سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مھاراشٽر ھندستان سان تعلق رکندڙ ليکڪا ناديا مسند جو لکيل ڪتاب ”مان، منٽو ۽ نفسيات“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
منٽو کي اردو ادب جو سڀ کان بدنام افسانا نگار مڃيو ويو آھي. ھن تي فحش نگاري، عوامي جذبات کي ڀڙڪائڻ ۽ شھوت پرستيءَ کي ھرکائڻ جا الزام بہ لڳا ان باجود ھُو ھڪ عظيم ڪھاڻيڪار آھي. ناديا مسند نفسيات جي ايسوسيئيٽ پروفيسر آھي ۽ ھن منٽو جي ڪھاڻين جي نفسيات واري پاسي ھڪ تحقيقي ڪتاب لکيو آھي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ ناديا مسند پاران آھوجا گرافڪ سروس احمدآباد مان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ناديا مسند جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي