مختلف موضوع

ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ

مختلف ڪتابن تي لکيل اڀياس تي مشتمل ھن ڪتاب بابت بخشل باغي لکي ٿو:”سچ اِهو بہ آهي تہ شاعريءَ مون کي نثر جي جھان جو ڏس ڏنو ۽ نثر وري شاعريءَ جي شعور جي شمع تي منھنجن خيالن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي پروانن کي لَھسائي، جَلائي ڀَسم ڪري هڪ لافاني جلا بخشي ڇڏي آهي. ”ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ“ اصل ۾ ڪتابن جون نہ پر محبوبن جون ڳالھيون، پَچارون آهن. فن، فڪر، آرٽ، علم ۽ ادب جون ڳالھيون آهن. ڇاڪاڻ تہ ڪتابن سان عشق مون کي هِن دنيا جي بي رحم حالتن ۾ آسيس ڏئي زندگي کي جيئڻ جا نوان نوان زاويا، ذائقا توڙي ڍنگ سيکاريا آهن.“

  • 4.5/5.0
  • 9
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

سنڌيڪا 495

پهريون ڇاپو: 2020ع
ڪتاب جو نالو: ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ (اڀياس)
ليکڪ: بخشل باغي
ٽائيٽل: عبدالرسول عباسي
ڪيليگرافي: جاويد نواز
ڇپيندڙ: ذڪي سنز پريس، ڪراچي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي

“KITAAB PARHAN KHAAN POE”
By: Bakhshal Baghi
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400
Phone: 021-32737290, Website: www.sindhica.org

قيمت : 500/= رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

لکپڙهه لاءِ: سنڌيڪا اڪيڊميB-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي- 74400 فون: 021-32737290،
ويب سائيٽ: www.sindhica.org اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com

ارپنا

نِدا ۽ عَون
جي
نالي

- بخشل باغي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار بخشل باغيءَ جو لکيل ڪتاب ”ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جيڪو مختلف ڪتابن تي لکيل اڀياس آھي. بخشل باغي لکي ٿو:
”سچ اِهو بہ آهي تہ شاعريءَ مون کي نثر جي جھان جو ڏس ڏنو ۽ نثر وري شاعريءَ جي شعور جي شمع تي منھنجن خيالن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي پروانن کي لَھسائي، جَلائي ڀَسم ڪري هڪ لافاني جلا بخشي ڇڏي آهي. ”ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ“ اصل ۾ ڪتابن جون نہ پر محبوبن جون ڳالھيون، پَچارون آهن. فن، فڪر، آرٽ، علم ۽ ادب جون ڳالھيون آهن. ڇاڪاڻ تہ ڪتابن سان عشق مون کي هِن دنيا جي بي رحم حالتن ۾ آسيس ڏئي زندگي کي جيئڻ جا نوان نوان زاويا، ذائقا توڙي ڍنگ سيکاريا آهن.“
ھي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. مھربانيون بخشل باغيءَ جون جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڪتابَ همسفر منهنجا (مهاڳ)

شاعري ڪندي ڪندي ڪڏهن ۽ ڪيئن نثر ڏانهن به لَڙي پَيس، اِهو سڀ ڪجهه ڪنهن خواب جيان محسوس ٿئي ٿو. جيئن خواب ۾ ڄڻ ڪو خواب هُجي. يا اُهو ايئن هُجي ته اُڏامندي اُڏامندي آئون هيٺ لَهي ڌرتيءَ تي هلڻ لڳس. ۽ ادب ۾ شاعري ۽ نثر جي گڏيل سنگم ۾ هڪ نئين دنيا جا نظارا ڪرڻ لڳس.
گارشيامارڪيز ڪٿي لکيو آهي ته، ”لِکڻ هڪ لَذت به آهي ته اَذيت به. وقت گُذرڻ سان گڏ لِکڻ جو عمل تڪليف ڏيندڙ ٿي پوندو آهي. اصل ۾ ٿئي ايئن ٿو ته، اوهان کي جڏهن ذميواريءَ جو احساس ٿيندو ته پوءِ توهان محسوس ڪندو ته، توهان جي هر لفظ ۾ اڳ کان وڌيڪ وزن آهي. “يا ٻئي هنڌ لکي ٿو: ”مان سمجهان ٿو ته، ٻين اديبن لاءِ ڪتاب جو جنم ڪنهن خيال يا تصور سان ٿيندو هوندو، پر منهنجي هر تحرير ڪنهن نظر يا ڏيک مان جنم وٺندي آهي.“
سچ اِهو به آهي ته آئون بُنيادي طور تي شاعر آهيان. نه ئي ڪو تنقيد نگار. ناول، ڪهاڻي يا ٻين موضوعن تي نثر ۾ لکڻ منهنجي بي ساخته هڪ ڪيفيت رهي آهي. جنهن منهنجو شعوري طور تي لکڻ ڏانهن ڌيان ڇِڪايو ۽ مون مَن جي اُڇل کي لفظن جو روپ ڏئي پنهنجي ذهني سطع مُطابق پئي لکيو آهي. پر سچ اِهو به آهي ته ان ۾ پنهنجي شعور جي مُنصفي کي ڪٿي به زخمي نه ڪرڻ ڏنو اٿم. ڪهاڻي، ناول يا ٻئي ڪنهن موضوع تي لکندي مون شعوري ڪوشش ڪري پنهنجن اصل ۽ حقيقي خيالن کي لفظن ۾ ڍاليو ته اُهي شاعراڻي نثر ۾ مُختلف ڪيفيتن ۽ احساسن سان اڀياسن جي صورت ۾ نِروار ٿي پيا.
ماريو ورگاس يوسا، ڪٿي لکيو آهي ته، ”ادب، زندگيءَ جي اُها خيالي تصوير آهي جيڪا حقيقي زندگي کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي۔“
دراصل هڪ شاعر هُئڻ جي ناتي مون ڏيهي توڙي پرڏيهي، پاڙيسري، لوڪ ادب، اَساسي، ڪلاسيڪل شاعريءَ توڙي نثر جو مُطالعو ته ڪيو پر اُهو سڀ ڪجهه نثر جي ڀيٽ ۾ گهٽ ئي رهيو. الائي ڇو ناول، ناوليٽ، ڪهاڻيون، آتم ڪٿائون، ادبي، تاريخي توڙي سياسي ۽ فلاسافيڪل مضمون نثر جي صورت ۾ مون ڪجهه سَوايا ئي پڙهيا. ايئن شاعريءَ جي خُمارن سان گڏ نثر جي نرالين راهن جو به سفر ڪندو رهيس.
نثر ۾ فڪشن مون کي وڌيڪ ڇِڪَ ڪندو رهيو آهي. ۽ آئون مُطالعي جي عجيب ۽ پُرڪيف ڪيفيتن جي ڪائناتن جا سير ڪندو رهيس. ۽ پوءِ اُنهن تي لکڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي ڪُجهه نه ڪُجهه لِکت ۾ ڪا راءِ به لِکڻ لڳس.
هيمنگوي ڪٿي لکيو آهي ته، ”ڪنهن به موضوع تي لکڻ لاءِ نه گهڻي تَڪڙ ڪرڻ کپي نه گهڻي دير.“
سو پنهنجي ذهني سَطع مُطابق جيڪو ڪُجهه سمجهندو يا محسوس ڪندو هُئس اُن کي ڪنهن مضمون جي صورت ۾ تحرير به ڪندو رهيس. پر پَڙهڻ ۽ ڪَڙهڻ جو عمل زنده رهڻ لاءِ ضروري محسوس پئي ٿيندو رهيو آهي. ائين شاعريءَ جي اُڏار سان گڏ نثر جو پنڌ پڻ منهنجي خيالن جو حصو بڻجي مون کي مُطالعي، مُشاهدي ۽ مَشق جي مئڪشي جي کيپن ۾ جُهومائيندو رهيو. نثر ۾ لفظن جو استعمال، اُنهن جو پنهنجي معنائن سميت تقدس بحال رکڻ ۽ ٻوليءَ جي نفاست جو خيال رکندي مون نيٺ هي”ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ“ڪجهه نه ڪجهه پئي تحرير ڪيو.
ڇو ته سارتر چواڻي ته، ”مان بنا ڪنهن طرف داريءَ جي چوان ٿو ته هڪ طويل ۽ باقاعده اهم لکڻي۔سُٺي صحت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي.“
۽ مون کي مُختلف ڪتابن جي پيچرن تي مُطالعي جو سفر ڪندي ڀاسجڻ لڳو ته منهنجي مَن ۾ جيڪا ڳولا پُختي ٿيندي ۽ وَڌندي پئي وڃي اُها ته دراصل ڪو ناول يا ڪهاڻي آهي. جنهن جي ڪردارن ۾ مان پاڻ کي بار بار ڏسي هڪ نئين پيڙا جا پهاڙ جهاڳڻ لڳو آهيان.
شايد گاشيا مارڪيز اِها ڳالهه منهنجي لاءِ ئي لکي آهي ته، ”منهنجي خيال ۾ ته ناول حقيقيت جي هڪ شاعراڻي ڦير گهير آهي. اُن مان مُراد هي آهي ته ناول خُفيه ڪوڊ ۾ بيان ڪيل حقيقت آهي. ناول ۾ توهان حقيقت سان مُنهان مُنهن هوندا آهيو. اُها اصل زندگيءَ جي حقيقت کان مُختلف هوندي آهي. جيتوڻيڪ اُن جون پاڙون اُن ۾ ئي هونديون آهن. اِهائي ڳالهه خوابن بابت به چئي سگهجي ٿو.“
سچ اِهو به آهي ته شاعريءَ مون کي نثر جي جهان جو ڏس ڏنو ۽ نثر وري شاعريءَ جي شعور جي شمع تي منهنجن خيالن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي پروانن کي لَھسائي، جَلائي ڀَسم ڪري هڪ لافاني جلا بخشي ڇڏي آهي.
”ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ“ اصل ۾ ڪتابن جون نه پر محبوبن جون ڳالهيون، پَچارون آهن. فن، فڪر، آرٽ، علم ۽ ادب جون ڳالهيون آهن. ڇاڪاڻ ته ڪتابن سان عشق مون کي هِن دنيا جي بي رحم حالتن ۾ آسيس ڏئي زندگي کي جيئڻ جا نوان نوان زاويا، ذائقا توڙي ڍنگ سيکاريا آهن. پيار، مُحبت، دوستي، رشتن ناتن جو احترام، پنهنجائپ ۽ رت جي رشتن جي وچ ۾ موجود فرق، پئسي جي اَنڌي هَٻڇ کان پَري رهڻ جو اِدراڪ، احساس جي روشنين سان سَرشاري، سڄڻ، ساڻيھ ۽ فطرت جي گوناگون رنگينين کي ڏسڻ جي ٽين اک دريافت ڪري ڏني آهي. جيڪا ظاهري ٻِن اکين کان ڏاڍي گهري ۽ تيز ٿئي ٿي. ڪتابن سان ڪچهريون ڪندي ڪندي مون پنهنجي شعوري زندگيءَ جو وقت وڏي سُجاڳيءَ سان گُذاريو آهي. ڪتابن مون کي دنيا جي حقيقي ڪردارن، ڏُکن، وڇوڙن، لُڙڪن، اَلمين، حادثن، خودڪشين وغيره جا اهڙا اهڙا ته سبق سيکاريا آهن جو هُوند آئون ڪتابن کان سواءِ ڪئي جنم وٺي به اُنهن کي نه ماڻي سگهان هان.
ڪتابَ، پنن تي لکيل لفظن جا خالي مجموعا ناهن پر اُنهن ۾ ذهنن جي اعليٰ شعور جا عرق اوتيل هوندا آهن. لفظن ۾ ڪائناتن جا راز لِڪل هوندا آهن. ڏاهپ جا ڏيئا جهرمر ڪندي لفظن مان فڪر ۽ فهم جي سُهائي، دلين ۽ دماغن جي اُونداهين ۾ ڏياٽيون ٻاري روشني پکيڙي ڇڏيندي آهي. لفظن جي مورتين ۾ ساھ وَجهڻ جو فن وڏين تَپسيائن کان پوءِ ئي وڃي راس ٿيندو آهي. لفظ، پاڻ ۾ ايتري ته سگهه رکن ٿا جو اُنهن سان پٿر به پاڻي ٿيو وڃن. اُن ڪري ڪتابَ، علم ۽ شعور جون اُهي مَشعلون آهن جن سان جهالت جي گُهپ اونداهين ۾ ڏار وجهي شناسائيءَ جا شُعلا ڀَڙڪائي سگهجن ٿا.
”سارتر پنهنجي آتم ڪٿا ”لفظ“ ۾ ڪٿي لکيو آهي ته، ”دنيا جي هڏائين پِڃري مٿان لفظ ماس جو ڪارج سَڌ ڪن ٿا“
يا وري سارتر ٻئي هنڌ ڪٿ لکيو آهي ته، ”ڪو به شخص جيڪڏهن ٻوليءَ کي گهڻين معنائن ڏيڻ جو اَهل ناهي ته پوءِ سندس لکڻ ئي اَجايو آهي. ٻوليءَ کي فنڪار جنهن طرح لفظن جي ترتيب ڏيندو آهي اُهو آهي ڪنهن لفظ تي زور ڏيڻ. يا ڪنهن لفظ کي وزني بنائڻ. اُن ريت مختلف سطحن تي مختلف معنائون ظاهر ٿينديون. اُن ڪري اسلوبي ادب جو معاملو هڪ جُملي جي گَهڙاوٽ ناهي پر اُن پوري ڏيک کي ذهن ۾ رکندي مجموعي معنيٰ ڏيڻ جو مسئلو آهي. ادب جي تخليق رازداريءَ ۾ ٿيندي آهي. فڪشن جو مسئلو خارجي توڙي داخلي سچ کي مجموعي حيثيت سان پيش ڪرڻ جو هڪ اثرائتو طريقو آهي.“
ڪتابن، مون کي بهترين دوستن جيئن هر حالت ۾ سدائين سنڀاليو ۽ منهنجو تحفظ ڪيو آهي. جڏهن به چوطرف مايوسين جي گُهگه اُوندھ وڪوڙي ويندي اٿم ته اُن ويل ڪتابن يا قلم مان سِرجيل لفظَ، پنهنجي سُهائيءَ سان مون کي اُتساھ ۽ همت جون نِڪور واٽون دريافت ڪري ڏيندا آهن. ۽ آئون اُداسين ۽ اڪيلائين مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيتن کي لفظن جي ڏئين جي حوالي ڪري نئين سِر، جِي پَوندو آهيان. مون کي محسوس ٿيندو آهي ته شاعري، نثر جي مياڻ ۾ پيل اُها تلوار آهي جنهن کي ڪڏهن به وقت جو زنگ نه ٿو لڳي سگهي. نثر جي مياڻ ازل کان شاعريءَ جي تلوار کي پاڻ ۾ سانڍيندي سندس تکين ڌارن جو تحفظ ڪيو آهي. نثر، لفظ لفظ، جُملا جُملا، سِٽون سِٽون سِرجي شعور جي سگهاري سفر کي نوان نوان پيچرا توڙي رستا ڏئي مقصدن ۽ معنائن جا ماڳ تخليق ڪري ڏيندو آهي.
ٽي. ايس. ايليٽ چواڻي ته، ”شاعري، نثر سان مُشابهت به رکندڙ هُجي ته اُن ۾ هلندڙ وقت جي ٻوليءَ جو عڪس به سدا جَرڪندو رهي. “
نثر جڏهن روايتي، وَرجهاءُ ۽ محدودپڻي مان نِڪرندو آهي ته اُن نثر جي نفيس چال نديءَ جي ور وڪڙ وهڪرن نُما روح جي روانيءَ جيان اظهار جون انوکيون لهرون پيدا ڪري دلين جي اُڃايل ڪنڌين کي پنهنجن ڀاڪرن ۾ ڀَري ڇڏيندي آهي. ته دل ۽ دماغ جي ڌرتي تي شعور جا تازا ۽ اُجرا سِلا ڦُٽي پوندا آهن. ۽ خيالن توڙي ڪيفيتن تي ساوڪ جي سونهن جو احساس ڇانئجي ويندو آهي.

