخلوق جي خدمت عبادت جو ٻيو نالو آهي. بهترين انسان اهو آهي، جنهن کان ٻين کي فائدو رسي.“ فرمايائون ته، ”مال جي محبت ۽ رغبت جي باوجود، ان کي الله جي راهه ۾ رشتيدارن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن تي خرچ ڪجي. مزور کي پگهر سُڪڻ کان اڳ مزوري ڏجي، الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان شخص کان ناراض هوندو، جنهن مزور کان ڪم ته ورتو، پر ان کي مزوري پوري نه ڏنائين.“ فرمائيندا هئا ته ”مظلوم جي خون جو هڪ ڦڙو هارڻ، هزار ڪعبن جي ڊاهڻ کان به وڏو گناهه آهي لک ڪعبا ڊاهي ڇڏيو، الله کي ايترو رنج نه پهچندو، پر هڪ بي گناهه انسان جي رت جو هڪ ڦڙو به زمين تي هاريو، ته هو ڏاڍو ناراض ٿيندو.“
حباب بن ارب هڪ اصحابي هو، حضورﷺ ان کي ڪنهن جنگ تي اماڻيو، گهر ۾ ڪوبه ڪونه هو ۽ عورتن کي کير ڏهڻ به ڪين ايندو هو. پاڻ سڳورا روز ان اصحابيءَ جي گهر وڃي کير ڏهي ايندا هئا. ساڳيءَ طرح، مديني کان ٻاهر ڪي يتيم نينگريون رهنديون هيون. پاڻ روز وڃي انهن جون ٻڪريون ڏهي ڏيندا هئا. عبدالله بن ابي ادنيٰ هڪ اصحابيءَ جو چوڻ آهي ته ”بيواهه ۽ مسڪينن جي ڪمن ڪرڻ کان کين ڪوبه عار ڪونه هوندو هو. پر پاڻ ان ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا.“ عام ماڻهن کي حڪم هو ته، ”جي ڪو مسلمان مري وڃي ۽ اهو پنهنجي ذمي ڪو قرض ڇڏي وڃي، ته ان جي ادا ڪرڻ لاءِ مان تيار آهيان.“
صحيح بخاريءَ ۾ آيل آهي ته، ”حضورﷺ وٽ ڪوبه سائل ايندو هو، ته اصحابن کي چوندا هئا ته ”اوهان سفارش ڪريو ته اوهان کي به ثواب ملي.“ فرمائيندا هئا ته، ”اوهان کي ٻيو ڪجهه نه ٿي سگهي، ته ڪنهن بيڪس ۽ حاجتمند جي مدد ڪريو، انڌي کي رستو ڏيکاريو ۽ رستي هلندي ڪنڊا ۽ ڀٿر دور ڪندا هلو. خدا تعاليٰ هن ڪم جو قدر ڪندو آهي، ۽ ان جي عيوض ننڍا ننڍا گناهه معاف ڪري ٿو ڇڏي.“ فرمائيندا هئا، ”الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهي جي ان وقت تائين مدد ڪندو آهي.“ چوندا هئا، ”ٻه خصلتون اهڙيون آهن، جن کان افضل ۽ برتر ٻي ڪابه شيءِ ڪانهي، هڪ ته الله تي ايمان رکڻ ۽ ٻيو مسلمانن کي فائدو پهچائڻ.“ هڪ ٻيءَ جاءِ تي ارشاد فرمايائون: ”جنهن پنهنجي ڀاءُ جي ڪابه ضرورت پوري ڪئي، خدا قيامت جي ضرورتن مان ان جي ضرورت پوري ڪندو.“ اهو تعليم نبوي ۽ فيض رسالت جو ڪرشمو هو، جنهن جي وسيلي اسلامي معاشرو دنيا ۾ قابل رشڪ ۽ تقليد بنجي پيو.

(3) مهمان نوازي:
حضورﷺ مهمان نوازيءَ ۾ به سڀ کان اڳرا هئا، مسلمانن ۾ ڪابه ننڍ وڏائي ڪانه هئي، سڀ هڪ جهڙا هئا، جڏهن اهل حبش جو هڪ وفد آيو، ته پاڻ ان جي مهمانداريءَ جا فرض بجا آندائون، هڪ دفعي وٽن هڪ ڪافر مهمان ٿيو، ته کيس پنهنجين ستن ئي ٻڪرين جو کير پياريائون. ڪڏهن ڪڏهن اها نوبت اچي ويندي هئي جو وٽن کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچندو هو؛ سڀ مهمانن کي کارائي ڇڏيندا هئا. اصحابن ۾ سڀ کان مفلس ۽ غريب گروهه ”حضر“ جي اصحابن جو هو. تنهن ڪري اهي مسلمانن جا مهمان عام هئا، پر گهڻو ڪري اهي پاڻ سڳورن وٽ مهمان ٿيندا هئا، هڪ دفعي ارشاد فرمايائون ته، ”جنهن شخص وٽ ٻن ماڻهن جو کاڌو هجي، ته اهو ٽن کي کارائي ۽ ٽن ڄڻن جو کاڌو هجي ته اهو چئن کي کارائي.“ حضرت ابوبڪرﷺ ٽن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ پاڻ ڏهن ڄڻن کي ساڻ وٺي آيا. مقداد ؐ جو بيان آهي ته، ”اسان ٻه دوست ايتري قدر تنگدست هئاسون، جو بک کان انڌا ٿي پيا هئاسون، اسان ماڻهن کي ڏاڍيون اپيلون ڪيون، پر ڪنهن به نه ٻڌي، آخر حضور جن وٽ آياسون، حضور جن اسان کي پنهنجي گهر وٺي ويا ۽ اسان کي ٽي ٻڪريون ڏيکاري چيائون ته هنن جو کير ڏهي پيئو، پوءِ اسان هميشه انهن جو کير ڏهي پيئندا هئاسون. پاڻ فرمائيندا هئا ته ”جيڪو شخص خود پيٽ ڀري کائي ٿو پر ان جو پاڙيسري بک پيو مري، ته اهو ايمان نٿو رکي.“ پاڻ سڳورا ايتريقدر مهمان نواز هئا جو گهر ۾ جيڪي ڪجهه هوندو هون، آڻي مهمانن جي آڏو پيش ڪندا هئا، پوءِ ڇو نه کين فاقه ڪشي ڪرڻي پوي. بعضي پاڻ رات جو اٿي مهمانن جي ڳولا ڪندا هئا.

(4) حسن سلوڪ:
پاڻ سڳورا هر ڪنهن سان هڪجهڙي هلت هلندا هئا، دوست ۽ دشمن، عزيز ۽ بيگاني ۾ فرق نه رکندا هئا، مڪي جي ڪافرن کين ڪيتريون تڪليفون ڏنيون، پر پاڻ انهن سان ڪوبه اهڙو سلوڪ ڪين ڪيائون جو کين ناگوار لڳي، مڪي جي فتح وقت مڪي جي ڪافرن ساڻ جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، سو تاريخ عالم ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، فرمائيندا هئا: ”اوهان پنهنجي والدين سان سٺو سلوڪ ڪريو ته اوهان جو اولاد به اوهان سان سٺو سلوڪ ڪندو، پنهنجي برادريءَ سان به سٺو سلوڪ ڪريو، جيڪو شخص خدا ۽ روز جزا تي ايمان رکي ٿو، ان کي پنهنجي پاڙيسريءَ جي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي تڪليف نه پهچائي.“ چوندا هئا: ”اهو مومن ناهي، خدا جو قسم اهو مومن ناهي، خدا جو قسم اهو مومن ناهي، جنهن جي بديءَ کان سندس پاڙيسري امن ۾ نه هجي.“ ٻانهن سان تمام سهڻي نموني هلندا هئا، فرمائيندا هئا: ”اهي اوهان جا ڀائر آهن، جيڪي اوهين کائو، اهو انهن کي کارايو، جيڪي پاڻ پايو، اهو انهن کي پارايو.“ پاڻ سڳورن جي حصي ۾ جيڪي به غلام ايندا هئا، انهن کي آزاد ڪري ڇڏيندا هئا، پر اهي حضورﷺ جي احسان ۽ ڪرم کان آزاد نه ٿي سگهندا. اهي ماءُ پيءُ ۽ عزيزن قربن جي شفقت کان وڌيڪ هن ”لولاڪ لما“ جي غلامي قبول ڪند اهئا، زيد بن حارث ؐ سندن غلام هو، سندس والدين کيس وٺڻ آيا، حضور جن کيس اجازت به ڏني، پر هن رحمت جي درياءَ کي والدين جي محبت تي ترجيح ڏني، زيد جي پٽ اسامه ؐ سان کين بيپناهه محبت هوندي هئي، ايتريقدر جو پنهنجي هٿ مبارڪ سان ان جو نڪ صاف ڪندا هئا، غلامن سان اهڙيءَ رحمت ۽ شفقت سان هلڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪافرن جا غلام ڊوڙي اچي سندن آڏو اطاعت جو سر جهڪائيندا هئا، پر پاڻ کين آزاد ڪري ڇڏيندا هئا. مال غنيمت مان غلامن جو حصو به ڪڍندا هئا. شروعات ۾ جيڪي غلام ٿيندا هئا ۽ جن وٽ ڪوبه سرمايو نه هوندو هو، ان لاءِ جيڪا آمدني وصول ٿيندي هئي، ان مان غلامن کي به ڏنو ويندو هو. غيرمسلمانن جو ڏاڍو خيال رکندا هئا. يهودين سان به سندن تعلقات خوشگوار هئا، حالانڪ انهن جي دشمني جنگ خيبر جي شڪل ۾ ظاهر ٿي، تنهن هوندي به پاڻ سندن سخت لفظن ۽ بدتميز فقرن تي ڌيان ڪين ڏيندا هئا. يهودين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان جهڳڙو ٿي پوندو هو، ته پاڻ مسمانن جي پاسخاطري ڪين ڪندا هئا، هڪ دفعي هڪ يهودي اچي شڪايت ڪئي ته ، ”محمد (ﷺ)، هڪ مسلمان مون کي بيگناهه چماٽ هنئي آهي.“ پاڻ سڳورن ان مسلمان کي گهرائي، کانئس ان جو بدلو ورتو، هڪ دفعي سندن لڪڻ ڪنهن ماڻهوءَ کي لڳي ويو. پاڻ کيس چيائون ته، ”مون کان بدلو وٺ، ۽ مون کي اهڙي زور سان لڪڻ هڻ جيئن توکي لڳو.“
هڪ يهودڻ عورت خار وچان روز مٿانئن ٻُهر اڇلائيندي هئي، ٻه ٽي ڏينهن سانده ٻُهر نه اڇليو ويو، ته پاڻ اصحابن کان پڇيائون، معلوم ٿين ته عورت بيمار آهي، پاڻ ان عورت وٽ ويا ۽ سندس چڱڀلائيءَ لاءِ دعا ڪيائون.
هڪ دفعي ڪنهن جنگ ۾ بيبي حليمه جي نياڻي قيد ٿي آئي، پاڻ سڳورن پنهنجي چادر وڇائي ان تي کيس ويهاريو ۽ پوءِ آزاد ڪري، اُٺ تي چاڙهي، عزت ۽ احترام سان واپس ڪيو.

(5) حسن خلق:
حضورﷺ جي سماجي زندگيءَ ۾ سندن ”خلق“ کي اهم حيثيت حاصل آهي، سندن اخلاق ئي هئا، جن صرف 23 ورهين جي مختصر عرصي ۾ وچ اوڀر ۾ عظيم انقلاب آڻي وڌو. سندن اخلاق جو درجو بلند آهي. قرآن شريف به ان تي شاهد آهي. ”انک لعليٰ خلق عظيم“ پاڻ فرمائيندا هئا: ”حسن خلق ۽ سخاوت سڀ کان اول تارازيءَ ۾ رکيا ويندا، حسن خلق جون ٽي نشانيون آهن: پهرين شيرين ڪلامي، ٻيو خنده پيشاني ۽ ٽي خنده روئي. بس، جيڪو شخص ماڻهن سان احسان ڪري ۽ خوش اخلاقيءَ سان پيش اچي، ان جي واکاڻ ڪئي وڃي.“ هڪ ٻئي موقعي تي چيائون ته، ”جنهن شخص ۾ هي ٽي صفتون يا انهن مان ڪا هڪ به نه هجي، ته ان جا سڀ عمل هيچ آهن: هڪ تقويٰ، جا خدا جي غضب کان بچائي، ٻيو علم، جيڪو ان کي جاهل سان مقابلي ڪرڻ کان روڪي، ۽ ٽيون خلق، جنهن جي ڪري هو ٻين ماڻهن سان گڏ رهي زندگي بسر ڪري.“ پاڻ سڳورا هر هڪ سان نهايت چڱي نموني پيش ايندا هئا، حتيٰ ڪه ننڍن ٻارن ۽ ڪافرن سان به سندن اخلاق جو هي حال هو جو جيڪڏهن ڪو ساڻن خراب نموني سان به هلندو هو ته پاڻ ان مان عاجزانه نموني پيش ايندا هئا.
هڪ يهودي مقرر وعدي کان ٽي ڏينهن اڳ کانئن قرض واپس ڪرڻ جي گهر ڪئي، حضور جن کان چادر کسي ورتي، ڪپڙن کان ڇڪيو ۽ زبان درازي ڪئي، ان تي حضرت عمر ؐ به تيز ٿي ويو. پر پاڻ فرمايائون ته، ”عمر، اها طرز سٺي نه آهي، توکي سونهي ٿو ته مون کي قرض جي ادائگيءَ ۽ هن کي سهڻي نموني قرض گهرڻ جي هدايت ڪرين ها.، پوءِ پاڻ حڪم ڪيائيون ته ”هن جو قرض ادا ڪيو وڃي، پر اصل قرض کان ڏيڍ مڻ اناج زياده ڏنو وڃي، جو عمر هن سان سخت روش هليو آهي.“
حضرت انس ؐ کان روايت آهي ته هڪ دفعي هڪ اعرابي آيو، ۽ حضور جن جي چادر کي وٺي اهڙي زور سان ڇڪيائين، جو چادر جي ڪُني سندن گردن مبارڪ ۾ گهڙي ويئي ۽ نشان ٿي پين. پوءِ چوڻ لڳو: ”اي محمد (ﷺ) مون کي هي ٻه اُٺ مال سان ڀري ڏي، ڇاڪاڻ ته اهو مال نه تنهنجو آهي ۽ نه تنهنجي پيءُ جو.“ پاڻ فرمايائون ته، ”هائو، اها ڳالهه سچي آهي، مال برابر الله جو آهي ۽ مان ان جو ٻانهو آهيان.“ وري پڇيائونس ته ”اهو برتاءُ جيڪو تو مون سان ڪيو، ان کان ڊڄين نٿو؟“ چيائين: ”نه“. پاڻ پڇيائونس: ”ڇو؟“ ڳوٺاڻي جواب ڏنو ته ”مون کي معلوم آهي ته واهان برائيءَ جو بدلو برائيءَ سان نه ڏيندا آهيو.“ ان تي حضور جن مشڪيا ۽ کيس هڪ اُٺ کارڪن جو ۽ هڪ جوَن جو ڀري ڏنائون.
هڪ دفعي زينب بنت الحارث، هڪ يهوديڻ کين گوشت ۾ زهر وجهي کارايو، بعد ۾ حضور جن کي اها خبر پئجي ويئي، پر پاڻ کيس معاف ڪري ڇڏيائون.
هڪ دفعي پاڻ حضرت ابوذر ؐ کي نياپو موڪليائون، پر هو گهر ۾ موجود نه هو، ۽ جڏهن آيو، ته پاڻ ليٽيا پيا هئا، هن کي ڏسي پاڻ اٿي بيٺا ۽ کيس ڀاڪر پائي پيشانيءَ کي چميائون.
هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته پاڻ سڳورا اصحابن سان گڏ مسجد ۾ ويٺا هئا، ته هڪ ڪافر اچي مسجد ۾ پيشاب ڪرڻ لڳو، ان تي اصحاب ڪاوڙجي پيا ۽ ڪافر کي مارڻ لڳا، پر پاڻ کين روڪيو ۽ ڪافر کي ڀر ۾ ويهاري، نهايت سهڻي نموني سمجهايائون.
ڪنهن حضرت عائشه ؒ کان حضورﷺ جي اخلاق بابت پڇيو، ته جواب ڏنائين ته، ”ڇا، توهان قرآن ڪونه پڙهيو آهي؟ جو ڪجهه قرآن ۾ آهي، سي حضورﷺ جا اخلاق هئا.“

