شاعري

اکيون پسي آئيون

ھي ڪتاب محترم حڪيم دين محمد اڪرم جوڻيجو ٻورڙائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي جنھن ۾ غزل، قومي نغمه، رباعيات، قطعات ۽ ابيات آهن. رباعي جو بحر وزن جدا آهي ۽ ڏکيو آهي مگر ان کي نهايت قابليت سان نباهيو اٿس. سمورو ڪلام علم عروض جي پابندي سان موزون آهي. منجھس مضمون اسلامي، قومي، اخلاقي وطن جي محبت سان نهايت دل پسند ۽ قابل داد آهي. شعرن ۾ ڪئين عجيب نڪتا، مثال، پهاڪا ۽ ورجيسون آهن. سنڌي شاعرن کي هن ڪتاب مان شعر و شاعري جا لوازمات ۽ عروضي معلومات چڱي حاصل ٿيندي.

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اکيون پسي آئيون

حق ۽ واسطا 

ڇاپو ــــــــــــــــــــ پهريون
سال ــــــــــــــــــــ ۱۹۸۳ع
تعداد ــــــــــــــــــــ هڪ هزار
قيمت ــــــــــــــــــــ ويھ روپيه

ڇپائيندڙ ــــ خادم حسين انڙ ــ
ايم ــ اي ــ ايل ــ ايل ــ بي
وڪيل ها ڪورٽ سنڌ
ملڻ جو هنڌ ــ الفاروق منزل نوري مسجد روڊ
ڪوٽڙي (ضلع دادو)
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

هي ڪتاب خادم حسين انڙ احسن پرنٽنگ پريس دادو مان ڇپائي الفاروق منزل ڪوٽڙي ضلعي دادو الفاروق اشاعت گھر مان پڌرو ڪيو


ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

انــتــســاب

استاد ذي محترم الحاج حافظ احسن چنه جن جي نالي منسوب ڪريان ٿو جنهن جي فيض برڪت سان هي مجموعو پيش ڪرڻ جھڙو ٿيو آهيان.

اڪرم جوڻيجو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اکيون پسي آئيون“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب محترم حڪيم دين محمد اڪرم جوڻيجو ٻورڙائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي جنھن ۾ غزل، قومي نغمه، رباعيات، قطعات ۽ ابيات آهن. رباعي جو بحر وزن جدا آهي ۽ ڏکيو آهي مگر ان کي نهايت قابليت سان نباهيو اٿس.
سمورو ڪلام علم عروض جي پابندي سان موزون آهي. منجھس مضمون اسلامي، قومي، اخلاقي وطن جي محبت سان نهايت دل پسند ۽ قابل داد آهي. شعرن ۾ ڪئين عجيب نڪتا، مثال، پهاڪا ۽ ورجيسون آهن. سنڌي شاعرن کي هن ڪتاب مان شعر و شاعري جا لوازمات ۽ عروضي معلومات چڱي حاصل ٿيندي.
هي ڪتاب الفاروق اشاعت گهر، ڪوٽڙي پاران 1983ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون طارق امام جوڻيجي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر پاران

“الفاروق اشاعت گھر“ جي هئَ پھرين پيشڪش پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪندي نهايت سرهائي ٿـئي ٿي. هونئن به دنيا جو ادب شعر سان شروع ٿيل چيو ۽ مڃيو وڃي ٿو ۽ اسان پڻ پنهنجي اشاعتي سلسلي جي شعر سان شروعات ڪئي آهي.

اميد آهي ته اڳتي به سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندا رهنداسون، پڙهندڙن جي ساٿ جي ضرورت آهي باقي خدمتون هي “اشاعت گھر” نهايت خلوص ۽ تندهي سان ڪندو رهندو.


مخلص
خادم حسين انڙ
ايم ـــ اي ـــ ايل ايل ـــ بي
وڪيل هاءِ ڪورٽ سنڌ

  ديــبـاچــــو

بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

شروع ٿو ڪريان انهئَ مالڪ خالق جي نالي سان جنهن کي هر حمد جڳائي ٿو توصيف ٿوڪريان انهئَ رسول مقبول محمدﷺ مصطفىٰ احمد مجتبىٰ شمس الضحىٰ بدرالدجىٰ صدرالعلىٰ نور الهدىٰ ڪهف الورىٰ جي جنهن جي طفيل هيڏي ساري ڪائنات وجود ۾ آئي . انسان کي اشرف المخلوقات جو لقب مليو. ڪروڙين ڪرم باقي جا وڏا احسان شافي جا جن مونکي اها ڏات بخشي جو اوهان پڙهندڙن جي اڳيان پنهنجي شاعري جو مجموعو پيش ڪري رهيو آهيان. بنام (اکيون پسي آئيون).
اميد ته ساٿين کي هن ڪتاب مان بيحد لاءُ ساءُ ايندو هن ڪتاب جي اشاعت ۾ جن مونسان ساٿ ڏنو، اهي منهنجا محسن آهن قبلئه حضرت الحاج حافظ محمد احسن چنه صاحب، جناب محترم احمد خان آصف صاحب، جناب خادم حسين انڙ صاحب، جناب عبدالقيوم “صائب” صاحب، جن جي نيڪ مشورن سان هي ڪتاب ڇپجي پورو ٿيو. هن ڪتاب جي ڇپجڻ ۾ پريس ۾ ڪم ڪندڙ محمد بچل ۽ لکمير شاهاڻي جي محنت ۽ پوري توجھ سان ڪمپوز ۽ ڇپائي جو مرحله به سندن تعاون قابل داد آهي.

جوڻيجو اڪرم ٻورڙائ
۲۳.۰۴.۱۹۸۳

ٻــه اکـــــــــر

سر زمين سنڌ تي سالن کان وٺي ڪيترا شاعر پيدا ٿيندا آيا آهن جن جي مسلسل خدمتن، جتي پنهنجي وطن جو ادبي ذوق جاري رکيو ۽ اهل ذوق جي وقت بوقت ضيافت ڪئي. تتي سنڌي ٻولي کي هميشه جي لاءِ مالا مال ڪري ڇڏيو.
انهن جي هڪ ٻئي پٺيان عمل ۽ پر خلوص، سخن جي ذوق، سنڌي زبان جي بنياد کي بيحد پختو ۽ مظبوط ڪري ڇڏيو آهي. شاعري جو دستور آهي ته زماني جي ماحول جي مطابق بدلجندي رهندي آهي، انڪري ۱۹-۲۰ صدي جي شاعرن به شعر و شاعري ۾ گھڻو ڪم ڪيو آهي ۽ پنهنجا شھ پارا ڏنا آهن جيئن ته گل، قاسم، بلبل گدا، سانگي، فاضل. حامد وغيره.
انهن کانپوءِ محمد بخش واصف، هدايت علي نجفي، حافظ هيات شاھ ۽ حافظ محمد احسن پنهنجا الف ــ بي وار قافين ۽ رديفن تي پنهنجا ديوان مڪمل ڪري ڇاپايا.
ان بعد گھڻي عرصي تائين خاموشي رهڻ کان پوءِ حاجي عبدالرحمان ديوان انجم، رحيم بخش قمر ديوان قمر ۽ ۱۹۸۲ ع ۾ مخدوم حضرت طالب مولىٰ جو ديوان “طالب المولىٰ” شايع ٿيا آهن، جن علم و ادب ۾ ڪافي اضافو ڪيو آهي ۽ شعر و شاعري کي فروغ ڏنو آهي.
تازو منهنجي دوست مسٽر دين محمد “اڪرم” جوڻيجو جي شعرن جو مجموعو بنام “اکيون پسي آئيون” شايع ٿي ميدان ادب اچي ويو آهي.
دين محمد اڪرم دادو ضلع جي ڳوٺ ٻورڙي جو ويٺل آهي ــ تعليم به دادو ضلع ۾ مڪمل ڪئي هئائين مگر روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ روينيو ڊپارٽمنٽ ۾ نوڪري سبب سندس عمر جو چڱو حصو ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ۾ گذريو آهي پاڻ طالب علمي کان شعر و شاعري ڪندو رهيو آهي. بزم ادب ڪوٽڙي جو صدر ٿي مشاعرن جون محفلون برپا ڪندو رهي ٿو.
حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ بهرو وٺندو رهي ٿو. سندس اشعار ماهوار رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.
سندس ڪلامن جو مجموعو ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي جنهن ۾ غزليات، قومي نغمه، رباعيات، قطعات ۽ ابيات آهن. رباعي جو بحر وزن جدا آهي ۽ ڏکيو آهي مگر ان کي نهايت قابليت سان نباهيو اٿس.
سمورو ڪلام علم عروض جي پابندي سان موزون آهي. منجھس مضمون اسلامي، قومي، اخلاقي وطن جي محبت سان نهايت دل پسند ۽ قابل داد آهي. شعرن ۾ ڪئين عجيب نڪتا، مثال، پهاڪا ۽ ورجيسون آهن. سنڌي شاعرن کي هن ڪتاب مان شعر و شاعري جا لوازمات ۽ عروضي معلومات چڱي حاصل ٿيندي.
هن ڪتاب لکڻ ۽ شايع ڪرڻ تي مسٽر دين محمد اڪرم مبارڪن جو مستحق آهي.

۱۸ مارچ ۱۹۸۳ع حافظ محمد احسن چنه
۲ جمادالثاني ۱۴۰۳ھ منظور منزل دادو

از قلم:- بلاغت رقم جناب احمد خان آصف صاحب مصراڻي

اکيون جيڪي پسن ۽ ڏسن ٿيون. انهن جو اثر، جڏهن دل ۽ دماغ تي پوي ٿو. تڏهن اندر مان اڌمان اٿن ٿا. امنگون اُڀامن ٿيون ۽ جذبا جاڳن ٿا. انهن اڌمن اُمنگن ۽ جذبن کي شعر جو روپ ڏيئي، قرطاس تي قلم بند ڪرڻ، سولي ۽ سٿري ڳالھ نه آهي.
اسانجي دين محمد صاحب “اڪرم” ٻورڙائي پنهنجي اُمنگن، اڌمن ۽ جذبن کي شاعري جو شانائتو لباس پهرائي پنهنجو نالو، سنڌ جي نامور، مشهور ۽ معروف شاعرن ۾ شمار ڪرائي ڇڏيو آهي. سندس شاعرئَ جي هوڪ ۽ هاڪ سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ پئي ٻجھي ۽ سجھي. هو ڪافي عرصي کان شاعري ڪندو رهي ٿو ۽ سندس ڪلام اخبارن ۽ رسالن کي زيب بخشي چڪو آهي. سندس طبع رسا کي سنڌ جي قديم خواه جديد شعري صنفن تي وڏي پڄندي ۽ رسائي آهي. هو صاحب بيت ڪافيون ۽ وايون به وڏي انداز ۾ چئي چڪو آهي ته عروضي شاعري جي صنفن جھڙوڪ غزل، رباعي، قطعه، مثنوي نظم وغيره تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس هر قسم جو ڪلام بلڪل گھڻو چيل آهي. خوشئَ جي ڳالھ آهي، جو پاڻ پنهنجي ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انجو ڪجھ حصو “اکيون پسي آئيون” ۾ شايع ڪرائي رهيو آهي.
هن مجموعي تي استادالشعراءَ قبله احسن صاحب به طائرانه نظر وڌي آهي. تنهنڪري سمورو سخن خوبين جي کاڻ بڻجي پيو آهي. آءٌ يقين سان چوان ٿو ته اڪرم صاحب جو فڪر ۽ فن، مقبول ۽ قابل قبول آهي. مونکي هن ساري ڪتاب پڙهڻ جو موقعو نه مليو آهي، تاهم جو ٿورو ڪجھ پڙهيو اٿم سو ساه سنئون سانڍڻ جھڙو آهي، هن مجموعي شايع ڪرڻ تي اڪرم صاحب کي مبارڪون پيش ڪندي عاگو آهيان ته سندس نام ۽ ڪلام، روز بروز شهرت پذير ٿئي.
لکمير اي ۽ محمد بچل ڪتاب کي جنهن سهڻي نموني شايع ڪيو آهي، ان لاءِ انهن کي به وڌون وڌ وڌايون هجن.

مٺو ڳوٺ والسلام احمد خان آصف مصراڻي
۱۲ اپريل ۱۹۸۳ع اديب فاضل

تـــعـــارف: جناب عبدالقيوم “صائب”

دين محمد جوڻيجو ۲۵ فيبروري ۱۹۳۶ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ “ٻورڙي” تعلقي خيرپور ناٿن شاھ ضلعي دادو ۾ ميان امام بخش خان جوڻيجي جي گھر ۾ پيدا ٿيو.
هن کي ننڍي هوندي سندن ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لا ويهاريو ويو جتان سال ۱۹۵۲ع ۾ سنڌي ورنيڪيولر جو فائنيل امتحان پاس ڪري اچي پنهنجي وڏي ڀاءُ ميان ڪريم بخش سان گڏجي دواخاني جو ڪم ڪندو رهيو جنهن ڪري علم سان گڏ حڪمت سان پڻ لاڳاپو رهيو اٿس.
هو جلد ئي سال ۱۹۵۵ع ۾ تپيدارئَ جو امتحان پاس ڪري روينيو کاتي ۾ سرڪاريءَ نوڪرئَ ۾ گھڙيو. نوڪرئَ جي شروعات ٿاڻي بولا خان کان ڪيائين ۽ هن وقت حيدرآباد تعلقي ۾ تپيدار آهي.
هو شروع ۾ شاعراڻي روڻ ڀوڻ پيو ڪندو هو جيڪو شوق کيس گھلي “انجمن آفتاب ادب” دادو جي مشاعرن ۾ وٺي آيو، جتي الحاج حافظ محمد احسن چنه صاحب جي شاگردئَ ۾ رهي فيض پرائڻ لڳو ۽ اڄ تائين انهئَ دريا مان سيراب ٿيندو رهي ٿو حالانڪ نوڪرئَ سانگي جدا جدا هنڌن تي رهڻ ڪري ميان عبدرحمان انجم هالائي ۽ ٻين سان پڻ سخن سازئَ جي سلسلي ۾ مشوره ڪندو رهيو آهي. هو اوائل ۾ مولائي تخلص ڪندو هو پر احسن صاحب جي صلاح سان “اڪرم” تخلص اختيار ڪيائين.
هن کي شعر و ادب جي محفلن ۽ بزمن ۾ اٿڻ ويهڻ ۽ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو وڏو ذوق ۽ شوق رهيو آهي. اخبارن ۽ رسالن ۾ به هن جو ڪلام ڇاپبو رهندو آهي. “اکيون پسي آئيون” هن جي ڪلام جو پهريون مجموعو آهي. هن جي اکين جيڪي به ڏٺو وائـٺو آهي تنهن جي عڪس حمد، نعت، غزل، نظم رباعي، قطعه ۽ بيت جي صورت اختيار ڪري هن مجموعي جي صورت اختيار ڪري هن مجموعي جي صورت ورتي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اڪرم جي ذهن، عقيدي، تمنا ۽ تجربي جو عڪس سندس شاعرئَ ۾ سميٽجي آيو آهي، يا ته، اڪرم جي شاعرئَ مان هن جي شخصيت ۽ ڪردار جھلڪا ڏيئي رهيا آهن.
هن مجموعي جي اڀياس مان اها ڳالھ ذهن جي سطح تي بخوبي اڀري اچي ٿي ته هن کي حب رسولؐ ۽ وطن جي محبت مان وڏو ماڻ نصيب ٿيل آهي. تغزل جي دنيا ۾ به حال سارو پاڻ چڱو موهيو اٿس. بيت ۾ ڀٽائيءَ جي ڀر وٺي هلڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.
هن دربار رسول اڪرم ﷺ ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪندي چيو آهي
محمد ئي محمد آ ، جھان جي ذره ذره ۾،
نظر جاڏي ڪيم تاڏي نظارن ۾ محمد آ
لـکيل هـر چيز تـي جـنـت ۾ نالو هو محمد جو، چٽيل عرش ــ برين جي خود منارن ۾ محمد آ.

هن ساڻيھ جي ساراھ جا ڍڪ ڀريندي لکيو آهي:
وطـن جـي ذره ذره جـي مـٽـئَ کــي مــان ٿــو سمـجــھــان
وطـن سـان ئـي محـبـت کــي فـقـظ ايمــان ٿــو ســمــجـھــان،
در ــ ڪـعبه ، در ــ جــانان، وطن جي هر ڳلي ڀانيان،
ثـنا ســاڻــيـھ جــي هــر دم ڪـــرڻ ايمـــان ٿـــو سمــجـھـان،
ڀــلاري ڀــون وطــن جــي آ نــظــارا نــور جــا جــنـهــن ۾،
مٺن ماڻهن جي مرڪن سان وطن شايـان ٿـو سمجھان.

هن جو اهو ڪهڙو وطن آهي تنهنجي ڪجھ وضاحت ٻڌو:
مـنـهـنــجـي وطـن جـي زيـنـت مـعـصـومـي آ مـنـارو،
منـهـنـجـي وطـن جي عظمت رني ڪوٽ جو نظارو
ٿـيـو سـنـڌ جـي ثـقـافـت هـي ڪــوٽ ڏيــجـئَ وارو،
دنيا۾ جنھنجي شهرت ڪلهوڙن جو ڪوٽ يارو،
مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ، مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ.
حب ــ رسول اڪرم ﷺ ۽ حب ــ وطن کانپوءِ ڪنهن ڪڻڪ رنگئَ صورت کي گھمندي ڏسي اڪرم جي دل ۾ ڪهڙا جذبا اڀريا آهن تن به ڪجھ ڌيان لھڻو. هو چوي ٿو:
ڪڻڪ رنگي ڪا سهڻي صورت گھمندي ڦرندي ڏسبي آهي،
ان دم دل مــان پــاڻــهــي پــاڻــهــي رنـگــيـن غــزل نــئـون ٺــهـنـدو آهــي.
نه رڳو نئون غزل ٺهندو آهي پر:
ڪـڏهن ڪـڏهن ڪـو ڪـو ماڻهو دل کي ڏاڍو وڻندو آهي،
جـنهنجـي ڏسـڻ سـان دل جـو دريا ڇوھ مان ڇوليون هڻندو آهي.
ڪـڏهـن ڪـڏهـن ڌاريـن کـي ڀـي پـنـهـنـجـو سمجـھـي ويهبو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن سرجو سودو مرڪي مرڪي ٿيندو آهي.
اڪـرم اوهـانجــو آهـي سـائــين ! تــون تـه الائـي ڪنهنجو آهين!؟
مــان تـه چــوان ٿــو مـنـهـنـجـو آهــين، دل کـي يـقـين بــس ايــنـدو آهــي.

اهڙي سائينءَ جي اڱڻ مٿي ٻه پير ڀري اچڻ جي ڪري ڇا ٿيندو آهي، ان ڪيفيت جو لاءُ ۽ ساءُ اڪرم کي هيئن آيو آهي:
سجاڳ ڪنهن جي قدم جي آهٽ، ڪري وڌوهو مڙئي زمانو،
نـقـاب يــارن کــنـيــو تـه روشــن ٿــيـو ســمــورو غــريــب خـــانـــو،
اهڙي راحت افزا منظر پسندي هن جي دل ڀڙڪو کائيندي چوي ٿي:

سڄي گلشن کي نگھت هي عطا ٿي تنهنجي دم کان وئي،
مـعـطر ٿـيو انـهـئَ خـوشـبو کـان آهـي هـي مـڪــان مـنهنجو.
تمــنـائــون ٿــيون پــوريــون، مــسـرت جــون گــھــڙيــون آيــون،
مـقـدر خــوب ٿــيو پـنـهـنـجــو مــقـدر ڇــا چــوان پـنـهـنـجــو.

جنهن جي دم کان سڄي گلشن کي نگھت جان فزا عطا ٿي جنهن کي هن گل سمجھيو ۽ شاعر جي لاءِ مسرت جون گھڙيون آيون ۽ سندس تمنائون پوريون ٿيون تنهن مان ڇا وريس تنهنجو به ذڪر ٻڌو:
گل جنهين کي مون ٿي سمجھيو سو وري مونکي ئي اڄ
خــار ٿــي دل ۾ لــڳــو ســارو بـــدن احــمــر ٿــيو.
خــون مـنـهـنـجــو رائـگــان ويــنـدو ڏســي دلــبر چــيـو،
غـم دل ــ مـضـطـر نـه ڪــر، جـيـڪــي ٿــيو بهتر ٿيو.

انهئَ منزل تي پهچي شاعر کي اچي نصيب ۽ بخت ياد پيو آهي:
صــبر مـنـهـنـجــو ڏســي پــيـو کـــيـڏي،
مــہ لــقــا مـنـهـنـجــي اڄ نـصــيــبـن سان.
بـخـت جي ڳالھ اڄ ڪبي ڪهڙي،
ڪـير پـهـچي سگھي حسينن سان.
ان صورت حال کي ڏسندي هو چوي ٿو:
اڃان ته ماٺ ۾ آهيون ته حال هي آهن،
زبان تي حرف جي آيو ته پوءِ ڇا ٿيندو.
وري جي يار کي وار کوليندي ڏٺائين ته زبان مان نڪري ويس:
نــه کــول وار اڃــا ڊيــگـــھ ڏي نــه ڪـــارن کـــي،
لـهـي ڪـلـهـن تــان ٿــو واســيـنـگ ازدهــا ٿــيـنــدو.

عـمـر گـذري گــناه ڪـندي، يــاد نــه مــون کــي ثــواب آهـي.
زندگي يار پنهنجي “اڪرم” هڪ کليوڄڻ ڪتاب آهي.

“فـلـڪ ڦـيـرو ڏنو ابتو ويون قدرون بدلجي اڄ،
لڱائـيءَ جي جزا آهي، چڱائي جي سزا آهي”
چڱائي ۽ لڱائي جي اهڙن مٿيارن کي نظر ۾ رکندي هو چوي ٿو:
تمـيـز نـاهـي بـري ڀـلـي جـي، اهـو ڇا اڪرم نقاد ٿيندو،
انهـئَ تي ڪهڙي ميار آهي، جو پاڻ ئي بي شعور آهي.
اهڙي بي شعور مفاد پرست کي چوي ٿو :
پـنـهـنـجـي مـفـاد خـاطـر ٿـو هــا ۾ هــا مــلائــين،
پـنـهـنـجـي ضـمـير کـي ڇــو هــر هر پــيو ڪــهـائـين.
مرڻو جي آھ توکي، ھڪ ڀيرو وڃ مري تون،
در درتي ڇوٿوڀٽڪي سرپنھنجي کي جهڪائين
تنهن هوندي به جن ۾ شعور آهي پر سست گام آهن تن کي مخاطب ٿي چوي ٿو:
اهل ــ نظر جو مرڪز تنهنجو وجود آهي،
خـامـوش آهـين ڇـا لـئه، ڇـو وک نـٿـو وڌائـين.
اهو آهي تصوير جو هڪڙو رخ پر ان جي ٻئي رخ تي شاعر نظر وجھندي چوي ٿو:
خـامـوش نگـاهـن سـان دک درد سـهـن،
ظــالم جـي تـه ظـلـمـن کـان آجــا نــه رهن،
اڪـرم آعــجـب لمحـو مـارن جي مٿان،
پـر ڳــالــھ نـه پـنـهـنـجـئَ تــان مــارو ٿــا لــهن.
هـي دور محــبـت جــو بـلـڪــل نــاهــي،
هـي درو تـه نـفـرت جــو آهــي آهــي،
اڄ امــن نـه دنــيا ۾ اڪـــرم رهـــيــو،
انـسان نـه انـسان کــي ٿــو هــرگــز چــاهـي.
اهڙو هال ونڊيندي هن ڪجھ نصيحتون به ڪيون آهن:
اگـر تـوتـي ڪـنـدي زبـان حـڪـمـراني، اهـا سمـجھ پوءِ موت جي آ نشاني،
اهـو فيصلو پـاڻ پـاڻهي ڪـندين تون، زبـان پـنـهنجي وس ۾ نه رکندين جي جاني
نـڀاڳـو اهـو شـخـص آهـي هـتي، ڪـري ڪـم جـي کـوٽـا مـري ٿــو وڃــي
بــرو شــعــر آڻــي اشــاعـت ۾ ڪــو، اهــو ڄــڻ بــرائــي ڇــڏي ٿــو وڃــي.
پڇاڙئ جو اڪرم جي بيتن جو رس به وٺو. هو هن طرح بيت ڏئي:
(۱)
ســونـي ڌرتــي ســنـڌ جــي ڏونــگـــر هـــيرا لال،
ســونـهــن ســوڀــيا ســنـڌ جــي مـلــڪـن ۾ مثال،
ڪهڙي ڪريان ڳالھ، ساڻيھ جي سونهن جي
(۲)
ويــري جــي وطـــن جــا ســي نــه بــچــن شــال،
دشمــن جــي ديــس جــا تــن ۾ پــوي ڪــال،
خالق ڪري خوشحال، اڪرم جي ساڻيھ کي
(۳)
سـڻـي ڳــالــھ ســڄــڻ جــي آيـل ! مان آيس،
لاهـي لاچـون لـوڙهـيائـون، آيل ! تون رس،
اچي اکـئين پس،سڄڻ وڃڻ پيا سنڌ مان
(۴)
جـھـوري جـئُ جـوڳـي ڏيــن ٻــين ســک،
سـخـتـيـون سـهــن ســر تــي لاهــيـن ٻــين ڏک،
پاڻ مرن پيابک، پر بک نه سهن لوڪ جي
(۵)
سـرتـيون سهـڻي ڪـڪـرسان پنهـنـجـو ڪـڄــاڙو!
ڏسـي ڏڪــر ڏيـھ ۾ نـه ڪـري جـو وسـڪـارو،
سو پيارو ڪڪر ڪارو، جو وسي ٿو ولهارن تي
(۶)
هـيـڏي ســاري راڄ ۾ مــورڙي نــه مــٽ،
سـڃـا بـندر بازاريون ڪونه سجھي ڪو هٽ،
هــر ڪــو نـنڊ الـهـٽ، تـڏهـن مــانـگــر مـسـت ٿـيا.