بخشل باغي
نواب شاهه، سنڌ

اِدراڪُ جي آڏاڻي تي اُڻيل ريشمي نَثُر

ڪنهن به شيءِ جي يڪسانيت يا ورجاءُ جو احساس ماڻهوءَ جي طبيعت کي ٿڪائي ، مُنجهائي کيس بي دِليو ڪري وجهندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ باشعورذهن، نئين جي ڳولا جو مُتلاشي بڻجي، جُستجوءَ جا نوان، نوان دڳ ووڙيندو رهندو آهي. ۽ پوءِ ڳولا جي اُها ڳڻ ڳوت کيس سُڪون سان ويهڻ نه ڏيندي آهي، جنهن مان ڀٽائي جو اُهو کاهوڙي، تخيل جي ڪائنات مان نِڪري نروار ٿي پَوندو آهي. جيڪو ڪڏهن به پير پساري سُک سان نه ويٺوآهي ۽ سدائين پنڌ جي اوسيئڙي ۾ آس جا ڏيئا روشن رکندي پئي جيئندوآهي ياوري ايازجي جِهرڻي جهڙي سدائين نئين رهندڙ نثرمان“ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪ مُسافر”جهڙو پُر عزم جاکوڙي، پانڌيئڙو، پنڌ جا اوکا پيچرا جهاڳڻ نڪري پوندو آهي. جنهن جي کنيل هرقدم ۾ جيئڻ جو نئون ساهس، نئين رنگ ۽ ڍنگ سان نِکري پوندوآهي. اهوپنڌ، شعور، اِدراڪ، فڪر، فهم، سوچ ۽ ويچار جو اهڙو ته ڳانڍاپو جنمي، جوڙي ٿو، جو ماڻهو تبديليءَ جي تناظر مان گُذري، شعور جي هڪ اهڙي سفر تي روانو ٿي پوي ٿو جيڪو پنڌ، پنهنجي جوهر ۾ پهاڙن جهڙيون سختيون ۽ مُشڪلاتون رکي ٿو. ظاهر آ ته اهڙي سوچ جي سفر ۾ ذهنن جا زنگ مِٽجي، اُجارجي پوندا آهن ۽ شعو ر ۽ اِدراڪ جا دڳَ، ڌوپجي اُجرا ٿي پوندا آهن، ۽ اوسيئڙن جا اُجهاڻيل ديپ روشن ٿي نئين اُتساھ جي سُهائي ڦهلائي ڇڏيندا آهن. جنهن سان ادب سميت زندگيءَ سان لاڳاپيل سڀئي شعبا پنهنجي اصل معنويت ماڻي، مُڪملتا جي پنڌ جو آغاز ڪندا آهن. ادب ۾ نثر ۽ نظم، انساني اِظهار جا ٻه اهڙا ته ڀرپور ذريعا رهيا آهن جن جي آڌار تي اِنسان پنهنجا خواب توڙي خواهشون، خيال توڙي احساس، آهون توڙي اُمنگون سمائي، اندر جي آنڌ مانڌ کي ٻوليءَ جي لطيف لفظن سان ڪرافٽ جون نيون نيون ڪائناتون تخليق ڪري ڇڏيندو آهي. جن کي پڙهي توڙي ٻُڌي روحاني آسيس جو حسين احساس جنم وٺندو آهي. ته ماڻهون جي اُداس من جي دُنيا تي اُتساھ جي آنند جون گهنگهور گهٽائون جُهومي برسي پونديون آهن. زندگيءَ سان ڀرپور اهڙو صحتمند ادب قومن جي اُلجهيل تقديرن کي سُلجهائي کين زندگيءَ جي کڏن ۽ کوٻن واري ڪچن پيچرن تان گُذاري شعور جي شاهي رستي تي آڻي بيهاريندو آهي. جتان کان ئي “نئون ادب نيون ڳالهيون” جنم وٺنديون آهن. جن جي مهنداري چندر ڪيسواڻيءَ جهڙا باشعور، سُجاڳ، پڙهيل، لکيل ۽ ڪڙهيل اديب ئي ڪري سگهن ٿا. جيڪي زندگيءَ جي تجربن، لاهن توڙي چاڙهن۽ڪٺن حالتن ۾ پچي ڪُندن ٿيل هوندا آهن. چندر ڪيسواڻي جو ناءُ منهنجي شروعاتي ادبي سانڀر ۾ اُنهن چند نوجوان اديبن جي نالن سان شناسائي رکندو هو جيڪي فني توڙي فڪري، نظرياتي توڙي تنقيدي فڪر سان سلهاڙيل هُئا. جن معاشري جي ڀيانڪ روپ کي ادب ۾ پنهنجي تحريرن ذريعي ۽ سياست ۾ عمل جي رستي تي هلندي تبديليءَ جي خوبصورت ساڀيان لاءِ پاڻ پئي پتوڙيو. جن پنهنجي علمي شعور سان سنڌي ادب تي مڙهيل انارڪي ۽ قنوطيت کي ميسارڻ پنهنجو مقصد پئي ڄاتوآهي. چندر ڪيسواڻي ادب ۽ زندگيءَ جي مُثبت سوچ ۽ روين جو اهو سگهارو ليکڪ آهي، جنهن جي تحريرن ۾ترقي پسند ڳوُڙهي فڪر سان گڏ سڄڻ ۽ ساڻيهه جو شعور ۽ اِدراڪ پنهنجي عروجي سطع تي نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس آيل نئون نثري ڪتاب “نئون ادب نيون ڳالهيون”اڄ واري سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ وِلاري ٿو. چندر ڪيسواڻيءَ جي هن نثر جي شاندار ڪتاب کي پڙهي ڪري مون کوڙ ساري وقت کان پوءِ سنڌي ادب جو مُطالعو ڪندي روحاني راحت ۽ مُطالعي جو لُطف ماڻيو آهي. ۽ نثر جي اهڙي حُسناڪي، گهرائي، سُجاڳي، ذميواري منهنجي ذهن کي نين راهن ۽ رستن جا ڏس ڏئي ڇڏيا آهن. ۽ مون کي پنهنجي ڪيل محدود مُطالعي ۾ سائين جي ايم سيد جي اهم ڪتاب“ديارِدل داستانِ مُحبت”، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو“ساهڙ جا سينگار” (سائين جي ايم سيد ڏانهن خط) محمد ابراهيم جويو جو“مُٺ مُٺ موتين کاڻ”، ، اياز جو“ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪ مُسافر”۽ سندس ٻيا نثر جا ڪتاب، عبدالواحد آريسرجو “ڇا ته شخص هو”، لڇمڻ ڪومل جو“وهي کاتي جا پنا”موهن ڪلپنا جو“بُک، عشق۽ ادب”، ريئس ڪريم بخش نِظاماڻي جو ڪتاب“ڪيئي ڪتاب”(ٻه جُلد)، عبدالقادر جوڻيجي جو ڪتاب“وڻ وڻ جي ڪاٺي”، اجيت ڪور جو“خانه بدوش” اعجاز منگيءَ جا خوبصورت مضمون، مولانا عبدالڪلام آزاد جو“غُبارِ خاطر”، رسول حمزه توف جو جڳ مشهور ڪتاب“ميرا داغستان”، انعام شيخ جو“سوچ جو سفر”، نصير مرزا جو“خيمي ۾ شام”، سردار شاھ جو “مي رقصم”، “اڪبرلغاريءَ جو “فلسفي جي مُختصر تاريخ”، ضراب حيدر جو“زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان”، فياض لطيف جو “خط، خوشبو، خواب” واري نثري مي ڪشي ياد اچي وئي آهي. چندر ڪيسواڻيءَ جو “نئون ادب نيون ڳالهيون” ڏيهي توڙي پرڏيهي شعور سان سنواريل هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن جو اُجراءُ هن وقت سنڌي ادب ۾ اِنتهائي لازمي هو. جيڪو سنڌي ادب جي جمود واري هِن دور ۾ هڪ تحرڪ جو احساس ڏياري ٿو. “نئون ادب نيون ڳالهيون” چندر ڪيسواڻيءَ جي ادبي ۽فڪري، مضمونن، مهاڳن ۽ مقالن جي خوبصورت ويچار ڌارئن جو ڪارائتو ڪارنامو آهي جنهن تي اڄ جي ادب کي فخر ٿي رهيو آهي. چندر ڪيسواڻي گهڻ رُخي ادبي شخصيت جومالڪ آهي. سندس تنقيد ۽ تحقيق جي ميدان ۾ هِڪ گهڻ پڙهئي جي ادب سان شناسائي رکندڙ ليکڪ جي حيثيت ۾ هُن جيڪو به تنقيدي، تحقيقي ۽ اڀياسي ڪم ڪيو آهي اُهو سنڌي ادب جو اهم ۽ مانائتو حصو آهي. “نئون ادب نيون ڳالهيون”ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. جنهن جي پهرين حصي ۾ “نئين سوچ ”جي سِري هيٺ مُختلف موقعن تي لکيل مضمون ڏنا ويا آهن. ٻيو حصو“ڏيهي ادب” جي اڀياس جو آهي، جنهن ۾ مُختلف ڪتابن تي اڀياس آهي. جڏهن ته ٽيون حصو“عالمي ادب” جي اڀياس مُتعلق آهي. جنهن جي مُطالعي مان چندر ڪيسوڻيءَ جي عالمي ادب، فڪر، فلسفي جي مُطالعي جي ڀليءَ ڀُت ڄاڻ پوي ٿي. “نئون ادب نيون ڳالهيون” جي پهرين حصي “نئين سوچ”جو پهريون تحقيقي مضمون “سنڌي عورت جو سماجي اڀياس” انتهائي شاندار نثر جو نمونو آهي. جنهن ۾ عورت جو سماجي ۽ تاريخي اڀياس، سائنسي انداز ۾ نئين فڪر ۽ فهم سان ڪري عورت جي فطري اهميت ۽ افاديت کي اُجاگر ڪري چندر ڪيسواڻيءَ پنهنجي روشن خياليءَ جو اعليٰ جائزو پيش ڪيو آهي. ۽ انگن اکرن سان سنڌي عورت سان درپيش مسئلن کي وائکو ڪيو آهي. “سنڌي ادب جواٻوجهائپ ڪلچر” ۾ چندر ڪيسواڻيءَ اديب جي مُثبت ۽ منفي ڪردار جي اوک ڊوک ڪندي سندس اڄوڪي جمود واري صورتحال ۾ غير مُطئمن نظر اچي ٿو. جنهن ۾ هُن بنا رک رکاءُ جي اديب، سياستدان، صحافي ۽ مُثبت تنقيد جي کوٽ واري حال تي سخت تنقيد ڪري، اُنهن کي پنهنجو روپ پسايو آهي. “شيخ اياز_پڇاڙڪو عڪس” ۾ ته چندر وڏي ڪمالِ فن۽ مهارت سان اياز سان مُلاقات واري عڪس کي چِٽيو آهي. جنهن کي پڙهندي چندرنثر جي حسين ڪرافٽ کي تخليق ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي پڙهي ڪري منهنجي من کي هڪ عجيب سحر پاڻ ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو. ۽ آءُ اڻ پيتيءُ جي خُمارن جا سرور محسوس ڪندو رهيس. هن مضمون ۾ چندر خود ڪلاميءَ جي فڪري تخيل جي تازگيءُ جو انوکو ڏانءُ تخليق ڪري نثر جي نئين منظر نگاريءُ جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. مثلن “پرنس ڪمپليڪس جي “اي ٽاور”۾ چوٿين ماڙ تي ساڄِي ڪُنڊ ۾ کوڙيل در جي بيل وڄڻ سان ڪا اَکَ “آئي هول” ۾ اٽڪي تڪڻ لڳي. در کُليو، ڪو ڇوڪَر اسان جا نالا پُڇي، وڃي وري موٽي آيو. اسان کي وٺي وڃي هُن اياز جي اڀياسي روم ۾ ويهاريو. روم جي ڇِتِ تائين سٿيل ڪتابن جا شيلف، بُخارا واري شاهي قالين جي مُهڙ ۾ رکيل اڪيلي صوفا مٿان ڇپر جيڏي گلوب جون هيڊيون بتيون سنهڙي سوجهري جو دائرو ٺاهي ٻرڻ لڳيون. در جي کُليل اڌ تاڪ تي اَڙيل منهنجي اَکَ پئي ڦٿڪي. اياز اڌ وِک جي فاصلي سان لٺ جي ٽيڪ تي ميرانجهڙي روشنيءَ جا ليڪا لتاڙي ڌيري ڌيري اندر اچڻ لڳو. سندس ڀَر ۾ ابراهيم جويو پئي آيو. اسان جي اُٿي بيهڻ تي اياز مُرڪندي ساڄي هٿ جي ڇَپرٺاهي، ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو. آڱرين وِچ ۾ اڻ دُکيل سگريٽ، سانوري پيشانيءَ تي پکڙيل اَڇا، ڪارا وار، گهاٽي ڀِرئون جي ڇانوءَ ۾ ٻرندڙ اکيون، عمر جا طئي ڪيل هڙيئي فاصلا، هٿ ۾ ورتل هڪ عدد ڇَڙي. . . . ” ۽ پوءِ“هر اُها رات، جنهن رات مون کي سنڌ جو خواب ايندو آهي، تڏهن مان هڪ ماءُ کان وڇڙيل ننڍڙي ٻار جيان ڇِرڪي پوندو آهيان. ” جهڙين مُقدس خيالن جي خالق ۽ هند ۽ سنڌ جي بهادر ليکڪ ۽ اديب موهن ڪلپنا تي لکيل“موهن ڪلپنا فن ۽ شخصيت”۾ چندر ڪيسواڻيءَ سنڌي ڪهاڻي ، ناول، تنقيد ۽ سندس شخصيت تي ڏاڍي باريڪ بينيءَ سان، فڪر انگيز انداز ۽ سليس سليقي سان لکيو آهي. جنهن جي مُطالعي ڪرڻ سان موهن ڪلپنا مُڪمل طور پنهنجي فن، فڪر۽شخصيت سميت اُڀري اچي ٿو. “پوئٽڪ ويئرنس”۾ چندر ڪيسواڻيءَ نثري نظم جي اهميت ۽ ضرورت بيان ڪندي عالمي ادبي تناظر ۾ اُن کي پابند شاعري کان وڌيڪ اهم ڄاڻايو آهي. ۽ نثري نظم کي پابند شاعري تي وڌيڪ فوقيت ڏيندي لکي ٿو ته، “موضوع ۽ عروض جي حوالي سان شاعريءَ ۾ پابندي، ظابطو ۽ چونڊ هاڻي پاڻياٺ بڻجي چُڪا آهن. اڄ جي سنڌي شاعري سختيءَ کي ته چکي ئي نٿي. ”يا“اوکائپ ۽ ساھ مُٺ ۾ ڀِيڪوڙيندڙ هِن دور ۾ انفرادي توڙي اجتماعي حوالي سان انسان جو بُنيادي جذبو رڳو عشق نٿو ڳڻجي، تنهن ڪري محض غزل ئي جديد شاعريءَ جو ڪو نمائنده صنف به نٿو ليکجي. هن دور جي جماليات ته بي ڊولائپ کي به قبوليو آهي. تنهن ڪري نثري نظم ۾ جيڪو انسان اُڀري ٿو اُهو هِن دور جو بي چين اِنسان يا وري اُنهيءَ بي چينيءَ جي ڪا مخصوص شِڪل آهي. اُهو اِنسان غزل ۾ جزوي، نظم ۾ ڪُجهه وڌيڪ ۽ نثري نظم ۾ مُڪمل شِڪل ۾ وائکو ٿئي ٿو.” مٿين راءِ چندر پنهنجي نثري شاعريءَ جي ٻئي شعري مجموعي“روپوش مُحبتون” تي ٻه اکر لکندي، لکي آهي. ۽ هاڻ جڏهن مان چندرجي اڄوڪي پابند شاعري (غزل)پڙهان ٿو ته آءُ سوچيان ٿو ته اُها آخر ڪهڙي من جي اُڻ تُڻ آهي جيڪا چندر، نثري نظم جهڙي آزاد صِنف ۾ به ڪونه پلٽي سگهيو آهي. پوءِ اُها غزل جهڙي پابند ۽ بندش زده صنف، چندر کي ڪهڙي خيال تحت پاڻ ڏانهن ڇِڪي آندو آهي جو هُو ڪالهوڪي ڪيل نثري نظم جي حق ۾ عالمي ادب جا وڏا حوالا ڏئي هُن پابند شاعري(غزل) کي “پاڻياٺ” سان ڀيٽيو هو. ۽ اڄ اُنهيءَ پنهنجي راءِ کي هُن غزل لکي رد ڏنو آهي. “اياز روحِ عصر جوپرچارڪ” ۾ چندر ڪيسواڻيءَ دل آويز انداز سان اياز جي دُعائيه شاعري تي ٿيل غير علمي تنقيدن واري طوفاني وايو منڊل ۾ اِنتهائي چابڪدستيءَ سان اياز جي اُن معصوم شاعريءَ جي ڀَر، جهلي بيٺو آهي. ۽ جرمن فيلسوف ايمانوعيل ڪانٽ، سارتر، افلاطون، روسي ڪوي بورس پاستر ناڪ، جان ڪيٽس، ڪلاسيڪي فيلسوف فريڊرڪ ولهم نيطشي، ارنيسٽ هيمنگوي، سولزي نِٽسن وغيره جي فڪر، فهم ۽ فلسفي جا حوالا ڏئي اياز جي شاعريءَ جي ٻنهي دورن کي هڪ ٻئي جوسگهارو تسلسل ثابت ڪيو آهي. جنهن کي پڙهي ڪري اياز جي سموري شاعريءَ سان اڃا به وڌيڪ مُحبت جو احساس جيءُ ۾ جاڳي پوي ٿو. “جنگ، انقلاب ۽ شاعري”۾ چندر ڏاڍي سيبائتي نموني سان پنهنجي عالماڻي ۽ فڪري سوچ ذريعي جنگ جهڙي غير انساني عمل ۽ روش کان نفرت جواِظهار۽ شاعريءُ وسيلي ڪائناتي سونهن ۽ سوڀيا کي پرکڻ واري خيال کي اهميت جوڳو قرار ڏئي ٿو. پر اڳتي هلي اِن فڪر انگيز لکڻيءَ ۾ اليڪٽرڪ ميڊيا واري ڳالهه الئي ڇو هن مضمون جي سُهڻي ۽ تخليقي سِٽاءُ جي تسلسل کي ٽوڙيندي محسوس ٿئي ٿي. جنهن ڪري چندر جي هِن مضمون جي ٻولي توڙي معنوي رواني مُتاثر ٿئي ٿي. ۽ اُن مضمون ۾ تڙ تڪڙ واري تڪڙي غير ذميواري جو، اَڻ وڻندڙ احساس ڪَر موڙي جاڳي پوي ٿو. هِن ڪتاب جي ٻئي حصي“ڏيهي ادب”۾ “سارتر، سنڌ ۽اندر جي گهُٽ” جي عنوان سان هن مضمون ۾ چندر سارتر جي ناول، “بُڇان”، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر بدر اُڄڻ “اندر جي اُڇل” جي نالي سان ڪيو آهي، تي وڏي مُفصل نموني، انتهائي باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو آهي. جنهن ۾ تفصيلي انداز سان چندر پنهنجي علمي ڏاهپ جي روشني پکيڙي اڄ جي نوجوان کي علم ۽ ادب سان مُڪمل سنجيدگيءَ جو ڏَسُ ڏئي ٿو. سارتر جي ناول جي مِڙني رُخن تي اهڙي چابڪدستيءَ سان نئين ٽهيءَ ۾ تمام، تمام گهٽ لکيو ويو آهي. چندر جو سارتر جي ناول تي ايڏو پُر اثر تجزيو ڪرڻ، سنڌي ادب جي لاءِ خوش بختي ئي چئي سگهجي ٿي. چندر ڪيسواڻيءَ جي تحرير جي سُڃاڻپ اها آهي ته اُها پنهنجي فڪري، فني، فلاسافيڪل، تسلسل ۾ يڪسر ۽ ريشم جي رنگين تاڪين وانگر پنهنجي حُسناڪين جا جلوه پسائيندي رهندي آهي ۽ لفظ لفظ پنهنجي معنويت جي پس منظر سان اُجاگر ٿيندو رهندو آهي. ٻوليءَ جي ريشمي ۽ نفيس تند، تخيل جي سنهي سُئيءَ سان“اِدراڪُ جي آڏاڻي تي اُڻيل ريشمِي نَثُر” کي دل ۾ پيهي ويندڙ احساس سان تخليق ڪندي ويندي آهي. جنهن جا کيپ ۽ خُمار دل توڙي دماغ کي نئين سگهه ۽ تازگي فرهام ڪندا آهن. اُن کان اعلاوه هن ڪتاب جي ٻئين حصي ۾ مُختلف موضوعن تي لکيل ڪتابن، جهڙوڪ شاعري، ڪهاڻي۽ مضمون نويسيءَ تي چندرڏاڍي خوش اصلوبيءَ سان نڀايو آهي جن ۾“جي گهاريا مون بند ۾”، “تون ۽ مان جا گنڊڙيل ميڙاڪا”، “اکيون ڏيئا ياد جا”، “منهنجي پياري ڌيءَ هڪ اڀياس”، “منظر منظر دل جي اندر”، “ثقافتي لهجي ۽ شهري سَڀاءُ جو شاعر”، “ڪٿي نه ڀَڃبو ٿَڪُ مُسافر”، ڪانئر جو موت، داخلي خود ڪلامي جا رويا”، “وستي وستي وحشتون”، “گُم ٿيل ماڻهو جو سفر نامو”، “ڀڳل دلين جو سيلاني”، “سج لهڻ کان پوءِ به. . . . . ڪلچرل ڪهاڻيءَ جو جائزو”، “تبسم. عشق، سونهن ۽ آدرش جو شاعر”، “خودڪشي ءَ جو رومانس”۽ “ڏور به اوڏا سُپرين”اچي وڃن ٿا. جيڪي چندر ڪيسواڻيءَ جي ادبي تپسيا جا بهترين نتيجا ڀاسن ٿا. جن کي پڙهي ڪري بقول اياز ته، “شاعري رقص ڪندي آهي ۽ نثر ڊوڙندو آهي. ” جي ساک بحال ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو چندر جو نثر صحرا ۾ پاڻيءَ جي جُستجوءَ ۾ اُڃايل هرڻيءَ جي اُن ڊوڙ جيان پنهنجي تيزي ۽ تِکَ ۾ غزلاڻي چال چلت ۽ نئين ڳولا جي ڳڻتيءَ رکي ٿو. جنهن جي توئنس چندر جي، جيءُ کي هڪ نئين جلا ۽ جوت بخشي ٿي. پر ٻئين حصي ۾ موجود خاص طور تي شاعري تي لکيل مضمون گهڻي قدرپيش ڪيل شاعريءَ جي سطح کان تمام مٿاهان آهن. جن ۾ چندرپنهنجي شعور جي گهري نگاھ سان شاعريءَ جي منظر ۽ پس منظر جي حالتن تي تمام غير جابندارنموني سان لکيو آهي. آخري ۽ ٽئين حصي“پرڏيهي ادب”۾ چندر ڪيسواڻيءَ عالمي ادب مان پنهنجي عاليشان چونڊ جي ونڊ پڻ ڪرائي آهي. جنهن ۾ “جديد پارسي ناول”، “چونڊ برطانوي ناول نگار”، “مارگريٽ ايٽ وُوڊـ صديءَ جي پڇاڙڪي بُوڪر ليکڪا”، بُوڪر پرائزـ هم عصر ادبي چِٽا ڀيٽي”۽ نڪاراگُوا ۾ اقتدار ۽ شاعري” تي تمام گهرائيءَ سان علمي، فني توڙي فڪري۽فلسفيانه اسلوب ذريعي شاندار تخليقي تحريرون ڏنيون آهن، جن جي جوهر ۾ معلوماتن جا ڪيئي انمول موتي ملن ٿا. آخر ۾نيو يارڪ جي برفباريءَ مان خوبصورت شاعر ۽ نثر نويس، حسن مُجتبيٰ لکي ٿو ته، “ننڍي کنڊ جي ترقي پسند شاعر ڪيفي اَعظمي چيو هو، “سنڌي شاعري ٻُڌي مون کي لڳي ٿو ڄڻ منهنجي فالج زدھ ٻانهن ۾ زندگي موٽي آئي آهي. ”چندر جي لکڻين جو به ڪُجهه اهڙو ڪارج آهي. فالج زدھ سنڌي سماج ۽ سوچ ۾ زندگي موٽائڻ. الائجي ڇو مون کي چندر جون لکڻيون پڙهي ڪراچيءَ جي ڳاڙهي ڊاڪا ۽ راجسٿان واري پٿرواري گاٿڪ عمارتن مٿان آچر واري شام سَوَن ۾ پاريهر لهندي محسوس ٿيندا آهن.

(ڇنڇر28 سيپٽمبر2013ع تي سنڌ رائيٽرس ڪلب مورو، پاران چندر ڪيسواڻيءَ جي ڪتاب“نئون ادب نيون ڳالهيون”جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيو ويو)
25/9/2013

هوا جِي ديِوار جي هُن پار

زندگي هڪ اهڙو سفر آهي جنهن جي هر پيچري مان اَنيڪ سفرن جون راهون ۽ رستا نڪري نِروار ٿين ٿا. سفر داخلي هُجي يا خارجي، وجود جو هجي يا روح جو، ننڊ جو هجي يا جاڳ جو، اُن جا کيپ ۽ خُمار، سهولتون توڙي مُشڪلاتون نوان نوان تجربا، مُشاهدا، احساس، خيالن۽ خوابن جا ڪيترائي رنگ کڻي نمودار ٿين ٿا، ته سفر جي هڪ نئين ڪائنات دريافت ٿي پوي ٿي. جنهن جا جلوه، جيءَ مان جَرڪِي لفظن جي صورت ۾ سوچ جوسفرتخليق ڪري وِجهندا آهن. سفر خلائي هجي، هوائي هجي، زميني هجي يا وري سامونڊي اُنهن تي هميشه انڊلٺ جهڙي ست رنگي ڪيفيت ڇانيل رهندي آهي. جنهن جي محسوسيات جي موسم ، پيار جي پنجين موسم وانگر هر رنگ ۾ دل لُڀائيندڙ ٿيندي آهي. ادب ۾ جتي شاعري، ڪهاڻي، ناول، ڊرامو، ڊائري ۽ مضمون نويسي اهميت رکن ٿا اُتي سفرنامو به هڪ خاص جاءِ ولاري ٿو. ۽ اُن جي مُطالعي جو سفر به دل ۽ دماغ کي تازگيءَ جو ڀرپور احساس ڏياري ٿو. سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي ضرورت ۽ اهميت اوتري ئي اهم آهي جيتري ڪنهن ٻي صنف جي. ڇاڪاڻ جو سفر نامو بظاهر ته مُشاهدي جي آڌار تي بيٺل هوندو آهي پر اُن جي سُونهن ۽ سوڀيا کي پُرڪشش صورت ۾ ڍالڻ لاءِ ڀرپور مُطالعي جو هُجڻ به بنهه ضروري آهي. جنهن سان منظر نگاريءَ ۽ معلومات جا نوان نوان جَهروڪا کُلندا ويندا آهن. جنهن سان پڙهندڙ جي پَرُوڙ، پَڪِي، پُختي۽ ڄاڻ ڀَري ٿي ڪري سفر نامي ۾ دلچسپي وڌائي ڇڏيندي آهي. هي دنيا، فطرت جو هڪ عاليشان سفر نامو آهي. جنهن کي قدرت جي قانون تخليق ڪري حيرتن جون ڪروڙين ڪائناتون جوڙي ڇڏيون آهن. اڄ اسان هِت جنهن سفر نامي جي اُجري احساسن ۽ جذبن کي روح سان ڇُهي رهيا آهيون اُهو سفرنامو سنڌ جي باصلاحيت، پڙهيي لکيي، سياري جي سرد موسم ۾ سمنڊ جيان خاموش پر پنهنجي اندر ۾ اوتري ئي گهري، طبيعت ۾ صاف سُٿري، نفيس، “خيال، خوشبو۽سِتارا”۽“آئيندو” ڪهاڻين جي ٻن ڪتابن جي خالق، ڪالم نويس ۽ “هوا جي ديوار”، سفر نامي جي مَهارتي اُڻتڪار منظور جوکيو جو آهي. جنهن خوبصورت سفر نامي جي خصوصيت اِها به آهي ته هي سفر نامو ٽن روپن يا حصن ۾ سفر ڪري پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ گڏ وٺي سير ڪرائي ٿو. تحريري تخليقپڻي سان گڏ تصويري عڪسن جي رنگن سان سنواريل ۽ تاريخي ڄاڻ ڏيندڙ هي سفر نامو سنڌي ادب جي اهم سفر نامن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. اهو آرٽسٽڪ امتزاج ليکڪ جي ذوق، شوق، ۽ مزاج جي سونهن کي اُجاڳر ڪري بيهاري ٿو. “هوا جِي دِيوار” جي هڪ تحريري ڪشش اِها به آهي ته هي سفر نامو سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار جي، احساسن ، جذبن، اکين، دل، دماغ ۽ روح مان سفر ڪندو، پَچِي ڪُندن ٿيندو لفظن جي نِڪور صورت کڻي ظاهر ٿيو آهي. “هوا جي ديوار” سفر ناموخوبصورت ٽائيٽل، ڊسٽ ڪور، پڪي بائينڊنگ، معياري کير جهڙي اڇي پني تي صاف سُٿري ڇپائي سان239 تحريري صفحن ۽114کوڙ سارين رنگين تصويرن جي صفحن تي مُشتمل هڪ سهڻِي ڪتابي صورت ۾ اسان جي سامهون آيو آهي. جنهن کي هٿ ۾ کڻي سَرسَري نظر وِجهڻ کان ويندي مُطالعي ڪرڻ تائين هڪ نئون آسيس جو احساس ڪَرَ موڙي جاڳي پوي ٿو. ڪتاب جي وڻندڙ ٽائيٽل تي“ آمريڪا جوهڪ بُلند بالا “آزاديءَ جو مُجسمو” هڪ هٿ ۾ ڪتاب۽ٻئي هٿ ۾مشعل بُلند ڪيو بيٺو آهي. جنهن جي ڀَر ۾ لنڊن جي ڪلاڪ ٽاور(بگ بين) جي آسمان سان ڪُلهو ملائيندڙ تصوير، جنهن جي ڀَر ۾ پئرس جي ايفل ٽاور جي ۽ سندس ڀر سان آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي اُونچي پر خوبصورت بلڊنگ جي تصوير، ٽائيٽل کي وڌيڪ دلڪش بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن تي اڇن اکرن سان لکيل هن سفر نامي جو نالو“هوا جي ديوار” پڙهڻ سان ئي منهنجو ننڍڙو ذهن تجسس آميزنالي تي حيران ۽ پريشان ٿي ڪري سوچ جي سفر تي نڪري پوي ٿو ته، ٻَه مُتضاد شيون مِلِي ڪري ڪيئن ٿيون نامُمڪن ٽين شيءِ کي جوڙين. مطلب ته هوا، جنهن کي صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو اُن مان ڪيئن نه ڏسي سگهندڙ شيءِ، ديوار تخليق ٿئي ٿي؟ اِن تَجسُس مون کي هِن سفر نامي جي مُطالعي ۾ گُم ڪري ڇڏيو. پر دُبئي جي سفر نامي جي شُروعات ۾ ئي مون کي سائنسي ترقيءَ جي تيزيءَ سان وڌندڙ سفر اِن ريت جواب ڏنو ته“اِهو ايئن آهي، جيئن ڪنهن سينٽرايئر ڪنڊيشنڊ عُمارت جي اندر ٿڌي ماحول کي، عُمارت جي ٻاهرشديد گرم هوا کان بچڻ لاءِمُکيه دروازي وٽ هڪ مشين لڳائي، اُنهيءَ مان وڏي پريشر سان هوا کي دروازي وٽ يڪسانيت سان پيدا ڪيو ويندو آهي ۽ ايئر ڪٽر نالي اُنهيءَ مشين ذريعي پيدا ڪيل هوا جي هڪ نظر نه ايندڙ ديوار ٺاهي، ٻاهرين گرم هوا کي عمارت جي اندر گھڙڻ کان روڪيو ويندو آهي. جڏهن اهڙي عمارت ۾ گھڙبو آهي ته اُنهيءَ ايئر ڪٽر مان نڪتل ٿڌي هوا جو جهونڪو ڀليڪار ڪندو آهي. ” “هوا جي ديوار” جي سفر جو سونهن سِٽاءُ سنڌي سفر نامن جي بادشاھ ۽ لڳ ڀڳ سڄي دنيا کي اکين سان گُهمي ڏسندڙ الطاف شيخ جي مهاڳ “ڏات ۽ڏانءُ واري ليکڪ جو هڪ خوبصورت سفر نامو” جي عنوان سان ٿئي ٿو. جنهن جي شروعات ڪُجهه هِن طرح ٿئي ٿي ته، “هڪ خوبصورت سفر نامومنهنجي هٿن ۾آهي، توهان به هِن سفر نامي کي پڙهي مون وانگر ضرور لُطف اندوز ٿيندئو. اها ڳالهه آءُ پنهنجي سفرنامي بابت ايڏي خاطريءَ سان نه ٿو چئي سگهان جيتري هن سفر نامي بابت. ” هي سفر نامو، دُبئي“جِتي هوا ۽ خلا جو به مُلهه آهي”، آمريڪا “حسين خوابن جهڙو مُلڪ”، لنڊن“ادب، فن، ثقافت ۽ سامراجيت جو مرڪز” ۽ يورپ“ڌرتيءَ تي هڪ جنت” جي حصن ۽ عنوانن سان سنواريل آهي. هن سفر نامي جي شروعات دُبئي جي سفر سان ٿئي ٿي. جنهن ۾ دُبئي جي مُختلف ۽ اهم جاين جو سُهڻي نموني ۽وڻندڙ انداز سان هن سفر جي کاهوڙي منظور جوکيي لفظن ۾ تصور جي طاقت سان اُهي سڀ منظر، ماحول توڙي دُبئي جي انتظامي بيهڪ جو پنهنجي نثري سگهه ذريعي جيڪو خاڪو جوڙيو آهي اُهو پڙهندڙ جي اندر جي اِدراڪ جي ڳِڙکي کولي کيس اُتان جي ڀرپور معلومات فراهم ڪري ٿو. اهڙي طرح منظور جوکيي دُبئي جي انٽر نيشنل ايئر پورٽ ايمريٽس ٽرمينل ٿري، سوق مدينته الجميرا ۾ پراڻي طرزجو ڏيک ڏيڻ لاءِ هٿرادو ماحول واري جاءِ، المنظر بيچ پارڪ، سون جي بازار، پراڻي طرز جو واچ ٽاور، برج العرب، ابنِ بطوطه شاپنگ مال، سوق مدينته الجميرا ۾ ٺاهيل پراڻي طرز جي بازار، وائيلڊ وادي دوبئي، دُبئي شاپنگ مال، بر دُبئي ۾ پراڻي طرز جي اصل بازار، اِسِڪي دُبئي، دُبئي جي هڪ اسٽاپ تي ٺاهيل مُسافر خانو، دُبئي ۾ هلندڙ ڊبل ڊيڪر بس، دُبئي مال وٽ ڊانسنگ واٽر فائونٽين، مال آف ايمريٽس ۾ هٿرادو ٺاهيل اسڪيئنگ رنڪ، بُرج خليفه، بيلي ڊانس، ابوظهبيءَ ۾ فيراري ورلڊ، بُرج خليفه جي اڳيان فائونٽين، صحرا سفاريءَ لاءَ هلندڙ گاڏيون، ڊيزرٽ سفاريءَ جو ڏيک، دُبئي اسڪئنگ رنڪ ۾چيئر لفٽ ۽ ٻيون دوبئي جون خوبصورتيون هن سفر نامي جي ڀرپور جان آهن. هن سفر نامي ۾ ليکڪ پرڏيهه ۾ ٿيل تجربن کي به پڙهندڙ سان شيئر ڪندو هلي ٿو. جيئن هوُهڪ تجربو بيان ڪندي لکي ٿو ته“اسان جنهن هوٽل ۾ ترسيل آهيون اُنهيءَ ۾ اسان کي پنهنجي ڪمري ۾ هڪ خوبصورت لفافو اچي ملي ٿو جنهن ۾ هڪ ليٽر هو، جنهن ۾ لکيل هو ته“هوٽل ۾ رهندڙ سوين مهمانن جي لسٽ مان قرعه اندازيءَ ذريعي اوهان جو نالو اُنهن چند خوش قسمتن ۾ نڪتو آهي جن کي هڪ بهترين واچ تحفي طور ملڻي آهي. تنهن ڪري توهان کي گُذارش آهي ته هن نمبر تي ڪال ڪريو ۽ اسان کي پنهنجي آمد جو اطلاع ڏيو ته جيئن اسان جي گاڏي توهان کي هوٽل تان کڻي اسان جي واچن جي گئلري تائين پُهچائي ۽ اسان توهان کي واچ جو تحفو پيش ڪري سگهون” سراج کي چوان ٿو “يار هل ته واچ کڻي اچون” هُن چيو“ڇڏ يار!ڏيندا ڪا سَسَتي واچ انهيءَ لاءِ وري ڪير خواري ڪري. هُنن وٽ هَلون ۽ جيڪڏهن اُنهيءَ تُحفي واري واچ سان گڏ ٻي به واچ خريد ڪرڻ لاءِ چون ته پوءِ واچ وٺڻي پوندي” کيس چوان ٿو ته “صرف اسان تحفي واري واچ کڻنداسين باقي ٻي واچ ڪونه وٺنداسين. اهو تون مون تي ڇڏ. اُنهن همراهن ڏانهن هلڻ جو ٻيو فائدو هي آهي ته مُفت ۾ اُنهن جي گاڏي تي هلي دُبئي جو ڪُجهه سير به ڪري اينداسين.” اهڙيءَ طرح ليکڪ جي اِن تجربي کي اِتي ئي تجسس جي واٽ تي ڇڏيندي اڳتي وڌندي سفر نامي جو هڪ ٻيو ٽُڪرو پيش ڪيان ٿوته“ڊيزرٽ سفاريءَ کانپوءِ سياحن کي هڪ نُخلستان جهڙي ماحول ۾ گڏ ڪيو وڃي ٿو، جتي اسان جو آڌر ڀاءُ عربي قهوي سان ڪيو وڃي ٿو. ٿورڙي ٿَڪ ڀَڃڻ کان پوءِهڪ گول دائري ۾ چوڌاري رکيل ديوانن تي ويهاريو وڃي ٿو ۽ گول دائري جون بَتيون ٻاري هڪ بيلي ڊانسر کي گُهرايو وڃي ٿو. جيڪا رَشين يا تُرڪش لڳي رهي آهي. اَڌ اُگهاڙي اُها ڊانسر جڏهن پنهنجو پيٽ لوڏي عربي گانن ۽ ڌُنن تي ڊانس ڪري ٿي ته اَڻ پياڪ ماڻهو به ڀرسان کُليل بار تان هڪ حسين دوشيزه کان پيگ وٺي پيئڻ چاهي ٿو. بس پوءِ ته مدهوشي ۽ حُسن جي جَلون جي سنگم سان رِڻ ۾ ٺَريل اُها رات ماڻهوءَ جي ذهن ۽ دماغ تي سڄي عمر لاءِ پنهنجا نقش نگار، خوشبوءِ ۽ مَستي ڇڏي وڃي ٿي. ”سفر نامي پڙهڻ سان اِن لُطف کي ڪِرڪِرو ڪندڙ هِن سفر جي تڙ تڪڙ واري صورتحال ۽ دبئي جي رنگن کي جلدي سهيڙي پُڄاڻي تي پُهچائڻ واري جلد بازي دُبئي جي سفر نامي جي سُونهن کي ڌَڪي ٿي. ڇاڪاڻ جو منطور جوکيي جيئن ٻين مُلڪن جي سفر جي ڪٿا پيرائتي نموني بيان ڪئي آهي اُهڙي ليکڪ جي لکڻ واري دلچسپي هن سفر نامي ۾ ڪونه ٿي ملي. جنهن ڪري دوبئي جي تخيلاتي سير واري اُڃ اَڌُوري رهجي وڃي ٿي. ڏٺو وڃي ته سفر نامو لکندڙ پنهنجي وقت جي تاريخ تحرير ڪندو آهي ۽ گُهمندي ، ڦِرندي پنهنجي تجربن، ويچارن ۽ تاريخ کي بنان ڪنهن تعصب ۽ رک رکاءُ جي، هڪ خوبصورت تناظر ۾ پنهنجي نقطه نظر سميت پيش ڪندو آهي. سادي سودي ٻوليءَ ۾ پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ وارو فن ۽ ڏانءُ ڪنهن ڪنهن سفرنامه نگار کي نصيب ٿيندو آهي. ڇو ته اُتان جي علم، ادب، تاريخ جي ترقي، ادارن جي مضبُوطي، وقت سان گڏ آيل اُٿل پُٿل، مُلڪي تاريخن کي پنهنجي ديس سان ڀيٽڻ ۽ اُهو احساس ڏيار ڻ ته اسان جي ڀرپاسي ۾ ڇا پيو ٿئي، ۽ اسين ڇا پيا ڪيون. اِهو هر ليکڪ جي وَس جي ڳالهه نه آهي. ڇو ته سفر ۾ پيش ايندڙ مُشڪلاتن، واقعن کي دلچسپ انداز سان پيش ڪرڻ ۽ سفر ۾ گڏ ساٿين ۽ اُتان جي ماڻهن جي روَين ۽ روايتن کي دلڪش بڻائي پيش ڪرڻ ۾ جيڪڏهن لکندڙ ڪامياب وڃي ٿو ته اُن سفر نامي کي ئي مُڪمل سفر نامو سڏي سگهجي ٿو. اهڙيون خوبيون “هوا جي ديوار”۾جابجا ملن ٿيون. جنهن ڪري هي سفر نامو مُطالعي جي ميز تي رکيي رکيي دز ۾ لٽجڻ کان اڳ ئي پڙهندڙ کي تسلسل سان پاڻ پڙهائيندي پاڻ ۾ گُم ڪري ڇڏي ٿو. “هوا جي ديوار” ۾ آمريڪا(حَسين خواب جهڙو مُلڪ)واري سفر نامي۾ جتي اکين سان ڏِٺل مَنظرن توڙي خوبصورتيءَ کي اکرن جي آرسيءَ ۾ عڪسن جي روپ ۾ چِٽيو ويو آهي، اُتي هِن سفرکي ڪهاڻيءَ واري اعليٰ ڪرافٽ ذريعي ڏاڍو رومانٽيڪ پڻ بڻايو ويو آهي. ۽ميڪسيڪن ڇوڪري ايبرل نوارو هِن سفر جي هيروئن طور پڙهندڙ جي تصور ۾، ماڪ ۾ ڀنل موتيي جي مُکڙيءَ جيان ٽِڙي پَوي ٿي. ۽ ليکڪ جي سحر انگيز بياني هڪ عجيب قسم جي جادوءَ ۾ مَنڊي ڇڏي ٿي. آمريڪا جي هِن سفر جي شروعات ئي ڏاڍي جمالياتي انداز سان ٿئي ٿي. “الاتحادجي ڪُشادي، روشن ۽ خوشبودار جهاز ۾ هڪ پَري چهري واري اَپسرا، ايئر هوسٽس جي روپ ۾ اچي پُڇي ٿي ته“اوهان ڇا پيئندا؟”دل چاهي ٿي ته هُن کي چوان، “تنهنجي هٿن سان مليل “هيملاڪ” به پي ويندُس، پر جيڪو توکي وڻي سو پيار”سوچيان ٿو. “هُن جي نازڪ ۽ خوبصورت هٿن سان صرف پاڻي يا ڪولڊ ڊرنڪ پيئڻ، هُن جي حُسن سان زيادتي ليکبي، تنهن ڪري ڪا سُٺي شيءِ پيئڻ کپي. “چوانس ٿو، “ڳاڙهي انگور جو رَسُ پيار. ”ڳاڙهي انگور جو رَسُ پيئندي، ڪَنن ۾ هيڊ فون لڳائي راحت فتح علي خان جو گيت“سُرمئي اکيون والي”چار ڀيرا ٻُڌان ٿو. ”يا اڳتي هلي ليکڪ آمريڪا پُهچي لکي ٿو ته“هي نيويارڪ آهي، منهنجي خوابن جو شهر. جيڪو اُنهيءَ وقت کان منهنجي خيالن ۾ آهي، جڏهن هاليوڊ جي اڪثر فلمن ۾ به نيو يارڪ شهر ڏسندو هُئس ته اها خواهش پيدا ٿيندي هُئي ته هڪ نه هڪ ڏينهن مان به نيو يارڪ ضرور ويندس. اڄ اهي تمام خيال کڻي جڏهن نيويارڪ شهر ۾ داخل ٿيان ٿو ته دل ايئن ٿي ڌڙڪي، جيئن نوجوانيءَ واري دور ۾ پنهنجي محبوبه سان پهريون ڀيرو ملڻ وقت دل ڌڙڪندي هُئي. ”۽ پوءِ ليکڪ جي اِها خواهش پوري ٿيندي ڏسي منهنجي ذهن تي انگلينڊ جي سدا بهار ليکڪ، مُفڪر ۽ دانشور جارج برنارڊ شا جو هڪ جُملو ڪنهن پکيءَ جيئن ڀڙڪو ڏئي اچي لهي ٿو ته“زندگيءَ جا ٻَه الميا آهن، هڪ ته دل جي خواهش پوري نه ٿي سگهي، ۽ ٻيو وري اُها پوري ٿي پوي. ”۽ وري ساڳي ئي وقت غالب جو هي شعر پڻ خيالن ۾ نمودار ٿي پوي ٿو ته:
ہزاروں خواہشیں ایسی کہ ہر خواہش پے دم نکلے۔
بہت نکلے میرے ارمان، لیکن پھر بھی کم نکلے۔
اِن ريت هي سفر ناموسُهاني سوُنهن سان سَلهاڙجي دنيا جي وڏي ۾وڏي ۽ مصروف ترين ايئرپورٽ جان ايف ڪينڊي جي سخت ايميگريشن کان ٿيندو ايمهرسٽ شهر ڏانهن پنهنجي ڊيلائتي چال چلندو هلي ٿو. ۽ ليکڪ ڪنهن قصا گو جيان هن شهرجي حُسناڪين جا ڍُڪَ ڀريندي لکي ٿو ته“جيئن ته هتي تعليمي ادارا گھڻا آهن، اُنهيءَ ڪري هِن شهر کي پروفيسرن جو شهر به سڏيو ويندو آهي. ماڻهن جي مالي حالت تمام گھڻي سُٺي آهي. شهر ڏاڍو پُر سُڪون، خوبصورت، صاف سُٿرو ۽ حَسين آهي. هِتان جي رهواسين جي فضيلت ۽ اخلاق شايد ئي دنيا ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ اهڙو بهتر هُجي. هي شهر آمريڪا جي شايد اُنهن چند شهرن مان آهي، جتي رستي تي پيدل هلندڙ ماڻهوءَ کي گاڏي بيهاري رستو ڪِراس ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي. ”۽ پوءِ هي آمريڪا جو سفر نامو، هِن سفر جي هيروئن ايبرل جي ساٿ سان نارٿيمپٽن شهر جي هڪ ميڪسيڪن سالسا بار ڊانس ڪلب کان ٿيندو، اِنڊلٺ جي ٿَڌن رنگن جيان اکين رستي روح ۾ لهندو بوسٽن، نيو بيڊ فورڊ، نيو يارڪ، سمرول شهرن ۾ وِسرام ڪندو، واشنگٽن شهر ۾ هڪ درد ناڪ پُڄاڻي کڻي پُهچي ٿو، سَڄي حسين ۽ نفيس ماحول تي گھٽائن جهڙيون ڪيفيتون ڇانئجي وڃن ٿيون. “اڄ واشنگٽن ۽ آمريڪا ۾ اسان جو آخري ڏينهن آهي. صبح جو سوير ئي ننڊ مان جاڳي پيو آهيان. هوٽل هلٽن واشنگٽن ۾ پنهنجي ڪمري مان روڊ طرف کُلندڙ وڏي دريءَ جا پردا کولي ڇڏيان ٿو. ٻاهر موسم جُهڙالي آهي. طبيعت ۾ بي چيني ۽ غمگيني آهي. پنهنجي آءِ فون جي آءِ پاد ۾ محفوظ لتا جا گاناٻُڌڻ لڳان ٿو. پنهنجو آمريڪا جو دورو هڪ ٽُٽندڙ خواب جيان محسوس ٿي رهيو آهي. ايئن لڳي ٿو ڄاڻ هوا جي ديوار پار ڪري اُنهيءَ جي ٻي پار هڪ ٻِي دنيا ۾ هليو ويندس، جتان وري خبر ناهي ڪڏهن موٽان. ايئر پورٽ وڃڻ لاءِ ايبرل سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويهان ٿو. مان به اُداس آهيان، هوءَ به اُداس لڳي رهي آهي. ايئر پورٽ پهچون ٿا، ايبرل گاڏي ڪاهي يڪدم هلي وڃي ٿي. ”۽ سفر نامي جو ليکڪ منظورجوکيو اُداسين سان ڀريل دل کڻي لنڊن_“ادب، فن، ثقافت ۽ سامراجيت جو مرڪز” يعني ليکڪ جي ننڍ پڻ جي هڪ خواب، جنهن جي اَڌ تعبير کيس نيويارڪ جي جان ايف ڪينڊي ايئرپورٽ تي گذريل سال2011ع تي لهندي ٿي هئي ۽ باقي اَڌ خواب جي مُڪملتا لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي لهندي ٿئيس ٿي. لنڊن جو هي سفر به ليکڪ ڏاڍي دلچسپ انداز سان، سمورو منظر ۽ پس منظر کڻي تحرير ڪيو آهي. ۽ پوري ڌيان ۽ گيان سان اُن سفر جا رنگ ۽ خوشبو کڻي پڙهندڙ جي حواسن کي واسي ڇڏي ٿو. “صبح جو تيار ٿي، ناشتو ڪري جڏهن هوٽل “ڪيونڊش” مان ٻاهر نڪران ٿو ته لنڊن شهر مون کي خوبصورت لڳي ٿو. رات جي اُونداھ هُجڻ سبب اُنهيءَ علائقي جو چڱيءَ طرح جائزو نه وٺي سگھيو هوس. صبح جو ٽيڪسيءَ لاءِ روڊ تي اچي بيٺو آهيان ته هر طرف شاگرد ۽ استادنظر اچي رهيا آهن. جيڪي تڪڙا تڪڙا پنهنجي ڪلاس لاءِ پنڌ ئي پنڌ وڃي رهيا آهن. سامهون هڪ عُمارت تي لکيل آهي، “لنڊن ڪاليج يونيورسٽي”اُنهيءَ جي سامهون هڪ پُراڻِي چَرچ آهي، جنهن جي آرڪيٽيڪچر کي ڏسي ماڻهومُتاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھي. ٽيڪسي صاف سُٿرن روڊن تان، پُراڻين پر حسين عمارتن جي وچ تان ٿيندي اچي ڳاڙهين سِرن سان ٺهيل هڪ قديم عمارت جي اڳيان بيهي ٿي. ٽيڪسيءَ تان لهي عمارت ۾ گھڙان ٿو. عمارت ۾ گھڙڻ سان ئي محسوس ٿئي ٿو ته اُها ٻاهران قديم ترين لڳي رهي آهي پر اندر کان اُنهيءَ ۾ دنيا جون جديد ترين آسائشون ۽ سهولتون موجود آهن. ”ايئن لنڊن جو هي سفر ناموبه پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو. ۽ سفر درسفر ڄاڻ جي کاڻ پاڻ سان گڏ کنيو اچي ٿو. پر الائي ڇو اها تاريخي ڀرپور معلومات، سفر نامي واري رَس ۽ چَس کي مُتاثر ڪندي محسوس ٿئي ٿي. ايئن، جيئن ڪو سُريلو آواز موسيقيءَ جي تيز سُرن ۾ دَٻجي، ٻُڌندڙ جي سماعتن تائين ڪن رَس نه پيدا ڪري سگندو آهي. ۽ اُن کي انتهائي غور سان ٻُڌڻ جي ڪري ذهن تي هڪ اڻ وڻندڙ بارمحسوس ٿي پوندو آهي. اهڙي حالت ۾ سفر نامي بابت شيخ ايازجاخيال منهنجي لاشعور مان شعور جي سر زمين تي نِسري پون ٿا جيڪي شيخ ايازپنهنجي آتم ڪٿا“ڪٿي ته ڀڃبوٿَڪ مُسافر” ڀاڱو پهريون۾ ٿر جي سفر دوران ڪُجهه هِن ريت لکيا آهن ته “سفر ته اُهو آهي جو اندر ۾ ٽُٻي ڏئي ڪڏهن هِن پارپُهچجي، ڪڏهن هُن پار.”، مون کي اُهي سفر ناما، نه وڻندا آهن جي ٽوئرسٽ بيورو (مُحڪمهء سياحت) جي پوسٽر يا ڪتابچي وانگر لڳندا آهن. ”يا اڳتي هلي ايازٿر جي سفر ۾ لکي ٿو ته“هي سفر نامو آهي، جعغرافيا، تي ڪتاب نه آهي ته مان ڏيپلي جي حدن، ويڪر ۽ آدمشماريءَ تي لکان. ”اُن ڪري “هوا جي ديوار”جي سفر نامي ۽ اُن ۾ ڏنل ڄاڻ هڪ الڳ، الڳ ڪتاب بڻجي پون ٿا. اگر اِها سموري تاريخي معلومات جيڪا منظور جوکيي انتهائي تفصيل سان ۽ ڀرپور نموني پيش ڪئي آهي اُن کي اگر هڪ الڳ ڪتاب ۾ آڻجي ته دُبئي، آمريڪا، لنڊن ۽ يورپ جي اِتهاس تي هڪ سُٺو ڪتاب به ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ جو ليکڪ ڏاڍي گھرائيءَ ۽ وڏي سوچ ويچار سان هن سفر نامي کي سگھارو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو مُطالعي لاءِ اهم ثابت ٿئي ٿو. سنڌ جي نالي وارِي ڪهاڻيڪاره مَهتاب محبوب جي سفر نامي “راهون چنڊ سِتارا”جي بيئڪ ٽائيٽل تي شيخ ايازلکيو آهي ته، “سفرنامو تيسيتائين سفر نامو ناهي، جيسيتائين اِبن خلدون وانگر مُصنف جون ٻئي اکيون کُليل ۽ پير پنڌ ۾ نه آهن. ۽ هر شيءِ نه رُڳو ڏسي وائسي ٿو پر چِتَ ۾ چيتاري به ٿو. ”ايازجي اِن راءِ جي تناظر ۾ منطور جوکيو “هوا جي ديوار”۾ مُڪمل طور تي اُنهن خوبين تي پورو لهندي نظر اچي ٿو. ۽ هُن، هِن سفر ۾ جيڪو ڪُجهه به ڏٺو، ٻُڌو، پڙهيو ۽ لکيو آهي اُهو هُن شعور جي شمع جي روشنيءَ ۾ ٻين کي به ڏيکاريو ۽ محسوس پڻ ڪرايو آهي. جنهن ڪري هي سفر نامو ڪيترن ئي رنگن ۽ روشنين سان جِهر مِر، ڪندونظر اچي ٿو. اُن ڪري هي سفر نامو ريپا انٽر نيشنل لنڊن، ڪينگسٽن بورو، لنڊن جي مشهور ڳاڙهي فون بوٿ، ميڊم تساد ميوزم، لنڊن پارليامينٽ هائوس، ٽيمز ندي، بِگ بين، ٽاور برج، لنڊن ٽاور، ڪرائون جوئيلس، بڪنگھم محل، وڪٽوريا ميموريل، رائل البرٽ هال، سَر البرٽ ميموريل، نيشنل آرٽ گيلري، ٽرئفلگر اسڪوائر، “لا مزرب” ٿيئٽر، لنڊن آءِ، ونسٽن چرچل، ورجينيا وولف جو گھر، لارنس آف عربيا، بِي بِي سِي لنڊن، بُش هائوس، شيڪسپيئرس گلوب ٿيئٽر، روز ٿيئٽر، يونيورسل ٿيئٽر، برٽش لائبريري، برٽش ميوزم، ماربل آرچ، سيلفر جز، هيرا ڊس، ڪارل مارڪس جي قبر، هائيڊ پارڪ ۽ ٻيا به ڪيترائي ماڳ ۽ مڪان ليکڪ اکين سان ڏٺا ۽ پيرن سان پنڌ ڪندي گھُميا۽ ٻين کي گھُمرايا پڻ آهن. هن سفر نامي ۾حُر تحريڪ جي خلاف لکيل هڪ خُفيه رپورٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ليکڪ جيڪا جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪري ٿو، اُها محنت جي تپسيا صرف اُهي ئي فرد ڪري سگھندا آهن جيڪي پنهنجي تاريخي ورثن، ماڳن توڙي مڪانن، قومي توڙي بين الاقوامي شعور سان مالا مال هوندا آهن. جيئن ليکڪ هڪ هنڌ اُن رپورٽ جي ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو ته“اُها رپورٽ انگريز فوج جي ڪنهن ڪميشن وغيره جي لکيل هئي، جنهن ۾ اِهو تذڪرو ٿيل هو ته 1843ع دوران حُر تحريڪ کي چِيڀاٽڻ لاءِ هَنيل مارشل لا دور ۾ حُرن جي خلاف جيڪو مِلٽري آپريشن ڪيو ويو هو، اُنهيءَ جو مُکيه راز ڪهڙو هو. ڪهڙيءَ ريت تياري ڪئي وئي، ڪهڙي ريجمينٽ اُنهيءَ ۾ حصو ورتو هو، ڪهڙا هٿيار، بارود ۽ جهاز استعمال ٿيا ۽ ڪيترا حُر شهيد ڪيا ويا ۽ انگريزن جو ڪهڙو نقصان ٿيو. اُنهيءَ رپورٽ کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مارشل لا دور ۾ سنڌ جي اُنهيءَ هلچل کي چيڀاٽڻ لاءِ اُهو رُڳو آپريشن ڪونه هو، پر اُها هڪ مُڪمل جنگ هُئي، جنهن ۾ هر جنگي سازوسامان استعمال ڪيو ويوهو۽ جنگي حڪمت عملي اِختيار ڪئي وئي هُئي. ”ليکڪ اِها رپورٽ پائڻ واري ڪهاڻي پُر تجسس طريقي سان ۽ ڏاڍي خوبصورت ڍنگ سان تحرير ڪئي آهي. اُن کا اعلاوه هائيڊ پارڪ جي اسپيڪرس ڪارنرتي ڪيل هڪ ٺوڙهي انگريزجي ڪيل تقرير مون کي ڏاڍو مُتاثر ڪري ٿي. جنهن لاءِ ليکڪ خود هِن ريت لکي ٿو ته“هي ٺوڙهو انگريزسڀني مذهبن ۽ سرمائيداريءَ خلاف وڏي دونهيندار ۽ مُدلل تقرير ڪري رهيو آهي. هُو باقاعدي وڏي تياري سان آيو آهي. ڪيترن ئي ڪتابن مان حوالا ڏئي رهيو آهي. هُن جو خاص ٽارگيٽ يهودي، اُنهن جا ڪتاب(پُراڻو عهد نامو)عيسائيت، اسلام ۽ آمريڪا جي رِي پبلڪن پارٽي آهن. جن خلاف هو وڏي جامع تقرير ڪري رهيو آهي. مذهب جي خلاف جيڪو هو ڪُجهه ڳالهائي ٿو مان اُن کي بڪواس سمجهان ٿو ۽ اُنهيءَ سان مان ڪنهن به طريقي سان مُتفق ناهيان، پر هو جيڪو ڪُجهه چوي ٿو وڏي مُدلل انداز سان چوي ٿو. ” هُن انگريز جي وڌيڪ تقرير لکندي ليکڪ وچ وچ ۾ (توبهه نعوذ باالله) جو وِرد به ڪندو هلي ٿو ته مون کي “هوا جي ديوار” جو مُطالعو ڪندي بي ساخته کِل اچي وڃي ٿي. بحرحال منظور جوکيي انگريز جي ڪيل تقرير جو تَتُ مُڪمل طور تي پوءِ به پيش ضرور ڪيو آهي. اِها هِن ليکڪ جي روشن خيالي آهي جو هِن اُهي ڳالهيون به ايمانداريءَ سان بيان ڪيون آهن جن سان ليکڪ مُتفق به ڪونهي. ايئن هي لنڊن جو سفر نامو پنهنجين سڀني حُسناڪين، ڪيفيتن ۽ حواسن کي ڇُهندو “يورپ، ڌرتيءَ تي هِڪ جنت”۾ پُهچي ٿوته واقعي روح سَٽون کائڻ شروع ٿو ڪري ته، مان به اُڏامي اُن جنت کي اکين سان ڏسي احساسن کي آسيس ڏيان. يورپ جي فِطرت جي حُسناڪين جون سُرڪيون ڀريان. پر ليکڪ سفر جي سُهائي سان پکين جيئن اُڏامندو پنهنجي پسنديده شهرن نيو يارڪ ۽ لنڊن ڏسڻ کان پوءِ پنهنجي دل ۾ رهيل هڪ حسرت ته يورپ جا ڪُجهه مُلڪ يعني فرانس، سوئٽزر لينڊ، جرمني ۽ هالينڊ ڏسان. ۽ پوءِ ليکڪ لنڊن جي ڊوور پورٽ تي پُهچي ٿو، “ڊوور پورٽ هڪ چهچ سائو علائقو آهي، جنهن کي ڀر سان ئي موجود سفيد مِٽيءَ جي سر سبز جبلن وڌيڪ خوبصورت بنائي ڇڏيو آهي. اُنهيءَ جي خوبصورتيءَ جو اندازوهِن خيالي پر حقيقت تي ٻَڌل منظر مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ نيري گھري سمنڊ جي ڀر سان، سفيد مِٽيءَ جاسرسبز جبل آهن ۽سمنڊ جي ڪناري تي وڏا ٻيڙالنگر انداز ٿيل آهن ۽ آسمان ۾ خوبصورت اَڇا سيگل اُڏامي رهيا هُجن. ”، “هوا جي ديوار پار ڪري ٻيڙي ۾ اندر داخل ٿيان ٿو ته اُتي هڪ مُڪمل دنيا آباد ڏسان ٿو. ٻيڙي ۾ اندر مُسافرن جي ويهڻ لاءِ ڪيتريون ئي آرامده ڪُرسيو ۽ صوفا رکيل آهن. سڄي ٻيڙي جو چڪر هڻندي جڏهن مان اوپن ڊيڪ تي پُهچان ٿو ته اُتي حسين منظر نظر اچي ٿو. مٿان نيرو آسمان، ڪُجهه بادلن سان موجود آهي، هيٺ نيري رنگ جو سانتيڪو سمنڊ آهي جنهن جي نيري سيني کي پي اينڊ او فليگ وارو ٻيڙو چيريندو اڳتي وڌي رهيو آهي. آسمان ۾ اَڇا پکي اُڏامي، ماحول کي اڃان به وڌيڪ خوبصورت بڻائي رهيا آهن. ” اهڙي تخيل جي سگهه سان ليکڪ، پڙهندڙ کي اَڻ ڏٺل ۽ دور دراز مُلڪن جا لفظن جي جادوگريءَ سان ڄڻ ته سچ ۾ سفر ڪرائيندو هُجي. هُونءَ به سفر نامي جي اِها ئي معنيٰ آهي ته سفرڪار سحر بيانيءَ سان تصور ذريعي اُهي سڀ ڏٺل وائٺل ڏيک لفظن مان بلڪل اصل وانگر ظاهر ڪري وجهي ۽ بي تحرُڪ عڪس، اکرن ۾ ساھ کڻڻ لڳن. تڏهن اُهو سفر نامو پنهنجي تخليقي تناظر ۾، تخليقي ادب جو حصو بڻجي سگھي ٿو. بقول نامياري اديب قاضي خادم جي ته، “ سفر نامه دُنيا جي اوائلي آهي. ” “هوا جي ديوار” جو سفر هوائن ۾ اُڏامندو نيدر لينڊ پُهچي ٿو ته سفر جي سموري ڪيفيت ۽ احساسَ، آفاقي رنگ جهڙي شراب جي خُمارن ۾ تحليل ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا ته ليکڪ“اٽڪل سوا ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ پي ايند او جي فيري اُتر فرانس جي ننڍڙي بندر گاھ ڪئلس تي اچي بيهي ٿو. ڪئلس مان نڪري فرانس ۾ ڪُجهه دير سفر ڪرڻ بعد بيلجيئم ۾ داخل ٿئي ٿو، برسلز جي ويجهو هڪ ريسٽورنٽ تي لنچ ڪرڻ بعد نيدر لينڊ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ شام جو ايمسڊٽرڊم پهچي ٿو. “اٽريڪٽ کان اڳتي وڌي ٿو ته هيگ جو شهر اچي ٿو، هِن شهر سان سندس اُنسيت تڏهن کان آهي جڏهن2008ع ۾ سندس داخلا هيگ يونيورسٽيءَ ۾ ايم. بي. اي جي ڊِگريءَ لاءِ ٿي هئي پر بد قسمتيءَ سان ادب ۾ شُمار ڪيا ويندا آهن. جن جو مثال900 ق_م ۾ هومر(يونان جو انڌو شاعر)جي سُرندي تي ڳايل “اوڊيسي ۽ ايليڊ” جا قصا آهن. ٻئي طرف ڏهين صديءَ عيسوي۽ ۾ اِبنِ بطوطه ۽ تيرهين صديءٌ ۾ مارڪو پولو جا سفر نامه آهن، جيڪي حقيقي انداز ۾ لکيل هُجڻ ڪري، ادب جو حصو بڻجي سگھيا آهن. ليڪن تاريخي ادب ۾ به اُنهن جو اهم مَقام هوُ وڃي نه سگھيو هو. رستي سان هيگ يونيورسٽي جو بورڊ ڏسي ٿو ته سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي. ” جيئن ته هي سفر نامو، ايمسٽرڊم جي وان خوخ ميوزم کان ٿيندو، ريڊلائيٽ ڊسٽرڪٽ جي سوڙهين گھٽين ۾ جسم فروش عورتن جا حسين چهرا، بي وسي ۽ ساڻن ٻين سطحي سوچ رکندڙ ماڻهن جون ڪيل مشڪريون ڏسندو جرمني، سوئٽزرلينڊ، خوشبوئن جي شهر فرانس مان ڪيتريون ئي خوشبوئون کڻندو، رنگ وکيريندو محسوس ڪندو ۽ محسوس ڪرائيندونيٺ هِن فڪر انگيز پُڄاڻي تي پُهچي ٿوته“ انسان پاڻ کي لازوال سمجهي ٿو، پنهنجي محل ماڙين کي پنهنجي لاءِ لازم سمجهي ٿو، پر خُدا وٽ ڪُجهه ٻيو نظام آهي. محل ماڙيون هِتي رهجي وڃن ٿا ۽ انسان فنا ٿي وڃي ٿو. هر شيءِ هتي رهجي وڃڻي آهي ۽ انسان کي هٿين خالي اهڙي دنيا ۾ وڃڻو آهي، جتان انسان هِن دنيا ۽ هُن دنيا جي وچ ۾ لڳل “هوا جي ديوار” کي ٽِپي واپس موٽي نٿو اچي. ”

18/10/2013

مددي ڪتاب
هوا جي ديوار(سفر نامو) منظور جوکيو
ڪِٿي ته ڀڃبو ٿَڪ مُسافر(ڀاڱو پهريون) شيخ اياز
ڪِٿي نه ڀڃبو ٿڪ مُسافر(ڀاڱو ٽيون) شيخ اياز
اِتهاس جا آواز. . . انعام شيخ
راهون چنڊ سِتار(سفر نامو) مهتاب محبوب
سارنگا 18، 19. اپريل_سيپٽمبر2012ع

موت جهڙي مايوسيءَ مان ڦُٽندڙ اُميد جو شاهي رستو

*سنڌي ادب ۾ ناول جي اڻاٺ شدت سان محسوس ڪئي وڃي پئي، پر تخليقي ناول ته اڃا به ناياب پيو ٿيندو وڃي. شايد ناول جي وسيع ڪئنواس ۾ ڪردارن جي چونڊ، چرپر انهن جو فنڪاراڻو ڀچاءُ، تُز مڪالما، موضوعاتي چونڊ ۽ ان جي تسلسل کي پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچائڻ وارو هنر، گڏوگڏ ناول جي نفيس اڻت ۽ مطالعي، مشاهدي ۽ مشق جي ڪيل تپسيا جي گهري نچوڙ کي ناول جي تخليقي عمل ۾ سمائڻ ۽ ناول جي گهڻ رخي محنت جو مستقل مزاجيءَ سان نڀاءُ ڪرڻ وارو عمل اڄ جي گهڻن سهل پسند ليکڪن لاءِ ڪشش جو سبب گهٽ بڻجي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تخليقي ۽ شاهڪار ناول جي کوٽ نمايان پئي ٿيندي وڃي . سنڌي تخليقي ناول جي ان اڻاٺ جي سبب کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جن تخليقڪارن قلم تي مس کي سُڪڻ نه ڏنو آهي تن ۾ اڄ جي نئين پيڙهيءَ جو نمائندو ڪهاڻيڪار منور سراج به آهي، جنهن تخليقي تناظر ۾ تمام سٺيون ڪهاڻيون لکي پنهنجي الڳ سڃاڻپ جوڙي ورتي آهي. هو جڏهن هانوَ ۾ ٻاٻري ڪنڊي جيئن ڇپندڙ احساساتي ڪيفيت کي ناول جي وسيع تر وادي ءَ ۾ آندو ته هن جي روح جو ديوانو ۽ فطري ڪهاڻيڪار ڪَتين جيئن ڪر موڙي وان گوگ جي آرٽسٽڪ ديوانگيءَ جيان جنم وٺندڙ ڪنهن لازوال شاهڪار وانگر نروار ٿي اچي ٿو، جنهن ۾ ڳڀا ڳڀا زندگيءَ جون انيڪ آسون ۽ اميدون، خواب ۽ خيال، لڙڪ ۽ اوجاڳا ناول جي ڪئنواس تي اداس رنگن ۽ خوشبوئن جو نڪور عالم تخليق ڪن ٿا.
منور سراج موهيندڙ هنرمنديءَ سان هڪ اهڙي خواب جي تخليق ڪئي آهي، جيڪو کاٻي اک جي اداس ۽ مرجهايل اڻيءَ مان ڇڻي؛ زندگيءَ جي زرد شام جي انڌيري وستيءَ ۾ جنم جنم کان ڀٽڪندو رهيو هو.
“کاٻي اک جو خواب” در اصل منور سراج جي زندگيءَ جو هڪ اهڙو دروازو آهي، جنهن مان توهان داخل ٿي ان جي ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا ڪيفيتن جي ٽوڙ ڦوڙ کي محسوس ڪري سگهو ٿا. هڪ اهڙي ڀڃ ڊاهه جنهن سان هڪ ڏک، پنهنجي سرمائي سانورائپ سان نروار ٿي هڪ اهڙي خوشيءَ جي ڪُٻ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ، جيڪو ان ئي ڏک جي گهڻائيءَ جي ڪمي مان جنم وٺي ٿو. شايد تڏهن ته گوتم ٻُڌ به سروم دکم دکم جي دريافت سان زندگيءَ جي اصل حقيقتن کي ڄاڻي ورتو هو، ڇاڪاڻ ته خوشيءَ نالي ڪنهن به شيءِ جو ڪو به وجود هن ڪائنات ۾ ڪو نه ٿو ملي. جڏهن ته ڏک تي مقدار جي سطح ۾ گهٽتائي ئي خوشيءَ جي عارضي احساس مان محسوس ٿيندي آهي. جيئن گهگهه برساتي رات ۾ گوڙ جي گجگوڙ سان کنوڻ جو لمحاتي تجلو ۽ پوءِ وري ساڳي ئي گهاٽي اوندهه. . .
‘کاٻي اک جو خواب’ هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا مسلسل هڪ زنجير وانگر ڪڙي به ڪڙي جڙندي رهي ٿي، يا ائين کڻي چئجي ته هڪ جنم قيد آهي، جيڪو پنهنجي سمورين پيڙائن سان به وڻي ٿو، جيڪو پاڻ ۾ ڪو نجات جو رستو نٿو رکي. زندگيءَ کي ڪا به دري، در ڪونهي، ڪا به ڇت توڙي ڀِت نه آهي، پوءِ به اها هڪ بند کولي آهي، جنهن ۾ موت جي ڪُک مان جنم وٺندڙ ‘کاٻي اک جو خواب’ هڪ اهڙو قيدي آهي، جنهن کي وقت ۽ حالتن بنا ڪنهن ڏوهه ۽ ثبوت جي عمرقيد جي سزا ڏئي ڇڏي آهي.
‘کاٻي اک جو خواب’ ڪنهن جي تقليد آهي يا نه، اهو هڪ الڳ بحث آهي، پر ان جو درد، ان جي پيڙا؛ ان ۾ هڪ حساس دل جي ڪيفيت ۽ حساسيت ۾ گهيرجي هڪ اجنبي شڪ جي پيٽ مان جنم وٺندڙ سڙيل ڪاري منهن وارو خوف، مون لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجنبي نه آهي. اهو خوف ماڻڪ کان منور تائين ۽ اتان کان سڄي سنڌ جي وجود ۾ لهي چڪو آهي. هر روز چيلاٽن جي انگ ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. انهن جا کُهرا پَر سنڌ جي نفيس احساسن ۾ سُري رهيا آهن. هڪ بي يقينيءَ جو الجهيل عالم ڀٽڪندڙ ذهنن ۾ پنهنجا بنياد پختا ڪري چڪو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ منور سراج جو ناول ‘کاٻي اک جو خواب’ بي زبان احساسن ۽ گونگي ڪيفيتن جي زبان بڻجي هڪ اهڙو آواز تخليق ڪري ٿو جيڪو هر پڙهندڙ جي وجود جي ويران ۽ پراڻي حويليءَ ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي ٿو. اهڙو پڙاڏو جيڪو هڪ ئي وقت چئن رنگن ۽ روپن ۾ جيئڻ جو ساهس رکي ٿو. هڪ زندگي چار حصا، هڪ ڪهاڻي چار ڪردار، پر در اصل چار ئي ڪردار هڪ ئي ڪردار جو پرتوَ، ڪنهن پسمنظر جي ڪنڊ ۾ ڀت طرف منهن ڪري؛ منهن تي ٻانهن ڏئي روئيندڙ، سڏڪا ڀريندڙ ڪردار جو. . . هڪ حصي مان ٻين حصن جو جنم، جيئن صحرا ۾ تتل سج هيٺ ٿوهر ۾ ڪنڊا: سنها ٿلها، هر وقت احساس جي جسم ۾ چڀندڙ ڪنڊا.
‘کاٻي اک جو خواب’ هجي يا ساڄي اک جو سپنو، مون کي الائي ڇو ازل کان وٺي خوابن سان اُنسيت رهي آهي. رنگ برنگي ڦوڪڻن جهڙا خواب، ٻانهن ۾ ڇڻڪندڙ رنگين ڪانچ جي چوڙين جهڙا نفيس خواب، نيڻن مان بي ساخته ٽمي پوندڙ لڙڪن جهڙا اجرا خواب، خاموشيءَ جي خلا ۾ ڀٽڪندڙ خواب. خواب مون کي منهنجي زندگي ۽ شاعريءَ ۾ ڀرپور جيئڻ جو ساهس ڏيندا آيا آهن ۽ ‘کاٻي اک جو خواب’ ته وري مون کي انتهائي پنهنجو ٿو لڳي، جنهن کي شايد ڪنهن جنم ۾ ڏسڻ جي لاءِ منهنجي نيڻن به ڪو جوڳ ورتو هو. انڪري به ان جي سڄي بناوت روح کي رتو رت ڪري ڇڏيندڙ رهڙ، ان جي هجڻ ۽ نه هجڻ جي وچ واري منجهيل، ريشمي پر پُرڪشش ڪيفيت کي منور سراج وڏي فني مهارت سان سورن جي سڳي ۾ لفظ به لفظ موتي ڪري، زندگي ۽ موت جي وچ واري پُل تي، اڪيلائين جي آسمان هيٺ يا ڀونءِ تي ڀٽڪندي اُڻي، ناول جي هڪ نڪور مالا سهيڙي آهي، جنهن جي هر موتيءَ جي جوتيءَ سان جيون جي اونداهي ۾ روشني ڦهلبي وڃي ٿي. نه روئي سگهندڙ ۽ نه بيان ڪري سگهندڙن لاءِ هي ناول هڪ اهڙو اڇوتو اظهار آهي جنهن جي ڀنل ڀنل خوشبوءِ ۾ ‘کاٻي اک جو خواب’ ڪڏهن ڪنهن خانه بدوشڻ جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته ڪڏهن ڪنهن جوڳيءَ جي جوڳ مان جاڳي پوي ٿو. ڪڏهن ريل جي بوگيءَ ۾ دريءَ وٽ ويٺل اڇي وڳي ۾ ڪنهن سندريءَ جي اکين مان، ته ڪڏهن مِينهن ۾ ڪنهن پراڻي قبرستان جي آلي ڪنڊ ۾ کوٽيل ننڍڙي قبر ٿو بڻجي پوي. ڪڏهن ۽ ڪٿي به ڪجهه ٿي پوڻ جو امڪان ٿي پوي ٿو، ڪڏهن ڪنهن معصوم ننڍڙي هٿ ۾ لِو جهڙي لِساڻ، ڪڏهن جهنگ ۾ ٻڪريون چاريندڙ ٻار جي وات تي ڀاري هٿ، ڪڏهن ماستر جي چماٽ جو پڙاڏو، ته ڪڏهن راڻو، سارنگ، ساگر، مومل، سومل جي چهرن ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو.
‘کاٻي اک جو خواب‘ وڏي ادراڪ سان تخليق ڪيل هڪ شاندار ناول آهي، جنهن جي جهرڻن جهڙي صاف شفاف ٻولي، انوکيون تشبيهون، جماليات سان تار جملا ۽ ڪردارن جي موضوعي دنيا جي ڪيفيت ۽ خيالن سان ڀرپور هڪ جهڙائي هن ناول جي خصوصيت آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙي خوبصورت ناول جي آمد بر وقت ۽ تخليقي ناول جي کوٽ واري بيٺل ڍنڍ ۾ خوشگوار لهرن جو جنم آهي.
‘کاٻي اک جو خواب’ زندگيءَ جي مايوسين جي ڪُنن ۾ گهوماٽيون کائيندي، ٻڏندي، ترندي نيٺ اميدن جي شاهي دروازي تي پهچي ٿو، جنهن جي کلڻ سان هڪ نئين سفر جي سرمئي سُهائي ‘کاٻي اک جو خواب’ کي تازو توانو ڪري ڇڏي ٿي.
هي ناول کوڙ سارين ننڍڙين اڻپورين خواهشن مان جنم وٺندڙ ڪهاڻين کي پاڻ ۾ سانڍي گڏ کڻي هلي ٿو، جيئن نيري ۽ وشال ساگر ۾ ڀانت ڀانت جي مسافرن کي کڻي ويندڙ ٽائيٽينڪ يا وري ڪنهن فِش باڪس ۾ رنگبرنگي ننڍڙيون ۽ سهڻيون مڇيون.
هي ناول زندگيءَ جي رنگ ــ منچ تي هلندڙ اهڙو ڊرامو آهي جنهن جا ڏسندڙ خود ان جا ڪردار آهن. اهڙا ڪردار جيڪي سچ ٻڌڻ جو حوصلو رکن ٿا ۽ نه به. ان ها ۽ نه واري ڪشمڪش ئي ليکڪ کي ‘کاٻي اک جو خواب’ ڏيکاريو آهي. جاڳ ۾ توڙي ننڊ ۾، ذهني دٻاءُ جي ڌٻڻ ۾ لهندي. ايئن لڳي ٿو ته ليکڪ جو سڄو وجود ڌٻڻ ۾ لهي چڪو آهي سواءِ کاٻي اک جي. کاٻي اک جيڪا ڌٻڻ کان ٻاهر رهجي وئي آهي؛ ڌٻڻ جي ڪناري تي، اهڙي ڪناري تي جتي ڪو به ننڊ جو يا سڪون جو پکي نه رهيو آهي، رڳو چيرڦاڙ ڪندڙ چيتا ۽ بگهڙ آهن. اهڙا بگهڙ جن جا منهن سڙيل ۽ ڪارا آهن ۽ اهڙا چيلاٽا جيڪي چيتن جيئن چنگهاڙي رهيا آهن. ‘کاٻي اک جو خواب’ اصل ۾ ليکڪ جي ذاتي ۽ سندس نفسياتي دنيا جو اهڙو اولڙو آهي جنهن جا عڪس ڏارجي پوڻ جي ڏوهه ۾ ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين اڪيلائين جي بن ۾ ڀٽڪندا رهيا آهن. ‘کاٻي اک جو خواب’ هڪ اهڙو ڪڙو سچ به آهي جيڪو شايد ٻين جي لاءِ تخليق ٿيو آهي. اهو سچ ڪڏهن به پنهنجي ذات جي ديوار چين نه ٿو اورانگهي سگهي، ڇاڪاڻ جو ان جي اڏار جي سطح مخصوص وسعتن ۾ پنهنجا پر پکيڙي سگهي ٿي. ‘کاٻي اک جي خواب’ جي حقيقت کي آرٽ جي نگاهه سان ڏسندي اهو انڪشاف به ٿئي ٿو ته ، “ڊرامي بازي ۽ نعريبازي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. . . . ۽ اهو سڪو کوٽو آهي ۽ کوٽو سڪو ٻار به نه وٺندا آهن ها البته کوٽو سڪو انڌي فقير جي ڪشتي ۾ آسانيءَ سان اڇلائي سگهبو آهي.”
‘کاٻي اک جي خواب‘ ۾ اهو احساس به شدت سان ڪرموڙي جاڳي ٿو پوي ته، “ڪالهه ئي انهن هن ديس جي اداس اکين ۾ رهندڙ خوابن جهڙي دراز قد شهزاديءَ کي مقتولن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو درد جي طويل ڪوما ۾ هليا ويا آهن. سندن اکين ۾ هڪ دفعو وري شام غريبان لهي آئي آهي. سج رت جي فرات ۾ ٻڏي ويو آهي.”
‘کاٻي اک جو خواب‘ کي اهو سڀ ڪجهه ايئن محسوس ٿو ٿئي جيئن ڀڳل پاسيريءَ وانگر هر وقت ڏکندو ۽ ڏکوئيندو رهڻ جو احساس. . . ڇا ڪو احساس جانبدار به ٿيندو آهي. جي ها ته پوءِ اهو احساس نه، بلڪه اهو ذهني هڪجهڙائيءَ جو رد عمل ٿي سگهي ٿو. پوءِ ته ‘کاٻي اک جو خواب’ جي خيال ۾ اڪيلي سر آجپي جي بانسري وڄائيندڙ ۽ ان جي ڪڍ نعرن جي مچ تي مڙي آيل پروانا به ڊرامي باز آهن ۽ جيڪي اذيت گاهن، ديس جي روڊن رستن تي نعرن جي فطري سحر ۾ منڊجي مئا يا سرِ راهه ساڙيا ويا، انهن سان پيش آيل هانوَ کي ڏاريندڙ الميا به ڊرامي بازي آهن؟ ڇا ڪو به ادب ۽ آرٽ سجاڳي جي علامت ناهي، اهڙي علامت جنهن ۾ ڪو سنيهه هجي، ڪا معنيٰ هجي. جي کڻي ايئن فرض نه به ڪجي پو ته ادب ۽ آرٽ کي غير جانبدار ٿيڻو پوندو، پوءِ ته ڌرتيءَ تي رهي غير جانبدار ادب ۽ آرٽ تخليق ڪري ئي نه ٿو سگهجي. ادب ۽ آرٽ سجاڳيءَ جي پيغام جي علامت ناهن؟ جيئن ڪو نعرو، جيئن ڪو ڊرامو، جيئن ڪو شعر، جيئن ڪو ناول، جيئن ڪا ڪهاڻي. . . ڇا رڳو ادب ۽ آرٽ اهو آهي ته زميني حقيقتن کي ثانوي حيثيت ڏئي، ادب ۽ آرٽ جي آڙ ۾ پنهنجي پسند ۽ ناپسنديءَ جي اڏيءَ تي ويهي ڳڀا ڳڀا ڪجي، ڪا ڪاسائڪي ڪارِ ڪجي. پنهنجي پسند ۽ ناپسنديءَ کي ادب ۽ آرٽ جي نالي ۾ جانبداريءَ ۽ غيرجانبداريءَ جو هڪ ٽڪساٽ اڏجي. هر اهو ادب ۽ آرٽ جنهن جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ ۾ پختيون لٿل ناهن، اهو ادب ۽ آرٽ دائمي ۽ لازوال ڪڏهن به نه ٿو بڻجي سگهجي. ڪنهن به ادب ۽ آرٽ کي ڪنهن به هڪ ذات يا طبقي جي تسڪين لاءِ مخصوص نه بڻائجي پر ان کي ڪُل ڪائنات جي احساس ۾ سمائي ڇڏجي.
‘کاٻي اک جو خواب‘ ادب ۽ آرٽ جو هڪ اهڙو نمونو آهي جيڪو فرد جي مايوسي، بي يقيني، ايذائن ۽ پيڙائن جو ڦهلجي ويل پڙاڏو آهي جيڪو سماعتن ۾ ‘ايڪو’ وانگر چيلاٽن جي آواز جيان ڦهلجي وڃي ٿو، پولار ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو. هڪ اهڙي ڀٽڪنا جنهن ‘کاٻي اک جي خواب’ کي ڌرتيءَ جي پاتال مان ڦٽي نڪتل درد عطا ڪيو آهي، جنهن کي منور سراج ادب ۽ آرٽ جي بٺيءَ ۾ پچائي ڪُندن ڪري ڇڏيو آهي.
‘کاٻي اک جو خواب‘ کي محسوس ڪندي ان جي درياهه جهڙي رواني روح کي ڪنهن ٽٽل ٻيڙيءَ جيان پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي. ان هوائن جهڙي روانيءَ کي ستانَوي صفحي تي هڪ شعوري رڪاوٽ متاثر ڪري وجهي ٿي ۡ: “هوءَ، جنهن کي چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري سمجهي رهيو هو، سا در اصل خودسريءَ جي سزا ڀوڳيندڙ اهڙي عورت هئي، جنهن پنهنجي اکين مان هڪ شاعر کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هو. شاعر جيڪو پنهنجا خوبصورت شعر پنهنجي نالي سان ڇپرائڻ بدران هن جي نالي سان رسالن ۾ ڇپرائيندو هو ۽ هوءَ سهيلين ۾ شاعره بڻجي اوچي ڳاٽ سان ڪاليج جي ڪاريڊور ۾ ايئن هلندي هئي ڄڻ ڪا شهزادي هجي. . . . ”
‘کاٻي اک جو خواب‘ جي من موهيندڙ تسلسل ۾ مٿيون پيراگراف اصل ڪيفيتن واري جهان مان ڪٽيل ۽ ڀرتي محسوس ٿئي ٿو ۽ ناول جي نويڪلائيءَ ۾ ڪنهن اڻ وڻندڙ آواز وانگر پيهي اچي ٿو. “هر ماڻهو پنهنجي عمل کان وڌيڪ رد عمل مان سڃاپجندو آهي. ” ڇاڪاڻ جو ‘کاٻي اک جو خواب’ به پنهنجن توڙي پراين، داخلي توڙي خارجي، ننڍن وڏن عملن جو هڪ وڏو رد عمل آهي. جنهن ردعمل کي آرٽ جي ڀرپور عمل سان اڻيو ويو آهي. ‘کاٻي اک جو خواب’ ڏسندڙ ماڻهو جو ساهه هميشه مٺ ۾ رهيو آهي ڇاڪاڻ جو ڪاري سڙيل منهن وارو ماڻهو ۽ چيلاٽو ان کي پنهنجي پاڇي وانگر لڳن ٿا. سندس مخبري ڪندي هو چوي ٿو ته، “منهنجي رڳن ۾ اونداهي ڀرجي وئي آهي” ڇو ته “نه چاهيندي به هر روز هڪڙو صبح سندس شام ۾ گهڙي ٿي آيو ۽ سندس خاموشيءَ کي ٽوڙي ٿي ڇڏيائين. ” کيس محسوس ٿي رهيو هو ته، “هو زندگي جي ڄاڱري ٻير ۾ ڦاسي پيو هو ۽ محسوس ڪرڻ لڳو هو ته زندگي هڪ ناڪام تجربو آهي ۽ هر اُميد هڪ خوبصورت دوکو آهي. ” ، “شايد زندگيءَ کي سمجهڻ جي لاءِ کيسن جو ڀريل هجڻ ايترو ضروري ناهي جيترو کيسن جو خالي هجڻ”. “اصل ۾ هو پنهنجي ذات ۾ اڌ مهاڻو ۽ اڌ غير مهاڻو آهي، تنهنڪري سندس سيني ۾ نديءَ جي راز سان گڏ هڪڙو ڇنل ڄار به ڦاٿل آهي ۽ اهو به ته سندس اکين ۾ هڪ شرارتي مڇيءَ جو ڏک ۽ هڪ لک گاريون به اٽڪيل آهن”. ڇاڪاڻ جو “هن پنهنجي زندگي جو خوبصورت دور ‘کاٻي اک جي خواب’ ۾ گذاريو آهي. ” ۽ حقيقت ۾ کيس پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجي اجهي نه هجڻ وارو احساس به هن کي جهوريندو رهي ٿو ۽ کيس شهرن جي فطرت کان ڪٽجي وڃڻ واري غير فطري رَوش پڻ ڏکوئي ٿي ۽ پوءِ مون کي ياد ٿو اچي ته، “نديم جي ان جاءِ جو آڳنڌ ايڏو سوڙهو هو ۽ پاسن واريون ڀتيون ايڏيون وڏيون هيون جو گرمين جي موسم ۾ اها جاءِ دوزخ بڻجي پوندي هئي. ان ۾ هوا جو جهوٽو به اندر اچي نه سگهندو هو ۽ ڏسڻ لاءِ آسمان جو مختصر چوڪور ٽڪرو ميسر هو، جنهن ۾ ڳڻڻ جيترا ستارا ڏسي سگهبا هئا، جنهن ۾ چنڊ فقط چند لمحن لاءِ ڏسڻ ۾ ايندو هو. ” ۽ پو شايد سندس مطالعي جي حافظي مان ذهن تي اردوءَ جي بيباڪ شاعره سارا شگفته جا هي جملا به تري ايندا هئا، “ يه دنيا دوڙني ڪي لئي تو بهت بڙي هي ليڪن رهني ڪي لئي بهت هي ڇوٽي!”
‘کاٻي اک جو خواب‘ اهڙن کوڙ سارن حسين ۽ با معنيٰ جملن ۽ تشبيهن سان جڙيو پيو آهي، جنهن جي مطالعي سان روح هوا کان هلڪو ۽ دل پهاڙ کان به ڳوري ٿي وڃي ٿي ۽ اکيون ڪڪر ڪارونڀارن جيان ڀرجي ڀرجي اچن ٿيون.
‘کاٻي اک جو خواب‘ مبهم ۽ الجهيل اسلوب ۾ رچيل هوندي به پنهنجي ذاتي آرٽسٽڪ ڳُڻن وسيلي ڏاڍو دلچسپ به لڳي ٿو. اها اضافي خصوصيت منور سراج جي ڪٿائي تپسيا جو نرالو نتيجو آهي.

29/03/2013

درد جي سگريٽ جي دُکندڙ سُرمئي لاٽ

هي اُن وقت جي ڳالهه آهي جڏهن مان خودڪشيءَ جوسوچي پاڻ کي هلڪو۽رليڪس محسوس ڪرڻ لڳندوهُئس. ۽ ذري گهٽ مهينوسوا ڊپريشن جي شديد ۽ ڀيانڪ صورتحال ۾ پل پل جيئندي۽ مرندي گُذاريو هُيم. زندگيءَ ۾ اَچانڪ آيل اهڙي خطرناڪ دور، منهنجي زندگيءَ جي سموري رنگينيءَ کي بي رنگينيءَ۾تبديل ڪري ڇڏيوهو. مُسلسل، لڳ ڀڳ ڏيڍ سال زندگيءَ کان ڪٽجي موت کي ويجھڙائي کان ڏسندورهيوهُئس. اُن وقت کان وٺي ٽن چئن سالن تائين مون ڊاڪٽرحيدر شاھ جي ٽريٽمينٽ ۾رهندي، اخبارن کان وٺي ادب تائين سِڌو دل ۽ دماغ تي اثر وجھندڙناول توڙي ڪهاڻيءَ يااهڙين ٻين ڳالهين کان سختيءَ سان منع هُئڻ جي ڪري، پري گُذاريو هُيم. ۽ پوءِ مون زندگيءَ ڏانهن واپس اچڻ ۽ ڀرپور جيئڻ لاءِ ڊاڪٽر جي اُنهن ڳالهين تي باقاعدي عمل ڪندي، کاڌي کان وڌيڪ دوائون ۽ پاڻي کان وڌ سيرپ پيئندي گُذاريوهو. پرجيئن ته ڪتابن سان روحاني عشق هُئڻ جي ناتي مان پنهنجي مُطالعاتي عادت جي گِھري پياس کي شدت سان محسوس ڪندي ۽ اُن هٿان مجبور ٿي ڪري مون اُردو ادب جي ڪلاسيڪل ۽بانو قُدسيه جي شاهڪار ناول “راجه گِڌِ” کي ڊڄندي ڊڄندي پڙهڻ جي شروعات ڪئي هُئي، ۽ اُن ناول کي مان تيزسيءَ۾گرم، گرم ڪافيءَ جي ڍُڪَن جيان ٺاري ٺاري پيئندي پڙهيوهو. ۽پوءِ کوڙڏينهن تائين مان اُن ناول جي سحر۾ڀوڳيندي، جاڳندي اڪيلورستن تي ڀٽڪندي گُذاريوهو. ايئن فِڪشن جي مُطالعي کان ڊپريشن جي ڪري ڪٽيل سلسلي کي بحال ڪندي مون پرويز ابڙي جو ناول“تون هِڪ خواب آهين”، تڪشي شِوِ شنڪر جوملاليم ناول “ساگر جي سَنتان”، ڪرشن چندر جو“ميري يادون ڪي چنار” ڪلاپرڪاش جو“وقت، وٿيون، وڇوٽيون”، ايوان ترگنيف جو “سحر هوني تڪ”، امرتا پريتم جو“بند دروازو”۽ ٻيا ڪُجهه ناول پنهنجي مُطالعي ۾ آندا. جن هِڪ حوالي سان ته منهنجي حساسيت کي وڌيڪ شديد ڪري ڇڏيو ته ٻئي پاسي مون پنهنجي وکري ويل اندر کي سهيڙجندي محسوس ڪيو، جنهن ڪري اُنهن پڙهيل ناولن ۾ موجود پيڙا، دُک، درد، منهنجي اندروني حالتن سان رلي ملي، هِڪ ٻئي ۾ پنهنجو عڪس پسڻ لڳا ته منهنجي اندر ۾تخليق ۽ اعتماد جي شڪتي ڪر موڙي جاڳي پئي هُئي. بلڪل اهڙي ساڳي ڪيفيت اُن کان اڳ طارق عالم ابڙي جي خوبصورت ناول“رهجي ويل منظر”، مُستنصرحُسين تارڙ جي روح ۾ لهي ويندڙ ناولن، “بَهاءُ”۽“پيار ڪا پهلا شهر”ڪئي هُئي. “پيار ڪا پهلا شهر”جي “پاسڪل” ته مون کي ڪيتري ئي عرصي تائين هرچهري ۾پنهنجي جُستجوءَ۾ڀٽڪائيندي۽رُلائيندي رهي هُئي. ناول جي پُڄاڻيءَ۾پاسڪل جو، ٽرين ۾ويندڙسَنان پوئيان پليٽ فارم تي ڀڄندي، ڀڄندي ڪِري پَوڻ وارو وڇوڙي جو درد مان اڄ ڏينهن تائين وساري ناهيان سگھيو. اِهو ئي ڪارڻ هو جواڄ وري اُن درد نئين تازگيءَسان منهنجي بي چين روح کي ممتاز بُخاريءَ جي ناول“ڪلاس فور جي محبوبا”جي روپ ۾ پيڙائن جي پاتال۾گھرائي سان لاهي ڇڏيو آهي. هِن ناول کي پڙهڻ کان پوءِ مون کي شدت سان محسوس ٿيو آهي ته سنڌي ادب ۾ناول جي کوٽ واري دور ۾۽گھڻي عرصي پُڄاڻان هي تخليقي ناول پنهنجي پوريءَ سگهه سان بانسريءَ جي سُريلي ۽ پُرسوزسُرن جيئان روح جي پاتال ۾لهي ويندڙناول آهي. “ڪلاس فور جي محبوبا”اُهو ناول آهي جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ پُڄاڻيءَتائين پاڻ کي اُن ناول جي پاند ۾ٻڌل ڀائيندو. ۽ چاهيندو ته اِهو ٻڌل پاند ڪاش ڪڏهن به نه ڇُڙي. ڇاڪاڻ جوممتاز بُخاريءَ اِنتهائي اِدراڪ سان هِن ناول جي جوڙجڪ ڪندي اُن ۾اهڙي ته فني ترڪيب تخليق ڪئي آهي جو ناول هِڪ من موهيندڙسِٽاءُ ۽ سڀاءُ سان پڙهندڙ جي وجود کي خوشبودار ولين جيئن ويڙهي وڃي ٿو. ۽ ناول جي اهم ڪردار شبانه عرف شبنم يا شَبو تخليقي اُڻت واري تاڃي پيٽي مان تصورجي روپ ۾ نڪري دل، دماغ ۽ حواسن تي ڇانئجي وڃي ٿي ته هِڪ جُستجوءَ جي بي چيني، دل جي اسٽيشن تي ڀٽڪڻ شروع ڪري ٿي. هي ناول پنهنجي جوهر ۾پچي ڪُندن ٿي نڪتل اُهو ڪمال آهي جيڪو ممتازبُخاريءَ جي قلم مان نروارٿيوآهي. ناول، پنهنجي پهرين حصي کان پُڄاڻيءَ تائين، پنهنجي تسلسل ۾وڏي فنائتي اُڻت سان سُلجھايوويوآهي. سماج ۾عورت جي اهميت۽ اُن سان پيش ايندڙحالتن جو اهڙو دلڪش انداز هِن ناول جي جان آهي. هي ناول پڙهندي اوهان کي شيام بينگال جي ڪنهن آرٽ مووي جو گُمان ٿيندو. اهڙي آرٽ مووي جيڪا ڏسڻ کان پوءِ توهان جو ذهن اُن مووي واري ماحول ۾ رهڻ جي شدت سان ڪلپنا ڪرڻ لڳي. يا اُن جي ڪنهن نه ڪنهن ڪردار سان توهان کي بي اِنتها مُحبت ٿي وڃي، ۽ توهان زندگيءَ جي ڀيانڪ حقيقتن۾اُن کي ڳوليندا رهجي وڃو. سچ ته هي ناول“ڪلاس فور جي محبوبا”(جيڪا اصل ۾ لوڪو شيڊ جي علائقي ۾ڪلاس فور جي ملازمن ۽ اُنهن جي اولاد جي محبوبا آهي)سنڌي ادب جي اهڙن دلڪش ناولن ۾شُمارڪرڻ جهڙوآهي، جيڪي پنهنجي انفراديت جي بنياد تي ڪاميابي ماڻي چُڪا آهن. بلڪه مان ته ايئن چوندس ته هي ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجو جائز مقام ضرور ماڻيندو. هِن ناول جي ڪهاڻي هِڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي جيڪا شروع کان وٺي اڄ تائين مرد سماج ۾نااِنصافين جو شِڪار پئي ٿيندي آئي آهي. مرد جي جسماني تسڪين کان ويندي مرد جي زندگيءَ جي ٻين ضرورتن تائين عورت هميشه استعمال پئي ٿيندي رهي آهي. هِن ڪهاڻيءَ جي ٽرين جڏهن ناول جي پليٽفارم تي پُهچي ٿي ته ڪيترائي احساسن، خيالن، خوابن ۽ ڪيفيتن جا مُسافر، زندگيءَ جي اسٽيشن تي ڀٽڪڻ لڳن ٿا. ۽ ريلوي جي دنيا ۽ زندگي پنهنجي اصل شڪل۽صورت سان نروار ٿي پوي ٿي. بقول ممتازبُخاريءَ جي ته“دُنيا ڪيڏي نه بدلجي رهي آهي پراحساسن۽ ڪيفيتن جا رنگ ڪڏهن به بدليا ناهن، پر اُنهن سان اربين انسان رنڱبا رهيا آهن. ”سو هي ناول به پاڻ ۾ احساسن ۽ ڪيفيتن جا ڪيترائي رنگ کڻي ادب جي دنيا ۾حساس دلين جي درن تي هِڪ پيارڀري دستڪ آهي. اهڙي دستڪ، جيڪاڪنهن ڀٽڪي ويل مُسافر کي ڏَسُ ڏئي دڳ لائي سگھي ٿي. اُن ڪري جنهن به هي ناول پڙهندي پنهنجي دل جي اندرين ڪُنڊي کولي ڇڏي ته اُهوهِن ناول جي ست رنگي برساتن ۾رنڱجي ڪُندن ٿي ويندو۽ جنهن پنهنجي دل جي اندرين ڪُنڊي نه کولي ته اُهوزندگيءَجي هِن پُروقارڪيفيت کان لاتعلق ئي رهجي ويندو. مون هن ناول“ڪلاس فور جي محبوبا”جي دنيا کي روح سان محسوس ڪري اندر ۾ ڄمي ويل دنياوي گرد ۽غُبار کي صاف ٿيندي ڀانيو آهي. اکين لاءِنون خوابن جو هڪ درد ناڪ پيچرو پاتو آهي جنهن تي هلندي هڪ عجيب۽غريب احساسن جي ڀاڪرن ۾ پاڻ کي پاتو اٿم. هن ناول جي خصوصيت بظاهر هڪ عام عورت جي ڪهاڻيءَ کي ممتاز بُخاريءَ ناول جي وسيع ڪيئنواس تي آڻي جيڪا آرٽسٽڪ ائپروچ ذريعي اُڻت ڪئي آهي اُهامطالعي، مُشاهدي ۽ مشق جي طويل تپسيا جي ساک ڏئي ٿي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪنهن ڪنهن لکڻيءَ جو مُقدر بڻبي آهي. هِن ناول جو مُنڍ، وِچ ۽پُڄاڻي وڏي خوش اسلوب انداز سان سنڌوءَ جي تيز ترين وهڪري وانگر پاڻ سان گڏ لوڙهي وڃي ٿي. پر اُن جي ٻُڏڻ ۽ ترڻ جو لُطف ئي نرالو آهي. جنهن ۾ زندگيءَسان عشق ۽ موت کان بي ڊپائي جو احساس ترهو بڻجي پوي ٿو. اهڙي طرح “ڪلاس فور جي محبوبا”جي ڪهاڻيءَ جي شُروعات هِنن تشبيهاتي جُملن سان ڪُجهه هِن ريت ٿئي ٿي ته، “جيئن ئي ٽرين جو آواز هُن جي ڪنن تائين پُهتو، هُن جوبدن پٽڙيءَوانگر تاڻجي ويو ۽ هُوءَ ڪنهن ڳري بار هيٺان اچڻ لاءِ تيزيءَ سان هِڪ اهڙي ڪمري مان نِڪتي، جيڪو سُڏڪن ۽ ساهن سان ايئن ڀريل هو جيئن بُهه سان سَٿيل مال گاڏي جي ڪا بوگي سالن کان اسٽيشن جي يارڊ ۾ بي واهر بند بيٺل هُجي. ”ايئن هي ناول ريلوي جي دنيا ۽زندگيءَسان لاڳاپيل حوالن، تشبيهن، تمثيلن، منطرنگارين سان سينگاريو پيو آهي. آرٽسٽڪ انداز جي ڪري سڀئي منظر توڙي ڪردار پنهنجن عملن ۽ چهرن سميت لفظن مان سمنڊ جي لهرن جيئن اُڀري اُڀري اچن ٿا. جنهن ڪري ناول جي دنيا ۽ زندگي ڪتاب جي پنن تي لفطن جي صورت ۾ترتيب وارسهيڙي پئي آهي. ناول جي زندگيءَ سان ٺهڪندڙ ٻولي توڙي ڪردارن جي چُرپُر، اُنهن جو هڪٻئي سان مُخاطب ٿيڻ، گُفتگو دوران ڀرپور، ٺهڪندڙ، مقصد ڀريا ڊائيلاگ هِن ناول جي خاص خُوبي آهن. جن جي ڪري هن ناول کي پڙهڻ وارودلچسپ احساس، دلرُبا بڻجي پوي ٿو. ۽ ذهن ڪردارن جي ڪيفيتن ۾ڪڪورجي وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت“ڪلاس فور جي محبوبا”ڪهاڻيءَ ۾ لوڪو شيڊ جي ننڍڙي پرحقيقي دنيا ۾ رهندڙشبانه سندس ماءُ ذڪيه، پيءُرحيم داد، پاڙيسري جميل ۽ سندس پيءُڪريم بخش، گُلزارعرف گُلو، فياض، شبانه جي سهيلي سُنبل ۽ سندس ماءُ رفعت، ڀاءُ سليمان، ۽ٻيا پاڙيسري سُهيل، عرفان، غفار، گُل محمد کير وارو، سعيد احمد، بلال۽ ٻيا ڪردارهِن ناول جي ڪيئنواس۾ساھ کڻندا محسوس ٿين ٿا. سماجي ڪاروهنوار کان ويندي رومانس جي سچن رنگن تائين هي ناول پنهنجي جوهر ۾ ڪيتريون ئي انڊلٺون پاڻ ۾ سمائي ٿو. هي ناول پڙهندي صفحي نمبرستانوي تي پُهچي ڪري مان پنهنجي اندر۾هِڪ دفعو وري درد جي اُن لهر کي روح ۾ محسوس ڪريان ٿو، جيڪا گھڻو وقت اڳ مون اُردوجي ناول پيار ڪا پهلا شهر، تون هِڪ خواب آهين، رهجي ويل منظر، راجه گِڌِ، پڙهندي محسوس ڪئي هُئي. اِها ئي ليکڪ جي ڪاميابي هوندي آهي ته هُوجيڪو ڪُجهه محسوس ڪرائڻ چاهي، جيڪو ڪجھ ڏيکارڻ گُھري، ۽ جيڪو ڪُجھ چوڻ گھُري اُهو هوسُهڻي طريقي سان بيان ڪري روحن جي تارن کي ڇيڙي ڇڏي ته اُن کان وڌيڪ ٻيو ليکڪ جو ڪهڙو تخليقي ڪمال ٿيندو؟هي ناول ، سنڌي ادب ۾ اڄوڪي ناول جي اَڻ هوند واري دور ۾ هڪ وڏي۽شاندار وِٿَ آهي. هِن ناول جي خوبصورتيءَ جون ڪُجهه جَھلڪيون هِن ريت آهن ته، “هُن فيصلو ڪري ڇڏيو ته ڇا به ٿئي پنهنجي مُڙس جي ضرورتن جي لاءِ پنهنجي جسم کي ريلوي جي پٽڙين جيان بڻجڻ نه ڏيندي، جنهن تي سڄوڏينهن پيون ٽرينون گُذرن. ”، “ذڪيا جي چپن تي ايئن مُرڪ تَري آئي هُئي ڄڻ ڪنهن ٻار ڪاغذ جي ترندڙ ٻيڙيءَ مٿان ڪو اَڇو گُل رکي ڇڏيو هُجي. ”، “ريل جي تيز هوا مِٽيءَ جي خوشبو کي ڄڻ کوٽي هوا ۾ڦهلائي هلي ويندي هُئي. ”، جميل، پوءِ تون مون سان ڇو نه ٿو شادي ڪرين؟”شبانه ايئن تڪڙ ۾چيو، جيئن ڪو برسات ۾پڌر۾پيل سامان اندر رکندو هُجي، يا“من ۾ ماٺو درد، چپن تي مُسڪراهٽ، اکين۾بنا سُرمي جي سُرمو، وارهوائن جي کيچلن لاءِ کُليل، چال ۾ بي پرواهي۽سڄي پاڙي لاءِ شبانه گُلن ڦُلن وارو نئون ميويدار وڻ بڻجي وئي. جميل جي وڃڻ کان پوءِ هُن لاءِ ريل جي پٽڙين وٽ بيهڻ جا ٻَه سبب بڻجي ويا. هِڪ ماءُ جو انتظار، ٻيو جميل لاءِ اوسيئڙو، جيڪو شايد اوسيئڙو هُيو به ۽ نه به هُيو. ”، “هيڪلائي اهڙي ماءُ آهي جيڪا هڪ ئي وقت مُختلف خيالن کي ڄڻيندي رهي ٿي. ”اهڙيءَ طرح سان هِن ناول جي ڪجراري ڪهاڻي لوڪو شيڊ جي علائقي ۾ جنم وٺي، جوان ٿي ۽ پوءِ جواني جي سرحد اورانگھي ريل جي ٻِن پٽڙين جو کاڄ بڻجي وڃي ٿي. ممتاز بُخاريءَ جي سحر بيانيءَهِن ناول “ڪلاس فورجي محبوبا”کي ڏاڍو دل آويزبنائي ڇڏيو آهي. هِن ناول جي اَنت ۾ شَبو جي خودڪشي ڄڻ ته مُنهنجي تخيل جي سرزمين تي اَچانڪ لهي آيل اَپسرا جي خودڪشي بڻجي پئي ٿي. هن ناول جو اهم ڪردار شَبوجو تصور، منهنجي لاءِ محبوبا جي خيال جيان مُنهنجي روح جي آٿت بڻجي پوي ٿو. ڪاش!شَبو پنهنجو اَنت نه آڻي ها ته مان اُن تصوراتي چهري کي“پيار ڪا پهلا شهر”جي پاسڪل جيان ڳوليندي سندس جُستجوءَ ۾گُم سُم رهان ها. مون کي الائي ڇوايئن لڳي رهيو آهي ته شَبو اڃا جيئڻ چاهيو پئي پر هن ظالم زماني اُن کي اَنت جي آخري سرحد تي پُهچائي ڇڏيو. ۽ مُنهنجي تصور جي زخمي هٿيليءَ تي ڏيئي جيان ٻرندڙ شَبو جو چهرواکين ۾ ڀرجي آيل ڳوڙهن جي ڪري ڌُنڌالائجي گُم پيو ٿيندو وڃي. مُنهنجي دل درد جي ڪيفيتن ۾ ڪڪورجي، درد جو پهاڙ بڻجي پئي آهي. الائي ڇو مون کي شدت سان محسوس ٿي رهيوآهي ته هاڻ مان شايدشَبو کان ڌار ٿي، اڪيلو ڪونه رهي سگھندُس.

