مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 9
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو : ڳالھيون ڪتابن سنديون
ليکڪ : رئوف نظاماڻي
ڇاپو : ڊجيٽل ايڊيشن، 2021
پبلشر : سنڌ سلامت ڪتاب گھر
ٽائيٽل : ذوالفقارعلي ابڙو ھالائي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ ايندڙن ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي.
رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري اڃا تائين ناھي ڇاپيو، پر سائين رئوف نظاماڻيءَ قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. مھربانيون سائين حبيب سنائيءَ جون جنھن ڪمپوز ٿيل مواد کي سنواري ڪتاب سنڌ سلامت ڏانھن ايميل ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ: ڪتابن جي دنيا جا اسرار

ڪو دور ھوندو ھو، سنڌ ۾ ڪتاب پڙھڻ جو تمام وڏو رجحان ھوندو ھو. شھرن ۾ وڏين لئبريرن کانسواءِ گھٽين ۾ اھڙيون لئبريريون به ھيون جتي ڪرائي تي ڪتاب وٺي پڙھبا ھئا. مختلف سماجي ۽ سياسي تنظيمن پاران ننڍن ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ به لئبريريون قائم ڪيون وينديون ھيون. انھيءَ رجحان کي ھٿي وٺائڻ ۾ کاٻي ڌر ۽ قومپرست ڌرين جو وڏو ھٿ ھوندو ھو، جيڪي پنھنجي ڪارڪنن جي تربيت لاءِ اسٽڊي سرڪل ھلائيندا ھئا جتي نظرياتي ۽ سياسي ڪتاب سان گڏ ادبي ۽ ڪتابن کي پڙھڻ لاءِ بہ ھمٿايو ويندو ھو. انھن سياسي ڪارڪنن کانسواءِ بہ ٻيا عام ماڻھو بہ ڪتاب ۽ رسالا پڙھڻ جا شوقين ھوندا ھئا. وڏي انگ ۾ ڪتاب ۽ رسالا ڇپبا ھئا. دنيا جھان جي ادب کي پڙھڻ، ان تي ڳالھائڻ، ان کان متاثر ٿيڻ، انھن جي ترجمي ڪرڻ جو ٽرينڊ ھو. ھٿ ۾ ڪتاب ھئڻ فخر جي نشاني ھوندي ھئي. پر وقت سان ڪتاب پڙھڻ جو رجحان آھستي آھستي گھٽبو وڃي. انھيءَ جو سبب جتي نظرياتي سياست جو زوال آھي، اتي تفريح جي ٻين ذريعن جي فراھمي بہ ماڻھن کي ڪتابن کان پري ڪري ڇڏيو آھي. اھڙي صورتحال ۾ اسان وٽ تمام گھٽ ماڻھو وڃي بچيا آھن، جيڪي تسلسل سان ڪتابن جو مطالعو ڪن ٿا. انھن ۾ اھي ماڻھو آڱرين تي ڳڻڻ جھڙا آھن، جيڪي سنجيدگي سان گھڻ موضوعي مطالعو ڪن ٿا. ۽ انھن ٿورن ماڻھن ۾ اسان وٽ فقط رئوف نظاماڻي ئي آھي، جيڪو نہ فقط گھڻ موضوعي مطالعو ڪري ٿو پر پنھنجي مطالعي جي حاصلات کي ٻين سان ونڊي بہ ٿو ۽ ٻين کي مطالعي لاءِ اتساھي بہ ٿو.
رئوف نطاماڻي سان منھنجي تعلق کي ھاڻ ٽن ڏھاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آھي. انھيءَ تعلق جي شروعات سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ شرڪت ڪرڻ سان ٿي. نوي جي ڏھاڪي ۾ ڪراچي جي شاخ، سنڌي ادبي سنگت جي سڀ کان متحرڪ شاخ ھئي، جنھن سان سنڌي ادب، صحافت ۽ تنقيد جا وڏا نالا جڙيل ھوندا ھئا. نہ فقط انھيءَ جون باقاعدہ گڏجاڻيون ٿينديون ھيون. جنھن ۾ سڄي سنڌ مان ناليورا تخليقڪار پنھنجيون تخليقون تنقيد لاءِ پيش ڪندا ھئا، پر ان گڏجاڻين ۾ پڙھجندڙ اسمن تي تمام معياري تنقيد بہ ٿيندي ھئي ۽ ان سان لاڳاپيل موضوعن تي سنجيدہ بحث بہ ٿيندا ھئا. جيڪي بحث اسان جھڙن سيکڙاٽن لاءِ ڪافي لاڀائتا ھوندا ھئا. انھيءَ سان گڏ ڪراچي سنگت پاران انتھائي شاندار ادبي پروگرام بہ ڪرايا ويندا ھئا. سنگت ڪراچي جي انھن گڏجاڻين کي منظم ڪرڻ، انھن بحثن ۾ اھا سنجيدگي برقرار رکڻ ۽ پروگرامن جو اھو معيار رکڻ ۾ رئوف نظاماڻي جو وڏو ھٿ ھوندو ھو، جيڪو ڪافي عرصي تائين ڪراچي سنگت جو سيڪريٽري رھيو. رئوف نظاماڻي جي طبعيت جي تحمل ۽ برداشت، غيرجانبدار تجزئي، سندس وسيع مطالعي، مختلف موضوعن تي سندس گھري ڄاڻ ۽ بنان ڪنھن مصلحت جي پنھنجي موقف کي رکڻ واري مزاج سان منھنجي وڌيڪ واقفيت تڏھن ٿي، جڏھن منھنجو جان خاصخيلي سان گڏجي تقريبن ھر جمعي تي سندس لي مارڪيٽ واري گھر تي وڃڻ ٿيندو ھو. انھن ڪچھرين ۾ سياست، ادب، پرڏيھي مامرن ۽ تاريخ جي موضوعن سوڌو ٻين ڪيترن ئي تي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي ھئي. مونکي اھو ٻڌائيندي فخر ٿيندو آھي تہ انھن ڪچھرين ۽ سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ ٿيندڙ بحثن منھنجي فڪري سفر کي ھڪڙو دڳ ڏنو.
رئوف نظاماڻي تسلسل سان گذريل چئن ڏھاڪن کان لکندو اچي. ھن سَون جي تعداد ۾ ادبي، تنقيدي، سماجي، سياسي، بين القوامي مامرن ۽ معاشي موضوعن تي مضمون لکيا آھن. ھُو وڏي وقت کان مختلف اخبارن ۾ ڪالم بہ لکندو اچي. رئوف نظاماڻي انھن ٿورن ليکڪن مان آھي، جن ٻولي جي سونھن ۽ جذباتيت سان پنھنجي پڙھندڙن کي متاثر ڪرڻ جي بدران، پنھنجي دليل ۽ تجزيئي سان پڙھندڙن کي موھيو آھي. انھيءَ کانسواءِ رئوف نظاماڻي ڪافي اھم ڪتابن جو ترجمو بہ ڪيو آھي. جن ۾ طارق علي جو ڪتاب ”ٽين دنيا ۽ فوجي آمريتون“، روڊريجو روجاس جو ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“، فيڊرل ڪاسترو جي تقرير ”سامراج ۽ عوام“، گرميڪو جون يادگيريون ”سرد جنگ جا 50 سال“، بورس پيسٽرنڪ جي جڳ مشھور ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ جي ترجمي سوڌو ٻيا ڪتاب بہ شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ سندس ادبي تنقيد جو ڪتاب، ”جديد سنڌي ڪهاڻي“۽ مختلف موضوعن تي مشتمل مضمونن جو ڳٽڪو، ”گل گل هٻڪار“ بہ شايع ٿي چڪو آھي.
رئوف نظاماڻي جو موجودہ ڪتاب ”گالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌي ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن ،جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌي جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.
سڀ کان پھرين شئي جيڪا اسان کي ھن ڪتاب ۾ نظر اچي ٿي سا مختلف موضوعن تي ڪتابن جي وسيع چونڊ آھي، جيڪا رئوف نظاماڻي جي وسيع مطالعي جي شاھدي ڏئي ٿي. سندس تبصري لاءِ چونڊيل ڪتابن ۾ مختلف صنفن ۽ مختلف موضوعن جا ڪتاب شامل آھن. انھن ۾ ناول بہ آھن تہ شاعري جا ڪتاب بہ، انھن ۾ ساروڻيون آھن تہ تاريخ جا ڪتاب بہ. رئوف سياسي ڪتابن جي بہ چونڊ ڪئي آھي تہ مذھبي ڪتابن جي بہ. انھن ڪتابن ۾ ٽيڪنالاجي جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب آھن تہ فلسفي جا ڪتاب بہ شامل آھن.
”ڳالھيون ڪتابن سنديون“ ۾ موجود مضمون ڪي رواجي تبصرا ناھن. رئوف نظاماڻي انھن سڀني ڪتابن کي ڪو رڳو تبصري لکڻ لاءِ ناھي پڙھيو. انگلنڊ جي مشھور مضمون نگار ۽ فلسفي ڪتابن جي باري ۾ چيو ھو تہ ”ڪي ڪتاب چکبا آھن، ڪي ڳِھبا آھن ۽ ڪي آھستي چٻاڙي ۽ ھضم ڪبا آھن.“ رئوف نظاماڻي ڪنھن بہ ڪتاب کي رڳو چکي ناھي ڇڏي ڏنو ۽ نہ وري بنان چٻاڙن جي ڳِٿو آھي. پر ھُن ھر ڪتاب کي باقائدگي سان چٻاڙيو ۽ ھضم ڪيو آھي. ھُن ھر ڪتاب کي سنجيدگي سان ۽ گھرائي سان پڙھيو آھي. ان تي نوٽس ورتا آھن ۽ پوءِ پوري غير جانبداري سان انھن تي راءِ ڏني آھي. رئوف نظاماڻي کي جيڪڏھن لڳو آھي تہ ڪو ڪتاب تفصيلي راءِ جو گھرجائو آھي ته ھُن انھيءَ ڪتاب کي اھا گھربل اھميت ڏني آھي. انھي ڪري توھان کي اھڙا ڪتاب بہ ملندا جن تي تبصرا ٽن ٽن مضمونن تي مشتمل آھن. انھيءَ سان انھن ڪتابن سان اھو ڀرپور انصاف ٿيو آھي، جيڪو اھي لھڻن. گھڻن پڙھندڙن کي انھي سان انھن ڪتاب کي گھرائي سان متعارف ٿيڻ جو موقعو ملندو. پر ڪي اسان پارا پڙھندڙ بہ ھوندا، جن کي اھو احساس ٿيندو تہ اھي تبصرا ايترا تہ جامع آھن، جو ھاڻ انھن ڪتابن کي پڙھڻ جي ضرورت ئي ناھي، ڇاڪاڻ جو ڪتاب جون سڀ اھم ڳالھيون رئوف نظاماڻي پنھنجي تبصري ۾ ڏئي ڇڏيون آھن. منھنجي راءِ اھا آھي تہ ڪتاب تي تبصري ۾ ڪجھہ ڳالھيون پڙھندڙن لاءِ بہ ڇڏي ڏجن تہ جيئن اھي بہ انھن پاسن کي ڳولي لھڻ جو لطف پاڻ بہ وٺي سگھن. ڪن جڳھين تي جيڪڏھن رئوف نظاماڻي ڪتابن جي مواد کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جي بدران جيڪڏھن انھن تي پنھنجي تنقيدي راءِ تي وڌيڪ توجہ ڏئي ھان تہ پڙھندڙن لاءِ اڃان بہ وڌيڪ لاڀائتو ٿئي ھا.
ڪتابن جي چونڊ ۾ ڪي اھڙا ڪتاب بہ ھئا جن جا موضوع رئوف نظاماڻي جي دل جي تمام ويجھا ھوندا. خاص طور تي کاٻي ڌر جي سياست ۽ ادب جي ڪارج ۽ پابندين جي حوالي سان جيڪي ڪتاب ھئا، انھن تي پڙھڻ وقت ڪٿي دل ۾ اھا خواھش بہ اڀري تہ ڪاش رئوف نظاماڻي انھن موضوعن کي سنڌ جي ماضي جي سياست سان بہ جوڙي ۽ سنڌ جي سياست ۽ سماج تي وڏي وقت تائين نظر رکندڙ جي حيثيت سان انھن ڪتابن ۾ ٿيل بحثن جي روشني ۾ سنڌ جي سياست ۽ ادب جو بہ جائزو وٺي ھا. اسان کي اميد آھي تہ رئوف نظاماڻي اسان جي انھيءَ معصومانہ خواھش تي غور ڪندو.
”ڳالھيون ڪتابن سنديون“ سنڌ ۾ موجود انھن ماڻھن لاءِ ھڪ انتھائي قيمتي سوکڙي آھي جيڪي اڃان ڪتاب پڙھن ٿا، جيڪي ڪتابن تي ڳالھائين ٿا ۽ جيڪي بھترين ڪتابن پڙھڻ جي خواھش رکن ٿا. رئوف نظاماڻي نہ فقط اسان کي دنيا جي بھترين ڪتابن سان متعارف ڪرايو آھي پر اسان جي دل ۾ اھا خواھش بہ پيدا ڪئي آھي تہ ڪتابن سان اسان پنھنجي عشق جي وري تجديد ڪريون. تبصري ھيٺ آيل انھن ڪتابن ۽ اھڙن ٻين ڪتابن کي پڙھون. اميد آھي تہ موجودہ ڪتاب انھيءَ سلسلي جي پھرين ڪڙي ھوندو. رئوف نظاماڻي ٻيا جيڪي بہ ڪتاب پڙھندو، انھن سان اسان جي واقفيت ڪرائيندو رھندو.

منوج ڪمار
ھالا نوان

سنڌ جا عامل

سنڌ مان ورهاڱي وقت جيڪي هندو لڏي ويا آهن، هن وقت ستر سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کانپوءِ انهن جو ٽيون نسل ڀارت ۽ دنيا جي خاص طور آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ آباد آهي. انهن ماڻهن لا۽ اهم مسئلو پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولها آهي. وٽن پنجابين ۽ بنگالين جيان ڀارت ۾ ڪا اهڙي زمين ناهي، جنهن کي هو پنهنجو وطن چئي سگھن. جيتوڻيڪ انهن عمليت پسندي جو مظاهرو ڪندي، مقامي ڪلچر ۽ ٻولي ۾ ضم ٿيڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي پنهنجي اصل ڏانهن وڃڻ جي سندن خواهش اڀري اچي ٿي. ان جي نتيجي ۾ ورهاڱي، سنڌي هندن جي ماضي، حال ۽ سنڌ ۽ ڀارت ۾ انهن جي زندگي متعلق گھڻو ڪجھ لکيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ساز اگروال جو ڪتاب The Amils of Sindh- A Narrative History of a Remarkable Community هڪ تفصيلي دستاويز آهي، جنهن ۾ مختلف پاسن کان خاص طور سنڌ جي عاملن جي ماضي، حال، اٿڻ ويهڻ ۽ طور طريقن جو جائزو ورتو ويو آهي. ان ۾ سنڌ جي حوالي سان گھڻو ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي تي توجھ ڏني ويئي آهي. ان جو ڪارڻ اهو ٿي سگھي ٿو ته سنڌ جي گادي جو هنڌ جڏهين خدا آباد مان حيدرآباد منتقل ٿيو ته گھڻا عامل، جيڪي شاهي دربار سان لاڳاپيل هئا، اهي حيدرآباد منتقل ٿي ويا. انهن کي خدا آبادي عامل چيو وڃي ٿو. اهي نون ذاتين ۾ ورهايل آهن، جڏهين ته حيدرآباد ۾ ٻيا عامل به هئا، جن جو خدا آباد سان ڪو واسطو نه هو ۽ انهن کي حيدرآبادي عامل چيو ويندو آهي. اهي چار ذاتين ۾ ورهايل آهن.
شايد هڪ ڊگھي عرصي تائين مسلمان حڪمرانن ۽ مسلم گھڻائي واري آبادي سان رهڻ ڪري سنڌي هندن ۾ هندوستان جي ٻين علائقن جيان ذات پات جو هڪ سخت نظام نه هو. عامل ۽ ڀائي بند جي تفريق به پيشن جي بنياد تي هئي، جيڪا شروع ۾ ايتري سخت نه هئي ۽ انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ کانپو۽ ان کي باقاعدي خانن ۾ ورهايو ويو هو. جيتوڻيڪ عامل ان تي سختي سان عمل ڪندا هئا ۽ وڏي جاچ کانپو۽ ئي ڪنهن کي پنهنجي حلقي ۾ شامل ڪندا هئا. ايستائين ته نائون مل جي خاندان کي به انهن اهو چئي ڌڪاري ڇڏيو ته توهانجو پسمنظر عاملن جو ناهي، جنهن تي ڪاوڙجي انهن چيو ته ٺيڪ آهي، پو۽ اسان پاڻ کي سيٺ سڏرائينداسين. پر ڏٺو وڃي ته اها ڪا اهڙي ليڪ نه هئي جيڪا اڻ مٽ هجي. گھڻن عاملن پنهنجي تعليم سان گڏ واپار ۾ به پنهنجو پاڻ کي مڃرايو، جڏهين ته ڀائي بند ۽ سيٺ واپار سان تعليم ۾ به اڳتي هوندا هئا. مثال طور بمبئي يونيورسٽي مان پهرئين سنڌي گريجويٽ جو واسطو سيٺ نائون مل جي خاندان سان هو. ساڳي ريت عاملن جي حوالي سان جيڪا تحقيق ٿي آهي ان ۾ اها ڳالھه پڻ سامهون آئي آهي ته هڪ ئي ذات سان واسطو رکندڙ ماڻهن ۾ ساڳي وقت عامل به آهن ته ڀائي بند به.
عامل جيئن ته گھڻو ڪري ميرن جي دربار ۽ انگريزن جي حڪومتي مشنيري جو حصو رهيا آهن، ان ڪري انهن، انهن جا طريقا ۽ ٻولي اختيار ڪئي آهي. ميرن جي دور ۾ جيئن ته سرڪاري ٻولي فارسي هئي، ان ڪري انهن فارسي کي ئي پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي ٻولي ڪيو ۽ سنڌي رڳو ڳالھہائڻ جي حد تائين هئي. انگريز جڏهين سنڌ ۾ آيا ته کين شروع ۾ سرڪاري ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ ڏکيائي پيش آئي. ڇاڪاڻ ته جيڪي عامل ساڻن شامل ٿيا، انهن کي رڳو فارسي لکڻ پڙهڻ آئي ٿي ۽ سنڌي کان اهي اڻ ڄاڻ هئا. اها ساڳي صورتحال اڳتي هلي انگريزي جي سلسلي ۾ ٿي. ان سلسلي ۾ رچرڊ برٽن لکي ٿو ته اسان جي لکپڙه ڪندڙ جي مادري ٻولي سنڌي آهي پر هو ڪڏهين به ان ۾ موجود مواد تي توجھ نه ٿو ڏئي، ان ڪري سوائي ڳالھه ٻولھه جي، هو ان سڀ کان اڻ ڄاڻ آهي. ساڳي ريت لڏي ويندڙ ماڻهن ۾ ڪي ٿورا ئي اهڙا عامل هئا، جن کي پنهنجي مادري ٻولي نه اچڻ جو افسوس هجي.
عامل رڳو شهرن ۽ سرڪاري نوڪرين تائين محدود نه هئا. انهن جون سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڏيون زمينداريون هيون. ڪنهن وٽ ڏه هزار ايڪڙ هئا ته ڪنهن وٽ بدين پاسي ٻه سو ڳوٺ هئا. شهرن ۾ انهن جيتوڻيڪ مختلف فلاحي ۽ تعليمي ادارا وغيره قائم ڪيا هئا، پر اهي پنهنجي هڪ انفرادي الڳ ٿلڳ زندگي گذاريندا هئا. ڪراچي جي عامل ڪالوني ۾ ٻئي ڪنهن غير ماڻهو ۽ خاص طور ڪنهن مسلمان کي گھر وٺڻ جي اجازت نه هئي. ساڳي ريت اهي پاڻ ۾ به گھڻو ميل جول نه رکندا هئا. هڪٻئي جي ٻارن کي هڪ ٻن نسلن کانپو۽ پنهنجن ويجھن مائٽن جي به خبر نه هوندي هئي. جيتوڻيڪ لڏي وڃڻ کانپو۽ اهي هڪ جاء تي نه رهيا ۽ ٽڙ وکڙ ٿي ويا، پر پنهنجي ذات جي معاملي ۾ نهايت سخت رهيا. عامل پنچائت پوري جاچ جوچ ۽ ستن پيڙهين تائين ڪنهن جي تحقيق ڪرڻ کانپو۽ ان کي پنهنجي تنظيم ۾ شامل ڪري ٿي يا ان کي کتو جواب ڏنو وڃي ٿو.
سنڌ مان ورهاڱي وقت جيڪا لڏپلاڻ ٿي، اها پنجاب جي ڀيٽ ۾ مختلف هئي. هتي ورهاڱي کان اڳ يا پو۽ ان نموني جا منظم فساد نه ٿيا هئا، جنهن ۾ ماڻهن کي سڀڪجھ ڇڏي ڀڄڻو پئي. ڪجھ ماڻهن جن ورهاڱي کان اڳ لڏڻ جو ارادو ڪيو هو، انهن پنهنجن ٻارن ٻچن کي اڳ ئي ڀارت جي مختلف شهرن ۾ پنهنجن مٽن مائٽن وٽ موڪلي ڇڏيو هو، يا اتي پنهنجا گھر وٺي ڇڏيا هئا ۽ پو۽ پنهنجيون ملڪيتون وغيره وڪڻي پاڻ به لڏي ويا. ڪجھ اهڙا ماڻهو هئا جن ڀارت مان پاڪستان لڏي ايندڙ مسلمانن سان پنهنجي ملڪيت جي ڏي وٺ ڪئي. خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد مان گھڻن کي ڀارت مان آيل پناهگيرن جي فسادن جي ڪري پنهنجا گھر ڇڏي وڃڻو پيو يا انهن جي گھرن ۽ ملڪيتن تي زوري قبضو ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شروع ۾ اچ وڃ تي گھڻيون پابنديون نه هيون، ان ڪري سرحد پار ڪرڻ ۾ ڪا گھڻي ڏکيائي نه هئي. 1965 ۽ پوء 1971 جي جنگين جي ڪري ٻنهي ملڪن جا ناتا خراب ٿي ويا ۽ سرحدن تي سختيون وڌي ويون. ان صورتحال جي ڪري گھڻا اهڙا جن پاڪستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو هو، هتان مستقل طور لڏي ويا. اهو لڏپلاڻ جو سلسلو اڃا به جاري آهي ۽ گھڻا خاندان مختلف بهانن سان سرحد پار وڃن ٿا ۽ پو۽ اتي ئي رهجي وڃن ٿا.
سنڌ مان لڏي ويندڙ گھڻن ماڻهن کي ڀارت جي مختلف شهرن جي مهاجر ڪئمپن ۾ رهايو ويو هو. هڪ مثبت ڳالھه اها هئي ته انهن ماڻهن ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻ بجائي پنهنجي تعليم، محنت ۽ تجربي جي بنياد تي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳي وقت انهن کي ڪميونٽي ۽ سرندي وارن ماڻهن جي سهائتا حاصل هئي. ان سان گڏوگڏ انهن تعليم تي خاص توجھ ڏنو. اهڙا اٽڪل پنج هزار شاگرد هئا، جيڪي سنڌ ۾ پنهنجي تعليم اڌوري ڇڏي ڀارت لڏي ويا هئا. انهن جي ۽ ٻين گھڻن جي تعليم جو بندوبست ڪرڻو هو. ان مقصد لاء ايستائين ته حيدرآباد جي هڪ ڪاليج جو هڪ پروفيسرڪاليج جي ليبارٽري مان ضروري ساز و سامان کڻي ويو هو ته جيئن نئين ملڪ ۾ لڏي ويندڙ شاگردن جي ڪم اچي سگھي. ان سلسلي ۾ خاص طور هوتچند آڏواڻي جون ڪوششون ذڪر جوڳيون آهن، جنهن پرنسپل ڪي ايم ڪندناني، جنهن سنڌ جي پروفيسرن جي هڪ ٽيم کي گڏ ڪيوهو، سان گڏجي ڪيترا ئي تعليمي ادارا قائم ڪيا. هوتچند آڏواڻي ان مقصد لاء پنهنجن ڀائي بند مؤڪلن، جيڪي آسودا هئا ۽ جن جو ڪاروبار چڱو هلي رهيو هو، کان فنڊ به ورتا. اهي ماڻهو مٿس ايترو اعتبار ڪندا هئا جو کيس بلينڪ چيڪ ڏيئي ڇڏيندا هئا. جيستائين هوتچند حيات هو سندس اصرار هوندو هو ته ڪاليجن ۾ سنڌي جو شعبو هئڻ گھرجي پو۽ ڀلي رڳو ٻه شاگرد ئي ڇو نه سنڌي پڙهڻ چاهيندا هجن. پر اڳتي هلي جڏهين گھڻن مائٽن کي سنڌي جو عملي زندگي ۾ ڪو ڪارج نظر نه ٿي آيو ته انهن پنهنجن ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ ڇڏي ڏني ۽ اهڙي ريت انهن ادارن مان سنڌي ختم ٿي ويئي. الهاس نگر ۽ ٻين مهاجر ڪئمپن ۾ قائم ڪيل تعليمي ادارن ۾ سنڌي جي پڙهائي گھڻي عرصي تائين هلندي رهي. هوتچند جي هڪ ٻي خاصيت اها هئي ته 1950 جي ڏهاڪي ۾ جڏهين ڪي سي ڪاليج قائم ٿيو ته ويجھڙائي جي ڀينڊي بازار جا مسلم خاندان به پنهنجين ڇوڪرين کي اتي جي محفوظ ماحول جي ڪري پڙهڻ موڪليندا هئا. ڪاليج جي بورڊ هوتچند آڏواڻي کان پڇيو ته هو ان ڪميونٽي جي ٻارن کي ڇو داخلا ٿو ڏئي جن جي ڪري کين سنڌ ڇڏڻي پيئي، پر هو پنهنجي موقف تي مضبوطي سان قائم رهيو ته جيڪڏهين انهن ڇوڪرين کي داخلا نه ڏني ويئي ته اهي پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو وڃائي ڇڏينديون.
سنڌ ۾ جيڪي عامل ۽ ٻيا سرڪاري نوڪرين ۾ هئا انهن کي ڀارت ۾ به مناسب جا۽ ڏني ويئي. گھڻا وڏن ۽ اهم عهدن تي فائز ٿيا. سنڌ جو آئي سي ايس آفيسر حشمت رائي چيناني، بمبئي هائي ڪورٽ جو مستقل چيف جسٽس مقرر ٿيو. اهو پهريون آئي سي ايس افسر هو، جيڪو پنهنجي قانوني مهارت جي ڪري هائي ڪورٽ جو مستقل چيف جسٽس مقرر ٿيو هو. مشهور نانا وتي ڪيس ۾ ڀارت جي بچاءَ جي وزير ڪرشنا مينن جي دٻاء ۽ جيوري جي سفارش جي باوجود هن پنهنجي مرضي جو فيصلو ڏنو. بدقسمتي سان ميرين ڊرائيو ۾ پنهنجي گھر جي آڏو واڪ ڪندي هڪ ڪار جي ٽڪر ۾ سندس انتقال ٿي ويو. گھڻا عامل انگريزن جي فوج ۾ به هئا، جن ٻي مهاڀاري جنگ ۾ حصو ورتو هو. ڀارت جي بري، بحري ۽ هوائي فوج ۾ انهن مان گھڻا اهم عهدن تي هئا ۽ اڃا به آهن. اهڙي ئي هوائي فوج جي هڪ پائلٽ جو ذڪر ڪندي ليکڪا ٻڌائي ٿي ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ کيس ڪراچي تي حملن جو ڪم ڏنو ويو هو. هڪ حملي کان واپسي تي سندس جهاز سان حادثو ٿيو ۽ هو ان ۾ مري ويو.
اها ڳالھه ته پنهنجي جاء تي طئي آهي ته شروع ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت سان لڏي ويندڙن جو جيڪو لڳاءُ هو اهو هاڻي نه هئڻ جي برابر وڃي رهيو آهي. جيئن ليکڪا ريٽا شاهاڻي جو چوڻ آهي ته اسان وت اهو ثقافتي ماحول ئي ناهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪري سگھي. ساڳي ريت مائٽن پاران پنهنجن ٻارن کي سنڌي هئڻ جو احساس ئي نه ٿو ڏياريو وڃي ۽ نه ئي انهن سان اهي سنڌي ۾ ڳالھہائين ٿا. ليکڪا جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي مندرن ۾ جتي ڀارت جي مختلف علائقن جا ماڻهو اچن ٿا اتي اهي پاڻ ۾ ۽ پنهنجن ٻارن سان پنهنجيون ٻوليون ڳالھائين ٿا. جيڪڏهين ڪنهن کي اوهان انگريزي ۾ ڳالھائيندو ٻڌو ته پڪ سمجھو ته اهي زال مڙس يا ته ٻن مختلف ٻولين سان واسطو رکن ٿا ۽ يا وري اهي سنڌي آهن، جن کي پنهنجي ٻولي نه ٿي اچي يا اهي اها پاڻ ۾ ۽ پنهنجن ٻارن سان اها ڳالھائڻ نه ٿا چاهين.
نوي جي ڏهاڪي ۾ پاڪ ڀارت ناتن ۾ ڪجھ بهتري اچڻ جي ڪري ڀارت جي هڪ وڏي ٽور آپريٽر رنجيت ملڪاڻي کي ڪراچي ۽ حيدرآباد گھمڻ جي دعوت ڏني ويئي. جڏهين هن حيدرآباد ۾ آڏواڻي گھٽي، ملڪاڻي گھٽي ۽ سنڌي عامل پنچائت جو بورڊ ڏٺو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. جڏهين هو موٽي آيو ته هن ڀارت جي سنڌين کي سنڌ گھمائڻ جو منصوبو ٺاهيو، جيڪي سندس خيال ۾ ان لا۽ سندس ٿورائتا ٿيندا. ان مقصد لا۽ هن پي آئي اي ۾ ٽيويھه هزار چار سو نشستون بڪ ڪرايون ۽ هلو ته هلون جي نعري سان وڏي پئماني تي مارڪيٽنگ جي مهم شروع ڪئي. ان سڄي مهم جي نتيجي ۾ کيس رڳو اهڙا چوڏنهن ماڻهو ملي سگھيا جن کي سنڌ ڏسڻ جو شوق هو. اهڙي ريت رڳو ڪجھ ئي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي واقعي سنڌ جي محبت ۾ ۽ پنهنجن وڏن جي وطن کي ڏسڻ لاء سنڌ اچڻ چاهين ٿا جڏهين ته گھڻائي کي ان سان ڪا دلچسپي ناهي.
ان سلسلي ۾ گھڻو ڪم ٿي رهيو آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ ٻيا گھڻا پاسا پڻ سامهون ايندا.

ڪراچي ۽ عامل

ميرن پاڻ کي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن تائين محدود رکيو هو. ڪراچي جي سندن لا۽ ڪا خاص اهميت نه هئي. ايستائين ته 1839 ۾ جڏهين انگريز ڪراچي ۾ آيا، تڏهين به ميرن ان ڳالھه تي خاص توجھ نه ڏنو. ڪراچي کي اهميت 1843 ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپو۽ ملي جڏهين انهن گادي جو هنڌ حيدرآباد کان منتقل ڪري ڪراچي آندو. انگريزن جي آندل مختلف انتظامي تبديلين، خاص طور تي سنڌ جي بمبئي پريزيڊينسي سان ڳنڍجڻ ڪري ڪراچي ان وقت ئي هڪ ڪاسموپوليٽن شهر ۾ تبديل ٿي ويو. هتي جيتوڻيڪ آبادي جي گھڻائي سنڌين جي هئي، پر ڀر پاسي وارين رياستن جا ماڻهو خاص طور نوڪرين ۽ واپار جي موقعن جي ڪري هتي اچي آباد ٿيا، جيڪا ڳالھه حيدرآباد ۾ نه هئي، جتي گھڻي ڀاڱي سنڌين جي ئي آبادي هئي. جيئن ته حڪومت جو سڄو ڍانچو ڪراچي ۾ هو، ان ڪري اها فطري ڳالھه هئي ته عامل جيڪي حيدرآباد ۾ هئا اهي ڪراچي کي پنهنجو مرڪز ٺاهين. ان سان گڏوگڏ هتي واپار جا موقعا پڻ هئا، جنهن مان ڀائي بند ۽ عامل ٻيئي فائدو وٺي سگھيا ٿي. ان لا۽ اها ڳالھه ضروري هئي ته انگريزن خاص طور تي تعليم جي ميدان ۾ جيڪي سڌارا آندا هئا، ان سان پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي هم آهنگ ڪن ۽ انگريز سرڪار جو هڪ ڪارائتو حصو بڻجن. ساز اگروال جي ڪتاب The Amils of Sindh- A Narrative History of a Remarkable Community ۾ ڪراچي ۾ آيل تبديلين جون ڪجھ جھلڪيون ملن ٿيون.
عام طور اهو تاثر آهي ته واپار وغيره ڀائي بندن جو ڪم آهي ۽ عاملن جو ان سان واسطو نه رهيو آهي، پر ائين ناهي. عامل وقت سان گڏو گڏ پاڻ کي تبديل ڪندا رهيا آهن. اهي سرڪاري ڪامورن سان گڏوگڏ سٺا دوڪاندار پڻ رهيا آهن. 1940 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي ۾ اهڙيون بازارون هيون، جتي رڳو عاملن جا دوڪان هوندا هئا. ايلفينسٽن اسٽريٽ، جنهن کي هاڻي زيب النساء اسٽريٽ جو نالو ڏنو ويو آهي، جتان انگريز گھڻو ڪري پنهنجن ڪپڙن ۽ ٻئي سامان جي خريداري ڪندا هئا، گلزارريسٽورنٽ کان فريئر هال تائين هڪ ميل کان وڌيڪ ڊگھي هوندي هئي. هتي جيڪڏهين نظر ڪبي هئي ته ايڪڙ ٻيڪڙ ڀائي بندن، پارسين ۽ مسلمانن جي دوڪانن کي ڇڏي باقي هڙيئي دوڪان عاملن جا هئا.
شهر ۾ مختلف ڪميونٽي وارن جهڙوڪ گجراتين ۽ پارسين وغيره پنهنجيون رهائشي ڪالونيون ٺاهيون هيون. عامل ڪالوني هڪ جمشيد ڪوارٽر جي ويجھو هئي، جڏهين ته عامل ڪالوني ٻي ڪليٽن روڊ جي چوواٽي کان شروع ٿي ٿي. هتي ئي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لا۽ ڌار سنڌي ميڊيم اسڪول هئا ۽ ويجھو ئي ساڌو واسواڻي مرڪز هو، جتي هو پنهنجي ڪراچي جي دوري دوران ليڪچر وغيره ڏيندو هو. ٻه نمبر جي بس گرومندر کان ساڄي پاسي مڙندي هئي، جتي ڪاسموپوليٽن ڪالوني هئي. ان ڪالوني جي ساڄي پاسي تي وڏي شڪارپوري ڪالوني هئي، جتي شاهوڪار شڪارپوري رهندا هئا. گجراتي ڪالوني ۾ شاهوڪار گجراتين پنهنجا بنگلا ٺاهيا هئا. ان ڪالوني کي عامل ڪالوني ٻه نمبر کان هڪ وڏو ميدان ڌار ڪندو هو، جتي ڪانگريس پنهنجو 1934 جو سيشن منعقد ڪيو هو.
اهڙي ريت ڪراچي کي هڪ جديد شهر ٺاهڻ ۾ سنڌي عاملن سان گڏ ٻين ماڻهن جو به حصو هو. خاص طور تي تعليم جي شعبي ۾ اهم ادارا قائم ڪيا ويا، جنهن مان شهر جا ماڻهو اڃا به لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. ان سلسلي جي اهم پيش رفت سنڌ آرٽس ڪاليج جو قيام هو جيڪو اٺاويھه شاگردن سان هڪ مسواڙ جي جاءِ ۾ شروع ٿيو. هن ڪاليج کي قائم ڪرڻ ۽ هلائڻ ۾ هندن جو وڏو هٿ هو، جڏهين ته پارسين کليل دل سان ان جي مالي سهائتا ڪئي. ان جو مقصد سڀني ماڻهن، پر خاص طور گھڻائي واري ڪميونٽي يعني مسلمانن جي ترقي لا۽ ڪوشش ڪرڻي هئي، جنهن جي لا۽ انهن کي اسڪالرشپ ۽ تحفن وغيره جي سلسلي ۾ ترجيح ڏني ٿي ويئي. 1898 ۾ ڪراچي ۾ پليگ جي ڪري بجائي ڪاليج کي بند ڪرڻ جي، ان کي پروفيسر جيڪسن ڪجھ مهينن لاء حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو. ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ اٽڪل شروع کان ئي آرٽس ۽ انجينيئرنگ جا ڪلاس هلندا هئا. وقت گذرڻ سان گڏ ان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اهڙا ادارا قائم ڪيا. 1922 ۾ حيدرآباد ۾ ڊي جي نيشنل ڪاليج قائم ڪيو ويو. شڪارپور ۾ 1933 ۾ چيلاسنگھ ۽ سيتل داس ڪاليج قائم ٿيو ۽ 1939 ۾ سڪرنڊ ۾ زراعت جو انسٽيٽيوٽ قائم ٿيو.
1888 ۾ پي ڊبليو ڊي جي انجنيئرن جي تربيت لاء قائم ڪيل سرڪاري انسٽيٽيوٽ انجينيئرنگ ڪلاس کي ڪاليج ڏانهن منتقل ڪيو ويو. سکر بئراج کي مقامي انجنيئرن لا۽ هڪ سونهري موقعو ڏسندي، پروفيسر شاهاڻي هڪ مڪمل انجنيئرنگ ڪاليج جي تجويز پيش ڪئي. اها هڪ ڊگھي جدوجهد هئي. نيٺ ڪاليج کي بنارس هندو يونيورسٽي سان الحاق ڏنو پئي ويو، پر هوشنگ ڊنشا جي ڏيڊ لک روپين جي عطئي ڌار ڪاليج جي تجويز کي قابل عمل بڻائي ڇڏيو ۽ سندس پيءُ جي نالي سان نادر شا ايڊلجي ڊنشا سول انجينيئرنگ ڪاليج قائم ڪيو ويو. اهڙي ريت جڏهين سنڌ ۾ پهريون لا ڪاليج قائم ڪيو ويو ته ان کي ان جي پرنسپل شاهاڻي جو نالو ايس سي شاهاڻي لاء ڪاليج ڏنو ويو. سنڌ جي ٻين علائقن مان ڪراچي جي انهن تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ لا۽ ايندڙ شاگردن جي رهائش لاء 1901 ۾ خيرپور جي مير جي ڏنل پنج هزار ۽ ٻن ڀائرن ديارام ۽ مٺارام گدومل جي ڏنل پندرنهن هزار روپين مان هڪ هاسٽل تعمير ڪيو ويو، جنهن جو نالو مٺارام هاسٽل رکيو ويو. ان وقت جي رهائش جي لحاظ کان سٺن هاسٽلن ۾ ان جو شمار ٿيندو هو، جتي شاگردن لاء سٺي فرنيچر سان ڌار ڪمرا هوندا هئا. ان هاسٽل ۾ ادبي گڏجاڻيون وغيره به ٿينديون هيون. انهن وڏن ادارن جي قيام کانسوا۽ شهر جي مختلف علائقن ۽ خاص طور لياري ۾ غريب ۽ پورهيت طبقي لا۽ مختلف تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا جن مان اڃا گھڻا ساڳين نالن سان موجود آهن.
ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران جيتوڻيڪ سامونڊي رستا بند ٿي ويا هئا ۽ سنڌ ورڪي پنهنجي وطن کان اٽڪل ڇهن سالن لاء ڪٽجي ويا هئا، پر عاملن لا۽ ان جنگ جي ڪري نوان موقعا پيدا ٿي ويا هئا ۽ گھڻيون تبديليون واقع ٿيون هيون. ڊرگ روڊ جي قائم ڪيل هوائي اڏي تي برطانيا ۽ ٻين اتحادي فوجن جا سپاهي ايندا هئا. انهن کي هر جمعي تي پگھار جا چيڪ ملندا هئا ۽ اهي اوسي پاسي جي علائقن ۾ خريداري لا۽ نڪرندا هئا. جلد ئي ان علائقي ۾ ڪاروباري سرگرمي وڌي ويئي ۽ حڪومت پاران مقامي ماڻهن کي به اتي دوڪان وغيره قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي. گھڻن عامل واپارين کي ڪيمپ جي ضرورت جي شين جي فراهمي جا ٺيڪا مليا ۽ انهن اتي پنهنجا دوڪان وغيره به کوليا. ان علائقي جو نالو ئي نئون لندن پئجي ويو هو. ڪراچي جي معيشت کي اڳتي وڌائڻ ۾ ان هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
اها هڪ شروعات هئي جنهن اڳتي هلي ڪراچي جي هڪ وڏي شهر ٺهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ھو.

حيدرآباد ۽ عامل

جيتوڻيڪ مغل دربار ۾ به سرڪاري ڪامورن کي عامل چيو ويندو هو ۽ ڪجھ کي ديوان جي لقب سان نوازيو ويندو هو پر سنڌ ۾ عامل باقاعدي ڄڻ هڪ ذات بڻجي ويا. انهن مان گھڻا ڀرپاسي جي رياستن پنجاب، راجپوتانه ۽ ڪاٺياواڙ وغيره مان سترنهين صدي ۾ اورنگزيب جي اختيار ڪيل اسهپ وارين پاليسين ۽ ان کانپوء پيدا ٿيل ڏڦيڙ جي ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. نهايت گھٽ تعداد ۾ هئڻ ڪري انهن پنهنجيون گھڻيون رسمون ڇڏي مقامي آبادي ۾ ضم ٿي ويا. انگريزن هتي اچي انهن کي لوهاڻا جي نالي ۾ گڏ ڪري ڇڏيو ۽ پوء ٻيا گھڻا عامل به ان ۾ شامل ٿيندا ويا ۽ انهن کي ذات جي لحاظ کان ڌار ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو.
ساز اگروال پنهنجي ڪتاب The Amils of Sindh- A Narrative History of a Remarkable Community ۾ سنڌ جي عاملن ۽ سندن سنڌ جي مختلف شعبن ۾ ادا ڪيل ڪردار جو هڪ جامع مطالعو پيش ڪيو آهي. عامل ڪلهوڙا، تالپور ۽ پوء انگريزن جي دور ۾ حڪومت جي اهم عهدن تي رهيا. ايستائين هڪ غلطالعام ڳالھہ اها رهي آهي ته عاملن ۽ سنڌ ورڪين جن کي ڀائي بند جو نالو ڏنو ويو، اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي واپار وغيره جي سلسلي ۾ سنڌ کان ٻاهر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ويا ۽ اتان ڪمايل دولت کي پنهنجي گھر، ٻارن ۽ عام ڀلائي جي ڪمن ۾ خرچ ڪيو، کي ڌار خانن ۾ ورهائي الڳ ذاتين جي طور پيش ڪيو ويو آهي. اها ورهاست انگريزن جي دور ۾ شروع ٿي جڏهين سامونڊي سفر جي سهولت جي ڪري گھڻن سنڌي هندن انگريزن جي مختلف نوآبادين ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃي اتي پنهنجا واپاري مرڪز قائم ڪيا ۽ اهي ڪجھ عرصي کانپوء جڏهين وطن موٽندا هئا ته پرڏيه جون شيون ۽ مال دولت کڻي ايندا هئا. گھڻا عامل ساڳي وقت سنڌ ورڪي به رهيا آهن ۽ واپار وغيره جي سلسلي ۾ ٻاهر ملڪن ۾ ويندا رهيا آهن.
عامل پنهنجي تعليم ۽ سرڪاري عهدن جي ڪري ڀائي بندن کي گھٽ تعليم يافته هئڻ ۽ جديد دور جي طور طريقن کان واقف نه هئڻ ڪري پاڻ کان گھٽ سمجھندا هئا جڏهين ته ڀائي بندن کي دنيا جي مختلف ملڪن جو تجربو هوندو هو، اهي اتان جي ٻولين ۽ طور طريقن کان اتان جي مقامي ماڻهن جيان ئي واقف هوندا هئا. اهي چوندا هئا ته عامل ته ٻين جا نوڪر آهن ۽ کين ٻين جي چوڻ مطابق هلڻو پئي ٿو جڏهين ته هو پنهنجي زندگي جا پاڻ مالڪ آهن. اها حقيقت به هئي ته گھڻا عامل ڀائي بندن جي دولت ۽ گھرن جي سامان کي ڏسي مٿن رشڪ ڪندا هئا ۽ گھڻا انهن جي ڪمپنين ۽ فرمن وغيره ۾ ملازمت به ڪندا هئا.
ڪلهوڙن جي دور ۾ ديوان گدو مل نئين گادي جي هنڌ جي ڳولها ڪندي گنجي ٽڪر، جتي مختلف عقيدن جا ماڻهو عبادت لاء ايندا هئا ۽ جتي ليکڪ ڪي آر ملڪاڻي چواڻي ته ڪالي ديوي جو مندر هو، لڳ نيرون ڪوٽ جي ڊٺل شهر کي نئين نالي حيدرآبا د جي نالي سان ٻيهر تعمير ڪيو. ڪلهوڙن کي ته شهر جي پڪي ۽ ڪچي قلعن ۾ رهڻ نصيب نه ٿيو پر اهو شهر ٽالپرن جي گادي جو هنڌ رهيو. هتي هندن ۽ خاص طور عاملن جا گھڻا گھر هوندا هئا. انگريزن جي دور ۾ شهر تي خاص توجھ ڏنو ويو. ٽالپرن جي دور ۾ شهر جون گھٽيون سوڙهيون هونديون هيون ۽ صفائي وغيره جو ڪو مناسب بندوبست نه هوندو هو. انگريزن جي دور ۾ هڪ ته شهر جي رٿابندي ۽ صفائي سٿرائي تي توجھ ڏنو ويو، روڊ رستن کي ويڪرو ڪيو ويو ۽ ٻيو جيڪي سنڌ ورڪي ٻاهران پئسو ڏوڪڙ آڻيندا هئا ان کي اهي پنهنجن نون گھرن ٺاهڻ، انهن کي سينگارڻ ۽ عام ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ڪندا هئا. ان سان گڏوگڏ خاص طور تي ويهين صدي جي شروعات ۾ گھڻا عامل ڇوڪرا تعليم حاصل ڪري انجينيئر ۽ وڪيل وغيره ٿي ويا ۽ انهن به شهر جي ترقي تي خاص توجھ ڏنو. جيتوڻيڪ ان وقت ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ هو ۽ هتي سنڌ جي ٻين علائقن جي سنڌين کانسواء بوهري، پارسي، عيسائي ۽ ڪڇي وغيره رهندا هئا پر انهن ماڻهن لاء حيدرآباد جي هڪ خاص اهميت هوندي هئي. ۽ ان کي ئي پنهنجو گھر ڪري ليکيندا هئا. اهي ڀلي پنهنجي نوڪري ۽ ٻين ڪمن ڪارين جي حوالي سان سنڌ جي ڪهڙي به شهر ۾ هجن پر موقعي مهل تي حيدرآباد ئي ايندا هئا. خاص طور ٻار جي ڄمڻ تي اهي هتي اچڻ لازمي سمجھندا هئا ته جيئن ٻار حيدرآباد سان پنهنجي تعلق کي ظاهر ڪري سگھي.
ليکڪا ريٽا شاهاڻي شهر متعلق پنهنجي يادگيري ٻڌائي ٿي ته عاملن جا سڀ گھر ۽ انهن جو سامان، فرنيچر ۽ ايستائين ته رڌڻي جا ٿانهن به هڪجهڙا هوندا هئا. سڀني جا ٻار گڏجي پيا راند ڪندا هئا ۽ هر ڪو هڪٻئي کي سڃاڻندو هو. گھر جا گھڻا ڀاتي هڪ جاء ۾ رهندا هئا. پنهنجن ۽ ڀائر ڀينرن جي ٻارن ۾ ڪو فرق نه ڪيو ويندو هو جيڪا ڳالھه ڀارت جي ٻين صنعتي شهرن ۾ نه هئي. هيرآباد، جنهن جي نالي متعلق مختلف رايا آهن ته اهو نالو ڏکڻ آفريڪا مان آندل هيرن جي ڪري پيو يا ڪنهن شخص هيرانند جي ڪري، هڪ فيشن پريڊ ڪري ليکيو ويندو هو جتي شام جو هندو ناريون واڪ ڪنديون هيون. اڳتي هڪ جاء تي سيڪيوريٽي جو بندوبست هوندو هو ته جيئن ڪنهن ناپسنديده شخص کي روڪي سگھجي. ڪارڻ اهو هوندو هو ته ان وقت مسلمان پنهنجين عورتن کي ٻاهر نه ڪڍندا هئا. ان موقعي تي وڏي عمر جون عورتون سٺن رشتن لاء نوجوانن جو جائزو وٺنديون هيون. ورهاڱي کان پوء شام جو اهو معمول بمبئي ۾ ميرين ڊرائيو تي منتقل ٿي ويو.
ديارام ڪاملاني شهر ۾ هڪ بس سروس هلائيندو هو جيڪا هوم اسٽيڊ هال کان هير آباد تائين هلندي هئي. اهي پنج يا ڇھه بسون هيون جيڪي هر ڪلاڪ کانپوء هلنديون هيون. شهر ۾ مختلف پارڪ پڻ هئا جتي ماڻهو پسار ڪرڻ ويندا هئا. سيٺ ديال مل کان چرچ جي راهبائن گرجا جي ڀر ۾ خالي پيل سندس گھر رهڻ لاء گھريو هو. هن ان شرط تي انهن کي اهو گھر ڏنو ته اهي اتي انگريزي اسڪول قائم ڪنديون جنهن جو خرچ هو پاڻ ڏيندو جيستائين اهو اسڪول پنهنجي پيرن تي بيهي. اهڙي ريت سينٽ بوناوينچر نالي اسڪول قائم ٿيو جنهن ۾ ديال مل ۽ ٻين عاملن پنهنجين ڌيئرن کي داخل ڪرايو.
ساڌو واسواڻي ٻالڪن جي ٻاري قائم ڪئي هئي جتي ٻارن کي سٺي اخلاق ۽ طور طريقن جي تعليم ڏني ويندي هئي. ٻين گھڻن هندن وانگر سندس به سنڌ مان وڃڻ جو ڪو ارادو نه هو پر هڪ ڏينهن سندس ڪمپائونڊ ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ سندس هڪ پوئلڳ جي موت کانپوء هن اهو سوچي لڏڻ جو فيصلو ڪيو ته هاڻي پاڪستان ۾ رهڻ محفوظ ناهي ۽ هو پنهنجن پوئلڳن جي حياتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجھڻ نه ٿو چاهي،
پنهنجي صفائي سٿرائي ۽ سونهن ۾ يڪتا اهو شهر اوڀر جو پيرس سڏيو ويندو هو بس هڪڙي ڳالھہ جنهن ان کي متاثر ڪيو ٿي اهي هيون هتان جون کليل ناليون جتي سڄو گند پيو وهندو هو ۽ صفائي ڪرڻ وارا روز اچي ان جي صفائي ڪري ويندا هئا.
اهو حيدرآباد بس هاڻي هڪ يادگيري ئي آهي.

ادب ۽ پابنديون

بورس پاسترنيڪ ۽ سولزي نتسن سوويت يونين جا ٻه اهڙا اهم اديب آهن جيڪي سوويت يونين جي حڪومت سان ٽڪراء ۽ لاڳيتو گھڻو عرصو خبرن ۾ رهيا. پر ڏٺو وڃي ته ليکڪن ۽ فنڪارن جو سوويت حڪومت سان اختلاف ۽ ٽڪراء انقلاب جي شروع ڏينهن کان رهيو ھو. جيئن برٽنڊ رسل جو چوڻ آهي ته فن هميشه ڇڙواڳ هوندو آهي ۽ ڪنهن ضابطي ۽ تنظيم جي مزاحمت ڪندو آهي. گورڪي پورهيت طبقي جو ليکڪ، انقلاب جو حامي ۽ لينن جو ويجھو دوست هو. انقلاب کانپوء گھڻن اهڙن اديبن کي جيڪي انقلاب مخالف هئا گورڪي جي سفارش ۽ مداخلت تي ڇڏيو ويو ۽ انهن خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪئي ويئي. جڏهين لينن ڏٺوته هاڻي گھڻو ٿي ويو هو ته هن 1921 ۾ گورڪي کي چيو ته جيئن ته اوهان جي طبيعت ٺيڪ ناهي ان ڪري اوهان پرڏيه ۾ وڃي پنهنجو علاج ڪرايو. مختلف ملڪن مان ٿيندو هن اٽلي ۾ وڃي مستقل رهائش اختيار ڪئي. لينن جي وفات کانپوء اسٽالن کي اها ضرورت محسوس ٿي ته ادب ۽ فن کي انقلاب جي مقصدن سان هم آهنگ ڪجي ۽ ان ڳالھہ کي اڳتي وڌائڻ لاء کيس گورڪي کان وڌيڪ اعتبار جوڳو ڪو نالو نظر نه آيو. سندس چوڻ تي گورڪي 1932 ۾ پرڏيه مان وطن موٽي آيو. کيس اديبن جي تنظيم جو صدر مقرر ڪيو ويو پرهو ساڳي ريت مونجھارن ۽ ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو ۽ سرڪار سان پوري ريت ٺهڪي هلي نه پئي سگھيو. 1935 ۾ پيرس ۾ سوويت حڪومت پاران سندس صدارت ۾ جيڪا ليکڪن جي پهرين عالمي ڪانگريس منعقد ڪئي ويئي ان ۾ هو پنهنجي صحت جي خرابي ڪري شريڪ نه ٿيو. اهو جيئن ته اسٽالن جو ليکڪن جي حوالي سان عالمي سطح تي پهريون وڏو شو هو ان ڪري هن گورڪي جي ڪانفرنس مان ان ريت نڪري وڃڻ کي چڱو نه سمجھيو ۽ کانئس ناراض ٿي ويو. جيتوڻيڪ پوء گورڪي کي سرڪاري اهتمام سان دفن ڪيو ويو ۽ اسٽالن پاڻ ان ۾ شريڪ ٿيو پر سندس پٽ ۽ سندس پنهنجي موت متعلق گھڻيون افواهون گردش ڪرڻ لڳيون هيون.
اهو سلسلو لڳاتار هلندو رهيو. انهن مان ٻه نالا خاص طور نمايان ٿي سامهون آيا. ڊاڪٽر زواگو جو خالق بورس پاسترنيڪ ٽڪراء کان پاسو ڪندي ۽ مصلحت کان ڪم وٺندي نوبل انعام وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان جو اهم ڪارڻ سندس پنهنجي ڌرتي سان محبت هئي. کيس اهو خدشو هو ته جيڪڏهين هو انعام وغيره وٺڻ جي حوالي سان ملڪ کان ٻاهر ويو ته پوء شايد کيس واپس اچڻ نه ڏنو وڃي ۽ اهڙا کيس اشارا به ڏنا ويا هئا. نوبل انعام سولزي نتسن کي به مليو پر هو سوويت حڪومت جي مخالفت جي حوالي سان گھڻو عرصو خبرن ۾ رهيو. سولزي نتسن شروع کان سوويت نظام ۽ ان جي اڳواڻن جي خلاف نه هو بلڪه هو هڪ ڊگھو عرصو سوويت فوج ۾ اهم عهدي تي رهيو. هونئن به اسٽالن جي ڀيٽ ۾ لينن ڏانهن سندس همدردانا رويو آهي جيڪو سندس لکڻين مان به ظاهر آهي. مون کي سندس ٻه ناول First Circle ۽Archipelago Gulag پڙهڻ جو موقعو مليو آهي. اهي ٻيئي ناول اسٽالن جي دور جي حوالي سان آهن. پهريون ناول هڪ خاص جيل جي حوالي سان آهي جنهن ۾ مختلف قسم جي قيدين کي رکيو ويو آهي. ان ۾ هڪ اهڙي نظام کي چٽيو ويو آهي جنهن ۾ ڪنهن به نموني جي اختلاف جي گنجائش ناهي. اسٽالن جو هڪ مختصر خاڪو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ کيس هڪ اڪيلي ۽ شڪي مزاج شخص جي طور پيش ڪيو ويو آهي. سندس ٺاهيل جاسوسي جو نظام نهايت وسيع ۽ منجھيل آهي. ڪوبه پاڻ کي ٻئي کان محفوظ نه ٿو سمجھي ۽ اهو يقين نه ٿو هجي ته ڪير سندس ڪهڙي ڳالھه کي ڪهڙو رنگ ڏيئي اڳتي پيش ڪندو. گھرن جون تلاشيون، اڌ رات جو گھرن تي ڇاپا ۽ گرفتاريون معمول هجن ٿا. اهو ضروري ناهي ته اچ جيڪو ماڻهو چيف جي ويجھو آهي سڀاڻي به ائين ئي هوندو. هو ڪنهن به وقت پڪڙ ۾ اچي سگھي ٿو ۽ سندس وات مان نڪتل ڪو به گفتو ۽ ڪو به عمل مٿس عتاب جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿو. سزا جو مدو ختم ٿيڻ کانپوء اهو يقين نه ٿو هجي ته همراه آزاد ٿي ويندو پر ان مدي کي اڃا وڌايو وڃي ٿو. وڏي ڳالھه اها ٿي هجي ته قيدي جن مان ڪجھ اسٽالن جي ڏنل رٿا تي ڪم ڪن ٿا هر وقت پنهنجي اڳواڻ سان وفاداري جو اظهار ڪن ٿا ۽ عزت سان سندس نالو وٺن ٿا. هڪ لحاظ کان اهڙي سماج جو تصور ڪندي ئي ماڻهو ڊپ ۾ وٺجي وڃي ٿو. جارج آرويل پنهنجي ناول 1984 ۾ رياست جو جيڪو نقشو پيش ڪيو آهي سولزي نتسن ڄڻ پنهنجي ناول ۾ ان جي هڪ عملي تصوير پيش ڪئي آهي. ڏٺو وڃي ته فلاسافر ٿامس هابس جو رياست لاء جيڪو ليوياٿن يا هڪ وڏي اجگر بلا جو تصور آهي انهن تخليقڪارن ان کي فڪشن جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. سولزي نتسن جو اهو ناول ته رڳو اسٽالن جي سوويت يونين جي حوالي سان آهي جڏهين ته هاڻي هڪ کان وڌيڪ ملڪن ۾ رياست جو ڪردار ان کان به وڌيڪ سخت صورت اختيار ڪري ويو آهي.
سولزي نتسن جو ٻيو ناول ناول کان وڌيڪ هڪ تحقيقي مقالو آهي. ان ۾ هن سماج جي مختلف حصن ليکڪن، انجينيئرن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين مختلف پيشن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته انهن کي ڪهڙي ريت نشانو بڻايو ويو جنهن سان ملڪ جو سڄو سماجي تاڃي ڀيٽو وکرجي ويو. هن مختلف جيلن ۽ ليبر ڪئمپن جو احوال ڏنو آهي جتي انهن ماڻهن کي رکيو ويندو هو ۽ ايذاء ڏنا ويندا هئا. هو پاڻ به هڪ ڊگھو عرصو انهن جيلن ۽ ڪئمپن ۾ رهيو ۽ هتان جي مختلف قيدين جي احوال کي ڊاڪومينٽ ڪيو. صفائي جو عمل ساڳي وقت پارٽي ۾ به هلندو رهي ٿو ۽ ان ڳالھہ کي بيان ڪيو ويو آهي ته ڪهڙي ريت مرڪزي ڪاميٽي ۽ پولٽ بيورو جي ناپسنديده ميمبرن کي پاسيرو ڪيو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ هن بخارين جو ذڪر ڪيو آهي ته ڪهڙي ريت ان کي پاسيرو ڪيو ويو ۽ نفسياتي طور کيس اهو احساس ڏياريو ويو ته هاڻي اسٽالن کانئس خوش ناهي ۽ پارٽي کي به سندس ضرورت ناهي. ايترو ڪجھ سهڻ جي باوجود هو ماڻهو پارٽي سان لاڳاپيل رهڻ چاهي ٿو ۽ ان صورتحال کي منهن نه ٿو ڏيڻ چاهي جيڪا پارٽي کان ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ کيس پيش اچي سگھي ٿي. روسي ناول جي روايت موجب اهو هڪ ضخيم ناول آهي. ان کي پڙهڻ سان اهو تاثر ملي ٿو ته ملڪ هڪ وڏي جيل آهي جتي هر شخص ڊپ ۽ خوف جي ڪيفيت ۾ رهي ٿو ته ساڻس ڪنهن به وقت ڪا به وارتا ٿي سگھي ٿي.
اهو چئي سگھجي ٿو ته سولزي نتسن سرد جنگ جي ڏينهن ۾ سوويت يونين جي مخالفت ڪندڙ اوله جي ملڪن هٿان استعمال ٿيو پر هو ساڳي وقت پنهنجي وطن سان لاڳاپيل رهيو. سوويت يونين جي ختم ٿيڻ کانپوء سندس شهرت هڪ اهڙي قوم پرست جي رهي جنهن جو آدرش روس ۾ وري زار شاهي جو راڄ قائم ڪرڻ هو. بهرحال اهي نالا گھڻي عرصي تائين گھڻن ماڻهن لاء هڪ Taboo رهيا آهن ۽ انهن جي ويجھو وڃڻ کي ڪفر سمجھيو ويندو هو. پر اهو سوويت دور جي ادب جو ٻيو پاسو آهي جنهن مان جوڳي واقفيت هئڻ ضروري آهي.

ادب ۽ مزاحمت

سوويت يونين ۾ اسٽالن جي دور کي مخالفن لاء هڪ سخت دور ڪري ليکيو وڃي ٿو جنهن ۾ پارٽي اندر ۽ پارٽي کان ٻاهر مخالفت کي سختي سان ڪچليو ويو. گھڻن کي جلاوطن ڪيو ويو، گھڻن مجبور ٿي آپگھات ڪيو ۽ گھڻن کي فائرنگ اسڪواڊ جو بک ٿيڻو پيو.ان ۾ سماج جي هرطبقي جا ماڻهو اچي ويا ٿي ۽ لازمي طور ان ۾ ليکڪ ۽ اديب پڻ شامل هئا. ڇاڪاڻ ته اهو هميشه جو دستور آهي ته حڪمران عمل کان وڌيڪ سوچ کي پنهنجي لاء هاڃيڪار سمجھندا آهن.
پر اها ڳالھه پنهنجي جاء تي موجود آهي ته ان سڄي عرصي ۾ ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهرنظام ۽ حڪومت جا مخالف ليکڪ به موجود رهيا ۽ اهڙي ادب جي تخليق پڻ ٿيندي رهي جيڪو حڪومت ۽ پارٽي جي نظرياتي لائين ۽ پاليسي سان ٺهڪندڙ نه هو.
جيڪڏهين ان دور ۽ ان ۾ تخليق ٿيندڙ ادب جي ڪجھ شين تي نظر وجھجي ٿي ته ائين لڳي ٿو ته اهو هڪ اهڙو ڇڪتاڻ پر ساڳي وقت مونجھاري جو دور هو جنهن ۾ گھڻن ماڻهن کي اهو يقين نه هو ته آيا اهي صحيح به آهن يا نه. انهن ۾ گھڻا اهڙا هئا جن انقلاب لاء جدوجهد ڪئي هئي ۽ پوء گھرو ويڙه ۾ پڻ حصو ورتو هو. خاص طور لينن جي وفات کانپوء ٽرائٽسڪي ۽ اسٽالن جي اختلافن ۽ اها ڳالھه ته انقلاب جي عالمگير حيثيت هجي ۽ ان کي ٻين ملڪن ۾ ڦهلائجي يا ان کي پنهنجي ملڪ ۾ مضبوط ڪجي پارٽي ۾ مونجھارن کي وڌايو هو.
تازو مون هنگري ۾ جنم وٺندڙ برطانيا جي شهري آرٿر ڪوئسلر جوDarkness at Noon پڙهيو. 1940 ۾ لکيل اهو ناول ان دور جي هڪ اهم بالشويڪ اڳواڻ متعلق آهي جنهن آڪٽوبر انقلاٻ ۽ پوء گھرو ويڙه ۾ پارٽي پاران انقلاب جي بچاء لاء هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان کي ليکڪ رباشو جو نالو ڏئي ٿو.
پارٽي سان اختلافن جي ڪري ٻه ڀيرا اڳ کيس گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ مٿس پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ سان غداري جا الزام هنيا وڃن ٿا ۽ ٽارچر ڪيو وڃي ٿو. پر هو پنهنجي بيگناهي کي ثابت ڪرڻ لاء مختلف دليل ڏئي ٿو. کيس نه رڳو آزاد ڪيو وڃي ٿو پر اهم ذميواريون ڏيئي ٻاهر ملڪن ۾ به موڪليو وڃي ٿو.
اهم ڳالھه اها آهي ته هو مختلف موقعن تي پاڻ کي بچائڻ لاء پنهنجن ويجھن ساٿين خلاف گواه بڻجي وڃي ٿو. جرمني ۾ پارٽي سيل هلائيندڙ رچرڊ خلاف گواه بڻجي ٿو جيڪو پارٽي جي پاليسي سان اختلاف ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته پارٽي ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي رڳو ان جا ننهن وغيره وڌي رهيا آهن جيئن مئل ماڻهو جا وڌنڌا آهن. ساڳي ريت هو پنهنجي سيڪريٽري، جيڪا کيس پنهنجو اهم گواه قرار ڏئي ٿي، کي فائرنگ اسڪواڊ جي حوالي ڪري پاڻ پاسيرو ٿي وڃي ٿو. هڪ ٻئي ملڪ ۾ هڪ مزدور اڳواڻ سندس پاران مقامي پارٽي جي پاليسين تي تنقيد جي ڪري پاڻ کي ڦاهي ڏيئي پنهنجو انت آڻي ٿو.
هڪ اهڙو ڪردار جيڪو ٻڏتر جو شڪار هجي ٿو. هو سوچي ٿو ته ڇا انقلاب وقت کان اڳ ته نه اچي ويو آهي، ڇا ماڻهو ان جي لاء تيار هئا، چا اهو ضروري نه هو ته سوشلزم کان پهرين لبرل ڊيموڪريسي جي مرحلي مان گذرجي ها.
ٽيون ڀيرو جڏهين کيس گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته مٿس ٻين الزامن سان گڏ اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جي سازش جو الزام پڻ هجي ٿو. هو اهو ڏسي ٿو ته سڀني پراڻن اڳواڻن کي تشدد وسيلي رستي تان هٽايو ويو آهي ۽ هاڻي ممڪن آهي ته سندسن وارو هجي.
کانئس پڇا ڳاڇا لاء جنهن آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي ٿو اهو سندس دوست هجي ٿو جنهن ساڻس گڏ گھرو ويڙه ۾ حصو ورتو هجي ٿو. هو کيس قائل ڪري ٿو ته جيڪڏهين هو پنهنجن ڏوهن جو اعتراف ڪندو ته ممڪن آهي ته کيس ڪا رعايت ملي وڃي. گھڻي ڏي وٺ کانپوء هو ان ڳالھه تي راضي ٿئي ٿو. هو پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ سان پنهنجي وفاداري جو وري اظهار ڪري ٿو ۽ اهو سوچي ٿو ته جيڪڏهين هو آزاد ٿي ويو ته پوء سڄي توجھ پنهنجي علمي ڪم تي ڏيندو. پر سندس اها خواهش پوري نه ٿي ٿئي. تفشيش ڪندڙ افسر کي هٽائي ان کي ملزم کي رعايت ڏيڻ جي ڏوه ۾ گولي هنئين وڃي ٿي ۽ ان جي جاء تي سندس اسسٽنٽ کي مقرر ڪيو وڃي ٿو جنهن جو رباشو سان شروع کان سخت رويو هجي ٿو. هو مختلف طريقن سان کيس اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪرڻ جي ڏوه سميت سڀ ڏوه قبول ڪرائي ٿو ۽ نيٺ کيس گولي هڻي ماريو وڃي ٿو.
هي اهڙو ڪردار آهي جيڪو نظام ۽ ان جي اڳواڻ سان اختلاف رکڻ جي باوجود به فيصلو نه ٿو ڪري سگھي ته هو ڪٿي بيٺل آهي ۽ وڏي ڳالھه ته کيس اهو احساس ڏياريو وڃي ٿو ۽ ان جي پڪ ڪرائي وڃي ٿي ته مٿس جيڪي ڏوه مڙهيا ويا آهن اهي سڀ سچ آهن ۽ هو واقعي پنهنجي وطن، پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ سان غداري جو مرتڪب ٿيو آهي.
ساڳي ريت نوبل انعام يافتا سوويت يونين جو منحرف ليکڪ سولزي نتسن ان سلسلي ۾ هڪ اهم نالو آهي. هو سوويت فوج ۾ رهيو، ان نظام سان گڏ ڪم به ڪندو رهيو ۽ ساڳي وقت پنهنجن اختلافن جو اظهار پڻ ڪندو رهيو. سندس ناول The First Circle کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو. ان ۾ قيد خاني ۾ ڪم ڪندڙ قيدين، جيڪي گھڻو ڪري پارٽي جا منحرف ڪارڪن هجن ٿا، کي مختلف ڪم ڏنا وڃن ٿا. انهن مان گھڻن کي حڪومت جي مخالفت جي ڏوه ۾ سزا ڏني ويئي آهي. کين اها خبر نه ٿي هجي ته کين سزا ڇو ڏني ويئي آهي ۽ ان جو مدو ڪيترو آهي. جيڪڏهين مدو مقرر به آهي ته اها خبر ناهي ته اهي ان کانپوء آزاد به ٿيندا يا اهو اڃا وڌي ويندو. ساڳي ريت اڄ جيڪڏهين ڪنهن کي سٺو سمجھيو وڃي ٿو ۽ هو سٺي عهدي تي آهي ته اهو ضروري ناهي ته حقيقت ۾ به ائين ئي هجي. ممڪن آهي ته سندس خلاف ڪا انڪوائري هلي رهي هجي ۽ ڪڏهين رات جي اونداهي ۾ کيس گرفتار ڪري قيد ڪيو وڃي ۽ ان لاء اهڙا ثبوت ڏنا وڃن جن جي کيس ڄاڻ ئي نه هجي. ان قيدخاني ۾ ڪم ڪندڙ هر قيدي اهو سمجھي ٿو ته هو ان طريقي سان پنهنجي ملڪ ۽ نظام جي خدمت ڪري رهيو آهي. ساڳي وقت هو ان ڳالھه تي به قائل هجي ٿو ته ساڻس جيڪو ورتاء ڪيو وڃي ٿو هو واقعي ان جو مستحق آهي ۽ مٿس جيڪي ڏوه مڙهيا ويا آهن اهي سڀ صحيح آهن. هڪ ٻي خاص ڳالھه جيڪا انهن ليکڪن ۽ انهن جي ناولن جي ڪردارن ۾ ملي ٿي اها هي ته اهي لينن ۽ اسٽالن ۾ فرق ڪن ٿا ۽ اسٽالن جي ڀيٽ ۾ لينن جي شخصيت،ِ ڪردار ۽ پاليسين کي ساراهين ٿا.
اها ڳالھه پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته گھرو ويڙه جي خاتمي کانپوء اسٽالن جي ڏاڍ ۽ تشدد وغيره جي هڪ ڊگھي دور۾ سوويت يونين ۾ حڪومت يا نظام خلاف اها مزاحمت نه ٿي ملي جيڪا ايستائين ته انقلاب کان اڳ زار جي دور ۾ به موجود هئي. ٻڏ تر واري ان ڪيفيت ماڻهن جي مزاحمت جي سگھ کي مڏو ڪري ڇڏيو هو.
ادب ڪنهن به ملڪ جي ماڻهن جي نفسيات ۽ سياسي سوچ وغيره کي سمجھڻ لاء هڪ ضروري شي آهي. ان حوالي سان انقلاب کان اڳ ۽ پوء جو سوويت يونين جو ادب اتان جي حالتن کي سمجھڻ ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو.

ڌرتي جي ڌوڙ: فرانس ۽ فاشزم

ڌرتي جي ڌوڙ Scum of the Earth آرٿر ڪوئسلر جي ٻين مهاڀاري جنگ وقت فرانس جي قيد ۾ رهڻ ۽ اتان ڀڄي مختلف ملڪن مان ٿيندو انگلينڊ پهچڻ جو احوال ۽ ڊائري آهي.
ڪوئسلر جو واسطو هنگري سان آهي پر هو انگريزي ٻولي جي ليکڪ ۽ صحافي طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس طبيعت ۾ هڪ بيچيني ۽ انفراديت هئي. سندس تعلق هڪ يهودي خاندان سان هو. ڪجھ عرصو صيهونين سان فلسطين ۾ گذاريائين پر انهن مان مطمئن نه هوندي پيرس اچي ويو. 1931 ۾ جرمن ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ست سالن کانپوءِ اسٽالن جي پارٽي ۽ فوج ۾ پنهنجن مخالفن خلاف ڪاروائي جي ڪري مايوس ٿي پارٽي ڇڏي ڏنائين. سندس چوڻ هو ته يورپ جي ڪميونسٽن وٽ به اسٽيج جي جادوگر جيان کيسي ۾ مختلف ڪبوتر پيل آهن. جڏهين به سوويت پاليسي ۾ ڪا تبديلي اچي ٿي ته اهي ان ڳالھه کان قطع نظر ته اها اڳ اختيار ڪيل موقف جي بلڪل ابتڙ آهي فورن کيسي مان ٻيو ڪبوتر ڪڍن ٿا ۽ ان تبديلي جي حق ۾ نوان دليل گھڙين ٿا. اسٽالن ۽ هٽلر جي ٺاه سندس مايوسي ۾ اڃا واڌارو ڪيو. سوويت يونين جنهن کي فاشزم خلاف هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻو هو ان جو هٽلر جي فاشزم سان گڏجي وڃڻ فاشسٽ مخالف قوتن لاء هڪ وڏو صدمو هو.
هي جيتوڻيڪ سال جا ڇھه مهينا فرانس ۽ ڇھه مهينا انگلينڊ ۾ گذاريندو هو پر هو ساڳي وقت اسپين ۾ جرنل فرانڪو خلاف وڙهندڙ انٽرنيشنل بريگيڊ جو پڻ حصو هو. اتي کيس گرفتار ڪري موت جي سزا ڏني ويئي هئي ۽ هو اتان ڪنهن ريت فرار ٿي ويو هو. ٻين مهاڀاري جنگ جي شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ هو ڏکڻ فرانس ۾ هو. اتان جڏهين هو پيرس پهچي ٿو ته سندس مالڪ مڪان کيس ٻڌائي ٿي ته پوليس سندس پڇا ڪرڻ آئي هئي ۽ بهتر آهي ته هو فوري طور هتان هليو وڃي. هو سوچي ٿو ته هاڻي جڏهين هو ڪميونسٽ پارٽي ڇڏي چڪو هو ۽ ڪنهن حڪومت مخالف سياسي سرگرمي ۾ به ملوث نه هو ته پوء پوليس سندس پويان ڇو هئي. هو اهو فيصلو ڪري ٿو ته بجائي ڀڄڻ ۽ لڪڻ جي پاڻ پوليس سان رابطي ۾ اچجي. پوليس پاران کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته سندس خلاف ڪجھ به ناهي ۽ هو بي فڪر ٿي وڃي. بهرحال هو ان ڳالھه لاء تيار هجي ٿو ته کيس اوچتو گرفتار ڪيو ويندو. ان دوران سندس ذهن ۾ اها ڳالھہ اچي ٿي ته جيئن ته وٽس انگلينڊ جو مستقل ويزا آهي ان ڪري هو اوڏانهن هليو وڃي. پر کيس سفارتخاني پاران ٻڌايو وڃي ٿو ته موجوده هنگامي صورتحال ۾ حڪومت پاران اهڙا سڀ ويزا رد ڪيا ويا آهن ۽ سندس ڪيس کي انگلينڊ موڪليو ويندو جنهن جي لاء کيس ڪافي انتظار ڪرڻو پوندو.
ان دوران فرينچ پوليس اهڙن پرڏيهين کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪري ٿي جيڪي مختلف سياسي ۽ ٻين ڪارڻن جي ڪري اتي رهيل هئا. انهن ۾ اٽڪل ٽيويھه ملڪن جا سوين ماڻهو شامل هجن ٿا. هڪ ڏينهن صبوح سوير سندس در تي به پوليس پهچي وڃي ٿي ۽ پڇا ڳاڇا جي بهاني کيس پوليس اسٽيشن آندو وڃي ٿو.ِ اتان هڪ وڏي اسٽيڊيم ۾ آندو وڃي ٿو جتي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد موجود هجي ٿو. گھڻي وقت تائين انهن سڀني کي اتي ويهارڻ کانپوء ڪجھ ماڻهن کي اتان گاڏين ۾ روانو ڪيو وڃي ٿو. کيس ٻه راتون اهڙي تهخاني ۾ گذارڻيون پون ٿيون جيڪو ڪوئلن رکڻ جي جاء هجي ٿو ۽ هو سڄو ڪوئلي جي رک سان ڀرجي وڃي ٿو. ان کانپوء کيس هڪ ڏورانهين هنڌ ورنيٽ موڪليو وڃي ٿو جتي انهن قيدين کي رکڻ لاء مختلف ڪئمپ ٺاهيا ويا هئا. اسپين ۾ جنرل فرانڪو خلاف ڪومنٽرن جي مدد سان جيڪا انٽرنيشنل بريگيڊ ٺاهي ويئي هئي انهن مان گھڻا ڪومنٽرن ۽ سوويت يونين جي پٺڀرائي ختم ٿيڻ جي ڪري رلي ويا هئا ۽ گھڻن کي جرمني ۽ ٻين مختلف ملڪن ۾ قيد ڪيو ويو هو. اها ساڳي صورتحال فرانس ۾ به هئي. ورنيٽ ۾ به هڪ اهڙو ڪئمپ هو جتي انٽرنيشنل بريگيڊ جا رضاڪار نهايت ئي خراب حالتن ۾ رهي رهيا هئا. انهن مان گھڻن جي ذهني حالت به خراب هئي.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته انهن ڪئمپن جي حالت انتهائي خراب هئي. گھڻن ماڻهن کي هڪ تنگ جاء ۾ رهايو ويو هو جتي پير ڊگھيرڻ جي جاء به نه هوندي هئي. کاڌو نهايت خراب هوندو هو. انهن کان سخت زوري پورهيو ورتو ويندو هو۽ ان جو ڪو اجورو به نه هو. هتان جي صورتحال هٽلر جي نازي ڪئمپن کان به وڌيڪ خراب هئي. سندس چوڻ آهي ته جن نازين کي قيد رکيو ويو هو انهن کي بهتر سهولتون مهيا ڪيون وينديون هيون. ان ڪارڻ ساڻن قيد هڪ اڌ جرمن قيدي اهڙو به هو جنهن بهتر سهولتن لاء پاڻ کي هٽلر جو حامي ڪري پيش ڪيو هو.
هڪ ڊگھو عرصو ڪئمپ ۾ گذارڻ کانپوءِ کيس پنهنجي انگلينڊ جي ڪجھ واقفڪارن ۽ دوستن جي مدد سان ڪئمپ مان ته آزادي ملي ٿي پر پيرس پهچڻ کانپوء ڪامورن پاران کيس قانوني طور تي فرانس ۾ رهڻ لاء گھربل ڪاغذ ڏيڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون. پوليس لاڳيتو کيس تنگ ڪندي رهي ٿي. ان دوران جرمن فوج پيرس جي وڌيڪ ويجھو ٿيندي ٿي وڃي. کيس اها پڪ هجي ٿي ته فرانس جا حڪمران هڪ ته جلد ئي جرمن فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪندا ۽ ٻيو ته هٽلر ۽ فاشزم جي جن مخالفن فرانس ۾ پناه ورتي هئي انهن کي گسٽاپو جي حوالي ڪيو ويندو.سندس ذهن ۾ هڪ خيال اچي ٿو ته هو ڇو نه پنهنجي سڃاڻپ تبديل ڪري. ان خيال سان هو فوجي ڀرتي جي مرڪز ۾ وڃي پاڻ کي سوئس شهري ڄاڻائي هڪ فرضي نالو ٻڌائي ٿو ۽ پنج سالن لاء فرانس جي پرڏيهي رضاڪارن جي دستي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.
فرانس هٿيار ڦٽا ڪري ٿو ۽ جرمن فوج فرانس جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪري وٺي ٿي. فرانس جا حڪمران ماڻهن کي اهو ئي چون ٿا ملڪ کي اها جيڪا هزيمت کڻڻي پئي هئي ان جو مک ڪارڻ عام ماڻهو جي سهل پسندي، ڪاهلي ۽ عياشي آهي جڏهين ته اسان جنگ بندي رڳو قوم جي بهترين مفاد ۾ ڪئي آهي. ان جي ابتڙ انگلينڊ گھڻي نقصان کڻڻ جي باوجود جرمني سان جنگ جاري رکي ٿو. ليکڪ ان جو تجزيو ڪندي چئي ٿو ته فرانس جي زراعت ان جي معيشت جو بنياد هئي ۽ انهن سمجھيو ٿي ته ماڻهن کي ان مان ماني ۽ شراب ملي ٿو ان ڪري جديد ٽيڪنالوجي، هٿيارن ۽ ڪارخانن وغيره تي توجھ ڏيڻ جي ضرورت ناهي جڏهين ته سندس ٻن پاڙيسرين جرمني ۽ انگلينڊ پنهنجن وسيلن کي نون هٿيارن ٺاهڻ، جديد ٽيڪنالوجي ۽ ڪارخانن وغيره جي لڳائڻ ۾ استعمال ڪيو. نتيجو اهو نڪتو ته سندس روايتي هٿيار جرمني جي جديد فوجي مشين جو مقابلو نه ڪري سگھيا ۽ کيس هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا.
جرمني پاران فرانس جي فوج کي اها رعايت ڏني ويئي هئي ته اهي قبضي ٿيل علائقن ۾ پنهنجا هٿيار ڇڏي انهن علائقن ۾ وڃي سگھيا پئي جيڪي اڃا فرانس جي قبضي ۾ هئا. ليکڪ انهن فوجي دستن سان گڏ انهن علائقن ڏانهن هليو وڃي ٿو. هڪ ڊگھو عرصو مختلف ڪئمپن ۾ رهڻ کانپوء مختلف طريقن سان گھڻن ملڪن مان ٿيندو هو انگلينڊ پهچي ٿو.
آرٿر ڪوئسلر لاء چيو وڃي ٿو ته سندس گھڻين عورتن سان تعلق هو پر انهن ڏانهن سندس هڪ ڪٺورتا وارو رويو هوندو هو. آخر ۾ هن بيماري مان تنگ ٿي پنهنجي محبوبه سان گڏ آپگھات ڪري ڇڏيو.

نڪسل سان ڪجھ ڏينهن

ارون دتي رائي ڪجھ سال اڳ نڪسل باڙي اڳواڻن کي ملڻ لاء درخواست ڏني هئي. سندس ان درخواست جي جواب ۾ کيس ڪجھ نشانين سان ڊنٽيواڊا چتيش ڳڙه جي ما ڊنٽيشوري مندر ۾ ملڻ ۽ پوء اتان انهن جي جھنگل ۾ مختلف ٺڪاڻن تي وٺي وڃڻ شامل هو. سندس ڪتاب Walking with the Comrades ان سفر ۽ تجربي کي بيان ڪري ٿو.
ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگھ نڪسل باڙي تحريڪ کي ڀارت جي سلامتي لاء وڏي ۾ وڏو اندروني خطرو قرار ڏنو هو. 1967 ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سان هٿيار بند جدوجهد جي معاملي تي اختلاف رکندي هڪ ڌڙو ڌار ٿيو هو جنهن پاڻ کي ڪميونسٽ پارٽي مارڪسٽ ليننسٽ سڏايو. اهو ڌڙو مائو جي فلاسافي جو پوئلڳ ۽ هٿيار بند جدوجهد جو حامي هو. شروع ۾ اهواولھه بنگال جي ڪجھ علائقن تائين محدود پر وقت سان گڏوگڏ سوائي اولهندي ڀارت جي سڄي ملڪ ۾ ان جا اثر محسوس ٿيڻ لڳا آهن. ملڪ جي ڏهن کان وڌيڪ رياستن ۽ سو کان مٿي ضلعن ۾ ان جو اثر رسوخ آهي. انهن جو اصل مرڪز ملڪ جي ٻهراڙي ۽ جھنگل آهن. هڪ اندازي موجب ڀارت جا اٽۡڪل ويھه سيڪڙو جھنگل انهن جي قبضي ۾ آهن. ارون دتي رائي جي چوڻ موجب حڪومت جيتوڻيڪ انهن جھنگلن ۾ سڙڪون وغيره ٺاهيون آهن پر اهي گوريلن لاء رڳو هڪ کان ٻئي پاسي وڃڻ ۽ فوج ۽ پوليس تي راتاها هڻڻ جو ڪم ڏين ٿيون. انهن جو ڪم گھڻو ڪري ڳوٺن ۽ جھنگلن ۽ پوئتي پيل ڏتڙيل قبائلي ۽ آديواسي ماڻهن ۾ آهي. ان جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته حڪومت پاران قبائلي ماڻهن جي خودمختياري کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي جهنگ ۽ پيداوار تي جيڪي حق حاصل هئا انهن کان محروم ڪيو ويو آهي. ساڳي وقت ڀارت جي سرڪار علائقي جي معدني وسيلن ۽ اسٽيل وغيره جي ڪارخانن وغيره لڳائڻ جي حوالي سان ڏيهي ۽ پرڏيهي سرمايادارن سان جيڪي ٺاه ڪيا آهن ان به انهن ماڻهن جي زندگي ۽ معاش لاء مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. مذهبي لحاظ کان اهي ماڻهو عام هندن کان مختلف آهن ۽ هندووتا جي موجوده دور ۾ انهن کي پنڊتن ۽ پروهتن پاران زوري هندو مذهب ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي جنهن کي اهي قبولڻ لاء تيار ناهن. اهو عام طور چيو ويندو آهي ته نڪسل اوهان کي شهرن ۾ نظر نه ايندا جڏهين ته جهنگ ۽ ٻهراڙي انهن سان ڀريل هوندي.
اولھه بنگال جي هڪ ڳوٺ نڪسل باڙي، جتي هارين وڏن زميندارن خلاف جدوجهد شروع ڪئي هئي، جو نالو هاڻي پوري ملڪ ۾ جدوجهد جو استعارو بڻجي ويو آهي. ايستائين ته حڪومت پنهنجي ڪنهن شهري لبرل مخالف کي به نندي ٿي ته ان کي شهري نڪسل جو نالو ڏئي ٿي. حڪومت پاران جيتوڻيڪ انهن کي دهشت گرد جو نالو ڏنو وڃي ٿو پر ٽائمز آف انڊيا جي هڪ سروي موجب آندرا پرديش جا اٺونجاه سيڪڙو ماڻهو نڪسل جي حمايت ڪن ٿا جڏهين ته ٽيويه سيڪڙو ان جا مخالف آهن.
ارون دتي رائي کي جنهن علائقي ۾ پهچايو وڃي ٿو اهو نڪسل جي ضابطي ۾ هجي ٿو ۽ سرڪاري ڪارندا ان کي نفرت وچان پاڪستان جو نالو ڏين ٿا. هتان سندس موٽر سائيڪل جو سفر ختم ٿئي ٿو ۽ هو گوريلن سان لاڳيتو جھنگ ۾ پنڌ هلي ٿي. اهي بس رات گذارڻ لاء ڪٿي ٺڪاڻو ڪن ٿا ۽ پوء اڳتي روانا ٿي وڃن ٿا ۽ پوئتي ڪو نشان نه ٿا ڇڏين. جيتوڻيڪ انهن جي ضابطي ۾ هڪ وسيع علائقو هجي ٿو ۽ اتي اهي پنهنجو سياسي ۽ معاشي ڊانچو به قائم ڪن ٿا پر اهي فوج ۽ پوليس ۽ حڪومتي سهڪار سان ٺاهيل وڏن زميندارن جي هٿيار بند جٿن سان لاڳيتو ويڙه ۾ رهن ٿا. ڳوٺن کي باهيون ڏيڻ، ماڻهن کي مارڻ عورتن جي عزت لٽڻ ۽ ڦرمار ڪرڻ وغيره فوج ۽ پوليس جو معمول آهي. پارٽي جهڙوڪر انهن ماڻهن لاء هڪ ڀرجھلو آهي. ڳوٺ ۾ پارٽي جي ٺاهيل مليشيا فوج ۽ پوليس کي پنهنجي وت آهر منهن ڏيندي آهي. ٻئي پاسي پارٽي انهن ماڻهن کي منظم جدوجهد ۽ ان جي فائدن کان به عملي طور آگاه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خاص طور تي ٻيڙي جي پن ۽ ڪاغذ وغيره جي هارين کي منظم ڪري کين ٺيڪيدارن ۽ ڪارخيندارن کان بهتر اگھ وٺڻ جي سلسلي ۾ به ڪامياب جدوجهد ڪئي ويئي آهي.
پارٽي ۽ ويڙهاڪن ۾ اٽڪل پنجيتاليھه سيڪڙو عورتن جو تعداد آهي. پارٽي پاران عورتن جي هڪ تنظيم ٺاهي ويئي آهي جنهن جي ميمبرن جو ڪل تعداد نوي هزار کان وڌيڪ آهي.عورتن جي ايڏي وڏي تعداد ۾ شامل ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ ته فوج ۽ پوليس ۽ وڏن زميندارن جو ڳوٺن ۽ ٻهراڙين تي دٻاء آهي جڏهين ته ٻيو اهم ڪارڻ جنسي اڻ برابري ۽ عورتن سان ٿيندڙ امتيازي ورتاء آهي. پارٽي پاران ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي پر ان کي مڪمل طور ان ۾ ڪاميابي نه ٿي سگھي آهي. ليکڪا ان جو مثال ڏيندي ٻڌائي ٿي ته عورتن کي ٻج پوکڻ جي اجازت ناهي هوندي. پارٽي فيصلو ڪيو ته هاڻي عورتون به ائين ڪري سگھنديون. مڙد ميمبرن پاران ان کي اتي ته مڃيو ويو پر ان تي عمل نه ڪيو ويو ۽ عورتن کي اهو ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو. نتيجي ۾ پارٽي کي عورتن کي پارٽي جي ضابطي واري زمين ۾ اهو ڪم ڪرڻ لاء چيو ويو. اهڙي ريت پارٽي جي اعليٰ ادارن ۾ به عورتن جي نمائندگي نه هئڻ برابر آهي. پوليٽ بيورو ۽ مرڪزي ڪاميٽي ۾ اها نمائندگي نالي ماتر آهي.
جھنگ جي انهن ماڻهن ۾ زمين کيڙڻ جو ڪو تصور ئي نه هو. پارٽي پاران ان سلسلي ۾ انهن جي تربيت ڪئي ويئي آهي ۽ انهن اهو ڪم شروع ڪيو آهي. پر اهو ڪم اڃا ابتدائي مرحلن ۾ آهي ۽ پارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته کين ان سلسلي ۾ جديد زرعي ٽيڪنالوجي ۽ اهڙن زرعي ماهرن جي ضرورت آهي جيڪي سندن ماڻهن کي ان جي استعمال وغيره جي حوالي سان تربيت ڏيئي سگھن. پارٽي سان مختلف شعبن جا پيشي ور پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به آهن جيڪي ان جي مدد ڪن ٿا. اهڙي ئي هڪ ڊاڪٽر ليکڪا کي ٻڌايو ته هتي جي ماڻهن ۾ مليريا ۽ ٻيون بيماريون آهن جن جي علاج لاء هڪ ته دوائون ناهن ۽ بيو ته علاج جون سهولتون به نه هئڻ برابر آهن. هتان شهر ويندڙ ۽ اتي خريداري ڪندڙ ماڻهن تي خاص نظر رکي وڃي ٿي ۽ وڌيڪ خريداري ڪندڙ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ٿي.
ليکڪا ڀمکيل جي سو ساله تقريب جو ذڪر ڪيو آهي. ڀمکيل جو مطلب زلزلو يا زمين جو ڌڏڻ آهي. اها تقريب 1910 ۾ ڪويا قبيلي جي ماڻهن جي انگريزن خلاف مزاحمت جي ياد ۾ ملهائي وڃي ٿي جنهن ۾ پري پري کان ماڻهو اچي شريڪ ٿين ٿا. مختلف گروپ ڊانس ۽ ٻيا آئٽم پيش ڪن ٿا. هن تقريب جي خاص ڳالھہ اها هجي ٿي ته ان ۾ گھڻن اهڙن مائٽن ۽ دوستن کي هڪٻئي سان ملڻ جو موقعو ملي ٿو جيڪي هڪٻئي سان عرصي کان نه ٿا مليا هجن.
پر پارٽي جي لاء سڀڪجھ چڱو ناهي. ان کي گھڻن سماجي ۽ قبائلي دشمني وغيره جي مسئلن کي به منهن ڏيڻو پئي ٿو ۽ ان ڳالھہ تي نظر رکڻي پئي ٿي ته انقلاب جي نالي ۾ قبائلي ويڙه پارٽي جي اصل ڪم کي نقصان نه پهچائي. ساڳي ريت پارٽي مائو جي فلاسافي ۽ حڪمت عملي کي پنهنجي لاء رهنما اصول قرار ڏئيي ٿي. ان ڳالھہ جي باوجود ته هن وقت چين پنهنجي واٽ تبديل ڪري هڪ سرمايه دارانه واٽ اختيار ڪئي آهي پر پارٽي پنهنجي ساڳي مائو جي فلسفي تي قائم آهي. ساڳي وقت اهو سوال به آهي ته ڇا عوامي فوج اقتدار سنڀالڻ يا اختيار ملڻ جي صورت ۾ ماڻهن خلاف اها ساڳي پاليسي اختيار ڪري سگھي ٿي جيڪا چين ۾ پيپلز آرمي ماڻهن خلاف ڪئي آهي.
پنجاه سالن کان وڌيڪ عرصي کان هلندڙ ان جدوجهد پنهنجا اثر ته ڇڏيا آهن پر ان جو دائرو گھڻو ڪري ڳوٺن ۽ جھنگلن تائين محدود آهي. ڪجھ ٺوس سياسي نتيجن حاصل ڪرڻ لاء ان جو شهري علائقن ۾ هڪ تحرڪ پيدا ڪرڻ ضروري آهي.

ڏتڙيل ماڻهن جي پناه گاه

ارون دتي رائي هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ لکيل پنهنجي ٻئين ناول The Ministry of Utmost Happiness ۾ هڪ لحاظ کان ڀارت جي مختلف علائقن جي صورتحال ۽ اتان جي ماڻهن جي جدوجهد کي ڄڻ ته دريا کي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. سندس ڪردار سماج جي مک ڌارا کان ڌار، باغي ۽ منفرد آهن ۽ سندن واسطو گھڻو ڪري اهڙن گروهن ۽ علائقن سان آهي جيڪي رياستي ڏاڍ جو شڪار آهن. ناول جي شروعات دهلي ۾ آفتاب جي جنم کان ٿئي ٿي جنهن جو جسم ۽ مزاج ساڳي وقت نسواني خاصيتون پڻ رکن ٿا ۽ جيڪو نيٺ انجم جي روپ ۾ تبديل ٿي کدڙن جي مڏي خوابگاه ۾ شامل ٿئي ٿو. پر اهو هڪ عام ماڻهو نه ٿو هجي. هڪ ته ان ڪردار جي وسيلي دهلي ۾ سرمد شهيد جي مزار ۽ ان جي ڪردار جي اهميت کي واضح ڪيو ويو آهي جنهن کي دهلي گھمندڙ ماڻهو گھڻي اهميت نه ڏيندا آهن. ٻي ڳالھه ته اهو ڪردار ساڳي وقت هڪ همدرد دل پڻ رکي ٿو ۽ جامع مسجد جي ڏاڪڻين تان مليل ٽن سالن جي ٻار کي پنهنجي ڌي وانگر پالي ٿو. ان ٻار جي بيماري جي سلسلي ۾ ئي هو مليل ڏس تي اجمير شريف خواجه غريب نواز جي مزار تي وڃي ٿي، جتان احمد آباد هڪ ٻي مزار تي ويندي هو گجرات ۾ شروع ٿيل فسادن جي وڪوڙ ۾ اچي وڃي ٿي، جنهن ۾ ساڻس گڏ آيل ذاڪر ميان مارجي وڃي ٿو ۽ هو رڳو ان ڪري بچي وڃي ٿي ته فسادي ٽين جنس جي فرد کي مارڻ بدشگوني سمجھن ٿا. زينب انجم جي ڀيٽ ۾ خوابگاه جي هڪ ٻي عورت سعيده سان وڌيڪ مانوس ٿئي ٿي جيڪا ڳالھه انجم لاءِ مايوسي جو باعث هجي ٿي ۽ هو خوابگاه ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ٿي. سڀ اهو ئي سمجھن ٿا ته اهو ڪو پائدار فيصلو ناهي ۽ هو وري موٽي خوابگاه ۾ ايندي. پرهو هڪ ويران قبرستان ۾ پنهنجو ٺڪاڻو بڻائي ٿي جيڪو اڳتي هلي جيڪي به رانده درگاه هجن ٿا انهن جو ٺڪاڻو بڻجي وڃي ٿو. هتي قبرن جي وچ ۾ ڪمرا ٺاهيا وڃن ٿا ۽ ان کي جنت گيسٽ هائوس جو نالو ڏنو وڃي ٿو جنهن ۾ ڪنهن کي رهڻ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو اختيار مڪمل طور انجم وٽ هجي ٿو.
ان دوران دهلي ۾ ڪجھ ٻيا واقعا ٿين ٿا. ناول ۾ ليکڪا ڪردارن ۽ خاص ڪري اهم سياسي شخصيتن کي سندن اصلي نالا نه ٿي ڏئي جيئن هو گجرات جي فسادن جي حوالي سان مودي کي گجرات جي لالا جي نالي سان ياد ڪري ٿي. اهڙي ريت هو ڀارتي پارليامينٽ جي ويجھو جنتر منتر وٽ انا هزاري جي ڪرپشن جي خلاف ڌرڻي جو ذڪر ڪندي ان جي سڄي شخصيت کي بيان ڪري ٿي پر ان جو نالو نه ٿي وٺي. ميڊيا وغيره پاران انا هزاري کي گھڻي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ ماڻهن جو هڪ هجوم سندس چوڌاري اچي گڏ ٿئي ٿو. پنهنجي ان اهميت کي ڏسندي هو پنهنجي ايجنڊا کان ٻاهر وڃي بيان ڏيڻ شروع ڪري ٿو. ٻيا گھڻا گروپ پنهنجين گھرن کي ماڻهن آڏو آڻڻ لاء ان موقعي مان فائدو وٺڻ چاهين ٿا ۽ ان علائقي ۾ پنهنجا ڪئمپ قائم ڪن ٿا. پر اهو طئي هجي ٿو ته انهن کي يا ته پوليس ذريعي هٽايو وڃي يا انهن کي گھڻي اهميت نه ڏني وڃي. ان ڪري سرمايا دارن جي ميڊيا گروپن پاران اهو طئي ڪيو وڃي ٿو ته سڄي توجھ انا هزاري تي مرڪوز ڪئي وڃي ته جيئن سياستدانن جي ڪرپشن کي فوڪس ڪري سرمائيدارن جي ڪرتوتن کي لڪايو وڃي. اهو جيئن ته ڪانگريس جي حڪومت جو دور هجي ٿو ۽ بي جي پي لاء به ان مان فائدو وٺڻ جو موقعو هجي ٿو ان ڪري اڳ جيڪو ان تحريڪ جو انتظام غيرسياسي اين جي اوز وغيره جي ڪارڪنن جي هٿ ۾ هجي ٿو ان تي آهستي آهستي گجرات جي لالا جا پوئلڳ قبضو ڪندا وڃن ٿا ۽ سڄي شو کي پنهنجي ضابطي ۾ آڻي ڇڏين ٿا. هتي آزاد ڀارتيا نالي جو هڪ جھونو ڪارڪن چوويه ڪلاڪ موجود هجي ٿو ۽ گھڻو ڪري بک هڙتال تي رهي ٿو. سندس واسطو انجم جي دوستن ۽ ٻين اهڙن احتجاج ڪندڙن سان هجي ٿو جن کي ميڊيا وغيره پاران گھڻي اهميت نه ٿي ڏني وڃي.
جنتر منتر واري جاء تي هڪ واقعو ٿئي ٿو. هڪ عورت پنهنجو نئون ڄاول ٻار اتي ڇڏي غائب ٿي وڃي ٿي. هرڪو ان اڻتڻ ۾ هجي ٿو ته ان ٻار جو ڇا ڪجي ته هڪ عورت اوچتو ظاهر ٿئي ٿي ۽ ان ٻار کي کڻي غائب ٿي وڃي ٿي. انجم سان قبرستان ۾ رهندڙ صدام حسين هڪ ٻئي همراه سان گڏ ان عورت جي پويان وڃي ٿو. اهي ان عورت جي فليٽ تي پهچي اتي پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڇڏي اچن ٿا. اها عورت ڏکڻ ڀارت سان واسطو رکندڙ ٽلو هجي ٿي جيڪا دهلي ۾ آرڪيٽيچڪر جي شاگردياڻي هجي ٿي. سندس واسطو هڪ ڪشميري موسا يسوي، بپلاڀ داس گپتا ۽ ناگراج هريهرن سان هجي ٿو جيڪي سندس دوست هجن ٿا ۽ هڪ ڊرامي ۾ گڏجي ڪم به ڪن ٿا. هتان ناول ڄڻ ڪشمير جي صورتحال ڏانهن مڙي وڃي ٿو. انهن ڪردارن جو مختلف طريقن سان ان صورتحال سان تعلق بڻجي ٿو. موسا يسوي آزادي جي تحريڪ سان لاڳاپيل هجي ٿو جڏهين ته داس گپتا ڪشمير ۾ اينٽيليجينس جي هڪ اهم عهدي تي فائز هجي ٿو ۽ گورنر جي ٽيم جو رڪن هجي ٿو. ناگراج صحافت سان لاڳاپيل هجي ٿو ۽ ساڳي وقت ڀارتي اينٽيلينجينس لاء پڻ ڪم ڪري ٿو. انهن ٽنهي جي ٽلو ۾ دلچسپي هجي ٿي پر هو موسا سان وڌيڪ لاڳاپيل هجي ٿي. موسا جي ڪشمير وڃڻ کانپوء به ٽلو سان سندس لاڳاپو رهي ٿو ۽ هو کيس مختلف شيون ۽ نياپا پنهنجن ماڻهن وسيلي موڪليندو رهي ٿو. هڪ ڀيري هو کيس ڪشمير اچڻ لاء چئي ٿو. هو جمون جي رستي ڪيترين فوجي چوڪين ۽ تلاشين کانپوء سري نگر پهچي ٿي جتي موسا جا ماڻهو کيس هائوس بوٽ شاهين تائين پهچائين ٿا.هتي موسا کي ساڻس ملڻو هو. موسا ڪمانڊر گلريز جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو جيڪو ان ٻيڙي جو انتظام وغيره سنڀاليندڙ سندس دوست جو نالو هجي ٿو. موسا کيس ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي ريت سرينگر ۾ جنازي جي جلوس تي ڪيل فوج جي فائرنگ ۾ گھر جي بالڪني ۾ بيٺل سندس زال عارفه ۽ ڌي مس جبين پهرين مارجي ويون هيون. موسا جي اتان لڪي نڪرڻ کانپوء جڏهين هو اتان واپسي لاء نڪرڻ واري هجي ٿي ته فوج امريڪ سنگھ جي اڳواڻي ۾ ڪمانڊر گلريز کي گرفتار ڪرڻ لاء ٻيڙي تي ڇاپو هڻي ٿي. موسا ته کين نه ٿو ملي پر اهي سندس دوست گلريز ۽ ٽلو کي گرفتار ڪري وڃن ٿا. رستي ۾ ٻيڙي بيهاري گلريز کي هڪ جاء ۾ وٺي وڃي قتل ڪري ڇڏين ٿا ۽ پنهنجي انعام جي رقم وٺڻ لاء پنهنجن آفيسرن کي اهو ڏيکارين ٿا ته انهن ڪمانڊر گلريز کي ماري ڇڏيو آهي ۽ ٽلو کي پڇا ڳاڇا لاء هڪ سينيما ۾ قائم ڪيل پڇا ڳاڇا واري موڪز ۾ وٺي وڃن ٿا. کانئس پڇا ڳاڇا شروع ٿئي ٿي. کيس چيو وڃي ٿو ته جڏهين هو ڪشميري به ناهي ته پوء هو هتي ڇو آئي آهي ۽ سندس دهشت گردن سان ڪهڙو تعلق آهي. کيس پنو ۽ پين ڏنو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته ان تي جيڪي لکڻ چاهي ٿي لکي. هو ان تي رڳو بپلاپ داس گپتا جو ڊرامي نارمن، جيڪو ڪڏهين اسٽيج ٿي نه سگھيو، ۾ ادا ڪيل ڪردار جو نالوگارسن هوبرٽ لکي ٿي ۽ اهو گپتا کي پهچائڻ لاء ڏئي ٿي. گپتا پنهنجي ۽ ٽلو جي دوست ناگراج، جيڪو ان وقت سري نگر ۾ موجود هجي ٿو، کي کيس وٺي اچڻ لاء موڪلي ٿو جنهن سان هو پوء شادي ڪري ٿي. ٽلو ناگراج سان گھڻو عرصو نه ٿي رهي سگھي ۽ هڪ فليٽ، جيڪو گپتا جو هجي ٿو، مسواڙ تي وٺي ان ۾ رهڻ لڳي ٿي. پر ڪجھ عرصي کانپوء کيس محسوس ٿئي ٿو ته پوليس ان ٻار، جنهن کي هو جنتر منتر تان کڻي آئي هئي ۽ جنهن کي هن مس جبين ٻئين جو نالو ڏنو هو، جي ڳولها ۾ آهي ۽ ڪنهن وقت به سندس فليٽ تي ڇاپو لڳي سگھي ٿو ۽ هو گرفتار ٿي سگھي ٿي. هو ان سلسلي ۾ آزاد ڀارتيا سان صلاح ڪري ٿي جيڪو کيس جنت گيسٽ هائوس ۾ منتقل ٿيڻ لاء چئي ٿو. هو پنهنجو ضروري سامان ۽ موسا جون موڪليل گھڻيون شيون کڻي صدام حسين ۽ سندس هڪ دوست جي مدد سان جنت گيسٽ هائوس منتقل ٿي وڃي ٿي.
هتي هڪ نئون انڪشاف ٿئي ٿو. آزاد ڀارتيا هڪ خط کڻي اچي ٿو جيڪو مس جبين ٻئين جي ماء ڪامريڊ ريواتي جو لکيل هجي ٿو جنهن ۾ اها ٻڌائي ٿي ته هو آندرا پرديش جي گوداوري ضلعي ۾ مائو نواز گوريلن سان ڪم ڪندي رهي آهي. هڪ ڀيري گرفتار ٿيڻ کانپوء ساڻس اجتماعي زنا ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ اها ڇوڪري پيدا ٿي جنهن جو نالو هن ادايا رکيو هو. پر جيئن ته ان کي سنڀالڻ سندس لاء ممڪن نه هو ان ڪري کيس ٻار کي جنتر منتر تي ڇڏڻو پيو ۽ هاڻي سندس حياتي پڻ پوري ٿيڻ واري آهي.
ساڳي ريت موسا به ڪجھ وقت جنت گيسٽ هائوس ۾ گذاري ٿو ۽ ٽلو کي ٻڌائي ٿو ته هاڻي هو جنهن ڪم لاء وڃي ٿو ان ۾ سندس جيئرو موٽڻ ممڪن ناهي. زينب ۽ صدام حسين جي شادي ٿئي ٿي ۽ ناول خوش اسلوبي سان پڄاڻي تي پهچي ٿو.
جيتوڻيڪ ناول جو وڏو حصو ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان آهي پر ان ۾ ٻين مختلف سماجي ۽ سياسي لاڙن کي پڻ مختلف ڪردارن وسيلي سمويو ويو آهي. هڪ لحاظ کان ڄڻ اهو ڀارت جي صورتحال جو هڪ Bird’s Eye view آهي. اهو ناول ان ڳالھہ کي پڻ ظاهر ڪري ٿو ته جيڪڏهين ناول جي جمالياتي ۽ فني ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي ٿو ته پوء ان ڳالھہ سان ڪو فرق نه ٿو پئي ته ناول جو موضوع سياسي آهي يا ڪو ٻيو آهي. هتي ان ڳالھہ جو خاص خيال رکيو ويو آهي ۽ ڪٿي به اهو پروپئگنڊا واري ڪيفيت جو شڪار نه ٿيو آهي.

جارج آرويل ۽ اسپين جي گھرو ويڙه

گھڻن ليکڪن جي زندگي متعلق پڙهجي ٿو ته اها پاڻ هڪ ڪهاڻي ۽ هڪ افسانو محسوس ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ گھڻا مثال پنهنجي ديس مان ۽ ٻاهران ڏيئي سگھجن ٿا. ان حوالي سان ڪجھ عرصي کان انگلش ليکڪ جارج آرويل منهنجي مطالعي ۾ آهي. سندس ناولAnimal Farm ته مون گھڻو وقت اڳ پڙهيو هو جنهن جي لاء چيو وڃي ٿو ته هن اهو سوويت انقلاب ۽ خاص طور تي اسٽالن ۽ ٽرائٽسڪي جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي حوالي سان لکيو هو. ان کان پوء سندس شاهڪار ناول 1984 مطالعي هيٺ رهيو جنهن جي لکڻ ۾ هن پنهنجو رت ست ڏيئي ڇڏيو ۽ جيڪو چاليه پنجيتاليه سالن جي ننڍي ڄمار ۾ ئي سندس موت جو ڪارڻ بڻيو. اهو ناول جيتوڻيڪ 1940 جي ڏهاڪي ۾ لکيو ويو هو پر ان ۾ آئندي جي دنيا ۽ ان جي حڪمرانن جو نقشو ڇڪيو ويو آهي. هڪ اهڙي دنيا جنهن ۾ ماڻهو جي هلت چلت، اٿڻ ويهڻ ۽ اظهار تي هزار پابنديون هونديون پوء ڀلي اهي ڪهڙي به پاسي جا۽ ڪهڙي به نظرئي جا ملڪ هجن. رياست کي هن هڪBig Boss سان تشبيھه ڏني آهي جيڪو نظر ته نه ٿو اچي پر موجود هر جاء تي آهي ۽ سندس اک سڀڪجھ ۽ هر ڪنهن کي ڏسي رهي آهي. اهڙي رياست جيتوڻيڪ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ترقي جي ڪري وسيلن ۾ مالامال هوندي آهي پر اها انهن وسيلن کي پنهنجي رعايا جي ڀلائي تي خرچ ڪرڻ جي بجائي هر وقت ٻي رياست سان جنگ جي ڪيفيت ۾ هوندي آهي ۽ انهن وسيلن کي پنهنجن جنگي خرچن کي پوري ڪرڻ لاء استعمال ڪندي آهي. اهڙي ريت جنگ اهڙي رياست جي مستقل خاصيت هوندي جيئن ته دشمن جي ڀو ۽ ڊپ کي ماڻهن تي ڏاڍ ۽ ڏمر جي حڪمراني ڪرڻ لاء استعمال ڪري سگھجي. گھڻا نقاد ان ڳالھہ سان متفق آهن ته آرويل جيڪا اڳڪٿي ڪئي هئي ان کي موجوده دور جي مختلف رياستن ۾ مختلف طور تي ڏسي سگھجي ٿو ۽ اها صورتحال اڃا ڏينهون ڏينهن وڌيڪ واضح ٿيندي پئي وڃي.
آرويل ڀارت ۾ پيدا ٿيو ۽ پوليس ۾ نوڪري ڪندي چڱو وقت هندوستان ۽ برما ۾ گذاريو هئائين. هنِ اتي انگريز جي حڪمراني کي پنهنجين اکين سان ڏٺو. هن جيتوڻيڪ پوء اها نوڪري ڇڏي ڏني پر ان دوران هو اسان کيBurmese Days جي نالي سان هڪ شاهڪار ناول ڏيئي ويو جنهن ۾ مختلف ڪردارن وسيلي ھن برما جي ماڻهن جي غربت، ڪسمپرسي ۽ انگريزجي مٿڀرائپ جي احساس، سامراجيت ۽ حڪمراني جي طريقن کي نهايت خوبصورتي سان چٽيو آهي. پنهنجي ئي حوالي سان هن ٻين مضمونن ۾ اهو به ڏيکاريو آهي ته ماڻهو اتي انگريز سان ڪيتري نفرت ڪن ٿا ۽ موقعي ملڻ تي سندن بيعزتي ڪرڻ کان به نه ٿا رهن.
آرويل رڳو فڪشن جو ليکڪ ناهي رهيو. نان فڪشن جي حوالي سان به سندس ڪيئي مضمون ۽ ڪتاب آهن. تازو منهنجي مطالعي ۾ سندس ڪتاب Homage to Catalonia رهيو آهي. هي ڪتاب 1936 جي اسپين جي گھرو ويڙه جي حوالي سان آهي جنهن ۾ آمريڪي ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي سان گڏ يورپ جي ترقي پسند ۽ فاشسٽ مخالف ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد شريڪ هو. انهن ماڻهن جي اتي وڃڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو هو ته ان وقت جرمني، اٽلي ۽ يورپ جا مختلف ملڪ هٽلر ۽ مسوليني جهڙن فاشسٽ حڪمرانن جي حڪمراني هيٺ هئا. اهڙي ريت اسپين جي جمهوري حڪومت سندن لاء اميد جو هڪ ڪرڻو هئي جنهن کي جنرل فرانڪو جي فاشزم کان بچائڻ انهن پنهنجو فرض سمجھيو ٿي. اسپين ان وقت بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ هو. زمين گھڻو ڪري وڏن زميندارن جي ملڪيت هئي ۽ هارين جي حيثيت غلامن واري هئي. جنرل فرانڪو کي انهن وڏن زميندارن جو ئي نمائندو سمجھيو ويو ٿي جنهن کين جمهوري حڪومت جي سڌارن کان بچائڻ چاهيو ٿي. اهڙي ريت مقصد اسپين ۾ انقلاب نه پر جمهوري حڪومت جو بچاء هو. آرويل، جيڪو پنهنجوپاڻ کي سوشلسٽ سڏائي ٿو هڪ صحافي جي حيثيت ۾ اسپين جي شهر بارسلونا ۾ داخل ٿيو هو ته جيئن اتان جي صورتحال کي ڏسي ۽ ان جو جائزو وٺي سگھجي. سندس چوڻ آهي ته هتي معاملو جمهوري حڪومت کي بچائڻ کان وڌيڪ انقلاب جي صورت اختيار ڪري چڪو هو. ڪارخانا مزدورن جي ملڪيت بڻجي چڪا هئا، ٻنيون هارين جون اجتماعي ملڪيت بڻجي چڪيون هيون. وڏا زميندار ۽ سرمايا دار اتان ڀڄي چڪا هئا. حڪومت جو اختيار ڄڻ ته نالي ماتر هو. مختلف سياسي جماعتن پنهنجيون ڌار ڌار مليشيائون ٺاهي ڇڏيون هيون. آفيسر ۽ سپاهي جو هڪ ئي يونيفارم ۽ هڪ جيتري ئي پگھار هئي. ڪو ڪنهن کي سيلوٽ ڪرڻ ۽ تعظيم ڏيڻ جو پابند نه هو. هوٽلن ۾ بيرن کي جيڪڏهين ٽپ ڏبي هئي ته اهي اوهان کي عجيب نظرن سان ڏسندا هئا. اها سندس لاء ڄڻ ته هڪ نئين ۽ آدرشي صورتحال هئي جنهن کيس اهو اتساه ڏنو ته ڇو نه پاڻ ان جو حصو بڻجي ۽ ان عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿجي. ان وقت اسپين جي ڪميونسٽ پارٽي سميت کاٻي ڌر جون گھڻيون جماعتون ڪم ڪري رهيون هيون جن ان سڄي صورتحال کي پنهنجي پنهنجي نڪته نظر سان ڏٺو ٿي. آرويل جو چوڻ آهي ته هن شروع ۾ انهن جماعتن جي نظرئي، سندن سياسي حڪمت عملي ۽ اختلافن تي گهڻو توجھ نه ڏنو هو. هن بس اهو سمجھيو ٿي ته انهن سڀني جو گڏيل مقصد اسپين کي فاشزم کان بچائڻ آهي جيڪو پڻ سندس پنهنجو مقصد به هو. ان ڪري ڪنهن هڪ يا ٻي جماعت سان گڏجڻ سندس لاء ڪو نظرياتي مسئلو نه هو. ان خيال جي ڪري کيس ان وقت جنهن جماعت وڌيڪ متاثر ڪيو ۽ جنهن جو ان وقت بارسلونا ۾ چڱو خاصو اثر رسوخ هو ان جي تحت ڪم ڪندڙ مليشيا ۾ پاڻ کي رجسٽر ڪرائي ڇڏيائين. پر ان جي باوجود هو اسپين ۾ رهڻ جي سڄي عرصي دوران ان جماعت جو باقاعدي ميمبر نه ٿيو. هو محاذ تي وڃڻ لاء گھڻي عرصي تائين انتظار ۾ هو. هٿيارن، يونيفارم ۽ ٻئي ضروري سامان جي کوٽ واضح طور محسوس ٿئي پئي. انهن بيرڪن ۾ رهندي هو پنهنجو هڪ ٻيو مشاهدو ٻڌائي ٿو ته شهر ۾ کاڌي پيتي جي شين جي واضح کوٽ محسوس ٿئي پئي. انهن شين کي حاصل ڪرڻ لاء ماڻهن جون وڏيون قطارون لڳل هجن ٿيون پر بيرڪن ۾ مليشيا جي سپاهين لا۽ جام ماني هجي ٿي جنهن مان گھڻي زيان پڻ ٿئي ٿي. گھڻن ماڻهن جو پنهنجن ٻارن کي مليشيا ۾ شامل ڪرائڻ جو هڪ مقصد سندن لاء کاڌي پيتي جي شين جو حصول به هو. نيٺ هڪ ڊگھي انتظار کان پو۽ آرويل کي ٻين سپاهين سان گڏ محاذ تي موڪليو وڃي ٿو.

اسپين جي گھرو ويڙه ۽ نظرياتي اختلاف (حصو ٻيون)

جارج آرويل جو چوڻ آهي ته محاذ تي وڃڻ کان اڳ اسان اهو قسم کنيو هو ته اسان گھٽ ۾ گھٽ هڪ فاشسٽ کي ضرور مارينداسين. پر اتي صورتحال بلڪل ئي مختلف هئي. جيتوڻيڪ فاشسٽن ۽ اسان جي وچ ۾ بس ٿورو ئي فاصلو هوندو هو پر اسان ٻنهي ڌرين وٽ جيڪي هٿيار هوندا هئا انهن ۾ ايتري طاقت ئي نه هوندي هئي جو اهي هڪٻئي کي ڪو نقصان پهچائي سگھن ۽ ٻنهي جا ڪيل فائر بس وچ ۾ ئي ٺس ٿي ويندا هئا. ٻي ڳالھه اها ته اسان کي گولين وغيره جو محدود مقدار ڏنو ويو هو جنهن کي نهايت احتياط سان ۽ هنگامي حالتن ۾ ئي استعمال ڪرڻو پوندو هو. سپاهين کي جنگ کان وڌيڪ ٿڌ، نمونيا ۽ مڇرن سان ويڙه ڪرڻي پوندي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ موت جنگ ۾ ٿيندڙ انساني جانين جي نقصان کان وڌيڪ هوندو هو. اسان جي سپاهين جو فائرنگ کان وڌيڪ زور پروپيگنڊه ۽ مائڪرو فون وغيره ذريعي اعلان ڪري فاشسٽ سپاهين کي ان ڳالھہ تي قائل ڪرڻ هونڌو هو ته اهي سرمايا دارن ۽ جاگيردارن جي مفادن جي بچاء لاء وڙهي رهيا هئا جيڪي سندن سڄڻ نه پر دشمن آهن ۽ سندن مفاد ان ڳالھه ۾ ئي هو ته اهي اسان سان گڏجي انهن جي خلاف ويڙه ڪن. جيڪي فوجي فاشسٽ صفن کان ڌار ٿي ٻئي پاسي ايندا هئا انهن جي بيانن مان به خبر پوندي هئي ته اتي به کاڌ خوراڪ ۽ يونيفارم وغيره جي حوالي سان، جيئن اسان سمجھيو ٿي، ڪا گھڻي چڱي صورتحال نه هئي.
هو چئي ٿو ته آئون اڪثر اهو سوچيندو هوس ته جنهن جنگ جو تصور کڻي هتي آيو هوس اهڙي ته ڪا ڳالھه نظر ئي نه پي آئي ۽ آئون هرو ڀرو پنهنجو وقت زيان ڪري رهيو هوس. هتي جيڪي ڪجھ هو ان کي جنگ ته بلڪل ئي نه پيو چئي سگھجي. پر پوء سوچيندو هوس ته هرو ڀرو ائين به نه هو. هتي مون زندگي جو جيڪو سبق سکيو هو اهو شايد هونئن ڪڏهين به حاصل نه ڪري سگھان هان. ماڻهو جي برابري جنهن ۾ سپاهي ۽ افسر جي ساڳي يونيفارم، پگھار، کاڌي ۽ عزت ۾ ڪو به فرق ناهي ۽ هر ڪو هڪٻئي کي ڪامريڊ ۽ دوست جي لقب سان سڏي ٿو. ان سڄي عرصي ۾ هڪ موقعو اهڙو آيو جو انهن پنهنجي سامهون دشمن جي چوڪي تي راتاهو هنيو ۽ ان کي اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.
ساڳي وقت پنهنجن دلچسپ مشاهدن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته اسان کي دشمن جي گولين کان وڌيڪ پنهنجن ئي سپاهين جي فائرنگ کان وڏو خطرو هوندو هو. اسپيني سپاهين جو نشانو پورو سارو هوندو هو. ٻه ٽي ڀيرا رات جي ڊيوٽي ڏيندي آئون سندن فائرنگ کان بچي ويس ۽ کين رڙ ڪري ٻڌائڻو پيو ته اهو دشمن نه پر آئون هوس. هڪ ڀيري مون سندن فوٽو پئي ڪڍيا ته انهن اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڇڏي ۽ آئون وڏي ڏکيائي سان پاڻ کي بچائي سگھيس. سندس زال سندس پويان بارسلونا پهتي هئي جيڪا کيس اتان سگار ۽ سگريٽ، جن جي محاذ تي کوٽ هوندي هئي، ۽ ٻيون شيون موڪليندي رهندي هئي.
ڪجھ عرصي کان پوء هو جڏهين موڪلن گذارڻ لاء بارسلونا پهچي ٿو ته اتي کيس صورتحال ئي بلڪل مختلف نظر اچي ٿي. ننڍ وڏائي جو تصور جيڪو سندس اڳ هتي هوندي ڄڻ ختم ٿي ويو هو وري موٽي آيو هو. هوٽلن، شاپنگ مال ۽ روڊن رستن تي ان کي واضح طور تي پسي سگھجي پيو. ساڳي وقت فاشزم خلاف وڙهندڙ مختلف گروپن وچ ۾ ڇڪتاڻ جا پڻ واضح آثار هئا. ڪميونسٽ پارٽي جي مدد سان حڪومت مليشيائن جي اثر رسوخ کي ختم ڪرڻ ۽ فوج ۽ پوليس جي نئين سر تنظيم ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ضابطي ۾ رکڻ لاء سرگرم هئي. حڪومت تي ڪميونسٽن جي فيصلي ڪن اثر رسوخ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو هو ته فاشسٽن کي ته جرمني، اٽلي ۽ ٻين مختلف ملڪن کان مدد ملي رهي هئي جڏهين ته حڪومت کي رڳو سوويت يونين پاران هثيارن جي ۽ ٻي مدد ملي رهي هئي. ان وقت ڪميونسٽن ۽ ٻين انقلابي جماعتن ۾ هڪ واضح فرق اهو موجود هو ته ڪميونسٽن جي پهرين ترجيح فاشزم خلاف جنگ کٽڻ هئي ۽ انقلاب جو وارو پوء ٿي آيو. جڏهين ته جنهن جماعت سان آرويل لاڳاپيل هو ان جو موقف اهو هو ته انقلاب ۽ جنگ کي گڏوگڏ هلائجي نه ته ٻي صورت ۾ ساڳيا ڦرمار ڪندڙ طبقا اقتدار تي قابض ٿي ويندا ۽ سڄي جدوجهد رائيگان ٿي ويندي. ان حوالي سان جارج آرويل موجب سوويت يونين جي رياستي مفادن جو به هڪ ڪردار هو ۽ انهن ملڪن جي ڪميونسٽ پارٽين کي انهن پاليسين جي پوئواري ڪرڻي پوندي هئي. ان وقت سوويت يونين جا فرانس سان ڪجھ دوستي جا ٺاه ٿيل هئا ۽ هن اهو نه ٿي چاهيو ته فرانس جي سرحد تي ئي موجود ڪنهن ملڪ ۾ انقلاب جي همت افزائي ڪرڻ جي ڪري ان جا ساڻس ناتا خراب ٿين.
پنهنجين انهن موڪلن جي دوران هو هڪ ڏينهن بازار کان پنهنجي هوٽل وڃي رهيو هو ته شهر ۾ اوچتو فائرنگ شروع ٿي ويئي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي ويئي. هر ڪو پاڻ کي بچائڻ جي جدوجهد ۾ لڳي ويو. هن پاڻ به هڪ هوٽل ۾ پناه ورتي جيڪا سندس پارٽي جي قبضي ۽ استعمال ۾ هئي. ڳالھہ اها هئي ته حڪومت جي سول گارڊز پاران ٽيليفون ايڪسچينج، جيڪو آرويل جي جماعت پوم جي قبضي ۾ هو، کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. اها ويڙه گھڻا ڏينهن هلندي رهي جنهن ۾ آرويل پڻ پنهنجي پارٽي پاران شامل ٿي ويو هو ۽ سندس موڪلن جو گھڻو وقت بجائي آرام ڪرڻ ۽ پنهنجي زال سان وقت گذارڻ جي، جيئن سندس ارادو هو، ان ويڙه ۾ گذريو. پاڻ ۾ ٿيندڙ ان ويڙه جو فائدو لازمي طور تي فرانڪو جي فاشسٽ فوجن کي ئي ٿيڻو هو. ان ڳالھہ کي نيٺ ٻنهي پاسن جي اڳواڻن پاران محسوس ڪيو ويو ۽ ان بحث ۾ پوڻ کان سواء ته پهرين فارنگ ڪنهن شروع ڪئي هئي جنگ بندي جو فيصلو ڪيو ويو.
آرويل جو اهو خيال هو ته موڪلن ختم ٿيڻ کان پوء هو اها درخواست ڪندو ته کيس انٽرنيشنل بريگيڊ ۾ شامل ڪري ميڊرڊ جي محاذ تي موڪليو وڃي جتي باقاعدي طور تي فاشسٽن سان جنگ هلي رهي هئي. پر کيس ترقي ڏيئي ساڳئي محاذ تي ئي موڪليو ويو.