(6) حسن معامله:
حضور جن دنيا جي وهنوار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ هميشه انصاف کان ڪم وٺندا هئا. فرمائيندا هئا ته ”انصاف جي هڪ گهڙي ستر سالن جي عبادت کان بهتر آهي.“ فيصلو اهڙو ڪندا هئا، جو دشمن به راضي ٿي وڃن، اهوئي سبب هو جو مديني جا يهودي به پاڻ سڳورن وٽ اچي فيصلا ڪرائيندا هئا، پاڻ ڪنهن جي به سفارش ڪين مڃيندا هئا، هڪ دفعي فاطمه نالي هڪ عورت چور ي ڪئي، ماڻهن حضور جن جي محبوب ٻانهي، اسامه بن زيد ؐ کان سفارش ڪرائي، پاڻ فرمايائون، ”اسامه، تون هڪ چور لاءِ سفارش ٿو ڪرين! ٻڌ، جيڪڏهن فاطمه بنت محمد به چوري ڪري ها، ته اها به سزا کان نه بچي سگهي ها.“
حضرت صائب ؐ حضور جن سان گڏ واپار ڪندو هو، هڪ دفعي ان ٻڌايو ته ”منهنجا ماءُ پيءُ حضور تان قربان ٿين، پاڻ سڳورا منهنجا ڀائيوار هئا، پر معاملو هميشه صاف رهيو.“ پاڻ سڳورا هميشه فياضيءَ ۽ سخاوت ڪري مقروض هوندا هئا، ايتريقدر جو وفات وقت به سندن زرهه هڪ يهوديءَ وٽ هڪ مڻ اناج جي عيوض گروي هئي، پاڻ هرحال ۾ حسن معامله جو خيال ڪندا هئا، هڪ دفعي ڪنهن شخص کان قرض طور کارڪون ورتائون. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ان قرض چڪائڻ لاءِ چيو. پاڻ هڪ انصاريءَ کي قرض چڪائڻ لاءِ ارشاد ڪيائون. پر اهي کارڪون ڪجهه ڪَسيون هيون، تنهن ڪري ان شخص وٺڻ کان انڪار ڪيو. انصاريءَ کيس چيو ته، ”رسول اڪرم جون عطا ڪيل کارڪون توکي نه ٿيون وڻن!“ چيائين، ”ها. پر رسول الله به عدل نه ڪري ته پوءِ ٻيو ڪير ڪندو؟“ پاڻ اهو ٻڌي چيائون ته ”بلڪل سچ ٿو چوي.“
هڪ دفعي ڪنهن کان اُٺ قرض طور ورتائون، ۽ جڏهن واپس ڪيائون، ته ان کان ڀلو اُٺ ڏنائون. فرمائيندا هئا: ”سڀ کان سٺو ماڻهو اهو آهي، جيڪو چڱيءَ طرح قرض ادا ڪري ٿو.“
هڪ ڀيري مديني جي ٻاهران هڪ قافلو اچي لٿو، جنهن ۾ هڪ سرخ رنگ جو اٺ به هو، جيڪو حضورﷺ کي ڏاڍو وڻي ويو، پاڻ رقم چڪائي، اٺ کي ڪاهي آيا. بعد ۾ قافلي وارن هاءِ گهوڙا مچائي ته اسين هن ماڻهوءَ کي سڃاڻون به ڪين ۽ ايئن اٺ ڪيئن ڪاهي ڏنوسين. ان قافلي ۾ هڪ عورت به هئي، جنهن چين ته، ”مان هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ٿي، هي ماڻهو دغا نه ڪندو.“ رات ٿي، ته حضورﷺ اٺ جي رقم سان گڏ قافلي وارن لاءِ ماني به موڪلي.
هڪ دفعي پاڻ ڪنهن کان پيالو اڌارو ورتائون، اتفاق سان اهو ڀڄي پيو، پاڻ ان جي قيمت ڀري ڏنائون، مطلب ته اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن مان حضورﷺ جي وهنوار ۽ ڏيتي ليتيءَ جي خبر پوي ٿي ته پاڻ هر معاملي ۾ هميشه صاف ۽ سڌا رهيا.

(7) نبوي ڪچهري:
فيض رسالت هونئن ته هر جاءِ ۽ وقت تي جاري هو، پر ان مان فيض اهو شخص حاصل ڪري ٿي سگهيو، جيڪو ان وقت اُتي حاضر هو. انهيءَ ڪري حضور جن خاص ڪچهريءَ جو وقت به مقرر ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ پريت جا پانڌيئڙا حاضر ٿي، قرب خداوندي حاصل ڪندا هئا. اها ڪچهري ”مسجدنبوي“ جي هڪ ننڍي صحن ۾ ٿيندي هئي. پاڻ سڳورا وچ ۾ ويهندا هئا ۽ اصحابي سندن چوگرد ويهي رهندا هئا، مجلس ۾ هر شخص کي هڪ جهڙي جاءِ ملندي هئي، حضور جن جي مجلس علم ادب ۽ فيض ۽ فضيلت جي مجلس هئي. پاڻ نه ڪنهن جي حد کان زياده تعريف پسند ڪندا هئا ۽ نه وري ڪنهن جي خوشامد کين ڪنهن جي عيب جوئي به نه وڻندي هئي. ڪچهريءَ ۾ ماڻهو آرام سان ويٺا هوندا هئا، مجلس ۾ گفتگو جي اجازت ۽ ترتيب جو خيال رکيو ويندو هو، مگر هي امتياز حسب نسب ۽ مال ۽ دولت تي نه هو، پر علم ۽ فضل تي. جيستائين هڪڙو ڳالهه پوري ڪري بس نه ڪندو هو، تيستائين ٻيو ڳالهه شروع نه ڪندو هو. انهيءَ ڪري هر ڪنهن جي ڳالهه رغبت سان ٻڌي ويندي هئي. جنهن به مرڪڻ يا کلڻ جهڙي ڳالهه تي اهل مجلس کلندا يا مرڪندا هئا، ته پاڻ به انهن سان گڏ معمولي طرح مشڪندا هئا، پر ٽهڪ ڪڏهن به نه ڏيندا هئا، ۽ جنهن ڳالهه تي ٻيا هم نشين عجب ظاهر ڪندا هئا ته پاڻ به ايئن ڪندا هئا. مطلب ته هر ڳالهه ۾ جائز حدتائين اهل مجلس سان شريڪ ٿيندا هئا، ڪنهن به اعليٰ خواه ادنيٰ جي ڳالهه اڌ ڪاٽڻ کين پسند نه هو، سڀ کان پهرين پاڻ حاجتمندن ڏانهن ڌيان ڏيندا ۽ انهن جون حاجتون دور ڪندا هئا. حال احوال پڇڻ سان گڏ، هر شخص کان اهو پڻ پڇندا هئا ته ڪا ضرورت ۽ حاجت ته ڪانهي، ڪڏهن ڪڏهن مجلس ۾ وقت جا مشهور شاعر، حسان بن ثابت ؐ ۽ ڪعب بن مالڪ ؐ شعر به پڙهندا هئا، حضور جن مجلس ۾خوش طبعيءَ جون ڳالهيون به ڪندا هئا، پر ڪابه اهڙي ڳالهه نه ڪندا هئا، جنهن ۾ ڪوڙ هجي، يا ان مان ڪنهن جي ذلت ۽ گهٽتائي ٿيندي هجي، هڪ دفعي هڪ عورت وٽن آئي ۽ عرض ڪيائين ته: ”يارسول الله، منهنجو مڙس اوهان کي سڏي ٿو.“ پاڻ فرمايائون ته، ”تنهنجو مڙس اهو آهي، جنهن جي اک ۾ اڇاڻ آهي؟“ عورت جواب ڏنو ته، ”نه سائين، منهنجي مڙس جي اک ۾ سفيدي نه آهي.“ ان تي حضور جن مشڪيا ۽ فرمايائون ته، ”ڀلا اهو ڪهڙو انسان آهي، جنهن جي اک ۾ سفيدي نه آهي!“
نماز کان پوءِ جيڪا مجلس ٿيندي هئي، تنهن ۾ وعظ ۽ نصيحت جون ڳالهيون ٿينديون هيون، ان کان علاوه ڪن خاص مقصدن لاءِ به مجلسون ڪوٺايون وينديون هيون، جيئن ته اهو فيض صرف مردن تائين محدود هو، ان ڪري عورتن عرض ڪيو ته سندن وعظ ۽ نصيحت لاءِ به ڪو خاص ڏينهن مقرر ڪيو وڃي. پاڻ اهو قبول ڪيائون، ۽ ان لاءِ هڪ خاص ڏينهن مقرر ڪيو ويو.

(8) ٻين سماجي براين کي دور ڪرڻ:
حضرت محمدﷺ نه صرف زندگيءَ جي مڙني روشن پهلوئن تي روشني وڌي آهي، پر زندگيءَ جي تاريڪ مسئلن تي به نظر ڪئي آهي، فرد ۽ معاشري جي فلاح و بهبود ۽ بهتريءَ لاءِ جن به ڳالهين جي ضرورت آهي، پاڻ انهن کي دور ڪرڻ جو حڪم ڪيائون، دغا، فريب، رياڪاري، ڪوڙ، رشوت، سمگلنگ، ذخيره اندوزي، بليڪ مارڪيٽنگ، زنا، چوري، جوا، فضول خرچي، ملاوٽ، اهڙا خاص پهلو آهن، جيڪي سوسائٽيءَ کي هميشه نقصان رسائيندا رهن ٿا ۽ جن تي اڄ جون ترقي يافته حڪومتون به خاص نظر رکن ٿيون، مثال طور، پاڻ سڳورن فرمايو ته،
1. رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ، ٻئي جهنمي آهن.
2. جنت ۾ اهو ماڻهو وڃي نٿو سگهي، جيڪو حرام جي گراهن مان ٺهيو هجي، حرامخوريءَ سان پليل جسم لاءِ ته باهه جي ضرورت آهي.
سماج دشمنن جي هڪ خاص گروهه جو ذريعه معاش تجارت هوندو آهي، تجارت متعلق معاملن تي به پنهنجا رايا ڏنا اٿن. فرمايائون ته، ”جنهن شخص ڪا عيبدار شي وڪي ۽ ان جو عيب خريدار کي نه ٻڌايائين ته ان تي خدا ناراض ٿيندو آهي ۽ فرشتا ان تي لعنت وجهندا آهن.“
3. جيڪو واپاري قيمتن وڌڻ جي آسري تي مال روڪي رکي، اهو ملعون آهي.
4. جنهن شخص اَن چاليهه ڏينهن صرف ان خيال سان رکيو ته قيمت وڌي، ته پوءِ الله جو ان سان ۽ ان جو خدا سان ڪوبه تعلق ڪونهي.
5. چاليهن ڏينهن اَن رکڻ کان پوءِ جيڪڏهن ماڻهو ان کي خيرات ڪري، ته به سندس گناهه معاف ٿي نه سگهندو.
6. پنهنجي مال کي وڪڻڻ لاءِ قسم کائڻ کان بچو، اها شيءِ وقتي طور تي ته نجات کي هٿي ڏئي سگهي ٿي، پر برڪت کي ختم ڪري ڇڏيو.
سماج جي ٻئي گروهه جو ذريعه معاش ملازمت مزدوري ۽ ڪڙمت آهي، مزدورن متعلق فرمايائون ته ”مزدور کي مزوري سندس پگهر سڪڻ کان اڳ ادا ڪريو.“ ملازمت جي باري ۾ ارشاد ڪيائون ته ”اهو شخص جنت ۾ وڃي نٿو سگهي، جيڪو پنهنجن ملازمن تي بريءَ طرح حڪم ٿو هلائي.“ ڪڙمت ۽ هٿ جي پورهئي کي ڏاڍو ساراهيو اٿن، ارشاد آهي ته پيشور ۽ هنرمند ماڻهوءَ جا کهرا هٿ نازڪ اندام ماڻهوءَ جي نرم هٿن کان وڌيڪ افضل آهن، ۽ مون کي وڻن ٿا.” فرمايائون ته، ”پورهيت خدا جو دوست آهي.“ ”زراعت الله جي پيارن ٻانهن جو پاڪيزو شيوو آهي.“ ”پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ کان بهتر کاڌو ٻيو ڪو ڪونهي، الله جي نبي دائود عليه السلام پنهنجن هٿن سان ڪمائي کاڌو.“ وغيره.
معاشري ۾ قرض جو ڏيڻ وٺڻ لازمي آهي، ان لاءِ فرمايائون ته، ”اهو شخص، جنهن الله جي راهه ۾ جان ڏني، ان جو هر گناهه معاف ڪيو ويندو سواءِ قرض جي.“ جيڪو شخص قرض وٺي، ان جي ادائگيءَ جي نيت رکي ٿو، ته الله تعاليٰ ان جي طرفان اهو ادا ڪري ٿو، پر جنهن قرض ورتو، ليڪن ان جي ادا ڪرڻ جي نيت نٿو رکي، ته الله تعاليٰ ان کي سندس نيت جي ڪري تباهه ڪري ٿو ڇڏي.“ ”بهترين ماڻهو اهو آهي، جيڪو بهترين طريقي سان قرض ادا ڪري.“ هڪ ڀيري فرمايائون ته، ”زوال پذير قوم جي آثارن ۾ هي به آهي ته ان جا امير ظالم ٿين، عالم لالچي هجن، عابد رياڪار، تاجر وياج خور ۽ عورتون هار سينگار ۾ ڦاٿل هجن.“
ان کان سواءِ سندن ”حجة الوداع وارو خطبو به انساني معاشري جي فلاح ۽ بهبوديءَ جو ڄڻ آدرش آهي، جنهن ۾ ڪيترائي زرين اصول ڄاڻايل آهن.
مطلب ته رسول اڪرمﷺ جي سماجي زندگي اسلامي نظام حيات جو سرچشمو آهي، پاڻ انساني معاشري کي جنهن تعليم سان پختو ڪيائون، ان تي جيڪڏهن اڄ به عمل ڪيو وڃي، ته هي فتني ۽ فساد سان ڀريل دنيا امن ۽ سڪون جو گهوارو بنجي پوي.

(ماهوار نئين زندگي جون 1969ع ۾ ڇپيل)

حضور جن جو وڻج واپار

عربستان، هڪ ريگستاني ۽ جابلو علائقو آهي، ان ڪري ڪابه پوک ۽ آبادي نه ٿئي، اهوئي سبب آهي جو هن کي غير زرعي ماٿري چئبو آهي. پنهنجي گذران لاءِ هتان جي ماڻهن تجارت کي مشغلو بنايو، تجارت عربن جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي ۽ هتان جي عوام جو خاص ڌنڌو تجارت ئي رهيو.

(الف) قديم عرب ۽ واپار
عرب قديم زماني کان وٺي واپار جي شعبي سان منسلڪ رهيا، ايتري قدر جو حضرت عيسيٰ جي اچڻ کان به ڪيتريون ئي صديون اڳ هو واپار ڪندا هئا، تورات ۽ يونان جي نهايت قديم ڪتابن ۾ عربن جي تجارت جا بي شمار واقعا موجود آهن.( )
عربن جي تجارت جيڏي قديم هئي اوڏي وسيع ۽ عالمگير هئي، هو چين جي مشرقي ڪنارن کان وٺي جبل الطارق تائين ايندا ويندا هئا، ڊاڪٽر لي مان لکي ٿو ته، ”پراڻي زماني ۾ عربن ساري دنيا ۾ اهو ڪم ڪيو، جيڪو يورپ ۾ ويس، نشنه التاثير جي زماني ۾ ڪيو ويو هو.“( ) عربن پراڻي زماني ۾ مصر، هندستان، سنڌ، ايران، خنا، ترڪستان، روس، يونان، آفريقا، بابل، فنيقيا ۽ شام تائين واپاري سلسلي ۾ سفر ڪيو، هو انهن ملڪن ڏانهن خشڪي ۽ دريائي رستي ايندا ويندا هئا. بري تجارت قافلن سان ۽ بحري تجارت جهازن سان ڪندا هئا ۽ ويجهن علائقن ۾ ٻيڙين رستي واپار ڪندا هئا، سندن بحري تجارت، بري تجارت کان وڌيڪ هئي، عرب گهڻو ڪري جن شين جو واپار ڪندا هئا تن مان ڪي آهن: دالچيني، ڪارا مرچ، ناريل، گوگل، عنبر، لونگ، الائچي، لوبان، عود بيد، ريشم، چيني جو سامان، عاج، اناج بانس، تمر هندي (گدامڙي) ڪافور، مشڪ، گهوڙا، اُٺ، گڏهه، اعليٰ درجي جو قيمتي ڪپڙو ۽ پوشاڪ، معدنيات، سون، چاندي، فهوو، غلام، ٻانهيون وغيره. اهڙي طرح ٻن هزارن سالن تائين، عرب سڄي دنيا لاءِ تجارت جو مرڪز رهيا.

(ب) قريش ۽ تجارت:
حضور اڪرمﷺ قريش خاندان سان واسطو رکندڙ هئا، جن جو خاص ڌنڌو تجارت هو، ابن خلدون لکي ٿو ته، ”قريش جي لغوي معنيٰ ڪسب ۽ گڏ ڪرڻ جي آهي، ڇاڪاڻ ته هي ماڻهو تجارت ۽ ڌنڌو ڪندا هئا ان ڪري کين قريش سڏيو ويندو هو.( ) تجارت ڪري هو ايڏا ته شاهوڪار هئا جو سندن دولت ۽ حشمت جو ساري عرب ۾ دٻدٻو هوندو هو، قريش جي تجارت جا مرڪز شام، يمن، حبش، فارس ۽ مصر هئا، هو سال ۾ ٻه دفعا سفر ڪندا هئا، موسم آهر گرمين ۾ شام ويندا هئا، ۽ سياري ۾ يمن، قريش اوڀر ۾ عراق ۽ بحرين تائين، اتر ۾ شام ۽ ايشيا ننڍي کنڊ تائين، ڏکڻ ۾ يمن ۽ ڪويت تائين اچڻ وڃڻ لڳا، هو ڪپڙو، چمڙو، سڪل ميوو، اسلج، عطر ۽ سينگار جي سامان سان گڏ اناج ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون شيون به آڻيندا هئا، ان وقت رستا خطرناڪ ۽ لٽمار وارا هوندا هئا ۽ واپار مهانگو هوندو هو جنهن ۾ وڏو سرمايو لڳندو هو، ان ڪري قريش گڏيل ڪاروبار ڪندا هئا ۽ مشترڪ سرمائي جي اصول تي ڌنڌو هلندو هو، هڪ شخص ٻين جو سامان به اڌ منافعي تي کڻي ويندو هو، سامان قافلن جي صورت ۾ اُٺن تي ويندو هو. مهينن جا مهينا سفر هلندو هو، ان ڪري کاڌو ۽ پاڻي به گڏ کڻندا هئا، محافظ دستا به قافلن سان گڏ هوندا هئا، ڇو ته بدوي قافلن کي ڦريندا هئا.
حضور اڪرمﷺ جن جي اچڻ تائين قريش جا مشهور واپاري هي هئا:

1. هاشم بن عبدالمناف:
هاشم نه صرف مڪي جو وڏو واپاري هو، پر عرب ۽ سندس پاڙيسري ملڪن ۾ به سندس ثاني ڪونه هو، هن قريشن جي مالي پوزيشن مضبوط ڪرڻ لاءِ واپار کي زور وٺرايو، هن شاهه حبش ۽ ٻين ملڪن جي بادشاهن کان پروانا حاصل ڪيا ته عربن جي تجارتي مال تي محصول نه ورتو وڃي. ان ڪري قريشن جي تجارت کليل رهجي ويئي ۽ ترقي ڪرڻ لڳي، هن عرب جي ڪنڊڪڙڇ ۾ وڃي، هر قبيلي جي سردار سان ملاقات ڪري، معاهدو ڪيو ته قريشن جي تجارتي قافلن کي ڪوبه نقصان نه پهچندو ۽ هر هڪ ڌر جا ماڻهو، ضرورتن جون شيون کڻي، هڪٻئي وٽ ويندا.( ) اهڙي طرح هاشم جو وقار عرب دنيا ۾ وڌي ويو، هو ”ملڪ التجار“ بنجي ويو ۽ سندس سرداري جو سڪو، سڄي عرب تي قائم ٿي ويو، خود قيصر روم به سندس عزت ڪندو هو، هاشم جو واپاري مرڪز شام هو، ابن هشام لکي ٿو ته، ”هو يمن ۽ شام ڏانهن واپار لاءِ ويندو هو.“

2. عبدالشمس:
هن جي واپا رجو مرڪز حبش هو.

3. عبدالمطلب:
حضرت عبدالمطلب حضورﷺ جن جو ڏاڏو ۽ هاشم جو پٽ هو، پاڻ وڏو تاجر هو، سندس واپار جو مرڪز يمن هو، کيس ڪيترائي پٽ هئا جن سان حضرت ابوطالب، حضرت عباس ؐ حضرت عبدالله ؐ ۽ ابولهب وڏا واپاري هئا.

4.نوفل:
هن جي تجارت جو مرڪز فارس هو.
ابوسفيان، اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ ۾ شام ۾ ۽ عمرو بن العاص مصر ۾ واپار ڪندا هئا، حضرت ابوبڪر ؐ هڪ طرف يمن تائين ۽ ٻئي طرف شام تائين واپار لاءِ ايندا ويندا هئا، حضرت عمر ؐ اسلام کان اڳ عراق ۽ شام تائين واپار ڪيو ۽ اتي عرب ۽ عجم جي بادشاهن سان مليو.( )
ان دور ۾ عربستان ۾ ڪيترائي تجارتي مرڪز هئا، جن مان يمن، عدن، فجل حجاز، مڪو، جدو ۽ خيبر مشهور هئا، مڪو تجارت جو خاص مرڪز هو. هتي قريشن جا وڏا وڏا واپاري رهندا هئا ۽ يمن، شام، عراق، مصر وغيره کان تجارتي قافلا هت ايندا هئا، جدو به مڪي جي ويجهو، هڪ تجارتي شهر هو، جتي بحري تجارت جو چرچو هو ۽ هتان بحري جهاز حبش، مصر، آفريقا ۽ هندستان ويندا هئا، ان دور ۾ عرب جي سرزمين ۾ ڪيتريون ئي تجارتي بازارون هيون، جهڙوڪ سوق هجر، سوق محار، سوق صنعا، سوق حضر موت، سوق عڪاظه وغيره عڪاظه تمام مشهور واپاري بازار هئي، جنهن جو افتتاح طائف ۾ ذوالقعد جي پهرئين تاريخ تي ٿيندو هو ۽ پورو هڪ مهينو ويهه ڏينهن هي بازار کليل رهندي هئي، هتي پري پري کان واپاري اچي تنبو هڻي مال وڪرو ڪندا هئا. هتان جي واپارين کان هڪ خاص قسم جو ناڪو به ورتو ويندو هو، جنهن کي عرب ”تڪمند“ چوندا هئا، هت شاعرانه محفلون به ٿينديون هيون ۽ انسانن جو واپار به هلندو هو، قديم عربن جي سياسي، سماجي ۽ ادبي زندگي ۾ هن ميلي کي وڏي اهميت هئي، ان کان سواءِ سوق مخبته به مڪي جي ويجهو هڪ منڊي هئي.

(ث) حضورﷺ جن جي تجارتي قافلن ۾ شموليت:
حضرت محمدﷺ جن جو سارو خاندان واپار جي ڌنڌي ۾ مشغول هو، ان ڪري پاڻ به ان طرف متوجهه ٿيا، جڏهن پاڻﷺ 12 سالن جا هئا، تڏهن پنهنجي پياري چاچي حضرت ابوطالب سان، تجارت لاءِ شام ويا، شام ان وقت بازنطيني حڪومت جي قبضي ۾ هو، اها حڪومت ان وقت ايشيا ۽ آفريڪا جي سڀ کان طاقتور حڪومت هوندي هئي، ان کان پوءِ 16 سالن جي عمر ۾ هڪ تجارتي قافلي سان پنهنجي چاچي زبير بن عبدالمطلب سان گڏ يمن ويا، هن سفر ۾ سندن ساٿين جي ڪامياب تجارت ٿي. 20 سالن جي عمر ۾ حضرت ابوبڪر (ؐ) سان گڏ شام به ويا( ) ان وقت پاڻ سڳورن تجارت جي فن کان واقف ٿيڻ لاءِ، اهي نجي سفر ڪيا ۽ تجارتي ڍنگ ۽ واپاري منڊين جي ماحول کان واقف ٿيا.

(ج) ڀائيواري تجارت:
جڏهن پاڻ سڳورا تجارت مان چڱيءَ طرح واقف ٿيا، تڏهن هڪ تجارتي ايجنسي قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيائون، ان زماني ۾ عرب ۾ دستور هوندو هو ته، ماڻهو ڪنهن ايماندار سرگرم ۽ تجربيڪار شخص کي انهيءَ شرط سان پنهنجي ڪاروبار ۾ شريڪ ڪندا هئا ته، هو انهن جو مال ٻاهر کڻي وڃي وڪرو ڪري ۽ ان جي نفعي مان مقرر مقدار ۾، نفعو وٺي جيئن ته پاڻ (ﷺ) سڳورن جي شرافت پاڪيزگي، امانت ۽ ديانت کان هرڪو واقف هو، ان ڪري ماڻهو کين پنهنجو مال وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏيڻ لڳا، جنهن ڪري کين وڏو منافعو ملڻ لڳو، ان شروعاتي دور ۾ عبدالله بن ابي حضرت سائب ۽ قيس به سندن ڀائيوار هئا. پاڻ (ﷺ) جن تاجرانه ديانتداري جو نهايت بلند معيار قائم ڪرڻ فرمايو، وعدي جي پابندي ۽ ساک پت کي حضورﷺ جن سدائين سامهون رکيو، حضرت عبدالله بن الحساءَ جو چوڻ آهي ته، ”بعثت نبوي کان اڳ، رسول اڪرمﷺ سان ڪجهه خريد و فروخت جو معاملو ڪيو ويو هو، ڪجهه طئي ٿيو هو ۽ ڪجهه ٿيڻو هو، ليڪن رهجي ويو ۽ مون کي ڪنهن سخت ڪم سبب وڃڻو پيو، کين گذارش ڪيم ته، ”ٿورو ترسو، اجهو آيس.“ پر مون کي واپس اچڻ وسري ويو ۽ ٽن ڏينهن تائين نه آيس، مون کي وسري ويو ته مون ڪو اهڙو وعدو ڪيو آهي، ٽئين ڏينهن واپس اچڻ تي حيران ٿي ويس ته، پاڻ (ﷺ) ساڳي هنڌ تي منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا، مان ڏاڍو لڄي ٿيس، پاڻ ناراض نه ٿيا، صرف ايترو چيائون ته، ”اوهان مون کي وڏي تڪليف ڏني.“( )
ساڳي طرح، سائب نالي، هڪ ماڻهو، جڏهن مسلمان ٿي، سندن خدمت ۾ آيو، تڏهن ماڻهن ان جي تعريف ڪئي، پاڻ فرمايائون ته، ”مان کيس وڌيڪ سڃاڻان ٿو.“ سائب چيو ته، ”اوهان تان منهنجا ماءُ پيءُ قربان ٿين، اوهان منهنجا واپار ۾ ڀائيوار هئا پر سدائين معاملو صاف رهيو.“
قيس بن سائب به سندن ڀائيوار هو، هن جو چوڻ آهي ته، مون جاهليت جي دور ۾ حضور جهڙو، ٻيو ڀائيوار نه ڏٺو، اسان جڏهن سامان کڻي واپس ايندا هئاسون ته هو، اسان جو استقبال ڪندا هئا ۽ صرف خير صلاح پڇي گهر هليا ويندا هئا ۽ حساب ڪتاب لاءِ ڪابه حجت ۽ تڪرار نه ڪندا هئا، حالانڪ ٻيا ماڻهو، سڀ کان پهرين پنهنجي مال ۽ نفعي بابت پڇا ڪندا هئا، ان جي ڀيٽ ۾، جيڪڏهن حضورﷺ پاڻ اسان جو سامان کڻي ويندا هئا ته، واپس اچڻ کان پوءِ جيستائين پائي پائي جو حساب چڪتو نه ڪندا هئا، تيستائين گهر نه ويندا هئا ان ڪري ئي اسان ۾ هو ”الامين“ جي لقب سان ڄاتا ويندا هئا.( ) اهڙي طرح پاڻ سڳورن جي تجارتي ساک سڄي عرب ۾ قائم ٿي ويئي ۽ الحساءَ جا رهاڪو به اچي سائڻ ڀائيواري ڪرڻ لڳا جو ايمانداري جي ڪري پاڻ (ﷺ) سڳورا، کين وڏو نفعو پهچائيندا هئا، سندن حسن معامله امتيازي، سچائي ۽ پاڪيزه اخلاق جي شهرت مڪي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي ۽ پاڻ ”الامين“ ۽ ”الصادق“ سڏجڻ لڳا.
ان زماني ۾ مڪي ۾ هڪ چاليهه ساله عورت حضرت بي بي خديجه (ؒ) هئي جيڪي شهر جي دولتمند ماڻهن مان هئي، هو تاجره ۽ طاهره جي لقبن سان مشهور هئي، کيس عرب جي واپارين ۾ وڏو مقام حاصل هو، سندس وڏو ڪاروبار هلندو هو، مڪي کان روانو ٿيندڙ قافلن ۾ سندس مال سڀني قريشن جي مال کان وڌيڪ هوندو هو. وٽس سوين ملازم هئا.( ) ايڏي وڏي مالدار ۽ ڪاروبار واري شخصيت کي ڪنهن لائق ماڻهو جي تلاش رهندي آهي ۽ ان جي قدرداني ۽ امداد کي ڪاروبار لاءِ تمام ضروري سمجهيو ويندو آهي، جيئن ته حضورﷺ جن جي قابليت ۽ تاجرانه صلاحيت جو ساري قريش کي اعتراف هو، ان ڪري ”تاريخ طبري“ موجب بيبي خديجه (ؒ) پاڻ (ﷺ) سڳورن کي چوائي موڪليو ته، ”اوهين لائق ۽ شريف ماڻهو آهيو، مون وٽ ڪم ڪريو، ٻين کان اوهان کي ٻيڻو ڏيندس.“ پاڻ (ﷺ) حضرت خديجه (ؒ) جي انهيءَ پيشڪش کي وڏي خوشي سان قبول ڪيو، ان وقت سندن عمر مبارڪ 23 سال هئي.

(د) حضرت محمدﷺ جي تجارت:
حضرت بيبي خديجه (ؒ) ميسره کي حضورﷺ جو غلام ۽ حزيمه کي مال جو نگران مقرر ڪري، پاڻ (ﷺ) سڳورن کي هڪ وڏي تجارتي قافلي جو امير بنائي شام موڪليو، قافلي جي روانگي وقت ميسره پاڻ سڳورن کي هڪ قيمتي خلعت پهرائي، سڀ کان اڳئين اُٺ تي ويهاري، پاڻ مهار وٺي، پيادل روانو ٿيو، ابوجهل جيڪو ان وقت قافلي ۾ موجود هو، اهو ڏسي سڙي ويو ۽ ميسره کي چيائين ته، ”اي ميسره تو هي ڇا ڪيو؟ هڪ گهٽ عمر ڇوڪري کي، اڳواڻ ڇو ڪيو اٿئي، جنهن جو هي ٻيو سفر آهي؟ ان کي ٿلها ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏي ۽ محنت وارو ڪم وٺيس، ته جيئن کيس سفر جي تڪليفن جي خبر پوي.“ ميسره کيس جواب ڏنو ته، ”مان تنهنجو غلام نه آهيان، جو تنهنجي چوڻ تي عمل ڪريان، مون کي جيڪو حڪم پنهنجي مالڪه جو هوندو مان ايئن ئي ڪندس.“ آخر هي تجارتي قافلو بصره آيو، جيڪو شام جي واٽ تي پهريون تجارتي مرڪز هو، جتي ٻئي ڏينهن بازار لڳائي ويئي، هت پاڻ سڳورن (ﷺ) جو سمورو سودو، وڏي نفعي سان وڪرو ٿي ويو ۽ بيبي صاحبه کي هر سال کان ڏهوڻو نفعو ٿيو، جڏهن سڄو مال وڪرو ٿي ويو، تڏهن پاڻﷺ جن بصري مان اناج کڻي واپس مڪي ۾ آيا ۽ اچي وڪرو ڪيائون.( ) ان کان پوءِ پاڻ هڪ تجارتي قافلي سان ”سوق جياشبه“ ويا، هي جاءِ ٿامه ۾ آهي، جيڪو مڪي جي ڏکڻ ۾ ستن ڏينهن جي مفاصلي تي آهي، اتي رجب جي مهيني ۾ 3 ڏينهن ميلو لڳندو هو، ابن سيدالناس جي روايت آهي ته، ”بي بي خديجهؒ، پاڻ سڳورن کي ٻه دفعا سامان تجارت ڏيئي ”جماشه“ به موڪليو هو.“ جماشه مڪي ۾ اتر طرف طائف کان ڪجهه اڳتي، يمن ڏانهن هڪ اهم مقام هو، جتي وڏي بازار لڳندي هئي، پاڻﷺ جن هن واپار مان وڏو نفعو ڪمايو، ان ڪري بيبي صاحبه کين گهڻو سامان ڏيئي پرانهين علائقي فلسطين ڏانهن روانو ڪيو، پاڻ شام ۽ بصري تائين ويا، هن واپار ۾ سندنﷺ حسن، تدبر، ديانتداري ۽ گراهڪن سان سهڻي سلوڪ ڪري کين ٻيڻو نفعو حاصل ٿيو، ان ڪري بيبي صاحبه خوش ٿي کين ٻيڻو معاوضو ڏنو، جيڪو ٻن اُٺن تي مشتمل هو.
حضرت بيبي خديجه (ؒ) سان نڪاح ڪرڻ کان پوءِ سارو ڪاروبار سندن حوالي ڪيو ويو، ان ڪري پاڻ پوريءَ طرح واپار ڏانهن متوجه ٿيا، حضورﷺ مالڪ جي حيثيت سان سڄي تجارتي قافلي جي قيادت ڪندا هئا، هڪ موسم ۾ شام، بصري ۽ ايشيا ڏانهن ويندا هئا ۽ ٻي موسم ۾ يمن، بحرين، الجسا، ڪويت، ۽ مسقط تائين وڃي مال جي خريد فروخت ڪندا هئا، اتر ۾ بحر مردار جي ڪناري ۽ بندرگاهن ۽ ايراني نار جي مشهور شهرن ۽ اتان جي بحري تجارت جو مشاهدو ڪيائون، بحرين عرب جو هڪ نهايت زرخيز علائقو آهي، جيڪو ايراني نار جي ڪناري تي آهي، پاڻ اوڏانهن به تجارتي قافلي سان ويا، روايتن ۾ اچي ٿو ته، نبوت کان پوءِ جڏهن بحرين جو هڪ وفد وٽن آيو، تڏهن پاڻ کانئن بحرين جي هڪ هڪ جاءِ جو نالو وٺي پڇڻ لڳا، تڏهن انهن حيران ٿي پڇيو ته ”اوهان ته، اسان جي ملڪ جو حال اسان کان به وڌيڪ ڄاڻو ٿا.“ پاڻ فرمايائون ته، ”مون اوهان جي ملڪ جو چڱي طرح سير ڪيو آهي.“( ) مسند امام بن حنبل ج: چوٿين مان معلوم ٿئي ٿو ته ”پاڻ شادي کان پوءِ بحرين ۽ حبش به ويا، ان وقت پاڻ اُن جو واپار ڪندا هئا.“ ابن سيدالناس لکي ٿو ته، ”پاڻ مڪي جون کلون، چمڙو ۽ اناج کڻي شام يمن ۽ بحرين ويندا هئا، ڇو ته عرب جو چمڙو دنيا ۾ بهترين قسم جو هوندو هو ۽ اهو واپار صرف مڪي جي قريش جي هٿ ۾ هو، بحرين مان پاڻ اناج آڻيندا هئا، ان کان سواءِ يمن ۽ شام کان ڪپڙو ۽ قيمتي چادرون جيڪي ان وقت بهترين چادرون سمجهيون وينديون هيون، ٻين علائقن ۾ وڪرو ڪندا هئا، ٿانوَ ۽ موتي وغيره به آڻيندا هئا ۽ اهي مڪي ۽ ٻين شهرن ۾ وڪڻندا هئا.“ مشهور محقق ڊاڪٽر حميدالله پاڻ سڳورن(ﷺ) جي ”تجارتي سفر“ بابت لکي ٿو ته، ”حضورﷺ جن ڪيترائي دفعا واپاري قافلن سان يمن ويا ۽ هڪ ٻه دفعا عمان به ويا، جيڪو قبيلي عبدالقيس جو علائقو هو، پاڻ اتي ”ديا“ جي بين الاقوامي تجارتي ميلي جي سلسلي ۾ آيا، جنهن لاءِ ابن الڪلبي لکي ٿو ته، ”عمان ۾ ”سوهار“ جو ميلو لڳندو هو. پاڻ سڳورا مشقر کان پهرين رجب تي روانا ٿيا ۽ 20 رجب تي سوهار پهتا ميلو 5 ڏينهن جاري رهيو ۽ عمان جي حاڪم الجلندو بن المتڪبر تاجرن تي عشر نافذ ڪيو، ان کان پوءِ ديا ۾ تجارتي ميلو منعقد ٿيو، جيڪو عرب جي ٻن بندرگاهن مان هڪ آهي. سنڌ، هند، چين، مشرق ۽ مغرب جا سوداگر هت ايندا هئا، هي تجارتي ميلو رجب جي آخري ڏينهن ۾ شروع ٿيندو هو. الجلندو هتان جي واپارين تي به ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو ڪئي هئي.“ ان کان پوءِ پاڻ يمن، شام، فلسطين ۽ حبش به ويا هن شهرن جي منڊين ۾ مختلف ملڪن جا ماڻهو به ايندا هئا، جن کان پاڻ سونهارا واقف ٿيا، جن مان هند ۽ سنڌ جا ماڻهو به هئا مديني ۾ جڏهن، قبيله بنو حارث جو هڪ وفد ساڻن ملڻ آيو، تڏهن پاڻ کين ڏسي فرمايائون ته، ”هي ماڻهو ڏيک ويک ۾ هندي (رجال الهند) ٿا معلوم ٿين.“( )
بهرحال وحي نازل ٿيڻ تائين، اٽڪل چوڏهن سال پاڻ سڳورا پوري ڪاميابي ۽ سرگرمي سان تجارت ڪندا رهيا، ان وقت پاڻ سڄي عربستان جي تجارتي حلقن ۾ بلند مقام جا مالڪ هئا ۽ کين ”ملڪ النجار“ سڏيو ويندو هو، اهڙي طرح پاڻﷺ جن تجارت مان انسان جي مزاج شناسي، مزاج داري، گهرجن جي ضرورت، قيمتن جو لاهه چاڙهه، تجارتي منڊيون ۽ تجارتي اصول، گراهڪن ۽ وڪري ڪندڙن جا طور طريقا، انسان جي جبلت، ملڪيت سان محبت، نفعي ڏانهن رغبت، امانت ۽ ديانت، واپاري سفر جون تڪليفون ۽ مصيبتون، مختلف ملڪن جي ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي ۽ گفتگو جا مشاهدا ماڻيا.

(ح) مسلمانن کي تجارت لاءِ تلقين:
اعلان نبوت کان پوءِ نبوي فرائض جي ادائگي ڪري پاڻﷺ جن تجارتي شغل بند ڪري ڇڏيو، پر مسلمانن کي معاش ۽ محنت، تجارت ۽ ڪاروبار جي باري ۾ خاص هدايتون ڏنائون، پاڻ جيئن ته ڪاروباري منافعي ۽ ديانت جو تجربو ڪري چڪا هئا، ان ڪري مسلمانن کي رزق حلال جي تلقين ڪيائون فرمايائون ته، عبات جا ستر جزا آهن، جن ۾ افضل ترين جزو رزق حلال لاءِ، هٿ پير هڻڻ آهي.“ پاڻ معاش ۽ ذريعه گذران تي زور ڏيندي، ارشاد ڪيائون ته، ”روزي پيدا ڪرڻ جهاد جي برابر آهي، جيڪو شخص حلال روزي لاءِ محنت ڪري، ٿڪجي سمهي ٿو الله تعاليٰ به ان کان خوش رهي ٿو ۽ جيڪو ان حالت ۾ مري ويو، ان کي بخشيو وڃي ٿو.“ ان حلال روزي جو راز تجارت ۾ ئي آهي، ان ڪري انهيءَ شروعاتي دور ۾ ڪيترائي نوان مسلمان تجارت ڪري گذران ڪندا هئا، جن ۾ حضرت ابوبڪر ؐ ۽ حضرت عثمان ؐ جا نالا قابل ذڪر آهن، جن تجارت کي هڪ ”اسلامي ذريعه معاش“ قرار ڏيندي، هن ڪاروبار ۾ اهم مقام حاصل ڪيو ۽ اهڙي طرح دولت ڪمائي اسلامي مشن جي مالي مدد ڪري، ان کي دنيا سان روشناس ڪرايو.
حضور اڪرمﷺ جڏهن مڪي شريف کان هجرت ڪري مديني ۾ اچي هڪ فلاحي اسلامي رياست جو بنياد وڌو، تڏهن رياست جي مضبوطي ۽ استحڪام ۽ عوام جي خوشحالي ۽ فارغ البالي لاءِ تجارت کي اهم پيشو بنايائون، ان لاءِ مسلمانن کي خاص طور تي همٿايائون، ڇو ته هي هڪ پيغمبري پيشو آهي ۽ معيشت ۾ به ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو، فرمايائون ته، ”اوهان تجارت ضرور ڪريو، ڇاڪاڻ ته رزق جي ڏهن حصن مان نو حصا تجارت مان ملن ٿا.“ گويا دنيا ۽ آخرت جا فائدا تجارت ۾ آهن. فرمايائون ته، بهترين ڪاروبار تجارت ۽ پنهنجي هٿ جي ڪمائي آهي.“ هينئن به چيائون ته، ”ايماندار واپاري، حشر جي ڏينهن شهيدن، سچارن ۽ نبين سان گڏ اٿندا.“ اهڙي طرح پاڻﷺ جن مسلمانن کي تجارت جي پاڪيزه شيوي ڏانهن مائل ڪيو. تجارت کي فروغ ڏيڻ لاءِ مديني ۾ ڌار بازار تيار ڪئي ويئي جيڪا تمام ڪشادي ۽ وسيع هئي ۽ عهد نبوي ۾ بارونق ۽ تجارتي سرگرمين جو مرڪز هئي. تجارت جي فروغ لاءِ پاڻ عملي قدم به کنيائون، جنهن ۾ سڀ کان اهم سندن هي فرمان هو ته، مديني جي بازار ۾ ڪوبه ٽئڪس ناهي.“ زمانئه جاهليت ۾ خفارن جو نظام ۽ چپي چپي تي ناڪي جي ڪري واپار ۾ وڏي رڪاوٽ هئي، پر ان کي ختم ڪري، مديني ۾ آزادانه آمدني ۽ روانگي جي اجازت ڏيئي، آزاد تجارت جو بنياد وڌائون، جديد معيشت موجب آزادانه بين الاقوامي تجارت نه صرف اقوام مسلم لاءِ پر ساري انسان ذات جي مادي ترقي لاءِ ضروري آهي جنهن ڪري بين الاقوامي طرح شين جي قيمتن تي ڪنٽرول رکي عوام کي فائدو پهچائي سگهجي ٿو ۽ ملڪ کي خوشحال بنائي سگهجي ٿو.( )

(خ) تجارتي ۽ نبوي اصول:
حضور اڪرمﷺ هڪ بهترين، سڄاڻ، قابل ۽ برک واپاري هئا، ان ڪري پاڻ سڳورن، ان وقت جي تجارت، جيڪا استحصال ۽ ڦرلٽ جو ذريعو هئي، جي لاءِ اهڙا اصول ۽ ضابطا تيار ڪيا، جو تجارت هڪ نفع بخش ذريعو ۽ معاشرتي سک جو ڪارڻ بڻجي پيئي، حضورﷺ تجارت ۾ مروج غلط رسومات کي ختم ڪري ان کي پاڪ ۽ صاف ڪيو، ان ڏس ۾ ڪوڙ، ٺڳي، دوکي، فريب، وياج، تور ماپ ۾ ڪمي پيشي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز نفع خوري کي حرام قرار ڏنو ۽ مسلمانن کي حڪم ڪيو ته، اهي پنهنجي تجارت کي، ان امور کان پاڪ رکن، سندن عملي زندگيءَ مان به معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ تجارت ۾ پاڪيزگي ۽ ايمانداري تي خاص ڌيان ڏيندا هئا، پاڻ سڳورا ذهني طور جيتوڻيڪ بازار کي پسند نه ڪندا هئا پر اوڏانهن صرف ان لاءِ ويندا هئا ته اناج ۽ ٻين وڪري جي شين جو معائنو ڪن ته جيئن مسلمانن جي مارڪيٽ ۾، ملاوٽ جو مال نه هجي ۽ بدديانتي کي دخل نه هجي، پاڻ اتي وڃي، هر شيءِ جي چڪاس ڪري واپارين کي هدايتون ڪندا هئا ۽ قيمتن تي ڪنٽرول رکندا هئا. هڪ دفعي ڏٺائون ته هڪ ماڻهو اَن جو ڍڳ ڪيو ويٺو وڪرو ڪري، ان ۾ اندر هٿ وجهي ڏٺائون ته داڻا پسيل نظر آيا، اهو ڏسي فرمايائون ته، ”خبردار، بدديانتي نه ڪريو.“ اهڙي طرح پاڻ خاص موقعن تي تجارت لاءِ جيڪي هدايتون ۽ حڪم ڪيائون سي، اسلام جا زرين تجارتي اصول آهن، جن ۾ انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهبودي جو راز سمايل آهي. جهڙوڪ:

1. واپار ۾ ناجائز نفعي ۽ ٻيڻي ڪمائي لاءِ ڪوڙن قسمن کڻڻ جي قبيح رواج کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيائون ته، ”واپار ۾، گهڻن قسمن کڻڻ کان بچو، ڇو ته اهڙو ماڻهو هڪ طرف ڪمائي ٿو ۽ ٻئي طرف کان وڃائي ٿو.“ فرمايائون ته، ”ڪوڙي قسم بروقت ته فائدو ڏي ٿي پر اها هميشه لاءِ نقصانڪار آهي.“
2. تجارت جو بنياد، باهمي رضامندي تي آهي، پاڻ سڳورن ان ڪري تجارت کي دغا، فريب ۽ غلطي کان بلڪل آزاد قرار ڏنو. فرمايائون ته، ”تنهنجي امت کي ان ذميداري کان آزاد ڪيو ويو آهي جيڪا فريب ۽ غلطي جي ڪري وجود ۾ اچي ٿي دوکي ۽ فريب کان بچائڻ لاءِ فرمايائون ته، ”وڪرو ڪندڙ شيءِ سودي وقت موجود هجي ۽ معائني لاءِ پيش ڪئي وڃي، جي ان وقت اها موجود نه هجي ۽ پوءِ پيش ڪئي وڃي ته اُن صورت ۾ سودي وقت ان جون خوبيون ۽ خاميون ٻيئي بيان ڪيون وڃن.“ پاڻ فرمايائون ته، ”وڪري ڪرڻ واري شيءِ ۾، ڪو عيب هجي ته اهو خريدار تي واضح ڪيو وڃي. جيڪڏهن عيب ظاهر نه ڪيو ويو هجي ۽ خريدار کي شيءِ وٺڻ کان پوءِ ان جو عيب معلوم ٿئي ته، خريدار کي اهو حق پهچي ٿو ته، هو سودو ختم ڪري ڇڏي.“
3. حضور ﷺ، سٽي بازي، جوئا بازي ۾ پُکي وارن سودن جي رواج کي ختم ڪيو، مديني ۾ رواج هو ته، تاجر شهر کان ٻاهر وڃي هڪ خاص جاءِ تي ٻاهران آيل سوداگرن سان اتي ئي سودو ڪري ايندا هئا، اهڙي طرح اصلي مالڪ کي نقصان پهچندو هو، پاڻ سڳورن اهڙي قسم جي واپار کي ممنوع قرار ڏنو ۽ حڪم ڪيائون ته، ”ٻاهريون سوداگر، منڊي ۾ مال آڻي ۽ اتان جي مروج نرخ مطابق مال وڪرو ڪري.“ پاڻ اهڙي مال تي واڪ ڏيڻ کان به منع ڪيائون، جيڪو اڳ ۾ ڪو ٻولي چڪو هجي، جيڪڏهن وڪڻندڙ ۽ وڻندڙ جي وچ ۾ ڪنهن شيءِ تي جهڳڙو ٿي پوي ۽ اها شيءِ به ان وقت موجود هجي ته گراهڪ کي اختيار آهي ته شيءِ خريد ڪري يا نه ڪري، جيڪڏهن هو خريد ڪري ته جهڳڙو ختم، جي هو خريد نه ڪري ته اها شيءِ دڪاندار کي واپس وٺڻي پوندي.
4. پاڻﷺ هي تجارتي اصول به نافذ ڪيو ته، ”نفعي ۽ نقصان ۾ ٻيئي ڌريون ٻڌل رهنديون، جي هڪ ماڻهو کي نفعو پهچي ۽ ٻئي کي نقصان پهچي ته اهو سودو منسوخ ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن وڻ ۾، لڳل ميوو ڪنهن قدرتي آفت سبب تباهه ٿي وڃي ۽ هو ان کي حاصل نه ڪري سگهي ته خريدار کي هي حق آهي ته، هو ڪڻندڙ کان ڏنل پئسا واپس وٺي سگهي ٿو.“
5. هڪ ٻيو به خاص تجارتي اصول جاري ڪيائون ته، ”نفعو ذميداري سان ملي ٿو.“ فرمايائون ته، ”جيڪڏهن هڪ ماڻهو ٻئي کان غلام خريد ڪري ٿو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ ان غلام جو ڪو عيب ظاهر ٿي پوي ٿو ۽ هو وڪڻندڙ کي واپس ڪري ٿو ته، وڪڻندڙ واپس وٺڻ لاءِ ٻڌل رهندو. پر ان وچ ۾ غلام جيڪو ڪم ڪيو هوندو، ان جو اجورو خريدار کي ملندو، ڇو ته ان کيس کارايو، پياريو، پهرايو ۽ ان جو جوکم به کنيو.
6. حضرت محمدﷺ احتڪار ۽ اڪتناز کان به منع ڪئي، اختڪار جي معنيٰ آهي اناج ۽ ٻين شين کي هٿرادو طريقي سان اڻاٺ ۾ آڻڻ ۽ اڪتناز جي معنيٰ آهي دولت جو چند ماڻهن جي هٿن ۾ جمع ٿيڻ، ذخيره اندوزي جي منع ڪيائون فرمايائون ته، ”جيڪو اناج چاليهه ڏينهن، ان نيت سان لڪائي رکي ته اگهه وڌيڪ ٿئي، پوءِ وڪرو ڪريان اهو اسان مان نه آهي.“ حضرت عمر ؐ کان روايت آهي ته، پاڻ سڳورن فرمايو ته، ”تاجر کي الله تعاليٰ جي طرفان رزق ڏنو وڃي ٿو ۽ اناج کي مهانگائي جي خيال کان لڪائڻ ۽ بند ڪرڻ وارو ملعون آهي.“
7. پاڻ سڳورنﷺ ملاوٽ جي معاشي ۽ سماجي برائي کي روڪڻ لاءِ حڪم ڪيو ته ”فليس منا“ جنهن ملاوٽ ڪئي، اهو اسان مان نه آهي.
8. پاڻ چوپائي مال جي ان واپار جي به منع ڪيائون، جيڪو ڦر ماءُ جي پيٽ ۾ هجي، ۽ ميوو پورو پڪو نه هجي، اهڙو مادي جانور جنهن جو کير ٻه يا ٽي ڏينهن اڳ نه ڏڌو ويو هجي، تازين کارڪن جو خشڪ کارڪن سان سودو ڪرڻ، يا انهن کارڪن جو، جيڪي ڍڳ جي صورت ۾ موجود هجن، توريل کارڪن سان سودو ڪرڻ جو ايئن ڪرڻ ٺڳي، سَٽو ۽ بي ايماني آهي جنهن جي اسلامي معاشري ۾ ڪابه گنجائش نه آهي.
9. وهندڙ پاڻي کي روڪڻ ۽ ملهه وڪڻڻ جي منع ڪيائون ۽ ان لاءِ ڪنهن به قسم ۽ سوديبازي ڪرڻ جي ممانعت فرمايائون،سندن ارشاد آهي ته، ”پاڻي ڪناري واري آبادين جي ملڪيت آهي. البته هڪ ماڻهو پنهنجي پوک کي پاڻي پهچائڻ لاءِ تيستائين ان کي روڪي ٿو سگهي، جيستائين سندس پوک ۾ اهو پاڻ ٻنيءَ تائين نه پهچي.“
10. زمين جي تجارت لاءِ حڪم ڪيائون ته، ”اهڙو زمين جو ٽڪرو جنهن تي اڳ ڪنهن جو قبضو نه هجي يا ڪنهن آباد نه ڪئي هجي ته پوءِ ٻيو ڪوبه مسلمان اها پوکي سگهي ٿو.( )
مطلب ته پاڻ سڳورن انهن فاسد غلط ۽ مڪروه طريقن ۽ رسمن کي بند ڪري صرف جائز ۽ پاڪيزه طريقه تجارت کي فروغ ڏنو ته جيئن اسلامي معاشري سان غير صالح اجزاءِ مٽجي وڃن. تاريخ شاهد آهي ته، مسلمانن جڏهن، تجارت کي نبوي اصولن هيٺ هلايو ته اهي مسلمان جيڪي جنگ خندق ۾ پيٽ سان پٿر ٻڌي، بکن کان پاهه ٿي، خندق کوٽي رهيا هئا سي زڪوات هٿن ۾ کڻي، گهٽين ۾ محتاجن کي ڳوليندا ٿي ويا ته کين ڪو وٺڻ وارو ڪونه ٿي مليو، ڇو ته هرڪو صاحب نصاب هو، حضرت عبدالرحمان بن عوفؐ، حضرت ابوهريرهؐ، حضرت عثمانؐ، حضرت ابوبڪرؐ، حضرت زبيرؐ، حضرت طلحه ؐ اهي سڀ واپاري هئا ۽ وڏا دولتمند هئا، انهن حضورﷺ جن جي عظيم شاندار تجارتي اصولن تي عمل ڪري تجارت کي وقار بخشيو هو.

(ماهوار نئين زندگي نومبر 1986ع ۾ ڇپيل)

حضرت محمدﷺ جن جو نظام تعليم

تعليم، انسان جي بنيادي ضرورتن مان هڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسلام ۾ تعليم تي زور ڏنو ويو آهي، قرآن شريف جيڪو اسلامي تعليم جو سرچشتمو آهي، ان جي شروعات ”اقراءَ“ سان ٿئي ٿي، جنهن جو مطلب ئي آهي پڙهه. ان کان سواءِ قرآن شريف ۾ علم جي اهميت لاءِ ڪيترائي دفعا ذڪر آيو آهي. مثلاً سورت العنڪبوت ۾ آهي ته ”اسان انهن مثالن کي ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ۽ انهن کي علم وارا سمجهندا.“ سوره فاطر ۾ آهي ته ”خدا کان اهي ئي ڊڄندا، جيڪي علم وارا هوندا.“ سوره زمر ۾ آهي، ”ڇا علم وارا ۽ جاهل هڪجهڙا آهن.“ هنن قرآني آيتن ۾ تعليم جي اهميت جو جنهن نموني ذڪر ڪيو ويو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته، اسلام جو بنياد ۽ مقصد ئي جهالت کي ختم ڪرڻ ۽ انسان کي علم جي زيور سان آراسته ڪرڻ آهي.
هيءَ حقيقت آهي ته اسلام کان اڳ عرب هڪ اڻ پڙهيل قوم هئي، ان ڪري ٻيون قومون ان کي اُمي چونديون هيون، هو عام طرح لکڻ پڙهڻ ڪين ڄاڻندا هئا، ايتري قدر جو انهن جي ڪابه مرڪزي زبان ڪين هئي، عرب جي هر قبيلي جي ٻوليءَ هڪ ٻئي کان جدا هئي ۽ انهن جي زبان ۾ ايتري قدر اختلاف هو جو هڪ قبيلو ٻئي قبيلي جي ڳالهه ٻولهه سمجهي ڪين سگهندو هو، خصوصاً يمن ۽ جنوبي عرب جي زبان شمالي عرب ۽ قريش جي زبان کان مختلف هئي، حضرت عيسيٰ (ؑ) جي ڄمڻ کان ڪيترائي سال اڳ سبا ۽ حميري قبيلن جي دور ۾ جنوبي عرب جو تمدن اوج تي هو ان وقت هتان جي بادشاهن هڪ رسم الخط ”مسند“ نالي ايجاد ڪيو هو، جيڪو ”خط حميري“ جي نالي سان سڏبو هو، هي رسم الخط صرف بادشاهن ۽ اميرن جي يادگار جنگين ۽ مخصوص حڪمن لکڻ لاءِ هو، عوام ۾ ان جو رواج ڪين هو، آثار قديمه وارن کي جيڪي ڪتبا هٿ آيا آهن، تن تي صرف اميرن جا حڪم ۽ جنگين جو اعلان تحرير ٿيل آهي، ان وقت عرب ۾ تعليم محدود هئي ۽ هڪ مخصوص طبقو تعليم حاصل ڪري سگهندو هو ڇو ته حميري خط ڏاڍو مشڪل هو ۽ پٿر تي لکيو ويندو هو، مڪي ۽ ان جي پسگردائي ۾ جيڪي ميلا لڳندا هئا ۽ انهن ۾ مختلف قبائلي شاعر ”عڪاظه“ جي ميدان تي اچي شعر پڙهندا هئا، تن کي سڀ ماڻهو سمجهندا هئا، اهڙي طرح اسلام کان اڳ مڪي جي قريشن جي زبان کي هڪ مرڪزي حيثيت حاصل هئي، ان جو سبب هي آهي ته ان موقعي تي سڀيئي قبيلا حاضر ٿيندا هيا ۽ خود هتان جي قريشن جو تجارتي لحاظ کان انهن ماڻهن سان واسطو به هو، ان ڪري اها زبان بنيادي مقبوليت حاصل ڪري ويئي، جنهن کي اڳتي هلي، مرڪزي حيثيت جو درجو مليو.( )
جڏهن حضرت محمدﷺ کي غار حرا ۾ ”پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، جو حڪم مليو، تڏهن پاڻ سڳورن مڪي شريف ۾ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، هن پهرئين وحي کي اسلامي تعليم جو سنگ بنياد قرا رڏنو، ان کان پوءِ حضور جن بازار ۽ چوڪ ۾ تعليم ۽ تبليغ جا فرائض انجام ڏيڻ لڳا، گويا مذهبي تعليم عربن لاءِ هڪ باقاعده تعليمي درس بنجي ويئي، جن سندن تعليم کي حاصل ڪيو، سي خاص طور مستفيض ٿيا، پاڻ نه صرف کين مذهبي ۽ انقلابي تعليم ڏني، پر سندن عملي تربيت به ڪئي، اهو مسلمانن جو شروعاتي دور هو، هنن ان وقت قرآن شريف جون آيتون ۽ سورتون پڙهي هڪ طرف مذهبي تعليم ورتي ته ٻئي طرف علمي دنيا ۾ فصاحت ۽ بلاغت به حاصل ڪئي، اهڙي طرح هو معلم ۽ مبلغ به ٿيا ته وري بهادر جرنيل بينظير مدبر ۽ قابل سياستدان به ٿيا، ڇو ته قرآن شريف جي ذريعي حضور جن، اخلاق و آداب، معاشرت ۽ تمدن جي تعليم ڏني ۽ سندن عملي تربيت ڪئي، ان وقت هيٺين جاين کي تعليمي مرڪزن جي حيثيت حاصل هئي، جتي ٻار ٻچا، پوڙها ۽ جوان هر وقت کليل خواه مخفي تعليم وٺندا هئا.

(1) دار رسول
هتي حضور جن بذات خود درس ڏيندا هئا.

(2) دارعم هاني (ؐ)
هي حضور جن جي پڦيءَ جو گهر هو، جتان معراج جو واقعو ٿيو، خصوصاً عورتن کي حضور جن وحي واريون ٻڌايل آيتون ياد ڪرائيندا هئا.

(3)دار ابوطالب (ؐ)
هي حضور جن جي چاچي جو گهر هو، جت به حضور جن پڙهائيندا هئا.

(4)قبه ابوبڪر (ؐ)
هي حضرت ابوبڪر (ؐ) جو گهر هو، جتي هو تعليم ڏيندو هو.( )
مڪي ۾ حج جي موقعي تي مديني جي 12 ماڻهن اسلام قبول ڪري، مديني ۾ وڃي تبليغ ڪئي ته انهن جو تعداد 40 ٿي ويو، انهن هڪ دفعي پاڻ سڳورن کان گهر ڪئي ته اسان کي هڪ اهڙو ماڻهو ڏيو جيڪو مديني ۾ اسان کي تعليم ڏي، ان ڪري حضورﷺ جن حضرت معصب بن عمير (ؐ) کي تعليم ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو، هي مديني ۾ مسلمانن جو پهريون مڪتب هو ۽ حضرت مصعب (ؐ) پهريون استاد هو، جيڪو هن مشن ۾ ڪامياب ٿيو.
جڏهن حضرت محمدﷺ مڪي کان مديني هجرت ڪئي، تڏهن اتي باقاعدي اسلامي رياست جو بنياد پيو ۽ تعليمي نظام کي مڪمل نموني نافذ ڪيو ويو، مديني شريف ۾ پاڻ سڳورن حضرت سعيد بن العاص کي تعليمي امور جو انچارج مقرر ڪيو ۽ جهالت خلاف هڪ ڀرپور مهم شروع ڪئي، ان وقت پاڻ سڳورن هڪ تعليمي پاليسي کي نافذ ڪيو، جنهن جا ٻه پهلو هئا هڪ مستقل نظام تعليم ۽ ٻيو هنگامي نظام تعليم، مستقل نظام تعليم جا ٻه درجا هئا.

(الف) شروعاتي تعليم
حضرت محمدﷺ وٽ ٻارن جي وڏي اهميت هئي، پاڻ فرمائيندا هئا ته، ”ٻار باغ جنت جا گل آهن.“ يعني انهن مان ميٺاج ۽ محبت سان پيش اچڻ گهرجي، پاڻ فرمايائون ته اهي ”اسلامي تحريڪ جا علمبردار آهن.“ ان ڪري سندن تربيت لاءِ والدين تي زور ڏنائون ته ”هر هڪ ٻار سان هڪ جهڙو سلوڪ رکو.“
حضور جن ٻارن جي تعليم لاءِ جيڪو نظام رکيو اهو هو تشدد ۽ سزا کان پاڪ هو، پاڻ سزا لاءِ ستن سالن کان پوءِ جو حڪم ڪيائون ۽ اها به اهڙي طرح جيئن ٻار جي جسم تي ڪوبه نشان نه رهي ۽ سخت قسم جي چماٽ يا بيد جو لڪڻ نه هجي، اهڙيءَ طرح پاڻ سڳورن جسماني سزا جي ممانعت ڪئي.
طريقه تعليم پاڻ سڳورن هي رائج ڪيو جو سوالن کي اهميت ڏنائون، ٻار ۾ ”پڇ پڇ“ جو ذاتي لاڙو هوندو آهي، ان ڪري ٻارن جي سوالن پڇڻ جي عادت کي همٿايائون ۽ فرمايائون ته ”علم صندوق آهي ۽ سوال ان جي ڪنجي آهي.“ پاڻ فرمايائون ته ”علم سيکارڻ وقت سختي نه ڪريو، ننڍن تي جيڪو شفقت نه ٿو ڪري، اهو منهنجي امت مان نه آهي.“
شاگردن کي هدايت ڪيائون ته ”جن کان اوهان علم سکو ٿا تن جي تعظيم ڪندا ڪريو، علم سان گڏ سڪون ۽ وقار به سکو.“
ان دور ۾ شروعاتي تعليم، ننڍڙا ٻار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ وٺندا هئا، ان جو طريقه ڪار هي هو جو هر مسجد جي ڀرسان هڪ مڪتب هوندو هو. مديني ۾ ان وقت 9 مسجدون هيون ۽ 9 مڪتب هئا، حضرت جابر بن عبدالله (ؐ) هجرت جي نائين سال جيڪا تعليمي رپورٽ، پاڻ سڳورن کي پيش ڪئي، تن ۾ اهڙن مڪتبن جو تعداد 2 لک هو.( ) انهن مڪتبن ۾ پڙهائيندڙ استادن کي پگهار به ملندو هو، ابتدائي اسڪولن جو نصاب تعليم هن ريت هو.

(1) القرات ناظره
قرآن شريف جا 30 سيپارا ناظران قرات سان پڙهڻ هي ڪورس 30 ميهنن جو هوندو هو.

(2) النسخ (لکڻ جو فن سيکارڻ)
هن ڪورس جو خاص استاد حضرت حڪم هو، جنهن جو نالو حضور جن عبدالله رکيو هو، هن کي پاڻ سڳورن جو حڪم هو ته هو مسلمان ٻارن کي لکڻ جو فن سيکاري ڇو ته هو سٺو ڪاتب هو، حضرت عباده بن صامت(ؐ) جو نالو به هن ۾ شريڪ آهي.( )

(3) الحساب
حساب ڪتاب ۽ ڳڻڻ جو فن به سيکاريو ويندو هو، هن جو ڪورس 5 سال هو.( )
پرائمري تعليم جي شروعاتي دور ۾ جنگ بدر ۾ گرفتار ٿي آيل قيدين کان به مدد ورتي ويئي هئي، 70 قيدي جيڪي لکيل پڙهيل هئا پر غربت ڪري فديو نه پئي ڏيئي سگهيا، تن کي حڪم ڪيو ويو ته هڪ هڪ قيدي، مسلمانن جي 10، 10 ٻارن کي پڙهائي، ته کين آزاد ڪيو ويندو. تاريخن ۾ اچي ٿو ته انهن قيدين 70 مسلمان ٻارن کي عربي لکڻ پڙهڻ، گرامر ۽ حساب سيکاريو اهڙي طرح حضرت زيد بن ثابت ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻارن هنن کان تعليم حاصل ڪئي.

(ب) اعليٰ تعليم
جيڪو ماڻهو ابتدائي تعليم جو هي تعليمي ڪورس پورو ڪندو هو، اهو اعليٰ تعليم جو حقدار ٿيندو هو. ان وقت اعليٰ تعليم ”صفه“ ڇپري ۾ ڏني ويندي هئي جيڪو مسجد نبوي سان ملحق هو ۽ ان ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ”اصحاب الصفه“ چئبو هو. هن صفه ڇپر کي اڄ جي يونيورسٽي جو درجو حاصل هو ۽ هي پهرئين ”اسلامي يونيورسٽي“ هئي، هت بورڊنگ هائوس جو به انتظام هو، جتي ٻاهران ايندڙ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏ کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جو به بندوبست هوندو هو. ان کان سواءِ جيڪي مقامي غريب شاگرد هئا، اهي به هت رهندا هئا. هنن شاگردن جي کاڌي جو حضور جن کي ايڏو اونو هوندو هو جو هڪ دفعي حضور جن جي نياڻي بيبي فاطمه (ؒ) پاڻ سڳورن کان ڪجهه کائڻ لاءِ گهريو، کاڌو گهر ۾ موجود به هو، پر پاڻ اهو نياڻي کي ڏيڻ بدران بورڊنگ هائوس ڏانهن اماڻي، بيبي سانئڻ کي هدايت ڪئي ته ”ڌيءَ صبر ڪر، الله تنهنجو ٻيو بندوبست ڪندو، هي کاڌو اصحاب صفه کي کائڻ لاءِ ڏي.“
صفه يونيورسٽي ۾ ابتدا ۽ اعليٰ تعليم وٺندڙن جو تعداد اول 40 پوءِ ستر، اسي به ٿي ويو ۽ آخري دور ۾ ته اهو وڌي 5-6 سؤ تي پهتو، حضرت ابوهريره، مشهور معلم ۽ حديث جو راوي هن يونيورسٽي جو آخري شاگرد هو.( ) هن تعليمي مرڪز سان پاڻ سڳورن کي ايڏي ته محبت هئي جو هڪ دفعي مسجد نبوي ۾ آيا ڏسن ته ڪي ماڻهو ذڪر ڪري رهيا هئا ته ڪي پڙهي رهيا هئا، پاڻ سڳورن ”مان معلم ڪري موڪليو ويو آهيان.“ چئي تعليم واري شعبي ڏانهن هليا ويا.
صفه يونيورسٽي ۾ حضور جن پاڻ پڙهائيندا هئا، پاڻ عمل جا پيڪر هئا، سندن فعل ۽ ڪردار، قول جو عملي نمونو هو، پاڻ معياري استاد هئا، ان ڪري جيڪي چوندا هئا ان تي عمل ڪري ڏيکاريندا هئا.
اعليٰ تعليم جو انتظام مرڪز کانسواءِ صوبائي حڪومتن ۾ به هوندو هو. مثلاً يمن ۾ جڏهن حضرت معاذ بن جبل گورنر هو، تن ڏينهن ۾ حضرت ابوموسيٰ اشعري اتان جو ناظم تعليم هو. مڪي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ حضرت اسيد (ؐ) کي اتان جو ناظم تعليم مقرر ڪيو ويو. بحرين به حضرت رافع (ؐ) هو، ٻين صوبن جا گورنر پنهنجن صوبن جا ناظم تعليم به هئا ته استاد به هئا. حضرت علي (ؐ) ان کي ان وقت يمن جي مدرسي جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، صفه يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ پڙهائيندڙ استادن کي پگهارون به ڏنيون وينديون هيون.
اعليٰ تعليم جو نصاب هيٺين ريت هو.

(1) شعبهءِ انديوان
هن ۾ عربي زبان، شعر، ادب، نحو ۽ گرامر پڙهايو ويندو هو.

(2) الروايات
هن شعبي ۾ حضور جن پنهنجن قولن جي تعليم ڏيندا هئا.

(3) التفسير
هن شعبي ۾ قرآني علم، تفسير ۽ مسئلا سمجهايا ويندا هئا.

(4) فقهي مسئلا
هن شعبي ۾ قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ روزانه مسئلن کي حل ڪيو ويندو هو.

(5) ڌارين ٻولين جي تعليم جو شعبو
هن ۾ عربي کان سواءِ ٻين ٻولين کي سکڻ جو انتظام هو، جنهن کي حضور جن خود رائج ڪيو. روايت آهي ته، پاڻ سڳورن حضرت زيد بن ثابت (ؐ) کي چيو ته مون وٽ مختلف ملڪن کان خط اچن ٿا، مان اهو پسند نٿو ڪريان ته ان کي هرڪو ئي پڙهي، ان ڪري تون عبراني ٻولي سک. حضرت زيد (ؐ) 17 ڏينهن ۾ اها ٻولي سکي ورتي، مورخ لکن ٿا ته حضرت زيد ؐ عبراني ۽ سرياني سان گڏ فارسي، رومي، قبطي ۽ حبشي زبانون به ڄاڻندو هو. حضرت زيد ترجماني جا فرائض به انجام ڏيندا هئا. اهي ٻوليون آزاد ڪيل غلام سيکاريندا هئا، جيڪي ان قومن سان تعلق رکندا هئا ۽ مديني ۾ موجود رهندا هئا.( ) حضرت زيد (ؐ) سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي اصحابن ڌاريون ٻوليون سکيون ۽ اهي ڌارين ملڪن ڏانهن حضور جن جا خط کڻي ويا، انهن ۾ عمرو بن اميه، عبدالله بن خذافه شجاع بن ذهب ۽ جرير بن عبدالله وغيره اچي وڃن ٿا.
اعليٰ تعليم ۾ قرآن شريف سان گڏ صنعت حرفت فن سياهگيري، فن زراعت، تاريخ ۽ حسابن تي به ڌيان ڏنو ويندو هو. اهو علم خود قرآني هدايتن تحت حاصل ڪيو ويو. مثلاً سامان، جنگ تيار ڪرڻ سان سائنسي علم وجود ۾ آيو، نماز جي اوقات مان قبلي جو تعين، چنڊ، سج ۽ تارن جي اڀرڻ لهڻ جو علم ۽ ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪ جو علم وجود ۾ آيو. جزيه خراج، عشر غنيمت ۽ ورثي جي علم الحساب کي وجود ۾ آندو. ”هر بيماري لاءِ علاج“ جو حڪم ڏيئي، پاڻ سڳورن علم طب ۽ علم صحت کي وجود ۾آندو.( ) هي اعليٰ تعليم ڪيترائي سال هلندي هئي. صحيح مسلم ۾ آهي ته حضرت عمر (ؐ) سورت فاتح جي تفسير ۾ چار سال وقف ڪيا، امام سيوطي، عبدالله بن عباس (ؐ) جو هڪ واقعو لکيو آهي ته ”هڪ يهودي عالم ساڻس مقابلو ڪيو، قرآن جي الفاظ ۽ معنيٰ جي دليل ۾ هن عربي ادب جي شاعري مان مثال گهريا، ان تي حضرت عباس (ؐ) هر حوالي لاءِ اڍائي سو شعر ٻڌايان.“ هن مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت جو معيار تعليم ڇا هو؟ ۽ حضور جن ان ۾ ڪيتري نه دلچسپي وٺندا هئا.

(2) هنگامي تعليم
هن قسم جي تعليم کي موجوده دور ۾ بالغن جي تعليم چئجي ته به برابر آهي، هي تعليم پاڻ سڳورن ”فريضة علم عليٰ کل مسلم و مسلمة“ رائج ڪئي، هن تعليم لاءِ هڪ هنگامي پروگرام مرتب ڪيو ويو، جنهن موجب ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مختلف استاد مقرر ڪيا ويا، اهي استاد انهن صوبن جا گورنر به هئا، ناظم تعليم به هئا ته معلم به هئا، اهڙن استادن ۾ حضرت مصعب (ؐ) حضرت معاذ (ؐ) حضرت ابو موسيٰ (ؐ) حضرت علي (ؐ) وغيره اچي وڃن ٿا، بالغن جي تعليم کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو.

(الف) مردن جي تعليم
مديني شريف ۾ حضور جن هن تعليم جا منتظم اعليٰ به هئا ته مدرس به هئا، سندن تعليم ڏيڻ جو طريقو نفسياتي لحاظ کان ڏاڍو موثر هو، پاڻ نهايت آسان ۽ دلنشين انداز ۾ تعليم ڏيندا هئا. ضروري ڳالهين کي ٽي دفعا دهرائيندا هئا ته جيئن ڪندفهم ماڻهو به انهن کي چڱي طرح سمجهي سگهن، پاڻ هر ماڻهو کي ان جي صلاحيت، عقل ۽ مزاج مطابق تعليم ڏيندا هئا. نهايت آسان زبان ۾ گفتگو ڪندا هئا ۽ سمجهائڻ لاءِ عام ڳالهين کي به پاڻ ۾ ملائيندا هئا. سندن مڪتب ۾ جاهل ۽ بدو عرب اڪثر ڪري ايندا هئا، جيڪي اسڪول جي آداب کان بنهه ڪورا هئا ۽ نهايت خراب نموني گفتگو ڪندا هئا، پر پاڻ انهن جي سوالن کي نهايت تحمل ۽ ٿڌي دل سان ٻڌائيندا هئا ۽ انهن جي ذهنيت ۽ مزاج مطابق تسلي بخش جواب ڏيئي کين مطمئن ڪندا هئا.
پاڻ سڳورن بالغن جي تعليم جو اهڙو ته بهترين انتظام رکيو، جنهن جو نظير تاريخ ۾ ملڻ محال آهي. مديني ۾ جيڪي مقامي ماڻهو هئا، اهي ته مقرر وقت تي تعليم وٺندا هئا، پر مديني کان ٻاهر جيڪي ماڻهو رهندا هئا ۽ زراعت جو ڪم ڪندا هئا، تن وارابندي ڪئي، هڪ ڏينهن هڪ سنگتي اچي تعليم وٺندو هو ۽ هو وڃي اهو علم ٻئي ساٿي کي سيکاريندو هو. ٻئي ڏينهن ٻيو اچي تعليم وٺندو هو ۽ اهي ساڳيون ڳالهيون پنهنجي دوست کي ٻڌائيندو هو، اهڙي طرح هڪ ٻئي کي حضور جن جي تعليم کان واقف ڪندا هئا، اهڙن ماڻهن ۾ حضرت عمر ؐ به هو، جنهن جو هڪ انصاري سان اهڙو معاهدو هو.
بالغن جي تعليمي نصاب ۾ چار حصا هئا، پهرئين حصي کي محڪمات دينيه چئبو هو، جنهن ۾ نماز روزي، حج ۽ زڪوات وغيره جي تعليم ۽ قرآن شريف جي بنيادي تعليم اچي ويندي هئي، حديث جو علم به هن حصي ۾ اچي ٿي ويو، ٻئي حصي کي ”فرائضه قائمه“ چئبو هو هن ۾ حساب ڪتاب سيکاريو ويندو هو. ٽئين حصي کي ”سنه عامه“ چيو ويندو هو، جنهن ۾ روزمره جي عام تعليم ۽ پيشه ورانه تعليم ڏني ويندي هئي، ان کان سواءِ چوٿين حصي ۾ جنگ ۾ صف بندي ڪرڻ فن سپاهه گيري، قلعه شڪن اوزارن جي تربيت، تيراندازي گهوڙي سواري زراعت ۽ تجارت جا اصول سيکاريا هئا.( )
بالغن جي تعليم ۾ عام سماجي ۽ فقهي مسئلا پاڻ سڳورا سمجهائيندا هئا، باقي قرآن شريف جي تعليم ۽ پيشه ورانه تعليم ٻيا اڪابر اصحابي ۽ ماهر ڏيندا هئا.

(ب) زناني تعليم
اسلام ۾ عورتن لاءِ به تعليم کي فرض قرار ڏنو ويو، ان ڪري بالغن جي تعليم جو ٻيو شعبو زناني تعليم لاءِ مخصوص هو، عورتن لاءِ ڇنڇر جو ڏينهن مقرر هو ۽ اهي حضور جن وٽ خاص پنهنجن گهرو مسئلن بابت تعليم وٺنديون هيون، ڪڏهن اهي مسجد نبوي ۾ به اينديون هيون، جتي انهن لاءِ پردي جو خاص انتظام هوندو هو. حضرت بيبي عائشه (ؒ) جي گهر ۾ به عورتن جي تعليم جو بندوبست هو، جتي بيبي صاحبه کين تعليم ڏيندي هئي، پاڻ سڳورن ان متعلق فرمايو ته ”دين جو اڌ علم يعني نظام معاشرت ۽ عورتن بابت معلومات ان کان حاصل ڪريو.“
عورتن جي تعليمي نصاب ۾ قرآن ۽ حديث جي علم سان گڏ گهريلو معاملات جي باري ۾ تعليم ڏني ويندي هئي، ان کان سواءِ نرسنگ جو به خاص ڪورس عورتن کي ڪرايو ويندو هو. حضرت غفاريه (ؐ) پنهنجي دور جي بهترين نرس هئي، جنهن جنگ خيبر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنگ کٽڻ کان پوءِ حضور جن کيس هڪ هار تحفي ۾ ڏنو، مديني ۾ جڏهن پاڻ سڳورن هڪ اسپتال جو بنياد وڌو، تڏهن حضرت رفديه (ؐ) کي ان جو انچارج بنايو ويو، جنهن سان گڏ بيبي فاطمه (ؒ) ۽ حضرت اسماءُ (ؒ) مريضن جو علاج ڪنديون هيون، ڪيترين ئي مسلمان عورتن طبي تعليم حاصل ڪري جنگ جي ميدان ۾ ڦٽيلن جي مرهم پٽي ڪئي، ان کان سواءِ مسلمان عورتن کي ٻارن جي تربيت جو طريقو، چرخو هلائڻ، عيدن جا ڏينهن سهڻي نموني ملهائڻ ۽ گهرن جي صفائي ڪرڻ جا طريقا به سيکاريا ويندا هئا حضرت عائشه (ؒ) پنهنجي دور جي عالمه هئي، جيڪا علم قرآن ۽ علم حديث جي ماهر هئي، جنهن کان حضرت عبدالله بن زبير، عبدالله بن عمان، ابو موسيٰ اشعري ۽ ابوهريره رضوان الله عليهم جهڙا عظيم الشان اصحابي مسئلا پڇندا هئا.
حضرت ام سلمه (ؒ) به ان وقت جي قابل ۽ عالم عورت هئي، عمره بنت عبدالرحمان (ؒ) جو نالو به قابل ذڪر آهي، جن جي حديثن کي حضرت عمر بن عبدالعزيز سرڪاري طرح شايع ڪيو، مطلب ته بالغن جي تعليم جي هن شعبي ۾ مسلمان عورتن کي اهڙي قسم جي تعليم ڏني ويئي جيڪا اسلامي معاشري ۾ سندن جائز مقام ڏيڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿي ۽ هو سماج جو اهم ۽ مفيد رڪن بنجي پيون.

(3) انفرادي تعليم
حضرت محمدﷺ جو هن دنيا ۾ اچڻ انسان ذات جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هو، هو دنيا جا استاد هئا، هو هر چڱي عمل جا مبلغ هئا، ان ڪري عمومي تعليم سان گڏ انفرادي ۽ شخصي تعليم به ڏيندا هئا، هو فرد کي معاشري جي اڪائي سمجهي، معاشري ۾ تبديلي آڻڻ گهرندا هئا، معاشرو افراد جو مجموعو آهي ۽ هڪ فرد جي سٺائي ۽ چڱائي معاشري تي اثرانداز ٿئي ٿي، ان ڪري هو فرد جي اصلاح ڪندا هئا، اها انفرادي تعليم ان شخص جي ذاتي رجحان، فطري لاڙن ۽ نفسياتي پهلوءَ کي نظر ۾ رکي ڏيندا هئا، پر ان ۾ عمومي تعليم جو عنصر هوندو هو، يعني جهڙي طرح هي خصوصي تعليم هڪ هڪ فرد لاءِ مفيد هوندي هئي، تهڙي طرح ملت اسلاميه جي سڀني فردن لاءِ به مفيد ٿيندي هئي، هي تعليم مثالي هوندي هئي، ان جا هونءَ به تمام گهڻا مثال آهن، پر ڪجهه مثال هي آهن.