حـــمـــد

تــون خــالـق تــون مــالـڪ تــون جــبـار مـولىٰ
يـتـيـمــن جــا حــامــي مــددگــار مـــولـــىٰ

۱
ٻـڌي عـرض مـنهنجو غرض ڪر تون پورو
مــان محـتـاج عــاجــز تــون ڏاتــار مــولــىٰ

۲
خـطـا وار آهــيـان گــنـهـگــار آهــيـان
بـديــون بـخــش مـنـهـنـجــون تـون غـفـار مــولىٰ

۳.
محــابـي مــٺـي مــير مــرســل جــي مــونــکــي
قيامت ۾ ڪنهن پر نه ڪج خوار مولىٰ

۴
سـڀـئي نـفـسي نـفـسي ۾ جـت هـونـدا پــورا
اتـي تـون ئـي لـهـنـديــن ســنـدم ســار مــولــىٰ

۵
محـمـد ؐ جي صدقي ڪيئي مونکي اڪرم
پـڙهـان حـمـد تـنـهـنـجـا مـان صـدبـار مــولـىٰ

نـــعـــت

۱ مـلـي نـه ڪـنـهـن کـي هـتي رســالـت نـبـي محــمــد ؐ ڪــريم جـھڙي
نـبـي نـه ڪـنـهـن کـي مـلـي نـبـوت نـبـي محــمــدؐ ڪــريـم جــھــڙي

۲. چـڱــو مــقــدر اســانجــو آهــي خـدا جي رحمت ٿا خاص سمجھون
نـصـيـب جــڳ جــو ٿــي آ قــيـادت بــنـي محــمــد ؐ ڪــريم جــھــڙي

۳. نـبـي جــھــان ۾ گــھــڻـائــي آيــا ۽ پـنـهـنـجــي امــت هــئـي ســڀـن کــي
نـٿي ڪـا افـضـل ڪـنـهـنـجـي امـت نـبـي محــمــدؐ ڪـريم جـھڙي

۴. خــدا کــي ســڀـئــي نــبـي پــيـارا، پــيــارا الله جــو ســڀــن ســـان،
خـدا نـه ڪـنـهـن سـان ڪـئي محـبـت نـبي محـمـدؐ ڪريم جھڙي

۵. هي تارا ڪٽيون قطب ۽ زهرا قمر۽ خورشيدڪهڪشان خود
ڏســي تـه حــيران ٿــين ٿــا صورت نــبـي محــمــدؐ ڪــريم جــھــڙي

۶. ويـا بـيـهـي بـراق جــا ٿي ۽ رف رف جــي آئــي ســواري
مـلي نـه ڪـنـهـن کـي اڳـي ڪـا رفـعت نـبي محمد ؐ ڪريم جھڙي

۷. عـجـب مـلائـڪ بـه ڇـو نـه کـائـن خـدا گـھـرايـو جـتي سـان جــانــي
ڏٺـي نـه عـرشن ڪـنهـينـجـي عـظـمـت نـبـي محـمـدؐ ڪريم جھڙي

۸. خـدا ڪـئي آهـي خـاص اڪـرم وڏي اسـانـتـي اهـا نـوازش
مـڪـي آ جـنـهـن جـھـان تـي رحـمــت نـبــي ؐ ڪــريم جــھــڙي

سوچ تنهنـجـي ڄـڻ خـواب،

۱- سوچ تنهنـجـي ڄـڻ خـواب، عـزم تـنـهنـجـو ڄـڻ حـباب
۲- چـوطرف ٿـي اونداهي، تـنهـنجي آمد تي سحاب
۳- فـڪر ۾ ڪـنهـنجـو آھ، حسن بگڙيو ۽ شباب
۴- نـاھ ڪـا هـن تـي مـيار، آھ جـو خـود هـڪ عـذاب
۵ ــ يار جي فرقت ۾ آھ ، ٿي ويو خانو خراب
٦- ٿـو حـقـيـقـت تـي چـوان، شـعـر اڪــرم لاجــواب

تـوکـي انـدازو هـيو ڪـين ڪـي چـاهـت جـو پـريــن

۱- تـوکـي انـدازو هـيو ڪـين ڪـي چـاهـت جـو پـريــن
قـدر تـو ڪـو نـه ڪـيو مـنـهـنـجـي محـبـت جـو پـرين
۲- ديــد جــو ڏيــک ســنـدءِ آھ اکــيـن ٺــار ســڄــڻ
تـنـهـنـجـو جـلـوو ٿـيـو ڄـڻ نـور تـه رحــمــت جــو پــريــن
۳ ڇا ڪجي يار ۽ ڇا ڇا نه ڪجي تنهنجي اڳيان
ذڪـر تـوسـان نه ڪـري سـگھجي ٿو الفت جو پرين
۴- شـور آهـي تـه ســڄـڻ ايـنـدو تـه بـا نـفـس نـفـيس
قـدر ٻـيو ڪـير ڪـنـدو تـنهنجي نفاست جو پرين
۵- هـام تـوسـان نـه هـڻـي ڪـو بـه سـگـھـيو مــاھـه ــ لــقــا
تـو جـھـو آهـي ڪـٿـي صـورت و ســيرت جــو پــريــن
۶- تـو سـڏي ڀـر م وهــاريـــو ســـر، محـــفــل مــونـکـــي
داد دنــيـا بــه ڏنــو تــنـهـنـجــي شــجــاعــت جــو پــريــن
۷- آھـه محــبـوب ڪــيـو مــسـت ســـدا اڪــرم کي
هـي اثـر آھـه تــه تـنـهـنـجـي نـگـھـت جــو پــريــن

نـگــاه ــ يـــار نــه آهـــي نــگــاه ــ مـــار ســـهــي

۱- نـگــاه ــ يـــار نــه آهـــي نــگــاه ــ مـــار ســـهــي
جـي خــوشـگــوار نــاهــي نــاگــوار ســهــي
۲- خداجو فضل جو يارن هي ڳالھ خود ڇيڙي
نـه آ بـهـار جـي صـورت، غـم ــ بـهـار سـهــي
۳- نـه عـقـل هـوش جـي ڳالھين تي اعتبار ڪبو
نه ٿـي سگـھيو جي دامن ڪو تار تار سهي
۴- اسـان تـه مـنـزل ــ مـقـصود ڏي پـيا ڪـاهـيون
تـلاش گـل ۾ نـه جـي گـل مـلـيـا تــه خــار سـهـي
۵- حــيـات امـــر ٿــئي ٿــي تــه ڀاڳ وارن جـــي
ٿـيو نصيب جـي ڪنهنجو فراز ــ دار سهي
۶- سدائين سچ چيواڪرم سخن جي محفل ۾
لڳي ٿـوڪـوڙجـي حـامل کي ناگوار سهي

قـدم جـي دلــبر چمــن ۾ رکــيو چمــن ۾ گـلـــڙا ٽـــڙيــا تـه هـونــدا

۱- قـدم جـي دلــبر چمــن ۾ رکــيو چمــن ۾ گـلـــڙا ٽـــڙيــا تـه هـونــدا
جــا راه دلــبر وٺــي ٿــي آيــو اتــي بــه مــاڻـهـون مــڙيــا تــه هــونــدا
۲- هو محب مٺڙو ڪڏهن به ڀلجي نه اچڻو وڃڻو اڱڻ اسانجي
اڱـڻ اسانجي ڏسي ته هنکي ڪي دل ئي دل ۾ سڙياته هوندا
۳- پيارواري پرين سان پنهنجون ڏسي رهاڻيون ته روح واريون
ڏسي ڏسي سي ته نيٺ ٿڪجي ڪتي ٽيڙو ٽڙياته هوندا
۴- نـه تـون ئـي آئـين نـه آيـو قـاصد گـذر ٿي وئـي شب فـراق جـي آ
ڏسي تـه تـنها پنهنجي گھر ۾ ڪي اڀ ۾ تارا کڙيا ته هوندا
۵ سـدا اوهـانـکـي پـيو سـنـڀالـي گـھڙي اوهان کان جدا نه جاني
سڪي ته سڪ۾سڄڻ جي اڪرم اکين مان ڳوڙها ڳڙياته هوندا

نـظر ۽ فـڪـر تـي پـهـرو جـي رونمــا ٿــيندو

۱- نـظر ۽ فـڪـر تـي پـهـرو جـي رونمــا ٿــيندو
ته عشق کان بـه وري ڇو نه حـق ادا ٿــيندو
۲- جـھــان کـان تـه مـلـيو غـم جـھــان جــو آهــي
ڳـچئَ ۾ پـئـجـي ويــو اڄ وڃــي بــلا ٿــيــنـدو
۳- اڃــان تـه مـاٺ ۾ آهـيـون تـه حـال هـي آهــن
زبـان تـي حـرف جـي آيـو ته پـوءِ ڇـا ٿـيـنـدو
۴- نـقـاب ــ رخ تـه سـر ــ شـام پـري هـٽـائـي ڇڏ
پـتـنگ پـان اچــي ســر ڏئـي فـنا ٿــيـنـدو
۵- نـه کـول وار اڃـان ڊيـگھ ڏي نه ڪارن کي
لـهي ڪـلهن تان ٿو واسينگ ازدها ٿيندو
۶- پـريـت آڏ وڏائـي وريــو ڪــري ڄــاڻــي
وڃـي ته ڪيـئن نه سهڻو ٿو خود نما ٿيندو
۷- جـڏهـن به نـيڻ کـڻي نيـنـهـن جـي ذرو مـرڪـيـو
يـقـين سـان ٿـو چـوان حـوصـلـو عـطـا ٿـيـندو
۸- مزاج يارسندوجنهن به وقت سر سمجھو
اهـو تـه عـشـق ۾ رهـبر ۽ رهـنـمـا ٿـيـنـدو
۹- حــساب لاءِ بــه مــيـدان ۾ جــي هــو آيــو
پــوءِ حـشـر جـو مـنـظــر بـه پــر فـضـا ٿـيـنـدو
۱۰- يـقـين آهـي تـه اڪــرم تــي مـهـلـقـا پــاڻــهــي
جـھـان ــ نـو جـون فضائون ڏسي فدا ٿيندو

چمــن ۾ نــاهــي ســرور رهــيـو مــن ويــو آ جــلــي تــه ســارو


۱- چمــن ۾ نــاهــي ســرور رهــيـو مــن ويــو آ جــلــي تــه ســارو
چمن۾ بلبل نه ڪوڪ ڪوئل چمن ۾ چھ چھ نه ڪن ٿا چيها
چـمـن ۾ رونـق اهـا نـه آهـي گلـن جـي رنـگـت وئـي آ بـگـڙي
شباب گلشن سڄو لٽايو گلن جي رخ تي نه آھي رعنا
۲- خـزان بـه آئي خزان به وئي ڏسو ته موسم جي بي رخي کي
نه تـرسـي پـل ٿـي، ڦـري ٿـي مـوسم خـزان هـجي يا بهار يارو
اثرته موسم ڪري ٿي جڳ تي بچي نٿو ڪو بشر ۽ حيوان
چمن به زد ۾ اچي وڃي ٿو نه دشت بچندو نه رهندي صحرا
۳- هواجي رخ کي نه ڪوبه سمجھي هواجو رخ ڀي عجيب آهي
بـهـار کـي جـو بـهـار سمجـھـي خـيال نـاهـي خـزان جـو ان کـي
نـه آھـه صـياد جـو ڪـو خـطـرو قـفـس جـو نـه خـوف تـاري
چمـن تـي بـلـبل حـيـات سـاري بي خوف ٿي پئي ڏئي تـه پـهـرا
۴- وطن کي دل جوچمن ٿو سمجھان ۽امن پنهنجو وطن ٿو سمجھان
زمـين پنهنجـي حـسين بـستي ۽ حـسن کي جـاٿـي ڏسان ٿو مستي
جـھـان هيڏو خـدا جـو آهـي نـه جـوءِ اهڙي سجھي ٿي ڪاٿي
شـراب نـاهي ڪباب ناهي پلر کي پي مان وٺان ٿو چسڪا
۵- گـناه کـي جـو ثـواب سمـجـھـي ثــواب کـي جــو گــنـاه سـمـجـھــي
حبيب کي جو رقيب سمجھي رقيب کي جو نقيب سمجھي
ڪـري اتي ڇا سگھبو يـارو جتي ته ذهني مريض هر ڪو
ميارڪنهن کي ڏيون به ڪهڙي هتي ته هر ڪو ٿيو مسيحا
۶- ڀـلو ته آهي نصيب مـنـهـنـجـو عـجــيـب آهــي نـقــيـب مــنـهـنـجو
جـھـان ۾ غم جـھـان جـو آ اهـا تـه اڪـرم حـيـات آهـي
ڀـلي ته خـاطـر جـھـان جـي لـئه جھان ۾ جيڪو جئي ٿو ساٿي
حـيات انجـي تـه ٿــي سـجــائـي جــهــان انجـــو ۽ انجـــي عــقــبــا

حـشـر جـو انـتـظـار هــو مــونـکــي، ڪــين مـلــيو جــو يار هو مونکي

۱- حـشـر جـو انـتـظـار هــو مــونـکــي، ڪــين مـلــيو جــو يار هو مونکي
۲- چـنـڊ چـهـرو تـڏهـن لـڪـايـو جو، غم ڪيو بي قرار هو مونکي
۳- آءٌ فـرهـاد ۽ هـئس مجـنـون، ڇـو تـه تـنـهـنـجــو پــيار هــو مـــونـکــي
۴- مـان خـزان جـو سٽيل ڪيو ليڪن، عشق تنهنجي بهار هو مونکي
۵- رات ڏيـنـهـن تـه يــاد سـي آهـن، جـن ۾ تـو ڪـيـو پـيار هـو مـونکـي
۶- ڏوھ مـنـهـنـجـا مـعـاف ڪري اڪرم، تو ڪيو بي ميار هو مونکي

چـاھ وڌيـو جـڏهــن حـسينـن سـان،

۱- چـاھ وڌيـو جـڏهــن حـسينـن سـان،
مــون ڪـيو اخـتـلاف نقـيـــبن سـان

۲- ٿــي قــيامـت گـھـڙي عـزيـزو ســا
گـــڏ ڏٺــم يـــار کـــي رقــيـــبن ســــان

۳- صـبر مـنـهـنــجــو ڏســـي پــــيـو کـــيـڏي
مـهـلـقـا مـنـهـنـجــي اڄ نـصـيــبن ســـان

۴- ڪـيرٿو هت ٻڌي وري ڪنهنجي
ڳالـھ ڪر تون نـه ڪا امينن سان

۵- بخت جي ڳالھ اڄ ڪبي ڪهڙي
ڪـير پهچي سگهي حسينن سان

۶- دوسـت دشمــن ڏٺـو ڇـا ٿـي گـذريــو
هـت اسـانجـي ســڄــڻ حـبـيـبن سان

۷- شــاد اڪــرم ٿــيوســدا آهــي
وصل جـنـهـن ڪــيـو حـبـيـبن ســان

يــار جــو انـتـظـار ڇــا چـئجي

۱- يــار جــو انـتـظـار ڇــا چـئجي
حال دل جو قرار ڇا چئجي

۲- راس محـــفــل اچـــي نــه تــنــهــائــي
پــاڻ تــي اخــتــيـار ڇــا چــئــجــي

۳- راه ۾ راهـــبر مــليـو رهــزن
تـنـهن کي بار بار ڇا چئجي

۴- آهـه مـعـصـوم مــهـلــقــا مـنـهـنـجــو
پــر روش انجـــي يـــار ڇـــا چــئــجـي

۵- ڪوڙ آهي زبان ڪيوماڻـهن جي
زنـدگـي جـو مـعــيار ڇـا چئجي

۶- مـرڪ نـاهـي چپن تي ڪنهن کي
آيــو آهــي بــهــار ڇـــا چــئـجـــي

۷- آھ يومـ حـسـاب جــو ڏيــنـهــن
مون پڙهيو استغفارڇا چئجي

۸- زنــدگــي امـر آهـي ٿـي ڪـنـهـنـجي
ڪــو آهــي ســوگــوار ڇــا چـئـجـي
۹- شـوق قـاتل ڪـيوجـڏهن پورو
خودٿيو شرمسار ڇا چئجي

۱۰- عـشـق ۾ جــانــثـار ٿــيــنــدو جــــو
انجــو اڪــرم وقــار ڇــا چــئــجـي

فـريـب ــ مـنـزل ــ مـقـصد رســي ويــو ڪـــاروان پــنـهـنـجــو

۱- فـريـب ــ مـنـزل ــ مـقـصد رســي ويــو ڪـــاروان پــنـهـنـجــو
رخ ــ انــور ڪــيـو روشـــن اچـــي خـــود آشـــيـان پــنــهــنــجـــو

۲- نـگاه ــ ذوق ــ فـطــرت جــا عــجـب منـظــر آيـا اڳــيـان
جمـال ــ حـسـن مـظـهـر خـود ڪري ٿو پيو بيان پنهنجو

۳- سـڄـي گلـشـن کـي نـگـھـت هـي عـطـا ٿـي تـنهنجي دم کان وئي
مـعـطـر ٿــيـو انــهـي خــوشــبـو کــان آهــي هــي مـڪــان مـنـهـنجو

۴- تمـنـائـون ٿـيـون پـوريــون مـسـرت جــون گــھــڙيــون آيــون
مـقـدر خــوب ٿــيـو پـنـهـنـجــو مــقــدر ڇــا چـوان پنهنجو

۵- مڃيوسين عشق ۾ اڪرم نه حجت ڪنهن سان هلندي آ
رکي مـرضي نـه پـنـهـنـجـي ٿـئـون نـه ڪـنـهـن ۾ آ گمان پنهنجو

دل سـندي آرزو نـٿو سمـجـھـين، ڇـو اي ديـوانـه خـو نـٿو سمـجـھين

۱ــ دل سـندي آرزو نـٿو سمـجـھـين، ڇـو اي ديـوانـه خـو نـٿو سمـجـھين

۲ــ حـسـن آ نـاصور دنــيـا ۾، عـشـق آ ســرخــرو نـــٿـو سمــجــھــين

۳ــ تــون اســانجــو اســين بـه تـنـهـنـجــائــي، مـهـلــقــا مــاهـرو نٿو سمجھين

۴ــ قـيـس مجـنـون ٿــيـو مـحبـت ۾، عـشـق جـي جستجو نٿو سمجھين

۵ــ مـنزل ــ سـرمـدي ته ڪـجھ ناهي، جي ملين روبرو نٿو سمجھين

۶ــ وقـت ويـو پــيار جــو نــاهــي، تــند رو شـــوخ رو نــٿو سمـــجـھـين

۷ــ آھ اڪــرم پــيار ۾ تـنـهـنـجــي، ٿــي ويــو ســرخــرو نــٿـو سمجهين

هــي جــوانـي جــون امـنـگــون نــاز ڇــا تـنـهـنـجــو چــوان

۱ــ هــي جــوانـي جــون امـنـگــون نــاز ڇــا تـنـهـنـجــو چــوان
تنهنجـي جلون جي جھلڪ۾، ماه ڪامل جو گمان

۲ــ هـي تجـلـي حـسـن جي خـورشيد جـنهن تـان ٿيو نـثـار
گـام ۾ گـجـرون ڏٺـم سـي صـورت ـــ حــور ـــ جـنـان

۳ــ نــور جـھــڙا ســهــڻـا چــهــرا وار مـنـهــن تــي ڇــڙ و ڇــڙ
مــاه ڪــامـل ڄــڻ ڪــڪــر ۾ ٿــي لــڳــا ائـين عيان

۴ــ تنـهـنـجـون اکـيون سـامـري فـن تـنهنجا لب سحر ــ هلال
هـٿ حـنـائـي تـنـهـنـجـا سـهـڻـا تـون حـسـيـنـان ـــ جــھـان

۵ــ فـتـنـئه محــشـر آ محــشـر کـان اڳــي اڪـــرم ڏٺـــو
عشـق مـان تـنهنجي پلئه پيو جنهن کي بس سودو زبان

مريض ـــ عشق مان آهـيان ڪـندي منهنـجـي دوا ڪـهـڙي

۱ــ مريض ـــ عشق مان آهـيان ڪـندي منهنـجـي دوا ڪـهـڙي
مـان آهيان جان بلب جاني ڪندي مون لـئه دعـا ڪهڙي

۲ـــ فـراق ــ يــار ۾ جـيـڪـي گـذارن پــيا گــھـڙيون يـارو انـهـن کـي ڪــا خــبر نــاهــي تـه ٿـيـنــدي آ شــفــا ڪــهــڙي

۳ــ سـهـي سـخـتــين مــٿـان سخـتـيـون ڀــڄــائــي ســور ڇــڏيــاســين
حــيـاتــي ان طــرح آهــي ڪــنـدي هــاڻـي جــفــا ڪــهــڙي

۴ـــ زمــانــو آھ گـــردش ۾ پـــيــون قـــدرون ڦــــرن يــــارو
شڪايت ناھ ڪنهن کان ڪا ڪـبي ڪـنـهـن جي گلا ڪهڙي

۵ــ ڪـبـو ڇـا ذڪـر اڪــرم اڄ ســڄــڻ جــي بــيـوفــائي جــو
جـڏهـن ان کي خـبر نـاهـي تـه ٿـيـندي آ وفـا ڪـهـڙي

ڇـا ٿـي گذريو خـيـال ڪــر سائــين

۱ــ ڇـا ٿـي گذريو خـيـال ڪــر سائــين
پـاڻ کـان تـون ســوال ڪــر ســائــين
۲ـــ بـي خـبر ٿـي پـڇـين پـيو مـونـکان
تـون نـه مـنـهـنـجـو مـلال ڪــر سائين
۳ـــ رات ڪاري جيئن تيئين ڪٽبي
عـام پـنـهـنـجـو جمـال ڪـر سـائــين
۴ـــ ڪـير ڪـنـهنجو هتي ٿيو آهي سـوچ ٿـورو خــيـال ڪــر سـائين
۵ـــ عـشق خاموش ڪينڪي ٿيندو
سـر ڏي قـائم مـثـال ڪــر ســائــين
۶ـــ وقـت ويـري ته وقــت جــو آهــي
وقـت کـي نــيـڪ فــال ڪر سائين
۷ـــ مـاٺ هــاڻـي تـه مــوڪــلائــي وئــي
تــون اســان تــي تــه ڀـال ڪر سائين
۸ ــ جـو ٻـڌي نـٿو ضــمــير جــو آواز
ڪــين انـکــان سـوال ڪــر سـائـين
۹ ــ آ مسلسل ڪـابـخـت جي ڪاوڙ
مــاٺ ۾ پــار ســال ڪــر ســائــين
۱۰ ـــ سيـج سمـجـھـي اسـان ســڄـڻ سولي
مـوت سـان تـون جـدال ڪر سائين
۱۱ـــ سـال اڪـرم لڳـي وڃــن شــايـد
اوج پـنـهـنـجــو بحــال ڪــر ســـائـــين

تـون مـرڪـز اسـانجـي تـه چــاهــت جـو بنجي

۱ــ تـون مـرڪـز اسـانجـي تـه چــاهــت جـو بنجي
اسـانـکـي نـه وڃ تــون ســڄــڻ ســائــين ڀــلــجــي

۲ـــ زمـانــي جــو دسـتـور مــٽــبـو رهــي ٿـــو
گـھـڙي پـهـر لـئه مــڃ بــات منهنجي به دل جي

۳ـــ صلـيـبــن ۽ ســوري جـي پـرواه نــاهـي
ڳـــجـــھـــي ڳـــالـــھ ســـوري تـــي تـــوســـاڻ ســـلـــبي

۴ـــ چـوان ڳـالـھ جـيـڪـا وري ٻــي نــه ٿـيـنـدي
مـگــر تــون جـي چـونـديـن سـچـي ڳالــھ الــبي

۵ــ اسان وٽ سواعشق جي ڪي به ڪينهي
فقط عشق جي راه پڇندين ته ڏسبي
۶ــ محـبـت جــو رسـتـو سـڀـئـي ٽــوڙي رشــتا
اگــر تــون جــي چــونـديــن تــه دنــيـائي ڇڏبي

۷ــ نـهـائــــين وارو نـيـنـهــن پـنـهـنـجـــو نــســورو
نه ڀلجـي ڪـا دل مـان ڪـڏهـن آه ڪـڍبـي

۸ ــ تـنـهـنـجــي زود رنجــي ۾ ڏاڍو مـــزو آ
وري نـه تـه ٻـئي جي ڪا تر جي به سهبي

۹ـــ لـڳي دل ۾ اڪـرم خـبر ڏک نـه سـک جــي
مـڻـين مـرڪـون ڪـڏهـين ڪـڏهـين آه! ڀـربـي

دنــيـا ۾ نــه ڪــو رنــج و مــلال آھـ

۱ـــ دنــيـا ۾ نــه ڪــو رنــج و مــلال آھـــ
آهــي تــه ســندءِ هـڪ خــيـال آھــه

۲ ـــ دل جــو مــسـيــحــا نــاهــي جــھــان ۾
هــاڻــي تــه شــفــا ڀــي محـــال آھــــه

۳ــ سـر تــي تـه ســٺ ۾ ســو ســتـم ۽ ظلم
دنــيــا ۾ نــه جــــن جــو مــثــال آھــه

۴ ـــ اڪـرم نـه ڪڍي ڪاڻ ڪنهنجي يار
مـشـڪ ۾ نــه صــورت ســوال آھــه

سـڏ ڪـريـن تـه پـو ڇـا جـو حـجـاب

۱ـــ سـڏ ڪـريـن تـه پـو ڇـا جـو حـجـاب
مـيـڪـده ۾ ســاقـي ڏي شــراب

۲ـــ رخ لـڳــي جــو پـردي ۾ شـهــاب
کــڻ نـه يــار ان تــان تــون نـقــاب

۳ـــ ٿـي جـسـم ۾ دل دلــدار قـــيــد
تــون نـه ڪــر پــيو دل تــي عــذاب

۴ـــ فـڪــر آهــي تـنـهـنــجـو شب و روز
بـس اهـو آهــي يـوم ـــ حــســاب

۵ـــ امــن ڀــي نــه “اڪــرم” آيــو راس
امـن جــون ٿــيـون ڳــالــهــيـون خــواب

عـجــب دوسـتـو آھـه مـنـهـنجــو نـصـيــب

۱ـــ عـجــب دوسـتـو آھـه مـنـهـنجــو نـصـيــب
رقـيـبن آ پـنـهـنـجـو ضـنم ڪيو نقيب

۲ـــ پــڇــڻ يــارو آيــو وٺــي گــڏ رقــيــب
نـوازش ڪئي مـونـتي ڪيـڏي حـبـيب

۳ـــ هـتي ڇـا قـيـامـت ۾ ڏسـجـــو مـون تــي
صـنم هـونـدو فـريـادي شــاهـد رقــيــب

۴ـــ چـيـم چـشـم تـر ٿـي مــٺــا ڏي دوا
وٺــي آيــو ويــتر صـنــم ٻــيـو رقــيــب

۵ـــ چـيم حــال پرسي صنم پيو ڪجانءَ
چـيـائــين هــي آهــن ســندءِ ٻــئي نــقــيـب

۶ـــ رضـا هــي ته اڪرم صنم جي ڏسي
چـيـو حـيـف بـلــب ٿــي مــڙي وڃ حــيـب

دل جـي دنــيـا ۾ انــقــلاب آيــو، انــقــلاب آيــو بــي حــســاب آيـــو

۱ـــ دل جـي دنــيـا ۾ انــقــلاب آيــو، انــقــلاب آيــو بــي حــســاب آيـــو

۲ـــ زلـف ڀـرسان اچي سڄـڻ کـوليا، واس ڄڻ دل کي مشڪناب آيـو

۳ـــ دلــربــا بــزم ۾ قــدم رکـيـو، بــزم ۾ غــل ٿــيـو مـــاهـــتـاب آيـــو

۴ـــ مـئه مــزو جــو مــونـکـي ڏنو زاهــد، جــرم هــو سـو ٿـي ثـواب آيــو

۵ـــ چــؤ نـه نـاصه گـنـاه ڇــا هـي، جــو عـذاب آھـه ٿــي ثــواب آيــو

۶ـــ آهـه اڪـرم جـنـون اهـڙو جــو، بـس نـظـر ۾ ئــي انـقــلاب آيــو

مــون جـنـت کــان وڌ ڪــوئي جانان ٿي سمجھو

۱ـــ مــون جـنـت کــان وڌ ڪــوئي جانان ٿي سمجھو
بـيـابـان کـي مجـنـون گـلــســتـان ٿـي سمــجــھــيـو

۲ـــ ثـنـا جـنـهــن ورق تــي لـکـيـل آ صـنــم جــي
ورق سوئي هڪ هڪ مون قرآن ٿي سمجھو

۳ـــ قـمـر ۾ ڏٺــم داغ ٿــيــون بــنـد اکــيــون
اهــو داغ دل تــي مــون ســوزان ٿــي سمــــجــھــــو

۴ـــ هــتي شمــعــرو وٽ ٿــي عــيـد ـــ بــرات آ
هـتي زخـم ـــ دل مــون چــراغــان ٿــي سمــجـھــيـو

۵ـــ نــه خــنـــجــر نــه تــلــوار جــو ڊپ آ قــاتــل،
صنـم جـي مـثريـه کـي مـون پـيڪـان ٿي سمجهو

۶ـــ سـڙيـو خــون فــرقــت ۾ پــرواھ نــاهــي
جــھـان ان کــان ســارو مــون تــابــان ٿــي سمــجـھــو

۷ـــ مــلــي عــشــق ۾ ڪــفــر جــي آھ فـــتـوىٰ
مـگــر عـشــق کــي مــون ايمـــان ٿــي سمـــجــھـــو

۸ـــ صنم جـي ڪري جيڪو هر وصف ظاهر
انهـئَ کي ته هر ڪنـهـن سخـن دان ٿي سمـجـھـو

۹ـــ ڪـيو غم نـه اڪـرم کـي غمگين ڪنهن ڀي
ســنـدءِ زلــف بـاعــث پــريــشـان ٿــي سمــجــھــو

جگــر جــو خـون مـون دل لـئه ڪيو اڄ نـوش آ سـاقـي

۱ــ جگــر جــو خـون مـون دل لـئه ڪيو اڄ نـوش آ سـاقـي
ڇـڏڻ مـشـڪـل ٿــيـو انـکــي جي سالم هوش آ ساقي