اسپين : فاشزم خلاف جنگ ۾ سوڀ ممڪن هئي (حصو ٽيون ۽ آخري)

محاذ تي پهچڻ سان ئي آرويل سان هڪ عجيب واقعو ٿئي ٿو. کيس اڃان موٽئي گھڻا ڏينهن نه ٿيا هئا. باقاعدي جنگ جو ته ڪو نالو نشان نه هو جنهن ۾ ماڻهو کي ڪو ڌڪ ڦٽ لڳي. سندس چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن هو پنهنجي يونٽ جي هڪ آمريڪن فوجي سان خندق جي ٻاهران بيهي ڳالھہائي رهيو هو ته اوچتو ڪٿان هڪ گولي اچي کيس لڳي ۽ هو ڪري پيو. گولي جيتوڻيڪ هٿ ۾ لڳي هئي پر کيس لڳو ته گولي ڳچي ۾ لڳي هئي ۽ هو بس هاڻي ڪجھ گھڙين جو مهمان هو جيئن اهڙي صورتحال ۾ گھڻن سان ٿيندو رهيوهو. کيس فوري طور تي فرسٽ ايڊ لاء ويجھي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو. اتي هونڌي فوج سان ئي لاڳاپيل ٻه جوان وٽس آيا ۽ کيس چيائون ته جيئن ته تون ڦٽجي پيو آهين ان ڪري پنهنجي گھڙي ۽ پستول وغيره اسان جي حوالي ڪري ڇڏ. اها ڪا نئين ڳالھہ نه هئي ۽ سڀني سان ائين ئي ٿيندو هو. ان کان سواء ايمبولينس ۾ اسپتال ايندي سندس گھڻو ذاتي سامان چورائجي ويو هو. ان ڌڪ جي ڪري سندس آواز ختم ٿي ويو هو ۽ جڏهين ڊاڪٽر ان جي چڪاس ڪئي ته ان کلي کيس چيو ته هاڻي اهو هميشه لاء ختم ٿي ويو ۽ ڪڏهين به موٽي واپس نه ايندو. اها ساڳي ڳالھه پوءِ مختلف اسپتالن جي ڪجھ ٻين ڊاڪٽرن پاران به ڪئي ويئي. پر اڳتي هلي اهي سڀ غلط ثابت ٿيا ۽ منهنجو آواز موٽي آيو.
وڌيڪ علاج لاء مريضن کي بارسلونا يا ٻئي ڪنهن وڏي شهر جي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويندو هو. پر ان جو دارومدار ريل گاڏي جي اچڻ ۽ ان ۾ جاءِ هئڻ تي هوندو هو جنهن جي لاءِ ڪيئي ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو هو. ساڳي وقت اها ريل جي ڊرائيور جي مرضي هوندي هئي ته هو گاڏي کي ڪهڙي شهر ٿي وٺي هليو. نيٺ گھڻن ڏينهن کان پوء اسان کي ٻڌايو ويو ته فلاڻي ڏينهن اوهان کي بارسلونا موڪليو ويندو ۽ مون اهڙو نياپو پنهنجي زال کي به موڪلي ڇڏيو. پر ريل ۾ سوار ٿيڻ کان پوءِ خبر پيئي ته گاڏي جي ڊرائيور جو ارادو بدلجي ويو هو ۽ هاڻي اها بارسلونا نه پر ٻئي ڪنهن شهر وڃي رهي هئي. پروگرام ۾ آيل ان اوچتي تبديلي جو اطلاع ڏيڻ لاءِ مون پنهنجي زال کي تار موڪلي جيڪا کيس ڪڏهين به ملي نه سگھي. اتي نئين شهر جي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن مون کي اهو ٻڌايو ته هاڻي تون جنگ ۾ شامل نه ٿي سگھندين. ان ڪري ڪجھ ڏينهن کان پوء بارسلونا موٽي علاج لاء ڪجھ وقت اسپتال ۾ گذاري مون کي اهو بهتر لڳو ته پنهنجي زال سان گڏ اسپين مان موٽي وڃجي. پر ان وقت حڪومت ۽ اسان جي مليشيا پوم جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويئي هئي ۽ اسپين کان ويندي گھڻن اهڙن پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو هو جن وٽ ڊسچارج وغيره جي حوالي سان دستاويز پورا نه هئا.
انهن ڪاغذن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي اسپين جي ڪجھ ٻين شهرن ۾ وڃڻو ۽ مختلف ميڊيڪل ٽيسٽن مان گذرڻو پيو. ان دوران انهن شهرن کي ڏسڻ ۽ اتان جي ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو جيڪو اڳ محاذ تي ويندي انهن ئي شهرن مان گذرندي نه ملي سگھيو هو. دستاويز حاصل ڪرڻ کان پوءِ جڏهين بارسلونا پنهنجي هوٽل پهتس ته اتي مون کي عجيب صورتحال نظر آئي. منهنجي زال ڪمري جي ٻاهران بيٺل هئي ۽ ان مون کي ڏسندي ئي چيو ته هتان فورن هليو وڃ. مون کي ڳالھه سمجھ ۾ نه آئي ۽ مون کانئس وڌيڪ سوال ڪرڻ شروع ڪيا، پر هن مون کي رڳو ايترو ٻڌايو ته جنهن تنظيم پوم جي مليشيا سان تون لاڳاپيل هئين ان تنطيم تي پابندي لڳي ويئي هئي ۽ ان سان لاڳاپيل سڀني ماڻهن کي گرفتار ڪيو پئي ويو. ان ڪري ان کان اڳ جو هوٽل وارا تنهنجي متعلق پوليس کي مطلع ڪن ۽ توکي گرفتار ڪيو وڃي تون هتان هليو وڃ.
کيس اها به خبر پيئي ته سندس پارٽي جي گھڻن اڳواڻن کي سندن جماعت جي دفترن مان گرفتار ڪيو ويو هو جن مان گھڻن کي جيل ۾ ڪوڙا مقدما هلائي موت جي سزا ڏيئي شوٽ پڻ ڪيو ويو هو. پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن تي مک الزام اهو هو ته اهي ٽراٽسڪائٽ هئا ۽ سندن جنرل فرانڪو ۽ فاشسٽن سان لاڳاپا هئا ۽ انهن جمهوري حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاء ڪم ڪيو پئي. جڏهين ته اهڙي ڪا به ڳالھہ نه هئي. پارٽي جي مليشيا باقاعدي فاشسٽن خلاف جنگ ۾ شامل هئي ۽ سندن ڏنل قربانيون ڪنهن کان به لڪل نه هيون. دراصل ان وقت پنهنجن مخالف انقلابين کي بدنام ڪرڻ جو ڪميونسٽن جو اهو هڪ مک حربو هو جنهن کي اسپين ۾ به استعمال ڪيو ويو. آرويل هوٽل مان نڪرڻ کانپوء ڏينهن ته ماڻهن جي گھڻي آبادي واري ان وڏي شهر ۾ گھمي ڦري گذاري سگھي پيو جتي ماڻهن جي هجوم ۾ سندس سڃاپجڻ ڏکيو هو. کيس رڳو اهڙين جاين تي وڃڻ کان گريز ڪرڻو هو جتي ماڻهو کيس سندس پارٽي جي حوالي سان سڃاڻندا هئا. اصل مسئلو رات گذارڻ جو هو جنهن جي لاء وٽس ان کان سواء ٻي ڪا واٽ نه هئي ته گرجائن جي فرش، فٽپاٿن ۽ پارڪن ۾ سمهي ڏکيو سکيو گذارو ڪري. ان دوران مختلف جاين تي پنهنجي زال سان ملاقاتن وسيلي کيس پنهنجن دوستن يارن جي خبر ڇاربه ملندي رهندي هئي جن کي گرفتار ڪيو ويو هو يا جيڪي اڃا محاذ يا روپوشي جي حالت ۾ هئا. سندس لاء اسپين مان نڪرڻ جو واحد رستو برطانوي سفارتخاني وسيلي پنهنجي پاسپورٽ ۽ ٻين سفري دستاويزن کي درست ڪرائڻو هو. ان سلسلي ۾ سفارتخاني پاران سندن گھڻي مدد ڪئي ويئي ۽ هو پنهنجي زال ۽ ڪجھ دوستن سميت اسپين کان فرانس پهچي ويو.
آرويل اسپين جي ماڻهن جي مزاج ۽ سندن هلت چلت جي حوالي سان دلچسپ مشاهدا لکيا آهن. مثال طور جيڪڏهين ڪنهن کي ڪنهن ڪم لاء چئبو ته اهو چوندو ته ها اهو صبحاڻي ٿي ويندو. خوش اخلاقي ۽ ٻئي جي ڪم اچڻ سندن خاص وصفون هيون. ساڳي ريت عورتن جو وٽن جيڪو احترام هو ان جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته پوليس جا ماڻهو منهنجي ڳولها ۾ هوٽل آيا ۽ منهنجي زال کي ڪمري جي تلاشي وٺڻ لاء چيائون. ان تلاشي دوران منهنجي زال بستر تي ليٽي پيئي هئي. پوليس ڪمري جي ذري ذري جي تلاشي ورتي پر منهنجي زال کي انهن بستر تان اٿڻ جو نه چيو جتي کين ڪيترائي دستاويز وغيره ملي سگھيا ٿي. جيتوڻيڪ سندن تعلق ڪميونسٽ پارٽي سان هو پر ساڳي وقت اهي اسپيني به هئا ۽ کين ڪنهن عورت کي بستر تان اٿارڻ مناسب نه پئي لڳو.
اسپين جي مختلف انقلابي گروپن ۾ ڪير صحيح هو ۽ ڪير غلط ان متعلق هن وقت فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي پرگھرو ويڙه متعلق اهو چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهين اهي اختلاف پاسيرا رکي فاشزم خلاف جنگ تي توجھ ڏنو وڃي ها ته جنرل فرانڪو کي شڪست ڏيڻ ڪا وڏي ڳالھہ نه هئي ۽ اها جنگ گھڻو اڳ ئي جمهوري حڪومت جي حق ۾ ختم ٿي وڃي ها. ممڪن آهي ته ان سان يورپ ۾ هٽلر ۽ مسوليني جي طاقت کي پڻ ڌڪ لڳي ها. بهرحال اهو هاڻي رڳو تاريخ جو هڪ باب آهي.

ليکڪ ۽ زندگي

لکڻ جو عمل ڪا ماورائي شي ناهي. دنيا جي وڏن ليکڪن جيڪي شاهڪار تخليق ڪيا آهن ان ۾ بس انهن ان زندگي جيڪا انهن گذاري آهي ۽ ماحول جنهن ۾ هو رهيا آهن جو گھرائي سان مشاهدو ڪندي ان کي نهايت سادن لفظن ۾ چٽيو ۽ ماڻهن آڏو پيش ڪيو ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي. ان حوالي سان انگريز ليکڪ جارج آرويل مون کي هڪ منفرد ليکڪ لڳندو آهي. سندس زندگي جو هڪ وسيع تجربو رهيو آهي ۽ اهو تجربو سندس لکڻين جي زينت بڻيو آهي. هو برما ۾ برطانوي حڪومت ۾ پوليس ۾ رهيو ته هن اتي اتان جي ماڻهن جي ڪسمپرسي ۽ برطانوي افسرن جي عياشي واري زندگي ۽ سندن اتان جي ماڻهن سان ورتاء جو مشاهدو ڪيو ۽ ان تي هڪ بهترين ڪتاب لکيو. ساڳي ريت هو اسپين جي 1936 جي گھرو ويڙه ۾ فاشسٽن خلاف وڙهندڙ پرڏيهين جي انقلابي دستي ۾ شامل هو. ان گھرو ويڙه ۽ اتان جي انقلابي قوتن ۾ موجود اختلافن جي حوالي سان سندس لکيل ڪتاب پڙهندڙ کي گھڻي آگهي ڏئي ٿو.
ان لحاظ کان سندس ڪتاب Down and Out in Paris and London هڪ الڳ ٿلڳ موضوع آهي. ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته هن ڪتاب لکڻ لاء اهو تجربو ڪيو جڏهين ته ڪجھ ان کي سندس غربت ۽ ڪسمپرسي واري زندگي جو نتيجو قرار ڏين ٿا. اهڙي زندگي جو هن وقت يورپ جي ڪنهن ملڪ جي ليکڪ لاء تصور ڪرڻ ئي محال آهي. پيرس ۾ رهندي ڪجھ عرصو ته هو اخبارن ۾ پنهنجن لکيل ڪالمن جي ملندڙ معاوضي مان گذارو ڪندو رهي ٿو پر جلد ئي سندس آمدني جو اهو ذريعو بند ٿي وڃي ٿو ۽ هو ماني لاء به محتاج ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي جاء جي مسواڙ به نه ٿو ڏيئي سگھي . ڪنهن اخبار ۽ رسالي وغيره پاران کيس ڪا موٽ نه ٿي ملي. هو پنهنجا ڪپڙا ۽ ٻيون ذاتي شيون گروي رکي پنهنجو گذارو ڪندو رهي ٿو پر اهو پئسو به گھڻو وقت نه ٿو هلي ۽ نيٺ مجبور ٿي هو پنهنجن ڪجھ دوستن جي حوالي سان هڪ هوٽل ۽ پوء ٻي هوٽل ۾ بيرا گيري جي نوڪري حاصل ٿو ڪري جتي کيس گھٽ ۾ گھٽ ٻن وقتن جي ماني ملي وڃي ٿي. اها هڪ سخت قسم جي نوڪري هجي ٿي جنهن ۾ آرام جي گنجائش گھٽ هجي ٿي. انهن هوٽلن جو ٻاهر جو ڏيکاء ته نهايت صاف سٿرو ۽ وڻندڙ هوندو آهي جڏهين ته ڪچن ۽ کاڌي تيار ڪرڻ وغيره جي جاء تي جيڪا گندگي ۽ غلاظت هوندي آهي ان جي رڳو انهن ماڻهن کي ڄاڻ هوندي آهي جيڪي اتي ڪم ڪندا آهن. ليکڪ ان سڄي صورتحال کي نهايت تفصيل سان چٽيو آهي. ان وچ ۾ سندس هڪ دوست کيس هڪ نئين هوٽل جي کلڻ متعلق ٻڌائي ٿو ۽ چئي ٿو ته اتي سندس حيثيت هتان کان گھڻي بهتر هوندي. ڪجھ سوچ ويچار کانپوء هو ان نئين هوٽل جي مالڪ سان شامل ٿي وڃي ٿو. ان هوٽل جي مالڪ جي ذهن ۾ ته گھڻو ڪجھ هجي ٿو پر وٽس ان سڀڪجھ جي تڪميل لاء وسيلا محدود هجن ٿا. اتي ليکڪ جي حيثيت ته يقينن پهرين کان بهتر هجي ٿي پر مالڪ جي ڪمزور مالي حيثيت جي ڪري کيس پگھار پوري ۽ وقت تي نه ٿي ملي ۽ هو اتي نوڪري تي هوندي به هڪ پريشاني واري حالت ۾ اچي وڃي ٿو.
هتان لندن ۾ سندس پنهنجي هڪ دوست سان خط و ڪتابت ٿئي ٿي ۽ اهو دوست سندس لاء اهڙي نوڪري جو انتظام ڪري ٿو جيڪا سندس معيار جي مطابق هجي. پيرس ۾ پنهنجي ڪسمپرسي واري زندگي کي ڏسندي اهو کيس بهتر ٿو لڳي ته هو لندن هليو وڃي. هوٽل جي مالڪ ۽ پنهنجي دوست جي آسرن ۽ دلاسن جي باوجود هو پئرس ڇڏي لندن اچي ٿو. پر هتي به سندس لاء ڪا گھڻي خوشگوار صورتحال نه ٿي هجي. جنهن دوست سان سندس خط و ڪتابت هئي اهو لندن کان ڪجھ عرصي لاء ٻاهر ويل هجي ٿو. اهڙي ريت جنهن ڪم لاءِ هو اچي ٿو اهو ڪم في الحال کيس نه ٿو ملي. هتي وري سندس آڏو اهو مسئلو اچي ٿو ته زندگي جي گاڏي کي ڪيئن گھلجي. ڪو دوست کيس ڪجھ پئسا ڏئي ٿو جيڪي ڪجھ وقت کانپوء ختم ٿي وڃن ٿا. هتان سندس زندگي جو هڪ نئون مرحلو شروع ٿئي ٿو. هڪ Tramp يا رول جي زندگي. سندس واسطو ان قبيل جي مختلف ماڻهن سان پئي ٿو. هڪ اهڙي زندگي جنهن جا پنهنجا ضابطا هجن ٿا. انهن جي لاء گندگي، چوري ڪرڻ ۽ پنهنجي ساٿي کي ئي ماري ڇڏڻ ڪا وڏي ڳالھہ نه ٿي هجي. انهن مان ڪجھ رستن ۽ چوواٽن تي ڳائي وڄائي ۽ ڪجھ ديوارن تي تصويرون ٺاهي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪن ٿا ۽ اهڙي ريت پنهنجو گذر بسر ڪن ٿا. ان دوران سندس واسطو ان قبيل جي نهايت ذهين ماڻهن سان به پئي ٿو جن کي سماج ۾ ته مڃتا نه ٿي ملي پر ساڳي وقت هو عام زندگي ۽ ڪنهن سماجي پابندي کي به قبول ڪرڻ لاء تيار نه ٿا هجن. ساڳي وقت اهڙن ماڻهن سان به جيڪي کيس نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهن ۾ دوست به هجن ٿا ۽ دشمن به هجن ٿا. اهڙن ماڻهن جي رهڻ جي لاء پوري شهر ۾ اهڙا مرڪز هجن ٿا جتي اهي هڪ رات يا ڪجھ وقت رهي سگھن ٿا. انهن مان ڪٿي رهڻ جون مناسب حالتون هجن ٿيون ۽ ڪٿي بلڪل ئي خراب. هو هڪ چڱو عرصو انهن ماڻهن سان گذارڻ کان پوء ان نتيجي تي پهچي ٿو ته برطانيا ۽ خاص طور تي لندن ۾ انهن ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد رهي ٿو ۽ ساڳي وقت اهو به ته انهن ماڻهن جو سماج ۾ جيڪو منفي اميج ٺهيل آهي اهو مڪمل طور تي صحيح ناهي. اصل ڳالھہ اها آهي ته اهي عام ماڻهن واري زندگي ۽ سماجي ضابطن کي قبول نه ٿا ڪن. انهن جي زندگي جا پنهنجا اصول ۽ ضابطا هجن ٿا جن مطابق اهي رهڻ چاهين ٿا ۽ اهي عام اصولن سان ٺهڪي نه ٿا اچن. ان وچ ۾ جنهن دوست کيس لندن گھرايو هو اهو موٽي ٿو اچي ۽ سندس زندگي جو اهو اهم مرحلو پڄاڻي تي پهچي ٿو.

اسپينوزا جو مسئلو ۽ نازي نظريو

سترنهين صدي جي يورپ ۾ خيالن ۽ نظرين جي تڪرار جي حوالي سان اسپينوزا هڪ اهم نالو آهي. ان وقت يورپ ۾ يهودين جي خلاف هڪ مهم جاري هئي. اسپين ۾ کين عيسائيت اختيار ڪرڻ يا ملڪ ڇڏي وڃڻ جي چونڊ ڏني ويئي هئي. ساڳي صورتحال پرتگال ۽ ٻين ملڪن ۾ به هئي. ٻين سزائن سان گڏ انهن کي قتل ڪرڻ ۽ جيئرو ٻارڻ هڪ عام ڳالھہ هئي. انهن حالتن ۾ هالينڊ اهو واحد ملڪ هو جتي امن امان ميسر هو ۽ يهودين کي پنهنجي مذهب تي هلڻ جي آزادي هئي. ان ڪري گھڻا يهودي ٻين ملڪن مان ڀڄي اڄي هالينڊ ۾ پناه وٺندا هئا.
اسپينوزا متعلق گھڻي معلومات نه ٿي ملي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هڪ ڀيرو ته سندس وفات کانپوء سندس قرض لاهڻ لاء ٻين شين سميت سندس ڪتابن کي به نيلام ڪيو ويو هو. سندس ڪجھ خيرخواهن ڪوشش ڪري ان مان گھڻا ڪتاب وري گڏ ڪيا پر ٻن سو سالن کانپوء نازي نظريه دان الفريڊ روسن برگ جي اڳواڻي ۾ وري انهن کي تهس نهس ڪيو ويو. ان ڪري نه رڳو سندس اصلوڪي لائبريري ۽ ڪتاب اڻ لڀ آهن پر سندس زندگي متعلق به تصديق ٿيل احوال گھٽ ٿو ملي. ان ڪري نفسيات دان ليکڪ ارون ڊي يالوم پنهنجي ڪتاب The Spinoza Problem کي ناول جو روپ ڏنو آهي جنهن ۾ گھڻا ڪردار ۽ واقعا فرضي آهن.
اسپينوزا پنهنجي پي ۽ ڀاء سان گڏ ايمسٽرڊم ۾ دوڪان هلائيندو هو. ان سان گڏوگڏ هو مذهبي تعليم پڻ حاصل ڪندو هو. هو هڪ ذهين شاگرد هجي ٿو ۽ سندس پي ۽ استاد سندس ڪارڪردگي مان خوش ۽ مطمئن هجن ٿا. پر هو ساڳي وقت مختلف معاملن تي سوچي ٿو ۽ پنهنجو اهڙو ڌار رايو قائم ڪري ٿو جيڪو روايتي مذهبي خيالن ۽ اصولن کان نه رڳو مختلف هجي ٿو پر ان سان ٽڪراء ۾ اچي ٿو. هو چئي ٿو ته فطرت ئي خدا آهي ۽ هر شي عقل ۽ دليل جي تابع آهي. پرتگال مان آيل هڪ همراه هڪ ٻئي ڄڻي سان گڏجي سندس مخالفن جي هشي تي سندس جاسوسي ڪن ٿا. سندن رپورٽ تي اهو فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته کيس ڪميونٽي مان ڪڍيو وڃي ۽ سندس حقو پاڻي بند ڪيو وڃي.
ان قدم کڻڻ کان اڳ وڏي رابي پاران کيس گھرائي تفصيل سان ڳالھہ ٻوله ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ هو مڃي ٿو ته سندس خلاف جيڪا رپورٽ ڪئي ويئي هئي ۽ جيڪي چيو ويو هو اهو سڀ سچ هو. کيس اها آڇ ڪئي وڃي ٿي ته جيڪڏهين هو پنهنجن ملحدانا خيالن تان هٿ کڻي ٿو ته کيس مختلف مذهبي عهدا ڏيڻ سان گڏوگڏ سڄي عمر لاء کيس ايتري پينشن ڏني ويندي جو هو اطمينان سان پنهنجي زندگي گذاري سگھي. پر هو اهو سڀڪجھ وٺڻ ۽ پنهنجن خيالن تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ٿو. ساڳي وقت سندس ڀاء ء ڀيڻ به کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر هو پنهنجي موقف تي قائم رهي ٿو. نتيجي ۾ کيس سخت ۾ سخت سزا ڏيئي هميشه لاء Ex Communicate ڪري ڪميونٽي جي ڪنهن به ماڻهو کي ساڻس ڪنهن به قسم جي تعلق ۽ رابطي رکڻ کان منع ڪيو وڃي ٿو.
هو پنهنجو بسترو ۽ ڪتاب وغيره کڻي گھر ۽ دوڪان ڀاء جي حوالي ڪري اتان هليو وڃي ٿو ۽ پنهنجي استاد جي گھروڃي رهي ٿو جيڪو کيس مختلف ٻولين جهڙوڪ لاطيني، يوناني ۽ ٻين مختلف ٻولين ۽ فلسفي وغيره جي تعليم ڏئي ٿو. پرتگال مان آيل همراه جنهن پنهنجن ڪجھ مفادن جي ڪري مٿس جاسوسي ڪئي هئي ۽ الزام هنيا هئا کانئس معافي گھري ٿو ۽ سندس بهترين دوست بڻجي وڃي ٿو. هو کيس ڪميونٽي جي مختلف معاملن جي ڄاڻ پڻ ڏئي ٿو. مٿس جڏهين قاتلانا حملو ٿئي ٿو ۽ حملو ڪندڙ ڀڄي وڃي ٿو ته هو ئي کيس ٻڌائي ٿو ته اهو پرتگال مان آيل هڪ مذهبي جنوني پناهگير آهي جيڪو سائينگاگ جي ته خاني ۾ لڪل آهي ۽ هو پوليس کي ان جي اطلاع ڪندو پر اسپينوزا کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪري ٿو. هو اسپينوزا کي صلاح ڏئي ٿو ته بهتر اهو آهي ته هو هتان لڏي وڃي. پر هو مناسب وقت جي انتظار ۾ هجي ٿو.
جيتوڻيڪ اسپينوزا جا گھڻا شاهوڪار دوست سندس مالي مدد ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ايستائين ته پنهنجي سڄي ملڪيت سندس نالي ڪرڻ لاء تيار هجن ٿا پر هو ائين ڪرڻ نه ٿو چاهي. ڇاڪاڻ اها انهن جي ٻارن ۽ گھر وارن سان ناانصافي ٿئي ها. سندس وقت هڪ ته پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ گذري ٿو ۽ ٻيو هو پنهنجي روزگار لاء محدب شيشا وغيره ٺاهي ٿو جنهن سان سندس صحت متاثر ٿئي ٿي. هو چوئيتاليه پنجيتاليه سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. کيس چرچ ۾ دفن ڪيو ويو. گھڻن اهو خيال ڪيو ته هو عيسائي ٿي ويو هو پر ائين نه هو. ان وقت اها روايت هئي ته ڪجھ پيسن جي عيوض اتي دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي هئي. اهي پيسا پوء ڏيڻا ڪيا ويا هئا پر جيئن ته اهي ادا نه ٿي سگھيا ان ڪري گھڻي عرصي کانپوء سندس هڏن کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو.
سندس ڀاء نئين دريافت ٿيل سرزمين آمريڪا ڏانهن لڏي ويو هو جتي هو هيڊي بخار وگھي گذاري ويو جڏهين ته سندس ڀيڻ جنهن ساڻس سڀ ناتا ٽوڙي ڇڏيا هئا مرڻ کانپوء سندس وارث طور سامهون آئي پر جڏهين کيس اهو پتو پيو ته سڀ حساب ڪتاب ڪرڻ کانپوء اسپينوزا تي اڃا گھر جي مسواڙ ۽ ٻيو قرض باقي رهيو ٿي ته هن پويان پير ڪيا ۽ وارث هئڻ تان هٿ کڻي ويئي. اهڙي ريت سندس سڄو قرض سندس دوستن ادا ڪيو.
اسپينوزا جي خيالن گوئٽي ۽ آئنسٽائن جهڙن يورپ جي وڏن دماغن کي متاثر ڪيو. چيو وڃي ٿو ته سندس بنيادي ڪتاب Ethics گوئٽي سان گڏ هوندو هو ۽ هن ان کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ پورو سال لڳايو.
اٽڪل ٻن صدين گذرڻ کانپوء جڏهين يورپ ۾ نازي ازم جو ظهور ٿئي ٿو ته اسپينوزا هڪ نئين روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ايسٽونيا ۾ رهندڙ هڪ جرمن نزاد نوجوان شاگرد الفريڊ روسن برگ يهودين جي خلاف تقريرون ڪري ٿو. هو ان بنياد تي انهن جي نسل ڪشي ۽ انهن کي يورپ مان نيڪالي ڏيڻ جي وڪالت ڪري ٿو ته اهي سازشي ۽ لالچي آهن ۽ انهن اعليٰ آريائي جرمن نسل کي خراب ڪيو آهي. ان جي سزا جي طور سندس استادن پاران کيس اسپينوزا جي ڪتاب مان ڪجھ حصا پڙهڻ، سمجھڻ ۽ ان تي ڳالھہائڻ لاء چيو وڃي ٿو. هو حيران ٿئي ٿو جڏهين کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته اسپينوزا ته يهودي هو پوء گوئٽي جهڙي وڏي جرمن دماغ ڇو سندس ڪتاب کي سال تائين پڙهڻ ۽ سمجھڻ لاء پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ رکيو هو. بهرحال ڪوشش جي باوجود کيس گھڻيون ڳالھيون سمجھ ۾ نٿيون اچن. گھڻو پوء جڏهين هو اهو ذڪر پنهنجي هڪ دوست سان ڪري ٿو ته هو کيس صلاح ڏئي ٿو ته اسپينوزا کي سمجھڻ لاء ايٿڪس پڙهڻ کان اڳ هو ان جا ٻيا ابتدائي ڪتاب پڙهي.
هو ايسٽونيا ۾ موجود جرمن فوج ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر کيس چيو وڃي ٿو ته اها رڳو جرمني جي ماڻهن لاء آهي ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن کي ان ۾ شامل نه ڪيو ويندو آهي. بهرحال هو ڪنهن ريت جرمن فوج جي ٽرين ۾ جاء حاصل ڪري پهرين برلن ۽ پوء اتان ميونخ هليو وڃي ٿو. اتي کيس هڪ يهودي مخالف اخبار جي خبر پئي ٿي. هو ان جي ايڊيٽر سان ملاقات ڪري ٿو جيڪو سندس خيالن کي پنهنجن خيالن ۽ اخبار جي پاليسي سان ٺهڪندڙ محسوس ڪندي کيس ملازم رکي ٿو. هو پنهنجن مضمونن جي ڪري جلد ئي يهودي مخالف لابي ۾ مقبوليت حاصل ڪري وٺي ٿو ۽ نازي پارٽي جو حصو ٿي وڃي ٿو. انهن گڏجاڻين ۾ هٽلر به شريڪ ٿئي ٿو ۽ جلد ئي خاص طور پنهنجي تقريري صلاحيتن جي ڪري ان جو اڳواڻ ٿي وڃي ٿو.
الفريڊ پنهنجي نسل پرستي ۽ يهودين خلاف نظرين جي ڪري پارٽي جو نظرياتي اڳواڻ ٿي وڃي ٿو. سندس اخبار جو ايڊيٽر کيس يورپ جي مختلف ملڪن جي دوري تي موڪلي ٿو ته جيئن هو اتان جي صورتحال متعلق وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگھي. ان دوري ۾ هو هالينڊ ۾ اسپينوزا جي لائبريري ڏسڻ وڃي ٿو. پر لائبريري جو نگران کيس پري کان ئي ڪتاب ڏسڻ ڏئي ٿو ۽ ويجھو نه ٿو وڃڻ ڏئي. هو کيس ڌمڪي ڏئي ٿو ته اهو ڏينهن ايندو جڏهين اها لائبريري ۽ پاڻ هو سندن قبضي ۾ هوندا.
هو پنهنجي اڪيلائپ ۽ مايوسي وغيره جي ڪري نفسياتي مونجھارن جو شڪار هجي ٿو. پارٽي ۾ هوندي کيس اها پريشاني به هجي ٿي ته هٽلر سندس ڀيٽ ۾ پارٽي جي ٻين اڳواڻن کي گھڻي اهميت ڏني ٿي. سندس هڪ نفسيات دان دوست سندس علاج ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان دوران کيس صلاح ڏئي ٿو ته هو يهودين متعلق پنهنجو رويو بدلائي. پر هو ان لاء تيار نه ٿو ٿئي.
ٻين مهاڀاري جنگ هلندي جڏهين جرمني جون فوجون هالينڊ تي قبضو ڪن ٿيون ته الفريڊ روسن برگ هڪ ڀيرو وري پنهنجي جٿي سان گڏ اسپينوزا جي لائبريري پهچي ٿو ۽ زوري زبردستي جيڪي ڪتاب کيس هٿ اچن ٿا اهي کڻي وڃي ٿو. پر پوء کيس خبر پئي ٿي ته اهي سڀ ڪتاب سندس لاء بيڪار هئا. ڇاڪاڻ ته جڏهين هو انهن کي پڙهڻ لاء کڻي ٿو ته کيس خبر پئي ٿي ته اهي لاطيني، يوناني ۽ ٻين اهڙين ٻولين ۾ هئا جيڪي کيس ڪونه ٿي آيون.
جنگ ۾ جرمني جي شڪست کانپوء ٻين نازي اڳواڻن سان گڏ الفريڊ روسن برگ کي به گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ مقدمي هلائڻ کانپوء کيس گولي هڻي مارڻ جي سزا ڏني وڃي ٿي.
اهو ناول فڪشن ۽ حقيقت کي گڏي لکيو ويو آهي. پڙهندڙ کي ان مان معلومات به ملي ٿي ۽ سندس دلچسپي به برقرار رهي ٿي.

اسان کي انقلاب نه گھرجي

جيڪو ٻار پنهنجي وطن کان پري پليو نپنو ۽ وڏو ٿيو هجي ۽ پنهنجن وڏن کان هميشه پنهنجي وطن جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌيون هجن ان جي ذهن ۾ پنهنجي وطن جو هڪ تاثر جڙندو آهي جنهن جي هو پاڻ پالنا ۽ پرورش ڪندو ۽ ان ۾ نوان رنگ ڀريندو رهندو آهي. پر کيس اها ڄاڻ نه هونڌي آهي ته اهو وطن سندس مائٽن جي اتان لڏي وڃڻ کان پوء ڪيترو نه بدلجي چڪو هوندو آهي.
ايران جو انقلاب ملڪ ۾ سماجي ۽ سياسي لحاظ کان وڏي اٿل پٿل جو باعث بڻيو هو. ان اتان رڳو شاه، سندس خاندان ۽ ساٿين کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور نه ڪيو هو پر ملڪ جي شاهوڪار طبقي جو هڪ وڏو تعداد پنهنجي حياتي ۽ ملڪيت بچائڻ لاء يورپ ۽ آمريڪا ڏانهن لڏي ويو هو. انهن ماڻهن ۾ آمريڪي هفتيوار مئگزين ٽائم جي صحافي آزادي موئني جو خاندان به هو. ٽائم ۾ جڏهين مون سندس ايران جي حوالي سانLipstick Jihad جي عنوان هيٺ ڪجھ ڪالم پڙهيا هئا ته مون کي سندس لکڻيون ڪافي منفرد ۽ دلچسپ لڳيون هيون. سندس انداز سماجي تبديلين ۽ سياست کي گڏي پيش ڪرڻ آهي. انقلاب کان پوء ماڻهن نئين نظام سان پاڻ کي ڪيئن هم آهنگ ڪيو ۽ پوء حڪومت خلاف تحريڪ جي نتيجي ۾ سندن زندگي ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون سندس لکڻين جو خاص موضوع رهيو آهي. هن وقت ان ساڳئي عنوان هيٺ سندس ڪتاب آيو آهي جيڪو جيتوڻيڪ سندس ڪالمن جو مجموعو ناهي پر ان جو موضوع ۽ انداز ساڳيو ئي آهي. ان ڪتاب کي هڪ لحاظ کان انقلاب ۽ انقلاب کانپوء بدليل ايران جي حقيقتن ۾ پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولا ڪري ليکي سگھجي ٿو.
سندس ذهن ۾ هڪ ته اهو ايران هجي ٿو جڏهين هو ننڍي هوندي پنهنجن مائٽن سان گڏ اتان لڏي وڃي آمريڪا رهي ٿي ۽ هڪ اڌ ڀيرو ڪجھ وقت لاء اتي اچي ٿي ۽ ٻيو اهو جيڪو هو پنهنجن وڏن جي واتان ٻڌي ٿي. باغن، بلبلن، وڏن گھرن ۽ شاعري جو هڪ پراسرارملڪ جنهن جو تصور هو پنهنجي ذهن ۾ جوڙي ٿي. آمريڪا ۾ سندن سڃاڻپ ايران جي حوالي سان آهي ۽ هر Diaspora وانگرکين هميشه اها اميد رهي ٿي ته جلد ئي حالتون سڌري وينديون ۽ اهي پنهنجي وطن ڏانهن موٽي ويندا. اهڙي ريت هو ان ملڪ ۽ اتان جي ماڻهن کي پنهنجين اکين سان ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ چاهي ٿي. کيس اهو موقعو ان وقت ملي ٿو جڏهين هو قاهره ۾ ٽائم مئگزين پاران پنهنجي پيشه ورانا ڪم جي سلسلي ۾ رهيل هجي ٿي. ساڻس گڏ رهندڙ سندس هڪ ايراني دوست سندس ايران متعلق ان تجسس کي اڃا گھڻو وڌائي ڇڏي ٿي. ان دوران ۾ ئي ايران ۾ حڪومت خلاف شاگردن ۽ عام ماڻهن جا مظاهرا شروع ٿي وڃن ٿا ۽ ملڪ کان ٻاهر ويٺل ايراني ان مان فوري طور اهو تاثر وٺن ٿا ته اها هڪ نئين انقلاب جي شروعات آهي ۽ منجھن پنهنجي وطن موٽڻ جي هڪ نئين اميد ۽ جذبو جنم وٺي ٿو. ان ڪري جڏهين موئني کي مئگزين پاران ان صورتحال کي ڪور ڪرڻ لاء ايران وڃڻ لاء چيو وڃي ٿو ته هو ان ڳالھہ جي باوجود ته کيس سندس والدين ۽ ٻين مٽن مائٽن پاران اتي اڪيلي وڃڻ جي خطرن کان آگاه ڪندي اتي وڃڻ کان روڪيو وڃي ٿو هو اوڏنهن وڃڻ ۾ ڪا دير ئي نه ٿي ڪري ۽ ان ڳالھہ جي پرواه ڪرڻ کانسواء ته اتي سندس رهڻ وغيره جو بندوبست ڇا هوندو ۽ حڪومت جو ساڻس ڇا رويو هوندو فوري طور وڃڻ لاء تيار ٿي وڃي ٿي.
هو جنهن ايران ۾ پهچي ٿي اهو ان کان بلڪل مختلف هجي ٿو جيڪو سندس ذهن ۾ موجود هو ۽ جنهن متعلق هن قصا ڪهاڻيون ٻڌي هڪ تصور جوڙيو هو. هو سياستدانن، شاگردن، تبديلي جي تحريڪ جي اڳواڻن، صحافين ۽ مختلف عام ماڻهن سان ملي ٿي ۽ اهو ڏسي ٿي ته انهن نين حالتن سان ڪيئن مطابقت پيدا ڪئي هئي ۽ انهن جي روين ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون هيون. هو اهو ڏسي ٿي ته ٻاهرين دنيا ۾ جيئن ايران کي سياسي طور تي ٻن گروهن، بنياد پرست ملن ۽ صدر خاتمي جي حامين، جيڪي مذهبي دائري ۾ رهندي نظام ۾ ڪي تبديليون آڻڻ چاهين ٿا، ۾ ورهايل ڏيکاريو وڃي ٿو ائين ناهي پر هتي هڪ ٽيون گروه يعني اهڙا ماڻهو به موجود آهن جيڪي مذهبي عالمن جي سياست ۾ مداخلت کي پسند نه ٿا ڪن ۽ مذهب کي سياست کان بلڪل ڌار رکڻ چاهين ٿا. انهن ماڻهن لاء ايران جو قومي مفاد سڀ کان اتم هوندو آهي ۽ ضروري ناهي ته سيڪيولرزم ۽ جمهوريت جي ڳالھه ڪرڻ جي ڪري اهي يورپ ۽ آمريڪا جا حامي هجن. هو ملڪ ۾ هڪ ڇڪتاڻ ۽ اڻ تڻ واري ڪيفيت محسوس ڪري ٿي. هڪ اصلاح پسند صدر ۽ پارليامينٽ هئڻ جي باوجود عدليا ۽ فوج تي بنياد پرستن جو قبضو هجي ٿو جيڪي تبديلي جي هر ڪوشش ۾ رڪاوٽون حائل ڪن ٿا ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته ولايت فقيه جو ادارو موجود آهي جنهن تحت خوميني کان پوء خامنئي کي ڄڻ هڪ لحاظ کان رياست جي سڀني معاملن تي ويٽو پاور حاصل آهي ۽ تبديلي جي ڪا به ڪوشش سندس منظوري کانسواء ڪامياب نه ٿي ٿي سگھي. اصلاح پسندن جون گرفتاريون ۽ انهن کي هيسائڻ لاء مختلف طريقن جو استعمال ۽ مخالف اخبارن تي بندش عام طريقا آهن.
ليکڪا اصلاح پسندن جي انهن ڏکيائين ۽ رڪاوٽن جو ذڪر ته ڪري ٿي پر ساڳي وقت اهو پڻ ٻڌائي ٿي ته اهي پاڻ تبديلي جي حوالي سان ماڻهن کان وڌيڪ مذهبي اسٽيبلشمنٽ جي ويجھو هئا. منجھانئن گھڻا ماضي ۾ انهن جي بنياد پرست پاليسين جو حصو رهي چڪا هئا. هو اصغر زادي نالي هڪ اهڙي اصلاح پسند اڳواڻ سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪري ٿي جيڪو آمريڪي سفارتخاني تي قبضي ۽ سفارتڪارن کي يرغمال ڪرڻ وارن ۾ شامل هو. اهي پنهنجي سياست جي حوالي سان مذهب جي دائري مان نڪرڻ لاء تيار نه هئا. سندن مقصد ايران ۾ هڪ مذهبي جمهوريت قائم ڪرڻ هو. انهن هڪ لحاظ کان اهو سمجھيو ٿي ته تبديلي جي خواهش رکندڙ ماڻهن لاء سندن ساٿ ڏيڻ کانسواء ٻي ڪا واٽ نه هئي. ان جي باوجود ته اصلاح پسندن جي ڪري ايران جي سماج ۽ ماڻهن جي روزمره جي زندگي ۾ گھڻيون تبديليون واقع ٿيون هيون پر ماڻهو سياسي سطح تي جنهن اظهار جي آزادي ۽ سيڪيولر جمهوريت جا خواهش مند هئا اها کانئن گھڻو پري هئي ۽ اها ڳالھه اصلاح پسند صدر ۽ ان جي ساٿين جي ايجنڊا جو حصو به نه هئي. ماڻهو سندن ان روئي ۽ پاليسين جي ڪري کانئن مطمئن نه هئا. ان ڳالھه کي صدر خاتمي، جيڪو لباس وغيره جي لحاظ کان هڪ نفيس طبيعت جو مالڪ، ٽي ٻوليون ڳالھائيندڙ ۽ اولھه جي فلاسافرن کان واقف شخص هو، چڱي ريت سمجھندو هو. ان ڪري کيس سندس ويجھن ماڻهن پاران اها صلاح ڏني ويئي هئي ته هو ٻيهر 2001 جي صدارتي چونڊن ۾ حصو نه وٺي. پر هن صدارتي چونڊ لاء پنهنجو فارم داخل ڪري ڇڏيو. ايران ۾ انقلاب کانپوء ٿيندڙ چونڊن کي پنهنجين سڀني حدبندين ۽ بندشن جي باوجود وچ اوڀر جي ملڪن ۾ ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان بهتر ليکي سگھجي ٿو جتي ماڻهو جي ووٽ جو قدر ۽ فيصلي ۾ انهن جو حصو رهيو آهي. چونڊن جي ان مهم جو ذڪر ڪندي ليکڪا خرم شهر، جتي هو خاتمي سان گڏ هئي، ۾ صدر جي بيوسي جو ذڪر ڪري ٿي جڏهين ماڻهن سان خطاب ڪندي سندس اکين مان ڳوڙها زاروقطار وهي رهيا هئا ۽ هو پنهنجي بيوسي جو اظهار ڪري رهيو هو ۽ ساڻس گڏ ليکڪا سميت جيڪي ماڻهو موجود هئا سڀني جا ڳوڙها وهي رهيا هئا.
ان سڄي سياسي بيچيني ۽ خاص طور تي نوجوانن ۽ شاگردن ۾ تبديلي جي خواهش جي باوجود ليکڪا هڪ نهايت اهم لاڙي جو ذڪر ڪري ٿي. سندس چوڻ آهي ته جلاوطن ايرانين لاء ته هڪ ٻيو انقلاب جيڪو ملڪ مان ملن جي راڄ کي ختم ڪري ۽ هڪ سيڪيولر جمهوريت جو باعث بڻجي ئي مسئلي جو حل آهي پر هن جڏهين ان تحريڪ جي مهڙ ۾ هلندڙ شاگردن ۽ ٻين ماڻهن سان ملاقات ڪئي ته انهن اها عجيب ڳالھہ ڪئي ته کين هڪ ٻيو انقلاب نه گھرجي. هو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ ترقي جو عمل هلي ۽ ان نظام ۾ ئي تبديلين وسيلي هو پنهنجا حق حاصل ڪن. هو پاڻ ان مان اهو نتيجو ڪڍي ٿي ته اهڙي ريت ته ملڪ ۾ ملن جو راڄ هميشه قائم رهندو ۽ ان ۾ ڪا بنيادي تبديلي نه اچي سگھندي. اهو سوال پنهنجي جاء تي گھڻي اهميت رکي ٿو.

ايران: ماڻهن ۽ حڪومت جي اکٻوٽ

ايران ۾ مذهبي عالمن جي حڪومت سنڀالڻ کانپوء سماجي طور تي هڪ اهم تبديلي اها آئي آهي ته شاه جي دور جو حڪمران شاهوڪار طبقو جيڪو اوله جي طرز تي پنهنجي زندگي گذاريندو هو پوئتي ڌڪجي ويو آهي ۽ ان جي جاء تي شهرن ۽ ٻهراڙين جو روايتن سان لاڳاپيل غريب ۽ هيٺيون وچولو طبقو مذهبي عالمن جي اڳواڻي ۾ طاقت ۾ اچي ويو آهي جيڪو پنهنجي زندگي جو نڪته نظر سڄي ملڪ تي مڙهڻ چاهي ٿو. شهرن ۾ رهندڙ ان شاهوڪار طبقي کي هو جنهن نظر سان ڏسن ٿا ان جي هڪ جھلڪ گارجين جي تهران بيورو جي صحافي جي ذڪر ڪيل هڪ واقعي مان پئي ٿي. سندس چوڻ آهي ته هڪ ڀيرو اهي ڪجھ دوست تهران جي اتر ۾ جبلن تان گھمي واپس پئي موٽيا ته کين هڪ ڳوٺ وٽ محافظن پاران روڪيو ويو. کين چيو ويو ته ڇا اسان کي اها خبر ناهي ته جبلن تي اوهان ڪهڙيون عياشيون ڪرڻ ٿا وڃو. حالانڪه ڏٺو وڃي ته اهڙي ڪابه ڳالھہ نه هئي. منجھانئن هڪ ڄڻي کين مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان تهران وارا نيٺ پاڻ کي سمجھو ڇا ٿا. ٻه ٽي اولھه جي فلاسافرن جا نالا کڻندي ان چيو ته ڇا اهي ٻه ٽي ڪتاب پڙهي اوهان معتبر ٿي ويا آهيو، اسان به اهو سڀڪجھ پڙهيو آهي. اهڙيون ۽ ٻيون ڪجھ ڳالھيون چئي ليڪچر ڏيڻ کان پوء هن انهن کي وڃڻ جي اجازت ته ڏيئي ڇڏي پر ان صحافي جو چوڻ آهي ته اها ان وقت کان اهو سوچيندي رهي آهي ته نيٺ ان شخص جي اهو سڀڪجھ چوڻ جو مطلب ڇا هو. جيتوڻيڪ مطلب بلڪل صاف آهي. رڳو ايران ۾ نه پر پاڪستان ۽ ٻين مسلم ملڪن ۾ به مذهب رڳو مذهبي عالمن ۽ مذهب سان لاڳاپيل ماڻهن جو هڪ نظرياتي ۽ زندگي جي نڪته نظر جو مسئلو ناهي پر اهو ساڳي وقت هيٺين ۽ روايتي طبقن کي ملڪ جي ايليٽ خلاف، جيڪو سندن چواڻي ته مذهب کان هٽيل ۽ استعماري ملڪن ۽ قوتن جو آله ڪار آهي، پنهنجي طاقت جو احساس ۽ نفرت جي اظهار جو هڪ موقعو به فراهم ڪري ٿو.
انقلاب سماجي لحاظ کان مختلف طبقن کي مختلف طريقن سان متاثرڪندو آهي. ايران ۾ ان غريب ۽ هيٺئين وچولي طبقي جي عورتن کي هڪ لحاظ کان چار ديوارين کان ٻاهر نڪرڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو تحرڪ ڏنو جيڪو اڳ نه هو ۽ اهي ماڻهو پنهنجين عورتن کي گھرن تائين محدود رکڻ ئي ڪافي سمجھندا هئا. جيتوڻيڪ ان تعليم کان پوء سندن لاء وڌيڪ اڳتي وڌڻ ۽ روزگار جا موقعا محدود هئا. جڏهين ته مٿئين طبقي ۽ خاص طور تي عورتن لاءِ ته ان ملڪ کي ڄڻ هڪ جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. شاه جي دور ۾ کين لباس ۽ گھمڻ ڦرڻ وغيره جي سلسلي ۾ جيڪا آزادي حاصل هئي اها ختم ٿي ويئي. انقلاب جي شروع کان ئي مذهبي قانونن کي استعمال ڪندي ايران جي حڪمران طبقي ماڻهن تي گھڻيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. عورتن جي لباس ۽ عورتن مڙدن جي گڏجي گھمڻ ڦرڻ تي خاص نظر رکي ٿي ويئي ۽ انهن جي خلاف ورزي ڪندڙن کي مختلف سزائون ڏنيون ٿي ويون. جيئن ملڪ تي انهن جو سياسي ضابطو مضبوط ٿيندو ويو ۽ مزاحمت ختم ٿيندي ويئي تيئن انهن پابندين تي عملدرآمد ۾ سختي ايندي ويئي. نوي جي ڏهاڪي جي آخر ۾ اصلاح پسندن کي سياسي ڪاميابين حاصل ٿيڻ سان جيتوڻيڪ صورتحال ۾ ڪجھ سڌارو آيو پر ساڳي وقت قدامت پسندن پاران ان سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ سختي ٿيڻ شروع ٿي. آزادي موئني 2000 جي گرمين ۾ جڏهين هو بيروت ۾ هئي اهڙي هڪ سزا جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿي ته جن عورتن کي سندن ٽنگن نه ڍڪيل هئڻ ڪري پڪڙيو ويندو هو انهن جي ٽنگن کي ڪاڪروچن سان ڀريل بالٽي ۾ وڌو ويندو هو ۽ سندن پيرن تي باقاعدي رنگ جو ڦوهارو هنيو ويندو هو جيڪو گھڻن ڏينهن تائين نه لهندو هو ۽ کين پنهنجي سزا جو احساس ڏياريندو رهندو هو. عورت ۽ مڙد جو گڏجي هلڻ پوء ڀلي اهي زال مڙس هجن، پيءُ ڌيءَ هجن يا ڀاءُ ڀيڻ هجن سندن لاءِ مسئلن کي جنم ڏيندو آهي. کين پنهنجي تعلق جي ثابتي ڏيڻي پوندي آهي ۽ ٿوري به شڪ پوڻ تي ٻنهي تي تشدد ڪرڻ ۽ ماڻهن آڏو ڦٽڪن جي سزا ڏيڻ هڪ عام ڳالھہ آهي. حڪومت پاران ماڻهن جي ڀلائي وارن ڪمن تي توجھ ڏيڻ جي بجائي تازو اهڙي اخلاقي پوليس جي تعداد ۾ ست هزار واڌاري جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪي لڪل نموني مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻندا ۽ عورتن جي لباس وغيره جي پابندي جي سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ سختي ڪندا. ان ملڪ جي مختلف حلقن ۾ تشويش پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ ايران جي مختلف حلقن پاران ان جي نندا ڪندي ان فيصلي کي واپس وٺڻ لاء چيو ويو آهي. ايستائين ته صدرروحاني ان تي ڳالھائيندي چيو آهي ته قانون تي عمل ڪرڻ وقت ماڻهن جي وقار ۽ انسانيت جو خيال رکيو وڃي.
پر اها ايراني ماڻهن ۽ حڪمرانن جي وچ ۾ هڪ لاڳيتي جدوجهد آهي. ماڻهن زندگي کي ترڪ ناهي ڪيو پر نئين صورتحال سان مطابقت پيدا ڪرڻ لاء پنهنجن جذبن ۽ احساسن جي اظهارلاء اهڙن موقعن جي چونڊ ڪئي آهي جنهن تي اعتراض جي گنجائش گھٽ ئي نڪري ٿي. ماڻهو محرم، عاشوري ۽ ٻين مذهبي تهوارن جو بيچيني سان انتظار ڪندا آهن جڏهين کين وڏي تعداد ۾ جلسن جلوسن جي صورت ۾ شهر ۾ نڪرڻ جي آزادي هوندي آهي. اهو اهڙو موقعو هوندو آهي جڏهين جلوسن ۾ شامل ڇوڪريون ميڻ بتيون کڻي نڪرنديون آهن جن جي هيٺان ڪاغذ جون پرچيون هونديون آهن جن تي ٽيليفون نمبر لکيل هوندا آهن جيڪي مختلف طريقن سان جلوس جي پاسن کان بيٺل ڇوڪرن تائين پهچندا آهن ۽ اهڙي ريت هڪ تعلق قائم ڪندا آهن. ايران جي فٽ بال ٽيم جا ميچ ماڻهن جي لاءِ پنهنجي اوٻر ڪڍڻ جو هڪ ٻيو ذريعو هوندا آهن. ان ۾ ان ڳالھه جي اهميت نه هوندي آهي ته ٽيم جي ڪارڪردگي ڇا آهي ۽ اها مئچ کٽي ٿي يا هارائي ٿي، ٻنهي تي ساڳي نموني جو هڪ خوشي ۽ جشن وارو ردعمل ڏيکاريو ويندو آهي. اهڙن موقعن تي اخلاقي پوليس پاسن کان بيٺل هوندي آهي ۽ سڀڪجھ ڏسندي واسندي به ڪجھ نه ڪري سگھندي آهي جيستائين معاملو پنهنجي دائري مان نه ٿو نڪري. متحده عرب امارات سان اهڙي هڪ هارايل مئچ جو ذڪر ڪندي آزادي موئني ٻڌائي ٿي ته سڄي تهران ۾ مختلف هنڌن تي ماڻهو ڄڻ هڪ جشن ملهائڻ لاء نڪري آيا هئا جنهن دوران خميني مرده باد جو نعرو هڻندي ڪو ماڻهو موٽر سائيڪل ڊوڙائيندو نڪري ويو ۽ ڪنهن شي کي تيلي ڏيکاري باه ٻاري ڇڏي جنهن سان ڄڻ ماڻهن ۾ هڪ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي ۽ محافظن کي ماڻهن تي تشدد ڪرڻ جو هڪ موقعو هٿ اچي ويو. هو پنهنجي هڪ دوست سان گڏ ان واقعي کي ڪور ڪري رهي هئي پر هو ان تشدد کان پاڻ کي بچائي نه سگھي. لٺيون کائي، پڪڙجڻ کان بچڻ لاءِ ميلن تائين ڊوڙي هو گھر پهچي ٿي پر ڦٽن ۽ جسماني تڪليف مان نڪرڻ کان پوءِ به هڪ ڊگھي عرصي تائين هو ان نفسياتي ڪيفيت مان نه نڪري سگھي ۽ سندس چوڻ آهي ته هو ماڻهن جي ميڙن جي ويجھي وڃڻ کان به ڪيٻائيندي هئي ۽ پنهنجي رپورٽنگ لاء پنهنجين ساٿين کان مدد وٺندي هئي.
ساڳي ريت تهران ۾ اهڙا فيشن ڊيزائنر اچي ويا جن پيرس ۽ ٻين مختلف هنڌن تان تربيت حاصل ڪئي آهي. حجاب ۽ مذهبي ڪپڙن جي حوالي سان انهن اهڙي نواڻ متعاف ڪرائي آهي جنهن جو مقصد قانون جي پابندي ڪرڻ ۽ ساڳي وقت لباس ۽ ان جي پائيندڙ جي سونهن کي به وڌائڻ آهي.
بهرحال ماڻهن کي اهو سڀڪجھ ڪرڻ جي آزادي ڏيڻ ۽ ان کي نظر انداز ڪرڻ جو مقصد انهن کي ان حد تائين پنهنجي اوٻر ڪڍڻ ڏيڻ آهي جتي سياسي حڪمراني ۽ نظام لاء ڪو جوکم پيدا نه ٿئي. ان مقصد لاء وقت بوقت رياستي طاقت جو استعمال ڪندي اها پڪ ڪئي ٿي وڃي ته ماڻهو ان حد کان ٻاهر نه نڪرن.

امازون جي پراسرار دنيا ۽ جديد دنيا جا ماڻهو

هي اسرارن سان ڀريل هڪ دلچسپ دنيا آهي. زمين هجي يا آسمان ماڻهو ڪنهن هڪ نڪتي تي نه ٿو بيهي سگھي. هو گھڻين ڪوششن جي باوجود به ان جي انت تائين نه پهچي سگھيو آهي ۽ شايد پهچي به نه سگھي.
زمين تي گھڻيون اهڙيون جايون آهن جيڪي انسان جي لحاظ کان غير آباد آهن ۽ جيڪڏهين اتي ڪا آبادي آهي به ته ان جو جديد دنيا سان ڪو لاڳاپو ۽ واسطو ناهي.
لاطيني آمريڪا جي امازون جھنگل کي اهڙين جاين ۾ ڳڻي سگھجي ٿو. اهو گھڻن ملڪن تي ڦهليل هڪ وسيع جھنگل آهي. اهو هر قسم جي وسيلن ۽ جيوت سان مالامال آهي. دنيا جي وڏن دريائن، آبشارن ۽ چشمن سان گڏوگڏ پکين، جانورن ۽ وڻن ۽ ٻوٽن جا سوين قسم هتي موجود آهن. انهن مان گھڻا دنيا جي ٻين حصن ۾ ختم ٿي چڪا آهن پر هتي جديد دنيا جي انسان جي دخل اندازي گھٽ هئڻ ڪري اهي اڃا تائين باقي آهن. تخليقي ذهن جي حوالي سان ڏسجي ته هتي انسان جا اهڙا قسم به آهن جن جو مڪمل طور ارتقاء نه ٿي سگھيو آهي ۽ اهي سوين بلڪ هزارين سالن کان ساڳي حالت ۾ موجود آهن.
هڪ لحاظ کان اهو جھنگل قدرت جو ڪرشمو آهي پر نفعو، لالچ ۽ لوڀ سڀني قدرن ۽ فطرت جي سونهن تي حاوي ٿي ويئي آهي. هن وقت امازون هڪ وڏي خطري کي منهن ڏيئي رهيو آهي. مختلف طريقن سان جھنگل کي ختم ڪيو پيو وڃي. هتي سون جي کاڻين ۽ سون جي ذخيرن ۽ ٻين قيمتي ڌاتن جي هئڻ واري ڳالھه ته گھڻي پراڻي آهي ۽ ان لاءِ گھڻا مهم جو جوکم کڻي هتي ايندا رهيا آهن. پر هاڻي باقاعدي منظم نموني سان اهو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ لاڳاپيل ملڪن جون حڪومتون، خاص طور آمريڪا جون گھڻ قومي ڪمپنيون ۽ مقامي مافيا شامل آهن. پنهنجي ڪم کي سولو ڪرڻ لاء جھنگل جي وچ مان هائي وي ٺاهيو پيو وڃي. مختلف وقتن تي عدالتن پاران منع نامي جي باوجود اهو ڪم جاري رهيو آهي. ان ڪم ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ هتي صدين کان رهندڙ ماڻهو به آهن جن کي مختلف طريقن سان اتان لڏائڻ ۽ مارڻ جا طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. ان سڄي صورتحال کي ڏسندي اهو خدشو هاڻي پڪ ۾ بدلجي ويو آهي ته ڪجھ عرصي کانپوء امازون جي جھنگل واري حيثيت ختم ٿي ويندي جنهن جا اثر پوري دنيا جي ماحوليات تي پوندا.
ان سڄي صورتحال کي ناول نگار آئيزيبل آلندي پنهنجي ناول City of Beast ۾ مختلف ڪردارن وسيلي نهايت سهڻي نموني پيش ڪيو آهي. اها ڳالھه مشهور ٿئي ٿي ته جھنگل ۾ هڪ اهڙو وحشي جانور آهي جيڪو ماڻهن ۽ ٻين جانورن کي ماري ٿو پر ان کي ڪنهن ڏٺو نه ٿو هجي. هو جتان گذري ٿو اتي گھڻي وقت تائين سندس بو رهي ٿي جنهن سان ماڻهو ۽ جانور بيهوش ٿي وڃن ٿا.
انٽرنيشنل جاگرافڪ مئگزين پاران هڪ ٽيم ٺاهي وڃي ٿي جنهن جو ڪم ان جانور جي ڳولها ۽ ان بابت لکڻ هجي ٿو. ان ٽيم ۾ علم الانسان جو هڪ ماهر، ٻه ٽي وي جا فوٽو گرافر، مئگزين جي هڪ ليکڪا ۽ سندس پوٽو اليگذينڊر، هڪ ڊاڪٽر، گائيڊ ۽ سندس ڌي ناديا شامل هجن ٿا. اها ٽيم جڏهين امازون ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان لاء ڄڻ ته دنيا ئي نئين هجي ٿي. هو دنيا جي ٻئين نمبر وڏي دريا امازون ۽ ٻين ننڍن دريائن ۾ ٻيڙين تي سفرڪن ٿا. اهو هڪ ڊگھو ۽ وڏو سفر هجي ٿو جنهن دوران اهي پنهنجي کاڌي لاء جانورن ۽ پکين جو به شڪار ڪن ٿا ۽ نانگ بلائون به کائين ٿا. اهي گھڻي ڀاڱي برازيل جي علائقي ۾ هجن ٿا جڏهين ته ڪٿي ان جي سرحد وينزويلا سان به ملي ٿي. هتي مختلف جاين تي حڪومت پاران مقامي ماڻهن جي حفاظت لاء فوج مقرر هجي ٿي. ٽيم جي ملاقات هڪ اهڙي فوجي ڪمانڊر سان ٿئي ٿي. پر ان ڪمانڊر جو علائقي جي اهڙن ماڻهن سان ڳٺ جوڙ هجي ٿو جن جو مقصد امازون جي دولت ۽ هتان جي ماڻهن کي ختم ڪرڻ هجي ٿو.
ٽيم جيئن دريا ۽ جھنگل ۾ اڳتي وڌي ٿي تيئن ان لاءخطرا وڌنڌا وڃن ٿا. کين ائين لڳي ٿو ته مٿن نظر رکي پيئي وڃي. پر کين ڪو نظر نه ٿو اڇي. سندن ڪو ڪو ماڻهو اوچتو غائب ٿي ٿو وڃي ۽ پوء ان مان ڪن جو خراب حالت ۾ لاش ٿو ملي. هڪ فوٽو گرافر کي دريا ۾ هڪ وڏو ازدهو وڪوڙي ٿو وڃي. ان کي ان مان آجو ته ڪيو وڃي ٿو پر سندس سڄو جسم چچرجي وڃي ٿو.
انٿراپولوجسٽ جيڪو اڳ امازون ۾ مقامي ماڻهن سان رهي ويو هو ۽ دنيا ۾ علائقي جي ماهر طور ڄاتو ويندو هو ان جو هتان جي ماڻهن متعلق ڪو چڱو رايو نه هو. سندس چوڻ هو ته اهي وحشي ۽ آدمخور آهن ۽ مٿن ڪنهن به ريت ڀروسو نه ٿو ڪري سگھجي ۽ ان ڪري ٽيم کي واپس موٽڻ گھرجي. جڏهين ته گائيڊ ۽ سندس ڌي، جيڪي هڪ ڊگھي عرصي کان هتي رهيل هئا ۽ نه رڳو سندن هتان جي ماڻهن سان واسطو هو پر اهي انهن جون ڪجھ ٻوليون به ڳالھہائيندا هئا، بلڪل مختلف رائي جا هئا. ٽيم جي ٻين ميمبرن جو به اهو ئي خيال هجي ٿو ته سفر جاري رهڻ گھرجي ۽ جنهن وحشي جانور جي ڳولها ۾ نڪتا آهيون ان کي پورو ٿيڻ گھرجي.
بهرحال کين اهو محسوس ٿئي ٿو ته مٿن نظر رکي پيئي وڃي پر ڪير کين نظر نه ٿو اچي. هڪ رات اليگزينڊر ۽ ناديا جيئن رات جو چڪر لاء نڪرن ٿا ته نظر نه ايندڙ قبيلي جي ماڻهن جي هٿان اغواء ٿي وڃن ٿا. هن قبيلي جي ماڻهن جي اها خاصيت هجي ٿي ته اهي جڏهين چاهين تڏهين ائين غائب ٿي سگھن پيا جو ڪنهن کي نظر نه اچن. اهي کين مٿي جبل تي ٺهيل پنهنجي ڳوٺ ۾ وٺي ٿا وڃن. منجھن عورت ۽ مڙد ۾ ڪا تفريق نه ٿي هجي. سردار جي مرڻ کانپوء سندس زال قبيلي جي سردار ٿئي ٿي ۽ اليگذينڊر ۽ ناديا کي اها ذميواري ڏني وڃي ٿي ته اهي انهن نظر نه ايندڙ ماڻهن جا ٻي دنيا سان رابطي لاء نمائندا هوندا. جادوئي حقيقت پسندي جي انداز ۾ لکيل هن ناول ۾ انهن ٻنهي ۾ جانورن جون خاصيتون هجن ٿيون جيڪي سندن مختلف معاملن ۾ رهنمائي ڪن ٿيون. اليگذينڊر ۾ جھنگلي ٻلي ۽ ناديا ۾ عقاب جون خاصيتون هجن ٿيون. ساڳي وقت ناديا جي انهن ماڻهن جي بزرگ ولي مائي، جنهن جو سندن خدائن سان رابطو هجي ٿو، سان پڻ دوستي هجي ٿي. ولي مائي انهن ٻنهي کي جبلن ۽ غارن جي اهڙي پراسرار سلسلي مان وٺي وڃي ٿو جتي هزارين سالن کان ڪنهن انسان پير نه پاتو هو. هو اهڙي جاء تي پهچن ٿا جتي کين لڳي ٿو ته هر شي سون جي ٺهيل آهي پر اهو سون نه هو ۽ اهي شيون مختلف ڪيميڪل وغيره جي ڪري ائين نظر آيون ٿي. اتي انهن ٻنهي کي هڪ نه پر يارنهن ٻارنهن اهي جانور نظر اچن ٿا جنهن جي ڳولها ۾ ان ٽيم امازون جو اهو ڏکيو سفر ڪيو هو. ولي مائي کين ٻڌائي ٿو ته اهي اسان جا خدا آهن. اهي بلڪل نظر نه ايندڙ قبيلي جي ماڻهن جيان ڳالھہائي رهيا هئا. ولي مائي انهن کي اليگذينڊر ۽ ناديا متعلق ٻڌائي ٿو ته سردار جي مري وڃڻ کانپوء نئين سردار انهن کي ٻاهرين دنيا سان رابطي لاء نمائندو مقرر ڪيو آهي. ولي مائي ڄڻ ان قبيلي جي ماڻهن ۽ خدائن وچ ۾ رابطو هو ۽ انهن کي سڀني خبرن کان آگاه رکندو هو. اهڙي ريت انهن کي هر ڳالھہ جي خبر هوندي هئي. ولي مائي ٻڌائي ٿو ته انهن خدائن جي سوين سال عمر آهي ۽ انهن جو هلڻ چلڻ ۽ ڳالھہائڻ ٻولهائڻ آهستگي سان هوندو آهي.
سڄي پراسرار دنيا گھمڻ کانپوء اهي جڏهين موٽن ٿا ته کين مٿي جبل تي نظرنه ايندڙ ماڻهن جي ڳوٺ وٽ هڪ هيلي ڪاپٽر بيٺل نظر اچي ٿو جيڪو اليگذينڊر ۽ ناديا جي ڳولها ۾ اتي پهتو هو پر ساڳي وقت قبيلي جا ماڻهو غائب ٿي وڃن ٿا. گھڻي انتظار کانپوء جڏهين هو نه ٿا موٽن ته ڊاڪٽر ناديا ۽ اليگذينڊر کي چئي ٿي ته اهي انهن کي موٽڻ لاء قائل ڪن ته جيئن هو پنهنجو ويڪسين هڻڻ وارو ڪم مڪمل ڪري. هو اهو ڪم ته ڪن ٿا پر ان دوران کين اها خبر به پئي ٿي ته ڊاڪٽر جو ان همراه سان ڳٺ جوڙ آهي جنهن جي علائقي جي وسيلن تي نظرآهي ۽ جيڪو هتان جي ماڻهن کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ڊاڪٽرجون اهي ويڪسين دراصل بيمارين کان محفوظ رهڻ جي بجائي بيمارين کي ڦهلائڻ لاء هيون ۽ عين وقت تي ڊاڪٽر جي اهڙي ڪوشش کي ناڪام بڻايو وڃي ٿو.
پنهنجي ان سڄي تجربي سان گڏ اها ٽيم واپس موٽي ٿي. جيتوڻيڪ ان قبيلي وارن ۽ سندن خدائن کي في الحال ته ڪو ضرر نه ٿو پهچي ۽ اهي محفوظ رهن ٿا پر اها ڳالھہ ته پنهنجي ليکي آهي ته امازون جي وسيلن تي جن ماڻهن ۽ قوتن جي نظر آهي انهن کان اهو سڀڪجھ گھڻي عرصي تائين محفوظ نه رهي سگھندو.

هي اوجاڳو اڃا ڪيترو ڊگھو ٿيندو؟

انور ابڙو جو تازو ڪتاب اڌ صديء جو اوجاڳو ڪجھ وقت اڳ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. انور سنڌي ليکڪن جي ان پيڙهي مان آهي جن جي لاء سنڌ هڪ مقصد ۽ لکڻ هڪ پيشي کان وڌيڪ هڪ مشن رهيو آهي. ان ٽهي جو واسطو ساڳي وقت عوام دوست سياست، ادب ۽ صحافت سان رهيو آهي. فقير محمد لاشاري، انور پيرزادو ۽ بدر ابڙو جو تسلسل ۽ هڪ لحاظ کان انهن جي تربيت هيٺ رهندڙ نسل ئي آهي جنهن ادب ۽ سياست کي گڏي هلايو ۽ جن جي لاء سنڌ هڪ جاگرافيائي ايڪي کان وڌيڪ هڪ رومانس آهي ۽ سندن لاء محبوب ۽ سنڌ ۽ ان جا ماڻهو گڌجي هڪ ٿيو ٿا وڃن. اهڙي ريت سندن صحافتي ۽ ادبي لکڻين ۾ فرق ڪرڻ ڏکيوٿي پوندو آهي. اهڙا مثال دنيا جي ٻين اديبن جي سلسلي ۾ به ملن ٿا. خاص طور جڳ مشهور ليکڪ گارشيا مارڪيز جو مثال ان سلسلي ۾ ڏيئي سگھجي ٿو.ان ۾ ممڪن آهي ته ليکڪ پنهنجي صحافتي لکڻين ۾ موضوعيت جو شڪارٿي ڪنهن حد تائين معروضيت کان پري هليو ويندو هجي پر سندس پنهنجي وطن ۽ ماڻهن سان ڪمٽمنٽ سندس لکڻين کي هڪ نئون رنگ ڏيئي ٿي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي پنهنجن ماڻهن ڏانهن ذميوار محسوس ڪري ٿو.
هن ڪتاب ۾ ليکڪ جو اٽڪل تيرنهن چوڏنهن سالن جو پورهيوآهي. مختلف اخبارن ۾ شائع ٿيل اٺهترچونڊ مضمونن ۽ ڪالمن کي شامل ڪيو ويو آهي. اهم موضوع جيتوڻيڪ سنڌ ئي آهي پر دنيا به مجموعي طور تي لاڳيتو تبديل ٿي رهي آهي. نئين صدي جا اهي شروعاتي سال نه رڳو سنڌ پر پوري دنيا لاء اهم واقعا کڻي آيا آهن. جيڪي اميدون گذريل صدي جي آخري سالن ۾ مايوسين ۾ بدلجي ويون انهن هڪ ڀيرو ٻيهراهو پيغام ڏيڻ شروع ڪيو ته اڃا سڀڪجھ ختم ناهي ٿيو. خاص طور تي عرب بهار اسانجي پاسي جي ملڪن ۽ ماڻهن کي هڪ نئون اتساه ڏنو. گلوبلائزيشن مخالف تحريڪ اهو ٻڌايو ته سرمايادار دنيا جي اڳواڻ ملڪن ۾ به سڀڪجھ ٺيڪ ناهي ۽ اتان جو پورهيت ۽ عام ماڻهو به انهن ملڪن ۾ جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ان مان مطمئن ناهي. انهن تبديلين هڪ ته اهو ٻڌايو ته دنيا موضوعي ۽ معروضي ٻنهي طريقن سان تبديل ٿي چڪي آهي. ٽيڪنالاجي ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا ماڻهن کي منظم ڪرڻ وارن پراڻن طريقن، وڏن اڳواڻن جي تقريرن، جلسن ۽ جلوسن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ساڳي وقت جيئن گلوبلائزيشن مخالف تحريڪ جي هڪ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته ان تحريڪ مان نظريو پڻ غائب ٿي ويو آهي. تاريخ ۾ هيستائين جيڪي به تحريڪون اٿيون آهن ۽ انقلاب آيا آهن اهي ان کان قطع نظر ته ڪيترو ڪامياب يا ناڪام ٿيا آهن سماج کي متاثر ۽ ان کي تبديل ڪرڻ ۾ هڪ ڪردار ضرور ادا ڪيو آهي. نه رڳو انهن تحريڪن جي اثرن ۽ انهن جي نتيجن وغيره تي بحث هڪ ڊگھي عرصي تائين ٿيندو رهندو پر دنيا انهن جي اثرن کي پڻ محسوس ڪندي.
جيتوڻيڪ سنڌ جا ڪي مخصوص مسئلا آهن پر دنيا سياسي، سماجي ۽ معاشي لحاظ ان حد تائين هڪٻئي سان ڳنڊجي چڪي آهي جو ان جي هڪ گلوبل وليج ته پري جي ڳالھہ آهي پر هڪ گلوبل فيميلي هئڻ ۾ به ڪو شڪ نه رهيو آهي. اهڙي ريت سنڌ به هڪ ڌار ٻيٽ نه پر ان سڄي ماحول جو حصو آهي ۽ ان کي اهڙي ريت ئي ڏسڻ گھرجي. ليکڪ انهن تحريڪن جي حوالي سان بحث ڪيو آهي ۽ جيئن مضمون عرب اسپرنگ، سنڌ سمر ۾ انهن کي سنڌ جي صورتحال سان ڳنڍڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. ليکڪ ليبيا ۽ مصر جي صورتحال سان بحث ڪئي آهي ۽ان سلسلي ۾ پنهنجونڪته نظر ڏنو آهي. بهرحال انهن ملڪن ۾ اڃا تائين به ڪا ڳالھه حتمي ناهي ۽ صورتحال لاڳيتو تبديل ٿي رهي آهي. جيئن تازو ليبيا ۾ ٿيندڙ واقعن مان ظاهر آهي ۽ مصر ۾ لاڳيتو هڪ بيچيني واري ڪيفيت آهي. تيونس، شام ۽ يمن متعلق تفصيلي بحث جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي جيڪا ڳالھہ ان موضوع کي گھڻي حد تائين مڪمل ڪري ڇڏي ها. ايران جي گرين موومينٽ ڇو ناڪام ويئي، هيوگو شاويز ۽ نيلسن منديلا کي خراج عقيدت، هڪ انقلابي جو موت، وينزويلا ڪارو ويس اوڍيو۽ جڏهين هڪ ڇوڪري کي منديلا جي آزادي جي خوشي ۾ سندس والد ڪيڪ وٺي ڏنو، راج گھاٽ تي اوباما، ڪردن جون بندوقون ۽ اوباما کي فلسطيني ٻارن جي ڳڻتي، افضل گورو جي ڦاهي هندوستاني جمهوريت تي آيل سواليه نشان عالمي معاملن متعلق مختلف مضمون آهن جيڪي ليکڪ جي کاٻي ڌر جي سياسي پسمنظر جي نشاندهي ڪن ٿا. پر ننڍي کنڊ جي نئين وار اينڊ پيس جو مهاڳ ليکڪ ۽ ڪتاب جي مزاج کان ڪي قدر هٽيل مضمون لڳي ٿو. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ ته ٻنهي ملڪن جي ماڻهن لاء هڪ لاڳيتو مسئلو آهي. جيڪڏهين جنگ ناهي به ته به اهي هڪ جنگ واري صورتحال ۾ ئي رهن ٿا. ڊيموڪلس واري تلوار ڪڏهين دهلي ۾ پارليامينٽ تي حملي جي صورت ۾ ۽ ڪڏهين ممبئي حملن جي صورت ۾ سندن مٿان لٽڪيل ئي رهي ٿي. اهو ذڪر ڪيل مضمون ڪارگل جي جنگ جي حوالي سان لکيل آهي. ڪارگل هڪ اهڙو واقعو هو جنهن کي پاڪستان جي حڪمرانن ته شروع ۾ مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو ٿي ته ان ۾ ڪنهن لحاظ کان پاڪستان جي رياست شامل آهي ۽ انهن ان کي مجاهدين جي ڪاروائي قرار ڏنو ٿي. اهو ته بلڪل آخر ۾ جڏهين هندوستان فوجي ڪاروائي شروع ڪئي ۽ عالمي دٻاء وڌي ويو ته پوء پاڪستان پاران ان سڄي ڪاروائي کي اون ڪيو ويو. ٻي ڳالھہ ته اها جنگ پاڪستان جي سرزمين تي نه پئي وڙهي ويئي. ان ڪري پاڪستان جي حڪمرانن وٽ اهڙو ڪو اخلاقي جواز نه هو جنهن جي بنياد تي ان کي هڪ قومي جنگ ڪري پيش ڪري سگھجي ها ۽ اهڙي ريت ملڪ جي ليکڪن ۽ فنڪارن کي تحرڪ ۾ آڻي سگھجي ها جيئن اڳ ڪيو ويو هو. جڏهين ته ڀارت لاء اها بلڪل مختلف صورتحال هئي. ان ان کي پنهنجي سرزمين تي حملو ڪري پيش ڪيو ۽ ان بنياد تي نه رڳو ملڪ ۾ پرعالمي سطح تي معاملي کي اٿاريو. مادر وطن جي دفاع لاءِ جيڪڏهين فنڪارپاسو وٺن ٿا ۽ پنڪج اداس ۽ جاويد اختر جيڪڏهين پنهنجن سپاهين کي خراج پيش ڪن ٿا ته اها ڪا اهڙي حيرت جهڙي ڳالھه ناهي ۽ اهو سڀڪجھ نه رڳو ٻنهي ملڪن جي حوالي سان پر تاريخ ۾ به ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھہ ناهي جڏهين فنڪارن ۽ ليکڪن باقاعدي مادر وطن جي دفاع لاء هٿيار کڻي به ويڙه ڪئي آهي.
جيڪڏهين ائين چئجي ته وڌاء نه ٿيندو ته ليکڪ ٻين مختلف موضوعن کي رڳو پڙهندڙ جي ذائقي بدلائڻ لاء شامل ڪيو آهي جڏهين ته سندس اصل موضوع سنڌ ۽ انجا مسئلا آهن. سنڌي ليکڪ سنڌ متعلق ڏاڍو حساس رهيو آهي ۽ ان جي مسئلن ڏانهن وقت بوقت اختيارين جي توجھ ڇڪائيندو رهيو آهي ۽ ان تي احتجاج به ڪندو رهيو آهي. پر مسئلو اهو رهيو آهي ته اهي مسئلا بجائي حل ٿيڻ يا گھٽجڻ جي اڃا وڌنڌا ۽ پيجيدا ٿيندا رهيا آهن. ڳالھہ اها آهي ته ليکڪ وٽ ته خواب، خيال ۽ آدرش آهن جڏهين ته عملي ڪم سياستدانن جي هٿ ۾ هوندو آهي. ليکڪن جي ابتڙ سنڌ جي سياستدانن جي گھڻائي جو واسطو جاگيرداري پسمنظر رکندڙ وڏي زميندار طبقي سان آهي جنهن جي لاء ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ عام ڀلائي وارن ڪم ڪرڻ جو خيال ئي نه رڳو هڪ اوپري ڳالھہ آهي پر ان کي اهي پنهنجي بيعزتي ڪري ليکين ٿا. ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ خدمت ته سندن ٿيڻ گھرجي ۽ مراعاتن جا اهي حقدار آهن ۽ نه اهي ٽڪي ٽڪي جا ماڻهو جن جو ڪنڌ ئي سندن آڏو نه ٿو کڄي ۽ جن جو مقدر ئي سدا جي غلامي آهي. سنڌ جو حڪمران طبقو پنهنجي انفرادي مفادن جي تحفظ لاء هميشه اجتماعي مفادن ۽ سنڌ جي ماڻهن جو سودو ڪندو رهيو آهي. سندس ناتو هميشه حڪومت ڪندڙ ڌر سان ئي رهيو آهي پوء ان کي ڀلي جمهوريت جو نالو ڏجي يا آمريت جو. انهن جي متباد ل طور وچولي ۽ هيٺئين طبقي جي نمائندگي جي دعوا ڪندڙ جيڪي جماعتون آهن اهي هڪ ته ماڻهن ۾ اعتبار قائم نه ڪري سگھيون آهن ۽ ٻي ڳالھہ ته وٽن سوائي حڪومت جي ڏنل ڪنهن مسئلي تي ردعمل ڏيکارڻ جي ماڻهن جي ڀلائي لاء ڪو واضح پروگرام ناهي. ان صورتحال ۾ هڪ سوچيندڙ، حساس ۽ مخلص ماڻهو ۽ خاص طور تي ليکڪ وٽ فرستريشن، ڪاوڙ ۽ بيوسي کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه ٿو بچي.
ٻوڏن، زلزلن ۽ قدرتي آفتن سان هر ملڪ ۽ قوم جو واسطو پئي ٿو ۽ انهن کي ٽارڻ جواپاءُ اڃا ڪير به دريافت ناهي ڪري سگھيو پرعوام جا هڏ ڏوکي حڪمران اهڙا احتياطي اپاءَ ضرور وٺندا آهن جن سان جاني ۽ مالي نقصان کي گھٽ ۾ گھٽ ڪري سگھجي ۽ ماڻهن جي اهنجن کي گھٽائي سگھجي. ان سلسلي ۾ حڪمرانن جي ذميواري جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته تازوڏکڻ ڪوريا ۾ جڏهين هڪ لانچ جي ٻڏي وڃڻ ڪري سوين ماڻهو ٻڏي مري ويا ۽ انتظاميا انهن جي بچاء لاء ڪي جوڳا قدم نه کڻي سگھي ته ايستائين ته وزيراعظم ان جي ذميواري کي قبوليندي پنهنجي استعفا پيش ڪري ڇڏي. ان جي ڀيٽ ۾ تازين ٻوڏن ۽ مينهن ۾ سڄي سنڌ ٻڏي ويئي ۽ ان جو مک ڪارڻ بدانتظامي ۽ حڪمرانن پاران پنهنجين زمينن ۽ ملڪيتن کي بچائڻ جي ڪوشش هئي. ڪتاب ۾ ان موضوع تي ڪجھ مضمون شامل آهن. سڄي سنڌ جي اخبارن ۽ ليکڪن لاڳيتو ان موضوع تي لکيو پر اقتدار جي صاحبن جي ڪن تي جونء سرڻ ته پري جي ڳالھہ سندن حال ته اهو هو ته ڄڻ ماڻهن کي چوندا هجن ته جيڪڏهين اوهان کي ماني نه ٿي ملي ته پوء ڪيڪ ڇو نه ٿا کائو. هڪ لحاظ کان سنڌ جو حڪمران طبقو ڄڻ ته سنڌ جي ماڻهن سان جنگ ۾ رڌل آهي جنهن جي ڪري سنڌ هڪ سماجي بحران جي ور چڙهيل آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ٻهراڙيون ڄڻ پنهنجن ماڻهن کي لوڌي ڪڍي رهيون آهن. رڳو زمين جي موروثي ورهاست، بيروزگاري۽سم ۽ ڪلر وغيره جي ڪري پوک لائق زمين جو گھٽجڻ مسئلو ناهي پر قد رن جو هيٺ مٿي ٿيڻ، هڪٻئي جي عزت، پاڙي ۽ ڳوٺ جو خيال ۽ ڏک سک ۾ هٿ ونڍائڻ جهڙيون ڳالھہيون ته ماضي بڻجي چڪيون آهن پر ان جي ابتڙ سڀني رشتن ناتن کي هڪ پاسي رکي تشدد وسيلي پنهنجي لاء فائدا حاصل ڪرڻ هڪ معمول بڻجي چڪو آهي. رڳو ڌاڙيل فيڪٽر هاڻي مسئلو ناهي رهيو پر هر شخص ڄڻ ٻئي ۾ بگھڙ جيان اکيون وجھيو ويٺو آهي ته ڪڏهين ٿو اکيون پوري ته جيئن مٿس ڪاه ڪجي. ليکڪ واقعي صحيح ٿو چئي ته اها سنڌ ۽ ان جا ماڻهوته ڪي ٻيا هئا جن جي مٺ محبت، مهمان نوازي ۽ چڱاين سان ڪتاب ڀريا پيا آهن. ان سلسلي ۾ رياست ڄڻ ته غيرجانبدار ٿيوبيٺي آهي ۽ نتيجي ۾ پيدا ٿيل خال کي وڏن زميندارن ۽ سردارن پورو ڪيو آهي جن سڄي سنڌ کي پاڻ ۾ ورهائي کنيو آهي ۽ انتظامي ۽ عدالتي لحاط کان ڄڻ سڄو اختيار وٽن ئي آهي. هڪ قبيلي ۽ ذات جي ماڻهو کي ٻي ذات ۽ قبيلي جي علائقي ۾ وڃڻ لاء ڄڻ ته پاسپورٽ ۽ ويزا جي ضرورت پئجي ويئي آهي. ان ٽوڙ ڦوڙ ماڻهن کي شهرن ڏانهن ڌڪي ٻهراڙين تي انهن سردارن ۽ ڀوتارن جي قبضي کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.
اها سڄي صورتحال سنڌ جي سياسي حالتن ۽ سياسي جماعتن ڏانهن توجھ ڇڪرائي ٿي. ايم آر ڊي جي تحريڪ ڄڻ ته پيپلزپارٽي جي سنڌ جي گھڻن ڀوتارن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏِيو هو.ِ منجھائن گھڻن ان کي پنهنجن هٿن مان ويندي محسوس ڪندي جيل وڃڻ کي ترجيح ڏني هئي ۽ حڪومت کي اهو موقعوڏنو هو ته اها ان کي پنهنجي ليکي ختم ڪري. اهو سنڌ جي سياسي تاريخ جو ايڏو وڏو سياسي اڀار هو جو قومپرست جماعتون، جن مان ڪجھ ان تحريڪ جو حصو پڻ رهيون هيون، جيڪي اڃا پنهنجي تنظيم جي ابتدائي مرحلن ۾ هيون ان کي سنڀالي نه سگھيون ۽ مارشل لاء سرڪار سياسي تشدد ۽ لالچ سان گڏوگڏ جيل ٽوڙائي ڌاڙيل فيڪٽر کي متعارف ڪرائي ۽ انهن کي جديد هٿيارن سان هٿياربند ڪري اغوائن ۽ ڦرن وسيلي وچولي طبقي، جيڪو ان تحريڪ جي ڪرنگھي هو، کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. ان عرصي ۾ عالمي حالتن ۾ پڻ بنيادي تبديليون واقع ٿيون جن جو سنڌ جي ٻهراڙي جي حوالي سان تت اهو هو ته اين جي اوز جو ڄار وڏي پئماني تي ڦهلجي ويو ۽ سياسي ڪارڪن هڪ بلڪل اڻ لڀ شيء ٿي پيو. اهڙي ريت اسٽيٽس ڪو خلاف جدوجهد گھڻي ڀاڱي پسمنظر ۾ هلي ويئي. انهن سڀني ڳالھين گڏجي سنڌ ۾ ڀوتارن جي ڪمزور ٿيندڙ ضابطي کي مضبوط ڪيو. انهن جو بچاء ويڙاهيو ۽ راڄ ڪيو ۽ ڪنهن به سياسي تحريڪ کي جيڪا سندن مفادن لاء هاڃيڪار هجي کي اڀرڻ کان روڪڻ ۾ هو.
هن وقت سنڌي سماج ۾ جيڪا اڻ تڻ، بيچيني ۽ افراتفري آهي اها هڪ لحاظ کان ڄڻ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي سياسي شعور جي ملندڙ سزا آهي. ان صورتحال کي روڪڻ ۾ سياسي ۽ طبقاتي جماعتن جو ڪو ڪردار ڪونهي ۽ اهي هڪ لحاظ کان ان سلسلي ۾ ڄڻ بلڪل غير موثر ٿي چڪيون آهن. اها صورتحال جيڪڏهين ساڳي رهي ٿي ته پوء اهو نه ٿو چئي سگھجي ته انور ۽ اسان جهڙن ليکڪن جا اوجاڳا اڃا ڪيترو عرصو هلندا.

زنجير نيٺ ته ٽٽڻي آھي

زندگي جي اصل ڪمائي دوست ئي آهن جن سان زندگي جي ڪنهن مرحلي تي واسطو پيو هجي ۽ اڃا تائين محبت جو ناتو رهندو اچي. اهڙن دوستن ۾ غلام حيدر بابل خواجه به آهي جنهن سان ان وقت کان تعلق آهي جڏهين اسان ٻيئي سنڌي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل هئاسين. اها اٽڪل چار ڏهاڪا اڳ جي ڳالھہ آهي. آئون پوء پارٽي کان ڌار ٿي ويو هوس جڏهين ته بابل ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ان سان لاڳاپيل هو. بابل زندگي جو هڪ ڊگھو سفر طئي ڪيو آهي ۽ ان دوران گھڻا تجربا ڪيا ٿس ۽ گھڻن مرحلن مان گذريو آهي. پنهنجي انهي زندگي جي سفر تي تازو هن پنهنجو پهريون ڪتاب “زنجير نيٺ ته ٽٽڻي آهي” جي عنوان سان آندو آهي ۽ اهو واعدو ڪيو آهي ته ان سلسلي جو ٻيون ڪتاب پڻ جلد آڻيندو.
ان ڪتاب ۾ بابل جي ذاتي ۽ خاندان جي زندگي به آهي ۽ ساڳي وقت سياسي ۽ سماجي زندگي جا عڪس پڻ آهن. ذاتي زندگي جي حوالي سان هن گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي ۽ لاڳيتو پنهنجي جياپي جي جدوجهد ۾ رڌل رهيو آهي. جيتوڻيڪ سندس پي جيئرو هو پر ان جي لاپرواهي ۽ لاابالي زندگي جي طريقي جي ڪري پنهنجي ماء، ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي سنڀالڻ جو سڄو بار مٿس رهيو ۽ هن ان کي پوري ذميواري ۽ سمجھ سان پورو ڪيو. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي خاندان سميت بکون به ڪاٽيون ۽ هر قسم جو پورهيو ڪيو پر ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍي. آهستي آهستي پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان هن هڪ پاسي پنهنجي مالي حالت کي مستحڪم ڪيو ۽ ٻئي پاسي پنهنجي پڙهائي کي جاري رکيو. ان سان گڏوگڏ هڪ باشعور ماڻهو جي حيثيت ۾ هو سوشلسٽ ليٽريچر جو مطالعو پڻ جاري رکي ٿو. ساڳي وقت هو پنهنجي ڪميونٽي ۽ ان جي مذهبي ۽ سماجي سرگرمين سان پڻ لاڳاپيل رهي ٿو.
هو هڪ ئي وقت عملي ۽ آدرشي انسان آهي. پنهنجن هارين ۽ ٻين پورهيتن سان گڏجي زمين به کيڙي ٿو، ڀنگ به پيئي ٿو، راڳ به ٻڌي ٿو ۽ عيد جي نماز جي امامت به ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ هو نوجوانن جيان پاڻ وندرائڻ جهڙا عشق به ڪري ٿو پر هڪ خاص حد کان اڳتي نه ٿو وڌي ۽ نه ئي ان کي ڪنهن آسري ۾ رکي ٿو. سندس شخصيت جو هڪ مثبت لاڙو اهو آهي ته پنهنجي پي ۽ ٻين مائٽن جي زيادتين جي باوجود هو انهن سان هميشه چڱو ورتاء ڪري ٿو ۽ هر وقت خاص طور ڏکئي وقت ۾ سندن ڪم اچي ٿو.
سياسي لحاظ کان سندس عوامي تحريڪ سان تعلق رهيو آهي ۽ هڪ لحاظ کان هو ڄڻ ته ان جي باني ڪارڪنن مان آهي. کاٻي ڌر جي سياسي جماعتن سميت مختلف سياسي جماعتن ۾ اهڙا ڪارڪن هوندا آهن جن جو پارٽي تنظيم ۽ نظرئي کان وڌيڪ ان جي اڳواڻن سان هڪ جذباتي ۽ عقيدت جو ناتو هوندو آهي ۽ اهي هزار اختلافن جي باوجود به انهن خلاف ڳالھائڻ پسند نه ڪندا آهن.ِ سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ پيرپرستي وغيره جي اثرن جي ڪري اهي لاڙا اڃا گھڻا حاوي آهن. بابل به اهڙن ئي ڪارڪنن مان آهي. هن جيتوڻيڪ پاڻ پارٽي کان ڌار ٿيڻ ۽ ان جي اڳواڻ سان اختلافن جو ذڪر نه ڪيو آهي پر ايازلطيف پليجو ڪتاب جي لکيل مهاڳ ۾ ٻڌايو آهي ته ”ڪجھ وقت کانپوء غلام حيدر بابل، مولابخش کوسو ۽ محمد علي ٽالپر جا پليجي صاحب سان اختلاف ٿي پيا ۽ کين پارٽي کان ڌار ڪيو ويو.“ هن شايد ان ڪري ان ڳالھه جي اپٽار نه ڪئي آهي ته سندس پارٽي کان وڌيڪ رسول بخش پليجو ۽ ان کان به وڌيڪ فاضل راهو سان عقيدت جي حد تائين تعلق رهيو آهي ۽ هو اڃا به ان طريقي سان سندن ذڪر ڪري ٿو. بهرحال تاريخ جي درستگي لاء اهو ضروري آهي ته ليکڪ پنهنجي آتم ڪٿا جي ان اهم پاسي جو ذڪر ضرور ڪري ها ۽ اها اميد ڪري سگھجي ٿي ته هو آتم ڪٿا جي ٻئي ڀاڱي ۾ ان کي ضرور بحث هيٺ آڻيندو.
ڪتاب جو انداز بي ساختگي ۽ خودرويت وارو آهي. واقعن جي ڪا ترتيب ڪونهي. ليکڪ جي ذهن ۾ جيئن ڳالھيون آيون آهن تيئن انهن کي لکيو ويو آهي. هڪ ڳالھہ کانپوء فوري طور ٻي مختلف ڳالھہ ڏانهن وڃڻ جي ڪري پڙهندڙ کي ڏکيائي ته ٿئي ٿي پر اهو ليکڪ جو پنهنجو طريقو آهي. ٻي ڳالھہ جنهن ڪتاب جي ڪوالٽي کي متاثر ڪيو آهي ۽ پڙهڻ ۾ رنڊڪ بڻجي ٿي اها آهي ڪمزور پروف ريڊنگ ۽ جملن جي بيهڪ. بابل کي هڪ دوستاڻي صلاح اها آهي ته ٻئي ڇاپي جي صورت ۾ ڪتاب جي هڪ تفصيلي ايڊيٽنگ ڪرائي جنهن سان يقينن ڪتاب جو معيار اڃا وڌي ويندو. بابل ڪتاب ۾ مختلف جاين تي پنهنجي ڄمڻ جي تاريخ 14 فيبروري يعني ويلنٽائن ڊي ڄاڻائي آهي پر ڪتاب جي ڪور تي اها تاريخ 16 جنوري 1950 لکيل آهي جنهن ۾ درستگي جي ضرورت آهي.
پنهنجي مواد جي لحاظ کان هڪ پڙهڻ لائق ۽ دلچسپ ڪتاب آهي. جيڪڏهين ڪجھ تيڪنيڪي ۽ ٻين گھٽتائين ڏانهن توجھ ڏنو وڃي ته ان جي اهميت ۾ اڃا واڌارو ٿي سگھي ٿو.

سراج ميمڻ متعلق ڪجهه ڳالھيون

سراج سنڌي ادب جو هڪ اهم نالو آهي. هڪ گھڻ پاسائون ليکڪ جنهن فڪشن، ٻولي ۽ اخباري ڪالمن ۽ مضمونن جي حوالي سان سنڌي لٽريچر ۾ اهم واڌارا ڪيا آهن. ڪراچي مان هلال پاڪستان کي هڪ نئين ۽ جديد رنگ ڊنگ سان ڪڍڻ، جنهن اڳتي هلي سنڌي صحافت ۾ گھڻا نوان لاڙا ڏنا ۽ نون ليکڪن کي متعارف ڪرايو هڪ نهايت اهم ڪم آهي جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. اها سندس خاصيت هوندي هئي ته سندس جيڪو به ڪم هوندو هو ان ۾ سنڌ کي اوليت حاصل هوندي هئي. مختلف تاريخي ناول لکڻ کانسواء 1983 جي ايم آر ڊي تحريڪ جي حوالي سان سندس ڪهاڻي اٺون ماڻهو ان دور جي تخليقي ادب ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿي.
منهنجو سراج سان واسطو هڪ ته هلال جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ٿيو ۽ ٻيو سنگت ڪراچي سندس ڪتابن تي ورڪشاپ وغيره ڪرايا هئا جنهن مان رمپا پلازه ۾ اداره امن و انصاف ۾ ٿيل هڪ پروگرام جي صدارت شيخ اياز پڻ ڪئي هئي. ماڻهن ۾ سندس تاثر هڪ مغرور ماڻهو جو هو جيڪو ماڻهن سان گھڻو لھه وچڙه ۾ نه ايندو هو. پر منهنجو رايو ان متعلق مختلف آهي. اها هڪ لحاظ کان سندس طبيعت ۽ مزاج هو ته هو پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو هو ۽ جنهن سان سندس واسطو هوندو هو ان کي پنهنجي وڏي ماڻهو هئڻ جو ڏيک نه ڏيندو هو.
هلال پاڪستان کانپوءِ جاڳو ۾ سندس ڪالم شايع ٿيندا رهيا ۽ هو ماڻهن سان پنهنجي قلم ذريعي لاڳاپيل رهيو. هڪ وقت اهڙو آيو جو هن لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ اهو چيو ته هاڻي وٽس لکڻ لاء ڪجھ ڪونه هو. اهو وقت دنيا جي گھڻن ليکڪن تي ايندو آهي جيڪو ڪڏهين وقتي هوندو آهي ۽ ڪڏهين مستقل. ائين به ٿيو هو ته ڪجھ عرصو اڳ دنيا جي وڏن ليکڪن هڪ گڏجاڻي ۾ گڏيل طور اهو اعلان ڪيو هو ته وٽن هاڻي لکڻ لاء ڪجھ ڪونهي.
سراج جي ڪم کي سندس لائق پٽن ڪافي حد تائين سهيڙيو ۽ سنڀاليو آهي پر اڃا به ان ڳالھه جي ضرورت آهي ته سندس ڪم ۽ شخصيت متعلق وڌيڪ مواد گڏ ڪيو وڃي ۽ خاص طور سندس هلال ۽ جاڳو جي ڪالمن کي گڏ ڪري ڇپرايو وڃي. اهو ڪم سنڌي ٻولي ۽ ادب لاء جيڪي ادارا آهن ۽ جن وٽ ڪروڙين روپين جو فنڊ آهي انهن کي ڪرڻ گھرجي.

الطاف شيخ

الطاف شيخ سفرنامن لکڻ جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پر هاڻي هو رڳو ان صنف تائين محدود نه رهيو آهي. مختلف ٻين موضوعن تي سندس مضمون ۽ ڪتاب وغيره لاڳيتو ايندا رهيا آهن. هو سنڌي جو اهڙو ليکڪ آهي جيڪو جيتوڻيڪ پنهنجي جهازي سرگرمين کان فارغ ٿيڻ کانپوء مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي يونيورسٽين ۾ ليڪچر وغيره ڏيڻ جو ڪم به ڪندو آهي پر سندس ڪتابن ۽ مختلف سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندڙ مضمونن کي ڏسندي ائين لڳندو آهي ڄڻ ته لکڻ ئي سندس ڪم آهي ۽ هو هڪ ڪل وقتي ليکڪ آهي. سندس ڪتابن جي تعداد جو ڪاٿو لڳائڻ ڏکيو هوندو آهي. هو سنڌي جو اهڙو ليکڪ آهي جنهن جا ڪتاب گھڻو وڪامن ٿا ۽ گھڻو پڙهيو وڃي ٿو. مون کي اها خبر آهي ته ان جي باوجود ڪنهن پبلشر کان معاوضي جي گھر ڪرڻ ته پري جي ڳالھہ هو پاڻ پنهنجا ڪتاب خريد ڪري وٺندو آهي. ذاتي طور قربائتو ماڻهو، پنهنجي وڏي ماڻهو۽ وڏي ليکڪ ٿيڻ جو احساس ڪنهن کي ٿيڻ نه ڏيندو. ڪئميرا گھڻو ڪري ساڻس گڏ هوندو آهي ۽ هو مختلف شين، واقعن ۽ ماڻهن کي ان ۾ ريڪارڊ ڪندو ويندو آهي. مون تازو سندس جپان متعلق هڪ ناول مس سدا بهار چنبيلي جو ڪيل ترجمو پڙهيو. ڪتاب ۽ ترجمي جون خوبيون ۽ خاميون پنهنجي جاءِ تي پر مون کي اها حيرت ٿي ته هو ان حوالي سان ڪيترو محتاط ۽ ذميوار آهي. اسان جي ملڪ ۾ مختلف ٻولين ۾ جيڪي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪتاب وغيره ترجمو ٿين ٿا انهن ۾ ڪاپي رائيٽ ۽ ليکڪ وغيره کان اجازت وٺڻ جو تصور ئي ڪونهي. پر الطاف ان ناول کي ترجمي ڪرڻ کان اڳ اها پڪ ڪئي ته ان جو ليکڪ حيات آهي ۽ پوء ان کي اجازت لاء خط لکيائين. گھڻي وقت تائين جواب نه ملڻ جي باوجود هن ان تي ڪم شروع نه ڪيو ۽ رڳو ان وقت ئي پنهنجو ڪم شروع ڪيائين جڏهين کيس اهو اجازت نامو مليو.
آئون سمجھان ٿو ته الطاف سنڌي ليکڪن لاء هڪ مثال آهي جنهن ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪنهن غرض ۽ ڪنهن شهرت، مشهوري ۽ پئسي ڏوڪڙ جي تمنا کانسواء ڪئي آهي. سندس ڪم بس رڳو لکڻ آهي ۽ اها ئي سندس سڃاڻپ آهي.

بائبل ۽ يهودين جي تاريخ جو هڪ پاسو

ليسلي هيزلٽن مختلف مذهبن جي مختلف پاسن تي تحقيق جي حوالي سان هڪ اهم ليکڪ سمجھيو وڃي ٿو. سندس تازي آيل ڪتاب JEZEBEL: The Untold Story of the Bible’s Harlot Queen جو واسطو بائبل جي اٽڪل ٽي هزار سال يا نو سو سال قبل مسيح جي يهودين جي تاريخ جي هڪ اهم قصي سان آهي.
هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ هڪ خدا جي مڃيندڙن، اسرائيل جي رهاڪن، ۽ ڀرواري ملڪ طائر جي شهزادي جيزبيل، جيڪا اسرائيل جي بادشاه اهب سان شادي ڪري اسرائيل اچي ٿي ۽ جيڪا بال، اشتر ۽ ٻين گھڻن خدائن جي پوئلڳ هجي ٿي، ۾ اختلاف ۽ تنازعو آهي.
موجوده فلسطين ۾ اتر ۽ ڏکڻ ۾ اسرائيل ۽ يهوديه جي نالن سان يهودين جون ٻه رياستون هونديون هيون. شروع ۾ اترجي رياست ڪمزور هوندي هئي ۽ ڏکڻ جي اثر ۾ هوندي هئي پر پوءِ ان پنهنجي حيثيت ۽ خودمختاري بحال ڪري ورتي.
اسرائيل جي بادشاه اهب جو جيزبيل سان شادي ڪرڻ جو مقصد پنهنجي رياست ۽ اقتدار جي مضبوطي هجي ٿو. هو جيزبيل، جنهن سان گڏ طائر مان سندس مذهب جي راهبن ۽ راهبائن جو هڪ وڏو تعداد پڻ اچي ٿو، جي عبادت لاء هڪ ڌار مندر ٺاهي ٿو جنهن ۾ ان جي ديوي ديوتائن کي رکيو وڃي ٿو. اها ڳالھه ان وقت اسرائيل جي پيغمبر اليجا کي پسند نه ٿي اچي ۽ هو ان کي پنهنجي خدا يهوا جي نافرماني تصور ڪري ٿو.ِ ساڳي وقت راڻي جيزبيل سان سندس هڪ عناد پيدا ٿي پئي ٿو.
جيزبيل کي بائبل ۾ هڪ بدڪردار ۽ وئشيا جي روپ ۾ ان ڪري پيش نه ڪيو ويو آهي ته اها واقعي ائين هئي پر ان جو بنيادي ڪارڻ سندس انهن ديوي ديوتائن جي پوڄا ۽ عبادت هو جنهن کي ڪفر سمجھيو ويو ٿي.
ان وقت اهو اصول هجي ٿو ته جنگ ۾ جيئن ته اتان جي خدا جي آشيرواد حاصل هجي ٿي ان ڪري جنگ کٽڻ جي صورت ۾ اهو ضروري هجي ٿو ته دشمن جي باقي بچيل سڀني سپاهين کي ان خدا جي نالي ۾ قربان ڪيو وڃي. پر اهب دمشق سان جنگ کٽڻ جي صورت ۾ ائين نه ٿو ڪري ۽ رياستي مفادن کي نظر ۾ رکندي ان بادشاه کي معاف ڪري ان سان صلاح نامو ڪري ٿو. پيغمبر اليجا ان ڳالھہ کي يهوا جي نافرماني خيال ڪري ٿو ۽ اسرائيل جي ماڻهن کي بدترين ڏڪر جي بددعا ڏئي ٿو. اهو ڏڪر لاڳيتو ٻه ٽي سال هلي ٿو.
اهب جو هڪ ٻيو ڪم پڻ يهوا ۽ سندس پيغمبر اليجا جي ناراضگي جو ڪارڻ بڻجي ٿو. هو هڪ همراه نبوت کان سندس زمين وٺڻ چاهي ٿو پر هو ان کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته کيس اها يهوا پاران ڏني ويئي آهي. جيزبيل مختلف حيلا وسيلا هلائي ان شخص کي قتل ڪرائي ان زمين کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ٿي. اها ڳالھہ اهب لاء ته هڪ ڏوه بڻجي ٿي پر اها ساڳي ڳالھہ موجوده اسرائيل لاء بائبل مان هڪ جواز طور پيش ڪئي وڃي ٿي ته کين اها زمين سندن خدا يهوا پاران ڏني ويئي آهي اهڙي ريت ان تي سندن ئي حق آهي.
نيٺ اليجا وري ظاهر ٿئي ٿو. هو جيز بيل جي خدائن جي پروهتن کي چئلنج ڪري ٿو ته ٻنهي مان جنهن جو خدا صحيح هوندو اهو مينهن وسائڻ ۽ ڏڪر کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. بال ۽ اشتر جا پروهت ان ۾ ڪامياب نه ٿا ٿين جڏهين ته يهوا جو پيغمبر اليجا ان ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ مينهن پوڻ سان ڏڪر ختم ٿئي ٿو. ماڻهن جي ان خوشي ۽ جوش وخروش جو فائدو وٺندي هو کين انهن سوين پروهتن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو جنهن تي عمل ڪيو وڃي ٿو.
هو پنهنجي خدا جي سوڀ ۽ جيزبيل جي خدائن جي هار ۽ پروهتن جي قتل جي خبر ڏيڻ لاء سندس محل ۾ پهچي ٿو پر هتي کيس هڪ ٻئي مسئلي کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. جيزبيل پروهتن جي قتل جو ٻڌي انتهائي ڪاوڙ ۾ اچي وڃي ٿي ۽ کيس چئي ٿي ته هو فوري طور هن ملڪ مان هليو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سڀاڻي کيس قتل ڪيو ويندو. اليجا اهو ٻڌي ڊپ ۾ وٺجي وڃي ٿو ته بال ۽ اشتر سندس انت آڻي ڇڏيندا. اهڙي ريت هو ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو.
سندس اها بزدلي ۽ ڊپ سندس خدا يهوا کي پسند نه ٿي اچي ۽ هو کيس پيغمبري تان برطرف ڪري سندس جا۽ تي نئين پيغمبر الياس کي مقرر ڪري ٿو. ان دوران اهب دمشق جي نئين حڪمران سان جنگ ۾ سوڀ ماڻيندي مارجي وڃي ٿو ۽ سندس جاء تي سندس پٽ حڪمران ٿئي ٿو. پيغمبر الياس مختلف حيلن وسيلن سان دمشق جي بادشاه ۽ فوجي ڪمانڊر کي پنهنجي دام ۾ آڻي ٿو ۽ کين اسرائيل جي نئين حڪمران سان جنگ لاء تيار ڪري ٿو. ان جنگ ۾ اسرائيل جو بادشاه معمولي زخمي ٿيڻ کانپوء ميدان مان ڀڄي وڃي ٿو ۽ الياس فوج جي ڪمانڊر جيهو کي چئي ٿو ته هاڻي تون بادشاه آهين ۽ يهوا جي حڪم جي پيروي ڪندي اهب جي سڄي خاندان کي ختم ڪري ڇڏ. جيهو بادشاه کي قتل ڪرڻ کان پوء جيزبيل کي مارڻ لاء محل ۾ پهچي ٿو.
جيزبيل کي اڳ ئي ان سڀڪجھ جي خبر هجي ٿي. هو بجائي ڊڄڻ يا ڀڄڻ جي همت سان ان کي منهن ڏيڻ لاء تيار ٿئي ٿي ۽ پنهنجن نوڪرن کي چئي ٿي ته کيس اهڙي ريت تيار ڪيو وڃي جيئن شادي وقت ڪيو ويو هو. هو هار سنگھار ڪري محل جي بالڪوني ۾ ويهي ٿي. جيهو سان سندس ڳالھہ ٻوله ٿئي ٿي ۽ هو محل جي خواجه سرائن کي حڪم ڏئي ٿو ته کيس ڌڪو ڏيئي هيٺ ڦٽو ڪيو وڃي. هيٺ ڪرندي هو گھوڙن جي سنبن ۾ لتاڙجي مارجي وڃي ٿي. اليجا جو جيزبيل کي چوڻ هو ته هو ان کي ڪتن کان کارائيندو ۽ اها ساڳي ڳالھہ جيهو کي به چئي ويئي هئي. پر هو کيس مارائڻ کانپوء جڏهين پنهنجي تاجپوشي جي جشن مان فارغ ٿئي ٿو ته نوڪرن کي حڪم ڏئي ٿو ته جيزبيل جي لاش کي دفن ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهين هو کيس ڪتن کان کارائي ٿو ته سندس ناتا پاڙيسري ملڪ طائر سان خراب ٿي سگھن ٿا جتان هو شادي ڪري آئي هئي. بهرحال جڏهين نوڪر لاش کي دفن ڪرڻ لاء پهچن ٿا ته اتي سوائي سسي ۽ هٿن جي ٻيو ڪجھ نه ٿو هجي جنهن کي ڪتن ميندي جي بو ڪري نه کاڌو هو.
ان سڄي صورتحال جي ڪري اسرائيل جي رياست جو استحڪام ختم ٿي ٿو وڃي. طائر پنهنجي شهزادي جيزبيل ۽ يهوديا پنهنجي بادشاه جي قتل ٿيڻ تي اسرائيل سان ناتا ٽوڙي ڇڏين ٿا. ٻئي پاسي اتر کان اسارين جي ڪاه سڄي ملڪ کي وکيري ڇڏي ٿي ۽ اسرائيل جي ماڻهن کي لوڌي پنهنجي ڏيه مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي. يهودين جا اهي ڏه قبيلا ڪيڏانهن ويا ان متعلق اڃا رڳو انومان ئي آهن ۽ ڪا صحيح ڄاڻ ناهي.
ٻئي پاسي ڏکڻ ۾ يروشلم واري رياست به ٻاهرين ڪاهن کي منهن نه ٿي ڏيئي سگھي. پر انهن لاء هڪ ڳالھه اها فائديمند هئي ته انهن کي بابل ڏانهن نيڪالي ڏني ويئي جتي انهن ويهي پنهنجيون ڪهاڻيون ۽ داستان لکيا. اڳ خدا جو تصور ڌرتي ۽ وطن سان لاڳاپيل هو ۽ هر ملڪ جي ماڻهن جو پنهنجو ڌار خدا هو. هن جلاوطني ۾ ائين ٿيو ته خدا ڌرتي کان مٿانهون هڪ وڏي حيثيت اختيار ڪري ويو. حالتن سازگار ٿيڻ تي اهي ماڻهو جڏهين پنهنجي وطن موٽن ٿا ته وٽن خدا جو اهو نئون تصور هجي ٿو.

ريٽا شهاڻي جا ناول ۽ هند جو سنڌي ادب

سنڌين ورهاڱي وقت جڏهين هند ڏانهن لڏ پلاڻ ڪئي هئي ته بنگالين ۽ پنجابين جيان وٽن اتي ڪو اهڙو علائقو نه هو جنهن کي هو پنهنجو وطن چئي سگھن يا جيڪو مستقبل ۾ سندن سڃاڻپ بڻجي سگھي. سندن لاء پنهنجي هڪ ئي سڃاڻپ هئي ۽ اها هئي سندن ٻولي. هڪ ڊگھي جاکوڙ کانپوء اهي سنڌي کي ڀارت جي قومي ٻولين ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
جيتوڻيڪ اها سندن لاء وڏي ڪاميابي هئي پر خاص طور تي ادب ۽ ٻولي جي معاملي ۾ اڃا گھڻا چئلنج اڳتي اچڻا هئا. قومي ٻولين ۾ شامل ڪرڻ کانپوء نهرو پاران سنڌين کي اها صلاح ڏني ويئي ته ڀارت جي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ لاء ديوناگري رسم الخط کي اختيار ڪيو وڃي. سنڌ مان ويل ان وقت جي سنڌين جي تعليم ۽ تربيت جيئن ته عربي لپي ۾ ٿي هئي ان ڪري انهن لاء ان ڳالھہ کي قبول ڪرڻ ڏکيو هو ۽ انهن ان ڳالھه جي سخت مخالفت ڪئي. نيٺ فيصلو اهو ٿيو ته في الحال ٻيئي رسم الخط ساڳي وقت استعمال ٿيندا. بهرحال گھڻي اهميت ۽ زور ديوناگري لپي کي ئي ڏنو ويو جنهن جا معاشي ۽ سماجي ڪارڻ هئا ۽ اسڪولن وغيره ۾ به ٻارن کي پڙهائڻ لاء ان لپي کي ئي ترجيح ڏني ويئي. اها ڳالھہ سنڌ ۽ هند جي سنڌي اديبن ۽ ليکڪن ۾ رابطي ۽ تعلق ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻجي سگھي ٿي.
مون کي ڏاڍي حيرت ٿي جڏهين مون ڏٺو ته مون کي مطالعي لاء ريٽا شهاڻي جا جيڪي ٽي ناول ڏنا ويا آهن اهي ان ڳالھه جي باوجود ته هند ۾ سنڌي لکن جي تعداد ۾ آهن ۽ منجھن تعليم جو تناسب به گھڻو آهي پنج سو کان وڌيڪ تعداد ۾ ڇپجي نه سگھيا آهن. ان جو هڪ ڪارڻ ته يقينن لپي جو مسئلو آهي. گھڻا مائٽ ته پنهنجن ٻارن کي ان ڪري سنڌي ئي نه ٿا پڙهائين ته ان جو عملي زندگي ۾ ڪو فائدو ناهي ۽ جيڪڏهين ڪي پڙهائين ٿا ته لپي جي فرق ڪري عربي رسم الخط ۾ لکيل ڪتاب سندن لاء ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اوپرا ٿيندا ٿا وڃن. ڀارت جا اڙدو ليکڪ ٻڌائين ٿا ته سندن ڪتابن جي اصلوڪي رسم الخط ۾ کپت نه هئڻ برابر هوندي آهي، جڏهين ته ديوناگري رسم الخط ۾ ڇپجڻ کانپوءِ انهن جي سرڪيوليشن آسمان سان ڳالھيون ڪندي آهي. شايد هند جي سنڌي ليکڪن کي به اڳتي هلي ماڻهن تائين پهچ لاءِ اهو ساڳيو طريقو اختيار ڪرڻو پئي.
سنڌ سان سرگرم رابطي نه هئڻ جو هڪ اثر ٻنهي پاسي ڇپجندڙ ڪتابن جي گھٽ سرڪيوليشن جي صورت ۾ ته ڏسي سگھجي ٿو پر ٻولي، احساسن ۽ خيالن ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن ان ٻنهي پاسي جي ادب ۽ اديبن ۾ وڌيڪ ويڇا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. هند جي اديبن نه رڳو سنسڪرت ۽ هندي جي لفظن کي پنهنجي ٻولي ۾ سمويو آهي پر ڀارت جي مختلف مقامي ٻولين بنگالي، گجراتي، مراٺي ۽ اڙدو وغيره جو اثر پڻ قبول ڪيو آهي. ساڳي ريت سنڌ جي اديبن عربي، فارسي ۽ اڙدو کانسواء پاڪستان جي ٻين ٻولين جي گھڻن لفظن کي پاڻ ۾ سمويو آهي. جيتوڻيڪ اها هڪ مثبت ڳالھہ آهي ۽ ٻولي جي شاهوڪار هئڻ جو ثبوت پڻ آهي پر مسئلو اهو آهي ته گھٽ رابطي هئڻ ڪري ۽ هڪٻئي جي ڪتابن جي عام جام نه ملڻ ۽ رڳوسوکڙي طور ملڻ ڪري اها اوپرائپ ڏينهون ڏينهن وڌنڌي ٿي وڃي.
جڏهين ماڻهو هڪٻئي کي سمجھي نه سگھندو آهي ته پوء اهي هڪٻئي کي ماورائي ۽ مقدس شڪل ڏيئي ڇڏيندا آهن. ورهاڱي کانپوء جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڪري سرحد جي ٻنهي پاسي اديبن هڪٻئي جو آڌر ڀاء ته ڪيو آهي ۽ انهن کي عزت به ڏني آهي پر هڪ مهمان جي حيثيت ۾ ۽ انهن جي لکڻين کي پڻ ڪنهن تنقيد کانسواء قبول ڪيو ويو آهي. ان روئي جي ڪري اڳ ئي موجود خال اڃا وڌيڪ وسيع ٿي وڃي ٿو. ان ڪري هڪٻئي جي ويجھو اچڻ ۽ هڪٻئي کي سمجھڻ لاء هڪٻئي جي تنقيدي جائزي وٺڻ جي اشد ضرورت آهي.
ننڍي کنڊ جو ورهاڱو تاريخ جو هڪ وڏو واقعو هو جنهن جا اثر ننڍي کنڊ جي سڀني ٻولين جي ادب تي پيا ۽ انهن ۾ مختلف طريقن سان ان جو اظهار پڻ ٿيو.هند ويل سنڌي اديب به ان اثر کان آجو نه هو ۽ ان مختلف طريقن سان ان جو اظهار به ڪيو جنهن ۾ سنڌ موٽڻ جي خواهش خاص طور تي حاوي هئي. وقت سان گڏوگڏ حقيقتن ان خواهش کي گھڻو ٿڌو ڪري ڇڏيو۽ هاڻ اها ڄڻ رڳو هڪ اڪيڊمڪ ڳالھہ وڃي رهي آهي.
جيئن پاڪستان آيل مهاجرن کي پنهنجي ڀلائي ۽ تحفظ جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي جماعتن ۾ نظر آيو ٿي ساڳي ريت هتان ويل سنڌين جي گھڻائي کي پنهنجي ڀلائي شيو سينا ۽ ٻين هندو انتها پسند جماعتن ۾ نظر آئي ٿي. هن وقت تائين جيڪي مختلف استيڊيز سامهون آيون آهن انهن مان اها خبر پئي ٿي ته مذهبي لحاظ کان ڀارت جو سنڌي وڌيڪ انتهائن ڏانهن هليو ويو آهي ۽ منجھس سهپ ۽ مذهبي رواداري واريون اهي خاصيتون جيڪي هو سنڌ مان کڻي ويو هو تقريبن نه هئڻ برابر وڃي رهيون آهن. ٻي ڳالھہ ته کيس پنهنجي عدم تحفظ جو علاج ان ڳالھہ ۾ نظر آيو آهي ته مقامي ماڻهن کان پري رهي رڳو پنهنجي ڪميونٽي جي فائدي لاء ڪوششون ڪيون وڃن جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اهي نه رڳو مقامي ماحول ۾ پوري ريت جذب نه ٿي سگھيا آهن پر ڀارت جي گھڻن پرڳڻن ۾ مقامي ماڻهن پاران کين چڱي نظر سان نه ٿو ڏٺو وڃي.
ان سڀڪجھ جو نتيجو اهو نڪٽو آهي ته شروعات ۾ هند جي سنڌي اديبن ۾ جيڪا نظرياتي ڇڪتاڻ موجود هوندي هئي اها تقريبن ختم ٿي چڪي آهي ۽ اهي گھڻي ڀاڱي سياست کان لاتعلق ٿي چڪا آهن.
ان سڄي پس منظر ۾ ريٽا شهاڻي جي ٽن ناولن گونگي گگن سان گفتگو، ست سر ست ڏينهن ۽ ڇهي مهي کي ڏسي سگھجي ٿو.
انهن ۾ پهريون ناول خاص طور تي توجھ ڇڪائيندڙ آهي. اهو ناول جيتوڻيڪ 2001 ۾ ڇپيو آهي پر ان ۾ زوري زنا واري جنهن مسئلي کي کنيو ويو آهي اهو اڄ جي ڀارت جو ڄڻ ته هڪ اهم مسئلو ٿي سامهون آيو آهي. اهو ان سماج جو تضاد آهي ته هڪ پاسي ڀارت سائنس ۽ صنعت جي ميدان ۾ هڪ اهم ظاقت طور اڀري رهيو آهي ته ٻئي پاسي ڇوڪرين کي ڄمندي يا ايستائين ته حمل جي دوران ئي جنس جي خبر پوندي ئي انهن کي قتل ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. ان سان هڪ ته آبادي ۾ ڇوڪرين جو تناسب گھٽجي رهيو آهي جڏهين ته ٻئي پاسي حيواني جبلت ۽ عورتن خلاف تشدد ۾ واڌارو اچي رهيوآهي. ليکڪا ان مسئلي کي نهايت خوبصورتي سان نباهيو آهي. اهو ساڳيو مسئلو جيڪڏهين سنڌ ۾ هجي ها ته هتي ان ظلم جي شڪار ڇوڪري کي ڪهاڙين ۽ بندوقن مان ڪڍڻ کانسواء ٻي ڪا واٽ نه هجي ها. ڇوڪري کي نه رڳو سندس گھر وارن پاران قبول ڪرڻ پر ان جي نفسياتي ۽ جسماني بحالي ۾ مدد ڪرڻ هڪ مثبت لاڙو آهي.
ست سر ست ڏينهن هڪ انگريز خاتون جي هڪ سنڌي نوجوان سان شادي کانپوء ڀارت جي هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهڻ ۽ اتي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ آهي. ان ناول ۾ جيتوڻيڪ ليکڪا وديشين ۽ امير ماڻهن جي حوالي سان مقامي ماڻهن ۾ موجود نفرت کي ڇهيو آهي جيڪا خاص طور تي مهاراشٽر پرڳڻي ۾، جتي اها خاتون رهيل آهي، گھڻي شدت سان موجود آهي. پر هڪ ته هو تفصيل ۾ وڃڻ کان ڪيٻائي ٿي ۽ ٻي ڳالھه ته هو ان سڄي معاملي کي ذاتي جھيڙي جو رنگ ڏيئي ان کي هڪ منفي انداز ۾ پيش ڪري ٿي. ناول مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته مقامي ماڻهن جو زميندارن ڏانهن، جن کي سندن سنڌ ۾ زمين هئڻ ڪري هتي ڪليم ۾ زمين ملي آهي، ڪو منفي رويو ناهي.
ناول ڇهي مهي سيتا نالي هڪ ڇوڪري جي احساساتي ڪهاڻي آهي جنهن کي ڏکين حالتن مان سهارو ڏيئي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۾ مدد ڪئي وڃي ٿي.
انهن ٽنهي ناولن ۾ ڪجھ گڏيل ڳالھہين کي هن ريت بيان ڪري سگھجي ٿو.
1) اهي مختلف سماجي موضوعن سان لاڳاپيل آهن؛
2 ) ماحول ۽ ڪردار وچولي طبقي سان واسطو رکن ٿا؛
3 ) ڪردارن جو تعداد گھٽ ۽ دائرو محدود آهي؛
4) هندي ۽ سنسڪرت لفظن جو استعمال گھڻو ڪيل آهي. خاص طور تي ناول ڇهي مهي ۾ اهڙو استعمال گھڻين جاين تي سلسلي کي ٽوڙي ڇڏي ٿو ۽ خاص طور تي سنڌ جي پڙهندڙ کي ان کي سمجھڻ لاء پنهنجي سمجھ کان گھڻو ڪم وٺڻو پئي ٿو؛
5) هڪ ڳالھہ جيڪا خاص طور تي مون کي وڻندڙ لڳي اها اهڙي ٻولي جو استعمال آهي جيڪا خاص طور تي اسان ڪراچي جا سنڌي استعمال ڪندا آهيون جنهن ۾ گجراتي، ميمڻي، ڪڇي ۽ اڙدو جا لفظ شامل هوندا آهن؛
6) ٽنهي ناولن ۾ ٽريجڊي آخر ۾ خوشگوار انجام تي ختم ٿئي ٿي. خاص طور تي ست سر ست ڏينهن ۾ اهو ڄڻ هڪ هندي فلم جو منظر لڳي ٿو.
بهرحال جيئن موتي پرڪاش ايم يو ملڪاڻي جي حوالي سان چئي ٿو ته ريٽا شهاڻي کي جيڪڏهين زياده نويس چئجي ته وڌاء نه ٿيندو جنهن ادب جي مختلف صنفن تي ٽيه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته سندس شخصيت ۽ فن جو مختلف حوالن سان جائزو ورتو وڃي ۽ ان تي ڪم ڪيو وڃي.

ڀورائي ۾ ڀال

ڀورائي ۾ ڀال شاه محمد پيرزادي جي جيون ڪٿا آهي. جيتوڻيڪ سندس شاعري جو مجموعو اڳ اچي چڪو آهي پر سندس نثر جو اهو پهريون ڪتاب آهي. ماڻهو جو جيون هڪ فرد جو جيون نه هوندو آهي پراهو ڪيئي نسلن، سماج جي هڪ وسيع حصي ۽ هڪ ڊگھي عرصي تي ڦهليل هونڌو آهي. اهو ماڻهو تي پاڻ تي منحصر هوندو آهي ته اهو ان کي ڪيتري حد تائين وسيع يا محدود ڪري ٿو. ٻلهڙيجي جا سڀ پيرزادا پاڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن لحاظ کان هڪٻئي جا مائٽ ته آهن پر هڪ ڏاڏي جو اولاد ناهن. هي ڪتاب دراصل شاه محمد جي ڏاڏي جي خاندان جي ڪٿا آهي. هڪ اهڙو خاندان جيڪو هڪ ڊگھي عرصي گذرڻ، شهر ۾ اچڻ ۽ معاشي وسيلن جي ڌار ٿيڻ جي باوجود پاڻ ۾ هڪ ايڪو برقرار رکندو اچي. ان ڳالھہ جي باوجود ته ڏاڏي جي سڀني پٽن جو مزاج، خيال ۽ نظريا هڪ ٻئي کان مختلف رهيا پر انهن ٻئي ڪنهن ماڻهو کي اها اجازت نه ڏني ته اهو انهن کي استعمال ڪري منجھن ڏڦيڙ ۽ اختلاف پيدا ڪري. پنهنجي خاندان جي احوال ڏيڻ کان پوء ڪتاب جو گھڻو حصو ليکڪ جي پنهنجي حياتي ۽ سندس نظرين متعلق آهي.
جيتوڻيڪ سياسي حوالي سان اسان ٻيئي ڪڏهين به ساڳي جماعت ۾ نه رهيا آهيون پرسنگت جي حوالي سان مون پاڻ شاه محمد سان هڪ ڊگھو وقت گذاريو آهي. هڪ لحاظ کان ساڻس هڪ ذاتي تعلق ۽ دوستي وارو ناتو رهيو آهي ۽ مختلف نظرياتي، سياسي ۽ ادبي مسئلن تي پاڻ ۾ ڊگھيون ڪچهريون پڻ ڪندا رهيا آهيون. اهو چئجي ته بيجا نه ٿيندو ته گھڻين ڳالھين ۾ اسان سهمت هوندا آهيون. هن آتم ڪٿا ۾ خاندان جي مختلف پاسن کانسواءِ شاه محمد جي شخصيت جا ڪي نظرياتي اهڙا پاسا آهن جيڪي منهنجي لاءِ بلڪل نوان آهن. ساڻس ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ان جا اشارا ته ملندا هئا پر انهن ملاقاتن ۾ پهرين جي ڀيٽ ۾ ڊگھن وقفن اچڻ جي ڪري انهن جي گهرائي ۽ تفصيل کان پوري ريت واقف نه هوس.
هن ڪتاب ۾ شاه محمد خاص طورتي پنهنجن چاچن، پيءُ ۽ ڏاڏي وغيره جي حوالي سان پنهنجي خانداني قدرن تي زور ڏنو آهي. نج ٻهراڙي سان تعلق هوندي به ان خاندان جو زمين کيڙڻ سان ڪو واسطو نه رهيو آهي. ان خاندان جو ڪو فرد نه ته هاري رهيو آهي ۽ نه ئي زميندار. فقيراڻي زندگي گذاريندي هن خاندان جو توجھ پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ڏانهن گھڻو رهيو آهي، جنهن ڳالھه سندن معاشي ۽ سماجي حيثيت کي بدلائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهم ڳالھہ اها آهي ته اهو هاڻي هڪ خاندان ناهي ۽ هرڪنهن جا پنهنجا ڌار گھر، ٻار ٻچا ۽ مسئلا آهن. خاص طور تي وڏن شهرن ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪو دٻاءُ هوندو آهي ان ۾ هڪٻئي جي خبر چار وٺڻ ڏکيو هوندو هو پر ان خاندان پاڻ ۾ اهو تعلق برقرار رکيو آهي ۽ گڏو گڏ هڪٻئي جي ضرورتن جو خيال پڻ رکيو آهي.
جيتوڻيڪ شاه محمد اها ڳالھه ڪندو آهي ته سندس عملي سياست سان ڪو واسطو ناهي رهيو، پر آئون سندس ان ڳالھه سان متفق ناهيان. جيڪڏهين سنگت سان سندس واسطو هو ته اهو سندس ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپي جي ڪري هو، جيئن هو انور ۽ ڄام ساقي جي ملاقاتن جو حوالو ڏئي ٿو، جنهن ۾ ڄام انور کي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاء چيو هو ۽ ساڳي وقت شاه محمد ان کي پارٽي جي هڪ اوپن پليٽ فارم طور مڃي ٿو. ساڳي وقت هو پارٽي جي مختلف ادارن جي گڏجاڻين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهيو آهي. پارٽي ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿيا ۽ جيڪا ٽوڙ ڦوڙ ٿي ان متعلق به سندس پنهنجو هڪ واضح موقف آهي.
مون کي ساڳي وقت شاه محمد جي اها ڳالھه به سمجھ ۾ نه آئي آهي ته ماڻهو نظرياتي ۽ سياسي طور تي ڪيئن ڌار ٿي سگھي ٿو. اهو جواز نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل ماڻهو ته ڏيئي سگھن ٿا، جن جا سياست ۽ مذهب ٻنهي سان مفاد وابستا آهن پر شاه محمد جهڙي ماڻهو لاءِ اها عجيب ڳالھه آهي جنهن جو اهڙو ڪو به مفاد ڪونهي. هو پاڻ کي سياسي طور تي مارڪسٽ ڊيڪليئر ڪري ٿو جڏهين ته ساڳي وقت مذهب جي هڪ پنهنجي مرضي جي سمجھاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو مذهب سان پنهنجو ڪو رسمي تعلق ظاهر نه ٿو ڪري پر اهڙن ماڻهن سان واسطي ۾ اچي ٿو جن جو ڪرشمن ۽ ڪراماتن سان واسطو هجي ٿو. ڏٺو وڃي ته هن معاشري ۾ اهڙن ماڻهن جو هئڻ ڪا غيرمعمولي ڳالھہ ناهي ۽ اٽڪل هر ماڻهو جو زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي اهڙن ماڻهن سان واسطو پئي ٿو. رڳو اهو آهي ته ماڻهو انهن شين ۾ ڪيترو يقين رکي ٿو ۽ انهن کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿو. دنيا ۾ گھڻا گرو، رشي ۽ پير ماڻهن جي انهن نفسياتي ڪمزورين مان فائدو وٺڻ لاء هر وقت تيار هوندا آهن ۽ سندن دوڪان هلندا رهندا آهن. بهرحال اها مثبت ڳالھہ آهي ته ليکڪ ان سڄي گورک ڌنڌي مان نڪرڻ لاء شعوري ڪوششون ورتيون ۽ ان ۾ ڪامياب به ٿي ويو.
شاه محمد جيئن هو پاڻ به چئي ٿو ته سندس شخصيت ۾ بغاوت ناهي پر هرڪنهن سان ٺهي هلڻ آهي. سندس خاندان ۾ خاص طور مذهبي رجحان به رهيو آهي ۽ ساڳي وقت دهريت ۽ صوفي ازم جا لاڙا پڻ رهيا آهن. سندس شخصيت اهي ٻيئي اثر قبول ڪيا آهن ۽ انهن کي پاڻ ۾ جذب ڪيو آهي پر ڪنهن ۾ به هو انتهائن تي نه ويو آهي ۽ ٻنهي جي چڱن ڳالھين کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي دور نظرياتي بحرانن جو دور آهي جنهن خاص طور تي باشعورماڻهن جي شخصيتن کي نظرياتي طور تي ورهائي ڇڏيو آهي. اها ٻڏ تر واري ڪيفيت ڪنهن ماڻهو جي ڪيستائين رهي ٿي اهي هرڪنهن جي پنهنجي شخصيت ۽ اوسي پاسي جي صورتحال تي منحصرآهي. بهرحال جلد يا بدير فيصلو ته ڪرڻو پئي ٿو.
هتي ريڪارڊ لاء لاهور ۾ ٿيل جمهوريت پسند ليکڪن جي ڪانفرنس جي حوالي سان اها درستگي ضروري آهي ته هڪ ته ان ڪانفرنس ۾ سنڌي ليکڪن جو جيڪو وفد ويو هو ان ۾ آئون به شامل هوس ۽ ٻي ڳالھه ته ان وفد ۾ قمر شهباز شامل نه هو.
آئون سمجھان ٿو ته اها آتم ڪٿا خاص طور تي شاه محمد جي سياسي، ادبي ۽ شخصيت جي ٻين مختلف پاسن جي حوالي سان اڻپوري آهي. ان کي سندس شخصيت جو هڪ خاڪو چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ اڃا ڪيئي رنگ ڀرڻ جي ضرورت آهي. هو پاڻ گھٽ ڳالھہائڻ وارو ماڻهو آهي پر ان جو مطلب گھٽ لکڻ ناهي. پڙهندڙ جي ان مان تسلي ڪونه ٿي ٿئي.
روس ۽ فرانس جي انقلابن لاء عام طور اهو چيو ويندو آهي ته ان وقت جي ادب ۽ اديبن ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اها ڳالھہ ناهي ته اهي انقلاب ئي انهن اديبن ۽ سندن تخليق ڪيل ادب جي ڪري آيا. پر ڳالھہ اها هئي ته ان وقت انهن ملڪن ۾ جيڪي معاشي ۽ سماجي تبديليون اچي رهيون هيون ۽ سماج ۾ جيڪي نيون پيداواري قوتون جنم وٺي رهيون هيون انهن ليکڪن ان جو ادراڪ ڪيو، انهن کي سمجھيو ۽ انهن کي پنهنجي ادب جو موضوع ڪري نين قوتن سان گڏ ٿي بيٺا ۽ انهن کي اتساه ڏنائون. جيستائين انقلابن ۽ تحريڪن جي اڳواڻي جو سوال آهي ته اهو ڪم سياسي قوتن ۽ سياسي اڳواڻن جو هو ۽ انهن پنهنجو اهو ڪم بخوبي پورو ڪيو.
هن وقت سنڌ ساڳي ريت معاشي، سماجي ۽ ثقافتي تبديلي جي عمل مان گذري رهي آهي. تبديلي جو عمل سولو ناهي هوندو. اهو هڪ ڏکيو، منجھيل ۽ پيچيدو عمل هوندو آهي ۽ ان کي سمجھڻ لاءِ وڏي جاکوڙ جي ضرورت هوندي آهي. ان سڄي مشق ۽ محنت کان بچڻ لاء گھڻا ليکڪ لنوائيندا آهن ۽ فرار جون مختلف واٽون ڳولهيندا آهن. هن وقت سوال اهو ناهي ته اديب ۽ ليکڪ تحريڪن جي رهنمائي ڪن. اهو ڪم سياسي اڳواڻن جو آهي ۽ انهن کي ئي ڪرڻ ڏيو. اديب ۽ ليکڪ جو ڪم ان کان وڌيڪ ڏکيو آهي ۽ اهو ماڻهن جي زندگي ۾ جھاتي پائڻ ۽ اهو ڏسڻ ته نين حالتن جي ڪري سندن احساسن ۽ جذبن ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون آهن ۽ انهن جو رخ ڪهڙي پاسي آهي. ڇا هن وقت سنڌي ادب ۽ اديب اهو ڪم انجام ڏيئي رهيا آهن. منهنجي خيال ۾ گھڻي ڀاڱي ائين ناهي. جيڪو ادب هن وقت لکجي رهيو آهي ان ۾ ليکڪ ۽ سندس ذات وڌيڪ اهم آهي جڏهين ته سماجي منظرنامو هڪ ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. اديب ۽ ليکڪ جو سماج سان ناتو ان وقت ئي مضبوط ٿي سگھي ٿو ۽ ان وقت ئي هو ماڻهن لاء ڪارائتو ٿي سگھي ٿو جڏهين سماج ۽ زندگي ۾ ايندڙ تبديلين جو هو ادراڪ ڪري ۽ اهي سندس تخليق جو حصو هجن.

سومرا دور جي سنڌ

هيستائين سنڌ جي تاريخ تي سائنسي لحاظ کان جوڳو ڪم نه ٿيو آهي. خاص طور تي سومرا ۽ سما دور تي ته نه ٿيڻ جوڳو ڪم ٿيو آهي ۽ ان کي رڳو ڪجھ لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن تائين محدود رکيو ويو آهي جن جي پڻ ڪا تاريخي حيثيت ناهي. ان جو هڪ اهم ڪارڻ ته اهو آهي، جيڪو تاريخ جي اٽڪل سڀني دورن تي لاڳو ٿئي ٿو، ته تاريخ کي رڳو بادشاهن، جنگي سردارن ۽ وڏن ماڻهن جي ڪارنامن تائين محدود رکيو ويو آهي ۽ عام ماڻهو جي زندگي ۽ هلت چلت کي ان جو حصو ڪري نه ليکيو ويو آهي. ان ڪري گھڻي ڀاڱي ڏند ڪٿائن کي تاريخ ڪري ليکيو ويو آهي ۽ اصل تاريخ پس منظر ۾ هلي ويئي آهي.
ان ڪارڻ ئي سنڌ جي تاريخ ۾ اھم حيثيت رکندڙ سومرا خاندان جي دور کي ھڪ اونداھو دور چيو وڃي ٿو. اها ڳالہه ان لحاظ کان به عجيب لڳي ٿي ته اهو دور عرب ۽ ان کانپوء حبارين جي دور حڪومت کانپوء شروع ٿئي ٿو ۽ جڏهين عرب دور متعلق اسان کي جوڳي معلومات ملي ٿي ته پوء اهو دور ڇو ان لحاظ کان اونداهو آهي. سومرا دور سنڌ ۾ اٽڪل ٽي سو چاليھ سال رھيو آھي. ھن دور جي تاريخ ۾ اھم حيثيت آھي. ان ڪري به ته عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ جي اٽڪل ٽي سو سالن کانپوء اهو پهريون سنڌي خاندان هو جنهن سنڌ تي ايتري ڊگھي عرصي تائين حڪومت ڪئي. ايم ايچ پنهور ان دور متعلق پنهنجي تحقيقي ڪتاب اين السٽريٽيڊ هسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگڊم آف سنڌ وسيلي اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهين تاريخ متعلق تحقيق جي جديد طريقن کي استعمال ڪيو وڃي، فطري سائنس جيان ان جي پرک ڪئي وڃي ۽ عام ماڻهو کي به تاريخ جو حصو سمجھيو وڃي ته اهو دور اونداهو نه رهندو ۽ ان جي تاريخ کي سهيڙي سگھجي ٿو. ان سلسلي ۾هن آرڪيالاجي، موسمن جي تبديلي ۽ سماجي حالتن وغيره کان مدد ورتي آهي. هو پنهنجي ان اپروچ جي وضاحت ڪندي چئي ٿو ته منهنجي تاريخ جي سمجھاڻي اها آهي ته اها پيداوار، پيداوار تي ضابطي ۽ پيداوار جي حتمي ورهاست جي تاريخ آهي. تاريخ سياست کان وڌيڪ ماڻهن جي تاريخ آهي. ان تحقيق گھڻين نين ڳالھين کي سامهون آڻڻ سان گڏ گھڻين ڏند ڪٿائن کي پڻ ظاهر ڪيو آهي.
دريا جو سنڌ جي تاريخ ۽ حڪومتن ۽ شهرن جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ ۾اهم ڪردار رهيو آهي. رڳو سومرن کي پنهنجي گادي جو هنڌ ٽي ڀيرا دريا جي رخ مٽائڻ ڪري تبديل ڪرڻو پيو. پران سان ائين نه ٿيو ته کين اقتدار کان محروم ٿيڻو پيو ھجي جيئن ماضي ۾ گھڻن حڪمران خاندانن کي ٿيڻو پيو ھو. ان سان گڏوگڏ ليکڪ موسمن جي تبديلي کي حڪومتن جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو پڻ هڪ اهم ڪارڻ قرار ڏنوآهي. مينهن، پاڻي، سڪار ۽ خوشحالي حڪومتن جي مضبوطي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن جڏهين ته ان جي ابتڙ حالتون حڪومتن کي لوڏي ڇڏينديون آهن ۽ انهن جي خاتمي جو باعث بڻبيون آهن. سنڌ ۾ عربن جي زوال جو ڪارڻ هڪ ڊگھي عرصي جي خشڪ سالي ۽ ڏڪر هو جنهن ماڻهن کي سندن خلاف اٿي کڙي ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ پهرين حبارين ۽ پوء سومرن جي اقتدار ۾ اچڻ کي ممڪن بڻايو. عربن جي آخري دور ۾ سنڌ ۾ خشڪ سالي وارين حالتن جي ڪري بيچيني ۽ بغاوت واري ڪيفيت هئي ۽ عربن کي ٿوري عرصي ۾ هتي چاليه گورنر تبديل ڪرڻا پيا جن مان پندرنهن آموي دور ۾ ۽ پنجويه عباسي دور ۾ پر اهي حالتن کي قابو ۾ آڻي نه سگھيا ۽ کين نيٺ اقتدار کان محروم ٿيڻو پيو. حباري ان لحاظ کان خوش قسمت هئا ته سندن دور ۾ سنڌ ۾ سڪار ۽ خوشحالي هئي ۽ کين بغاوتن ۽ بيچيني کي منهن ڏيڻو نه پيو. حباري انهن عربن جو اولاد هئا جن هتي مقامي ماڻهن سان رشتا ڳنڍيا هئا ۽ شاديون ڪيون هيون. حبارين متعلق چيو وڃي ٿوته بغداد جي سلطنت ڪمزور هئڻ ڪري حبارين لا۽ پنهنجي حڪومت کي برقرار رکڻ لا۽ اهو ضروري هو ته اهي مقامي لباس پائين، مقامي رسمون ۽ مقامي ثقافت اختيار ڪن. حضرت بهاءالدين ذڪريا متعلق چيو وڃي ٿو ته اهو حبارين جي اولاد مان هو.
انکانپوءِ 1011 عيسوي ۾ سومرن جو دور آيو جيڪواٽڪل ٽي سئو چاليھه سال رهيو. سٺي موسم ۽ سڪار جو دور ٻارهين صدي تائين رهيوآن کانپو۽ موسم ۾ تبديليون اچڻ شروع ٿيون. اهڙي ريت ان وقت تائين معاشي خوشحالي جي ڪري سومرن کي ڪنهن خاص مزاحمت کي منهن ڏيڻو نه پيو. ان کانپوء موسمي حالتن ۾ آيل تبديلي ئي سندن زوال ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سمن جي اقتدار ۾ اچڻ کي ممڪن بڻايو.
تاريخ دان سومرا دور جي خود مختياري جو ھڪ ڪارڻ اھو به ٻڌائين ٿا ته ان وقت دھلي ۽ بغداد ۾ مضبوط حڪومتون نه ھيون جيڪي کين پنهنجي ماتحت ۽ اثررسوخ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪن ها. . ليکڪ ان وقت جي سماجي حالتن، مذهب، رهڻي ڪهڻي ۽ ماڻهن جي طور طريقن کي بحث هيٺ آندو آهي ۽ ان پس منظر ۾ ئي حڪمراني جي انداز ۽ طور طريقن تي پڻ بحث ڪئي آهي. هو ٻڌائي ٿو ته يارهين کان سورهين صدي تائين سنڌ جي آبادي جو نوي سيڪڙو سمن ۽ سومرن تي مشتمل هو. هو ان ڳالھہ کي رد ٿو ڪري ته سومرا ڪي ٻاهريان آيل هئا بلڪ سندن تعلق انهي ڌرتي سان هو جنهن جي ثابتي سندن زندگي گذارڻ جي طور طريقن ۽ عقيدن مان ملي ٿي. ان ساڳي ڳالھه کي ملتان جي عبدالحق به پنهنجي ڪتاب سومراز ۾ پڻ تاريخي حوالن ۽ دليلن سان ثابت ڪيو آهي. ان مان اها خبر پڻ پئي ٿي ته ماڻهن جي مذهب ۽ سماجي زندگي جي طور طريقن ۾ وقت ۽ حالتن پٽاندڙ تبديلي ٿيندي رهي آهي ۽ اهي ڪي ساڪت ۽ هڪ جاء تي بيٺل شيون ناهن. ان لحاظ کان ان وقت جي سنڌ تي جيڪڏهين نظر وججھي ٿي ته اها اسان کي اڄ جي ڀيٽ ۾ هڪ بلڪل ئي ٻي دنيا نظر اچي ٿي. ان جو هڪ مختصر خاڪو هن ريت ڏسي سگھجي ٿو.
عربن جي سنڌ ۾ اچڻ جو مقصد هتي اسلام جو ڦهلاء نه هو جيئن عام طور سمجھيو وڃي ٿو. ان ڪري اوچي طبقي جي ڪجھ ماڻهن ئي پنهنجو مذهب بدلايو جڏهين ته ماڻهن جي گھڻائي پنهنجي پراڻي مذهب ۽ طورطريقن تي هلندي رهي. سنڌ سميت ڏکڻ ايشيا جا مسلم حڪمران غير مسلمن کي مسلمان ڪرڻ تي گھٽ توجھ ڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته اهڙي ريت اهي جزئي جي رقم کان محروم ٿي ويا ٿي جيڪا سندن خزاني جو هڪ اهم حصو هئي. اهڙي ريت اسلام ڦهلائڻ ۾ حڪمرانن کان وڌيڪ صوفين جوهٿ هو.
تيرهين صدي عيسوي تائين سنڌ ۾ ٻڌازم، اسماعيليت،هندوازم ۽ صوفيت گڏوگڏ هلندا هئا. ٻڌازم صدي جي آخر تائين ختم ٿي ويو. جڏهين ته ان دوران اسماعيليت جو زور پڻ ڪافي حد تائين گھٽجي ويو ۽ اهي هن وقت سنڌ ۾ هڪ ننڍي ٿورائي ۾ آهن. ان جو وڏو ڪارڻ صوفين پاران اسلام جو ڦهلا۽ هوجن مٿي ذڪر ڪيل ٻن مذهبن جي گھڻن ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪري ورتو. مذهب جي تبديلي سان ماڻهن جي اوتارن ۽ مذهبي عقيدن ۾ گھڻي تبديلي نه آئي ۽ گھڻي ڀاڱي رڳو انهن جا نالا بدلجي ويا. سومرا جيتوڻيڪ صوفين جواحترام ڪندا هئا ۽ انهن کي سهولتون به مهيا ڪندا هئا پر جيستائين سومرن جي گھڻائي جو مذهب اسماعيليت رهيو تيستائين اهي ان تي ئي قائم رهيا ۽ سني مذهب اختيار نه ڪيائون.
عربن جي دور ۾ به هندن جيان سنڌ جي ماڻهن کي چار ذاتن ۾ ورهايو ويو هو جن ۾ عرب اشراف، ٻيا مسلمان موالي، غير مسلم ذمي ۽ ٻيا غلام هوندا هئا. غلام سنڌ جي ٻاهران ايندڙ مال جو هڪ اهم حصو هوندا هئا.
ستين صدي عيسوي تائين برهمڻ ڳئون جو گوشت کائيندا هئا. ڍڳو جيئن ته زراعت جي ڪم لا۽ اهم حيثيت رکي ٿو ان ڪري ان خيال کان ته متان ان جي نسل نه ختم ٿي وڃي ڳئون کي پوتر حيثيت ڏني ويئي. ساڳي ريت ليکڪ ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن جي خوراڪ ۾ سور جو گوشت پڻ شامل هوندو هو ۽ ان کي گهرن ۾ ٻڪرين، رڍن ۽ ڳئن جيان پاليو ويندو هو. ان کي ترڪ ڪرڻ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو هو ته ان جي خوراڪ به اها ساڳي آهي جيڪا ماڻهو جي آهي جنهن جي ڪري خوراڪ جي بحران پيدا ٿيڻ جوپڻ خدشو هو. ٻيو ڪارڻ مذهبي هو. اسلام جي سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ اهو ممنوع ٿي ويو. مسلمانن اهو يهودين کان ورتو هو جڏهين ته انهن وٽ اها روايت فرعون جي مصر مان آئي هئي. شراب واپرائڻ تي پابندِي نه هونڌي هئي پر مهانگي هئڻ ڪري ماڻهو اهو گھٽ استعمال ڪندا هئا، جڏهين ته سومرا حڪمران شوق سان ان جو استعمال ڪندا هئا. عام ماڻهن ۾ چرس ۽ ڀنگ جو استعمال عام هوندو هو.
سنڌ ۾ سومرن ۽ سمن جي دور کي، جيڪو يارهين صدي کان سورهين صدي يا وچئين دور تي مشتمل آهي، محبت ۽ پيار جو دور ڪري ليکيو وڃي ٿو پر هن دور ۾ عورتن جي حالت تي نظر وجھڻ سان ڪجھ حقيقتون واضح ٿين ٿيون. پهرين ڳالھه ته جيڪي به لوڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ان دور سان منسوب ڪيون وڃن ٿيون انهن جي ڪا حقيقت ناهي. اهي قصا سڀيئي سومرا دور کان اڳ جا آهن. مثال طور عمر مارئي جي قصي کي وٺئون ته اها خبر پئي ٿي ته تاريخ ۾ عمر نالي جا ٻه سومرا حڪمران گذريا آهن جن مان ڪنهن جي به گادي جو هنڌ عمر ڪوٽ نه رهيو آهي بلڪ اهي ٺري ۽ ٺٽي ۾ هئا جڏهين ته عمر ڪوٽ اصل ۾ راجپوت حاڪم امر سنگھ جي نالي پويان امر ڪوٽ آهي. ساڳي ريت جيتوڻيڪ سومرن حڪمرانن ۾ چار دودا ۽ ٻه چنيسر نالي جا حڪمران گذريا آهن پر انهن جو دور هڪ ٻئي کان مختلف رهيو آهي. اهڙي ريت دودي چنيسر واري ڪهاڻي پڻ هڪ ڏند ڪٿا کانسواٰ۽ ٻيو ڪجھ به ناهي.
انهن ڪهاڻين جو مقصد اصل ۾ عورتن ۾ وفاداري ۽ پارسائي پيدا ڪرڻ هو. انهن ڪهاڻين مان بهرحال هڪ اها ڳالھه سامهون اچي ٿي ته سنڌ ۾ شادين ۾ ذات پات کي گھڻي اهميت نه ڏني ويندي هئي جنهن جو وڏو مثال نوري ۽ ڄام تماچي جو قصو آهي جنهن ۾ هڪ راجا مهاڻي سان شادي ڪري ٿو ۽ ان کي ساڳي راڻي واري حيثيت حاصل هجي ٿي ۽ سندس اولاد کي به ساڳي حيثيت ڏني وڃي ٿي. سنڌ ۾ ٻڌازم ۽ اسماعيليت جي تعليمات ذات پات جي نظام کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
سومرا هندن جيان پنهنجي خاندان مان شاديون نه ڪندا هئا پر ساڳي وقت اهي غيرسومرن مان به شاديون نه ڪندا هئا. ساڳي ريت ليکڪ جو چوڻ آهي ته ٻار پيدا ٿيڻ کانپو۽ اهي پنهنجين زالن سان همبستري نه ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته سندن ليکي اهي ناپاڪ ٿي ويون هيون. اهو بلڪل ائين هو جيئن ميرا ڪپڙا ڌوئڻ کانپو۽ ٻيهر نه پائبا هئا. ماهواري جي دوران عورت کي گھر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏبو هو. سومرا ٻڌازم اسلام ۽ هندوازم جي گڌيل رسمن تي عمل ڪندا هئا. منجھن گھڻين شادين ڪرڻ جو رواج هو. جڏهين ته ٻئي پاسي منجھن بادشاهن ۽ راجپوت سردارن ۾ ستي جو لازمي رواج هو پرعام ماڻهو کي ان جي لا۽ بادشاه جي اجازت وٺڻي پوندي هئي. عورتن جي سماجي لحاظ کان ان گھٽ حيثيت هئڻ جي باوجود عورتن کي نه رڳو اهو ته دربار ۾ اچڻ جي اجازت هئي پر اهي ساڳي وقت رياستي معاملن ۾ رائي ڏيڻ جو حق پڻ رکنديون هيون ۽ ايستائين ته ان دور ۾ جيڪي عورت حڪمران رهيون انهن پڻ نهايت اطمينان سان پنهنجي مدو پوروڪيو ۽ انهن کي رضيا سلطانا جيان زوري تشدد وسيلي تخت کان محروم نه ڪيو ويو. ساڳي ريت عورت کي پنهنجي مڙس جي ملڪيت مان وراثت جو پڻ حق هوندو هو.
سومرن ۾ ڪي عجيب رسمون هيون. مثال طور اهي اجنبي ماڻهن جي آڏو کاڌو نه کائيندا هئا. سا ڳي ريت اهي پنهنجن مڙدن کي دفن به ڪندا هئا ۽ ٻاريندا به هئا. اهي مينهن جو گوشت وڏي شوق سان کائيندا هئا جڏهين ته هندو اهو استعمال نه ڪندا هئا. ڪنهن ڏوهاري جي معصوميت کي ثابت ڪرڻ لا۽ ان کان باه يا پاڻي جو امتحان ورتو ويندو هو. سومرا وهمن وسوسن ۽ جنن ڀوتن وغيره ۾ يقين رکندا هئا. وٽن هڪ خاص تصور اهو هوندو هو ته لاڙ جا ماڻهو جگر خور آهن ۽ اهي جگر کائي ماڻهو کي بيمار ڪري ڇڏيندا آهن. سندن عقيدا ٻڌازم، اسلام ۽ بت پرستي جو مجموعو هئا. قلندر سيوهڻ جي سڀني هندن کي مسلمان ڪيو جن سندس وفات کانپو۽ کيس شيوجي مندر ۾ دفن ڪيو مذهب تبديل ڪرڻ جي باوجود انهن ماڻهن پنهنجين عادتن کي ڌيري ڌيري ئي بدلايو. سومرن جي اسماعيلي مذهب اختيار ڪرڻ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو به هو ته ان ۾ سندن گھڻين انهن رسمن کي به شامل ڪيو ويو هو جيڪي سندن اڳوڻن مذهبن جو حصو هيون.
ليکڪ عام مشاهدي طور ٻڌائي ٿوته منگولن سنڌ کي ان ڪري تباه نه ڪيو هو ته کين هتان کاڌ خوراڪ ملندي هئي جڏهين ته جن علائقن کي اهي تباه ڪري رهيا هئا اهي کاڌ خوراڪ جي حوالي سان پوئتي پيل هئا. خوارزم شاه جي حملي جي حوالي سان هو ٻڌائي ٿو ته ڀنڀور يا ديبل مان جيڪي آثار مليا آهن آنهن مان اها خبر پئي ٿي ته ان شهر ۾ گھٽي گھٽي ۾ ويڙه ٿي هئي. ان شهر کي پو۽ خوارزم شاه باه ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو ۽ پو۽ اهو وري آباد ٿي نه سگھيو هو.

دجلا ۽ فرات جو ڌٻڻن وارو علائقو

ميسوپوٽيميا، ٻن دريائن، دجلا ۽ فرات جي وچ جي سرزمين آهي. جنهن جو گھڻو حصو عراق ۽ ڪجھ حصو ايران، شام ۽ ترڪي وٽ آهي. هتي ٻنهي دريائن ۾ پاڻي گھٽجڻ ڪري ڌٻڻ ۽ ڍنڍون وغيره ٺهن ٿيون. انهن ڌٻڻن جو گھڻو حصو ڏکڻ عراق ۽ ڪجھ حصو ايران ۾ آهي. ان علائقي کي ڌٻڻن وارو علائقو به چيو وڃي ٿو جيڪو اٽڪل ست هزار ست سو چورس ميل تي ڦهليل آهي. گھڻي ڀاڱي اهو ٽن ڌارپر هڪ ٻئي جي ويجھو مرڪزي، هويزي ۽ همار ڌٻڻن تي مشتمل علائقو آهي. هتي مختلف وڏيون پاڻي جون ڍنڍون آهن. اهو اولهندي يوريشيا جي ماحولياتي نظام جو وڏي ۾ وڏو پاڻي وارو علائقو ليکيو وڃي ٿو. 2016 ۾ انهن کي يونيسڪو جو ورثو قرار ڏنو ويو هو. رڻ پٽ ۾ ڄڻ اهو هڪ انوکو علائقو آهي جتي ماڻهن سان گڏوگڏ اٽڪل چاليه قسم جا پکي، مختلف قسم جون مڇيون ۽ وڏي پئماني تي ٻي جھنگلي جيوت آباد هئي. سردي جي موسم ۾ سائيبيريا مان وڏي پئماني تي پکي هتي ايندا هئا.
هتي مختلف ڳوٺ آهن جن جو لاڳاپو هڪ ٻئي سان رڳو ٻيڙين ذريعي رهي ٿو. ماڻهن جو گذارو سارين ۽ ٻي پوک ڪرڻ، مينهون پالڻ ۽ مڇين وغيره مارڻ تي آهي. تاريخي حوالي سان اهو نهايت اهم علائقو رهيو آهي. اها سرزمين بابل ۽ سميري تهذيب جو مرڪز رهي آهي ۽ هتي رهندڙ عربن کي سميرين جا وارث ڪري ليکيو ويندو آهي. هتي دنيا جي ٽن اهم قديم مذهبن جنم ورتو آهي. مينديئن ۽ ان ئي مذهب جي پوئلڳ جي گھر پيدا ٿيندڙ ماني جنهن هڪ نئين مذهب جي بنياد وڌي. ساڳي ريتِ يزيدي مذهب جي پڻ هن علائقي مان شروعات ٿي.
1950 جي ڏهاڪي ۾ انهن ڌٻڻن واري علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جي آبادي پنج لک هئي. ان وقت حڪومت پاران ان زمين، کي زراعت، تيل جي ڳولها ۽ ٻين مقصدن لاء استعمال ڪرڻ لاءِ پاڻي جي نيڪال ۽ علائقي کي خشڪ ڪرڻ جو عمل شروع ٿيو. جيڪو 1970 جي ڏهاڪي تائين معمول موجب هلندو رهيو. 1980 ۽ 1990 جي ڏهاڪن ۾ صدام حسين جي دور ۾ ان ۾ اڃا تيزي اچي ويئي. خاص طور عراق جي ڪويت تي حملي ۽ صدام جي شڪست کانپوء اهو عمل اڃا وڌيڪ تيز ٿي ويو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته ماڻهن جي روزگار جي ذريعن جي ختم ٿيڻ جي ڪري انهن پاڻ علائقي مان لڏڻ شروع ڪيو ۽ ٻيو هتي جيڪي مختلف مذهبن ۽ عقيدن جا ماڻهو آباد هئا انهن کي حڪومت پاران ملڪ جي سلامتي لاء خطرو سمجھي هتان لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڏٺو وڃي ته مينديئن، يزيدي ۽ ماني جي پوئلڳن جو هڪ ٿورو تعداد هتي رهندو هو جيڪي هميشه حڪومت سان گڏ ۽ ان جا حمايتي ئي هوندا هئا ۽ حڪومت کي انهن مان ڪو خطرو نه هوندو هو. انهن مان گھڻا ماڻهو ملڪ جي ٻين علائقن ۽ شهرن ڏانهن لڏي ويا. پر سياسي عدم استحڪام ۽ داعش ۽ ٻين مذهبي قوتن جي زور وٺڻ جي ڪري عراق جي سيڪيولر حيثيت متاثر ٿي ۽ مذهبي ٿورايون عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويون. ان جو اندازو خاص طور عراق ۽ شام جي مختلف علائقن تي داعش جي قبضي کانپوء يزيدين سان ڪيل ورتاء مان لڳائي سگھجي ٿو. ان ڪري انهن ماڻهن جي گھڻائي کي آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ڏانهن لڏڻو پيو. پاڻي ۾ رهڻ جي ڪري انهن ماڻهن جي مذهبن ۾ پاڻي جي هڪ خاص ۽ پوتر حيثيت آهي. اهي جتي ۽ جن ملڪن ۾ به ويا آهن اتي انهن پنهنجين انهن روايتن کي برقرار رکيو آهي.ِ دريا ۽ پاڻي جا ٻيا ذخيرا سندن لاء پوتر حيثيت جا حامل رهيا آهن.
دراصل صدام لاء اهم مسئلو اهو هو ته هتي ٻين مذهبن جي ڀيٽ ۾ شيعن جي گھڻائي هئي. عراق ۾ گھڻائي هوندي به شيعن سان امتيازي ورتاءُ ٿيندو رهيو هو ۽ اهي لاڳيتو رياستي ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار رهندا ٿي آيا. صدام جي حڪومت پاران کين هميشه پنهنجي لاء خطرو سمجھيو ٿي ويو ۽ شڪ جي نگاه سان ٿي ڏٺو ويو. ان ڪري صدام جي شڪست ۽ آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن جي هشي ڏيڻ تي بصره سميت انهن علائقن جي ماڻهن اهو سمجھيو ته صدام جيڪي ساڻن ناانصافيون ۽ ظلم ڪيا هئا اهو ان سڀ جي بدلي وٺڻ جو وقت هو جنهن ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ ٻيا سندن اتحادي سندن مدد ڪندا. پر اهو ڄڻ ساڻن دوکو ڪيو ويو هو. ڪنهن به ملڪ پاران سندن ساٿ نه ڏنو ويو ۽ صدام کي منهن ڏيڻ لاء کين اڪيلو ڇڏيو ويو. صدام نهايت وحشياڻي نموني ان بغاوت کي ڪچلي ڇڏيو. هزارين ماڻهن کي ماريو ۽ گرفتار ڪري ايذاء گھرن ڏانهن اماڻيو ويو. گھڻن مخالفن ڀڄي اچي انهن ڌٻڻن ۾ پناه ورتي. هتي رهندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ جيڪو ماڻهو پناه وٺڻ ايندو آهي اسان ان کي پناه ڏيندا آهيون پوء ڀلي هو حڪومت جو مخالف ڇو نه هجي. حڪومت پاران جيتوڻيڪ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر وغيره موڪليا ويا ۽ هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو پر ان علائقي ۾ گھربل ماڻهن کي هٿ ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم هو ۽ اڪثر ڪري ان سلسلي ۾ حڪومت کي ناڪامي کي ئي منهن ڏيڻو پيو هو.
ان جو حل اهو سوچيو ويو ته پاڻي نيڪال ڪري انهن ڌٻڻن کي ئي ختم ڪيو وڃي. ان مقصد لاء مختلف جاين تي ننڍا ڊيم، بند، نهرون ۽ ٻيون رڪاوٽون ٺاهيون ويون ته جيئن پاڻي جو رخ ٻئي پاسي ڪري سگھجي. 2003 ۾ عراق ۾ آمريڪي فوجن جي اچڻ وقت انهن ڌٻڻن جو نوي سيڪڙو ختم ٿي چڪو هو ۽ باقي ڏه سيڪڙو وڃي باقي بچيو هو جڏهين ته آبادي گھٽجي ويھه هزار وڃي رهي هئي. انهن مان گھڻا ماڻهو ايران ڏانهن لڏي ويا هئا. گھڻن پکين ۽ جانورن جا قسم ختم ٿي ويا ۽ گھڻن جو جياپو خطري ۾ آهي.
2003 کانپوءِ انهن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو. گھڻن ڊيمن ۽ ٻين رڪاوٽن وغيره کي ختم ڪيو ويو. رابرٽ فسڪ جڏهين عراق ۾ آمريڪي فوجن جي اچڻ وقت پهتوهو ته هن علائقي جي ماڻهن کيس ٻڌايو ته جڏهين اسان وري پاڻي اچڻ جو آواز ٻڌو ته اسان اتي پنهنجن گھرن ڏانهن وڃڻ شروع ڪيو. هتان ايران لڏي ويل گھڻا ماڻهو وري پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي آيا آهن. جيتوڻيڪ 2006 تائين ڌٻڻن جو اٺونجاه سيڪڙو بحال ٿي ويو هو. پر هڪ ته سوڪهڙي ۽ بيو دريائن جي ترڪي، ايران ۽ شام وارن مٿين علائقن ۾ ڊيمن جي ٺهڻ ڪري هتي پاڻي گھربل مقدار ۾ نه ٿو پهچي. ان ڪري گھڻن علائقن ۾ ڪلر جي ڪري زمين خراب ٿي ويئي آهي ۽ هاڻي اهي رڳو ٽيه سيڪڙو تائين ئي بحال ٿي سگھيون آهن.
اهو ممڪن نه ٿو لڳي ته ڌٻڻين جو اهو علائقو مڪمل طرح يا گھڻي حد تائين وري بحال ٿي سگھي. ان جي تباهي ماحولياتي لحاظ کان انسان ذات لاء هڪ وڏو هاڃو آهي.

جلاوطني جا ڏک

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۾ پنجاب ۽ بنگال جي ورهاست ۽ اتان ٻنهي پاسن جي ماڻهن جي لڏپلاڻ، قتل عام ۽ اهنجن تي ته گھڻو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ فلمون ۽ ڊراما ٺاهيا ويا آهن پر سنڌ ۾ جيڪي ڪجھ ان وقت هتان جي هندو سنڌين سان ٿيو ان کي ڇو غيراهم سمجھي خاطر ۾ نه آندو ويو آهي. ايستائين ته ٽي وي سيريلز تمس ۽ بنياد ٺاهڻ وارا به سنڌي هئا پر انهن ۾ به پنجاب جي ڪيس کي ئي پيش ڪيو ويو آهي جڏهين ته سنڌين جي اهنجن، تڪليفن ۽ لڏپلاڻ تي ڪا توجھ نه ڏني ويئي آهي. اهو اهم سوال آهي جيڪو انهن سنڌين جي ٽين پيڙهي پڇي رهي آهي جيڪي هتان ورهاڱي وقت ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن لڏي ويا هئا ۽ هن وقت اهي پنهنجي سڃاڻپ ۽ بڻ بنياد جي ڳولها ۾ آهن.عام خيال اهو آهي ۽ حقيقت به آهي ته ان وقت سنڌ ۾ ورهاڱي کان اڳ ۽ پو۽ به ان سطح جو تشدد ۽ رتوڇاڻ نه ٿي هئي جنهن مان بنگال ۽ پنجاب گذريا هئا ۽ جتي تشدد ۽ لڏپلاڻ جو عمل ورهاڱي جي باقاعدي اعلان کان اڳ ئي شروع ٿي ويو هو جڏهين ته سنڌ ۾ اهو ورهاڱي کان ڪجھ مهينا پوء ئي شروع ٿيو. ان ڪري ئي ڪانگريس جي قيادت شروع ۾ ان ڳالھه کي مڃڻ لاء تيار ئي نه هئي ته سنڌ ۾ هندو غيرمحفوظ آهن ۽ کين اتان لڏڻ جي ضرورت آهي. ان ڳالھه کي مڃڻ ۾ کين هڪ ڊگھو وقت لڳي ويو ته سوال رڳو ڪٿي ٿيندڙ تشدد ۽ رتوڇاڻ جو نه هوندو آهي پر ان سڄي ماحول جو به هوندو آهي جنهن ۾ سماج جي هڪ ٿورائي اهڙين حالتن کي منهن ڏيندي آهي جنهن ۾ اها نفسياتي لحاظ کان عدم تحفظ، ڊپ ۽ غير يقيني حالتن جو شڪار ٿي ويندي آهي ۽ کيس پنهنجي جان ۽ مال سان گڏوگڏ عزت وڃڻ ۽ ٻئين درجي واري شهري جي زندگي گذارڻ جو شديد احساس هوندو آهي. لاڳيتو ان صورتحال ۾ رهڻ ان لاء ممڪن نه هوندو آهي. سنڌ ان وقت اهڙين ئي حالتن مان گذري رهيو هو.
ان سلسلي ۾ خاص طور سرحد جي هن پار مختلف زاوين کان گھڻو ڪجھ لکجي رهيو آهي. ننديتا ڀاوناني جو تازو ڪتابThe Making of Exile-Sindhi Hindus and Partition of India اهڙو ئي هڪ اهم ڪتاب آهي جنهن کي لکڻ لاء هن ويزا جي سختين ۽ پابندين جي باوجود ٻه ٽي ڀيرا سنڌ اچي هتان جي مختلف ماڻهن سان ملاقات ڪئي. هن پنهنجي تحقيق ۾ مختلف ذريعن کي ڪم آندو آهي جن ۾ سرحد جي ٻنهي پاسن جي ورهاڱي جي مختلف ڪردارن سان انٽروين کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي .
ورهاڱي کان اڳ خاص طور تي منزل گاه واري تنازعي جي نتيجي ۾ ٿيل هندو مسلم فسادن سنڌ جي هندو ۽ مسلم آبادي ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي جنم ڏنو هو. ٿورائي ۾ هئڻ ڪري هندن ۾ هڪ غير يقيني واري ڪيفيت پيدا ٿي هئي جنهن جي ڪري منجھن آر ايس ايس ۽ ٻين هندو انتها پسند جماعتن جو زور وڌي ويو هو. ڪانگريس پاران ورهاڱي جي حمايت ۽ سندس پاران سنڌ کي پاڪستان جي حصي طور مڃڻ ڪري به هندن ۾ سندس حمايت کي ڌڪ لڳو جنهن جو فائدو پڻ انتها پسند جماعتن کي ٿيو. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ وڏي پئماني تي ڪي فساد شروع نه ٿيا هئا پر مختلف علائقن ۾ ڦورن، چورن ۽ ڌاڙيلن پاران صورتحال جو فائدو وٺندي هندن جي گھرن ۽ ملڪيتن تي حملا ۽ لڏيندڙن جي ريل گاڏين مان ڦرمار جا واقعا ٿيڻ لڳا هئا.
ان صورتحال کي ڏسندي گھڻا هندو ٻڏ تر جو شڪار هئا ته آيا سنڌ مان لڏڻ به گھرجي يا نه. ان سلسلي ۾ اها ڳالھه اهم هئي ته سنڌ پنهنجي ڌار سڃاڻپ ۽ ڪلچر وغيره جي باوجود به ننڍي کنڊ ۽ ان جي سياست جو هڪ اڻ ٽٽ حصو هو ۽ اتي جيڪي ڪجھ ٿي رهيو هو ان کان ڌار رهڻ ان جي لاء اٽڪل ناممڪن هو. جيتوڻيڪ مختلف اڳواڻن پاران مختلف علائقن لا۽ انگريزن کي مختلف رٿائون پيش ڪيون ويون پر انهن ننڍي کنڊ کي هڪ ايڪي طور ورتو ٿي جنهن کي انهن کي مسلم ۽ غيرمسلم گھڻائي وارن علائقن جي بنياد تي ٻن حصن ۾ ورهائڻو هو. ورهاڱي جي وڏي ٽريجڊي اها هئي ته ماڻهن پنهنجي ليکي پر بجا طورتي اهو سمجھي ورتو هو ته پاڪستان مسلمانن ۽ ڀارت هندن لاء مخصوص آهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هندوستان مان آيل پناهگيرن هندن ۽ سکن کي نئين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ نشانو بڻايو جڏهين ته پاڪستان مان لڏيندڙ سکن ۽ هندن ڀارت جي مسلمانن کي پنهنجي ڪاوڙ جو نشانو بڻايو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ جيڪي فساد ٿيا انهن ۾ وڏو هٿ لڏي آيل پناهگيرن جو هو جن پنهنجي ڪاوڙ اتي رهندڙ مخالف مذهب جي ماڻهن تي تشدد ڪري ڪڍي. پران سلسلي ۾ ڪاوڙ کان وڌيڪ هڪٻئي جي ملڪيتن ۽ گھرن تي قبضي کي فسادن جو هڪ اهم مادي ڪارڻ ڄاڻايو وڃي ٿو. ڪراچي، دلي ۽ لاهور وغيره جي آبادي ڏسندي ڏسندي رات وچ ۾ ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي ٿي ويئي جڏهين ته انهن شهرن ۾ نه ايتري گنجائش هئي ۽ نه ئي گھرن جو ايترو تعداد هو جيڪو ان سڄي واڌ کي کپائي سگھي ها. لڏي ايندڙن کي ان جو هڪ ئي حل نظر آيو ٿي ته مخالف مذهب جي ماڻهن کي تشدد ۽ ٻين طريقن سان تڙي سندن گھرن تي قبضا ڪيا وڃن. ڀارت مان آيل مسلمانن اهو ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي هندن سان ڪيو جڏهين ته پنجاب مان لڏيندڙ سکن ۽ هندن اهو سڀڪجھ دلي جي مسلمانن سان ڪيو ۽ سنڌ مان لڏيندڙ سنڌي هندن گجرات ۽ راجستان جي مسلمانن کي سندن گھرن مان تڙي ڪڍيو. ان سڄي لڏپلاڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته پاڪستان ته اٽڪل غير مسلم آبادي، جنهن ۾ هندن کانسواء گھڻا عيسائي، پارسي ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو جيڪي پڻ نئين صورتحال جي ڪري هڪ غير يقيني جو شڪار ٿي ويا هئا، کان خالي ٿي ويو جڏهين ته ڀارت ۾ مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد پوئتي رهجي ويو. اهڙي ريت ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنهي جو مخالف ملڪ ۾ رهندڙ پنهنجن هم مذهبن جي حفاظت لاء پنهنجي ملڪ ۾ مذهبي ٿوراين کي يرغمال ڪري رکڻ وارو نظريو ڪارائتو نه رهيو.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ جا شهر هندو گھڻائي جا شهر هئا جتي نوڪرين ۽ ڪاروبار وغيره ۾ کين مثڀرائپ حاصل هئي. ڪراچي خاص طور تي گذريل اٽڪل ٻن صدين کان ڄڻ ته هڪ هندو شهر هو. ورهاڱي کان فوري پوء جيئن هندوستان جي ٻين علائقن مان پناهگير لڏي ان شهر ۾ آيا تيئن آبادي جي هيئت مڪمل طور تبديل ٿي ويئي. شهرن جي آبادي ۾ واڌاري اچڻ سان گڏ اهي مسلم گھڻائي وارا شهر پڻ بڻجي ويا ۽ هندو هڪ ننڍي ثورائي ۾ بدلجي ويا. ان جو لازمي اثر اهو ٿيو ته شهر جي معاملن ۾ جيڪا سندن اهميت ۽ عمل دخل هو اهو ڄڻ ته ختم ٿي ويو. ان جو ٿورو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان وقت ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبرن ۾ غير مسلمن جي گھڻائي هئي جن کي پناهگيرن پاران سندن گھرن ۽ زمين وغيره جي الاٽمنٽ ۾ هڪ رڪاوٽ ڪري ليکيو پئي ويو ۽ سندن گھر هئي ته ان کي ٽوڙي نئين صورتحال ۽ حقيقتن موجب ان جي جوڙ جڪ ڪئي وڃي. ان ڪري حڪومت پاران ان گھر کي مڃيندي ان کي ٽوڙيو ويو.
سنڌ مان هندن جي پهرين وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جو محرڪ 20 ۽ 21 آگسٽ 1947 تي ڪوئيٽا ۾ رهندڙ هندن ۽ سکن، جن مان گھڻن جو واسطو سنڌ سان هو، تي ثيل حملا ۽ سندن قتل عام هو جنهن ۾ گھڻو هٿ اوڀر پنجاب مان فسادن جي ڪري لڏي ايندڙ پنجابي مسلمانن جو هو. ڪوئيٽا جي فسادن جي ڪري نه رڳو هتان هندن ۽ سکن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي پر ساڳي وقت سنڌ جي هندن ۾ پڻ هڪ ڊپ پيدا ٿيو جنهن هتان لڏپلاڻ جي عمل کي تيز ڪيو. پر ان کانپوءِ 6 جنوري 1948 تي ڪراچي ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ ٿيل فسادن، جن ۾ نه رڳو گھڻن هندن ۽ سکن کي ڪٺو ويو پر ڪراچي جي رتن تلاء جي علائقي ۾ هڪ گردواري، جنهن ۾ نوابشاه کان ڀارت لڏيندڙ سک ترسيل هئا، کي ماڻهن سميت باه ڏيئي ساڙيو ويو. سڄي شهر ۾ هندن تي حملن جو سلسلو شروع ٿي ويو. پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ فسادن کي روڪڻ ۽ امن امان کي قائم رکڻ لاء مختلف وقفن سان اٽڪل سو ڪلاڪن جو ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو. اهو سڀڪجھ اتي ئي ختم نه ٿي ٿيو پر اهو هڪ تسلسل ۽ لاڳيتو عمل هو ۽ جيڪو ڪنهن حد تائين اڃا به جاري آهي. هندوستان مان مسلمانن خلاف ڪنهن به ڪوڙي سچي خبر جهڙوڪ اجمير جي مزار تي حملي وغيره جو هتي هندن خلاف ردعمل هڪ لازمي ڳالھه هئي جنهن هڪ ڊپ ۽ غيريقيني جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي. ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جو ڪردار ٻڏتر وارو هو. ان ۾ اها ئي ساڳي ورهاڱي کان اڳ واري قيادت شامل هئي جنهن واضح طور سنڌ مان هندن جي لڏڻ جي ڳالھہ ڪئي ٿي ته جيئن انهن کي سندن زمينون، مال ملڪيت ۽ سماجي ۽ سياسي اثررسوخ حاصل ٿي سگھي. هڪ پاسي ته انهن پنهنجن شهرن ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ هندو آبادي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ وڳوڙين خلاف قدم کڻڻ چاهيو ٿي پر ساڳي وقت ان لاء انهن ڀارت جي ٻين حصن ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ سلوڪ کي هڪ جواز طور پيش ڪيو ٿي ۽ ٻئي پاسي مٿن مرڪزي حڪومت ۽ مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت، جنهن جي گھڻائي جو واسطو ڀارت جي مسلم ٿورائي وارن علائقن سان هو، پاران انهن وڳوڙين خلاف قدم نه کڻڻ لاء دٻاء پڻ هو. ان کانسواءِ کين اهو مسئلو به درپيش هو ته شهر ۾ وڌنڌڙ آبادي جي رهائش جي مسئلي کي ڪهڙي ريت حل ڪيو وڃي. ان جو فوري حل اهو ئي نظر آيو ٿي ته هندو هتان لڏي وڃن ته جيئن سندن جاين کي هندوستان مان ايندڙن کي الاٽ ڪري ان دٻاء کي ڪنهن حد تائين گھٽائي سگھجي. مختلف ماڻهن جي حوالي سان اها خبر پئي ٿي ته حڪومت پاران ان ڪارڻ به اهڙي لڏ پلاڻ جي همت افزائي ڪئي ٿي ويئي. رهائش ۽ ٻين ڏکيائين جي ڪري، جن جو هندوستان مان ايندڙ گھڻن ماڻهن کي اندازو نه هو، گھڻن ماڻهن ان وقت هندوستان ۾ پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃڻ کي ترجيح ڏني.
انهن واقعن ۽ اهڙي صورتحال کانپوء سنڌ جي هندن کي هتان لڏڻ جي فيصلي ڪرڻ ۾ گھڻي دير نه لڳي ۽ نه ئي سوچ ويچار جي ضرورت محسوس ٿي. سمنڊ ۽ خشڪي وسيلي ٿيندڙ ان لڏپلاڻ جي ڪري سنڌ ڄڻ هندن کان خالي ٿي ويئي. ان وقت سنڌ ۾ رهندڙ اٽڪل چوڏنهن لک هندن مان ٻارنهن لک ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن لڏي ويا. پر سندن آزمائشون ۽ امتحان رڳو ان لڏڻ سان ختم نه ٿي ٿيا. ڀارت جي حڪومت جي پهرين ترجيح پنجاب ۽ بنگال مان فسادن جي ڪري لڏيندڙ ماڻهو هئا جڏهين ته سنڌ جي ماڻهن کي انهن حالتن جو شڪار سمجھڻ بجائي پاڻ تي زوري ٿاڦيل سمجھيو ٿي. ان ڪري هتان ويندڙن کي جيڪا اهو غلط فهمي هئي ته اتي کين اکين تي ويهاريو ويندو ۽ ساڻن خاص ورتاء ٿيندو رڳو هڪ خام خيالي ثابت ٿي. جن جا مائٽ مٽ اڳ ۾ ئي بمبئي ۾ رهندڙ هئا يا جن اڳ ئي پيشبندي ڪندي ورهاڱي کان اڳ ئي اتي پنهنجي رهائش جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو انهن کي ته گھڻي ڏکيائي پيش نه آئي پرگھڻائي اهڙي هئي جن کي اهي سهولتون ميسر نه هيون انهن کي پنهنجي زندگي کي ڄڻ نئين سر شروع ڪرڻ هو. انهن مان گھڻن ۽ خاص طور تي اهي جيڪي سمنڊ رستي آيا هئا جي ترجيح هڪ وڏي شهر هئڻ ۽ اتي زندگي جون سڀ سهولتون موجود هئڻ ڪري بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ هو. جڏهين ته مهاراشٽر ۽ بمبئي جي مقامي سرڪار شهر جي وسيلن تي وڌيڪ بار وجھڻ بجائي اهو چاهيو ٿي ته رڳو هڪ خاص تعداد کي شهر ۾ رهايو وڃي ۽ ٻين کي ڀارت جي ٻين حصن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. ان معاملي ۾ حڪومت کي مزاحمت کي به منهن ڏيڻو پيو ۽ ساڳي وقت سختي به ڪرڻي پئي پر انهن گھڻن کي ملڪ جي ٻين حصن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. حڪومت پاران انهن شرنارٿين جي لاء ڪئمپ قائم ڪيا ويا جتي سندن کاڌ خوراڪ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو. بمئي شهرکان گھڻو پري فوجي بئرڪون هيون جيڪي ٻين مهاڀاري جنگ ۾ فوج جي استعمال ۾ هيون اتي انهن شرنارٿين کي رهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو. اها ڪئمپ جي زندگي گھڻن لحاظن کان هڪ ڏکي زندگي هئي. هڪ ڪمري ۾ گھڻن خاندانن کي ڪپڙي جو پڙدو ڏيئي رهڻو پوندو هو جنهن جي ڪرprivacy جهڙي ڪا ڳالھ نه رهي هئي. حاجت پوري ڪرڻ ۽ وهنجڻ وغيره لاء گڏيل ٽوائلئٽ هوندا هئا، جتي پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيهڻو پوندو هو. شهر تائين پهچڻ لاء ريل واحد ذريعو هئي پر ريلوي اسٽيشن به اتان گھڻي فاصلي تي هئي جتي پهچڻ لاء بس يا ٻي ڪنهن سواري جو ڪو بندوبست نه هوندو هو. جن ماڻهن کي پنهنجي روزگار،ِ تعليم يا ٻئي ڪنهن ڪم ڪار لاء بمبئي وڃڻو پوندو هو انهن کي اسٽيشن تائين صبوح جو سويل اٿي ڊگھو پنڌ ڪري اتي وڃڻو پوندو هو.
مختصر اهو چئجي ته اهي ماڻهو انهن حالتن مان گذريا ۽ انهن اهي سڀ مثبت ۽ منفي ڳالھہيون ۽ ڪم ڪيا جيڪي هڪ غيرمعمولي صورتحال، تشدد ۽ ڏڦيڙ جي ڪري پنهنجي وطن کان جلاوطن ماڻهن جو هڪ گروه ٻئي ملڪ ۾ پنهنجي جاء ٺاهڻ لاء ڪندو آهي. هڪ ته انهن ۾ اهڙا ماڻهو هئا جن پنهنجو پاڻ کي اجتماعي ڀلائي ۽ خاص طور تي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي قيام ۽ انهن کي هلائڻ لاء وقف ڪري ڇڏيو. ليکڪا حيدرآباد جي هڪ اهڙي استاد جو ذڪر به ڪيو آهي جيڪو ڪاليج جي ليبارٽري جي سامان کڻي وڃڻ جي اجازت نه هئڻ ڪري انهن مٿان گل وغيره وجھي انهن کي مورتيون ظاهر ڪري بمبئي کڻي وڃي اتي ليبارٽري قائم ڪئي هئي. انهن جي ڀيٽ ۾ عام سنڌي هندو جو رويو خاص طور تي اتان جي مقامي مسلمان سان اهو ئي هو جيڪو سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڀارت مان آيل مسلمانن هندن جي گھرن ۽ ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ لاء انهن سان روا رکيو هو. خالي گھرن تي قبضا ۽ مسلمانن کي زوري لڏائڻ لاء منجھن خوف هراس پيدا ڪرڻ هڪ معمول بڻجي ويو. گجرات ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ مسلمانن کي لڏائڻ لاء سنڌي هندن پاران تشدد جو سهارو ورتو ويو جنهن ۾ ڪيترا مسلمان مارجي ويا. ان سان گڏوگڏ مختلف ڪارڻن جي ڪري مقامي ماڻهن ۽ شرنارٿين ۾ ويڇا پڻ وڌي ويا. هڪ ته خاص طورتي بمبئي شهر ۾ گھرن جي گھرج وڌي وڃڻ ڪري انهن جي مسواڙ، پڳڙي ۽ قيمتن ۾ واڌارو اچي ويو جنهن جي ڪري اهي مقامي ماڻهن جي پهچ مان ٻاهر ٿي ويا ۽ جنهن جي لاء انهن بجا طور سنڌي هندن کي ذميوار قرار ڏنو ٿي. ٻيو ته سنڌين نوڪرين جي ڀيٽ ۾ گھڻو ڪري واپار کي ترجيح ڏني ٿي. ان مارڪيٽ ۾ پنهنجي جاء ٺاهڻ لاء کين مقامي واپاري سان چٽا ڀيٽي ڪرڻي هئي. ان جو بهترين طريقو کيس اهو نظر آيو ته مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي نفعي کي گھٽ رکجي ۽ اهڙي ريت گراهڪن کي پاڻ ڏانهن ڇڪجي. ان طريقه ڪار مقامي واپارين ۽ سندن وچ ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي.
ڀارت سنڌي هندن لاء ثقافت، ٻولي ۽ ايستائين ته مذهب جي حوالي سان به هڪ نئون ملڪ ۽ هڪ بلڪل ئي نئون ماحول هو. سنڌ ۾ سوين سالن تائين مسلم گھڻائي ۽ مسلم حڪمراني هيٺ رهڻ جي ڪري انهن پنهنجو پاڻ کي اتان جي ماحول سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ گھڻيون اهڙيون عادتون اختيار ڪري ورتيون هيون جن کي ڀارت ۽ خاص طور تي گجرات ۽ راجستان جي ڪٽر هندو معاشري ۾ قبول ڪرڻ ته پري جي ڳالھہ بلڪه بلڪل ئي رد ڪيو ٿي ويو. خاص طور تي گوشت استعمال ڪرڻ جي ڪري سنڌي هندن کي مسلمانن جي ويجھو سمجھي انهن کي رد ڪيو ٿي ويو ۽ انهن سان معاشرتي ميل جول کان پاسو ڪيو ٿي ويو. اهڙي ريت کين پاڻ کي نئين ماحول مطابق ڪرڻ لاء نه رڳو پراڻين عادتن کي ڇڏڻو پيو پر پاڻ کي پڪو هندو ثابت ڪرڻ لاء اڃا وڌيڪ جوش و خروش ڏيکارڻو پيو. ايل ڪي آڏواڻي ته وڏو اڳواڻ آهي جنهن جي ايوڌيا جي رٿ ياترا ۽ بابري مسجد ڊاهڻ وارن قدمن سڄي ننڍي کنڊ ۾ هڪ فرقيوارانه ڏڦيڙ پيدا ڪري ڇڏيو پر ليکڪا ٻڌائي ٿي ته اهو سنڌي هندن ۾ هڪ عام لاڙو آهي. هو مايا ڪودناني نالي گجرات جي هڪ سنڌي عورت جو مثال ڏئي ٿي جيڪا نهايت فخر سان ان ڳالھه جو ذڪر ڪري ٿي ته گجرات ۾ 2002 جي مسلم ڪش فسادن ۾ هن اٺانوي ڄڻن کي قتل ڪيو هو. ان ڪري جيڪڏهين نريندر مودي سنڌين جي تعريف ڪري ٿو ته بجائي خوش ٿيڻ جي اهو ڏسڻ گھرجي ته هو اهو ان ڪري پيو ڪري ته سنڌين ان سڄي ڪڌي ڪم ۾ سرگرمي سان حصو ورتو هو جنهن جي هن گجرات جي وڏي وزير هوندي اڳواڻي پئي ڪئي.
اها ڳالھه ته پنهنجي جاء تي آهي ته ڀارت ۾ سنڌي کي قومي ٻولين جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پر ليکڪا جو چوڻ آهي ته ساڳي وقت ديوناگري ۽ عربي رسم الخط کي رائج ڪرڻ جي ڪري هڪ مونجھاري واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي جنهن ٻولي کي فائدي پهچائڻ جي بجائي ان کي نقصان پهچايو آهي. پر ان کان به وڏو مسئلو سنڌين جو ڀارت جي معاشري سان مطابقت پيدا ڪرڻ آهي جنهن جي لاء هڪ پاسي ته اهي مذهبي لحاظ کان هندن کان وڌيڪ هندو ٿيڻ لاء تيار آهن ۽ سياسي لحاظ کان آرايس ايس جي ويجھو آهن جڏهين ته ٻئي پاسي اهي پنهنجي سنڌي هئڻ تان به هٿ کڻڻ لاء تيار آهن. مائٽ نه رڳو اهو ته پنهنجن ٻارن کي سنڌي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ۽ سنڌي پڙهائڻ لاء تيار ناهن پر ايستائين ته سندن اها ڪوشش هوندي آهي ته شرمندگي کان بچڻ لاء پاڻ کي سنڌي ظاهر نه ڪرڻو پئي. جڏهين ته ساڳي وقت کين پنهنجي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ جو به اونو هوندو آهي جنهن جي لاءِ اهي مختلف مذهبي ۽ ثقافتي تنظيمن ذريعي ڪم ڪندا آهن جيڪي رڳو سنڌين لاء مخصوص هونديون آهن. اها ڳالھه به پنهنجي ليکي سندن گڏجڻ جي عمل ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي.
ان ڳالھه جي باوجود ته معاشي لحاظ کان ڀارت ۾ سنڌي آسودا آهن پر سماجي ۽ سياسي لحاظ کان کين اڃا تائين ٻاهريون ياoutsider ڪري ليکيو وڃي ٿو. ان جو اندازو ان مان لڳايو ته پاڪستاني پنجاب مان لڏيندڙ موهن سنگھ ۽ گجرال ته ڀارت جي اقتدار جي سيڄ تي پهچي سگھن ٿا پر ايل ڪي آڏواڻي کي هزار ڪوششن جي باوجود ان جي لائق نه ٿو سمجھيو وڃي. ڀارت جي سماج ۾ گڏجڻ ۽ ساڳي وقت پنهنجي ڌار سڃاڻپ به برقرار رکڻ هن وقت اهڙو تڪليف ڏيندڙ مونجھارو آهي جنهن مان ڀارت جا سنڌي گذري رهيا آهن. اهو مونجھارو ڪيئن حل ٿئي ٿو ۽ ان ۾ گھڻو وقت لڳي ٿو ان جو جواب هن وقت نه ٿو ڏيئي سگھجي.

سوويت يونين جو وکرجڻ ۽ پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي

سوويت يونين جي وکرجڻ عالمي سطح تي ڪميونسٽ سياست کي هڪ بحران ۾ وجهي ڇڏيو هو. هڪ مونجھاري واري ڪيفيت پيدا ٿي ويئي هئي. گھڻا اڳواڻ پنهنجن نظرين تان ئي هٿ کڻي ويا ۽ گھڻن ملڪن جي جماعتن پنهنجن نظرين، پاليسين ۽ حڪمت عملي ۾ بنيادي تبديليون آنديون. پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي مختلف ڪارڻن جي ڪري تنظيمي ۽ نظرياتي تسلسل برقرار نه رکي سگھي ۽ هڪ افراتفري جو شڪار ٿي ويئي. ان جو هڪ وڏو ڪارڻ ته ملڪ ۾ ان وقت جڏهين سوويت يونين ۾ تبديلين جو عمل جاري هو سخت مارشل لاء لاڳو ٿيل هو، سياسي سرگرمين تي پابندي هئي، پارٽي جا گھڻا ڪارڪن ۽ اڳواڻ جيلن ۾ هئا، انڊر گرائونڊ هئا يا ملڪ کان ٻاهر جلاوطن هئا. پارٽي جي هڪ اهم اڳواڻ نذير عباسي کي شهيد ڪيو ويو هو. ان دوران پارٽي اندر گھڻيون تبديليون اچڻ شروع ٿيون هيون.
ان دوران هڪ ڊگھو عرصو جيل ۾ گذارڻ کانپو۽ جڏهين ڄام ساقي، جمال نقوي ۽ ڄام ساقي ڪيس جا ٻيا ڪجھ اسير جيل کان ٻاهر اچن ٿا ته صورتحال بلڪل بدليل هجي ٿي. پارٽي اها ساڳي نه رهي هئي. گھڻا نوان ماڻهو پارٽي ۾ شامل ٿي ويا هئا. پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾ اختلاف ۽ شڪ شبها وڌي ويا هئا. نذير جي شهادت جي حوالي سان گھڻن ڪارڪنن جمال نقوي ڏانهن آڱر کنئي ٿي ته هن جو ان ۾ ڪردار هو جڏهين ته هن ان کان انڪار ڪيو ٿي. جمال نقوي جو جيل مان نڪرڻ کانپوء اهو خيال هو ته پارٽي کي انهن ماڻهن کان صاف ڪرڻ جي ضرورت هئي جيڪي سندن غير موجودگي ۾ پارٽي ۾ داخل ٿي ويا هئا ۽ انهن پارٽي جي سڄي ڍانچي ۽ پاليسي کي تبديل ڪري ڇڏيو هو. انهن ۾ سندس چواڻي ميجر اسحاق جهڙا گھڻا ڪالهوڪا چين نواز رات وچ ۾ ماسڪو نواز ٿي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي ويا هئا. اها چڪتاڻ نيٺ پارٽي جي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجڻ تي پهچي ٿي. جمال نقوي پاڻ نه رڳو پارٽي کان ڌار ٿي وڃي ٿو پر مختلف سبب ڄاڻائي ماڳيئي سوشلسٽ نظرئي تائين ئي هٿ کڻي وڃي ٿو. جمال نقوي پنهنجي آتم ڪٿا Leaving The Left Behind ۾ ان سڄي ڪٿا کي به بيان ڪيو آهي.
هو 1932 ۾ ڀارت جي شهر الھه آباد ۾ پيدا ٿيو. پاڪستان 1949 ۾ پنهنجي ماءُ جي اصرار تي آيو. سندس لاڙو اڳ ئي پنهنجي هڪ ڪزن شفيق نقوي جي ڪري کاٻي ڌر ڏانهن هو. ڪراچي ۾ ان وقت هو محمد سرور، هارون احمد ۽ اديب رضوي وغيره سان گڏ ڊي ايس ايف جي پليٽ فارم تان شاگرد سياست ۾ سرگرم ٿي ويو. شاگردن جي گھرن وغيره جي حوالي سان ڪيل مظاهرن ۽ احتجاجن جي سلسلي کيس مختلف وقتن تي جيل به ڀوڳڻو پيو. سندس چوڻ موجب ان وقت ڊي ايس ايف جو ڪميونسٽ پارٽي سان ڪو تعلق نه هو پر حڪومت جي آمريڪا سان مختلف ٺاهن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪري ڪميونسٽ پارٽي سان گڏ ان تي به سختي وڌي ويئي ۽ انهن لاء ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو. ان جو هڪ نتيجو اهو ٿيو ته سندس سياسي پس منظر جي ڪري ايم اي ڪرڻ کانپوء ڪراچي ۾ ڪو ڪاليج ۽ يونيورسٽي کيس پاڻ وٽ ليڪچرار طور رکڻ لاء تيار نه هئا. مجبور ٿي حيدرآباد جي سٽي ڪاليج ۾ نوڪري ۾ لڳو. هتي هو ست سال رهيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي جو به ڪم ڪندو رهيو ۽ پارٽي پاران کيس مختلف ذميواريون ڏنيون ويون. هر هفتي سندس ڪراچي وڃڻ ٿيندو هو جنهن جو مقصد اتي ڪجھ دوستن سان ملڻ هو. حيدرآباد ۾ سندس تعلق سوڀو گيانچنداني سان ٿيو جنهن کي هو پنهنجو انٽئلڪچوئل گرو چئي ٿو. سندس چوڻ آهي ته ڄام ساقي کي ساڻس هتي هڪ ڪميونسٽ طور متعاف ڪرايو ويو ۽ هو هميشه کيس سٺن ۽ نه سٺن ڪارڻن جي ڪري ياد رهندو. اڳتي هلي کيس پارٽي پاران اوڀر بنگال جي پارٽي سان رابطي جو ڪم ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ هو لکي ٿو ته ٿوري وقت ۾ هو اٽڪل چاليه ڀيرا ان مقصد لاء اوڀر بنگال ويو پر اتان جي پارٽي جي اڳواڻن پاران کيس ڪا مثبت موٽ نه پئي ملي. هو اوله پاڪستان جي پارٽي تي اعتبار ڪرڻ ۽ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاء تيار نه هئا. نيٺ گھڻين ڪوششن کانپوء جڏهين ناتن ۾ ڪجھ بهتري اچڻ شروع ٿي ته ملڪ جي خراب ٿيندڙ سياسي حالتن جي ڪري سندس اتي وڃڻ بند ٿي ويو.
پارٽي پابندين ختم ٿيڻ کانپوء به پنهنجو ڪو فعال آزاد ڪردار ادا نه ڪري سگھي ۽ گھڻي ڀاڱي نيشنل عوامي پارٽي جي پاليسين تي هلندي رهي جن جو مقصد، جيئن جمال نقوي پاڻ چئي ٿو، پارٽي جي اڳواڻ ولي خان جا پنهنجي لاء فائدا حاصل ڪرڻا هئا، جنهن جي ڪري هن پنهنجي جماعت کي اوڀر بنگال ۾ ڀاشاني جي نعپ کان ڌار ڪري ڇڏيو هو. ڀٽو جي حوالي سان ڪجھ معاملن تي سوويت يونين جي ڏنل پاليسي تي پارٽي پاران عمل نه ڪيو ويو. مثال طور پارٽي صنعتن ۽ بينڪن وغيره جي نيشنيلائيزيشن جي ان ڪري مخالفت ٿي ڪئي ته ان سان سرمايو ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو جڏهين ته سوويت يونين ان کي ملڪ جي ماڻهن ۽ پورهيتن جي فائدي ۾ ٿي ڄاتو. ساڳي ريت سوويت يونين پاران پارٽي کي 1977 جي چونڊن ۾ ڀٽو جي حمايت ڪرڻ لاء چيو ويو هو پر پارٽي مخالف ڌر سان گڏ هئڻ ڪري پي اين اي جي پاسي هئي جنهن فيصلي تي ليکڪ پاڻ هاڻي پڇتاء جو اظهار ڪري ٿو.
1980 ۾ گرفتار ٿيڻ کانپوء ڪجھ سال جيل ۾ گذارڻ ۽ پوء آزاد ٿيڻ تائين ليکڪ پاڻ ۾ آيل ڪنهن نظرياتي تبديلي جو اشارو به نه ٿو ڏئي بلڪ هو پارٽي کي اڻ وڻندڙ ماڻهن کان صاف ڪرڻ جي ڪم جي شروعات ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ هو هڪ پاليسي پيپر تيار ڪري ٿو جنهن ۾ مختلف معاملن تي پارٽي جي موقف کي واضح ڪري ٿو ۽ انهن فيصلن تي تنقيد ڪري ٿو جيڪي سندس غيرموجودگي ۾ پارٽي ۾ نون آيل همراهن پاران کنيا ويا هئا. اهڙا اشارا هو ان وقت ڏيڻ شروع ڪري ٿو جڏهين سندس ڌيءَ هڪ ڪانفرنس جي سلسلي ۾ تاشقند ۽ ماسڪو وڃي ٿي ۽ اتان جي حالتن کي ڏسي مايوس ٿئي ٿي ۽ اهڙو اظهار پاڪستان واپسي تي پنهنجي پيءَ سان به ڪري ٿي. پر هو اڃا به ان سلسلي ۾ ڪو فيصلو نه پيو ڪري سگھي ۽ جڏهين سوويت يونين جي پارٽي پاران کيس هڪ ٻئي همراه سان گڏجي اتي ڪجھ وقت گذارڻ جي دعوت ڏني وڃي ٿي ته جيئن هن تازو جيل وغيره جون جيڪي سختيون سٺيون هيون انهن جو ڪجھ ازالو ٿي سگھي ته هو اتي وڃي اهو سڀڪجھ پاڻ ڏسڻ جو فيصلو ڪري ٿو جنهن متعلق سندس ڌي ۽ ٻين ماڻهن کيس ٻڌايو هو. منصور سعيد سان گڏجي جڏهين هو اتي پهچي ٿو ته انهن کي بليڪ سي جي تفريح گاه ڏانهن موڪليو وڃي ٿو پر سندس اصرار هجي ٿو ته کين واپس ماسڪو موڪليو وڃي ته جيئن هو سڄي صورتحال کي ڏسي سگھي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن سان ملي. ماسڪو ۾ هو ڏسي ٿو ته ضروري شين جي اڻاٺ هئي. ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن لاء ڌار اسٽور هئا جتيِ انهن لاء هر ڏيهي ۽ پرڏيهي شي دستياب هئي جڏهين ته عام ماڻهو کي ڊگھين قطارن ۾ بيهي انتظار ڪرڻو ۽ ضرورت جون شيون وٺڻيون پيون ٿي جن مان گھڻيون دستياب به نٿيون هجن. هو سوويت پارٽي جي اڳواڻن سان ملڻ چاهي ٿو پر ان سلسلي ۾ کيس ڪا مثبت موٽ نه ٿي ملي ۽ پارٽي بجائي پنهنجي ڪنهن اهم عهديدار کي ملاقات لاء موڪلڻ جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ڪاموري کي ساڻس ملاقات لاء موڪلي ٿي جنهن سان ملاقات مان هو مطمئن نه ٿو ٿئي. ٻيو ڀيرو به اهو ڪامورو ئي ساڻس ملاقات ڪري ٿو ۽ پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪندي کيس اهو باور ڪرائي ٿو ته جڏهين اسان اوهان کي پي اين اي جي ڀيٽ ۾ ڀٽو جي حمايت ڪرڻ لاء چيو هو ته اوهان اسان جي ڳالھه نه مڃي هئي. بهرحال هو اتي گھڻو وقت نه ٿو گذاري ۽ اٽڪل پندرنهن ڏينهن کانپوء موٽي اچي ٿو. سندس چوڻ موجب ته سندس ذهن ۾ اڻ تڻ هجي ٿي ۽ هو هڪ مونجھاري جو شڪار هجي ٿو. پر هو فوري طور پارٽي کي ڇڏڻ جو فيصلو نه ٿو ڪري ۽ ان کي عوامي بنياد ڏيڻ چاهي ٿو. فيصلي ڪن مرحلو ان وقت اچي ٿو جڏهين لياري ۾ ٿيل پارٽي ڪانگريس ۾ هو پنهنجو موقف اڃا پيش ڪري ئي ٿو ته کيس پنڊال مان هوٽنگ جي ڪري ماٺ ڪرڻو پئي ٿو ۽ هو پارٽي ڇڏڻ جو چوندي اتان هليو وڃي ٿو. سندس بين ا لسطور لکڻ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته کيس ان ڪري هوٽنگ ڪري ماٺ ٿيڻ لاء مجبور ڪيو ويو جو هو هن زمين جو پٽ نه هو. ڇاڪاڻ ته کانئس پوء اهي ساڳيون ڳالھہيون ڄام ساقي به اچي ڪيون پر ان کي ماٺ ڪري ٻڌو ويو.
ان کانپوءِ ڄام پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ٿيو. ڄام متعلق سندس رايو آهي ته هو ڪو نظرئي دان نه هو پر منجھس ماڻهن کي گڏ ڪرڻ، انهن کي اتساه ڏيڻ ۽ متحرڪ ڪرڻ جي بي پناه صلاحيت موجود هئي. ڄام ساڻس لاڳيتو رابطي ۾ رهندو هو. سندس پارٽي ڇڏڻ جي ڪجھ عرصي کانپوء هو وٽس آيو هو. ان وقت اتي پارٽي جو هڪ ٻيو ڪارڪن نديم اختر به ويٺو هو. ڄام کانئن صلاح ورتي ته ڇا کيس پارٽي ۾ وڌيڪ رهڻ کپي يا استعفا ڏيڻ گھرجي. ٻنهي کيس صلاح ڏني ته هو استعفا ڏئي. هو لکي ٿو ته ڄام کي جيڪر اها صلاح نه ڏئي ها ته بهتر هو. ڇاڪاڻ ته استعفا ڏيڻ کانپوء ڄام صوفي ۽ مولائي ٿي ويو. پر ان کانپوء به ڄام سان سندس فون تي باقاعدي رابطو رهندو ٿي آيو.
جمال نقوي اٽڪل پنهنجي زندگي جا چاليھه سال پارٽي لا۽ ڪم ڪندي گذاريا. آخر ۾ هو اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته ائين سندس سڄي زندگي ڄڻ رڃ جي پويان ڊوڙندي ضائع ٿي ويئي. ڏٺو وڃي ته، جيئن سندس آتم ڪٿا مان ظاهر ٿئي ٿو، هن آخر تائين اها ڪوشش ڪئي ته پارٽي سندس چئي ۽ ضابطي ۾ رهي پر هو ان ۾ ڪامياب نه ويو ۽ هن هڪ بيوسي محسوس ڪندي پارٽي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. هو پاڻ اها ڳالھه مڃي ٿو ته سندس طبيعت ۾ ضد ۽ لچڪ جو نه هئڻِ آهي ۽ اهڙي ڳالھه نه رڳو پارٽي جي ڪارڪنن پر ساڻس ڊگھو عرصو رهندڙ ۽ پارٽي ۾ گڏ ڪم ڪندڙ سندس دوست امام علي نازش ۽ ڀارت جي ڪميونسٽ پارٽي جي اهم عهديدار۽ سندس ڪزن شفيق نقوي به کيس چئي. پر سندس چوڻ آهي ته هو اهو سڀڪجھ پارٽي جي مفاد ۾ ڪري ٿو ۽ ائين ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگھي. ان سڀڪجھ جو نتيجو اهو نڪتو ته ٿورائي ۽ گھڻائي ڪجھ وقت کان پوء ٻيئي ختم ٿي ويا. هن وقت پارٽي ڪجھ ننڍڙن گروهن ۾ باقي آهي جڏهين ته عملي طور تي ان جو ڪردار ختم ٿي چڪو آهي.
ان کانپوء جمال نقوي جو عملي سياست ۾ ڪردار ڄڻ ختم ٿي ويو. هو ڪنهن به ٻي سياسي جماعت ۾ شامل نه ٿيو. سوشلزم جي متبادل طور هن صنعت ڪاري ۽ جمهوريت جو جيڪو خيال پيش ڪيو هو ان جي لاء هن هڪ فورم قائم ڪيو هو پر اهو هڪ ٻن گڏجاڻين کان وڌيڪ اڳتي هلي نه سگھيو. هڪ ته ان جي لاء پئسي جي ضرورت هئي جيڪو وٽن نه هو ۽ ٻي ڳالھہ ته اهو فورم نوجوانن کي پاڻ ڏانهن آڻي نه سگھيو هو. سندس چواڻي ته ان جو جيڪو گھٽ ۾ گھٽ عمر وارو رڪن نديم اختر هو ان جي عمر به ان وقت سٺ سال کان مٿي هئي.
جڏهين پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخ لکي ويندي ته ان ۾ جمال نقوي جي ڪردار کي ضرور بحث هيٺ آندو ويندو. هڪ پاسي پارٽي لاء سندس قربانين جو ذڪر ايندو ته ٻئي پاسي اها ڳالھه به سامهون ايندي ته پارٽي کي ختم ڪرڻ ۾ ٻين گھڻن همراهن سان گڏ سندس به هڪ اهم ڪردار هو.

مارڪس ۽ سوشلزم

ڄيٺمل پرسرام سنڌي ادب جو هڪ اهم نالو آهي. مختلف موضوعن تي سنڌي ۽ انگريزي ۾ هن جا اٽڪل پنجاه کن ڪتاب آهن. تازو سندس 1926 ۾ شائع ٿيل ڪتابڙي سوشلزم (ساميه واد) کي ڪتاب پبلشرز پاران اسلم خواجه ڪارل مارڪس ۽ سوشلزم (ساميواد) جي نالي سان ٻيهر ڇپرائي سامهون آندو آهي. ڄيٺمل ساڳي وقت صوفي ازم سان به لاڳاپيل هو ۽ هڪ سوشلسٽ به هو. هو زندگي جي انهن ٻنهي طريقن ۾ ڪو تضاد نه سمجھندو هو. هو لکي ٿو ته ”منهنجو رايو آهي ته ڌرم ئي آهي جو ساميه واد جو سچو بنياد ٿي سگھي ٿو. پر انهي ۾ به ڪو شڪ ڪونه آهي ته ڌرم ۽ نيتي ۾ شاهوڪاري جزا سمائجي ويا آهن جنهن ڪري نيتي ۽ ڌرم کي اخلاق ۽ مذهب کي رنگ شاهوڪاري لڳي ويو آھي.“
هو ان ڳالھه ۾ واضح آهي ته ملڪيت ۽ شاهوڪاري جو نه ته محنت سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي اهو ڪو ڪرم جو ڦل آهي پر اها سنئين سڌي ڦرمار آهي جنهن ۾ ڏاڍ، زور ۽ زبردستي وسيلي ماڻهن جي گھڻائي کي محڪوم، غريب ۽ مسڪين ڪري رکيو وڃي ٿو. هو چئي ٿو ته ”ساميه وادي ثابت ڪري رهيا آهن ته ملڪيت آهي چوري“ ان جو علاج هو هڪ لوڪشاهي يعني ماڻهن جي گھڻائي جي حڪومت ڄاڻائي ٿو جنهن ۾ سڀني ماڻهن کي هڪ انسانن جهڙي زندگي گذارڻ جون سهولتون حاصل هجن.
ان سان گڏوگڏ ڄيٺمل پرسرام جو سنڌ ۾ صوفي ازم، سچل سرمست ۽ خاص طور تي ڀٽائي جي حوالي سان تفصيلي ڪم ٿيل آهي. اها ڳالھه سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته جيڪي ادارا خاص طور تي ان ڪم لاء مختلف يونيورسٽين وغيره ۾ قائم ڪيا ويا آهن اهي ان پاسي توجھ ڇو نه ٿا ڏين. جيڪڏهين ڪا نئين تحقيق ۽ نئون ڪم نه ٿو ٿي سگھي ته ائين ته ڪري سگھجي ٿو ته اڳ جيڪو ڪم ٿيل آهي ان کي سامهون آڻجي جيڪو پڻ نئين ڪم لاء به هڪ اتساه ۽ بنياد فراهم ڪري سگھي ٿو.

چندر ۽ نئون ادب ۽ نيون ڳالھيون

نئون ادب نيون ڳالھيون چندر ڪيسواڻي جو نئون ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس شاعري جا ٻه ڪتاب زندگي، خواب ۽ خود ڪشي ۽ روپوش محبت ڇپجي چڪا آهن.
اسان مان گھڻن وانگر چندر جو ادبي حوالو پڻ سنڌي ادبي سنگت آهي. هڪ اهڙي نرسري جنهن نه رڳو اديبن جي هڪ کان وڌيڪ نسلن جي تربيت جو فرض انجام ڏنو آهي پر گھڻن سياسي ڪارڪنن کي آمريتن جي دور ۾، جڏهين سياسي سرگرمين تي پابندي ۽ اظهار جي آزادي تي پهرا هوندا هئا، هڪ اجھو ۽ اظهار جو ذريعو مهيا ڪيو هو. سنگت جي اها ساک ئي آهي جنهن جي ڪري اڃا تائين ايڏي ڀڃ ڊاه جي باوجود به ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي سماج ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو.
دوستي ۾ شايد وقت جو احساس نه رهندو آهي ۽ خاص طور تي ان وقت جڏهين ذهني آهنگي وڌنڌڙ هجي ۽ ماڻهو ڏينهون ڏينهن هڪٻئي جي ويجھو ٿيندو وڃي. مون کي سالن جي ڳڻپ ياد ناهي پر چندر شايد منهنجن ڪجھ اهڙن دوستن مان آهي جن لاء مون کي محسوس ٿيندو آهي ته اهي هميشه مون سان گڏ رهيا آهن پوء ڀلي ساڻن سالن جا سال بالمشافه ملاقات نه ٿي هجي.
ضياءالحق جي دور ۾ خاص طور تي ڪراچي سنگت سنڌ جي سڀني قوم پرست ۽ ترقي پسند سياسي ڪارڪنن لاء هڪ اجھي مثل هئي. سنگت جي گڏجاڻين جي اهڙي ڇڪ هوندي هئي جو سنڌ جي مختلف شهرن مان ماڻهو ڪهي ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاء پهچندا هئا. اهو ممڪن ئي نه هوندو هو ته خميس جي ڏينهن ڪو سنڌي اديب ۽ سياسي ڪارڪن ڪراچي ۾ موجود هجي ۽ سنگت جي گڏجاڻي ۾ شريڪ نه ٿئي. چندر به اهڙن ماڻهن ۾ شامل هوندو هو.
سنگت جي تنقيدي ڪلاسن ۾ پيش ڪيل اسمن تي تنقيد جو مطلب شريڪ ٿيندڙن ۽ تخليقڪار جي تربيت هونڌو هو. ان دور جي ڪراچي سنگت جي دوستن کي ان ڳالھه جو چڱي ريت اندازو هوندو ته هڪ ته تنقيد جي نوعيت ذاتي نه هوندي هئي ۽ ٻي ڳالھه ته دوستي يا ننڍي وڏي هئڻ ڪري ڪنهن سان رو رعايت نه ڪئي ويندي هئي ۽ ان کان وڌيڪ اهم ڳالھه ته اهڙي تنقيد سان ذاتي ناتا بجائي خراب ٿيڻ جي اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيندا هئا جيڪي اڃا تائين مختلف طريقن سان هلندا اچن.
سياسي جماعتن جي سرگرمين کان پاسيرو ٿيڻ ۽ سنگت ۾ سرگرم ٿيڻ تي مون کي ان وقت هڪ دوست مهڻو ڏيندي چيو هو ته دنيا ۾ ماڻهو ادبي تنظيمن کان سياسي جماعتن ڏانهن ويندا آهن جڏهين ته اوهان سياسي تنظيم کان ادب ڏانهن موٽ کاڌي آهي. پر ڏٺو وڃي ته ان سلسلي ۾ آئون اڪيلو نه هوس گھڻا اهڙا سياسي ڪارڪن هئا جن سنگت کي پنهنجين سرگرمين ۽ اظهار جو ذريعو بڻايو هو. ان جو ڪارڻ منهنجي خيال ۾ رياستي ڏاڍ ۽ تشدد ته هو ئي پر ساڳي وقت ان وقت سنڌ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست تنظيمن ۾ جيڪا ٽوڙ ڦوڙ ٿي رهي هئي ان گھڻن کي مايوس ۽ بيزار ڪري ڇڏيو هو.
اهو ذڪر مون ان ڪري ڪيو آهي ته چندر به انهن سياسي ڪارڪنن مان ئي هو جيڪي جيتوڻيڪ ان وقت سياست ۾ سرگرم هئا پر ساڳي وقت منجھن هڪ تبديلي جو عمل پڻ جاري هو ۽ سنگت ڄڻ سندن لاء هڪ متبادل اجھو هو. سوويت يونين جو ٽٽڻ ۽ کاٻي ڌر جو وکرجڻ اهڙن ڪارڪنن لاء آخري ڌڪ ۽ گھڻن لاء سياست کان بيزاري جو آخري بهانو هو.
ڪنهن سياسي جماعت سان سلهاڙيل نه هجڻ ۽ غير سياسي هئڻ ٻه ڌار ڳالھہيون آهن. منهنجي نظر ۾ ڪنهن سياسي جماعت سان وابستا نه هوندي به ماڻهو پنهنجو سياسي موقف ۽ رايو رکي سگھي ٿو. پر هن وقت Depoliticization گھڻو وڌي ويئي آهي ۽ آئون سمجھان ٿو ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جو جيڪو هڪ وڏو تعداد Depoliticize ٿيوآهي ان ۾ چندر به شامل آهي. ان جو رڳو هڪ مثال ڪتاب ۾ شامل مضمون جنگ، انقلاب ۽ شاعري ۾ استعمال ڪيل لفظ ڳاڙها ڪامريڊ آهي. ان هڪ لفظ ۾ جيترو طنز ۽ جيتري نفرت سمويل آهي ان کي رڳو محسوس ڪري سگھجي ٿو.
بهرحال سنڌو مان هاڻي گھڻو پاڻي وهي چڪوآهي. هن وقت چندر جو سياست سان ڪوبه واسطو ناهي. هاڻي سندس واسطو اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن سان آهي. ساڳي وقت هو هڪ نه ٻئي نموني سنگت سان پڻ سلهاڙيل آهي. سندس لاڳيتو ايندڙ ڪتاب ان ڳالھہ جي گواهي آهن ته هو هاڻي هڪ مستند ليکڪ آهي ۽ سندس شخصيت جي تبديلي وارو عمل گھڻي ڀاڱي مڪمل ٿي چڪو آهي.
هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن ۽ شخصيتن تي مضمون شامل آهن. اها واقعي خوش قسمتي آهي ته هن دور ۾ اياز ۽ موهن ڪلپنا جهڙا ليکڪ رهيا آهن جيڪي اسان جا همعصر آهن ۽ جن پنهنجين لکڻين سان هڪ نئون اتساه ڏنو آهي.
اياز جي حوالي سان ڪتاب ۾ ٻه مضمون شيخ اياز_پڇاڙڪو عڪس ۽ ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر شامل آهن. اياز جي حوالي سان سنڌي اديبن ۾ هڪ عقيدت جو لاڙو حاوي آهي. اياز تي تنقيد ڪندڙ ڄڻ ته outcast ٿيو وڃي. چندر ان روايت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پهرئين مضمون ۾ ليکڪ پاڻ کي پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اياز جيئن سوچيو پئي تيئن ان کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر جيئن ته اهو ڪو انٽرويو نه پر تاثر ۽ مضمون آهي ان ڪري ان ۾ ليکڪ جو پنهنجو رايو هئڻ ضروري آهي. جڏهين ته ٻئي مضمون کي پڻ موهن ڪلپنا جي طارق اشرف کي اياز متعلق لکيل تعريفي خط کان شروع ڪندي ائين ئي ختم ڪيو ويو آهي. هڪ ترقي پسند ليکڪ جي سڃاڻپ رکڻ جي ڪري چندر کي روايتن کي ٽوڙڻ جو ڪم ڪنهن حد تائين ته ڪرڻ گهرجي ها.
موهن تي مضمون نهايت جامع ۽ مختلف پاسن جو احاطو ڪندڙ آهي. ايستائين ته پڙهندڙ واقعي موهن کي محسوس ڪرڻ شروع ڪري ٿو. پر هتي پڻ ساڳي ريت پڙهندڙ کي ليڱڪ جي تنقيدي اپروچ جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. خاص طور تي موهن جي نظرياتي حوالي سان جڏهين هو آر ايس ايس سان لاڳاپيل هوجنهن جو هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پڻ ذڪر ڪيو آهي.
ائين ناهي ته ليکڪ جو اهو رويو سڀني مضمونن ۾ آهي ڇاڪاڻ ته جڏهين هو امير ابڙو جي ڪتاب ڪانئر جو موت جو جائزو وٺي ٿو ته ان ۾ ڪنهن به قسم جي رو رعايت کان پاسو ڪري ٿو ۽ جنهن کي غلط ۽ صحيح سمجھي ٿو ان جو اظهار ڪري ٿو.
سنگت ڪراچي جي اها خاصيت هوندي هئي ته ان پاڻ کي رڳو ادب جي ڪجھ صنفن تائين محدود نه رکيو هوپر پنهنجي دائري کي وڌائي مختلف سماجي ۽ سياسي موضوعن کي پڻ ان ۾ شامل ڪيو هو. ڪتاب ۾ شامل پهريون مضمون سنڌي عورت جو سماجي اڀياس اهڙي ئي هڪ سيمينار ۾ پڙهيو ويو هو. اهو تاريخي حوالن سان نهايت ڀرپور مضمون آهي ۽ منهنجي خيال ۾ اهو ساڳي ريت اڄ جي حالتن سان پڻ مطابقت رکي ٿو.
ڪتاب ۾ چندر جي ٽهي جي گھڻن ليکڪن جهڙوڪ اميرابڙو، انورابڙو، جان خاصخيلي ۽ غفار تبسم وغيره جي ڪتابن تي ليک شامل آهن. تاجل بيوس جي سفرنامي ”ڏور به اوڏا سپرين“ تي هڪ تفصيلي ليک ڪتاب ۾ شامل آهي.
شاعري ۽ سٺو ادب ته سرجبو ئي گھڻي ڀاڱي ڏکين حالتن ۾ آهي. جيئن امر جليل جو چوڻ آهي ته جڏهين معاشري ۾ گھٽ، ٻوسٽ، ڇڪتاڻ ۽ ڏاڍ هوندو آهي ته هو سمجھندو آهي ته اهو تخليق لاء مناسب ۽ سازگار وقت آهي. مون کي اها ڳالھه سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته چندر کي ڪنهن جنگ جي وقت شاعري ڪرڻ کان روڪيو هو جو کيس جنگ، انقلاب ۽ شاعري لکڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.
ڪتاب ۾ هر مضمون جي ايتري وقعت آهي جو ان تي ڌار مضمون لکي سگھجي ٿو. ليکڪ گھڻن نون لاڙن، نين بحثن ۽ نون موضوعن کان متعارف ڪرايو آهي. پڙهندڙ کي يقينن سندس ايندڙ ڪتابن جو انتظار رهندو.

ننڍڙو چنڊ

انور جو اهو ناول ننڍڙو چنڊ پنهنجي ٻولي، مزاج ۽ موڊ جي حوالي سان ٻارن متعلق سندس اڳوڻي ناول ڀڳل رانديڪو کان بلڪل ئي مختلف آهي. هڪ پي سرمد پنهنجي پٽ عتيق جي ڄمڻ کي انجوائي ڪري ٿو ۽ شروع ڏينهن کان ان جي تربيت ڪري ٿو ۽ پنهنجو پرائم ٽائيم ان کي ڏئي ٿو. جيتوڻييڪ سرمد کي ڪراچي شهر ۾ رهندي ٽيه سال ٿيا آهن پر سندس ٻالپڻ ۽ ننڍپڻ جو سڄو پس منظر عتيق کان مختلف آهي جيڪو شهر ۾ ڄائو آهي ۽ اتان جي ماحول ۾ ئي وڏو ٿي رهيو آهي. سرمد ان کي پنهنجو ڳوٺ ۽ سڄي سنڌ گھمائي ٿو ته جيئن منجھس اهي جزا به شامل ٿين جيڪي منجھس آهن ۽ هو رڳو هڪ شهري بابو بڻجي پنهنجي ڳوٺ، ماڻهن ۽ ڪلچر کان ڪٽجي نه وڃي.
ان سڀ جي باوجود عتيق خاص طور تي ٻولي جي حوالي سان ڪجھ اهڙا اثر قبول ڪري ٿو جيڪي سرمد لاء اڻ وڻندڙ آهن ۽ هو انهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر ڏٺو وڃي ته سرمد پاڻ انهن اثرن کان بچي نه سگھيو آهي. مثال طور هو مختلف جاين اڱڻ بدران صحن جو لفظ استعمال ڪري ٿو ۽ ڪڪرن جي بجائي عتيق کي اهو ٻڌائي ٿو ته اهي بادل آهن. مجموعي طور ٻار ۽ پي جي ناتي جي حوالي سان اها انور جي هڪ انوکي ۽ غير روايتي ڪوشش آهي.

غلام مصطفيٰ لاکو جي يادگيري

غلام مصطفيٰ لاکو انهن دوستن مان هو جن سان واقفيت عوامي تحريڪ سان تعلق جي ڪري ٿي. اها اٽڪل پنجٽيھه چاليھه سال پراڻي ڳالھه آهي. ان وقت ڪراچي پر امن هو ۽ نسلي ۽ لساني فسادن ۽ مافيائن جي ور نه چڙهيو هو. لاکو، صوبل خان بلوچ، سراج سومرو ۽ ارباب نوناري وغيره الڪرم اسڪوائر جي ويجھو ايف سي ايريا جي سرڪاري فليٽن ۾ رهندا هئا. لاکو ۽ صوبل خان اتي ڇڙا رهندا هئا ۽ انهن جو فليٽ ڄڻ پارٽي جي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن کان ايندڙ دوستن لاء اوطاق هوندي هئي جتي کين مفت رهائش، کاڌو پيتو ۽ مختلف دوستن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ وغيره جا موقعا ميسر ايندا هئا. هتي منهنجو اڪثر بلڪه هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا اچڻ ٿيندوهو. مصطفيٰ ان وقت سرڪاري نوڪري ۾ هو پر پنهنجي آزاد طبيعت جي ڪري آفيسرن جي ڪاڻ نه ڪڍڻ ۽ انهن جي هر جائز ناجائز ڳالھه کي نه مڃڻ جي ڪري نوڪري ڄڻ سندس مزاج وٽان نه هئي ۽ هن جلد ئي نوڪري مان پاڻ کي آجو ڪري وڪالت شروع ڪئي. عوامي تحريڪ به اسان گڏ ئي ڇڏي هئي ۽ پوء ڪجھ عرصو مختلف سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن سان رهڻ کان پوء هر ڪنهن پنهنجي واٽ ورتي.
ان دور ۾ ڪراچي سنگت جي حوالي سان به مصطفيٰ ڪجھ عرصو گڏ رهيو. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ابراهيم جوئي تي سنڌ مدرسي ۾ سنگت جي ڪيل هڪ پروگرام ۾ سندس پڙهيل هڪ مضمون ابراهيم جوئي کي ڪاوڙائي ۽ چيڙائي وڌو هو ۽ هن پنهنجي جواب ۾ بجائي کيس مناسب جواب ڏيڻ جي کيس جماعت اسلامي جو ايجنٽ قرار ڏنو هو. مصطفيٰ جي مضمون جي ايڊيٽنگ کان پوء به جويو ان کان مطمئن نه هو ۽ آئون جڏهين ان ڪتاب جي ڇپائي جي سلسلي ۾ ساڻس سندس حيدرآباد واري گھر ۾ مليو هوس ته هن اها ساڳي ڳالھه مون سان به ڪئي هئي. لاکي جو مضمون ۽ جوئي جو جواب ٻيئي سنگت ڪراچي جي ڇپايل ڪتاب ادبي گڏجاڻي ۾ موجود آهن.
وقت سان گڏ سنگت ۾ به سندس اچڻ گھٽجي ويو ۽ اسان ٻنهي جي ملڻ جا بهانا به ڄڻ ختم ٿي ويا. ڪڏهين ڪنهن تقريب ۾ پريس ڪلب يا آرٽس ڪائونسل وغيره ۾ ساڻس ملاقات ٿي ويندي هئي. اهڙي ريت اخبارن ۽ دوستن وغيره ذريعي سندس خبرچار ملندي رهندي هئي پر ساڻس هڪ ڊگھي عرصي کان ذاتي ڪچهري ۽ حال احوال نه ٿي سگھيا ۽ نه ئي هڪٻئي جي زندگين ۾ آيل تبديلين جي ڪا ڄاڻ ملي سگھي.

چنگيز خان ۽ مذهب ڏانهن سندس رويو

تاريخ ۾ جن ماڻهن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي انهن ۾ چنگيز خان جو نالو به نه رڳو شامل آهي پر هڪ نهايت اهم حيثيت رکي ٿو. هو ڪنهن بادشاه يا سردار جو پٽ نه هو بلڪه هڪ اهڙي ماءُ جو پٽ هو جنهن کي سندس پي ان وقت اغوا ڪري کڻي آيو هو جڏهين ان کي حمل هو ۽ ڪجھ وقت کانپوء کيس پٽ ڄمڻو هو جنهن جو نالو تيموجين رکيو ويو ۽ جيڪو پو۽ اڳتي هلي جڳ جهان ۾ چنگيز خان جي نالي سان سڃاتو ويو. تيموجين، سندس ماء ۽ ٻئي خاندان سان سندس پي جي مرڻ کانپوء سندن قبيلي وارن سڀ سماجي ناتا ختم ڪري ڇڏيا ۽ کين قبيلي ۽ پنهنجي علائقي مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي. انهن کي پوء برکان کلدون نالي جبل وٽ پناه وٺڻي پيئي جتي هر وقت کين دشمن جو ڊپ رهندو هو ۽ ان کان بچاء لاء پناه گاهون ڳولڻيون پونديون هيون.
تيموجين جو پنهنجي بهادري ۽ خاندان ۾ پنهنجي مٿڀرائپ کي ثابت ڪرڻ جو پهريون عمل پنهنجي ننڍي ڀاء سان گڏجي پنهنجي ماٽيجي وڏي ڀاء کي قتل ڪرڻ هو ته جيئن خاندان تي سندس ضابطو رهي ۽ سندس حڪم هلي سگھي. ان کانپوء مختلف قبيلن سان اتحاد ۽ ويڙه وسيلي هو پنهنجي طاقت ۽ اقتدار جي دائري کي وڌائيندو ويو. ايستائين ته چيو وچي ٿو ته ان وقت ايشيا ۽ يورپ جا جيڪي ملڪ هئا اهي سڀ اٽڪل ڏيڍ سو سالن کان وڌيڪ جي عرصي تائين سندس پنهنجي ۽ سندس خاندان جي زير اثر رهيا.
هن وقت موضوع Jack Weatherfordجوهڪ ڪتاب Genghis Khan And The Quest for God آهي جيڪو ٻين ڳالھہين سان گڏ ان ڳالھه سان بحث ڪري ٿو ته چنگيز خان جو فتح ڪيل علائقن جي ماڻهن، جن جو مذهب کانئس مختلف هو، سان خاص طور تي مذهبي حوالي سان ڪهڙو ورتاء رهيو ۽ انهن جي مذهبن ڏانهن مجموعي طور سندس رويو ڇا هو. هو پاڻ بنيادي طور فطرت پرست هو ۽ سندس لاء بجائي عمارتن واري عبادتگاهن ۾ وڃڻ ۽ بتن مجسمن وغيره اڳيان مٿو ٽيڪڻ جي سج، چنڊ، وڻ،ِ جبل ۽ دريا وغيره وڌيڪ اهميت رکندا هئا. هو آخر تائين برکان کلدون جبل، جتي هن پنهنجي قبيلي وارن کان ڀڄي پناه ورتي هئي ۽ جتي هن پنهنجو ننڍپڻ گذاريو هو، کي پوتر ۽ مقدس سمجھندو هو ۽ جڏهين به کيس ڪا ڏکيائي پيش ايندي هئي ته هو اچي جبل تي سوچ ويچار ڪندو هو ۽ پوء هيٺ اچي ماڻهن کي ٻڌائيندو هو ته کيس ڪهڙي بشارت ملي آھي ۽ هاڻي کين ڇا ڪرڻو پوندو. هو جيڪي ملڪ ۽ علائقا فتح ڪندو هو ته اتان جي ماڻهن کي چوندو هو ته اوهان جا حڪمران ۽ مذهبي اڳواڻ عياشين ۾ پورا آهن ۽ اهي جيئن ته خدا، ان جي پيغام ۽ ماڻهن سان سچا ناهن ان ڪري خدا مون کي انهن کي سزا ڏيڻ لاء موڪليو آهي ۽ انهن تي سوڀارو ڪيو آهي.
هن پنهنجي صحرا ۾ پهرين جنهن حڪمران جي اطاعت قبول ڪئي اهو عيسائي مذهب جو پوئلڳ هو پر پوء ان پاڻ ان سان بغاوت ڪري ان جي سلطنت تي قبضو ڪري ورتو. ان خاندان جي عورتن سان هن پاڻ ۽ پنهنجن پٽن جون شاديون ڪرايون ۽ اهڙي ريت عيسائيت هڪ لحاظ کان سندس خاندان ۾ داخل ٿي. پر ان نه ته سندس عقيدي کي متاثر ڪيو ۽ نه ئي هن انهن جي عقيدي ۾ مداخلت ڪئي. ساڳي ريت وچ ايشيا ۽ ايران وغيره ۾ سندس واسطو مسلمانن ۽ اسلام سان پيو. چين ان وقت مختلف رياستن ۾ ورهايل هو ۽ ان جا حڪمران عوام کان ڪٽيل هئڻ جي ڪري ڪمزور حيثيت ۾ هئا. هتي خاص طور تي مسلم گھڻائي وارن علائقن ۾ عام ماڻهن، جيڪي پنهنجن غيرمسلم حڪمرانن جي پاليسين ۽ روين مان تنگ هئا، پاران بجائي مزاحمت جي اڃا کيس مدد ملي. چين مان گھڻو ڪجھ مال ميڙڻ ۽ اتي پنهنجين حڪومتن قائم ڪرڻ کانسواءهتي چنگيز خان جو ٽن اهم عقيدن سان واسطو پيو جيڪي ٽائوازم، ٻڌازم ۽ ڪنفيوشس جو نطريو هئا.
هر مذهب جي عالمن جو اهو خيال هوندو هو ته جيئن ته سندن مذهب حق ۽ سچ جو داعي آهي ان ڪري چنگيز خان، جيڪو انهن وڏن مذهبن مان ڪنهن جو به پوئلڳ نه هو، کي پنهنجي مذهب ڏانهن آڻي سگھجي ٿو. پوپ ۽ يورپ جي مختلف ملڪن جي بادشاهن جو اهو خيال هو ته چنگيز خان ايشيا ۾ اسلام ۽ مسلمانن خلاف سندن اهم اتحادي ٿي سگھي ٿو ۽ ان مقصد لاء انهن مذهبي اڳواڻن ۽ حڪومتي عملدارن تي مشتمل مختلف وفد پڻ ڏانهس موڪليا. ساڳي ريت چين جي حوالي سان خاص طور تي ٽائو ازم ۽ ٻڌازم جا پوئلڳ ان ڪوشش ۾ هئا ته چنگيز خان کي پاڻ ڏانهن ڪري ٻئي کي مات ڪيئن ڏجي. جڏهين ته چنگيز خان جو رويو مختلف مذهبن کي سمجھڻ جو هوندو هو. ان مقصد لاء هو مختلف مذهبن جي عالمن سان ملندو هو ۽ کين بحث مباحثي وغيره ڪرڻ جو موقعو به ڏيندو هو پر ڪنهن خاص نڪته نظر ۽ عقيدي جو پاسو نه وٺندو هو. هن ڪنهن هڪ مذهب جي پوئلڳن کي ٻين تي فوقيت نه ڏني ۽ نه ئي پنهنجن فتح ڪيل علائقن ۾ ڪنهن مذهب ۽ عقيدي کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هر ڪنهن کي پنهنجي عقيدي مطابق هلڻ ۽ عمل ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي ايستائين ته اها حڪومتي معاملن ۾ ڪنهن رڪاوٽ جو باعث نه بڻجي.
ليکڪ جو خيال آهي ته چنگيز خان جي مذهبي آزادي ۽ سهپ وارو اهو نظريو اولھه جي ملڪن ۾ آيل انقلابن ۽ اهڙن خيالن کان گھڻو اڳ جو هو. انگريز فلاسافر جان لاڪ 1669 عيسوي ۾ ڪيرولينا لاء پنهنجي آئيني تجويزن ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هو جنهن جي لاء مشهور تاريخ دان ايڊورڊ گبنز جو خيال آهي ته هن اهي خيال چنگيز خان کان ورتا هئا جڏهين ته ڪتاب جي ليکڪ جو خيال آهي ته لاڪ جو نظريو مذهبي سهپ کي تقويت ڏيڻ جي بجائي اڃا ان ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو ۽ هو هڪ خاص عقيدي جي پٺڀرائي ڪري ٿو. آمريڪي آزادي جو ابو ٿامس جيفرسن چنگيز خان ۽ سندس مذهب متعلق خيالن کان چڱي ريت واقف هو. وٽس فرانس ۾ ڇپيل چنگيز خان جي سوانح عمري جون گھڻيون ڪاپيون موجود هيون جيڪي هن پنهنجن دوستن ۽ ڌي ۾ ورهائڻ کانسواء ڪانگريس جي لائبريري ۾ پڻ رکيون هيون. ليکڪ جو خيال آهي ته آمريڪي آئين ۾ مذهبي آزادي ۽ سهپ جي حوالي سان جيڪي شقون شامل آهن ان جو هڪ ڪارڻ آمريڪي آزادي جي ابن ۽ خاص طور ٿامس جيفرسن جو چنگيز خان جي مذهب متعلق روئي ۽ خيالن مان اتساه وٺڻ پڻ هو.
ڪجھ وقت اڳ مون بي بي سي ويب سائٽ تي پڙهيو هو ته چنگيز خان جي مرڻ کانپوءِ سندس منگول سپاهي گھوڙا ڊوڙائيندا لاش کي پاڻ سان کڻي ويا ۽ پوءِ ان کي ريگستان ۾ دفن ڪرڻ کانپوء واري ۾ غائب ڪري ڇڏيائون ته جيئن قبر جو ڪو نالو نشان نه رهي ۽ اهڙي ريت ان جي بيحرمتي نه ٿي سگھي. ويب سائٽ مطابق گھڻا محقق اڃا تائين ان قبر جي ڳولها ۾ آهن پر ڪامياب نه ٿي سگھيا آهن. جڏهين ته ڪتاب جو ليکڪ اها دعوا ڪري ٿو ته اها قبر برکان کلدون جبل وٽ آهي، جتي آمريڪي صدر فريڪلن روزويلٽ جو نائب صدر لاء مقرر ڪيل اميدوار ٻي مهاڀاري جنگ هلندي 1944 ۾ لڪل خزاني جي ڳولها ۽ ان اميد سان ته ان مزار تي وڃڻ وارن جون اميدون پوريون ٿيندون آهن، ويو هو. پر هو نه رڳو خالي هٿئين موٽيو هو پر کيس پنهنجي نائب صدر واري نامزدگي کان به محروم ٿيڻو پيو هو. بهرحال ڪتاب چنگيز خان جي زندگي متعلق گھڻيون نيون ڳالھيون سامهون آڻي ٿو.

جنسي حراس ۽ مزاحمت

عورتن سان زندگي جي هر شعبي ۾ امتيازي ورتاء ڪرڻ هڪ عام ڳالھہ آهي. مردن کان گھٽ پگھار۽ کين رڳو تعليم ۽ صحت وغيره جهڙن شعبن تائين محدود ڪرڻ جو عمل گھڻن ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي. اهم ڳالھه اها آهي ته عورت کي رڳو سندس پي، ڀائر، مڙس ۽ پٽ ئي پنهنجي ملڪيت نه ٿا سمجھن پر جتي هو ڪم ڪري ٿي اتي به سندس باس کان وٺي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ مٿس پنهنجو حق سمجھن ٿا. عورتن جي گھڻائي پنهنجين مجبورين جي ڪري ان سڀڪجھ کي خاموشي سان برداشت ڪري ٿي ۽ ٻڙڪ ٻاهر نٿي ڪڍي. پر ڪي سڀني رڪاوٽن جي باوجود ان ناانصافي خلاف اٿي کڙي ٿين ٿيون.
جنسي طور حراس ڪرڻ جو معاملو ڪنهن هڪ ملڪ ۽ ڪنهن خاص سماج تائين محدود ناهي. اهو به ضروري ناهي ته ان جو واسطو ماڻهن جي ڪنهن خاص طبقي ۽ انهن جي تعليم وغيره سان هجي. ايستائين ته اهو معاملو اقتدار جي ايوانن ۽ وائٽ هائوس تائين وڃي پهچي ٿو.
ان سلسلي ۾ اهم ڳالھہ اها آهي ته مڙد کي نه رڳو هڪ اهم حيثيت حاصل آهي ۽ عورت پوء ڀلي اها رشتي ناتي ۾ ان سان لاڳاپيل نه به هجي ان جي ملڪيت سمجھي وڃي ٿي. عورت سان ڪنهن به زيادتي کي هڪ معمول جي ڳالھہ سمجھيو وڃي ٿو ۽ نه رڳو ان کي ثابت ڪرڻ عورت جو ڪم هوندو آهي پر جيڪڏهين اها ثابت ٿي به وڃي ٿو ته گھڻو ڪري ان جو ڏوهي ان عورت کي ئي قرار ڏنو ويندو آهي.
ڊاڪٽر فوزيه سعيد پاڪستان جي هڪ ناليواري سماجي ڪارڪن، عورتن جي حقن لاء وڙهندڙ ۽ ليکڪا آهي. پشاور سان واسطو رکندڙ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم ورتل فوزيه سعيد جڏهين پاڻ سان ٿيل اهڙي وارتا جو داستان ٻڌائي ٿي ته واقعي حيرت ٿئي ٿي ۽ ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون. خاص طور جڏهين اهو سڀڪجھ گڏيل قومن جي ترقياتي اداري UNDP ۾ اسلام آباد ۾ نوڪري دوران ساڻس ٿئي ٿو. عام طور ٿيندو ائين آهي ته لڄ ۽ ڳالھہ ظاهر ٿيڻ جي ڊپ جي ڪري گھڻيون عورتون چاهيندي به اهو سڀڪجھ ظاهر نه ڪنديون آهن جنهن جو فائدو ان خاص مرد کي ئي ملندو آهي. ان اداري ۾ به مختلف ملڪن جون سورنهن کن اهڙيون عورتون موجود هيون جن سان اها سڄي وارتا ٿي چڪي هئي پر مجبورين جي ڪري اهي خاموش هيون. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر فوزيه سعيد جهڙين عورتن جي همت گھڻين اهڙين عورتن کي حوصلو ڏنو.
سندس ڪتاب Working with Sharks ان حوالي سان هڪ دستاويز آهي جنهن ۾ هڪ بين الاقوامي اداري جي خاص طور عورتن سان ٿيندڙ ورتاء کي وائکو ڪيو ويو آهي. ان اداري ۾ سندس ڪم ڪرڻ جو هڪ مقصد ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن کي مختلف سهولتون پهچائڻ هو جيڪا ساڳي وقت ان اداري جي به ايجنڊا آهي. اها ڳالھہ ته مٿس اداري ۾ شامل ٿيڻ سان ئي واضح ٿي وڃي ٿي ته ان اداري جي بيهڪ به ڪنهن رضاڪارانه ڪم کان وڌيڪ ڪامورا شاهي واري طريقه ڪار تي ٻڌل هئي. ان ڪري نوڪري ۾ رهڻ ۽ فائدن حاصل ڪرڻ لاء صاحب سان ٺهي هلڻ ۽ ان کي راضي رکڻ ضروري هو.
هن سماج ۾ نوڪري ڪندڙ عورت لاءِ عام طور اهو سمجھيو ويندو آهي ته سندس ڪردار خراب آهي ۽ کيس پنهنجن مقصدن لاء استعمال ڪري سگھجي ٿو. پنهنجي ان سوچ جي تحت سندس باس طارق خان پاران پيشرفت ڪئي وڃي ٿي پر کيس ڪاميابي نه ٿي ٿئي. هو ماٺ ڪري نه ٿو ويهي ۽ نوان طريقا استعمال ڪري ٿو.ِ روزبروز سندس رويو وڌيڪ جارحاڻو ٿيندو وڃي ٿو. گھر تي فون ڪرڻ، فحش قسم جا اشارا ڪرڻ ۽ آفيس جي معاملن ۾ تنگ ڪرڻ هڪ معمول بڻجي وڃي ٿو. هو نه رڳو اهو سڀڪجھ سهي ٿي پر ان جي مزاحمت ڪري ٿي ۽ پنهنجي نوڪري به ڪندي رهي ٿي. اهو سڀڪجھ رڳو ساڻس نه پر اداري ۾ ڪم ڪندڙ ٻين عورتن سان به ساڳيو ورتاء ٿئي ٿو. فحش اشارا ۽ تبصرا ڪرڻ ۽ گھرن تي فون ڪرڻ وغيره ان ۾ شامل هجن ٿا. هو سمجھي ٿي ته اهو هڪ بين الاقوامي ادارو آهي ان وٽ عورتن کي حراس ڪرڻ جي تدارڪ جي حوالي سان ضرور ڪو طريقه ڪار هوندو. کيس جڏهين ملڪ ۾ اهو سڀڪجھ نه ٿو ملي سگھي ته هو اداري جي هيڊ ڪوارٽر ۾ طارق خان جي وڏن افسرن سان رابطي ۾ اچي ٿي. پهرين ته کيس اهو جواب ملي ٿو ته اداري جي قاعدن قانونن ۾ اهڙو ڪو طريقه ڪار موجود ناهي. پر جڏهين هو کوجنا ڪري ٿي ۽ سڄي ريڪارڊ جو جائزو وٺي ٿي ته کيس خبر پئي ٿي ته گھڻو اڳ جو ٺهيل اداري جو اهڙو قانون موجود آهي پر گھڻن آفيسرن کي ان جي ڄاڻ نه هئي.
ساڳي وقت هو اهو پڻ محسوس ڪري ٿي ته ٻين ملڪن ۽ هيڊڪوارٽر ۾ ويٺل آفيسرن کي سندس باس طارق خان خوش ڪندو رهندو آهي ۽ ان جا انهن سان سٺا ناتا آهن. ان ڪري اهي آفيسر به طارق خان کي ناراض ڪرڻ نه پيا چاهين. هڪ آفيسر ته کيس ايستائين چئي ٿو ته توهان پاڪستان جي عورتن سان گھرن، دفترن ۽ بازارن ۾ اهڙو سلوڪ ٿيڻ ته هڪ عام ڳالھه آهي ان ڪري جيڪڏهين توسان ائين ٿيو آهي ته ان ۾ ڪهڙي خاص ڳالھه آهي.
پر هو ماٺ ڪري نه ويٺي. اداري جون يارنهن عورتون ان معاملي ۾ ساڻس گڏ بيهڻ لاء تيار هجن ٿيون. اهو معاملو 2001 ۾ هڪ قومي مسئلي جي طور سامهون آيو. انهن عورتن پارليامان جي مختلف ميمبرن ۽ ٻين اهم ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون ته جيئن ان مسئلي جي قومي سطح تي تدارڪ لاء ڪي جوڳا قدم کڻي سگھجن. سالن جي جدوجهد کانپوء پارليامان 2010 ۾ عورتن جي جنسي طور حراس ڪرڻ جي خلاف قانون منظور ڪيو ۽ وزيراعطم پاران 22 دسمبر، جنهن تاريخ تي 1997 ۾ پهرين اها شڪايت داخل ڪئي ويئي هئي، کي قومي سطح تي نوڪري پيشه عورتن جي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو.
عورتن جي جدوجهد جي حوالي سان اها هڪ وڏي ڪاميابي هئي جيڪا تڏهين ئي ممڪن ٿي سگھي جڏهين هن محسوس ڪيو ته هو اها ويڙه اڪيلي سر نه ٿي وڙهي سگھي. اهو هڪ اجتماعي مسئلو آهي ۽ هو ٻين سان گڏجي ان جي حل لاء ڪوششون ڪري سگھي ٿي.
ظاهر ڳالھه آهي ته اهو انت نه هو. پاڪستان جي سماج ۾ عورتن جا مسئلا نهايت گنڀير ۽ منجھيل آهن ۽ انهن جي حل لاء نه رڳو لاڳيتي جدوجهد پر ساڳي وقت ان کي سماج جي ٻين طبقن سان گڏي هلائڻ جي به ضرورت آهي.

حشو ڪيولراماڻي: ڪجھ سوال

ننڍي کنڊ جو ورهاڱو تاريخ جو ايڏو وڏو واقعو آهي جو ان جو ذڪر لاڳيتو ٿيندو رهندو. سرحد جي ٻنهي پاسي هزارين ماڻهن جي قتل عام ۽ لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ کانسواء ڪي اهڙا شخصي ڏک آهن جيڪي واقعي جي کي جھوريندڙ آهن. سنڌ مان گھڻا هندو ورهاڱي کان پوء ٿيندڙ فسادن ۽ ڦرمار جي واقعن جي ڪري لڏي ويا هئا پر ڪي اهڙا ماڻهو هئا جن ان سڀ جي باوجود سنڌ ڇڏڻ نه ٿي چاهي. اهڙن ماڻهن ۾ حشو ڪيولراماڻي جو نالو به شامل آهي. هو ورهاڱي کانپوء ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو سنڌ ۾ رهيل هو. اهو گھڻو وقت هن جيل ۾ ئي گذاريو ۽ دسمبر 1949 ۾ کيس جيل مان ئي ايئر پورٽ آڻي سڌو ڀارت روانو ڪيو ويو.
حشو جو تعلق ڀريا ضلعي نوابشاه جي هڪ سکئي خاندان سان هو. سندس پي کيس آئي سي ايس افسر ٿيڻ لاء لندن موڪليو هو. پر هو اتي به آزادي پسندن سان لاڳاپي ۾ رهيو ۽ پنهنجي پي جي خواهش پوري ڪرڻ کانسواء سنڌ اچي هندوستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. هو سنڌ جي گھڻن ڏاهن ماڻهن جي ويجھو رهيو ۽ انهن مان گھڻن جي تربيت به ڪيائين. علامه آئي آئي قاضي سندس دوست هو. ابراهيم جوئي جي هو ويجھو رهيو جڏهين ته سوڀي، اياز ۽ ايستائين ته جي ايم سيد جي تربيت ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. اياز پاڻ چئي ٿو ته هو جيڪي ڪجھ به آهي اهو حشو جي ڪري آهي ۽ جي ايم سيد به ان ڳالھہ جو اقرار ڪري ٿو ته حشو جي ڪري ئي هو قوم پرست نظرئي کي صحيح نموني سمجھي سگھيو. حشو سيد جي ڪتاب نئين سنڌ لاء جدوجهد جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. اهو سيد جو انگريزي ۾ پهريون ڪتاب هو. ان کانسواء دهلي وڃڻ کانپوءِ هن اتان مختلف سنڌي ڪهاڻين جو ڳٽڪو انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڇپايو هو. ڀارت وڃڻ کانپوء هو هندوستان اسٽينڊرڊ ۾ پاڪستان اڪسريڊ جي عنوان سان ڪالم لکندو هو جنهن متعلق سندس گھڻن پاڪستان جي دوستن جو چوڻ هو ته هو پنهنجي ڪالم ۾ اهڙيون ڳالھہيون لکي ٿو جن جي اسان کي به خبر نه هوندي آهي. پر ڪنهن جو ماتحت ٿي نوڪري ڪرڻ حشو جي طبيعت ۾ نه هو. حشو لاء چيو وڃي ٿو ته ڪرشنا مينن، جيڪو ان وقت نهرو جي ڪابينا ۾ پرڏيهي وزير هو، سندس دوست هو. ساڳي وقت نهرو خاندان سان به سندس ويجھا ناتا هئا. ڪرشنا مينن جي چوڻ تي نهرو حشو کي پاڪستان ۾ سفير ٿيڻ لاء چيو پر هن ان ڪري ان کان معذرت ڪئي ته هن ڪنهن به سرڪار جي ماتحت رهي ڪم ڪرڻ نه ٿي چاهيو. حشو سنڌي کي ڀارت جي قومي ٻولين ۾ شامل ڪرائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ هو ته بجائي ٽوڙ ڦوڙ ۽ هل هنگامي جي اهو ڪم مٺ محبت سان ڪرڻ گھرجي. ان سلسلي ۾ هن هڪ انوکو ۽ منفرد طريقو اختيار ڪيو. ان وقت جڏهين ٻولي جي بل تي پارليامان ۾ بحث ۽ ووٽنگ ٿيڻي هئي هن پنهنجي پٽ گل کي ڪراچي حلوي جون ٽڪيون ڏيئي ٻاهر بيهاري ڇڏيو ۽ جيئن ميمبر ايندا ويا تيئن کين حلوي جي ٽڪي ڏيئي اهو چوندو ويو ته سنڌ جي سوکڙي سان منهن مٺو ڪيو ۽ اميد ته اوهان سنڌي ٻولي جي حق ۾ ووٽ ڏيندا. ِ
اهو واقعي هڪ الميو آهي ته ايڏي وڏي ۽ ذهين ماڻهو متعلق جنهن جا سنڌ جا وڏا نالي وارا اديب ۽ ليکڪ دوست ۽ شاگرد هجن، رڳو مٿاڇري معلومات آهي. ان سلسلي ۾ سوڀو جو هڪ مختصر ليک آهي جڏهين ته اياز لاڳيتو حشو جو مختلف جاين تي ذڪر ڪندو رهيو ۽ اهو چوندو رهيو ته هو حشو تي هڪ ڪتاب لکڻ چاهي ٿو پر هو آخر تائين ائين نه ڪري سگھيو. ان سلسلي ۾ مدد علي سنڌي ڪوشش ڪري مختلف ذريعن کان معلومات گڏ ڪري ڪتاب حشو ڪيولراماڻي نه وسرندڙ شخصيت جي عنوان سان آندو آهي جيڪو هڪ ساراه جوڳو ڪم آهي.
حشو کي جڏهين جيل مان برنس گارڊن ڪراچي ۾ سندس فليٽ تي آندو ويو هو ته اتي ان وقت اياز پنهنجي زال سان گڏ رهيل هو. حشو ان وقت رڳو هڪ گلدستو اياز جي زال کان ورتو ءَ کيس چيائين ته آئون ڀارت پيو وڃان، اياز کي چئجان ته هي فليٽ ۽ هن ۾ جيڪي ڪجھ آهي اهو هاڻي کيس آيو. اياز کان پوء جڏهين حشو جي ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري متعلق پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو سندس سکر وڃڻ کانپوء اهو فليٽ سندس دوست مونس وٽ هو ۽ هن اهي سڀ ڪتاب وڪڻي ڇڏيا. اها ڳالھہ واضح ناهي ته ان فليٽ جو ڇا ٿيو. جيڪڏهين ان کي وڪرو ڪيو ويو ته ڇا اهي ۽ ڪتابن جي وڪري مان آيل پئسا حشو، جيڪو ڀارت ۾ سخت مالي بحران جو شڪار هو، کي موڪيا ويا يا نه.
شايد ڪجھ گھر جي مسئلن جي ڪري حشو ذهني طور نارمل نه رهيو هو. هن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ دهلي کان بمبئي اچي ويو هو. هتي نه وٽس رهڻ جو ڪو مستقل ٺڪاڻو هو ۽ نه گذاري لاء ڪي مالي ذريعا هئا. هو فٽ پاٿن، ريلوي پليٽ فارمن ۽ شمشام گھاٽن تي رات گذاريندو هو ۽ سڄو ڏينهن بمبئي جي سڙڪن تي هلندو رهندو هو. دوستن کان پنج ڏه روپيا وٺي يا بکن تي گذارو ڪندو هو. گھڻا کانئس لنوائيندا هئا ۽ کيس پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. سندس زندگي جي آخري رات جڏهين هو ڪنهن دوست سان ملي نڪتو هو بمبئي ۾ سخت مينهن پئجي رهيو هو. ان کانپوء هو ڪنهن کي نظرنه آيو ۽ نه ئي سندس ڪنهن سان ملاقات ٿي. سندس متعلق مختلف انومان ظاهر ڪيا وڃن ٿا. ڪن جو چوڻ آهي ته هو مينهن ۾ ڪنهن برساتي نالي وغيره ۾ لڙي ويو جڏهين ته ڪن جو خيال آهي ته جيئن ته ان وقت وٽس ڪجھ پئسا هئا ان ڪري ممڪن آهي ته شمشان گھاٽ جي سنڀال ڪندڙ ان لالچ ۾ کيس ماري لاش کي ساڙي ڇڏيو هجي. ان سلسلي ۾ جوڳي ڪوشش نه ڪئي ويئي. هند ۽ سنڌ جا اديب رڳو ان ڳالھہ ۾ دلچسپي وٺن ها ته سنڌ جي هن قابل ۽ ذهين پٽ جي جيڪڏهين لاش نه به ملي ها ته به گھٽ ۾ گھٽ سندس مرڻ جي ڪارڻ جي خبر پئجي وڃي ها ته گھڻن کي اطمينان ۽ سڪون ملي ها. پر ائين نه ٿي سگھيو.
ڏٺو وڃي ته هند جي سنڌين جي ايتري مالي ۽ سياسي پهچ هئي ته اهي حشو جي سرڪاري يا خانگي لحاظ کان جوڳي مدد ڪري سگھيا ٿي. سندس علاج، ڪنهن ٺڪاڻي جو بندوبست ۽ مالي مدد سندن پهچ کان ٻاهر نه هئي. پر ائين نه ٿي سگھيو ۽ اهو شخص بي يار و مددگار ۽ لاوارث ٿي خاص طور تي سنڌ ۽ هند جي سنڌي اديبن ۽ خاص طور انهن ماڻهن لاء جيڪي حشو جي دوستي ۽ ساڻس قربت جون دعوائون ڪن ٿا گھڻا سوال ڇڏي ويو جن جا جواب شايد نه ملي سگھن.

ڪراچي : هڪ ناول نگار جي نظر ۾

محمد حنيف هڪ صحافي جي حيثيت سان پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿو. سندس پهرئين ناول A Case of Exploding Mangoes کيس هڪ ناول نگار طور پڻ متعارف ڪرايو. هڪ ناول جي طور ان کي ڏيهي ۽ پرڏيهي لحاظ کان گھڻي پذيرائي ملي. اهو بحث بهرحال هاڻي پراڻو ٿي چڪو آهي ته آيا صحافت تخليقي صلاحيتن تي منفي اثر وجھي ٿي يا مثبت. اها ڳالھه گھڻي ڀاڱي طئي ٿي چڪي آهي ته اهي ٻيئي شعبا هڪ ٻئي کان ڌارنه پر هڪٻئي سان لاڳاپيل آهن ۽ هڪٻئي جي مدد ڪن ٿا. فرق رڳو اهو آهي ته صحافت مڪمل طور حقيقتن تي مدار رکي ٿي جڏهين ته ادب ۾ حقيقتن سان گڏوگڏ ليکڪ جي خيالن ۽ تصورن جو پڻ عمل دخل هجي ٿو ۽ هو پنهنجي فن ۽ تخليقي صلاحيتن ذريعي ان کي هڪ نئون روپ ڏيئي ٿو. اهڙن ليکڪن جا گھڻا مثال آهن جيڪي ساڳي وقت صحافي به رهيا آهن ۽ انهن شاهڪار ادب پڻ تخليق ڪيو آهي.
محمد حنيف جي ناولن جي خاصيت اها آهي ته انهن جو واسطو ان ماحول جي حقيقتن سان هوندو آهي جنهن ۾ هو رهي ٿو. ائين لڳندو آهي ته جيڪي ڪجھ هو بيان ڪري رهيو آهي اتي هو پاڻ موجود آهي ۽ اهو سڀڪجھ سندس اکين آڏو ٿي رهيو آهي. ان ڪري پڙهندڙ کي پڻ اوپرائپ محسوس نه ٿيندي آهي ۽ هو پاڻ کي ليکڪ سان ساڳي پيج تي محسوس ڪندو آهي. سندس پهريون ناول ان پسمنظر ۾ لکيل آهي جنهن جو انت ضياء الحق جي جهاز جي ڦاٽڻ ۽ سندس مرڻ جي صورت ۾ ٿيو هو. جڏهين ته سندس ٻيو ناول Our Lady of Alice Bhatti خاص طور ڪراچي جي حالتن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. اهو ناول فرينچ ڪالوني نالي ڪچي وستي ۾ رهندڙ هڪ خاڪروب جوزف ڀٽي جي ڌي الائس، جيڪا هڪ عيسائي ڊاڪٽر جي خيراتي هسپتال، جتي هر مرض جو علاج ٿئي ٿو، ۾ هڪ سيکڙاٽ نرس طور ڪم ڪري ٿي، جي چوڌاري گھمي ٿو. جوزف ڀٽي گٽر صاف ڪرڻ ۽ صفائي جي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ قرآني آيتن ۽ روحاني طريقي سان ماڻهن جي السر ۽ پيٽ جي بيمارين جو پڻ علاج ڪري ٿو جنهن جي ڪري عيسائين پاران مٿس شڪ ڪيو وڃي ٿو ته ڪٿي هو مسلمان ته نه ٿي ويوهو پر هو اهڙي هر ڳالھہ کي رد ڪري ٿو. اهو خاندان هڪ ته عيسائي ۽ ٻيو خاڪروب هئڻ جي ناتي ٻٽي مذهبي ۽ طبقاتي امتياز جو شڪار آهي. هڪ پاسي مسلمان کين پنهنجي ويجھو نه ٿا اچڻ ڏين ته ٻئي پاسي امير طبقي جا عيسائي گھٽ ذات ۽ پيشي هئڻ ڪري کين پاڻ جهڙو نه ٿا سمجھن.
اهي ساڳي وقت معاشي ۽ جنسي استحصال جو پڻ شڪار آهن. الائس جي ماء، جيڪا هڪ وڏي گھر ۾ ڪم ڪري ٿي، گھر جي مالڪ جي جنسي ڏاڍ جو شڪار ٿئي ٿي جيڪو مزاحمت ڪرڻ تي کيس قتل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان قتل کي ڏاڪڻن تان ڪرڻ جو هڪ حادثو قرار ڏنو وڃي ٿو جنهن ۾ چرچ جي پادري کي به ڏوڪڙ ڏيئي پاڻ سان شامل ڪيو وڃي ٿو. ساڳي ريت اسپتالن ۾ نرسن سان ڊاڪٽرن، اسپتال جي ٻئي عملي،ِ مريضن ۽ سندن تيماردارن پاران جيڪو ورتاء ڪيو وڃي ٿو الائس کي به ان مان گذرڻو پوي ٿو. سندس نرسنگ جا ڪلاس وٺندڙ هڪ ڊاڪٽر، جيڪو پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائي ٿو، ساڻس پيار جو اظهار ڪري ٿو ۽ انهن ۾ هڪ جنسي ناتو پڻ قائم ٿئي ٿو پر جڏهين کيس حمل ٿئي ٿو ته اهو ڊاڪٽر اهو بهانو ڪري ته سندس ماء رڳو شيعه خاندان مان ئي سندس شادي ڪرائيندي ۽ سندن ان تعلق کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪندي اهو ناتو ختم ڪري ڇڏي ٿو.
الائس جي اها خاصيت هجي ٿي ته اها هر ڏاڍائي خلاف مزاحمت ڪري ٿي. هڪ ڀيري جڏهين سندس ڊيوٽي هڪ امير خاتون مريض جي وي آئي پي روم ۾ لڳائي وڃي ٿي ته اتي ان عورت جو هڪ نوجوان تيماردار ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر هو ائين ٿيڻ نه ٿي ڏئي ۽ ان همراه جي نازڪ عضوي کي بليڊ سان چير ڏيئي ڪمري مان هلي وڃي ٿي. اسپتال ۽ عدالت پاران کيس ئي ڏوهاري قرار ڏنو وڃي ٿو. ان ڏوه جي ڪري کيس سزا ملي ٿي ۽ کيس ڪجھ عرصو عورتن ۽ ٻارن جي جيل ۾ رهڻو پوي ٿو.
هتي اسپتال ۾ ئي الائس جي واقفيت ٽيڊي بٽ نالي پوليس جي هڪ مخبر، جيڪو اسپتال ۾ مختلف ميڊيڪو ليگل رپورٽن جي سلسلي ۾ پوليس سان گڏ ايندو رهي ٿو، سان ٿئي ٿي. ٽيڊي بٽ پوليس جو باقاعدي ملازم ناهي پر انهن سان ڪم ڪندو رهي ٿو. هو کيس هڪ ڀيرو اسپتال جي چرين جي وارڊ مان ڪڍڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو. ساڳي وقت هو الائس کي پسند به ڪري ٿو ۽ شادي جي آڇ ڪري ٿو جنهن کي هو قبول ڪري ٿي. سمنڊ ۾ هڪ آبدوز تي سندن اسلامي طريقي مطابق نڪاح ٿئي ٿو پر هو پنهنجو نالو تبديل نه ٿي ڪري جنهن جي ڪري گھڻا اهو شڪ ڪن ٿا ته هن دل سان اسلام قبول ناهي ڪيو ان ڪري ٽيڊي بٽ ۽ سندس وچ ۾ جيڪو ناتو آهي اهو ناجائز آھي.
جنهن رات هو ٽيڊي بٽ سان گڏ رهڻ لاء سندس فليٽ تي وڃي ٿي ان رات ئي انسپيڪٽر ملنگي، جنهن سان ٽيڊي بٽ ڪم ڪري ٿو، پاران کيس اڌ رات جو ڊيوٽي تي هلڻ لاء تيار رهڻ لاء چيو وڃي ٿو. الائس سوچي ٿي ته اها ڪهڙي ڊيوٽي آهي جنهن ۾ هو پهرين رات به پنهنجي زال سان نه ٿو گذاري سگھي. دراصل پوليس جي گاڏي ۾ زنجيرن ۾ قابو ٿيل هڪ نوجوان هجي ٿو جنهن تي دهشت گردي جو شڪ هجي ٿو ۽ انسپيڪٽر هن کي سندس ماء سان ملڻ جي بهاني نارٿرن بائي پاس، جتي کيس مارڻ جو پروگرام هجي ٿو، وٺي وڃي ٿو. ٽيڊي بٽ کي ان نوجوان سان حال احوال ڪرڻ لاء سندس ڀر ۾ ويهاريو وڃي ٿو جيڪو کيس ٻڌائي ٿو ته سندس ماء ان پاسي نه ٿي رهي ۽ کيس خبر آهي ته کيس اوڏانهن ڇو وٺي پيا وڃن. ٻيو ته هو رڳو ان همراه سان پويان موٽر سائيڪل تي ويٺو هو جنهن اها دهشت گردي جي ڪاروائي ڪئي هئي ۽ هو ان ۾ سڌي ريت ملوث نه هو. جڏهين گاڏي مقرر جاء تي پهچي ٿي ته ان همراه کي پيشاب ڪرڻ جي لاء زنجيرون وغيره لاهي ٽيڊي بٽ سان ٻوڙن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو جتي ٽيڊي تي ڪتا حملو ڪن ٿا ۽ ان جو فائدو وٺي هو همراه ڀڄي وڃي ٿو. ان جي سڄي ذميواري ٽيڊي بٽ تي وڌي وڃي ٿي ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته همراه کي ڳولهي ڏي يا نتيجا ڀوڳڻ لاء تيار ٿي وڃي. ان پريشاني ۾ هو ڏينهن جا ڏينهن گھر مان غائب ٿو رهي ۽ الائس کي خبر نه ٿي پئي ته نيٺ هو ڪٿي هو.
ان وچ ۾ اسپتال ۾ هڪ واقعو ٿئي ٿو. الائس هڪ عورت جي ويم وقت موجود هجي ٿي. ويم ٿيڻ تي اهو سمجھيو وڃي ٿو ته ٻار مئل حالت ۾ پيدا ٿيو هو ۽ ماء جيئري هجي ٿي. پر الائس جي اتي هوندي ٻار ۾ اوچتو زندگي اچي وڃي ٿي ۽ ماء فوت ٿي وڃي ٿي. ان سڀ ڪجھ کي الائس جي روحاني قوت ڪري ليکيو وڃي ٿو ۽ جيڪي مريض اسپتال کان ٻاهرهجن ٿا اهي چون ٿا ته انهن الائس کي مور پنک سان آسمان کان تخت تي لهندي ڏٺو هو. بهرحال الائس ان ٻار کي پاڻ سان کڻي وڃي ٿي ۽ ٽيڊي بٽ جو گھر ڇڏي هڪ ٻي سينيئر سسٽر سان گڏ رهڻ لڳي ٿي.
ٽيڊي جڏهين گھر موٽي ٿو ته الائس کي گھر تي نه ڏسي کيس شڪ ٿئي ٿو ته هو کيس ڇڏي ٻئي ڪنهن سان هلي ويئي آهي ۽ سندس ڳولها ۾ نڪري ٿو. ان دوران انسپيڪٽر ملنگي رٽائر ٿيڻ واري ڏينهن ان ساڳئي فرار ٿيل نوجوان هٿان ٽريفڪ سگنل تي قتل ٿيڻ کان اڳ ٽيڊي بٽ کي مال خاني مان تيزاب جي بوتل ڏئي ٿو ۽ کيس انهن همراهن وٽ نوڪري وٺي ڏئي ٿو جن مطابق الائس تي اڃا سندن حساب رهيل هو. اهڙي ريت ٽيڊي الائس تي تيزاب وجھي کيس ماري ڇڏي ٿو.
الائس جي روحاني مرتبي کي چرچ پاران قبول نه ٿو ڪيو وڃي. ان تي احتجاج ڪندي جوزف ڀٽي روم ۾ ويٽيڪن کي خط لکي ٿو ته الائس جي روحاني حيثيت کي ان ڪري قبول نه ٿو ڪيو وڃي ته اها هيٺئين طبقي جي فرد هئي جڏهين ته اها ڳالھہ طئي آهي ته کيس تخت تي آسمان ڏانهن ويندي گھڻن ماڻهن ڏٺو هو ۽ زمين تي رڳو سندس مڙه موجود آهي. ان ڪري چرچ کي انصاف ڪندي سندس روحاني حيثيت کي مڃيندي کيس جائز مرتبو ڏيڻ گھرجي.
اها شهر جي حالتن جي هڪ احساساتي تصوير آهي جنهن کي ان طبقي جي ماڻهن جي نظر سان ڏٺو ويو آهي جن جي هن سماج ۾ ڪا حيثيت ناهي. غير جذباتي نموني سان لکيل هي ناول پڙهندڙ لاء سوچ جا نوان در کولي ٿو.

تيرنهون قبيلو

تاريخ، ڏند ڪٿا ۽ قصن ڪهاڻين ۾ فرق ڪرڻ هڪ ڏکيو عمل رهيو آهي. ساڳي ريت گھڻن مذهبي ڪتابن وغيره ۾ بيان ڪيل قصن کي پڻ هڪ تاريخ جي حيثيت ڏني ويئي آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهي ڄڻ مستند حيثيت جا حامل ۽ تاريخي ڄاڻ جو هڪ ذريعو ٿي ويا آهن. ساڳي ريت يهودين متعلق جيڪي پراڻي بائبل ۾ ڏنل آهي ته اٽڪل ٻه هزار سال اڳ يروشلم ۾ سندن سلطنت کسجڻ کان پوء کين اتان نڪرڻو پيو هو. ان حوالي سان ٻارنهن قبيلن جو ذڪر ملي ٿو جيڪي دنيا جي مختلف حصن ۾ پناه جي ڳولها ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ سندن يروشلم موٽڻ جي جستجو جاري رهي. ان سلسلي ۾ انهن کانسواء هڪ اڌ وڃايل قبيلي متعلق به مختلف اندازا لڳايا وڃن ٿا. ڪجھ محقق پٺاڻن جي حوالي سان به اها ڳالھہ ڪن ٿا ۽ سندن خيال ۾ پشتو ۾ عبراني جي ڪجھ لفظن کي ان جي ثبوت طور پيش ڪري سگھجي ٿو. بهرحال مستند طور تي ان سلسلي ۾ ڪجھ به نه ٿو چئي سگھجي. ان ڪري يهودين جي عام طور تي انهن ٻارنهن قبيلن سان تعلق جي حوالي سان نسلي طور سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي.
ان سلسلي ۾ تازو منهنجي مطالعي مان آرٿر ڪوئسلر جو ڪتاب تيرنهون قبيلو گذريو جيڪو يهودين متعلق گھڻين ڏند ڪٿائن جي نفي ڪري ٿو. ان ڪتاب ۾ عرب ۽ يورپي دستياب تاريخي حوالن سان گھڻي تحقيق کان پوء ڪجھ نتيجا ڪڍيا ويا آهن. قديم دور کان ايشيا ۽ يورپ جي ميدانن ۾ مختلف جنگجو خانه بدوش قبيلا چراگاهن تي قبضي ۽ ٻين قبيلن تي پنهنجي حاڪميت قائم ڪرڻ لاء هڪ لاڳيتي جدوجهد ۾ مصروف رهيا آهن. ڇهين ۽ ستين صدي عيسوي ۾ اوڀر يورپ جي هڪ حصي ۾ اهڙن ئي قبيلن مان هڪ خضر قبيلي پاران اهڙين ئي ڪوششن جي نتيجي ۾ ٻين گھڻن قبيلن کي مطيع ڪري پنهنجي سلطنت قائم ڪئي ويئي هئي جيڪا ڀر پاسي وارن قبيلن وغيره کان خراج وصول ڪندي هئي. اها سلطنت ڪاري سمنڊ کان ڪئسپين ۽ وولگا تائين ڦهليل هئي. مذهب جي حوالي سان اهي انهن ميدانن جي ٻين سڀني قبيلن جيان بت پرست هئا جڏهين ته سندن هڪ پاسي ڏکڻ ۾ مسلم خلافت هئي ۽ اتر ۾ بازنطيني عيسائي سلطنت هئي. ان وقت مسلمانن جون ڪاهون ۽ مختلف علائقن تي قبضن جو سلسلو هلندڙ هو. انهن اسپين ۾ سندن سلطنت هئڻ کانسواء يورپ جي گھڻن حصن تي پڻ قبضو ڪري ورتو هو. يورپ ۾ وڌيڪ اڳتي وڌڻ لاء سندن لاء وڏي رڪاوٽ اها خضر سلطنت هئي جنهن سندن هرڪاه کي منهن ڏنو ٿي ۽ ان کي پوئتي ڌڪيو ٿي. جيڪڏهين ان وقت عيسائي دنيا ۽ مسلمانن جي وچ ۾ خضر سلطنت جي صورت ۾ اها رڪاوٽ موجود نه هجي ها ته هن وقت مذهبي لحاظ کان يورپ جي صورتحال بلڪل ئي مختلف هجي ها. ان سان گڏو گڏ ان سلطنت بازنطيني سلطنت کي ٻين جنگجو قبيلن جي ڪاهن کان پڻ بچاء ڏنو ٿي.
مذهبي حوالي سان خضر حڪمرانن تي مسلمان ۽ عيسائي ٻنهي جو اهو دٻاء هو ته اهي سندن مذهب اختيار ڪن. پر انهن اهو ڏسي ته اهڙي ريت اهي انهن حڪمرانن جا مطيع ٿي ويندا نهايت سوچ ويچار کانپوء هڪ ته پنهنجي انفراديت قائم رکڻ لاء ۽ ٻيو اهو ڏسندي ته انهن ٻنهي مذهبن جو بنياد يهوديت ئي آهي يهوديت اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نسلي حوالي سان اهي سامي نسل جا نه، جيئن يهودين لاء خيال ڪيو ويندو آهي، پر يورپ جي ٻين ماڻهن جيان آريا نسل جا ۽ غير سامي ماڻهو آهن. ساڳي ريت اهي پاڻ کي حضرت نوح جي ٽئين پٽ جيپئيٿ جو اولاد قرار ڏين ٿا جڏهين ته يروشلم مان بيدخل ٿيل يهودي پنهنجو ناتو حضرت حضرت ابراهيم سان ڳنڍين ٿا. انهن ماڻهن جي نئين مذهب اختيار ڪرڻ سان هڪ ڳالھہ اها به ثابت ٿئي ٿي ته يهوديت رڳو نسل تي ٻڌل مذهب نه پر ان کي ٻيا ماڻهو به اختيار ڪري سگھيا پئي. هڪ ڊگھي عرصي تائين سندن اها سلطنت قائم رهي. مسلم خلافت ۽ بازنطيني سلطنت ٻنهي سان سندن اختلاف ۽ ٺاه واري صورتحال لاڳيتو رهندي ٿي آئي. مذهبي لحاظ کان ان سلطنت ۾ مسلمانن ۽ عيسائين تي ڪا پابندي نه هئي ۽ اهي پنهنجن گرجائن ۽ مسجدن ۾ پنهنجي عبادت ڪندا هئا. ليکڪ موجب ان سان اها ڏند ڪٿا به غلط ثابت ٿئي ٿي جنهن موجب يروشلم مان نڪرڻ کانپوء اسرائيل جي قائم ٿيڻ کان اڳ ٻه هزار سالن تائين يهودين جي پنهنجي ڪا سلطنت قائم نه ٿي سگھي هئي. ليکڪ ان سلسلي ۾ اسپين جي مسلم حڪمران عبدالرحمان جي يهودي صلاحڪار، جنهن کي دربار ۾ نهايت اهم حيثيت حاصل هئي، ۽ خضر حڪمران جوزف جي وچ ۾ لکپڙه جو حوالو ڏنو آهي جنهن ۾ ان صلاحڪار دنيا ۾ هڪ ڊگھي عرصي کانپوء هڪ يهودي سلطنت جي قائم ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو هو ۽ اها خواهش ڏيکاري هئي ته هو ان ملڪ ۾ رهڻ لاء ايستائين ته اسپين ۾ پنهنجي اهم حيثيت تان به هٿ کڻڻ لاء تيار هو.
چنگيز خان جي اڳواڻي ۾ منگولن جي اڀار جنهن چين کان يورپ تائين سڄي دنيا ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري ڇڏي هئي خضر سلطنت جي خاتمي جو پڻ سبب بڻي. ان سلطنت جي منتشر ٿيڻ کان پوء خضر ۽ ان سان لاڳاپيل قبيلن جي ماڻهن اوڀر يورپ جي مختلف ملڪن خاص طور تي هنگري ۽ پولينڊ وغيره ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. انهن ملڪن جي حڪمرانن پوپ جي دعوت ۽ يورپ جي مک ڌارا سان ڳنڍجڻ لاء ڪيٿولڪ عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو پر سلطنت جي اهم معاملن تي سندن مک صلاحڪار يهودي هئا ۽ ان معاملي تي اهي پوپ جي دٻاء کي به منهن ڏيئي ويندا هئا.. ساڳي ريت سندن سلطنت ۾ يهودين کي پوري مذهبي آزادي حاصل هوندي هئي. ايستائين ته هڪ ڀيري پوپ کي پولينڊ جي حاڪم سان اها شڪايت ڪرڻي پيئي هئي ته سندس ملڪ ۾ يهودين جي عبادتگاه سائينگاگ جا گنبد چرچ جي گنبدن کان به مٿي هئا.
ليکڪ ان وقت يورپ ۾ يهودين سان ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر ڪيو آهي. عيسائين جي يروشلم تي ڪاه ۽ يورپ ۾ پليگ ڦهلجڻ وقت سندن ٿيندڙ قتل عام، زوري مذهب جي تبديلي ۽ ان جي نتيجي ۾ اجتماعي آپگھات جي واقعن گھڻن يهودين کي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. ليکڪ اوڀر يورپ ۽ خاص طور تي هنگري جي ٻولي، جنهن جو يورپ جي ٻئي ڪنهن ملڪ جي ٻولي سان ڪو تعلق ثابت نه ٿو ٿئي، اهو ثابت ڪيو آهي ته جرمني ۽ يورپ جي ٻين ملڪن مان لڏپلاڻ ڪندڙن جو رخ پولينڊ ۽ هنگري ۽ اوڀر يورپ جي ٻين ملڪن ڏانهن نه هو.
ممڪن آهي ته ان حوالي سان گھڻيون ڳالھيون بحث طلب به هجن پر ساڳي وقت اهو ڪتاب پڙهندڙ کي گھڻن نون پاسن کان پڻ متعارف ڪرائي ٿو.

تبديلي جو ڊپ

نون خيالن کي فوري ۽ جلد قبول ڪرڻ ته هونئن ئي هڪ ڏکي ڳالھہ آهي پر ساڳي وقت نئين ٽيڪنالوجي کي قبول ڪرڻ ۽ ايستائين ته ان جي سڃاڻ رکڻ ۽ ان کان مانوس ٿيڻ به ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي. گھڻو عرصو اڳ پي ٽي وي تي هڪ ڊاڪومينٽري هلي هئي جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو هو ته ڪجھ ماڻهو هڪ جيپ ۾ شايد گلگت بلتستان جي اهڙي ڏورانهين علائقي ۾ پهچن ٿا جتان جي ماڻهن اڳ ڪڏهين به جيپ ڏٺي نه هئي. انهن جي ليکي اهو به ٻين سواري جي جانورن جيان سواري جو ڪو جانور هو. ان خيال کان ڪو جيپ جي اڳيان گاه آڻي پيو رکي ۽ ڪو پاڻي جي بالٽي. ساڳي ريت لائوڊ اسپيڪر جي استعمال کي مذهبي عالمن پاران هڪ ڊگھي عرصي تائين قبول نه ڪيو ويو۽ ڪفر ڪري ليکيو ويو.
پاڪستان ۾ شروع ۾ شايد يونائٽيڊ بينڪ ۾ ئي وڏا ڪمپيوٽر لڳل هئا جيڪي اهي مختلف ادارن کي مسواڙ تي استعمال لاء ڏيندا هئا. آئون جڏهين سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن ۾ هوس ته اتي سروي وغيره جي انگن اکرن جي تجزئي لاء اهي ڪمپيوٽر ئي استعمال ٿيندا هئا. هڪ ڪمپيوٽر آپريٽر انگ اکر ڪمپيوٽر ۾ وجھي ڪارڊ آڻي اسان کي ڏيندو هو ۽ اسان انهن کي چيڪ ڪرڻ کانپوء درستگي لاء واپس ڪندا هئاسين. اها ڄڻ هڪ لحاظ کان ملڪ ۾ ڪمپيوٽر جي استعمال جي شروعات هئي. اسٽيٽ بينڪ انهن مشينن جي استعمال جي حوالي سان اڃا گھڻو پوئتي پيل هو. مون جڏهين اتي ريسرچ ڊپارٽمنٽ، جتي انگن اکرن ۽ انهن جي تجزئي جو ئي ڪم هوندو هو، ۾ نوڪري جوائن ڪئي ته اتي حساب ڪتاب لاء جيڪي ڪيلڪيوليٽرهئا انهن ۾ ڪاغذ وجھي لڳل هينڊل ذريعي انهن کي هٿ سان هلائڻو پوندو هو جنهن ۾ گھڻو وقت ۽ محنت درڪار هوندي هئي. ڪجھ عرصي کانپوء بيٽري تي هلندڙ ڪيلڪيوليٽر آيا جنهن سان ڪم ۾ گھڻي سولائي ٿي پيئي.
ٽيڪنالوجي تيزي سان اڳتي وڌي رهي هئي ۽ ملڪ جي بينڪن ۽ ٻين مختلف ادارن ۾ پرسنل ڪمپيوٽر PC)) اچي چڪا هئا پر ملڪ جي مرڪزي بينڪ جو اڃا ان پاسي لاڙو نه هو. ان جو مک ڪارڻ اهو هو ته ان وقت بينڪ ۾ جيڪو اسٽاف موجود هو اهو انهن مشينن کان اڻواقف هو ۽ اهو ان اڻ ڄاتل دنيا ۾ داخل ٿيڻ نه پيو چاهي. پر ڪجھ عرصي کانپوء ٿيو ائين ته ڪنهن عالمي اداري پاران بينڪ کي ڪجھ ڪمپيوٽر ڏنا ويا ۽ اهڙي ريت ڄڻ ان کي زوري ان نئين دنيا ۾ ڌڪيو ويو. ملازمن ۽ آفيسرن لاء اهي بجائي هڪ اثاثي ۽ ڪم ۾ مددگار هئڻ جي هڪ بار ۽ ذميواري بڻجي ويا جن کي سنڀالڻو ۽ انهن جو خيال ڪرڻو ٿي پيو. ڪجھ شعبن ۾ انهن جي لاء باقاعدي ڪمرا ٺاهي اتي ايئرڪنڊيشن لڳائي انهن کي تالو هنيو ويو ۽ سوائي ڪن خاص ماڻهن جي اتي ٻئي ڪنهن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي هئي. جڏهين ته ريسرچ ۾ جتي انهن جي گھڻي ضرورت هئي ماڳيئي انهن دٻن کي جن ۾ اهي بند هئا کوليو ئي نه ويو ۽ اهي ائين ئي انهن دٻن ۾ ئي بند رهيا. ان سڀڪجھ جو وڏو ڪارڻ اهو ڊپ هو ته متان هٿ لڳائڻ ۽ استعمال ڪرڻ سان اهي خراب نه ٿي پون. انهن مشينن کي ان وقت پوري ريت کوليو ۽ استعمال ڪيو ويو جڏهين بينڪ ۾ اهڙا آفيسر ڀرتي ٿيا جن کي تعليمي ادارن ۾ انهن مشينن جي استعمال جي تربيت ڏني ويئي هئي ۽ جن کي اها خبر هئي ته اهي استعمال ڪرڻ سان نه پر استعمال نه ڪرڻ سان خراب ٿينديون.
اها ساڳي صورتحال صحافت جي سلسلي ۾ به ملي ٿي. زبيده مصطفا پنهنجي ڪتاب My Dawn Years ۾ ڊان جي حوالي سان ٻڌائي ٿي ته جيتوڻيڪ ڪمپيوٽرن جي اچڻ سان گھڻي سهولت ٿي پيئي هئي ۽ ڪم گھڻو سولو ٿي پيو هو پر گھڻا ماڻهو انهن جي ويجھو وڃڻ لاء به تيار نه هئا. ان ۾ خاص طور تي اهي ماڻهو شامل هئا جيڪي ٽائپ رائٽر جو استعمال نه ڪندا هئا. اخبار جي نامياري ايڊيٽر احمد علي خان، جيڪو خان صاحب جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، جي ڪمري ۾ وڏي اسڪرين وارو پي سي لڳل هو پر هو ان کي استعمال ڪرڻ جي بجائي بال پوائنٽ ۽ ڪاغذ جي استعمال کي ترجيح ڏيندو هو. ساڳي ريت اسٽاف جي هڪ ٻئي سينيئر رڪن ماجد جو حوالو ڏيندي هو ٻڌائي ٿي ته جڏهين ايڊيٽر جي چوڻ تي اخبار ۾ سڀني کي ڪمپيوٽر ڏيڻ لاء ڪم ٿي رهيو هو ته هن کين ويجھي اچڻ کان ئي منع ڪري ڇڏي ۽ جڏهين کيس اهو يقين ڏياريو ويو ته هتان رڳو تار گذرندي ۽ ڪمپيوٽر سندس ڊيسڪ تي نه ايندو ته پوء کيس تسلي ٿي. ساڳي ريت جنگ گروپ پاران جڏهين انگريزي اخبار دي نيوز شروع ڪئي ويئي ته اتي شروعات ئي ان نئين ٽيڪنالوجي سان ڪئي ويئي. مشهور دانشور ڊاڪٽر اقبال احمد کي جڏهين اخبار جي دفتر جو دورو ڪرايو ويو ته انهن سڀني شين کي ڏسڻ کانپوء سندس پهريون سوال اهو هو ته انهن سڀني مشينن کي استعمال ڪير ڪندو.
اها ڳالھه پنهنجي ليکي صحيح آهي ته مشينن جو استعمال ماڻهو ئي ڪندا ۽ جيستائين اهي انهن کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت حاصل نه ڪندا تيستائين اهي مشينون بيڪار آهن. هن وقت پاڪستان ۾ انهن مشينن جو استعمال عام ٿي ويو آهي. اها ته هڪ طئي شده حقيقت آهي ته نئين ٽيڪنالوجي جتي گھڻيون سهولتون مهيا ڪري ٿي ۽ ڪم کي گھڻو سولو ڪري ٿي اتي اها مختلف ماڻهن ۽ طبقن جي وچ ۾ فرق جو باعث پڻ بڻجي ٿي. خاص طور تي ڪمپيوٽر جي اچڻ ان سلسلي ۾ هڪ وڏو ڪردارادا ڪيو آهي. ٻي ڪنهن به ايجاد کان وڌيڪ اهو هڪ وڏو ڇال هو. اٽڪل سڀني پيشن ۾ گھڻا اهڙا ڪم جيڪي اڳ هٿ سان يا روايتي مشينن ذريعي ٿيندا هئا هاڻي ڪمپيوٽر وسيلي ٿي رهيا آهن. هڪ ته ڏهن ماڻهن جو ڪم هڪ ماڻهو ڪري سگھي ٿو ۽ ٻي ڳالھہ ته گھڻا پراڻا ڪم مدي خارج ٿي ختم ٿي ويا آهن. پر ساڳي وقت انهن مشينن گھڻن نون ڪمن کي پڻ جنم ڏنو آهي ۽ روز نيون تبديليون اچي رهيون آهن. ان سلسلي ۾ جيڪي ان سان مطابقت پيدا ڪري سگھن ٿا اهي ئي پنهنجو گذارو ڪري سگھن ٿا. پر اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالھہ ناهي. ان سلسلي ۾ رياست روزگار جي نون ذريعن پيدا ڪرڻ ۽ تربيت وغير ه جي پروگرامن وسيلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي ۽ اهڙي ريت سماجي فرق جنهن جو نئين ٽيڪنالوجي جي ڪري پيدا ٿيڻ اڻٽر آهي کي ڪنهن حد تائين گھٽائي سگھجي ٿو.

ذات پات جو نظام رڳو هندن تائين محدود ناهي

صدين گذرڻ کانپو۽ به ڀارت ۾ ذات پات جو مسئلو حل نه ٿي سگھيو آهي. اهو ڄڻ هڪ لحاظ کان ماڻهو جي لاشعور جو حصو بڻجي ويو آهي. ان جي تدارڪ لاء گھڻا سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ميدان ۾ آيا پر آخري نتيجي ۾ اهي پاڻ ان سڀڪجھ جو حصو بڻجي ويا. ٻڌ مت، اسلام ۽ عيسائيت انسان جي برابري جو پيغام کڻي آيا ۽ هيٺين ذات جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪيو پر اهي پاڻ کي سڌي ۽ ان سڌي ريت ان ذات پات جي لعنت کان نه بچائي سگھيا ۽ ان جو شڪار ٿي ويا. گانڌي ۽ نهرو سميت آزادي جي تحريڪ جي اهم اڳواڻن به رڳو زباني ڪلامي ان ۾ سڌارن جي ڳالھه ڪئي ٿي جڏهين ته گانڌي جو ته انهن کي هريجن يا ڀڳوان جي اولاد سڏڻ جي باوجود اهو چوڻ هوندو هو ته ڀارت جي ترقي ان ۾ ئي آهي ته هر ذات وارا پنهنجو ڪم ڪن ۽ پنهنجو ڪرم پورو ڪن. اهي سڀ ماڻهو ظاهري طرح ان جي نندا ڪرڻ ۽ ڪجھ ڏيکاء وارن ڪمن ڪرڻ جي باوجود مختلف وقتن تي پنهنجن روين ۾ ان جو اظهار ڪندا آهن. ان جون پاڙون گھڻيون گھريون آهن. بظاهر ته ان کي رڳو هندومت تائين محدود سمجھيو وڃي ٿو ۽ ٻين مذهبن ۽ نظرين جا مڃيندڙ ان جي نندا ڪن ٿا. گھٽ ذات وارن جي ٻين مذهبن کي اختيار ڪرڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به ڄاڻايو وڃي ٿو پر اتي به انهن سان ڪو چڱو ورتاء نه ٿو ڪيو وڃي. هندو انتها پسندن پاران جتي مذهبي ٿوراين عيسائين ۽ مسلمانن سان ظلم ۽ ڏاڍ روا رکيو وڃي ٿو اتي ان کان وڌيڪ امتيازي ورتاء قبائلين، آدي واسين ۽ گھٽ ذات وارن هندن سان ڪيو وڃي ٿو جيڪو انهن جي هندو هئڻ جي ڪري گھڻو نمايان ٿي سامهون نه ٿو اچي.
ارون دتي رائي جو پهريون ناول God of Small Things The ان ڏکوئيندڙ حقيقت جي نشاندهي ڪري ٿو. اها ڏکڻ ڀارت جي رياست ڪيرالا، جتي ان وقت ڪميونسٽ پارٽي جي حڪومت هجي ٿي، جي ڪوٽايم ضلعي جي ڳوٺ ايامينم جي هڪ شامي عيسائي خاندان جي ڪهاڻي آهي. زال مڙس، ڌي پٽ ۽ گھر جي ڪجھ ٻين ڀاتين تي ٻڌل خاندان آهي. پي هڪ رٽائرڊ بدمزاج سرڪاري ڪامورو آهي جيڪو پنهنجي زال کي مارڪٽ ڪري ٿو. سندس پٽ چاڪو اسڪالر شپ تي آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. اتي هڪ انگريز چوڪري سان سندس تعلق ٿئي ٿو ۽ ان سان شادي ڪري ٿو. هو هڪ ذهين شاگرد هجي ٿو پر شادي کانپوء سندس عادتن ۾ وڏو بدلاء اچي وڃي ٿو. سندس طبيعت ۾ لاپروائي اچي وڃي ٿي، پڙهائي اڌ ۾ رهجي وڃي ٿي ۽ اسڪالرشپ بند ٿي وڃي ٿي. زال کان اهي ڳالھہيون گھڻيون سٺيون نٿيون ٿين ۽ اها کانئس طلاق وٺي ٻئي همراه سان شادي ڪري ٿي ۽ هو ڀارت موٽي اچي مختلف ڪمن ڪارين سان لڳي ٿو. ڌي جي پڙهائي وغيره ۾ ڪا گھڻي دلچسپي ناهي. مائٽن کي سندس شادي جو فڪر هجي ٿو. هو پنهنجي پي جي رويي کان تنگ اچي گھر ڇڏي وڃي ٿي ۽ ڪلڪتي ۾ پنهنجي هڪ مائٽ جي گھر ۾ رهي ٿي جتي چانهن جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ هڪ نوجوان سان سندس ملاقات ٿئي ٿي ۽ هو ان سان شادي ڪري ٿي. اهو همراه پنهنجين شراب پيئڻ وارين عادتن جي ڪري نوڪري تي گھڻي توجھ نه ٿو ڏئي ۽ نيٺ پنهنجي نوڪري بچائڻ لاء پنهنجي زال کي پنهنجي انگريز باس ڏانهن موڪلڻ لاء تيار ٿي وڃي ٿو جيڪا ڳالھہ سندس زال کي قبول نه ٿي هجي ۽ اها کيس ڇڏي پنهنجن ٻن ٻارن پٽ ايسٿا ۽ ڌي راحيل سان گڏ پنهنجن مائٽن جي گھر هلي اچي ٿي. ماء ۽ انهن جاڙن ڀاء ڀيڻ جي زندگي کي ننڍيون ننڍيون شيون ڪيئن متاٿر ڪن ٿيون، ڪيئن هڪٻئي کان ڌار ٿي وڃن ٿا ۽ پوء هڪ ڊگھي عرصي کانپوء ملن ٿا ناول ۾ ان کي نهايت ڏکوئيندڙ انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
مون ان ناول مان جيڪو نتيجو ڪڍيو اهو ته ڏکڻ ڀارت ۾ ڪميونسٽن جي اثررسوخ جي باوجود ذات پات جو هڪ سخت نظام آهي. اهو رڳو اوچي ذات جي هندن تائين نه پر عيسائين ۽ ايستائين ته ڪميونسٽن ۾ به موجود آهي جن جي ان وقت ڪيرالا ۾ حڪومت هئي ۽ هاڻي به اهي هڪ اهم سياسي قوت آهن. گھرن جي صفائي سٿرائي، گند صاف ڪرڻ ۽ ٻيا گھٽ درجي جا ڪم ته انهن ماڻهن کان ورتا ويندا هئا پر انهن کي چيو ويندو هو ته اهي پٺي ڀر ٻهاري ڏيئي پنهنجن پيرن جا نشان به ڊاهي ڇڏين. ان ناول جي ڪري ليکڪا کي اتان جي ڪميونسٽن جي مخالفت کي پڻ منهن ڏيڻو پيو ۽ سندس خلاف احتجاج ۽ مظاهرا ڪيا ويا.
ان ماحول ۾ مڙد عورت جي پيار جا اصول به سماج جي قاعدن قانونن موجب طئي ٿيندا آهن. گھٽ ذات سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان ويلوٿا ان عيسائي خاندان جا سڀ ننڍا وڏا ڪم ڪري ٿو ۽ اهي پڻ سندس خيال ڪن ٿا. سندس پي جي لاء هڪ نقلي اک جو بندوبست، گھر ٺاهڻ لاء زمين ڏيڻ ۽ ويلوٿا کي گھٽ ذات وارن جي اسڪول ۾ ابتدائي تعليم ڏيارڻ وغيره شامل هجي ٿو. هو هڪ سٺو واڍو هجي ٿو ۽ چاڪو کيس پنهنجي اچار جي ڪارخاني ۾ سپروائزر جي اهم عهدي تي مقرر ڪري ٿو. امو جا ٻار ويلوٿا جي گھڻو ويجھو هجن ٿا. هو کين مختلف رانديڪا ۽ ٻيون شيون وغيره ٺاهي ڏيئي ٿو ۽ وقت سان گڏوگڏ هو ۽ امو هڪٻئي جي ويجھو اچن ٿا. ذات پات واري سماج جي حوالي سان اها ڳالھہ نهايت خطرناڪ هجي ٿي. ايستائين ته ويلوٿا جو پيءُ اها ڳالھہ امو جي ماءُ مماچي سان ڪري ٿو ۽ کيس چئي ٿو ته اوهان جا مون تي تمام گھڻا ٿورا آهن ۽ آئون پاڻ پنهنجي پٽ جو قتل ڪري کيس ان ڳالھہ جي سزا ڏيندس. ان سان گڏوگڏ ڪجھ ٻيون ڳالھہيون ٿين ٿيون. امو جي ڀاء جي زال مارگريٽ کانئس طلاق وٺڻ کانپوء جنهن همراه سان شادي ڪئي هئي ان جو هڪ حادثي ۾ انتقال ٿي وڃي ٿو ۽ چاڪو کيس پنهنجي ڌي سان ڀارت اچڻ لاء چئي ٿو ته جيئن هو ان صدمي مان نڪري سگھي. ان وقت ڪيرالا رياست ۾ پورهيتن جا پنهنجن گھرن ۽ پگھارن وغيره وڌائڻ جي حق ۾ مظاهرا ۽ جلوس وغيره هلندڙ هجن ٿا. ڪوچين ۾ ايئرپورٽ ڏانهن ويندي سندن ڪار هڪ جلوس ۾ ڦاسي پئي ٿي جتي امو جي ڌي کي سندن اچار ٺاهڻ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ويلوٿا نظر اچي ٿو. جلوس ۾ شامل ڪو فرد امو جي پڦي جي هٿ ۾ ڳاڙهو جھنڊو ڏيئي کانئس انقلاب زنده باد جا نعرا هڻائي ٿو. هو سمجھي ٿي ته اهو سڀڪجھ ويلوٿا ڪيو هو ۽ پنهنجي ان بيعزتي کي هو وساري نه ٿي سگھي. ٻي ڳالھہ اها ٿئي ٿي ته چاڪو جي انگلينڊ مان آيل ڌي صوفي راحيل ۽ ايسٿا سان گڏ هڪ طوفاني رات ۾ دريا ۾ ٻيڙي ۾ ويندي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ ڪري ٻڏي مري وڃي ٿي جڏهين ته ٻيئي ڀاء ڀيڻ بچي وڃن ٿا.
ان صورتحال ۾ ويلوٿا ڄڻ ان سڄي ڪهاڻي جو هڪ اهم ڪردار بڻجي وڃي ٿو. پهرين ته امو جي ماء مماچي کيس پنهنجي گھر گھرائي گھڻو بيعزت ڪري ٿي ۽ پوء امو جي پڦي ٿاڻي وڃي سندس خلاف ٽنهي ٻارن جي اغواء جو ڪيس داخل ڪري ٿي جيڪي رات کان گھر مان غائب هجن ٿا. گھٽ ذات وارن نوجوانن لاء ڪميونسٽ پارٽي ۽ نڪسل باڙي خاص ڇڪ جو باعث هجن ٿا جنهن جي وسيلي هو پنهنجي لاء سماج ۾ هڪ مقام حاصل ڪري سگھن ٿا. ۽ اها ساڳي ڳالھه ويلوٿا سان به هجي ٿي. هو پارٽي جو رڪن بڻجي ٿو ۽ ڪارڊ هولڊر هجي ٿو. ان علائقي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ پلائي پاڻ اسمبلي جي رڪن ٿيڻ لاء پارٽي جي ٽڪيٽ لاء مختلف حيلا هلائي ٿو. جڏهين ايس ايچ او کيس چئي ٿو ته ويلوٿا خلاف اها شڪايت آئي آهي ۽ هو جيڪڏهين ان خلاف ڪو قدم کڻي ٿو ته پارٽي کي ڪو اعتراض ته نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن سمجھيو ٿي ته پارٽي جيڪڏهين ان خلاف احتجاج ڪيو ته سندس لاء مسئلا ٿي سگھن ٿا. پر پلائي کيس صاف طور اهو چئي ٿو ته ويلوٿا جو پارٽي سان ڪو واسطو ناهي ۽ اها ان معاملي ۾ مداخلت نه ڪندي. ويلوٿا امو جي گھران موٽندي ڪامريڊ پلائي جي گھر وڃي ٿو ۽ کيس سڄي صورتحال کان واقف ڪندي چئي ٿو ته پارٽي ان سلسلي ۾ سندس ڪهڙي مدد ڪري سگھي ٿي. پر ڪامريڊ کيس صاف طور چئي ٿو ته جيئن ته اهو سندس ذاتي معاملو آهي ان ڪري پارٽي سندس ڪاٻه مدد نه ٿي ڪري سگھي. اهڙي ريت جيتوڻيڪ اها پڪ ٿئي ٿي ته ٻار هڪ حادثي جو شڪار ٿيا آهن ۽ چاڪو جي ڌي جو موت به ان جو نتيجو آهي، ٻار به ان ڳالھہ جي گواهي ڏين ٿا ته کين اغواء نه ڪيو ويو هو پر اهي هڪ حادثي جو شڪار ٿيا هئا. پر پوليس ان کي مقابلو ڄاڻائي ويلوٿا تي تشدد ڪري ٿي جنهن ۾ سندس موت ٿئي ٿو. ايس ايچ او امو جي پڦي بي بي ڪوچاما، جنهن ايف آئي آر درج ڪرائي هئي، کي اهو سڀڪجھ ٻڌائي ٿو ۽ کيس چئي ٿو سندس خلاف ڪوڙي ايف آئي آر لکرائڻ جي ڪري ڪيس داخل ڪري سگھجي ٿو جنهن جا سٺا نتيجا نه نڪرندا. نتيجي ۾ هو ٻارن کي سندن ماء جي نالي ۾ بليڪ ميل ڪري سندن بيان تبديل ڪرائي ٿي ۽ اهڙي ريت ويلوٿا جو قتل کين ڦٻي وڃي ٿو.
امو ۽ سندس پٽ ايسٿا کي بي بي ڪوچاما سازشون ڪري گھر مان وڃڻ تي مجبور ڪري ٿي ته جيئن ڪنهن به موقعي تي سندس ڪوڙ ۽ ڏوه ظاهر نه ٿي پئي. اهيِ ٻيئي ڌار ڌار منزلن ڏانهن هليا وڃن ٿا. امو جو تڪليفن واري زندگي گذاريندي ننڍي ڄمار ۾ انتقال ٿي وڃي ٿو جڏهين ته ايسٿا اٽڪل پندرنهن سالن کانپوء گھر موٽي اچي ٿو. ڪميونسٽ اڳواڻ پلائي جنهن ويلوٿا کي پارٽي جو رڪن ئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو اهو سندس موت مان سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاء چاڪو جي اچار جي ڪارخاني، جتي ويلوٿا ملازم هجي ٿو، پنهنجن پارٽي جي ڪارڪنن سان سندس حق ۾ مظاهرو ڪري ٿو پر ان وچ ۾ چاڪو ڪينيڊا وڃي چڪو هجي ٿو ۽ ڪارخانو بند ٿي وڃي ٿو ۽ ڪامريڊ کي ڪجھ حاصل نه ٿو ٿئي.
ناول ساڳي وقت انساني رشتن جي بي ثباتي کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته پيار به سماجي اصولن ۽ قانونن جي تابع هوندو آهي. انهن جي خلاف ورزي ڪندڙ سزا جو مستحق هوندو آهي. ساڳي ريت اهو به ته وڏن نظرين جي هام هڻندڙ به پنهنجي اندر ۾ انهن ڳالھين جي پوئواري ڪندي نظر ايندا آهن جن جي خلاف اهي بظاهر جدوجهد جي دعوا ڪندا آهن.

عربن جي سنڌ تي ڪاهه ۽ اڻويھه عورتون

رسول ميمڻ سنڌي فڪشن ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي، هڪ ڊگھي عرصي کان لاڳيتو لکندڙ ليکڪ جيڪو پنهنجن موضوعن جي نواڻ سان پڙهندڙن کي حيرت ۾ وجھندو رهندو آهي. ڊڪشن ۽ اسٽائيل وغيره جي لحاظ کان سندس هر تخليق ٻي کان مختلف هوندي آهي ۽ ان متعلق اڳواٽ اندازو لڳائڻ ڏکيو هوندو آهي. اها ڳالھه سنڌي ليکڪن جي حوالي سان گھٽ ئي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ان ڪري پنهنجي ڊڪشن ۽ اسٽائيل وغيره جي لحاظ کان کيس ڪنهن هڪ ڪيٽيگري ۾ نه ٿو وجھي سگھجي. بهرحال هڪ ڳالھہ جيڪا سندس لکڻين کي هڪٻئي سال ڳنڍي ٿي اها آهي سندس اندر ۾ لڪل درد جنهن کي هو پنهنجن ڪردارن ۾ منتقل ڪندورهي ٿو ۽ پڙهندڙن کي ان کي محسوس ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. پر اهو درد ساڳي وقت هڪ حساس فنڪار جيان سندس اندر ۾ پڻ موجود رهي ٿو ۽ نئين تخليق جوڪارڻ بڻبو رهي ٿو.
رسول جنهن تيزي سان لکي ۽ ڇپجي رهيو آهي ان ۾ سندس ڪنهن لکڻي ۽ ڪتاب کي نئون چوڻ شايد مناسب نه ٿئي. هن وقت منهنجي مطالعي ۾ سندس ناول اڻويھه عورتون آهي. جيتوڻيڪ ناول جو پس منظر تاريخي آهي ۽ سنڌ تي عربن جي ڪاھه جي حوالي سان لکيل آهي پر جيئن ليکڪ پاڻ چئي ٿو ته ناول جو پس منظر تاريخ آهي پر پيش منظر خيالي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ڪو تاريخ جو بيان ناهي. اهو تاريخ ڏانهن ليکڪ جو هڪ احساساتي ردعمل آهي. پر ان سلسلي ۾ ناول شاعري ۽ ڪهاڻي کان ان لحاظ کان مختلف هوندو آهي ته اهڙي موضوع سان لاڳاپيل ناول رڳو هڪ احساس جو اظهار ناهي هوندو پر ان ۾ هڪ تحقيق جي پڻ ضرورت هوندي آهي ۽ پوري ماحول کي نظر ۾ رکڻو پوندو آهي. اها ڳالھه ليکڪ جي زير نظر رهي آهي ۽ هن ان ڳالھه جو اظهار به ڪيو آهي ته جيئن ته ان دور متعلق گھڻو تاريخي مواد دستياب ناهي ان ڪري کيس گھڻي ڀاڱي پنهنجي تصور تي ڀاڙڻو پيو آهي. ان ناول کي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان لکيل انهن ناولن جو تسلسل چئي سگھجي ٿو جيڪي ورهاڱي کان پوء قوم پرست تحريڪ جي زير اثر لکيا ويا جن تي تاريخ کان وڌيڪ ليکڪ جو احساس ۽ جذبو حاوي رهيو آهي.
عربن جي ڪاھه سنڌ جي تاريخ جو هڪ نهايت اهم واقعو آهي جنهن سنڌ جي تاريخ، آبادي جي بيهڪ ۽ مذهب وغيره کي ڄڻ ته هميشه لاء بنيادي لحاظ کان تبديل ڪري ڇڏيو. ان ڪاھه اڳتي هلي هڪ مذهبي ۽ تقدس جي شڪل اختيار ڪري ورتي. ان ڪري اهو موضوع نئين ملڪ،جنهن جو بنياد ئي مذهب تي هو ۽ جنهن ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي تاريخ جي شروعات ئي سنڌ ۾ عربن جي اچڻ سان ڪئي ٿي، جي ٺهڻ کانپوء وڌيڪ حساس ٿي پيو. ان حوالي سان ان موضوع تي لکڻ تاريخ جي ٻين موضوعن تي لکڻ کان مختلف آهي. ساڳي وقت سنڌ ۾ جيڪا قومي تحريڪ اڀري ان کي پنهنجا متبادل گھربل هئا جيڪي رياست جي نظرئي ۽ پيش ڪيل تاريخ جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگھجن. ڏاهرساڄي ڌر جي دانشورن لاء ڪافر ۽ ملعون هو، جيئن ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ان سلسلي ۾ حوالو ڏنو آهي، پر جي ايم سيد ان کي سنڌ جي سورمن ۾ شمار ڪري ٿو جنهن پنهنجي وطن جو بچاء ڪندي قرباني ڏني. رسول ميمڻ ناول جي شروعات ۾ ئي پنهنجي نڪته نظر کي واضح ڪري ڇڏيو آهي.ته ڏاهر سنڌ ملڪ جو اهو بادشاه هيو جنهن ڌارين سان جنگ جوٽي پوء اها جنگ سنڌي عوام لاء هئي يا پنهنجي شهنشاهيت کي تحفظ ڏيڻ لاء. هو چئي ٿو ته ليکڪ جي حيثيت ۾ مان ڌر ناهيان پرمنهنجو ملڪ سنڌ آهي، منهنجيون همدرديون سنڌ سان آهن نه ڪي راجائن ۽ سپه سالارن سان.
ناول جا ڪردار نه ته راجا ۽ سردار آهن ۽ نه ئي جرنيل جن کي دشمن خلاف غير معمولي بهادري جا ڪارناما ڪندي ڏيکاريو ويو هجي ۽ نه اهي اوڻويھه عورتون ڪي شهزاديون ۽ حڪمران خاندان سان واسطو رکندڙ آهن پر اهي سڀ عام ماڻهو ۽ مندر جون داسيون آهن جن کي برهمڻ آباد تي حملي وقت غلام بڻائي عراق(شام) جي حاڪم کي موڪلڻ لاء بحربانيا موڪليو ٿو وڃي. ناول جو هيرو ڪهيداس بازيگرن جي قبيل سان واسطورکندڙ هڪ شخص آهي جيڪي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گھمي پنهنجي روزي ڪمائين ٿا. هو بس هڪ عام ماڻهو آهي جنهن جي لاء حب الوطني وغيره سڀ ثانوي شيون آهن ۽ جيڪڏهين ڪنهن ڳالھہ جي ڪا اهميت آهي ته اها آهي پنهنجي محبوبه هارانسي کي قيد مان آزاد ڪرائڻ. سندس ڪا ماورائي حيثيت ناهي جنهن جي اهڙي قسم جي ناولن ۾ گھڻي گنجائش هوندي آهي. خاص طور تي ان وقت جڏهين هو شهزادي جي علاج لاء جڙي ٻوٽين جي ڳولا ۾ اروڙ پهچي ٿو جتي جنگ لڳل هجي ٿي ۽ ڏاهر جي مرڻ جي پڪ ٿي وڃي ٿي. ان وقت به سندس ذهن تي سندس محبوبه جو ئي خيال هجي ٿو ته واپس موٽي ان کي ڪيئن آزاد ڪرائجي. ان سان ان وقت ماڻهن جي حڪمرانن سان هڪ لاتعلقي جي پڻ خبر پئي ٿي جن جي لاء پنهنجي ذاتي زندگي جي حوالي سان حڪمرانن جي بدلجڻ سان ڪو خاص فرق نه پيو پئي. هونئن به ڏاهر جي شڪست ۽ عربن جي سوڀاري ٿيڻ جو مک ڪارڻ سنڌي سماج جو اندروني طور ورهائجڻ ۽ ڏڦيڙ به هو. ان مقصد لاء جيتوڻيڪ هو بادشاه ۽ شهزادن کي پنهنجي مهارت جو يقين ڏياري پنهنجي لاء رعايتون ۽ پنهنجي محبوبه تائين پهچ حاصل ڪري ٿو پر انهن شعبن ۾ به کيس ڪي خاص ته ڇا بلڪ ڪي به ڪارناما ڪندي نه ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي ريت بجائي پنهنجي مهارت جيِ بادشاه ۽ شهزادي جي انڌي اعتماد، جيڪو رڳو سندن اٻوجھائپ ۽ بيوقوفي کي ظاهر ڪري ٿو، جي ڪري ئي هو پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي ٿو. گھڻين ڳالھہين کي ناول نگار نهايت سولو ڪري پيش ڪيو آهي. سندس بادشاه ۽ شهزادي کي اعتماد ۾ وٺڻ به هڪ سولي ڳالھہ ته اروڙ جي قيد خاني مان نڪري بحربانيا پهچڻ به سندس لاء ڪو مسئلو نه ٿو هجي. اهم ڳالھہ اها آهي ته هيرو کي ڪٿي به هٿيار کڻڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي پوي جيڪا ان ويڙه ۽ جنگ واري صورتحال ۾ هڪ اڻٽر ڳالھہ هوندي آهي.
ناول ۾ جيتوڻيڪ گھڻن ڪردارن کي متعارف ڪرايو ويو آهي پر سرگرم ڪردار رڳو ناول جي هيرو ڪهيداس جو آهي جڏهين ته باقي سڀ ٻيا ڪردار سندس مددگاريا غير سرگرم آهن. اها ڳالھہ خاص طور تي ناول جي هيروئن لاء چئي سگھجي ٿي جنهن جو ناول ۾ هيرو لاء رڳو هڪ اتساه هئڻ کانسواء ٻيو ڪو خاص ڪردار ناهي.
هڪ بنيادي ڳالھه جنهن کي ليکڪ نظرانداز ڪري ويو آهي اها اها ته سنڌ تي عرب ڪاه اموي دور ۾ ٿي هئي ۽ ان وقت ان جي گادي جو هنڌ دمشق شام هو جڏهين ته ناول ۾ تواتر سان ان کي بغداد ۽ عراق ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
ناول جو ڪينواس ڪهاڻي کان وسيع هوندو آهي ۽ ان ۾ ماحول کي وسيع تناظر ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. هي ناول جيئن ته هڪ عام ماڻهو جي حوالي سان لکيل آهي ان ڪري سنڌ جي تاريخ جي ان باب جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ليکڪ کان اها گھر ڪري سگھجي ٿي ته هو ان وقت جي حالتن جو هڪ خاڪو پيش ڪري ها. اهو ان لحاظ کان اڃا وڌيڪ مناسب ٿئي ها ته ناول جو هيرو شڪست کي ڏسندي فليش بيڪ ۾ ان سڄي صورتحال جا ڪارڻ ڄاڻائي سگھي ها. ڇاڪاڻ ته هڪ عام ماڻهو هئڻ جي باوجود هو هڪ ته هڪ باشعور شخص آهي ۽ ٻي ڳالھه ته ان سڄي صورتحال سندس زندگي کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. اهو ان ڪري به ممڪن آهي ته هن وقت ان موضوع تي رڳو چچ نامو اڪيلو ذريعو ناهي پر ٻيو گھڻو مواد به دستياب آهي جنهن مان اها ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ته ڏاهر ۽ سنڌي فوجن جي هارائڻ جو ڪارڻ رڳو سندن فوجي ڪمزوري يا عربن جي فوجي طاقت نه هئي پر ملڪ اندر اهڙيون قوتون موجود هيون جيڪي ڏاهر سان بغاوت ڪري وڃي عربن سان شامل ٿيون هيون. ان سلسلي ۾ ان عنصر کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته ان وقت سنڌ جي آبادي جي گھڻائي جو مذهب ٻڌ مت هو جڏهين ته حڪومت ڪندڙ برهمڻ هئا. ڏاهر سنڌ جو آخري هندو حڪمران هو ۽ سندس دور تائين ئي سنڌ جي هندن ۾ ذات پات جو نظام رهيو آهي جيڪو پوء آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو. ان مذهبي فرق ۽ سماجي ڏڦيڙ به ڏاهر جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ناول بنيادي طور تاريخ کان وڌيڪ تصور تي ٻڌل آهي، جيئن اڳ به ذڪرٿيل آهي، پر تصور حقيقت تي وڌيڪ حاوي ٿي ويو آهي ۽ هيرو ڄڻ الف ليلوي داستان جو ڪو ڪردار محسوس ٿئي ٿوجنهن جي لاء سڀ ڪم اک ڇنڀ ۾ سولا ٿي پون ٿا. موضوع جيئن ته سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم باب سان لاڳاپيل آهي ان ڪري اهو هڪ ڪهاڻي جي حوالي سان ته ٺيڪ آهي پر پڙهندڙ ناول جي حوالي سان ان ۾ ڪجھ کوٽون محسوس ڪري ٿو. اهو ان ڪري به آهي ته سنڌي ۾ اهو ان دور جي حوالي سان شايد پهريون ناول آهي جيڪو هڪ سڄاڻ ليکڪ جي قلم ذريعي پڙهندڙن تائين پهتو آهي.


ايران جا مذهب ۽ انهن جا اثر

ان ڳالھه جي باوجود ته زرتشت جي مذهب کي مڃيندڙ ڀارت، پاڪستان، ايران ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪي ٿورا ئي وڃي رهيا آهن پر ان جو اثر دنيا جي بين ملڪن جي ماڻهن جي مذهبن ۽ ثقافت تي تمام گھڻو رهيو آهي. ليکڪ پال ڪريواڪزيڪ پنهنجي ڪتابIn Search of Zarathustra ۾ تفصيلي طور ان مذهب جي مختلف پاسن جو جائزو ورتو آهي.
زرتشت جو واسطو مذهبي پروهتن جي گھراڻي سان هو. سندس ڄم جو هنڌ بلخ ٻڌايو وڃي ٿو. سندس ڄم جي تاريخ متعلق ڪا پڪ ناهي پر اهو چيو وڃي ٿو ته ممڪن آهي ته هو 1200 قبل از مسيح ۾ پيدا ٿيو هجي جيڪو حضرت موسا جي دور جي ويجھو آهي يا اهو به ممڪن آهي ته اهو سن 1700 قبل از مسيح هجي جيڪو حضرت ابراهيم جي دور جي ويجھو آهي. ليکڪ جو خيال آهي ته سندس تعلق آريائن سان آهي جن مان هڪ حصو هندوستان واري پاسي هليو ويو جڏهين ته ٻيو حصو ايران ۾ رهجي ويو. ان ڪري نه رڳو سنڌو جي ڪناري لکيل ويدن جي ٻولي سنسڪرت ۽ زرتشت جي اوستا ۾ ڪافي مماثلت آهي پر ڪي خيال ته بلڪل ساڳيا آهن.
زرتشت کان اڳ سندس ملڪ جا ماڻهو گھڻن ديوي ديوتائن کي مڃيندا هئا. زرتشت اهو خيال پيش ڪيو ته خدا رڳو هڪ آهي جنهن جي اختيار ۾ هر شي آهي ۽ ان کي هن اهورا مزدا جو نالو ڏنو جڏهين ته بدي جي قوت کي هن پهرين ڪوڙ ڪوٺيو ۽ پوء ان کي اهرمن جو نالو ڏنو. سندس چوڻ هو ته انهن ٻنهي قوتن جي وچ ۾ لاڳيتي ڇڪتاڻ ۽ جنگ جاري رهي ٿي ۽ ماڻهو کي بدي خلاف ويڙه ۾ چڱا ئي جو پاسو وٺڻ گھرجي.
جيئن هر پيغمبر ۽ مصلح سان ٿيندو رهيو آهي ائين زرتشت سان به ٿيو ته پهرين ته ان ڳالھه تي سندس نندا ڪئي ويئي ته هي اسانجي خدائن کي گھٽ وڌ ٿو ڳالھائي ۽ ٻيو ته ڀلا ملڪ ۾ ايترن معتبر ۽ عالم فاضل ماڻهن جي هوندي نيٺ هن کي ڇو چونڊيو ويو آهي. ان ڪري هو پاڻ خدا سان هي شڪايت ڪري ٿو ته سندس ڪير به ڳالھہ نه ٿو ٻڌي، نه عام ماڻهو ٿا ٻڌن ۽ نه ئي امير ۽ بادشاه ٿو ٻڌي. هو ان سڄي صورتحال جي ڪري لڏي ٻئي ملڪ هليو ويو جتي بادشاه سندس ڳالھہ ٻڌي ٿو ۽ ان کي مڃي ٿو. هو اتي ڊگھو عرصو رهيو، ٽي شاديون ڪيائين ۽ اٽڪل ستتهر سالن جي عمر ۾ سندس مذهبي مخالفن کيس قتل ڪري ڇڏيو. کانئس پوء گھڻين پراڻين ديوي ديوتائن کي وري ان نئين مذهب جو حصو بڻايو ويو جن کي زرتشت ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو هو.
زرتشت کان اڳ يهودين ۽ ٻين مذهبن وٽ نيڪي ۽ بدي لاء هڪ ئي خدا جو تصور هو. سندس فلسفي جي خاص ڳالھہ جيڪا ان کي اڳ وارن مذهبن کان مختلف ڪري ٿي اها آهي ته هن نيڪي ۽ بدي لاء ڌار ڌار خدائن جو تصور ڏنو. ساڳي وقت هن موت کانپوء زندگي، جنت، دوزخ ۽ ملائڪن جو تصور ڏنو جيڪي ڳالھيون اڳوڻن مذهبن ۾ نه هيون. يهودين جي يروشلم ڇڏڻ ۽ بابل ۾ اچڻ کان اڳ وارين ڪتابن ۾ به اهي ڳالھيون نه هيون جيئن اڳ حضرت دائود جي ڪنهن ڪوتاهي جي حوالي سان ان کي بجائي شيطان جي گمراه ڪرڻ جي يهودين جي خدا يهوا جي کاتي ۾ وڌو ويو هو. بابل ۾ جيڪا بائبل لکي ويئي ان ۾ اهي ڳالھيون شامل ڪيون ويون هيون. ليکڪ جو خيال آهي ته ان وقت يهودين جا ڪي طئي ٿيل مذهبي اصول ۽ طور طريقا نه هئا ۽ مختلف گروه ۽ فرقا پنهنجي پنهنجي ليکي مختلف ڳالھہين جي وضاحت ڪندا هئا. ان ڪري انهن ڳالھين متعلق مختلف گروهن ۽ فرقن ۾ اختلاف هئا پر اهو گروه نيٺ حاوي ٿي ويو جنهن انهن ڳالھين کي صحيح سمجھيو ٿي. ان کان پوءِ عيسائين انهن ڳالھين کي گھڻي رد و ڪد ۽ مبهم انداز ۾ پنهنجي مذهب ۾ آندو جڏهين ته اسلام ۽ مسلمانن نهايت واضح انداز ۾ انهن ڳالھين کي پنهنجو ڪيو.
جيتوڻيڪ زرتشت مذهب جو ڪتاب اوستا ۽ سندن گوٿڪ آهن جن جو اهي پنهنجي عبادت دوران ورد ڪندا رهندا آهن پر اهم ڳالھ اها آهي ته زرتشت جي تعليم جو گھڻو حصو محفوظ نه رهي سگھيو آهي. ان جو اهم ڪارڻ اهو آهي ته ان وقت جي ايرانين وٽ لکت کي چڱو نه سمجھيو ويندو هو. ان وقت سڄي وچ اوڀر جي عام ٻولي ارامڪ هوندي هئي ۽ بادشاه جي دربار ۾ فارسي سان گڏ هڪ ارامڪ ڄاڻندڙ به هوندو هو جيڪو سڄي ڪاروائي کي لکندو ۽ ريڪارڊ ڪندو ويندو هو. اهو ساساني بادشاه اردشير جي دور ۾ ٿيو جڏهين هن پنهنجي سلطنت جي پرڳڻن جي گورنرن کي اهو حڪم ڏنو ته اهي اوستا جون ٻه ڪاپيون رکن ۽ ساڳي وقت پنهنجي دربار جي مذهبي عالم تانسر کي چيو ته هو مختلف علائقن مان زرتشت جي تعليمات کي گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪري.
ان سلسلي ۾ زرتشت عالمن جو هڪ خيال اهو به آهي ته سڪندراعظم جي ايران تي ڪيل حملي ۾ ڦرمار ۽ باهين ڏيڻ جي واقعن ۾ اهو ريڪارڊ تباه ٿي ويو هو. ايران جي اها روايت هوندي هئي ته نوروز جي موقعي تي سلطنت جي هر حصي مان گورنر ۽ امير بادشاه کي عزت ڏيڻ ۽ پنهنجي تابعداري ڏيکارڻ لاء خاص تحفا آڻيندا هئا. سڪندر کي اها توقع هئي ته هاڻي اها ساڳي حيثيت کيس ڏني ويندي ۽ کيس ايران جو بادشاه مڃيو ويندو پر سندس اها توقع پوري نه ٿي سگھي ۽ ڪاوڙ ۾ هن پنهنجي فوج کي محلن ۽ شهرن کي باهيون ڏيڻ، ڦرمار ڪرڻ ۽ ايراني عورتن جي عزتن سان کيڏڻ جي کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي. ايرانين جو چوڻ آهي ته اهو سڀڪجھ ڪرڻ جي باوجود ايران ۾ سڪندر جو نالو نشان باقي نه رهيو جڏهين ته ايران ۽ ايراني ماڻهو اڄ به ساڳي ريت باقي آهن.
سائرس لاء اهو چيو وڃي ٿو ته هو زرتشت جو پوئلڳ نه هو. ساڳي ريت جيڪو نوروز جو ڏڻ ملهايو وڃِي ٿو اها زرتشت جي روايت ناهي پر سائرس اها بابل فتح ڪرڻ وقت اتان کڻي آيو هو. اتان جا شهري مردوڪ ديوي جو ساليانو ڏڻ ملهائيندا هئا جنهن ۾ هو اتان جي بادشاه جي اڳواڻي ۾ ديوي کي مندر مان ڪڍي شهر ۾ گھمائيندا هئا ۽ خوشيون ملهائيندا هئا. سائرس جي بابل کي فتح ڪرڻ جو هڪ ڪارڻ انهن اهو ٻڌايو ته ان سال بادشاه شهر ۾ نه هو ۽ شهري اهو ڏڻ نه ملهائي سگھيا هئا جنهن جي ڪري ديوي ناراض ٿي ويئي هئي ۽ کين سائرس هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو. جڏهين ته دارا لاء چيو وڃي ٿو ته هو زرتشت مذهب تي سختي سان عمل ڪندو هو ۽ سندس دور ۾ ان کي ڄڻ هڪ سرڪاري مذهب جي حيثيت حاصل هئي.
ساڳي ريت ايران سان واسطو رکندڙ ماني، جنهن کي روشني جو پيغمبر پڻ چيو وڃي ٿو، 216 عيسوي ۾ پيدا ٿيو ۽ 274 عيسوي ۾ وفات ڪيائين بلڪ کيس ماريو ويو. زرتشت نيڪي ۽ بدي جي ڳالھہ ڪندو هو جڏهين ته ماني روح ۽ مادي ۽ روشني ۽ اونداهي وچ ۾ ويڙه جي ڳالھہ ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته کيس روشني نظر ايندي هئي. ٻارنهن ۽ چوويه سالن جي عمر۾ کيس روحاني تجربا ٿيا جن ۾ سندس چوڻ هو ته کيس چيو ويو ته پنهنجي پي، جيڪو هڪ مذهبي عالم هو، جي مذهب کي ترڪ ڪري ماڻهن تائين يسوع جي صحيح تعليم کي پهچائي. ان حوالي سان هن هندوستان ۽ خاص طور سنڌ ۽ توران جو سفر ڪيو. سندس تبليغ جو هڪ خاص طريقو هوندو هو. هو بجائي عام ماڻهو ڏانهن وڃڻ جي اميرن ۽ بادشاهن کي پنهنجي پاسي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هن ڇھه ڪتاب شامي ٻولي ۾ لکيا جڏهين ته ستون بادشاه لاء وچولي دور جي فارسي ۾ لکيو. شاه پور پهرئين جي دور ۾ هن سندس ڪجھ گورنرن وغيره کي پنهنجي پاسي آڻڻ کانپوء بادشاه تائين رسائي حاصل ڪئي هئي. بادشاه جو چوڻ هو ته هن پهرين ته کيس مارائڻ لاء سوچيو هو پوء روشني جو معجزو ڏسي هن اهو ارادو بدلائي ڇڏيو. هن ماني کي اها اجازت ڏني ته هو سندس سلطنت ۾ گھمي ڦري پنهنجي تبليغ جو ڪم ڪري سگھي ٿو. شاهپور کان پوء سندس وڏو پٽ حڪمران ٿيو ۽ هن به ماني کي اهي ساڳيون سهولتون ڏنيون جيڪي سندس پي ڏنيون هيون پر کانئس پوء سندس ننڍو ڀاء بهرام حڪمران ٿيو. ان وقت دربار جي زرتشت عالم ڪارتر کي ماني جي دربار ۽ سلطنت ۾ اثر رسوخ وڌڻ جي صورت ۾ پنهنجي لاء خطرو محسوس ٿيو. هن بادشاه کي ان ڳالھہ تي قائل ڪيو ته ماني کان زرتشت مذهب کي خطرو آهي ان ڪري نه رڳو اهو ته کيس ڪي سهولتون نه ڏنيون وڃن پر مٿس پابنديون لڳايون وڃن. ان وقت کان ئي اها ڳالھہ واضح هئي ته جڏهين ڪنهن به مذهب کي سرڪاري حيثيت ۽ سرپرستي حاصل ٿيندي آهي ته ٻئي ڪنهن به مختلف نڪته نظر جي ماڻهو لاء زندگي ڏکي ٿي پوندي آهي. ماني بهرام جي دربار ۾ وڃي ٿو ۽ کيس ياد ڏياري ٿو ته سندس پي ۽ ڀاء ساڻس ڪهڙو نه بهتر ورتاء ڪيو هو ۽ سهولتون ڏنيون هيون پر بهرام سندس ڪابه ڳالھہ نه ٿو ٻڌي. هو کيس زنجيرن ۾ جڪڙڻ جو حڪم ڏئي ٿو ۽ جيسين سندس تن ۾ ساه رهي ٿو هو ائين جڪڙيل رهي ٿو. بهرحال ماني جي گذاري وڃڻ سان سندس خيال ۽ مذهب ختم نه ٿيو ۽ گھڻا ماڻهو سندس پوئلڳ رهيا.

زرتشت جا يورپ تي اثر

مسلمانن جي ايران ۾ اچڻ کانپوء جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان گھڻن پنهنجو مذهب بدلايو ۽ گھڻا هندوستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن لڏي ويا پر انهن ٻولي سميت پنهنجين گھڻن روايتن کي برقرار رکيو آهي. شاه ايران پاڻ کي اڍائي هزار سال پراڻي ساساني سلطنت جو وارث سمجھندو هو ۽ ان سڃاڻپ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاء هن وڏي پئماني تي جشن جو اهتمام ڪيو جنهن ۾ مختلف طريقن سان ان دور کي وري جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. ان جشن ۾ جيتوڻيڪ ايراني عوام جي شرڪت نه هئي پر ٻي دنيا جا اٽڪل اوڻهتر مملڪت ۽ حڪومت جا سربراه ۽ ٻيا عمائدين شريڪ ٿيا هئا. ساڳي ريت نوروز اسلام کان اڳ جو ڏڻ آهي پر ايراني ان کي هڪ قومي ڏڻ طور ملهائيندا آهن. ايستائين ته موجوده مذهبي حڪومت ان جي مخالفت ڪرڻ ۽ ان کي غير اسلامي قرار ڏيڻ جي باوجود هر سال ان کي ملهائڻ لاء باقاعدي ملڪ ۾ موڪل ڪندي آهي. ساڳي ريت فردوسي جو شاهنامو ماضي جي عظيم ايران، جنهن ۾ وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جا هاڻوڪا ملڪ شامل هئا، جو رزميو آهي. هڪ لحاظ کان اهو زرتشتين لاء ان ڪري اهميت جو حامل آهي جو اهو ان مذهب جي شروعات کان وٺي آخري ساساني بادشاه جي وفات تائين جو ذڪر ڪري ٿو جنهن کانپوء زرتشتين جو زوال شروع ٿيو. شاهنامي جا ڪردار رڳو موجوده ايران جا ناهن پر انهن ۾ گھڻا ڪردار توران جا آهن جنهن کي ڪنهن دور ۾ ايران جو مخالف ليکيو ويندو هو.
زرتشت لاء چيو وڃي ٿو ته هو بلخ ۾ پيدا ٿيو جنهن کي ڪنهن دور ۾ شهرن جو شهر چيو ويندو هو. اهڙي ريت جيتوڻيڪ ان مذهب جو مک علائقو ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا کي ڄاڻايو وڃي ٿو پران جا اثر يورپ جي مختلف ملڪن جهڙوڪ انگلينڊ، فرانس ۽ بوسنيا وغيره ۾ مليا آهن. اها واقعي هڪ حيرت جوڳي ڳالھه آهي ته يورپ جو هڪ فلاسافراوڀر جي هڪ پراڻي مذهب جي پيغمبر جي حوالي سان ڪتاب ائين زرتشت ڳالھہايو لکي ٿو. نٽشي جنهن جو شروع ۾ مذهب سان لڳاء هو ۽ جنهن جو پي گرجا سان لاڳاپيل هو پر پوء هن ماڳيئي مذهب ۽ خدا کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. زرتشت متعلق ڪتاب لاء نٽشي جو چوڻ آهي ته زرتشٽ پنهنجي تعليم ۾ جنهن نيڪي ۽ بدي جي قوتن وچ ۾ ويڙه ۽ ان ۾ نيڪي جي ساٿ ڏيڻ ۽ اخلاق وغيره تي زور ڏنو آهي هو سندس ان غلطي کي درست ڪرڻ چاهي ٿو ته اڄوڪي دور ۾ ان تعليم جي ڪا ضرورت نه رهي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته نٽشي تائين زرتشت جو نالو ۽ سندس تعليم ڪيئن پهتي. اهو چيو وڃي ٿو ته ارڙهين صدي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي دور ۾ زرتشت سان لاڳاپيل ڪجھ لکڻيون يورپ جي ملڪن فرانس ۽ انگلينڊ وغيره ۾ پهتيون هيون. پر انهن کي پڙهڻ جو بندوبست نه هئڻ ۽ ان مذهب ۽ ان جي پيغمبر متعلق مڪمل معلومات نه هئڻ ڪري اهو معاملو گھڻو اڳتي نه وڌي سگھيو. ان وقت هڪ نوجوان انهن مسودن کي پڙهڻ لاء ان ٻولي کي سکڻ ۽ ان مذهب متعلق وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاء وڏا ڪشالا ڪڍي هندوستان جو سامونڊي سفر ڪيو. پارسي، جيئن هندوستان جي زرتشتين کي چيو ويندو آهي، پنهنجي مذهب متعلق ڄاڻ کي نهايت لڪل رکندا آهن. ان ڪري ان نوجوان کي ان ڄاڻ کي هٿ ڪرڻ ۾ گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪمپني جي ڪجھ آفسرن سان سندس جهيڙو به ٿيو پر جڏهين هو يورپ موٽيو ته سندس ڳڻپ انهن ڪجھ ماڻهن ۾ ٿيڻ لڳي جيڪي زرتشت ۽ سندس مذهب تي اٿارٽي سمجھيا ويندا هئا.
اهو هڪ لحاظ کان جديد يورپ سان زرتشت جو تعارف هو. جڏهين ٿوري وڌيڪ کوجنا ڪجي ته يورپ ۾ پري تائين ان مذهب جا اثر ملن ٿا. ان جو هڪ ڪارڻ ته اهو آهي ته ايران هڪ ڊگھي عرصي تائين هڪ وڏي سلطنت رهيو آهي ۽ مختلف علائقا ان جي اثر هيٺ رهيا آهن. ٻيو ڪارڻ اهو آهي ته ايراني نسل سان واسطو رکندڙ خانه بدوش قبيلا، جن کي ليکڪ سمارٽين، جو نالو ڏئي ٿو اهي ميدانن ۾ چراگاهن جي ڳولها ۾ يورپ تائين هليا ويندا هئا. ساڳي وقت يورپ جي پاسي کان گوٿڪ ان ساڳئي مقصد لاء ميدانن جو رخ ڪندا هئا. انهن ٻنهي جو ٽڪراء به ٿيندو هو ۽ ساڳي وقت پاڻ ۾ مختلف نموني سان سهڪار به ڪندا هئا. اڳتي هلي يورپ جي مختلف ملڪن ۾ انهن پنهنجيون حڪومتون به قائم ڪيون ۽ پنهنجا ثقافتي ۽ مذهبي اثر به ڇڏيا. اهڙي ريت ليکڪ جو چوڻ آهي ته يورپ جي جنهن تهذيب کي گوٿڪ نالو ڏنو وڃي ٿو اها دراصل سمارٽين گوٿڪ تهذيب آهي.
ان جي ڪري يورپ ۾ خاص طور مختلف مذهبن ۽ فرقن جنم ورتو. ان جي اثر جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته روم جي سلطنت ۽ ايران ۾ لاڳيتو جنگون ٿينديون رهنديون هيون پر محققن ۽ تاريخدانن کي ان ڳالھہ تي حيرت ٿئي ٿي ته رومن فوج جا عام سپاهي ايران جي ديوي مٿرا کي پوڄيندا هئا. ان جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته روم جي حڪمرانن جو اهو اصول هوندو هو ته اهي پنهنجن سپاهين کي پنهنجي گھر ۽ علائقي کان پري رکندا هئا. گھر کان پري هئڻ جي پريشاني ۽ سڪون جي ڳولها انهن فوجين کي انهن مذهبن ڏانهن وٺي ويندي هئي جن جو واسطو سندن دشمنن سان هوندو هو. ان حوالي سان خاص طور ماني جو ذڪر ڪري سگھجي ٿو جنهن جا مبلغ رومي سلطنت جي خاص طور ايراني سرحد سان لڳ گھڻن حصن ۾ پهچي ويا هئا ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته اهو ممڪن هو ته روم جو حڪمران عيسائيت قبول ڪرڻ کان اڳ ماني جو مذهب قبول ڪري ها ۽ هن وقت يورپ جي مذهب جي لحاظ کان صورتحال مختلف هجي ها.
ساڳي ريت ٻين مهاڀاري جنگ ۾ لندن تي جرمني جي بمباري شهر جي گھڻي حصي کي تباه ڪري ڇڏيو هو. گھڻا ماڻهو مري ۽ ڦٽجي پيا هئا. بس هڪ قيامت جو منظر هو. پر ان تباه ٿيل شهرجي سڄي ملبي کي صاف ڪندي انهن صفائي ڪندڙن کي انهن کنڊرن مان هڪ مورتي ملي. ان سلسلي ۾ جڏهين ماهرن سان رجوع ڪيو ويو ته خبر پيئي ته اها ايران جي ديوي مٿرا جي مورتي آهي ۽ هتي ان جو مندر هوندو هو. قديم آثارن جي ماهرن جو اصرارهو ته ان ساڳي جاء تي مندر جي اڏاوت ڪئي وڃي پرجيئن ته اهو تجارتي لحاظ کان هڪ اهم علائقو هو ان ڪري گھڻي هڻ هڻان ۽ بحث مباحثي کانپوء مندر کي ٻي جاء تي منتقل ڪيو ويو. ساڳي ريت ليکڪ بوسنيا جي شهر سرائيوو ۾ هڪ مسلمان عورت سان مليو جنهن کيس ٻڌايو ته اهي هتي ترڪن سان گڏ نه پر ان کان گھڻو اڳ جا رهيل آهن پر اهي سرب ۽ ڪروٽس وانگر بالترتيب آرٿوڊوڪس ۽ ڪيٿولڪ عيسائي نه رهيا آهن. هو بوگو مل نالي فرقي سان لاڳاپيل رهيا آهن جنهن جون خاصيتون ساڳيون نيڪي ۽ بدي جون ٻه قوتون آهن ۽ سندن ان مذهب جا مندر اڃا موجود آهن. ترڪن جي هتي اچڻ وقت اسلام قبول ڪرڻ متعلق هو ٻڌائي ٿي ته ان جو خاص ڪارڻ پنهنجي اڪيلائي کي ختم ڪرڻ ۽ پاڻ کي ساڳي ريت عيسائين جي فرقن کان مختلف ثابت ڪرڻو هو.
يورپ ۾ عيسائين جو ٻين مذهبن ڏانهن رويو تنگ نظري ۽ اسهپ وارو رهيو آهي ۽ انهن بت پرستي جي نالي ۾ انهن کي هر طرح سان چيڀاٽڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ليکڪ ڪٿار نالي هڪ فرقي جو ذڪر ڪري ٿو جيڪي خدا ۽ شيطان ۾ يقين رکندا هئا پر سندن اهو چوڻ هوندو هو ته دنيا جا سڀ ڪم ڪار شيطان ڪري ٿو ۽ خدا جو انهن معاملن ۾ گھڻو عمل دخل ناهي. ان ڪري هو گھڻن معاملن ۾ ڏانهس ئي رجوع ڪندا هئا. عيسائي فوجن پاران انهن جو وڏي پئماني تي قتل عام ڪيو ويو ۽ انهن جبلن وغيره ۾ جتي پناه ورتي ٿي انهن ٺڪاڻن کي تباه ڪيو ويو.
اهڙي ريت دنيا ۾ جيستائين نيڪي ۽ بدي وچ ۾ جنگ جاري آهي تيستائين زرتشت جو نظريو باقي آهي. ليکڪ جڏهين هڪ زرتشت عالم کي چيو ته پنهنجي مذهب ۽ نظرئي کي هڪ جملي ۾ بيان ڪر ته هن چيو ته اهو ائين آهي ته نيڪي ڪيو، بدي کان بچو ۽ بدي خلاف ويڙه ڪيو،

زيد پيرزادو جا نثري نظم

زيد پيرزادو اٽڪل سال سوا اڳ پنهنجي نثري نظمن جو ڪتاب خيال مون کي ڏنو هو. ڪتاب جيتوڻيڪ مون ان وقت ئي پڙهي ڇڏيو هو ۽ ان تي ڪجھ لکڻ جو به سوچيو هو پر اهو ٻين ڪمن جي ڪري اڌ ۾ رهجي ويو. تازو زيد مون کي ياد ڏياريو ته مون ڪتاب کي وري ڏسڻ شروع ڪيو.
هن مجموعي ۾ ستر نثري نظم شامل آهن. نثري نظم کي هڪ ڊگھي عرصي تائين ته شاعري جي هڪ صنف طور قبوليت ئي حاصل نه هئي. فيض جهڙو شاعر به چوندو هو ته ڀائي هي نثري نظم ڇا آهي. هي يا ته نظم آهي يا نثر آهي.
نثري نظم لاء اهو سمجھيو ويندو آهي ته ان ۾ شاعر کي پنهنجن خيالن جي اظهار جي وڌيڪ آزادي هوندي آهي ۽ کيس شاعري جي پابندين تي گھڻو ڌيان نه ڏيڻو پوندو آهي. ان جي باوجود ان ڳالھہ تي سڀ شاعر متفق آهن ته سٺو نثري نظم ان وقت ئي لکي سگھجي ٿو جڏهين شاعر کي رديف قافئي ۽ شاعري جي ٻين گھرجن جي ڄاڻ به هجي ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جو ڏانء به هجي. ساڳي وقت اها جيئن ته شاعري جي ئي هڪ صنف آهي ان ڪري ان ۾ ردم ۽ شاعري جو مزو هئڻ به ضروري آهي نه ته ٻي صورت ۾ بهتر آهي ته بجائي شاعري ڪرڻ جي نثر لکجي.
هن ڪتاب ۾ گھڻن موضوعن کي کنيو ويو آهي. اهو رايو ڏيئي سگھجي ٿو ته هڪ ته ليکڪ سنڌي جي گھڻن شاعرن وانگر داخليت پسند ناهي ۽ پنهنجي اندر ۾ پاڻ سان ڪچهري نه ٿو ڪري ۽ نه ئي پنهنجي رومانوي جذبن جو اظهار ڪري ٿو. هو هڪ ايڪسٽروورٽ شاعر آهي جيڪو مختلف سماجي ۽ سياسي مسئلن تي پنهنجو اظهار ڪري ٿو. منهنجي خيال ۾ شاعر لاء جيڪڏهين رومانس ڪرڻ نه ته به پنهنجي شاعري ۾ رومانس جو اظهار ڪرڻ ضروري آهي. ان کانسواء شاعري ۾ اهو چس ۽ مزو نه ٿو رهي.
سماجي ۽ سياسي لحاظ کان شاعر جو نڪته نظر ترقي پسندانا آهي جيڪا هڪ مثبت ڳالھه آهي.

نجيب محفوظ جا ناول

جيتوڻيڪ مصر ۾ جمال ناصر جي وفات کانپوء انور سادات جو اقتدار ۾ اچڻ هڪ لحاظ کان هڪ تسلسل ئي سمجھيو وڃي ٿو پر معاشي ۽ سياسي لحاظ کان اها هڪ وڏي تبديلي هئي. هڪ صدر جنگ هارائي هئي ۽ ٻئي صدر جنگ کٽي هئي پر مصر جي نامياري تخليقڪار نجيب محفوظ جي ناول جنهن ڏينهن صدر جو قتل ٿيو جا ڪرداران کي ٻئي طريقي سان ڏسن ٿا ۽ چون ٿا ته هڪ صدر جنگ هارائي به کٽي ويو ۽ ٻيو جنگ کٽي به هارائي ويو.
سادات جيتوڻيڪ 1973 جي اسرائيل سان جنگ بظاهر کٽي ويو هو ۽ اسرائيل کان 1967 جي جنگ ۾ وڃايل گھڻا علائقا به مصر کي واپس ملي ويا هئا پر سندس اسرائيل ۽ آمريڪا سان دوستي ۽ ناصر جي عوام جي فائدي وارين معاشي پاليسين ۾ تبديلي ماڻهن ۾ سندس لاء هڪ مخالفت کي جنم ڏنو هو. هي ناول هن صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو. چار ماڻهن جو هڪ خاندان آهي جيڪي ٽن نسلن جي نمائندگي ڪن ٿا، هڪ ڏاڏو، سندس پٽ ۽ ننهن ۽ پوٽو. هو سوچي ٿو ته اڳ زندگي ڪيتري سهل ۽ آسان هونڌي هئي جڏهين ته ملڪ ۾ آيل تبديلين کانپوء مهانگائي چوٽ چڙهي ويئي آهي. کيس پينشن به ملي ٿي ۽ خاندان جا باقي ٽي فرد به نوڪري ڪن ٿا پر پوء به گذارو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪرپشن ۽ بدعنواني هڪ معمول آهي ۽ ان کانسواء گذارو ڪرڻ ڏکيو آهي.
ناول جو مرڪزي ڪردار نوجوان پوٽو آهي جيڪو ان عمارت جي هڪ ٻئي فليٽ ۾ رهندڙ هڪ چوڪري سان محبت ڪري ٿو. ٻيئي ساڳي دفتر ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ سندن مائٽ سندن اصرار تي سندن مڱڻو به ڪري ڇڏين ٿا. پر هڪ ڊگھي عرصي گذرڻ کانپوء به اهي پاڻ کي ان لائق نه ٿا سمجھن ته پنهنجي لاء ڪو ڌار گھر ۽ ٻيو سامان وغيره وٺي شادي ڪري سگھن. ويجھڙائي ۾ اهڙو ڪو امڪان نظر به نه ٿو اچي. ڇوڪري جي عمر وڌڻ جي ڪري مائٽن جو مٿس ان رشتي کي ختم ڪرڻ ۽ ٻئي هنڌ شادي ڪرڻ لاء دٻاء وڌنڌو ٿو وڃي. سندن افسر ڇوڪري ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان رشتي جي ختم ٿيڻ سان هو ان کي شادي لاء چئي ٿو جنهن جي لاء هو پاڻ ۽ سندس مائٽ راضي ٿي وڃن ٿا. ٻئي پاسي ان افسر جي بيوه پر شاهوڪار ڀيڻ ان ڇوڪري ۾ دلچسپي وٺي ٿي ۽ ان کي پنهنجي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
شادي ٿيڻ کانپوء اهو ظاهر ٿئي ٿو ته افسر جا ان ۾ پنهنجا مفاد هجن ٿا ۽ هو ان ڇوڪري کي پنهنجن واپاري ۽ مالي فائدن لاء مالدار ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن کي سندس موجودگي ۽ غيرموجودگي ۾ خوش ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا ڳالھہ ان ڇوڪري کي قبول نه ٿي هجي ۽ هو پنهنجي هني مون ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ان کان طلاق وٺي پنهنجي مائٽن جي گھر اچي وڃي ٿي. ٻئي پاسي هو ڇوڪرو بيوه ڀيڻ جي ويجھو ٿيڻ لڳي ٿو پر نئين صورتحال کيس پنهنجي محبوبا جي ويجھو آڻي ٿي ۽ اهي وري پراڻن ناتن کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
ان دوران هڪ قومي ڏينهن جي موقعي تي ملڪ جو صدر فوج جي سلامي وٺڻ لاء اچي ٿو. اها سڄي ڪاروائي ملڪ جي ٻين ماڻهن سان گڏ ڇوڪرو به ريڊيو تي ٻڌي رهيو هجي ٿو. ٿوري وقت کانپوء ٽرانسميشن ۾ گڙبڙ پيدا ٿئي ٿي، قومي نغما ۽ تلاوت شروع ٿي وڃي ٿي. صدر متعلق متۡضاد خبرون اچڻ شروع ٿين ٿيون. ڪڏهين چيو وڃي ٿو ته هو معمولي زخمي ٿيو آهي ڪڏهين ڪجھ وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو. هڪ هوٽل ۾ اهي سڀ خبرون ٻڌنڌي هو اتان اٿي ٻاهر گھر وڃڻ لاء نڪري ٿو جتي اوچتو هو پاڻ کي ان بيوه ڀيڻ جي گھر سامهون ڏسي ٿو جتي ان افسر جي گاڏي بيٺي هجي ٿي. هو گھر اندر وڃي ٿو ۽ افسر سان سندس جھيڙو ٿئي ٿو جنهن ۾ اهو افسر فوت ٿي وڃي ٿو. ڀيڻ کيس چئي ٿي ته هو کيس قتل جي الزام کان اهو چئي بچائي سگھي ٿي ته کيس اڳ ئي دل جي بيماري هئي ۽ هو ان ڪارڻ مئو آهي. پر هو ان ڳالھہ کي نه ٿو مڃي ۽ پاڻ کي قانون حوالي ڪري ٿو جتي کيس جيل جي سزا اچي ٿي. ان تي ڏاڏي کي ڏک ته ٿئي ٿو پر سوچي ٿو ته ممڪن آهي جيل ۾ هو نوان هنر ۽ نيون ڳالھيون سکي جيڪي پوء اڳتي هلي کيس ڪم اچن.
ناول هڪ خاص دور ۾ عام ماڻهن جي اڻ تڻ، انهن جي مسئلن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري ٿو. ناول نگار اهڙي ريت ڄڻ ته ڪنهن خاص سياسي ڌر سان لاڳاپيل نه هئڻ جي باوجود به پنهنجن ماڻهن سان لاڳاپيل آهي.
***
مصرجو نوبل انعام يافته ناول نگار نجيب محفوظ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. عمر جو ڳچ حصو سرڪاري نوڪري ۾ گذارڻ جي باوجود سندس ڪم ڄڻ رڳو لکڻ پڙهڻ ئي رهيو. سندس جڳ مشهور CAIRO TRIOLOGY کانسواء ٻيا ڪيئي شاهڪار ناول مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي پڙهندڙن جي توجھ جو مرڪز رهيا آهن. اهي ناول گھڻي ڀاڱي مصر ۽ خاص طور تي قاهره جي زندگي سان واسطو رکن ٿا. تازو سندس ناول Midac Alley يا ميداڪ گھٽي پڙهڻ جو موقعو مليو. هو ڇهن سالن جي عمر ۾ ئي پنهنجي خاندان سان قاهره جي پراڻي علائقي مان يورپي علائقي ۾ منتقل ٿي ويو ھو ۽ اتي ئي برطانوي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي. پر هي ناول قاهره جي پراڻي علائقي جي هڪ پاڙي، ان جي ماڻهن ۽ ان جي رنگا رنگ زندگي متعلق آهي.
ٻين مهاڀاري جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل هي ناول ان دور جي مسئلن کي ظاهر ڪري ٿو جڏهين ماڻهو بمباري کان بچاء لاء بچاه گھرن يا شيلٽرن ۾ پناه وٺندا هئا. انهن ۾ ٻار، ٻڍا، جوان عورتون ۽ مڙد سڀيئي شامل هوندا هئا ۽ روايتي اخلاقيات ڄڻ ته پسمنظر ۾ هلي ويئي هئي. هن ناول ۾ ڪو هڪ شخص هيرو ۽ هيروئن يا ولين ڪونهي پر مختلف ڪردار آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي انداز سان زندگي گذارين ٿا ۽ سندن پنهنجون خواهشون آهن. مثال طور حميده لاء عباس جي محبت جو ان کان وڌيڪ ڪو ڪارج ناهي ته هو پنهنجي زندگي کي بهتر بڻائي. جيتوڻيڪ عباس ان کي هڪ بهتر زندگي ڏيڻ لاء برطانوي فوج جي نوڪري اختيار ڪري ٿو پرِ جڏهين حميده ۽ سندس ماء کي ڪمپني جي سيٺ، جيڪو پنهنجي زال مان مطمئن ناهي ۽ کيس ان جو پورائو حميده جي جواني ۽ سونهن ۾ نظر اچي ٿو، جي صورت ۾ هڪ بهتر آپشن ملي ٿو ته اهي عباس کي ڇڏڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿيون ان جي باوجود ته هو عمر ۾ کانئس گھڻو وڏو آهي. جڏهين اهو معاملو نه ٿو ٺهي ته هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاء ڌنڌو ڪرڻ لاء به تيار ٿي وڃي ٿي. ساڳي وقت سندس ماء جنهن ان کي رڳو پاليو آهي اها به ان لاڙي جي شڪار آهي. اهڙي ريت ان ئي پاڙي جي هڪ گھر ۾ رهندڙ زيٽا جو ڪردار آهي جيڪو ماڻهن کي سندن مرضي موجب معذور بڻائي ٿو ته جيئن اهي پنڻ جهڙا ٿي سگھن. ساڳي ريت ڊاڪٽر بوشي آهي جيڪو نقلي ڏندن جو ڪم ڪري ٿو ۽ زيٽا سان گڏ هڪ مڙدي جا سونا ڏند چورائڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. عباس جنهن تي سچي محبت جو ڀوت سوار آهي ۽ پراڻين قدرن جو علمبردار آهي اهو آخر ۾ حميده جي عاشقن هٿان مارجي وڃي ٿو ۽ زندگي جيئن جو تيئن هلندي رهي ٿي.

سياسي تبديلي ۽ احساساتي زندگي

نجيب محفوظ کي ڪنهن تعارف جي ضرورت ناهي. هن مصر جي تاريخ ۽ سماج جي مختلف موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ساڳي ريت ملڪ ۾ جيڪي سياسي لاها چاڙها آيا آهن اهي به سندس مختلف ناولن جو موضوع رهيا آهن. سندس ناولAutumn Quail 1952 ۾ فوجي آفيسرن جي انقلاب، ان جي پسمنظر ۽ ان جي سماج جي مختلف ماڻهن تي پوندڙ اثرن جي ڪهاڻي آهي.
مصر پاران برطانيا، جنهن جو ملڪ تي راڄ هجي ٿو ۽ سڀ معاملا ان جي چوڻ موجب هلن ٿا، سان سوئز ڪئنال متعلق ٺاه جي ختم ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ چڪتاڻ وڌي وڃي ٿي، ملڪ هڪ بحران ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ مارشل لاء لاڳو ٿئي ٿو. فوجي آفيسر اقتدار سنڀالڻ کانپوء بادشاهت کي ختم ڪري سياسي جماعتن تي پابندي هڻن ٿا.
آفيسر شاهي ۾ وڏي پئماني تي اٿل پٿل ٿئي ٿي، گھڻن کي سندن سياسي وفادارين ۽ ماضي ۾ ڪيل ڪرپشن جي ڪري نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي ٿو جڏهين ته گھڻن ننڍن اهلڪارن کي سندن انقلابي سوچ جي ڪري وڏن عهدن تي مقرر ڪيو وڃي ٿو.
هن ناول جو مرڪزي ڪردار عيسيٰ آهي جيڪو وفد پارٽي سان لاڳاپيل آهي. هو پارٽي جي سياسي جدوجهد ۾ به شامل هجي ٿو، سزائون ڪاٽي ٿو ۽ مختلف وقتن تي نوڪري تان برطرف به ٿئي ٿو پر پارٽي جي وري اقتدار ۾ اچڻ کانپوء نوڪري تي بحال ٿئي ٿو ۽ اڃا وڏا عهدا ماڻي ٿو. پنهنجي ان حيثيت جو فائدو وٺندي هو هڪ پرتعيش زندگي گذاري ٿو. هڪ عاليشان گھر ۽ بينڪ بيلنس سندس سڃاڻپ هجن ٿا. انقلاب کانپوء کيس زوري رٽائر ڪيو وڃي ٿو. هو سمجھي ٿو ته اهو سڀڪجھ به اڳ جيان آهي ۽ حالتن تبديل ٿيڻ کانپوء سندس پراڻي حيثيت بحال ٿي ويندي. پر جلد ئي کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته حالتون اڳ جيان نه هيون ۽ سندس پراڻي حيثيت جو بحال ٿيڻ ممڪن نه هو.
ان سان عيسيٰ جي زندگي ۾ وڏي تبديلي اچي وڃي ٿي. گھر جي خرچ پوري نه ڪري سگھڻ جي ڪري هو اهو ڇڏي پراڻي آبائي گھر ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو. سندس مڱڻو، جيڪو هڪ امير گھراڻي ۾ ٿيل هجي ٿو، ختم ٿي وڃي ٿو. کيس هاڻي پنهنجي پينشن ۽ بينڪ بيلنس تي گذارو ڪرڻو هو. سندس سوٽ جنهن کي هونئن عيسيٰ گھڻي اهميت نه ڏيندو هو انقلاب جي ڪري هڪ ننڍي عهدي کان وڏي ۽ اهم عهدي تي پهچي ٿو. هو عيسيٰ کي هڪ ڪمپني ۾ نوڪري جي آڇ ڪري ٿو پر عيسا ان کي رد ڪري ڇڏي ٿو ۽ آزاد زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. سندس شامون مختلف هوٽلن ۾ دوستن يارن سان گپ شپ ڪندي گذرن ٿيون.
نيٺ هو قاهره ڇڏي اسڪندريه وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو. اهو مصر جو هڪ مختلف شهر آهي. هتي ڪنهن دور ۾ يونانين جي وڏي آبادي هوندي هئي. انهن مان ملڪي حالتن جي ڪري گھڻا پرڏيه لڏي ويا آهن پر شهر جي ڪلچر، طور طريقن، هوٽلن ۽ ڪلبن تي انهن جو اثر اڃا باقي آهي. هتان جي ماحول ۾ عيسا کي ائين لڳي ٿو ته هو ڄڻ پرڏيه ۾ نه هوندي به پرڏيھه ۽ پرڏيهين جي وچ ۾ آهي.هتي هو گھمندي ڦرندي سمنڊ جي ڪناري هوٽلن ۽ ڪلبن ۾ پنهنجو وقت گذاري ٿو. سمنڊ جي ڪناري سندس ملاقات هڪ عورت سان ٿئي ٿي. اها وئشيا هجي ٿي. پر هڪ رات گذارڻ کان پوء هو سندس ناراضگي جي باوجود به ساڻس رهڻ شروع ڪري ٿي. ڪجھ وقت کانپوء هو پيٽ سان ٿئي ٿي جنهن جي ڪري سندن ناتا اڃا وڌيڪ خراب ٿي وڃن ٿا ۽ هو کانئس پري رهڻ لڳي ٿو.
ان دوران کيس قاهره ۾ پنهنجي ماء جي وفات جي خبر ملي ٿي ۽ ھو فوري طور اوڏانهن روانو ٿي وڃي ٿو. قاهره ۾ هوندي سوئز ڪينال کي قوميائڻ جي ڪري اسرائيل مصر تي حملو ڪري ٿو جنهن کي برطانيا ۽ فرانس جي حمايت به حاصل هجي ٿي جڏهين ته پس پرده آمريڪا به ان جي مدد ڪري ٿو. ان صورتحال ۾ عيسا ۽ سندس دوست سوچين ٿا ته ٺيڪ آهي ته سندن حڪومت سان اختلاف آهن پر هي ملڪ جي سلامتي جو مسئلو آهي ان ڪري کين جنگ ۾ حڪومت جي موقف جي حمايت ڪرڻ گھرجي. ڪجھ وقت کانپوء عالمي صورتحال جي خراب ٿيڻ جي خدشي جي ڪري وڏيون طاقتون جنگ کي بند ڪرڻ تي آماده ٿي وڃن ٿيون.
عيسيٰ پنهنجي ماء جي گھر کي وڪري لاء آڇي ٿو. ان کي خريد ڪرڻ لاء هڪ ماء ۽ ڌي اچن ٿيون.ڌي جيتوڻيڪ اڌوڙٽ عمر جي هجي ٿي پر عيسيٰ ان ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ٿو. ان جو ڪارڻ سندس سونهن کان وڌيڪ سندس دولت هجي ٿي. کيس خبر پئي ٿي ته ان عورت کي ٽي ڀيرا طلاق ٿي چڪي هئي ۽ سندس ڪو اولاد ناهي ۽ نه ئي ان جي ٿيڻ جي ڪا توقع هئي. هو ان سان شادي ڪري ٿو ۽ ان جي پئسي تي گذر بسر ڪرڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳي ٿو.
هو نيٺ ان مان به بيزار ٿي پئي ٿو ۽ کيس اهو روٽين ۽ پابندي تنگ ڪرڻ لڳي ٿي. مصر جي ڪنهن شهر ۾ پنهنجي زال سان وقت گذاريندي هو گھڻو ڪري اڪيلو هوٽلن، ڪلبن ۽ سمنڊ جي ڪناري گھمندو ۽ پنهنجن دوستن سان سڄي رات تاش کيڏندو رهي ٿو ۽ ان ۾ لاڳيتو پئسا هارائيندو رهي ٿو. زال کانئس ناراض ٿئي ٿي ۽ کيس گھر ۾ اچڻ نه ٿي ڏئي. ڪنهن ريت سندن صلح ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجن دوستن جي چنڊال چوڪڙي کان پري اسڪندريا هليا وڃن ٿا. هتي به مٿس اها ساڳي بيزاري واري ڪيفيت حاوي رهي ٿي ۽ هو زال ۽ گهر کان پري ڪلبن، هوٽلن ۽ سمنڊ جي ڪناري پنهنجو وقت گذاري ٿو. هڪ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري کيس اها عورت جنهن ساڻس اڳ ۾ ڪجھ وقت گذاريو هو فاسٽ فوڊ جو اسٽال هلائيندي نظر اچي ٿي. هو شروع ۾ کانئس پري رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ڪجھ وقت کانپوء هو هڪ ننڍي ڇوڪري کي وٽس ايندو ڏسي ٿو. هو سمجھي وڃي ٿو ته اها سندس ئي ڌي هئي. پوء هو ان ڇوڪري سان ملڻ لاء ڪافي ڪوششون ڪري ٿو، ان عورت سان ملاقات ڪري کيس پنهنجي ڌي سان ملائڻ لاء منٿون ڪري ٿو پر هو اول ته کيس سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ٿي ۽ ٻيو ته ڪنهن به ريت ڇوڪري کي ساڻس ملائڻ لاء تيار نه ٿي ٿئي.
سندس اهي رولاڪيون جاري رهن ٿيون. هڪ ڏينهن ڪلب ۾ کيس ڪو شخص نظر اچي ٿو جيڪو کيس ڄاتل سڃاتل لڳي ٿو. کيس ياد اچي ٿو ته جڏهين هو آفيسر هو ته اهو شخص سياسي ڏوهن ۾ گرفتار ٿي لاڪب ۾ بند هو ۽ هو کيس اتي ڏسڻ ويو هو. اتي شايد ان سان سٺو ورتاء نه ڪيو ويو هو. کيس اهو ڊپ ٿئي ٿو ته متان بدلي وٺڻ لاء هو ڪا حرڪت نه ڪري. هو اتان اٿي سمنڊ جي ڪناري وڃي هڪ بينچ تي ويهي رهي ٿو. ڪجھ وقت کانپوء اهو ساڳيو شخص به اچي سندس ڀر ۾ ويهي ٿو ۽ کيس چئي ٿو ته هو ساڻس ڪجھ ڳالھہائڻ چاهي ٿو. پر هو لاڳيتو انڪار ڪندو رهي ٿو. نيٺ ڪڪ ٿي اهو شخص اتان اٿي شهر ڏانهن روانو ٿي وڃي ٿو. کيس پوء اهو احساس ٿئي ٿو ته سندس مسئلي جو حل ته ان شخص سان ڳالھہائڻ ۾ هو. اهو خيال ايندي ئي هو فوري طور ان شخص جي پويان وڃي ٿو.
اهو ناول هڪ لحاظ کان ان ڳالھه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ملڪ ۽ سماج ۾ ايندڙ تبديليون ۽ اٿل پٿل ڪهڙي ريت فرد جي سماجي ۽ معاشي حيثيت ۽ جذباتي ۽ احساساتي ڪيفيتن کي متاثر ڪن ٿا.

ڪوئيٽا کان دهلي: ورهاڱي جي هڪ ٻي ڪٿا

ورهاڱي سڄي کنڊ کي مختلف طريقن سان متاثر ڪيو آهي. بنگال، پنجاب ۽ ڪنهن حد تائين ڪي پي ۽ سنڌ ۾ ٿيل فسادن ۽ لڏپلاڻ وغيره جو ذڪرته ٿيندو رهيو آهي پر بلوچستان ۽ خاص طور ڪوئيٽا جو ذڪر نه هئڻ برابر ٿيو آهي. لڏپلاڻ ڪندڙ ۽ متاثر ماڻهن جي پهرين ۽ ٻي نسل ته ايتري نفسياتي ۽ جذباتي صدمي ۾ ورتل هئي جو اهي ان سڀ ڪجھ کي زبان تي آڻڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي ٻڌائڻ کان پيا ڪيٻائيندا ۽ ڊڄندا هئا. گھڻن کي اها ڳالھہ ئي سمجھ ۾ نه آئي ته اهو سڀڪجھ ڪيئن ۽ ڇو ٿيو. جنهن زمين ۽ جن ماڻهن سان اهي صدين کان رهندا پئي آيا اهي ڪيئن ڏسندي ڏسندي سندن لاء اوپرا ۽ سندن ويري ٿي ويا.
هي ڪتاب From Quetta to Delhi ڀارتي ليکڪا رينا نندا جو لکيل آهي. هو ورهاڱي کانپوء جڏهين سندس عمر اڃا ٻه سال مس هئي پنهنجي خاندان سان ڪوئيٽا کان دهلي لڏي ويئي هئي. هي بنيادي طور پنجاب جي شهر جھنگ جي هندو کتري ذات سان تعلق رکندڙ زميندار خاندان آهي. ان وقت انهن خاندانن جي پڙهيل ڳڙهيل فردن لاء سرڪاري نوڪري معاش کان وڌيڪ عزت ۽ مرتبي جو باعث هوندي هئي. ليکڪا جي ماء جي ناني، لالا جي، کي ڪوئيٽا، جيڪو ان وقت انگريزن جي عملداري ۾ هوندو هو، مان نوڪري جي آڇ اچي ٿي. هو پنهنجي خاندان جي مخالفت جي باوجود اتي وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ اتي وڃي پنهنجو گھر ٺاهي ٿو. ڪجھ عرصي کانپوء هو پنهنجي ڳوٺ جي هڪ نوجوان، ساون مل، کي ڪوئيٽا ۾ نوڪري وٺي ڏئي ٿو ۽ ان جي پنهنجي ڌي سان شادي ڪرائي ٿو. ساون مل هڪ خود دار نوجوان هجي ٿو جيڪو ڪجھ عرصو پنهنجي سهري سان رهي ٿو پر ترت ئي پنهنجو ڌار بندوبست ڪري وٺي ٿو.
جيتوڻيڪ اهو هندو خاندان هجي ٿو پر ساڳي وقت سک ڌرم سان انهن جي ويجھڙائي هجي ٿي. هندو ۽ سک ۾ ڪو فرق روا نه ٿو رکيو وڃي. اهي ساڳي وقت مندر ۽ گردواري ۾ وڃن ٿا، سندن لاء جيئن رام ۽ ڪرشن عزت لائق هجن ٿا ائين گرونانڪ به محترم هجي ٿو. گرو گرنٿ ۽ گيتا سندن لاء ساڳي پوتر حيثيت رکن ٿا. ڪوئيٽا پٺاڻ گھڻائي وارو شهر هجي ٿو ۽ انهن جو انهن سان گھڻو واسطو رهي ٿو. هڪ مٺ محبت وارو تعلق هجي ٿو. مذهبي تفريق ۽ ذات پات جو فرق گھر جي عورتن ۾ گھڻو هجي ٿو جڏهين ته مڙد ان ڳالھہ جي گھڻي پروا نه ٿا ڪن. خاص طور ساون مل ان سلسلي ۾ مذهبي طور طريقن کي گھڻي اهميت نه ٿو ڏئي. هو ماس کائي ٿو پنهنجن مسلمان ۽ انگريز دوستن ۽ آفيسرن جون دعوتون ڪري ٿو ۽ انهن معاملن ۾ ڪنهن به ريت پنهنجي زال کي مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. ساون مل کي جڏهين پهرين ڌي ٿئي ٿي ته اها ڄڻ سندس لاء هڪ قدرت جو تحفو هجي ٿي. هو انتهائي پيار، لاڏ ۽ جديد طريقن سان ان جي تربيت ڪري ٿو ۽ ان کي جديد تعليم ڏيارڻ سان گڏوگڏ سوسائٽي ۾ اٿڻ ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جا طريقا پڻ سيکاري ٿو. ساون مل جي ٻارن ۾ مذهبي لحاظ کان پنهنجي ڌار هئڻ جو ڪو احساس نه ٿو هجي. هو ساڳي ريت پنهنجن بلوچ ۽ پٺاڻ دوستن ۽ ساهيڙين جي گھر وڃن ٿا جهڙي ريت اهي پنهنجن هندو مائٽن ۽ دوستن سان ملن ٿا.
1935 جي ڪوئيٽا جي زلزلي، جنهن ۾ سڄو شهر مٽي جو ڍير ٿي ويو هو ۽ اٽڪل پنجاه هزار کن ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا، ان خاندان جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آندي. سندن گھر ته تباه ٿي ويو پر سندن گھر جا گھڻا ڀاتي جنهن ۾ ساون مل جو پٽ به هجي ٿو مري وڃن ٿا، ساون مل پاڻ ڦٽجي پئي ٿو، کيس علاج لاء ڪراچي موڪليو وڃي ٿو ۽ خاندان کي ڪجھ وقت لاء جھنگ ۾ پنهنجي اباڻي گھر ۾ وڃي رهڻو پئي ٿو.
هي ليکڪا جي ماءُ جو پنهنجي ڄمڻ کانپوء ٻيون ڀيرو جھنگ وڃڻ ٿئي ٿو. پهريون ڀيرو هو پنهنجن ڀائرن سان گڏ ڏهن سالن جي عمر ۾ ان وقت اتي وڃي ٿي جڏهين انهن جي جھنڊ لاهڻ جي رسم ٿئي ٿي ۽ سندس پي سڄو مٿو ڪوڙائڻ کان کيس بچائي رڳو ٿورا وار وڍرائي ٿو. جيٽوڻيڪ ٻيون ڀيرو جھنگ وڃڻ ڪري سندس پڙهائي جو سلسلو ٽٽي وڃي ٿو ۽ هو ميٽرڪ جو امتحان نه ٿي ڏيئي سگھي پر هي سندس لاء پنجاب جي ڳوٺاڻي زندگي جو تجربو حاصل ڪرڻ جو هڪ وڏو موقعو هجي ٿو. پهريون ڀيرو هو پنهنجي ڏاڏي جي گھر ۾ رهي ٿي ۽ ٻيون ڀيرو به ائين ئي ڪرڻ چاهي ٿي پر کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته زلزلي ۾ پنهنجي پوٽي جي مري وڃڻ ۽ پنهنجي پٽ جي سخت ڦٽجي پوڻ جو صدمو نه سهندي هو ننڊ ۾ ئي گذاري ويئي آهي. هتي ئي کيس مختلف رسم رواجن، لوڪ گيتن، جھنگ جي مشهور لوڪ داستان هير رانجھا، چناب جي پاڻين ۽ جھنگ جي کوهن جي پاڻي جي تاثير جو پتو پئي ٿو. هتي هو پيشه ور ماتم ڪندڙ عورتن جو سياپو ڏسي ٿي جيڪي موت واري ڪنهن به گھر ۾ وڃي هڪ ماتم جو سمان پيدا ڪن ٿيون. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي ذاتي تجربي جي حوالي سان اهو ٻڌايو آهي ته اهو ڪهڙي ريت هڪ نفسياتي علاج ثابت ٿئي ٿو ۽ متاثر ٿيلن کي صدمي واري حالت مان نڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. سندس ماء خاص طور تي زلزلي ۾ پنهنجي پٽ جي مري وڃڻ جي صدمي ۾ صفا چپ ٿي ويئي هئي ۽ کيس نه ته ڪا ڳالھہ ياد هئي ۽ نه ئي اها ڪنهن کي سڃاڻي سگھندي هئي. ڊاڪٽرن سندس ٺيڪ ٿيڻ جو ڪو آسرو نه ڏيکاريو هو. ان موقعي تي سياپي وارين ماين اچي سندس آڏو ماتم ڪرڻ شروع ڪيو، کيس منهن تي ڌڪ هنيا ۽ رڙيون ڪيون ته تون ڪهڙي ماء آهين، تنهنجو پٽ مري ويو آهي ۽ تون ائين چپ آئين. اهي نيٺ ان کي ان حالت تي وٺي اچن ٿيون ته هو رانڀاٽ ڪري روئي ۽ اهڙي ريت سندس يادگيري واپس اچي وڃي ٿي ۽ هو پنهنجي نارمل حالت ۾ موٽي اچي ٿي.
ان وچ ۾ ساون مل موٽي اچي ٿو. هو پنهنجي ڌي کي جھنگ شهر جي هڪ سٺي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ٿو. اتان ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوء جڏهين ان خاندان جي واپس ڪوئيٽا وڃڻ جو وقت اچي ٿو ته هو پنهنجي زال ۽ خاندان جي ٻين همراهن، جن جو چوڻ هجي ٿو ته هاڻي ان جي شادي جي عمر ٿي ويئي آهي ۽ وڌيڪ پڙهڻ جو ڪو ضرور ناهي، ان کي لاهور جي مشنيري اسڪول ۾ داخل ڪري ٿو جتي هو پنهنجي ماسي جي گھر ۾ رهي ٿي. اتان فارغ ٿيڻ کانپوء ان کي لاهور جي عورتن جي اعلا طبقي جي ڪينيئرڊ ڪاليج ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو جتي سندس اٿڻ ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جا طور طريقا سڀ اولھه جي معيار مطابق هجن ٿا ۽ هو پنهنجين ساهيڙين کي ٻڌائي ٿي ته اهي ڪوئيٽا جا هندو پٺاڻ آهن.
ساون مل کي آخر تائين اهو يقين هجي ٿو ته ورهاڱي ۽ ٻن ڌار ملڪن جي ٺهڻ جون جيڪي ڳالھيون هلن پيون ان سان ڪو خاص فرق نه پوندو ۽ زندگي ائين ئي هلندي رهندي. ايستائين ته جڏهين ٻنهي ملڪن جي حوالي سان سرڪاري ڪامورن جي چونڊ جو مرحلو اچي ٿو ته هو پاڪستان جي سول سروس جي چونڊ ڪري ٿو. پر سياسي حقيقتون ڪي ٻيون هجن ٿيون. قاضي عيسيٰ، بلوچستان جي مسلم ليگ جي اڳواڻن ۽ ٻين گھڻن همراهن جون نظرون شهر جي هندن جي ملڪيت ۽ ڪاروبار تي هجن ٿيون. قاضي عيسيٰ جو هڪ ڀائيٽو ساون مل جي هڪ مائٽ کي ٻڌائي ٿو ته عيسيٰ هتي هندن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ لاء تيار ناهي. ورهاڱي جي تاريخ ويجھي اچڻ سان شهر ۾ فساد شروع ٿي وڃن ٿا. هڪ سرڪاري دعوت هلندي ساون مل کي ٻڌايو وڃي ٿو ته فسادي جاء کي باه ڏيڻ لاء ٿوري دير ۾ اچي ويندا ان ڪري هتان نڪرڻ جي ڪيو پر هو ان کي مذاق سمجھي ٽاري ڇڏي ٿو. اهو صحيح ثابت ٿئي ٿو. هو اتان ته ڪنهن ريت بچي نڪري وڃي ٿو پر ڪجھ وقت کانپوء اهي فساد سڄي شهر ۾ ڦهلجي وڃن ٿا. ساون مل جي آفيس جو هڪ ڪلرڪ فسادين هٿان مارجي وڃي ٿو ۽ فسادي هندن جي گھرن کي باه ڏيڻ لاء پهچي وڃن ٿا پر ڪجھ پٺاڻ پاڙيسرين جي مداخلت کين ان کان باز رکي ٿي. ساون مل تي خاندان ۽ دوستن پاران لاڳيتو شهر ڇڏڻ ۽ ڀارت لڏي هلڻ لاء دٻاء هجي ٿو پر هو تيار نه ٿو ٿئي. نيٺ سندس خاندان ڪوئيٽا ڇائوڻي ۾ موجود ڪجھ دوست آفيسرن جي مدد سان جهاز ذريعي دهلي روانو ٿي وڃي ٿو ۽ هو اتي ئي رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
ڪجھ عرصي کانپوء جڏهين سندس پاڙيسري پٺاڻ سردار، جنهن جي آسري تي هو ڪوئيٽا ۾ رهيل هو، جي ماء کيس اهو چئي ٿي ته پٽ هاڻي اوهان به پنهنجي گھر هليا وڃو اسان گھڻي دير تائين تنهنجي حفاظت نه ٿا ڪري سگھون ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته هاڻي مذهب سندس قوميت ۽ وطن جو تعين ڪندو ۽ هي زمين هاڻي سندس لاء اجنبي ٿي چڪي آهي. ان جي باوجود به هو اتي رهيل هجي ٿو ۽ پنهنجي نوڪري ڪندو رهي ٿو. ٿوري وقت کانپوء هو موڪلن تي دلي پنهنجي خاندان سان ملڻ وڃي ٿو ۽ پوئتي ضروري ڪمن جي حوالي سان جلدي موٽڻ جي ڪري ٿو پر سندس گھر وارا کيس موٽڻ نه ٿا ڏين ۽ زال جي بيماري جو بهانو ڪري پاڪستان حڪومت کي سندس موڪل جي درخواست موڪلي ڇڏين ٿا ۽ اهڙي ريت هو ڀارت ۾ رهجي وڃي ٿو نه ته ٻي صورت ۾ هو ڄڻ هميشه لاء پنهنجي خاندان کان ڌار ٿي وڃي ها. جيئن ته هن پاڪستان سول سروس جي چونڊ ڪئي هئي ان ڪري ڀارت جي سرڪار کيس فوري طور نوڪري نه ٿي ڏئي ۽ ڪجھ ماڻهن پاران ته کيس پاڪستان جو جاسوس ڪري ليکيو ٿو وڃي. پوء جڏهين کيس نوڪري تي بحال ڪيو وڃي ٿو ته اهو به گھٽ عهدي تي.
معاشي طور تي ساون مل جو خاندان نهايت تڪليف واري زندگي گذاري ٿو. ڪليم ۾ ان کي سندس سوٽن سان گڏ ئي زرعي زمينون ملن ٿيون جيڪي اهي سوٽ پاڻ ئي هضم ڪري وڃن ٿا ۽ ان جي آمدني جو ڪو حصو ان کي نه ٿو ملي. ساڳي ريت کين پناهگيرن وارن فليٽن ۾ رهڻو ٿو پئي جيڪا ڳالھہ خاص طور تي سندس زال، جنهن ڪوئيٽا جي هڪ شاندار گھر ۾ زندگي گذاري هئي، لاء نهايت تڪليف واري هجي ٿي ۽ نفسياتي طور تي ان کي هڪ بحران جو شڪار ڪري ڇڏي ٿي. لڏپلاڻ جو اهو عمل ۽ ماحول ۽ معاشي حالتن ۾ تبديلي خاص طور تي عورتن لاء نهايت تباه ڪن ثابت ٿئي ٿي. هڪ موقعي تي ساون مل جي ڌي شڪنت پڻ هڪ نفسياتي صدمي جو شڪار ٿي بلڪل ماٺ ٿي وڃي ٿي ۽ ڪجھ عرصي کانپوء جڏهين حالتن ۾ ڪجھ سڌارو اچي ٿو ته سندس حالت به ٺيڪ ٿئي ٿي.
دهلي ان لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ڄڻ پنجابين سان ڀرجي ويو هو. ان ۾ گھڻو ڪري اوڀر پنجاب جا اهي پنجابي هئا جيڪي اولھه پنجاب ۾ نهري نظام جي قائم ٿيڻ جي ڪري اتي اچي آباد ٿيا هئا ۽ هاڻي وري ڄڻ واپس اوڀر پنجاب ۽ دلي ۾ پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا هئا. اهي پنهنجي ٻولي رک رکاء، اٿ ويه ۽ طور طريقن جي لحاظ کان اولھه پنجاب جي ماڻهن کان گھڻو مختلف هئا ۽ منجھن هڪ واضح فاصلو هو. ليکڪا ان ڳالھہ تي افسوس ڪري ٿي ته اها اهم ڳالھہ ته هئي ته اوله پنجاب جا ماڻهو پنهنجو مال ملڪيت ۽ گھر ٻار پوئتي ڇڏي آيا هئا پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالھہ اها هئي ته اهي پنهنجي ثقافت، ٻولي، ماحول، رسم رواجن ۽ پنهنجي ڌرتي کان ڌار ٿي ويا هئا ۽ کين هڪ اوپري ماحول ۾ اوپرن ماڻهن سان رهڻو پئجي رهيو هو. سندس چواڻي جيڪڏهين انگريز ورهاڱي جي رٿابندي جي سلسلي ۾ واضح هجي ها ته اهي فساد، ايترن بي گناه ماڻهن جو قتل عام ۽ ايڏي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ نه ٿئي ها. هڪ ته انگريز جي هندوستان مان وڃڻ جي تاريخ کي جون 1848 مان آگسٽ 1947 تي آندو ويو ۽ ٻيو خاص طور تي پنجاب جي حوالي سان لاهور، امرتسر ۽ فيروزپور جي لاء اهو شروعات ۾ فيصلو نه ڪيو ويو هو ته اهي ڪهڙي ملڪ ۾ شامل هوندا. ان ڪري ٻنهي ڌرين پاران انهن شهرن جي آبادي جي توازن کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاء فسادن کي هوا ڏني ويئي.
هڪ مثبت انداز ۾ ڪتاب جي پڄاڻي ڪندي ليکڪا اهو چئي ٿي ته جيڪي ڪجھ اسان سان ٿيو اهو ساڳيو انهن سان به ٿيو جن کي ڀارت کان پاڪستان ڏانهن لڏڻو پيو. بهرحال اسان پاڪستان جي سرزمين ۽ اتان جي ماڻهن کي پنهنجو سمجھي انهن سان محبت ڪيون ٿا ۽ انهن جي لاء نيڪ خواهشون رکون ٿا. ورهاڱي جي ٻين لکڻين ۽ ڪٿائن جيان اهو ڪتاب به ساڳي ريت ان ڳالھه جي نشاندهي ڪري ٿو ته لڏپلاڻ ڪندڙن جي ٽين پيڙهي، پوء اهي پاڪستان ۾ هجن يا ڀارت ۾ اڃا تائين پنهنجي سڃاڻپ جو تعين نه ڪري سگھيا آهن ۽ ان جي ڳولها ۾ آهن.