(ب) هڪ دفعي پاڻ بازار مان لنگهيا، کين اناج جو ڍڳ وڪري لاءِ پيل نظر آيو، پاڻ ويجهو وڃي ان جي اندر هٿ وڌائون ته پسيل محسوس ٿين، پڇيائون ته هي ڇا آهي؟ دڪاندار جواب ڏنو ته ”سائين برسات ۾ پسي پيا آهن، فرمايائون ته پوءِ ان کي مٿان ڇو نه رکيوءِ ته سڀ ڪنهن کي ڏسڻ ۾ اچي، خبردار جيڪي دوکو ڪن ٿا، اهي اسان مان نه آهن.“
مطلب ته هي ذاتي تعليم، خاص شخصن سان وابسته آهي، پر ان جا فائدا اجتماعي آهن، جيڪي معاشري جي فلاح لاءِ سٺا ثابت ٿين ٿا.

(4)ڪجهه علمي نڪتا
آخر ۾ حضور جن جا ڪجهه تعليمي نڪتا هيٺ ڏيان ٿو، جيڪي دنيا جي هن عظيم معلم جي اعليٰ تعليم جي گواهي ڏين ٿا ۽ جن تي عمل ڪرڻ سان اڄ به اسان جو معاشرو، پنهنجي وڃايل وٿ وري حاصل ڪري سگهي ٿو.
(1) مسلمان کي گار ڏيڻ فسق آهي ۽ مسلمان سان وڙهڻ ڪفر آهي.
(2) سچ ڳالهايو، پوءِ ڇو نه اهو اوهان جي خلاف هجي.
(3) ان وقت تائين ڪوبه سچو مسلمان نٿو بنجي سگهي، جيستائين هو پنهنجي ڀاءُ لاءِ اها ڳالهه پسند نه ڪري جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ڪري.
(4) ٻڌو، ظلم نه ڪريو، ڪنهن ماڻهو جو مال اوهان تي ايستائين جائز نه آهي جيستائين ماڻهو اهو اوهان کي خوشي سان نه ڏي.
(5) پيءُ پنهنجي اولاد کي جيڪي ڪجهه ڏي ٿو، ان م سڀ کان سٺي شيءِ سٺي تعليم ۽ تربيت آهي.
(6) جيڪو ماڻهو حرام ڪمائي پوءِ ان مان ڪجهه الله جي راهه ۾ خيرات ڪري ته هي خيرات قبول نه ٿيندي ۽ جيڪڏهن هو ان کي ڇڏي مري ويو ته اها سندس دوزخ جي خوراڪ بڻبي، الله برائي کي برائي سان نه پر چڱي عمل سان مٽائي ٿو.
(7) عمران بن حصين جي روايت آهي ته، حضور جن ظالمن جي دعوت قبول ڪرڻ کان منع ڪئي.
(8) جنهن شخص کي الله مال ڏنو ۽ ان جي زڪوات نه ڏني ته اهو مال قيامت جي ڏينهن هڪ زهري نانگ ٿي پوندو، جنهن جي مٿي تي ٻه ڪارا نشان هوندا (زهريلي هئڻ جي نشاني) اهو ان جي ڳچي ۾ طوق بنجي پوندو ۽ سندس ٻنهي واڇن ۾ چنبڙي پوندو ۽ چوندو ته ”مان تنهنجو خزانو آهيان، تنهنجو مال آهيان.“
(9) جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي ضرورت پوري ڪري ٿو، الله پاڪ ان جي ضرورت پوري ڪري ٿو.
(10) اي مسلمان عورتون، ڪابه پاڙيسرڻ ٻيءَ پاڙيسرڻ کي گهٽ نه ڄاڻي، توڙي اها (غربت جي ڪري) ٻڪريءَ جي پاون جو گوشت سوکڙي طور موڪلي.

(ماهوار نئين زندگي فيبروري 1980ع ۾ ڇپيل)

سرور عالم ۽ سنڌ

سنڌ پراڻي زماني کان وٺي درويشن ۽ ولين جو مسڪن پئي رهي آهي، ان ڪري سنڌ، متبرڪ ۽ ڀاڳن واري آهي دنيا جو پهريون انسان، ابوالبشر حضرت آدمؑ کي جڏهن بهشت مان ڪڍيو ويو، تڏهن هو جنهن زمين جي ٽڪري تي لٿو، اهو سنڌ جو ئي خطو هو.( ) سڀ مورخ هن تي متفق آهن ته آدمؑ سنڌ ۾ لٿو، مولانا سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته، ”آدمؑ سرانديپ ۾ لٿو“( ). محمد اسماعيل عرساڻي جو رايو آهي ته ”حضرت آدمؑ جي لهڻ جو هنڌ سرانديپ آهي ته پوءِ اهو به سنڌ جو ڪنارو هو ۽ عربي سنڊ اصل ۾ سمنڊ ڪونه پر خشڪ هو.“ ( ) مولانا آزاد بلگرامي پنهنجي ڪتاب ”سبحة المرجان ۾ سندن ۽ تفسيرن جي حوالن سان لکيو آهي، ته آدمؑ جي پيدائش سنڌ ۾ ٿي، مولانا عبيدالله سنڌي رحه جو چوڻ آهي ته آدمؑ جي تخليق هن سر زمين تي ٿي. مطلب ته آدمؑ هن ئي زمين تي لٿو، پاڻ آسماني بهشت مان انسان ذات جي سک، آرام ۽ خوراڪ لاءِ جيڪي تحفا آندائون تن مان ڪيلا، ليمان ۽ کارڪون آهن، جيڪي هن وقت سنڌ ۾ عام جام آهن.( )
حضرت آدمؑ تي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو وحي لٿو، اهڙي طرح ساري دنيا لاءِ توحيد الاهي جو پيغام سنڌ مان ئي شروع ٿيو، نور محمديﷺ جيئن ته آدمؑ جي پيشاني ۾ امانت هو، ان ڪري حضور پرنور جو ابتدائي ظهور، هن ئي سرزمين ۾ ٿيو، اهڙي طرح نور محمدﷺ جو پهريون مبارڪ ڪرڻو سنڌ ۾ آيو ۽ وحي خواهه نبوت محمدي جو پهريون مرڪز سنڌ آهي، ۽ ان نبوت محمدي جو آغاز، سنڌ ۾ ٿيو( )، اهوئي سبب آهي جو، پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ته، ”مون کي سنڌ مان رباني خوشبوءِ اچي ٿي.“ ( )
حضرت شيثؑ حضرت آدم جو همشڪل پٽ هو، جنهن کي تورات ۾ ”سيت“ جي نالي سڏيو ويو آهي، الله تعاليٰ حضرت شيثؑ کي اها طاقت بخشي هئي، جو هو زمين خواهه پاڻي جتي به رهيو، سڀ سندس نالي سان سڏجڻ لڳا، مؤرخ لکن ٿا، ته اهو سنڌ ۾ رهيو، ان ڪري سنڌ سندس نالي ۾ ”سيت“ سڏجڻ لڳي، جنهن مان ڦري سنڌ ٿيو، سندس سارو بادشاهي خطو به سنڌ حڪومت سڏبو هو. ( )
حضرت آدمؑ کان پوءِ حضرت نوحؑ کي نبوت ملي، سندس دور ۾ طوفان عظيم آيو، جنهن جا آثار سنڌ ۾ به ملن ٿا، طوفان نوح کان پوءِ هي ملڪ نوحؑ جي نسل کي مليو. نوحؑ کي حام، سام ۽ يافث پٽ هئا، جن سنڌ ۾ رهڻ پنهنجي لاءِ باعزت سمجهيو. حام کي ٻه پٽ هئا، هند ۽ سند، سند هن ملڪ ۾ رهيو، جنهن جي نالي پٺيان هي ملڪ سنڌ سڏجڻ لڳو، جيڪو سندس ايڪهٺ ملڪن مان ٽيتاليهون ملڪ هو. ( ) علامه ابن خلدون به هن ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي هو لکي ٿو ته، ”نوحؑ جي هڪ پوٽي سنڌ جي نسبت سان، هن ملڪ جو نالو سنڌ ٿيو“ جنهن سنڌ تي حڪومت ڪئي هئي.“
قرآن شريف ۾ جنهن ”اصحاب الرسد“ قوم جو ذڪر آيو آهي، ان لاءِ مؤرخن جو چوڻ آهي ته ”اها سنڌ جي قوم هئي، جنهن تي حضرت يعقوبؑ جي پٽ حضرت يهودا جي اولاد مان نبي موڪليو ويو هو. اهو زمانو حضرت موسيٰؑ کان ٿورو اڳ ۽ حضرت يوسفؑ کان پوءِ جو هو، اهي ماڻهو صنوبر جي وڻ جي پوڄا ڪندا هئا. ( )
حضرت موسيٰؑ الله جو برگزيده ۽ اولوالعزم پيغمبر هو، جيڪو فرعون جي ڏينهن ۾ آيو. مولانا گرامي صاحب جو چوڻ آهي ته ”هو سنڌ ۾ به آيا هئا.“ ان ۾ سنڌ واپاري لحاظ کان ساري دنيا ۾ مشهور هئي، مصر سان به هن جو وڏو واپار هلندو هو، فرعون جي لاشن جي ممي ٺاهڻ لاءِ سنڌ مان مصالحو گهرايو ويو، ان دور ۾ گگر، کؤنر، لاک، نير ۽ ميندي سنڌ مان ويندي هئي، حضرت سليمانؑ به الله جو نبي هو، توريت ۾ آيل آهي ته هن لاءِ سنڌ مان مور، اگر، مشڪ، عنبير، گينڊا ۽ سون ٻيڙين رستي يروشلم ويندو هو، جيڪو ”هيڪل سليماني“ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ان جو ذڪر علامه ابن خلدون به ڪيو آهي، حضرت عيسيٰؑ تي انجيل نازل ٿيو، انجيل ۾ سنڌ جي نفيس ۽ ملائم ململ جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي ”سنڊڻ“ سڏيو ويو آهي، جيڪو اصل ۾ ”سنڌڻ“ آهي، انجيل ۾ آهي ته حضرت مسيحؑ کي جنهن ڪپڙي ۾ ويڙهيو ويو هو، سو سنڌ جو هو، انجيل ۾ سنڌ جي سٽ مان ٺهيل رسن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن مان پراڻي زماني ۾ ٻيڙين کي ٻڌو ويندو هو. ( )
تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته ”سنڌ جا ان زماني ۾، ڪيترائي ماڻهو واپار ۽ تجارت جي سلسلي ۾ ساري دنيا ۾ پکڙجي ويا، جن مان ڪيترائي عرب ۽ يمن ۾ پهچي ويا. جيڪي سنڌي ذاتيون هتان لڏي عرب ۾ وڃي رهيون تن مان زط، ميد، سيابطه، احاصره، اساوره، بياسره، تڪاڪره (ٺاڪر) مشهور آهن. سنڌ جون هي قديم ذاتيون، جيڪي سنڌ قوم سان واسطو رکندڙ هيون ساري عرب، مثلاً عمان، مسقط، قطيف، بحرين، قطر، ڪويت ۽ بصري کان سواءِ عرب جي ريگستاني علائقن، نجد ۽ وچ عرب جي مڪي ۽ مديني ۾ گهڻائي ۾ رهڻ لڳيون.( ) زط ۽ ميد جنگجو ۽ فوجي فن جا ماهر هئا، ايران جي فوج ۾ به هو شامل هئا، بصري جي ڀرسان بطلاع جي ماٿري ۾ هنن جو وڏو تعداد رهندو هو، جتي هو زراعت به ڪندا هئا، پوءِ لڏي هو انطاڪيه ويا، هنن جي ڪوششن سان عراق ۽ شام ۾ سنڌي مينهون پهتيون.( ) هنن بعد ۾ اسلامي دور ۾ وڏي ترقي ڪئي، هو حساب ڪتاب جا ماهر هئا، جنگ جمل وقت هنن سنڌي فوجين جي هڪ وفد حضرت علي ؐ سان ملي کيس عرض ڪيو هو ته، ”توهان حق تي آهيو، اسان جي مدد اوهان کي آهي نصرت هميشه حق جي ٿيندي آهي.“ اهو ٻڌي حضرت علي ؐ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بصري جو خزانو سندن حوالي ڪيائين.( )
اهڙي طرح خود عربن جو به سنڌ سان تجارتي ناتو هو، سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته، ”عرب واپاري، هزارين ورهيه اڳ هندستان جي ڪناري تائين ايندا هئا ۽ هتان جي واپار ۽ پيداوار کي مصر ۽ شام ذريعي يورپ تائين پهچائيندا هئا ۽ اتان جي سامان کي هندستان جي ڀر وارن ٻيٽن چين ۽ جپان تائين به نيندا هئا.“( ) مولانا ابوالجلال ندوي به اهو ساڳيو رايو رکي ٿو. سندس چوڻ آهي ته، ”قديم زماني ۾ سنڌ جا عرب دنيا سان گهاٽا لاڳاپا هئا ۽ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي عرب قومون اچي آباد ٿيون هيون.“( ) ڊاڪٽر موسيو ليبان تمدن عرب (ص 267) ۾ لکي ٿو ته، ”اسلام کان اڳ واري زماني ۾، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي پيداوار کي، عرب جي سامونڊي ڪناري تائين آڻيندا هئا. جنهن وقت يمن جي بندرن کان هندستان ڏانهن جهاز وڃڻ لڳا، اهو زمانو حضورﷺ جي بعثت جي تمام ويجهو هو، ان وقت جهازن جون قطارون عمان ۽ بحرين کان نڪري سنڌوندي تائين پهچنديون هيون.“ ان دور ۾ ابله (بصره) صحار، يمن ۽ عدن سنڌي تجارتي سامان جون منڊيون هيون، عرب جي وڏن وڏن بازارن مثلا دومة الجندل، صحار، ادبار، مثحر، رابيه، حضرت موت، ذوالمجاز، نظاة، خيبر، مثقر، منيٰ، حجر، عطاظ، عددن ۽ صنعاءَ ۾ هتان جا رهاڪو ايندا ويندا هئا ۽ خريد فروخت ڪندا هئا، سنڌ مان عود، صندل، ڪافور، لؤنگ، جعفر، ڦوٽا، اوني، سوٽي ڪپڙا، موتي، تاڙي بانس ۽ بيد کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي قيمتي شيون هت وڪامنديون هيون.( )
انهن ڏينهن ۾ يمن سنڌ جي ڪپڙي جو خاص مرڪز هو، جنهن جو ذڪر سيد بلگرامي ”تمدن هند“ ۾ به ڪيو آهي، يمن مان سنڌي ڪپڙو عرب جي اندرين حصن جهڙوڪ: حجاز، عراق ۽ شام ۾ به پهچندو هو جتان يورپ ويندو هو، اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪپڙي کي ”يمن“ يا ”يماني“ لکيو ويندو هو، ڪپڙي کان سواءِ سنڌ جون گڏيون به يمن ۾ وڪامنديون هيون، انهيءَ تجارتي ميل جول جي ڪري ٻنهي ملڪن جي رهاڪن جي پاڻ ۾ ڄاڻ سڃاڻ وڌي ۽ عربن ۽ سنڌين هڪ ٻئي جو زبان، لباس، اٿڻ ويهڻ حتيٰ ڪه نالن تي به گهرو اثر قبول ڪيو، قرآن شريف ۾ ڪافور، مشڪ، انجيل، بصر ۽ ٿوم جا نالا ملن ٿا.( ) اهڙي طرح سنڌ جا رهاڪو عربستان ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي چڪا هئا، جڏهن ڪسريٰ نوشيروان جو زمانو هو تڏهن اتي به هي سنڌي پنهنجي بهادري کان مشهور ٿي ويا، سندن طاقت ۽ بهادري هن واقعي مان ظاهر ٿئي جو: هڪ ڀيري ڏکڻ عرب ۾ ايران جي لشڪر کي شڪست ملي ۽ يمن تي حبشين قبضو ڪيو، جڏهن ان جو اطلاع ايران جي شهنشاهه ڪسريٰ کي مليو، تڏهن هن چيو ته ”يمن تي ڪهڙن ڌارين ماڻهن قبضو ڪيو آهي سنڌين يا حبشين.“( )
بهرحال سنڌ جا ماڻهو حضورﷺ جي ولادت باسعادت کان اڳ عرب دنيا ۾ پهچي چڪا هئا، مخدوم امير احمد جو چوڻ آهي ته ”اسلام کان اڳ سنڌ جا باشندا، ڪعبي پاڪ جي زيارت لاءِ ويندا هئا ۽ اتي جي بتن جي پوڄا ڪندا هئا، هتان جا راجا ۽ مهاراجا عربي ٻولي کان واقف هئا، ۽ عربي ۾ گفتگو به ڪندا هئا.“( ) ساڳيو رايو جناب مولانا دين محمد وفائي به پنهنجي هڪ مضمون ۾ ظاهر ڪيو آهي.( ) هن مان ملوم ٿئي ٿو ته سنڌ سونهاري جا لاڏلا ۽ اسلام جا سچا سپاهي عربستان ۾ پهچي، نبي آخرالزمان جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا هئا.
تاريخ جو ورق ورق شاهد آهي، ته جڏهن ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جو ظهور ٿيو ۽ اسلام جي تبليغ شروع ڪيائون، تڏهن سنڌ جي هنن سوڍن ۽ سورهين پاڻ سڳورن جو ساٿ ڏنو، ۽ ساڻن گڏ رهيا، هڪ حديث، ”ترمذي ابواب الامثال“ ۾ آهي ته، ”عبدالله ابن مسعود ؐ هڪ اصحابي، حضرت محمدﷺ سان گڏ هڪ ماڻهوءَ کي ڏٺو جنهن جي شڪل ۽ شبيهه لاءِ ان چيو ته، ان جو مهانڊو جاٽ يا ذط وانگر هو.( ) ان مان معلوم ٿيو ته سنڌ جي ماڻهن حضورﷺ کي آخري نبي ڪري مڃيو ۽ اسلام قبول ڪيو، حافظ ابن حجر عصقلاني ”الاصابه“ ۾ لکي ٿو ته ”حضرت پير زطن يعني (سنڌي) جيڪو هڪ ماهر طبيب هو، پهريون هندستاني آهي، جنهن حضورﷺ جي دور ۾ اسلام قبول ڪيو.“( ) رشيد هاشمي لکي ٿو ته، ”هو قرب زماني سان گڏ قرب مڪاني جي لحاظ کان به پهريون هندستاني مسلمان آهي.“( ) هن ئي زماني ۾ يمن جي ايراني حاڪم باذان اسلام قبول ڪيو، هن حاڪم جي سرڪردگي ۾ سنڌي ذات اساوره به يمن ۾ رهندڙ هئي، ان ڪري هي سڀ سنڌي ماڻهو مسلمان ٿي ويا، ۽ جڏهن باذان وفات ڪئي، تڏهن هو پاڻ سڳورنﷺ جي انتظام هيٺ زيرباف بن بدر جي حوالي ڪيا ويا، هنن مان جيڪي مشهور هستيون پيدا ٿيون تن مان سلمان فارسي، معتزلي عالم موسيٰ بن سيار ۽ اسواري خاص اهميت رکندڙ هئا.( )
حضورﷺ سنڌي ماڻهن کي چڱي طرح سڃاڻندا هئا، هڪ ڀيري پاڻ سڳورنﷺ کان صحابه ڪرام پڇيو ته، ”يارسول الله اوهان موسيٰؑ کي ڏٺو آهي.“ پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ته، ”موسيٰ اهڙو آهي، جهڙو سنڌي ماڻهو.“ هڪ ٻي تاريخي روايت ۾ اچي ٿو ته،جڏهن نجران جا ڪجهه عيسائي، پاڻ سڳورنﷺ سان ملڻ آيا ۽ مسجد نبوي جي در تي گڏ ٿيا، تڏهن پاڻ ڪريمنﷺ کين ڏسي، صحابه کان پڇا ڪئي ته هي ڪير آهن، ايئن چوندي هي لفظ به چيائون ته، ”ڄڻ سنڌي ماڻهو ٻيا لڳن.“( )
حضورﷺ کان روايت آهي ته ”زمين تي بهشتي درياهه چار آهن، دجله ۽ فرات عراق ۾، جيحون مصر ۾ ۽ سيحون سنڌ .“ سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته، ”سيحون سنڌو درياهه آهي.“( )
سنڌ جي عظمت جا اهي ئي سبب آهن، جو حضورﷺ جن سنڌ سان محبت ڪندا هئا، هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته پاڻ نماز ادا ڪري، سنڌ ڏانهن منهن مبارڪ ڪري ويهندا هئا، صحابه ڪرام جي پڇڻ تي فرمايائون ته ”سنڌ کان جنت جي هير لڳي ٿي، جا منهنجي دل کي سڌير ڏي ٿي.“
سنڌ واري جنت جي هير بابت تاريخن ۾ اچي ٿو ته توريت ۾، جنهن کي آسماني جنت سڏيو ويو آهي، سو سنڌ جي گهاٽن باغن وارو مقام آهي، توريت ۾ سنڌ کي ”عدن جو باغ“ چيو ويو آهي، بهرحال هي آسماني جنت کڻي نه آهي پر تڏهن به حضور اڪرمﷺ جن جي قلب مبارڪ کي سڌير پهچائيندي هئي، ۽ غالبن هن واقعي ڏانهن ئي شاعر مشرق مفڪر اسلام علامه اقبال اشارو ڪندي چيو آهي:
میر عرب کو آئی ٹھنڈی ہوا جہان سے
میرا وطن وہی ہے میرا وطن وہی ہے

اهوئي سبب آهي جو پاڻ سڳورنﷺ ۽ صحابه ڪرام جي زبان مبارڪ مان سنڌ، سنڌي شين ۽ سنڌي رهاڪن جا نالا ورتا ويا آهن. حديثن ۾ هندستاني شين جو ذڪر آهي. پاڻ سڳورنﷺ ڪن هندستاني شين کي دوا ۽ علاج طور به استعمال ڪرڻ کان روڪيو آهي، انهيءَ ميل ميلاپ ڪري هت اسلام جي تبليغ لاءِ فضا سازگار ٿيڻ لڳي، ان ڪري عربستان ۾ رهندڙ سنڌي اسلام طرف مائل ٿيڻ لڳا. ڪتاب ”عجائب الهند“ جي ص 52 تي آهي ته، ”وهم يحبون المسلمين، ويميلون اليهم ميلا شديدا“ (اهي ماڻهو، مسلمانن سان محبت ڪندا هئا ۽ انهن ڏانهن زياده مائل هئا.( )
انهيءَ پنهنجائپ پاڙيسري ۽ پيار واري جذبي تحت آقاءِ نامدارﷺ، جڏهن سنه 6 هجري ۾ ايران، روم، شام ۽ حبش ڏانهن خطوط مبارڪ ۽ وفد موڪليا، تڏهن پاڻ ڪمال شفقت فرمائي، سنڌ کي به ياد ڪيائون. مخدوم عبدالواحد، مخدوم محمد هاشم، علامه جلال الدين، علامه محمد ملڪاڻي، مولانا عبدالله ڪٻر ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، سنڌ جا اهي عالم آهن، جيڪي سڀئي هن راءِ تي متفق آهن ته، ”حضورﷺ پنج اصحابي، پنهنجي خط مبارڪ سان سنڌ اماڻيا، اهي جڏهن سن جي نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ پهتا، تڏهن سنڌ جا رهاڪو سندن تبليغ کان متاثر ٿي، اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي اهڙي طرح حڪم جي اطاعت ڪرڻ لڳا، جهڙي طرح پاڻ سڳورنﷺ کين خط ۾ حڪم ڪيو هو، انهن اصحابن مان 2 اصحاب سڳورا نون سنڌي مسلمانن جو هڪ وفد وٺي، حضورﷺ جي خدمت ۾ واپس ويا ۽ 3 اصحابي سنڌ ۾ اسلام جي اشاعت لاءِ ترسي پيا ۽ هتي ئي وصال ڪيائون. سندن مزارون حيدرآباد ۾ آهن.( ) قاضي اطهر مبارڪپوري پنهنجي ڪتاب ”عرب و هند عهد رسالت مين“ جي ص 191 تي به اها ساڳي ڳالهه لکي آهي. انهن ٽن اصحابن سڳورن جي ڪوششن سان ئي هتي ڪيترائي سنڌي ماڻهو مسلمان ٿيا ۽ اهي اصحابي کين اسلامي احڪام سيکاريندا هئا، اهڙي طرح اهي سنڌ جا پهريان مفتي هئا.( ) مخدوم امير احمد مرحوم لکي ٿو ته، ”عرب ۽ سنڌ جي قديم لاڳاپن کي نظر ۾ رکي، عقل سليم، هن روايت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، ته اصحاب سونهارا سنڌ ۾ آيا آهن؛ ڇو ته سنڌ جهڙي پاڙيسري ملڪ ۽ قريبي تعلق رکندڙ ملڪ کي پاڻ سڳوراﷺ اشاعت اسلام لاءِ نظرانداز ڪري ڇڏين، اهو کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي.“ مولانا قاسمي صاحب لکي ٿو ته، ”سنڌ جا ڪيترائي پروانا، شمع هدايت کان، نور پسڻ لاءِ مديني پهچي ويندا هئا، برصغير جو جيڪو پهريون وفد هتان اسريو هو ۽ حضورﷺ جي حضور ۾ پهتو، سو سنڌي وفد هو.“ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ؓ ”جمع الجوامع“ جي هڪ روايت آندي آهي ته، ”حضرت علي ؐ فرمايو ته، هڪ ڏينهن پاڻ سڳورنﷺ وٽ ٻه وفد آيا، هڪ سنڌ مان ۽ ٻيو آفريڪا مان، جن رضا خوشي سان اسلام ۽ فرمانبرداري کي قبول ڪيو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي اقوال مبارڪ کي چڱي طرح ٻڌو.“( ) انهن سنڌين حضورﷺ جي خدمت ۾ ڪي تحفا به پيش ڪيا جن مان ٻن جو ذڪر ملي ٿو، هڪ سنڌي ڪڪڙ، جنهن جو ”طريهي مجمع البحرين“ ۾ احوال ملي ٿو. پاڻ سڳورنﷺ سنڌي ڪڪڙ تناول فرمائي ۽ ان لاءِ پسنديدگي جا لفظ ظاهر ڪيائون.( ) ٻئي سنڌي تحفي ۾ اجرڪ جو نالو اچي ٿو. جنهن لاءِ مولانا گرامي صاحب جو چوڻ آهي ته، ”اجرڪ، جنهن کي عربستان ۾ برديمني چئجي ٿو، حضورﷺ جي لباس مبارڪ ۾ شامل هو، جيئن ته سنڌ جو ڪپڙو يمن کان ٿي حجاز ۾ ايندو هو، ان ڪري ان کي يمني چئبو هو ۽ برد جو مطلب آهي چادر، جيڪا سنڌي چادر اجرڪ هئي.“( ) حضورﷺ نه صرف پاڻ سنڌ جو ڪپڙو استعمال ڪيو، مگر سندن حرم پاڪن پڻ سنڌ جي ڪپڙي کي استعمال ڪرڻ جي سعادت بخشي، جيئن ته ”لسان العرب“ ج3، ص 223 ۾ آيل آهي ته، ”حضرت بيبي عائشهؒ کي چار ڪپڙا سنڌ جا پهريل هئا.“( ) هي روايت مولانا قاسمي صاحب نقل ڪئي آهي، مولانا گرامي صاحب جو چوڻ آهي ته، ”حضرت بيبي عائشهؒ جي حجري جي دروازي تي پردا ٽنگيل هوندا هئا، جن تي ڇر جو ڪم ٿيل هوندو هو. هڪ دفعي حضورﷺ انهن لاءِ ناپسنديدگي جو اظهار فرمائي (پردن لاءِ، ڇو ته درن تي پردا اسراف ۽ ڏيکاءَ لاءِ هوندا آهن) حڪم ڪيو ته، اهي لاهي! ڦاڙي وهاڻن جون ڇؤن ڪيون وڃن، سندن حڪم موجب ايئن ڪيو ويو، اهي ڪپڙا سنڌ جا ڪاريگر ٺاهيندا هئا، جن کي ڇيٽ سڏيو ويندو هو.( ) حضورﷺ جن جي حرم پاڪ جو علاج به سنڌي طبيب ڪيو، جناب ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، امام بخاري جي حوالي سان لکيو آهي ته، ”هڪ دفعي حضرت بيبي عائشه بيمار ٿي پئي، سندس ڀائٽين هڪ زط سنڌي طبيب کي علاج لاءِ گهرايو.“( ) مطلب ته سنڌ سونهاري جو حضورﷺ سان گهرو لاڳاپو رهيو ۽ سندن ئي دعائن سان سنڌ سرسبز ۽ خوشحال ٿي ان لاڳاپي جو ئي اهو نتيجو نڪتو جو هتي اهڙا عالم پيدا ٿيا، جن قرآن ۽ حديث ۾ اهي خدمتون سرانجام ڏنيون، جيڪي ان سلسلي ۾ پيڙهه جي پٿر مثل آهن، قرآن شريف جو ساري دنيا ۾ پهريون ترجمو سنڌي ٻولي ۾ ٿيو، جيڪو راجا مهروڪ بن رائق جي ڏينهن ۾ منصوره سنڌ جي عرب حاڪم عبدالله بن عبدالعزيز جي حڪم سان هڪ عراقي عالم ڪيو، جيڪو سنڌي زبان جو وڏو ڄاڻو ۽ شاعر هو، انهيءَ راجا تي هن ترجمي جو ايڏو اثر ٿيو جو سورة ياسين جي هڪ آيت، ”من يحي العظام، وهي رميم“ جو ترجمو ۽ تفسير ٻڌي، تخت تان لهي اچي پٽ تي ويٺو ۽ خدا جي خوف کان اکين سان ڳوڙها ڳاڙيندي روئڻ لڳو.( ) ان کان پوءِ حديث جو نمبر اچي ٿو هن علم ۾ جن سنڌي عالمن ڪمال حاصل ڪيو، تن ۾ امام اوزاعي ابو معشر سنڌي، ابوبڪر، احمد بن سندي، اسلم بند سندي، ابو ابراهيم، اسماعيل بن عيسيٰ بن فرح سنڌي، ابونصر سندي، ابوعبدالله، ابوجعفر بن ابراهيم ديبلي، محمد حيات السندي وغيره هنن عالمن عربيءَ ۾ سوين ڪتاب لکي، حضورﷺ سان پنهنجي دلي لڳاءَ جو چٽو ثبوت پيش ڪيو. پاڻ سڳورنﷺ جي خطوط مبارڪ کي ديبل جي هڪ سنڌي عالم مرتب ڪيو. بخاري شريف جي شرح لکڻ ۾ جيڪو ڪمال ابوالحسن سنڌي کي هو، ان جو اعتراف عرب و عجم ٻنهي ڪيو آهي، اهوئي سبب آهي جو حضرت علي ؐ فرمايو ته، ”سنڌ اها سرزمين آهي، جتان علم جو سج اڀريو.( )
حضورﷺ سان سنڌ جي عقيدت ۽ محبت جو هي نتيجو نڪتو جو هتان جي ماڻهن عربن سان مٽيون مائٽيون ڪيون، تاريخن ۾ اچي ٿو ته امام حسينؑ جي صاحبزادي امام زين العابدين جي والده ماجده سنڌي هئي. محمد بن علي بن زين العابدين جي والده به سنڌي هئي. هن مان معلوم ٿيو ته عرب ۽ اسلام جي سڀ کان شريف ۽ مقدس خاندان کي پيدا ڪرڻ ۾ سنڌ جو هٿ آهي، ان ڪري سنڌ کي سيد سليمان ندوي، اهل بيت جو ناناڻو گهر سڏيو آهي. تاريخ ۾ اچي ٿو ته ڪربلا جي ميدان ۾ 72 ڄڻن جي ٽولي ۾ ڪجهه سنڌي به هئا، جن حضرت محمدﷺ جي ڏهٽاڻن تي سر قربان ڪيا.( ) علي اصغر بن زين العابدين علي بن الامام حسين جي والده ماجده به سنڌڻ هئي.( ) امام ابوحنيفه ؓ به سنڌي نسل سان واسطو رکندڙ هو.
مطلب ته سنڌ سونهاري، هن ڏس ۾ هڙان توڙي وڙان اسلام سان پنهنجي عقيدت محبت ۽ وفاداري ڏيکاري آهي، هن وقت به سنڌ ۾ اسلامي فڪر ۽ فلسفي تي وڏو ڪم ٿيو آهي ۽ اڃان به ٿيندو رهندو، سنڌ ان ڪم ۾ پٺتي نه پوندو.

(چار ماهي ”سنڌ“ حيدرآباد سيارو 1983ع ۾ ڇپيل)