۲ـــ جنـون ـــ عـشـق ۾ وحـشـت چـوي هـي ڪـيرٿو ساقي
گــريـبـان چــٽ ۽ بــي چــيـني اهــوئــي هــوش آ ســـاقــي

۳ـــ ڀـلي زاهدسڏائـين پـر هئ لـب جي تـشنگي، خـشڪي
ٻــڌائــڻ ٿــا پــيا ثــابـت نـه هــي مـئـنـوش آ ســـاقـــي

۴ـــ ٿـي آهي بـي خـودي اهـڙي جـو سڌ ناهي زماني جي
بحـمـد الله دلــبر جــو نـصـيــب آغــوش آ ســاقــي

۵ــ ڀـلـي هــاڻـي پــيـڻ ۽ پــيـارڻ جــون صــلاحــون ڪـــر
ڀـري ڏي جـام، جو مون سان صنم همدوش آ ساقي

۶ــ مـزو زاهـد ڇـا ڄـاڻي وصل ۾ مي نوشي جو بي درد
حـقـيـقـت ان کــان پــڇ جــو اڄ ٿــيـو مــدهــوش آ ســــاقـي

۷ــ نصحـيت ڇا ڪندي ناصح اثر تنهنجي سندم دل تي
پـيو بـي هـوش آهــيـان پــر پــيـڻ جـــو هـــوش آ ســـاقـــي

۸ـــ ڏٺـو اڄ چــوطــرف اڪــرم جــڏهــن محـــفل ۾ ساقي آ
رهـيو نه هـوش ڪنهـنکي ٿيو تڏهن خاموش آ ساقي

يــار جــي تحـــريــر ۾ مــنـهـنــجــي لـکــيـل تــقـديــر آھــه

۱ـــ يــار جــي تحـــريــر ۾ مــنـهـنــجــي لـکــيـل تــقـديــر آھــه
مـصـحــف رخــســار جـو خــط مـنـهـنــجـي لــئه تـفسير آھه

۲ـــ مـون ضـيـائه حـسـن دلـبر جـي خـطـا ڪـهــڙي ڪــئـي
عـڪس صورت دل۾رکيم ڪهڙي هي تقصير آھه

۳ــ پـر خـطـر مــان خــواب شــب ۾ ٿــو ڏســان زاهــد رڳــو
يـار ســان اغــيـار گــڏ آ انجــو ڇـــا تــعــبــير آھـــه

۴ـــ ڪــير ســـاقـي کــي چــوي تــه هيءَ شــراب آهــي حـــرام
قــلـب دل جـنـهـنـجــي پــيـڻ ســان ٿــي ويــو تــنـويــر آھــه

۵ـــ عـشـق ۾ زاهــد مــئه ڇــا زهــر ۾ مــئه جـــو مـــزو
دلــربــا جــي زهــر ڏئــي تــا زهــر گــويــا شــير آھــه

۶ــ درد فــرقــت لــئه پــڇـــان ڇـــو حــڪــيـمـــن جــا مـــان در
درد دل لــئه ٿــي لـــعــاب ـــ دهــن ڄــڻ اڪـثــير آھــه

۷ـــ پـيـش خـدمت شعـراڪرم هي ڪيو احسن جي آھه
واھـه واھـه غــالـب ڪــنـدو جنهنجي طرح تحرير آھ

۸ـــ خــوب چـونـدو يـار محـســن شــعــر اڪــرم جــو ٻــڌي
هــرڪــو چــونــدو شــعــر هــن ۾ واھــه جــو تــاثـــير آھــه

يــار آيــو غـــير ســان گــڏ پــر خــطـــر مــنــظـــر ٿـــيـو

۱ـــ يــار آيــو غـــير ســان گــڏ پــر خــطـــر مــنــظـــر ٿـــيـو
چـــين بــدران دل ســـنـدم ۾ ڄـــڻ بـــپـا محـــشــر ٿــــيـو

۲ـــ خــون غــيرن آ ڪــيـو مـنـهـنـجــي امـــيـدن جــو مــگـــر
ڇــا ڪــري مـونـکـي هـو سگھندا جي سچو دلبر ٿيو

۳ـــ گل جـنـهين کي مون ٿي سمجھيو سو وري مونکي ئي اڄ
خــار ٿــي دل ۾ لـڳــو ســارو بـــدن احمــر ٿــــيـو

۴ـــ لال دامـن غـير جـي ٿـي خـون مــنـهـنـجــي ســان تـه ڄــڻ
مـونکـي حـاصل پـنـهـنـجي مـقـصدجـو سـچـو گـوهـر ٿـيو

۵ـــ خـون مـنـهـنـجــو رائـگـان ويــنـدو ڏســي دلــبر چــيـو
غـم دل ـــ مـضـطـر نـه ڪـر جـيـڪـي ٿـيـو بـهــتر ٿــيـو

۶ـــ مـونـکـي قـاتـل جـي هـٿـان درجــو شـهـادت جــو مـلــيـو
پـرهـو ويــچــارو تـه ڄــڻ مـنـڪــر ٿــيـو ڪــافــر ٿــيـو

۷ـــ مـوت منهنجي جـو ٻـڌي مـلڪـن فلڪن ٿي هيئن چيو
عـشـق دلــبر جــو ئــي اڪــرم جــو ســچــو رهــبر ٿــيـو

ڇــا ڪـجــي ڇـا نـه ڪجي دوستو

۱ـــ ڇــا ڪـجــي ڇـا نـه ڪجي دوستو
سمجھ ۾ڪجھ ڪين اچي دوستو
۲ـــ دل بـه ڏيـان جــان بـه ڏيــان قــرب ۾
پـر جـي ســڄــڻ مـنـهـنـجـــو ٿـئي دوسـتـو
۳ـــ داغ ــ جـگــر درد جــي ٿــيــنــدي دوا
هــو کــڻـي نـظــرون جـي ڏسـي دوستـو
۴ـــ درد جـي دانـهـن نه ڪندو يار ڪر
درد نــاهــي لا دوا هــتي دوســتــو
۵ـــ حــشــر وڇــوڙي جــي گــھــڙي ٿـي لڳي
يــار ٿــو مـونـکـان جـي رســي دوســتـو
۶ـــ دور ـــ خـزان هـت اچي ڪيئن اچي
ديـس ۾ دلــبر ٿــو گـھـمــي دوســتــو
۷ـــ سـچ بـه چـوان ڇو نه مان اڪرم مگر
ڪـير سـخـن سچ جـو ٻــڌي دوستـو

پــل ٿــي نـه تــون پــري هــائــي تــه عــشـق مـــــان

پــل ٿــي نـه تــون پــري هــائــي تــه عــشـق مـــــان
منهنجو هانءُ ٿو ڏري هت ڪجه نٿو وري

رنـج جي نـه ڳـالـھ ڪـر ان مـان ڇـا ٿـو وري
چـوري تـه غــير ڪــيو تـوکـي مــون کـان پــري

مجــبـور دل تــه ڇــا فــرقــت ۾ يــار جــي
تـو کانـسـوا ڪــري “اڪـــرم” ٿــي دل ٻــري

حـســن جـــو انــتــخـــــاب آهـــي

۱ـــ حـســن جـــو انــتــخـــــاب آهـــي
مــنــهــــن تـــي هــنــجـــي نــقـــاب آهـــي

۲ـــ هــن کــنـــيــو جـــو نــقــــاب آهــــي
ڄــــڻ اڀـــريـــو آفــــتـاب آهــــي

۳ـــ وار کـــولـــي گــھـــمـــي ٿـــو ســهـــڻــو
جــڳ ٿــيو مــشــڪـــنــاب آهــــي

۴ـــ حــســن جـــي ذات بـــي پــــرواه
حــســن ڀـــي اضــطـــراب آهــــي

۵ـــ ســڀ ٿـا سمـجھـون اسـان تـه لـيڪن
مـــاٺ آهـــيـون حــــجــــاب آهــــي

۶ـــ زنــدگـــي ڪــنــهـــن جــي ٿــي امــانت
زنــدگـــي هـــڪ خــــواب آهــــي

۷ـــ يــار آڏو ڪــــڇــان نــٿــو پــــر
چـــپ رهـــڻ ڀـــي عــــذاب آهــــي

۸ـــ ڏوھ حــــالات تــــي ڏيــــون ڇـــــو
زنـــدگـــي انــقـــلاب آهــــي

۹ـــ عــمــر گـــذري گـــنــاھ ڪـــنــدي
يـــاد نــه مـــونـکــي ثــــواب آهـــــي

۱۰ـــ هــٿ ســلــيـقــو جــيــئـــڻ جـــو آيــــو
هــر قــــدم ڪـــــامـــــيــاب آهـــــي

۱۱ـــ زنــدگـــي يـــار پــنـهـنــجــي “اڪـــرم”
هـڪ کـلـــيو ڄــڻ ڪــتـاب آهـــي

وجھـي اکـڙيــون اکــين ۾ تـون نـهاريـندين ته خـوش هـونـدي

وجھـي اکـڙيــون اکــين ۾ تـون نـهاريـندين ته خـوش هـونـدي
نـوان جـذبـا ائــين دل ۾ اٿــاريـنـديـن تـه خــوش هــونــديــن

لــب ـــ احمــر اڳـــئـي آهـــن ـــ وري لالـــي لـڳـــائـــي تــــون
مئـل دل کـي مـٺـا مـرڪي جياريندين ته خـوش هـونـدين

نگاه مست سان مونکي ـــ ڪري اڄ مست وئـين سهڻـا
انـدر ۾ پـيار جـو ديـپـڪ ــ ٻـاريـنـديـن ته خـوش هوندي

نـگـاھ ذوق جــو مــظهــر ـــ فــقـط ديــدار تـنـهــنـجـــو آھ
سڏي عاشق کي ڀر۾ جي وهاريندين ته خوش هوندين

رخ ـــ زيــبـا ٿــيـو تـنـهـنـجــو جــھــان ـــ بــزم جــي زيــنـت
هـٽـائــي رخ تـان پــردي کـي نــهـاريـندين ته خـوش هونـديـن

نـوان جـذبـا نـيـون ڳـالـهـيـون ڳـلـن ڳـاڙهـا ڀـل تـون ڪــر
ڪـڙي ڪـونـين الـفت ۾ پـياريندين تـه خـوش هـونـدين

گـلابـي گـل کـان سـهـڻـو نــرم نــازڪ آ بــدن تـنـهـنـجــو
سـڪـايـل کي سڏي ڀر ۾ وهاريندين ته خوش هوندين

سـڏي تـون شـوق مـان سـاقـي ـــ ڀـري اڄ جـام جـامن تــا
حـنائـي رنـگ هٿـڙن سـان پـياريـنـديـن تـه خـوش هـوندين

ڪـيان مـوسم بهارن جو فدا “اڪرم” مان رعنايون
ڀـري محـفـل ۾ الـفـت سـان نـهـاريـنـديـن تـه خـوش هـونـدين

تـنـهـنجـي يـاد رهـي ٿـي سيـني انـدر تـوکي مـونکان جـدا مـن ڪـير ڪـري

تـنـهـنجـي يـاد رهـي ٿـي سيـني انـدر تـوکي مـونکان جـدا مـن ڪـير ڪـري
تنهنجي غم کان جلي ٿو منهنجو جگرتوکي مونکان جدامن ڪير ڪري

ڏاڍو عــرصـو ٿــيـو جــو نـاهــيون مــلــيـا پــر پــوء بـه تـوکــي يــر نــاهــيـون ڀــلــيـا
آهـي تـو جـي ڀـلايـو تـوکـي خـبـر تـوکـي مــونـکــان جــدا مــن ڪــير ڪــري

مــون راه ـــ وفــا جــي راهــن ۾ ســڪــنـدي گـــذاري عـــمـــر ڇــــڏي
ڪـجھ گـذري وئـي ڪجـھ ٿـيندي گذرتوکي مونکان جدامن ڪير ڪري

جـيـڪــي وصــل جــھــڙي لــذت کــان ٿــي آشــنــا جـــڳ ۾ آهـــن ويـــا
تـن کـي ٿـو جـلائـي ســوز ـــ ســحــر تـوکـي مـونـکـان جـدا مـن ڪـير ڪـري

تـنـهـنـجـي لـب جـي لالـي لاک چـوان سا حـسـن تـنـهـنـجـي جي سـاک چــوان
تنهـنجي مٽ نه ٿيو ڪـو جـن و بشر توکي مونکان جدا من ڪير ڪري

تـنهـنجي حسن کي هردم نور چوان تنهنجو حسن ڏسي ٿيو هرڪو جوان
تـون خــوب تــر کــان خــوب تــر تــوکــي مــونـکـان جــدا مــن ڪــير ڪــري

تــون ســرنـهـن جـي ڦــولـر کــان بـه حــســين تــون رت بـسـنـتي آهـــين يــقـــين
مـنهنـجـي جـئَ جـڏي جـا همـسفـر تـوکي مـونـکان جــدا مـن ڪـير ڪـري

تنهنجي زلـف جي گستـاخي ڏسي، ويون نـظرون آهـن مـنهـنجون جھڪي
رخ زلـف چمـن ٿــا نــاز ور تــوکــي مــونـکان جــدا مــن ڪــير ڪـــري

دنــيـا لــڳـي هــي ڇــو نـه حــســين “اڪــرم” ســان گـھـمــي گــڏ پــيارو پــريــن
ڏسي ريس پـيا ڪن شمس و قمر توکي مون کان جدا من ڪير ڪري

صـد بـار ٿـو بـدلـي پــيـو دلـــبر تــه روش کـــي

صـد بـار ٿـو بـدلـي پــيـو دلـــبر تــه روش کـــي
هـر گـز نـٿو بـدلـي سـگـھـي اڪــثـر ته روش کـــي

هـڪ رات رهــي يــارو وڃـــو نــالــي خــدا جــي
هـڪ رات مـٽـايــو کــڻـي هـمــســر تـه روش کــي

صـديــن کـان رلــي روح پـــيـو راھ نــهـــاري
افـســوس نــه بــدلايــو ٿــا ڪــنـهــن پــر تـه روش کــي

گــذري تــه حـــيـاتــي آ اوســـيـڙن ۾ وئــي ســـڀ
تنهنجـي نه سگهان سمجھي ٿو خوشتر ته روش کي

افـسوس اجــايــوئــي ڪــرڻ آھ اي “اڪـــرم”
سمـجھي نه سگھيس تنهنجي ڪو دلبر ته روش کي

دل ۾ رهــيـو ســدائــين محـــبــوب جـــو محــــن آ

دل ۾ رهــيـو ســدائــين محـــبــوب جـــو محــــن آ
اجـڙي چمـن هـي دل جـو سـو بـار ٿـيـو چمــن آ

هـو نـقـش پـا اکــين ۾ ڪـنـهـن تـه اجـنـبي جـــو
جـنـهـن جي ڪـيـو تصـور مونکي سدا مگــن آ

مــدت وئــي تــه گــذري محــفـل ۾ يــار آيـــو
نگـھت سـان جنهنجي يارو تادم رهيو صحن آ

سـڀ بـاخـبر ئـي آهـن حـالات کــان مـگــر اڄ
مـونـکـان ســوال پـڇــيـو مـنـهـنـجـي ئـي دوســتن آ

مـونـکـي چـون ٿـا مـاڻـهـو خـاموش آهين “اڪرم”
سمجھـو ڀـلا انـهـن ڀـي مـنهنجو ڪڏهن سخن آ

سـاقـي اگـر جـي چــاهـين مـونکـي مـلـي حــيات

۱ـــ سـاقـي اگـر جـي چــاهـين مـونکـي مـلـي حــيات
سـرشـار ڪـر پـيالـو گــذري وڃــي نــه رات

۲ـــ نـاصـح نـه ڪـر نـصـحـيـت مـونـکـي خـدارا تون
ڏوهــن کـان مـئه مـيـنا مـونـکـي ڏني نجــات

۳ـــ تـصـويـر چــشــم آڏو ۽ نــام بــر زبــان
دائـم رهــي ٿــي دل ۾ دلــدار يــاد تــات

۴ـــ مــدت کـان يــار مــس مــس هـمــدوش آ ٿـــيـو
ڪهڙي ڪري ۽ ڪهڙي تنهنسان ڪريان مان بات

۵ـــ تـعـريـف تـنـهـنـجــي آهــي ڪــون و مــڪـان ۾
جـنـت ۾ نـعــت تـنـهـنـجـي حــورن جي آھه وات

۶ـــ تـنـهـنـجـو سـهـارو آهـي تـنـهـنـجو ڪرم ۽ لطف
روشن آ تـنـهـنجـي دم کـان مــنهـنجـي هـي ڪائـنـات

۷ـــ “اڪــرم” آ خـاص خـادم گـولـو سـنـدءِ غــلام
تـنـهـجـي ئـي فـيـض مــان هــي احــسن ملي آ ڏات

چـيا رنـج مـان تـو اکــر ڪــهـڙا ڪـهـڙا

۱ـــ چـيا رنـج مـان تـو اکــر ڪــهـڙا ڪـهـڙا
ٻـڌايـان اهـي سـر بـسـر ڪـهــڙا ڪـهــڙا

۲ـــ نـه طـاقــت چــون جــي چــئـي ڇــا ٻـــڌايـــان
ٿـيا تـنـهـنـجـي وائـئَ ۾ ور ڪـهڙا ڪهڙا

۳ـــ وڃــائـي ســڄـي عــمـر مــون عــشـق ۾ بــس
پـرايـا مــون ان مــان اثـر ڪــهــڙا ڪـهــڙا

۴ـــ ســٺم ظـلــم تـنـهـنـجــا نـه ســر تــي رڳــو پــر
ڪــيـا ڏس رقـيـبن ڏمــر ڪــهــڙا ڪـهـڙا

۵ـــ ڪــٺـن زنـدگــي پــئـي جــدائـي جــدائــي
ڪـيا ڏيـنهن مون ڀي بسر ڪهڙا ڪهڙا

۶ـــ سـڄــو ڏيـنـهـن اڪـيـلــو ۽ بــيـزار دل آ
ڪـنـدي وڌ محـبـت اثـر ڪـهــڙا ڪـهـڙا

۷ـــ ســنـدم لاش تـي ڪـو مـچـي فــتنو ويــندو
خبر ناهي ڏسندو هي درڪهڙا ڪهـڙا

۸ــ مـگر هي حقيقت به “اڪــرم” کي هوندي
تـه ڪـانـڌي ٿـيا نـاز ور ڪـهـڙا ڪـهـڙا

دلـربـا ٿـيـو خــوب تـر کـان خــوب تـر آهـي حــسـين

دلـربـا ٿـيـو خــوب تـر کـان خــوب تـر آهـي حــسـين
جـيـئن نـگـنـيـنـن ۾ سـدا لـعـل و گــوهـر آهي حـسـين

شـخص اهـڙو مــون جـھـان ۾ ڪــو ڏٺـو نـاهـي ٻـيو
جـو مـلـيو مـون سـان اچـي اڄ نـاز ور آهـي حـسـين

يـار جـي آمـد سـان روشـن ٿـي ويـو سـارو صحــن
گـل ٽـڙي پــيا جــا بجــا ۽ هــر شــجــر آهــي حــســين

گــفـتگــو مـونـسـان ڪــري دلــبر ڏنــي پــل ۾ شــفـا
ان مــسـيـحـا وٽ دوا ان جــي نـظـــر آهـــي حســــين

حسن تنهنجي کي ڏسي بي ساخته ٿي يڪ زبان
ٿـا چـون شمـس و قـمـر بـيـشڪ بـشـر آهـي حـسـين

ڀـاڳ “اڪــرم” جــا ڀــلا آهــن ســڄــڻ بــيـحــد ٿــيـا
خـوب جـنـهـن کـي اڄ مـلـي ويـو ديــد ور آهي حسين

درد ـــ فــراق ـــ يــــار ۾ بـــيـمـــار آھ دل

درد ـــ فــراق ـــ يــــار ۾ بـــيـمـــار آھ دل
عـشـق بــتـان ۾ ٿــي وئــي لاچــار آھ دل

هـاڻي نــٿـو لـڪـي سـگـھي الـفت جو درد ڀي
هـن هـن سـان ڪـيـو پـاڻـهـي اظـهـر آھ دل

دنـيـا جـي ڳـالـھ ڪـهـڙي ڪـريـن يـار ٿـو پـيـو
قـبـضـي ۾ اڄ تـه پـنـهـنـجـي نـه دلــدار آھ دل

هـر مـوڙ تـي مـلـي ٿـو نـئـون شـخــص خــوب تــر
دوکــو ســٺـو نـظــر جــو تـه هــر بــار آھ دل

قــدرون ويــون بــدلجــي نــه مــعـــيــار ـــ زنــدگـــي
هر شخص جي غمن سان ٿي دوچار آھ دل

حـسـرت ڀـري نـگـاھ سـان ٿـو يــار کــي ڏســان
ڇــو جــو رهــي نــه قــابـل ـــ اظــهــار آھ دل

هـن جـي تـه حـسـن جـو ٿـيـو چـرچــو آ جــابجــا
“اڪـرم” جـي دلـربـا ڪـئي تـه بيدار آھ دل

سـڀ سـتم سـر مـٿـي صــبر ســان ســٺـا مـــاٺ ۾ خــود اچــي آه زاري وئــي

۱ـــ سـڀ سـتم سـر مـٿـي صــبر ســان ســٺـا مـــاٺ ۾ خــود اچــي آه زاري وئــي
هـو ٽـڙيـو گـل ٽـڙيـا ٻـهـڪــي محـفـل وئـي مــرڪ ســان يــار جــي بـيـقـراري وئــي

۲ـــ هن جفاٿي ڪئي مون وفاٿي ڪئي هن ڪيوڪجھ نٿي مون دعاٿي ڪئي
سـوچ جـو فــرق هـو سمـجـھ جـو فـرق هـو ـــ ورنـه نـيـبـھ ٿـي ائـين خـود يـاري وئـي

۳ـــ دل ۾ مـظـبوط رشـتو هـيو عـشـق جـو ڳـالـھ تـوسـاڻ هـر هـر اسـان سـا ڪــئي
قـرب جـي ڳـالـھ تـو آھ ڇــيـڙي جـڏهـن ڳـالـھ پــوري نـه ٿــي رات ســاري وئــي

۴ـــ رخ هــوا جــو ويــو آھـه “اڪــرم” ڦــري ڪــير ٿــو اڄ اچــي نــت نــئون بــزم ۾
ڳـالـھ جـنـهـنـجـي ٻـڌي ڪـن سڀـن ٿـي ڏنـو، ڇـو وڌي خـود بخود بيقراري وئي

جـگـر مـان ٿـيا تـير ـــ نـظـر پـار آهـن

۱ـــ جـگـر مـان ٿـيا تـير ـــ نـظـر پـار آهـن
مــرڻ جــا مــٺـا هــي تــه آثـــار آهــــن
۲ـــ رهـي دل ســدا روز مـضـطــرب ٿـــي
ويــا وســري ســڀ هــار سـيـنگار آهن
۳ ـــ سـندءِ زلـف سنبل آهي دل کي ڏنـگيو
اهـي زلـف ڪـاڪـل ٿـيا مــار آهـن
۴ـــ ڦـٽـن ۾ ذرو فــرق ايــنــدو نــه هــرگــز
اڃــا گــڏ اهــي تــوســان اغـــيـار آهــن
۵ـــ مـسـيـحــا گــھــران تــوکـان آب ـــ شـــفـا ٿـو
دوائون حڪيمن جون بيڪار آهن
۶ ـــ اهـي درد دل ۾ هـمـيـشــہ ئــي رهـــنـدا
ڪــيـا جــي ســتـم تــو ســتمگار آهن
۷ـــ رئـان ۽ رڙان ٿـو ڏسـي روز راهــون
ڏســڻ ۾ نــه آيــا پــتـا پــار آهـــن
۸ـــ مزو ڪين “اڪرم” کي ايندو هتي جـو
نـه محـفـل آ ســاڳـي نـه سـي يــار آهــن

حـيـاتـي ۾ قـسـم کـاڌو اســان تـوسان نـڀـائـن جـو

۱ـــ حـيـاتـي ۾ قـسـم کـاڌو اســان تـوسان نـڀـائـن جـو
اسـان لـئه تـو قـسم کـاڌو مـگـر آهـي ستـائـڻ جــو

۲ـــ خـدا جـي در آهـي توبـھ نـگاه ـــ نـاز جـا مالڪ
مگـر عشاق کي موقعو ڏجو ڪجھ آزمائن جو

۳ـــ هـنـيــين ۾ آهـي حـيرانـي ۽ چـهـري تـي پـريـشـانـي
حـقـيـقـت ۾ اهــو بـدلــو مــلــيو اڄ دل لـڳـائــڻ جــو

۴ـــ سرـــ محفل نگاهن جو ٿيومرڪز آهي اڪرم
مـگر تنهـنـجـو سدا رويـه آهي هن کي ڀلائـڻ جــو

ڀــاڱــو ۲ـــ نــظــم

---

زمـــانـي جي هوا

۱ـــ زمـانـي ۾ الائـي ڪـيـئـن گھلــي اهـــڙي هــوا آهــي
ڦـٽي آرام جـنهـن کـان ويـو سـڄــڻ ســائـين صـفا آهــي

۲ـــ هتي هوندڪري ڳالهيون ٿو هو ڪنهن ٻي ولايت جون مـفـڪـر جـو محـقـق جـو مـرض ڪـو لا دوا آهـي

۳ـــ چـڱـائـي جـي اتـي ڪـهـڙي رکـن امـيـد اڄ قـومـون
جـتي هـر ڳـالـھ مـلــت جــي بـرائــي جــي روا آهــي

۴ـــ ڪـري حـڪمت ۽ دانـش جون جي قـنديلون ويا روشن
انـهـن جـي نـام سـان جـڳ ۾ رهـي هـر دم ضيـا آهـي

۵ـــ جـني ڪـردار و سـيرت جـي تـشـڪـيل ٿـي يـارو
نـه تـن جـي سـيرت و ڪــردار جـي ڪــا انـتها آهي

۶ــ فـلڪ ڦـيرو ڏنـو ابـتو ويـون قـدرون بـدلجـي اڄ
لـڱــائـي جــي جــزا آهــي چـڱــائــي جـــي ســـــزا

۷ـــ اڃــا بـزم ـــ جــھـان ۾ گــونجــجــي گــفـتار پـنـهـنـجــي ٿــي
جـھـان ۾ داسـتـان پـنـهـنـجــو هــلـيو خــود جــابجــا آهــي

۸ــ فـقـط اربـاب ــ دانـش ئـي چـٽائـي ٿـا ڪـري ڄــاڻـن
ســڄـڻ سمـجـھـائـي نـڪـتي ۾ ويــو راز ـــ بــقــا آهــي

۹ـــ جـتي جـذبـات شدت کان ڪـڇي “اڪرم” سگهيو ناهي
اتـي ظـاهـر دل ـــ مجـبـور ڪـئـي خــود مــاجــرا آهــي

حـصول ــ زندگـي

۱ـــ حـصول ــ زندگـي ڇـا هـي فـقط هوس آھه انساني
حـقيقـي بـندگـي ڇـا هـي فـقـط احـڪـام قـرآنـي

۲ـــ نـئين هن درو جو انسان خدا ڄاڻي ڇا چاهي ٿو
انـهـي جي سادگي ڇاهي فقط خيالن جي شاداني

۳ـــ نـئين ٿـيا مـوڙ جـا مالـڪ نـئين تخـليـق جـا خـالـق
سـندن پسمادگي ڇـاهـي فقط پوشاڪ عرياني

۴ـــ وفـا جو دم هڻي مونسان پيو منهنجو سڄڻ سائين
خـدا آڻـي نـه اهـڙو وقـت ڀـرم انجــو کلــي جــانــي

۵ـــ فقط صورت جو شيدائي ٿيو هرهـڪ ماڻـهــو آ
حـقيقت کـي نـه ڄـاڻـي ڪـو اهــائـي آھه ناداني