سرسوتي: هڪ ڏند ڪٿا ۽ حقيقت

ذهني تصورحقيقي شين کان وڌيڪ مضبوط حيثيت رکندا آهن. اهڙي ريت جڏهين ڏند ڪٿائون حقيقت جو روپ وٺنديون آهن ۽ حقيقتن سان آمهون سامهون ٿينديون آهن ته گھڻن ماڻهن لاء پهرين ته هڪ صدمي جو باعث هونديون اهن ۽ پوء آهستي آهستي پنهنجي ڪشش ۽ ڇڪ وڃائي ڇڏيندون آهن. سرسوتي دريا هڪ لحاظ کان ڄڻ ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي لاشعور جو هڪ حصو آهي. ان جو ذڪر رگ ويد ۾ ٻاهتر ڀيرا آيو آهي جڏهين ته ٻين ويدن ۾ ان جو ذڪر گھٽ ملي ٿو. ساڳي ريت مها ڀارت ۽ پرانن وغيره ۾ پڻ ان جو ذڪر آيو آهي پر ان جي حيثيت هڪ ڏند ڪٿا جي ئي رهندي آئي آهي. مذهبي لحاظ کان ان جي هڪ اهم حيثيت رهي آهي. ان کي برهما يعني خالق ۽ پيدا ڪندڙ جي پتني ڪري ليکيو ويندو آهي. اڳ سج گرهڻ جي وقت ڪروکيشتريا ۽ ٿانيسر جي مقام تي سرسوتي جي ڪناري عبادت ٿيندي هئي. دريا جي ٻنهي گاه سان ڀريل ڪنارن تي پورو رهندا هئا. بيما ۽ ڌريودنا جي وچ جنگ به دريا جي ڏاکڻي پاسي ان مقام تي ٿي جتي گھڻي مٽي نه هئي. هن وقت هندو مذهب ۾ سرسوتي جي حيثيت هڪ نظر نه ايندڙ دريا ۽ ديوي جي آهي. اهڙي ريت اله آباد ۾ ٽن دريائن گنگا، جمنا ۽ نظر نه ايندڙ دريا سرسوتي جي گڏجڻ جو هنڌ آهي جنهن کي ترياگا يا ٽن ديوين جي گڏجڻ جو هنڌ چيو وڃي ٿو ۽ جتي ڪنب ميلو لڳندو آهي. هندن جي پوتر ڪتابن ۾ سرسوتي جي حيثيت ٻين دريائن کان مٿانهين آهي جنهن جي تعريف ڪندي چيو وڃي ٿو ته تنهنجي شاندار ۽ پوتر پاڻي سان سڄي ڪائنات ڀريل آهي. جڏهين ته گنگا، جيڪا برهما جو اولاد آهي، کي سرسوتي جو اوتار چيو وڃي ٿو.
انگريزن هندوستان جي ماڻهن سان گھڻا ظلم ڪيا پر ساڳي وقت انهن کي سندن ڪيل ڪجھ چڱن ڪمن جو ڪريڊٽ پڻ ڏيڻ گھرجي. انهن ڪمن مان هڪ اهم ڪم اهو هو ته انهن ملڪ جي مختلف علائقن جي جاگرافي، اتان جي قدرتي وسيلن، جھنگلن ۽ دريائن وغيره جي سروي جو ڪم پڻ ڪيو. ليکڪ مائيڪل ڊينينو پنهنجي ڪتاب The lost River: On the Trail of Sarasvati ۾ ان بظاهر ڏندڪٿائي دريا جي حقيقت کي ڄاڻڻ لاء انفرادي ۽ سرڪاري طور جيڪي ڪوششون ڪيون ويون انهن جو جائزو ورتو آهي. ليکڪ 1956 ۾ فرانس ۾ پيدا ٿيو. ايڪويه سالن جي عمر ۾ هو هندوستان آيو ۽ هاڻي اتي ئي رهيل آهي. آرڪيالوجي سميت مختلف موضوعن تي تحقيق سان گڏوگڏ هن 2010 ۾ هي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب لکيو.
اوڻويهين صدي ۾ سرسوتي جي پندرنهن سو ميل ڊگھي پيٽ کي دريافت ڪيو ويو.هن ڪتاب ۾ سرسوتي متعلق تاريخي ۽ موجوده تحقيق جا حوالا ڏنا ويا آهن ۽ مختلف نڪته نظر پيش ڪيا ويا آهن. رگ ويد موجب هماليه جي شولڪ مان شروع ٿيندڙ هي دريا اوله ڏانهن سفر ڪندي هريانا ۽ اڇڙي ٿروغيره مان ٿي ڪڇ ۾ سمنڊ تائين وڃي ٿو جڏهين ته رگ ويد کان پوء لکيل مهاڀارت موجب اهو ريگستان ۾ ئي ختم ٿي وڃي ٿو. ڪارڻ اهو آهي ته ممڪن آهي ته رگ ويد ۽ مهاڀارت جي لکڻ جي وچ واري عرصي ۾ دريا جي وهڪري ۽ پاڻي جي مقدار ۾ ڪي تبديليون آيون هجن.
رگ ويد ۾ پنجاب جي پنج دريائن، سنڌو ۽ سرسوتي کي ستن ڀينرن سان تشبيه ڏني ويئي آهي. اهي دريا ڏهن کان ٻارنهن هزار سال اڳ هماليه جي گليشيئرن جي پگھرڻ جي ڪري وجود ۾ آيا هئا. انهن سڀني ۾ سرسوتي جي حيثيت مقدم هئي. هي دريا اوڀر کان اوله ڏانهن وهندو هو ۽ ان جي هڪ پاسي ستلج ۽ ٻئي پاسي جمنا هوندا هئا. جمنا جو وهڪرو ڄڻ ته پنجاب ۽ گنگا وچ ۾ سرحد هوندي هئي. هڪ لحاظ کان ان کي سنڌو ۽ گنگا تهذيبن جي وچ هڪ پل جو نالو به ڏنو وڃي ٿو. انهن ٻنهي جو پاڻي سرسوتي کي ملندو هو. ستلج ته اڪثر پنهنجن وهڪرن بدلائڻ لاء ڄاتو وڃي ٿو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته ممڪن آهي ته زلزلن ۽ ٻين قدرتي تبديلين جي ڪري زمين جي سطح مٿي ٿي هجي ۽ اهڙي ريت دريائن جي وهڪرن ۾ تبديلي آئي هجي. ستلج اوله ڏانهن پنهنجو وهڪرو بدلائي بجائي سرسوتي کي پاڻي ڏيڻ جي وڃي بياس سان مليو جيڪو اڳتي هلي سنڌو جو حصو ٿي بڻيو. اهڙي ريت جمنا پنهنجو وهڪرو اوڀر ڏانهن بدلائي گنگا جو حصو ٿي ٿيو. اهو چئي سگھجي ٿو ته سرسوتي کي ملندڙ پاڻي ٻن وڏن دريائن سنڌو ۽ گنگا پاڻ ۾ ورهائي کنيو. اهو سڄو معاملو فوري طور نه ٿيو هو پر اهو اٽڪل 2600 قبل مسيح کان شروع ٿي 1900 قبل مسيح ۾ پنهنجي انتها تي پهتو. هن وقت گھگھر ۽ هاڪڙي جي وهڪري کي سرسوتي جو وهڪرو ڄاڻايو وڃي ٿو جڏهين ته هماليه مان ساڳئي شولڪ جي جاء تان هڪ ننڍو چشمو نڪري ٿو جنهن کي به سرسوتي چيو وڃي ٿو پر ان ڳالھہ تي محقق متفق ناهن ته سرسوتي جنهن جو ايڏو گھڻو ذڪر ۽ ايڏي تاريخي حيثيت آهي اهو ان ننڍي چشمي جي صورت ۾ ٿي سگھي ٿو. مذهبي لحاظ کان ڏسجي ته مهاڀارت ۾ چيو ويو آهي ته سرسوتي جي رت هاڻو پاڻي سمنڊ ڏانهن کڻي وڃڻ جي ڪري وشوامترا ان کي پاراتو ڏنو هو جنهن جي ڪري ِ ان جو پاڻي گھٽجي ويو هو ۽ اهو سڪي ويو هو. ان مان اهو نتيجو به ڪڍي سگھجي ٿو ته دريا جي ڪناري ڪي جنگون ٿيون هونديون جن ۾ رتوڇاڻ جي ڪري دريا جو پاڻي رت هاڻو ٿي پيو هو.
ساڳي وقت ليکڪ ان جي مخالف نڪته نظر کي پڻ پيش ڪيو آهي جنهن جو چوڻ آهي ته ان دريا جي ڪا حقيقت ناهي پر اها رڳوهڪ ڏند ڪٿا آهي. گھڻن جو خيال آهي ته اهڙو ڪو دريا هندوستان ۾ نه هو. اهو ممڪن آهي ته اهو افغانستان وغيره ۾ هجي ۽ آريا جڏهين هندوستان ڏانهن آيا هئا ته انهن اتي ٺڪاڻو ڪيو هجي. هتي اچڻ کانپوء انهن ان دريا جي ياد ۾ اهي سڀ داستان ٺاهيا ۽ جيڪو سرسوتي جي نالي سان چشمو آهي ان کي اهو نالو ڏنو . پر هڪ ننڍي چشمي لاء اها ڳالھہ گھڻن کي آئڙي نه ٿي. ان حوالي سان خاص طور ڀارت جي نامياري تاريخدان عرفان حبيب جو حوالو ڏنو وڃي ٿو جنهن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ دريا ناهي پر ٽن چئن دريائن کي گڏي اهو نالو ڏنو ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته ان کي هڪ ريگستان جو دريا چئي سگھجي ٿو جيڪو ريگستان ۾ ئي ختم ٿي وڃي ٿو. پر ليکڪ ان ڳالھہ کي صحيح نه ٿو سمجھي. ان ڳالھہ جي ثبوت طور هو ٻڌائي ٿو ته چولستان ۾ سرسوتي جي پيٽ ۾ هن وقت به مٺو پاڻي ملي ٿو جڏهين ته جيسلمير ۾ دريا جي پيٽ ۾ ڏه لک ٽيوب ويل اٽڪل چاليه سالن تائين هلي سگھن ٿا. هو مختلف تحقيقن ۽ تاريخي حوالن سان ان ڳالھہ کي ثابت ڪري ٿو ته سرسوتي حقيقت رهيو آهي ۽ ان جي ڪنارن تي ائين مختلف تهذيبن جنم ورتو آهي جيئن سنڌو ۽ ٻين مختلف دريائن جي ڪنارن تي شهر آباد ٿيا ۽ تهذيبن جو جنم ٿيو. ايندڙ مضمون ۾ ان ڳالھه جو جائزو ورتو ويندو.

سنڌو تهذيب: شهر، ماڻهو ۽ انت

انگريزن پنجاب تي قبضي کانپوء ملتان کان لاهور تائين 160 ڪلوميٽر ڊگھي ريلوي لائين تي وڌي جنهن جي لاء کين وڏي مقدار ۾ سرن جي ضرورت هئي. فوري طور ان جو بندوبست ڪرڻ ڏکيو ڪم هو. ساهيوال کان چوويه ڪلوميٽر کن جي فاصلي تي راوي دريا جي ڪناري هڙپا نالي ڳوٺ جي ويجھو انهن کي سرن جو هڪ وڏو ڍير نظر آيو. ان جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته انهن ايستائين ته ريل جا گاڏا ڀري اتان سرون کنيون. پر انهن جيئن سرن کڻڻ لاء کوٽائي شروع ڪئي ته کين اتي پراڻي شهر جا آثار نظر آيا. اهو پراڻو هڙپا شهر هو ۽ ان جي ويجھو ئي هڙپا جي نالي سان ئي نئون ڳوٺ آباد ڪيو ويو هو. جيستائين اتي آرڪيالاجي جا ماهر پهتا تيستائين سرن ڪڍڻ وارن انهن آثارن کي گھڻو نقصان پهچايو هو. اها موئين جي دڙي کان به اڳ سنڌو تهذيب جي آثارن جي پهرين دريافت هئي. ان ڪري سنڌو تهذيب کي متبادل طور هڙپا تهذيب جو نالو پڻ ڏنو ويندو آهي.
موئين جو دڙو جي دريافت ان کان پوء ٿي. هڙپا ۽ موئين جو دڙو جي وچ ۾ راوي، چناب ۽ سنڌو جي وسيلي اٽڪل اٺ سو ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪرڻو پئي ٿو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته هيستائين اٽڪل اهڙين 1140 جاين جي نشاندهي ٿي آهي پر انهن مان رڳو ڏه سيڪڙو جي کوٽائي ٿي سگھي آهي ۽ جيڪڏهين کوٽائي جي سڀني مرحلن کي شامل ڪيو وڃي ته اهو پنج سيڪڙو کان به گھٽ آهي. اهو ڪم جيئن اڳتي وڌي ٿو ته نيون شيون دريافت ٿين ٿيون ۽ پراڻن نظرين کي رد يا انهن ۾ ڦير گھير ڪرڻي پئي ٿي. جيئن بلوچستان ۾ مهرڳڙه جي آثارن جي دريافت کانپوء سنڌو تهذيب جو مدو پنج هزار سالن کان وڌي ست هزار سالن کي وڃي پهتو
موئين جو دڙو جي دريافت ڪندڙ جان مارشل موجب هندوستان جي اٺ لک ڪلوميٽر يا پنجويه سيڪڙو حصي کي هڙپا ڪلچر ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. سنڌو جي سلطنت 2600 قبل مسيح ۾ 2000 ڪلوميٽرن ۾ ڦهليل هئي پر ان جي ڪا مرڪزي حڪومت نه هئي، نه ئي ڪا مضبوط فوج هئي ۽ نه ئي ڪو بادشاه هو. وڏن شهرن ۾ ڪائونسلون هونديون هيون جيڪي انهن جو انتظام هلائينديون هيون. فوج کان وڌيڪ انهن جو زور واپار ۽ مذهب تي هوندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته سنڌو تهذيب جي شهرن ۾ کشتري يا ويڙهاڪ طبقو نه ٿو ملي. اهو بنيادي طور هڪ پرامن سماج هو. هتان تير ۽ ٽامي جا ٻيا هٿيار مليا آهن جيڪي جنگ لاء نه پر شڪار وغيره لاء استعمال ٿيندا هوندا. اهو واپار نه رڳو انهن شهرن جو پاڻ ۾ هوندو هو پر ان وقت جي معلوم دنيا جي ٻين علائقن سان پڻ هوندو هو.
موئين جو دڙو ان تهذيب جو هڪ اهم شهر هوندو هو بلڪ ائين چئجي ته وڌاء نه ٿيندو ته اهو هڪ لحاظ کان ان جي گادي جو هنڌ هو. مارشل ان شهر کي 3250 قبل مسيح کان 2750 قبل مسيح جي وچ واري عرصي جو ٻڌائي ٿو جيڪو 2600 قبل مسيح ۾ پنهنجي عروج تي پهتو. 1900 قبل مسيح تائين اهو عروج رهيو ۽ پوء ان جو زوال شروع ٿيو جيڪو 1300 قبل مسيح ۾ شهر جي ختم ٿيڻ تي منتج ٿيو.
موئين جو دڙو جو شهر 200 کان 300 هيڪٽر تي ڦهليل هو. شهر جي ڪل آبادي اٽڪل چاليه هزار هئي. شهر جي مٿانهين حصي تي حڪمران ۽ امير طبقي جا گھر ٺهيل هئا جڏهين ته هيٺانهين تي وچولي ۽ هيٺئين طبقي جي رهائش هئي. هتي بادشاهن ۽ اميرن وزيرن جا اهڙا محل ۽ عاليشان گھر نه مليا آهن جيڪي مصر ۽ ميسوپوٽيما وغيره ۾ مليا آهن. هتان جي خاص ڳالھہ اها هئي ته هتي حڪمرانن ۽ اعلا طبقي جي ڀيٽ ۾ عام ماڻهو جي ڀلائي تي وڌيڪ توجھ ڏنو ويندو هو. ان جو مثال ڏيندي ليکڪ ٻڌائي ٿو ته حوض ۽ ڪاڪوس اهڙا ٺاهيا ويندا هئا جن جو ان وقت جي دنيا ۾ ڪو مثال نه هو. اٽڪل ٻه هزار سال پوء اهي روم ۾ اسان کي ملن ٿا. اهڙي ريت انهن جي لاهي ٺاهي ويندي هئي جو سڄو گند ٻاهر نالين ۾ ويندو هو. جيئن ته انهن نالين کي باقاعدي صاف ڪرڻ جو بندوبست هوندو هو جنهن مان اها خبر پئي ٿي ته هتي شهري سهولتن لاء ميونسپل ڪائونسلن وغيره جو انتظام پڻ هو. ساڳي ريت پاڻي جي لاء ڇه سو کان ست سو کوه هئا جن مان شهرين کي سراسري طور پنجٽيھه ميٽر جي فاصلي تي پاڻي ملندو هو.
مذهب جي حوالي سان ليکڪ ٻڌائي ٿو ته پڪ سان اها خبر نه ٿي پئي ته اهي ڇا جي پوڄا ڪندا هئا ۽ انهن جو مذهب ڪهڙو هو. ڪٿي ڪٿي مندرن ۽ عبادت گاهن جا نشان مليا آهن. لنگ جهڙي شڪل جون عبادت جون شيون ملن ٿيون. مارشل جي چوڻ موجب موئين ۽ سنڌو تهذيب جي ٻين شهرن جا ماڻهو جانور پاليندا هئا ۽ گوشت به کائيندا هئا. ساڳي ريت هتان ٽن مٿن واري لارڊ شيوا، جنهن کي جانورن جو ديوتا چيو وڃي ٿو، جي مورتي به ملي آهي. ڏند ڪٿائي جانورن کي ڪنول جي گل جي صورت ۾ مراقبي ۾ ڏيکاريو ويو آهي. يوگا جو تصور ان دور ۾ پيش ڪيو ويو هو. باه جي پوڄا جا آثار سنڌوتهذيب جي شهرن ۾ نه ٿا ملن. جڏهين ته اهي انهن شهرن ۾ ملن ٿا جيڪي سرسوتي جي ڪناري آباد رهيا آهن. مري ويلن جي لاشن کي گھڻي ڀاڱي ساڙيو ويندو هو. قبرن جا نشان گھٽ ٿا ملن. اهي قبرون به ائين ناهن جيئن مصر وغيره ۾ مليون آهن جتي مردي سان گڏ قبر ۾ سندس ضرورت جو هر سامان رکيو ويندو هو.
مصر ۽ بابل وغيره جي تهذيبن متعلق تفصيلي ڄاڻ هئڻ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو به آهي ته ماهرن اتان جي ٻولين کي پڙهي ورتو آهي. پر سنڌو تهذيب جي ٻولي گھڻين ڪوششن جي باوجود اڃا به هڪ اسرار بڻيل آهي. جيڪي نشان ۽ تصويرون وغيره مليون آهن انهن ۾ رڳو ڪجھ ٽڙوکڙ اکر ئي ملن ٿا ۽ تفصيلي طور ڪا شي نه ٿي ملي. ماهرن جو خيال آهي ته اهي بي ترتيب انگ اکر شايد واپار جي مقصد ۽ حساب ڪتاب لاء ڪم ايندا هجن. اهو چيو وڃي ٿو ته سنڌو تهذيب جي علائقن ۾ برهمي ٻولي استعمال ٿيندي هئي جيڪا 1800 قبل مسيح ۾ غائب ٿي ويئي ۽ وري 500 قبل مسيح ۾ ظاهرٿي جنهن جي ڪري ان تهذيب متعلق مڪمل ۽ تفصيلي معلومات نه ملي سگھي آهي.
ٻين گھڻين ڳالھين وانگر اهو پاڻ هڪ اسرار آهي ته سنڌو جي تهذيب ۽ خاص طور موئين جو دڙو جو زوال ڪيئن ٿيو ۽ ان ۾ ڪهڙا عنصر ڪارفرما هئا. ان سلسلي ۾ مختلف خيال ۽ نظريا پيش ڪيا وڃن ٿا. هڪ خيال اهو آهي ته اهو ٻاهرين حملي آورن جي ڪري ٿيو. جيتوڻيڪ آثارن مان گھٽين ۾ پيل رڳو هڪ لاش ملي آهي ۽ اهڙي ريت ان جا ڪي واضح ثبوت نه ٿا ملن. اهو ان ڪري به آهي ته ليکڪ جو خيال آهي ته اهو زوال فوري طور نه ٿيو پر ان ۾ پنج ڇھه سو سالن جو عرصو لڳو. ممڪن آهي ته شهر جي ماڻهن ۽ خاص طور حڪمران طبقي ۾ اختلاف ۽ انتشار پيدا ٿيو هجي. هڪ ٻئي اهم عنصر جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو آهي ماحول ۾ تبديلي ۽ ان جا اثر. وڻن کي وڍڻ ۽ جھنگلن کي ماڻهن ۽ جانورن پاران گھڻي استعمال ۾ آڻڻ جي ڪري جھنگلن کي گھڻو نقصان پهتو. نتيجي ۾ هڪ پاسي مينهن گھٽجي ويا ۽ ٻئي پاسي دريا جي وهڪري ۾ تڪڙيون تبديليون واقع ٿيڻ شروع ٿيون ۽ ٻوڏن جو تعداد وڌي ويو. انهن امڪانن تي ان ڪري به زور ڏنو وڃي ٿو ته وقت سان گڏوگڏ شهري سهولتن جي معيار ۾ گھٽتائي اچڻ شروع ٿي جنهن جو هڪ ڊگهي عرصي کانپو۽ انت ٿيو.

سنڌو سرسوتي تهذيب: ڪجھ سوال

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي قديم آثارن جي تحقيق جي ڪم کي وڏو نقصان پهچايو. ان وقت تائين چاليه کن قديم آثاردريافت ٿي چڪا هئا ۽ انهن مان گھڻا ان خطي ۾ هئا جيڪو پاڪستان جي حصي ۾ آيو هو. اهڙي ريت جن محققن جو ڀارت سان تعلق هو انهن لاء هن نئين ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ ڏکيو هو. انهن ۾ گھڻن ڀارت جي پهرئين وزيراعظم جواهر لال نهرو کي درخواست ڪئي ته کين ڪڇ، ڀڄ، راجستان، هريانا ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جتي خاص طور سرسوتي جي پيٽ جي حوالي سان ان تهذيب جي گھڻن آثارن جي ملڻ جي توقع هئي. نهرو پاران اهڙي اجازت ڏني ويئي ۽ فنڊ وغيره به مهيا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ايستائين گھڻو ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ڪجھ وقت اڳ تائين ننڍي کنڊ ۾ دريافت ٿيل آثارن جو تعداد اٽڪل 3700 ٿي ويوهو.
جيڪي آثار مليا آهن، انهن جو اٽڪل پنجويھه سيڪڙو گجرات ۾ آهي جنهن مان اٽڪل ٽيٽيه سيڪڙو ترقي ڪيل شڪل ۾ آهن. ماهرن جو خيال آهي ته اتر راجستان ۾ ڪالي بنگن ۾ جيڪي آثار مليا آهن انهن مان خبر پيئي ٿي ته اها تهذيب موئين جو دڙو ۽ هڙپا کان به اڳ جي آهي. انهن ۾ ڪجھ ڳالھہيون ته سنڌو تهذيب سان مشابهت رکن ٿيون پر ڪجھ اهڙيون به آهن جيڪي سنڌو تهذيب کان مختلف آهن. مثال طور هتي باه جي پوڄا ڪئي ويندي هئي جيڪا ڳالھہ سنڌو تهذيب جي شهرن ۾ نه هئي. ساڳي ريت هتي لوٿل جي جاء تي سمنڊ جي ديوي وينووتي ماتا جي پوڄا جا آثار ملن ٿا جيڪا ڳالھہ سنڌو تهذيب ۾ ناهي. انهن دريافتن جي بنياد تي اهو خيال پيش ڪيو وڃي ٿو ته ان پراڻي تهذيب جو مرڪز سنڌ نه پر بيڪانير ۽ جيسلمير هئا جتان سرسوتي وهندو ڪڇ نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. ان بنياد تي ليکڪ اهو خيال پيش ڪري ٿو ته ان تهذيب کي بجائي سنڌو تهذيب جو نالو ڏيڻ جي سنڌو سرسوتي تهذيب چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. ساڻس ڪجھ ڄڻا ته متفق آهن پر ان ڳالھه کي اڃا عام قبوليت حاصل نه ٿي سگھي آهي.
ننڍي کنڊ ۾ آرين جي اچڻ ۽ هتان جي اصلوڪن رهاڪن سان سندن ورتاء جو معاملو هڪ وڏي بحث جو موضوع آهي ۽ هڪ لحاظ کان سرسوتي جي ڏند ڪٿا يا حقيقت جو معاملو به ان سان لاڳاپيل آهي. عام خيال ته اهو آهي ته آريا ٻاهران ايران، وچ ايشيا ۽ يورپ وغيره مان آيل حملي آور ۽ ڌاريان آهن جن هتان جي اصلوڪن رهاڪن، جن کي دراوڙ چيو وڃي ٿو، تي حاوي ٿي مٿن پنهنجو مذهب، ديويون، ديوتائون، ٻولي ۽ ثقافت وغيره مڙهي. جڏهين ته ان جو مخالف اهو خيال پيش ڪيو وڃي ٿو ته اهي ٻاهران آيل نه پر هتان جا ئي مقامي ماڻهو هئا. ٽيون خيال اهو پيش ڪيو وڃي ٿو ته اهي هتان جا مقامي ماڻهو هئا جيڪي ڪن حالتن جي ڪري لڏي ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا هئا ۽ پوء حالتن جي سازگار ٿيڻ تي موٽي آيا هئا. جن جن ملڪن ۾ اهي رهيا اتان جي ٻولين ۽ ثقافت وغيره تي سندن اثر اڃا به ملن ٿا. ويدن جي حوالي سان به هڪ رايو ته اهو آهي ته سنڌو جي ڪناري تي ويهي لکيا ويا ۽ ان جي ساراه ڪئي ويئي جڏهين ته ٻيو رايو اهو پيش ڪيو وڃي ٿو ته اهو پوتر دريا جنهن جي ڪناري ويد لکيا ويا اهو سنڌو نه پر سرسوتي هو.
هڪ رايو آهي ته 1900 قبل مسيح ۾ هڙپا نهذيب جي زوال ۽ 1200 قبل مسيح ۾ آرين جي اچڻ ۽ هندوستاني سماج جي نئين سر تنظيم ڪرڻ ۾ اٽڪل ست سو سالن جي هڪ ڪاري رات ۽ وقفو آهي. پر ليکڪ ان خيال سان متفق ناهي. سندس چوڻ آهي ته اهڙي ڪنهن ڪاري رات جو وجود ناهي. پر اهو هندوستاني تهذيب جو هڪ تسلسل آهي جيڪو هلندو آيو آهي ۽ ست سو سالن جو اهو عرصو ان جي نئين سر تنظيم ۽ هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جو عمل آهي. دريا جي ختم ٿي وڃڻ جي ڪري گھڻا شهر ۽ آباديون ختم ٿي ويون ۽ ماڻهن کي مجبور ٿي ٻين علائقن ڏانهن لڏڻو پيو. گھڻا گنگا ۽ جمنا جي ڪنارن تي وڃي آباد ٿيا. گھڻا برهمڻ ڪشمير، ڪيرالا ۽ ڪرناٽڪا وغيره ڏانهن لڏي ويا. اهڙي ريت اهي ماڻهو جيڪي سرسوتي جي ڪنارن تان لڏي گنگا ۽ جمنا جي ڪنارن تي آباد ٿيا ٻاهران حملي آور نه هئا جن اچي ڦرمار ڪئي ۽ هتان جي ماڻهن کي غلام بڻايو پر اهي هتان جا اصلوڪا ماڻهو هئا جيڪي شروع کان ئي هتي رهيل هئا.
ان جي لاء هو اهو ثبوت پيش ڪري ٿو ته ويد ان وقت لکيا ويا جڏهين سرسوتي پنهنجي عروج تي هو جڏهين ته ٻارنهين تيرنهين صدي قبل مسيح ۾ آرين جي هندوستان ۾ اچڻ جو جيڪو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ان وقت دريا گھڻي ڀاڱي گم ٿي چڪو هو. ان ڪري ان کي صحيح نه ٿو مڃي سگھجي.
پر تاريخدان عرفان حبيب ان نظرئي کي صحيح نه ٿو سمجھي. هو پهرين ڳالھہ ته سرسوتي جي هئڻ سان ئي اختلاف ڪري ٿو. ٻي ڳالھہ ته سندس چوڻ آهي ته ان نظرئي کي پيش ڪرڻ جو مقصد هڪ لحاظ کان دراوڙن کي پنهنجي تاريخي ڪردار ۽ ورثي کان محروم ڪرڻ آهي.
هن وقت الميو اهو آهي ته ڀارت ۾ تاريخ اهڙو موضوع ۽ سائنس نه رهي آهي جنهن کي معروضي ۽ اڻ ڌريو ٿي پرکي سگھجي. خاص طور بي جي پي جي حڪومت اچڻ کانپوء تاريخ به ڄڻ هڪ سياسي هٿيار ٿي پيو آهي. هڪ لحاظ کان نسل پرستي ۽ مٿڀرائپ جو جيڪو تصور آهي ان کي صحيح ثابت ڪرڻ آهي ۽ صدين کان جن ماڻهن حڪمراني ڪئي آهي انهن جي لاء اهو جواز پيش ڪرڻ آهي ته اهي ڪي ڌاريان ۽ ٻاهران آيل ماڻهو نه پر هتان جا ئي اصلوڪا رهاڪو آهن.
اها به ڳالھه آهي ته محققن ۽ عالمن جو پنهنجي ليکي هڪ موقف ۽ نظريو هوندو آهي ۽ اهي ڪوشش ڪندا آهن ته ان کي درست ثابت ڪن ۽ ساڳي وقت ان تحقيق لاء سرڪاري سرپرستي ۽ فنڊنگ وغيره به ضروري شيون آهن. ان ڪري اهي هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي جيڪي گھڻي ڀاڱي سرڪار پاران کين ڌنا ويندا آهن. بهرحال ان موضوع تي بحث جي ختم ٿيڻ ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ في الحال ممڪن نه ٿو لڳي.

سرگردان سنسار ۾

سرگردان سنسار ۾ محمد قاسم ميرجت جو سندس زندگي جي مختلف پاسن جي حوالي سان لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي. ليکڪ هن وقت وڪيل آهي ۽ ڪجھ وقت کان اسلام آباد ۾ رهي ٿو پر سندس سڄي زندگي سنڌ ۽ گھڻي ڀاڱي سياست جي ميدان ۾ گذري آهي. جيتوڻيڪ ڪجھ وقت آئون به ان سياسي جماعت، سنڌي عوامي تحريڪ، ۾ رهيس پر قاسم، جيڪو پارٽي ۾ نذر جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ مون سميت گھڻن کي سندس اصل نالي جي خبر نه هوندي هئي، سان گھڻو لھه وچڙه ۾ نه اچي سگھيس. جيتوڻيڪ عالم شاه، فاضل راهو، گل حسن ڪيڙانو سان واسطو پوندو هو پر قاسم سان گھڻي ويجھڙائي نه ٿي سگھي.
هي ڪتاب جيڪڏهين بجائي ڪالمن جي ڳٽڪي جي، ليکڪ جي زندگي جو پيرائتو احوال هجي ها ته ڳالھہ کي سمجھڻ ۽ ان تي لکڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿئي ها. اهو ليکڪ جي زندگي ۽ سياست جو هڪ وکريل احوال آهي. ان ڪري مختلف جاين تي ورجاء جو شڪار پڻ ٿي وڃي ٿو. ماڻهو جي زندگي جا سڀ پاسا، سندس خاندان، پڙهائي، روزگار ۽ سياسي ۽ سماجي سرگرميون وغيره هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هونديون آهن ۽ هڪٻئي تي اثرانداز ٿينديون آهن. انهن کي هڪٻئي کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي.
قاسم گھڻي ڀاڱي سنڌي عوامي تحريڪ يا عوامي تحريڪ سان ئي لاڳاپيل رهيو آهي. هن ان جماعت کي پنهنجي زندگي جو بهترين حصو ڏنو آهي. هوِ اڃا به ذهني طور ڄڻ پاڻ کي ان جو حصو ئي سمجهي ٿو. هن ڪتاب ۾ هڪ لحاظ کان هن ڄڻ پنهنجي ان سڄي عمل جو جائزو ورتو آهي پر ساڳي وقت هو ڪنهن ٻي سياسي جماعت ۾ به شامل نه ٿيو آهي.
ڪتاب مان اهو پوري ريت تاثر ملي ٿو ته ليکڪ مختلف وقتن ۾ پارٽي جيڪي پاليسيون اختيار ڪيون ان تي هن ان وقت ته من وعن عمل ڪيو پر هاڻي پري ويهي هو انهن جو تنقيدي جائزو وٺي ٿو ۽ انهن جي نفعي ۽ نقصان کي ڏسي ٿو. انهن سڀني جو ذميوار هو هڪ فرد کي سمجهي ٿو جيڪو انهن کي ٺاهڻ ۽ بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو هو ۽ ڪنهن به مخالفت کي برداشت نه ڪندو هو.
عوامي تحريڪ جو ان ڊگھي عرصي ۾ پاڪستان جي کاٻي ڌر جي مختلف گروپن سان جيڪو واسطو رهيو انهن جو لاڙو پليجو ۽ سندس دوستن وانگر چين ۽ فڪر مائوزي تنگ ڏانهن هو. اهو لاڙو پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين گھڻن ملڪن ۾ ڪميونسٽ تحريڪن جي وکرجڻ جو هڪ اهم ڪارڻ هو. پليجو ۽ سندس ساٿي به ان ڪري ئي پارٽي کان ڌار ٿيا هنا پر ماڻهن کي منجھائڻ لاء ان کي انهن ٻيا نالا ڏيئي ڇڏيا جيئن ته مٿن ڪا ڳالھہ نه اچي. ليکڪ کي پليجي ۽ ان جي دوستن جو پارٽي کان ڌار ٿيڻ جو ذڪر ڪندي ان ڳالھہ کي واضح ڪرڻ گھرجي ها.
فاضل راهو جو هاري تحريڪ ۽ پارٽي ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. ايستائين گھڻو ڪري ٿيندو ائين آيو آهي ته فاضل کي پارٽي ۾ هڪ غير متنازعه اڳواڻ جي صورت ۾ ڏٺو ويو آهي. پر ان ڳالھہ کي سڄي سياق و سباق ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. پارٽي ۾ پليجو جي مختلف وقتن تي اختيار ڪيل پاليسين ۽ روين جي مخالفت ڪندي ڪافي ڪارڪن ۽ اڳواڻ مختلف وقتن تي ڌار ٿي ويا. ان لحاظ کان ڄڻ پليجو۽ سندس ساٿي هڪ پاسي هئا ۽ اختلاف ڪندڙ دوست ٻئي پاسي هئا جن کي سڄي سنڌ ۾ غدار ۽ انقلاب دشمن ڪري پيش ڪيو ويندو هو. فاضل ان ۾ آخر تائين پليجو سان گڏ ئي بيٺل هو. ليکڪ ان حوالي سان فاضل جو بچا۽ ڪندي اهو جواز ڄاڻايو آهي ته فاضل اختلاف ڪندڙ ڪارڪنن کي چوندو هو ته بابا پارٽي اسان جو ڀرجھلو ۽ گھر آهي ۽ اوهان جيڪڏهين مطمئن ناهيو ته ڀلي ڌار ٿي وڃو. پر ساڳي وقت پارٽي کي نون اتحادن ۽ نين سياسي جماعتن جي ٺاهڻ جي حوالي سان گھڻا ڀيرا ختم ڪيو ويو فاضل پوء به پليجو سان بيٺو رهيو. فاضل جيڪڏهين ڪنهن به موقعي تي پارٽي اڳواڻ جي ڀيٽ ۾ اختلاف ڪندڙ ڪارڪنن سان گڏ بيٺل هجي ها ته پارٽي جي صورتحال مختلف هجي ها ۽ ليکڪ سميت پارٽي جا گھڻا بي لوث ڪارڪن جن پنهنجيون حياتيون پارٽي کي ارپي ڇڏيون هيون نڌڻڪا ٿي پارٽي مان نه ڪڍيا وڃن ها.
ڊاڪٽر فيروز احمد پارٽي جي نظرياتي پاسي کي مضبوط ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن واقعي اهو سمجھيو ٿي ته هي پارٽي سنڌ ۾ هڪ انقلابي ڪردار ادا ڪري سگھي پئي. ان جي لا۽ هن هڙان وڙان پارٽي جي مدد ڪئي. جيئن ليکڪ پارٽي مان بيدخل ٿيڻ کانپوء هڪ پارٽي ڪارڪن پاران ٺڳي ڪري سندس ڳوٺ جي گھر کي هضم ڪرڻ متعلق لکيو آهي تيئن فيروز پارٽي جي ڪجھ معتبر اڳواڻن متعلق ٻڌائيندو هو جن اهڙي ريت سندس پئسا هضم ڪيا هئا. جيتوڻيڪ فيروز جي پارٽي ڇڏڻ جي حوالي سان ليکڪ جو هڪ مرڪزي ڪردار هو ۽ ان کي ئي ساڻس آخري ڀيرو ڳالھہ ٻوله لاء مقرر ڪيو ويو هو پر هن ابهام کان ڪم وٺندي ڳالھہ کي بس ائين مٿاڇري انداز ۾ ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهو ته ٺيڪ آهي ته فيروز پارٽي جي ڪنهن مرڪزي پاليسي ساز اداري جو حصو نه هو، پر جيڪي ان جو حصو هئا انهن جي به ڪيتري اهميت ۽ ڪهڙي حيثيت هئي ان جي وضاحت به ليکڪ مختلف جاين تي ڪئي آهي، پر ليکڪ اهو واضح نه ٿو ڪري ته فيروز جا پارٽي سان ڪهڙا اختلاف هئا ۽ سندس ڪهڙو موقف هئو. ڇا ان وقت مرڪزي ادارن جا ڪي فرد فيروز جي موقف سان متفق هئا ۽ جيڪڏهين ائين هو ته پوء اهي ان سان گڏ ڇو نه بيٺا. رڳو کيس اهو چئي معاملي کي ختم ڪرڻ ته ساٿي اوهان کي پارٽي ضابطي جي پابندي ڪرڻي پوندي ڳالھہ کي اڃا وڌيڪ منجھائي ٿو. ائين آئون ان ڪري پيو چوان ته فيروز هڪ مهذب نموني سان پارٽي کان پاسيرو ٿي ويو ۽ نه هن نه هن جي ڌار ٿيندڙ ساٿين مان ڪنهن اختلافن کي عام ڪيو ۽ نه ڪا لابنگ ڪئي. پر جڏهين هاڻي پارٽي جي هڪ سينيئر ڪارڪن پاران ان متعلق لکيو پيو وڃي ته انهن ڳالھہين جي وضاحت ٿيڻ گھرجي.
ليکڪ پنهنجي پارٽي ڇڏڻ جي حوالي سان به گھڻي تفصيل ڏيڻ کان لنوايو آهي. جنگشاهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ چونڊن ۾ ٿيل خرچ جي تفصيل گھرڻ تي صبوح جو کيس هڪ پني تي اهو لکي ٻڌايو وڃي ٿو ته اوهان کي پارٽي جي سڀني ذميوارين کان آجو ڪيو ويو آهي. ان جي پويان ضرور پارٽي پاليسي وغيره جي حوالي سان ڪي ڳالھہيون هونديون يا ليکڪ جا پارٽي اڳواڻن سان ڪي اختلاف هوندا جيڪي واضح نٿا ٿين.
ليکڪ ڪجھ عرصو عزيز سلام بخاري سان به رهيو آهي. ان حوالي سان ڪتاب ۾ هن هڪ اهم اعتراف ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هڪ ڀيرو ڪنهن ڪم سانگي حيدرآباد وڃڻ ٿيو ته سوچيم ته ڇو نه لطيف آباد ۾ پليجو سان به ملاقات ڪئي وڃي. ان ملاقات ۾ کيس عزيز سلام بخاري سان ڪم ڪرڻ متعلق به ٻڌايم ته هن مون کي چيو ته اوهان ڀلي ان سان ڪم ڪيو پر قومي مفاد ۾ ڪميونسٽ پارٽي جا لڪل دستاويز مون تائين پهچايو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته پهرين ته هن ان ڳالھہ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو پر پوء ان تي راضي ٿي ويو ۽ هن گھڻا اهڙا دستاويز بخاري کان هٿ ڪري انهن جي فوٽو ڪاپي پليجو کي پهچائي.
ڪتاب ليکڪ جي وڪالت جي پيشي، سندس خاندان ۽ ٻين گھڻين اهم شخصيتن، جن سان سندس پنهنجي سياسي ۽ پيشه ورانه زندگي ۾ واسطو پيو، متعلق ڪارائتي معلومات ڏئي ٿو. پر ان حوالي سان مون کي اها کوٽ محسوس ٿي ته ليکڪ پليجو، جنهن سان سندس نهايت گھاٽو ناتو رهيو آهي، جو رڳو ڇڙو ڇڙ ذڪر ڪيو آهي ۽ گھڻين جاين تي سندس نالي وٺڻ کان به لنوايو آهي. بهتر ائين ٿئي ها ته جيئن ٻين شخصيتن جا پروفائل ڏنا ويا آهن ائين پليجو جو به پروفائل ڏنو وڃي ها.
ڪتاب ۾ اڃا گھڻين ڳالھين ۽ وضاحتن جي ضرورت آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ان سلسلي ۾ ڪنهن وڌيڪ مصلحت جي گنجائش به ناهي. هن ڪتاب ۾ جيڪي خال رهجي ويا آهن انهن کي ڀرڻ جي ضرورت آهي.

انتظار حسين جا ناول

تازو انتظار حسين جا ٻه ناول آگي سمندر هي ۽ چاند گهن پڙهي پورا ڪيا. ان کان اڳ سندس ناول بستي ۽ افسانن جو مجموعو مطالعي هيٺ رهيو. آگي سمندر هي ۾ به ليکڪ جو اهو ئي انداز آهي، جنهن حوالي سان هو سڃاتو وڃي ٿو. ناول جو موضوع بنيادي طور ڪراچي جا اهي ڪجھ خاندان آهن جيڪي ورهاڱي کانپوء لڏي هتي اچي آباد ٿيا آهن. اهو ناول ڪراچي جي اسي ۽ نوي جي ڏهاڪن جي صورتحال جي پسمنظر ۾ لکيل آهي جڏهين شهر جون حالتون خراب هيون. اهڙي ريت اهو ورهاڱي کان اٽڪل چاليه سال پوء جو ڪراچي آهي بلڪ ائين کڻي چئجي ته غلط نه ٿيندو ته ڪراچي جا ڪجھ علائقا جهڙوڪ ناظم آباد ۽ لياقت آباد وغيره آهن جتي مهاجرن جي گھڻائي آهي. ماضي ۽ حال جي وچ ۾ لٽڪيل هڪ نسل آهي جيڪا هڪ سونهري آئندي ۽ ٻين جي آسري تي هن ملڪ ۾ اچي ٿي پر منجھانئن گھڻن کي جھڳين ۾ رهڻو پئي ٿو ۽ اهي خواهشون پوريون نٿيون ٿين جيڪي اهي پاڻ سان کڻي اچن ٿا. سندن نئين نسل کي سندن ماضي سان ڪا دلچسپي نه ٿي هجي اهي جيڪڏهين هتان نڪرڻ چاهين ٿا ته سندن منزل آمريڪا ۽ اوله جا ملڪ آهن. جڏهين ته پراڻي نسل لاء به پوئتي موٽڻ ممڪن ناهي. ڇاڪاڻ ته اتي به سڀڪجھ بدلجي ويو آهي. اڪيلي واٽ پنهنجي اولاد سان گڏ وري اولھه ڏانهن هجرت ڪرڻ آهي يا هن شهر جي نئين صورتحال ۾ جيئڻو آهي جنهن ۾ جيئڻ کان وڌيڪ مرڻ جا امڪان وڌيڪ آهن جنهن سان روز ان ناول جي ڪردارن جو واسطو پئي ٿو.
چاند گهن ورهاڱي واري وقت هڪ شهر حسن پور جي ڪهاڻي آهي. ورهاڱي کان اڳ هتان جي مسلم آبادي جي جيڪا نفسياتي ڪيفيت آهي، ليکڪ ان کي چٽيو آهي. هڪ اڻ تڻ آهي. مختلف ڪردار پنهنجي حيثيت جي تعين ۾ آهن. ڪي حقيقت پسند آهن جيڪي ان ڳالھہ کي سمجھن ٿا ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ فرقيوارانا فسادن ۽ رتوڇاڻ جو گھڻو امڪان آهي جڏهين ته ڪي پنهنجي ڦونڊ ۾ آهن ته اسان هندن تي حاوي ٿي وينداسين. عورتون پنهنجن وهم وسوسن ۾ ورتل آهن ۽ مختلف قدرتي مظهرن مان مختلف انومان ڪڍن ٿيون. ملڪ جي مختلف حصن مان فرقيوارانا ويڙه جون خبرون ۽ گھڻي ڀاڱي افواهون زورن تي هجن ٿيون. خاص طور تي سرحد پار کان لڏي ايندڙن جي اچڻ کانپوء صورتحال اڃان خراب ٿي وڃي ٿي ۽ اهي ماڻهو به جيڪي هتي رهڻ چاهين ٿا ۽ لڏڻ نه ٿا چاهين اهو سمجھن ٿا ته هتي رهڻ جي گنجائش نه رهي آهي. پر اهي ماڻهو پوء به اوستائين پنهنجو گھر نه ٿا ڇڏين جيستائين فساد سندن گھر تائين نه ٿا پهچن. پاڪستان ڏانهن ايندڙ ٽرين ۾ هڪ ڊپ واري ڪيفيت ۾ پنهنجو سفر طئي ڪن ٿا ۽ نيٺ پنهنجي نئين ملڪ پهچن ٿا. هتي هرڪو پنهنجي عادتن موجب ڪم ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ڪي ڪوڙا ڪليم داخل ڪري شاهوڪار ٿي وڃن ٿا ته ڪي روڊ تي پان ٻيڙي ۽ ڪبابن جا ٺيلها لڳائي پنهنجو گذارو ڪن ٿا ته ڪي وري جهاد جي شوق ۾ ان وقت ڪشمير ۾ هلندڙ جنگ ۾ حصي وٺڻ لاء هليا وڃن ٿا.اهو نوستلياجا ناهي ۽ انتظار حسين جي ٻين لکڻين کان مختلف آهي.

خالد طور جو ناول بالون ڪا گڇا

تازو خالد طور جو ناول بالون ڪا گڇا پڙهي پورو ڪيو. اهو ناول سرگوڌا جي هڪ ننڍي شهر جھاوريان جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هڪ نائين ڪلاس جو ٻار اسڪول جي موڪلن ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ پنهنجي وڏي ڀاء جي دعوت تي جھاوريان وڃي ٿو جتي هو هڪ سرڪاري اسپتال ۾ جانورن جي ڊاڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. اتي بجلي وغيره جي ڪا به سهولت موجود ناهي ۽ ماڻهو بلڪل ڳوٺاڻي نموني جي زندگي گذاري رهيا آهن. خالد جيتوڻيڪ نائين ڪلاس جو شاگرد هجي ٿو ۽ انگريزي وغيره ۾ به گھڻو هوشيار نه ٿو هجي پر ادب سان سندس خاص لڳاء هجي ٿو. هو هڪ ترقي پسند سوچ رکي ٿو ۽ مهم جوئي سندس طبيعت جو خاص حصو هجي ٿي. جھاوريان ۾ پنهنجي ڀاء جي گھر ۾ کيس هڪ نوڪرياڻي جو ننڍو ٻار نظر اچي ٿو جنهن جو سڄو مٿو ڪوڙيل هجي ٿو پر هڪ حصي تي وارڇڏيل هجن ٿا. پڇڻ تي خبر پئي ٿي ته اهي وار علائقي جي هڪ پير جي چوڻ تي رکيا ويا آهن ته جيئن ٻار بلائن کان محفوظ رهي سگھي ۽ پوء جڏهين هو پنجن سالن جو ٿيندو ته اهي وار ڪوڙائي انهن جي تور برابر سون يا چاندي پير کي ڏني ويندي. ان ٻار جي ماء انهن وارن جي سختي سان حفاظت ڪندي رهي ٿي.
خالد ان ڳالھہ تي سوچيندو رهي ٿو ته پيرن انهن پٺتي پيل علائقن ۾ غريب ۽ اٻوجھ ماڻهن کي ڦرڻ جا نوان نوان طريقا ڪڍيا آهن. هو ان پير کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاء هڪ ڏينهن موقعو ڏسي ان ٻار جا اهي وار ڪوڙي انهن کي نهر ۾ وجھي ڇڏي ٿو. هو گھر وارن آڏو اهو به مڃي ٿو ته هن اهو ڪم ڪيو آهي. ٻار جي ماء پنهنجي پٽ جي زندگي جي حوالي سان صدمي واري ڪيفيت ۾ اچي وڃي ٿي ۽ خالد کي پٽون پاراتا ڏيڻ شروع ڪري ٿي. ٻئي پاسي خالد جو ڀاء ۽ سندن دوست اهو سوچڻ شروع ڪن ٿا ته پير اهڙي ريت پنهنجي اختيار کي چئلنج ٿيندو ڏسندي ضرور ردعمل ڏيکاريندو ۽ بدلي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو. ساڳي وقت علائقي جا ماڻهو به پير جي حمايت ۾ ڪو قدم کڻي سگھن ٿا.
پير کي ڪنهن ريت ان ڳالھہ کان مطلع ڪيو وڃي ٿو جيڪو ان اطلاع ڏيندڙ ماڻهو کي اهو ٻڌائي ٿو ته هاڻي ڪاري بلا اٺيتاليھه ڪلاڪن کانپوء حملو ڪندي ۽ ان کي ڪنهن به ريت روڪي نه ٿو سگھجي. ان ڪم لاء پير پاران ٻه ملنگ جھاوريان موڪليا وڃن ٿا جيڪي سڃي شهر ۽ خاص طور ان گھر جو جائزو وٺن ٿا جتي ٻار پنهنجي ماء سان رهيل هجي ٿو. رات جو سندن حملي جو پروگرام هجي ٿو جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ خالد ۽ سندس دوست تيار هجن ٿا. اهي ملنگ اهو سمجھي ته ٻار پنهنجي کٽ تي ماء سان گڏ ستل آهي جڏهين ته انهن کي اڳ ئي ٻي جاء تي موڪليو وڃي ٿو ڪوبرا نانگ ان کٽ تي ڦٽو ڪن ٿا پر اهو ڪوبرا نانگ به مارجي وڃي ٿو ۽ هڪ ملنگ، جنهن اهو نانگ ڦٽو ڪيو هو، به خالد جي دوست جي سر مٿي ۾ لڳڻ جي ڪري ڦٽجي وڃي ٿو. اها ڳالھہ ٻار جي ماء جي پير ۽ ڪاري بلا جي وسوسن مان يقين کي ته ختم ڪري ڇڏي ٿي پر پوء به ان ڳالھہ کي عام نه ٿو ڪيو وڃي ته ماڻهو فوري طور پير جي حوالي سان ڪنهن منفي ڳالھہ کي قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن.
ليکڪ ان ناول کي فطرت جي ٻن قوتن نيڪي ۽ بدي وچ ۾ جدوجهد جي طور پيش ڪيو آهي. خالد جا اتي ئي ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري گلناري سان نيڻ اڙجي ٿا وڃن جيڪا ڳوٺ جي هڪ ٻئي ڇوڪري سان مڱيل هجي ٿي. ناول جي آخر ۾ خالد جو نيڪي جي قوت سان هڪ ڊگھو مڪالمو آهي جيڪا کيس ٻڌائي ٿي ته مذهب، عقيدا ۽ ٻيون اهڙيون شيون دنيا ۾ ماڻهو کي رڳو نقصان پهچائين ٿيون. تون نيڪي جو نمائندو آهين. عام ماڻهن جيان زندگي گذار پر هميشه نيڪي جو پاسو وٺ. گلناري کي پنهنجي زندگي گذارڻ ڏي. هو رڳو توکي نيڪ واٽ ڏانهن وٺي وڃڻ جو هڪ ذريعو هئي جنهن کي تون حاصل ڪري چڪو آهين.
اهو هڪ ڊگھو ناول آهي ۽ جيتوڻيڪ ڪٿي ماڻهو ٿوري بيزاري به محسوس ڪري ٿو پر مجموعي طور ڳوٺاڻي زندگي جي تفصيل ۽ ان کي چٽڻ جي حوالي سان اتساهيندڙ آهي.

طاھر بن جلون جو ناول رخصت

رخصت مراڪش جي فرانسيسي ۾ لکندڙ ليکڪ طاهر جلون جو ناول آهي جنهن کي عمر ميمڻ انگريزي مان اڙدو ۾ ترجمو ڪيو آهي. هي ناول مراڪش جي شهر طنجه جي ماڻهن جي زندگي جي حوالي سان آهي. ان شهر ۽ اسپين ۾ اٺن ڏهن ڪلوميٽر جو سامونڊي فاصلو حائل آهي. هتي ماڻهن جي زندگي اهڙي ئي آهي جهڙي عام طور تي ٽين دنيا جي ملڪن جي ماڻھن جي هوندي آهي. انهن وٽ نه ته روزگار آهي، نه عزت آهي ۽ نه ئي سياسي آزادي ۽ ٻيون شهري سهولتون آهن. نوجوان نشي ۽ ڏوهن ۾ ورتل ۽ ملڪ مان ڪنهن به صورت ۾ نڪرڻ لاء آتا هوندا آهن. طنجه نه رڳو مراڪش پر آفريقا جي مختلف ملڪن جي ماڻهن لاء ڄڻ اسپين، يورپ ۽ اهڙي ريت نئين زندگي جو دروازو آهي. جيئن هن وقت اهو اڪثر ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ اچي ٿو ته ليبيا، مراڪش ۽ الجزائر جي ملڪن مان سمنڊ جي رستي يورپ جي مختلف ملڪن ڏانهن ويندڙ ماڻهن جون ٻيڙيون اونڌيون ٿي وڃن ٿيون ۽ گھڻا سمنڊ ۾ ٻڏي مري وڃن ٿا جڏهين ته گھڻن کي جيڪي ٻئي ڪناري تي پهچن ٿا انهن ملڪن جا محافظ وري پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻي ڇڏين ٿا. ساڳي صورتحال طنجه ۾ به آهي. نشي جو ڪاروبار ڪندڙ ۽ انساني اسمگلر گھڻن ماڻهن کي يورپ ۾ بهتر زندگي جا ڏٽا ڏيئي کانئن وڏيون رقمون وٺي کين ٻيڙين ۾ ٻئي ڪناري پهچائڻ جا واعدا ڪن ٿا. پر انهن مان ڪي ٿورا ئي پنهنجي منزل تائين پهچي سگھن ٿا. اتي کين جنهن صورتحال کي منهن ڏيڻو پئي ٿو ۽ جيڪا زندگي گذارڻي پئي ٿي اها هڪ ڌار ڪهاڻي آهي. ساڳي وقت مذهبي انتها پسند تنظيمون پڻ نوجوانن جي برين واشنگ ڪري کين پنهنجن مقصدن لاء ڀرتي ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿيون.
هن ناول ۾ گھڻا ڪردار آهن. مک ڪردارن ۾ هڪ نوجوان عازل، سندس ڀيڻ ڪنزه ۽ سندن ماء آهي. عازل پڙهيل ڳڙهيل پر بيروزگار آهي. سندس هڪ سوٽ انساني اسمگلرن ذريعي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي ڪري پنهنجي زندگي وڃائي چڪو هو. انهن اسمگلرن سان سندس جھيڙو رهي ٿو. هڪ ڀيري اهڙي ئي هڪ جھيڙي ۾ ميگيل نالي اسپين جو هڪ همراه کيس انهن کان ڇڏائي پاڻ سان وٺي وڃي ٿو. ميگيل هم جنس پرست هجي ٿو ۽ کيس عازل ۾ ان لاء گھڻي ڇڪ محسوس ٿئي ٿي. هو عازل کي قانوني طور ڪاغذ وغيره ٺهرائي اسپين وٺي وڃي ٿو ۽ ساڳي وقت سندس خاندان جي مدد ڪرڻ لاء سندس ڀيڻ سان شادي به ڪري ٿو ۽ ان مقصد لاء مسلمان به ٿئي ٿو. جڏهين ته عازل جي لاء ميگيل سان گڏ رهڻ رڳو هڪ مجبوري هجي ٿي ۽ هو ميگيل جي ناراضگي ۽ منع ڪرڻ جي باوجود عورتن سان پنهنجن ناتن کي جاري رکي ٿو. ميگيل پاران هر سهولت ملڻ جي باوجود هو ڄڻ کانئس نفرت ڪري ٿو ۽ چورين ۽ ٻئي هر طريقي سان کيس نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ميگيل نيٺ تنگ اچي کيس گھر مان ڪڍي ڇڏي ٿو. هو مراڪش جي انهن ماڻهن سان گڏجي وڃي ٿو جيڪي اسپين ۾ غيرقانوني طور رهي منشيات وغيره جو ڌنڌو ڪن ٿا. سندس جنسي طاقت ختم ٿي وڃي ٿي. ساڳي وقت مذهبي تنظيمن جا ماڻهو به ساڻس لاڳاپي ۾ اچن ٿا. پوليس جي هڪ ڇاپي ۾ رهائش جي ڪاغذن نامڪمل هئڻ ڪري هو گرفتار ٿئي ٿو. پوليس کي هو پنهنجي آزادي لاء مذهبي تنظيمن لاء جاسوسي ڪرڻ ۽ مخبر ٿيڻ جي آڇ ڪري ٿو. ان ڪم جي نتيجي ۾ هو اخوان جي ڪارڪنن هٿان هڪ ڏينهن قتل ٿي وڃي ٿو.
ناول ڄڻ پاڪستان ۽ ٻئي ڪنهن اهڙي ملڪ جي ماڻهن جي ڪهاڻي آهي جيڪي پنهنجي ملڪ جي معاشي ۽ سماجي حالتن مان مطمئن نه ٿيندي ٻين خوشحال ملڪن ڏانهن وڃڻ لاء ڪوششون وٺن ٿا ۽ نتيجي ۾ انساني اسمگلرن جي هٿان ڦرجن به ٿا، تڪليفون به سهن ٿا ۽ گھڻا پنهنجي جان تان به هٿ کڻن ٿا. اهو واقعي هڪ الميو آهي جڏهين پنهنجي ڌرتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن لاء تنگ ٿي وڃي ۽ انهن کي لوڌي ڄڻ ته خلا ۾ اڇلائي ڇڏي جتي اهي ڀٽڪندا رهن ٿا.

حسين بن منصور: عشق جو شهيد

مسلم تاريخ جي حوالي سان عباسي دور مختلف ڳالھہين جي ڪري ڄاتو وڃي ٿو. هڪ پاسي الف ليلا جا طلمساتي داستان هئا ته ٻئي پاسي مختلف نظرين ۽ عقيدن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ مٿڀرائپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش هئي. عباسي سلطنت سندن پيشرو اموين کان ان لحاظ کان مختلف هئي ته اها رڳو عربن تي ٻڌل نه هئي پر ان ۾ اتر آفريڪا جا بربر، ايراني، ترڪ يوناني ۽ ٻيون قومون به شامل ٿي ويون هيون. سلطنت جي آخري دور ۾، جڏهين خلافت پنهنجي زوال جي دور مان گذري رهي هئي، دربار ۾ سازشون پنهنجي عروج تي هيون. انهن قومن جي سردارن، جن کي دربار ۽ فوج ۾ اثر رسوخ حاصل هو، جي اها ڪوشش هوندي هئي ته پنهنجي پسند جي خليفي کي مقرر ڪن ۽ اهو سندن مرضي موجب هلي ۽ فيصلا ڪري. جيڪڏهين هو ائين نه ڪندو هو ته کيس مارائڻ ۽ نئين خليفي جي مقرري ۾ به دير نه ٿيندي هئي.
سلطنتون جڏهين ڪمزور ٿينديون ۽ زوال ڏانهن وينديون آهن ته ان جو مثبت پاسو اهو هوندو آهي ته ثقافتي، علمي ۽ نظرياتي حوالي سان رياست جي گرفت ڪمزور ٿي ويندي آهي ۽ مختلف خيالن ۽ نظرين کي وڌڻ ويجھڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. جيتوڻيڪ عباسي حڪمران هونئن به عقيدي جي حوالي سان گھڻا سخت نه هئا پر مرڪز جي ڪمزوري هڪ انارڪي واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي. هڪ پاسي مختلف سردارن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ خودمختيار حڪومتون قائم ڪري ڇڏيون هيون ۽ ٻئي پاسي نوان مذهب، عقيدا ۽ نظريا ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا هئا جيڪي سلطنت جي مک نظرئي ۽ مذهب کان مختلف هئا. مختلف علائقن ۾ باغين زور ورتو هو ۽ مصر ۾ فاطمين ۽ ايران ۾ بوئدين جون حڪومتون قائم ٿي ويون هيون. شاهراهون محفوظ نه هيون ۽ قافلن جو لٽجڻ عام هو. گھڻا قافلي وارا پاڻ سان هٿياربند جٿا به گڏ کڻي هلندا هئا.
ان دور جي حوالي سان حسين بن منصور هڪ اهم ڪردار آهي جيڪو ساڳي وقت حافظ قرآن، شاعر۽ صوفي هو. سندس نعرو هو ته آئون سچ آهيان. هن جڏهين ان وقت جي هڪ وڏي صوفي حضرت جنيد بغدادي سان پنهنجي اندرجي ڳالھہ ڪئي ته هن کيس چيو ته احتياط ڪر، مون کي تنهنجي لاء رت نظر اچي پيو.
جميلا هاشمي جو ناول دشت سوس حسين بن منصور جي زندگي ۽ سندس شهادت جي حوالي سان آهي . هي ناول ڄڻ ته هڪ جامع ۽ گھڻي تحقيق ڪيل دستاويز آهي. ريشم جو ڪاروبار ڪندڙ حسين جو ڏاڏو آتش پرست هو جنهن عباسي سلطنت ۾ هڪ ويراني دشت ۾ اچي پنهنجو گھر ٺاهيو هو جتي هر وقت گرم هوائون ۽ واچوڙا لڳندا رهندا هئا. سندس گھر ۾ آتش ڪده هو جنهن ۾ هر وقت باه ٻرندي رهندي هئي. حسين جي پي منصور جي قرآن ۽ اسلامي تعليم ۾ دلچسپي هئي ۽ هو پاڻ مسلمان ٿي ويو هو ۽ پي کان گھڻو پري وڃي رهڻ لڳو هو.
گھڻا قافلي وارا بغداد ۽ ٻين مختلف شهرن ڏانهن ويندي ڪجھ آسيس وٺڻ ۽ رات رهڻ لاء حسين جي ڏاڏي جي گھر ۾ رهندا هئا. انهن ۾ حڪومت جا مخالف باغي ۽ مختلف نظرين ۽ مذهبن جا ماڻهو به هوندا هئا جيڪي انهن علائقن ۽ ماڻهن جا حال احوال ٻڌائيندا هئا جتان سندن گذر ٿيو هو. انهن جي ڳولها ۾ ايندڙ سپاهي حسين جي گھر وارن کان اچي آڏي پڇا ڪندا هئا.
حسين جي پيءُ کي شروع ۾ سندس ذهانت جو اندازو ٿي ويو هو. سندس خيال هو ته حسين کي مذهبي تعليم ڏيارجي. پر حسين جي طبيعت ۾ قرار نه هو. ڪنهن هڪ مدرسي ۽ ڪنهن استاد وٽ هو گھڻو عرصو نه ٽڪي سگھندو هو ۽ نه ئي سندس خيالن سان ٺهڪي هلي سگھندو هو. هو پنهنجن استادن کان گھڻو مختلف ۽ ڌار سوچيندو هو. دراصل کيس ڪنهن شي جي ڳولها هئي جنهن کيس هڪ جاء تي ٽڪڻ نه ٿي ڏنو. ان جي لاء هو لاڳيتو سفر ۾ رهندو هو ۽ مختلف ماڻهن سان ملندو هو. هڪ ڀيري بصره ويندي قافلي ۾ سندس ملاقات هڪ عيسائي عورت ۽ سندس ڌي اغلول سان ٿئي ٿي. هو ڄڻ اغلول جي نيڻن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. قافلي تي ڦورن جو حملو ٿئي ٿو ۽ اغلول ٻين عورتن سان گڏ باندي بڻجي وڃي ٿي. کيس بغداد جي بازار ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
عباسي خلافت جو هڪ وزير حماد بن عباس کيس خريد ڪري ساڻس شادي ڪري ٿو جڏهين ته حسين جي لاء زندگي هاڻي ڄڻ اغلول جي ڳولها جو نالو بڻجي وڃي ٿي. هو مڪي ۽ مديني ۾ ويندو رهي ٿو. چيو وڃي ٿو ته هن ٽي حج ڪيا هئا. هڪ ڀيري اتي سندس ملاقات اغلول سان ٿئي ٿي ۽ اغلول جي ٻانھي سندن لاء هڪ رابطي جو ذريعو هجي ٿي. اغلول بيمار هجي ٿي ۽ مڪي ۾ ئي سندس وفات ٿئي ٿي. حماد پنهنجي زال سان گھڻي محبت ڪندو هو. کيس سندس وفات جو گھڻو افسوس ٿئي ٿو ۽ هو اهو معلوم ڪرڻ چاهي ٿو ته نيٺ مڪي ۾ ڇا ٿيو هو. کيس اغلول جي ٻانھي کان حسين ۽ اغلول جي تعلق جي خبر پئي ٿي.
ڏٺو وڃي ته بغداد ۽ عباسي سلطنت جي ان وقت جي صورتحال ۾ حسين جو اناالحق جو نعرو ڪا وڏي اهميت نه پيو رکي. ڇاڪاڻ ته مختلف نظرين جا حامل سوين فرقن جا ماڻهو کلي عام ملڪ ۾ پيا هلندا هئا ۽ مٿن ڪنهن به قسم جي ڪا روڪ ٽوڪ ۽ پابندي نه هئي. حسين جي لاء اصل معاملو اغلول سان تعلق هو جنهن جي ڪري وزير حماد ڪنهن به صورت ۾ کيس بخش ڪرڻ لاء تيار نه هو ۽ حسين کي به اها ڄاڻ هئي ته سندس اڃ رڳو ان وقت اجھندي جڏهين هو ڪنهن بيگناه ۽ معصوم جو رت پيئندو ۽ اهو بيگناه ۽ معصوم هو پاڻ هو. حسين جي حيثيت ته اها هئي ته خليفي پاران پاڻ کيس دربار ۾ گھرائڻ ۽ اعلا مرتبي تي فائز ڪرڻ جي باوجود کيس اطمينان نه ٿيندو هو ۽ هو اهو سڀڪجھ ڇڏي پنهنجي واٽ وٺي هليو ويندو هو. پر هو روحاني لحاظ کان هڪ وڏي مقام تي پهتل هو ۽ چيو ويو ٿي ته سندس دعائن کي قبوليت جو درجو حاصل هو. سندس اها حيثيت ۽ دربار ۾ سندس اهميت ان وقت جي گھڻن صوفين ۽ مذهبي عالمن کان سٺي نه ٿيندي هئي.
هو مختلف موقعن تي گرفتاري کان بچڻ لاء بغداد مان هليو ويندو هو. پر شهادت کان نو سال اڳ کيس شاهي محل جي تهخاني ۾ قيد ڪيو ويو هو. اتي خليفي جي ماء سندس مريد ٿي ويئي هئي. خليفي تي سندس ماء جو زور هو ته ڪنهن به ريت حسين کي قتل ڪرڻ جي منظوري نه ڏئي. ان ڪري خليفو ان کي ٽاريندو آيو. پر دربار جي مذهبي عالمن، صوفين، اميرن ۽ وزيرن جو خليفي تي دٻاء هو ته جيئن ته حسين مسلمان نه پر قرمتي فرقي سان واسطو رکي ٿو جيڪي ڪعبت الله کي ڊاهڻ چاهين ٿا ان ڪري سندس قتل ضروري هو. انتهائي مجبوري جي حالت ۽ زور دٻاء کانپوء خليفي کي نيٺ ان جي منظوري ڏيڻي پئي.
حسين کي قيد خاني مان فرار لاء به چيو وڃي ٿو ۽ اها آڇ به ڪئي وڃي ٿي ته هو اناالحق جي نعري تان هٿ کڻي ته کيس آزاد ڪيو ويندو. پر هو آزاد ٿيڻ جي هر اهڙي ڪوشش کي رد ڪري ڇڏي ٿو. سندس سڄي جستجو پنهنجي محبوب سان ملڻ لاء هئي ۽ آخري ساه تائين اناالحق سندس انگ انگ مان گونجندو رهيو. کيس انتهائي اذيت ڏيئي ماريو ويو. پهرين جلاد سندس چهري تي ڌڪ هنيا، پوء کيس ڦٽڪا هنيا ويا، سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي ويئي ۽ جسم جا ڳترا ڳترا ڪيا ويا.
حسين کي ان وقت جي صوفين صوفي جو درجو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. پر اڳتي هلي انهن جي لاء هو هڪ رهنما بڻجي ويو. هو ان عشق جو شهيد ٿي ويو جنهن کي اناالحق جو نالو ڏنو ويو آهي. حسين جي شاعري کي اعلا مقام حاصل آهي. سندس خيالن ۽ شاعري جو اثر عربي، فارسي، سنڌي، اڙدو ۽ ٻين گھڻين ٻولين تي پيو آهي.
هن ناول کي اڙدو جي ڪلاسڪ لٽريچر ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. پر اها حيرت جي ڳالھہ آهي ته ليکڪا کي اها مڃتا نه ملي سگھي آهي جيڪا اڙدو جي ٻين وڏن ليکڪن کي ملي آهي. ان جو ڪارڻ هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڄاڻايو آهي ته شهرت ۽ مڃتا لاء پبلڪ رليشنز جي ضرورت آهي جنهن جي وٽس کوٽ آهي. ڏٺو وڃي ته اها ساڳي صورتحال پاڪستان جي ٻين ٻولين جي ليکڪن سان پڻ آهي. بهرحال هي ناول سندس سڃاڻپ آهي.

هڪ صورت ۾ سمايل سونهن جون سو صورتون

شاه محمد ڪراچي سنگت جو هڪ سرگرم ڪارڪن ۽ ان جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. سنگت جي شهر جي ٻين ادبي سرگرمين ۾ شموليت ۽ ان ٻين ادبي تنظيمن سان جيڪي واسطا رکيا انهن ۾ سندس هڪ اهم ڪردار رهيو آهي.منهنجو ساڻس واقفيت جو عرصو شايد ٽيه سالن کان وڌيڪ آهي. ان سڄي عرصي ۾ گھڻيون تبديليون اچي چڪيون آهن۽ گھڻوپاڻي پلن هيٺان وهي چڪو آهي.
هو هڪ ڊگھي عرصي کان شاعري ڪندورهيو آهي ۽ ان کي سنگت ۾ غيرسرگرم ٿيڻ کانپوء به جاري رکندوآيو آهي. شاه محمد جي لاء عام طور اهو سمجھيو ويندو آهي ته هو عشق، محبت ۽ حسن جو شاعر آهي، جيڪا ڳالھہ گھڻي ڀاڱي صحيح به آهي پر هن ساڳي وقت مختلف ٻين موضوعن تي پڻ پنهنجي ردعمل ۽ خيالن جو اظهار ڪيو آهي. اهو ضروري ناهي ته تخليق تخليقڪار جي مزاج جيان ئي هجي. ڪي تيز طبيعت جا ماڻهو پنهنجو اظهار نهايت ڌيمي ۽ نرم انداز ۾ ڪندا آهن جڏهين ته ڪي نفيس ۽ نرم مزاج شخص پنهنجي اظهار ۾ بلڪل ئي ان جي مختلف هوندا آهن. پر اها ڳالھہ شاه محمد لاء نه ٿي چئي سگھجي. سندس شاعري مڪمل طور سندس مزاج سان هم آهنگ آهي. هو جهڙي ريت پنهنجي ورتاء ۾ هڪ نفيس ۽ ڌيمي مزاج وارو ماڻهو آهي ساڳي ڳالھہ سندس شاعري ۾ به ملي ٿي. ممڪن آهي ته عام پڙهندڙ کي اهو محسوس نه ٿيندو هجي پر منهنجي جيئن ته ساڻس نسبتا ويجھڙائي رهي آهي ان ڪري آئون ان ڳالھہ کان به واقف آهيان ته هو ساڳي وقت نه رڳو هڪ سياسي ڪارڪن به رهيو آهي پر اڃا تائين هو نه رڳو ملڪي ۽ عالمي معاملن کان اپ ڊيٽ آهي پر انهن تي پنهنجي هڪ رائي پڻ رکي ٿو. اها ڳالھہ خاص طور ان ڪري به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته سندس خاندان ۾ ئي انور پيرزادو سندس پيشرو ۽ گھڻي حد تائين سندس لاء هڪ اتساه جو باعث پڻ رهيو آهي. پرانور جي شخصيت ۾ هڪ پيار ۽ نفاست هئڻ جي باوجود سندس شاعري ڄڻ هڪ احتجاج آهي. سندس پيار جي شاعري به ڄڻ ته سندس ان احتجاج جو ئي هڪ حصو آهي. پر شاه محمد ان لحاظ کان مختلف آهي جيئن هو چئي ٿو ته
هلي آ زمانا
تون منهنجي اکين کان
محبت جي جيڪا چمڪ آ
کسي وڃ
اها مان لڪائي
سگھان ئي نه ٿو
هي ڪتاب جو ٻيون ايڊيشن آهي ۽ ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ايڊيشن ۾ جيتوڻيڪ شاعري جو گھڻو حصو رومانس ۽ محبوب جي تعريف تي ٻڌل آهي پر شاعر ٻين جن مسئلن کي کنيو آهي انهن مان گھڻن کي به ٻين مختلف شاعرن جيان پنهنجي محبوب ۽ پيار جي نڪته نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس نظم لوڊ شيڊنگ کي ان سلسلي ۾ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو.
بجلي اوچتو هلي ويئي
۽ تنهنجي باري ۾ منهنجو نظم
اڌ ۾ ائين لڳي رهيو آهي
جيئن موت جي سزا وارو قيدي
پنهنجي زندگي جي آخري رات ۾
صبح جي پهر جو انتظار ڪري رهيو هجي
هن کي ڦاهي ايندي
يا ڪو معجزو ٿيندو
ان ساڳئي ايڊيشن ۾ شاعر مختلف موضوعن تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي جهڙوڪ ايٽمي ڌماڪي جو جشن، سنڌ، موت ڇا آهي، نيوٽران بم جي خالق ڏانهنِ، نظير عباسي جي موت تي ۽ ٽارچر سيل مان هڪ قيدي. ساڳي وقت سندس شاعري ۾ غم جانان ۽ غم دوران جي تضاد کي پڻ پسي سگھجي ٿو جيئن هو نظم چپ جڏهين سنسار ٿيو ۾ چئي ٿو ته
ها، پر.
جيڪا شفٽ سڀاڻي ڪرڻي آهي
تنهن لاء زوري ننڊ جي هنج ۾ وڃڻو آهي
ڪيڏو هي الميو آهي
هاء، پرين ڏس!
هاڻي توکي ياد ڪرڻ پڻ
مون کان ڪانه افورڊ ٿئي ٿو!!
شاعري ۾ عام طور ۽ رومانس جي شاعري ۾ خاص طور تي تشبيهن جو استعمال جيڪڏهين ضروري نه ته به وڻندڙ ضرور هوندو آهي. ان نظم ۾ ساه، سج ۽ سمنڊ جي ڇولين جي محبوب سان ڀيٽ تي ٿورو غور ڪيو.
زندگي ۾ ساه ٿو ڪيڏو کڄي
ڪير ٿو ان کي ڪٿي؟
ڪير ٿو سج کان پڇي
روشني تون ڪيتري ڦهلائيندين؟
سمنڊ ڪيڏيون ڇوليون آهن سمايون پاڻ ۾
ڪيئن ڪو تن کي ڳڻي؟
ڪيئن مان توکي ٻڌايان
ڪيتريون ڳالھہيون ڪرڻ
چاهيان ٿو تو سان
ڪيتريون راتيون ڪٽڻ
چاهيان ٿو تو سان
ساڳي ريت جڏهين نظم جدائي جون ڳالھہيون ۾ شاعر موسمن، چنڊ تارن ۽ لهندڙ سج سان جدائي جي لمحن کي ڀيٽي ٿو ته پڙهندڙ واقعي پنهنجي اندر ۾ هڪ مٺو درد محسوس ڪري ٿو.
هي نظم
دنيا جا سرمائيدارو!
اچو ۽ خوشحالي جي نالي ۾
پنهنجي سرمائي سان
منهنجي ديس جي نوجوانن کي
اچي ڪرپٽ ڪريو
هو ان لاء بلڪل تيار آهن.
هاڻي انهن وٽ سماج کي بدلائڻ جو
ڪوبه خواب ناهي رهيو.
جيتوڻيڪ شاعر جو موجوده حالتن تي هڪ ردعمل ۽ هڪ احتجاج آهي پر مون کي اهو ترنم، موسيقي۽ تشبيهن جي لحاظ کان سندس ٻي شاعري سان ميل کائيندو محسوس نه ٿو ٿئي بلڪ ان جي بجائي هڪ سڌي سنئين ڪاوڙ جو اظهار آهي جيڪو هن شاعر جي لاء هڪ استشنا ئي چئي سگھجي ٿو.
ٻئي ايڊيشن لاء ڪتاب ۾ جيڪا شاعري شامل ڪئي ويئي آهي اها خاصيتي لحاظ کان پهرئين ايڊيشن جي شاعري کان ان لحاظ کان مختلف آهي ته ان ۾ شاعر پنهنجي جذبن ۽ احساسن جو نئين سر جائزو وٺي ٿو ۽ هڪ لحاظ کان ڄڻ ته پنهنجي ترجيحن کي نئين سر طئي ڪري ٿو. پنهنجي محبوب سان سان تعلق ۾ بدلاء، ٻارن جو پيار ۽ مختلف سماجي ۽ سياسي مسئلا سندس ان شاعري ۾ حاوي آهن.جيئن سندس نظم محبت جون ڳالھيون ۾ هو چئي ٿو ته
محبت جون ڳالھيون
جڏهين هن کي هاڻي ڇڇوريون لڳن ٿيون
تڏهين دل چوي ٿي
نئين ڪا محبت جي هڪڙي ڪهاڻي ٻڌائڻ
شروع ڪيان
ساڳي ريت هن بغداد تي آمريڪا جي حملي ۽ بمباري کي پنهنجي محبوب جي روئي ۾ تبديلي سان نظم بغداد تي حملو ۾ نهايت خوبصورتي سان ڳنڍيو آهي؛
آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوجن
بغداد تي
بمباري جو پهريون وسڪارو شروع ڪيو
۽ بلڪل ان ئي سمي
تو مون کي اها ڳالھہ چٽي ڪري ٻڌائي
ته تنهنجو مون سان عشق جهڙو ڪو به تعلق ناهي
ويچارو بغداد
۽ ان جون کجون
۽ ان جا گلاب
۽ ان جا ٻارڙا
ويچاري منهنجي دل
۽ ان جون حسرتون
ان جا خواب
۽ ان جا ارمان
بغداد کي برباد ڪرڻ وارن جي دعوي آهي ته هو
ان کي ٻيهر تعمير ڪندا
پر افسوس؛
جو منهنجي دل لاء اهڙو ڪوبه واعدو ڪيل ناهي.
شاه محمد جيتوڻيڪ پابند شاعري به ڪئي آهي پر سنڌ جي ٻين نوجوان شاعرن جيان سندس گھڻو لاڙو آزاد ۽ نثري نظم ڏانهن رهيو آهي. ان صنف تي جيتوڻيڪ وڏن وڏن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ان کي جديد دور جي گھرجن مطابق سمجھيو وڃي ٿو جن کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت سندن چوڻ موجب پابند شاعري ۾ ناهي. پر ان متعلق هن دور جا وڏا شاعر مختلف رايو رکن ٿا. فيض جو ڇوڻ آهي ته اهو نثري نظم ڇا ٿيندو آهي. يا ته نثر آهي ۽ يا نظم. جڏهين ته شيخ اياز نئين ٽهي جي شاعري جي مجموعي ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان جي پيش لفظ ۾ ان تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي. هو سمجھي ٿو ته ان صنف جي شاعري هئڻ تي نيٺ اصرار ڇوٿو ڪيو وڃي ۽ انهن کي نثر جي ٽڪرن طور ڇو نه ٿو پيش ڪيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته ننڍي کنڊ ۾ نثري نظم کي ان وقت مشهوري ملي جڏهين ٽئگور کي سندس بنگالي شاعري جي انگريزي ۾ ترجمو ڪيل گيتانجلي تي نوبل ايوارڊ مليو. ماڻهن اهو ئي سمجھيو ته ترجمي جيان ٽئگور جي اصل شاعري به آزاد ۽ نثري پئرائي ۾ هئي جڏهين ته ائين نه هو ۽ ٽئگور جي اها شاعري موزون ۽ ترنم ۾ هئي. ان ڳالھه نثري نظم جي لکڻ کي گھڻو زور وٺايو. اياز ان سلسلي ۾ خاص طور تي بريٽالٽ بريخت ۽ ماياڪوفسڪي جا مثال ڏنا آهن جن شاهڪارنثري نظم تخليق ڪيا آهن. بريخت ان لاء پنهنجي منظوم شاعري کي ترڪ ڪيو. مختصرا سندس اهو چوڻ آهي ته نوجوان نسل جي ان صنف کي اختيار ڪرڻ جو هڪ اهم ڪارڻ سندن سهل پسندي به آهي. جيڪڏهين آزاد ۽ نثري نظم به لکڻو آهي ته ان لاء به شاعري جي تيڪنيڪي ضرورتن جي ڄاڻ ضروري آهي. ان سان گڏوگڏ ان ۾ ترنم ۽ موسيقي جو هئڻ پڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ شاعري اها ئي قبوليت ماڻي سگھي ٿي جنهن کي ساڳي وقت ڳائي به سگھجي. هن مجموعي ۾ نظم،آزاد نطم ۽ نثري نظم جي ڳپل حصي هئڻ جي باوجود ٻين مختلف صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي ۽ ان ۾غزل،گيت ۽ ترائيل وغيره شامل آهن. منهنجي خيال ۾ شاه محمد جي شاعري کي جيڪا قبوليت حاصل آهي ان جو وڏو سبب اهو آهي ته سندس شاعري ۾ ترنم، موسيقي ۽ وڏي ڳالھہ ته شاعري موجود آهي. سندس شاعري جو سفر هڪ مڌر ۽ صاف پاڻي جي چشمي جيان خاموشي سان جاري آهي ۽ اهو جڏهين پنهنجو وهڪرو به بدلائي ٿو ته ان جي خبر گھٽ ماڻهن کي ئي پئجي سگھي ٿي.

ڊانڊرس قيدي جي ڊائري: ڪجھ ويچار

ڊانڊرس قيدي جي ڊائري شبير شر جي جيل ڊائري آهي. شبير کي ڪميونسٽ پارٽي جي ٻين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن، جن ۾ جمال نقوي، ڪمال وارثي ۽ نذير عباسي وغيره شامل هئا، سان گڏ جولائي 1980 ۾ ناظم آباد ڪراچي مان سرخ پرچم ڇاپڻ ۽ ورهائڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ساڳي ريت سهيل سانگي ۽ بدر ابڙو کي به انهن ئي ڏينهن ۾ ٻين هنڌن تان گرفتار ڪيو ويو هو جڏهين ته ڄام ساقي اڳ ۾ ئي جيل ۾ هو. ڪجھ عرصو ٽارچر ڪئمپن ۾ اذيتن سهڻ کانپوء شبير ۽ ڪمال وارثي کي لانڍي جيل منتقل ڪيو ويو ۽ پوء جمال نقوي، سهيل سانگي ۽ ڄام ساقي به اتي اڄي ساڻن ساڳي بيرڪ ۾ گڏ رهيا. ٽارچر ڪئمپ مان ان جيل منتقل ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ نذير عباسي جي ٽارچرڪئمپ ۾ شهادت هئي جنهن حڪمرانن تي ٻين قيدين تي نرمي ڪرڻ لاء دٻاء وڌائي ڇڏيو هو.
اهو پاڪستان ۾ ضياءالحق جي سخت مارشل لاء وارو دور هو. ذوالفقار علي ڀٽو کي تازو ئي ڦاهي ڏني ويئي هئي. سياسي ڪارڪنن لاء زندگي سخت هئي. ڦٽڪا، ڦاهيون ۽ جيل هڪ عام ڳالھه هئي. افغانستان جي ثور انقلاب هڪ پاسي ته پاڪستان جي ڪميونسٽن کي هڪ اتساه ڏنو هو ۽ انهن سمجھيو ٿي ته بس ڄاڻ هتي به انقلاب آيو پر ساڳي وقت سندن لاء زندگي اڃا وڌيڪ سخت ڪري ڇڏي هئي. انقلاب جي رومانس گھڻن نوجوانن کي ڪميونسٽ سياست ڏانهن ڌڪي ڇڏيو هو. ان وقت شبير جي عمر ايڪويھه ٻاويھه سال مس هئي ۽ هن سرڪاري نوڪري ڇڏي نالي ماتر ماهوار الائونس تي پارٽي جو ڪل وقتي ڪارڪن ٿيڻ قبول ڪيو هو. زندگي جون حقيقتون رومانس کي ڌنڌلو ڪري ڇڏينديون آهن ۽ اها ڳالھہ شبير تي گرفتار ٿيڻ کان اڳ ئي واضح ٿي ويئي هئي جڏهين هو سرخ پرچم جي ڪم ۾ مصروف هجي ٿو ۽ وٽس بک هئڻ جي باوجود ماني کائڻ لاء پئسا نه ٿا هجن.ِ هو سوچي ٿو ته کيس ڪهڙي کٽي کنئين هئي جو هو چڱي ڀلي سرڪاري نوڪري ڇڏي اچي هن ڪم ۾ پيو هو.
شبير ڊائري ۾ مختلف جاين تي اهو ذڪر ڪري ٿو ته هو پارٽي جو باقاعدي رڪن نه هو ۽ نه ئي کيس پارٽي جي اندروني معاملن متعلق ڪا گھڻي ڄاڻ هئي. هو جڏهين پنهنجي پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارن کي اهو ٻڌائي ٿو ته هو حيران ٿيڻ کان وڌيڪ مٿس اعتبار ڪرڻ لاء تيار نه ٿا هجن ته ايترو اهم ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو ڪيئن ائين ٿي سگھي ٿو. لڳي ائين ٿو ته سندس ان تعلق جو ذريعو نذير عباسي هو جنهن جو هو مختلف جاين تي ذڪر ڪري ٿو. اها عجيب ڳالھه آهي ته جنهن جاء ۾ هو رهيل هجي ٿو ان متعلق کين اهو اندازو هجي ٿو ته ان تي ڪنهن به وقت ڇاپو لڳي سگھي ٿو ۽ اهي گرفتار ٿي سگھن ٿا. اهي هڪ لحاظ کان ڄڻ ان جي انتظار ۾ هجن ٿا ۽ در تي ٿيل هر کڙڪو کين ڇرڪائي ڇڏي ٿو. پوء به ان جاء ۾ نه رڳو پارٽي جي اهم ماڻهن جو اچڻ وڃڻ رهي ٿو پر اتي حساس قسم جو لٽريچر ۽ سامان پڻ پيل هجي ٿو.ِ شبير اتان نڪرڻ متعلق سوچي به ٿو پر کيس وري نذير عباسي جو اهو چوڻ ياد اچي ٿو ته ائين ڪرڻ پارٽي سان غداري ٿيندي. ان جاء متعلق فيصلو پروفيسر جمال نقوي جو ڪيل هجي ٿو جنهن کي گھڻن کي ڀوڳڻو پئي ٿو.
شبير پنهنجي ان اسيري جواٽڪل ساڍا ست سالن جو عرصو ٽارچر ڪئمپن ۽ سنڌ جي چار جيلن ۾ گذاريو. اهو ملڪي ۽ عالمي سطح تي وڏي سياسي هلچل وارو دور هو. 1983 ۽ 1986 واريون ايم آرڊي جون تحريڪون، شاه نواز ڀٽو جو قتل، بينظيرڀٽو جو جلاوطني ختم ڪري وطن موٽڻ، افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي ۽ ببرڪ ڪارمل جي جاء تي نجيب الله جو اقتدار ۾ اچڻ ۽ سوويت يونين جو بحران اهم واقعا آهن. جيل ۾ شبير هڪ ڊگھو عرصو پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جمال نقوي، ڄام ساقي، ڪمال وارثي ۽ سهيل سانگي سان رهيو جڏهين ته سياسي تحريڪن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي ۽ ٻين سياسي جماعتن جا ڪارڪن پڻ وقت بوقت سندس وارڊ ۾ رهيا.
جمال نقوي نذير عباسي سان گڏ ئي گرفتار ٿيو هو ۽ ٻنهي کي هڪ جاء تي ئي مختلف کولين ۾ رکيو ويو هو. شبير ۽ ڪجھ ٻين دوستن اهو گمان ڪيو ٿي ته نذير جي شهادت ۾ پروفيسر جو هٿ هو ۽ ان ڪري هو اڪثر موقعن تي ان حوالي سان ساڻس تلخ به ٿي ويندو هو. ڄام جيئن ته ان حوالي سان کيس ٿڌو رهڻ جي تلقين ڪندو هو ان مان هن اهو سمجھيو ته ڄام ۽ پروفيسر هڪ آهن. منهنجي خيال ۾ پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾ شڪ شبهن جي جنم وٺڻ ۽ اڳتي هلي پارٽي جي ٽٽڻ جو اهم ڪارڻ نذير جي شهادت هئي. اها ڳالھه به ڌيان طلب آهي ته گھڻو عرصو ڄام سان هڪ بيرڪ ۾ رهڻ جي باوجود سندس شخصيت کيس متاثر ڪرڻ ۽ اتساه ڏيڻ ته پري جي ڳالھه هٿئين ڄام جو جيڪو هڪ انقلابي ۽ ڪميونسٽ جو تصور هو ان کي ئي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ آهي ته ڄام وٽ سب رنگ ڊائجسٽ جي سڀني شمارن کانسواء ٻيو ڪو ڪتاب ۽ رسالو نه هو. هو ڪارڪنن جي ڪا نظرياتي تربيت وغيره ڪرڻ جي بجائي پنهنجو سڄو وقت تاش کيڏڻ ۽ گندن لطيفن ٻڌائڻ ۾ گذاريندو هو.
خاص طور تي ڄام ساقي ڪيس دوران پارٽي اڳواڻن جو ساڻس ۽ ڪمال وارثي سان ورتاء سندس لاء هڪ وڏو صدمو هو. هڪ ته ان ڪيس ۾ ٻين سڀني جوابدارن جا وڪيل هئا پر شبير جو ڪو وڪيل نه هو. ٻي ڳالھه ته جڏهين ڪيس هلندي اهي امڪان پيدا ٿي ويا هئا ته فوجي عدالت شاهدين ۽ ثبوتن جي بنياد تي ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏيئي سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيندي ته اتي سندن وڪيل يوسف لغاري اهو موقف اختيار ڪيو ته جيئن ته شبير ۽ ڪمال سائيڪلو اسٽائيل مشين ۽ سرخ پرچم وغيره سان سڳ سوڌو گرفتار ٿيا هئا ان ڪري انهن کي سزا ڏني وڃي ۽ ڪيس جي باقي جوابدارن کي آزاد ڪيو وڃي. اها ڳالھہ شبير لاء حيران ڪندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ هجي ٿي ۽ هو ڪورٽ ۾ ان جي خلاف احتجاج ڪري ٿو. ساڳي ريتِ ٻاهر اچي هو وڪيل کي چئي ٿو ته تو اهو ڇا ڪيو ته هو کيس اهو ئي جواب ڏئي ٿو ته کيس اهڙي موقف اختيار ڪرڻ لاء ڄام ۽ ٻين اڳواڻن پاران هدايتون ڏنيون ويون هيون. جڏهين ان سلسلي ۾ ڄام سان ڳالھہائي ٿو ته هو کيس جواب ڏئي ٿو ته اهڙي ريت پارٽي جي سينيئر اڳواڻن کي ٻاهر وڃي بهتر نموني سان پارٽي جو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. اها صورتحال پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن جي حوالي سان سندس لاء انتهائي مايوس ڪن هجي ٿي. جن لاء مياس اهي ڪانڌي به نه ٿيا. ڪورٽ جو فيصلو به اهڙو ئي اچي ٿو جيڪو هڪ ڪرنل، جيڪو عدالت جو حصو به نه ٿو هجي، کيس زباني جيل ۾ ٻڌائي وڃي ٿو. ان فيصلي موجب باقي سڀني کي آزاد ڪري شبير ۽ ڪمال کي ست ست سال قيد جي سزا ڏني وڃي ٿي. انتهائي ڪاوڙ ۾ هو ڊائري ۾ مختلف جاين تي اهو اظهار ڪري ٿو ته ڄام ساقي ڪيس مان ڄام ساقي نڪري ويو باقي ڪيس رهجي ويو. هڪ جاء تي هو انهن سڀني آزاد ٿيلن کي سرڪاري ايجنٽ قرار ڏئي ٿو جن کي ضياءالحق جي سخت دور ۾ آزاد ڪري ٻاهر سرگرم ٿيڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي. هو لکي ٿو ته انهن اڳواڻن ٻاهر وڃي پارٽي لاء اهو ڪم ڪيو ته پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. هو ٻنهي ڌڙن جي اڳواڻن مان مطمئن نه ٿو هجي. هو جتي ڄام ۽ جمال نقوي تي تنقيد ڪري ٿو اتي مير ٿيبو ۽ مختيار باچا به ان جو نشانو بڻجن ٿا. جيئن ته انهن جي امداد ڪندڙ سوويت يونين پاڻ ان وقت بحران ۾ هو ان ڪري هو سمجھي ٿو ته انهن ٻنهي ڌڙن مان به ڪو باقي نه رهندو. هو پنهنجي سزا پوري ڪري جيل مان نڪري ٿو ۽ پاڻ کي ڪنهن به ڌڙي سان لاڳاپيل نه ٿو سمجھي. پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن لاء وٽس بس تلخ يادون ئي هجن ٿيون.
ڪتاب ۾ ڪجھ غلطيون آهن جن کي ليکڪ ٻئي ڇاپي ۾ درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. رڳو هڪ مثال هتي ڏيندس ته هڪ جاء تي ليکڪ اهو لکيو آهي ته 1935 ۾ آئي ايم ايف، عالمي بينڪ ۽ ٻين مختلف ادارن ۽ ملڪن جي گڏجاڻي ٿي هئي جنهن ۾ سوشلزم ۽ آزادي جي تحريڪن کي منهن ڏيڻ لاء حڪمت عملي تيار ڪئي ويئي هئي. ان سلسلي ۾ اها ڳالھہ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته بريٽن ووڊ نظام تحت انهن ادارن جو قيام ئي ٻين مهاڀاري جنگ جي خاتمي کان پوء ٿيو هو.
ان ڊائري مان حالتن جي ڪري گھڻو عرصو غائب آهي ۽ ترتيب به متاثر ٿي آهي ۽ ليکڪ پاران ان جي وضاحت به ڏني ويئي آهي. ان جي باوجود چارسو صفحن کان وڌيڪ جي اها ڊائري سنڌ جي سياسي تاريخ جي هڪ اهم ڪيس جي قيدي جو موقف آهي جنهن جي پنهنجي ليکي اهميت آهي.

صابره ۽ شتيلا ڪئمپن جي قتل عام کي ڪيئن وساري سگھبو

بيروت مان جون 1982 جي اسرائيل جي حملي کانپوء جنگ بندي ۽ پي ايل او جي اتان نڪري وڃڻ کانپوء حالتن ۾ نه رڳو اهو ته ڪو سڌارو نه آيو هو پر اهي وڌيڪ خراب ٿي ويون هيون. خاص طور تي فلسطينين لاء ڪو تحفظ نه هو. آمريڪا پاران ياسرعرفات کي فلسطينين جي تحفظ جي ضمانت ڏني ويئي هئي. پر آمريڪا، فرانس ۽ اٽلي تي مشتمل گھڻ قومي فوج جيڪا لبنان ۾ امن قائم ڪرڻ لاء هڪ مهيني لاء آئي هئي اها جنگ بندي کانپوء سترنهن ڏينهن ۾ ئي واپس هلي ويئي.
ان صورتحال ۾ فلانجسٽن لاء اسرائيلي فوج جي مدد سان فلسطينين سان پراڻا ۽ نوان حساب ڪتاب صاف ڪرڻ جو هڪ بهترين موقعو هو. فلسطينين متعلق لبنان جي مسلمانن ۽ عيسائين ٻه مختلف رايا رکيا ٿي. مسلمانن فلسطينين جي جدوجهد ۽ اسرائيل خلاف ويڙه کي عربن جي اسرائيل خلاف جدوجهد جي اجتماعي نڪته نظر سان ڏٺو ٿي ۽ ان جي حمايت ڪئي ٿي جڏهين ته عيسائين جي ليکي فلسطينين جو لبنان تي ڪو حق نه هو ۽ انهن لبنان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري حالتن کي خراب ڪيو هو. لبنان تي ڪاه اسرائيلي جرنل شيرون جو ئي آئيڊيا هو. ان ڪاه، جنهن کي آپريشن گليلي جو نالو ڏنو ويو هو، جو مقصد اتر اسرائيل کي ڏکڻ لبنان مان ٿيندڙ فلسطينين جي حملن کان محفوظ ڪرڻ هو. بي هٿيار فلسطينين تي حملي ۽ ڪوس ڪرڻ لاءِ به هن ئي فلانجسٽن ۽ اسرائيل جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ ميجر حداد جي ڏکڻ لبناني فوج جي همت افزائي ڪئي هئي. رابرٽ فسڪ جو چوڻ آهي ته ان ڪوس کان اڳ واري رات اسرائيل جي جهازن پاران اوله بيروت ۾ روشني جا اهڙا فليئرز ڪيرايا ويا جنهن سان سڄو شهر ڏينهن جيان روشن ٿي ويو. شهر ۾ جيڪا چرپر هئي ان مان اهي اطلاع مليا ٿي ته مهاجر ڪئمپن ۾ فلانجسٽ ڪا ڪاروائي ڪري رهيا هئا.
ٻئي ڏينهن رابرٽ فسڪ ۽ ٻه ٻيا صحافي گڏجي مهاجر ڪئمپن ڏانهن وڃن ٿا. کين ڪئمپ جي ٻاهر ڪجھ گاڏيون بيٺل نظر اڄن ٿيون جڏهين ته اندر صورتحال گھڻي خراب ۽ ڊيڄاريندڙ هجي ٿي. عورتن، ٻارن ۽ مڙدن کي نهايت بيدردي سان ڪٺو ويو هو. اهي هڪ اهڙي جوان عورت ۽ سندس معصوم ٻارڙي جا لاش ڏسن ٿا جن کي ڌوتل ڪپڙا سڪائيندي تازو ڪٺو ويو هو. اها تصوير ڄڻ سندن ذهن تي نقش ٿي وڃي ٿي. ساڳي وقت کين هڪ اهڙي گرڀ واري عورت جي لاش ملي ٿي جنهن جي پيٽ کي چيري اڻڄاول ٻار کي به ماريو ويو هو. فسڪ ۽ سندس دوستن جي اتي هئڻ وقت به انهن قاتلن مان ڪجھ اتي موجود هئا. ان خيال کان ته اهي ڪنهن به ثبوت کي ختم ڪرڻ لاء ضرور کين ماريندا هو لڪي وڃن ٿا ۽ سندن وڃڻ کانپوء ٻاهر نڪرن ٿا. گھڻين لاشن کي اجتماعي قبرن ۾ پوريو ويو هو پر گھڻيون اڃا ائين بي گور وڪفن پيون هيون.
ان کانپوء ٻيا پرڏيهي ۽ لبناني صحافي به ان جاء تي پهچن ٿا. اسرائيل پاران ان سڄي ڪوس ۾ پنهنجي ملوث هئڻ کان انڪار ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو وڃي ٿو ته اهو سڀڪجھ لبنان جي مختلف گروهن جي ڊگھي عرصي کان هلندڙ اختلافن جي نتيجي ۾ ٿيو هو ۽ فسڪ جي رپورٽ کي ڪوڙ تي ٻڌل ڄاڻايو وڃي ٿو. پر فسڪ پاران باقاعدي دليلن ۽ ثبوتن سان اسرائيل جي ان قتل عام ۾ ملوث هئڻ متعلق ٻڌايو وڃي ٿو جن کان انڪار ڪرڻ ممڪن نه ٿو هجي.
اسرائيل سميت سڄي دنيا ۾ ان تي ردعمل ٿئي ٿو. تل ابيب ۾ اسرائيل جي فوجي ڪاروائي خلاف مظاهرا ٿين ٿا. دنيا ۽ خاص طور اسرائيل جو عوام ان ڳالھہ تي حيران هجي ٿو ته يهودي جن ٻين مهاڀاري جنگ ۾ هٽلر جا ظلم سٺا ۽ لکين گيس چئمبرن جو بک ٿيا ۽ جيڪي سڄي دنيا آڏو پاڻ کي مظلوم ۽ اجتماعي طور هڪ بهتر اخلاق واري قوم ڪري پيش ڪن ٿا اهي اهڙي ڪم ۾ ڪيئن ملوث رهيا ۽ ڪيئن انهن ٻين ماڻهن تي اهي ساڳيا ظلم روا رکيا. اهو سوال پڻ اٿاريو ويو ته آپريشن گليلي، جيئن نالي مان ظاهر آهي، رڳو ڏکڻ لبنان تائين محدود هئڻ گھرجي ها. اسرائيلي فوج کي بيروت تائين وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. سويڊن پاران شيرون کي جنگي ڏوهاري قرار ڏيئي مٿس مقدمو هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن کي آمريڪي مداخلت تي واپس ورتو ويو. ان سڄي ردعمل کي منهن ڏيڻ لاء اسرائيل جي حڪومت پاران ان معاملي جي جاچ لاء ڪاهان ڪميش جوڙيو ويو. ڪميشن پاران جيتوڻيڪ ان واقعي لاء شيرون ۽ اسرائيلي فوج کي ذميوار قرار ڏنو ويو جيڪا ان ڪوس وقت بيروت ۾ موجود هئي ۽ ان ڪوس جي ذميوارن کي لغام ڏيئي سگھي ٿي، پر ساڳي وقت رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته ان جي پويان لبنان جي مختلف گروهن جا اختلاف به هئا. بهرحال ذميوارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي ويئي ۽ ايستائين ته شيرون اڳتي هلي اسرائيل جو وزيراعظم به بڻجي ويو.
ان جا ٻه نتيجا نڪتا. هڪ ته فرانس، اٽلي ۽ آمريڪا تي مشتمل گھڻ قومي فوج وري لبنان پهچي ويئي ۽ ٻيو اسرائيل تي بيروت مان فوج واپس گھرائڻ لاء دٻاء وڌي ويو.
اسرائيل جو مقصد لبنان کي پنهنجي لاء محفوظ ڪرڻ ۽ اتي پنهنجي پسند جي حڪومت کي آڻڻ هو. ان مقصد لاء فلانجسٽ اڳواڻ بشير جمائل کي لبناني اشرافيه تي ٻڌل پارليامينٽ کان صدر چونڊرايو ويو ۽ مٿس اهو دٻاء وڌو ويو ته هو اسرئيل سان امن ٺاه ڪري. ان ڳالھہ کي خاص طور شام، جنهن جو پڻ لبنان جي معاملن ۾ شروع کان هڪ اهم ڪردار رهيو آهي، قبول ڪرڻ لاء تيار نه هو. بهرحال بشير جمائل تي ان ڳالھه لاء آمريڪا پاران به زور وڌو ويو ۽ هن نيٺ اسرائيل وڃي ان امن ٺاه تي صحيح ڪئي. پر اسرئيل جي اڳواڻن پاران ساڻس جيڪو هتڪ آميز ۽ پنهنجي ٻالڪي جيان ورتاء ڪيو ويو ان سندس عزت نفس کي متاثر ڪيو. اسرائيل جي اڳواڻن پاران کيس او ڇوڪرا ڪري مخاطب ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته لبنان هڪ خودمختيار ملڪ آهي ۽ هو ان جو صدر آهي ۽ ساڻس سندس ان رتبي جي لحاۡظ کان ئي ورتاء ٿيڻ گھرجي ها. ڪجھ عرصي کان پوء بشير جمائل به قتل ٿي ويو ۽ سندس جاء تي سندس ڀاء امين جمائل کي نئون صدر چونڊيو ويو.
اسرائيلي فوج کي لبنان ۾ اهي مقصد حاصل نه ٿي سگھيا جن جي حاصل ڪرڻ لاء هن لبنان تي ڪاه ڪئي هئي ۽ اتان جي ماڻهن جو قتل عام ڪيو هو. رابرٽ فسڪ بائبل جي هڪ آيت جو حوالو ڏنو آهي جنهن ۾ يهودين کي هزارين سال اڳ ئي ئي لبنان ۾ مداخلت کان منع ڪئي ويئي هئي جيڪا ڳالھہ سندن لاء هاڃيڪار ٿي سگھي ٿي.
اسرائيلي فوج بيروت مان نڪري ويئي پر ان ڏکڻ لبنان جي هڪ حصي کي سيڪيوريٽي زون جي طور پنهنجي قبضي ۾ رکڻ چاهيو ٿي. پر لبنان اڃا شانت نه هو. هڪ ته اڃا ملڪ ۾ گھڻ قومي فوج موجود هئي ۽ ٻيو ته پي ايل او جي بيروت مان انخلاء کانپوء مختلف لبناني ويڙهاڪ گروه سامهون آيا هئا. اهڙي ريت صورتحال بلڪل هڪ نئون رخ اختيار ڪيو هو.

ليلا جا ڏهه منٽ ۽ اٺٽيھه سيڪنڊ

سماجي تبديلي هڪ ڏکيو عمل آهي. ان ۾ ساڳي وقت موافق ۽ مخالف قوتون ڪم ڪري رهيون هونديون آهن. اهو عمل هڪ ڊگھي وقت تائين ڪڏهين هڪ ته ڪڏهين ٻئي جي حق ۾ ٿيندو رهندو آهي. اها ڳالھ خاص طور انهن سماجن ۽ ملڪن ۾ وڌيڪ واضح نظر ايندي آهي جتي اهو تبديلي جو عمل هلندڙ هوندو آهي. ترڪي انهن ڪجھ ملڪن مان آهي جيڪي نوآبادياتي تسلط هيٺ نه رهيا آهن بلڪ خلافت عثمانيه جي جھنڊي هيٺ يورپ ۽ ايشيا وغيره جا ڪيترا ملڪ ان جي تسلط هيٺ رهيا آهن ۽ اهو ٽي چار صدين تائين پاڻ هڪ نوآبادياتي قوت جي حيثيت ۾ رهيو آهي.
پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء جڏهين اها سلطنت وکرجي ويئي ۽ مختلف يورپي طاقتن اهو مال غنيمت پاڻ ۾ ورهائي کنيو ۽ پاڻ ترڪي جو وجود خطري ۾ پئجي ويو ته ڪمال اتاترڪ خلافت عثمانيه کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ترڪي کي هڪ جديد سيڪيولر رياست ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. اتاترڪ کي آزادي جو ابو ڪري ته ليکيو وڃي ٿو. پر سندس ان اعلان سان پراڻو نظام جنهن جون پاڙون نهايت پختيون هيون ختم نه ٿي سگھيو ۽ هڪ لحاظ کان نئين ۽ پراڻي وچ ۾ ٽڪراء ۽ تضاد وڌيڪ تيز ٿي ويو.
اهو تضاد تخليقڪارن لاء اتساه جو باعث ۽ اهڙي ريت سندن تخليقن جو موضوع رهيو آهي. ايلف شفق انهن ڪجھ ليکڪن مان آهي جن لاڳيتو ترڪي جي تاريخ، ان جي سماج ۽ حال جي تضادن کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو آهي. اها هڪ خاص ڳالھہ آهي ته هن حوالي سان ڏتڙيل ۽ سماج پاران رد ڪيل ماڻهو ۽ ترڪي جون نسلي ۽ مذهبي ٿورايون سندس توجھ جو مرڪز رهيون آهن ۽ انهن جي ڏک ۽ درد کي هن پنهنجو ڏک ۽ درد سمجھي پيش ڪيو آهي. ساڳي وقت اها ڳالھہ پڻ واضح هوندي آهي ته سندس اهي ڪردار تبديلي جا نمائندا هوندا آهن ۽ هو هميشه تبديلي جي پاسي هوندي آهي. سندس تازو ناول 10 Minutes 38 Seconds in This Strange World ان سلسلي جي هڪ ٻي ڪوشش آهي.
هن ناول جو مرڪزي ڪردار ترڪي جي هڪ ننڍي شهر وان جي هڪ ڇوڪري ليلا آهي. هارون جي ٻن زالن جو نو سالن تائين اڪيلو ٻار ۽ پوء جيڪو پٽ ترڪان ڄمي ٿو اهو پڻ نارمل نه ٿو هجي ۽ ڪجھ سالن کان پوء گذاري وڃي ٿو ۽ هو اڳ جيان اڪيلي رهجي وڃي ٿي. کيس پنهنجي ٻن مائرن ۽ پي جو پيار ملي ٿو.ساڳي وقت کيس پڙهڻ ۽ ٻي دنيا جي خبر چار رکڻ جو پڻ شوق هجي ٿو. اوله جي ملڪن جي اداڪارائن، موسيقي ۽ گيتن سان کيس خاص چاه هجي ٿو. هو خبرون پنهنجي اصلي ماء، جنهن کي هو آنٽي چئي ٿي ۽ جيڪا اڻ پڙهيل هجي ٿي، کي به پڙهي ٻڌائي ٿي.
سندس چاچو ان وقت کان جڏهين سندس عمر ڇه سال ۽ چاچي جي ٽيتاليه سال هجي ٿي مٿس خاص توجھ ڏيڻ شروع ڪري ٿو. هو کيس وقت بوقت هراسان ڪندو رهي ٿو ۽ جڏهين هو پندرنهن سورنهن سالن جي هجي ٿي ته کيس مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪري ساڻس زنا ڪري ٿو جنهن مان کيس پيٽ ٿئي ٿو. ان دوران اسڪول ۾ سندس دوستي اڪيلي ماء جي پٽ سنان سان ٿئي ٿي جيڪو اڳتي هلي سندس پنج بهترين دوستن مان هڪ هجي ٿو. ساڳي وقت سندس ڀاء ترڪان جي موت سندس پي جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي ٿي. سندس مرشد ان جو ڪارڻ سندس پنهنجي مذهب تي عمل نه ڪرڻ کي قرار ڏئي ٿو ۽ نتيجي ۾ هو گوشه نشيني اختيار ڪري عبادتن ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو ۽ گھر وارن کي ان واٽ تي هلڻ جي تلقين ڪري ٿو. پر ليلا سندس انهن پابندين کي قبولڻ لاء تيار نه ٿي هجي ۽ اوله جي اداڪارئن ۽ ڳائڻين جيان پنهنجو هارسنگھار ڪري ٿي. ساڳي ريت ليلا پنهنجي ماء کي اهو به ٻڌائي ٿي ته هو پيٽ سان آهي ۽ ان جو ڪارڻ چاچا آهي. سندس پي پنهنجي ڀاء کان ان جي پڇا ڪري ٿو پر هو ان کان انڪار ڪري ٿو ۽ ان جو ڏوه ليلا جي دوست سنان تي هڻي ٿو. پر ليلا ان کي نه ٿي مڃي ۽ پنهنجي ڳالھہ تي اصرار ڪندي رهي ٿي. هو سمجھي ٿي ته سندس پي کڻي ظاهري طور سندس ڳالھہ کي نه مڃيندو هجي پر هو پنهنجي اندر ۾ ان ڳالھہ کي مڃي ٿو ته ان جو ذميوار سندس ڀاء آهي نه ته ٻي صورت ۾ هو سنان جي ماء وٽ پهچي وڃي ها. حمل ٻن مهينن کان پوء ڪري پئي ٿو ۽ اهو فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته ليلا جي شادي سندس هڪ ننڍي سوٽ سان ڪئي ويندي. ليلا ان ڳالھہ کي نه ٿي مڃي ۽ گھر مان فرار ٿي سنان کان ڪجھ پئسا وٺي بس ۾ سوار ٿي پنهنجي خوابن جي شهر استنبول رواني ٿي وڃي ٿي.
اهو دور گذريل صدي جي سٺ جي ڏهاڪي جي آخر ۽ ستر جي ڏهاڪي جو دور هو. ملڪ ۾ فوج جو راڄ، هڪ افراتفري ۽ ساڄي ۽ کاٻي ڌر وچ ۾ گھرو ويڙه واري صورتحال هئي. يونيورسٽيون جنگ جو ميدان بڻيل هيون. فوج جي سرپرستي ۾ ٺاهيل ڀورن بگھڙن جهڙين شاونسٽ تنظيمن جو نشانو کاٻي ڌر جا ڪارڪن، ڪرد قوم پرست ۽ آرمينائي نسل جا ماڻهو هجن ٿا. ان سڄي پسمنظر ۾ ليلا هڪ اهڙي شهر ۾ پهچي ٿي جتي سندس ڪير واقف ناهي. ساڻس پهرين واردات اها ٿئي ٿي ته بس اسٽاپ تي واش روم ۾ هٿ منهن ڌوئندي سندس پرس چورائجي وڃي ٿو جنهن ۾ سندس ڪجھ رقم به هجي ٿي. ان کانپوء ساڻس اهو ڪجھ ٿئي ٿو جيڪي ڪجھ اهڙن وڏن شهرن ۾ جوان، سهڻين ۽ اڪيلين ڇوڪرين سان ٿيندو آهي. هو هڪ دلال جي هٿ لڳي وڃي ٿي جيڪو همدردي ڪري کيس هڪ عورت وٽ وٺي وڃي ٿو. کيس قيد ڪري رکيو وڃي ٿو ۽ شراب پيئاري ڌنڌو ڪرايو وڃي ٿو. هو گھڻن ڄڻن وٽ وڪرو ٿيندي اچي مٺي ماء ۽ ڪوڙي ماء نالي نائڪه جي چڪلي ۾ پهچي ٿي. وٽس مختلف نمونن جا گراهڪ اچن ٿا. هڪ ڀيري هڪ گراهڪ سندس چهري تي تيزاب اڇلڻ چاهي ٿو پر سندس بروقت ڪمري مان نڪري وڃڻ جي ڪري هو تيزاب جي بوتل سندس پويان اڇلائي ٿو جنهن جي ڪري سندس پٺ سڙي وڃي ٿي ۽ علاج کانپوء به ان تي نشان رهجي وڃي ٿو.
ان دوران جولائي 1968 ۾ خبر اچي ٿي ته آمريڪا جو ڇهون بحري بيڙو ترڪي جي دوري تي اچي رهيو آهي. بازار حسن ۾ ڄڻ ان خبر سان زندگي جي هڪ نئين لهر ڊوڙي وڃي ٿي. آمريڪي سپاهين جي آڌر ڀاء لاء صفائي سثرائي ۽ رنگ روغن جو ڪم شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ بازار کي مقامي گراهڪن لاء بند ڪيو وڃي ٿو. کاٻي ڌر جي شاگردن وغيره پاران ان بحري ٻيڙي جي اچڻ جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان جي خلاف مظاهرا ڪيا وڃن ٿا. ڪجھ آمريڪي فوجي بازار ۾ گھمندي ۽ خريداري ڪندي انهن مظاهرين ۾ ڦاسي پون ٿا ۽ پنهنجي جان بچائي ڀڄن ٿا. ان صورتحال کي ڏسندي بحري ٻيڙي پاران استنبول ۾ وڌيڪ ترسڻ جي بجائي فوري واپسي جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو جيڪا ڳالھه بازار حسن جي مالڪن ۽ نائڪائن کي گھڻي پسند نه ٿي اچي ۽ هو سوچين ٿا ته نيٺ انهن کاٻي ڌر وارن کي ڪهڙو ضرور پيو آهي جيڪي آمريڪين خلاف ائين مظاهرا پيا ڪن ۽ سندن ڌنڌي کي خراب پيا ڪن. هو پوء مقامي ماڻهن لاء پنهنجا دوڪان کولي ڇڏين ٿا.
انهن مظاهرن دوران هڪ نوجوان شاگرد پوليس جي لاٺي چارج ۽ ڳوڙها گيس کان بچندي ڪوڙي ماء جي ڪوٺي ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. هن نوجوان جو نالو ڊي علي هجي ٿو. هو جرمني ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مهمان مزدور جو پٽ هجي ٿو ۽ جرمني ۾ ڪجھ عرصو تعليم به حاصل ڪري ٿو پر سندس پي خاص طور پنهنجين ڌيئن کي اتان جي ثقافتي ۽ سماجي اثرن کان بچائڻ لاء کيس به انهن سان گڏ انهن جي سار سنڀال لاء ترڪي واپس موڪلي ڇڏي ٿو. هو يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ٿو ۽ کاٻي ڌر جي شاگردن جي گروهن سان لاڳاپجي وڃي ٿو. ڪوڙي ماء کيس ٻاهر ڪڍڻ چاهي ٿي پر اهو الائي ڇو ليلا کي وڻي وڃي ٿو ۽ اها کيس پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وڃي ٿي. اتي هو ساڻس جنسي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ رڳو ويهي ساڻس ڳالھہيون ڪري ٿو. اهو ڄڻ سندس معمول بڻجي وڃي ٿو. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليلا سان ڳالھہيون ڪندو رهي ٿو جنهن جي کيس هڪ وڏي قيمت نائڪا کي ادا ڪرڻي پيئي ٿي. ليلا کيس اهو چئي به ٿي ۽ کيس اچڻ کان روڪڻ جي ڪوشش به ڪري ٿي پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي ٿئي. هن نوجوان ۾ گھڻيون صلاحيتون هجن ٿيون. هو هڪ آرٽسٽ به هجي ٿو ۽ ليلا جون مختلف طريقن سان تصويرون ٺاهي ٿو. نيٺ هو وياج تي هڪ وڏي رقم جو بندوبست ڪري اها نائڪه کي ڏيئي ليلا کي شادي ڪري پاڻ سان وٺي وڃي ٿو. اهي ٻيئي هڪ ڌار فليٽ ۾ رهن ٿا. ليلا جي لاء ڄڻ ته اها هڪ نئين زندگي هجي ٿي ۽ هو سمجھي ٿي ته هاڻي ماضي موٽي نه ايندو. پر ائين نه ٿو ٿئي.
هو جيتوڻيڪ کيس پنهنجن انقلابي دوستن وغيره سان نه ٿو ملائي، پر 1 مئي 1977 جي پورهيتن جي ڏينهن جي جلوس ۾ هو کيس پاڻ سان وٺي ٿو وڃي. اتي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ هزارين پورهيت، شاگرد ۽ ٻيا عام ماڻهو هجن ٿا. ساڳيا نعرا، ساڳيون گھرون پر هر ڪنهن وٽ پنهنجين جماعتن جا ڌار ڌار جھنڊا. هو ٻيئي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هلن ٿا ته جيئن ان هجوم ۾ هڪٻئي کان وڇڙي نه وڃن. اڳتي وڃن ٿا ته جلوس تي فائرنگ شروع ٿي وڃي ٿي. افراتفري ۾ جڏهين هجوم ڀرپاسي وارين گھٽين ۽ سڙڪن ڏانهن ڀڄي ٿو ته انٽرڪانٽينينٽل هوٽل جي ڪمرن جي درين ۾ ويٺل نشاني باز جلوس تي سڌي فائرنگ شروع ڪن ٿا. ليلا ۽ ڊي علي ڌار ٿي وڃن ٿا. ٻئي ڏينهن ان جاء تان ٻه هزار کان وڌيڪ گولين جا خول ملن ٿا ۽ هڪ سو ٽيه کان وڌيڪ ماڻهن جي ڦٽجڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو. ليلا ڊي علي جي ڳولها شروع ڪري ٿي ۽ هڪ اسپتال مان کيس خبر پيئي ٿي ته هو ان افراتفري ۾ هجوم جي پيرن ۾ لتاڙجي مارجي ويو هو.
وٽس ڪجھ به نه ٿو هجي. هڪ ته سندس لاء ڊي علي جي ورتل قرضن کي لاهڻو هو ۽ ٻيو روزمره جو خرچ هو. هو وري پنهنجي ساڳئي ڌنڌي تي اچي وڃي ٿي. هڪ ڏينهن نائڪه کيس فون ڪري ٿي ته هڪ سيٺ کي پنهنجي پٽ لاء جنهن جي هو شادي ڪرائڻ چاهي ٿو پر جيڪو عورت جي ويجھو نه ٿو وڃي هڪ وئشيا جي ضرورت آهي جيڪا کيس ان واٽ تي وٺي اچي. کيس ان ڪم لاء وڏي رقم ملي ويندي. هو کيس مقرر وقت تي هڪ خاص لباس ۾ انٽرڪانٽينينٽل هوٽل ۾ پهچڻ لاء چئي ٿي. هو اتي پهچي ٿي پر ان نوجوان کي گھڻو پريشان ڪرڻ کانسواء ساڻس مختصر ملاقات ڪري هوٽل مان نڪري اچي ٿي. واٽ تي هڪ مرسڊيز ڪار ۾ ٻه شخص کيس پاڻ سان گڏ هلڻ جي آڇ ڪن ٿا. هو ڪار ۾ ويهي ٿي ۽ واٽ تي اهي ان کي قتل ڪري لاش ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائي ڇڏين ٿا. دراصل اهو سيٺ جو ماڻهو هجي ٿو جنهن کي سيٺ پنهنجي پٽ لاء ويشيائن جو بندوبست ڪرڻ جو ڪم ڏنو هو ۽ جنهن پنهنجي سوٽ سان گڏجي اها رٿا ٺاهي هئي. ان کان اڳ هو ٽي وئشيائن کي قتل ڪن ٿا ۽ اهو سندن چوٿون قتل هجي ٿو.
ماڻهو جڏهين مري وڃي ٿو ۽ سندس دل بيهي رهي ٿي ته سندس ذهن ڪجھ وقت تائين ڪم ڪندو رهي ٿو. اهي ليلا جي ذهن جا اهي ڏه منٽ ۽ اٺٽيه سيڪنڊ هجن ٿا جنهن ۾ هو پنهنجي سڄي زندگي کي ياد ڪري ٿي ۽ اها سڄي ڪهاڻي سندس آڏو اچي وڃي ٿي. سندس خاندان وارا سندس لاش وٺڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ اهڙي ريت کيس استنبول جي ڪليوس جي علائقي ۾ لاوارثن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي ٿو جتي سندس قبر تي ڪو نالو ۽ ٻي ڪا نشاني نه ٿي هجي بس رڳو هڪ نمبر هجي ٿو.
ان موقعي تي ليلا جا پنج دوست، جن ۾ عرب، آفريڪي ۽ ترڪ شامل هجن ٿا جن کي اسپتال وارا لاش ڏيڻ کان انڪار ڪن ٿا، اهو فيصلو ڪن ٿا ته سندن هوندي ليلا لاوارث ڪيئن ٿي ٿي سگھي. کيس عزت واري ۽ مناسب تدفين ڏيڻ ضروري آهي. ان مقصد لاء هو اڌ رات جو قبرستان وڃي سندس لاش ڪڍن ٿا ۽ ان کي ٻئي قبرستان ۾ سندس مڙس جي ڀر ۾ دفن ڪرڻ چاهين ٿا. پر ان سڄي وقت پوليس سندن پويان هجي ٿي. انهن مان هڪ کي ياد اچي ٿو ته ليلا پنهنجي لاش کي سمنڊ ۾ لوڙهڻ جي ڳالھہ به ڪئي هئي. اهي سمنڊ تي پهچن ٿا جت پوليس به گڏ ئي پهچي وڃي ٿي پر اهي ڪنهن ريت لاش کي سمنڊ جي حوالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.
ليکڪا ٻڌائي ٿي ته اهو ناول حقيقت ۽ سندس تصور تي ٻڌل آهي. اهو برابر آهي ته ناول جا ڪردار تصوراتي آهن پر ساڳي وقت ڪليوس ۾ لاوارثن جو قبرستان موجود آهي ۽ اتي اڃا به مختلف قسم جي لاوارثن سان گڏ ايجين سمنڊ ذريعي جيڪي مختلف ملڪن جا ماڻهو ترڪي اچڻ جي ڪوشش ۾ ٻڏي مري وڃن ٿا انهن کي به اتي دفن ڪيو وڃي ٿو. ساڳي ريت پهرين مئي جي جلوس تي هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل مان جيڪا فائرنگ ٿي هئي اها به حقيقت آهي ۽ اها هوٽل هاڻي مرمرا جي نالي سان موجود آهي.
هڪ لحاظ کان اهو ناول هڪ عورت تي مرڪوز هوندي به ڄڻ پوري سماج جي هڪ تصوير پيش ڪري ٿو.

سڃاڻپ جي ڳولها

ايلف شفق فڪشن ۽ نان فڪشن ٻنهي صنفن ۾ لکندي رهي آهي. پينگوئن پاران سندس هڪ مختصرنان فڪشن ڪتابThe Happiness of Blond People: A Personal Meditation on the Dangers of Identity ڊجيٽل فارم ۾ شائع ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهو ڪنهن سفر دوران ۽ ٿوري فراغت جي وقت ان کي پنهنجي موبائل وغيره تي ئي پڙهي سگھن. هن ڪتاب ۾ ليکڪا خاص طور يورپ ۾ وڏي پئماني تي ايشيائي ۽ آفريڪي ماڻهن ۽ خاص طور مسلمانن جي اچڻ سان جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي ان تي پنهنجي سوچ ويچار پيش ڪئي آهي. هن ڪتاب لکڻ جو اتساه کيس ان وقت مليو جڏهين هو نيدرلينڊ جي شهر هيگ مان هڪ ادبي ڪانفرنس مان استنبول موٽي رهي هئي. ايئرپورٽ تي لائين ۾ بورڊنگ جو انتظار ڪندي هو هڪ ترڪ مرد کي پنهنجي هڪ ٻئي هم وطن سان ڳالھائيندي ٻڌي ٿي. هو ان شخص کي ٻڌائي رهيو هو ته هو هيگ ۾ جنهن عمارت ۾ رهيل هو ان جي هيٺين ماڙ تي رهندڙعورت کيس گھڻو تنگ ڪيو هو. ٻارن جي ٿوري به شور تي هو فوري طور پوليس کي گھرائيندي هئي ۽ پوليس به هر ڀيري سندس چوڻ تي ايندي هئي ۽ کين تنگ ڪندي هئي. ٻيو شخص کانئس پڇي ٿو ته ڇا ان عورت جا پنهنجا ٻار شور نه ٿا ڪن ته هو جواب ڏئي ٿو ته نه. ڇاڪاڻ ته گورا وڌيڪ مطمئن ۽ خوش آهن ۽ اسان کان مختلف آهن.
هو سوچي ٿي ته ڇا واقعي ائين ئي آهي. ايشيا ۽ آفريقا جا گھڻا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي معاشي، سماجي، سياسي ۽ امن امان جي صورتحال جي ڪري ٻين ملڪن ڏانهن لڏين ٿا. ان وقت منجھن هڪ ته پنهنجن مائٽن، دوستن ۽ پنهنجي ماحول کان ڌار ٿيڻ جو ڏک ۽ هڪ ڏوه جو احساس هجي ٿو جڏهين ته سندن ملڪ جي حالتن منجھن جنهن هڪ غم جي ڪيفيت کي پيدا ڪيو هجي ٿو ان مان نڪرڻ جي خوشي به هجي ٿي.
ليکڪا پنهنجي ذاتي تجربي جي حوالي سان ٻڌائي ٿي ته سندس ننڍپڻ ۾ ئي سندس ماء پي ۾ طلاق ٿي ويئي هئي. هو پنهنجي ماء ۽ ناني سان پهرين انقره ۾ رهي ۽ پوء پنهنجي ماء جي نوڪري جي سلسلي ۾ استنبول ۽ اتان ميڊرڊ آئي جتي هو جنهن اسڪول ۾ پڙهندي هئي اتي مختلف ملڪن جا ٻار هوندا هئا. جيڪڏهين دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ ڪو واقعو ٿيندو هو ته ان ملڪ جي ٻار جي حوالي سان اها ڳالھہ ٻوله ڪئي ويندي هئي. کيس پنهنجن ڪمن ڪارين ۽ لکڻ جي حوالي سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. هو سمجھي ٿي ته سندس پاڙون ڪنهن هڪ سرزمين ۾ ناهن بلڪه هو ڏندڪٿائي وڻ Tuba جيان آهي جنهن جون پاڙون بجائي زمين جي مٿي هوا ۾ هونديون آهن.
سندس خيال آهي ته لڏي ويندڙن جي پهرين نسل پنهنجي وطن ۽ مٽن مائٽن کي گھڻو ياد ڪندي آهي جڏهين ته پوء وارين نسلن لاء اهو گھڻو مسئلو نه هوندو آهي. هو 1930 جي ڏهاڪي ۾ استنبول مان آمريڪا لڏي ويندڙ هڪ آرمينائي سان ملاقات جو ذڪر ڪري ٿي جنهن جي اکين ۾ استنبول کي ياد ڪندي ڳوڙها اچي وڃن ٿا. هن جو چوڻ هو ته سندس دل ته استنبول وڃڻ لاء گھڻو چئي ٿي پر کيس خبر آهي ته هو جيڪڏهين هڪ ڀيرو اتي ويو ته وري موٽي نه سگھندو جڏهين ته اها ڳالھہ سندس ٻارن لاء ناهي.
هن وقت يورپ ۾ ايشيائي ۽ آفريقي ماڻهن، جن ۾ گھڻائي مسلمانن جي آهي، جو ڪل آبادي ۾ تناسب پنج سيڪڙو آهي. سڀ کان گھڻي آبادي فرانس ۾ آهي جڏهين ته لندن ۾ پڻ هڪ وڏو تعداد آهي. اصل مسئلو اهو آهي ته انهن ملڪن جا ماڻهو ۽ پناهگير پنهنجي پنهنجي ليکي رهن ٿا. لندن ۾ پاڪستانين ۽ هندوستانين جا اهڙا علائقا آهن جتي جي ماحول کي ڏسندي اهو چوڻ ڏکيو هوندو آهي ته ڇا ماڻهو واقعي انگلينڊ يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ آهي. هڪٻئي سان رابطي نه هئڻ ڪري اهي ماڻهو هڪٻئي کي سمجھي نه ٿا سگھن. پناهگير ان ملڪ ۽ ماڻهن جي ٿقافت ۽ طور طريقن کي قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن. ٻئي پاسي انهن ملڪن ۾ گورن جون اهڙيون نسل پرست تنظيمون سامهون آيون آهن جيڪي انهن ماڻهن کي اوپرو ۽ غاصب سمجھن ٿيون ۽ انهن کي پنهنجن ملڪن مان تڙڻ چاهين ٿيون. ان جو مشاهدو عام زندگي ۾ بسن ۽ ٽرينن ۾ سفر ڪندي ۽ پارڪن ۾ گھمندي ڪري سگھجي ٿو. اهڙي ريت بجائي هم آهنگي پيدا ٿيڻ جي هڪٻئي کان نفرت ۽ مختلف مسئلن تي اختلاف هڪ عام ڳالھہ آهي. لندن ۾ جيڪي بم ڌماڪا ٿيا ۽ ٻين ملڪن ۾ جيڪي دهشت گردي وغيره جون ڪاروايون ٿيون آهن انهن ۾ ڪي ٻين ملڪن جا ماڻهو نه پر انهن ملڪن جا ئي ماڻهو ملوث آهن جن جي تربيت ۽ پالنا انهن ملڪن ۾ ئي ٿي آهي. ساڳي ريت فرانس ۽ ڪجھ ٻين يورپي ملڪن ۾ عورتن جي پردي وغيره جي معاملي تي جيڪي اختلاف سامهون آيا آهن انهن کي به ان پسمنظر ۾ ئي ڏسي سگھجي ٿو.
انهن ماڻهن ۾ جسماني فاصلن سان گڏو گڏ ذهني فاصلا به آهن ۽ اهي پنهنجي خول ۾ پنهنجي ليکي رهن ٿا ۽ هڪٻئي کي سمجھڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن. ٻنهي جي ثقافت، ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻي هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف آهن. ساڳي وقت پناهگيرجن ملڪن مان لڏي آيا آهن اتي بيروزگاري، امن امان ۽ معاشي بدحالي وغيره جا جيڪي مسئلا آهن ان جي ڪري انهن جي ذهني بيهڪ اوله جي انهن ماڻهن کان بلڪل مختلف آهي جن کي هڪ ته اهڙن مسئلن کي منهن نه ٿو ڏيڻو پئي ۽ ٻيو ته انهن کي رياست پاران اهي سهولتون حاصل آهن جيڪي پناهگيرن کي پنهنجن اصلوڪن ملڪن ۾ نه هيون. اهڙي ريت اهو اطمينان ۽ خوشي جيڪا گورن جي ذهني بيهڪ جو حصو آهي پناهگير ان کان محروم آهن. اهي پناهگير انهن قانونن وغيره کي به مڃڻ لاء تيار ناهن ۽ انهن جي مزاحمت ڪن ٿا جن کي اهي پنهنجي مذهب ۽ ثقافت جي خلاف سمجھن ٿا. گورا اهو سمجھن ٿا ته انهن ماڻهن سندن رهڻ سهڻ جي طريقن ۾ رنڊڪ وڌي آهي ۽ سندن معاشي وسيلن کي ڦٻايو آهي.
ليکڪا جو اهو خيال آهي ته پناهگيرن جي مايوسي ۽ تفڪر، جنهن کي هو Angst جو نالو ڏيئي ٿي، جنهن جو اهي پنهنجي ملڪ ۾ شڪار هئا ان ۾ اولھه جي ملڪن ۾ لڏڻ کانپوء گھٽتائي اچي ٿي. پر ضرورت ان ڳالھہ جي آهي ته گورن ۽ پناهگيرن جي وچ ۾ ذهني ۽ جسماني فاصلا گھٽجن، اهي هڪ ٻئي جي ويجھو اچن ۽ هڪ ٻئي جي نڪته نظر، ڪلچر ۽ مسئلن کي سمجھن. اهو ئي هڪ حل آهي جنهن وسيلي اهي سک شانتي سان رهي سگھن ٿا. ٻي صورت ۾ اهي ڏڦيڙ ۽ ڇڪتاڻ جو شڪار هوندا ۽ ڪو به سک سان نه رهي سگھندو.

عورت، ليکڪا ۽ ماءُ

ڇا ڪا عورت جيڪڏهين ليکڪا آهي ته ان کي شادي ڪرڻ گھرجي ۽ ماءُ ۽ گھر جون ذميواريون نڀائڻ گھرجن؟ ڇا ان صورت ۾ اها پنهنجيون سڀيئي ذميواريون احسن طريقي سان نڀائي سگھندي؟ ڇا اها ان صورت ۾ پنهنجي تخليقي ڪم ۾ ايتري قدر ئي آزاد هوندي جيترو ڪو مڙد ليکڪ ٿي سگھي ٿو؟ اهي سوال يقينن هر عورت ليکڪا جي سامهون هوندا پر هر ڪنهن لاء ان جو جواب ساڳيو به ناهي. هر ڪا پنهنجي ماحول ۽ حالتن موجب ان جو جواب ڏيئي ٿي ۽ ان سان پاڻ کي ٺهڪائي ٿي.
ترڪي جي نامياري ناول نگار ايلف شفق پنهنجي ڪتاب Black Milk- on Mother hood and Writing ۾ انهن سوال جو دنيا جي گھڻين ليکڪائن جي زندگي جي حوالي سان جائزو ورتو آهي. اصل ۾ کيس ان سلسلي ۾ پنهنجي لاء جواب گھربل هو ته هو هڪ ليکڪا جي حيثيت ۾ پنهنجي زندگي لاء ڪهڙو فيصلو ڪري. اهو سوال سندس لاء انڪري به ڏکيو ۽ اهم هو ته کيس اڪيلي ماء، جنهن کي سندس مڙس جواني ۾ ئي ڇڏي هليو ويو هو، پالي نپائي وڏو ڪيو هو. منجھس مڙدن لاء ڪا نفرت نه هئي پر ساڳي وقت سندس اندر هڪ اڻ تڻ هئي ۽ هو ڪنهن هڪ فيصلي تي بيهي نه پئي سگھي. شروع ۾ هو اهو فيصلو ڪري ٿي ته جيئن ته هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ هو گھڻو وقت مختلف ملڪن جي سفر ۽ لکپڙه جي ڪمن ۾ مصروف رهي ٿي ان ڪري پنهنجي گھر، مڙس ۽ ٻار جي ذميوارين کي چڱي ريت نڀائي نه سگھندي ان ڪري کيس شادي جي جنجھٽ ۾ پوڻ نه گھرجي. هو ان ڳالھہ کي مڃي ٿي ته ليکڪ هڪ غير سماجي شخص هونڌو آهي جيڪو ماڻهن کان ڌار پنهنجي ئي خيالن ۾ رهندو آهي ۽ ان کي ئي دنيا جو مرڪز ۽ پاڻ کي ان جو خدا خيال ڪندو آهي. هو مختلف موقعن تي ان ڳالھہ جو اظهار ڪندي رهندي هئي ۽ ساڳي وقت پنهنجي ماء کي به اها ڳالھہ چوندي رهندي هئي. ان ڪري جڏهين هن شادي ڪئي ته اها سندس ماء سميت سندس گھڻن پڙهندڙن جي توقع جي خلاف بلڪه گھڻن لاء صدمي مثل هئي ۽ گھڻن ماڻهن کانئس وضاحت گھرڻ شروع ڪئي ته هاڻي ايلف شفق ليکڪ، جنهن چيو ٿي ته اها شادي نه ڪندي، جو ڇا ٿيندو.
هو ان دوران جنهن تجربي مان گذري ٿي ان جي اپٽار ڪندي ٻڌائي ٿي ته ترڪي جي هڪ ٻي عورت ليکڪا عدالت اگاگو، جيڪا پاڻ اڪيلي رهندي هئي، کيس هڪ ڏينهن چانه جي دعوت تي گھرايو. ساڻس ملاقات کيس اڃا ان سلسلي ۾ وڌيڪ سنجيدگي سان سوچڻ تي مجبور ڪيو. ان سلسلي ۾ سندس ذهن ۾ پهرين ليو ٽالسٽائي جي زال صوفيا اندروينا برس جو خيال اچي ٿو جيڪا ٽالسٽائي کان سورنهن سال ننڍي هئي. شروع جي سالن ۾ منجھن گھڻو پيار هو ۽ کين تيرنهن جڏهين ته ڪن جي چوڻ موجب اوڻويه ٻار ٿيا جن مان پنج گذاري ويا. صوفيا ڄڻ پنهنجي پوري زندگي پنهنجي مڙس لاء وقف ڪري ڇڏي هئي. هڪ پاسي هو ٻارن جو خيال ڪندي هئي ته جيئن اهي پنهنجي پي جي لکپڙه جي ڪم ۾ رخنو نه وجھن ته ٻئي پاسي هو ان لاء هڪ سيڪريٽري جو ڪم به ڪندي هئي. هن نه رڳو ناول وار اينڊ پيس جا نوٽس ورتا پر ان کي ست ڀيرا Rewrite ڪيو. بيماري دوران کيس اهو اونو هونڌو هو ته سندس لکڻ جي ڪم جو ڇا ٿيندو. اڳتي هلي ٽالسٽائي مٿس شڪ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سندن ناتا خراب ٿيڻ شروع ٿيا. گھڻن نقادن جو چوڻ آهي ته ناول اينا ڪرينا ٽالسٽائي جي ان ذاتي زندگي جو عڪس پيش ڪري ٿو جنهن ۾ هڪ جوان زال کي پنهنجي مڙس سان بيوفائي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. صوفيا کي ايستائين رڳو ٽالسٽائي جي نظر سان ئي ڏٺو ويو آهي جڏهين ته رڳو تازو ئي سندس هڪ ڊائري لکندڙ، دانشور ۽ واپاري عورت وارو ڪردار پڻ سامهون آيو آهي.
هو پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيل سان اهو جائزو وٺي ٿي ته دنيا جي مختلف حصن ۾ عورت ليکڪائن کي ڪهڙن مسئلن سان منهن ڏيڻو پيو آهي. ورجينا وولف جو اهو سوال ته ڇا جيڪڏهين شيڪسپيئر جي ڀيڻ هجي ها ته اها اهي سڀ ناٽڪ لکي سگھي ها. سندس جواب ان ڪري نه ۾ ناهي ته منجھس اهڙي قابليت ۽ صلاحيت نه هجي ها پر ان ڪري ته هڪ عورت هئڻ جي حيثيت ۾ سندس واٽ ۾ اهي رنڊڪون هجن ها جيڪي شيڪسپيئر جي واٽ ۾ نه هيون. ساڳي ريت هو عرب، ايران ۽ ترڪي جي مشهور شاعر فاضلي جي باصلاحيت ڀيڻ فيروزه جو ذڪر ڪري ٿي جنهن جي لاء چيو وڃي ٿو ته اها پنهنجي شاعري کي لوڪ آڏو پڌرو نه ڪندي هئي ۽ فاضلي جي گھڻي شاعري دراصل فيروزه جي ئي آهي. ساڳي ريت اوڻهويهين صدي جي آخر جي ترڪ ناول نگار فاطما عاليا لڪل طور پنهنجا ناول لکندي هئي ته جيئن سندس مڙس ۽ خاندان کي ڪنهن شرمندگي کي منهن ڏيڻونه پئي. پر هڪ ڏينهن هن پنهنجو نالو استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ هڪ عورت جي نالي سان پنهنجين تخليقن کي شائع ڪرايائين. 1950 جي ڏهاڪي جي هڪ ترڪ نوجوان ليکڪا يورپي نالي سان پنهنجا ناول شائع ڪرايا. کانئس جڏهين ان جو ڪارڻ پڇيو ويو ته سندس ڇوڻ هو ته ناول ۾ جيئن ته جنس متعلق گھڻو مواد هو ان ڪري هو ان کي پنهنجي نالي سان شائع ڪرڻ نه پئي چاهي. ان سلسلي ۾ وڪٽورين دور جي انگريز ناول نگار ميري اين ايونس هڪ ذڪر جوڳو نالو آهي جنهن جڳ مشهور ناول نگار جارج ايليٽ جي نالي سان شهرت ماڻي. سندس چوڻ هو ته کيس عورتن جي پيار، محبت وغيره جي موضوعن کان نفرت آهي ۽ اها ائين لکڻ ڇاهي ٿي جيئن مڙد لکن ٿا.
ساڳي وقت ليکڪا انهن عورت ليکڪائن جي زندگي جو پڻ جائزو ورتو آهي جن کي پنهنجي شادي شده زندگي ۾ مختلف تجربن ۽ مسئلن مان گذرڻو پيو آهي. سائمن دي بوئير ۽ سارتري جو معاملو ته هڪ آدرشي معاملو هو پر ساڳي وقت سلويا پلاٿ ءَ ٽيڊ هيوز، جيڪي ٻيئي ڄاتل سڃاتل ليکڪ، هڪ ٻئي کي سمجھندڙ ۽ هڪ ئي انداز ۾ سوچيندڙ ۽ لکندڙ هئا، جو معاملو هڪ ٽريجڊي تي ختم ٿئي ٿو. سلويا پلاٿ جيڪا سمجھي ٿي ته ٻار جي پيدائش سندس زندگي ۽ لکڻين ۾ وڏي تبديلي آڻيندي گھڻي عرصي تائين گھر ۾ اڪيلي رهڻ ۽ ادبي ماحول کان ڌار هئڻ کي سهي نه ٿي سگهي. پنهنجي مڙس کان ڌار ٿيڻ ۽ پوء آپگھات ڏانهن وڃڻ سندس مقدر بڻجي ٿو. ساڳي صورتحال زيلدا فٽرزگلد جي باري ۾ به نظر اچي ٿي جيڪا پنهنجي ليکڪ مڙس سان انتهائي خوش گذاريندي ڪجھ معاملن تي اختلافن جو شڪار ٿي وڃي ٿي. ٿلهي ليکي ائين چئي سگھجي ٿو ته مڙد ليکڪن جي ڀيٽ ۾ عورت ليکڪائن جي زندگي مختلف ۽ ڏکي رهي آهي.
ليکڪا پنهنجي متعلق هڪ نهايت دلچسپ مشاهدو ڏنو آهي. جڏهين هڪ ڀيرو هو اهو فيصلو ڪري ٿي ته کيس هاڻي اڪيلو ئي رهڻو آهي ۽ شادي ناهي ڪرڻي ۽ پنهنجو سڄو وقت لکڻ پڙهڻ ۽ لائبريري وغيره ۾ صرف ڪري ٿي ته سندس جسم ۾ عجيب تبديليون رونما ٿين ٿيون. پنهنجي ماهواري ۾ بيقاعدگي ۽ چمڙي وغيره جي خشڪ ٿيڻ جي ڪري هو پنهنجي عورت هئڻ وارين خاصيتن کي وڃائڻ لڳي ٿي. هو پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪري ٿي جيڪو مختلف ٽيسٽن کانپوء کيس ٻڌائي ٿو ته کيس ڪاٻه بيماري ناهي بس سندس دماغ جي جسم تي حاوي ٿيڻ ۽ جسم جو خيال نه ڪرڻ جي ڪري اهي تبديليون ٿيون آهن. پنهنجي زندگي گذارڻ جي انداز کي بدلائڻ سان هو ان ڪيفيت مان نڪري سگھي ٿي. پوء ڊاڪٽر جي ان صلاح تي عمل ڪرڻ سان هو واقعي ان ڪيفيت مان نڪري هڪ معمول جي زندگي ڏانهن اچي وڃي ٿي.
سندس ايوب سان ملاقات استنبول ۾ دوستن جي هڪ گڏجاڻي ۾ ٿي ۽ پوء سندن ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو جيڪو نيٺ سندن شادي تي ختم ٿيو. پهرئين ٻار جي ڄمڻ تي، جڏهين سندس مڙس لازمي فوجي ڊيوٽي تي ويل هو، هو شديد ڊيپريشن جو شڪار ٿي وڃي ٿي جنهن سان لکڻ پڙهڻ سميت سندس زندگي جون سڀ سرگرميون متاثر ٿين ٿيون. هو گھڻو وقت تڪليف ۾ گذاريندي نيٺ پنهنجي همت سان ان مرحلي مان نڪري ٿي ۽ ٻئي ٻار ٿيڻ وقت کيس اهڙي ڪنهن ڪيفيت مان گذرڻو نه ٿو پئي. ان کان پوء هن پنهنجو لکڻ جو ڪم جاري رکيو ۽ ايندڙ سال ناول Forty Rules of Love مڪمل ڪيو. سندس چوڻ آهي ته ماء ٿيڻ جو تجربو هر ليکڪا لاء مختلف آهي ۽ ڪو هڪ فارمولو سڀني تي لاڳو نه ٿو ڪري سگھجي. ساڳي ريت ماء ٿيڻ جي پيچيدگين کي پڻ سمجھڻ جي ضرورت آهي ۽ رڳو اهو چوڻ ڪافي ناهي ته ماء ٿيڻ هڪ پوتر ڪم آهي ۽ رڳو ان تي ئي ڌيان ڏيڻ گھرجي يا اهو ته هڪ اهڙي عورت هجي جيڪا ماء ٿيڻ کانسواء دنيا جا سڀ ڪم ڪري ۽ انهن تي ئي سندس ڌيان هجي.

حوا جون ٽي ڌيئرون

ايلف شفق ترڪي جي هڪ مڃيل ناول نگار آهي. سندس موضوع گھڻي ڀاڱي ترڪي جي سماج سان ئي لاڳاپيل هوندا آهن. جيتوڻيڪ ترڪي يورپ جي وڌيڪ ويجھو آهي پراتي گھڻيون اهڙيون ڳالہيون آهن جيڪي پاڪستان جي سماج ۽ ماڻهن سان پڻ لاڳو ٿين ٿيون. سندس ناول حوا جون ٽي ڌيئرونThree Daughters of Eve ان سلسلي جو هڪ اهم ناول آهي. اهوهڪ لحاظ کان ڄڻ ترڪي جي سماج ۾ جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ان کي دريا کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جيان آهي. هڪ پنج ڄڻن جو خاندان آهي، ٻه زال مڙس، ٻه پٽ ۽ هڪ ڌي. اهي سڀيئي سماج جي مختلف لاڙن جي نمائندگي ڪن ٿا. مڙس سيڪيولر خيالن جو آهي ۽ مذهب کي گھڻي اهميت نه ٿو ڏئي جڏهين ته زال مذهب جي پابند آهي ۽ مڙس جي طور طريقن کي پسند نه ٿي ڪري. وڏو پٽ پنهنجي پي جي ويجھو ۽ کاٻي ڌر جي خيالن جو آهي. هڪ ڏينهن گھر تي ڇاپو پئي ٿو ۽ هو هڪ ننڍي روالور رکڻ جي ڏوه ۾ پڪڙجي پئي ٿو. کيس ايذاء ڏنا وڃن ٿا ۽ پوء اٺ سالن جي قيد اچي وڃي ٿي. ننڍو پٽ پنهنجي ماء جي ويجھو آهي ۽ انتها پسند قومپرست اخبار، جيڪا ترڪي ۾ رهندڙ ترڪن کانسواء ٻين سڀني سان نفرت ڪري ٿي، ۾ نوڪري ڪري ٿو. هو پنهنجي پي سان جھيڙي کانپوء گھر ڇڏي هليو وڃي ٿو.
هن ناول جو مرڪزي ڪردار هن گھر جي ڌي ناز پري آهي. ناز پري جيڪا پنهنجي ماء کان وڌيڪ پنهنجي پي جي ويجھو آهي پر پنهنجن خيالن جي لحاظ کان واضح ناهي. اها نه ته مذهبي خيالن جي آهي ۽ نه ئي غيرمذهبي خيالن جي. بس اها ڪو واضح فيصلو نه ٿي ڪري سگھي. پنهنجي پي جي بيمار هئڻ جي صورت ۾ سندس لاء دعا به ڪري ٿي ۽ ساڳي وقت ساڻس گڏ ويهي شراب به پيئي ٿي. پنهنجو پاڻ ۾ گم رهندڙ، ڪتابن پڙهڻ جي شوقين، تعليم جي لحاظ کان هڪ سٺي شاگردياڻي ۽ پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ ذهين. سندس پي کيس اعلا تعليم لاء آڪسفورڊ موڪلڻ جو فيصلو ڪري ٿو جتي سندس شخصيت ۾ مختلف تبديليون اچن ٿيون.
ناول درحقيقت اتان شروع ٿئي ٿو جڏهين پري پنهنجي ڌي سان هڪ پارٽي ۾ وڃي رهي هجي ٿي ۽ استنبول جي ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي پيئي ٿي. ان دوران ٻه پينو ڇوڪرا سندس پرس کسي وڃن ٿا. انهن ٻارن جي پويان ويندي کيس هڪ رولاڪ سان واسطو پئي ٿو جيڪو انهن ٻارن جو سرپرست هجي ٿو. ان رولاڪ سان جھيڙي ۾ سندس پرس مان هڪ پولورائيڊ تصوير ڪري ٿي جيڪا سندس ڌي کڻي ٿي جيڪا به سندس پويان ئي آئي هئي. اها آڪسفورڊ ۾ ٽن ڇوڪرين ۽ هڪ مڙد جي نڪتل تصوير هجي ٿي. اهو مڙد آڪسفورڊ جو پروفيسر آذر هجي ٿو ۽ ٽي ڇوڪريون پري، شيرين ۽ مونا هجن ٿيون. ٽي مسلمان ڇوڪريون پر سندن پسمنظر ۽ سندن خيال هڪٻئي کان مختلف هجن ٿا. پري، پنهنجن خيالن جي لحاظ کان منجھيل، شيرين، هڪ لامذهب ڇوڪري ۽ مونا حجاٻ پائيندڙ مذهب تي سختي سان عمل ڪندڙ.
پارٽي ۾ هڪ عورت پروفيسر آذر متعلق سوال اٿاري ٿي جيڪو هڪ ڇوڪري سان اسڪينڊل ۾ ملوث هو ۽ پوء کيس آڪسفورڊ مان نيڪالي ڏني ويئي هئي. پري ان بحث کان پاسو ڪرڻ ۽ اها وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته هو اها ڇوڪري نه هئي پر سندس ذهن آڪسفورڊ وارن ڏينهن ڏانهن موٽي وڃي ٿو. ان پارٽي ۾ ملڪ جا وڏا شاهوڪار ماڻهو هجن ٿا جن جا ملڪ جي مسئلن متعلق مختلف خيال هجن ٿا. لبرل ۽ سيڪيولر خيالن جي همراهن ۾ ڇڪتاڻ واضح هجي ٿي. ٻنهي لاء اقتدار ۾ رهڻ ئي پنهنجي مٿڀرائپ کي برقرار رکڻ جو واحد طريقو هو. جيتوڻيڪ ترڪي يورپين يونين جي رڪن ٿيڻ جي دعوا ۽ ڪوشش ڪري ٿو پر سندس طور طريقا ۽ سماجي بيهڪ ساڳي ايشيائي ۽ وچ اوڀروارن جهڙي ئي آهي.
پري آڪسفورڊ جي شروع وارن ڏينهن ۾ گھر کي گھڻو ياد ڪري ٿي پر اهو هڪ بلڪل مختلف ماحول هجي ٿو جنهن ۾ کيس وڌيڪ ذاتي آزادي ملي ٿي. هو اتي پروفيسر آذر جي خدا متعلق سيمينار ۾ شامل ٿئي ٿي جنهن جو پڙهائڻ جو پنهنجو ئي انداز هجي ٿو. هو ساڻس پنهنجن ذاتي مسئلن تي به ڳالھہائي ٿي. درحقيقت هو پروفيسر ۾ هڪ ڇڪ محسوس ڪري ٿي جنهن جي پاڻ پروفيسر کي به ڄاڻ نه ٿي هجي. هو شيرين تي رشڪ ڪري ٿي جنهن جا پروفيسر سان ويجھا ناتا هجن ٿا ۽ ان حوالي سان آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ان جو ڏوه پروفيسر تي مڙهيو وڃي ٿو ۽ ان معاملي جي جاچ لاء هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي ٿي. کيس پڪ هجي ٿي ته پروفيسر جو ان معاملي سان ڪو واسطو ناهي پر آخري لمحي تي هو ڪاميٽي آڏو پيش نه ٿي ٿي سگھي ۽ اهڙي ريت پروفيسر کي نوڪري مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي.
استنبول موٽڻ کانپوء کيس محسوس ٿئي ٿو ته شهر ايترو ڪاسموپوليٽن ناهي رهيو جيترو اڳ هو. سيڪيولر ۽ مذهبي خيالن جي ماڻهن ۾ هڪ ٻئي لاء سهپ ۽ پاڻ ۾ شادين ڪرڻ جو لاڙو گھٽجي ويو هو. اشرافيه جيتوڻيڪ غيرمطمئن ۽ پريشان هئي پر اها ملڪ ۾ ظاهري طور هڪ قسم جي آمريت جي حق ۾ هئي جيڪا ملڪ ۾ استحڪام رکي سگھي. سندس ننڍي ڀاء حڪان جي شادي سندس لاء هڪ حقيقي صدمو هجي ٿي. شادي جي رات هو پنهنجي زال تي الزام هڻي ٿو ته اها ڪنواري نه هئي. ڪنوار جا مائٽ ڇوڪري کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃن ٿا جيڪو سندس ڪنواري هئڻ جي تصديق ڪري ٿو. کيس ڪنهن عورت لاء اهڙي قسم جو ٽيسٽ ڪرائڻ، جيڪو ساڻس به ٿي سگھي پيو، هڪ بيعزتي محسوس ٿئي ٿي. هو سوچي ٿي ته اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته هڪ عورت جي عزت کي سندس ڄنگھن جي وچ ۾ ڏٺو وڃي.
ترڪي جي صورتحال کي ڏسندي هو سوچي ٿي ته هو جيڪڏهين ڪنهن پرڏيهي ۽ ايستائين ته ڪنهن اسڪيمو سان به شادي ڪري ٿي ۽ هو هتي ترڪي ۾ اچي رهي ٿو ته هو مٿڀرائپ وارا اهي ساڳيا طورطريقا سکي ويندو جنهن جا ترڪي جا مڙد عادي آهن.
دراصل اها هڪ اهڙي منجھيل ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي جيڪا ٻن ثقافتن جي وچ ۾ لٽڪيل آهي ۽ ڪو فيصلو نه ٿي ڪري سگھي. اها اسان جهڙن سماجن، جيڪي تبديلي جي عمل مان گذري رهيا آهن، ۾ رهندڙ گھڻن ماڻهن جي ڪهاڻي آهي.

ارون ڊي يالوم جو ناول د شوپنھار ڪيور

آرٿر شوپنهار اوڻهويهين صدي جو هڪ اهم فلسفي آهي. سندس فلسفي ۽ ماڻهو جي نفسياتي تجزئي کانئس پوء ايندڙ نٽشي ۽ فرائڊ کي به متاثر ڪيو آهي. جيڪڏهين اهي کانئس لاڀ حاصل نه ڪن ها ته سندن ڪم ايڏو اثرائتو نه هجي ها. ارون ڊي يالوم سندس ناول The Schopenhauer Cure ۾ مختلف ڪردارن وسيلي سندس زندگي ۽ فلسفي جو جائزو ورتو آهي. پنهنجي دور جي ليکڪن ۽ فلسفين ۾ گھٽ ئي ڄڻن سان سندس پوندي هئي. هيگل کي هو پسند نه ڪندو هو جڏهين ته گوئٽي سندس ڪجھ دوستن مان هڪ هو.
هو ذري گھٽ هڪ واپاري ٿيندي رهجي ويو. سندس پي هڪ وڏو واپاري هو. پر ساڳي وقت پنهنجي زال جوهانا شوپنهارجي معاملي ۾ شڪي مزاج هو. جيتوڻيڪ شوپنهار جي پنهنجي پي جي خواهش جي ابتڙ سندس ڪاروبار ۾ ڪا دلچسپي نه هئي پريورپ جي مختلف ملڪن جي ڇهن مهينن جي گھمڻ جي موٽ ۾ هو ان ڳالھہ لاء راضي ٿيو ته هو پنهنجي پي جي هڪ دوست وٽ ڪاروبار جي سکيا وٺندو. سندس پي هينرچ پنهنجن نفسياتي مسئلن جي ڪري ڪجھ عرصي کانپوء آپگھات ڪري ڇڏي. آپگھات پوئينرن ۾ هڪ ڏوه، افسوس ۽ پڇتاء جي ڪيفيت پيدا ڪندي آهي. ان ساڳي ڪيفيت هيٺ آرٿر پي جي وفات کانپوء به پنهنجي واعدي مطابق سکيا جو مدو پورو ڪيو.
سندس ماءُ جوهانا شوپنهار پنهنجي مڙس جي مرڻ کانپوء پنهنجي ادبي ڪم جي شروعات ڪئي. هو پنهنجي ليکي جرمني جي هڪ وڏي ليکڪا هئي ۽ سندس محفلن ۾ گوئٽي سميت ان وقت جا وڏا ليکڪ شريڪ ٿيندا هئا. سندس لاء چيو وڃي ٿو ته اها ان وقت جرمني جي پهرين عورت ليکڪا هئي جنهن جا پنهنجي اصلوڪي نالي سان ڪتاب شائع ٿيا پر هاڻي هو آرٿر شوپنهار جي ماء جي حيثيت ۾ سڃاتي وڃي ٿي. آرٿر شوپنهار جي زندگي ۾ اها پهرين اهم عورت هئي. ماء ۽ پٽ ۾ هميشه جھيڙو ۽ اختلاف رهندا هئا. هو مٿس الزام مڙهيندو هو ته هو سندس پي جي دولت کي فضول خرچ ڪري ٿي جڏهين ته سندس چوڻ هوندو هو ته هو ادبي محفلن ۾ پنهنجن ادبي دوستن کي رڳو ڪافي جو هڪ ڪپ پياريندي آهي. ان ڪري هو شوپنهار جي پاڻ سان گڏ رهڻ کي پسند نه ڪندي هئي. ڏٺو وڃي ته عورتن جي معاملي ۾ هو گھڻو خوش قسمت نه هو. هن شادي نه ڪئي هئي. هو جنهن عمارت ۾ رهندو هو ان جي هڪ ٻئي فليٽ ۾ رهندڙ هڪ عورت ڪيرولين ماڪيٽ سان سندس جھيڙو ڪافي مشهور آهي جنهن کي هن ڌڪ هنيا هئا ۽ جنهن مٿس عدالت ۾ هرجاني جو ڪيس ڪيو هو. هو گھڻي ڪوشش جي باوجود ڪيس هارائي ويو هو ۽ کيس ان عورت کي رقم ڏيڻي پيئي هئي. منجھس عورتن کي متاثر ڪرڻ ۽ پاڻ ڏانهن متوجھ ڪرڻ جي صلاحيت نه هئي. ان ڪري جڏهين هن ڪاروبار جي سکيا پئي ورتي ته کيس پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي پنهنجي جنسي تسڪين لاء وئشيائن وغيره تي گذارو ڪرڻو پوندو هو. سندس لاء اڪيلائي وڏي نعمت هئي. چيو وڃي ٿو ته جڏهين هو ماني کائڻ لاء هوٽل ۾ ويندو هو ته ٻن ماڻهن جي ماني گھرائيندو هو جيڪا هو پاڻ اڪيلو کائيندو هو. سندس لاء پنهنجي شخصيت ئي سڀڪجھ هئي. هن پنهنجي زندگي اڪيلي ئي گذاري. سندس وفات به ائين ويٺي ويٺي اوچتو ٿي ويئي. چون ٿا ته هن وصيعت ڪئي هئي ته کيس سندس مرڻ کان پنج ڏينهن پوء دفن ڪيو وڃي. اهڙي ريت جڏهين پنج ڏينهن گذرڻ کانپوء کيس دفن ٿي ڪيائون ته لاش ۾ ايتري بدبو هئي جو گھڻن ماڻهن کي نڪ تي رومال رکي تڪڙ ۾ قبرستان مان نڪرڻو پيو.
پئسي جي معاملي ۾ هو ڪنجوسي جي حد تائين محتاط هو. چون ٿا ته جنهن بينڪ ۾ سندس پئسا رکيل هئا ان جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ ان پنهنجن اڪائونٽ هولڊرز کي رڳو هڪ معمولي رقم ڏيڻ ٿي چاهي.هن گھڻي لکپڙه ڪري بينڪ کي عدالت ۾ گھلڻ جي ڌمڪي ڏني. نتيجي ۾ بينڪ پاران کيس وڌ ۾ وڌ رقم واپس ڪئي ويئي جڏهين ته سندس ماء ۽ ڀيڻ، جن جي به رقم ساڳي بينڪ ۾ هئي، کي رڳو معمولي رقم ملي سگھي.
نٽشي، هيگل ۽ ان دور جا ٻيا فلاسفر مختلف يونيورسٽين وغيره سان لاڳاپيل هئا ۽ انهن کي اتان مالي سهائتا ملندي هئي. ان جي موٽ ۾ انهن کي ڪنهن به اهڙي موضوع تي طبع آزمائي وغيره ڪرڻ کان گريز ڪرڻو پوندو هو جيڪو يونيورسٽي ۽ ٻين اختيارن جي پاليسي جي خلاف هجي. ان ڪري اسپنوزا بجائي ڪنهن يونيورسٽي جي اهڙي ڪنهن آڇ کي قبول ڪرڻ جي شيشي جو ڪم ڪري پنهنجو گذر بسر ڪندو هو. جڏهين ته شوپنهار کي پي جي ورثي مان ايترو ڪجھ مليو هو جو ان کي ڪنهن نوڪري وغيره ڪرڻ جي ضرورت نه هئي ۽ هو آزادي سان پنهنجا خيال پيش ڪري سگھيو ٿي. اهڙي ريت هي پهريون فلسفي هو جنهن جنس ۽ جنسي مسئلن تي کليل طور لکيو ۽ ساڳي وقت مذهب جي حوالي سان به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. هو پاڻ ناستڪ هو. هن فرائڊ کان گھڻو اڳ ان خيال کي پيش ڪيو ته جنس هڪ نهايت طاقتور عنصر آهي جيڪو انسان جي تخليقي عمل، فلسفي، آرٽ ۽ ادب جي تخليق ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هو ان ڳالھہ ۾ يقين رکندو هو ته مرڻ کانپوء ماڻهو هڪ ته پنهنجي جينس وسيلي ٻين ماڻهن جي شخصيت جو حصو بڻجي وڃي ٿو ۽ ٻيو ته هوهڪ وڏي ۽ عظيم خيال جو حصو بڻجي ٿو وڃي. ان تي اهو سوال اٿاريو وڃي ٿو ته جيڪڏهين فرد جو شعور ۽ يادگيري ختم ٿي وڃي ٿي ته پوء ٻئي ڪنهن فرد جي شخصيت جو حصو ٿي وڃڻ ۽ ڪنهن خيال جو حصو بڻجڻ ڪا معني نه ٿو رکي. سندس لاء رڳو ننڍپڻ جي عمر ئي هڪ خوشي ۽ آسيس وارو عرصو آهي جڏهين ته باقي زندگي کي هو هڪ سزا ۽ ڀوڳنا ڪري ليکي ٿو. جيڪو ساه ماڻهو کڻي ٿو اهو موت کي پري ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي ته دنيا ۾ خوشي موجود ناهي بس غم ۽ ڏک جي غير موجودگي کي اهو نالو ڏنو وڃي ٿو. زندگي ائين آهي جيئن گلن سان گڏ ڪنڊا هوندا آهن پر ڪنڊن سان گڏ ڪو گل نه هوندو آهي. هو هڪ خيال پرست فلاسفر هو جنهن جو خيال هو ته شين جي پنهنجي ليکي ڪا صورت ۽ حيثيت ناهي بلڪ اهي ماڻهو جا پنهنجا حواس آهن جيڪي ان کي ڏسي ۽ پرکي پنهنجي ذهن ۾ ان جي هڪ صورت ٺاهين ٿا.
کيس ۽ سندس ڪم کي گھڻي عرصي تائين جوڳي مڃتا نه ملي سگھي. سندس ڪتاب ٿوري تعداد ۾ ڇپجندا هئا ۽ انهن کي ٿورا ئي ماڻهو خريد ڪندا ۽ پڙهندا هئا. کيس ان مان ڪا خاص آمدني نه ٿيندي هئي. عمر جي آخري حصي ۾ سندس ڪم کي مڃيو ويو ۽ سندس ڪم جي ساراه ٿيڻ لڳي ۽ سندس ڪتاب وڪامجڻ لڳا.
هن ناول جو مک ڪردار هڪ نفسيات دان ڊاڪٽر جوليس آهي. پنهنجي معمول جي طبي چڪاس دوران کيس خبر پيئي ٿي ته کيس ڪينسر آهي. سندس معالج کيس ٻڌائي ٿو ته وٽس هڪ صحت مند زندگي گذارڻ لاء هڪ سال جو عرصو آهي. هو سوچي ٿو ته ان عرصي کي ڪيئن وڌ ۾ وڌ مثبت نموني استعمال ڪجي. هو اهو ڏسي ٿو ته هو هڪ ڪامياب معالج رهيو آهي ۽ سندس علاج مان گھڻن ماڻهن کي شفا ملي آهي. پر هو اهو ڏسڻ چاهي ٿو ته گھڻا اهڙا ماڻهو آهن جن کي سندس علاج مان ڪو فائدو نه رسيو آهي. هو جڏهين ٿورو غور ويچار ڪري ٿو ته سندس ذهن ۾ فلپ نالي هڪ مريض اچي ٿو جنهن جو مسئلو سندس اڻکٽ جنسي خواهش هئي جنهن جو ڪو انت نه هو. هو هڪ ڊگھي عرصي تائين سندس علاج هيٺ رهيو هو پر کيس ڪو فائدو نه ٿي سگھيو هو ۽ پوء هن پنهنجي ڌار واٽ ورتي هئي. ان ڳالھہ کي گھڻا سال گذري چڪا هئا. ائين به ٿيندو هو ته جيڪڏهين ڪنهن کي فوري فائدو نه ٿو پهچي ته ان جا اثر پوء ظاهر ٿين ٿا. ان ڳالھہ کي گھڻا سال گذري چڪا هئا. هاڻي هن اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي ته فلپ جي هن وقت ڇا صورتحال هئي. پنهنجي ريڪارڊ مان سندس فون نمبر هٿ ڪري هو کيس چئي ٿو ته هو ساڻس ملڻ چاهي ٿو. فلپ کيس پنهنجي آفيس ۾ گھرائي ٿو. هو کيس ٻڌائي ٿو ته سندس علاج مان کيس ڪو به فائدو نه پهتو. کيس فلسفي پڙهڻ جو شوق هو ۽ هن پنهنجي ذهن کي جنس کان پري رکڻ لاء فلسفي کي پڙهڻ شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ آرٿر شوپنهار سندس لاء گھڻو مددگار ثابت ٿيو آهي. جوليس سوچي ٿو ته اهو شوپنهار ڪير آهي، ڇا هي ڪو نفسيات دان آهي. فلپ ان ڳالھہ جي وڌيڪ وضاحت لاء کيس پنهنجي يونيورسٽي، جتي هو پڙهائي ٿو، ۾ هڪ ليڪچر ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏئي ٿو.
ان ليڪچر ۾ هو ناول جي هڪ ڪردار جي حوالي سان شوپنهار جو موت متعلق فلسفو سمجھائي ٿو ته ان کي سمجھڻ سان موت کي قبول ڪرڻ ڪيتري قدر نه آسان ٿي ٿو وڃي. هن ليڪچر ۾ شاگردن وغيره جي دلچسپي گھٽ هجي ٿي ۽ آخر ۾ هال ۾ سندس ليڪچر ٻڌنڌڙن مان رڳو ڊاڪٽر جوليس رهجي وڃي ٿو. فلپ سندس پڇڻ تي کيس ٻڌائي ٿو ته هن جيئن ته کيس بيماري متعلق ٻڌايو هو ان ڪري هن اهو ليڪچر خاص سندس لاء ڪيو هو. فلپ کيس اهو به ٻڌائي ٿو ته هو مختلف ماڻهن کي سندن نفسياتي مسئلن متعلق صلاحون ۽ مشورا ڏيندو آهي. ڊاڪٽر سوچي ٿو ته فلپ جهڙوِ آدم بيزار ۽ اڪيلائي پسند شخص ڪيئن سائيڪو ٿراپي ۾ ڪامياب وڃي سگھي ٿو. پنهنجي ڳالھہ ٻوله ۾ هو کيس قائل ڪري ٿو ته هو سندس گروپ ٿراپي، جنهن ۾ مختلف ماڻهو شريڪ ٿين ٿا، ۾ شامل ٿئي ته جيئن خاص طور سندس ماڻهن سان ميل جول ۾ سڌارو اچي جيڪا ڳالھہ سندس پيشي لاء ضروري هئي.
هن گروپ ۾ مختلف مزاج ۽ پسمنظر جا ماڻهو هجن ٿا. هر ڪنهن جا پنهنجا مسئلا هجن ٿا. انهن جي ٿراپي ۽ علاج اهو هجي ٿو ته هرڪو پنهنجن مسئلن جي اپٽار ڪري ٿو ۽ بيا ان تي بحث ڪري پنهنجا رايا ڏين ٿا ۽ حل تجويز ڪن ٿا. ڪڏهين ڪڏهين اهي شريڪ ٿيندڙ پاڻ ۾ اٽڪي به پون ٿا پر منجھن هڪ هم آهنگي پيدا ٿئي ٿي. ڊاڪٽر جوليس جو ڪم ان سڄي بحث جي سمت مقرر ڪرڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ هجي ٿو.
هن گروپ جي هڪ اهم رڪن انگريزي جي پروفيسر پم هجي ٿي. هڪ ته پنهنجي مڙس سان سندس طلاق ٿيڻي هجي ٿي جڏهين ته سندس دوست به ساڻس شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو. هو سمجھي ٿي ته گروپ ٿراپي سندس نفسياتي مسئلن کي حل نه ڪري سگھي آهي. سندس هڪ شاگرد کيس ڀارت جي هڪ گرو ۽ آشرم جو ڏس ڏئي ٿي جتان ان کي گھڻو فائدو حاصل ٿيو هو. هو اوڏانهن اسهي ٿي. ٽرين ۾ کيس وجي نالي هڪ نوجوان ملي ٿو جيڪو پڻ اوڏانهن پئي ويو. هو کيس آشرم ۽ ان جي طور طريقن متعلق ٻڌائي ٿو ۽ اهو پڻ چئي ٿو ته ضروري ناهي ته واپسي ۾ به اسان گڏ هجون. آشرم ۾ جيتوڻيڪ ساڻس خاص ورتاء ڪيو وڃي ٿو پر کيس اتان جي نيم ۽ اصولن تي عمل ڪرڻو پئي ٿو جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ کاڌو، ننڊ ۽ ان تپسيا جي ڏهن ڏينهن ۾ چپ رهڻ هجي ٿو. هو پنهنجو اهو مدو ته پورو ڪري ٿي پر ساڳي وقت اهو به سوچي ٿي ته جيڪڏهين دنيا جا سڀ وڏا ماڻهو انهن تي عمل ڪن ها ۽ پاڻ کي دنيا جهان ۽ ماڻهن کان ڪٽي ڇڏين ها ته ڇا انسان مختلف شعبن ۾ جيڪا ترقي ڪئي آهي اها ممڪن هجي ها. هو ان نتيجي تي پهچي ٿي ته ٻڌ مت ۽ جين مت وغيره جيڪي ان طريقه ڪار جي وڪالت ڪن ٿا اهي ڀارت جي ان دور جي پيداوار هئا جڏهين هتي ڏڪر هو ۽ ماڻهن وٽ کائڻ لاء نه هوندو هو. ان صورتحال ۾ اهي مذهب ۽ فلسفا کين بکون ڪاٽڻ ۽ قناعت جي تلقين ڪندا هئا.
پم ڪنهن دور ۾ فلپ جي شاگردياڻي رهي هئي. فلپ ساڻس جنسي فعل ڪري کيس ڇڏي ڏنو هو جيئن هو ٻين سان ڪندو هو. پم جڏهين ڀارت مان موٽي ٿي ته هو گروپ ۾ فلپ کي ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿي پر فلپ ان تي ڪو ردعمل ظاهر نه ٿو ڪري. اهو سلسلو هلندو رهي ٿو ۽ نيٺ ٻنهي کي هڪ ٻئي جي سمجھ اچي وڃي ٿي. ان گروپ جو سال جو عرصو پورو ٿئي ٿو ۽ ڊاڪٽر جوليس جي طبيعت به خراب ٿئي ٿي ۽ سندس انتقال ٿي وڃي ٿو.
ائين چئجي ته مناسب ٿيندو ته ليکڪ آرٿر شوپنهار جي فلسفي ۽ زندگي کي ناول وسيلي سولي نموني سمجھايو آهي جيئن هن نٽشي ۽ اسپنوزا جي سلسلي ۾ به سندس ناولن ۾ ڪيو آهي.

نتشي جو سپرمين ۽ سندس ڏک

اوڻهين ۽ ويهين صدي ۾ جرمن فلاسافي ۾ وڏا نالا سامهون آيا آهن جن اڳتي هلي سڄي دنيا جي سوچ فڪر، معيشت ۽ سياست تي گهرا اثر وڌا آهن. انهن ۾ فريڊرڪ نتشي هڪ اهم ترين نالو آهي جنهن جي سپر مين جي تصور کي هٽلر ٻين مهاڀاري جنگ واري دور ۾ پنهنجن مقصدن لاء استعمال ڪيو. ارون ڊي يالوم هڪ نفسيات دان ۽ ليکڪ آهي. هو پنهجين پيشه ورانه لکڻين کانسواء پپنهنجن ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ پڻ فلسفي ۽ نفسيات جو استعمال ڪندو آهي. هو پنهنجي ناول When Nietzsche Wept جو پسمنظر ٻڌائيندي چئي ٿو ته نتشي جو سپر مين ماڻهو کان ٻاهر جي ڪا شي نه هو. دراصل ان وقت ڊارون جي ارتقاء جي نظرئي مذهبن لاء هڪ بحراني صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ ماڻهو جي لاء زندگي جي نين قدرن جي ڳولها جو ڪم ضروري ٿي پيو هو. سچ جي ڳولها ۽ ماڻهو جو پنهنجو پاڻ ٿيڻ نتشي جي فلسفي جا موضوع هئا ۽ اهو ئي ماڻهو جي سپر مين ٿيڻ واري منزل ڏانهن وڃڻ هو. دراصل ڳالھہ اها هئي ته نتشي سڄي عمر بيماري ۾ گذاري هئي. ذهني طور تي سندس موت 1889 ۾ ٿي چڪي هئي، جڏهين هو ڪنهن ذهني ڪم ڪرڻ جي لائق نه رهيو هو ۽ جسماني طرح سن 1900 ۾ هن دنيا کي الوداع ڪيو.
وفات کانپوء سندس ڀيڻ ايلزبيٿ پيراگوائي مان واپس اچي سندس سچي ڪم کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو هو. ايلزبيٿ جيتوڻيڪ نتشي جي ڪم کي دنيا آڏو آڻڻ ۾ هڪ ڪردار ادا ڪيو آهي پر هو شروع کان ئي هڪ يهودي دشمن عورت هئي ۽ هن نتشي جي ڪم کي به پنهنجي ان مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاء استعمال ڪيو. پر نتشي پاڻ نه رڳو يهودي دشمن نه هو پر اهڙن ماڻهن کان سخت نفرت ڪندو هو. نتشي پنهنجي جرمن شهريت تان هٿ کنيو هو ۽ گھڻو عرصو اٽلي ۽ سوئٽزر لينڊ جي مختلف شهرن ۾ گذاريو هو پر هن انهن ملڪن جي شهريت به حاصل نه ڪئي هئي. بهرحال نتشي کي نازين پاران پنهنجن مقصدن لاء استعمال ڪيو ويو ۽ ان جي عيوض ايلزبيٿ کي هٽلر پاران گھڻي پزيرائي ۽ انعام مليا.
ليکڪ ان ناول ۾ نفسياتي علم ۽ نفسياتي علاج جي حوالي سان اوڻويهين صدي جي اهم ترين دور جو جائزو ورتو آهي جڏهين آسٽريا جي شهر ويانا ۾ نتشي، نفسياتي علاج جي بانين مان هڪ ڊاڪٽر جوزف بروير ۽ نفسيات جو نوجوان شاگرد سگمنڊ فرائڊ هڪ جاء تي گڏ ٿين ٿا ۽ مختلف مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا. هي ناول حقيقي ۽ خيالي ڳالھين تي ٻڌل آهي. فرائڊ جي حوالي سان ليکڪ جو چوڻ آهي ته ممڪن آهي ته فرائڊ سان نتشي جي ملاقات نه ٿي هجي پر اهو ممڪن ناهي ته فرائڊ نفسياتي علاج جي حوالي سان سندس خيالن کان متاثر نه ٿيو هوندو. جيتوڻيڪ فرائڊ لاڳيتو اهو چوندو رهيو ته هن نتشي کي نه پڙهيو هو. سندس مقصد اهو هو ته نفسياتي علاج جي باني جو اعزاز وٽس ئي هجي ۽ ائين نه ٿئي ته سندس لاء چيو وڃي ته هو نتشي کان متاثر هو. فرائڊ چوندو هو ته آئنسٽائن لاء نيوٽن جهڙا پيشرو موجود هئا پر کيس پنهنجو دڳ پاڻ ٺاهڻو پيو. بهرحال نتشي جي حوالي سان اها هڪ وڏي بدقسمتي آهي ته نفسياتي علاج جي حوالي سان کيس ڪا خاص اهميت نه ڏني ويئي.
اهو سڄي يورپ ۾ يهودين خلاف سخت نفرت جو دورهو ۽ انهن سان هر معاملي ۽ شعبي ۾ امتيازي ورتاء ڪيو ويندو هو. اها ساڳي ڳالھہ ڊاڪٽر جوزف بروير ۽ سگمنڊ فرائڊ سان به هجي ٿي جن کي رڳو يهودي هئڻ ڪري گھڻن عهدن ۽ مراعاتن کان محروم ڪيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر جوزف بروير ويانا جي اهم ۽ قابل ڊاڪٽرن مان هو. سرڪار جي مڃتا ۽ تحقيق جي سهولتن نه ملڻ جي ڪري هو پنهنجي خانگي پرئڪٽس ڪندو هو ۽ گھر ۾ ليبارٽري وغيره قائم ڪري پنهنجي تحقيق جو ڪم ڪندو هو. هڪ ڀيري جڏهين هو اٽلي جي شهر وينس ۾ پنهنجي زال سان موڪلون ملهائي رهيو هو ته ساڻس هڪ روسي نوجوان عورت اوم سلوم ملاقات ڪري ٿي. هو ان عورت جي سونهن، بيباڪي ۽ اعتماد مان متاثر ٿئي ٿو. هو عورت کيس ٻڌائي ٿي ته سندس شهرت ٻڌي هتي وينس ۾ ساڻس ان ڪري ملاقات ڪرڻ آئي آهي ته معاملو نهايت اهم ۽ فوري نوعيت جو آهيِ ۽ جرمن فلسفي جو آئيندو خطري ۾ آهي. هو کيس ٻڌائي ٿي ته هو نتشي جي دوست آهي. سندس دوست پال ري، نتشي ۽ هو پاڻ ۾ دوست هجن ٿا. شروع ۾ نتشي منجھس دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ کيس شادي جي آڇ به ڪئي جنهن کي هن پوء واپس ورتو جڏهين ته هو پاڻ به شادي وغيره جي معاملي ۾ دلچيسپي نه ٿي رکي ۽ هڪ آزاد زندگي گذارڻ چاهي ٿي.
هو ڊاڪٽر کي ٻڌائي ٿي ته نتشي کي ساه جي بيماري آهي ۽ ايستائين هو يورپ جي لڳ ڀڳ چوويه ڊاڪٽرن جي علاج هيٺ رهيو آهي پر کيس ڪٿان به فرق نه پيو آهي. هن وقت هو ٻئي ڪنهن به ڊاڪٽر وٽ وڃڻ نه ٿو چاهي. هو تمام گھڻو مايوس آهي ۽ آپگھات متعلق سوچي رهيو آهي. اوهان ان کي علاج لاء قائل ڪيو پر کيس اها خبر نه پوڻ گھرجي ته ڪو ان سلسلي ۾ مون اوهان سان رابطو ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته هو هاڻي مون کي پسند نه ٿو ڪري ۽ مون سان سندس ڪو سڌو لاڳاپو به ناهي.
نتشي ان وقت سوئٽزرلينڊ جي شهر باسل ۾ رهي رهيو هو. هو هتان جي يونيورسٽي ۾ پڙهائيندو هو پر بيماري جي ڪري کيس اها نوڪري ڇڏڻي پئي هئي. اوم سلوم اڻ سڌي ريت نتشي جي دوستن کي کيس علاج ۽ ويانا ۾ ڊاڪٽر بروير سان ملڻ لاء راضي ڪرڻ لاء چئي ٿي. انهن جي اصرار تي نتشي نيٺ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر بروير جي ڪلينڪ ۾ اچي پهچي ٿو. ساڻس ڳالھہ ٻوله ڪندي ڊاڪٽر کي محسوس ٿئي ٿو ته سندس مريض گھٽ ڳالھہائڻ وارو ماڻهو آهي ۽ جلد پنهنجو انت ڪنهن کي نه ڏيندو آهي. ڊاڪٽر ان سلسلي ۾ پنهنجي دوست سگمنڊ فرائڊ ۽ هڪ ٻئي ڊاڪٽر دوست سان صلاح ڪري ٿو ۽ مختلف طريقا ۽ تدبيرون استعمال ڪري ٿو پر ان جو ڪو کڙتيل نه ٿو ڪري. ڊاڪٽر کيس مهينو کن اسپتال ۾ داخل ٿيڻ لاء چئي ٿو ته جيئن سندس مڪمل علاج ٿي سگھي. جڏهين نتشي معاشي تنگدستي ڪري ان لاء راضي نه ٿو ٿئي ته ڊاڪٽر کيس علاج جو سڄو خرچ پاڻ کڻڻ جي آڇ ڪري ٿو.
ڊاڪٽر کي ان وقت جڏهين نتشي کانئس ناراض ٿي باسل واپس وڃڻ لاء ويانا جي هڪ گيسٽ هائوس ۾ ترسيل هجي ٿو ته هڪ ڀيري اڌ رات جو گيسٽ ھائوس جو مالڪ سندس گھر تي اچي کيس ٻڌائي ٿو ته نتشي جي طبيعت سخت خراب آهي. هو جڏهين اتي پهچي ٿو ته بيهوشي جي ڪيفيت ۾ سندس وات مان منهنجي مدد ڪيو، منهنجي واهر ڪيو جا اکر نڪرن ٿا. ان سان هو سمجھي ٿو ته هي شخص ظاهري طور جيترو خشڪ ۽ لاتعلق نظر اچي ٿو سندس اندر ايترو ئي ڏکويل ۽ اڪيلو آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر کيس آڇ ڪري ٿو ته هو سندس جسماني مرض جو علاج ڪندو جڏهين ته نتشي سندس ذهني مونجھارن جو علاج ڪري. ليکڪ نتشي کي هڪ نفسياتي علاج جي ماهر طور پڻ پيش ڪيو آهي جيڪو ساڳي وقت ڳالھہ ٻوله ذريعي پنهنجي معالج ڊاڪٽر بروير جي ذهني مونجھارن جو پڻ علاج ڪري ٿو. ڊاڪٽر هڪ پاسي پنهنجي زال ۽ پنهنجي گھر مان غيرمطمئن هجي ٿو ته ٻئي پاسي هو پنهنجي هڪ مريضه جي عشق ۾ ورتل هجي ٿو. دراصل هن جو مقصد پاڻ کي هڪ مريض طور پيش ڪري نتشي کي پنهنجي اندر اورڻ ۽ ڳالھہائڻ تي آماده ڪرڻ هو. پر کيس محسوس ٿئي ٿو ته نتشي جي صلاحن ۽ ڳالھائڻ سان کيس فائدو ٿي رهيو هو ۽ هو نيٺ ان طرح سان صحتياب ٿي وڃي ٿو.
نتشي ڊاڪٽر بروير جو علاج ڪندي پنهنجو اندر به اوري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته سندس پي ننڍي هوندي گذاري ويو هو ۽ گھر ۾ رڳو ٽي عورتون، سندس ماء، ڀيڻ ۽ ڏاڏي هونديون هيون جن سان هو گھڻو ويجھو نه هوندو هو ۽ نه ئي انهن کي پسند ڪندو هو. سندس عورت سان نفرت ڪرڻ جو اهو هڪ اهم ڪارڻ هو. ساڳي وقت هن جيتوڻيڪ اوم سلوم سان ظاهري طور نفرت جو اظهار ڪيو ٿي پر اندر ۾ ان لاء چاهت موجود هئي جيئن ڊاڪٽر بروير جي پنهنجي مريضه برٿا لاء هئي. هو ٻڌائي ٿو ته سندس ڪو اهڙو دوست ناهي جنهن سان هو پنهنجو اندر اوري سگھي.
ڊاڪٽر بروير کيس ٻڌائي ٿو ته هو سندس علاج سان مڪمل صحتياب ٿي چڪو هو ۽ گھڻن مونجھارن مان آجو ٿي چڪو هو. هو کيس چئي ٿو ته پاڻ ٻنهي جو ڪم ته ٿي چڪو آهي پر هو هاڻي منهنجي گھر ۾ منهنجي مهمان طور رهي سگھي ٿو جتي کيس لکڻ پڙهڻ جي هر سهولت ميسر هوندي. پر نتشي ان کان انڪار ڪري ٿو ۽ اتان اٽلي لاء روانو ٿي وڃي ٿو.
ليکڪ اهو ٻڌايو آهي ته نفسيات دان مريض سان ڳالھائڻ ۾ رڳو ان جو علاج نه ڪندا آهن پر گڏوگڏ پنهنجن مونجھارن کي به دور ڪندا آهن. ڳالھہ ٻولھه ذريعي اهو علاج مريض ۽ معالج ٻنهي لاء فائديمند ثابت ٿيندو آهي.


سپنن جو سرجڻهار: هڪ اتساهيندڙ ڪٿا

ڊاڪٽر شيرشاه سيد هونئن پيشي جي لحاظ کان ته طب جي شعبي سان لاڳاپيل هڪ گائناڪولوجسٽ يعني عورتن جي بيمارين جو ڊاڪٽر آهي پر هو ان کانسواء پنهنجين ٻين گھڻين خاصيتن جي ڪري پڻ سڃاتو وڃي ٿو. هو هڪ ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ پي ايم اي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل سان لاڳاپيل هڪ سرگرم سماجي ڪارڪن پڻ رهيو آهي. اين ايس ايف سان سندس وابستگي سندس شاگردي واري دور جي ڳالھہ آهي. منهنجي ساڻس واقفيت گھڻو اڳ اسلم خواجه جي حوالي سان ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ڪوئيٽا کان سبي تائين ڪڍيل هڪ سائيڪل ريلي جي موقعي تي ٿي هئي جنهن ۾ ڪراچي جي گھڻن ڊاڪٽرن سان گڏ آئون، ڊاڪٽر شمس سومرو ۽ اسلم خواجه به شامل هئاسين. جيتوڻيڪ پنهنجي پيشي جي لحاظ کان سندس مهارت کان ڪنهن کي انڪار ڪونهي پر پنهنجي ورتاء ۽ ملڻ ڪرڻ ۾ هو ڪڏهين اهو ڏيک نه ڏيندو ته هو ڪو معتبر ۽ ايڏين خوبين وارو ماڻهو آهي. ڊاڪٽر اديب رضوي جيان اهي شهر جا اهڙا خاموش ڪارڪن آهن جن کي پئسي ميڙڻ ۽ شهرت حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ رنگ، نسل، ٻولي ۽ عقيدي جي فرق کانسواء ماڻهن جي خدمت ڪرڻ سان دلچسپي رهي آهي. هو اڙدو بازار جي ويجھو سوڀراج ۽ پوء اورنگي جي قطر اسپتال ۾ سرڪاري نوڪري ۾ هوندي اهو ساڳيو ڪم ڪندو رهيو آهي جڏهين ته سندس خاندان پاران ملير ۾ نيشنل هائي وي جي ويجھو ڪوهي ڳوٺ ۾ هڪ اسپتال قائم ڪيو ويو آهي جتي خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڳوٺاڻن علائقن جي عورتن جي بيمارين جو علاج ڪيو وڃي ٿو.
منهنجي آڏو هن وقت سندس حميراشتياق سان گڏجي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب VISION جو اسلم خواجه جو ڪيل سنڌي ترجمو سپنن جو سرجڻهار آهي. ان متعلق شير شاه لکي ٿو ته امان عطيه ظفر جا انيڪ مريض ۽ سندن ڪٽنب ڀاتي سنڌي ڳالھائيندڙ آهن، ڇاڪاڻ جو هو ملير جي انهن علائقن ۾ ڪم ڪندي رهي جتي سنڌي ۽ بلوچي ڳالھائيندڙ ٿانيڪو آهن. جڏهين انگريزي ڪتاب جي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ رونمائي ٿي ته امان جي انيڪ مريضن ۽ منهنجن تمام گھڻن سنڌي دوستن رابطو ڪري چيو ته جيتوڻيڪ هنن ڪتاب ته پڙهي ورتو آهي پر جيڪر ان جو سنڌي ۾ ترجمو ٿئي ته ڏاڍو ڀلو ڪم ٿي ويندو.
هن ڪتاب کي هونئن شير شاه جي پنهنجي ڪٿا به ليکي سگھجي پيو پر دراصل اها سندس خاندان جي ڪٿا آهي ۽ خاص طور تي پنهنجي پي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي جنهن پنهنجي زال سميت پنهنجن سڀني گھرڀاتين وغيره جي تعليم لاء غيرمعمولي جاکوڙ ڪئي. بهار جي علائقي ديسينا سان تعلق رکندڙ اهو خاندان شروع کان ئي سياست سان لاڳاپيل رهيو آهي. سندس جد امجد مير ڀوجا انگريزن خلاف 1857 جي آزادي جي جنگ جو اهم ڪردار هو جنهن کي جاسوسن جي مدد سان گرفتار ڪري اذيتون ڏيئي ۽ پوء ٽياس تي ٽنگيو ويو ۽ سندس سموري جائداد کي ضبط ڪيو ويو.
آزادي کان اڳ شيرشاه جو ڏاڏو مسلم ليگ سان لاڳاپيل هو جڏهين ته سندس پي ابو ظفر ڪانگريس جو ڪارڪن هو. کيس شروع کان ئي مختلف شين ڪرڻ جي عادت هوندي هئي. ڳوٺ ۾ سڀ کان اڳ ريڊيو هن متعاف ڪرايو جنهن کي گھڻا مذهبي ماڻهو ان وقت بدعت قرار ڏيندا هئا. هو ڪانگريس ۾ سڀاش چندر بوس کان متاثر هو ۽ ورهاڱي کان اڳ پٽنا ميونسپالٽي جو نائب ميئر پڻ رهي چڪو هو.
ورهاڱي کان اڳ بهار ۾ ٿيل فرقيوارانا فسادن جي ڪري گھڻا مسلم خاندان لڏي اچي ڪراچي جي لياري جي علائقي ۾ رهيا هئا. اهو علائقو آتما رام پريتم داس روڊ، جيڪو هاڻي شاه لطيف روڊ سڏجي ٿو، جي پڇاڙي ۾ لياري نئين سان لڳ آهي ۽ ان حوالي سان ان وقت کان ئي بهار ڪالوني سڏجي ٿو. ابو ظفر جي خاندان به پاڪستان اچڻ کان پوء رهڻ لاء ان علائقي جي ئي چونڊ ڪئي. هڪ لحاظ کان اهو جهڙو اسان جو ئي پاڙو هو. ڇاڪاڻ ته روڊ جي ٻئي پاسي حاجي محمد اسماعيل روڊ تي اسان جو گھر هو. ابو ظفر پاڪستان ۾ پاڻ کي سياست کان پاسيرو رکي سڄو ڌيان تعليم تي ڏنو. علائقي ۾ هن هڪ اسڪول قائم ڪيو جنهن جو بنيادي مقصد لڏي آيل خاندانن جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ هو.
شير شاه جو چوڻ آهي ته گھر جا اٽڪل سڀ اهم معاملا سندس پي جي چوڻ موجب هلندا هئا. ان وقت سندس ماء کي رڳو قرآن پڙهڻ ايندو هو ۽ هو ٻي ڪا تعليم حاصل نه ڪري سگھي هئي. سندس پي کيس وڌيڪ تعليم حاصل لاء اتساهيو. نه رڳو هو کيس پاڻ گھر ۾ پڙهائيندو هو پر هن ان جي لاء استادن جو بندوبست ڪيو جيڪي کيس مختلف شعبن جي تعليم ڏيندا هئا. ان وقت عطيا ظفر چئن ٻارن جي ماء هئي ۽ خاندان جي مختلف فردن پاران ان مرحلي تي سندس تعليم جي مخالفت به ڪئي ويئي پر ابو ظفر ان کي گھڻي اهميت نه ڏني.
ابو ظفر متعلق هڪ دلچسپ ڳالھہ اها آهي ته هو چاهيندو هو ته سندس زال ڊاڪٽر بڻجي. ان لاء نه رڳو هن ڪراچي ۾ سندس لاء تعليم جو بندوبست ڪيو پر ان کي اوڀر بنگال جي شهر چٽاگانگ به موڪليو. اها ڪيتري نه دلچسپ ڳالھه هوندي ته هڪ وقت ماءُ ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۾ آخري سال جي شاگردياڻي هئي جڏهين ته سندس وڏو پٽ ٽيپو سلطان ساڳئي ڪاليج ۾ پهرئين سال جو شاگرد هو ۽ ماءُ جون ساهيڙيون کيس ان ڳالھہ تي چيڙائينديون هيون. ابو ظفر جي اها خواهش هئي ته سندس سڀ ڌيئرون، پٽ، ننهون ۽ ناٺي ڊاڪٽر هجن. هن ان ڳالھہ تي عمل به ڪيو.ِ شيرشاه هن ڪتاب ۾ ٻڌائي ٿو ته هن وقت سندن خاندان ۾ ڪل ٻائيتاليھه ڊاڪٽر آهن. ممڪن آهي ته ڪتاب لکجڻ کان هيستائين ان ۾ اڃا واڌارو ٿيو هجي.
اهو خاندان لياري مان لڏي ملير ۾ اچي رهيو هو. هن وقت نيشنل هائي وي تي ڪالا بورڊ وٽ عطيه ظفر جي نالي سان عطيه هاسپيٽل آهي. ڪراچي ۾ هنگامن هلندي هڪ ڀيري سندس ڀاء سراج کي ڪنهن سياسي تنظيم سان لاڳاپيل همراه پنهنجن ڦٽيل همراهن جي علاج لاء اغواء ڪري کڻي ويا. پوء جڏهين کين اها خبر پيئي ته هو انيسٿيسيا يا آپريشن کان اڳ بيهوش ڪرڻ وارو ڊاڪٽر آهي ته کيس واپس ڇڏي ويا. ان کان پوء سندن پي چيو ته هائي وي تي رهڻ جوکم جو ڪم هو ۽ اسان کي هتان منتقل ٿيڻ گھرجي. اهڙي ريت سندن اسپتالون وغيره ته ان علائقي ۾ ئي آهن پر انهن پنهنجي رهائش هتان منتقل ڪري ڇڏي.
شيرشاه رڳو سرسري طور اين ايس ايف سان پنهنجن لاڳاپن ۽ سياسي سرگرمين وغيره جو ذڪر ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ کيس ملڪ ٻه ڇڏڻو پيو هو. اهو شايد ان ڪري به آهي ته اها شيرشاه جي پنهنجي نه پر سندس خاندان ۽ خاص طور تي ماء پي جي ڪٿا آهي. اهڙن ماڻهن جي ڪٿا جن ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. اهو ڪتاب گھڻن ماڻهن لاء اتساه جو باعث ٿي سگھي ٿو.
اسلم خواجه هن ڪتاب کي سنڌي روپ پهرايو آهي ۽ پڙهندي اهو محسوس نه ٿو ٿئي ته اهو واقعي ترجمو آهي. هڪ سٺي ڪتاب جو سٺو ترجمو سنڌي ادب ۾ هڪ بهتر واڌارو آهي.

شيعه سياست جو اڀار

مذهبي لحاظ کان اسلام ۾ شيعه سني تضاد اموي دور کان اڄ تائين هلندو آيو آهي. جيتوڻيڪ ايران ۾ سورهين صدي ۾ صفوي دور ۾ شيعه عقيدي جي واڌ ويجھ لاء ڪوششون ورتيون ويون هيون ۽ ساڳي ريت مصر ۾ شيعن جي هڪ فرقي فاطمين جي هڪ چڱي عرصي تائين حڪومت رهي هئي پر سياسي لحاظ کان اهوڪڏهين به مسلم دنيا جو هڪ حاوي عقيدو نه بڻجي سگھيو ۽ مختلف ملڪن ۽ دورن ۾ ان جا مڃيندڙ عتاب ۾ ئي رهيا. مذهبي لحاظ کان کين ڀٽڪيل ۽ سياسي لحاظ کان غدار ۽ ففٿ ڪالمسٽ ڪري ليکيو ويندو رهيوآهي جيڪي مسلمانن جي خلاف سازشن ۾ هميشه دشمن سان گڏ هوندا آهن. ان سلسلي ۾ منگولن جي بغداد تي حملي ۽ ان کي تاراج ڪرڻ وقت آخري عباسي خليفي جو شيعه وزير ابن ال القامي، جنهن منگولن جي مدد ڪئي هئي، هڪ مثال بڻجي ويو آهي ۽ ساڳئي حوالي کي موجوده دور ۾ سنين پاران آمريڪا جي عراق تي حملي ۽ صدام جي تختي اونڌي ڪرڻ ۾ شيعن جي اتحادي فوجن سان سهڪار لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ايراني آمريڪي سفارتڪار ولي نصر پنهنجي ڪتاب دي شيعه ريوائول The Shia Revival ۾ تاريخي پس منظر ۾ ان سڄي صورتحال جو جائزو ورتو آهي. سندس چوڻ آهي ته ان روئي جي ڪري شيعن کي سني حڪمرانن پاران هميشه شڪ جي نگاه سان ڏٺو ويو آهي ۽ ساڻن سياسي ۽ معاشي لحاظ کان امتيازي سلوڪ روا رکيوويوآهي. کين حڪومتي عهدن ۽ سرڪاري نوڪرين وغيره کان پڻ پري رکيو ويوآهي. سندن لاء معاشي موقعا هميشه محدود رهيا آهن ۽ غريبن جي آبادي ۾ گھڻائي سندن هوندي آهي. پنهنجي ان ڏتڙيل حالت جي ڪري اهي مظلوم طبقن ۽ کاٻي ڌر جي سياست ڏانهن وڌيڪ مائل هوندا آهن. ان ڪري ئي عراق جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ سندن اهم ڪردار رهيو آهي ۽ ان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ وڏو تعداد شيعن جو رهيو آهي.
دنيا ۾ ايستائين مسلم حڪومت جو مطلب ئي سني حڪومت رهيوآهي. ايران ۾ خميني جي اڳواڻي ۾ مذهبي عالمن جي انقلاب تي راتاهي ۽ اقتدار تي قبضي ان سلسلي ۾ هڪ متبادل کي جنم ڏنو. خميني پاڻ کي هڪ شيعه اڳواڻ طور پيش ڪرڻ جي بجائي مسلم دنيا جي اڳواڻ طور سامهون آندو ۽ هڪ پاسي فلسطين وغيره جهڙن مسلم دنيا سان لاڳاپيل اهم مسئلن کي کنيو ۽ ٻئي پاسي مسلم ملڪن جي عوامي جذبن کي سامهون رکندي آمريڪا کي وڏو شيطان قرار ڏيئي ان سان ٽڪراء ۾ آيو. خميني پاران دنيا جي مختلف مسلم ملڪن جي حڪومتن کي چئلنج ڪندي مسلم دنيا جي اڳواڻي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان سان پاڪستان جهڙن ملڪن ۾، جتي شيعن جي آبادي ڪل آبادي جو اٽڪل ويه سيڪڙو آهي، شيعن کي هڪ اتساه مليو ته اهي پنهنجن سياسي حقن ۽ جائز سياسي ڪردار لاء گھر ڪن ۽ ان لاء جدوجهد ڪن. جرنل ضياءالحق پاران جڏهين ملڪ ۾ زڪوات وغيره جهڙن اسلامي قانونن کي لاڳو ڪيو ويو ته شيعن پاران وڏي تعداد ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي گھر ڪئي ويئي ته کين سندن فقي مظابق هلڻ ڏنو وڃي ۽ مٿن اهي قانون لاڳو نه ڪيا وڃن. حڪومت کي ان ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاء سندن گھرن کي مڃڻو پيو. چيو وڃي ٿو ته جنرل ضياء کي خميني ڌمڪي ڏني هئي ته هن جيڪڏهين پاڪستان جي شيعن خلاف ڪو نامناسب قدم کنيو ته هو سندس حشر به اهوئي ڪندو جيڪو شاه ايران جو ڪيو هو.
مختلف ڪارڻن جي ڪري خميني جي اها ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگھي. ڇاڪاڻ ته صدين جي مٿڀرائپ ۽ اقتدار کي ختم ڪرڻ ايڏو سولو ڪم نه هو. هڪ ته گھڻن مسلم ملڪن ۾ سني گھڻائي هئي جن خميني جي اهڙي ڪوشش کي شڪ جي نگاه سان ڏٺو ٿي ۽ ان کي شيعن جي حاڪميت قائم ڪرڻ جو هڪ حربو سمجھيو ٿي. ساڳي وقت مختلف ملڪن ۾ شيعن جي جيڪا آبادي هئي اها به ثقافتي ۽ لساني طور هڪٻئي کان مختلف هئي ۽ ساڳي وقت اهي مذهبي لحاظ کان به خميني جي حڪمن کي مڃڻ جا پابند نه هئا. ڇاڪاڻ ته شيعن جي عقيدي موجب غائب ٿيل ٻارهين امام جي وري ظاهر ٿيڻ تائين ماڻهن کي اها آزادي آهي ته اهي مختلف مسئلن متعلق مختلف مجتهدين کان رايا وٺن ۽ پوء انهن تي عمل ڪن. ٻي ڳالھہ ته رڳو ٻارهين امام جي قائم ڪيل حڪومت ئي مڪمل هونڌي ۽ ان وقت اچڻ تائين ٻي ڪا به حڪومت ان جي ويجھو ته ٿي سگھي ٿي پر مڪمل نه هوندي. اهڙي ريت ايران ۾ خميني جي اڳواڻي ۾ قائم ڪيل مذهبي اڳواڻن جي حڪومت کي به مڪمل هئڻ جو ڪو سرٽيفيڪٽ نه ٿو ڏيئي سگھجي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ عراق ۾ رهندڙ ايراني شيعه عالم امام خوئي جي مذهبي لحاظ کان ايران سميت مختلف ملڪن ۾ وڌيڪ پوئواري هئي ۽ هو مختلف معاملن تي خاص طور سياسي لحاظ کان خميني سان اختلاف رکندو هو. سندس ان سلسلي کي عراق ۾ مقيم سندس ايراني شاگرد آيت الله سيستاني جاري رکندو پيو اچي. ليکڪ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ رهندڙ شيعن سان سندس ٿيل هڪ ڳالھ ٻولھه جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته اهي ماڻهو مذهبي لحاظ کان ته امام خوئي ۽ سيستاني جا پوئلڳ آهن جڏهين ته سياسي لحاظ کان اهي خميني جي پوئواري ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ ليکڪ ان اهم ڳالھہ ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته ايران عراق جنگ ۾ ايران کي اها توقع هئي ته عراق جا شيعه صدام خلاف سندس ساٿ ڏيندا. پر سندس اها توقع پوري نه ٿي سگھي. ان جي باوجود ته عراقي فوج ۾ گھڻائي شيعن جي هئي پر ان وقت انهن پنهنجي عراقي ۽ عرب هئڻ واري سڃاڻپ کي پنهنجي شيعي هئڻ تي ترجيح ڏني ۽ ايراني فوج آڏو سينو ساهي بيهي رهيا. ساڳي ريت جڏهين ايراني فوج شيعه گھڻائي واري شهر بصره جو محاصرو ڪيو ته اتان جي ماڻهن پاران انهن جي آجيان ڪرڻ ۽ سندن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ بجائي ان جو مقابلو ڪيو ويو ۽ ايراني فوج کي مجبور ٿي پنهنجو محاصرو ختم ڪرڻو پيو. ان سان گڏوگڏ مختلف ملڪن جي سني حڪمرانن پنهنجن ملڪن ۽ ملڪن کان ٻاهر خميني جي ان چئلنج کي منهن ڏيڻ لاء قدم کڻڻ شروع ڪيا. ان سلسلي ۾ سعودي عرب جي حساسيت خاص طور ذڪر جوڳي آهي. ان عرصي ۾ ئي ڪعبت الله تي شاهي گھراڻي جي مخالفن پاران جيڪو قبضو ڪيو ويو. ان متعلق اهو چيو وڃي ٿو ۽ ليکڪ جو به اهو خيال آهي ته انهن باغين جو واسطو ايران ۽ خميني سان هو. ساڳي ريت حج جي موقعي تي شيعه ۽ خاص طور ايراني حاجين جا مڪي ۾ مسلم دنيا کي درپيش مسئلن جي حوالي سان مظاهرا ۽ جلوس پڻ سعودي حڪومت لاء پريشاني جو باعث هئا. ان ڪري پنهنجي ملڪ ۾ طاقت جي استعمال ۽ ٻين مختلف قدمن کڻڻ سان گڏوگڏ سعودي حڪومت پاران سڄي دنيا ۾ شيعه مخالف قوتن کي همٿائڻ ۽ انهن جي مدد لاء وڏي پئماني تي مهم شروع ڪئي ويئي. عراق جي ايران تي حملي ۽ اٽڪل اٺ سالن تائين هلندڙ لاڳيتي جنگ ۾ صدام کي سعودي عرب ۽ نار جي ٻين قدامت پسند حڪمرانن جي پوري حمايت حاصل هئي ته جيئن ايراني اثررسوخ کي روڪي سگھجي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ ضياءالحق جي حڪومت اڳ ۾ ئي تيار هئي جيڪا اڳ ۾ ئي شيعن جي سياسي اظهار جو مزو چکي چڪي هئي. شيعن خلاف وڏي پئماني تي سڄي دنيا ۾ پروپيگنڊا ۽ لٽريچرڇاپڻ ۽ ورهائڻ جو ڪم ڪيو ويو. سپاه صحابه، لشڪر جھنگوي ۽ اهڙِين ٻين شيعن خلاف نفرت ڦهلائيندڙ تنظيمن کي وڏي پئماني تي هٿياربند ڪيو ويو ۽ انهن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي ويئي. ٻئي پاسي انهن جي مقابلي ۾ ايران مختلف شيعه سياسي اڳواڻن، تنظيم نفاذ فقه جعفريه جهڙين سياسي تنظيمن ۽ سپاه صحابه وغيره جي طرز تي ٺاهيل تنظيم جيش محمد جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي. اهڙي ريت پاڪستان ڄڻ ته سعودي عرب ۽ ايران جي حامين جي وچ ۾ جنگ جو ميدان بڻجي ويو.ليکڪ جو چوڻ آهي ته جيئن ته پاڪستان جي رياست به شيعن کي ضابطي ۽ سندن سياسي اثر رسوخ کي هڪ حد ۾ رکڻ چاهيو ٿي ان ڪري سني انتها پسند تنظيمن کي ان جي به مڪمل مدد حاصل هئي جنهن جي نتيجي ۾ سني انتها پسندن پاران وڏي پئماني تي ملڪ ۾ عام شيعن ۽ سندن اڳواڻن کي قتل ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت سياسي لحاظ کان ڄڻ سندن اثر رسوخ کي محدود ڪيو ويو.
ليکڪ سياسي لحاظ کان نائن اليون ۽ آمريڪا جي عراق تي حملي کي شيعه سياست ۾ هڪ اهم موڙ قرار ڏئي ٿو. سندس چوڻ آهي ته ان کان اڳ انهن لاء افغانستان جي مسئلي جي ڪري سني مسلمان وڌيڪ ترجيح لائق هوندا هئا جڏهين ته ايران جي اولھه سان ناتن جي ڪري شيعن جو اميج وٽن ايترو بهتر نه هو. انهن ملڪن پاران تاريخي لحاظ کان به شيعن کي شڪ جي نگاه سان ڏٺو ويندو هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو جڏهين انگريزن پاران پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء عراق جي رياست جون حدون مقرر ڪيون پئي ويون ته سني قبائلي سردارن وغيره کي گھڻي اهميت ڏني ويئي ۽ شيعن کي ان عمل کان گھڻي ڀاڱي ٻاهر ئي رکيو ويو. عراق تي آمريڪا جي پهرئين حملي کانپوء شيعن اهو سمجھيو هو ته آمريڪا صدام خلاف سندن بغاوت جي حمايت ڪندو ۽ اهي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا. پر آمريڪا ڪردن جي مدد ته ڪئي پر سعودي عرب وغيره جي دٻاء جي ڪري صدام خلاف شيعن جي مدد ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ صدام کي اهو موقعو ڏنو ته هو وڏي پئماني تي شيعن جو قتل عام ڪري سندن بغاوت کي ڪچلي ڇڏي. سندس ان تشدد جي ڪري ڏکڻ عراق جي شيعه گھڻائي وارن گھڻن علائقن مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ ٿي ۽ گھڻا علائقا ۽ ڳوٺ ته بلڪل ئي ويران ٿي ويا. بغداد جي پسگردائي ۾ صدر سٽي ۽ ٻيون جيڪي غريب آباديون وجود ۾ آيون انهن ۾ گھڻائي انهن لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي آهي.
عراق ۾ بعث پارٽي جي انقلاب جي شروعاتي ڏينهن ۾ شيعن سان بهتر۽ برابري وارو رويو رکيو ويو پر پوء عراق ۾ گھڻائي ۾ هئڻ جي باوجود ساڻن ساڳيو امتيازي سلوڪ روا رکيو ويو. سندن آبادي جي گھڻائي گھٽ درجي جي ۽ غريب علائقن ۾ رهندي آهي. جڏهين ته نوڪرين ۽ خاص طور اعلا عهدن تي سندن نمائندگي نه هئڻ برابر هئي. فوج ۾ به توپن جي کاڄ طور سندن گھڻي تعداد سپاهين تي ٻڌل هئي ۽ وڏا افسر ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ئي هئا. ان کانسواء صدام حڪومت پاران ان ڳالھہ تي خاص نظر رکي ويندي هئي ته اهي وڏي تعداد ۾ مذهبي اجتماعن وغيره لاء به گڏ نه ٿين. ان ڪري عاشوري سميت ٻين مذهبي اجتماعن تي پابندي مڙهيل هوندي هئي. صدام پاران شيعن جي اهم رهنمائن کي قتل ڪرايو ويو. کيس اهو افسوس رهجي ويو ته هن شاه ايران جي چوڻ جي باوجود خميني، جڏهين هو عراق ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو هو، کي قتل ڇو نه ڪرايو.
صدام جي تختي اونڌي ٿيڻ کانپوء عراق ۾ انارڪي واري صورتحال هئي. آمريڪي فوجن جي جيڪي مزاحمت ڪري رهيا هئا انهن ۾ سني، شيعه ۽ صدام جي بعث پارٽي ۽ عراقي فوج جا همراه سڀ شامل هئا. ان صورتحال ۾ آيت الله سيستاني جو اهو موقف هو ۽ هن شيعن کي اها تاڪيد ٿي ڪئي ته آمريڪي فوجن جي مزاحمت نه ڪئي وڃي جڏهين ته ان وقت اڃا تائين مقتده ال صدر جي مليشيا ۽ ٻيا شيعه گروپ گڏجي ٻاهرين فوجن جي مزاحمت ڪري رهيا هئا. آيت الله منتظري پاران صدر جي نجف، ڪوفي ۽ ڪربلا جي مقدس شهرن ۾ مظاهرن جي مخالفت ڪئي ويئي. ان جي ڪري ۽ سيستاني پاران مزاحمت جي مخالفت ڪري صدر کي عام شيعن جي گھڻي همدردي حاصل نه ٿي سگھي.ِ ان سان گڏوگڏ عراق ۾ القاعده ۽ ٻين ٻاهرين ويڙهاڪن جي داخل ٿيڻ ۽ انهن پاران شيعن جي قتل عام ۽ سندن پوتر جاين تي حملن سنين ۽ شيعن ۾ ويڇن کي وڌائي صورتحال کي بلڪل ئي بدلائي ڇڏيو. سيستاني اهو سمجھيو ٿي ته مزاحمت جي نتيجي ۾ آمريڪا اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ لاء سنين کي اقتدار ۾ اهم حصو ڏيندو جيئن ان کان اڳ برطانيا پاران ڪيو ويو هو۽ اهڙي ريت شيعن سان اهو ساڳيو امتيازي سلوڪ جاري رهندو. آمريڪين مزاحمت کي ماٺي ڪرڻ ۾ سيستاني جي شيعه عوام ۾ اثر رسوخ ۽ اهميت کي محسوس ڪيو ٿي. هن عراق ۾ آمريڪي ڪمانڊر آڏو اهو موقف رکيو ته اسان ٻيئي پرڏيهي آهيون ان ڪري عراق جي آئندي جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار هتان جي ماڻهن کي آهي جنهن جو بهترين طريقو هڪ ماڻهو هڪ ووٽ آهي. نئين آئين متعلق سندس رايو اهو هو ته ان جو شيعن يا ٻئي ڪنهن به فقه جي اصولن مطابق هئڻ ضروري ناهي بلڪ اهو اهڙو هجي جيڪو عراق جي ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪري ۽ سندن جمهوري خواهشن جي مطابقت ۾ هجي. سندس اهو هڪ حقيقت پسندانا موقف هو جنهن جي ڪري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شيعن کي نه رڳو عراق پرشام کي ڇڏي ڪنهن به عرب ملڪ ۾ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ها. سيستاني جي ان موقف جي ڪري عراق ۾ ته گھڻائي هئڻ ڪري شيعن کي اقتدار حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ويو پران سان ٻين عرب ملڪن جهڙوڪ سعودي عرب، بحرين، لبنان ۽ متحده عرب امارات ۾ رهندڙ شيعن کي به اهو اتساه مليو ته اهي اتان جي حڪمرانن کان جمهوري بنيادن تي پنهنجن حقن جي گھر ڪن.
هن وقت شيعه سني فرقيوارانا تضاد ڄڻ ته سڄي وچ اوڀر کي وڪوڙي ويو آهي. سني حڪمران ان جي ذميواري آمريڪا جي خاص طور عراق ۾ اختيار ڪيل پاليسي کي قرار ڏين ٿا جنهن جي ڪري شيعن کي نه رڳو اتي اقتدار حاصل ڪرڻ جو موقعو مليوپر مختلف ملڪن ۾ پنهنجن حقن جي جدوجهد لاء هڪ اتساه پڻ مليو. پر عراق سميت عرب دنيا ۾ اهو سڄو عمل ايترو سولو ۽ آسان ناهي. سڄي خطي ۾ حڪمران ۽ سندن حمايت يافتا تنظيمون فرقيوارانا بنيادن تي هڪٻئي تي سبقت حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ان سلسلي ۾ اها ڳالھه پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙِي آهي ته لبنان جي حزب الله جهڙي تنظيم جنهن کي اسرائيل سان مزاحمت ڪرڻ جي ڪري سنين جي حمايت به حاصل هئي ۽ ان کي هڪ غير فرقيوارانه تنظيم جي حيثيت حاصل ٿي ويئي هئي هاڻي ان عمل جو حصو بڻجندي پئي وڃي. ساڳي حيثيت ايران جي آهي. سندس فلسطين ۽ مسلم دنيا سان لاڳاپيل مسئلن ۾ اها گرم جوشي ناهي رهي ۽ اهو پڻ خطي ۾ ٿيندڙ نئين صف بندي ۾ پنهنجي حيثيت مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل آهي. لبنان ۾ جتي اقتدار جي مذهبي بنيادن تي ورهاست جي ڪري ايستائين شيعن کي غيراهم عهدن تائين محدود رکيو ويو آهي حزب الله جي اڳواڻي ۾ اهي پنهنجي جائز حصي وٺڻ ۽ پنهنجي سياسي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ جي جدوجهد ۾ رڌل آهن. اها ڳالھہ پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته جڏهين سيستاني عراق ۾ هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي ڳالھہ ڪري ٿو ته ساڳيو اصول شام تي به لاڳو ٿئي ٿو جتي سني گھڻائي تي شيعه ٿورائي جي حڪومت آهي. پر هڪ ته فرقيوارانا تضاد جي ڪري حزب الله ۽ ايران شام جي حڪومت جي حمايت ڪري رهيا آهن جڏهين ته القاعده ۽ ٻين سني انتها پسند تنظيمن جي ان ۾ داخل ثيڻ جي ڪري سعودي عرب ۽ نار جا عرب حڪمران باغين جي مدد ڪري رهيا آهن. ليکڪ جو خيال آهي ته ان ڪارڻ آمريڪا جنهن پهرين شام تي حملي جا سانباها پئي ڪيا هاڻي شايد ان تان هٿ کڻي ويو آهي.
ليکڪ جو خيال آهي ته هن وقت شيعن عرب قوم پرستي، وطن پرستي ۽ کاٻي ڌر واري پنهنجي سڃاڻپ کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ انهن سڀني جو کين ڪو سٺو تجربو نه رهيو آهي ۽ سني حڪمرانن پاران انهن کي مٿن وڌيڪ ظلم ڪرڻ لاء استعمال ڪيو ويوآهي. هن وقت سندن سڃاڻپ سندن شيعه هجڻ آهي. ان بنياد تي ليکڪ اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته موجوده فرقيوارانا تضاد وچ اوڀر جي مستقبل جو تعين ڪندو۽ حاوي امڪان اهو آهي ته وچ اوڀر جو آئيندو ان جي ماضي کان وڌيڪ سٺو نه هوندو.عراق جنهن کي ان سڄي فرقيوارانا توازن کي خراب ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو هن وقت پاڻ ڏڦيڙ ۽ انتشار جو شڪار آهي. جمهوريت ۽ شيعه ڪارڊ کي استعمال ڪندي وزيراعظم مالڪي هڪ آمر ٿي ويٺو آهي ۽ ٻين سڀني گروهن خاص طور سنين کي اقتدار کان ٻاهر رکيو ويو آهي جنهن جي ڪري ملڪ ۾ داعش جهڙين انتها پسند تنظيمن کي فروغ مليو آهي ۽ ملڪ جي مذهبي ۽ نسلي بنيادن تي ورهائجڻ جا امڪان پڻ پيدا ٿي پيا آهن. سعودي عرب ۽ بحرين وغيره جهڙن ملڪن ۾ رياست طاقت سميت شيعن جي سياسي اڀار کي روڪڻ لاء مختلف قدم کڻي رهي آهي. ان صورتحال ۾ اها اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي ته آئندي جي وچ اوڀر جو سياسي نقشو ڪهڙو هوندو.

ڊاڪٽر طٰحيٰ حسين جي آتم ڪٿا

The Days مصر جي نامياري ليکڪ طاحا حسين جي آتم ڪٿا آهي. هو گھڻن حوالن سان هڪ غير معمولي شخص هو. ننڍپڻ ۾ حجام، جن کي ان وقت سرجن جي حيثيت به حاصل هئي، جي غلط علاج جي ڪري پنهنجي بينائي کان محروم ٿي ويو هو. هو مٿئين مصر جي هڪ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ گھڻن فردن واري هڪ غريب خاندان جو فرد هو. سندس بينائي نه هئڻ جي ڪري اهو سمجھيو ويو هو ته هو محدود مذهبي تعليم ئي حاصل ڪري سگھندو ۽ هڪ مذهبي عالم طور پنهنجو گذارو ڪندو. پر هن پنهنجي ذهانت ۽ ڪوششن سان ان ڳالھه کي غلط ثابت ڪيو. هو مصر ۾ قائم ٿيل پهرين يونيورسٽي جو پهريون گريجويٽ ۽ ان جو پهريون مصري ڊين هو. ان کانسواء هو پهريون مصري هو جنهن کي ادب جي نوبل ايوارڊ لاء پڻ نامزد ڪيو ويو هو. هن سٺ کان وڌيڪ ڪتاب ۽ گھڻا مضمون لکيا. سياسي، سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ شامل رهيو ۽ گھڻن مخالفتن کي منهن ڏنائين. هو پاڻ کي نابينا نه سمجھندو هو ۽ نه ئي پڙهائي جو نابينائن وارو طريقو اختيار ڪيائين. هو ڪلاس ۾ ليڪچر ٻڌڻ ۽ پنهنجي ڪنهن دوست يا ٻئي ڪنهن همراه جي ڪتاب پڙهي ٻڌائڻ وسيلي پنهنجي تعليم کي اڳتي وڌائيندوھو.
هي آتم ڪٿا اصل ۾ ٽن ڪتابن جو مجموعو آهي. پهريون ڪتاب سندس ننڍپڻ جي حوالي سان آهي جيڪو هن ڳوٺ ۾ تعليم حاصل ڪندي گذاريو. ٻيون ڪتاب گھڻي ڀاڱي سندس جامعه ازهر ۾ تعليم ۽ اتي گذاريل ڏينهن جي حوالي سان آهي. هتي هو تعليم ته حاصل ڪري ٿو پر هڪ ته اڪيلائي جو شڪار هجي ٿو ۽ ٻيو ته پڙهائي جي طريقه ڪار ۽ ان جي مواد مان مطمئن نه ٿو هجي ۽ کيس ڪو اتساه نه ٿو ملي. هتي بس سندس ڏينهن ائين ئي گذرندا رهن ٿا. هو هتي مختلف استادن جي ويجھو هجي ٿو جڏهين ته مختلف استادن سان سندس مختلف مسئلن جي حوالي سان اختلاف پڻ پيدا ٿين ٿا. ان دوران قاهره ۾ اوله جي طرز تي تعليم ڏيندڙ پهرين يونيورسٽي قائم ٿئي ٿي جتي جديد تعليم ڏني وڃي ٿي. هو هتي تاريخ، ادب ۽ فلسفي تي مختلف ڪلاس اٽينڊ ڪري ٿو ۽ کيس هڪ اتساه ملي ٿو ۽ لڳي ٿو ته اهو ازهر کان بلڪل مختلف آهي جتي ماڻهو کي رڳو هر ڳالھہ کي جيئن جو تيئن مڃڻو نه ٿو پئي پر ان کي تنقيدي نڪته نظر سان ڏسڻ ۽ سوال ڪرڻ جي پڻ اجازت آهي. ان دوران هو ازهر مان عالم جي ڊگري جو ڪورس پورو ڪري ٿو پر انٽرويو ڪاميٽي کيس ازهر جي شيخ جي چوڻ تي فيل ڪري ڊگري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿي.
اهڙي ريت سندس دلچسپي ازهر مان ختم ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجي پوري توجھه يونيورسٽي جي تعليم تي ڏئي ٿو. هتي هو فرانسيسي ٻولي ۽ يوناني ۽ لاطيني تاريخ سکڻ شروع ڪري ٿو. کيس خبر پئي ٿي ته يونيورسٽي شاگردن جو هڪ وفد تعليم حاصل ڪرڻ لاء فرانس موڪلي رهي آهي. هو ان وفد ۾ شامل ٿيڻ لاء يونيورسٽي کي لکي ٿو ۽ ان ۾ پنهنجي فرانسيسي ٻولي سکڻ وغيره متعلق ٻڌائي ٿو پر شروع ۾ سندس اها درخواست رد ڪئي وڃي ٿي. پوء کيس چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهين هو ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز ۾ ڪامياب ٿيو ته کيس فرانس موڪليو ويندو. پنهنجي لاڳيتي ڪوششن سان هو ان امتحان ۾ به ڪامياب ٿئي ٿو ۽ سندس نالو انهن ٽن ماڻهن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو جن کي يونيورسٽي پاران فرانس موڪليو ويندو. سڀ تيارين مڪمل ڪرڻ کانپوء پهرين مهاڀاري جنگ جي شروع ٿيڻ جي ڪري يونيورسٽي پاران فرانس ۾ موجود مصري شاگردن کي واپس گھرايو وڃي ٿو ۽ سندس اوڏانهن وڃڻ به ملتوي ٿي وڃي ٿو. نيٺ حالتن ۾ سڌارو اچي ٿو ۽ هو فرانس پهچي ٿو پر ڪجھ عرصي کانپوء يونيورسٽي پاران مالي حالتن جي ڪري شاگردن کي واپس گھرايو وڃي ٿو جنهن ۾ هو به شامل هجي ٿو پر ڪجھ عرصي کانپوء کيس وري فرانس موڪليو وڃي ٿو جتي هو مختلف ڪورس ۽ پنهنجي ڊاڪٽريٽ وغيره مڪمل ڪري ٿو.هتي ئي سندس پيار هڪ فرانسيسي ڇوڪري سان ٿئي ٿو جيڪا سندس لاء ڪتابن پڙهڻ جو ڪم ڪندي هئي ۽ پوء ان سان ئي شادي ڪري ٿو.
مصر جي آزادي جي حوالي سان هو گھڻو پرجوش هجي ٿو. ان حوالي سان هو آزادي لاء جدوجهد ڪندڙ اهم سياسي جماعت وفد جي اڳواڻن جي ويجھو هئڻ جي باوجود انهن سان گھڻين ڳالھين ۾ متفق نه ٿو هجي. پنهنجي هڪ آزاد رائي رکندڙ ماڻهو جنهن جي ڪري کيس مذهبي انتها پسندن سميت گھڻن بااثر ماڻهن، جن مختلف موقعن تي سندس مدد به ڪئي هئي ۽ موٽ ۾ کانئس تابعداري جي توقع به رکن پيا، جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. هڪ آزاد منش ماڻهو جنهن پنهنجي نموني ۽ مرضي سان پنهنجي زندگي گذاري ۽ پنهنجي بينائي نه هجڻ کي پنهنجي ڪمزوري بڻجڻ نه ڏنو.

نور ظھير جو ڪتاب

انڊيا جي ڪميونسٽ پارٽي ملڪ جي ورهاڱي وقت اصولي طور اهو فيصلو ڪري چڪي هئي ته پارٽي کي به هندو مسلم جي بنياد تي ورهايو ويندو. ان جو هڪ اهم اشارو ته پاڻ سجاد ظهير جو پارٽي کي وري منظم ڪرڻ لاء پاڪستان اچڻ هو ۽ ساڳي وقت هتي موجود پارٽي جي هندو ميمبرن کي ڀارت لڏڻ لاء زور ڀرڻ هو. ان جو ذڪر ڪندي ڪامريڊ نور ظهير پنهنجي ڪتاب At Home in Enemy Land جي صفحي 16 تي لکي ٿي ته ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ اي ڪي هنگل ۽ سوڀو گيانچنداڻي ٻيئي گڏ هئا. سجاد ظهير ٻنهي کي ڀارت لڏي وڃڻ لاء چيو هو. انهن مان هڪ هائوڪار ڪئي ۽ ٻئي منع ڪري ڇڏي. جنرل سيڪريٽري جي هدايت جي ان فرمانبرداري ۽ نافرماني ٻن جگري يارن کي ائين جدا ڪري ڇڏيو جو انهن لاء ڇاونجاه سالن کانپوء ان گڏجاڻي ۾ ملڻ ئي ممڪن ٿي سگھيو.

نيتر سنگھ راوت جو سفر نامون پٿر اور پاني

ماڻهو ٻين ملڪن ۽ علائقن جي ڪيل سفرکي ته اهميت ڏيندو آهي ۽ انهن متعلق لکندو ۽ ماڻهن کي ٻڌائيندو به آهي پر پنهنجي وطن کي گھڻي اهميت نه ڏيندو آهي. شايد سندس ذهن ۾ اهو ئي هوندو آهي ته ان متعلق ڇا ٻڌائجي، سڀني کي ته ان جي خبر آهي. پر هميشه ائين ناهي هوندو. گھڻين شين جي ماڻهو کي ڄاڻ نه هوندي آهي ۽ گھڻيون شيون سندس ڏسندي ڏسندي تبديل ٿي وينديون آهن جنهن جو ان کي اندازو نه ٿي سگھندو آهي. ان کانسواء پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ متعلق ٻين ماڻهن کي ٻڌائڻ به هڪ ڪم هوندو آهي. مون کي تازو ان لاء اتساه نيتر سنگھ راوت جي هندي ۾ لکيل سفرنامي جنهن جو اڙدو ۾ ترجمو اجمل ڪمال ۽ عامر انصاري پٿر اور پاني جي عنوان سان ڪيو آهي جي پڙهڻ سان مليو. ليکڪ هماليائي سلسلي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ، جتي هڪ جبل ڀارت کي تبت کان ڌار ڪري ٿو ۽ جيڪو سٺ جي ڏهاڪي ۾ واپار جو هڪ اهم مرڪز هو، ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. هو پنهنجي تعليم ۽ نوڪري وغيره جي سلسلي ۾ نيني تال، ممبئي ۽ دهلي وغيره ۾ رهيو. هن هڪ ڀيري پنهنجي زال سان گڏ پنڌ پنهنجي جنم ڀومي ۽ لاڳاپيل علائقن کي ڏسڻ جو ارادو ڪيو. هڪ اڙانگو سفر جنهن ۾ هو ڀوري گنگا جي موهيندڙ ڪناري سان گڏ هلندو واٽ جي ڏکيائين کي منهن ڏيندو هلندو ٿو وڃي. ان سفر ۾ خاص طور سندس زال جو ڪردار ساراهڻ جوڳو آهي جيڪا ڪنهن به موقعي تي پٺتي هٽڻ لاء تيار نه ٿي هجي ۽ سندس لاء به هڪ اتساه جو باعث ٿئي ٿي. هو اتي ماڻهن سان ملن ٿا. علائقي جي معيشت تبت جي چين جي قبضي ۾ وڃڻ جي ڪري متاثرٿي هئي. گھڻا ماڻهو لڏي ويا هئا، ڳوٺ ويران ٿي ويا هئا. ڪٿي ڪو سڃاڻ وارو ماڻهو ملي ٿي ويو. ڪي ماڻهو پوک لاء يا پنهنجين ٻنين جي سار سنڀال لاء وقت بوقت پنهنجن گھرن جو چڪر هڻن ٿا نه ته گھڻا گھر سارسنڀال نه هئڻ ڪري ڊهي ويا ھئا. پري پري جا ماڻهو هڪ ٻئي کي سڃاڻن پيا ۽ ليکڪ کي پاڻ پنهنجي سڃاڻپ جي حوالي سان ڪا ڏکيائي نه ٿي ٿئي. پنهنجي سفر جي آخري مرحلي ۾ کين هڪ ڏکيو گليشيئر،جتان ڀوري گنگا نڪري ٿي، ۽ هڪ نئين کي پار ڪرڻو هجي ٿو.
ليکڪ ان سڄي علائقي ۽ ان جي منظرن کي جنهن نموني بيان ڪيو آهي اهو نهايت دلڪش ۽ وڻندڙ آهي ۽ ماڻهو ڄڻ پاڻ اهو سڀڪجھ پنهنجي اکين سان ڏسندو هجي. لڳي ٿو ته اهو سفر واقعي سفر آهي.

راجندر سنگھ بيدي

گھڻن وڏن ليکڪن ۽ فنڪارن جي زندگي ڪسمپرسي جي حالت ۾ گذري آهي. پر گھڻن سان وري ائين به ٿيو آهي ته انهن سڄي زندگي ڪمايو، کاڌو ۽ عيش ڪيا آهن ۽ پڇاڙي ۾ وڃي هڪ اهڙي حالت کي پهتا آهن جو کين ٻين جي مدد وٺڻي پئي آهي ۽ هڪ ويچارگي واري زندگي گذارڻي پيئي آهي. راجندر سنگھ بيدي اڙدو ادب جو هڪ وڏو نالو آهي. ساڳي وقت هو فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر پڻ هو. هڪ چادر ميلي سي سندس مشهور تخليق آهي جنهن تي فلم پڻ ٺهي هئي. بيدي جي زندگي جي آخري ڏينهن متعلق سندس هڪ دوست اوپندر ناٿ اشڪ ڪجھ معلومات ڏني آهي. بيدي هڪ آسودي زندگي گذاري هئي. کيس نه ته پئسي ڏوڪڙ جي ڪا گھٽتائي هئي ۽ نه ئي هو خرچ ڪرڻ ۾ ڪا ڪنجوسي ڪندو هو. هڪ سهڻي زال، ٻار ۽ هڪ سٺو گھر. مطلب ته سندس هڪ آدرشي زندگي هئي.
ليکڪ جو چوڻ آهي هو آخري ڏينهن ۾ جڏهين بيدي سان ممبئي ۾ مليو ته هو پنهنجو گھر ڇڏي آيو هو ۽ پنهنجي پٽ نريندر، جيڪو پاڻ فلم پروڊيوسر هو، جي دفتر ۾ رهيل هو. گھر ڇڏڻ جو ڪارڻ اهو هو ته سندس ان وقت پنهنجي فلم جي هيروئن سان افيئر هلي رهيو هو جنهن کي سندس زال پسند نه ٿي ڪيو. ليکڪ پاران ان معاملي کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ سندس زال کي ان ڳالھه تي قائل ڪيو وڃي ٿو ته اها کيس گھر واپس وٺي اچي. اها ان ڳالھہ تي راضي ٿئي ٿي ته ٺيڪ آهي هو ڀلي گھر اچي پر ان هيروئن کي گھر نه وٺي اچي ۽ جيڪي ان سان ڪرڻو اٿس گھر کان ٻاهر ڪري. ساڳي وقت بيدي کي پڻ ان ڳالھہ تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ان هيروئن کي بيدي سان ڪا محبت وغيره ڪونهي ۽ اها بس سندن فلم ذريعي مشهور ٿيڻ ۽ پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ چاهي ٿي جيڪا ڳالھہ اڪثر فلم ٺاهيندڙن ۽ اهڙين هيروئنن جي وچ ۾ ٿيندي آهي. کييس چيو وڃي ٿو ته ان ڳالھہ کي ثابت ڪرڻ لاء هو سندس آڏو شادي جي تجويز رکي ۽ پوء ڏسي ته ڇا هو هڪ پوڙهي جنهن جي کل لٽڪندي هجي سان شادي ڪرڻ لاء تيار ٿئي ٿي يا نه. پر زال ۽ مڙس وچ ۾ اهو ٺاه گھڻو عرصو نه ٿو هلي ۽ بيدي پنهنجي پراڻي روش جاري ٿو رکي. ان ڇڪتاڻ ۾ ئي سندس زال مختلف بيمارين جو شڪار ٿي مري وڃي ٿي. سندس فلم جي هيروئن به فلم مڪمل ٿيڻ کانپوء توقع موجب بيدي کي ڇڏي ٻئي ڪنهن سان شادي ڪري ٿي. اهو صدمو نه سهندي بيدي پاڻ بيمار ٿي بستر ڀيڙو ٿي وڃي ٿو. سندس گھر قرض واپس ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڪجي وڃي ٿو، سندس پٽ جو انتقال ٿي وڃي ٿو ۽ هو پنهنجي ننهن جي رحم وڪرم تي هجي ٿو جيڪا سندس بستر تي هوندي به کيس گھر جي خرچ ڏيڻ لاء تنگ ڪندي رهي ٿي ۽ ان حالت ۾ ئي تڪليف سهندي سندس انتقال ٿئي ٿو.

هڪ صحافي جي ڪٿا

رابرٽ فسڪ هڪ اهڙو صحافي آهي جيڪو پنهنجي معروضيت، محنت ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪرڻ جي ڪري هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. سندس آئرلينڊ سان تعلق آهي. هن اتر آئرلينڊ جي جنگ ۽ يورپ ۾ سربيا ۽ ٻين ويڙه وارن علائقن جي ڪوريج ڪئي آهي. پر گھڻي عرصي کان هو بيروت ۾ رهي ٿو ۽ وچ اوڀر ۾ گذريل ڏهاڪن ۾ جيڪا اٿل پٿل ٿي آهي ان جو اکين ڏٺو شاهد رهيو آهي ۽ ان کي پنهنجن پڙهندڙن تائين پهچايو آهي. اهڙن صحافين لاءِ جيڪي ڪنهن دٻاء ۽ مفاد کانسواء آزاد طريقي سان پنهنجي صحافت ڪرڻ چاهيندا آهن انهن جي لاء اهو ڪم سولو نه هوندو آهي.ِ انهن کي مختلف پاسن کان تنگ ڪيو ويندو آهي ۽ پنهنجي مرضي موجب هلڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آهي. ان دٻاء جي نوعيت وچ اوڀر جهڙي خطي ۾ اڃا وڌي ويندي آهي جتي مختلف ملڪن ۾ اندروني ۽ بيروني طور هڪ جنگ واري صورتحال هجي ۽ صحافين کي هميشه پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پئي. فسڪ کي به ان دٻاء کي لاڳيتو منهن ڏيڻو پيو آهي. سندس مختلف رپورٽن تي اخبار جي ايڊيٽر کي شڪايت ڪئي ويندي هئي ۽ ان کي ڪوڙ چيو ويندو هو. پر فسڪ وٽ پنهنجا ثبوت ۽ دليل هوندا هئا جن جي بنياد تي هو پنهنجي سچائي کي ثابت ڪندو هو.
کيس ٽائيمز لندن جهڙي هڪ وڏي نالي واري اخبار ۽ وڏي پگھارواري نوڪري ڇڏي ان جي ڀيٽ ۾ هڪ گھٽ حيثيت ۽ گھٽ پگھار واري اخبار انڊپينڊنٽ ۾ ڇو وڃڻو پيو. ان متعلق هو ٻڌائي ٿو ته اخبارن جي مالڪن جا پنهنجا مفاد هوندا آهن ۽ اهي رڳو هڪ خاص حد تائين ئي دٻاء سهي سگھندا آهن. خاص طور جڏهين معاملو وڏين طاقتن، ملڪن ۽ بااثر سياسي اڳواڻن جي حوالي سان هجي. ٽائمز جي پراڻن مالڪن نقصان ۾ وڃڻ ۽ ڏيوالي ٿيڻ کانپوءِ اخبار وڪڻي ڇڏي هئي. نون مالڪن جا پنهنجا مفاد هئا ۽ اهي ڪوبه اهڙو جوکم کڻڻ لاء تيار نه هئا جنهن سان کين نقصان ۽ طاقتور ڌرين جي ناراضگي کڻڻي پئي. ايران عراق جنگ دوران فسڪ ٻنهي ملڪن جي محاذ تي موجود هو. ان وقت هڪ لحاظ کان آمريڪا به ڄڻ عراق پاران جنگ ۾ شامل ٿي ويو هو. ان وقت نار ۾ موجود آمريڪي جنگي بحري جهاز بندر عباس کان دبئي ويندڙ ايران جي هڪ مسافر بردار جهاز کي، جنهن ۾ 290 مسافر سوار هئا، ميزائل هڻي تباه ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ سڀ مسافر مري ويا هئا. آمريڪا جو موقف اهو هو ته اهو جهازهيٺانهين ڏانهن اچي رهيو هو ۽ ان جو مقصد بحري جهازتي آپگھاتي حملو ڪرڻ هو ۽ ساڳي وقت پائلٽ انهن جي تنبيهن جو جواب نه ڏنو هو. فسڪ پنهنجي تحقيق جي بنياد تي ان سڀڪجھ کي غلط ثابت ڪيو ۽ ٻڌايو ته جهاز هيٺانهين ڏانهن نه پر مٿي وڃي رهيو هو ۽ اها بندر عباس کان دبئي جي روزانا جي معمول جي فلائيٽ هئي. اخبار پاران سندس ان رپورٽ کي شروع ۾ ان ڪري نه ڇاپيو ويو ته ان سان آمريڪي موقف جي نفي ٿي ٿي ۽ پوء هڪ ٻن ڏينهن کانپوء ان کي ڪاٽي اندرين صفحن تي ڇاپيو ويو. هن ان ڳالھہ کي پنهنجي عزت نفس جي خلاف سمجھيو ۽ اهو بهتر ڄاتو ته اهڙي جاء تي ڪم ڪجي جتي ڀلي پگھار گھٽ هجي پر ماڻهو جي عزت نفس متاثرنه ٿئي.
هن وقت هو انڊپينڊنٽ اخبار سان لاڳاپيل آهي. هن رڳو اخباري رپورٽنگ ناهي ڪئي پر مختلف ڪتاب پڻ لکيا آهن جيڪي تاريخي دستاويز آهن. سندس هي ڪتاب The Great War for Civilization:The Conquest of the Middle East ڄڻ وچ اوڀر جي جديد تاريخ آهي، جنهن جو هو اکين ڏٺو شاهد رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هن مختلف ملڪن جو سفر ڪيو آهي، گھڻن اڳواڻن سان روبرو مليو آهي ۽ انيڪ ڪتابن مان مدد ورتي آهي. وچ اوڀر سان سندس تعلق ان ڪري به آهي ته هن جو پنهنجو هڪ اهڙي ملڪ سان تعلق آهي جيڪو انگلنڊ جي نوآبادي رهيو آهي ۽ جنهن کي ورهاست ۽ گھرو ويڙه جا ڏک سهڻا پيا آهن.
سندس پيءُ پهرين مهاڀاري جنگ ۾ اتحادين پاران اولهندي محاذ تي وڙهيو هو. پنهنجي پيءُ متعلق سندس چوڻ آهي ته هو منجھيل سٽ هو ۽ کيس سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ڪڏهين ته هو ڏاڍو مٺو هوندو هو ۽ ڪڏهين ساڻس ڳالھائيندي ڊپ پيو ٿيندو هو. هن پهرين شادي پنهنجي پسند تي ڪئي هئي پر ان عورت ساڻس وفا نه ڪئي ۽ کيس ڇڏي هلي ويئيِ. پوءِ هن پاڻ کان گھڻي ننڍي رابرٽ جي ماءُ سان شادي ڪئي. جيتوڻيڪ سندس وفات کانپوءِ جيڪي سندس خط مليا انھن مان سندس پنهنجي زال سان محبت ظاهر ٿئي ٿي پر عام زندگي ۾ سندس رويو ساڻس ڏاڍو سخت هوندو هو. ايستائين ته جڏهين وڏي عمر ۾ هو بيمار ٿي اسپتال ۾ داخل ٿيو ته هن اتي وٽس وڃڻ به گوارا نه ڪيو.
سندس وفات کانپوءِ رابرٽ سندس ماضي متعلق کوجنا شروع ڪئي.ِ سندس فوٽو ۽ خط هٿ ڪيا ۽ ساڳي وقت سرڪاري ريڪارڊ کي پڻ ڏٺو. سندس پي جنگ دوران فرانس ۾ رهيو هو. هو انهن شهرن ۽ جاين ڏي ويو، جن متعلق سندس پي کيس ٻڌايو هو ۽ جن جو تصويرن ۽ خطن وغيره ۾ ذڪر هو. فرانس ۾ هڪ ڀيرو ڄڻ وچ اوڀر وري اچي سندس آڏو بيهي ٿو. جنهن شهر ۾ سندس پي رهندو هو ان شهر مان اٽڪل اٺ سو سال اڳ صليبي جنگن لاءِ يروشلم کي فتح ڪرڻ لاء هزارين ماڻهو وچ اوڀر ڏانهن نڪتا هئا. انهن مان گھڻا اتان جي مختلف ملڪن ۾ مستقل طور رهي پيا هئا. لبنان جي حوالي سان کيس ذهن ۾ اچي ٿو ته اتان جي مارونائيٽ عيسائين جي گھڻائي انهن ماڻهن جو اولاد آهي. سندس پي کيس ٻڌايو هو ته کيس انگريز فوج جي هڪ ڀاڄوڪڙ آسٽريلوي رنگروٽ کي گولي هڻندڙ دستي جي ڪمان ڪرڻ لاء چيو ويو هو پر هن اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. رابرٽ جي اندر جو صحافي ان ڳالھہ کي ائين ئي قبول ڪرڻ لاء تيار نه ٿو هجي. هو ان ڳالھہ جي کوجنا ڪري ٿو. سرڪاري ريڪارڊ ڏسي ٿو ۽ فرانس ۾ ان هوٽل ۾ وڃي ٿو جتي اهو آسٽريلوي رهندو هو. هو ان نتيجي تي پهچي ٿو ته سندس پي کيس صحيح ڳالھہ ٻڌائي هئي. کيس فرانس ۾ اها پڻ خبر پئي ٿي ته هتي جنگ دوران چينين کي وڏي تعداد ۾ مزدورن جي طور سڙڪن ۽ پلن وغيره ٺاهڻ جي ڪم لاء آندو ويو هو جن کي قلي چيو ويندو هو. انهن کي ڪئمپن ۾ خاردار تارون هڻي واڙيو ويندو هو ۽ محافظ سندن نگراني ڪندا هئا. اهڙي هڪ چيني سان هڪ جهيڙي ۾ سندس پي کي نرڙ تي چاقو لڳو هو جنهن جو نشان سندس نرڙ تي اڃا باقي هو ۽ ان چيني کي هن گولي هڻي ماري ڇڏيو هو.
وچ اوڀر جي موجوده صورتحال جي مختلف پاسن کي سمجھڻ لاء هي هڪ تفصيلي ۽ ضروري ڪتاب آهي.

پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء جي دنيا

مهاڀاري جنگين دنيا ۾ وڏيون تبديليون آنديون آهن. خاص طور پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء پهريون وڏو واقعو سوويت يونين جو انقلاب هو. ساڳي وقت هن جنگ کانپوء خلافت عثمانيه وکرجي ويئي. نه رڳو خلافت ختم ٿي ويئي پر خاص طور وچ اوڀر ۾ جيڪي ان جي تسلط هيٺ ملڪ هئا انهن کي اتحادي ملڪن ليگ آف نيشنس جي مينڊيٽ کي استعمال ڪندي پاڻ ۾ ورهائي کنيو ۽ پوء پنهنجن مفادن تحت علائقي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هتي مختلف ملڪ وجود ۾ آيا ۽ هڪ نئين صورتحال جنم ورتو.
هن جنگ جي اهم ترين ڳالھه اها هئي ته ان ۾ آمريڪا شروع وارن سالن ۾ غير جانبدار هو ۽ سندس ڪردار گھڻو مثبت هو. رابرٽ فسڪ جو چوڻ آهي ته ان بنياد تي هن جو جنگ ۾ شامل ٻنهي ڌرين سان رابطو هو. ان وقت جي آمريڪا جي صدر ووڊرو ولسن هڪ پاسي جرمني تي اهو زور ٿي وڌو ته ترڪي تي دٻاء وڌو وڃي ته آرمينين جو قتل عام بند ڪيو وڃي ۽ ٻئي پاسي هن اتحادين کي اهو چيو ٿي ته وڃ اوڀر ۾ اهڙو نظام قائم ڪيو وڃي جو عرب هڪ قوم جي حيثيت ۾ جمهوري طريقي سان رهي سگھن. پر ان دوران ولسن جي بيمار ٿيڻ ۽ آمريڪي عوام جي دنيا جي معاملن کان لاتعلقي جي ڪري آمريڪا ان علائقي جي نئين جوڙجڪ ۾ ڪو موثر ڪردار ادا نه ڪري سگھيو ۽ يورپي ملڪن کي پنهنجي مرضي هلائڻ جو موقعو ملي ويو. انهن وچ اوڀرجي نئين سر تشڪيل ڪئي. شام جي هڪ حصي کي ڌار ڪري فرقيوارانا بنيادن تي فرانس جي اتحادي عيسائي ٿورائي لاء نئون ملڪ لبنان ٺاهيو ويو. فرقيوارانا بنيادن تي ٺهيل ان جي آئين ۾ مارونائيٽ عيسائين کي اهم حيثيت ڏني ويئي ۽ ملڪ جي شيعه گھڻائي کي گھٽ حيثيت ڏني ويئي. عراق هڪ ملڪ طور سامهون آيو ۽ مڪي جي شريف جي ترڪي خلاف اتحادين جي ساٿ ڏيڻ جي انعام طور ان جي ڪزن شاه فيصل کي ملڪ جو بادشاه مقرر ڪيو ويو جنهن جو عراق سان ڪو تعلق نه هو ۽ ساڳي وقت هو هڪ سني هو جڏهين ته عراق جي آبادي جي گھڻائي شيعه هئي. برطانيا پنهنجي مينڊيٽ جو استعمال ڪندي بالفور ڊيڪليريشن ذريعي 1917 ۾ فلسطين ۾ يهودين جي لاء ڌار وطن جو نظريو پيش ڪيو. مطلب ته يهودين سان يورپ ۾ جيڪو امتيازي ورتاء ڪيو ويو هو ان جي سزا فلسطينين کي ڏني ويئي جنهن اڳتي هلي اسرائيل جي صورت ۾ هڪ يهودي رياست جو روپ ورتو
اهڙي ريت هڪ پاسي عربن کي مختلف ملڪن ۾ ورهايو ويو ۽ ٻئي پاسي فرقيوارانا بنيادن تي رياستون ٺاهيون ويون. اهڙي طريقي سان علائقي ۾ هڪ لاڳيتي ڇڪتاڻ ۽ جنگ وارو ماحول پيدا ڪيو ويو. ويه پنجويه سال گذرڻ کانپوء آمريڪا جي پنهنجي حيثيت بدلجي چڪي هئي ۽ اهو هڪ وڏي عالمي طاقت بڻجي چڪو هو. پنهنجين تيل جي ضرورتن جي پورائي لاء ان وچ اوڀر جي نين حقيقتن کي قبول ڪيو ۽ باقاعدي ان صورتحال کي پنهنجن مقصدن لاء استعمال ڪندي اسرائيل جي مڪمل پٺڀرائي شروع ڪئي.
اها ساڳي پاليسي ٿوري گھڻي فرق سان يورپ ۾ ‏به اختيار ڪئي ويئي. آئرلينڊ جي ڪجھ حصي کي ڌار ڪري اتي اتر آئرلينڊ جي نالي سان انگلينڊ جي حامي پروٽيسٽنٽ عيسائين کي ڌار پرڳڻو ڏنو ويو. ساڳي ريت ڪروشيا، سربيا ۽ بوسنيا وغيره کي گڏي يوگوسلاويه جي تشڪيل ڪئي ويئي جڏهين ته ڪروٽس سربن سان هڪ ملڪ ۾ رهڻ لاء تيار نه هئا. اهڙي ريت هتي به مذهبي ۽ نسلي بنيادن تي اهڙا بم رکيا ويا جيڪي اڳتي هلي علائقي ۾ رتوڇاڻ ۽ عدم استحڪام جو باعث بڻيا.
علائقن جي ان ورهاست کانسواء جنگ بيگناه ۽ معصوم ماڻهن جي وڏي پئماني تي قتل عام ۽ ڦرمار جو ڪارڻ پڻ ٿي. خاص طور تي خلافت عٽمانيه جي علائقن ۾ رهندڙ آرمينائي عيسائين جو قتل عام تاريخ جو هڪ المناڪ باب آهي. ان جو ڪارڻ اهو هو ته ترڪ حڪمرانن اهو سمجهيو ٿي ته مذهب جي بنياد تي انهن ماڻهن جون همدرديون اتحادي ملڪن سان هيون ۽ اهي خلافت عثمانيه ۾ اتحادين جا ايجنٽ بڻجي ففٿ ڪالمسٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. ليکڪ جو چوڻ آهي ته هو ان سلسلي ۾ تحقيق ڪندي پنهنجي هڪ دوست سان شام جي هڪ ٽڪري ڏسڻ ويو هو ته اتي کين ماڻهن جون کوپڙيون ۽ ٻيا جسم جا هڏا مليا. اتي کين سندن آرمينائي گائيڊ ٻڌايو ته ماڻهن کي وڏي تعداد ۾ هتي آڻي کين هيٺ دريا ۾ ڌڪو ڏنو ويندو هو. هڪ ماڻهو کي گولي هڻي ماريو ويندو هو ته جيئن هو پاڻ سان گڏ ٻين سڀني جيئرن کي به هيٺ دريا جي تري ۾ گھلي وڃي. ان قتل عام ۾ عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن سميت اٽڪل پندرنهن لک کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ڳوٺن جا ڳوٺ خالي ڪرايا ويندا هئا ۽ انهن ماڻهن کي قافلن جي صورت ۾ ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو.ِ واٽ تي انهن مان گھڻن کي سندن محافظ ۽ اوسي پاسي جا ڳوٺاڻا قتل ڪري ڇڏيندا هئا ۽ نوجوان ڇوڪرين کي اغواء ڪري ويندا هئا. ان سڄي ڪاروائي ۾ ڪرد، جن کي اڳتي هلي پاڻ ترڪن جو ظلم ۽ ڏاڍ سهڻو پيو، مذهب جي بنياد تي ترڪن سان شامل هونڌا هئا. پر ان وقت ترڪن ۾ اهڙا ماڻهو به هئا جن انهن آرمينائين کي پنهنجن گھرن ۾ پناه ڏني ۽ سندن حفاظت ڪئي. رابرٽ فسڪ هڪ اهڙي ترڪ گورنر جو مثال ڏنو آهي جنهن کي پنهنجي پرڳڻي جي آرمينائين کي قتل ڪرڻ لاء چيو ويو هو پر هن ان ڳالھہ کان انڪار ڪندي چيو هو ته آئون گورنر آهيان قاتل ناهيان جيڪو اهو ڪم ڪيان. ان جي سزا طور کيس پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو.
هن وقت ترڪي کي جيتوڻيڪ اها صلاح ڏني وڃي ٿي ته جيئن جرمني يهودين جي قتل عام کي مڃي ان جي تدارڪ لاء مختلف قدم کنيا آهن ترڪي کي به ائين ڪرڻ گھرجي پر ترڪي لاڳيتو ان ڳالھہ کان انڪار ڪندورهيو آهي ته انهن باقاعدي هڪ پاليسي تحت آرمينائين جو قتل عام ڪيو هو. سندن چوڻ آهي ته اهو سڀڪجھ حالتن جي ڪري ٿيو ۽ ٻيو ته آرمينائين پاڻ گھڻن ترڪن کي قتل ڪيو. ترڪي ۾ هيستائين اهڙي ڳالھه ڪرڻ به قابل سزا ڏوه آهي. آمريڪا ۽ يورپ جا گھڻا ملڪ اهڙي ڳالھہ ڪرڻ کان به لنوائيندا آهن ته متان ان سان ترڪي سان ناتا خراب ٿين ۽ کين معاشي نقصان کڻڻو پئي. هٽلر جڏهين پولينڊ جي يهودين کي مارڻ متعلق سوچيو پئي ته هن اها ڳالھہ ڪئي هئي ته آرمينائين جو قتل عام ڪهڙو دنيا کي ياد رهيو جيڪو اها ڳالھه کين ياد رهندي.
دنيا لاڳيتو تبديل ٿي رهي آهي پر جنگ جي نتيجي ۾ آيل تبديلين جا اثر اڃا باقي آهن ۽ اهو نه ٿو چئي سگھجي ته اهي ڪيستائين رهندا.

رابرٽ فسڪ جون اساما بن لادن سان ملاقاتون

رابرٽ فسڪ بيروت ۾ هو ته کيس نياپو مليو ته هڪ اهم شخصيت ساڻس ملڻ چاهي ٿي. هن شروع ۾ ان ڳالھه کي لنوائي ڇڏيو. پر جڏهين ٻيهر کيس ان لاء چيو ويو ته هو ان لاء راضي ٿيو ۽ کيس خبر پيئي ته اها شخصيت اساما بن لادن جي هئي جيڪو ان وقت سوڊان جي شهر خرطوم ۾ هو. اساما افغانستان ۾ هڪ ڊگھو عرصو گذارڻ کانپوء افغان مجاهدين جي گروهي ويڙه کان بيزار ٿي سعودي عرب موٽي آيو هو. پرآگسٽ 1990 ۾ عراق جي ڪويت تي حملي کانپوء هن سعودي عرب ۾ آمريڪي فوجن جي موجودگي جي مخالفت ڪئي ۽ نتيجي ۾ کيس ملڪ ڇڏي 1992 ۾ سوڊان وڃڻو پيو جتي ان وقت سندس دوست حسن ترابي صدر هو. اساما کي ان وقت ويه ڪروڙ پائونڊ کان وڌيڪ جو ورثو مليو هو. هن سوڊان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ وڏي پئماني تي سيڙپ ڪئي. هن اتي سڙڪون ٺهرايون، زراعت ۽ گھڻين صنعتن ۾ سيڙپ ڪئي. خرطوم ۾ جيتوڻيڪ وٽس گھڻا فليٽ ۽ بنگلا وغيره هئا پر هو سادگي سان پنهنجين چار زالن ۽ ٻن گھوڙن سان زندگي گذاريندو هو. عام تاثر اهو هو ته افغانستان مان گھڻا عرب ويڙهاڪ ساڻس سوڊان آيا هئا ۽ هو هتان عالمي دهشت گردي جو نيٽ ورڪ هلائي رهيو هو ۽ سوڊان جي حڪومت ملڪ جي ڏکڻ ۾ پنهنجن عيسائي مخالفن سان جنهن جنگ ۾ رڌل هئي ان لاء اسلامي گروهن جي ڪارڪنن جي تربيت ڪري رهيو هو. پر جڏهين فسڪ ان متعلق سوال ڪيو ته سندس چوڻ هو ته اهڙي ڪا به ڳالھہ ناهي. آئون هتي رڳو سوڊان جي ترقي ۾ هٿ ونڍائي رهيو آهيان. سوڊان جي حڪومت پڻ ان ڳالھہ کان انڪار ٿي ڪيو ته هو ڪو دهشت گردي جي ڪارواين ۾ ملوث هو. سندن چوڻ هو ته اسان جي انٽيليجينس سندس سرگرمين تي ڪڙي نظر رکي ٿي ۽ کيس اهڙين سرگرمين جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي. هونئن جيڪڏهين ائين هجي ها ته خرطوم ايڏو وڏو شهر ناهي جتي اها ڳالھه لڪي سگھي ها. فسڪ جو چوڻ آهي ته هن جڏهين انٽرويو ٿي ورتو ته اساما جي چوڌاري مختلف عرب ملڪن ۽ سوڊان جي انٽيليجينس جا ماڻهو موجود هئا. سندس هڪ سوال تي هڪ همراه، جيڪو شايد انٽيليجينس جو ئي ماڻهو هو، کيس ڇنڀيندي چيو ته گھڻو ٿي ويو. ۽ هاڻي بس ڪر. ان تي اساما ڪو رد عمل نه ڏيکاريو ۽ ماٺ ڪري پنهنجن ساٿين سان اٿي هليو ويو. فسڪ هڪ سرڪاري دعوت ۾ شريڪ هو جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سفارتڪار وغيره به شريڪ هئا. ان دعوت کانپوء ٻيڙي ۾ نيل جي سير ڪندي حسن ترابي کيس چيو ته سوڊان جي حڪومت مضبوط ناهي ۽ ڪنهن وڏي بحران کي منهن نه ٿي ڏيئي سگھي.
آفريڪا جي ڪجھ ملڪن ۾ بم ڌماڪن کان پوءِ 1996 ۾ آمريڪا پاران سوڊان جي حڪومت کي اساما کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ چيو ويو. سوڊان آمريڪا کي انڪار نه پئي ڪري سگھيو. ان کيس سعودي عرب يا آمريڪا موڪلڻ چاهيو پر انهن ٻنهي ملڪن مان ڪوبه کيس وٺڻ لاء تيار نه هو. نيٺ اهو فيصلو ٿيو ته جيڪڏهين هو افغانستان وڃڻ چاهي ٿو ته کيس وڃڻ ڏيو. اساما جو چوڻ هو ته اهڙي ريت سوڊان جي حڪومت ساڻس دوکو ڪيو ۽ کيس ڄڻ ته پٺ ۾ ڇرو هنيو. اهڙي ريت هتان 1996 ۾ هو افغانستان هليو ويو جتي ان وقت طالبان جي حڪومت هئي. ان سان مالي طور به کيس گھڻو نقصان کڻڻو پيو.
فسڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر بيروت ۾ اهو نياپو ملي ٿو ته جنهن شخص جو اوهان خرطوم ۾ انٽرويو ڪيو هو اهو اوهان سان وري ملڻ چاهي ٿو. کيس اها خبر هجي ٿي ته اساما افغانستان ۾ آهي. هو پڇي ٿو ته ان سان ڪيئن ملي سگھجي ٿو. کيس چيو ٿو وڃي ته هو جلال آباد پهچي جتي ساڻس رابطو ڪيو ويندو. هو اتي پهچي هڪ هوٽل ۾ رهي ٿو. ڪجھ ڏينهن جي انتظار ۽ پڇا ڳاڇا کانپوء هڪ ڏينهن سندس ڪمري جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي ۽ پڇا ڪرڻ تي کيس چيو وڃي ٿو ته هيٺ لابي ۾ اچ توسان ڪو شخص ملڻ چاهي ٿو. اهو شخص کيس پنهنجي پويان اچڻ لاء چئي ٿو. هڪ ويران ڪمپائونڊ ۾ هڪ پڪ اپ بيٺل هجي ٿي جنهن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ هينڊ گرينيڊ وغيره سان ٽي هٿيار بند موجود هجن ٿا. ڊرائيور کيس ٻڌائي ٿو ته اهي اسان جا محافظ آهن. کين ننگر هار پرڳڻي جي ڏکين رستن، جبلن، ميدانن، ننڍن وڏن دريائن ۽ ماٿرين مان گذرندي هڪ ڊگھو رستو طئي ڪرڻو پئي ٿو. مختلف جاين تي چوڪيون ۽ هٿيار بند هجن ٿا ۽ کين پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻي پئي ٿي. ٻنپهرن جو جلال آباد مان نڪتل اهي شام ڌاري هڪ ڳوٺ ۾ پهچن ٿا جتي عورتون ۽ مرد پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ رڌل هجن ٿا. انهن کي جيتوڻيڪ افغان ڪپڙا پاتل هجن ٿا پر اهي عرب هجن ٿا. اهي اتان گاڏي مان لهي ٿورو پنڌ ڪري هڪ ننڍو دريا ۽ پاڻي جو چشمو پار ڪري هڪ جاءِ تي پهچن ٿا جتي ڪجھ ماڻهو اڳ ئي موجود هجن ٿا ۽ ٿوري دير کانپوءِ عربي جبو پاتل هڪ قد آور شخص اتي اچي ٿو جيڪو اساما هجي ٿو. سندس عمر ان وقت چاليھه سال هئي پر خرطوم جي ڀيٽ ۾ هو وڌيڪ ٿڪل ۽ ڪمزور پئي لڳو. اهو محسوس ٿيو ٿي ته هو اڳ جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي وڌيڪ اڪيلو محسوس ڪري رهيو هو ۽ ڄڻ ته هو پنهنجي ماحول کان ناراض هجي.
اها ملاقات ان وقت ٿي رهي هئي جڏهين سعودي عرب ۾ خوبر ۾ آمريڪي اڏي تي حملي کي ڏه ڏينهن کن ٿيا هئا. اساما شروعات ئي هتان ڪئي ته آمريڪا اسان جي پاڪ جاين کي خراب ڪري رهيو آهي.آمريڪا ۽ ٻين اولھه جي ملڪن کي نار مان پنهنجين فوجن کي واپس ڪرڻ گھرجي. اها ڳالھہ ٺيڪ آهي ته صدام هڪ آمر ۽ خراب ماڻهو آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ان جي سزا پابندين ۽ لاڳيتي بمباري وغيره جي صورت ۾ عراق جي ماڻهن کي ڏني وڃي. ساڳي ريت هن فلسطينين جي حوالي سان پڻ آمريڪا جي پاليسي کي ننديو. ساڳي وقت هو عرب حڪمرانن جي پنهنجن ماڻهن سان ورتاء تي پڻ مطمئن نه هو. فسڪ جو چوڻ آهي ته عرب اڳواڻن جي اها عادت آهي ته اهي اوهان جي سوال جو جواب فوري طور ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ لاڳيتو ڳالھائيندا رهندا آهن ته جيئن سامهون وارو اهو نه سمجھي ته کين ڪجھ نه ٿو اچي. پر اساما ان لحاظ کان انهن کان مختلف هو. هو وچ وچ ۾ منٽ اڌ لاء ترسي سوچيندو هو ۽ پوء ڳالھائيندو هو.
ان انٽرويو دوران اساما فسڪ کي مسلمان ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. هن کيس چيو ته مسٽر رابرٽ اسان جي هڪ ساٿي خواب ڏٺو آهي ته تون هڪ روحاني شخص آهين. ان جو مطلب آهي ته تون هڪ سچو مسلمان آهين. ان تي فسڪ کيس جواب ڏنو ته شيخ اساما آئون مسلمان ناهيان، آئون هڪ صحافي آهيان جنهن جو ڪم سچ ٻڌائڻ آهي. ان تي اساما کيس چيو ته جيڪڏهين تون سچ ٻڌائين ٿو ته ان جو مطلب تون هڪ سٺو مسلمان آهين.
ان انٽرويو هلندي پري گجگوڙ ۽ روشني جا چمڪاٽ ٿي رهيا هئا. لڳو ٿي ڄڻ اهي ڪڪرن جا آواز ۽ وڄ هجي. پر اساما چيو ته اها مختلف افغان گروهن جي ويڙه آهي ۽ اهي سندن هٿيارن جا آواز آهن. جڏهين اهي آواز وڌنڌا ويا ته اساما پريشان ٿي ويو ۽ هن چيو ته هاڻي مون کي وڃڻ گھرجي. هو پنهنجن محافظن سان اتان اٿي روانو ٿي ويو ۽ فسڪ ساڳين محافظن سان هڪ پرخطر واٽ تان ٿينيدو پنهنجي هوٽل پهتو.