۶ــ وڏو“اڪرم” تفاوت ٿيو حقيقت ۾۽ صورت ۾
حـقيـقت کانـسوا صورت آهي نـظرن جـي ويراني

وطن سلامت

۱ــ الله! ســـلامـــت رهــــي وطــــن
خـوشحـال سـدائـين هـجـي وطـن

۲ـــ ڪـو سـو نـه گـھـلـي واءُ ديـس ۾
ڏکيو نه ڪو ڏينهن ڏسي وطن

۳ـــ سـر ـــ سـبـز هـجـي هـي زمـــين
آبــاد ســدا شــاد رهــي وطــن

۴ـــ هـر وقـت اٿــم يــاد ســنــڌڙي
“اڪـرم” نـه ٻـيو ٿـو وڻـي وطــن

زرخــيـز ڌرتـــي

۱ــ سـجـاڳ ڪـنـهـنـجـي قـدم جي آهـٽ ڪـري وڌو هـو مـڙئي زمانـو
نـقــاب يــارن کــنــيـو تــه روشـــن ٿـــيـو سمـــــورو غــــريـــب خـــــانــو

۲ـــ اســانجــي زرخــيـز آھــه ڌرتــي اســانجـــو ان ســــان ئـــي پــــيـار آهـــي
ٻــنــين ۾ اپــجــن ٿــا ســـنـگ ســـونــا امــــين جـنـهـنـــجــو ٿــيـو زمــانــو آهــي

۳ـــ نـسـيم صبــح ــ چمـــن ســــان يــارو وطـــن ۾ هـــر ســـو بـهـــار آهـــي
انـهــئَ ســبـب کــان تــه آھــه بــلــبـل جــو روه افــــزا ٿـــيـو تـــرانـــو

۴ــ جـي ظلم ٿـيندي نظر ڪو آيو ته ماٺ رهندي زبان ڪنهن پر
ضـمــير زنــده رهــيـو تــه چــئــبـو حــقـــيـقــت آهــي نــه ڪـــو فــــســـانـــو

۰۵ گـھـڙي وطــن تــي جــا اچــي اوکــي خــدا نــه آڻــي ســا “اڪـــرم”
گـھــڙي جــي اهــڙي بــه آئــي تــاهـم بــچــائــي وٺــبـو هــي آشـــيــانـــو

فــــضـا

۱. فـضـاگـھـلـي آ جــھـــان ۾ اهــڙي وڌي ويـــو اڄ فــــتـور آهـــي
نـه امـن هـاڻـي ڏسان ٿو ڪاٿي جھان مان ويو سرور آهي

۲. ڪمال کي جـو زوال سمجھي زبان کي جو زيان سمجھي
نه ذهـن اهـڙو وطـن ۾ گـھـرجـي نه ذهـن انجـو ضـرور آهــي

۳. نه سـوچ ڏي جو آهي مائـل اهو ته ڪم جو سخن نه آهي
سخـن اهو آ ٻـڌڻ سان جنهنجي جھان ۾ اڀريو شعور آهي

۴. تمـيز نـاهـي بـري ڀـلـي جـي اهـو ڇـا “اڪـرم” نـقـاد ٿـيـنـدو
انـهئ تـي ڪهـڙي مـيار آهـي جـو پـاڻ ئـي بـي شـعـور آهـي

قــيـامــت جــو مـنـظــر

۱. قـيامـت جـو ٿـيـندو مـنظـر جـڏهـن جـاني جدا ٿيندو
نه رهندو هوش ڪو باقي عقل ڀي خود هوا ٿيندو

۲. حـياتي آزمـائـش جـو وڏو هڪ امتحان آهي
اهـو زنـده بـه مـرده آھـه جـو انـکان خـفـا ٿـيـندو

۳. نتيجي تي ته پهچڻ لئه وڏي مشڪل مان لنگھڻو آ
اهـو مـنـزل نـه ماڻـيـنـدو نـه ڄــاڻـي اڳــتي ڇــا ٿــيــنـدو

۴. خـودي ڪـن کـي ڇڏيـو کائي خودي کي ڪي ويـا کائـي
خـودي وارن جـو حـامـي خـود خـدا جـو سـنـهـن ٿـيـنـدو

۵. اهـي ڏونـگــر بـه ڏاريـنـدا اهــي رڪ کــي رجــــائــيــنــدا
مـدد جـن سـاڻ مـشڪل ۾ سدا مشڪل ڪشا ٿيندو

۶. مخـالـف جـو بـه حــامـي مـان ــ اصـولـن تـي هـجـي پـر جـيـڪـو
اصولـن جو نه ڪنهنسان ڪو ڪڏهن سودو روا ٿيندو

۷. حـصول ــ زنـدگـي خـاطر وڏي جاکوڙ ڪرڻي آ
اهـائـي زنـدگـي آهـي سـدا جـنـهـن کـي بـقـا ٿـيـنـدو

۸. قـدم هـر تـي قـدم ويـري قـدم کـي کـڻ ســنڀالي کـڻ
اهـائـي ڪـامـيـابـي آ ائــين ئـي حــق ادا ٿـيـنـدو

۹. حـقـيقـت شـعـر جـي “اڪرم” فقط شاعر ئي ڄاڻي ٿو
سـخــــن تـــنـقــيـد وارو ئــي حـقـيـقــت آشــنــا ٿــيــنــدو

وطــن جــي تــعــمـــير

۱. نــ‌ظام ــ دهـر جي نـئين اڄ اسـان تـعـبـير ڪئي آهي
۽ انـسـانـي اصـولـن جي اسـان تـعـمـير ڪـئي آهــي

۲. اسـانجـي عـزم جـون ڳالـهيون هلن عرشن ـــ برين تي ٿيون
اسـان زيـر ـــ نـگـين پـنـهـنـجـي سـڄـڻ تـقـديـر ڪئي آهي

۳. مـثـائـڻ نـام پـنـهـنـجـي لـئه وڏيـون ٿـيـون ســازشــون جـڳ ۾
مـگـر هـر دور ۾ پـنــهـنـجـي اســان تــدبــير ڪــئـي آهــي

۴۔ اسان پنهنـجـي ئـي همت سان جهان جي ذره ذره جي
وڏي جـرئـت سـان اي يـارو وڃي تـسخير ڪئي آهي

۵. اهـو قـانـون قـدرت جـو اهـوئـي شـان مـسـلـم جــو
لـکي تـاريـخ پنهنجي جا اسان تحرير ڪئي آهي

۶. نه طـوفـان ـــ حـوادث جـو ڪڏهن محسوس ٿيو خطرو
وطـن هن پـاڪ ۾ اهڙي اسان تـعـمير ڪــئـي آهــي

۷. نـئـين دنـيا نـون ماڻـهـون نـئين سڀ موڙ جا حامي
نـئين تـاريـخ عـالم لـئه اسان تسطيرڪئي آهي

۸. حـقـارت جـي نگاهن سان نه هاڻي ڪنهن ڏي ڪو ڏسندو
اســـان اڄ عــــالم ـــ انــســان لــئـه تــوقـــير ڪـــئـي آهــــي

۹. نـه زاهـد کـي ڪـو جـنـت جـو تـصـور ۾ گـمان رهندو
وطـن هـن پـاڪ جي اهڙي اسان تـصويـر ڪـئي آهي

۱۰. پــيارو پــاڪ ئــي نــالـو نــه آ “اڪــرم” وطــن جو پر
سـنـدس جـيـئـن نـام ٿـيـو اهڙي اسان تطهير ڪئي آ

مــنـد مــســتـانــي

۱۔ مــٺـن مــارن جـــي پــيــشــانـــي آهــــي تـــابـــانــــي
سکين سانگـين جي هٿڙن تي آهي نـقش ـــ سليماني

۲. سـدا تـسليم تـوڪـل سـان گــذاريــو آھه گندرين هت
مـنـهـنـجــي جــيـڏن ۽ جــيـڏيــن جـــو مــقــدر آھــه لاثــانـي

۳. هتي چـاهت سندا چـرچا هتي مرڪون محبت جون
هـتي ڦـولــن جــا وســڪــارا هــتي جــي مند مـــستـانـي

۴. هـتي زنـده دلـيون آهـن فـقـط ڳيچن ۽ مورن سان
ٻـڌڻ سـان جـن جـي صـحــرا ۾ ٿــئـي بــارانــي

۵. قـدم قـربـئون کـڻي اڄ گـام ٿـيون گـھـمـنديـون وتن گجرون
حـقيـقت ۾ هـڙئـي حورون ڏسـي جنکي ٿـئي حيراني

۶۔ سهـاڳـڻ هـرڪـا سـرتـي هـت ســدا ور پـنـهنـجي سان سونـهـين
هـجـي هـرهڪ سان جڙيـو شل سندس جانب سندس جاني

۷. مـٺا هـن مـلـڪ جــا مـاڻـهـون مـٺي مصري سـندن ٻـولي
محـبـت مـلڪ مـارن سـان آهـي “اڪــرم” کي لافاني

وقــت جــي تــقـاضــا

۱. هـزاريـن انـقـلاب آيـا نـه بـدلي پنهنجي فطرت آ
نـگاه ـــ قـهـر جـابـر کان عـزيـز ڏاڍي نـفـرت آ

۲. نمـود جـلوئـه حـق جـي رهـي ٿـي جـسـتجو دل ۾
نـظـر اڄ اعـتمـاد ــ دل سـنـدي ڏاڍي ضـرورت آ

۳۔ نـظـر تـعـمـير کـي مـاڻـهـون سـڀـئـي تخــريب پيا سمجھن
خـدا ڄـاڻـي ڇـا چـاهـن ٿـا اهـا ڪـهڙي بصيرت آ

۴. نـئـين مـنـزل نـيـون راهـون نـوان رهـبر نـوان رسـتــا
نـون جـذبـن نـون لاڙن ۾ جــدت جـي ضـرورت آ

۵. تـقـاضـا وقـت جـي آهـي قـدم اڄ وقت سان کڻجي
اهــائـي بـس حــيـاتـي آ اهــائـي ٿــي حـقـيـقـت آ

۶. جـھـان فـتـنـئه سـامـان حـوادث جـو آهـي مـرڪـز
ڇـڏڻ تـقدير تي سڀ ڪجھ اها يارو جھالت آ

۷۔ حـقيـقت آشـنا ڪـڏهـين نـٿو بـدلي زبـان پـنـهـنـجـي
فـقـط انجـي اڳــيـان پـنـهنجي اصولن جي ئي قيمت آ

۸۔ عـروج ــ ظـلمـت ـــ هستي وٺـي ســو روپ جــي ايندي
جـھــان ۾ ڪــين چـونـدو ڪو به انکي آئي رحمت آ

۹۔ فـروغ تـنگ نگاهـي جون اسان سان ڪر نه ڳالهيون تون اسـانجـي ڏس خـيـالـن ۾ حـقـيـقـت جـي بـصـيرت آ

۱۰ سـنگھـارن جو ٿـيو شيوو وطن تــان سر ڏيڻ آهي
مـٽي هـن پـاڪ ۾ اڄ ڀـي لـهـو مـارن جي نگھت آ

۱۱۔ اسـانجـي ديـس مـان داسـيون سـدا ٿـيون سورميون سهڻيون
اڃـان ٻـاگـھـيون پـيون ٻـهـڪـن اڃــان ٻـاگـھــين ۾ غــيرت آ

۱۲۔ وطـن هـن پاڪ جي دلـڙي فـقط “اڪرم” آهي سنڌڙي
خـدا جـو سـنهـن تـه سـنڌڙي سـان رهـي ڏاڍي مــحـبـت آ

ســــانـگــين کــي ســـــلام

۱. ساڻـيھ جـي سـانـگـين کـي آهـي سـلام منهنجـو
جـو جـان ڏئـي وطـن تـان سـوئـي امـام مـنـهنجـو

۲. جـوڌن جي جوءِ آهي ڌرتي ته پاڪ منـهنجـي
هـوشـو ۽ هـيمـون سـاٿـي دودو آ نــام مـنـهـنـجــو

۳. آب ــ حــيـات ڀـانــيـان مـهــراڻ جــو مــان پــاڻــي
شهـد و شـڪـر کان زيـاده مٺـڙو آجام منهنجو

۴. هـر وقـت ۾ ولـهـارن ورسـايـو آ وطـن کـي
پنهوارن سان پرت پيارا آهي پيام منهنجو

۵. تـعـمـيري جـن نـگاهون تقدير جا سي مالڪ
هـر ديـد انـقـلابـي مـنـزل مـقــام مـنـهـنـجــو

۶. هـرڪـو وطـن آ پـنـهـنجو عرش برين به پنهنجو
ڏس لامڪان تي خـود ٿـيو آهي قيام منهنجو

۷. اول ۾ تـوڙي آخـر سـڀ ڪـجـھ مــٺا آ مـنـهنجــو
مـنـهـنـجـو خـدا تـه مـنـهـنـجو تنهنجو به رام منهنجو

۸. مــايــوســين کــي مــــارو سمــــجــھـــن گــــنـاھ ٿـــا ســڀ
نصرت جا آهيون مالڪ “اڪرم” آ نام منهنجو

ســدا ســـرهــا

۱. سـدا سـرهـا هـجـن مـاڻـهـون محـافظ مـلـڪ مارن جا
سڄـي ساڻيـھ جـا سورهيه سچا ساٿي سنگارن جا

۲. جـوان جـذبا جـوانـن جـا جبل جـرئت جـوانن جي
ٿا ڏيسارو کي ڏهـڪائن قدم قربئون قرارن جا

۰۳ ڏسـي سـاڻـيھ کـي سـرهـو سـدا مـرڪـن مــٺا مــارو
حـفاظت ديـس جـي خـاطر لـڳـن طـوفـان ديـارن جـــا

۴۔ نـه گـھـٻرائـن ٿـا ڪـڏهـين ڀـي اچـن جـي زلـزلا ٻـوڏون
قـدم هـر تـي قـدم ثـابـت رهـن ٿـا، ٿـي ڌنــارن جــا

۵. بـهـادر ۽ دلاور سـڀ سـڀـئي جــوڌا جــوان آهــن
لڳن ٿاڪهڪشان وانگر جھڙا منظر ستارن جا

۶. ٿـيا اُوتڙ ته اُونـهـن جـا هـي واقـف اوهـري آهـن
دل ــ دشمن کي دهڪائڻ قـدم دودن دلارن جـا

۷۔ وطـن هـن پاڪ جـا ماڻـهون لڳن ڳڀرو جوان “اڪرم”
لڳـن خـوشـحـال ويـڙهـيچـا وسـن ويـڙهــا ولــهـارن جــا

ديــد تــابــانــي

۱. آ مـسـلـمـانــي
ٿي پشيماني
۲۔ گفتگو برحق
نــاھــه قــرآنـي
۔۳۔ دين کان پاسو
آھــه نــادانــي
۴. علم هنر ويو
آئـــي ويـــراني
۵۔ هو شور ناصح
بــات ديـــوانــــي
۶۔ مـصطـفــيٰ مذهب
آھـــه لاثــــــانــــــي
۷۔ ڪــر عــطـا مولىٰ
ديــــد تــابـــانــــي
۸. ڏي تون اڪرم کي
مـــولـــىٰ شـــادانـــــي

ڪــوشـش ڪـــرڻ

۱۔ ڪـري ڪـوشش زماني جي هوا کي يار بدلايو
اٿـي پنهنجـي مـقـدر کـي قـضا کـي يــار بـدلايــو

۲. اٿـي گـڏ وقت سان ساٿي قـدم پـهنـجا ملايو سڀ
جـھـان کان رخ نـه ڦــيرن جــي ادا کــي يــار بــدلايـو

۳. گـھڻيـئي بـاغـبـان آيــا گـھـڻـيـئي پــاســبـان آيــــا
اوهان ڀي پنهنجي هاڻي ڪجھ ندا کي يار بدلايو

۴. جـھاد في سبيل الله جھموري دور جو عنوان
وطـن لـئه قـوم لـئه يـارو صـدا کـي يــار بــدلايـو

۵. مجـاهـد ٿـي وڌو يـارو اگـر موٽو ته غازي ٿي
سـڏي مـعـبود کـي ۽ مــاســـوا کــــي بــدلايــــو

۶. اهـي ايـام گـردش جـا چـڪـر ايـندا ۽ ويـندا پــيا
وطـن جـي يــار مــارن لــئه فـــضا کـي يــار بــدلايــــو

۷۔ حـياتـي جـي غـمـن کـي اڄ غـم ــ مـلـت بـنـائـي سڀ
اٿـي احـسـن ۽ “اڪــرم” ٿــي جــفـا کــي يـار بدلايو

اڄ جــي ڳــالــھ

۱. ڪـالھ جون ڳالهيون ڇڏي ڏي اڄ جي ڪر تون ڳالھ يار
وقــت ڦـــرنــدي ديــر نــاهــي آيــو ڏس مــوٽــي بــهـــار

۲. ســخـتــين ۾ ڀــي رهــي ســالم اســــانجــــو هــــوش ٿــــو
هــر قــدم تـــي حــــوصـلــــو پــنــهــنـــجــــو رهـــي ٿـــو بــرقــــرار

۳. ذهــن ۾ نـيـڪــي هــو جـــذبـــو جـــو رکـــي جــئـنــدو بـشــر
هــر قــدم تــي آجــيان ان جــي ڪـــنـدي مــــوســـم بــــهـــار

۴. نـيـڪ دلـــين ۾ ڪـڏهن ايـنـدو نـه ڪــو خــوف ــ خــزان
دور هــر ۾ آھـه ســـچ اهـــڙو اڇــــو جــيــئــن آبــــشــار

۵. خــالــق ــ اڪـــبر مـــڃــن جــنـــهـــن کــي ســڀئـي جــن و بــشر
بــي ســهــارن جــــو ســـهــــارو آھـــه ســــو پـــروردگــــــار

۶. هـي جــھــان جــــون رونــقـــون آهــــن ســڀـــيـئي بــــي بـــقـــا
آ بــقــا ان کــي ســــدا جـــو ٿــــو ڪـــري لــــيــل و نــــهــــار

۷. خـــوبــصـــورت نــيـڪ ســـيرت ڀــي لــکــــن ۾ يــــار آھـــــه
آھـه خــوش خـلـقـي ســڄــڻ تــان ٿــي ويــو “اڪـــرم” نـــثـار

وطــن جــي مـــحـــبـــت

۱. وطـن جـي ذره ذره جـي مـٽي کـي مـان ٿـو سمــجـھــان وطــن ســان ئــي محـــبــت کــي فــقــط ايمـــان ٿـــو سمــــجــھـــان
۲. در ــ ڪــعـــبه، در ـــ جـــانــــان وطـن جـي هـر ڳـلـي ڀـايـان
ثــنـا ســاڻــيـھ جــي هـــردم ڪــــرڻ ايمــــــان ٿـــو سمــــجــھـان
۳. فـضــا خـلـد ـــ بـريـن جـھـڙي حـسين حـورون قـصورون پـڻ
جـوان ڳـڀـرو وطـن جــا ســڀ ســدا غــلـمــان ٿـــو سمــجھان
۴. ڀــلاري ڀــؤن وطــن جــي آ نــظارا نــور جـــا جــنــهـــن ۾
مـٺن مـاڻـهـن جـي مـرڪـن سـان وطـن شايان ٿو سمجھان
۵. ثـنا هـن ملڪ مارن جي آ ڪرڻ آ فرض اڪرم” جو صفت سانگين ۽ جھانگين جي وطن جو شان ٿوسمجھان

مــلــڪ جــا مــاڻــهــو

۱. الله الله صورت ــ سـبحـان ماڻهون ملڪ جا
نقش پا ۾ جنت ـــ غلمان ماڻهون ملڪ جا

۲. ماه ـــ ڪامل کان به ھڌڳورا ڳل ڳهيلين جا لڳن
ڀـورا ڀـورا ٿـا لـڳن مـرجـان مـاڻــهـون مـلـڪ جـا

۳. خـلـق ۽ اخـلاق ۾ مـــارو مـٺـا آهـن عـظـيم
ٿا رکن پختا پڪا ايمان ماڻهون ملڪ جا

۴. سـامـري ديـدن سـان دل تـي ٿـا هـڻـن ڌاڙا ســڄــڻ
حـسن وارن خوب ڪيا شادان ماڻهو ملڪ جا

۵. دل لڳي کان يار “اڪرم” آ ڪئي توبھ مگر
ڪن پيا احسان ئي احسان ماڻهون ملڪ جا

نـگــاه مــرد مــومــن

۱. نـگـاه ــ مـرد مـومن سـان اچـي بـاطـل ۾ بـربـادي
سـچـي جـذبـي کان قومن کـي مـلي ٿي يارآزادي

۲. ابـو جـھـل ۽ اُمـيـد جـھــڙا ويــا اوتــڙا تــه اُونـهـن ۾
نه نور حق کي سمجھيا سي نه سمجھيا ڳالھ بنيادي

۳. ولـيد ۽ بـولـهـب عـقـبہ فــنا هـا سـڀ فــنا ٿــي ويــا
هـبـل ۽ لات عــزىٰ کـي ڏنـي حــق آھــه بـربـادي

۴. نه مـنصوبـو ٿـين پـورو مـٽائڻ دين خاطر ڪو
قـدم هـر تـي نـصيـبن ۾ مـلـي دشمــن کـي بـربــادي

۵. اڃـا تـائـين جـھـان ۾ ڏس ته غـير الله جـا حــامـي
اڃـا تائين ته “اڪرم” تي ڌريا ڌاريا ٿيا فريادي

قــوت ســڪــنـدري

۱. مــون ۾ قــوت ســڪـــندري آهـي
خـضــر جــھــڙي ٿــي رهــبري آهــي

۲. ڪـين سـهـندس وطن ۾ مان اونده
هــي وطــن خــود انــوري آهــي

۳ ســنـڌ آهـــي عــظـــيـم دنــــيـــا ۾
سـنـڌ اول ۽ آخــــر ي آهــــي

۴. ديـس کــي خــوب لــٽـيرن لـــٽـــيـو آ
ديــس کــي پــوءِ بــه بــرتــري آهـــي

۵. هي زبـان سنڌ جـي سـدا رهـندي
ڇـو ٿـي دنــيا ڀــلا چــري آهــي

اهــائـي وصـف ايــمــانــي

صفـت مـوجـود دل ۾ تـون سـدا رک سـانـڍي قــرآنــي
اهــا مــومــن جــي نــشــانــي اهـــائــي وصــف ايمـــانـــي

هــل ۽ لات، عــزىٰ کــي مــٽـائـي ڇــڏ تــون ٺــوڪــر ســان
اهــا مــومــن جــي فــطـرت آ اهــا مــومــن جــي ســلـطـانــي

رکـي جـــذبــو بــلالــي مـــثـل تــون خـــالــد ۽ طـــارق جـــي
جــيـارج ديــن اســلامــي اٿــي هــــر دور ۾ جـــــانـــــي

ســڄــڻ ســاڻــيـھ ســانـگــين لــئه ســتم ســـو ٿا پــون ســهـــڻـا
وطــن ۽ قــوم جــي خــدمــت عـــبـادت آھــه لاثــــانــي

ڪــري جـيـڪــي مـنـهـنــجــو مــولىٰ اهــو ايمــان مـنـهـنـجو آ
بـگــاڙيــنــدا نــه ڪــــجــھ مـنـهـنــجــو اهــي شــداد هــامــانــي

مـٽـي جـــا مــڻ کـنـيـو مــــيرا اچــــن طــــوفــــان جــھـــولـــين ۾
مـگـر هـن ڀـونءِ ڀـلـي خـاطـر ڏيـنـدس مــرڪـي مان قرباني

مصيبت ويل دشمن جي نه ڪنهن ڌمڪي کان ڊڄندس مان
تـڏهن “اڪــرم” ۽ سـانگي سـڀ ٿيـندا منصـور جـا ثــاني

تــعـريــف جــو مــحــتـاج

۱. محتـاج خود ثنا جو انسان جو رهي ٿو
دنـيا ۾ سـو ته لائـق تـعريـف جي ٿئي ٿو

۲. جـو خـود ثنا ٿـئي ٿو ان امان نه مهل ٿيندي
دنـيا جـو هـي تجــربــو هـر فـلـسـفـو چـوي ٿـو

۳. پـنهنـجـي نه ڪـو برائي هرگـز سـگهـي ٿـو سمـجـھـي
پـنهنجا نه عيب خود ڪو پاڻهي ڏسي سگھي ٿو

۴. خـامـي يـا پـنهنجـي خـوبي پرکڻ ٿي ان لئه سولي
زنـده ضمـير جـيڪـو پـنهنـجو سڄڻ رکي ٿو

۵. تـنـهـنـجـي انـدر ۾ اهـڙو مـنصـف وهــاريــو ويــو آ
ان کان نـه ڏوھ تـنهنجو ڪو ڀي لڪي سگھي ٿو

۶. مان مان ڪري منجهي وئين ورنه اصل ۾ آهين
خـاڪـي جـسم جـو پـتلو جيڪو فنا ٿئي ٿو

۷. جـيـڪـو ڪــري خــوشامنـد محـفــل ۾ ســو مـــهـذب
هـر ڪـنـهن کي منهن تي سچ ئي ڏاڍو ڪڙو لڳي ٿو

۸. ڪــارا ٿــي قــلـب وئــڙا ســوچــن ۾ ڦــيرو آيــو
هـرڪـو ڪـري ته ڪوشش سچ کي پيو دٻي ٿو

۹. انـسـان دور هــن جــو آهــي عــجــيــب ڏاڍو
صورت سـان گــڏ نه سيرت ڏاڍو ڪو ڏک ٿئي ٿو

۱۰. نـقش ـــ قـدم وڃن پيا تيزي سان مٽبا “اڪرم”
تـقـليد اڄ وڏن کان هـرڪـو پـيو وئـن وڃــي ٿــو

پـنـهـنـجـي هـسـتـي

۱. پـنـهـنجـي مـفـاد خـــاطـر هــا ۾ ٿـو هـا مـلائــين
پـنهنجـي ضمير کي ڇـو هـر هر پيو ڪهائين
۲. مـرڻـو جي آھـه تـوکـي هــڪ ڀــيرو وڃ مــري تــون
دردرتي ڇوٿوڀٽڪي سر پنهنجي کي جھڪائين
۳. آهـي اصـول جـنـهـن ۾ انــسـان پــڻ اهــو آ
نـاهـي اصـولـن تـو ۾ انــسـان ڇــو ســڏائين
۴. اوچـو ته عزم گھرجي محڪم يقين گھرجي
پـخـتو عـمـل ٿـو گـھـرجـي فـاتـح ٿيڻ جي ڀانئين
۵. جــو دم جــان ۾ زنـــده ســاٿــي رهـــڻ ٿـــو چــاهــين
خـدمـت تـون خلق جي ڪر ڇو وقت ٿو وڃائين
۶. هـي وقـت آهـي ويـري خـود وقت جـو ته ساٿي
جا ويـل ويئي تـوکان مشڪـل سـان سا ورائين
۷. سيـني ۾ درد تـنـهـنجي جي قوم جو نه آهي
زنــده بــه آهـــين مــرده ٿــو پـــاڻ پـــيـو پــٽــائـــين
۸. محـتـاج خـود مـقــدر نـاهي ازل کان ڪـنـهـنجـو
خــود ڇــو نــه ٿــو اٿـــي تــون تــقــديــر کــي بــنـائــين
۹. طــارق زبــير تـو مـــان خـــالــد ولــيـد تــو مــان
تــاريــخ جــا ورق تـــون افــســوس ٿـــو مـــٽـائــين
۱۰. اســلام تـنـهـنــجـو مـذهـب تـقـوىٰ نـه آهي تــو ۾
مـومـن جـي ٿـي تـوڪـل انـکـي ٿــو ڇــو ڀــلائـين
۱۱. شـان خــدا جــو مـظـهــر تخــلــيـق تــون ئــي آهـين
پـنـهـنـجي مگر تون هستي هٿ سان پيو مٽائين
۱۲. اهـل ــ نـظـر جـو مـرڪز تنهنجو وجود آهي
خــامــوش آهــين ڇـــا لـئه وک ڇــو نـٿـو وڌائــين
۱۳. رهــبر ٿــيا تـه رهــزن راهـن ۾ جـي لـٽي ويــا
هـم راز ويـري پـنهنـجـا ڏس تون اڃا مٽائين
۱۴. تـشخيص درد جي اڄ تـوکان ٿي وئي ڏکي آ
تــون قــوم لـئه مـسـيـحــا دارون نــٿـو ٻــڌائــين

۱۵. تخــريـب جـو ڪـري ٿـو تـعـمـير سو نه ڄاڻي
انـکان ســدائـين هـمـدم تـون پـاڻ کـي بــچـائـين
۱۶. ورثـي ۾ مـلـيو تـوکـي عـلـم و ادب مـسـلـمـان
جـاهـل کـي ڇو تون “اڪرم” اڳواڻ ٿو بنائين

اعــتــبــار نــه آهــي

۱. ڪـنـهـن کـي ڪنهن سان رهيو پيار ناهي
حــسـن وارن تــي اعــتــبـار نــاهــي

۲. شڪوئه دل ڪـيان، ڪـيان ڪـنـهـن سـان
ڪــــــــو ٻـــــــڌڻ لـــــــئه تــــــــيـار نـــــــــاهــــي

۳. هــت وفــــا جــــو عــــجـــب آهــي دســتور
جـــــــانــثـارن تــــان ڪــــو نـــثـار نـــــاهــي

۴. واه مـــــوســـــم ڏســـــــو آئـــــــي بـــــــــاران
پـــوءِ بـــــه دل تــــــان لــــٿــو غـــبـار نـــاهي

۵. آھــه مجــــبــور اڄ محـــــنــــت ڪـــــش
ڇـو نـه انجــو ڪــو بـه هت غمگسار ناهي

۶. جــو بــه محــنــت ڪــري ڏسـي فــاقــا
هــت انـهـئَ جــو رهــيـو وقــار نــاهــي

۷. سـڀ ٿــا سمـجـھــون بـــرو ڀـــلــو پـنـهـنجــو
ديـس ۾ “اڪــرم” ڪـو به ٻار ناهي

دل دريـــــا

۱. زمــانـي کـي حـقـيـقـت کـان آگـاه ڪــر ســاٿـي
رڳو ويـهـي نه جـذبـن کـي اجـايـو آه ڪر ساٿي

۲. ٿـــيـا طــوفـــان واچــوڙا قــــدم هــر تــي حــيـاتــي ۾
مـصيـبـت جـي اڳــيان دل کــي ســدا دريــاه ڪــر ساٿي

۳. سمــورو دم حــياتـي جــو تـه واهــونـدو ٿــيو واهــڙ
جئين جو دم اباڻن سان انهن سان چاه ڪر ساٿي

۴. وطـــن جـــو آھــه ويـــري جـــو ابــاڻـن جــو اهـو ويـري
ڪـڏهـن ڀلـجـي نه اهـڙي سـان وڃي تـون ٺـاھه ڪر ساٿي

۵. مـٽـئَ لـئي جــو مــري مــانجـهــي اهـو اڳــوان مـنـهنجــو آ
مـٽي ۽ مـلڪ مارن تان فدا تون ساه ڪر ساٿي

۶. حـقـيـقــت زنــدگــي جــي آ ابــاڻــن جــي ئــي الـــفــت ۾
ابـاڻـن کـي وســاري تــون نـه مــن گــمــراه ڪــر ســاٿـي

۷. نـظـر بـد سـان ولـهـارن جـي ڏسـي ويـڙهـن ڏي ويري جو
انـهـئَ بـدڪـار دشمـن کـي اٿـي بـي راھـه ڪــر سـاٿي

۸. ســدا ســنـڌو ڪــنارن تـي نـظـارن نـيـهـن وارن لـئه اٿي احسن ۽ اڪـرم تـون وطن وڻ راھه ڪر ساٿي

بـهــانـــو

۱. ڪـرڻـو هــٿ اڄ رڳــو بــهــانــو هــو
وصل پـنـهـنـجــو بـه ڄـڻ فـسانـو هــو
۲. بـار بـار وصل جـــا ڪــيئي وعـدا
نــاز ڄــڻ هــي بـه دلـــبرانــو هـــــو
۳. تنهنجـا عـاشق جـھـان ۾ ساده دل
وار تــن تــي هــي ظــالــمــاڻـــو هــــو
۴. دل ڏئـــي دل کـــســـي وئـــــين دلــــــبر
چــــال هـــئـي ســـــودو بــزدلاڻـــو هــو
۵. رمـز هـئي حـسن جي گويا ڪربل
عـــشـــق تــي وار قــــاتــــلانــو هـــو
۶. دوکــو هـو فـيصـلـه هـي “اڪـــرم”
جو سڄـڻ ڪـيو ته منصفاڻـو هـو

پــاســبـانـــي

۱. اٿـي اڄ مـلـڪ ملت جي وري تون پاسباني ڪر
وري ديــن ـــ محـمـد جـي اٿـي تـون بــاغــبـانــي ڪــر

۲. ضرورت آهـي تـنـهـنـجـي اڄ پـئي اســلامـي دنــيا کي
اٿـي خـون ــ جـگـر سـان قـوم جـي تون آبياني ڪر

۳. ســڏي تـون عـالم ـــ اقـوام کـي ڪـر مـتحـد هـيـڪــر
جـھان ۾ پنهنجي هستي کي وري تون جاوداني ڪر

۴. مصائـب جــو آهـي مــرڪــز ٿـيو اڄ عــالم ـــ اســلام
اگـر زنـده رهڻ چـاهـين سدا حـق جي بياني ڪر

۵. شـريـعـت ۽ طـريـقـت مـعـرفـت ۽ پـڻ حقـيـقـت ســان
سـڃاڻـج پـاڻ “اڪـرم” تـون پنهنـجي رهنمائي ڪـر

ادب ۽ عـلـم جــون ڳــالـهــيـون

۱. جـڏهـن قـلـب و جـگـر ۾ خــود شــرر حــائـل ٿـي ويـندو آ
تــڏهــن عـــالم بـه دنــيـا ۾ وڏو جــــاهــل ٿــــي ويـــنـــدو آ

۲. اگـر تـقـوىٰ سندو تـڪـيو ڇـڏي صوفي ســــڏائــــي ڪو
اهــو ڀـٽـڪـي ويــو رســتو اهــو غـــافـل ٿـــي ويــــنــدو آ

3 هـوس ۽ حـرض ۾ ڦــاسـي ڇـڏي جـنهـن راھه حق جي آ
تـقـاضا سـو تـه پـنـهـنـجـي ڏي وڏو مــائـل ٿــي ويــنـدو آ

۴. حــقــيــقــت ۾ مـطــالــع ســـان نـــه بـــي طــــالــــع ٿـــئي صـالـــــح
حــسـد ۽ بـغـض وارو ڇـا ڪــڏهــن عــادل ٿــي ويــنـدوآ

۵. هـڻـن ٿـا نـيـهـن جــا نــعــرا عـجـب ســڌڙيــا عــجــيــبن وٽ
ٺــلـهـا نــعــرا هـڻـي جـاهـل نـه ڪــو ڪــامـل ٿــي ويــنـدو آ

۶. ادب ۽علم جون ڳالهيون زبان سان ٿوڪري “اڪـرم”
انـهـن ڳـالـهـين ڪـرڻ ســان ڪــو ڀــلا قــابـل ٿـي ويـنـدو آ

وطــن جــو ســرمــايــو

۱. تـنـهـنـجـو ۽ يــار مـنـهـنـجــو ان ۾ نـصـيـب آھـه
سـرمــايــو ٿــيـو وطـن جــو خــون ـــ غــريــب آھــه

۲. سـرسبز ڌرتي صحرا تنهنجي ستم ڪئي آ
بــدنــام مـفـت اڄ ٿــي ويـڙو رقــيــب آھــه

۳. راه ـــ طـلــب جــي تــوکــي نـــاهــي خــبر اڃـــان
دشمــن تـڏهـن تــو سمـجـھـيو پـنـهنـجو نـقـيب آھـه

۴. درمـن تـي ديـن جـنـهـنـجـو هـر وقـت پـيو ڦــري
اسـلام جــو ســو ويــري پـنـهـنـجـو خـطـيب آھــه

۵. مارن مٿان اي“اڪرم” آيا هي ڪهڙا ڏينهن
دنـيا ۾ ٿـي تـه قـسـمـت پـنـهـنـجـي عـجـيـب آھـه

ابــاڻـن جــا پــکــڙا

۱. خــدايـا جـهـرن ڪـين غـريـبن جــا ڪکــڙا
ســي اڀـرا ۽ سـڀـرا ابـاڻــن جـــا پــکـــڙا

۲. خــدايــا نــه جــن کـي خــبر آهــي ڏک جــي
بـنا سـک ڏسـڻ سـي وري ڪـيئن ڏکــڙا

۳. قــدر تــن نــه ســک جـــو ڏٺـــا جــن نــه ڏکـــڙا
سمـــايـل ڏکـــن ۾ ئـــي آهــــن جـــــو ســــکـــڙا

۴. رهــن ٿــا ٿــي ٻـــالا ۽ ڀــــولا بــــــرن ۾
فــقــط لال مــيــنـدي رتـــا تــــن جــــا هٿــــڙا

۵. گـذر آهي جھنگ ۾ نه جھانگين جو هر دم ســي کــــائـــن مـتــــيرا ٿـــــا کـــارا ۽ مـــــٺــــڙا

۶. ڀــري کـــــير جــــــون ســــي پــــيـالــــيـون پــــين ٿــــا
ڏس ڪــــين شـــــربــــت پـــــين ڏڌ جـــــا وٽـــڙا

۷. ڏسان شال “اڪرم” وڃي مان سي هنڌڙا
جــتي گـڏجـي مــارون چــونـڊن پـــيا ٿـــاپــلــڙا

صـــبر

۱. نـه دنـيـا کــي ڇـڏيـن ٿـو تـون، نـه مـاڻـهـن کـان پـڇـين ٿــو تــون
نه شيطان کي تڙين ٿوتون، نه خواهش سان وڙهين ٿو تون
خـدا ڄـاڻـي تـه زاهـد ڪـيـئـن، سـڏائـين پــاڻ کــي پيو ٿــو
مــگـر پـنـهـنـجــو وڃــي ڇـــا ٿــو، پــڏائــين پــان کــي پـــيو ٿــــو

۲. گـھـري روزي وٺـين ٿـو تـون، سـويـن عـارض رکين ٿو تون
مصائب کان ڀـڄـين ٿو تون، قضا رب کان ڊڄين ٿو تون
نـه حـاصل پـان تـي جـڏهـين، ڪـئي تـو فـتح آ حاصل
جئـڻ تـنـهـنـجــو اجـايو آ، نـه مـلنـدي تـوکـي ڪــا مــنـزل

۳. نـه ڀـروسـو رکـين ٿـو تـون، نـه ڪـم رب تـي ڇـڏين ٿو تون
نه پـل اڄ چـپ ڪرين ٿو تون، نه راضي دم رهين ٿو تون
خـدا ڄـاڻي جـھـان ۾ ٿـي، عـجـب فـطــرت آهــي تنهنجي
مـلـي تـوکـي نـصـيــبن ۾ نــه اڄ نـصــرت آهــي تــنــهــنــجــي

۴ سڏائين ڇو ٿوذاڪر تون، جڏهن حق کان به قاصر تون
نه آهين پل ڪوصابر تون،رهين ٿو ڪين شاڪر تون
گـھـڻـو حـيران آهــيـان، وئــي ڪــاڏي تـنـهـنــجـي مـسلماني
وئـي ڪـيـئـن مـوڪـلائـي آھـه، تــوکــان قــوت ايمـــانـــي

۵. محـبـت علم سان تـون رک، وري پوء تون شريـعت سک
عـبادت جـي حـقيـقت رک، سڃاڻپ جي تون ڌارج اک
اگـر سيني انـدر “اڪــرم” حـقيقت آ تـه سـڀ ڪـجھ آ
نـگاهـن ۾ اگـر تـنـهـنـجـي، بـصـيرت آ تــه ســڀ ڪــجــھ آ

وطـن جــي قــســمــت

۱. وطـن جـي امـانـت اســين ٻــارڙا
۽ مـلـت جـي دولــت اسين ٻارڙا

۲. ڪريون خوب ڪوشش وطن لئه سدا
وطــن جــي تــه قــســمــت اســـين ٻــــارڙا

۳. ادب ۽ سـخن سان وطن پاڪ جي
ڪـنداسـين تـه خـدمـت اسين ٻارڙا

۴. ڏئـي عـلـم جــي سان مٽائي ڇڏيون
وطـن مـان جـھـالــت اســـين ٻـــارڙا

۵. ڀـلـو ڀاڳ پـنهنـجــو وطــن پــاڪ آ
وطـن جي ضرورت اسين ٻارڙا

۶. تتي ۽ ٿڌي ۾ ڪنداسين پيا
وطن جي حفاظت اسين ٻارڙا

۷. وطن پنهنجو گلشن اسين ان ۾ گل
رهون خوب صورت اسين ٻارڙا

۸. وطن پاڪ خلد ـــ برين پيو لڳي
چئون ان کي جنت اسين ٻارڙا

۹. اسـانجي ئـي دم سان جھان ۾ خوشي
۽ گـھـر گـھـر جـي زيـنـت اســين ٻــارڙا

۱۰. خـدايـا تون “اڪرم” ۽ احسن ڪجان
و طــن جــي تــه نـگــھــت اســـين ٻـــارڙا

ڏکــن پــٺــيــان ســک

۱. ڪڏهن ڪوڙ کي ڪين سچ ساڻ گـڏ
ڏسـي رڃ کــي رڻ ۾ نــه پــکــڙو تــون اڏ
۲. ڏســي محـــل مــاڙيــون ٻـــين جــــا ڪـــڏهـــن
ڪـکائين نــه گـھــرڙي تــون پـنـهنجي کي ڇڏ
۳. اگـر شــان تـنـهـنـجــو وڌائــي خـــدا
سـڏي غير کي ــ ڪين پنهنجن کي ٿـڏ
۴. ڪـڍي غـير دل مـان صفا دل کـي ڪر
دغــا ڪــوڙ دولاب رک ڪـــين گـــڏ
۵. زمــانــو ڏکــن جـــو نــه رهـــنــدو ســـدا
ڏکـن جي ته پٺيان ايندا سک به ڪڏ
۶. آيـو مـوت “اڪـرم” اجھو صبح شام
اٿـي يـار ڪـلـمه سـان عـقبىٰ ڏي لڏ

زنــدگـــي

۱. زنــدگي سـيـلاب آهـي زنـدگـي طــوفــان آهــي
ڪشمڪش جو دور آهي حضرت انسان آ
۲. فـطرتون بدلي ڇڏيو ۽ نفرتون دل مان ڪڍو
دل اها آهي ٿي زنده جنهن ۾ ڪجھ ايمان آ
۳. يــار سـو تـعـظـيم جـي لائـق ٿـيو آهـي سـدا
قوم جو سيني ۾ جھنجي اڄ رهيو ارمان آ
۴. ظلمت ـــ شب روز جون کلندين گذاريون ٿا گھڙيون
ٿـي مـقـدر پـاڻ تـي پـنـهـنـجــو ويــو حـــيران آ
۵. وقت ويري وقت جو ٿو وقت خود ساٿي چوي
وقـت کــي سمــجــھــي ويــو جــو ســو وڏو انـسان آ
۶. نـا اميدي ڪـفـر آهي بزدلي پڻ موت آ
هي ته مسلم قـوم لئه الله جـو فـرمـان آ
۷. حـرف نـاممـڪــن کـي دل جــي ئــي لـغـت مــان مـيـٽـيـو
زنــدگــي ۾ هـــر قـــدم تـــي راه ٿـــي آســــان آ

بـهــار بــي خــزان وطـــن

۱. وطـن گـلـشـن اسـانجــو اڄ بـهـار ــ بي خزان آهي
وطـن خلد ـــ برين جنت اسانجو مڪان آهي

۲. جـھـان سـاري ۾ چـرچـو آ عـلـم قـومـي اسـانجي جـو
قـمـر تـارن سـان قـومـي ٿـيو اسـانجــو ڏس نـشـان آهـي

۳. ارادو آ مـصم ۽ يـقـين محـڪـم اســانجــو آ
قـريـب منـزل ـــ مـقصد اسـانجو ڪاروان آهي

۴. نـظر هـر هـڪ اسانجـي اڄ گـھمي عـرشـين برين تي ٿي
اسـانجـي راه مـنـزل آسمــان ۽ ڪـهـڪـشـان آهــي

۵. جـھـاد آ شـان مـسلـم جـو شـهــادت شــان مسلم جو
ٿـــيو هــن قــول جــو شـاهــد زمــين آهــي زمــان آهــي

۶. بـهادر قـوم مـسـلـم جــي سـڄـي دنـيا ٿي قدمن ۾
بـالاشـڪ آسمـان تـي ڀـي قــدم اظـهـر عــيان آهي

۷. مجـاهـد اڄ ڀـي مـيدان ۾ وطـن تـان سـر فــدا آهــن
الاهـي حـڪـم لـئه تـرسـيـل نـظــر بــر آسمان آهي

۸. جڏهن “اڪرم” وطن تي ڪنهن ڪئي دشمن نظر ناقص
جـھـان وارا تـڏهـن ڏسـنـدا تـه پــاڪـسـتـان جــوان آهــي

ســمــجــھــي نــه ســگـھــيس

تـنـهــن جـي مهــر و وفـا ۽ پـنـهـنـجي خـطـا، سمــجـھــڻ جـي ڪــيم سمــجـي نـه سـگھـيس
تنهنجـو لطف و ڪرم پنهنجو جور و جفا، سمجھڻ جي ڪيم سمجھي نه سگھيس

تـنـهـنـجــون عـنايـتن تـي عـنـايـتـون، مـنـهـنـجــون شـڪـايـتن تــي شـڪــايــتـون
تـنـهنـجـو صـبر و رضـا مـنـهنـجـي دل ۾ دغـا، سمـجھڻ جي ڪيم سمجھي نه سگھيس

تـنـهـنـجــون نـوازشـن تـي نـوازشــون، مـنـهـنـجــون حــڪــايــتن تــي حــڪــايــتـون
تـنهـنجـو قـلـب صـفـا مــنـهـنـجــي دل ۾ ريـا، سمـجـھـڻ جـي ڪيم سمـجـھـي نه سگھـيس

تــون نـــاصــح ٿـــي ڏئـــين نـصـحــيــتـون، مــنــهــنــجــو بــدعـــتن تـــي ئـــي بــــدعـــتــون
ڇــا تـنـهـنـجـي ســخـا ڇـا پـنـهـنــجـي ســزا، سمـجـھــڻ جـي ڪـيم سمـجـھـي نه سگھيس

تـنـهـنــجــون ســعــادتــن تــي ســعــادتــون، مـنـهـنــجــون ڪــدورتــن تــي ڪـــدور تــون
تــون مــاه ــ لــقــا آئــون بــي وفـــا، سمـــجــھــڻ جــي ڪـــيـم سمـــجــھـــي نــه ســگــھــيس

تـنـهـنـجــون بـرڪــتن تــي ئــي بــرڪــتـون، مـنـهـنـجــون حــرڪــتن تـي ئـي حــرڪــتون
تـو ۾ خــلـق حــيـا مــون ۾ نـاهـي صفـا، سمـجـھــڻ جــي ڪــيـم سمــجـھــي نــه سـگــھـيس


تــنـهـنــجــون شــفـقــتن تــي ئــي شـفــقــتون، مــنـهـنــجــون عـجـلــتن تــي ئــي عــجــلـتـون
تـنـهـنــجـي خــوب رضـا پـنهنجي خوب قضا، سمجھڻ جي ڪيم سمـجھـي نه سگھيس


تـنـهـنــجــون رحمــتن تــي ئــي رحمــتون، “اڪـــــرم” جــي مــٿـان هــن لـــک ٿـــيـون
تــون آهـــين خــدا آهـــي تــوکــي بـــقـا، سمــجــھــڻ جــي ڪـــيـم سمـــجـــھــي نــه ســگــھـــيـس

زهــــد

۱. پـڙهـي تـوحـيد کـي تـرديـد ڪـئي اڄ تـو نـه بـاطـل جـي
حقـيقـت دين احمـد جي نه واضـع ڪئي توڪامـل جي
عـقـائـد درست واري جـي رکــين عــزت نــه عــامـل جــي
سـدا ڪـلـفت ۽ ڪـيـني سـان حمـايـت ڪـئي تـو جـاهل جي
حـقـيـقـت پـنـهـنـجـي انـدر جـي نـه مـعـلـومـات ٿــي تــوکــي

۲. حـقيـقي روشـني سـيـني نـه تـنـهـنـجـي ۾ اڃــا آئي
عبادت لطف جي توکي خبرناهي اڃا ڪائي
الاهـي مـعـرفت جـو تـون اڃا نـاهـين ٿـيو شـيدائي
اڃـان هـر ڳـالـھ ۾ متضـاد آهـين تـون تـه سـودائـي
شـريـعـت ۽ طـريـقـت کـي اڃـا هـر گـز نـٿـو ڄـاڻــين
حـقيـقـت مـعـرفـت جـو نـه تـون مـعــراج ٿـــو مـاڻـــين

۳. گـنـاهـن جـي نحـوسـت ۾ ٿـو پـنـهـنـجـو پــاڻ ڦــاســائــين
مسلـط جـنـهـن سـان ذلت ٿـئي انهئَ سان دل پيو لائين
بـدي جـي ئـي زنجـيرن ۾ پـنـهـنـجــو پـيو پاڻ اٽـڪائين
خـلاف ــ شـرع عشرت عـيش سان دل کي پيو پرڀائين
اطـاعـت تـون خـداونـدي جـو دعـويـدار ٿـيـو آهــين
بـصـد افسـوس تـوبـھ لـئه اڃـاتــون تــيـار ٿيو نــاهــين

۴. اڃـا تـون ڪـوڙ ڪـلـفـت کـي ڏنئين پيو جئَ ۾ جايون
اڃـا پنهنجي زبان مان تون ڪڍين فتني سنديون وايون
اڃـا حـق جـون صدائـون اڄ نـه انـدر مـان تـنـهـنـجي آيون
اڃـا دل کـي دغــا سـان تـون رهـين ويـٺو تـه ريجــھــايــون
اڃا تـوبـھ جـي شـرطن کـان ٿـيو تـون بـي خـبر آهــين
اڃــا مـضبـوط ارادي ســاڻ انـســان تــون ٿــيو نــاهـــين

۵. ڪريـن تـوبـھ گـنـھ جنهن کان وري انڏي نه ٿي مائـل
طـريـقـو هـي آ تــوبـــھ جــو نـــا آھ تــو کــٿـيـو حـــاصـل
جــوانـي کـان تــون پــيري ۾ ويــتر آهـــين غـــافـل
مـگــر افـســوس پــو ڀــي ٿــو ســڏائــين پــاڻ کــي فــاضل
اهــا تـنـهـن جـي هـشـياري نـيـٺ تـوکي ئي نهوڙيندي
ڪـندين توبـھ نه تـڪڙي تـون اهـاتـوکي ئي ٻوڙيندي

۶. جــو آ اخـتـيار تـنـهـنـجـي زهــد، ســو مــقـدور ئــي آهــي
انـهـئَ جــا ئــي قــسـم آهــن، خــبر تــوکــي اڇــا نـــاهـــي
نه ڪـر تـون طـلب ان شـئَ جـي، جـنـهن کي دل سندءِ چاهي
خـدا جـي راھـه ۾ سـڀـئي لــٽـائــي ڇـــڏ ٻــيـو ڇـــا هـــي
جـھـان ۾ انـکـان نـفـرت ڪـر جـنـهـين کـي دل پـئي چـاهي
اهــو دنــيـا ۽ عـقــبيٰ ڄــڻ ويــو “اڪـــرم” پـنـهـنــجـي ٺـاهي

مــظــلـــوم

مـظـلـوم جي دنـيا ۾ ته ڪا ذات نـاهي
مـــظـلـــوم جـــتي آھــه ســـو مـظـلــوم آهــي

ان سـان تـه اسـانـجـو ٿـيو مـطلب نه ڪوئي
ڪـارو هـجــي تــوڙي ڀــورو ئــي ڇــاهـي

مـظلـوم تـي جي ظلم ٿوڪاٿي به ٿـئي پيو
ظـالم سـو سـڀـن کـي پـيو ڄـڻ تـه ٿــو ڳــاهــي

صديـن کـان ٿـو مـظـلوم سهي ظلم ستم جو
خـاموش زبان ان سان ڀلا ڪنهنجو ڇاهي

هـر دور ۾ مـظـلـوم مــري ٿــو بي ڪفن ٿي
مـظـلــوم جــھـان ۾ ٿــيـو لاچــار تــه آهـــي

سـچ آھ جـو ظالم جي زبان مان پيو نڪري
سـو ڪـوڙ هـجـي يار ڏونگر جيڏو چاهي

مـظـلـوم جـو مذهب نـه “اڪـرم” ٿيو جهان ۾
ڪـهـڙي بـه هـجـي فـرقي جو مظلوم سو آهي

دل کــي وڻـــنـــد ڙ

ڪـڏهـن ڪـڏهـن ڪـو ڪـو مـاڻـهـون دل کـي ڏاڍو وڻــنـدو آهي
جـنـهـن جـي ڏسـڻ سـان دل جـو دريا ڇـوھـه مان ڇوليون هڻندو آهي


ڪـڏهن ڪـڏهن ڌاريـن کـي ڀـي پـنهـنـجـو سمـجـھـي ويـهـبو آهـي
ڪـڏهـن ڪـڏهـن سـر جو سودو مرڪي مرڪي ٿيندو آهي


پـنـهـنـجــائي جـي روپ ۾ ڪـڏهـين اهـڙي صـورت مـلـنـدي آهــي
نـقـش اکــين ۾ جـنـهـنـجــو پـيـهـي روح کـي ڏنـگــڙا هـڻـنـدو آهــي


ڪڻـڪ رنـگي ڪـا سهڻي صورت گھمندي ڦرندي ڏسبي آهي
ان دم دل مـان پـاڻـهـي پـاڻـهـي رنـگــين غــزل نــئون ٺـهــنـدو آهــي


مـنهنجـو ان مهل ساه بدن مان نڪري ڄڻ ڪي ويندو آهــي
شــهــلا جـھــڙين خــوب اکــين جــو جــڏهن اشــارو ٿـيـنـدو آهــي


وقــت جــون واڳــون نــاهــن وس ۾ پــل ٿــو پــل ۾ پــلـــٽو کــائــي
مـان ڀي تـنهنجـو تـون ڀي منـهنـجـو پوءِ به نه خطرو ويندو آهي


“اڪـرم” اوهـانجـو آهي سائين تون ته الائي جي ڪنهنجو آهين
مـان تـه چـوانـٿو مـنـهـنــجـو آهــين دل کـي يـقــين بـس ايــنــدو آهــي

جــذبــات جــو دريـــا

جگــر ۽ قــلــب ۾ قـــوت رهـــي نــاهــي مــســلــمــانــي
وڌائــي تــو ڇــڏي پــنــهــنــجــي وري پــاڻــهــي پــريــشــانــي
ويـون وصفـون سـڀـئي تـومــان هـيـون جـي تـو ۾ لاثــانـي
وڪـوڙي چـوطــرف ويــئي تــڏهــن تــوکــي آ حـــيرانــي
تـنـهـنـجــي جــذبــات جــو دريــا جــڏهــن کـان ٿــي ويــو مــاٺــو
جــھــاد ـــ فــي ســبــيل الله هــئـي فــطــرت يــقــين تــنــهــنــجــي
اڄو ڪـو روس ۽ هـي چـين هـئي ڪـڏهين زمين تنهنجـي
عـرب کـان روم تــائــين پــڻ هــئي فــتـح و مــبــين تــنـهــنـجــي
رهـي ســا نــاهــي روحــانـي طـبـعــيـت دلــنــشــين تــنـهـنجي
تـنـهـنـجـي جـذبـات جـو دريـا جـڏهـن کـان ٿـي ويـو مـاٺـو
سهـاري ســان تـه مـذهـب جي رهن قـومـون سـدا زنـده
ٿـيو آ عـقـل مـذهـب ســان ۽ مـذهــب عــقــل ري مــرده
ٿـيو جـو عـلـم مـذهـب سـان اهــوئـي عــلـم پــائــيــنـده
مـگــر افـسـوس پــيـشــانــي ــ رهــي تـنـهـنــجــي نــه تــابـــنــده
تـنـهـنـجـي جــذبــات جــو دريــا جــڏهــن کــان ٿــي ويــو مــاٺــو
اڃــا تــون شـرمــنـده نـاهــين جــھــالـت جـي تـه بـسـتي کــان
اڃـان تـون آشـنـا نــاهـين پـنـهـنـجــي فـطــرت ۽ هــســتي کــان
اڃـان تـون دور نـاهين ٿيو ڪـڏهـن پنهنجي تـه بستي کان
اڃــان نـا آشـنـا آهـين چـڪـي تـون مـي جـي مـسـتي کـان
تـنـهـنـجـي جـذبـات جـو دريـا جـڏهـن کـان ٿـي ويـو مـاٺـو
فـقـط تو ديـن پـنـهـنـجـي کـي جـڏهن دل تان ڀلايوآ
غـلامـي جـي زنجــيرن کـي مـقـدر تــو بــنـايــو آ
سمــورو اوج مـســلم تــو پـنـهـنـجـو پـاڻـهـي وڃايو آ
ڇـڏي الله کي تـو مـاسوا وٽ سـر جـھـڪـايــو آ
تـنـهـنـجـي جـذبـات جـو دريـا جـڏهـن کـان ٿـي ويـو مـاٺـو
پـنـهـنجـو تــون پــاڻ جــو دشـمــن مـسـلـمـان خـود ٿـيو آهـين
تـڏهن هيڏئَ هوندي هستي جھـان ۾ تون ته ڪجھ ناهين
ٻـــڌي اســـلامــي دنــــيـا ۾ نـــٿـو هـــرگــــز ٿـــيـڻ چــــاهــــين
ڇـڏي پـنـهـنـجـن کـي غـيرن ڏي پـيو اڪرم سدا ڪاهين
تـنـهـنـجـي جـذبـات جـو دريـا جـڏهـن کـان ٿـي ويـو مـاٺـو

ســنـڌڙي وطــن مــنــهــنــجــو

ســنـڌڙي وطــن مــنــهــنــجــو
امــن جــو چــمــن مــنــهــنــجــو
پـرسـڪـون لـڳـي ڌرتــي
خـلـد ٿــيـو صـحـن مـنـهـنـجــو

مـــــاڻـهــــون پــــيارا پــر
خـوب آ ســجـن مـنـهـنـجــو
دلــربـا مـلــيـو اڪــرم
مـــن ٿــيـو مــگــــن مــنــهــنــجــــو

وطــــن

رونـق ـــ خـلــد ـــ بـريــن آهـي وطـن مـنـهـنــجــو وطـن
جـلـوئ ــ عـرش ـــ زريـن آهـي وطـن مـنـهـنـجو وطن

صبح صادق جا هي جلواصبح صادق جي ضيا
هـسـتـئ گـلــشــن نـگــھــت ســـاڻ پــر بـــاد ــ صـــبا
لالــئ گــل ڪــيـف مـسـتي جــنــت ـــ آب و هــــوا
نـقـش پـا مـنـهـن جـي وطـن جـو آھـه ڄـڻ مـاه ــ لـقـا
زيـنـت ـــ گـل سـر زمـين آهـي وطـن مـنـهـنـجــو وطــن

نـور جـون پـلـٽون جـتي مـهــراڻ جــون مــوجـون جـتي
غنـچـئ صبح ــ بهـاران پـاڪ ٿيون سـوچون جتي
قـطـرئ شبـنم جــا مــوتـي ابـر جـون بـونـدون جـتي
شـوخـئ بـرق ـــ نـگـاه ـــ دلــفـريــب ديــدون جــتي
سـاري جـڳ ۾ ٿـيو حــسـين آهـي وطــن مـنـهـنـجــو وطــن

دل مـوهيـندڙ نـقش هي دل ڪش هي سنڌ جو شباب
دوش تـي زلـف ڪـاڪـل ڄـڻ آهـن پــردئ حــجــاب
جـي هـٽـن ٿــا وار مـنـهــن تــان ٿــو لـڳــي ڄــڻ مــاهــتـاب
پـاڪ هـي مـنـهـنـجــو وطـن مـلـڪـن ۾ آهـي لاجــواب
خــوب تــر ۽ دلـنـشــين آهــي وطــن مـنـهـنـجــو وطــن

آب ــ زم زم آب ـــ ڪــوثــر ســربــســر مــهـــراڻ آ
نهـر ٿـي تـسنيم جـھـڙي جنهـن ۾ ڏسن ســرهــاڻ آ
ٿـي هـمالـيه کـان مـٿي سـنڌوءَ سـنـڌي واکـاڻ آ
سـون ۽ هـيرن جـي اڪـرم سـنڌونـدي ٿي کاڻ آ
رحمـت ـــ رب الـرحمـين آهـي وطـن مـنـهـنجو وطن
مـنـهـنـجــو وطــن

مـنـهـنـجـي وطــن جـي زيـنـت مـعـصـومـي آ مــنـارو
منهنجي وطن جي عظمت رني ڪوٽ جونظارو

ٿـيو سـنـڌ جـي ثـقـافــت هــي ڪــوٽ ڏيجــي وارو
دنيا ۾ جنهنـجـي شهرت ڪلهوڙن جو ڪوٽ يارو
مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ

اڀ سان ڪري جو ڳالهيون منهنجو سوکير ٿرآ
ديـوار چــين جـي ٿــيو هــالار ســربـســر آ

اوچـو جــبل سـلـيـمـان ڪــي ٽــو جــوڄــڻ ٽڪر آ
سـهـڻو ڪـرو جهـين ۾ اڀـريـو ٿـي ڄـڻ ڪـڪر آ
مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ

مـهــراڻ جـت وهـي ٿــو پــلـجي جـتي خــوش ٿــي
جـوڀـن جـتي آ جــوڌن ۽ گــاج جــت گــجـي ٿــي

مـوهـن جـي نـئـين مـلـي جــت مـهــران ۾ مــچـي ٿــي
فــردوس آھــه ڀــون ســا بــارڻ جــتـان وڃــي ٿــي
مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ


ڌرتـي جـي هنـج ۾ ٿـي مـنـڇـر ڪـري تـه انـڇــر
هـاليجـي جـت ڇـلي ٿي خوشين جو ساٿي ته ساغر

سـاڻـيھ جـي سيـني تـي سـرهـي جـتي آ سـنـهــر
۽ ڪـوڏ مـان ڪـڏي جـت ٿـي مست يار ڪينجھر
مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ

مـرڪــي ٿــي مــارئــي جــت مــارو جــتي ٿــا مــرڪــن
بـيـڄل جــتي ويــو ٿــي مــارن جــي دل جــي ڌڙڪــن

ڀـنـڀـور جــا ٿــي ڀــيـنر سـســئي جــا ســور ٿــي ويــو
مـومل جو ملڪ جيڪو راڻي جا پور ٿي ويو
مـنـهـنـجـو اهــو وطــن آ مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ

شـهـباز آ قـلـندر جـنـهــن مـلـڪ کي وسايـو
مخـدوم نـوح سرور جنهن ملڪ کي وسايو

بـلــڙي واري ســـخــنور جــنـهـن مـلڪ کي وسايو
۽ جـھوڪ واري رهـبر جنهن ملڪ کي وسايو
مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ

دودي دلــبر جــي جــا هـسـتي سـڏجي ساٿي
هـوشـو تـه يـار جـي بستي ٿـي سـڏجـي ساٿي

گـجرن جي سونهن جي جا وستي ٿي سڏجي ساٿي
ســورھــه ســومــرن جــي ڌرتـي ٿـي ســڏجـي ســاٿـي
مـنـهـنـجـو اهــو وطــن آ مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ

سهڻـو جـتي سـخـنور ڀـٽ جــو ڌڻــي تــه آهــي
سـامي سگـھـڙ مــند ڀي جنهن ديس کي ٿو چاهي

بيدل سچل ۽روحل مصـري ويو شعر ٺاهي
جنهن ديس جاتـه ٿـورا،تورابـ ٿوڪو لاهي
مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ

جـنـهـن ديـس جـي حـقـيقـت خـلـد بــيـاز آهي
جـنـهـن ديـس جي ته ٻــولـي شـيريـن زبـان آهي

جـنـهـن ديـس جــي تــه لــولــي امــن و امـان آهــي
جنهن ديس جو ته “اڪـرم” پـير و جوان آهي
مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ

ســانـگــي

ڀـري پـير دلـبر اچـين هــا چـڱــو هــو
ڏکـن ۾ هـا سـانـگي ڏسين ها چڱو هو

۱. خـبر ڪـا کـنـياتـي نـه آنـدي آ خــاصي
نـه ٿي بـاس پوري سڄڻ جا مون باسي
نـه تــون ڏور ڏاهـا وڃـين هـا چـڱــو هـو

۲. اٺـا ميـنـهـن مـارن ٿـيون سـارون سنگھارن
وسـي ويـا واريـاسـا ٿـيا سـک سـچــارن
ڀـٽـن ڀـيـڻـين ڀـونـگـا گـھـمــين هــا چـڱــو هــو

۳. سـنـهـي بــونــد ســر تــي وســائــي اچــــين هـــا
ويهـي گـڏ تون گوڏي ڪي خبرون پڇين ها
اچــي رات مــون وٽ رهــين چــڱـــو هـــو

۴. کـنـڀـيون کــنـڀ کـاڌا کــيـاتــن ٿــيـا خــاصــا
لــلــر ســاڳ لــوڻــڪ مــريــڙا ٿــيـا ڏاڍا
هٿـن سـان اچـي سي رڌين ها چڱو هو

۵. مـتـيرا ۽ ريــڀـڙ رچــي راس ٿــيــئــڙا
پــچـي اڄ پــٽــن تــي هــنــداڻــا بـه پــيــئــڙا
عجب ميوا سنڌ جا چکين هاچڱو هو

۶. ڪـرنگھ جوئر ٻاجھر تي جهاگين ٿيون جھارون
هــڙيـن هــاءِ هــيـڙن ۽ ڪــانـگــن قــطــارون
پــيـهــن تــي پــريــن گـــڏ تــڙيــن هــا چــڱـــو هـــو

۷. گــولاڙا گــسـن تــي جـھـلـي گــل تــه بــيــٺا
اڏي چونـئرا چوئنرن سان سانگي ته ويٺا
ساجنـت سندي جـوءِ پـسين ها چڱو هو

۸. بــوڙيـنـڊا ۽ بـيـنـون وڄــن بــانـســريــون ٿــيـون
ٻـڌي چـنگ ڪـن چاه چاهت چريون ٿيون
اهـي سـاز ســرنـدا ســڻـين هــا چــڱــو هــو

۹. واسـي وار ويڙهي چوٽا چيلھه ڇوڙي
پـڪـا لام لاڙي ٽـاريـون خـوب موڙي
ڏونــرا ڏان ڏاهـين وٺـين هـا چـڱـو هـو

۱۰. سـاهـيـڙيـون سـڱـر تي کڻي ٽٻڻا ٽلنديون
جـوان سـي جمـالـو جمـالـي تـي نـچنديون

۱۱ . رتـائـن لـويـن سـان ڪي شالن ۾ سونهن
کـڻـي ٻـيـلـهـڙا ٽـيلـهـڙا سـي دلـڙا تـه کـوهـن
عـجـب ويـس کـهـنـڀا پـسين هـا چـڱـو هـو

۱۲ . کـٿـا کـرڙ کـاهـيـون وڇــائـي کــرن تــي
کـيـڪـــارن خــوب آيــن ويــن کــي
اچـي ويـل تـن سان ويهين ها چڱو هو

۱۳. نـوان نـيـهـن نـازڪ نـوان روز نــيـاپــا
جـانـي جـوءِ ايـندا جـڏهن جـا جـياپـا
اهــي دل کـي آٿـٿ ڏئـين هـا چـڱــو هو

۱۴. سـڱــڙيــا تــه ســامـي ڇـسي وس وريـــا
ڪـيـنر ڪــاپڙين جي اچي ڪن ڀريا
تـون بــابــو بــکـاريــن مـلــين هــا چـڱــو هــو

۱۵. ڇـڏي نـانـي نـانـگـا هـنـگــلاجــئـون آيــا
جـوڳـين اڄ جھانگين جا ته ويڙها وسايا
سـي ميـٺاج مـرلـين ٻـڌيـن هـا چـڱـو هــو

۱۶. هــي گــرنــائــون ڪـن ڦـاڙ آيــا تـه جــوڳـي
مـقـد مــٽـڻ لاءِ وجـھــن ڍارا مــوڳــي
خـبر خـبري تــن کــان پـڇـين هـا چڱـو هـو

۱۷. ٿــڌي هــير مــٺـڙي ڪـــيـو ٿــر گـــلـــســتــان
مــڱــن مــوٺ جــوئــرن ڪــيـا ســبـز مــيــدان
رڌي سـي ٻـڪـن سـان ونـڊيـن ها چڱو هو

۱۸. ڏسـي وس مــون مــورن ٻــڌي ڇــير پــيرن
لـڙڪ ڊيـل ڀـي اڄ ڪـئـي آهـي نــيرن
عـجـب سـو تـه مـنظر ڏسين ها چڱو هو

۱۹. سـدا شــاد ســنـڌڙي رهــي شــال دائــم
رهـن سـکـڙا سـنڌ ۾ هجي جيسين قائم
وطـن لـئه دعـا هـي گـھـريـن هــا چـڱــو هــو

۲۰. انــدر آس آهــي عــجـــيــبن مـــلــڻ جــي
ســانـوڻ مـند سـهــڻي سـڄـڻ جـي اچـڻ جي
وڏا قـرب “اڪــرم” ڪـريـن هـا چڱو هو

ڀــــاڱـــو ٽــيـون: ربـــاعــــيـات

---

مــون تـي تـه ڪــيا ڪـــرم جــي آهــن سـبـحــان

مفعول ـــ مفاعلن ــــ مفاعلين ـــ فاع

مــون تـي تـه ڪــيا ڪـــرم جــي آهــن سـبـحــان
والله نـٿـو ڳــڻـي ســـگـــھــان ســــي احــســـان هـو لـطـف و ڪـــرم سـدا خـدا جـو مـون تـي تـه
“اڪــرم” کــي ڪـيـو جـنـهــين جــھــان ۾ شـادان

محــبـوب خــدائــي آهــي ڪــامـل انــســان
بـرحـق تـه مـٿـان لــٿـو هــو جـنـهــن جــي قــرآن “اڪـرم” نـه تـهـين مـٿـان پـڙهي ڇو صلوات
جـنـهـن جـا تـه ٿـيا جـھـان تـي دهــرا احـسـان

ســاري ٿــو مــڪــي مــٺـا ســنــدم تــوکــي ســاه
جــو دم بــه جــئـان رهــي فــقــط تــوســان چــاه
اڪـرم ٿـو سـنـدءِ سـدا کـڻي سـڪ مان نانءُ
اوکــي ۾ تــه شـــاه تـــون اچـــي ٿـــي هـــمـــراه

اڌ رات اٿـــي دعــــا ڪـــيـــم تــــولــــئـه يـار
دل کــي نــه تــه ڪــو قـــرار آيـــو دلـــدار
تـون محــو خــدا هــئـين تــڏهــن مــدنــي مــير
مــونـکــي بـه نـصـيـب هــوءِ اهـــڙو ديـــدار

هــر وقــت جــن کــي هــو رهــيـو دل ســـان چــاه
حــيرت جــي مــقــام جــي خـــبر تــنـکي آه حــيرت بـه جــتي وڃــي ٿــئي ٿـــي حــــيران
ســو مـنـهـنــجــو مــقــام آهــي شــڪ ان ۾ نـــاه

محـبـوب مــٺـا لــهــين نــٿـو مــنــهــنــجــي ســار
هـر نـوع بــشــر ســڪــي پــيـو تــو لــئه يـار
“اڪرم” ته پڇي پڇي ٿڪو اهڙو آهي
جــو هــاڻ ڇــڏي ڏنـا اٿـس چــارئــي يــار

اڌمــا نه ڪـڏهـن رهـي ســگــھــيا آهــن يـــار
اڀـريـا تـه ڪـيـئي ٿــي ڄــڻـڪ واچــوڙي وار
خامـــوش رهـي ڪـــريــون بــه ڇـــا اڄ اي درد
ســوري جــي مــٿـان ڪــيـون نه ڇو سچ اظهار
. .

هـي مـلـڪ اسـانجـي ته ٿيو قسمت آھه

مفعول ـــ مفاعيل ـــ مفاعيلن ـــ فاع

هـي مـلـڪ اسـانجـي ته ٿيو قسمت آھه
سـنـڌي ۽ وطـن سـنـڌ وڏي نـعـمـت آھه
ڌرتــي کــي چــئي مــاءُ چـمــڻ گـھرجن پير
هـي پـاڪ وطـن نـاھه اهو جـنـت آھه

هـي ديـس تـه دودن جي ٿـيـو جـرئــت آھــه
هي ديـس تـه ٻــاگـهــي جــو ٿــيـو غــيرت آھـه
هـن ديـس ڏي ويــري نــه کــڻـو نـظــرون هــاڻ
هـي ديـس تـه ويـريـن جـي لـئه دهـشت آھـه

ڪـنڊو ۽ ڪـرڙ آھـه وطـن جـو گـلـزار
نم اڪ ۽ کــٻـڙ آھــه وطــن جــو سـيـنـگار
ٽــالــهــي ۽ ٻــٻـر ٻير جــو نـظــارو خـــوب
سـنـڌو جـي ڪــنـارن تــي بهشتي اظهار

تـنـهـنــجــو تــه هـئــڻ گــھــرجـي نــرالــو انــداز
جنهن تي ئي هـجي قـوم وطـن کي ڀي نـاز
سـاڻـيـھه سـڄــڻ سـنـڌ وسـاري اڄ ڪير
تـهـذيــب جــو گــھــوارو بــراعــت جـــو راز

ســاڻـيـھه جــو هــر فــرد تـه ســـودائي آھــه
اخــلاص جــي حـالانـڪ مـهـانـگائـي آھــه
جـت نــانءُ وفــا جــو ئـي کـڻـڻ آهـي ڏوھـه
ات غــير ٿــيـو خــوب تمـــاشـــائـــي آھـــه

هــر راه هــتي نــين وڇــايــا تـــولاءِ
مــارن کــي وڻــي آھــه فــقــط تــنــهــنــجــي راءِ
اڄ ڀـي جي اچي جــھـول جـھـلــين ڀـٽ جــا شــاه
ڌڙ، ات ئـي ڪـرن هاڻ ڏسين جيڪا جاءِ

ڏسـجـي تـه ڪـري ڪـير ٿو سر هي ميدان
هــر سمــت بـــپـا آهــي فـــضـا ۾ گـــمــســان
“اڪــرم” جــو ديــوانــو اچــي نـڪــتـو آهــي
ســاڻـيـھه تـان قــربــان ڪــرڻ پـنـهـنــجــي جــان

هـي ڳـاڻ ڳـڻـيا قــرب ســنـدءِ احــسـانــات
مــون لاءِ جــيـئــڻ جــائــي ٿــيـا امــڪــانــات
خوش خلـق و خوش پوش رهيو اڪرم آهي
هـر لمـحـو ٿـيو جـنـهـن جـو خـوشـين جـي بارات

مــرڪــڻ تــي نـه اســانجــي ســڄـڻ ٿــي حـيران
ســيـني ۾ هــزاريــن پــيـا اڀــرن طـــوفــان
دنــيـا ۾ جــو لمـحــو ٿــا گــذاريــون ســو يــار
ظـاهــر ۾ گــذاريــون نـه ســو ڇــو ٿــي شـــادان

مــاڻـهــو ٿـي رهــن لاءِ ٿــيـا لــک امــڪــان
پـنـهـنـجـي تـه وســان ڪــين گـھـٽـايــو انــسـان
ڪـوشـش جـو ثمـر آهـي جـھان جو جنسار
محــدود اهــو آھــه مــگــر اي نـــادان

حـسـرت جـي نـگاهـن سـان ڇـو يـار ڏســين

مـفـعـول ـــ مـفـاعـلـين ـــ مـفـعـول ـــ فـعـل

حـسـرت جـي نـگاهـن سـان ڇـو يـار ڏســين
ظـلم کـي چـوڻ لـئي سـچ ڇـو ڪـين چـوين
“اڪــرم” نـه مـسـلـمــانــي آهــي تـه رهــي
خـود پـاڻ کـي پـنـهـنـجـي ٿـو افـسـوس ڊڄــين

هــر دور ۾ ڪــاذب آيــا ويــس مــٽــي
هـن قــوم وطــن کــي ويــا ڊاڪــو تــه لــٽـي
“اڪــرم” نـه ســجــاڳــي آئــي آھــه اڃـــان
افـسوس ڏٺـم ڪـنـهــن کــي اک ڪـانه پٽي

خـامـوش نـگاهـن ســان دک درد ســهــن
ظـالم جــي تـه ظـلـم کــان آجــا نــه رهــن
“اڪـرم” آعـجـب لمحــو مــارن جــي مٿان
پـر ڳـالـھ نـه پـنـهـنــجــي تــان مـــارو ٿــا لــهــن

بــرڪـت جـو مـهـيـنو هـي رمـضـان ســندو
جـنـهـن ۾ تـه سـڙيـو گـھـر آ شـيـطـان ســنـدو
رحمــت ۽ فــضـيلـت جــو آ مــاه ڀـــلــو
تحـفـو هـي مـلــيو جــنــهــن ۾ قــرآن ســنـدو
هـي مـاه ڀـلـو بـيـشـڪ رمـضـان ٿـيو
حــيران جــهـين ۾ آ شـيـطــان ٿــيو
بـخـش جـو مـهـيـنو ئـي مـومـن لـئه هي
نـازل تـه جـنـهـين ۾ قـرآن ٿــيـو

رمــضـان ۾ جــدائــي ٿــي والــد جــي وئــي
سـا رات جـمـع جـي ۽ بـرڪت جي هئي
يـاسـين تـه “اڪــرم” ٿـي انـوقـت پـڙهـي
فــرقـت ۾ تــه والــد جــي روئــي ۽ رڙي
. .

اســلام تــه مــذهــب بــيــحـــد مـــوچـــارو

مـفـعـول ـــ مـفـاعـلـين ـــ مـفـعـولـن ـــ فـع

اســلام تــه مــذهــب بــيــحـــد مـــوچـــارو
هـي ديـن آ مـرسل جـو بيشڪ هاڪارو
محــبـوب ٿـــيـو مـــذهــب مـــولــىٰ کـــي هـــئ
هـي ديــن ٿــيـو ابـــراهــيــمـي يـــارو

جـــو ديـــن کــان اڄ بــــاغـــي آهـــي يــــارو
رهــنـدو ســو قــيـامــت ۾ ٿــي ويـــچـــارو
مــذهــب کــان ســوا شـيـطــان جــو پـولـڳ آ
مـذهـب کـان ڦـريـو جـيـڪو نقصان وارو

ســيــني ۾ تــه جــذبــن جــو طــوفان آهي
بـيـدار تــه انــدر جــو انــســان آهــي
هـن ديـس جـي ٿـي ڌرتـي سوني سوني
هـن ديـس مـٿـان “اڪـرم” قـربـان آهي

ڌرتي هي اسـانجـي ڪينـجـھـر واري آ
ڌرتــي هـي اســانجـي مـنـڇــر واري آ
هــي ڄــام ۽ نــوري جــي بــســتي آهــي
ڌرتــي هــي اسانجــي عـنــبر واري آ

قــلــزم کــان بــه گــھــرا هــي جـــذبــا پــنــهــنــجــا
طــوفــان جــا ســـامــونــڊي اڌمـــان دل جــــا
ســنـڌي تـه اســان ســڀ نـصــرت جــا مــالــڪ
ڳـيجھو ته ڪين ٿينداسين ڪڏهن ڪنهنجا

ڄــاڻـي ٿــو اســانجــي طــاقــت دشمــن ڀــي
ڄـاڻـي ٿـو اسـانجـي عـظـمـت دشمــن ڀــي
افـسـوس هـي وک وک تــي فـتــنا هــنــجــا
پـنـهـنـجـي ٿـو وڃــائــي غــيرت دشمــن ڀــي

افـسـوس ڏسـون سـا ٿـي قــسـمـت پـنـهـنـجـي
هـڪ نـان ٿـي جـت آهـي قـيـمـت پـنـهنجي
انـسـان جــي عــظــمــت جــو ڏيـــوالـــو اُت
انـسـان جـي ٿــي آهــي فــطــرت پـنـهـنــجــي

هــي عــشــق محــبــت ۽ الــفــت دلــــبر
حـاصل ٿـي سنـدءِ صحـبت مـارن اڪــثر
آ مـنـهـن تـنـهـنـجـو مـبارڪ آهـي روشـن واه
دلــدار تــون “اڪـــرم” جــو آهــين رهـــبر

تـنـهـنـجـي تــه قــدم هـيـٺـان آهي جـنـت
مـنـهـنـجـي تــون امــڙ آهــين بـهـتر قـسـمت
مـسـرور دعــائــن ســان تـنـهـجـي آهــيان
ايـنـدي نـه مـٿـان مـنهنجي ڪائي آفت

سـاڻــيـھه ۾ نـت جــلــوه تــنــهــنــجــو آهــي
دنـيـا ۾ ســوا تــو هــت دلــبر ڇــاهــي
دنـيـا بـه پــياري آ دل وارن ســـــان
هي شعــر تـو الـفت ۾ “اڪرم” ٺـاهي
. .

خــامــوش ٿـي ســڀ ڪـجـھ ئــي ٻـڌنـدا آهـيـون

مـفـعـول ـــ مـفـاعـيـل ـــ مـفـاعـيـلـن ـــ فـع

خــامــوش ٿـي ســڀ ڪـجـھ ئــي ٻـڌنـدا آهـيـون
بـي هـوش ٿـي سـڀ ڪـجــھ ئـي ڏسـندا آهيون
ڊڄـڻو ٿـو جـھـان ســاري ۾ اڄ ســڏجــي ســو
جـنـهـن کـي اسـان صـابـر تــه ســڏيــنـدا آهــيـون

محـفـل مـان ڪـيو تـنـهـنـجـي مـون حظ آ حاصل
دنـيا تـه وڏو مــونـکـي ٿــي سمــجــھــو جـــاهــل
هـي فـيض ڪـرامـت تـنـهنجي جو آهي احسن
“اڪـــرم” جــھــان ۾ پــيـو ســـڏجــي قـــابــل

تـون ســوچ نـه رب لاءِ ٿــي ويــنـدي حــيران
نـاهـي ڪـو صـحـيـح تـنـهـنـجــو ارادو ايمــان
مــولـىٰ کـي ڇــڏي غــير ڏي هــٿ ٽــنـگـي ٿــو
بـاطـل جـي تــڏهــن دعــوىٰ ڪـري ٿو انسان

دنــيـا ۾ ٿــيـو ڪــير نــه ڪــنـهــنـجــو آهــي
مــان ڪـيــئـن چــوان يــار تــه مـنـهـنــجــو آهــي
هـي وقـت جـي سـڀ ڳـالـھ تـه “اڪــرم” آهــي
دنـيـا ۾ نـه پـنـهـنــجــو بــه ڪــو پـنـهـنـجــو آهــي

ڪيـڏا نـه ڏسـان قـهـر ٿـو مـان دنـيـا ۾
ڪـهـڙا نـه چـکـان زهر ٿو مان دنيا ۾
مـاحـول مـلـيو مـونـکـي نـه دل وارن جــو
ڇـا ڇـا نـه گـھـمـان شـهــر ٿـو مـان دنيا ۾

نـت نـت ٿـو نـوان رنـگ ڏســان دنــيـا ۾
سـر سـاز نـوان چـنـگ ٻــڌان دنــيـا ۾
هـر سـر ٿـو نــئـون راڳ پــيـو الاپــي
وک وک تـي نـوان ڍنـگ پــســان دنـيا ۾

ســيـني ۾ ســدا يــاد تــه تــنــهــنــجــي ســـائــين
ٿــي يــاد ڪــري شــادتــه تـنـهـنــجــي ســائـين
“اڪـرم” کـي ڳـڻـتي فـڪر رهي ٿو دل ۾
هـر وقـت آ امــداد تــه تـنـهـنــجــي ســائــين

سـيــنگـار ڪــري خــوب آ دلــبر آيــو
چشمــن ۾ ڪـجل تــار وجـھــي ســر آيــو
پـنـبـڻـين جـا بـه دلــدار هـڻـي پـيـڪــان ٿــو
“اڪــرم” ئـي ڪـرڻ وار تــه سـرور آيو
. .