رابرٽ فسڪ، افغانستان ۽ سوويت فوجون

افغانستان ۾ روسي فوجن جي اچڻ وقت رابرٽ فسڪ اتي ويو هو. هو ڪن افغان ذريعن جي حوالي سان اهو ٻڌائي ٿو ته سوويت يونين کي فوج موڪلڻ جي دعوت حفيظ الله امين پاڻ ڏني هئي ۽ پوء غلط فهمي جي بنياد تي هو پنهنجن ئي محافظن جي هٿان مارجي ويو هو.
ثورانقلاب خلاف مزاحمت جيتوڻيڪ اڳ به موجود هئي پر سوويت فوجن جي اچڻ ۽ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي مجاهدين جي مختلف گروپن جي حمايت ۽ انهن کي هٿيارن وغيره جي فراهمي جي ڪري ان ۾ تيزي اچي ويئي هئي ۽ سڄو ملڪ ان ۾ وڪوڙجي ويو هو. ساڳي وقت اها ڳالھہ به هئي ته افغان عوام جنهن اڳ برطانيا جي مداخلت جي مزاحمت ڪئي هئي ان سوويت مداخلت کي به پسند نه ٿي ڪيو. مختلف علائقن ۾ خاص طور هڪ پرڏيهي لاء سفر ڪرڻ ۽ ڪابل کان ٻاهر نڪرڻ هڪ وڏي جوکم جو ڪم هو. کيس مختلف علائقن ۾ سفر ڪرڻ ۾ اها ڏکيائي ٿيندي هئي ته رنگ ۽ لباس وغيره جي ڪري ماڻهو کيس روسي سمجھندا هئا ۽ کيس پنهنجي حفاظت خاطر گھڻن ماڻهن آڏو اهو واضح ڪرڻو پوندو هو ته هو روسي نه پر سندس واسطو برطانيا ۽ آئر لينڊ سان آهي.
جيتوڻيڪ حڪومت صحافين جي سرگرمين کي محدود ڪرڻ پئي چاهيو ۽ انهن کي ڪابل مان ٻاهر وڃڻ جي ڪا سهولت موجود نه هئي بلڪ هڪ لحاظ کان ڄڻ ته مٿن پابندي هئي. ان ڪري گھڻا صحافي ڪابل ۾ ويهي ٻڌل سڌل ڳالھہين تي رپورٽون لکي پنهنجين اخبارن ۽ نشرياتي ادارن وغيره کي موڪليندا هئا. پر فسڪ کان ائين نه ٿيندو هو. هڪ ڀيري هن سوچيو ته ڏسجي ته ملڪ جي اتر ۾ سوويت سرحد لڳ افغانستان ۾ ڇا صورتحال آهي. هو ڪنهن کي اطلاع ڪرڻ کانسواء بس جي اڏي تي پهچي ٿو ۽ اتان اتر ڏانهن ويندڙ بس ۾ سوار ٿئي ٿو. مسافر کيس عجيب نظرن سان ڏسن ٿا. هو کيس روسي سمجھن ٿا. کيس ڊپ ورائي وڃي ٿو ته ڪير کيس جاني نقصان نه پهچائي. هو پنهنجي ڀر واري مسافر کي ٻڌائي ٿو ته هو روسي نه پر انگريز آهي. پر هو پنهنجي منزل تي نه ٿو پهچي سگھي. ڪنهن سندس ڪابل مان نڪرڻ جو اطلاع اڳ ۾ واسطيدار عملدارن کي ڏيئي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ هڪ ٻن چوڪين تان بس گذري وڃي ٿي پر هڪ چوڪي تي بس کي روڪي کيس ان مان لاٿو وڃي ٿو ۽ اڳتي وڃڻ کان روڪيو وڃي ٿو. بس ٻين مسافرن سان رواني ٿي وڃي ٿي ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته هو ڪابل موٽي وڃي.
عام بس ۾ وڃڻ سندس لاء جوکم جو ڪم هو. ڪوبه مسافر روسي سمجھي کيس نقصان پهچائي سگھيو ٿي. ان ڪري کيس ڪابل ويندڙ هڪ فوجي قافلي سان گڏ روانو ڪيو وڄي ٿو. کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته خاص طور فوجين لاء اهو هڪ خطرناڪ رستو آهي ۽ چوڌاري جيڪي جبل آهن اتي جديد هٿيارن سان مجاهدين موجود آھن، جيڪي ڪنهن به وقت حملو ڪري سگھن ٿا. ٿورو اڳتي هلي کيس ان ڳالھہ جو ثبوت ملي وڃي ٿو. قافلي تي حملو ٿئي ٿو پر اها خبر نه ٿي پئي ته حملو ڪندڙ ڪٿي ۽ ڪهڙي پاسي لڪل آهن. ڪيپٽن کيس ڪلاشنڪوف ڏيئي ٿو ته جيئن ضرورت پوڻ تي هو ان کي استعمال ڪري سگھي. پر سندس لاء ڪلاشنڪوف هٿ ۾ کڻڻ جو اهو پهريون موقعو هجي ٿو ۽ کيس سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ان کي استعمال ڪيئن ڪبو. ڪجھ دير تائين اهو مقابلو هلي ٿو ۽ ان ۾ قافلي وارن کي جاني نقصان پڻ کڻڻو پئي ٿو. اڳتي به هڪ ٻن جاين تي اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي بهرحال کيس ڪو جاني نقصان نه ٿو پهچي ۽ هو اچي ڪابل پهچي ٿو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر لوڪل بس ذريعي اتر ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو.
ڪابل ۾ لندن خبرن موڪلڻ جي سهولت محدود هجي ٿي ۽ رپورٽن جي پهچڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو وڃي. فسڪ ان جو حل اهو ڪڍيو ته هن ڪابل مان جيڪا بس روز پشاور ويندي هئي ان جي ڪنڊيڪٽر سان رابطو ڪيو جيڪو روز سندس رپورٽون پشاور ۾ اخبار جي دفتر پهچائيندو هو جتان اهي لندن موڪليون وينديون هيون. ان ڪنڊيڪٽر سان سندس دوستي ٿي ويئي هئي.
حڪومت پاران خاص طور پرڏيهي صحافين تي پابنديون وڌي ويون هيون ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته انهن جي ويزا جي مدت کي نه وڌايو ويندو. ان ڪري فسڪ بجائي واپس وڃڻ جي اهو فيصلو ڪيو ته پشاور وڃي اتي ويزا وغيره لاء ڪوشش ڪجي. ڪابل کان پشاور تائين سڄو علائقو ڄڻ ته جنگ جو ميدان هجي ٿو. کين ڏاڍي احتياط سان سفر ڪرڻو پئي ٿو ۽ پاڪستان جي سرحد تائين اڪثر سوويت فوجي قافلن پويان هلڻو پئي ٿو جيڪو پڻ هڪ جوکم جو ڪم هجي ٿو. پشاور مان ڪم اڪلائي هو جلال آباد ۾ اچي رهي ٿو. هتي روز کيس مجاهدين جي حملن ۽ سوويت فوجن جي ڪاروائي ۽ جهازن جي بمباري جا اطلاع ملن ٿا ۽ هو انهن جاين تي وڃي ماڻهن سان ملي ٿو ۽ متاٿر جاين کي ڏسي ٿو. مجاهدين پاران اسڪولن کي باهيون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪول اچڻ کان منع ڪئي وڃي ٿي. هڪ ڳوٺ ۾ هو وڃي ٿو جتي اسڪول جي هڪ استاد کي ان ڪري ڦاهي ڏني ويئي هئي جو سندن چوڻ هو ته هو ڪميونسٽ هو ۽ ٻارن کي ڪميونزم جي تعليم ڏيئي رهيو هو. اهو لاش ڪيترن ڏينهن تائين وڻ تي ٽنگيل ئي رهيو هو. ساڳي ريت هو هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ وڃي ٿو جتي سوويت جهازن بمباري ڪئي هئي ۽ بم گھرن جي اندر تائين ويا هئا. پر ساڻس مسئلو اهو هو ته هو جتي ويو ٿي، اتان کيس ترت نڪرڻ لاء چيو ٿي ويو ته جيئن کيس روسي هئڻ جي شڪ ۾ ماڻهو ماري نه ڇڏين. هڪ ٻه ڀيرا خاص طور غزني جي تاريخي شهر مان ته کيس واقعي پنهنجي جان بچائي نڪرڻو پيو.
هڪ ڀيري کيس جلال آباد کان ڪابل وڃڻو هو. سندس دوست جي بس روز پشاورکان موٽندي هئي. هن ان جو انتظا ڪيو پر ان کان اڳ هڪ ٻي بس اچي ويئي. ان بس جا درين جا شيشا وغيره بند هئا ۽ ان ۾ گھڻو ڪري يونيورسٽي جا شاگرد هئا جيڪي موڪلن کانپوء پشاور کان ڪابل موٽي رهيا هئا. انهن مان گھڻا سرڪاري ڪامورن جا پٽ هئا. بس اڳتي هلي ته مجاهدين گاڏين کي روڪي ڇڏيو هو. اهي بس مان شاگردن کي لاهي هڪ پاسي ڪندا ٿي ويا. ايتري ۾ پويان سندس دوست جي بس به اچي پهتي، هن کيس ان بس مان لاهي پنهنجي بس ۾ ويهاريو. ان بس کي مجاهدين پاران روڪيو نه ويو. هو جڏهين ڪنڊيڪٽر کان ان جو ڪارڻ پڇي ٿو ته هو کيس ٻڌائي ٿو ته هي بس جيئن ته پاڪستان جي آهي ان ڪري اهي ان کي نه روڪيندا آهن. اهڙي ريت هو اچي ڪابل پهچي ٿو ۽ اهڙي ريت هو افغانستان ۾ پنهنجو ڪم ڪري ٿو.

لبنان ۽ فلسطيني مزاحمت

فلسطينين لاء بيروت مان نڪرڻ سندن ڪنهن ملڪ مان نڪرڻ جو پهريون واقعو نه هو. اسرائيل جي قائم ٿيڻ ۽ پوء 1948 ۽ 1967 جي عرب اسرائيل جنگن کانپوءِ سندن فلسطين مان لاڳيتي لڏپلاڻ جو عمل جاري رهيو آهي. هڪ وڏو تعداد اردن ۾ آباد ٿيو جنهن 1948 جي جنگ کانپوء اولهندي ڪناري ۽ اوڀر بيت المقدس کي بجائي فلسطينين جي هڪ آزاد رياست جي شڪل ڏيڻ جي پنهنجي ملڪ جو حصو ٺاهي ڇڏيو هو. اهي علائقا 1967 جي جنگ ۾ اسرائيل جي قبضي ۾ اچي ويا.
1971 ۾ اردن ۾ جنهن پئماني تي فلسطينين جو قتل عام ڪيو ويو ان اسرائيل کي به حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو ته جيترن فلسطينين کي اسرائيل ايتري عرصي ۾ نه ماريو هو اردن ۾ ان کان وڌيڪ فلسطينين جو قتل عام ڪيو ويوهو. هتان جڏهين انهن کي لبنان لڏڻو پيو ته عرب ليگ پاران اهو ٺهراء منظور ڪري فلسطينين کي اهو اختيار ڏنو ويو ته اهي لبنان مان پنهنجي وطن جي آزادي جي جدوجهد جاري رکي سگھن ٿا. لبنان ۾ اڳ اهڙن فلسطينين جو چڱو تعداد رهيل هو جن 1948 ۾ اسرائيل جي قيام ۽ ان کانپوء اتر فلسطين مان هتي لڏپلاڻ ڪئي هئي.
رابرٽ فسڪ اهڙن فلسطينين سان ملاقات ڪئي جن دير ياسين جي قتل عام کانپوء اسرائيل جي مختلف علائقن مان هتي لڏپلاڻ ڪئي هئي. انهن نه رڳو پنهنجن گھرن جا دستاويز پر چاٻيون به ان اميد سان سنڀالي رکيون هيون ته اهي جلد پنهنجي وطن ۽ پنهنجن گھرن ڏانهن موٽندا. ان ڳالھہ کي هڪ ڊگھو عرصو گذري چڪو پر اڃا به جيڪي جيئرا هئا انهن ۾ اها اميد باقي هئي ۽ انهن اهي ڪاغذ ۽ چاٻيون سنڀالي رکيون هيون. لبنان مان اسرائيل جي شهرن تل ابيب ۽ حيفه ڪجھ ڪلاڪن جو سفر آهي پر پابندين ۽ سرحد تي بندش جي ڪري فسڪ کي هڪ ڊگھو چڪر ڏيئي بيروت مان قبرص ۽ پوء اتان اسرائيل اچڻو پيو. اتي هو انهن گھرن ۽ علائقن ۾ آيو جتان فلسطينين کي بيدخل ڪيو ويو هو. اتي هاڻي اسرائيلي رهي رهيا هئا. پراڻن علائقن جي سڃاڻپ ختم ڪئي ويئي هئي. ديرياسين جو نالو ۽ ان جي سڄي هيئت بدلائي ويهي هئي. هتي اسرائيل جي هڪ اڳوڻي وزير اعظم بيگن جي اڳواڻي ۾ ارگون نالي سان دهشت گرد گروه فلسطينين جو قتل عام ڪيو هو جنهن جي ڪري گھڻن علائقن مان وڏي تعداد ۾ فلسطينين کي ڊپ وچان لڏڻو پيو هو. هتان جا نوان رهائشي ان ڳالھہ کي مڃڻ لاء تيار ئي نه هئا ته واقعي ائين ٿيو به هو.
ڏٺو وڃي ته لبنان ۾ فلسطينين کي دل سان ڪنهن به قبول نه ڪيو هو. جيتوڻيڪ سندن دروز ۽ شيعن سان به ٽڪراء رهندو ٿي آيو پر خاص طور فلانجسٽن کين پنهنجي لاء هڪ خطرو ڪري ٿي ليکيو. فرانس پاران پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء پنهنجي مينڊيٽ کي استعمال ڪندي لبنان کي شام کان ڌار ڪري ان ڪري ئي ڌار ملڪ ٺاهيو ويو هو ته جيئن وچ اوڀر ۾ هڪ عيسائي مملڪت هجي جيڪا سندن مفادن جو تحفظ ڪري. جيتوڻيڪ آبادي جي لحاظ کان هتي عيسائي ٿورائي ۾ آهن پر ملڪ جو آئين ان ريت فرقيوارانا بنياد تي ٺاهيو ويو آهي جو کين اقتدار جي ورهاست ۾ هڪ فوقيت حاصل آهي. هو پاڻ کي بجائي عرب دنيا جي اوله جي ملڪن جو هڪ حصو ڪري ئي ليکيندا آهن. ساڳي وقت انهن جا پاڻ ۾ اندروني اختلاف پڻ رهيا آهن جيڪي هڪٻئي جي اڳواڻن کي قتل ڪرڻ جي حد تائين رهيا آهن.
لبنان ۾ شام جي هڪ دلچسپ ۽ فيصلي ڪن حيثيت رهي آهي. هن جي اها ڪوشش رهي آهي ته ملڪ ۾ طاقت جو توازن ڪنهن به هڪ ڌر جي فائدي ۾ نه وڃي. ان لحاظ کان جڏهين ان اها ڳالھہ محسوس ڪئي ٿي ته فلانجسٽ ٻين ڌرين ۽ خاص طور فلسطينين جي مقابلي ۾ ڪمزور پئجي رهيا آهن ته ان فلانجسٽن جو طرف وٺندي فوجي مداخلت ٿي ڪئي جيئن 1976 جي گھرو ويڙه ۾ ٿيو ۽ جيڪڏهين معاملو ان جي ابتڙ آهي ته ان اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ لاء ٻين جو پاسو ورتو. جون 1982 ۾ اسرائيل جي فوجي ڪاروائي وقت شام جي فوج پنهنجن ويڙهاڪ جهازن ۽ ٽينڪن سان لبنان ۾ موجود هئي. جيتوڻيڪ اسرائيل پاران شام کي گھڻو نقصان پهچايو ويو ۽ گھڻن جهازن ۽ ٽينڪن کي بمباري ڪري تباه ڪيو ويو پر شام پاران اسرائيل سان مهاڏو اٽڪائڻ مناسب نه سمجھيو ويو ۽ ان خاموشي سان اهو سڀڪجھ برداشت ڪيو.
پي ايل او هڪ وڏي هٿيار بند تنظيم هئي ۽ فلانجسٽن لاء ان کي پنهنجي ليکي منهن ڏيڻ ڏکيو هو. فلسطينين خلاف اسرائيل جو ساٿ ڏيڻ جو مک ڪارڻ اهو ئي هو. اها ٻي ڳالھہ آهي ته اسرائيلي فوجن جي بيروت مان وڃڻ کانپوء جڏهين انهن شام سان مهاڏو اٽڪايو ته شامي فوجن سختي سان کين ڪچلي سندن زور ڀڃي ڇڏيو.
بيروت مان پي ايل او جي ويڙهاڪن جي وڃڻ کانپوء رابرٽ فسڪ جي چوڻ موجب لبنان جي مختلف علائقن ۾ اڃا ڏه هزار کن فلسطيني ويڙهاڪ موجود هئا. پر اهي هڪ ته منظم نه هئا، سندن ليڊرشپ لبنان مان وڃي چڪي هئي ۽ ٻيو ته اهي شام ۽ ٻين مختلف تنظيمن جي اثر هيٺ ڪم ڪري رهيا هئا. اهڙي ريت هڪ لحاظ کان لبنان مان ڄڻ پي ايل او ختم ٿي چڪي هئي.
لبنان مان نڪرڻ مهل جڏهين ياسرعرفات کان پچيو ويو ته هاڻي فلسطينين جي جدوجهد جو ڇا ٿيندو ته سندس چوڻ هو ته هاڻي اها جدوجهد فلسطين اندر منتقل ٿي ويندي. واقعي ائين ٿيو. انتفاده هڪ ڊگھي عرصي تائين جاري رهي جنهن ۾ فلسطيني نوجوانن پٿرن سان اسرائيلي فوج ۽ پوليس جي گولين، ڳوڙها گيس ۽ ڏنڊن جو مقابلو ڪيو. پر ابو عمار هاڻي ٿڪجي پيو هو ۽ مٿس آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جو به دٻاء هو ته هو اسرائيل سان ٺاه ڪري. ان ڳالھہ جي باوجود اسرائيل ميڊرڊ ۽ اوسلو ۾ جيڪي به ٺاه ڪيا ۽ واعدا ڪيا انهن مان ڪو به پورو نه ٿيو. والاريل علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاري جو عمل جاري رهيو۽ بيت المقدس فلسطينين جي گادي جو هنڌ نه بڻجي سگھيو. اهو واقعي هڪ الميو هو ته نه رڳو عرفات اسرائيل جو قيدي بڻجي ويو ۽ ان جي اجازت کانسواء ڪٿي اچي وڃي نه ٿي سگھيو پر هو جنهن نالي ماتر رياست جو اڳواڻ هو ان کي اسرائيل جي هدايتن مطابق ئي هلڻو هو. فلسطيني مزاحمت کي ختم ڪرڻ جو جيڪو ڪم اسرائيل جي فوج ۽ پوليس ڪيو ٿي اهو هاڻي عرفات جي اڳواڻي ۾ فلسطين جي پوليس ڪري رهي هئي.
گھڻين لاهين چاڙهين ۽ مرحلن مان گذرڻ کانپوء فلسطينين جي جدوجهد جو انت هتي ٿيو. اها ڳالھہ آمريڪا ۽ اسرائيل سان گڏوگڏ وچ اوڀر ۽ ٻين مسلم ملڪن جي حڪمرانن، جيڪي اسرائيل سان ناتا رکڻ چاهين ٿا ۽ جن کي اڳ فلسطينين جي مزاحمت ۽ سندن پنهنجي عوام جي مخالفت روڪي رکيو هو، جي فائدي ۾ هئي. ان سلسلي ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن اهي سڀني جي آڏو آهن. في الحال فلسطين جو مسئلو ڄڻ ته پسمنظر ۾ هليو ويو آهي.

رابرٽ فسڪ جو قنڌار جو سفر ۽ افغان پناهگير

نائن اليون کانپوء آمريڪا جي افغانستان تي حملي وقت رابرٽ فسڪ پاڪستان ۾ موجود هو. ٻين ڏيهي ۽ پرڏيهي صحافين جيان هن به افغانستان وڃي اتان جي صورتحال کي پنهنجين اکين سان ڏسڻ ۽ رپورٽ ڪرڻ چاهيو ٿي پر حڪومت پاران ان ڳالھه جي اجازت نه ٿي ڏني ويئي. حامد مير ڪنهن ريت سرحد پار ڪري تورا بورا ۾ اسامه بن لادن جو انٽرويو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو جيڪو پاڪستان جي مختلف اخبارن ۾ شائع ٿيو. واپسي تي هن رابرٽ فسڪ، جنهن اڳ ۾ اساما جا خرطوم ۽ افغانستان ۾ انٽرويو ڪيا هئا، کي ٻڌايو ته اساما سندس پڇا پئي ڪئي ته هو ڇو نه آيو.
گھڻين ڪوششن کانپوء فسڪ کي اسلام آباد جي افغان سفارتخاني پاران رڳو قنڌار جو ويزا ڏنو ويو. هونئن به آمريڪا جي حملي کانپوء طالبان جي حڪومت قنڌار تائين ئي محدود ٿي ويئي هئي. باقي ملڪ آمريڪا ۽ افغان اتحادين جي قبضي هيٺ هو. ان وقت جيڪا صورتحال هئي ان ۾ قنڌار تائين پهچڻ به هڪ جوکم جو ڪم هو. آمريڪي جهاز سڄي ملڪ تي بمباري ڪري رهيا هئا ۽ ڪوبه علائقو محفوظ نه هو. چمن جي سرحد تي افغان عملدار کيس ان خطري کان آگاه ڪن ٿا ۽ سفر کان باز رهڻ لاء چون ٿا. پر هو کين ٻڌائي ٿو ته اوهان جي حڪومت پاران ئي ويزا ڏنو ويو آهي ۽ هو اتي ضرور ويندو. هو سرحد ته پار ڪري ٿو. پر کيس مخالف سمت کان ماڻهن جا قافلا، جن ۾ ٻار، عورتون، مڙد، پوڙها ۽ جوان شامل هجن ٿا، پاڪستان جي سرحد ڏانهن ويندي نظر اچن ٿا. اهي سڀ آمريڪي بمباري ۽ طالبان مخالف اترئين اتحاد وغيره جي ڪارواين جي ڪري پنهنجا گھر ڇڏي لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا هئا. هو اڳتي هلي ٿو ته واٽ تي کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته قنڌار وڃڻ محفوظ ناهي. اتي آمريڪا جي سخت بمباري ۽ طالبان مخالف افغان قوتن جون وڏي پئماني تي ڪاروايون جاري آهن. گھڻا طالبان اڳواڻ شهر ڇڏي محفوظ جاين ڏانهن وڃي چڪا آهن. کيس پاڻ به اهو محسوس ٿئي ٿو ته قنڌار پهچڻ ممڪن ناهي ۽ هو موٽ کائي ٿو. سرحد تي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ لاء افغان پناهگيرن جو هڪ وڏو تعداد موجود هجي ٿو جن ۾ مڙد عورتون، ٻار شامل هجن ٿا. انهن مان هرڪنهن جي پنهنجي ڪهاڻي هجي ٿي ۽ هرڪو کيس پنهنجو احوال ٻڌائي ٿو.
بهرحال قنڌار وڃڻ جي سندس خواهش باقي رهي ٿي. ٿوري وقت کانپوء هو هڪ ٻئي پرڏيهي صحافي سان چمن رستي اتي وڃڻ جي رٿا رٿي ٿو. ان وقت تائين بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ افغان پناهگيرن جو هڪ وڏو تعداد اچي چڪو هو. هو ڪوئيٽا کان روانا ٿين ٿا ته قلعه عبدالله وٽ سندن گاڏي خراب ٿي وڃي ٿي. کين اها ڃاڻ هجي ٿي ته ان علائقي ۾ افغان پناهگيرن جو هڪ وڏو تعداد آباد آهي. ان دوران جيستائين هو پنهنجي گاڏي جي مرمت جو ڪو بندوبست ڪن ڪجھ ماڻهو سندن چوڌاري گڏ ٿي وڃن ٿا ۽ کانئن پنهنجي ٻولي ۾ ڪجھ سوال ڪرڻ لڳن ٿا. هو کين سلام ڪري ۽ کيڪاري ٿو ۽ پنهنجو مسئلو ٻڌائي ٿو. ڪجھ ڇوڪرا کين هٿ لڳائڻ ۽ ڇهڻ شروع ڪن ٿا. اهو سلسلو وڌنڌو وڃي ٿو ۽ ماڻهو انهن ٻنهي ڄڻن کي ڌڪ هڻڻ شروع ڪن ٿا. هڪڙو ڇوڪرو ٻئي کان فسڪ متعلق پڇي ٿو ته ڇا هي جارج بش آهي. هجوم وڌنڌو وڃي ٿو ۽ وقت سان گڏ ان جي تشدد ۾ به واڌارو ايندو وڃي ٿو. ايتري ۾ هڪ بس ايندي نظر اچي ٿي ۽ ڊرائيور انهن ٻنهي کي بس ۾ سوار ٿيڻ جو اشارو ڪري ٿو. ماڻهو ايستائين انهن کي ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏين ٿا. هو ڪنهن ريت پاڻ کي ڇڏائي بس ۾ سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سندس دوست ته بس ۾ سوار ٿي وڃي ٿو ۽ فسڪ کي پنهنجو هٿ به ڏئي ٿو ته جيئن هو ان کي بس ۾ سوار ڪري سگھي. پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿو ٿي سگھي ۽ ماڻهو کيس ڇڪي هيٺ لاهي ڇڏين ٿا. ان موقعي تي اڇي ڏاڙهي ۽ پٽڪي وارو هڪ شخص سندس لاء ڄڻ هڪ غيبي مدد بڻجي اچي ٿو. هو جيڪڏهين ماڻهن کان کيس نه ڇڏائي ها ته سندس بچڻ ڏکيو هو. هو ان همراه سان هلڻ لڳي ٿو پر پويان ماڻهو کيس ڌڪ ۽ چنڀا هڻندا رهن ٿا. سندس چشمو ٻه ٽي ڀيرا لهي وڃي ٿو پر هو ڪوشش ڪري ان کي قابو ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته ان کانسواء هو ڄڻ ته انڌو هجي ٿو. ساڳي ريت هو پنهنجي نوٽ بڪ کي به سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جنهن ۾ سندس اهم رابطن جا ٽيليفون نمبر ۽ ٻيو مواد هجي ٿو. هو همراه کيس ويجھو ريڊ ڪراس جي دفتر وٺي وڃي ٿو جتي سندس مرهم پٽي ڪئي وڃي ٿي ۽ فرسٽ ايڊ ڏني وڃي ٿي. سندس دوست به اتي پهچي ٿو. اهڙي ريت اهي واپس ڪوئيٽا موٽي وڃن ٿا.
ٻئي ڏينهن پرڏيهي اخبارن ۾ اها خبر ڇپجي ٿي ته رابرٽ فسڪ تي افغان دهشت گردن جو قاتلانو حملو۽ وڏي مشڪل سان هو پنهنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھيو. پرهو پاڻ ان سڄي واقعي کي هڪ بلڪل مختلف نڪته نظر سان پيش ڪري ٿو. هو پنهنجي ذاتي تڪليف جي بنياد تي بجائي انهن ماڻهن سان نفرت جو اظهار ڪرڻ جي ان کي هڪ وسيع پسمنظر ۾ ڏسندي اهو خيال ڏيکاري ٿو ته مٿس ان حملي جو مک ڪارڻ اتان جي ماڻهن جي اوله جي ملڪن ۽ اتان جي ماڻهن، جن جي ڪري کين پنهنجو گھر ۽ ملڪ ڇڏڻو پيو۽ وڏين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، سان نفرت آهي. سندس ان موقف تي ان لحاظ کان تنقيد ڪئي ويئي ته اهڙي ريت هن دهشت گردن جي حمايت ڪئي هئي.
فسڪ پنهنجو چشمو ته بچائڻ ۾ ڪامياب ويو پر ان سڄي هنگامي ۾ سندس نوٽ بڪ گم ٿي ويئي. اها هڪ لحاظ کان سندس لاء وڏي پريشاني جي ڳالھه هجي ٿي. ڇاڪاڻ ته سندس ڪم جو گھڻو دارومدار انهن ٽيليفون نمبرن ۽ نالن تي هجي ٿو جيڪي ان نوٽ بڪ ۾ هئا. هو ان سلسلي ۾ پنهنجن دوست صحافين کان مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سندس دوست ڊينيئل پرل، جنهن کي پوء اغواء ڪري قتل ڪيو ويو، ان وقت اسلام آباد ۾ موجود هجي ٿو. هو ان سلسلي ۾ سندس گھڻي مدد ڪري ٿو ۽ گھڻا رابطا کيس ڏئي ٿو.
اهڙي ريت هو گھڻين ڪوششن جي باوجود ان وقت قنڌار پهچي اتان جي صورتحال کي پيش نه ٿو ڪري سگھي.

پليجي جي لکڻين تي ڊاڪٽر فيروز احمد جي راءِ

هڪ ڏينهن 80-B لطيف آباد تي ويٺا هئاسين. سيد اڪبر به هيڊ ڪوارٽر تي پارٽي جي نظرياتي، تعليمي ۽ تنظيمي رٿا بندي ۽ لکا پڙهي تي مقرر ٿيل هو. شهيد محمد فاضل راهو، قاسم پٿر ۽ ڊاڪٽر فيروز احمد سماجيات جو ماهر پر پارٽي جي ڪارڪن جي حيثيت ۾ هيڊ ڪوارٽر تي آيل هو. ڪچهري ڪندي رسول بخش پليجي پنهنجي لکيل ڪتابن، مضمونن ۽ مقالن جي باري ۾ ڊاڪٽر فيروز احمد کان پڇيو ته ڊاڪٽر صاحب اوهان جي ان سڄي مواد جي باري ۾ عالمانه راء ڪهڙي آهي؟ سوال تي ڊاڪٽر صاحب ڄڻ ته پريشان ٿي ويو. هونئن جڏهين ڊاڪٽر فيروز احمد سوچيندو هو ته ڳالھه ڪيئن پيش ڪجي ته پنهنجي کاٻي هٿ سان پنهنجي مڇن کي هيٺ مٿي ڪندو هو. ٿوري دير کانپوء اسان ڏانهن ڏٺائين. پليجي ڏانهن معني خيز مرڪ مرڪندي چيائين ته پليجا صاحب توهان جي سموري لکيل مواد مان جيڪڏهين تمهيد، محاورن، اکرن جو ورجاء، چوڻيون ۽ شعر ڪڍي ڇڏجن ته باقي علمي، تحقيقي ۽ تبليغي ڄاڻ جي حساب سان هڪ ڪتاب جيترو به مواد مس آهي. اوهان هڪ نڪتي کي بيان ڪرڻ لاء ڪيترائي صفحا لفظن جي گلڪاري، ٻولي جا محاورا، چوڻيون ۽ شعر استعمال ٿا ڪريو، جيڪو منهنجي سمجھ ۾ ته اضافي آهي. (ڪتاب سرگردان سنسار ۾ ليکڪ محمد قاسم مير جت صفحو 271 ۽ 270 ).
اهو سنڌي جي هڪ ناليواري ليکڪ جي حوالي سان هڪ محقق ۽ عالم جو رايو آهي. ڏٺو وڃي ته اهو مضمون نگاري ۽ تحقيق جي حوالي سان سنڌي ۾ هڪ عام لاڙو آهي جنهن جي ڪري گھڻن کي فوري شهرت ته ملي وڃي ٿي پر اها شي گھڻي عرصي تائين جٽاء نه ٿي ڪري ۽ پنهنجو اثر ۽ مقام قائم نه ٿي رکي سگھي. بهتر اهو آهي ته هر صنف کي پنهنجي لحاظ کان ڏٺو وڃي ۽ ان سان اهو ئي ورتاء ڪيو وڃي.ِ هروڀرو ڪنهن تحقيقي مضمون کي افساني ۽ شاعري جي شڪل نه ڏجي.

يوسف القعيد جو ناول سرزمين مصر ۾ جنگ

”سرزمين مصر ۾ جنگ“ هي مصر جي اديب يوسف القعيد جو لکيل ناول آهي. شروع ۾ اهو ناول مصر ۾ ڇپجي نه سگھيو ۽ ڪجھ عرصي کانپوء ان کي بيروت مان ڇاپيو ويو. هي ناول مصر جي ڳوٺاڻي زندگي جي حوالي سان 1973 جي مصر اسرائيل جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. 1967 جي جنگ ۾ شڪست ۽ جمال ناصر جي موت کانپوء مصر ۾ گھڻيون معاشي ۽ سياسي تبديليون آيون. هي ناول انهن ننڍن زميندارن ۽ هارين جي زندگي جو احوال بيان ڪري ٿو جن کي ناصر جي دور ۾ زمينن جي ملڪيت ملي هئي پر نئين حڪومت ۾ اهو سڀڪجھ کانئن کسجي وري پراڻن مالڪن کي ملي ويو.
ناول جي خاصيت اها آهي ته ان ۾ ڪنهن به ڪردار جو ڪو نالو ناهي ۽ هرڪو پنهنجي عهدي ۽ سرڪاري حيثيت جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ ان جو بيان ڪري ٿو. ڳوٺ جو وڏو زميندار، جنهن کي مصر ۾ عمده جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، کي عدالت پاران اها سڀ زمين واپس ملڻ جو حڪم ٿئي ٿو جيڪا کانئس جمال ناصر جي زرعي سڌارن جي ڪري وٺي هارين وغيره ۾ ورهائي ويئي هئي. ان حوالي سان کيس پوليس ۽ ٻين سرڪاري عملدارن جي پٺڀرائي حاصل هجي ٿي. ان سان ڳوٺ ۾ سندس وڏي حيثيت ۾ اڃا به واڌارو اچي وڃي ٿو.
عمده جون ٽي زالون هجن ٿيون پر ڪنهن بيماري جي ڪري هو پنهنجي مرداڻي صلاحيت وڃائي ويهي ٿو جنهن جي خبر رڳو سندس ننڍي زال کي هجي ٿي جنهن وٽ ئي هو رهي ٿو. ان زال مان کيس هڪ پٽ هجي ٿو جيڪو سندس ٻين پٽن کان ننڍو هجي ٿو. ان دوران سرڪار پاران سندس ان پٽ جي لازمي فوجي خدمت جو حڪم نامو اچي ٿو. پنهنجن ٻين پٽن لاء هو اهڙن حڪم نامن کي اڳ ختم ڪرائي چڪو هو. هاڻي اهو سندس لاء ان ڪري ضروري هو ته اهو سندس ننڍي زال جو اڪيلو پٽ هو جيڪا اهو نه چاهيندي ته هو کانئس پري وڃي ۽ ٻي ڳالھہ ته هو ئي سندس راز کان به واقف هئي جنهن ڪري هو کيس ناراض ڪرڻ به نه پيو چاهي. ان ڪري هو پنهنجي منشي وسيلي هڪ دلال سان رابطو ڪري ٿو جيڪو اهڙا ڪم ڪندو آهي. هو گھڻي سوچ ويچار ۽ ڏي وٺ کانپوء کيس صلاح ڏئي ٿو ته اهو معاملو ان نموني حل ٿي سگھي ٿو ته تنهنجي پٽ جي جاء تي ڳوٺ جي هڪ اهڙي نوجوان کي ڀرتي لاء موڪليو وڃي جيڪو ساڳي ڏينهن پيدا ٿيو هجي جنهن ڏينهن تئهنجو پٽ پيدا ٿيو آهي. جاچ جوچ کانپوء منشي کيس ٻڌائي ٿو ته اهڙو نوجوان چوڪيدار، جيڪو تازو رٽائر ٿيو آهي ۽ هاڻي عمده وٽ ئي ملازمت ڪري ٿو، جو پٽ آهي جيڪو پنهنجي ذهانت جي باوجود وسيلن نه هئڻ ڪري شهر جي اسڪول ۾ وڌيڪ نه پڙهي سگھيو. عمده ان چوڪيدار کي مختلف طريقن سان ريڀي، کيس زمين وغيره واپس ڪرڻ جي لالچ ڏيئي ان ڳالھہ لاء مجبور ڪري ٿو ته هو پنهنجي پٽ کي ان ڳالھہ لاء مجبور ڪري ته هو سندس پٽ جي جاء تي فوج ۾ لازمي خدمت لاء وڃي. نيٺ ڪنهن طريقي سان چوڪيدار جي پٽ کي عمده جي پٽ جو نالو ڏيئي ۽ ان کي عمده جو پٽ ڄاڻائي لازمي فوجي خدمت لاء موڪليو وڃي ٿو.
اتي ان نوجوان جي طبي يونٽ ۾ ڊيوٽي هجي ٿي. هو لاڳيتو اڻ تڻ جو شڪار هجي ٿو ۽ پنهنجي ٻٽي حيثيت کي سهي نه ٿو سگھي. هو اتي پنهنجي هڪ دوست سان پنهنجي دل جو حال اوري ٿو ۽ کيس چئي ٿو ته هو جيڪڏهين مارجي وڃي ته هو اهو سڀڪجھ ظاهر ڪري ڇڏي. پر هو اها ڳالھه جنگ جي تيز ٿي وڃڻ جي ڪري پنهنجن آفيسرن کي نه ٿو ٻڌائي سگھي. هو ان ڳالھہ کي ترجيح ڏئي ٿو ته بجائي پوئتي رهڻ جي اڳين صفن ۾ وڃي ملڪ جي بچاء لاء وڙهي. ان جنگ ۾ هو شهيد ٿي وڃي ٿو ۽ سندس دوست، جنهن کي سندس گھر ۽ ڳوٺ جي خبر هجي ٿي، تي اها ذميواري رکي وڃي ٿي ته هو هڪ ٻئي آفيسر سان گڏجي سندس لاش کي مائٽن تائين پهچائي. واٽ تي ان ڳوٺ جي هڪ همراه کي اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته عمده جو پٽ جنگ ۾ مارجي ويو آهي ۽ ان جي لاش کي ڳوٺ پهچائڻو آهي ته هو کين ٻڌائي ٿو ته عمده جو پٽ ته جيئرو جاڳندو ڳوٺ ۾ موجود آهي. پوء اهو دوست اهو راز کولي ٿو ته عمده جي پٽ جي نالي ۾ اهو دراصل چوڪيدار جو پٽ آهي جنهن کي عمده جي پٽ کي ڀرتي کان بچائڻ لاء فوج ۾ موڪليو ويو هو. گڏ آيل آفيسر ان سلسلي ۾ عمده خلاف ڪاروائي ڪرڻ چاهي ٿو. انڪوائري ٿئي ٿي. هيٺين آفيسرن جو رايو هجي ٿو ته لاش کي سندس حقيقي پي چوڪيدار جي حوالي ڪيو وڃي ۽ سرڪار پاران شهيد لاء جيڪي مراعاتون وغيره آهن اهي به ان کي ڏنيون وڃن. پر عمده پنهنجي اثررسوخ ۽ وڏن آفيسرن تائين راهي رسائي ڪري ائين ٿيڻ نه ٿو ڏئي. نه رڳو ننڍن آفيسرن کي سرزنش ٿئي ٿي پر انهن کي چيو وڃي ٿو ته انهن فوج جي ڪمن ۾ مداخلت ڪئي آهي. جيئن ته سرڪاري ريڪارڊ ۾ نوجوان کي عمده جو پٽ ڄاڻايو ويو هو ان ڪري جيڪي سرڪاري مراعاتون آهن اهي ان کي ملنديون ۽ پوء ان جي مرضي آهي ته هو ان مان چوڪيدار کي ڪجھ ڏئي ٿو يا ماڳيئي نه ٿو ڏئي جڏهين ته لاش کي فيصلي ٿيڻ تائين نامعلوم جاء تي رکيو ويندو. چوڪيدار کي وري به ننڍي انڪوائري آفيسر پاران آسرو ڏنو وڃي ٿو ته هو ساڻس گڏ آهي ۽ لاش ۽ مراعاتن مان ڪجھ حصو کيس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو پر اهو مڙيئي ائين ٺلهو آسرو ئي هجي ٿو.

ڪوٽ لکپت جو قيدي

سنڌ جي سياست ۽ ادب ۾ رسول بخش پليجو هڪ اهم نالو آهي. سياسي لکڻين سان گڏو گڏ هن ڪهاڻي، شاعري ۽ ادبي تنقيد تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪوٽ لکپت جو قيدي سندس ان وقت جي جيل ڊائري آهي جڏهين ضياء الحق جي دور ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو هو. ان کان اڳ هن 1968 ۾ ڪجھ عرصو جيل ۾ گذاريو هو.
ان دوران هن هڪ مختصر عرصو خيرپور ۽ حيدرآباد جيل ۾ گذاريو جنهن جو ڪوخاص ذڪر ڊائري ۾ نه ٿو ملي. گھڻو وقت هن لاهور جي ويجھو ڪوٽ لکپت جيل ۾ گذاريو هو جيڪو ملڪ جي سخت ترين جيلن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو ۽ جتي ذوالفقار علي ڀٽو کي به قيد رکيو ويو هو. ان ڊائري لکڻ وقت ليکڪ هڪ ته پنهنجي صحت جي لحاظ کان ٺيڪ نه هو ۽ ٻيو ذهني لحاظ کان وکريل هو. سندس چوڻ موجب هن گھڻي وقت کان ڪجھ لکيو نه هو ۽ ڪا شي لکڻ تي سندس دل به نه پئي چاهي. هن پاڻ کي ذهني طور ان ڳالھہ لاء تيار ڪيو ته لکڻ جو ڪم شروع ڪجي پوء ڀلي اهو ڪيئن به هجي.
اهڙي ريت ڊائري لکڻ جو اهو ڪم شروع ٿئي ٿو. ان جي شروعات ۾ ڇڙوڇڙ خيال آهن. هڪ موضوع شروع ٿئي ٿو ته فوري طور ٻئي جملي ۾ ئي ٻيو موضوع شروع ٿي وڃي ٿو. اهڙي ريت ان ۾ فلم، موسيقي، ٽي وي ۽ ريڊيو جا پروگرام ۽ خبرون، عالمي ۽ ملڪي صورتحال تي تبصرا، خاندان ۽ پارٽي جي مختلف فردن جو ذڪر اچي ٿو. هڪ لحاظ کان ڄڻ اهو شعور جو وهڪرو آهي. ساڳي ريت ان سان ليکڪ جي شخصيت جا مختلف پاسا پڻ سامهون اچن ٿا.
اياز متعلق هن ڪجھ تفصيل سان لکيو آهي. سندس چوڻ آهي ته اياز کي دنيا سان هن متعارف ڪرايو هو. 1952-53 ۾ جڏهين هو اخبار نوائي سنڌ ۾ سب ايڊيٽر هو ته هن اياز جي فن ۽ فڪر تي هڪ تفصيلي مضمون لکيو هو. ان اخبار جي ايڊيٽر غفور سيتائي کيس چيو ته هي ڪهڙي وات ڳاڙهي شڪارپوري تي مضمون لکيو اٿئي. پر هو پنهنجي موقف تي قائم رهيو. ساڳي ريت نئين زندگي جو ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي عرف زورآور ۽ رسالي سان لاڳاپيل شمشيرالحيدري کيس رسالي لاء مضمون لکڻ لاء اصرار ڪندا رهندا هئا. هن کين اياز جي شاعري تي هڪ مضمون لکي ڏنو پر ايڊيٽر ان کي ڇپڻ کان انڪار ڪندي مضمون واپس ڪري ڇڏيو. ساڳي ريت اياز جي بچاء ۾ رجعت پسندن کي جواب ڏيندي هن ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ لکيو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته وچولي طبقي جي پس منظر ۽ شيخ ڪيمونٽي سان واسطو هئڻ ڪري ايازجو پنهنجي مفاد ۽ ذاتي فائدي ڏانهن گھڻو لاڙو هو. ان ڪري کيس هڪ انقلابي ته نه ٿو چئي سگھجي پر ان ڳالھہ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اياز هڪ وڏو شاعر آهي ۽ سندس شاعري کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. هو پنهنجن جيل جي دوستن سان بحث ڪندي اياز کي فيض ۽ اڙدو جي ٻين شاعرن کان وڏو شاعر ڪري پيش ڪري ٿو.
جيل ۾ هو ادبي تنقيد جي هڪ ٻئي ڪتاب سندي ذات هنجن تي به ڪم ڪندو رهي ٿو جنهن جي مڪمل ٿيڻ ۾ طبيعت جي خرابي ڪري گھڻو وقت لڳي وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته هو لطيف جي فن ۽ فڪر تي به ڪتاب لکڻ چاهي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هن مختلف ڪتاب گڏ ڪرڻ پڻ شروع ڪيا هئا. مون کي خبر ناهي ته اهو ڪتاب هن مڪمل ڪيو يا جيڪڏهين مڪمل ڪيو ته اهو شائع ٿي سگھيو يا نه. سندس ويجھا ماڻهو ان سلسلي ۾ ڪجھ ٻڌائي سگھن ٿا. ليکڪ ڪنهن مصلحت تحت پنهنجي جيل جي ڪجھ ساٿين کي بجائي سندن مڪمل نالن جي م ۽ ش وغيره جي نالن سان لکيو آهي. جڏهين ليکڪ م، جيڪو پيپلز پارٽي پنجاب جو هڪ اهم اڳواڻ هو، سان بابا فريد جي شاعري متعلق ڳالھائي ٿو ته م جو اهو خيال هجي ٿو ته بابا فريد بهاولپور جي نوابن جو ماڻهو هو. پر ليکڪ کيس ان ڳالھہ تي قائل ڪري ٿو ته اهڙي ڳالھہ ناهي ۽ هو واقعي هڪ وڏو شاعر هو ۽ سندس اثر ننڍي کنڊ جي مختلف شاعرن ۽ بزرگن تي آهي. سندس ٻين ٻولين ۽ خاص طور پاڪستان جي ٻولين ڏانهن رويو نهايت مثبت آهي. سندس سرائيڪي تي ته چڱي گرفت آهي ۽ ساڳي وقت هو پشتو پڻ سکڻ شروع ڪري ٿو. بلوچي کي هو پنهنجي لاء هڪ ڏکي ٻولي سمجھي ٿو. سندس خيال آهي ته اڙدو تي وڌيڪ زور ڏيڻ ۽ ان کي ملڪي سطح تي رائج ڪرڻ جي ڪري پاڪستان جي ٻولين جي ترقي ۽ ترويج تي منفي اثر پيو آهي.
ان وقت هڪ پاسي ملڪ ۾ ضياء جي مارشل لاء خلاف مختلف سياسي جماعتون ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تي گڏ هيون ته ٻئي پاسي فاڪلينڊ جي مسئلي تي برطانيا ۽ ارجنٽائن ۾ جنگ هلندڙ هئي ۽ لبنان ۾ اسرائيل فلسطينين خلاف ڪاروائي ڪري رهيو هو. ليکڪ اخبارن،ِ ريڊيو ۽ ٽي وي وسيلي انهن سڀني معاملن کان باخبر هو. ان وقت غوث بخش بزنجو ان ڪري ايم آر ڊي ۾ شامل نه پئي ٿيو جو سندس اها گھر هئي ته ايم آر ڊي پنهنجي منشور ۾ صوبائي خودمختياري متعلق وڌيڪ واضح موقف رکي جڏهين ته پليجو جو خيال هو ته اهو سندس اجايو ضد هو. ان وقت مسئلو ضياء جي آمريت مان جان ڇڏائڻ جو هو ۽ ان نڪتي کي اهميت ڏيئي کيس ان اتحاد جو حصو ٿيڻ گھرجي ها. ساڳي وقت فاڪلينڊ جي مسئلي تي سندس همدرديون ارجنٽائن سان گڏ هيون ۽ سندس چوڻ هو ته ان جنگ کانپوء لاطيني آمريڪا ساڳيو نه رهندو. ساڳي ريت لبنان جي حوالي سان سندس خيال هو ته هڪ پاسي اسرائيل فلسطيني مزاحمت کي لبنان ڇڏڻ تي مجبور ڪري رهيو هو ته ٻئي پاسي عرب ملڪن جا بادشاه ۽ آمر تماشو ڏسي رهيا هئا ۽ هڪ لحاظ کان ڄڻ اسرائيل جي خاموش مدد ڪري رهيا هئا.
ليکڪ اهو خيال ڏيکاريو آهي ته آمريت خلاف جدوجهد ۾ ان وقت پنجاب اڳتي هو ۽ اتان جا جيل سياسي قيدين سان ڀريل هئا. هوساڳي جيل ۾ قيد هڪ سياسي قيدي رزاق جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو هڪ موچي جو پٽ هو ۽ جنهن کي ڦاهي اچڻي هئي. هو سڄي جيل ۾ پنهنجي همت ۽ بهادري ڪري ڄاتو ويو ٿي. سندس لاء چيو ويو ٿي ته هن شاهي قلعي ۾ پڇا ڳاڇا دوران پڇا ڪندڙ آفيسر جي منهن ۾ کانگھارو هڻي ڪڍيو هو. جيل ۾ گھڻا اهڙا قيدي هئا جيڪي هائيجيڪنگ ۽ ٻين سياسي ڪيسن ۾ گرفتار ٿيا هئا. انهن مان گھڻن جو واسطو آسودن گھراڻن سان هو ۽ ڪي عورتون ۽ مڙد بينڪ آفيسر ۽ سرڪاري ڪامورا پڻ هئا. هو اهو خيال ڏيکاري ٿو ته جيتوڻيڪ سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي جو وچولو طبقو مفاد پرست ۽ عوامي سياست کان پري هو پر پنجاب جي وچولي طبقي جو گھٽ ۾ گھٽ ڏه سيڪڙو اهڙو هو جيڪو قرباني ڏيڻ لاء تيار هو جڏهين ته سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو نه هئڻ برابر هئا.
جيتوڻيڪ هن ڊائري ۾ واضح طور ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن جو نالو نه ورتو آهي پر هن جيڪي اشارا ڪنايا ڏنا آهن ان مان لڳي ٿو ته هو انهن جو ئي ذڪر ڪري رهيو آهي. حالانڪه ڏٺو وڃي ته جيل ۾ اچڻ کان اڳ جيڪي سندس مختلف مضمونن جا ڪتاب جهڙو صبوح ٿيندو ۽ ڌراڙن جا ڌڪ وغيره ڇپيا آهن ان ۾ هن باقاعدي نقوي، نازشي سازشي ٽولي جي نالي سان انهن جو ذڪر ڪيو آهي. هتي هو انهن لاء ڊينڊڙا جو لفظ استعمال ڪري ٿو جيڪو عام طور سنڌي قوم پرست تحقير طور ڪيممونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن ۽ انهن جي حامين لاء استعمال ڪندا آهن پر اهو لفظ ان سطح جي سياستدان ۽ ليکڪ کي سونهي نه ٿو. جڏهين سنڌي ۾ ووٽر لسٽن جي سنڌي ۾ ڇپرائڻ ۽ ون يونٽ جي مسئلي تي هو پاڻ ٻين ڪارڪنن سان گرفتار ٿيو هو ۽ ٿوري وقت کانپوء ڄام ساقي به انهن ساڳين الزامن هيٺ گرفتار ٿي جيل پهتو هو ته هو ان تي تبصرو ڪندي چئي ٿو ته انهن ماڻهن جو ان جدوجهد ۾ ڪو حصو نه هو پر اهي آڱر وڍائي شهيدن ۾ شامل ٿي ويا هئا ۽ اسان جهڙا ٿي ويا هئا.
ان وقت ڪميونسٽ پارٽي نعپ سان گڏجي ڪم ڪري رهي هئي ۽ پليجو پاڻ نعپ حيدرآباد جو صدر هو. هو لکي ٿو ته ڪميونسٽ پارٽي جا اڳواڻ نعپ جي محمود الحق عثماني کي خاص ان ڪري حيدرآباد وٺي آيا هئا ته جيئن شاگردن جي 4 مارچ واري جدوجهد ۾ سندن مهاجر ڪمشنر مسرور جي حمايت ۽ پٺڀرائي ڪري سگھجي. هو نعپ جي حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ ڪنونشن جو ذڪر ڪري ٿو جنهن ۾ کيس تقرير ڪرڻ نه ٿي ڏني ويئي پر هن زوري اچي تقرير ڪئي ۽ ون يونٽ جي خلاف ٺهراء منظور ڪرايو جڏهين ته نعپ جا اڳواڻ، سندس چوڻ موجب، ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ لاء تيار نه هئا.
سندس ٻين لکڻين وانگر هتي به هو ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن سان ڪن واضح نظرياتي ۽ سياسي اختلافن، جنهن جي ڪري کيس ڌار ٿي ٻي سياسي جماعت ٺاهڻي پئي، جو ذڪر نه ٿو ڪري. سندس سڄو زور پارٽي جي اڳواڻن جي مهاجرهئڻ ۽ سندن پاران پارٽي کي پنهنجي مرضي ۽ مفادن مطابق هلائڻ تي آهي جڏهين ته ڪجھ سنڌين خاص طور ڄام ساقي ۽ مير ٿيٻو وغيره سندن دهلاري ٿي پئي ڪم ڪيو. بجائي ان جي جيڪڏهين پليجو پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن سان پنهنجن نظرياتي ۽ سياسي اختلافن کي سنجيدگي سان رکي ها ته سنڌ جا سياسي ڪارڪن ان مان لاڀ حاصل ڪري سگھن ها.
هن پنهنجن ٻارن، ماء ۽ ٻين گھر وارن جو ذڪر ڪيو آهي. ان مان سندس انهن سان پيار، محبت ۽ هڪ جذباتي وابستگي جو اندازو ٿئي ٿو.

ڪاني نڪاح

خالد طور جي ناولن ۽ ڪهاڻين جا موضوع گھڻي ڀاڱي اتر پنجاب جي ڳوٺاڻي زندگي ۽ ان جي رسم رواجن سان لاڳاپيل آهن. ڪاني نڪاح سندس هڪ اهم ناول آهي. سنڌ ۾ اسان قرآن سان نڪاح وارو رواج ٻڌو آهي ۽ ان متعلق لکيو به ويو آهي پر اها ان کان بلڪل ئي مختلف رسم آهي ۽ هن ناول جي پڙهڻ کان اڳ مون کي ان جي گھٽ ۾ گھٽ خبر نه هئي.
هي اتر پنجاب جي ڳوٺ حاصل جي ورهاڱي کان اڳ جي ڪهاڻي آهي جيڪا ليکڪ کي سندس ڳوٺ کوڙ جي هڪ بزرگ پير علي، جنهن پاڻ ان رسم جو مشاهدو ڪيو هو، ٻڌائي. حاصل جي ڳوٺ ۾ جڏهين مهاڀاري جنگ هلندي انگريز آفيسر جوانن کي ڀرتي ڪرڻ لاء اچن ٿا ته اتان جو هڪ جوان امير خان فوج ۾ ڀرتي ٿي هليو وڃي ٿو. امير خان پنهنجي سوٽ سان مڱيل هجي ٿو. سندس وڃڻ جي ڪجھ وقت کانپوء سندس چاچو سندن گھر اچي ٿو ۽ سندس ماء پي کي چئي ٿو ته امير خان کي جلدي چٺي لکي گھرائي وٺو. ڇاڪاڻ ته هو هاڻي وڌيڪ پنهنجي ڌي کي نه ٿو ويهاري سگھي ۽ ڳوٺ جا ڪجھ ٻيا ماڻهو به سندس سنڱ پيا گھرن. امير خان جو پي کيس ٻڌائي ٿو ته هن وقت امير خان برما يا ٻئي ڪنهن محاذ تي ملڪ کان ٻاھر آهي ۽ خط وسيلي ساڻس رابطو ممڪن ناهي. بهرحال هو جلد ئي موڪلن تي ڳوٺ ايندو ته شادي ڪري ڇڏينداسين. پر سندس چاچو ان ڳالھہ تي راضي نه ٿو ٿئي ۽ زور ٿو ڀري ته کيس ڪنهن به صورت ۾ گھرايو. گھڻي هڻ هڻان کان پوء نيٺ امير خان جي ماء ان جو حل ڪڍندي چئي ٿي ته ٺيڪ آهي ته اسان ڪاني نڪاح ڪيون ٿا،ِ ڇوڪري کي پنهنجي گھر وٺي اچون ٿا ۽ پوء جڏهين امير خان ايندو ته باقاعدي شادي جون رسمون ادا ڪيون وينديون.
اهو ڪاني نڪاح ڄڻ هڪ طريقي سان ڪنوار کي گھوٽ جي امانت طور محفوظ رکڻ آهي. ڪجھ ماڻهن کي ان مقصد لاء ان علائقي ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو جتان وڻن جون سنهڙيون ٽاريون ملن ٿيون ۽ پوء انهن ٽارين مان هڪ گڏو ٺاهي ان کي گھوٽ جيان سينگاريو وڃي ٿو. باقاعدي شادي جيان ڳوٺ وارن کي ان جون دعوتون ڏنيون وڃن ٿيون، کاڌا تيار ڪيا وڃن ٿا ۽ جيئن ڄڃ دهل دمامن سان ڪنوار جي گھر ويندي آهي ائين گڏي کي گھوڙي تي ويهاري ڪنوار جي گھر وڃي ٿي ۽ ڪنوار کي گھوٽ جي گھر آندو وڃي ٿو.
جنهن ڪمري ۾ ڪنوار کي ويهاريو وڃي ٿو ان جي در تي گڏي کي ٽنگيو وڃي ٿو. مقصد اهو ته اهو جيسين امير خان نه ٿو اچي تيسين ڪنوار جي حفاظت ڪندو. گھوٽ جي موٽڻ تائين ڪنوار تي اها پابندي هجي ٿي ته اها رڳو صبوح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۽ شام جو سج لٿي کانپوءِ پنهنجي ساهيڙين سان ڪمري مان ٻاهر نڪري سگھي ٿي جڏهين ته باقي سڄو وقت کيس ڪمري ۾ ئي گذارڻو آهي ۽ پل پل ڳڻي اميرخان جو اوسيئڙو ڪرڻو آهي.
ٿئي ائين ٿو ته هڪ ڀيري زبردست واچوڙي ۾ گڏي جي ٻانهن ڀڄي پئي ٿي. سڀني کي ۽ خاص طور ڪنوار سناران ۽ اميرخان جي ماء پيء کي نشويش وڪوڙي وڃي ٿي ته هاڻي الاهي ڇا ٿيندو پر ماڻهو کين تسلي ڏين ٿا ته گڏي جي رڳو ٻانه ڀڳي آهي ۽ اهو هيٺ پٽ تي نه ڪريو آهي سو مڙيئي خير آهي امير خان کي ڪجھ به نه ٿيندو. ان وچ ۾ شيشو،جنهن جي ماء اڳ سناران جو سڱ گھريو هو اهو چوندو ٿو وتي ته هو سناران کي بيوه ٿيڻ نه ڏيندو ۽ جيڪڏهين اميرخان جنگ ۾ مارجي ويو ۽ جيئرو نه موٽيو ته هو سناران سان شادي ڪندو.
ايتري ۾ اها خبر پئي ٿي ته اميرخان ڪجھ ڏينهن ۾ موٽي رهيو آهي. هر ڪو سندس شادي جي تيارين ۾ لڳي ٿو وڃي. رسم موجب گھُوٽ کي چيو ويندو ته ڪنوار ته ڪاني جي آهي ۽ ڪاني جي هوندي کيس نه ملندي. کيس هڪ ڪهاڙي ڏني وڃي ٿي جنهن سان هو ڪاني جو سر لاهي ٿو ۽ پوء ئي سندس نڪاح ٿي سگھي ٿو. امير خان موٽڻ کانپوء تيار ٿي جڏهين ان رسم جي ادا ڪرڻ لاء گھر وڃي ٿو ته جنهن همراه کي کيس ڪاني جي سر لاهڻ لاء ڪهاڙي ڏيڻي هجي ٿي ان کان اها ڪهاڙي شيشو کسي اميرخان جي مٿي تي وهائي ڪڍي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ امير خان جو موت واقع ٿئي ٿو. شيشو پاڻ به گولي لڳڻ ڪري مارجي وڃي ٿو ۽ ڪنوار جو ان ڏک ۾ انتقال ٿي وڃي ٿو.
اهو نه ٿي چئي سگھجي ته اها رسم اڃا به اتر پنجاب جي ڪجھ علائقن ۾ جاري آهي يا هاڻي ختم ٿي ويئي آهي.

انڪي ڪي ديس مين

هي مراٺي ٻولي جي ليکڪ ولاس سارنگ جي ناول جو اڙدو ۾ ڪيل ترجمو آهي جيڪو گوري پٽوردن ۽ اجمل ڪمال ڪيو آهي. هي هندوستان جي هڪ نوجوان پرمود جي ڪٿا آهي جيڪو آمريڪا پڙهڻ لاء وڃي ٿو. پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوء کيس آمريڪي يونيورسٽي مان به نوڪري جي آڇ ٿئي ٿي ۽ ساڳي وقت عراق جي شهر بصره جي يونيورسٽي مان پڻ کيس اهڙي آڇ ٿئي ٿي. هو سوچي ٿو ته آمريڪا ۾ ته هڪ روٽين جي زندگي هوندي جنهن ۾ ڪابه نواڻ ۽ ڪو به جوش ۽ جذبو نه هوندو جڏهين ته عراق دجله فرات ۽ بابل جي هزارين سال پراڻي تهذيب جو مرڪز آهي ۽ اتي هو گھڻيون نيون شيون ڏسي سگھندو. اهڙي ريت هو بصره پهچي ٿو. اهو صدام حسين جو دور هو ۽ ٿوري عرصي ۾ ايران ۾ شاه خلاف عوامي تحريڪ شروع ٿيڻ واري هئي.
بغداد ايئر پورٽ تي لهڻ سان ئي کيس اندازو ٿئي ٿو ته اڳتي هلي ڪهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪسٽم پاران سندس ٽرانسسٽر ريڊيو کي اهو چئي روڪيو ٿو وڃي ته ان ۾ ايف ايم جي سهولت آهي جنهن جي عراق ۾ اجازت ناهي. ان سهولت کي ختم ڪرڻ کانپوء اهو ريڊيو کيس بصره ۾ واپس موڪليو ويندو. جڏهين اهو ريڊيو کيس موٽي ملي ٿو ته ان جو ڄڻ پورو نظام ئي بگڙيل هجي ٿو.
پرمود کي هتي پراڻا آثار ۽ سمنڊ ڏسڻ جو شوق هجي ٿو. هو پنهنجي هڪ پروفيسر دوست سان گڏ سندس ڪار ۾ مختلف جاين تي وڃي ٿو پر هڪ جاء تي رڳو مٽي جي ڌڙن کانسواء کيس ڪجھ نه ٿو ملي. اڳتي وڃي ٿو ته اتي مٽي جي ڌڙي تي مٿي انڪي ديوي جو مندر هجي ٿو جتان اها پنهنجي چوڌاري جي دنيا دريائن ۽ ميدانن تي نظر رکندي هئي. هن خوشحالي ۽ سٺي پوک ڏيڻ جي واعدي جي موٽ ۾ پنهنجن پوئلڳن کان اهو واعدو ورتو هو ته اهي سندس نافرماني نه ڪندا. پرمود مٿي ڌڙي تي چڙهي ۽ اتي ڏيڍ ٻه ڪلاڪ ويھي ان سڄي ماجرا تي غور ڪري ٿو جڏهين ته سندس دوست هيٺ سندس انتظار ڪندو رهي ٿو. هوائن ۽ ريگستان جي مٽي جي ڪري سندس سڄو بدن ۽ ڪپڙا ڀڀوت ٿي وڃن ٿا. واپسي تي کين فوجي چوڪي تي روڪيو وڃي ٿو ۽ کانئن آڏي پڇا ڪئي وڃي ٿي ته انهن ايتري دير ان رڻ پٽ ۾ جتي رڳو واري جا ڌڙا آهن ڇا پئي ڪيو. کانئن ڪئميرا ۽ دوربين وغيره جي پڇا ڪئي وڃي ٿي ۽ پوء هر پاسي کان اطمينان ڪري کين سندن يونيورسٽي پروفيسر هئڻ جي بنياد تي وڃڻ ڏنو وڃي ٿو. سمنڊ شهر کان گھڻو پري هجي ٿو. پر سندس ذهن ۾ سمنڊ ڪناري جو جيڪو تصور ممبئي ۽ آمريڪا جي حوالي سان هجي ٿو ان تي اهو پورو نه ٿو لهي. هڪ خاص جاء تائين کيس وڃڻ ڏنو وڃي ٿو جتي اڳتي ديوار آهي ۽ کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته سامهون سمنڊ آهي ۽ ايران جي سرحد هئڻ ڪري ديوار ٽپي اتي وڃي نه ٿو سگھجي. اتي سمنڊ ۽ دريا جي ملڻ جي جاء تي کيس اهڙا جاندار نظر اچن ٿا جن کان کيس ڪرب به اچي ٿي پر هو اهو نه ٿو سمجھي سگھي ته اهي نيٺ ڪهڙي مخلوق آهن. اهي آخر تائين سندس ذهن تي حاوي رهن ٿا.
هن آمريڪا مان رواني ٿيڻ وقت پنھنجي ٿيسز ۽ ڪتابن جو باڪس سامونڊي جهاز ذريعي موڪليا ھئا. ان باڪس ۾ سندس ڪتابن جي هيٺان ٽائپ رائٽر به پيل هجي ٿو. اهو باڪس جڏهين بغداد پهچي ٿو ته ڪسٽم جي نظر ٽائپ رائٽر تي نه ٿي پئي ۽ اهي انهن کي رڳو ڪتاب سمجھي ڪليئر ڪري ڇڏين ٿا. کيس پوء سندس هڪ واقف ٻڌائي ٿي ته هتي ٽائپ رائٽر اجازت کانسواء نه ٿو آڻي سگھجي ۽ پوء به ان جي رجستريشن ضروري آهي. اهو ڊپ سندس ذهن ۾ ويهي رهي ٿو ۽ هو ٽائپ رائٽر کي هڪ ته پلنگ هيٺان لڪائي ڇڏي ٿو ۽ ٻيو ته چاهڻ جي باوجود به ان کي استعمال ڪرڻ لاء پنهنجي ذهن کي يڪجا نه ٿو ڪري سگھي.
يونيورسٽي ۾ سندس شاگردن ۾ ڪرد ۽ ڪميونسٽ به هجن ٿا. شيڪسپيئر جي هڪ ڊرامي جي سلسلي ۾ هو هڪ ڪرد شاگرد کي سيزر جو ڪردار ڏئي ٿو جيڪو ڊرامي جي آخر ۾ قتل ٿي وڃي ٿو. اهو همراه لاڳيتو ڊپ ۾ ورتل رهي ٿو ۽ کيس ٻڌائي ٿو ته هتي ڪردن کي هميشه شڪ جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو. کين پنهنجن علائقن کان ٻاهر هتي موڪلڻ جو مقصد اهو آهي ته کين قابو ۾ رکيو وڃي.ِ هو پنهنجي ان ڪردار جي حوالي سان ڊنل آهي ته ڪٿي واقعي کيس ڊرامي جي آخر ۾ قتل نه ڪيو وڃي. هو ٻڌائي ٿو ته سندس لاڳيتي چوڪسي ڪئي وڃي ٿي ۽ ساڻس ملڻ تي به نظر رکي وڃي ٿي. هو ڊرامي جي اسٽيج ٿيڻ کان اڳ ئي غائب ٿي وڃي ٿو ۽ ڊرامو ائين ئي رهجي وڃي ٿو. اها ساڳي ڪار ڪميونسٽن سان به هجي ٿي. سندس هڪ ڪميونسٽ شاگرد کيس ٻڌائي ٿو ته هتي استادن ۽ شاگردن لاء اهو ضروري آهي ته اهي سرڪار جي جماعت ۾ شامل هجن. کانئس زوري ڌمڪيون ڏيئي ۽ پي ۽ خاندان جي نالي ۾ بليڪ ميل ڪري اهو لکرايو ويو آهي ته سندس ڪميونسٽ پارٽي سان ڪو تعلق ناهي. پر ان جي باوجود به هو ذهني طور پنهنجي پارٽي سان گڏ ئي آهي. ساڳي ريت اڳ ۾ ڪنهن عراقي تي اها پابندي نه ٿي هجي ته هو ڪنهن پرڏيهي سان شادي نه ڪري پر پوء حڪومت پاران اها پابندي به مڙهي وڃي ٿي.
پرمود لاء پريشاني واري صورتحال ان وقت پيدا ٿئي ٿي جڏهين هو گرمين جي موڪلن ۾ پنهنجي گرل فرينڊ، جيڪا آمريڪا مان ايران پنهنجي پي وٽ آيل هجي ٿي، سان ممبئي ۾ ملڻ جي رٿابندي ڪري ٿو. عين وقت تي سادات جي اسرائيل سان ٺاه جي خلاف بغداد ۾ عرب ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي ٿي. ان ڪانفرنس جي ڪري سيڪيورٽي جي حوالي سان ٻين سڀني اڏامن کي ڪينسل ڪيو وڃي ٿو. ٻئي پاسي ايران ۾ شاه جي خلاف مظاهرن جي ڪري اتي به ايئرپورٽ وغيره بند ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙي ريت ٻنهي لاء اهو ممڪن نه ٿو رهي ته اهي پنهنجي پروگرام موجب ملي سگھن. کيس پنهنجون موڪلون بصره ۾ ئي گذارڻيون پون ٿيون.
انهن سڀني پابندين جي باوجود نه ته شراب تي پابندي هجي ٿي ۽ نه ئي بيلي ڊانس جي ڪلبن تي. ماڻهو انهن پابندين ۾ رهندي ۽ حڪومت جي ڪمن کان پري رهندي هڪ خاص قسم جي آزادي ۾ پنهنجي زندگي گذاري سگھن ٿا. صدام جو عراق رڳو هڪ نمونو هو جڏهين ٻين گھڻن ملڪن ۾ اهڙيون ۽ ٻيون گھڻيون پابنديون ماڻهن تي لاڳو آهن ۽ انهن ۾ رهندي انهن کي پنهنجي زندگي گذارڻي پئي ٿي.

فھميدہ رياض

فهميده رياض گذاري ويئي. ڄڻ هڪ دور جي پڄاڻي ٿي ويئي. هو پاڪستان ۾ جڏهين فيمنزم کي هڪ گار ڪري ورتو ويندو هو ان جي شروعاتي وڪيلن مان هئي. سندس لاء عورت رڳو هڪ جسم ۽ استعمال جي شي نه پر هڪ فرد آهي جيڪا سماج ۾ اهو ساڳيو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي جيڪو مرد ڪن ٿا. فهميده جو رڳو ادبي ميدان ۾ نه پر سياسي حوالي سان به هڪ سرگرم ڪردار هو. نعپ تي پابندي کانپوء نئين پارٽي ٺاهڻ جو جيڪو عمل هلندڙ هو ان ۾ فهميده به شامل هئي. ان دوران ئي سندس ملاقات ظفر اڄڻ، جيڪو انهن ڳالھہين ۾ سنڌي عوامي تحريڪ جو نمائندو هو، سان ٿي ۽ پوء اڳتي هلي ٻنهي شادي ڪئي.
منهنجو ساڻس واسطو ان وقت پيو جڏهين هو ۽ ظفر اڙدو رسالو آواز ڪڍندا هئا. ان رسالي جي آفيس مرينا هوٽل، جتي ڪجھ وقت سنگت ڪراچي جون گڏجاڻيون به ٿينديون هيون ۽ جتي اسٽينڊرڊ بڪ هائوس به هو جتان سوويت يونين جا رسالا ۽ ڪتاب وغيره ملي سگهندا هئا، جي پڇندي تي هئي. هتي رسالي جي تيارين ۽ مواد وغيره جي لحاظ کان منهنجو ڪافي وقت ظفر ۽ فهميده سان گذرندو هو. سندس هڪ برابري جو ورتاء هوندو هو. ساڳي وقت هو ظفر تي ڪک به نه سهندي هئي. مجال آهي جو سندس آڏو ظفر سان ڪو اهڙي تهڙي ڳالھہ ڪري وڃي.
ان کانپوء بينظير جي پهرئين دور ۾ جڏهين فهميده ۽ ظفر ڀارت مان پنهنجي جلاوطني ختم ڪري موٽي آيا هئا ته فهميده کي نيشنل بڪ فائونڊيشن جو اڳواڻ ٺاهيو ويو هو. ان جي آفيس ٿيوسيفيڪل هال بندر روڊ ۾ هئي. چارج سنڀالڻ کانپوء هن پهريون ڪم اهو ڪيو ته ساڻس لاڳاپيل جيڪي ليکڪ وِغيره هئا انهن کي فون ڪري صلاح مشوري لاء گھرايائين. پر جيئن بينظير جي حڪومت گھڻو عرصو نه هلي سگھي تيئن سندس نوڪري به ختم ٿي ويئي. ان کانپوء ڪڏهين ڪڏهين ڪنهن موسي بهاني ظفر ۽ ساڻس سندن پي اي سي ايچ ايس واري گھر تي ملاقات ٿي ويندي هئي يا ڪنهن پروگرام ۾ سلام دعا ٿي ويندي هئي.
هاڻي گھڻي عرصي کان ساڻس ملاقات نه ٿي هئي. تازو هڪ مضمون مان اها خبر پيئي ته هو بيمار آهي ۽ ڪنهن سان ملي نه ٿي. بهرحال هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ويئي.

ڀارت: اڻ برابري ۽ خود مختياري جون تحريڪون

ڀارت گھڻين قوميتن، مذهبن، ثقافتن ۽ ٻولين جو ملڪ آهي. انهن مان گھڻا لاڳيتو پنهنجن قومي حقن لاء جدوجهد ڪندا رهيا آهن. آزادي کانپوء نون صوبن يا رياستن ٺاهڻ ۽ مختلف ٻولين کي قومي ٻولين کي آئيني حيثيت ڏيئي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. پر اهو مسئلو مڪمل طور حل نه ٿي سگھيو جنهن جي ڪري پوء به اهڙا قدم کنيا ويا پر اهو معاملو اڃا به حل طلب آهي ۽ مختلف علائقن جا ماڻهو پنهنجين گھرن لاء مختلف طريقن سان احتجاج ڪري رهيا آهن. هتي معاملو رڳو ڪشمير جو ناهي جنهن جي سڄي دنيا کي خبر آهي پر جھنگلن ۾ رهندڙ آدي واسين، دلتن ۽ ٻين ٿوراين جا معاملا به ساڳي ريت اهم آهن. ملڪ ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي سرمائي جي ڦهلاء انهن ماڻهن جي زندگي کي اڃا ڏکيو ۽ تضادن کي اڃا تيز ڪري ڇڏيو آهي. ڊيمن جي تعمير ۽ تيل گيس ۽ ٻين قدرتي وسيلن جي ڳولها هڪ پاسي انهن ماڻهن کان پنهنجا روزگار جا ذريعا کسيا آهن ۽ ٻئي پاسي انهن کي پنهنجن اجھن کان محروم ڪري ڏيه ۽ پرڏيھه ۾ ڌڪن کائڻ تي مجبور ڪيو آهي. معاشي ترقي جو اصطلاح هڪ پوتر ڳئون جيان آهي جنهن جي نالي ۾ انهن ماڻهن کي رياستي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ احتجاج ڪندڙ هزارين ماڻهن کي قيد ۽ ٽارچر جو عذاب سهڻو پئي ٿو. ڪارپوريٽ ميڊيا جيڪو انهن مفادن جو حصو ۽ انهن جو محافظ آهي انهن شين کي سامهون نه ٿو آڻي ۽ جيڪڏهين آڻي به ٿو ته ان جو انداز بلڪل مختلف ۽ پنهنجن مالڪن جي موقف جيان هجي ٿو. ارون دتي رائي ۽ ٻيا ڪجھ ليکڪ جيڪڏهين اهڙن مسئلن کي کڻن ٿا ته انهن جو آواز نقار خاني ۾ طوطي جو آواز ثابت ٿئي ٿو ۽ مٿن غداري جا ۽ ٻيا الزام ڌار هوندا آهن.
ان حوالي سان تازو مون ڪرن ڊيسائي جو ناول Inheritance of Loss پڙهيو. اهو ناول دارجلنگ ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ رهندڙ گورکن جي حوالي سان آهي جن آزادي کان اڳ برطانيا ۽ پوء هندي فوج ۾ خدمتون انجام ڏنيون ۽ اڃا به ٻنهي فوجن ۾ خدمتون انجام ڏيئي رهيا آهن. اهو علائقو نيپال جي سرحد سان لڳ آهي جنهن کي ڀارت هڪ ٺاه تحت نيپال کان حاصل ڪيو هو ۽ اهو تصور ڪرڻ ڏکيو ناهي ته هڪ طقتورملڪ ڪهڙي ريت پنهنجي ننڍي ۽ ڪمزور پاڙيسري، جنهن جو گھڻو دارومدار مٿس هجي، سان ٺاه ڪندو آهي. هن وقت اهو علائقو اولھه بنگال ۾ شامل آهي.
نيپال سان واسطو رکندڙ انهن گورکن جي ٻولي ۽ ثقافت وغيره بنگالين کان بلڪل مختلف آهي. ساڳي ريت معاشي ۽ سماجي طرح کين پوئتي رکيو ويو آهي. ان ڪري سندن گھر پنهنجي لاء ڀارت اندر ئي گورکا لينڊ جي نالي سان ڌار خودمختيار علائقي جي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي مرضي سان رهي سگھن ۽ پنهنجن ماڻهن جي معاشي آسودگي ۽ ثقافت ۽ ٻولي جي ترقي لاء ڪم ڪري سگھن. ناول جو مرڪزجبلن جي وچ ۾ دارجلنگ سان لڳ هڪ ننڍو علائقوڪالم پونگ آهي جنهن ۾ گھڻائي گورکن جي آهي جيڪي شهر جي پسگردائي ۽ جبلن ۾ رهن ٿا. جڏهين ته اتي ٻين ٻولين، ثقافتن ۽ علائقن سان واسطو رکندڙ ماڻهو پڻ رهن ٿا. معاشي لحاظ کان گورکن جي گھڻائي بدحالي ۽ پس ماندگي جو شڪار آهي. تعليم جي حوالي سان اهي پوئتي پيل آهن جڏهين ته ڪنهن نوجوان جيڪڏهين سڀني ڏکيائين ۽ رڪاوٽن جي باوجود تعليم حاصل به ڪئي ته ان کي روزگار ميسر ناهي. ٻئي پاسي واپار ۽ ڪاروبار وغيره ٻين علائقن جي ماڻهن وٽ آهي. هتي پرڏيه ۽ ملڪ جي ٻين علائقن جي شاهوڪار ماڻهن جي هڪ ٿورائي اهڙي آهي جنهن هتان جي خوبصورتي ۽ پرسڪون ماحول جي ڪري هتي رهڻ جي چونڊ ڪئي آهي. هڪ ته انهن کي هر شي آساني سان ملي وڃي ٿي ۽ ٻيو انهن جي ضرورت جون گھڻيون شيون ملڪ جي ٻين علائقن ۽ پرڏيه مان اچن ٿيون. هر سال ٻئي اهي پرڏيھه وڃن ٿا جتي سندن اولاد ۽ مائٽ هڪ آرام واري زندگي گذاري رهيا آهن.
اهي معاشي ۽ سماجي تضاد خاص طور تي علائقي جي نوجوانن ۾ هڪ بيچيني کي جنم ڏين ٿا جنهن جي نتيجي ۾ احتجاج شروع ٿين ٿا جيڪي پوء هڪ پر تشدد صورت اختيار ڪن ٿا ۽ علائقي جي زندگي ڊگھين هڙتالن جي ڪري ڄڻ بلڪل معطل ٿي وڃي ٿي. شاهوڪار ماڻهن کان ڦرمار ۽ انهن جي ملڪيتن تي قبضا هڪ عام ڳالھہ ٿي وڃي ٿي. هونئن ته ناول ۾ گھڻا ڪردار آهن پر ناول نگار ان سڄي صورتحال کي ٻن مک ڪردارن وسيلي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مشنيري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪيل ساهي جنهن جا ماء پي روس ۾ ٽريفڪ جي هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن ۽ هو هاڻي پنهنجي ناني وٽ هتي رهڻ آئي آهي جيڪو هڪ رٽائرڊ آئي سي ايس جج ۽ خشڪ مزاج ماڻهو آهي جنهن پنهنجي زال کي معمولي ڳالھہ تان گھر مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ جنهن جا پنهنجي خاندان سان ڪي واسطا نه رهيا آهن. راجستان سان واسطو رکندڙ اهو جج رٽائرمنٽ کانپوءِ هتي رهڻ جو فيصلو ڪري ٿو. ٻئي پاسي ان علائقي سان ئي واسطو رکندڙ هڪ گورکا نوجوان گيان آهي جنهن کي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوء به نوڪري نه ٿي ملي ۽ جنهن کي ساهي کي الجبرا ۽ ٻين مضمونن جي ٽيوشن پڙهائڻ لاء رکيو وڃي ٿو. ٽيوشن پڙهائيندي انهن ٻنهي ۾ هڪ نينهن جو ناتو جڙي وڃي ٿو.
علائقي ۾ بيچيني ته موجود هجي ٿي پر تازو اهي خبرون اچن ٿيون ته جبلن ۾ گڙبڙ شروع ٿي ويئي آهي ۽ گورکن جي مختلف تنظيمن هٿيار بند جدوجهد جي واٽ اختيار ڪئي آهي. حڪومت اهو موقف اختيار ڪري ٿي ته انهن کي اهي هٿيار نيپال، چين يا پاڪستان کان ملي رهيا آهن پر اتي ماڻهو چون ٿا ته ڇا هتي هٿيارن جي گھٽتائي آهي جو ڪو ٻاهريون ملڪ هٿيار فراهم ڪندو. اهم ڳالھہ اها هجي ٿي ته ان جدوجهد ۾ رٽائرڊ گورکا فوجي شامل هجن ٿا جيڪي نوجوانن کي هٿيارن استعمال ڪرڻ جي تربيت ڏين ٿا. آهستي آهستي اهو احتجاج سڄي علائقي کي پنهنجي گھيري ۾ وٺي ڇڏي ٿو ۽ سڄي معاشي ۽ سماجي سرگرمي معطل ٿي وڃي ٿي. غير گورکا ۽ خاص طور تي بنگالي هڪ عدم تحفظ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. امير ماڻهن جي گھرن تي ڌاڙا ۽ انهن تي قبضو هڪ عام ڳالھہ بڻجي وڃي ٿي. ساڳي وقت ان سڄي ڇڪتاڻ جا اثر هن نوجوان تي به پون ٿا ۽ هو احتجاج ڪندڙن سان شامل ٿي وڃي ٿو. ساهي جي گھر مان ڦر ٿيل هٿيارن جي مخبري گيان ئي ڪري ٿو. هو ساهي سان پيار کي هڪ ڏوه ۽ پنهنجن ماڻهن سان غداري تصور ڪري ٿو. هو ساهي کي گھٽ وڌ ڳالھہائي ساڻس تعلق ختم ڪري ٿو پر ٻنهي جي اندر ۾ هڪ ويڙه هجي ٿي ۽ سندن وچ ۾ پيار ۽ نفرت جو ناتو ساڳي وقت هلندو رهي ٿو. پوليس ۽ علائقي جي ماڻهن ۾ چڪريون لڳن ٿيون پر پوليس ان کي منهن نه ٿي ڏيئي سگھي ۽ نيٺ فوج کي مداخلت ڪرڻي پئي ٿي.
معاملو طاقت جي زور تي في الحال ته دٻجي وڃي ٿو پر ان جا ڪارڻ باقي رهن ٿا جيڪي ڪنهن به وقت ان کي وري اڀرڻ ۾ مدد ڏيئي سگھن ٿا.

لينن: هڪ انقلابي اڳواڻ ۽ هڪ عام ماڻهو

فردن جو تاريخ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. لينن متعلق ٽرائٽسڪي لکيو هو ته جيڪڏهين هو وقت سر جلاوطني مان نه موٽي ها ۽ بالشويڪ پارٽي جي اڳواڻي نه سنڀالي ها ته آڪٽوبر انقلاب ممڪن نه ٿي سگھي ها. ڇاڪاڻ ته بالشويڪ مختلف ادارن ۾ ٿورائي ۾، منجھيل ۽ ٻڏتر واري ڪيفيت ۾ هئا ۽ کين پنهنجي مٿان اعتماد نه هو ته هن هنگامه خيز صورتحال ۾ ڪو فيصلو ڪري سگھن ۽ نه ئي کين اهو يقين هو ته انهن حالتن ۾ انقلاب ممڪن ٿي سگھي ٿو. لينن موٽڻ کانپوء اپريل ٿيسز سميت گھڻا اهڙا فيصلا ورتا جن ۾ کيس پارٽي جي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو ۽ جن ۾ ساڻس پارٽي جا رڳو هڪ يا ٻه ماڻهو ئي گڏ هئا. پر سندس اهي فيصلا ئي انقلاب لاء فيصلي ڪن هئا جن کي وقت صحيح ثابت ڪيو.
لينن ٻين ماڻهن جيان هڪ ماڻهو هو ۽ منجھس اهي سڀ ڳالھيون موجود هيون جيڪي هڪ عام ماڻهو ۾ هونديون آهن. هو پاڻ به ان ڳالھہ جي حق ۾ نه هو ته مرڻ کانپوء سندس مڙه کي محفوظ ڪيو وڃي يا سندس شخصيت کي ڪا خاص حيثيت ڏني وڃي. سندس بيوه به سندس جنازي تي جيڪا تقرير ڪئي، ان ۾ هن ان ڳالھہ جي مخالفت ڪئي هئي ته سندس مڙه کي ممي جي صورت ۾ محفوظ ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته لينن کي پنهنجي مشهوري ۽ پنهنجي شخصيت سان گھڻي دلچسپي نه هئي، پر کيس ان ڳالھہ سان وڌيڪ خوشي ٿئي ها ته هن جي نالي ۾ اسپتال، اسڪول ۽ يتيم ٻارن جي تعليم ۽ سارسنڀال وغيره جا ادارا قائم ڪيا وڃن جن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچي. بهرحال جيئن ٿيندو آيو آهي ته انقلابي اڳواڻن کي سندن مرڻ کانپوء سندن پونيئر سندن تعليم ۽ ڏنل پيغام تي عمل ڪرڻ کان وڌيڪ پنهنجن چڱن ۽ خراب ڪرتوتن کي جواز ڏيڻ لاء استعمال ڪندا رهيا آهن ۽ ائين لينن جي مڙه سان به ڪيو ويو جنهن کي سوويت يونين جي ختم ٿيڻ کانپوء دفن ڪيو ويو آهي.
طارق علي جو تازو ڪتاب- Terrorism, War, Empire, Love, Revolution” “The Dilemmas of Lenin لينن جي شخصيت جي مختلف پاسن متعلق آهي. طارق علي کاٻي ڌر جي دانشور جي طور هڪ ٽرائٽسڪائٽ جي حيثيت ۾ ڄاتو وڃي ٿو. ٽرائٽسڪي ۽ ان جي پوئلڳن جا اختلاف اسٽالن ۽ ان جي پاليسين سان رهيا آهن جڏهين ته لينن جي هڪ انقلابي اڳواڻ جي حوالي سان اهي ٻيئي متفق آهن. لينن کي سندس مرڻ کان پوء هڪ ماورائي حيثيت ڏني ويئي آهي ۽ سندس زندگي جي اهڙن پاسن متعلق جيڪي کيس ديوتا جي بجائي هڪ ماڻهو ثابت ڪن ڳالھائڻ ڄڻ منع ٿيل رهيو آهي. اها پنهنجي ليکي هڪ غلط ڳالھہ آهي. هن عام ماڻهن جيان شادي به ڪئي، عشق به ڪيا ۽ دوستيون ۽ دشمنيون به رکيون. هن ڪتاب ۾ انهن سڀني ڳالھہين جو مختصر احوال ۽ جھلڪيون ڏنل آهن.
لينن جو پيءُ هڪ قدامت پسند ۽ چرچ سان لاڳاپيل ماڻهو هو جڏهين ته سندس وڏو ڀاءُ اليگذينڊر انقلابي تنظيمن سان لاڳاپي ۾ هو جن جو دهشت پسندي ذريعي زار ۽ حڪومت جي اهم اهلڪارن کي ختم ڪري تبديلي آڻڻ ۾ يقين هو. زار کي قتل ڪرڻ جي اهڙي ئي هڪ ڪوشش ڪندي پنهنجي گروپ جي ڪنهن رڪن جي مخبري جي نتيجي ۾ هو پڪڙجي پيو ۽ کيس ڦاهي ڏني ويئي. ان ڪيس ۾ لينن جي وڏي ڀيڻ کي به گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کي قيد جي سزا ڏني ويئي. لينن جو جيتوڻيڪ پنهنجي وڏي ڀاء سان نهايت ويجھو تعلق هو پر هن سندس واٽ اختيار نه ڪئي. سندس خيال ۾ دهشت پسندي سان اقتدار جي مسند تي ويٺل حاڪمن جي نالن ۾ ئي تبديلي اچي ٿي جڏهين ته نظام اهو ساڳيو رهي ٿو. هن پنهنجين لکڻين ۾ پنهنجي ڀاء جو گھڻو ذڪر نه ڪيو آهي. سندس لکڻين جي پنجونجاه مجموعن ۾ مشڪل سان ٻه ڀيرا سندس ڀا۽ جو نالو ملي ٿو. باقي اها ڳالھہ پنهنجي جاء تي آهي ته چرنيشيوسڪي جو ناول نيٺ ڇا ڪجي جنهن سندس ڀاء کي متاثر ڪيو هو لينن لاء به ڪارل مارڪس جي داس ڪيپيٽال پڙهڻ کان اڳ اهو ئي اتساه جو ڪارڻ بڻيو هو.
سندس وڏي ڀاء جي ڦاهي کان پوء لينن جو خاندان جيتوڻيڪ سندس سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جي حق ۾ نه هو پر هو ان ڳالھہ کي ذهن ۾ رکندي ته دهشت پسندي مسئلي جو حل ناهي پاڻ کي ملڪ جي حالتن کان پري نه رکي سگھيو. سندس هڪ ڊگھو وقت قيد، جلاوطني، مختلف انقلابي تنظيمن جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ ۽ پراڻن ۽ نون انقلابين سان ڏي وٺ ۾ گذري ٿو.
ڏٺو وڃي ٿو ته اهو اهڙو وقت هو جڏهين يورپ جا مختلف ملڪ برطانيا، فرانس ۽ جرمني وغيره سياسي اٿل پٿل ۾ ورتل هئا ۽ اتي تبديلي جي حوالي سان مختلف بحث هلي رهيا هئا. روس پاڻ 1905 ۾ هڪ انقلابي صورتحال مان گذري چڪو هو جنهن جي نتيجي ۾ ڪا وڏي تبديلي ته واقع نه ٿي هئي پر ان انقلابين جي سکڻ لاء گھڻو ڪجھ ڇڏيو هو. 1914 ۾ پهرين مهاڀاري جنگ يورپ جي سوشلسٽن کي واضح طور تي ورهائي ڇڏيو هو. لينن ۽ سندس ساٿين جنگ جي مخالفت ٿي ڪئي جڏهين ته جرمني جا سوشل ڊيموڪريٽ پنهنجن حڪمرانن جي پاسي هئا. لينن ان خيال جو هو ته اها جنگ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ گھرو ويڙه کي جنم ڏيندي جنهن جي نتيجي ۾ انقلاب جنم وٺندا.
زمين، ماني ۽ امن لينن جو نعرو روس جي پورهيتن. هارين ۽ فوجين جي نمائندگي ٿي ڪيئي، فيبروري جو انقلاب انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويو هو ۽ نه ئي ان جي اڳواڻن جو اهڙو ڪو ارادو هو. ان نعري بالشويڪن ۾ ڄڻ ته هڪ روح ڦوڪي ڇڏيو ۽ سندن لاء ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ڪيرنسڪي ۽ زار جي جنرلن کي منهن ڏيڻ ممڪن ٿي ويو
لينن چيو هو ته انقلاب مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن لاء تهوار مثل هوندا آهن. پر مظلوم طبقن پيٽرز برگ ۾ لينن جي اوچن آدرشن کي مان ڏيئي فتح جو جشن ملهائڻ جي بجائي پراڻي دور جي روايتي طريقن کي اختيار ڪندي ونٽر پيلس جي شراب جي ذخيرن کي ڦري شراب کي استعمال ڪري موج مستي ڪرڻ شروع ڪئي. جيڪي فوجي ايستائين هڪ نظم و ضبط ۾ هئا اهي پاڻ ان ۾ شامل ٿي ويا ۽ جن کي صورتحال کي قابو ڪرڻ لاء موڪليو ٿي ويو اهي پاڻ ان ۾ شامل ٿي ٿي ويا. ڪيترن هفتن تائين اهو هنگامو هلندو رهيو ۽ پيٽرز برگ جي زندگي بلڪل معطل ٿي ويئي. اهو انقلاب لاء پاڻ هڪ وڏو جوکم هو جنهن کي وڏي ڏکيائي سان قابو ۾ آندو ويو.
هن ڪتاب ۾ لينن جي زندگي جي هڪ ٻئي پاسي کي سامهون آندو ويو آهي. هو ترگنيف جي ڪهاڻي آندري ڪولوسيف کان گھڻو متاثر هو ۽ جلاوطني دوران پنهنجي زال سان گڏ ان جي ڪجھ حصن کي جرمن ۾ ترجمو به ڪيو هئائين. ان ڪهاڻي جو ڪردار ڪولوسوف ان لحاظ کان هڪ غيرمعمولي ماڻهو هو ته هو هڪ عورت سان عشق ڪرڻ کان پوء ان کي ڇڏي ٻي عورت سان عشق ڪرڻ لڳي ٿو پر ان ۾ ڪنهن ڊپ ڊاء کانسواء ۽ ايمانداري سان پهرين عورت کي ان کان آگاه ڪري ٿو. ان ڪهاڻي کي پيرس ۾ روسي انقلابين جي حلقي ۾ هڪ ڪمزور ڪهاڻي ڪري ليکيو ويو ٿي پر کين ان ڳالھہ تي حيرت هئي ته لينن کي اها ئي ڪهاڻي گھڻو پسند هئي. ان جو ڪارڻ اهو هو ته لينن جو پنهنجو لاڙو ان پاسي هو. 1909 ۾ پيرس ۾ جلاوطني دوران سندس هڪ بالشويڪ فيمننسٽ انيسه آرمنڊ سان ملاقات ٿئي ٿي جنهن جي مڙس جو ٽي بي وگھي انتقال ٿي چڪو هجي ٿو. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ نينهن جو ناتو قائم ٿي وڃي ٿو جنهن جي ڄاڻ لينن جي زال کي هجي ٿي ۽ اها کيس ان ڳالھہ جي اجازت ڏئي ٿي ته هو ڀلي ان عورت سان پنهنجي زندگي گذاري. لينن جيتوڻيڪ ان سان شادي نه ڪئي پر ان سان ويجھو ناتو آخر تائين رهندو آيو. انيسه آرمنڊ جي وفات لينن جي زندگي ۾ ئي ٿي جنهن لينن کي بلڪل جھوري وڌو.
اهو ڪتاب ان لحاظ کان اهم آهي ته اهو لينن جي زندگي جي روايتي پاسن سان گڏوگڏ سندس گھڻن غيرروايتي پاسن تي پڻ روشني وجھي ٿو ۽ لينن کي پڙهندڙن آڏو هڪ عام ماڻهو جي طور تي پيش ڪري ٿو.

ڪارل مارڪس: هڪ تعارف

ڪارل مارڪس جهڙي جامع شخصيت ۽ سندس ڪم کي ڏسندي ان تي لکيل ڪوبه ڪتاب ۽ ڪو به تحقيقي ڪم هميشه اڻپورو ئي لڳندو آهي. خاص طور تي ان پڙهندڙ لاء جيڪو اڳ ۾ ئي سندس شخصيت ۽ ڪم جي مختلف پاسن کان ڪنهن حد تائين واقف هجي. سنڌي ٻولي ۾ جيتوڻيڪ مارڪس جي مختلف پاسن تي گھڻو ڪم نه ٿيو آهي پر گھڻن ماڻهن کي ٻين ٻولين جي لٽريچر وسيلي سندس متعلق جوڳي ڄاڻ آهي. مارڪس، اينگلز۽ لينن وغيره جهڙن انقلابي استادن جي خاص ڳالھہ اها هئي ته اهي رڳو ڪتابي ڪيڙا نه هئا پر سندن گھڻو ڪم عملي جدوجهد ۽ مختلف عوامي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ جي نتيجي ۾ تخليق ٿيو آهي. ڪميونسٽ ميني فيسٽو ۽ پيرس ڪميون وغيره تي لکيل ڪتاب ان جو واضح مثال آهن.
سنڌ ۾ نثر ۽ خاص طور تي فلسفي، تاريخ، معاشيات ۽ سماجيات جي موضوعن تي تنقيدي ۽ تحقيقي نقطه نظر کان لکڻ ۽ پڙهڻ جو لاڙو گھٽ رهيو آهي جيڪو نظرياتي سياسي ڪلچر جي پسمنظر ۾ وڃڻ کانپوء اڃا به گھٽجي ويو آهي. پر شايد اڃا به سڀڪجھ ختم ناهي ٿيو. ڪن ماڻهن لاء اهو اڃا به اهو هڪ آدرش، اتساه ۽ جيئڻ جو بهانو آهي.
اياز علي فيس بڪ تي اهو ٻڌائيندو رهندو آهي ته هو ڪهڙن موضوعن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هڪ پاسي پاڪستان جي آئيني ۽ سياسي تاريخ سندس موضوع آهن ۽ هن ان حوالي سان گھڻو ڪجھ لکيو به آهي جڏهين ته ٻئي پاسي هن ڪارل مارڪس جي حياتي ۽ ڪم تي سنڌي ۾ هڪ اهم ڪتاب لکي ڇپرايو آهي.
سوويت يونين جي ختم ٿيڻ ۽ سوشلسٽ ڪئمپ جي وکرجڻ کان پوء ڪارل مارڪس ڄڻ هڪ وسريل شخصيت بڻجي ويو هو. فوڪوهاما جي تاريخ جي ختم ٿيڻ ۽ تهذيبن جي ٽڪراء جي نظرئي پيش ڪرڻ کان پوء گھڻن ماڻهن اهو سمجھيو ته مارڪس جو دور پڄاڻي تي پهچي ويو هو ۽ انهن مذهبي ڪتابن جيان سندس ڪتابن کي به رومال ۾ ويڙهي مٿي طاق تي رکي ڇڏيو. پر انهن ماڻهن اهو الائي ڇو نه ٿي سمجھيو ته مارڪس ته پاڻ سرمائيداري نظام جو مفڪر ۽ نظريه دان آهي. سندس اهم ترين ڪتاب داس ڪيپيٽال ان نظام جي ئي تاريخ ۽ ان جي مختلف پاسن جي سمجھاڻين تي ٻڌل آهي. ان ڪري جيسين اهو نظام دنيا ۾ موجود آهي ان جي مختلف لاهن چاڙهن کي سمجھڻ ۽ ان جي مونجھارن کي حل ڪرڻ لاء مارڪس جي رهنمائي جي ضرورت رهندي. ان جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته 2008 ۾ جڏهين سرمائيدار دنيا هڪ نئين معاشي بحران ۾ وٺجي ويئي جنهن مان اها اڃا تائين پوري ريت نڪري نه سگھي آهي ته ان جي ماهرن ۽ معيشت دانن کي هڪ ڀيرو ٻيهر مارڪس جي ضرورت پيش آئي ۽ انهن سندس ڪتابن کي طاقن تان لاهي، ڇنڍي ڦوڪي وري ڇپرائڻ شروع ڪيو ۽ داس ڪيپيٽال هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن جي ضرورت بڻجي ويو.
اياز علي جي اٽڪل ڏيڍ سو صفحن تي لکيل هن ڪتاب کي ڪارل مارڪس جو هڪ تعارف سمجھي سگھجي ٿو جنهن ۾ سندس شخصيت، لکڻين ۽ عملي جدوجهد جو هڪ تت پيش ڪيو ويو آهي. مارڪس جي زندگي هڪ عام ماڻهو جي زندگي هئي. ان زندگي ۾ هن تعليم به حاصل ڪئي، عشق به ڪيو، شادي به ڪئي، ٻار به پيدا ڪيا. فلسفي ۽ تاريخ جي شاگرد ۽ استاد هئڻ سان گڏوگڏ شاعري سندس شوق هوندو هو ۽ سٺو ادب پڙهڻ سندس ڪمزوري هوندي هئي. ٻارن سان ٻار ٿيڻ ۽ فارغ وقت ۾ انهن سان راند ڪرڻ سندس مشغلا هوندا هئا. سندس ڪمزور مالي حيثيت سندس علمي ۽ عملي ڪم جي لحاظ کان وڏي ڪمزوري هئي جنهن جي ڪري هو پاڻ، سندس زال ۽ ٻار زندگي جون ٻيون ضرورتون ته ٺهيو ڪڏهين ڪڏهين پوري ماني به نه کائي سگھندا هئا. سندس ٻه ٻار ان اڻهوند جي ڪري مناسب علاج ۽ خوراڪ نه ملڻ جي ڪري اجل جو شڪار ٿي ويا. ساڳي ريت هو پنهنجي زال جو علاج ڪرائڻ جي طاقت به نه پيو رکي. مارڪس جي لاء جيئن سمجھيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي ڪم ۽ تحقيق لاء پنهنجي خانداني ذميوارين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو درست ناهي. هن پنهنجي مالي پريشانين جي ڪري مختلف جاين تي نوڪري جي ڪوشش ڪئي ۽ جيئن هن ڪتاب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ريلوي ۾ کيس ڪلارڪ جي نوڪري رڳو کيس سندس خراب لکت جي ڪري نه ملي سگھي هئي. هن يونيورسٽين وغيره ۾ هڪ پروفيسر جي حيثيت ۾ پڙهائڻ چاهيو ٿي پر سندس نظرين ۽ سياسي سرگرمين جي ڪري اهي کيس قبول ڪرڻ لاء تيار نه هئا. ساڳي ريت سندس زال جيني جو خاندان جرمني جي حڪمران خاندان سان لاڳاپيل هو. پر مارڪس جي نظرين جي ڪري اهي سندس ڪابه سهائتا ڪرڻ لاء تيار نه هئا. اهڙي ريت ائين نه هو ته مارڪس پئسو ڏوڪڙ ڪمائي يا حاصل ڪري نه ٿي سگھيو پر هو ان جي عيوض ان وڏي ڪم تان هٿ کڻڻ لاء تيار نه هو جنهن کي کيس سندس مرڻ جي سون سالن کان پوء تائين به جيئرو رکڻو هو. پنهنجن ٻارن کي بک ۽ علاج نه ملڻ جي صورت ۾ پنهنجي سامهون مرندي ڏسڻ ۽ پنهنجي زال جي بيماري ۽ بيوسي کي ڏسڻ جي قيمت جيتوڻيڪ وڏي هئي پر هن ماڻهو ۽ سندس زال ۽ ٻارن اها قيمت ڏيڻ قبول ڪئي ۽ ان ۾ خاص طور سندس زال ساڻس گڏ بيٺل هئي. سندس دوست اينگلز مالي ۽ ٻين حوالن سان سندس مدد ڪندو رهندو هو ۽ هن پاڻ گھڻن جاين تي ان ڳالھہ جو ذڪر ڪيو آهي ته جيڪڏهين اها مدد حاصل نه هجي ها ته هو گھڻو ڪم نه ڪري سگھي ها.
انهن مالي پريشانين ۽ سندس اهم ڪم داس ڪيپيٽال سندس پنهنجي صحت کي گھڻو متاثر ڪيو هو. کيس ان ڪم کي مڪمل ڪرڻ جو گھڻو اونو هوندو هو. جڏهين هن ان جو پهريون جلد مڪمل ڪيوته ڄڻ مٿانئس وڏو بار لهي ويو. جيتوڻيڪ ان جا ٻيا جلد مارڪس جي گذاري وڃڻ جي ڪري اينگلس کي مڪمل ڪرڻا پيا. پنهنجي زال ۽ وڏي ڌي جي وفات کان پوء جلد ئي مارڪس گذاري ويو. سندس وڌيڪ جيئڻ ۽ ڪم ڪرڻ متعلق ته گھڻو ڪجھ چئي سگھجي ٿو پر هن جيڪا به زندگي گذاري ۽ جيڪو به ڪم ڪري ويو اهو ايستائين گھڻن انقلابن جي رهنمائي ڪندو رهيو آهي ۽ ساڳي وقت دنيا جي علم ۾ ڄڻ هڪ خاصيتي واڌارو آهي.
ايازعلي جي اها ڪوشش ان لحاظ کان ساراهڻ جوڳي آهي ته اها مارڪس کي سنڌي پڙهندڙ سان متعارف ڪرائي ٿي. وڌيڪ مطالعي ۽ کوجنا لاء مختلف ڪتابن ۽ مضمونن جا حوالا ڏنل آهن جن مان مدد وٺي سگھجي ٿي. هن ڪتاب کي سنڌي جي سياسي ليٽريچر ۾ هڪ سٺو واڌارو ليکي سگھجي ٿو.

مايا جي ڪهاڻي

لاطيني آمريڪا جي ادب کي کڻي ڪهڙا به نالا ڏجن ۽ ڪهڙيون به اصطلاحون استعمال ڪجن پر هڪ ڳالھہ واضح آهي ته اهو هڪ مزاحمت جو ادب آهي. ڀلي گارشيا مارڪيز هجي ، ماريو ورگاس هجي يا آئيزيبل آلندي هجي ڪنهن به پنهنجي ملڪ ۽ علائقي جي سياسي حالتن کان ڪن لاٽار ناهي ڪئي ۽ پنهنجي فن وسيلي ان جو اظهار ڪيو آهي.
آئيزيبل آلندي هڪ لحاظ کان آلندي خاندان جي فرد هئڻ ڪري انهن حالتن جو سڌو سنئون شڪار رهي آهي. پنوشي جي فوجي بغاوت ۽ صدر سلواڊور آلندي جي موت کانپوء کيس پابلو نرودا جي شاعري جي مجموعي سميت ڪجھ ڪتابن ۽ ڪپڙن سان ملڪ ڇڏي جلاوطن ٿيڻو پيو هو. ان صورتحال جي هن پنهنجن ڪجھ ناولن ۾ عڪاسي ڪئي آهي. 2013 ۾ انگريزي ۾ شائع ٿيل سندس ناول Maya’s Notebook ان صورتحال جو وڌيڪ کليل نموني اظهارآهي.
دنيا جي گھڻن پاپولسٽ حڪمرانن جيان صدر آلندي کي به سندس خيرخواهن پاران اها ڳالھہ چئي ويئي هئي ته ملڪ ۾ سندس خلاف جيڪا سياسي صورتحال ٺهي رهي هئي ان ۾ فوج به شامل ٿي سندس خلاف ڪا ڪاروائي ڪري سگھي ٿي. پر سندس اهو جواب هوندو هو ته چلي جون جمهوري روايتون مضبوط آهن ۽ فوج ڪڏهين به سياست ۾ مداخلت نه ڪئي آهي. ساڳي وقت فوج جو سربراه پڻ جمهوريت ۾ يقين رکي ٿو ۽ سندس ڪي اهڙا ارادا ناهن. ان وقت فوج جي اڳوڻي سربراه، جنهن واقعي اهڙي ڪنهن قدم جي حمايت نه ٿي ڪئي، کي هڪ سازش ذريعي هٽايو ويو هو ۽ سندس جاء تي پنوشي فوج جو سربراه ٿيو هو. ليکڪا جي چوڻ موجب صدر آلندي جو اهو خيال پنوشي متعلق هو. بهرحال چلي ۾ جيئن ڪڏهين نه ٿيو هو ائين ٿيو. صدر آلندي وڙهندي مارجي ويو. جن فوجين حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ان قدم جي مخالفت ڪئي انهن کي گولي هنئي ويئي. هزارين سياسي مخالفن ۽ شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل عام ماڻهن کي جيلن ۾ واڙيو ويو ۽ ايذاء گھرن ۾ ايذاء ڏنا ويا. گھڻا ملڪ ڇڏي ويا، گھڻن پرڏيهي سفارتخانن ۾ پناه ورتي ۽ پوء جلاوطني اختيار ڪئي. تشدد ۽ ڏهڪاء ڦهلائڻ جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته پنوشي جي حامي جرنيلن جي اڳواڻي ۾ فوجين جا اهڙا قافلا ٺاهيا ويا جيڪي سڄي ملڪ ۾ هلندي مخالفن جي ڳولها ڪري نه رڳو انهن کي گوليون هڻندا هئا پر انهن جي لاشن کي ڊائناميٽ سان اڏائيندا هئا ته جيئن عام ماڻهن ۽ ان قافلي ۾ شامل فوجين ۾ ڏهڪاء ۽ هراس ڦهلجي.
ان سڄي صورتحال ۾ ناديا ودال، جنهن جي مڙس، جيڪو کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هڪ صحافي هو ۽ ٽي وي اينڪر جي طور پروگرام ڪندو هو، کي فوج کڻي ويئي هئي ۽ سندس ڪو ڏس پتو نه هو، پنهنجي پٽ سان گڏ هونڊراس جي سفارتخاني ۾ پناه ورتي هئي. اتان هن هونڊراس جي سفير جي مدد سان ڪينيڊا ۾ پناه حاصل ڪئي. سندس مڙس ايذاء گھر ۾ مارجي ويو. هو ڪينيڊا ۾ ٽيڪسي هلائي پنهنجو گذر بسر ڪري ٿي جتي سندس ملاقات هڪ آفريڪن آمريڪن فلڪيات جي ماهر سان ٿئي ٿي. هو ان سان شادي ڪري آمريڪا جي شهر ڪيليفورنيا ۾ هڪ وڏي گھر ۾ اچي رهي ٿي. پٽ وڏو ٿي پائلٽ بڻجي ٿو ۽ ڊينمارڪ جي هڪ ايئر هوسٽس سان شادي ڪري ٿو. انهن ٻنهي کي هڪ ڌي مايا ڄمي ٿي پر ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وڃي ٿي ۽ زال اها ڌي اچي ڪيليفورنيا ۾ ڏاڏاڻن جي حوالي ڪري وڃي ٿي. پي جيئن ته پنهنجي نوڪري جي سلسلي ۾ ٻاهر ئي رهي ٿو ان ڪري ان ڌي کي ڏاڏو ۽ ڏاڏي ڏاڍي پيار ۽ قرب سان نپائين ٿا. مايا جو خاص طور پنهنجي ڏاڏا ۽ ڏاڏا جو ساڻس پيار هجي ٿو. هو اڃا اسڪول ۾ ئي هجي ٿي ته سندس ڏاڏا جو انتقال ٿي وڃي ٿو. ان جو مايا ۽ سندس ڏاڏي تي نهايت خراب اثر پئي ٿو. مايا ڏوه ۽ نشي ۾ پئجي وڃي ٿي. نشي ۾ هڪ ڪار سان حادثي کانپوء عدالت پاران کيس گھٽ عمر هئڻ جي ڪري بحالي مرڪز موڪليو وڃي ٿو پر ڪجھ وقت کانپوء هو اتان ڀڄي وڃي ٿي. ٽرڪ ڊرائيورن ۽ ٻين مختلف هٿن مان ٿيندي هو هڪ منشيات فروش جي هٿ اچي ٿي جيڪو کانئس هوٽلن ۽ ٻين مختلف جاين تي منشيات جي فراهمي جو ڪم وٺي ٿو. ان سان گڏوگڏ هو پنهنجي ڀاء سان گڏجي نقلي نوٽن جي ڇاپڻ وغيره جو ڪم پڻ ڪري ٿو.
ننڍي رقم وارن نقلي نوٽن جي جاچ گھٽ ٿيندي آهي، ان ڪري انهن جو هلڻ سولو هوندو آهي. ٻي ڳالھہ ته اهي ڏوهاري مافيا ۽ منشيات فروشن کي ڏورانهن علائقن ۽ پرڏيه ۾ وڪرو ڪيا ويندا آهن جيڪي انهن کي اصلوڪن نوٽن سان گڏي هلائي ڇڏيندا آهن. اهڙي ريت ڏوهارين جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گرفت ۾ اچڻ جو امڪان گھٽ هوندو آهي. پر جڏهين اهي نوٽ ڇاپيندڙ آدم ٽريور پنهنجي ڀاء منشيات فروش برينڊن ليمين کي اهي نوٽ ڏنا ته هن انهن اصولن جو خيال نه ڪيو ۽ نه رڳو انهن کي پنهنجي شهر لاس ويگاس ۾ هلايو پر ساڳي وقت پوليس کي رشوت به انهن ئي نوٽن ۾ ڏني. سندس پنهنجن ٻن گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين سان اختلاف ٿين ٿا ۽ هو انهن کي رستي تان هٽائڻ لاء پوليس کي جيڪا رقم ڏئي ٿو اها به انهن نقلي نوٽن ۾ هجي ٿي. نتيجي ۾ اهو پوليس وارو بجائي انهن کي مارڻ جي انهن کي ان رٿا کان آگاه ڪري ٿو جيڪي پاڻ رٿا ٺاهي کيس ماري ڇڏين ٿا. ان کان اڳ هن مايا سان گڏجي هڪ وڏي رقم هڪ جاء تي لڪائي هئي. هوِ کيس هڪ ڪوڊ ڏئي ٿو ته هو سندس ڀاء کي ان کان آگاه ڪري. هو کيس ٻڌائي ٿو ته هو پنهنجي ڀاء جي خاندان سان گڏ برازيل هليو ويندو ۽ هو به ساڻن گڏ هلي پر مايا ان کان انڪار ڪري ٿي.
برينڊن ليمين جي مارجڻ کانپوء اهي ٻه ڄڻا ۽ پوليس وارو ارانا مايا جي ڳولها ڪن ٿا. کين اها پڪ هئي ته مايا کي اها خبر هئي ته نقلي نوٽ ڪٿي لڪل هئا. ليمين سان گڏ ڪم ڪندڙ مايا جو دوست فريڊي کيس ان کان آگاه ڪري ٿو ۽ هو جم مان، جتي نوٽ لڪائڻ کانپوء واپسي تي ليمين کيس ڇڏيو هو، ڀڄي نڪري ٿي. ان کانپوء هو ڄڻ عذاب ۾ اچي وڃي ٿي. کاڌي کان وڌيڪ پنهنجي نشي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاء هو چوري به ڪري ٿي ۽ پنهنجو جسم به وڪڻي ٿي. هڪ ڀيري ارانا کيس چوري ڪندي پڪڙي ٿو. هو کيس جيل ۾ بند نه ٿو ڪري پر کارائي پياري کيس اعتماد ۾ وٺي ٿو ۽ ساڳي وقت بريڊن ليمين جي قاتلن کي سندس ڏس پتو به ڏئي ٿو جيڪي اچي کيس کڻي وڃن ٿا ۽ مٿس نوٽن جي لڪائڻ واري جاء جو ڏس پتو ٻڌائڻ لاء تشدد ڪن ٿا. پر هو ان وقت کين ڪجھ نه ٿي ٻڌائي. انهن جي ڪجھ دير لاء ٻاهر وڃڻ مهل فريڊي اچي کيس آزاد ڪري ٿو ۽ کيس اهڙين راهبائن جي گھر وٺي وڃي ٿو جيڪي سندس سار سنڀال ڪن ٿيون ۽ جڏهين سندس حالت ڪجھ بهتر ٿئي ٿي ته هو کين ڪيليفورنيا ۾ پنهنجي ڏاڏي کي فون ڪرڻ لاء چئي ٿي.
پنهنجي ڏاڏي کي هو نوٽن وغيره جي لڪائڻ جي جاء ۽ ڪوڊ متعلق ٻڌائي ٿي. هو سمجھن ٿا ته نقلي نوٽن ڇاپڻ ۽ انهن کي هلائڻ جي سزا قتل کان به ڳري آهي ۽ جيڪڏهين مايا ان ڏوه ۾ گرفتار ٿئي ٿي ته سندس سڄي ڄمار جيل ۾ ئي ڳري ويندي. هو اتان نوٽ ۽ نوٽ ڇاپڻ جي مشين کڻن ٿا ۽ ڪيليفورنيا ويندي واٽ تي رڻ پٽ ۾ اهي نوٽ کڏ کوٽي ان ۾ ساڙي ڇڏين ٿا جڏهين ته مشين کي سمنڊ جي تر ۾ اڇلائي ڇڏين ٿا.
مايا جي ڏاڏي ان ڳالھہ کي سمجھي ٿي ته هڪ پاسي مايا کي ڏوهاري مافيا کان خطرو هو ته ٻئي پاسي پوليس ۽ ايف بي آئي به سندس ڪڍ لڳي سگھي ٿي. هو سندس بحالي جي پروگرام جي مڪمل ٿيڻ کانپوء اهو بهتر سمجھي ٿي ته کيس ڪنهن اهڙي جاء تي موڪلجي جتي هو انهن ٻنهي کان محفوظ رهي. ان لاء کيس پنهنجي ملڪ چلي، جتي هو ٽيه سالن کان نه ويئي هئي، جي هڪ ننڍڙي ٻيٽ چلوئي جو خيال اچي ٿو جتي سندس هڪ دوست مينوئل آريس رهيل هو.
اهو هڪ ڪنڊ پاسي چلي جو هڪ غير معروف اٽڪل ٽي سو ماڻهن جي آبادي وارو ننڍڙو ٻيٽ هجي ٿو. هڪ ته ناديا جو مينوئل سان پيار جو ناتو هجي ٿو ۽ ٻيو هو سندس مڙس سان ٽارچر ڪئمپ ۾ گڏ هو. جيل ۽ ٽارچر ڪئمپ ۾ رهڻ کانپوء کيس ان ٻيٽ تي موڪليو ويو هو جتي پنهنجي سزا جو مدو گذارڻ کانپوء هو آسٽريليا هليو ويو هو جتان موٽڻ کانپوء هو پنهنجي مرضي سان ان ٻيٽ تي رهيل هو. هو هتي علائقي جي لوڪ ڪٿائن ۽ روايتن وغيره تي ڪتاب لکي رهيو هو جنهن ۾ هاڻي مايا به سندس مدد ڪري رهي هئي. هن کي مٿي ۾ ڦرڙي هئي ۽ اهو خدشو هو ته اها ڪنهن وقت به ڦاٽي سگھي ٿي ۽ سندس موت واقع ٿي سگھي ٿو.
مايا کي هتي موڪلڻ کان اڳ سختي سان ٽيليفون، سوشل ميڊيا ۽ اي ميل وغيره کان پري رهڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي ٿي ته جيئن مافيا ۽ پوليس وغيره کي سندس ڏس پتو نه ملي. اهو سڄو ٻيٽ ڄڻ هڪ گھر مثل هو جتي گھرن جا دروازا کليل هوندا هئا ۽ ماڻهو ڪنهن هٻڪ کانسواء هڪٻئي جي گھرن مان شيون کڻي ويندا هئا ۽ پوء پاڻيئي واپس ڪري ويندا هئا ۽ عيوضي ۾ ڪا ٻي شي ڏيئي ويندا هئا. مايا کي بيخوابي جي شڪايت هجي ٿي. رات جو جاڳندي هو مينوئل کي ننڊ ۾ ڳالھائيندي ۽ رڙيون ڪندي ٻڌي ٿي. هو سمجھي ٿي ته سندس اندر ۾ ڪا پيڙا آهي پر هو کانئس پڇڻ جي همت نه ٿي ڪري. هو اهو سوچي ٿي ته اهو معلوم ڪجي ته نيٺ ان سڄي پيڙا جو ڪهڙو ڪارڻ هو. هڪ ڀيري جڏهين مينوئل پنهنجي علاج جي سلسلي ۾ سنتياگو وڃي ٿو ته هو به ساڻس گڏ وڃي ٿي. هو مختلف ماڻهن سان ملي اها جاچ ڪري ٿي ته نيٺ پنوشي جي دور ۾ ماڻهن سان ڇا وهيو واپريو هو. هو ان ٽارچر ڪئمپ ۾ وڃي ٿي جتي ميئوئل ۽ سندس ڏاڏي کي قيد ڪيو ويو هو. ان ٽارچر ڪئمپ کي هاڻي پارڪ ٺاهيو ويو هو. اتي محافظ کيس ٻڌائي ٿو ته قيدين کي ڪيئن ايذاء ڏنا ويندا هئا ۽ ڪيئن انهن جون ڪيڪون سڄي عمارت ۾ گونجنديون هيون. کيس تڏهين مينوئل جا ڊيڄاريندڙ خواب ۽ ننڊ ۾ رڙيون ڪرڻ سمجھ ۾ اچي ٿو. نفسيات دان اهو ٻڌائين ٿا ته انسان جي خراب ڏينهن جي يادگيرين کي ٿوري مدي کانپوء سندس ذهن بلاڪ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان ماڻهو کي به ياد نه هوندو آهي ته ساڻس ڇا ٿيو هو. چلوئي جي گرجا جو پادري، جيڪو پاڻ پنوشي جي ڏاڍ جو شڪار رهيو هو، کيس اهڙن ماڻهن جا مثال ڏئي ٿو جن کيس ٽارچر وغيره جا داستان ٻڌايا هئا پر جڏهين هو ڪجھ عرصي کانپوء ساڻن مليو هو ته کين ڪجھ به ياد نه هو.
ان دوران مايا کي اها خبر پيئي ٿي ته سندس اصل ڏاڏو مينوئل آهي جنهن جا سندس ڏاڏي ناديا سان ناتا رهيا هئا پر ان جو مٿس ڪو اثر نه ٿو ٿئي. ٻي ڳالھہ ته سندس چلوئي ۾ آيل هڪ آمريڪي سياح سان محبت ٿئي ٿي جنهن سان هو ان جي واپس وڃڻ کانپوء فرضي نالي سان اي ميل وغيره ذريعي رابطو رکي ٿي. جيئن ته پوليس وارو ارانا سندس ڳولها ۾ هجي ٿو ان لکپڙه جي بنياد تي هو چلوئي پهچي ٿو. مايا اهو سمجھي ٿي ته اهو ليمين جي قاتلن سان شامل آهي ۽ کيس پوليس مان ڪرپشن وغيره جي ڪري ڪڍيو ويو آهي. ٻنهي جي ڇڪتاڻ ۾ هو ٽڪري تان ڪري پون ٿا جنهن ۾ مايا کي به ڌڪ لڳن ٿا ۽ ارانا سمنڊ ۾ لڙهي وڃي ٿو. ان کان اڳ ليمين جا قاتل جيڪي پڻ مايا جي ڳولها ۾ هجن ٿا ريگستان ۾ ڪار ۾ لڳل باه ۾ سڙي مري وڃن ٿا.
هي ناول ساڳي وقت ان امتيازي ورتاء کي به ظاهر ڪري ٿو جيڪو آمريڪا ۾ خاص طور ڪارن سان روا رکيو وڃي ٿو جنهن جو اظهار ناديا جو ٻيو مڙس به ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت اهو نوجوان جنهن سان مايا محبت ڪري ٿي ۽ جيڪو هڪ گڏيل نسل جي ماء پي جي اولاد هجي ٿو پڻ ڪري ٿو.
اهو ناول چلي ۽ آمريڪي سماج جي گھڻن پاسن کي سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.

اورنگزيب ۽ مغل سلطنت جو زوال

مغل بادشاه اورنگزيب عالمگير متعلق هڪ طئي ٿيل رايواهو آهي ته هن هندوستان ۾ مذهبي تفرقي کي وڌايو، هندن تي ظلم ڪيا ۽ مندرن کي تباه ڪيو جيڪا ڳالھہ نيٺ مغل سلطنت جي وکرجڻ ۽ آخري نتيجي ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي صورت ۾ ظاهر ٿي. نهرو پنهنجي ڪتاب ڊسڪوري آف انڊيا ۾ اورنگزيب متعلق چئي ٿو ته عظيم مغل چوائيندڙن مان آخري بادشاه اورنگزيب گھڙيال کي پوئتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ هن ان کي بيهاري ۽ ٽوڙي ڇڏيو.
تازو اورنگزيب جي حوالي سان ليکڪا AUDREY TRUSCHKE جو ڇپيل هڪ نئون ڪتاب ‘AURANGZEB- THE MAN AND THE MYTH’ ان سڄي ڳالھه کي هڪ نئين طريقي سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش آهي. سندس چوڻ آهي ته اورنگزيب کي جديد دور جي جمهرريت، انساني حقن ۽ مذهبي رواداري وغيره جي معيارن تي پرکڻ بجائي اهو ضروري آهي ته کيس پنهنجي دور جي معيارن ۽ مغل روايتن وغيره جي حوالي سان پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اورنگزيب تي پنهنجن ڀائرن کي قتل ڪرڻ ۽ پنهنجي پي کي قيد ڪرڻ جو الزام آهي. ڏٺو وڃي ته اها وچ ايشيا جي حڪمرانن جي هڪ روايت هئي ته خاندان ۾ جيڪي به مڙد هوندا اهي تخت جي وراثت واري ڊوڙ ۾ شامل هوندا جڏهين ته اڪبر ان کي رڳو پٽن تائين محدود ڪيو پر اهو به رڳو وڏي پٽ لاء نه پر سڀني پٽن لاء هو. ان حوالي سان جيستائين وراثت جي ڍوڙ ۾ شامل ڀائرن کي قتل ڪرڻ جو سوال آهي ته اها روايت مغلن ۾ شروع کان رهندي اچي. شاهجان پنهنجن ڀائرن خسرو ۽ شهريار کي قتل ڪرايو جڏهين ته اهي ساڳيون ڳالھہيون جهانگير ۽ همايون لاء به ڪيون وڃن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته جڏهين دارا شڪوه کي قتل ڪرڻ کان اڳ اورنگزيب جي سامهون آندو ويو ته هن کانئس پڇيو ته فرض ڪر ته اسان ٻنهي جو ڪردار بدليل هجي ها ته تون مون سان ڪهڙو ورتاء ڪرين ها ته دارا، جنهن کي پنهنجو انجام سجھيو پئي، کيس جواب ڏنو هو ته آئون تنهنجا چار ٽڪر ڪري دهلي جي چئني دروازن تي ٽنگي ڇڏيان ها. جڏهين ته دارا کي قتل ڪرڻ کان پوء سندس مڙه کي همايون جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. جيستائين پنهنجي پي شاهجان کي قيد ڪرڻ جو سوال هو ته ان ڳالھہ کي روايتن جي ابتڙ ۽ غير مذهبي ڪري ليکيو ويو.ان ڳالھه جي مخالفت ڪرڻ تي هن پنهنجي وڏي قاضي کي پنهنجي عهدي تان هٽائي حج تي موڪلي ڇڏيو ته ترڪي جي حڪمران ۽ شريف مڪي پاران اوستائين جيستائين شاهجان حيات هو اورنگزيب کي هڪ غاصب حڪمران سمجھي ان جي حڪومت کي تسليم نه ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته اهو ڏوه ۽ گناه جو احساس مرڻ گھڙي تائين اورنگزيب سان رهيو.
پنهنجي شروعاتي زندگي ۾ اورنگزيب موسيقي جو شوقين رهيو هو. پنهنجي جواني ۾ هو ناچڻي ۽ ڳائڻي هيرا ڀائي جي عشق ۾ وٺجي ويو هو ۽ ان لاء پنهنجو سڀڪجھ ڇڏڻ لاء تيار ٿي ويو هو پر هيرا ڀائي سال جي اندر گذاري ويئي. پوء هن اهي شوق ختم ڪري ڇڏيا. مذهب سان سندس واسطو اوستائين هو جيستائين اهو سندس حڪمراني ۽ دنياوي معاملن ۾ رڪاوٽ نه ٿي بڻيو. اهڙا گھڻا مثال آهن جتي هن پنهنجي سياست ۽ حڪمراني کي اوليت ڏيندي مذهبي احڪامن کي هڪ پاسي رکي ڇڏيو. بخارا جي هڪ مسلم، جيڪو 1680 جي ڏهاڪي جي آخر ڌاري مغلن جي نوڪري ۾ آيو هو، بادشاه کي درخواست ڏني ته دربار ۾ موجود ايراني جيئن ته سني نه پر شيعه هئا ان ڪري انهن کي ترقيون نه ڏنيون وڃن. ان تي بادشاه کيس جواب ڏنو ته دنياوي معاملن جو مذهب سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ۽ انتظامي معاملن کي تفرقي بازي ۾ مداخلت نه ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته اوهان لاء اوهان جو دين آهي ۽ منهنجي لاء منهنجو.
اورنگزيب کان اڳ مغل انتظاميا ۾ هندن جو تناسب ٻاويھه سيڪڙو هو جيڪو سندس اقتدار جي پهرئين ڏهاڪي ۾ گھٽجي ايڪويه سيڪڙو ٿي ويو پر پوء وارن سالن ۾ اهو وڌي ايڪٽيھه سيڪڙو ٿي ويوهو. جيستائين مندرن کي ڊاهڻ جو سوال آهي ته سڄي هندوستان ۾ ان وقت به هزارين مندر هئا جڏهين ته اورنگزيب جي ڊاٿل مندرن جو تعداد مشڪل سان ڪجھ ڊرجنن ۾ آهي. بنارس ۽ ماٿورا ۾ مندرن کي ڊاهڻ جو ڪارڻ بنيادي طور سياسي هو. ڇاڪاڻ ته اورنگزيب کي اهو شڪ هو ته هتي سندس حڪومت کي ختم ڪرڻ لاء سازشون ٿيون هيون. ساڳي ريت سندس اهڙن ڪجھ حڪمن تي عمل به نه ٿيندو هو ۽ جنهن جي کيس ڄاڻ به نه پوندي هئي جيئن سومناٿ جي سلسلي ۾ ٿيو. ان مندر کي اورنگزيب پاران ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر ان کي نه ڊاٿو ويو ۽ اهو پنهنجي جاء تي موجود رهيو. جيستائين هولي جي ڏڻ تي جشن ملهائڻ تي پابندي وجھڻ جو سوال هو ته هن ساڳي وقت عيد ۽ محرم وغيره جي جلوسن تي به پابنديون مڙهيون هيون. مذهبي کان وڌيڪ ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته انهن موقعن تي مختلف هٿيار بند گروه شهرن ۾ اچي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا هئا جنهن جي ڪري گھڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو هو..
ڏکڻ هندوستان کي فتح ڪرڻ ۽ پنهنجي سلطنت جو حصو ٺاهڻ هميشه کان معلن جو خواب رهيو هو جنهن کي اورنگزيب اچي پورو ڪيو. هن پنهنجي حڪمراني جي ڪجھ سالن کانپوء ئي دهلي کي ڇڏي ڏکڻ کي ئي پنهنجو مرڪز ٺاهيو ۽ پنهنجي حڪمراني جو باقي عرصو هتي ئي جنگن ۽ مخلتف علائقن کي فتح ڪندي گذاريو. سندس ان قدم دهلي کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيو. ان جي شان ۽ شوڪت ختم ٿي ويئي ۽ آبادي گھٽجي ويئي. هتي اورنگزيب جي سياست جي مذهب کان مٿانهين هئڻ جو ثبوت ان ڳالھہ مان به ملي ٿو ته گولڪنڊه ۽ بيجا پور ڏکڻ جون ٻه اهم مسلم رياستون هيون پر اورنگزيب انهن کي ڪابه رعايت ڏيڻ لاء تيار نه هو ۽ ڊگھن محاصرن ۽ جنگين کان پوء نيٺ انهن کي آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيائين.
اورنگزيب اٽڪل اوڻونجاه سال هندوستان تي حڪومت ڪئي جيڪو کانئس اڳ آيل ڪنهن به مغل باسشاه کان وڌيڪ عرصو آهي. اڄ جو اٽڪل سڄو انڊو پاڪ سندس سلطنت جو حصو هو.پر ان سڄي عرصي ۾ کيس سڪون ۽ آرام جو هڪ لمحو به نصيب نه ٿيو. اهو سڄو وقت هن خاص طور ڏکڻ ۾ جنگين ۽ مرهٽن ۽ ٻين مختلف گروهن سان وڙهندي گذاريو. پنهنجي آخري عمر ۾ کيس ان ڳالھه جو احساس هو ۽ مختلف ماڻهن ڏانهن لکيل خطن ۾ هو ان ڳالھہ جو اظهار ڪندو هو ته هن پنهنجي سڄي زندگي ضائع ڪئي هئي ۽ پنهنجي مالڪ ڏانهن هو هڪ اجنبي جي صورت ۾ نيٺ ڪهڙو منهن کڻي ويندو.
1707 عيسوي ۾ اورنگزيب جي وفات کان پوء مغل سلطنت وکرجڻ شروع ٿي ويئي. هڪ پاسي معمول موجب تخت لاء شهزادن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي ۽ ٻئي پاسي مرهٽن ۽ ٻين مختلف سردارن پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪري ڇڏيو. شهزادن مان ڪنهن ۾ به ايتري اهليت نه هئي ته هو ان عظيم سلطنت جي بار کي کڻي سگھي. اورنگزيب جي وفات کانپوء تيرنهن سالن ۾ پنج بادشاه تخت تي ويٺا جڏهين ته کانئس اڳ جي چار بادشاهن ڏيڍ سو سال حڪومت ڪئي هئي. ان جو هڪ ڪارڻ ته اهو هو ته سلطنت جي گھڻي ڦهلاء، لاڳيتي جنگين ۽ بادشاه جي وڏي عمر جي ڪري ڪامورا ۽ سردار وڌيڪ مضبوط ٿي ويا هئا ۽ خزانو خالي ٿي ويو هو. ٻي اهم ڳالھہ اها هئي ته اورنگزيب پنهنجن پٽن جي نه آئندي جي بادشاهن طور تربيت ڪئي هئي ۽ نه ئي انهن کي جوڳي اهميت ڏني هئي. بلڪ پٽن جي بجائي هو پوٽن کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. ائين به ٿيندو هو ته سندس حڪم تي يا ان کانسواء ئي فوجي سردار شهزادن کي گرفتار ڪندا هئا ۽ انهن کي بيعزت ڪندا هئا.
ايران جي نادر شاه جي ان سڄي صورتحال مان فائدو حاصل ڪرڻ ، ڪيترن ڏينهن تائين دهلي جي ڦرمار ڪرڻ ۽ محمد شاه کي هڪ يرغمالي طور رکڻ وغيره باقي ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. اورنگزيب جي وفات جي پنجاه سالن جي اندر مغل سلطنت جو جاه و جلال ختم ٿي ويو ۽ 1750 کان پوء ايسٽ انڊيا ڪمپني اڳ ۾ ئي ڪمزور ٿيل مغلن کي سندن بادشاهت جي باقي رهيل سهيل نشانين جهڙوڪ زمينن جي ملڪيت، فوج ۽ ڍل گڏ ڪرڻ جي اهليت کان به آهستي آهستي محروم ڪرڻ شروع ڪيو. نوبت ايستائين اچي پهتي ته اڪبرشاه ٻيون ڄڻ ته هڪ جيئرو عجائب گھر بڻجي ويو جيڪو پرڏيهي ملاقاتين کان ملڻ جا پئسا وٺندو هو ته جيئن سندس گذر بسر ٿي سگھي. نيٺ 1857 جي جنگ آزادي کان پوء انگريزن ان سڄي معاملي کي ختم ڪري آخري نالي ماتر بادشاه بهادر شاه ظفر کي برما جلاوطن ڪري ڇڏيو.
جيتوڻيڪ اورنگزيب مرڻ کان پوء پنهنجي لاء ڪنهن وڏي مقبري ۽ جاه و جلال کي پسند نه ڪيو ۽ هڪ صوفي جي مزار ۾ معمولي قبر ۾ دفن ٿيو پر ان ڳالھہ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس پاليسين جي ڪري عظيم مغل سلطنت ٿوري ئي وقت ۾ وکرجي ويئي ۽ ان جا بادشاه ڄڻ محتاج ۽ فقير بڻجي ويا.

ڪتاب ڪھاڻيون ڪردار

آئون سمجھان ٿو ته جيڪڏهين منهنجو واسطو ڪراچي سنگت سان نه هجي ها ته سنڌ جي گھڻن اديبن، ليکڪن ۽ ٻين ماڻهن، جن سان منهنجي اڄ واقفيت ۽ دوستي آهي، اها شايد نه هجي ها ۽ آئون سنڌ جي ادبي وايو منڊل کان ڪٽيل هجان ها. سنگت سڄي سنڌ جي اديبن ۽ ٻين سڄاڻ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي هئي. جيڪڏهين هفتيوار گڏجاڻي واري ڏينهن ڪراچي کان ٻاهر جو ڪو به سنڌي اديب ڪراچي ۾ هوندو هو ته هو گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو هو ته جيئن نه رڳو سنگت جي دوستن سان ملاقات ٿي سگھي پر ساڳي وقت گڏجاڻي ۾ ٿيندڙ بحث مباحثي مان پڻ لاڀ حاصل ڪري سگھجي. مختلف سياسي ۽ نظرياتي اختلاف ان گڏيل عمل ۾ ڪنهن رڪاوٽ جو باعث نه ٿيندا هئا. اهي گڏجاڻيون هڪ لحاظ کان ذهني اوسر جو ذريعو هونديون هيون.
گھڻا نوجوان جيڪي هونئن ئي پنهنجي ليکي ادبي ۽ سياسي طور سرگرم هئا ان سٿ ۾ شامل ٿيا. انهن ۾ هڪ اهم نالو منوج ڪمار جو آهي. منوج ڪجھ عرصو ڪراچي ۾ رهڻ کان پوء هالا هليو ويو پر گڏيل دوستن وسيلي سندس خبر چار ملندي رهندي آهي. گھڻن لاء سياسي سرگرمين جي ختم ٿيڻ کانپوء پنهنجي شخصيت جي توازن کي برقرار رکڻ جو واحد ذريعو ڪتاب ۽ لکڻ پڙهڻ جو عمل هو. ساڳي ريت منوج به اها ئي واٽ اختيار ڪئي هئي. ڪتاب وٺڻ، پڙهڻ ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ اڃا تائين سندس اهم سرگرمي رهندي آئي آهي. مون سندس ڪتابن مان ان نموني فائدو حاصل ڪيو هو ته جڏهين سنڌي ادبي بورڊ پاران مون کي ڊاڪٽر زواگو جي ترجمي جو ڪم ڏنو ويو ته مون کي ان ناول جو انگريزي ايڊيشن منوج کان ئي ملي سگھيو هو.
منوج اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم ۽ مضمون وغيره لکندو رهيو آهي. هاڻي انهن جي چونڊ کي هن ڪتابي صورت ۾ ڪتاب، ڪهاڻيون ڪردار جي نالي سان ڇپائي سامهون آندو آهي. ان ڪتاب ۾ ايڪونجاه مضمون شامل آهن جن کي هن موضوع جي حوالي سان ٽن حصن ڪردار، ادب ۽ ٻولي ۽ سماج، تاريخ ۽ ماحوليات ۾ ورهايو آهي. ائين کڻي چئجي ته بيجا نه ٿيندو ته اهو ليکڪ جي مطالعي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهي. مختلف ڪارڻن جي ڪري هو سياسي تجزين کان پري رهيو آهي. پهريون ۽ ٻيون حصو سنڌي ۽ پرڏيهي ادب، اديبن ۽ ٻولي جي معاملن سان لاڳاپيل آهي.هو سنڌي پڙهندڙن کي پرڏيهي اديبن جي ڪجھ اهم نالن جهڙوڪ اسٽيفن زويگ، جيمس جوائس، آرٽ بڪوالڊ ۽ خاص طورتي پولش صحافي ۽ ناول نگار ڪاپوشنسڪي جي شخصيت ۽ فن کان متعارف ڪرائي ٿو جڏهين ته پئبلو نرودا ۽ عمر خيام کان گھڻا سنڌي پڙهندڙ اڳ ئي واقف آهن. باب ڊئلن کي ادب جي نوبل انعام ملڻ تي سوال جيتوڻيڪ اهم آهي پر ساڳي وقت اها ڳالھه پڻ اهم آهي ته سندس شاعري ۽ موسيقي جنهن جو ماڻهن تي هڪ ديرپا اثر رهيو آهي ان کي ڪهڙي خاني ۾ وجھي سگھجي ٿو. هونئن به مختلف شعبن ۽ خاص طور تي ادب جي شعبي نوبل انعام ادب جي ٻين انعامن جي ڀيٽ ۾ گھڻي ڀاڱي متنازعه ئي رهندو آيو آهي. ان ڀاڱي ۾ اياز، حليم بروهي ۽ فيض تي به مضمون آهن. انهن لکڻين ۾ ليکڪ جو گھڻي ڀاڱي انهن سان هڪ عقيدت ۽ محبت جو اظهار آهي. خاص طور تي اياز ۽ حليم تي لکڻيون مٿن ٿيندڙ تنقيد جو ردعمل آهن. ليکڪ جيڪڏهين پنهنجي جذباتي وابستگي کي پاسيرو رکي انهن ٻنهي جي ڪم ۽ شخصيت جو تنقيدي جائزو وٺي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها.
آئون سمجھان ٿو ته ليکڪ جي اها تجويز ته سنڌي ادبي سنگت کي رضاڪارانا طور ختم ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي فنڊز، پلاٽ ۽ سرڪاري گرانٽ وغيره کي سنڌ سائنس سوسائٽي کي اڳتي وڌائڻ لاء استعمال ڪرڻ گھرجي هڪ اهم تجويز آهي. سنگت کي هن وقت ذاتي ۽ سياسي مفادن لاء گھڻو استعمال ڪيو پيو وڃي. هيڊ آفيس جي تعمير جي سلسلي ۾ فنڊن تان جيڪا ڄنڍا پٽ لڳي پيئي آهي ان سنگت جي ساک گھڻو نقصان پهچايو آهي. پر ڳالھہ اها آهي ته اهي ماڻهو سنگت مان هٿ نه ڪڍندا ۽ جيڪڏهين سائنس سوسائٽي يا ٻيو ڪو ادارو ٺاهڻو آهي ته ان جي لاء ڌار ڪوششون وٺڻيون پونديون.
ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي حوالي سان سندس ٻه مضمون هڪ محبوب شهر سان ٽٽندڙ رشتي جو داستان ۽ اندر جو شهر ۽ شهرن جا اندر متاثر ڪندڙ آهن. ڪٿي شهر جي ماڻهن کان وڌيڪ ان جون جايون، روڊ رستا ۽ ماحول اهم هوندو آهي ته ڪٿي شهر جا ماڻهو اتان جي سڃاڻپ هوندا آهن. ليکڪ جو حيدرآباد سان هڪ جذباتي لڳاء ته آهي ۽ ان جي موجوده حالت کيس ڏکوئي به ٿي پر هو سمجھي ٿو ته سندس ذهني اوسر ۾ ڪراچي ۽ اتان جي دوستن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هن حصي ۾ ماحوليات جي حوالي سان ٻه اهم مضمون سنڌ ۾ ماحولياتي قتل عام تي اسان جي لاپرواهي ۽ ڇا اسان ڌرتي کي قتل ڪري ڇڏينداسين هن ڪتاب ۾ شامل آهن. اهو موضوع پوري دنيا ۾ هن وقت بحث هيٺ آهي. اسان وٽ جيتوڻيڪ ان کي جوڳي اهميت نه ٿي ڏني وڃي پر ان جا اثر واضح طور اسان جي سماجي ۽ معاشي زندگي ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. جپسين متعلق مضمون ان لحاظ کان اهم آهي ته هن وقت ان ڳالھه تي گھڻا محقق متفق آهن ته انهن ماڻهن جا ابا ڏاڏا سنڌ مان ئي دنيا جي مختلف حصن ۽ يورپ ڏانهن ويا آهن.
جيڪڏهين اهو ڏسجي ته ڪتاب جو مرڪزي نڪتو ڇا آهي ته اهو رڳو سنڌ ۽ ان سان محبت آهي. سنڌي ماڻهن سان لاڳاپيل مختلف مسئلن کي ليکڪ ان نڪته نظر کان ئي بحث هيٺ آندو آهي ته جيئن انهن کي حل ڪري سنڌي سماج جي حالت کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگھجي. ان لحاظ کان مختلف مضمون بحث جي لاء هڪ بنياد فراهم ڪري سگھن ٿا.

نئين دور جي محبت

ليکڪ سان ذاتي سڃاڻپ جيتوڻيڪ سندس لکڻين تي لکڻ ۾ مددگار ٿي سگھي ٿي پر ان کي آئون ان لاء لازمي ناهيان سمجھندو. ساڳي ريت منور سان به نه منهنجي ملاقات آهي ۽ نه ئي ذاتي واقفيت آهي. سندس پهريون ناول کاٻي اک جو خواب مون پڙهيو هو. هي سندس ٻيون ناول آهي. ناول پڙهڻ کان اڳ ان جي ٽائيٽل سان مون کي اهو تاثر مليو ٿي ته اهو ڪراچي ۾ هاڪس بي جي سامونڊي ڪناري کان ٿورو اڳتي هڪ سامونڊي ٽڪري آهي جنهن ۾ سمنڊ جي ڇولين هڪ وڏو سوراخ ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري مقامي ماڻهو ان کي اک ڦاٽو چوندا آهن پر هونئن ان جو نالو پيراڊائيز پوائنٽ آهي جتي گھڻا ماڻهو پڪنڪ ملهائڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ وغيره جي لاء ويندا آهن جي حوالي سان آهي. پر ناول پڙهڻ کانپوء پتو پيو ته اها ٻي جاء آهي جيڪا يونيورسٽي جي اندر ئي آهي.
سنڌ ۾ گڏيل تعليم جا ادارا خاص طور يونيورسٽيون ئي اهڙيون جايون آهن جتي ڇوڪرن ڇوڪرين جو آزادي سان ملڻ ممڪن ٿئي ٿو. ان حوالي سان ڪجھ عرصو اڳ کان ناولن لکڻ جو لاڙو پيدا ٿيو. شروع ۾ ناول پڙهندي مون کي ائين لڳو ته اهو ناول به ان لاڙي جو ئي هڪ تسلسل آهي. پر اڳتي هلي اها خبر پئي ته اهو ساڳي وقت ان جو تسلسل به آهي ته ان کان گھڻين ڳالھہين ۾ مختلف به آهي. پهرين ڳالھہ ته اهي ڪل وقتي شاگرد ناهن جن جو ڪم رڳو پڙهڻ ۽ محبت ڪرڻ آهي. پر انهن جي لاء دنيا ۾ ٻيا به غم هجن ٿا. اهي ڏينهن ۾ مختلف نوڪريون ڪن ٿا ۽ شام ۾ ايم بي اي جا ڪلاس اٽينڊ ڪن ٿا. اهي مختلف سماجي، معاشي ۽ لساني پسمنظر رکندڙ شاگرد آهن. جيتوڻيڪ اهو واضح نه ٿو ڪيو وڃي پر اها خبر پئي ٿي ته اها ڪنهن ننڍي شهر جي سرڪاري يونيورسٽي آهي.
ناول جا مرڪزي ڪردار هڪٻئي سان پيار ڪندڙ سرمد ۽ ساڀيان آهن. سرمد هڪ شاعر جنهن کي سندس طبيعت سان اڻ ٺهڪندڙ ايم بي اي جا حسابي مضمون پڙهڻا پون ٿا. ساڀيان جو سرمد جي شاعري ۽ اهڙي ريت سرمد جي ذات ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي.
هن ناول ۾ چمڙا هڪ اهم سمبل آهي. خاص طور اداري جي سربراه ۽ سندس خوشامد ڪندڙ ٽولي جي حوالي سان جنهن جي ڪري يونيورسٽي جو سڄو ماحول بدبودار ٿي وڃي ٿو. اهي شاگردن تي ايستائين نظر رکن ٿا جو سرمد کي چيو وڃي ٿو ته شاعري وغيره کي ڇڏ جنهن کي هتي وڏو صاحب پسند نه ٿو ڪري ۽ پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏي. ساڳي ريت وڏي صاحب ۽ سندس ٽولي جي هوندي خاص طور ڇوڪريون پاڻ کي محفوظ نٿيون سمجھن ۽ گھڻين کي پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي وڃڻو پئي ٿو. ساڳي ريت استادن ۽ اداري جي ٻين ملازمن جي بيعزتي ڪئي وڃي ٿي ۽ سندن خودداري کي متاثر ڪيو وڃي ٿو جنهن جي ڪري جيڪي ان ماحول مان نڪرڻ جا متحمل ٿي سگھن ٿا اهي هليا وڃن ٿا. استاد جي ان ڪردار ۽ يونيورسٽين جي ماحول جو ڪجھ ڏهاڪا اڳ جڏهين اسان شاگرد هوندا هئاسين ته ماڻهو تصور به ٿي ڪري سگھيو. ان وقت اهڙا ڪردار حقيقي طور ادارن ۾ موجود آهن جن متعلق گھڻيون خبرون اچن ٿيون ۽ جن واقعي چمڙن ۽ سندن ڦهلايل گند جيان انهن پوتر ادارن جي ماحول کي بدبودار ڪري ڇڏيو آهي.
ان سان گڏوگڏ ناول ۾ انساني ناتن ۾ جيڪا بي اعتباري ۽ ڀڃ ڊاه هن سماج ۾ نظر اچي رهي آهي ان جا ڪجھ عڪس پڻ نظر اچن ٿا. پيار محبت ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ڪو مستقل ۽ اعتبار جوڳو ناتو ناهي رهيو ۽ اهو به ضروري ناهي ته ان جو انت شادي جي صورت ۾ ئي نڪري. امبرين جو ڪيس ان سلسلي ۾ ذڪر جوڳو آهي جيڪا هڪ سادڙي چوڪري مراد سان ڪجھ وقت گذاري ۽ سندس جذبن سان کيڏي کيس ڇڏي هڪ ٻئي وڌيڪ سمارٽ نوجوان جهانزيب جي ويجھو ٿي وڃي ٿي جيڪو به پوء کيس ڇڏي پنهنجي خاندان مان ئي شادي ڪري ٿو ۽ هو وائڙي ٿي گھمندي رهي ٿي. ايستائين ته اها ساڳي ڪيفيت سرمد ۽ ساڀيان جي به آهي. هڪ ٻئي سان پيار جي دعوا ڪرڻ جي باوجود ساڀيان ان جي پڪ ڪرڻ لاء ڪڏهين گمنام نمبر تان چنڊ تان آيل چوڪري جي روپ ۾ سرمد جي اندر جو انت وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ڪڏهين سندس محبت کي آزمائڻ لاء ٻئي ڪنهن ڇوڪري جي ويجھو ٿئي ٿي. ڏٺو وڃي ته محبت ته محبت ڪندڙن جي سڄي وجود ۽ انهن جي هر عمل مان بکندي ۽ ظاهر ٿيندي آهي ۽ پنهنجي محبوب کي آزمائڻ ته ڄڻ سندس بيعزتي ڪرڻ مثل هوندو آهي. ساڳي وقت انهن ٻنهي جي وچ ۾ اها جذباتي وابستگي ئي پيدا نه ٿي سگھي هئي جيڪا کين ڊگھي عرصي تائين گڏ رکي سگھي. اها هڪ عجيب ڳالھہ لڳي ٿي ته ٻيئي ڪنهن جي رڳو ائين چوڻ تي ته شاعر جذباتي ۽ موڊي هوندا آهن ۽ انهن جو عملي زندگي سان ايڏو واسطو نه هوندو آهي هڪٻئي سان پنهنجو ناتو ختم ڪري ڇڏين ٿا جڏهين ته ڏٺو وڃي ته اهو ساڳيو شاعر ايم بي اي ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي پڙهائي سان ڪميٽڊ آهي جنهن جو مقصد ئي عملي زندگي ۾ پنهنجي لاء ڪو مقام حاصل ڪرڻ آهي.
هي ناول رڳو پريم ڪهاڻي ناهي. هي انهن ڪردارن جو ذڪر آهي جيڪي هن سماج ۾ سماجي ۽ نفسياتي طور مستحڪم ناهن ۽ پنهنجي لاء ڪو مقام حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن.ِ اهڙي دٻاء ۽ ڪوشش جي نتيجي ۾ اهي ڪڏهين ڪڏهين پنهنجو ذهني توازن وڃائي وکرجي ويندا آهن. اهڙو هڪ ڪردار يونيورسٽي جي هڪ ذهين شاگرد صفدر علي جو آهي جيڪو ڀائرن جي ساڻس ۽ پنهنجي پي سان ورتاء جي ڪري پنهنجو ذهني توازن ۽ پنهنجي سمت وڃائي ويهي ٿو.
ناول جي هڪ خاص ڳالھہ ليکڪ جو جمالياتي احساس آهي. شاعر ۽ اديب ته پنهنجين تخليقن سان بربٽ بيابانن ۾ بهارآڻي سگھندا آهن ۽ پڙهندڙ کي باقاعدي اهو محسوس ڪرائيندا آهن. ساڳي ريت هي ناول نگار به سنڌ، جتي ماڻهو مينهن لاء سڪندا آهن اتي ان کي خاص طور تي پيراڊائيز پوائنٽ تي هڪ معمول بڻائي ڇڏي ٿو ۽ ان کي اهڙي ريت بيان ڪري ٿو جو پڙهندڙ ان کي باقاعدي طور محسوس ڪري ٿو. وڻ ٽڻ ۽ ساوڪ ڄڻ ان سڄي ماحول جو هڪ حصو آهن.
گمنام ليکڪ جنهن سان سرمد جي واقفيت لائبريري ۾ هڪ ڪتاب ذريعي ٿئي ٿي ان ناول جو هڪ اهم ڪردار آهي جنهن جي وسيلي هو پنهنجن خيالن ۽ جذبن کي هڪ سمت ڏئي ٿو ۽ پنهنجي لاء هڪ واٽ ڳولهي ٿو. آخر ۾ خبر پئي ٿي ته ان گمنام ليکڪ پنهنجي محبوبه جو جيڪو ڪردار تخليق ڪيو هو اهو حقيقي نه پر تصوراتي هو. گمنام ليکڪ ڄڻ هڪ لحاظ کان سرمد جي اندر ۾ ويٺل ئي هڪ شخص آهي جنهن جي وسيلي هو پنهنجن جذبن ۽ خيالن جو اظهار ڪري ٿو. ڇا ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته سرمد جو جيڪو پنهنجو محبوبه جو تصور آهي اهو به حقيقي کان وڌيڪ تصوراتي آهي.

جنگ، جدوجهد ۽ آدرش

پاڪستان جي قبائلي علائقن کي آزاد علائقا ڪري ليکيو ويندو آهي جتي ملڪي قانون جي بجائي قبائل جوپنهنجو روايتي قانون، پختون والي، هلندو آهي. انهن علائقن متعلق اهو تاثر عام آهي ته هتي غير قانوني هٿيارن، منشيات ۽ ٻين شين جو ڪاروبار عام جام ٿيندو آهي ۽ گھڻا ڏوهاري ملڪي قانون کان ڀڄي هتي اچي پناه وٺندا آهن جيڪا ڳالھہ پنهنجي ليکي هڪ حقيقت پڻ آهي ۽ مون پاڻ انهن مان گھڻين ڳالھين جو مشاهدو به ڪيو آهي. اهڙي ريت اهو سمجھيو ويندو آهي ته هتان جي ماڻهن جي زندگي آسان ۽ آزاد آهي ۽ مٿن رياست پاران ڪي خاص بندشون ناهن. پر حقيقت ۾ ائين ناهي. اهي علائقا گھڻي ڀاڱي افغانستان جي سرحد سان گڏ آهن. انگريز پاران انهن کي افغانستان کان ڌار ڪرڻ ۽ هڪ بفر قائم ڪرڻ جو مقصد ئي پنهنجي هندوستان جي سلطنت کي روس ۽ اتر کان ايندڙ ٻين حملي آورن کان محفوظ ڪرڻ هو. ٻي ڳالھه ته جيئن انهن علائقن ۾ ٻاهرين مداخلت خلاف هڪ لاڳيتي مزاحمت موجود هئي ان ڪري هتي فوج جي مستقل موجودگي ۽ ان جو ضابطو رياست جي اشد ضرورت هئي. اهڙي ريت اهي علائقا ڄڻ ته هڪ مستقل جنگ ۽ مزاحمت جي ڪيفيت ۾ رهندا آيا آهن. انگريز جي وڃڻ کانپوء ان جي وارث رياست پاڪستان ۾ به انهن علائقن جي ساڳي حيثيت رهي آهي ۽ ان ۾ ڪا تبديلي نه اچي سگھي آهي.
اهي ماڻهو انتظامي ۽ سياسي لحاظ کان باقي ملڪ کان ڌار رهيا آهن. ووٽ ڏيڻ جو اختيار به ملڪن جي هڪ مراعات يافتا طبقي وٽ رهيو آهي ۽ عام ماڻهو کي رڳو هاڻي اهو حق ملي سگھيو آهي. اهڙي ريت سماجي لحاظ کان به انهن علائقن جي ماڻهن کي ڌار ۽ اوپرو ڪري ليکيو ويندو آهي. اهڙا ماڻهو جن جي هٿ ۾ بندوق هجي ۽ جن کي گولي هلائڻ، ماڻهن کي اغواء ڪرڻ ۽ انهن کي مارڻ کانسواء ٻيو ڪم نه هجي. جڏهين ته حقيقت ۾ ائين ناهي. سندن ويجھي وڃڻ سان اها خبر پئي ٿي ته اهي به اسان جهڙا ئي انسان آهن. ساڻن هر معاملي ۾ هڪ امتيازي سلوڪ روا رکيو ويو آهي. زندگي جون عام سهولتون جيڪي ملڪ جي ٻين ماڻهن لاء هڪ معمول جي ڳالھہ آهن انهن ماڻهن لاء مراعات مثل آهن. افغان جنگ ۽ دهشت گردي خلاف جنگ ۾ اهو سوال وري وري سامهون آيوآهي ته انهن علائقن ۾ دهشت گردي جو وڏو ڪارڻ انهن علائقن جي عام ماڻهن جون محروميون آهن جن هتي سڄي روايتي ڍانچي کي تهس نهس ڪري مقامي ۽ ٻاهرين ويڙهاڪن کي قدم ڄمائڻ جو موقعو ڏنو آهي. ان ڪري ان کي منهن ڏيڻ لاء انهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ضروري آهي. ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن سان گڏجي مختلف رٿائون جوڙيون ويون آهن پر هن وقت سڄي علائقي ۾ عدم استحڪام جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ ان تي عملدرآمد هڪ ڏکي ڳالھه آهي.
جنگ زده ماحول ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگي معمول موجب ۽ نارمل ناهي هوندي. جيڪڏهين اهو سو ٻه سو سالن تي ڦهليل هڪ ڊگھو عرصو هجي ۽ ڪيترين نسلن رڳو هٿيارن، ويڙه، دشمن، سزائن، ڌارين سپاهين، شڪ ۽ نارمل زندگي جي ڳولا ۾ پنهنجي زندگي گذاري هجي، ٻاهرين دنيا سان سندن لاڳاپو نه رڳو ڪٽيل هجي پر اتي سندن تصور هڪ ويڙهاڪ، دهشت گرد، وحشي ۽ سماج دشمن جو هجي ته ان زندگي جو ٻاهر ويٺل ماڻهو رڳو تصورئي ڪري سگھي ٿو. ڏٺو وڃي ته دنيا جي سڀني عام ماڻهن جي ڏک سک ۽ خوشي ۽ غم جا جذبا ۽ احساس ساڳيا هوندا آهن پر منجھن سڌي رابطي نه هئڻ ۽ مخصوص مفادن پاران سندن هڪ خاص تصوير پيش ڪرڻ ڪري ماڻهن ۾ نه رڳو ويڇا پيدا ٿي پوندا آهن پر اهي ڄڻ اڻ ڏٺي هڪٻئي جا دشمن ٿي پوندا آهن. اها ساڳي صورتحال قبائلي علائقن جي ماڻهن سان به آهي. اڳ انتظاميا جي اجازت سان ٻاهرئين ماڻهو جو انهن علائقن ۾ وڃڻ ۽ اتان جي ماڻهن سان ملڻ ڪنهن حد تائين ممڪن هو پر هن وقت جيڪا صورتحال آهي ان ۾ ان ڳالھہ جو امڪان نهايت گھٽ ۽ اٽڪل نه هئڻ برابر آهي. اٽڪل ٽن ڏهاڪن کان افغانستان جي جيڪا صورتحال آهي ان هتان جي ماڻهن جي زندگي کي منتشر ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت اهي ڄڻ ٻن بلائن جي وات ۾ آهن. هڪ پاسي طالبان ۽ ٻيا مذهبي انتها پسند آهن جيڪي هڪ پاسي افغانستان ۾ پرڏيهي فوجن سان وڙهي رهيا آهن ۽ قبائلي علائقن کي پنهنجي پناهگاه طور استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي پاسي پاڪستان ۾ دهشت گرد ڪاروايون ڪري هتان جي عوام خلاف جنگ ۾ رڌل آهن. فوج پاران مختلف وقتن تي انهن خلاف آپريشن ٿيندا رهيا آهن. پر انهن ڪارواين ۽ آپريشنن جو وڏو نقصان پڻ هتان جي عام ماڻهن کي ئي کڻڻو پوندو آهي جن جو انهن ڪارواين سان پري جو به واسطو ناهي هوندو. اتر وزيرستان ۾ موجوده آپريشن ۽ ان جي نتيجي ۾ اٽڪل اٺ لک کن ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۽ در بدر ٿيڻ ان سلسلي ۾ ڪو پهريون واقعو ناهي. سوات کي سيٽلڊ ايريا هئڻ ڪري کڻي ان ۾ شامل نه به ڪجي پوء به ان کان اڳ ڏکڻ وزيرستان ۽ ٻين قبائلي علائقن ۾ ساڳي نموني جي صورتحال پيش اچي چڪي آهي ۽ ماڻهن کي وڏي پئماني تي پنهنجن گھرن کي ڇڏڻو ۽ لڏ پلاڻ ڪرڻي پئي آهي. انهن حالتن ۾ سماجي المئي جي ڄاڻ ان وقت ئي پئجي سگھي ٿي جڏهين اهو ڏسجي ته اتان جا ماڻهو ڪيئن زندگي گذاري رهيا آهن، سندن مسئلن جي نوعيت ڇا آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان ۾ ڪهڙيون تبديليون اچي رهيون آهن.
جنگ ڄڻ سندن زندگي جي مختلف پاسن کي لڪائي ڇڏيو آهي ۽ ان تي حاوي ٿي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ ادب جو هڪ اهم ڪردار آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ٻاهرين حقيقتن سان گڏوگڏ ماڻهن جي احساسن، جذبن ، خوشين ۽ ڏکن جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو. پر ان سلسلي ۾ انهن علائقن جي زندگي ڏانهن گھٽ ئي ڌيان ڏنو ويو آهي. هتي اهڙا موضوع آهن جيڪي ملڪ جي ٻين حصن جي موضوعن کان مختلف آهن ۽ اهڙي ريت ليکڪ کي سندس لکڻين لاء هڪ وڏو ميدان مهيا ڪري ڏين ٿا.
دي شيڊو آف دي ڪريسنٽ مون فاطمه ڀٽوجو پهريون ناول آهي. ان ناول جو مرڪز اتر وزيرستان جو شهر ميرعلي ۽ اتان جا ماڻهو آهن. اهڙو شهرجتي جي جبلن ۾ ٻيو ڪو گاه نه ٿو ٿئي ۽ مذهب خودرو جھنگلي گلن وانگر شهر۾ گھڙي آيو آهيِ. اهڙو شهر جتي هر ڪنهن کي احتياط سان پنهنجي مسجد جي چونڊ ڪرڻي پئي ٿي ۽ گھر جا سڀ ڀاتي هڪ مسجد ۾ گڏ نماز ادا ڪرڻ جو جوکم نه ٿا کڻي سگھن. ناول جو مرڪز عنايت محسود جو گھر آهي جتي هو پنهنجي زال زينب ۽ ٽن پٽن امان ارم، سڪندر ۽ حيات سان گڏ رهي ٿو. سڄو ناول ان تاثر تي ٻڌل آهي ته مير علي جا رياست سان ناتا نارمل ناهن ۽ اهي پنهنجي ليکي هڪ آزاد زندگي گذارڻ چاهين ٿا جنهن جي لاء اهي نسلن کان جدوجهد ڪري ۽ قربانيون ڏيئي رهيا آهن. رياستي ادارن پاران ان کي سندن افغانستان سان گڏجڻ جي خواهش ڪري ورتو وڃي ٿو پر ڪردارن پاران مير علي جي آزادي تي زور ڏيڻ کانسواء اهڙو ڪو اظهار نه ٿو ڪيو وڃي. عنايت محسود ۽ سندس دوست گزن آفريدي ان سڄي جدوجهد جو حصو رهن ٿا ۽ پنهنجي جواني جبلن تي وڙهندي گذارين ٿا. گزن آفريدي اوچتو هڪ ڏينهن پنهنجي موٽر سائيڪل تي غائب ٿي وڃي ٿو ۽ پوء موٽي نه ٿو. عنايت پنهنجي وڏي پٽ امان ارم، جيڪو هونئن ساڻس گھمڻ ڦرڻ ۽ سير سپاٽن وغيره جهڙين سرگرمين ۾ گڏ رهي ٿو، جي بجائي پنهنجي ننڍي پٽ حيات کي پنهنجي جدوجهد جو وارث سمجھي ٿو ۽ ان کي پنهنجي جدوجهد ۽ پنهنجي ماضي جو رازدان بڻائي ٿو. ٻئي پاسي گزن آفريدي جي غائب ٿيڻ کانپوء سندس ڌي سمارا سندس ورثي ۽ آدرشن کي سنڀالي ٿي ۽ ان جي امين بڻجي ٿي.
ان دوران مير علي جي زندگي ۽ ماحول ۾ گھڻيون تبديليون واقع ٿين ٿيون. خاص طور وزيرستان ۾ آپريشن جي ڪري مختلف علائقن جا ماڻهو لڏي اچي شهر جي پسگردائي ۾ جبلن تي رهن ٿا. جيئن ته انهن ماڻهن وٽ وڃائڻ لاء ڪجھ نه ٿو هجي ان ڪري انهن کي انهن ماڻهن سان شامل ٿيڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي ٿئي جيڪي جبلن ۾ رهن ٿا ۽ هڪ خاص مذهبي ايجنڊا تحت رياست خلاف وڙهي رهيا آهن. انهن ماڻهن جو مير علي جي زندگي ۽ ان جي طور طريقن تي اثر پوڻ هڪ لازمي عنصر ٿي پئي ٿو.
رياست پاران ماڻهن جي مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاء طاقت سان گڏوگڏ لوڀ، لالچ ۽ ٻيا مختلف طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن. اهو سڀڪجھ ميرعلي ۾ به ڪيو وڃي ٿو ۽ اتي ماڻهن جي مزاحمت ۽ جدوجهد کي طاقت وسيلي ضابطي ۾ رکڻ سان گڏوگڏ ٻيا مختلف طريقا به استعمال ڪيا وڃن ٿا ته جيئن اها جدوجهد جيڪا ايستائين نسل در نسل منتقل ٿيندي آئي آهي ان کي ايندڙ نسل تائين منتقل ٿيڻ کان روڪي سگھجي يا ان کي مڏو ڪري بي اثر بڻائي ڇڏجي. رياست پاران ان عمل کي اڳتي وڌائڻ لاء هتان جي نوجوانن جي وڏي تعداد کي سرڪاري نوڪرين ۽ خاص طور تي فوج ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. عنايت جو گھر ۽ ان جا پٽ ڄڻ انهن تبديلين جو هڪ نمونو آهن. امان ارم مير علي جي زندگي ۽ ان جي پابندين، اڌ رات جو گھرن تي ڇاپن، شهر ۾ جاء جاء تي چڪاسي ۽ جاسوسن جي نوس نوس مان بيزارآهي ۽ ڪنهن به ريت هتان نڪرڻ جي طريقن متعلق سوچي ٿو. سندس لاء ميرعلي لاء جدوجهد هڪ ثانوي شي آهي. هو ڪوشش ڪري آمريڪا ۾ ڪم ڪرڻ ۽ پڙهڻ لاء ويزا حاصل ڪري ٿو پرمٿس شرط اهو ٿولاڳو ڪيو وڃي ته هو ميرعلي جي ڪمانڊر، جيڪو کيس ويزا ڏيارڻ جي عمل ۾ شامل ٿو هجي، کي علائقي جي صورتحال کان آگاه ڪندو رهندو. آمريڪا پهچي هو نهايت پابندي ۽ فرمانبرداري سان اهو ڪم ڪري ٿو ۽ فون تي کيس پنهنجي گھر ۽ پنهنجي محبوبا سمارا کان جيڪا معلومات ملي ٿي اها ان مهل ئي ڪمانڊر تائين پهچائي ٿو. ڇاڪاڻ ته کيس اها ڄاڻ ٿي هجي ته ان سلسلي ۾ غفلت ڪندڙن کي نه رڳو سندن سڻڀين نوڪرين تان محروم ٿيڻو پيو آهي پر ميرعلي موٽڻ تي سندن حياتي ايڏي ڏکي ٿي ويئي آهي جو نيٺ کين آپگھات ۾ ئي پناه ڳولڻي پئي آهي. هو ان سلسلي ۾ پاڻ کي هر حد تائين وڃڻ لاء تيار سمجھي ٿو. ايستائين ته جڏهين سندس محبوبا سمارا، جنهن کي هو روز آمريڪا مان فون ڪري ننڍ مان جاڳائيندو هو ۽ جنهن کي هو چئي ويو هو ته آمريڪا سندس لاء وڃي رهيو هو، جڏهين کيس پنهنجي اغواء، ٽارچر ۽ بيعزتي متعلق ٻقائي ٿي ته هو نه رڳو فون بند ڪري ڇڏي ٿو پر آئنده سندس فون جو جواب ڏيڻ به گوارا نه ٿو ڪري. ان جي ڀيٽ ۾ حيات پنهنجي پي ۽ کانئس اڳ جي نسلن جي يادگيرين جو وارث آهي. هو ميرعلي لاء ٿيندڙ جدوجهد جو هڪ حصو آهي. هو ئي هجي ٿو جيڪو سمارا کي سهارو ڏيئي کيس وري نه رڳو تحريڪ سان جوڙي پر ان جو اهم حصو بڻائي ٿو ۽ ايستائين ته کيس پاڻ به سمارا جي ماتحت ڪم ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿو ٿئي. پر ڪي ڳالھيون اهڙيون ٿين ٿيون جيڪي کيس اڻ تڻ ۾ وجھي تحريڪ کان پري ٿيڻ لاء سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون. اسپتال تي ويڙهاڪن جي حملي ۾ سندس ڀائيٽو زالان مري وڃي ٿو جنهن جي ڪري سندس ڀاڄائي مينا نفسياتي مريض ٿي پئي ٿي ۽ کيس هر مارجي ويل شخص ۾ پنهنجو پٽ نظر اچي ٿو. ساڳي ريت اسڪول بس تي حملي ۾ ڪيئي ٻار مارجي وڃن ٿا. هو جڏهين پنهنجي تنظيم ۾ اهي سوال اٿاري ٿو ته کيس جواب ملي ٿو ته اها جنگ آهي ۽ ان ۾ سڀڪجھ جائز آهي. پر هو ان جواب سان مطمئن نه ٿو ٿئي ۽ سندس ذهن ۾ اڻ تڻ ۽ بيچيني رهي ٿي. ساڳي وقت جڏهين سندس ڀاء امان ارم آمريڪا مان موٽي ٿو ته سندس مقصد اهو ئي هجي ٿو ته پنهنجي خاندان ۽ خاص طور پنهنجن ڀائرن ۾ ميرعلي جي ماحول کان ٻاهر نڪرڻ لاء هڪ اتساه پيدا ڪجي. حيات اهو سوچڻ شروع ٿو ڪري ته جنهن ماضي لاء هو وڙهي رهيو آهي اها سندس پنهنجي چونڊ ناهي پراها مٿس مڙهي ويئي آهي ۽ کيس اهو موقعو نه ڏنو ويو ته هو پنهنجي مستقبل جي چونڊ ڪري سگھي ها. هو پنهنجي تنظيم جي ڪارواين متعلق اڻ تڻ جو شڪار آهي.هڪ وڏي ڪاروائي، جنهن ۾ صوبي جي وڏي وزير کي نشانو بنائڻو آهي، جي رٿابندي وقت هو سمارا، جيڪا ان جي اڳواڻي ڪري رهي آهي، کي مختلف وقتن تي اهو چئي ان کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان سان سڀڪجھ بدلجي ويندو. سندس مراد ان ڪاروائي ۾ شامل ماڻهن جي خاندانن سان هجي ٿي جن کي پوء ان ڪاروائي جي نتيجن کي ڀوڳڻو پوندو، تارچر سهڻو پوندو ۽ پنهنجن گهرن کي ڇڏڻو پوندو. پر هو سمارا، جنهن وٽ هڪ ڀيرو ٽارچر ۽ بيعزتي جي عمل مان گذرڻ کان پوء هاڻي وڃائڻ لاء ڪجھ به نه ٿو هجي ۽ جنهن جي لاء ست ڪلاڪ ٽارچر ڪئمپ ۾ گذارڻ کانپوء اتي وڌيڪ وقت گذارڻ به هاڻي ڪو مسئلو نه هو، کي ڪنهن به ريت قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿو ٿئي. ڪاروائي جي عين وقت تي جڏهين آپگھاتي بمبار، ناصر، ٽي وي ڪئميرا مين جي ويس ۾ وڏي وزير جي انتهائي حفاظتي حصار ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ کيس رڳو سمارا جي فون جو انتظار هجي ٿوته حيات پنهنجي ڀاء امان ارم سان گڏجي سمارا کي دوکي سان ڪرنل جي حوالي ڪري پاڻ غائب ٿي وڃي ٿو.
امان ارم ۽ حيات انهن تبديلين جا نمائندا آهن جيڪي رياست جي حڪمت عملي ۽ نين ايجادن جي ڪري واقع ٿي رهيون آهن. نئين نسل جا آدرش بدلجي ويا آهن ۽ اهي ناهن رهيا جيڪي سندن ابن ڏاڏن جا هئا ۽ اهي سون تي سيڻ مٽائڻ لاء تيار آهن. سمارا ڄڻ پراڻي نسل جي آخري باقيات ۽ انهن جي آدرش جي امين آهي. اها هڪ اهڙو آدرش آهي جنهن کي اهي ٻيئي ڀائر، جن جي لاء عملي زندگي ۽ سندن انفرادي مستقبل ئي سڀڪجھ آهي، گڏجي ختم ڪري ڇڏين ٿا.
آدرشن جو ختم ٿيڻ هونئن ئي اڄوڪي دور جو اهڙو الميو آهي جيڪو اٽڪل سڀني علائقن ۽ ملڪن جي ماڻهن سان لاڳاپيل آهي جنهن ماڻهن جي اجتماعي جدوجهد کي پسمنظر ۾ وجھي انفرادي ۽ ذاتي مقصدن کي اتم بڻائي ڇڏيو آهي. ناول ان ترئجدي تي ئي پورو ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙ کي سوڄڻ لاء گھڻو ڪجھ ڏئي وڃي ٿو.

ڪجھ ايران متعلق

آزادي موهاني هڪ ايراني آمريڪي صحافي آهي. ان جي ماء پي گھڻو عرصو آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ گذاريو هو ۽ 1979 جي انقلاب کانپوء انهن ملڪ ۾ سندن لاء حالتن جي ناسازگار هئڻ ڪري آمريڪا ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. پاڻ اتي ئي ڄائي نپني ۽ تعليم حاصل ڪيائين. هو لاس اينجلس ٽائمز ۽ ٽائم مئگزين سان لاڳاپيل رهي آهي. ايران سندس خاص موضوع رهيو آهي. سندس پهريون ڪتابLipstick Jihad: A Memoir of Growing up Iranian in America and American in Iran ۽ ٻيون ڪتابHoneymoon in Tehran: Two years of Love and Danger in Iran آهي. اهي ٻيئي ڪتاب ايران ۾ اسلامي حڪومت جي دور ۾ جيڪي ڪجھ هن ڏٺو ۽ سندس ٻه ڀيرا اتي اچڻ دوران جيڪي تبديليون آيون ٰ۽ ماڻهن خاص طور نوجوانن ان کي ڪهڙي ريت منهن ڏنو، ان متعلق آهن.
هن کي وچ اوڀر جي ملڪن جي رپورٽنگ ڪرڻ لاء ٽائم مئگزين پاران بيروت ۾ مقرر ڪيو ويو هو. 2005 ۾ ايران ۾ صدارتي چونڊن ٿيڻ وقت کيس اهو اسائنمنٽ ڏنو ويو ته هو اهو ڏسي ته ايران جا نوجوان ملڪ جي معاملن متعلق ڇا سوچين ٿا ۽ چونڊن ۾ انهن جو رويو ڇا هوندو. ان دوران صدر خاتمي هڪ سڌارن آڻڻ واري صدر طور ٻه ٽرم پورا ڪري چڪو هو. مهرآباد ايئرپورٽ تي لهڻ سان عملي جي ورتاء مان کيس لڳي ٿو ته صدر خاتمي جي دور ۾ ملڪ ۾ ڪجھ تبديلي واقع ٿي آهي.
ايران ۾ جيتوڻيڪ پرڏيهي صحافين جي ڪم کي ڏسڻ لاء پرڏيهي اطلاعات جو کاتو آهي پر اينٽيليجينس جي وزارت پاران خاص طور پرڏيهي صحافين ۽ سندن رپورٽنگ تي نظر رکي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ ليکڪا سان جيڪو شخص لاڳاپي ۾ هو ان جو نالو وٺڻ جي بجائي هن ان کي مسٽر ايڪس جو نالو ڏنو آهي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته هن کيس سندس سڃاڻپ کي ظاهر ڪرڻ ۽ سندن ملاقاتن کي عام ڪرڻ کان منع ڪئي هئي. ان جي باوجود هن نالي وٺڻ کانسواء پنهنجن ٻنهي ڪتابن ۾ ان جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. کيس ايران اچڻ سان ئي پهرين ان کي اطلاع ڏيڻي ۽ ملاقات ڪرڻي پوندي هئي. هو اها ۽ ان کانپوء ٿيندڙ ملاقاتون اهڙين جاين تي رکندو هو جيڪي ويران هجن ۽ جتي ماڻهن جي گھڻي اچ وڃ نه هجي ته جيڪڏهين اتي ساڻس ڪجھ ٿئي به ته ان جي ڪنهن کي خبر نه پئي. کيس ان سان وقت بوقت ملاقات ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجين لکڻين متعلق مطلع ڪرڻ پوندو هو.
ليکڪا جو واسطو مٿئين وچولي طبقي سان آهي ۽ سندس واسطو به گھڻو ڪري ان ئي طبقي جي ماڻهن سان رهي ٿو. هو پاڻ ان ڳالھہ کي محسوس به ڪري ٿي ته اهو طبقو ايران جي آبادي جو هڪ ننڍڙو حصو آهي ۽ سڄي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي زندگي جي نمائندگي نه ٿو ڪري. ان ڪري هو هڪ پاسي مذهب ڏانهن لاڙو رکندڙ ماڻهن ۽ عالمن سان له وچڙه ۾ اچي ٿي ۽ ڳالھه ٻولھه ڪري ٿي ته ٻئي پاسي هيٺئين طبقي جي ماڻهن جهڙوڪ ٽئڪسي ڊرائيورن ۽ هوٽل جي بيرن سان پڻ ڳالھه ٻولھه ڪري مختلف مسئلن تي سندن رايا معلوم ڪري ٿي. ڏٺو وڃي ته هن ڪتاب ۾ ايران جي مختلف طبقن جي سماجي ۽ سياسي زندگي، ،سندن روين ۽ مسئلن کي تفصيل سان چٽيو ويو آهي.
آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ مختلف ملڪن جي Diaspora جو پنهنجي اصلوڪي ملڪ متعلق هڪ طئي ٿيل موقف ۽ ذهنيت هوندي آهي جيڪا سندن ملڪ ڇڏڻ وقت هئي. جيئن آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيوبا جي مهاجرن جي شروع کان اها خواهش رهي ته آمريڪا ڪيوبا تي حملو ڪري ڪاسترو جي حڪومت کي ختم ڪري ۽ آمريڪا پنهنجن مفادن کي نظر ۾ رکندي سندن سهائتا سان اهڙي ڪوشش به ڪئي پر کيس ان ۾ ڪاميابي نه ٿي. ساڳي ريت ليکڪا جو چوڻ آهي ته 1960 ۽ 1970 جي ڏهاڪن ۾ جن ايرانين آمريڪا ۾ وڃي مستقل رهائش اختيار ڪئي انهن جو به خاص طور 1979 ۾ انقلاب کانپوء ايران جي حوالي سان هڪ خاص موقف آهي. اهي حالتن کان ائين واقف ناهن جيئن ايران ۾ رهندڙ ماڻهو آهي. سندن ذهن ۾ اها ڳالھہ آهي ته ايران ۾ هڪ مذهبي انتها پسند حڪومت آهي جنهن ملڪ ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو هڪ نظام قائم ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي لاء ڪنهن اختلاف وغيره رکڻ جي گنجائش ناهي. نوجوانن جي حڪومت مخالف مظاهرن مان انهن اهو نتيجو ڪڍيو ته آمريڪا جيڪڏهين حڪومت کي ختم ڪرڻ لاء ايران تي حملو ڪندو ته ايران جا ماڻهو گل کڻي سندن آڌرڀاء ڪندا. آمريڪي حڪومت کي جيئن عراق تي حملي وقت عراق جي ماڻهن متعلق اها غلط فهمي هئي تيئن انهن ايران متعلق به ائين ئي سمجھيو ٿي. پر ليکڪا ان ڳالھہ کي رد ڪندي چئي ٿي ته ايران جي ماڻهن جا حڪومت سان ڀلي ڪهڙا به اختلاف هجن پر اهي قوم پرست ۽ محب وطن آهن ۽ ايران تي ڪنهن به ٻاهرين ڪاه ۽ قبضي کي برداشت نه ڪندا. هو لکي ٿي ته ايران اچڻ کان اڳ سندس به ذري گھٽ ساڳيا ئي خيال هئا پر جڏهين هن پاڻ سرزمين تي اچي صورتحال کي ڏٺو ته معاملو بلڪل مختلف هو. هن جڏهين پنهنجي ٽائم مئگزين جي رپورٽن ۾ اها ڳالھہ لکي ته ايران ۾ مذهبي حڪومت هوندي به نظر ايندڙ ۽ نظر نه ايندڙ تبديلين جو هڪ عمل جاري آهي ته گھڻن آمريڪا ۾ رهندڙ ايرانين کيس نندڻ شروع ڪيو ۽ ايستائين ته ڪن سندس مائٽن کي به شڪايت ڪئي ته هو اهو ڇا پئي لکي. اها ساڳي ڳالھہ 2013 ۾ سعودي عرب ۽ دبئي ۾ ڪجھ وقت رهڻ دوران مون به سنڌي Diaspora متعلق محسوس ڪئي هئي ۽ ان کي لکت ۾ به آندو هو. ايران ۾ جيتوڻيڪ مختلف معاملن متعلق سخت قانون موجود آهن پر حڪومت پاران انهن مان گھڻن تي سختي سان عمل نه ٿو ڪيو وڃي ۽ ماڻهو ائين هلن ٿا ڄڻ ته اهي قانون موجود ناهن. مقصد اهو آهي ته حڪومت تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر جيڪو سياسي دٻاء موجود آهي ان کي ختم يا گھٽ ڪيو وڃي.
ڪجھ عرصو اڳ ئي ايران نوجوانن جي بيچيني جي اظهار ۽ مظاهرن مان گذريو هو. پر ليکڪا جڏهين پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ مختلف نوجوانن کان انٽرويو ڪرڻ شروع ڪيا ته کيس خبر پيئي ته گھڻا اهڙا سرگرم نوجوان جن احتجاجن ۽ مظاهرن ۾ حصو ورتو هو اهي هاڻي يا ته سياست کان لاتعلق ٿي ويا هئا يا ساڄي پاسي هليا ويا هئا. ان جو مک ڪارڻ اهو هو ته خاتمي مان کين جيڪي توقعات هيون اهي پوريون نه ٿي سگھيون هيون. منجھانئن ۡگهڻن جو چوڻ هو ته اهي ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيندا جڏهين ته ڪجھ ڄڻن رفسنجاني جي حمايت ٿي ڪئي. بيروزگاري ۽ ماحول ۾ گھٽ ۽ ٻوسٽ جي ڪري نوجوانن جو لاڙو سياست کان وڌيڪ پنهنجي ڪيريئر کي ٺاهڻ ۽ يورپي ملڪن ۽ آمريڪا ڏانهن لڏڻ هو. ڌار گھر وٺڻ، زال ۽ ٻارن کي نه سنڀالي سگھڻ جي ڪري نوجوانن ۾ شادي جي سراسري عمر اٽڪل ٽيه سال ٿي ويئي هئي. گھڻا اڪيلا نوجوان پنهنجي جنسي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاء گڏجي فليٽ وغيره وٺندا هئا ۽ حڪومت پاران به ان کي نظر اندازڪيو ويندو هو. اهو سڀڪجھ ان جي باوجود هو ته حڪومت پاران نوجوانن کي شادي لاء رعائتي قرض وغيره ڏيڻ جي اسڪيم پڻ شروع ڪئي ويئي هئي.
ايندڙ مضمونن ۾ ڪتاب ۾ زير بحث آيل مختلف ٻين موضوعن تي پڻ روشني وڌي ويندي.

احمدي نجاد جو ايران

احمدي نجاد جو صدارتي چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ٻئي نمبر تي اچڻ آزادي موهاني لاء حيرت جو باعث هو. چونڊن کان ڪجھ ڏينهن اڳ هو تهران مان بيروت اچي ويئي هئي. کيس ان ڳالھہ جو يقين هو ته چونڊن ۾ رفسنجاني وڏي گھڻائي سان کٽندو جڏهين ته احمدي نجاد ڪنهن ليکي ۾ ئي نه هو. هو تهران جو ميئر رهي چڪو هو ۽ هڪ مذهبي بنياد پرست شخص طور ڄاتو ويندو هو.چونڊن کان اڳ وارن تجزين ۽ جائزن موجب هو ٻئين ڇا چوٿين پنجين نمبر تي مس هو. ان ڳالھہ جي کوجنا ڪرڻ لاء هو تهران پهچي ٿي ته ڇا ايران جي عوام جو لاڙو وڌيڪ ساڄي پاسي ٿي ويو هو. چونڊن جي ٻئي رائونڊ ۾ احمدي نجاد صدر چونڊجي وڃي ٿو. هو مختلف ماڻهن سان ڳالھہ ٻوله ۽ پنهنجي کوجنا دوران ان نتيجي تي پهچي ٿي ته ان ۾ ملڪ جي مذهبي ايسٽيبلشمنٽ ۽ قم جي انتها پسند عالمن جو وڏو ڪردار هو جن کي اهڙو ماڻهو گھربل هو جيڪو سندن چئي ۾ هلي سگھي.ِ رفسنجاني مان کين اها اميد نه هئي جيڪو هڪ پراڻو تجربيڪار سياستدان ۽ اڳوڻو صدر هو ۽ سندس مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي معاملن تي پنهنجو هڪ نڪته نظر هو.
آزادي موهاني ان نتيجي تي پهچي ٿي ته ان مقصد لاء باسج جي تنظيم کي استعمال ڪيو ويو هو. باسج جي اها تنظيم شروع ۾ ايران عراق جنگ جي دوران بارودي سرنگھن کي صاف ڪرڻ لاء ڀرتي ڪيل ننڍي عمر جي ڇوڪرن تي مشتمل هئي. ان ڪم ۾ انهن ٻارن جو مرڻ اٽڪل يقيني ڳالھہ هئي. ليکڪا جو چوڻ آهي ته انهن ٻارن جي هٿن ۾ پلاسٽڪ جون چاٻيون ڏنيون وينديون هيون. مطلب ته مرڻ جي صورت ۾ اهي سڌو جنت ۾ ويندا. جنگ ختم ٿيڻ کانپوء ان تنظيم کي سول گارڊ جي صورت ڏني ويئي جنهن جو ڪم گھڻي ڀاڱي برائي کي روڪڻ ۽ چڱائي جي ترويج ڪرڻ ۽ خلاف ورزي ڪندڙن ۽ حڪومت جي هدايتن تي عمل نه ڪندڙن کي سزائون ڏيڻ هو. اهي مختلف علائقن ۽ مسجدن وغيره ۾ مقرر هوندا آهن. ليکڪا کي پاڻ ايران ۾ رهڻ دوران ان جو نهايت خراب تجربو ٿيو هو. هڪ ڀيري اسڪارف مان مٿي جا ڪجھ وار ٻاهر هئڻ ڪري کيس مسجد مان ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو هو. ٻئي ڀيري هڪ مرد دوست سان گڏ هئڻ جي ڏوه ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ڪجھ وقت جيل ۾ گذارڻو پيو هو. ساڳي ريت هڪ ڀيري بغداد مان تهران ايندي ٽئڪسي جي پوئين سيٽ تي سمهي رهڻ جي ڪري کيس سرزنش ڪئي ويئي. اهي گھڻو ڪري ڏکڻ تهران، جتي گھٽ آمدني وارن ماڻهن جي گھڻائي آهي، ۾ وڌيڪ سرگرم آهن جڏهين ته اتر تهران، جيڪو خوشحال ماڻهن جو علائقو آهي، ۾ سندن گھڻو عمل دخل ناهي پر اهي به پنهنجي لباس ۽ طور طريقن جي حوالي سان کانئن بچيل ناهن. نه رڳو ان تنظيم کي احمدي نجاد کي ووٽ ڏيڻ لاء متحرڪ ڪيو ويو پر انهن کي ٻين عام ماڻهن کي به ان ڳالھہ لاء تيار ڪرڻ لاء چيو ويو.
شروع ۾ ائين ئي لڳو ٿي ته نئين صدر جو گھڻو دارومدار اسٽيبلشمنٽ ۽ قم جي انتها پسند عالمن تي هوندو. پر هن هڪ ته عالمي سطح تي نيوڪليئر مسئلي تي هڪ سخت گير ۽ ڌار موقف ڏنو ۽ ان ڳالھہ کي ورجايو ته ٻين ملڪن جيان ايران کي ٻه اهو حق آهي ته نيوڪليائي صلاحيت حاصل ڪري ۽ ان کي پرامن مقصدن لاء استعمال ڪري. ٻي ڳالھہ ته هو ڳوٺاڻن ۽ غريب ماڻهن تائين پهتو ۽ انهن کي سهولتون ڏنيون. اهڙي ريت عام ماڻهن ۾ سندس مقبوليت ۽ هڪ خودمختيار صدر جي لحاظ کان سندس حيثيت مضبوط ٿي.
عام تاثر اهو هو ته ان تبديلي سان آزاد خيال ۽ سيڪيولر ماڻهن لاء زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي ۽ خاتمي جي دور ۾ جيڪي رعائيتون وغيره مليون هيون اهي ختم ٿي وينديون. پر اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهين مقتدر ادارن جي پنهنجي يا انهن جي پسند جي ماڻهن جي حڪومت هوندي آهي ته اهي اهڙا فيصلا به وٺي سگھندا آهن جيڪي ٻين لاء وٺڻ ڏکيا هوندا آهن. ٻيا هڪ ته اهڙن فيصلن وٺڻ کان ڪيٻائيندا آهن ۽ جيڪڏهين وٺندا به آهن ته کين مقتدر حلقن جي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ليکڪا ان حوالي سان هڪ فلم پروڊيوسر سان ملاقات ڪري سندس خيال معلوم ڪيا. ان فلم پرڊيوسر جو چوڻ هو ته اسان کي ڪم ڪرڻ جي وڌيڪ آزادي هن حڪومت ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي فيصلن جي ڪير مخالفت نه ٿو ڪري جڏهين ته خاتمي جي دور ۾ اهي ائين آزادي سان ڪم نه ڪري سگھندا هئا. ساڳي وقت ليکڪا ڪلاسيڪي موسيقي جي هڪ وڏي نالي رضا خان لطفي سان ملاقات ڪئي جيڪو تازو جلاوطني مان موٽيو هو. امام خميني، جيڪو پاڻ شاعري ۽ موسيقي جو شوقين هو، شروع ۾ موسيقي کي حرام قرار ڏنو هو. گھڻن موسيقارن جا موسيقي جا سامان ضبط ڪيا ويا هئا جڏهين ته گھڻن کي ملڪ ڇڏي وڃڻو پيو هو. پنهنجي زندگي جي پڇاڙي ڏينهن ۾ امام خميني هڪ ٻيو فتوا جاري ڪري موسيقي جي ڪجھ اسمن کي حرام ۽ ڪجھ کي حلال قرار ڏنو هو. ڪلاسيڪي موسيقي ان حلال قرار ڏنل اسمن ۾ شامل هئي. هاڻي حڪومت پاران ڪلاسيڪي موسيقي جي ڪنسرٽ وغيره منعقد ڪرڻ جي اجازت هئي. جڏهين ليکڪا ملڪ ڇڏي انگلينڊ وڃي رهي هئي ته ان ڏينهن استاد لطفي جو ڪنسرٽ شروع ٿيو هو ۽ هو ان ۾ ويئي هئي. چيو ويو ٿي ته اهو ڪنسرٽ جتي منعقد ٿي رهيو هو اها جاء ايران جي رهبر امام خامنئي، جيڪو پاڻ موسيقي جو شوقين آهي، جي رهائش جي ويجھو هئي. ماڻهن مذاق ٿي ڪيو ته هو ضرور استاد لطفي جي سرن مان مزو وٺي رهيو هوندو.
هڪ اسلامي ملڪ جي حيثيت ۾ ايران ۾ شراب جي وڪڻڻ ۽ واهپي تي پابندي آهي ۽ ان جي لاء باقاعدي سزا مقرر آهي. پر جيئن پاڪستان ۾ آهي ته پابندي جي باوجود ان جو وڪرو ۽ استعمال جاري آهي. ليکڪا ٻڌائي ٿي ته شراب وڪڻڻ وارن جا ٽيليفون نمبر واپريندڙن وٽ هوندا آهن. اهڙي هڪ همراه جو مثال ڏيندي هو لکي ٿي ته هن جڏهين اهو ڌنڌو ڇڏيو ٿي ته هن رڳو پنهنجو ٽيليفون نمبر هزارين ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو هو. ان کانسواء ان پابندي گھرن ۾ شراب ٺاهڻ جي حوصلي افزائي ڪئي آهي. ان مقصد لاء بازار مان خاص قسم جا ڳاڙها انگور ملن ٿا. اهو تجربو ليکڪا پاڻ به ڪيو هو۽ بازار مان انگور وٺي گھر ۾ انهن مان شراب ڪشيد ڪيو هو. جيتوڻيڪ سڀني کي اها ڄاڻ آهي پر حڪومت پاران انهن انگورن جي وڪري وغيره تي ڪا پابندي وغيره ناهي.
ان دور ۾ حڪومت جي پرڏيهي ۽ اندروني پاليسين جي ڪري ايران جي ماڻهن کي گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

ايران: حڪومت جي پاليسي ۽ مزاحمت

ٻڌ جي مجسمن کي ڊاهڻ جو ڪم رڳو طالبان پاران افغانستان ۾ نه ڪيو ويو هو پر اهو ساڳيو ڪم مختلف ٻين ملڪن ۾ به ڪيو ويو. ايران ۾ انقلاب کانپوء مذهبي حڪومت پاران به ائين ڪيو ويو. عربن جي ايران ۾ اچڻ کان اڳ ماضي جا جيڪي نشان ۽ آثار آهن انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
تاريخدانن جو چوڻ آهي ته عربن لاء ايران ۽ قسطنطنيه جي فتح ان ڪري ممڪن ٿي سگھي هئي ته هڪ ڊگھي عرصي تائين پاڻ ۾ ويڙه جي ڪري ساساني ۽ بازنطيني ٻيئي عظيم سلطنتون ڪمزور پئجي ويون هيون ۽ منجھن ايتري سگھ نه هئي جو عرب صحرا جي ان طوفان کي منهن ڏيئي سگھن. ان جي باوجود ايران جي ماڻهن ۽ سندن ثقافت، تاريخ ۽ مذهب ۾ ايتري سگھ هئي جو اهي پنهنجو گھڻو ڪجھ وڃائڻ کان بچائي سگھيا. جيتوڻيڪ مصر جي هڪ پراڻي تهذيب ۽ ٻولي هئي پر اهي پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب برقرار نه رکي سگھيا ۽ عربن جي رنگ ۾ رنڱجي ويا. ان جي برعڪس ايرانين نه رڳو پنهنجي ٻولي برقرار رکي پر انهن اسلام جي مختلف پاسن تي پڻ ديرپا اثر وڌا آهن ۽ ان کي پنهنجين روايتن ۽ حالتن مطابق تبديل ڪيو آهي. اهو چيو وڃي ٿو ته اسلام ايران ۾ ڄڻ هڪ نئون جنم ورتو.
زرتشت ازم دنيا جو پهريون مذهب آهي جنهن ۾ وحدت جي ڳالھہ ڪئي ويئي هئي. دنيا جا ٽيئي وڏا مذهب، يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام ان کان متاثر ٿيا آهن. نوروز جو ڏڻ ايران ۾ قومي ڏڻ طور ملهايو ويندو آهي ليکڪا جو چوڻ آهي ته سندس ايران ۾ قيام دوران هڪ ڀيري نوروز ۽ شيعن جو هڪ متبرڪ ڏينهن گڏ آيا. ٻنهي کي ملهائڻ جو طريقو مختلف هو. نوروز، نئين سال ۽ خوشي جو ڏهاڙو هو جڏهين ته ٻيو ڏينهن غم ۽ ماتم جو هو. ان جي باوجود گھڻن نوروز جو ڏهاڙو ملهايو جڏهين ته گھڻن اهو ڏينهن ته مذهبي لحاظ کان ملهايو پر شام نوروز جو جشن هو. هونئن به ليکڪا اهڙا مشاهدا ڪيا جڏهين ماڻهو ماتمي جلوسن ۾ شريڪ ٿي شام جو اچي شراب ۽ موسيقي جون محفلون سجائيندا هئا.
شاه پاران ايران جي ماضي جي حڪمرانن جي وارث طور انهن جي عظمت جي ساراه ۽ جشن وغيره ملهائڻ کي مذهبي عالمن پاران ننديو ۽ ان جي مخالفت ڪئي ويندي هئي. انقلاب کانپوء آيل حڪومت ان سلسلي ۾ باقاعدي عملي قدم کڻڻ شروع ڪيا ۽ خاص طور ايران جي جج صادق خلخيلي، جنهن مخالفن کي موت، ڦٽڪن ۽ ٻين سخت سزائن ڏيڻ لاء شهرت ٿي رکي، ماضي جي نشانين کي ڊاهڻ لاء هدايتون ڏيڻ شروع ڪيون. حڪومت پاران ان ڳالھہ کي يقيني ڪرڻ لاء ته ماڻهو اسلام جي ايران ۾ اچڻ کان اڳ وارا يا ايراني نالا پنهنجن ٻارن تي نه رکن باقاعدي نالن جي هڪ فهرست تيار ڪئي ويئي . نون ڄاول ٻارن جي رجسٽريشن ڪندڙ محڪمو اهڙي ڪنهن به نالي کي رد ڪري ڇڏيندو آهي جيڪو ان فهرست ۾ شامل نه هوندو.
حڪمرانن جي پاليسين ماڻهن جي لاء گھڻن مسئلن کي جنم ڏنو آهي. مذهبي ٿوراين لاء معمول جي زندگي گذارڻ هڪ ڏکي ڳالھہ آهي. زرتشتين جي گھڻائي ته اڳ ئي ملڪ مان لڏي يا پنهنجو مذهب ڇڏي چڪي آهي. جڏهين ته بهائي به ڏاڍ جو شڪار آهن ۽ منجھانئن گھڻا ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.
اها حيرت جهڙي ڳالھہ آهي ته ايران جي ڳڻپ وڏن تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿي پر ان کي پنهنجي ضرورتن ۽ استعمال لاء تيل ٻاهران گھرائڻو پئي ٿو. ڪارڻ اهو آهي ته ايران ڪچو تيل پيدا ڪري ٿو جيڪو هو دنيا جي مختلف ملڪن کي موڪلي ٿو پر وٽس ان تيل جي رفائننگ جي جوڳي صلاحيت ناهي. اهڙي ريت ان صورتحال ۾ جڏهين هو دنيا جي وڏين طاقتن سان ٽڪراء ۾ هجي ۽ مٿس پابنديون به هجن ته ان کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو جنهن جو سڌو سنئون اثر عام ماڻهن تي پئي ٿو. ليکڪا جي ايران ۾ هوندي حڪومت پابندين جي سخت ٿيڻ جي دپ کان تيل جي راشننگ ڪري ڇڏي هئي جنهن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ۽ هنگاما شروع ٿي ويا هئا.
پابندين ۽ خاص طور احمدي نجاد جي سخت موقف ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ هٽلر پاران يهودين جي هولوڪاسٽ کي ڪوڙ سڏڻ عالمي عام رائي کي ايران لاء اڃا به وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو هو. ان سان گڏوگڏ نوٽ ڇاپي ماڻهن کي خوش ڪرڻ وارين معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌارو ٿي ويو هو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته اوله ۾ پيشي ور ماڻهو جهڙوڪ ڊاڪٽر، پروفيسر۽ انجنيئر وغيره وچولي طبقي ۾ شمار ٿين ٿا پر ايران ۾ اهڙي ڪا ڳالھہ ناهي. مهانگائي ايتري وڌي ويئي آهي جنهن سان غريبن جو جيئڻ ته هونئن ئي جنجال آهي انهن ماڻهن کي به پنهنجين گھڻين ضرورتن کي گھٽائڻو پيو آهي ۽ پنهنجين بنيادي ضرورتن تائين محدود ٿيڻو پيو آهي. پهرين انهن مان جيڪي موڪلن لاء ڪيسپين سمنڊ جي ڪناري ويندا هئا هاڻي اهي ان ڳالھہ جا متحمل نه ٿا ٿي. سگھن. اهڙي ريت هتي وچولي طبقي ۾ رڳو رشوت خور ڪامورا، وڏا واپاري ۽ ريئل اسٽيٽ ڊيلر ئي اچي سگھن ٿا. حڪومت جو هڪ طريقو اهو به رهيو آهي ته جڏهين به ٽڪراء ۾ تيزي ايندي آهي ته ملڪ ۾ ماڻهن جي لاء آزاروڌي ويندو آهي ۽ گرفتارين ۽ سزائن سان گڏوگڏ عام زندگي پڻ ڏکي ٿي ويندي آهي. ليکڪا ٻڌائي ٿي ته اهڙي ئي هڪ موقعي تي عورتن جي لباس تي سختي شروع ٿي ويئي جنهن جي ڪري ليکڪا سميت گھڻين عورتن، جن وٽ اهڙا ڪپڙا نه هئا، ماڳيئي گھران ئي نڪرڻ ڇڏي ڏنو. هڪ اڌ ڀيري ليکڪا جڏهين پنهنجي مڙس۽ ننڍي پٽ سان گڏ هئي ته کيس احتجاج ۽ اهو ٻڌائڻ جي باوجود ته اهو لباس گھربل ضرورتن کي پورو ڪري ٿو، بيعزت ڪري گھر واپس وڃي لباس تبديل ڪرڻ لاء چيو ويو.
انهن مسئلن جي ڪري ماڻهو حڪومت جي پرڏيهي پاليسي ۽ خاص طور تي لبنان ۾ حزب الله جي مدد ڪرڻ تي اعتراض اٿارين ٿا. عام تاثر اهو آهي ته حزب الله ايران جي ذيلي تنظيم آهي جيڪا لبنان ۾ ايران جي مقصدن لاء ڪم ڪري رهي آهي. ان ڳالھہ کان ايران به انڪار ڪري ٿو ۽ حزب الله به ان کي نه ٿي مڃي. ليکڪا جو خيال آهي ته ڳالھہ ان جي وچ ۾ آهي. حزب الله کي ايران جي مدد به حاصل آهي جڏهين ته ساڳي وقت اها پنهنجن گھڻن معاملن ۾ آزاد نموني به فيصلا ڪري ٿي. ليکڪا ايران جي ماڻهن جي حوالي سان چئي ٿي ته ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته حزب الله جي ان ڪري پٺڀرائي ڪئي ٿي وڃي ته جيئن ايران جي حڪومت ملڪ اندر جيڪڏهين ڪنهن بحران جو شڪار ٿئي ته اها سندس مدد لا۽ اچي. پر اهو خيال ايترو مضبوط ناهي. گھڻا اهو خيال ڏيکارين ٿا، ته فلسطين ۽ لبنان وغيره عربن جا مسئلا آهن ۽ انهن کي انهن جي حل لاء ڪوشش ڪرڻ گھرجي جڏهين ته ايران جي حڪومت کي پنهنجن ماڻهن جي مسئلن مهانگائي ۽ بيروزگاري وغيره کي ختم ڪرڻ ڏانهن توجھ ڏيڻ گھرجي ۽ پنهنجن وسيلن کي ملڪ جي ماڻهن جي ڀلائي لاء استعمال ڪرڻ گھرجي. ان سلسلي ۾ اهي ايران عراق جنگ جو حوالو ڏين ٿا جڏهين عربن ايران جي خلاف صدام حسين کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي هئي.
اها ڳالھه ڪري سگھجي ٿي ته سختين وغيره جي باوجود ايران جي ماڻهن ۾ هڪ مزاحمت موجود آهي جنهن جي ڪري حڪومت گھڻين رعايتن ڏيڻ لاء مجبور ٿئي ٿي.

پيار، شادي ۽ ايران کان واپسي

ايران ۾ پنهنجو صحافتي ڪم ڪندي ليکڪا آزادي موهاني جي هڪ نوجوان عرش سان هم آهنگي ۽ محبت ٿئي ٿي. عرش ايران جي ٽيڪسٽائيل جي هڪ وڏي صنعتڪار جو پٽ هجي ٿو. هڪ آزاد خيال نوجوان جيڪو ايران ۾ مذهبي حڪومت جي پابندين کي پسند نه ٿو ڪري. ايران عراق جنگ شروع ٿيڻ وقت هو پنهنجي خاندان سان گڏ جرمني ۾ هجي ٿو ۽ اتان ان ڪري نه ٿو موٽي ته کيس اهو خدشو هجي ٿو ته کيس فوج ۾ ڀرتي ڪري محاذ تي موڪليو ويندو.
اهي ٻيئي باقاعدي شادي ڪرڻ کانسواءِ زال مڙس وانگر رهڻ لڳن ٿا جنهن ڳالھه کي سندن مائٽ به ڪجھ رد ڪد کان پوء قبول ڪن ٿا. مسئلو ان وقت پيدا ٿئي ٿو جڏهين موهاني پيٽ سان ٿئي ٿي. اهي آمريڪا يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ هجن ها ته اهو ڪو وڏو مسئلو نه هو پر ايران ۾ اهو مذهبي لحاظ کان هڪ ڏوه هو ۽ ان جي لاء سزائون مقرر هيون جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اهڙن ڏوهن جي مرتڪب ماڻهن کي ڏنيون وينديون هيون. ان جو رڳو هڪ ئي حل هو ته اهي ٻيئي باقاعدي نڪاح ۽ شادي ڪن. پر جڏهين هو شادي جي دفتر وڃن ٿا ته کين ٻڌايو وڃي ٿو ته ڇوڪري لاء سندس پي جي اجازت ضروري آهي. هو کين ٻڌائين ٿا ته اهي ٻيئي عاقل بالغ آهن ۽ پنهنجي ليکي فيصلا ڪري سگھن ٿا. پر سندن ان ڳالھہ کي نه ٿو مڃيو وڃي. ان سلسلي ۾ مسئلو اهو هجي ٿو ته موهاني جو پي ملڪ کان ٻاهر هجي ٿو ۽ ان جو ترت موٽڻ جو ڪو امڪان نه ٿو هجي. ان وچ ۾ سندس چاچو چئي ٿو ته وٽس پنهنجي ڀاء جو پاور آف اٽارني آهي جنهن ۾ کيس اختيار ڏنا ويا آهن. پر ان کي ڏسڻ کانپوء نڪاح جو رجسٽرار اهو چئي انڪار ڪري ٿو ته اهو رڳو ڪاروباري معاملن ۽ جائداد متعلق آهي. نيٺ کين مقرر في کان ڪجھ پئسا وڌيڪ رشوت طور ڏيئي اهو معاملو حل ڪرڻو پئي ٿو. نڪاح کان اڳ اهو ضروري هوندو آهي ته ٻنهي گھوٽ ۽ ڪنوار کي زندگي گذارڻ متعلق سرڪاري سطح تي مختلف صلاحون ۽ مشورا ڏنا وڃن. ان سلسلي ۾ انهن کي حمل روڪ جي مختلف طريقن متعلق پڻ ٻڌايو وڃي ٿو. موهاني ۽ عرش کي به ان مرحلي مان گذرڻو پيو.
ان کانپوءِ شادي ۽ دعوت جي انتظامن متعلق سوچيو وڃي ٿو. ڪنوار جي ميڪ اپ ۽ کاڌي جي انتظام جي سلسلي ۾ ملڪ ۾ مختلف ادارا هجن ٿا. ان سلسلي ۾ جڏهين هو پنهنجن واقفڪارن جي چوڻ تي ڪجھ نالي وارن ادارن سان له وچڙه ۾ اچن ٿا ته کين خبر پئي ٿي ته انهن جا خرچ سندن پهچ کان ٻاهر هئا. بهرحال هو پنهنجي پهچ سارو ان جو بندوبست ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ ٻيو مسئلو اهو سامهون اچي ٿو ته حڪومت پاران شادي جي تقريب ۾ عورتن ۽ مردن جي گڏ هئڻ تي پابندي هجي ٿي. ان جو هڪ حل ته ماڻهن اهو ڪڍيو هو ته تقريب کانپوء ڪجھ ويجھن عزيزن ۽ دوستن سان گھر ۾ باقي رسمون وغيره ڪندا هئا جڏهين ته ڪجھ اهڙيون جايون به هيون جن جو پوليس وغيره سان ٺاه هوندو هو ۽ اهي ڪجھ وڌيڪ پئسن جي عيوض اها ضمانت ڏيندا هئا ته پوليس ان تقريب تي ڇاپونه هڻندي. بهرحال انهن سڀني ڳالھہين جي باوجود اها شادي ٿي ٿي وڃي.
ايران جي آسودن ماڻهن لاء ملڪ ۾ عيش ۽ آرام ڪرڻ جي گھڻي گنجائش ناهي. ان حوالي سان دبئي انهن جي لاء ڄڻ هڪ متبادل آهي. هڪ ته دبئي اتان ويجھو آهي ۽ ٻيو ته ايرانين جو ايڏو وڏو تعداد اتي گھمڻ ۽ خريداري وغيره لاء وڃي ٿو جو اهو ڄڻ ته ايران جو ئي هڪ حصو بڻجي ويو آهي. حڪومت پاران ان سلسلي ۾ ماڻهن تي ڪا پابندي ناهي ۽ ايران ايئر جون گھڻيون اڏامون اوڏانهن وڃن ٿيون. اهڙي ئي هڪ پرواز ايران عراق جنگ دوران آمريڪي ميزائل حملي جو نشانو بڻي هئي جنهن ۾ جهاز جا سڀ مسافر۽ عملو مري ويا هئا. بهرحال ان جي باوجود دبئي ڄڻ ته ايرانين لاء ملڪ جي گھٽ ٻوسٽ واري ماحول مان ڪجھ وقت لاء نڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي.
حمل هوندي ليکڪا ڪجھ عرصي لاء موڪل تي گھر ۾ ئي هجي ٿي. هو پنهنجي حمل ۽ ٻي معلومات لاء انٽرنيٽ جو استعمال ڪري ٿي. پر کيس ان ڳالھہ تي گھڻي مايوسي ۽ فرسٽريشن ٿئي ٿي ته هڪ ته نيٽ جي رفتار نهايت آهستي هجي ٿي ۽ ٻيو ته حڪومت پاران گھڻين سائيٽس تي پابندي هجي ٿي ۽ اهي بلاڪ هجن ٿيون. جيتوڻيڪ ماڻهن وٽ انهن کي کولڻ لاء سافٽ ويئر وغيره هجن ٿا پر حڪومت وٽ به انهن جو ٽوڙ موجود هجي ٿو.
هو جيئن ته موڪلن تي هئي ان ڪري هن مسٽر ايڪس سان رابطو ڪرڻ مناسب نه سمجھيو. ان دوران کيس ٽائمز ميگزين پاران چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهين ممڪن هجي ته هو پنهنجيون موڪلون مختصر ڪري ڪم شروع ڪري. هو ڪم ته شروع ڪري ٿي پر ساڳي وقت هو اهو به چاهي ٿي ته ڪنهن ريت سندس مسٽر ايڪس ڏانهن جوابدهي ۽ آڏي پڇا مان جان ڇٽي. ان سلسلي ۾ ايران جي انساني حقن جي حوالي سان نوبل انعام يافتا شيرين عبادي، جنهن سان هو سندس آتم ڪٿا تي گڏجي ڪم ڪري پئي، کيس صلاح ڏني ته هو مسٽر ايڪس کي ٻڌائي ته هو ڪنهن به نامحرم سان ملڻ مهل پنهنجي مڙس کي گڏ وٺي ايندي. هو کيس ٻڌائي ٿي ته سندس به ان طريقي سان ان پڇاڻي مان جان ڇٽي هئي. پر ليکڪا لاء اهو طريقو ڪارگر نه ٿو ٿئي ۽ مسٽر ايڪس ڪنهن به ريت ان ڳالھہ تي راضي نه ٿو ٿئي. ان جي بدران هو کيس ڌمڪي ڏئي ۽ ڊيڄاري ٿو ته سندس خلاف قومي سلامتي جي معاملن خلاف لکڻ جي حوالي سان انڪوائري انصاف جي وزارت ڏانهن ويل آهي ۽ ان سلسلي ۾ جلد ئي عدالت پاران کيس گھرايو ۽ فيصلو ڪيو ويندو. اها خبر سندس لاء نهايت پريشان ڪن هئي. کيس فوري طوربدنام ايون جيل جوخيال اچي ٿو. هو پنهنجن اهڙن دوستن ۽ واقفڪارن متعلق سوچي ٿي جن کي قيد ڪيو ويو هو، ايذاء ڏنا ويا هئا ۽ مٿن تشدد ڪيو ويو هو. کيس پنهنجي نئين ڄاول پٽ جو خيال اچي ٿو ته سندس گرفتاري جي صورت ۾ ان جو ڇا ٿيندو ۽ ان کي ماء جو کير ڪيئن ملندو ۽ سارسنڀال ڪيئن ٿيندي. هو ڳالھہ ڳالھہ تي ۽. در تي ڪنهن به آواز ٿيڻ تي ڇرڪي ٿي پئي. وقت گذري ٿو ۽ ڪجھ به نه ٿو ٿئي. هو پنهنجن ذريعن کان ان سلسلي ۾ پڇا ڳاڇا ڪري ٿي ته کيس خبر پيئي ٿي ته اهڙي ڪابه ڳالھہ نه هئي ۽ نه ئي سندس خلاف ڪابه انڪوائري وغيره هلندڙ هئي.ِ اهو مڙيئي کيس هراسان ڪرڻ لاء ڪيو ويو هو.
ايران جي تعليمي نظام ۽ پنهنجي گھر ۽ خاندان جي ماحول کي ڏسندي کيس اهو فڪر لاحق ٿئي ٿو ته ان صورتحال ۾ ٻار هڪ مونجھاري ۽ ٻٽي شخصيت جو شڪار ٿي ويندو. اسڪول ۾ حڪومت جي پاليسي موجب ٻار کي مذهبي اصولن ۽ طور طريقن مطابق تعليم ڏني ويندي هئي ۽ ان تي نه رڳو سختي سان هلڻ جي تلقين ڪئي ويندي هئي پر ٻارکان سندس ماء پي وغيره متعلق پڻ پڇيو ويندو هو ته اهي نماز روزي ۽ بين مذهبي فرضن وغيره جي پابندي ڪن ٿا يا نه. ان صورت ۾ هڪ سيڪيولر گھر جو ٻار يا ته اسڪول ۾ ڪوڙ ڳالھہائيندو ۽ يا وري اسڪول جي ماحول ۾ ٻين ٻارن ۽ استاد لاء اوپرو ٿي پوندو.
انهن سڀني مسئلن تي سوچيندي هو ٻيئي زال مڙس اهو فيصلو ڪن ٿا ته اهي ايران مان لڏي وڃي ڪنهن يورپي ملڪ ۾ رهن جتان موهاني لاء پنهنجي صحافتي ڪم لاء وچ اوڀر اچڻ به سولو هوندو، مٿس ايران جيان ايجنسين جو ڪو دٻاء به نه هوندو ۽ عرش پنهنجي پي ايچ ڊي به اطمينان سان پوري ڪري سگھندو. اهڙي ريت اهي لندن ۾ اچي رهڻ جو فيصلو ڪن ٿا.

پاڳلپڻي جو لمحو: ورهاڱي جي هڪ ڪٿا

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٻنهي پاسي وڏي پئماني تي ماڻهن جو قتل عام ۽ لڏپلاڻ گھڻن ماڻهن لاء ته رڳو انگ اکر آهن پر جن ماڻهن ۽ انهن جي ڪٽنبن اهو نقصان سٺو آهي انهن جي ٽين ۽ چوثين پيڙهي لاء به اهو سڀڪجھ، ان ڳالھہ جي باوجود ته انهن پاڻ اهو اکين سان نه ڏٺو هو يا ان ۾ سڌي ريت حصو نه ورتو هو، جي کي جھوريندڙ آهي. گھڻن خاندانن ۾ وڏڙا ڪوشش ڪري اهو سڀڪجھ پاڻ وسارڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجن ننڍن سان ونڍيندا ئي ناهن. پر نئين نسل مان گھڻا متجسس ذهن ان ڳالھہ جي ڳولها ۾ هوندا آهن ته نيٺ اهو سڀڪجھ ڇو ٿيو. سوين سالن تائين گڏ رهندڙ، هڪٻئي جو ڏک سک ونڍيندڙ ڇو رات وچ ۾ هڪٻئي جو رت وهائڻ ۽ لڄون لٽڻ لاء تيار ٿي ويا.
سلمان رشيد هڪ منفرد سفرناما لکندڙ طور ڄاتو وڃي ٿو جيڪو پنهنجي پڙهندڙ کي انهن جاين جي تاريخ، ثقافت ۽ آرڪيالوجي وغيره کان پڻ آگاه ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت عقيدن جي ڌنڌ کي به ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سندس تازو آيل ڪتاب A Time of Madness- A Memoir of Partition ان لحاظ کان هڪ مختلف ڪتاب آهي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اهو به هڪ سفرنامو ئي آهي پر اهو هڪ عظيم المئي ۽ ان جي ڪارڻن جي ڳولها جي حوالي سان ماضي جو سفر آهي. سندس خاندان ورهاڱي وقت ٿيل رتوڇاڻ مان گذري گھڻو ڪجھ وڃائي جالنڌر مان لاهور لڏي آيو هو. سندس چوڻ آهي ته سندس وڏا ڪڏهين به ان ڳالھہ کي زبان تي نه آڻيندا هئا ته ورهاڱي وقت سندن خاندان سان ڇا وهيو واپريو. گھڻي عرصي کانپوء پنڊي ۾ رهندڙ سندس هڪ پڦي جي هڪ ڪشميري نوڪر هٿان قتل ٿيڻ جي موقعي تي سندس وڏي چاچي جي واتان ڪجھ اهڙا اکر نڪرن ٿا ته انهن ٻه ڀينرون ته ورهاڱي جي فسادن ۾ جالنڌر ۾ وڃايون هيون ۽ هاڻي هي ٽين، جيڪا اتان تلوارن کان بچي نڪتي هئي، پنهنجي ئي گھر ۾ پنهنجي نوڪر هٿان قتل ٿي ويئي. ان مان کيس اهو اندازو ٿئي ٿو ته ان وقت سندس خاندان سان ڇا ٿيو هوندو.
جيتوڻيڪ هو ان وقت ڄائو به نه هو پر هو ماضي ۾ جھاتي پائي انهن سڀني جاين کي پاڻ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ اهو معلوم ڪرڻ چاهي ٿو ته نيٺ ائين ڇو ٿيو. سندس لاء پهريون مسئلو ته ڀارت جي ويزا جو حصول هجي ٿو. ٻنهي ملڪن جي سرحدن جتي، 1965 جي جنگ تائين اچ وڃ تي پابنديون ۽ سختيون نه هيون، هاڻي ماڻهن جو آزادانا طور اچڻ وڃڻ بلڪل ئي ناممڪن ٿي ويو آهي. کيس پهرئين ڪوشش ۾ ويزا نه ٿو ملي پر ڪجھ سالن کانپوء کيس ويزا ملي وڃي ٿو ۽ سندس چواڻي ته هو ويھه مارچ 2008 تي پنهنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي گھر لاء روانو ٿئي ٿو. هو دهلي، بنگال ۽ ڀارت جي مختلف اهڙن شهرن ۽ جاين تي وڃي ٿو جتي سندس پي، چاچا ۽ خاندان جا ٻيا مختلف فرد پنهنجين نوڪرين ۽ ٻين ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ ويا هئا. انهن مان ڪجھ ته فسادن جي وقت مشڪل سان ئي پنهنجي جان بچائي سگھيا. آخر ۾ هو جالنڌر پهچي ٿو جتي سندس ڏاڏي جو سندس وڏي چاچي حبيب الرحمان جي نالي سان ٺهرايل گھر حبيب منزل آهي جنهن جا هن فوٽو ڏٺا هئا. پر جيئن سندس پي چوندو هو ته بيوقوف گھر ٺهرائيندا آهن ۽ عقل مند ان ۾ رهندا آهن ۽ هو پاڻ به سڄي عمر مسواڙ جي گھر ۾ ئي رهيو ائين ان گھر ۾ به سندس ڏاڏي ۽ ان جي اولاد کي رهڻ نصيب نه ٿيو.
گھر اهو ساڳيو ئي هجي ٿو پر حبيب منزل جو نالو ميساريل هجي ٿو. ان گھر ۾ رهندڙ هڪ مائي کيس وڏي مشڪل سان ڪجھ دير لاء گھر ۾ داخل ٿيڻ ڏئي ٿي. کيس اصل ۾ ان ماڻهو جي ڳولها هجي ٿي جيڪو کيس اهو سربستو احوال ڏيئي سگھي ته ان وقت سندس گھروارن سان ڇا وهيو واپريو هو. گھر جي پاسي ۾ هڪ دوڪاندار کيس ڪجھ احوال ڏئي ٿو پر هو کيس ٻڌائي ٿو ته کيس اهو سڀڪجھ هڪ اهڙي ماڻهو ٻڌايو آهي جنهن جو پي ان سڄي وارتا ۾ شامل هو. گھڻي ڪوشش کانپوء سندس ان ماڻهو سان ملاقات ٿئي ٿي. هو ساڻس افسوس جو اظهار ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته سندس پي کي به پوء ان تي افسوس هو. هو کيس ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه سندس ڏاڏي پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئرن سان گڏ هڪ اهڙي دوست جي گھر ۾ پناه ورتي هئي جنهن جي فسادين کي شايد ڄاڻ نه هجي ها جيڪڏهين گھر جو نوڪر، جنهن جا ٻار به ڏاڏي سان گڏ هئا، پريشاني ۽ فسادين جي ڊپ کان ان گھر جو رخ نه ڪري ها. اتي سڄو خاندان قتل ٿي ويو ۽ رڳو سندن مڙه ئي ڪمري مان ٻاهر اچي سگھيا. هو ان همراه کان اهو سوال ڪري ٿو ته نيٺ ائين ڇو ٿيو. هو کيس جواب ڏئي ٿو جيڪو ان سڄي صورتحال جو تت آهي ته اهو انتها درجي جي پاڳلپڻي جو لمحو هو جنهن ماڻهن کي پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏيو هو.
هو علائقي جي مختلف ماڻهن سان ملي ٿو ۽ کانئن پنهنجي ڏاڏي متعلق معلوم ڪري ٿو. هر ڪو ان ڳالھہ جي تصديق ڪري ٿو ته هو ڪنهن مذهبي مت ڀيد ۽ تعصب کانسواء مريضن جو علاج ڪندو هو. پر سندس ڏاڏي سان ڪم ڪندڙ هڪ شخص کيس اهو ٻڌائي ٿو ته هڪ ڀيري جڏهين هن کيس ٻنپهرن جي آرام مان اٿاري هڪ سک مريض کي ڏسڻ لاء چيو ته هن ان مريض جي وڃڻ کانپوء مون کي اڪيلائي ۾ چيو ته آئندي ڪنهن سک مريض لاء منهنجي آرام کي خراب نه ڪجان. ساڳي ريت هندو ماضي جي پسمنظر جي ڪري گھر۾ ڳئون جي گوشت جو استعمال نه ٿيندو هو ۽ نه ئي ڳوٺ جا مسلمان قرباني واري عيد تي ڳئون جي قرباني ڪندا هئا. پر هڪ ڀيري سندس ڏاڏي اهو اعلان ڪيو ته هن ڀيري عيد تي ڳئون جي قرباني ٿيندي جنهن سان سڄي علائقي ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي ويئي ۽ فساد ِ۽ رتوڇاڻ جا امڪان پيدا ٿي پيا. علائقي جي سرڪاري آفيسرن وغيره وچ ۾ پيئي ان صورتحال کي ان شرط تي ٽاريو ته هندو ۽ سک به علائقي ۾ سور نه ڪهندا. هو اهو سوچي ٿو ته سندس ڏاڏي جنهن متعلق وٽس اهو تاثر هو ته هو هر قسم جي مذهبي مت ڀيد ۽ تعصب کان آجو هو ڪيئن اهڙي ڳالھه ڪري سگھيو پئي. هن اهو سوال پاڪستان ۾ ليکڪ آئي اي رحمان کان ڪيو ته ان وقت چڱا ڀلا ماڻهو ڪيئن ان مذهبي مت ڀيد جو شڪار ٿي ويا هئا ۽ سندن سوچ ۾ ڇو ڦيرو اچي ويو هو. آئي اي رحمان کيس ٻڌايو ته چاليھه جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ اهڙي قسم جو سياسي ماحول پيدا ڪيو ويو هو ۽ پروپئگنڊا ڪئي ويئي هئي جنهن جي ڪري گھڻن اهڙن ماڻهن به ان پاسي ڏانهن سوچڻ شروع ڪيو جيڪي اڳ ائين نه هئا. ٻيو ته ڏاڏي کي اها ڳالھہ ذهن ۾ هئي ته جيڪڏهين ورهاڱو ٿيو به ته جالنڌر، جيڪو مسلم گھڻائي وارو ضلعو هو، پاڪستان ۾ شامل ٿيندو پر ائين نه ٿيو.
ليکڪ جو خيال آهي ته هن وقت ملڪ جي حڪمرانن ۽ عام ماڻهن ۾ جيڪا بدعنواني، ڦرمار۽ قبضي گير ذهنيت آهي ان جون پاڙون به ورهاڱي ۾ آهن. پاڪستان مان جيڪي هندو ۽ سک وغيره لڏي ويا اهي مالدار ۽ سکيا ستابا هئا ۽ پويان وڏي ملڪيت ڇڏي ويا ھئاجڏهين ته جن ڀارت مان پاڪستان لڏپلاڻ ڪئي انهن پويان گھڻي ملڪيت نه ڇڏي هئي. ٻي ڳالھہ ته ڀارت ۾ باقاعدي طور پناه گيرن جي ڪليم ڏيڻ لاء هڪ نظام ترتيب ڏنو ويو هو جڏهين ته پاڪستان ائين نه ڪيو هو. پنهنجي ريوينيو محڪمي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ واقف ڪار جو حوالو ڏيندي هو ٻڌائي ٿو ته هتي جنهن ماڻهو وٽ جيتريون چاٻيون هيون ان کي ڪنهن پڇا ڳاڇا کانسواء اوترا گھر الاٽ ڪيا ويا. معنا ڪنهن ماڻهو کي جيڪڏهين ڪنهن جو ڪو ڪريل چاٻين جو ڳڇو هٿ اچي ويو ته هو ايترن گھرن جو مالڪ ٿي ويو ۽ رات وچ ۾ سندس قسمت بدلجي ويئي. اهڙي ريت مقامي ۽ پناهگيرن ٻنهي مفت جي مال تي هٿ صاف ڪرڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي. اهڙي مفت جي مال تي قبضو ڪرڻ ۽ رياستي ملڪيت ڦٻائڻ جي هڪ ذهنيت ٺهي ويئي جنهن ملڪ ۾ هڪ افراتفري جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي ۽ نتيجي ۾ اڄوڪي صورتحال پيدا ٿي.
ورهاڱي جي حوالي سان گھڻو ڪجھ لکيو ويو آهي. جڏهين ته اها هڪ ذاتي وارتا هئڻ سان گڏوگڏ ان وقت جي صورتحال جو انساني نڪته نگاه کان هڪ تنقيدي جائزو آهي جيڪو پڙهندڙ کي سوچڻ لا۽ نوان زاويا ڏئي ٿو.

ورهاڱي جو عمل اڃا جاري آهي

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کي ستر سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر نه رڳو ان جا اثر باقي آهن هڪ لحاظ کان ڄڻ ورهاڱي جو اهو عمل ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڃا جاري آهي. ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ته پنهنجي جاء تي آهي. ان کانسواء نه رڳو سرحد جي ٻنهي پاسي ننڍي پئماني تي لڏپلاڻ آهي پر مذهبي تڪرار به هڪ لحاظ کان پنهنجي جاء تي موجود آهي جيڪو وقت بوقت پرتشدد صورت پڻ اختيار ڪري وٺي ٿو. ورهاڱي وقت به مختلف ٻولين جي ادب ۾ ان جو ردعمل ظاهر ٿيو ۽ هن وقت به مختلف طريقن سان ان جو اظهار ٿي رهيو آهي.
ٻارڻ جي عنوان سان حميد دلوائي جو مراٺي ۾ لکيل ناول آهي. هن ناول جو بنيادي مقصد اهو ڏيکارڻ آهي ته مذهب کي ڪيئن نه ذاتي ۽ گروهي مقصد لاء استعمال ڪري ماڻهن کي ورهايو ۽ ويڙهايو وڃي ٿو. مسلمان زميندارن ۽ گھٽ ذات وارن هندو مزدورن جو هڪ ڳوٺ آهي. جيتوڻيڪ زمينداري ختم ٿي ويئي آهي ۽ زمين جي هارين ۾ ورهاست ٿي چڪي آهي پر سماجي لحاظ کان زميندارن جي مثڀرائپ اڃا قائم آهي. ڳوٺ جي مسلم خاندان جو هڪ نوجوان، جيڪو هڪ ترقي پسند نڪته نظر رکي ٿو، ان گھٽ ذات وارن هندن جي پاسي ٿي بيهي ٿو جنهن کي سندس خاندان ۽ ڳوٺ جا ٻيا مسلمان پسند نه ٿا ڪن. هي نوجوان ڪجھ عرصي کانپوء ممبئي هليو وڃي ٿو جتي هو سياسي سرگرمين ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو ۽ اٽڪل پندرنهن سالن تائين ڳوٺ نه ٿو موٽي. نيٺ صحت خراب هئڻ ڪري ڊاڪٽر جي مشوري تي عمل ڪندي آرام ڪرڻ لاء ڳوٺ اچي ٿو. هتي کيس مذهبي تفرقي جي لحاظ کان صورتحال ۾ اڃا وڌيڪ ابتري نظر اچي ٿي. هڪ پاسي سندس ڀاء زمين جي معاملي تي ۽ ڏکڻ آفريقا کان آيل ڳوٺ جو هڪ ٻيو زميندار هڪ هندو ڇوڪري جي معاملي تي ڳوٺ جي هندن سان آمهون سامهون ٿي بيهن ٿا ۽ معاملو هڪ مذهبي رخ اختيار ڪري وٺي ٿو. جيڪي هندو اڳ ان نوجوان کي پنهنجو همدرد سمجھندي سندس ڳالھہ رکندا هئا اهي به هاڻي کيس ٻڌڻ لاء تيار نه هئا. معاملو ايستائين وڌي ٿو ته هندن جو مذهبي ڏڻ جنهن ۾ اڳ ساڳي ريت ڳوٺ جا مسلمان به حصو وٺندا هئا هندن جي ان ڳالھہ تان هڪ تڪراري صورت اختيار ڪري وٺي ٿو ته اهو جلوس مسجد آڏو دهل دمام ۽ موسيقي وڄائيندو.ان کي منهن ڏيڻ لاء ڏکڻ آفريقا واري مسلمان زميندار پاران ڀرپاسي وارن ڳوٺن مان هٿيار بند مسلمانن کي گھرايو وڃي ٿو جيڪي جلوس کانپوء ڳوٺ ۾ ڦرمار ۽ عورتن جي عزتن خراب ڪرڻ جو ڪم شروع ڪن ٿا جنهن جو شڪار ان نوجوان جي ڀاڄائي به بڻجي ٿي جيڪا هميشه جيان ديوي جي آشيرواد لاء اتي ويئي هئي. ان صورتحال ۾ اهو نوجوان پاڻ کي بلڪل بيوس محسوس ڪري ٿو ۽ اهو سمجھي ٿو ته هاڻي هتي سندس ڪو به ڪم ناهي ۽ هو ڪجھ به نه ٿو ڪري سگھي. ٻيئي ڌريون ڪنهن به ريت سندس ڳالھہ ٻڌڻ ۽ سرچاء ڪرڻ لاء تيار ناهن. اهو سوچي هو واپس ممبئي موٽي اچي ٿو.
هڪ ٻيو ناول هندي ۾ احتشام منظور جو سڪل بڙ جي عنوان سان آهي. اهو ناول ڀارت جي شهر ڀوپال جي هڪ مسلمان خاندان جي حوالي سان آهي. هتي ورهاڱي کان اڳ مسلمان نواب جي صاحبي هوندي هئي. ان دور ۾ نه هتي ڪاليج وغيره هوندا هئا ۽ نه ئي مقامي ماڻهن جي پڙهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي هئي. رياست جي ڪم ڪار کي هلائڻ لاء عملدار ٻين علائقن مان گھرايا ويندا هئا. هي هڪ مسلمان وڪيل جي ڌي رشيده جي زباني ٻڌايل ڪهاڻي آهي. ورهاڱي وقت سندس پي پنهنجو وطن ڇڏي پاڪستان وڃڻ کان ان ڪري انڪار ڪري ٿو ته ڪير پنهنجن ماڻهن کي ڇڏي پئسي ڏوڪڙ ۽ مال ملڪيت لاء هڪ اهڙي اوپري ملڪ ۾ وڃي رهي جتان جا ماڻهو، ٻولي ۽ ثقافت سڀ سندس لاء اوپرا هجن. هو نه پاڻ مذهب ۽ مذهبي رسمن ۾ يقين رکي ٿو ۽ نه ئي انهن تي عمل ڪري ٿو پر پنهنجي زال کي اهو سڀڪجھ ڪرڻ کان منع نه ٿو ڪري. ساڳي ريت هو پنهنجن ٻنهي ٻارن، ڌي ۽ پٽ، جي تربيت به سيڪيولر بنياد تي ڪري ٿو. ان جي نتيجي ۾ هو پنهنجن ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين خاندان وارن کان ڄڻ ڪٽجي ڌار ٿي وڃي ٿو ۽ اهي ساڻس ڪو گھڻو واسطو نه ٿا رکن ۽ نه ئي هو ساڻن گھڻو له وچڙ ۾ اچي ٿو . هو پنهنجن ٻارن جي سٺن تعليمي ادارن ۾ تعليم جو بندوبست ڪري ٿو جتي گڏيل، جديد ۽ سيڪيولر بنيادن تي تعليم ڏني وڃي ٿي. انهن ٻارن لاء سماجي ۽ انساني ناتن ۾ هندو ۽ مسلمان جو ڪو فرق نه ٿو هجي ۽ اهي ان بنياد تي پنهنجي پيار ۽ جنس جي ناتن جو به تعين ڪن ٿا. انهن ٻارن کي اڳتي هلي اها خبر پئي ٿي ته خاص طور تي مذهب جي حوالي سان معاملا عملي زندگي ۾ ايترا سولا ناهن. مذهب جو نه رڳو هندو ۽ مسلمان ٻنهي پاران سياسي حوالي سان استعمال ڪيو وڃِي ٿو پر ان بنياد تي سماجي ناتن جو تعين پڻ ڪيو وڃي ٿو. انهن ٻنهي ٻارن لاء، جن جي تربيت سندن پي پاران سيڪولربنيادن تي ڪئي ويئي هئي، ان سماج ۾ پنهنجي جاء ٺاهڻ ڏکيو ٿئي ٿو جتي مذهب هڪ منجھيل صورت ۾ انساني رشتن ناتن جو تعين ڪري ٿو. هڪ ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي جو احساس جنهن ۾ کين پنهنجي زندگي گذارڻي پئي ٿي.
انهن ٻنهي ناولن مان اها ڳالھه واضح ٿئي ٿي ته اڃا تائين ڀارت جي سيڪيولر سياست ۽ ماحول ۾ به انهن قوتن ۽ ماڻهن کي نه رڳو اهو ته ڪاميابي نه ملي سگھي آهي پر کين مايوسي ۽ نااميدي کي منهن ڏيڻو پيو آهي جن پنهنجي ذات جي قرباني ڏيئي ملڪ جي سيڪيولرازم کي سنجيدگي سان ورتو آهي ۽ ان کي پنهنجي زندگي جو حصو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. موجوده سياسي ماحول کي ڏسندي اهو نه ٿو چئي سگھجي ته ان صورتحال جي بدلجڻ ۽ ماڻهن جي آزادانا ماحول ۾ زندگي گذارڻ ۾ گھڻو وقت لڳي سگھي ٿو.

ڪامريڊ نور ظهير جو پاڪستان

ڪامريڊ نورظهير جو سفرنامو At Home in Enemy Land ٽن ڪتابن تي مشتمل آهي جيڪي سندس مختلف وقتن تي ٽي ڀيرا پاڪستان اچڻ جا ڌار ڌار قصا آهن. نور ظهير جا پاڪستان سان تعلق جا گھڻا حوالا آهن. جيئن سندس ڪتاب جي نالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان، جنهن کي ڀارت ۾ هڪ دشمن ملڪ سمجھيو وڃي ٿو، سندس ٻيو گھر آهي. نه رڳو اهو ته پاڻ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا هتي اچي چڪي آهي پر سجاد ظهير جي هتي اٺ سال گذارڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ نئين ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيم سازي جي حوالي سان به سندس ماضي جو اهم حصو هت موجود آهي. پهرئين دوري ۾ هو پاڪ ڀارت دوستي جي وفد جي هڪ رڪن جي حيثيت ۾ هتي آئي هئي. وفد جي ٻين همراهن جا پاڪستان جي حوالي سان ٻيا ڪم به هئا پر ليکڪا جو اهم ڪم هڪ ته پنهنجي ماضي جي ڳولها ۽ ان جو تنقيدي جائزو وٺڻ ءِ ٻيو ٻنهي ملڪن جي گڏيل تهذيب ءِ ثقافت جي گڏيل بنيادن کي ڏسڻو هو. ان سفر ۾ جڏهين پاڻ ٽرين ۾ لاهور کان ڪراچي ايندي سنڌ جي مختلف علائقن مان گذري ٿي ته جيئن دريا کي ڪوزي ۾ بند ڪندي سوچي ٿي ته اهو سنڌ آهي جنهن هر طرح جي چريائپ، مدهوش قلندرن ءِ ڪريزي سرخن کي پناه ڏني آهي. اها هڪ اهم ڳالھه آهي ته سجاد ظهير جيڪو وقت پاڪستان ۾ گذاريو، جيڪي ڪم هن ڪيا ءِ جن ماڻهن سان سندس واسطو رهيو انهن مان گھڻن ماڻهن متعلق ڪامريڊ نور ظهير کي ڄاڻ آهي. جيڪڏهين سجاد ظهير پنهنجي پاڪستان ۾ گذاريل وقت متعلق ڪجھ لکيو هجي ته مون کي ان جي ڄاڻ ناهي پر جهڙي ريت ليکڪا ان جو ذڪر ڪري ٿي ان مان گھٽ ۾ گھٽ ائين لڳي ٿو ته ان پنهنجن ٻارن کي تفصيل سان ان متعلق ٻڌايو هوندو.
ڀارت رواني ٿيڻ کان اڳ آخري ڊنر کين عابد حسن منٽو ڏنو هو. منٽو پنهنجي کاٻي ڌر جي خيالن ءِ سياست جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو پر هتي سندس بلڪل هڪ مختلف تصوير سامهون اچي ٿي. سندس خيال موجب وفد کي موئن جو دڙو جي کنڊرن ءِ سيوهڻ ۾ وقت وڃائڻ بجائي سڌو ڪراچي کان لاهور اچڻ گھرجي ها. ڇاڪاڻ ته اهو سڀڪجھ ماضي آهي ءِ اسان کي حال ۾ رهڻ گھرجي. ساڳي ريت مارڪسزم متعلق سندس اهو خيال آهي ته اهي ڪاله جا نظريا آهن ءِ اسان کي اڄ ۾ جيئرو رهڻ گھرجي. پنهنجي پهرين ڪتاب جي پڄاڻي هن لاهور ۾ شاهي قلعي جي حوالي سان ڪئي آهي. هن قلعي ءِ پاڪستان جي جيلن ۾ سجاد ظهير جي گذاريل وقت متعلق هو ٻڌائي ٿي ته هن ڪڏهين ان ڳاله جو ذڪر نه ڪيو ته پاڪستان جي جيلن ۾ مٿس ڇا ٿي گذريو پر سندس پٺي تي چيلھه وٽ هڪ ڦٽ هو جيڪو ڀارت ۽ سوويت يونين ۾ هر قسم جي علاج ڪرائڻ جي باوجود آخر تائين ٺيڪ نه ٿي سگھيو ۽ سندس لاءِ تڪليف جو باعث رهيو.
ڀارت ۾ ڪانگريس تي هندوتا جا اثر ته بلڪل واضح آهن پر مون کي اها ڄاڻ ناهي ته ڪميونسٽ ءِ ٻين کاٻي ڌر جي جماعتن تي ان جا گھڻا اثر آهن. پاڪستان ۾ هن لاهور ۾ قدم رکڻ سان ئي اهو اندازو لڳائي ورتو هو ته هتي کاٻي ڌر ڪيترو وکريل آهي ءِ ڪيترن گروپن ۾ ورهايل آهي. ٻيو ته ڪراچي جي نيپا آڊيٽوريم ۾ جهڙي ريت پروگرام جي شروعات مقدس آيتن سان ڪئي وڃي ٿي ان کي ڪنهن کاٻي ڌر جي پروگرام لاء مناسب نه ٿي سمجھي پر اها پاڪستان ۾ هڪ روايت بڻجي چڪي آهي جنهن جي کاٻي ڌر جا گھڻا ماڻهو حمايت ڪن ٿا.
ٻيون ڀيرو ڪامريڊ نور ظهير نو سالن کانپوء پاڪستان آئي هئي. اهو هڪ لحاظ کان سندس ذاتي دورو هو جنهن جو مقصد سندس ڪتاب جي مهورت هئي. اسلم خواجه، جنهن کي هو پنهنجو ننڍو ڀاء چئي ٿي، هن دوري جو ميزبان هو. هو شروع ۾ ئي ڀارت، جنهن جي آئي ٽي جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهوري آهي، متعلق حيرت انگيز ڳاله اها ٻڌائي ٿي ته 2014 ۾ به ان جو واهگه جي سرحد تي ڪسٽم ڊپارٽمنٽ، جنهن کي سندس تصوير جي تصديق جي ضرورت پيش اچي ٿي، اڃا تائين بجائي اي ميل ءِ اسڪيننگ جي ترقي يافته طريقي جي فيڪس تي ڀاڙي پيو. هن اسلم خواجه جي شخصيت کي هڪ جملي ۾ نهايت جامع انداز ۾ بيان ڪيو آهي. پنهنجي ورتاء ۾ هو ڪامريڊ آهي، عادتن ۾ رولاڪ ءِ پننهنجي ڪپڙن جي حوالي سان فقيرآهي. هو هر لحاظ کان هڪ پيار جي قابل ماڻهو آهي پر اهڙو شخص آهي جنهن تي دوري جي رٿابندي ءِ ان جي پابندي جي حوالي سان ڀروسو نه ٿو ڪري سگھجي. منهنجي خيال ۾ اسلم، جنهن کي آئون اٽڪل چاليه سالن کان سڃاڻان ٿو ءِ جيڪو منهنجي نهايت ويجھو رهيو آهي، جي شخصيت جي ان کان بهتر سمجھاڻي نه ٿي ٿي سگھي.اسلم کيس عين وقت تي ٻڌايو ته هو ساڻس لاهور ۾ نه ٿي ملي سگھيو جنهن جي ڪري هن کي هڪ اهڙي شخص تي ڀروسو ڪرڻو پيو جنهن سان سندس امرتسر جي ڪانفرنس ۾ ملاقات ٿي هئي پر کيس سندس نالي جي به خبر نه هئي.اهو همراه سندس ڪراچي ايئر ٽڪيٽ جا پئسا به کڻي غائب ٿي وڃي ٿو.
ڪراچي ۾ ڪجھ گڏجاڻين ءِ ماڻهن سان ملاقاتن کانپوء هو سنڌ جي ٻين علائقن لاء رواني ٿئي ٿي. سندس چوڻ آهي ته سنڌ جو اصل احساس ڪراچي جي ميٽروپوليٽين ماحول کان نڪرڻ کان پنجاه ڪلوميٽر پوء ٿئي ٿو.پر ان وچ ۾ هو ڪوهي ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر شيرشاه جي عورتن جي اسپتال به وڃي ٿي. ڪينجھر، نوري، ڄام نماچي ءِ شاه لطيف جو سر ڪاموڏ خاص طور تي ليکڪن ءِ فنڪارن لاء اتساه جا ڪارڻ آهن ءِ نور ظهير به انهن مان هڪ آهي. پنهنجي ويزا جي پابندين جي ڪري هو چاهڻ جي باوجود به پنهنجي هم نام نوري سان رات نه گذاري سگھي ءِ اتي ڪجھ وقت گذارڻ کانپوء حيدرآباد لاء رواني ٿي ويئي. حيدرآباد جي حوالي سان هڪ ته سندس ڄام ساقي سان ملاقات آهي جنهن جي شخصيت ءِ تڪليفن کي هن نهايت پيار ءِ محبت سان بيان ڪيو آهي. ٻي خاص ڳالھه هالا جي دستڪاري ءِ خاص طور تي ڀٽ شاه ۾ ڀٽائي جي مزار تي ٻولي کان اڻ واقفيت جي باوجود سڄي رات راڳ ٻڌنڌي گذارڻ ۽ مزار جو مشاهدو ڪرڻ آهي. حيدرآباد ۾ مختلف سياسي جماعتن ۽ اين جي اوز سان لاڳاپيل ۽ ڪجھ اڻ لاڳاپيل ڪامريڊن سان گڏجاڻي سندس لاء ڪافي ناخوشگور بڻجي وڃي ٿي. بخشل ٿلهو جي گھر ٿيل ان گڏجاڻي ۾ سهيل سانگي ءِ اسلم خواجه به موجود هجن ٿا. انهن سڀني جو جارحاڻو رويو هجي ٿو جڏهين ته اسلم خواجه ماٺ ڪري تماشو ڏسندو رهي ٿو. هو سوچي ٿي ته ان لاء ٻه ڳالهيون ٿي سگھن ٿيون. آيا اهو سڀ اڳ سوچي سمجھي ڪيو ويو يا ائين ئي ٿي ويو. بهرحال هو پاڻ اعتدال کان ڪم وٺندي صورتحال کي خراب ٿيڻ نه ٿي ڏيئي.
هڪ نهايت اهم سوال جيڪو پاڪستان جي کاٻي ڌر جي حلقن ۾ شروع کان بحث هيٺ رهيو آهي ۽ جنهن کي هن سفرنامي ۾ به مختلف جاين تي بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ جيڪو هن گڏجاڻي کانپوء به ليکڪا جي ذهن ۾ گردش ڪري رهيو هو ته سجاد ظهير جو جيئن ته هن ڌرتي سان ڪو تعلق نه هو ۽ نه ئي هو هن ملڪ جي ٻولين، ثقافت ۽ روايتن کان واقف هو ۽ ٻيو ته هو پارٽي کي هڪ بحراني حالت ۾ ڇڏي جيئرو جاڳندو صحيح سلامت پنهنجي وطن هليو ويو اهو سڀڪجھ گڏجاڻي ۾ شريڪ همراهن جي ڪاوڙ جو باعث ٿي سگھي پيو. اهي سڀ ڳالهيون درست آهن ۽ انڊيا جي ڪميونسٽ پارٽي تي ان لحاظ کان تنقيد به ٿيندي رهي آهي پر سجاد ظهير جيڪي اٺ سال هتي گذاريا، ڪميونسٽ پارٽي کي نئين سر منظم ڪيو ءِ جيل جون سختيون سٺيون اهو به هڪ لحاظ کان هن ملڪ جي ترقي پسند تحريڪ ۾ سندس ڪنٽريبيوشن آهي جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي ءِ جنهن جو اعتراف به ڪرڻ گھرجي.
ان کانپوء ڪراچي ۾ ڪجھ وقت گذارڻ کانپوءِ هو لاهور رواني ٿئي ٿي. هتي انتظار حسين سان سندس هڪ مختصر ملاقات ٿئي ٿي جنهن ۾ هو کيس چئي ٿو ته کيس سندس ڪتاب ”ميري حصي ڪي روشنائي“ ۾ پنهنجي وڏي چاچا خلاف نه لکڻ گھرجي ها جيڪا ڳالھه هن کي پسند نه ٿي اچي پر کيس ان سان بحث ڪرڻ جو موقعو نه ٿو ملي سگھي.
اسلام آباد حڪمرانن جو شهر آهي. اتان جا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ريت اقتدار جي ايوانن سان لاڳاپيل هوندا آهن. ڪراچي ۽ لاهور جي زندگي جو جيڪو تنوع ۽ سرگرمي آهي اها هتي گھٽ ئي نظر اچي ٿي. بس هڪ طئي ٿيل روٽين جي زندگي آهي. ڪتاب جي مهورت، دوستن سان ملاقاتون ءِ سندن دعوتن کانسواء اسلام آباد کان ٿوري مفاصلي تي ٽيڪسيلا جا پراڻا آثار، ٻڌسٽ يونيورسٽي ۽ جوليان وغيره آهن جيڪي کيس سوچڻ لاء مواد فراهم ڪن ٿا.
لاهور واپسي لاء هو موٽر وي جي بجائي جي ٽي روڊ جي چونڊ ڪري ٿي. ان روڊ تي هن اصل ۾ پنجاب جي ننڍن وڏن شهرن جي گھما گهمي، جيڪا موٽر وي جي ويراني ۾ موجود ناهي، کانسواء ان روٽ کي ڏسڻ چاهيو ٿي جيڪو سجاد ظهير فيض جي چوڻ تي جنرل اڪبر سان ملاقات لاء اختيار ڪيو هو. ان سفر دوران هو اهو سوچي ٿي ته ڇا سجاد ظهير کي اها ڄاڻ نه هئي ته فوج جي تنظيم جهڙي ريت ٿئي ٿي ان ۾ اها نظم و ضبط ءِ فرمانبرداري جي تابع هونڌي آهي ءِ ان لحاظ کان اها هميشه انقلاب جي مخالفت ۾ ئي هونڌي آهي. هن ڪيئن مٿن ڀروسو ڪري ورتو. اهو به ممڪن آهي ته هو ٿڪجي پيو هجي ءِ واپس پنهنجي گھر وڃڻ چاهيندو هجي ءِ اهو سوچيو هجي ته بس اها ئي هڪ واپسي جي واٽ ٿي سگھي ٿي. هن سفر جي حوالي سان ان ٿورڙي درستگي جي ضرورت آهي ته اسلام آباد کان لاهور ايندي جهلم پهرين اچي ٿو ءِ گجرانوالا پوء جڏهين ته ڪتاب ۾ ان جي ترتيب ٻي نموني سان آهي.
ٽيون ڀيرو پاڪستان اچڻ جو ڪارڻ ڪراچي لٽريچر فيسٽيول هو. ان ميلي ۾ عصمت چغتائي جي ڪتاب جي ترجمي جي حوالي سان سندس شرڪت کانسواء محمد علي ٽالپر ۽ خاص طور تي ڊاڪٽر اديب رضوي سان ملاقات ۽ SIUT جي سرگرمين ۾ شرڪت ذڪر جوڳيون ڳالهيون آهن. قديم آثارن ءِ تاريخ ۾ سندس دلچسپي جي هڪ جھلڪ ته ٽيڪسيلا جي دوري جي وقت ڏسي سگھجي ٿي پر موئن جو دڙو جي حوالي سان معاملو بلڪل ئي مختلف آهي. جيڪو وقت هن اتي گذاريو اهو هڪ عام سياح جي لاء ڪافي کان وڌيڪ هو پر پوء به سندس تسلي نه ٿي ۽ کيس اها شڪايت رهي ته پروگرام ۾ هڪ ڏينهن جي هير ڦير ٿيڻ ڪري هو تفصيل سان سڄي سائيٽ کي نه ڏسي سگھي. ان جي باوجود سندس مشاهدو ڪافي گهرو هو. خاص طور اتي ڊيٿ چيمبر جي موجودگي جو ذڪر جنهن کي گھڻا ماڻهو نظرانداز ڪري ويندا آهن.
سکر ۾ SIUT ءِ درازا ۾ سچل سر مست جي مزار تي حاضري ڏيڻ کانپوء واپس ڪراچي اچي ٿي جتي هو پنهنجن ڪجھ دوستن سان ملاقات ڪري ٿي ۽ انهن جي دعوتن ۾ شريڪ ٿئي ٿي. ڪتاب جي پڙهڻ دوران اهو خيال هر هر منهنجي ذهن ۾ ايندو رهيو ته ڪامريڊ جڏهين به پاڪستان اچي ٿي ته سندس ميزبان هميشه اين جي اوز، انساني حقن جا ڪارڪن، اڳوڻا ڪامريڊ ءِ سندس ذاتي دوست رهيا آهن. هن پاڪستان جي ڪنهن ڪميونسٽ گروپ سان رابطو نه ڪيو ۽ نه انهن مان ڪنهن سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ لحاظ کان ان جو جواب هن اڻ سڌي ريت انجمن ترقي پسند مصنفين جي حوالي سان هن ريت ڏنو آهي ته هن انجمن جي همراهن سان ملڻ کان ان ڪري لنوايو ته هڪ ته اها گھڻن گروهن ۾ ورهايل آهي ۽ ٻيو ته ان تي غير اديبن جو قبضو آهي جيڪي ان کي پنهنجن مفادن لاء استعمال ڪن ٿا. ذري گھٽ اها صورتحال ڪميونسٽ ءِ کاٻي ڌر جي گروپن جي آهي جن مان هر ڪنهن کي پنهنجي جماعت جي صحيح هئڻ جو يقين آهي.
ڪامريڊ جا پاڪستان جي ماڻهن، ثقافت ۽ ٻولي سان جيڪي لاڳاپا آهن ۽ جهڙي ريت هن هڪ عام ماڻهو جي نظر سان حالتن کي ڏٺو آهي ان سان هن ڪتاب جي اهميت هن ريت وڌي وڃي ٿي ته اهو ساڳي وقت هڪ پرڏيهي جي نڪته نظر سان گڏ هڪ اندر جي ماڻهو جي نڪته نظر، احساسن ۽ جذبن جي پڻ ترجماني ڪري ٿو.