مــان طــالــب ۽ ٿــيـو تــون آهــــين مــطـلـــوب

مـفـعـولـن ــــ مـفـاعـلـن ـــ مـفـاعـيـل ـــ فـاع

مــان طــالــب ۽ ٿــيـو تــون آهــــين مــطـلـــوب
هـي عـاشـق جـو لـقـب ڪـيو تـو مـسوب
نـاهـي ڪـا دلـربـا سـوا تـنـهـنـجـي تــات
تـنـهـنجـا ٿـورا سڄـڻ مـٿـان لـک محــــبوب

کـٽـڪــو دل ۾ ڪــري خــدا پـنـهـنــجــو خــير
مــارن جـــو شــل بــچــي اڇــــو پــٽــڪــو ڀــير
سـانـگي سادا اٻـوجـھ ڪـجھ ڄاڻـن ڪين
هو ڪنهن سان ڪونه رکن ڪڏهن وير

سـخـتي هــيـڏي ســهــي نــه ســگــھــنـدو انـسان
سختي هيڏي سهـي نه سگھندي ڪا جان
وحــشـي درنــده ٿــيـو بــشــر اڄ جــو آھــه
آدم جـو مـلـھ آھــه هــت هــڪــڙو نــان

آقــا مـنـهــنـجــو مــٺـو مـڪــي مـنــٺـار
صـاحــب ســهــڻـو ســٺـو ســـچــو ســـردار
“اڪـرم” سـاري سـدا ٿـو تـوکـي محـبوب
دل سـان سـڪ سـان مـٺـا نـبـي تـو دلدار

پـنـهـنــجـا هــي ٿــيـا ٽــئـي دشمـــن هــاڻ
مــشـرق مــغــرب ٽــيو ٿيو پــنــهــنــجــو پــاڻ
غــيرن کــي ٿــو پــلـي تــه ســگــهــجــي يار
پنهنجن کي ڪو پلي نه سگھندو سرواڻ

فـاتـح دنـيا جـو سـو جـھـان ۾ مـظــلـوم
زنــده پســي ڏس لــڳـي پــيـو مــرحـــوم
مـسـلـم جــي ڇــا ويــو ٿي غيرت کي آھه
مـسـلم سمجھي سگھيو نه پنهنجو مفهوم

آڪـاش زمـين تـي خـامـوشـي ڇـائـي

مفعول ـــ مفاعيلن ـــ مفعولن ـــ فع

آڪـاش زمـين تـي خـامـوشـي ڇـائـي
گـلـشـن ۾ فـضـا يـارو ڪــهــڙي آئــي
هــر دل ۽ جــگــر يــار ڦــاٽــي ٿــو اڄ
هـن ديـس جـو مـاڻـهـو مـاڻـهــو ســودائـي

ڇـو ٺــاھـه رهــيـو نــاهــي دلــوارن ســان
ڏس ڇــا تـو ڪــيـو آهــي دلــوارن ســان
شـڪـوه ۽ شـڪـايـت اڄ جـائـز ناهي
لـيـکـو نـه ڪـوئـي چــاهـي دلــوارن سان

هـي حـسـن رهـي دائـم دلــبر تـنهنجو
هـي نـاز رهي قـائـم دلــبر تـنـهـنـجــو
آهـيان مـــان دعـــاگـــو ٿـيـو دلـــبر تــو لــئه
۽ اصـل کـان هـي خــادم دلــبر تنهنجو

هـت ڪـير ٻـڌي ڪـنـهـنـجي آه و زاري
اڄ ڳــالــھ نــه ڪــــاٿـي ٿـــي مـــــردن واري
هــر ڳــالــھ ۾ يــارن جــي فــتـنـو آهــي
هــت ڪــو نــه ڏئــي هـيــڻـي کــي دلــدار

دلــدار نــه دل پــارن ســان جـھـيـڙا ڪــر
پـنـهـنـجـي نـه سچن يارن سان جھيڙا ڪر
تـنـهـنـجـو تـه ٿــيـو جــو ڀــي آهــي تـنـهـنــجــو
گـل ســان مـگــر خــارن ســان جـھـيڙا ڪر

گـذري وئـي ڪــجـھ ۽ ڪـجھ ويندي گـذري
ان ريــت حــيـاتـي هــي ويــنـدي نــڪــري
تــوســاڻ مــٺـا آهــي لـيـکــو ڪــهــڙو
تــو جــابـه ڪــئـي ســا ســڀ ويــنــدي وســري

دنـيا ۾ تـه هـر ڪـنـهـنـجـي پـنـهنجي قسمت
محــتـاج ڳــڀـي لــئه ڪــي ڪــن وٽ دولت
الله ڏئـي جـنـهـن کـي چــاهــي ســڀ ڪــجـھ
“اڪــرم” ٿــي اهــا قــادر جـي سڀ قدرت

آ ڀـاڳ تـه دنـــيـا ۾ پـنـهــنــجــو پـنـهــنــجــو
ڪــو وس نــه آهــي ان ۾ ڪــنــهــنــجـــو
ڪــو آھــه تــونــگــر ڪـــو پـــيــنــو آھــه
ڪـو آھـه تـه مـنـهنجو ڪو آهي تنهنجو

الـفـت ۾ سـڄــڻ سـائــين ســهــبا ڏک غـم
خــادم تـه ڏٺـم الــفـت ۾ سـو حـاڪم
مــيــدان مــــحــبـــت ۾ ئـــي مــــــردانا
مـانجهـي مون ڏٺا “اڪرم” جھڙا همدم

ڇــو يــار ڪــريـن ٿــو تــون رســوا مــونـکــي
فــرقــت جــو ڏئــين ڇــو ٿــو ســودا مــونـکــي
تـنـهـنــجــو ته فـقـط مـان بـس آهيان تـنـهـنـجــو
هـت ڪـين ڇـڏي وڃ تـون اي آقـا مـونـکـي

هــي دور محــبـت جــو بــلــڪــل نــاهــي
هــي دور تــه نــفــرت جــو آهــي آهــي
اڄ امــن نـه دنــيـا ۾ اڪـــرم رهــيـو
انـسـان نـه انـسـان کـي ٿـو هــرگــز چــاهــي

ڏي جــــــــام ڀــــري دلـــــــبر مــــرڪــــــي
اڪــرم ٿـو گــھـري توکان ڇرڪي ڇرڪي
ٿـي گـھـرج گـھـڻي جـو خـشـڪــي ڏاڍي آھــه
ٿـو سـاه وڃـي ڏي ڪـا سرڪي سرڪي

محـبـوب ســراپــا تــون آهــين ســهــڻو
دنــيا ۾ نــه مــٽ تــنــهـنـجـي آهــي کــلــڻو
مـعـصـوم آ چـهرو مکـڙي ڄڻ مرڪي
تـنـهـنـجــو تـه ســڀـاءُ آهــي رلــڻـو مـلــڻـو

ڪـر قـرب مـٺـا مـون تـي هـيـڪـر پـنـهـنـجـو
ڪـر رحم سـدا مـون تـي هيڪر پنهنجو
“اڪـــرم” تــه ســـوالي تــنــهــنــجـــي در تـــي آ
ڪـر لطـف خـدا مـون تـي هيڪر پـنهنجو

الله ســـدا آهـــي قــــــادر قــــــــائــم
الله ســـدا آهــي رهــنــدو دائــم
هـر شـئ کـي فـنا بـاقـي رهـنـدو بـاقي
“اڪـرم” جوته سوهادي سوئي حاڪم

درشــن تــه ســنـدءِ آهــي دلــدار ثـــواب

مـفـعـول ـــ مـفـاعـيـل ـــ مـفـعـول ـــ فـعـول

درشــن تــه ســنـدءِ آهــي دلــدار ثـــواب
فـرقـت سـنـدءِ آهـي ڄـڻ هـڪ عمر عذاب
“اڪــرم” نـه ٿـيـو جــانــي تـنـهـنـجــو ئـي غـلام
ان تـي ڪـريـن ڇـو ٿـو اي مـنــٺـار عــتــاب

صـوفـي تـه صـداقـت سان ڪن يار ڪلام
تــقــديــر بــه تــابــع ٿــي تـنــجــي آ مــــدام
ڪـو فـقــرو غــنـا ســان مــطــلــب تــنــجــو نــه آه
ڪنهـن کي به سـوا حق جي ڪن ڪونه سلام

هـر دور ۾ تـوکـي هـو حاصل ته ڪمال
افـسـوس ڏسـان اڄ ٿـو تـنـهـنـجــو تــه زوال
پـنـهـنـجــو تــو وڃــايــو آهـي اوج عــروج
پـر پـو بـه نـه تــوکــي هــرگــز ڪــو خــيـال

اڄ سـوچ ابـاڻـن تـي پـهــرو آھــه اي يــار
يــارن جـي ڏيـان ڪـنـهـن کـي دلــدار مــيـار
اڪـرم بـه چــوي ســچ ٿـو جت سچ ٿيو جرم
افـسوس هـتي منـصف ڪونهي ڪو سچار

گـلـشـن لـڳـي ڌرتـي هـر وقــت بــهــار
پـاڙي ۾ پـريـن جـي دل کــي آھــه قــرار
اڪـرم تـه وطـن پـنهنجي ۾ خوش آ تمام
هـن کـي تـه مـلـيو مــارن جــو آھــه پــيـار

دنـيـا ۽ طـبـعــيـت ســان ڪـــر يــار جـــھـــاد
رب جي جي ته رضا سان ئي پڻ ٿيندين تـون شاد
مـضـبـوط ارادو رک سـيــني ۾ تــون صــاف
ڪـر نـفـس سان پنهنجي تون هر وقت فساد

مخـلـوق نـه چــو انـکــي رب جـــو آ ڪـــلام
حــق نـور هـدايـت جـو سـو آھـه تـه جــام
ان کـي نـه مڃـي جـيڪـو منڪر به اهو آ
حــق جــو تــه فــقــظ آهــي قــرآن پـــيــام

بـرســات ۾ دلــبر ســان اڪــرم جــي رهـــاڻ
هـر وقـت رهــي دلــبر اڪــرم ســان تــه ســـاڻ
ڇـا ڀـاڳ به ڪنهنجي سان ڪا ريس نه آھه
قدرت جوڪرم گهرجي ٻئي جي نه آ ڪاڻ

محـبـوب ثـنـا تــنـهــنــجـي قــرآن ۾ آھــه
عــاشــق تــه ســدا تـنـهـنـجــو ايــقان ۾ آھه
“اڪرم”کي نه هرگز ڳڻتي آھه ۽ فڪر
انجـــو ٿــيــو ايــــمــــان يــــزدان ۾ آھــــه

تــنـهـنـجــي آ ڪـيـو ديــد اســانـکـي ته نـهــال

مـفـعـول ـــ مـفـاعـيـل ـــ مـفـاعـيـل ــــ فـعـول

تــنـهـنـجــي آ ڪـيـو ديــد اســانـکـي ته نـهــال
بـاهــوش بـه بـيـهـوش نـظــر نــاز ڪــمــال
ســاقـي تـه ڏنـا جــام ڀـري جــام تــي جــام
اڪـرم نـه رهيو هوش نه سـاقي جو خيال

هـو مـسـت ڪـيـو مـونکي سڄڻ نقش نگار
ديــدار پــســاءِ يــار جــو رت آئــي بــهـــار
“اڪـرم” بـه ٿـيو شـاد ڪـرم سـاڻ سـنـدءِ
ٿـو يــاد صـنـم ۾ اچــي خـــوب قـــرار

دعـوىٰ ٿـو ڪـري هـرڪـو تـه آهـيـان غلام
ٿـا يــار وفــادار ســڏائــن تــه عــام
“اڪــرم” نــه ڀــرم کــول اهــو آھــه گــنــاھه
ڪـر وقـف حـياتـي تـون سڄڻ ڪاڻ تمام

ڇـا ڇـا نـه ڏنـو آھـه خــداونـد ڪــريم
مـنـهـنـجـي ٿـي طبعيت ۾ رواني به عظيم
احـسان لـکـين ڪـهـڙا ڳـڻي ڪـهـڙا ڳـڻيا
عــفــار ۽ ســتـار ڪــريم آھــه رحــيـم

ڇـا ڇـا نـه ڏنـو آھـه خــداونـد ڪــريم
عــورت گـھـڻو اولاد ۽ گـھــر مــال رحــيم
صحـت به سٺي روزي ۾ برڪت به گھڻي
“اڪــرم” تــي ڪــيـا قــرب الله عــظــيـم

الله ڪــرم خــوب ڪـيا خــوب ڪــريم
اولاد بـه صــالح ڪـــيـو الله ســلـــيـم
اڳـتي بـه ڪـنـدو يـار ته اڪرم تي ڪرم
خـوشـحـال ڪـندو خوب سو اولاد عظيم

هــر وقــت محــافــــظ خــــداونـــد ڪــريم
رحــمــان ۽ راحـــم ۽ خـــدا آھــه ڪـــريم
هـن عمــر ســڄـي ۾ تــه لـکــين لـطـف ڪـرم
احـسان تـه اڪرم تي ڪيا خوب رحيم

وڏڙن جــي ڇــڏي ريــت ٿــي گــمــراه نــه يـــار
فـيـشـن جـي جــھــان ســاڻ رکــج چــاه نــه يــار
تـقـلـيد چڱي نـاھه ٿي غيرن جي اي دوست
ڪـر غـير جـي وعـدي تـي تون ويساه نه يار

ڪنهنکي به رهيو ناھه ڪوڪنهن تي يقين
ڦـيري سـان ڪــري بــات پــيـو يــار امــين
رک ديـس ســلامــت تــون خــداونــد ڪـريم
هـي ديـس وڃــي ڪــين ابــاڻــن کــان حــسـين

آزاد وطــن آھــه ٿــيـو خــلــد بــريــن
گــلــزار وطــن آھــه ٿــيـو خـــوب تـــريـــن
هـن مـلـڪ جـو چرچو ته آ ملڪن ۾ عزيز
خـوش حـال رهـي مـلـڪ ابـاڻـن جـو حـسـين

مــاڻـا نـه مــٺا يــار ڪــري ڏي تــون عــذاب
عــاشـق تـي ســڄــڻ ڪــين ٺهن ايڏا عـتاب
مجبورنه ڪـر دورنـه ڪر ڪر نه اداس
ڏيکار تـون ديـدار نه ڪر مونکان حجاب

ڀاڱو چوٿون: قطعات

---

حـــــمـــــد

ثـنا تـنـهـنـجــي ســڀ کـان آ بـهـتر خــدا
ازل کــان ئــي آهــين ۽ رهــنـديـن ســدا
تـنـهـنــجـــو نــام آ پــاڪ پــروردگـــار
تـنـهـنــجــو نــور اعــلـىٰ ۽ آهــي جــدا

مـــحـــمـــدﷺ

مـــحـــمـــدﷺ

محــمـد ئـي محـمـدؐ آ جــهان جــي ذره ذره ۾
نـظـر جـاڏي ڪـيم تـاڏي نـظـارن ۾ محــمــد آ
لـکيل هـر چيز تـي جـنـت ۾ نـالو هـو محـمد جو
چٽيل عـرش ــ بـرين جي خـود منارن ۾ محمد آ

مــتــقي

مــتــقي

اهــو مـتــقـي آهــي جــو ڏک ۽ ســک ۾
خــدا واســطـي خــرچ ڪــندو رهـي ٿــو
غـصو جـو روڪـي ڪـري پــاڻ قــابــو
خـدا ڀـي انـهـئَ کـي ئـي دوست رکـي ٿــو

نــعــمــت

نــعــمــت

خـدا جـي نـه نعمت جو ڪيو قدر جنهن ڀي
اهـو پـاڻ لـئه پـاڻ ڀـي ڄـڻ ظـالم ٿـيـنـدو
آ نــعــمـت جــو هــئـڻ ڀـــي وڏي آزمــــائـــش
شـڪـر جـي خــدا مــونـکــي تــوفــيـق ڏيــنــدو

نــيــڪــي

نــيــڪــي

ڪــري جـو بــه تــوسـان جـھان ۾ ٿــو نـيڪي
تـه نـيـڪـي جـو مـلــڻو چــڱــو آهــي بــدلــو
انـهـئَ جـھــڙو بــدلــو نــه ٻــيـو ٿــي ســگــھــي ٿــو
خــدا شــال “اڪــرم” ڏئــي اهــڙو جــذبــو

ڀــلائــي

ڀــلائــي

اهـــــو ســــــوچ ســـــاٿـــي ٻـــــين لاءِ ويـــهـــي
ڀــلائي هــجــي جــنــهـن ۾ تــنــهنــجـي بــه مــن جـي
ڀــلائـي نــه جــنــهــن ۾ تــون پـنـهـنـجــي ٿـو سمـجـھـين
ٻـين لاءِ اهــڙي نــه ڪــر ڳــالــھ ڀــلــجــي

عــزت

عــزت

اگــر تــون جــي چــاهــين وڌي مـنـهـنـجــي عــزت
تــه فــرمــانــبرداري ڪـــر تــون خـــدا جـــي
خـدا جـنـهـنـکـي چـاهـي ڏئـي تـنـهــن کـي عـزت
نـظـر نـيـڪ رک تــون ســـدائــين حـــيـا جــي

عــمــل

عــمــل

ٿــيـو عــلــم ســـان عـــمــل بــلــڪــل ضــروري
ســوا عــمــل جــي عــلــم بــيـڪــــار آهـــي
اهــو يــاد رک تــون عــلــم جــي پــرائـــين
ســـوا عــمــل جــي عــلــم بـــيــمـــار آهــــي

حــــيـا

حــــيـا

حــيـادار تــون جــي ٿـــيـڻ چـــاهـــين دلــــبر
نـظــر پـــاڻ تــي رک تـــون پـنـهــنــجـــي حـــيـا جـــي
يـقـيـنــن ٻــين لــئه حــيـا تــوکــي ٿــيــنــدو
عــنـايــت حـــيـا جــي رضــا آ خــــدا جـــي

بــيــدار

بــيــدار

قــدم هــر قــدم تــي ٿــي بــيـدار تـــون
ســجـاڳــي ڪـنـدو جــو ســو رهــندو سـکــيو
جــو بــيـدار خـــود پـــاڻ پــنــهــنــجــي لــئه نــاھــه
جـئـڻ ٿــيـو آ جــھــان ۾ بــه انــجـــو ڏکـــيــو

زبـــــان

زبـــــان

اگــر تــوتــي ڪــنـدي زبــان حــڪــمــراني
اهــا سمــجــھ پــوءِ مـــوت جــي آ نــشــانــي
اهــو فـيـصلــو پــاڻ پــاڻــهـي ڪــنـديــن تــون
زبـان وس ۾ پنهنـجـي نه رکندين جي جاني

خــــزانـــو

خــــزانـــو

اهـــا رقــم ٿـــوري بــه آهــي چـــڱـي
جـنـهـين مـان ڪـجـي خـرچ راھـه خــدا
خـزانـي کـان قـارونـي جـي رب ڏئـي پــنـاه
وڌائـي جــهــان ۾ جــو جــھــيـڙا جــھــٽـا

کــوٽـــو ڪـــم

کــوٽـــو ڪـــم

نـڀـاڳــو اهـــو شــخــص آهــي هـــتي
ڪــري ڪــم جــو کــوٽــا مـــري ٿــو وڃـي
بـرو شــعــر آڻــي اشـــاعــت ۾ ڪـــو
اهــو ڄــڻ بــرائــي ڇـــڏي ٿــو وڃـــي

بـري کــان بــرائــي

بـري کــان بــرائــي

بـري کــان بـرائــي ســوا ڪــجــھ نـــه مـلـنـدو
اهـو قـول آهـي تـه مـشـڪـل ڪـشـا جــو
ٿـيـو جـھــڙو تـهـڙو سـڀـن کــي ٿــو سمــجــھــي
گـمــان دل ۾ رکــنـدو ســڀـن لــئه ريـــا جـــو

شــــرافـــت

شــــرافـــت

شــرافــت آ زنــده تــه عــلــم و ادب ســان
شــرارفـت نـه دولــت نـسـب ســاڻ آهــي
اهـو قـول آهـي تـه شــير ـــ خـــدا جـــو
نــه عــلــم و ادب آ، شـــرافــت بــه نــاهــي

امـــانـــت

امـــانـــت

جــھـان ۾ وڏو ڪـــال آهــي مــٺـا
امـــانــت ســـچـــائــي ســـنـدو جـــا بجــــا
جــھــان ۾ جــا ســســتي گــھــڻـي چــيــز آ
اهــائــي ڪــدورت خــيـانــت دغـــــا

عــقــلــمــنـد

عــقــلــمــنـد

عــقـلـمـند اهــو آ ٻــين مــان جــو ويــهــي
مٺا منهنجا يارحاصل ته عبرت ڪري ٿو
عـقـلـمـند هــرگــز جــھــان ۾ ســو آهـــي
ٻــين لاءِ بــاعــث جـــو عـــبرت ٿـــئي ٿـــو

نــگــاهــون

نــگــاهــون

وجھي ڪم نه اهڙي۾ ڪنهن جوخداڀي
نـه جــو الـتـجــائـي نـگاهــون ٿــو سمــجــهــي
زبـان کـولـي ان جـي اڳــيان ڇـا ڪـندين تون
نـه دلـڙي دکـي جـون جــو آهــون ٿــو سمــجـھــي

لــيـکــو

لــيـکــو

حــــيـاتــي مــــمــاتــــي وڏو لــيـکـــو آهـــي
جـــو اول ۽ آخــــر آ ڏيـــڻــو حـــســاب
ٿــيـو عــمــل جــي عــيـوض گــروي بــشــر
ڪـنـدو رحـم پـنـهنـجــو نـه مون وٽ جواب

عــيــب جــوئــي

عــيــب جــوئــي

نـه ڪـر عــيــب جـوئي ٻــين جي تـون ويـهـي
ائـين ڪـرڻ هـرگـز چـڱــو يــار نــاهــي
انـهـئَ مــان وڏو تــوکــي نـقـصـان رســنــدو
ســويــن عــيــب تــو ۾ بــه پــونــدا ڪـــاهــي

شـــــر

شـــــر

چڱـائــي ڀـلـي چـؤ ٻــين کـي چـڱــي آ
مگر پنهنجي دل کي تون شر کان صفا ڪر
جـي ائــين “اڪــرم” ڪـــيـو تــو جــھــان ۾
نـصيـحــت ٻــين کــي پـو بـيـشـڪ مـــٺـا ڪــر

دشــــمــــن

دشــــمــــن

جـي دشمــن آ هـڪــڙو تـه آهــي گـھـڻـو
اهـو قـول حـضـرت عـلـى جــو تــه آهــي
ٿــيـا دوســت ســو ڀــي تــه آهــن مـگــر گــھـٽ
محـبـت ڪـنـدڙ کـي خـدا خــود ٿـو چاهي

دل شــڪـســتو

دل شــڪـســتو

خــدا جــو اهــو قــول آهــي ســڀـن ســـان
جـو دل شـڪـسته آھـه مـولىٰ بـه ان ســان
ڪـرڻ يـاد هـر وقـت انـکـي ئـي گــھــرجــي
ڏکــن ۽ ســکــن ۾ جــو آهــي مــهــربــان

لــيــڊ ر

لــيــڊ ر

وڍئي پنهنجي سندو دارون ڀلا ٻـيو ڪيرٿو ڄاڻي
ٿيو سڀ متـحد ليڊر ڇڏي تڪرار جون ڳالهيون
ڏسي هي قـوم جـا جـذبا ڪيو اڄ قدرتن جو ڪجھ
ڏسي اڄ قـوم جي همت ڪـيو اقـرار جـون ڳالهيو

غــربــت

غــربــت

اڃــان ذهــن ســاٿــي تــه پـنـهـنـجــا اســير
اڃـان سـوچـون پـنــنـجـون ته آهن صغير
اڃـان ڏس تـه غـربـت گـھـٽـين مـنجھ گھمي
اڃــان ڏس اکــين ۾ غــريـبن جــي نــير

ڳــڀـي لاءِ

ڳــڀـي لاءِ

اڃــان ڏس ڳــڀـي لاءِ مــارئـيـون مــرن
اڃــان ڏس حــيران هــو شــو هــمــير
اڃان سانگي سـادا اڃـان نـنڊ منجھ
اڃـان سمـجـھـي دنــيـا اســانـکي حقير

بــا اخــتــيـار

بــا اخــتــيـار

قـوت تـه هـاشمي جو سرچشمو تون ئي آهين
اســلام جــو مـسـلـمــان تــون ئــي وقــار آهــين
سـاري جـھـان جـو مـالـڪ تـوکـي بـنـايـو مولىٰ
ارض و سمــا ئــي تــون ئــي بـا اخــتــيار آهــين

حــــق

حــــق

نـه سمـجھي سو سگھندو جو حق کي ۽ شر کي
خــدا جــي تــه حــق کــي نــٿـو جــو ســڃــاڻــي
انـهـئَ ســاڻ رغــبـت چــڱــي يـــار نــاهــي
انـهـئَ مــان نـفـعــو اڄ نــه مــلــنـدو ســڀــاڻــي

شــاهــڪــار

شــاهــڪــار

جــلــوه نمــائـي تــو ۾ نـــور ـــ محــمــدي جـــي
تــون ديــن مـصـطــفـىٰ جــو هــڪ يــادگــار آهــين
ديــد ـــ نـظـر لـئه تـنـهـنـجــي دنــيـا ۽ آخـــرت آ
قـدرت جـو خوب تر تون هڪ شاهڪار آهين

مــاحــول

مــاحــول

مـسـتـن کـي بـه مــاحــول مـنـجــھــائــي وڌو آ
مــاحــول بـه مــســتن کــان کــڻـي گــوءِ ويــو آ
پـل پل جو پتو ناهي ڇا ٿيندو ڇا نه ٿيندو
آرام سـڪـون يـار ڇـڏي جــوءِ ويــو آ

مــفــاد پــرســت

مــفــاد پــرســت

پـنـهـنـجـا تـه گـھـڻـائـي پـر پـنـهـنـجـو چـوان ڪنهن کي
پـاڇـو بـه جـڏهــن پـنـهــنـجــو پـنـهـنــجــو نــه ٿــيـو آ
حـالات مـان اهڙي ۾ چـوان ڪـنـهـن کـي پـنـهـنجــو
هـت مـاحــول مـفــاد پــرســت جــي ٿــي حــق ۾ آيــو

هــمــدرد

هــمــدرد

هـمـدرد تــون هــمــدرد ڪــري مـنـجــھــين وئــين اڄ
هـمـدرد ٿـئي جـيـڪــو ســو بــيـوقــوف وڏو آ
هـمـدرد ٿـو هـر هـنـڌ ڌڪــا کــائــي ٿــيـلــهــا
هـمـدرد جـو هـر دور ۾ بـس ۾ بـس حــال جــڏو آ

حــوصـلــو نــاهــي

حــوصـلــو نــاهــي

حــديثـن کـان ڪـريـون پـاسـو فـقـھه جـي ڪــا خــبر نـاهي
نـه سمــجــھــي ٿــا ســگــھـون مـعـنىٰ پـڙهـون آيــت جــا قــرآنــي
دلــين ۾ ولــولــو اڪــرم رهــيـو ڪــو حــوصـلــو نــاهــي
عطا ٿـئي عـلم جي دولت دلـين مان وڃي هي جھل ناداني

انــا الــحــق

انــا الــحــق

هـڻـون نـعـرا انـالحــق جــا عـطــا ڪــر مــوج منـصوري
ڏئـي سـر راه ـــ مـولىٰ ۾ سـجـايـون سـيـج اڄ ســوري
ڀـڳي ٺـوڙهـي مـٿـان بـيـهـي هڻـون ٿـا حــيـدري نــعــرا
جــلالـت جـاه دنيا کي ڏسيون اڪـرم ٿـا مغروري

عــــــزم

عــــــزم

ويـاسـين خـشـڪ ٿـي رن پـٽ مگر رڻ پٽ جي سيني تي
ڪـنـداسـين عــزم ســان پــيـدا وري اڄ مــوج مــهــراڻي
عـطـا ڪـر حــيـدري قــوت عــطــا بــازو حسيــني ڪــر
وري شــوق ـــ شـهـادت ڏي وري ڏي مـــوج دوداڻــي

ســـر مــعـــذوري

ســـر مــعـــذوري

فـنـا فـي الله ٿـيـئـڙا جـي نـشـي ۾ نـيـنـهـن جــا نــانگا
پـڙا تـن جـي وايــن جــا ٻــڌو ٿــا ســر پــيا مــعذوري
اسان اڪرم اسان احسن اسان استاد۽ طالب
اسـان هـر دور ۾ زنــده اســانجــي آ صـفـت نوري

وطـــن

وطـــن

مـنـهـن جـي وطن جي صورت ٿيندي وڃي نئين ٿي
مـنـهـن جـي وطـن ۾ رونـق ايـنـدي وڃــي نـئــين ٿــي
خـــوشــحـــال زنــدگـــانــي اڄ قـــوم جـــي لـڳـي ٿـــي
هـر ڪـنـهـن کـي زنـدگـي ڄڻ ملندي نئين وڃي ٿي

مـحــنـت ڪـــش

مـحــنـت ڪـــش

محــنـت ڪــش جــي عــزت جــنــهــن مــلــڪ ۾ آ ٿــيــنـدي
ان مــلــڪ ۾ تــرقــي ايــنــدي وڃــي نــئــيــن ٿــي
هـرڪـو ڪـري پـيو ڪـوشـش اڄ مـلـڪ جـي ڀـلي لئه
پـنـهــنـجــي وطــن جــي قــسـمــت کــلـنـدي وڃــي نــئــيـن ٿـي

مــڇ مـــانــگـــر

مــڇ مـــانــگـــر

اڃــان مــڇ مــانـگــر اجـــاڙن پــيـا گــھـــر
اڃــان ڏس تـه ســيــٺيون ڦريـون ڪن فقير
اڃـــان ڏس تـه واسـيـنگ ڦــوڪــون ڏيــن
اڃــان ڏس تــه راشــي وهـــائــن ٿـــا ســـير

شــــان وارو

شــــان وارو

تون مـلڪ جـي عمظمت جـو ۽ ملت جو محـافـظ
الله جـــو پــيـارو ۽ تـــون احمــــد جــــو دلارو
نــامــوس محــمــدؐ تــي مــرڻ تـنـهــنــجــو ٿــيـو ڪــم
هــي مــوت آ عــزت ۽ وڏي مــرتــبه وارو

آريــــاڻــي

آريــــاڻــي

اڃـــان بــاھ ڀــنــڀـور ۾ نــه آهـــي وســـــاڻـــي
اڃــان هـرڪـا سـر تي ڪئي سور ساڻي
اڃــان ســاٿ ســهــڻـو نــه ســـاجــن آ آيــو
اڃــان ڏس تــه ســڏڪــي پــئـي آريــاڻــي

نـــوري نــمـــاڻــي

نـــوري نــمـــاڻــي

اڃــان ڏس تــه ســونــهــري لائــون بــه لــڌيــون
اڃــان ڏس تــه ڪـيـنــجـھــر بــه آهــي ويـڳـاڻــي
اڃــان چــهــچــو نــاھ ڪــيـنـجھـر ڪــنـاري
اڃــان آ ڪــومــاڻـل بــه نــوري نمـــاڻـــي

گــھــر ڌيـــاڻـــي

گــھــر ڌيـــاڻـــي

اڃــان ســوکــڙيـون ڪــي اروڙئـون نـه آيــون
اڃــان ڏس غــمــن ۾ گــذاري مــهـــاڻــي
اڃــان ڏس تـــه اوٿـــر نــوان پـــيـا اچـــن ٿــــا
اڃــان مـــاڻــيـو ســک نــه آ گــھــر ڌيـــاڻــــي

بــڊي جــھــڙا ســـانوڻ

بــڊي جــھــڙا ســـانوڻ

رمـــي ڪــــيــن بــــادل اتـــر کـــان ٿـــي آيـــــا
اڃــان ڪـين ڀورا ڪـڪر ڪي وسياڙي
ويــا پـــر پـــريــن جـــي وريــــا هـــيـل نـــاهـــن
بــڊي جـــھــڙا ســـانــوڻ اڃــــان هـــت ســــداڙي

ڌاريـــــا ۽ ڌريـــــــا

ڌاريـــــا ۽ ڌريـــــــا

نــه بــادل ٿـــا بـــرســـن نــه بـــونــدون بـــهـــارون
خــزان ڇــڏيــا کــوهــي ڪــرڙ ۽ ڪـنڊا ڙي
ڀـٽـن پــاســي ڀــر ۾ نــه ڀـــيــڻــيـون لــڀـن ٿــيـون
ائـــيــن اڄ رســـــي ويـــــڙا مـــــارو مــــٺـاڙي

ســـڳــــداسي

ســـڳــــداسي

شـهــروز سهڻـا بــانــڪـاسـي مـاڻــهـو منـهـنـجـي سـنڌ جــا
حـق جـا ڏين جي هـوڪـا سي مـاڻـهو منهنجي سنڌ جا
سـڳداسـي جـھـڙي خـوشـبو جـنـهـن مـان اچـي تـه مـلـندي
سـهـڻـا گـلاب سـرهـا سـي مـاڻـهـو مـــنـهـنـجـي سـنـڌ جـــا

عـــرش بـــريـــن

عـــرش بـــريـــن

تـون پـاڻ کـي تـه پـاڻـهـي مجـبـور پـيو ٿـو سمــجـھــين
ورنــه تــه قــدم هــا تــنـهـنــجــا عــرش ـــ بــريــن نــشـابــر
سـيـنــا ئــي ڇـاهي تـنهنجي همت سان ٿيندا گلشن
دنـيا سڄـي جـا صحـرا عـرب و عـجم ته اڪثر

الله تــنــهـنــجــو رهـــبر

الله تــنــهـنــجــو رهـــبر

مــومـن تـون مــرد غــازي اول آ تــولــئه آخــر
روا ــ ازل کـان تـنـهـنـجـو فـتـح و مسن مقدر
هــر طـرف کـان تـه تـنـهنـجـادشمـن ٿيا نصارا
پــرواھـه تــوکــي نــاهــي الله تـنـهـنـجــو رهــبر

ڀاڱو پنجون: بيت

---

ســونـي ڌرتــي ســنــڌ جــي

۱. مـٽـي مـنـهـنـجـي مـلـڪ جـي مـون لـئه وڏو مــان
چــپــٽـي انــهــئَ خـــاڪ جــي دولـــت وڏو ڏان
ڪـنـدو سـک سبحان هردم منهنجي ملڪ ۾
۲. مـٽي مـنـهـنــجـي مـلـڪ جــي مــون لـئه وڏو مـــان
ڪــو نــه سـجــھـي دنــيا ۾ جــھــڙو پــاڪــســتـان
آگــي ڪــيـا احــســان ـــ ســدا مــٿـان ســنـڌ جــي
۳. سـنـسار سـڄـي ۾ سـنـڌ جـي آهـي ٿـي ســرهــاڻ
دودا پاڪ وطن جاڪڍون نه ڪنهنجي ڪاڻ
لاکــيــڻـي لالاڻ ــ مــيـري نــه ٿــيــنـدي ســنــڌ جـــي
۴. ســاجــن رئَ سمــاج ۾ ڪــو نــه اچـــي ســــاءُ
لــڳــو اڄ گــنــبـذ جــو ڏاڍو ڪــو ســـو واءُ
محــب مــوٽـي آءُ وڃــي وڇــوڙو وطـــن مــــان
۵. ســـاري پـــاڪ وطـــن کـــي پــنــهــنــجــو وڃــي ســــاه
اهــڙو يــر وطـــن لـــئه مــــن ۾ اٿــــم چـــــــاه
احـسـان ڪــنـدو الله ـــ ويــنــدو ســـــان ســنــڌ ۾
۶. ســونــي ڌرتــي ســنـڌ جــي ڏونــگــر هــيرا لال
ســونــهــن ســوڀــيا ســنــڌ جــي مــلـڪـــن ۾ مـــثــال
ڪـهـڙي ڪـريـان ڳـالـھ ـــ سـاڻيھ جي سونهن جي
۷. ويــري جــي وطــن جــا ســي نــه بــچــن شـــال
دشمــن جــي ديــس جـــا تـــن ۾ پــــوي ڪــــــــال
خالق ڪري خوشحال ـــ اڪرم جي ساڻيھ کي
۸. ڀــون مــٿـي ڀــٽ، ڀـــٽ تــي ڀــٽ ڌڻـــي
آســـا ونـــدا چـــون ســـڪ مـــان ٻـــئـي هـــٿ کـــڻي
مـلـي مـن ڪــڻي ــ لـطــف مــان لـطــيف جــي

ســر ســــامـــونــــڊي

۱. وڻـــجـــارا وســــاري ويـــــٺـا وڃـــــــي ڏور
تــڙن مــٿي تـــڪـــو لڪـــيــو مــــون مجـــــبـــور
ســامــونـديـن ســنـدي ســـور ـــ مــــاءِ مــــاري آهــيان
۲. اڄ نــه وڄــــن دڦ تـــــڙن تــــــي طــــبـلا
ويــا نــغــارا نــيــنــهــن جـــا ڪـــري ســــاڻ اگــــلا
ڇــڏيــان تــڙ ٺــلـهـا ـــ مــاءِ ڪــيــئــن محـــب جـــــا
۳. هــٿــين پـــيريــن مــيــندڙي نــه مـــيري ٿــي اڃــــــان
غوراب ڇـوڙي سمنـڊ ۾ سـڙھه ڪيئون سنوان
مــاءِ پـئـي مــران ـــ ڪـــانـڌ ڪــيـو قــهــر وڃــي
۴. هٿــين پــيريــن مــيــندڙي جــھــونــو ٿــيـو نــه رنـــگ
هـوت وڃـي پـيو هـنـج مان ظـالم ڪيو هي دنگ
ڪـونـهـي ڏاهـي ڏنـگ ــــ سـور سـڄــو سمــاج آ
۵. ســڻـي ڳـــــالــــھ ســـڄـــڻ جــي آيــــل مـــان آيــــس
راهــي لاچـــــون لــــوڙيــــائـــون آيـــل تـــون رس
اچـي اکـــئـين پــس ـــ ســـڄــڻ وڃــن پـــيا سـنـڌ مــان
۶. ڪــروڙيــن قــرب ٿــيـا وڻــجــارن واڌايـــون
مــٺي ڪــني مــاءِ اڄ کـــلــي ورهـــــايـــون
ســاجـن آئــي ســجــايــون ـــ ســکــائــون ســڀ ٿــيـون
۷. اڪـرم سکائون سڀ ڪيون ساجن سچايون
وڻـجــارن اڳــيان وصـل جـــا ڳــيـچ ســـڀ ڳــايـــون
ڀـلـي ڪــيـون ڀــلايــون ـــ وڻــجــارا آيـــا وطــن ۾
۸. ڪــا جــا ڳــالـھ ڳــري ســڻــيـم مــــاءِ وري
رکــي جــي مــون مـــن ۾ ويــنـدس مــــاءِ مري
ڪــيـس چــاه چــري “اڪـــرم” اوهـــيرن جــــي

ســـــر رامـــڪـــلــي

۱. سـنـيـاســي نــه ســک جـــا ســـير ســـدائـــين ڪــــن
مــاڙهــو مــاڙهــو در تــي وڃــيـو ڏک پــڇـــن
ســنــجــھ صـبــح لــهــن ـــ ســـارو سـنـگــھــارن جـــون
۲. سـنـک وڄــائــي ســامــي ســورھ ڪــن ســـجـــاڳ
وايــون وڄــائــن ســک ۾ آزادي جـــــا راڳ
ڏاڍن جـا ڏھـاڳ – ســامـي نـه سـھـن ســاڻـيـھ ۾
۳. سـامـين وڄـائي سنک ڪـيا سـانگي سڀ سجاڳ
جــوڌن جــي ٿــي جــوءِ وئــي مــارن ســنـدو مـــاڳ
ڀــلــو اڪــرم ڀــاڳ ـــ ويــڙهـيـچــن جــي وطـــن جــــو
۴. جــوڳــين اچــي جـــاڳــايــو ڪــيــنر وڄــــائـــي
اچـي سـنــڀـالـــيـا آديـــســـين جــي آســــن ويــــا اجــھـــائــي
ويــٺـا دود دکـــــائي ـــ ســــوچــــن ســـنــگــھــارن لـــئه
۵. سمــرڻــي ســيـني تــي ســنـاســي ســـوريـــن
در ســڄــي جـــــھــان جــــا پــــيـا انـــدر ۾ اوريــــن
جـئـيــڙا پـــيـا جـــھــوريــن ـــ ڏاڍن ڏســـي ڏاڍايـــــون
۶. ويـــل نــه وهـــن وانـــدا جـــوڳـــي ڪـــــن جــــھــــاد
ڏيـنــهــئــون ڏورو آيـــــا ڏاڍا پـــنــڌ پـــــهــــــاڙ
سڀ ڪنهن جا يار ــ ڪو نه رنجائن ڪنهن کي
۷. جــھــوري جــيءُ جـــوڳــي ڏيـــن ٻـــين ســـــک
ســخــتــيـون ســـهـــن ســـر تــي لاهـــين ٻـــــين ڏک
پــاڻ مــرن پــيا بــک ــ پــر بــک نــه ســهـــن لـــوڪ جــي
۸. ڏســي ڏک ڏيــھه جــــا جـــــوڳـــي نـــــه جـــــــالــــن
ڏســي ســهــن نــه ســرتــيـون هــيــڻــن مــنــجــھ حــالـــن
اهــڙا خـــاص خــــيـالـــن ــ جــــوڳـــي گـــھــمــن جـــوءِ ۾

ســــــر ســـــهـــــڻـي

۱. اديــون الله آســـري ســــهــــڻـي گــھــڙي ســـير
ســــاڻ نـــه تـــنــبـو تــرهـــو ٻــي مــنـد گــگـــن آ گــجـمـير
ڇــا ســهــڻـي ڇــا ســـيرـــ پــر لــکـــيـو هــئــس لــهـــرن ۾
۲. ســر ڏنــو ســهــڻـي مــهــراڻ کــي ســا مــوکــا اگــھـــاڻـــي
ازل کــان آگ عــشــق جــي ســا مــور نــه اجـھــاڻــي
هـئـي ٻــانـهــي ٻـانـڀــياڻــي ــ ســنڌو ندي جي سڪ ۾
۳. ڪـــاري رات ڪـــن گــھــڻــا واســيــنگـــن ورائـــي
چڪي پيتل هئي چـاه جي ڪـا سـرڪ سـوائي
مـــولـــىٰ مــــلائــي ــ مــنــڌ هــئـي مـــيـــهـــار ســـــان
۴. ســانــوڻ ســيـارا تــن لــئه سک سمــــهـــن جـــــــي
عــشــق جـــن انــــدر ۾ ســــک نــــه سمــــهـــن ســـــي
دل مــن نــه هــڻـن جــي ــ مــلــنـديــون ســي مــيـهـار سان
۵. گـھـيـڙ پـڇـي جـي گـھـڙيـون سي پـڇـنديـون ئـي رهيـون
ســــاجـــن جــــني ســــــاه ۾ ســــي گــــولـــــن نـــــه گــھــڙيــون
هـر گــز نــه ســي وريــون ــ محــبــت جـــن مــيــهــار جــي
۶. اڄ بــه ســـاهــڙ تــوکــي ســهـــڻي پــئـي ســــــاري
هـيـڏي ســـــاري ڏيــھ ۾ ڪــــو ســـت نـــٿـو ســــاري
ڪـو نه ڪـو اڪاري ـــ اڪرم سنڌوندي مان
۷. محــبـت مـــحـــب مــيــهــــار جـــي مــن کــي ڪـــيو مـــڃ
سـهــڻـي ســـير وچ ۾ ادا نــــه لـــهـــيــــس اڃ
ڀـانـئـين ســڀـوئــي سـڃ ـــ ســڪ ۾ سـاهــڙ ڄــام جــي
۸. ڪــاريـون ڪـنـڊيـون هـجـرون ولـر مـنـجــھ مـيــهـار
ڀــوريــون چــالــون گــوشــيـون مـــحـــب جــــن ڌنــــار
ڏاڍا ڪـنـدس پــيــار ــ مــيــهــار جــي مــيــنـهــن ســـان

ســـــر ســـــارنــگ

۱. ســارنــگ ۽ ســــانــوڻ ســـنـگارن ســـک ڪـــــيـا
واھ واهــڙ وهــڪــــرا ريــــلا ڪــــري تــــه رلــــيــا
مــٺــڙا مــحـــب مــلــــيــا ــ ســـــارنـــگ آئـــــي ســــاڻـــيــھ ۾
۲. ســارنــگ کــي ســـاري مــــــاڙهـــــون پــــيــا جــــئــــن
ســـپـــو جـــــي سمــــــنــڊ جــــون ڦـــــاڙيــــــو وات وتـــــن
ادا شـــــــال وســـــن ڳــــــوٺ هــــــن ســــــاڻـــــيــھ جـــــــا
۳. جــھــڙ ڦـــڙ واهـــن جــھــنگـــــل ۾ جـــــويـــن ۾ جـــنســار
ٻــڪـن ڀـــتر ڳم ڳـــنـڍيــر کــيرل ڪــئي کـــلــڪــار
مـــــڙئــي ســـــڀ ولــــهــــــار ــ اگـــــــم آســـــــودا ڪــــــيــا
۴. ٻــــئــي وســـــن ديـــــس لــــــئه ۽ اکــــــــيــون
اکــــيـون رئــــن جــــھـــوپــــڙن آگــــــم رئــــي بـــسـتــيـون
ســـاڻـيــھ جـــون ســرتــيـون ـــ آگـم نـه سـهـي ڏک ۾
۵. سـرتـيون سهـڻي ڪـڪر سان منهنجو ڪڄاڙو
ڏسـي ڏڪـر ڏيــھ ۾ نــه ڪــري جـــو وسـڪارو
سو پياروڪڪرڪاروـــ جو وسي ٿو ولهارن تي
۶. ســانـگ تــو شــابــاس دوســت دشمـــن تــي وســــن
ڪــڏهــن ڪــيــنـو قــلــب ۾ نــه مــارن لــئه رکـــين
ســهــي ٿــو نــه ســگــھــين ســڄــڻ ســـور ســــاڻـــيــھ جــا
۷. ڏاڍا ڏمــــــرا مـــــــــــال اڄ ڀــــــــــاڻــــــن ۾ ڀـــــٽــــــن
ســلـــــو نــــه ســـــــائــــو ســـــــکــو ٿـــــو لـــــڀـي اڄ پـــٽــــن
ٺــلــهــيـون اڄ ڦــــرن ـــ آگـــــــم تــنــهــنــــجـــي آســــري
۸. سارنــگ مــٿـان ســنـڌ جــي سهسين ڪيا سينگار
ڪـاڇي مٿـان ڪـرم ڪـري وڃي وسيو ولـهار
ڪندوڪرم ڪلتارـــ اڪرم ٿينداسک ساڻيھ ۾

ســــر ســـــورٺ

۱. چــارڻ چــوري چــنـگ کــي جـــا چــنـگ دکـــايم
ســــر ۾ ســــور ســــاڻــــيــھ جـــــا مــنـگـــــتي ٻــــڌايم
“اڪـــرم” نــنـڊ ڦـــٽــايم ــ چـــنـگ جــــي چــــــاه ۾
۲. ســرنـدو ســڄــو ســور ٻــڌي ســيــنـو ســـاڙيـــان
بـٺــيـون جــنــهــن ســان بــره جـــون انــدر ۾ ٻــــاريـــان
اڪــرم ســي ٺــاريــان ـــ ڏئــي ســر ســـاڻـــيــھ تـــان
۳. مـــام مجـــــازي عــشــق جــي مــنـگــتي هــئـي مـــــن
تــڏهــن تــه تــنـد ســان جــھــوري پــيـو تـــن
ســاز اڄ بــه ٿــا وڄــن ـــ پــر جــھــونــا ڳــڙه نـه جـــھــورن
۴. راءِ ڏيـــــاچ تـــي ڏاڍا مـــنـگـــــتي قـــــــرب ڪــــــيـا
ظــاهــري ۾ هــڪ ٻــئـي جــو ٻــئـي ضــد ٿــيـا
پــر ازلـــــئـون هـــڪ هـــيـا ـــ ظــــــاهــــر ۾ ٻــــه ٿــــيــا
۵. ســاز ســرنــدا ســـارنـگــيـون اڃـــا ڀـــي آهـــــين
چــارن جــھــڙا نــه چــنـگ تـــي آڳـــھ هـــلائـــــين
جي سـتا جاڳائـين ـــ سي منگــتانه اڪرم ملڪ ۾
۶. چـــارن کـــي چـــاه ازلـــئـون هــــو اهــــو
راءِ ڏيـــا ڀـــي ســــر ســـــان رچــــــي راس ٿـــــيـو
اهـوئــي حــق هـيـو ــ جـنـهـن جـھـونـا ڳـرھ کـي جــھـوريـو
۷. ســر ڏئــــــي ســــــر ۾ مــــــنــزل مــــــاڻــــيـائــــين
ڏان ڏاڍو ڏکــــيـو ڏاهــــــي ڏنــــــــائـــــــــين
ادا آءُ نـه ڪـيائين ــ ڪتاري ڪٽـيو ڪنڌ جي
۸. ســر مــٿـان ســـر ڏيـــڻ وڏو هــــو ڪــــمــــال
نـشــي هــو نـيـنــهــن جــي راجــــا ڪـــيـو نـــهــال
نـه تـه اڪــرم ڇــا مجــال ســرنـدي جــي ســر کــي

ســر گــھــاتـــو

۱. ڪــلاچـي جـي ڪــن مـــان خـطـري جـــا اهــڃــــاڻ
اڄ نـه مـانـگر مـڇ ڪـن ڪـلاچـي ڪـن ۾ رهاڻ
آءُ ٿـي مـورڙا سـرواڻ ــ تـه مانگـر ڪـيون مـات ســڀ
۲. ڪــلاچـي جــو ڪــن آ خـطــري ســنـدي کـــاڻ
ان جــوءِ نــه وڃــن ســي جــن کــي نــاهــي ڄـــاڻ
ادا مـــورڙو آڻ ـــ تــــه لـــهـــن خـــــوف خــــطـــرا
۳. اڄ بــه مـــلاحـــن جـــــا پــــــاڙائـــــي پــــنــهـــنـــجــــا
ڪــلاچــي جـي ڪـن ڏي ڪــڏهـن ڪــين ويــا
آءُ هــلـي مـــورڙا ـــ مــــانـگــر ڪـــيـون مــــات ســـڀ
۴. هــيـڏي ســــاري راڄ ۾ مـــــورڙي نــــه مــــــٽ
ســڃــا بـندر بـازاريـون ڪـو نـه سـجـھـي ڪـو هـٽ
هـر ڪــو نــنڊ الــهــٽ ــ تــڏهـن مـــانـگــر مــسـت ٿــــيا
۵. ڪـيو نه ڪامڻـين سان ڪـن ڪلاچي ڪلياڻ
سـاٿـي لـٽـيا جـنـهـن ديـس جــا ســاٿ ڏئــي ســرواڻ
الا ٿــي اڻــڄــــاڻ ـــ ڪــــاهـــي پــــوان ڪــــنــن ۾
۶. مــتـارا مــــلاح ســــڀ مـــــورڙي نــــه آهــــــن مـــــٽ
ديــس ســڃــون ڀــيـڻــيـون ســــڃــو مـــورڙي ســـوا ٻـــٽ
هـرڪـو آهـي ڄـٽ ـــ ڪــلاچـي جـي ڪــن لــئه
۷. اڪـرم مـڪرا مـلاحـن جـا ساٿـيـن ڪـين سجـھـن
ســڏي ســڏي تـڪــڙا اوهــري نــه ڏيــــن
ويــٺـا راهـــون تــڪــــن ــ گــھــاتــوئــڙن جــي گــھــيـڙ جـون

محمد ابراھيم جويي جي راءِ

اسان جي سليم طبع ۽ سٻاجهي دوست، ميان دين محمد “اڪرم” ٻورڙائيءَ جي ڪلام جو هيءُ مجموعو آهي، جو “اکيون پسي آئيون” جي نالي سان پيش ٿي رهيو آهي. حمد ۽ نعت جي الاتوهار سان هيءُ مجموعو پنجن ڀاڱن تي مشتمل آهي، جيئن ته غزل (جملي ۳۶) نظم (۴۲)، رباعيات (۸۲)، قطعات (۴۸) ۽ آخر ۾ ابيات (۲۵) سندن بيت “سوني ڌرتي سنڌ جي” عنوان هيٺ ۽ سرمامونڊي، سر رامڪلي، سر سهڻي، سر سارنگ، سر سورٺ ۽ سرگھاتوءَ جي ضمن ۾ رچيل آهن. قطعات ۾ حمديه ۽ نعتيه قطعن کان پوءِ پاڻ تقوا، نيڪي، عزت؛ عمل، حيا بيداري امانت، عقلمندي، ليڊر، غريب، حق، اناالحق، محنت ڪش، آرياڻي، نوري نماڻي، بڊي جھڙا سانوڻ، ڌاريا ۽ ڌُريا، عرش برين، الله منهنجو رهبر، وغيره جي عنوانن تي طبع آزمائي ڪئي اٿن. سندن رباعيات جي بندش نون (۹) جدا جدا بحرن ۾ ٿيل آهي، جا شعري فن ۾ سندن استادانه استعداد جي ساک ڀري ٿي. مجموعي ۾ نظمن جا موضوع به سندن فڪر رسا حسن انتخاب جي شاهدي ڏين ٿا، مثلًا زماني جي هوا، حصول زندگي، وطن سلامت، قيامت جو منظر، وقت جي تقاضا، ديد تاباني، نگاه مرد مومن، قوت سڪندري، وصف ايماني، پنهنجي هستي، دل دريا، ادب ۽ علم جون ڳالهيون، اباڻن جا پکڙا، بهار بي خزان، وغيره، جن سڀني بابت، باذوق پڙهندڙن تي “اکيون پسي آئيون” جي سبيل جا ذاتي ۽ مستند، شاعر جا الفائي ۽ وجداني مشاهدات ۽ قلبي واردات هن مجموعي ۾ مرحمت ٿيل آهن.
حضرت “اڪرم” ٻورڙائي سنڌي ادب جي هڪ محڪم شعري روايت ۽ درايت جو پختو ۽ بزرگ شاعر آهي. سندن هن بي بدل ڪاوش ۽ املھ پيشڪش تي اسان جي شعري علم جي ٽن والاقدر بزرگن ــ محترمي قبله حضرت الحاج حافظ احسن چنه صاحب، دوست مڪرم جناب احمد خان “آصف” صاحب، ۽ شعري علم و فن جي شهسوار عزيزي ميان عندالقيوم “صائب” جا تقريظي نوٽ به شروع ۾ درج آهن.
هر ادبي ۽ فني شهپاري جي وٿ جي ڪٿ بال آخر اصحاب حس و دانش جي نقد و نظر تي موقوف هجي ٿي. انهئَ اميد ۽ اعتماد سان ته دلي اخلاص ۽ محبت جي هن پيشڪش جو محل و منصب به ائين بقدر اصل مقرر فرمايو ويندو، هيءُ مجموعو بنام “اکيون پسي آئيون” سنڌي ادب ۽ شعر جي نقط نواز ڄاڻن ۽ پارکن آڏو حاضر آهي ــــ

گر قبول افتد زهي عز و شرف