7. 11. 2013

ڌرتيءَجي اُونداهيءَ ۾ دفن ٿي ويل روشن ڏيئو!

“ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”مليل مسودو، سنڌي ادب جي فڪشن ۾، پنهنجي تخليقي اهميت ۽ افاديت جي اعتبار کان پنهنجو مَٽ پاڻ آهي . اُهومسودو ماڻڪ جي آندل پنهنجي اَنت جي اِسرارن ۾ڪنهن ڳُجھارت جي ڀَڃڻيءَ جيان ماڻڪ جي ئي تخليقڪار هٿن سان بند ڪيل بريف ڪيس ۾ سالن کان عيان ٿيڻ جي لاءِ مُنتظر هُيو. اُن بريف ڪيس جي مالڪ جي قلم جوهڪ اهڙو ڀرپور تخليقي آواز، جنهن سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي، ناول توڙي ناٽڪ ۾ هڪ بلڪل ئي مُختلف انداز جي تبديلي آڻي، نين روايتن ۽ لاڙن کي متعارف ڪرايو. ماڻڪ چواڻي“ادب کي جنسياتي، نفسياتي، سماجي وغيره جي ورڇ جو مان قائل نه آهيان. ادب انساني زندگي، لاڳاپيل دور۽ تاريخي وهڪ اندر انساني ناتن جو اظهار آهي. اسان وٽ انسان جا جنسي، نفسياتي ناتا جيئن ته گھُٽيل رهيا آهن، اُن ڪري پيچيده شڪل اختيار ڪري ويا آهن. سنڌي ادب ۾ اُنهن پيچيده ناتن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ جيتوڻيڪ نسبتي طور گھٽ اُپٽاريو ويو آهي، اُن هوندي به مان اُن کي هڪ مُثبت ۽ هڪ همت واري وِک ڪوٺي سگھان ٿو. ”ماڻڪ جي اهڙي وسيع ۽ سگھاري سوچ ۽ ويچار جي پس منظر ۾تخليقي شعور، تاريخي اِدراڪ، زمان ۽ مڪان تي گھري نگاھ يا جديد ۽ ڪلاسيڪل، ڏيهي توڙي پرڏيهي مُطالعي ۽ مُشاهدي جي پروڙ ۽ اُن مان پيدا ٿيل بي ڊپائي، سچ چئي ڏيڻ واري سگهه مُنير احمد/مُنير سنڌي مان ماڻڪ جهڙي اصول پرست، رک رکاءُ کان ڪوهين دور ليکڪ کي جنميو. “ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”ڪتاب جي ٽائيٽل تي لکيل(اَڻ ڇپيل ناوليٽ“پَڇتاءُ”سميت)جو سِروڏاڍو تجسس آميز لڳو. ۽ هڪ قسم جي خوشي پڻ ٿي ته لڳ ڀڳ ٻٽيهه سالن کان بند پيل يا وقت ۽ حالتن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل هڪ پُراڻو بريف ڪيس، نيٺ سج سامهون ٿيو. ۽ اُن مان هڪ ناوليٽ(جيڪا هڪ طويل ڪهاڻي آهي)“پَڇتاءُ”، خط، ڊرامائي فيچر“تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا”، ڪهاڻيون ۽ هڪ تنقيدي مضمون دريافت ٿي سگھيا. جيتري قدر اداري ۽ سهيڙيندڙ جي داوا آهي ته ناوليٽ “پَڇتاءُ”اَڻ ڇپيل ۽ اهو ناوليٽ آهي. ته ان لاءِ هڪ نماڻو عرض ته اهو ساڳيو ناوليٽ“سنگت“چونڊ ڪهاڻيون(1)، 1982ع، سنڌي ادب اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ، سهيڙيندڙ، شميم خالد ۽ خالد سنڌي پاران ڇپجي چُڪو آهي. جنهن جي بيئڪ ٽائيٽل تي سنگت پاران لکيو ويو آهي، ته“هِن ڀيري پنهنجي عظيم ليکڪ ڀاءُ مُنير احمد “ماڻڪ”جي تصوير سان گڏ سندس طويل ڪهاڻي“پَڇتاءُ” ڏيئي رهيا آهيون. ”جنهن ۾ٽن ڪهاڻيڪارن جون ٽي ڪهاڻيون(1)هري همٿاڻي جي“پگھريل هٿ”(2)ماڻڪ جي“پَڇتاءُ”۽(3)غلام نبي سومروجي“هڪ وڻ جي ڳولا، ڏنل آهن. ساڳي طرح سان“ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”مليل ٻه عدد ڪهاڻيون هڪ“بنا عنوان” ۽ٻي“سونهان اَڻ سونهان”پڻ ماڻڪ جي ڪهاڻي ڪتاب“ڇهه اَنام ڪهاڻيون” سنڌ فورم پبليڪيشن شڪارپورپاران 1981ع ۾ ڇپجي چُڪيون آهن. بعد ۾ اُهي ساڳيون ڪهاڻيون ماڻڪ جي الڳ ڇپيل ڪهاڻين جي ڪتاب“حويليءَجا راز” ۾هڪ“حيقيت ۽ دوکو”جي عنوان سان ڇپيل آهي. جيڪا “ماڻڪ جي بريف ڪيس مان” صفحي 82تي “بنا عنوان”ڇپي آهي. ۽ ٻي ڪهاڻي “حويليءَ جا راز”۾ “ٻي اَنام ڪهاڻي”جي عنوان سان ڇپيل آهي، جيڪا پڻ “ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”ڪتاب ۾“سُونهان اَڻ سُونهان” جي عنوان سا ڇپي آهي. باقي“ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”ٻيوجيڪو مواد مليو آهي اُهو منهنجي علم مُطابق، مون لاءِ نئون آهي. هڪ اهم ڳالهه ته هي سڀئي ڳالهيون مان صرف رڪارڊ جي دُرستگيءَ لاءِ هت تحرير ڪري رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته ماڻڪ جي لکڻين جو تفصيل پڙهندڙ وٽ واضع هُجڻ گھُرجي. مثلن جيئن/شايد 1973ع جي ڏهاڪي ۾(شايد، اُن ڪري ٿو لکان جو ڪتاب تي سال لکيل ئي ناهي. باقي لائبريري جي لڳل اسٽيمپ تي لکيل تاريخ جي آڌار تي) ماڻڪ جي ڪتاب “حويليءَ جا راز” جنهن ۾اُن ڪتاب جي پهرين صفحي تي لکيل آهي، “مُنير احمد جو ناوليٽ“ڌرتيءَ جا سپُوت”جلد پڌرو ٿي رهيو آهي. ”اُن ساڳي ڪتاب جي اداري پاران لکيل آهي، “هن ڪتابچي ۾ سنڌ جي نوجوان ڪهاڻيڪار مُنير احمد جون ٽي ڪهاڻيون پيش ڪيون ويون آهن. پهرين ڪهاڻي “نانگ” جا ساڻيهه پبليڪيشن جي ڪتاب نمبر چوٿين ۾ ڇپي هُئي، سا دراصل مُنير جي ناولٽ“ڌرتيءَ جا سپُوت” جو هڪ باب آهي. ٻي ڪهاڻي “شاھ لطيف ڊفينس آف پاڪستان رولز هيٺ” ماهوار رسالي روح رهاڻ جي ڊسمبر1967ع واري پرچي ۾، “شاھ لطيف، هٿڪڙيون ۽ رسا” جي عنوان سان ۽ ٽين ڪهاڻي “حويليءَ جا راز”سُهڻي پبليڪيشن جي ڪتاب “کڙندا کٽڻهار”۾ ڇپيل آهي. ”اهڙيءَ طرح سان ماڻڪ جي ڪهاڻين جي ڪتاب “حويليءَ جا راز”۽(ٻيون ڪهاڻيون) سال1983ع ، ڇاپو پهريون، مُرڪ پبليڪيشن، حيدر آباد جي آخري صفحي تي ماڻڪ جي آيل۽ايندڙ ڪتابن جي لسٽ هِن ريت ڏنل آهي. “ماڻڪ جا اڳ ڇپيل ڪتاب، لُڙهندڙ نسل(ناول)رُڃ ۽ پڙاڏا(ناول) پاتال ۾ بغاوت(ڪهاڻي) ڇهه اَنام ڪهاڻيون(ڪهاڻيون)، مُرڪ پبلشرز جا ايندڙ ڪتاب، “ماڻڪ جا ناٽڪ”. تنهن کان سواءِ جاڳرتا پبليڪيشن_5، سيپٽمبر1978ع جي ڪتاب ۾ ماڻڪ جي هڪ ڪهاڻي “ڪوس گھر”ڇپيل آهي جيڪا پڻ ماڻڪ جي مشهور ناول “ساھ مُٺ ۾” جي حصي“امن امان” جي ڪهاڻي يا حصو آهي. يا “نئين ٽهي”پبليڪيشن جي ناٽڪ پهرين، سيپٽمبر1984ع جي ارپنا هن ريت ٿيل آهي ته “سنڌي ٻوليءَ جي مهان ليکڪ ۽ بيباڪ ناٽڪ نويس“ماڻڪ”جي نانءَ”۽ اُن جي بلڪل هيٺ لکيل آهي ته“ماڻڪ جي ڇپيل/اَڻ ڇپيل اسٽيج ۽ ٽي وي ناٽڪن جي ڳُٽڪي “ماڻڪ جا ناٽڪ”ڇپرائڻ جي پڌرائي آگم پبليڪيشن ايجنسي حيدرآباد پاران اڳ ئي ٿي چُڪي آهي، اُن سلسلي ۾ ماڻڪ جي لکيل ناٽڪن جي ووڙ جنهن به سڄڻ کي هُجي ته اهواداري کي ڏياري موڪلي. ٽي وي پروڊيوسر سائين هارون رند کي ٻيهر گذارش آهي ته هُو تڪليف ڪري ماڻڪ جا وٽس پيل ناٽڪ ڳولي هٿ ڪري ڏئي ته جيئن اُهي به اُن ڳُٽڪي ۾ شامل ٿي سگھن. ”اهڙي طرح سان“ٽکڙ پبليڪيشن پاران، مُئل ماڻهو_جيئري ڀيٽا(ماڻڪ کي ڀيٽا)سهيڙيندڙ؛سحر امداد/امداد حُسيني واري ڪتاب ۾ امداد حُسيني ٻه اکر لکي ٿو ته، “ماڻڪ اُن ٽهيءَ مان هو، جيڪا پاڻ کان سينيئر ۽ جونيئر جي ٻن پُڙن ۾ پيسجي رهي هئي/آهي. سينيئر پنهنجي لکڻين ۾ وڏيرن کي لوئي پاڻ ادبي وڏيرا بڻجي ويا. ۽ جونيئر شارٽ ڪٽس جي ڳولا ۾ رهيا، ايئن ادبي محاذ تي قومي ايڪي واري اعليٰ مقصد کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ون يونٽ کان پوءِ واري ماٺار ۾، جن ليکڪن بيٺل پاڻيءَ ۾پٿر اُڇلي، تجربي جو ساهس ڪيو ۽ ادبي ٺيڪيدارن جي مُخالفت ڪئي، اُنهن کي ڪچيون گاريون ڏئي، جُڙتو حالتن جي ڪنڊ_تار لوڙهي ۾ واڙيو ويو!نصاب مان کين ٻاهر رکيو ويو؛ادارن جا دروازا ته اڳ ئي مٿن بند هئا؛پر نجي سطع تي به هُو“ادبي واڳن”جي ور چڙهي ويا!اِن اُگري صورتحال جو ماڻڪ وڌيڪ شڪار رهيو. شايد اُن ڪري ئي ماڻڪ پاڻ ارپي، ڪلا سان سچو رهي ٻولي/ساهت/جاتيءَ ۽ پوري انسانذات لاءِ شاندار اُتساهيندڙ ڪردار رهيو. ”اهڙي ارڏي ۽ بي ڊپي ليکڪ جون تحريرون سنڌي ادب جي جھول ۾ املهه ماڻڪن کان گھٽ ناهن. اُن ڪري ماڻڪ جي حوالي سان يا سندس ڇپيل مواد هاڻ تقريبن ڇپجي ڪتابن ۾ اچي چُڪو آهي. يا جيڪو ماڻڪ جو مواد اڃا به پسِ پرده آهي ته اُن کي به هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇپرائجي ته جيئن سنڌ جي هِن مُنفرد ۽ ناياب ليکڪ تي باقاعدگيءَ سان ڪم ٿي سگھي. ماڻڪ جون لکڻيون سنڌي سماج جون چِٽيون عڪاس آهن. هي پنهنجي ڌرتي ۽ مِٽيءَ جي مُحبت جي شعور سان سرشارليکڪ وسيع سوچ رکندڙانتهائي حساس دل ڪهاڻيڪارپنهنجي اظهار ۾ بنا رک رکاءُ جي سڌو سنئون سچ لکندڙ ليکڪ هُئڻ سان گڏ ڳُوڙهو ۽ باريڪ بين ليکڪ آهي. سندس تحريرن ۾ ٻولي، منظرنگاري، ڪردار نگاري، علامت نگاري، پلاٽ، اُڻت، ڊائلاگ، موضوع، اندازِبيان، سيبتو سِٽاءُ حيرت انگيز نموني سان پنهنجي سحر ۾ پڙهندڙ کي جڪڙي ڇڏي ٿو. ماڻڪ جي ڪهاڻين جا جملا ايترا ته پُختا، تُز ۽ ڀِچي بيهن ٿا جومفهوم ۽ معنيٰ پنهنجي اصل رنگ ۾ اُجاگر ٿيو مُتاثر ڪيو ڇڏين. “ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”مليل مواد بريف ڪيس جي کاڻ مان مليل اُهو هيرو آهي، جنهن جي چمڪ ۽ روشني اڄ به اڇي اُجري۽ روح ۾ لهي ويندڙ آهي. “ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”مليل ناوليٽ يا طويل ڪهاڻي“پَڇتاءُ”ماڻڪ جي جادوگرانه اندازِ بيان جو هڪ بي مثال حوالو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڪيئن نه سموري ڪهاڻي واري ڳالهه يا قصي کي هُواعليٰ اُڻت جي پيرائي ۾ آڻي پنهنجي فن جي عظيم رنگ ۾ رنگي ڇڏي ٿو. سچ ته مان هي ڪهاڻي پڙهندي عجيب ڪيفيتن جي موسمن مان گُذريو آهيان. ۽ اصل زندگيءَ جي جَھنجھٽ واري ماحول کان ڪُجھ وقت لاءِ آزاد ٿي جسم ۾ روح کي محسوس ڪري سگھيو آهيان. ڇاڪاڻ جو ماڻڪ جي لکڻين کي پڙهڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي روح ۽ شعور جي ڳڙکين کي ضرور کولڻو پوندو. ماڻڪ هن ڪهاڻيءَ جي سِٽاءُ کي پنهنجين ٻين تحريرن جيان وڏي هُنر منديءَ سان ۽ مُڪمل سُجاڳي سان لفظ لفظ ڪري جَڙيوآهي. جوڪٿي به اُن جو روح نٿو رهڙجي. ۽ اُن جي حُسناڪي ٻين سڀني مسئلن ۽ مامرن سان گڏجي هڪ شاهڪار تخليق کي وجود ۾ آڻي ٿي. “پَڇتاءُ” ڪهاڻي جي اُڻت مَها ڪمال سا ڪئي وئي آهي. هِن ڪهاڻي ۾اصل ڪردار جو ٻين ڪردارن سان مُخاطب ٿيڻ وارو اندازماڻڪ جي تخليقي سُڃاڻپ ظاهر ڪري ٿو. 41، صفحن تي ڦهليل هي ناوليٽ/طويل ڪهاڻي پاڻ ۾کوڙ سارين ننڍڙين ننڍڙين ڪهاڻين جو حسين تسلسل کڻي هلي ٿي. هي ڪهاڻي پنهنجي شروعات کان وٺي پُڄاڻيءَ تائين جي سفر ۾ پڙهندڙکي آڱُر کان وٺي هلي ٿي. ۽ پڙهندڙ ڪنهن معصوم ٻار وانگر اکرن جي رستن تي پنهنجي ذهن کي ڊوڙائيندو تجسُس نُما خُمارن ۾وڃي ٿو تصور جي دنيا ۾ گُم ٿيندو. هن ڪهاڻي ۾ سماجي حقيقت پسنديءَ جي روپ کي تخيل جي تاڃي پيٽي ۾آڻي ماڻڪ ڪهاڻي ۾هڪ اهڙي صورتحال کي فوڪس ڪيو آهي جيڪا هن ڌرتيءَ تي ئي جنمي آهي نڪي خلائن ۾. “پڇتاءُ”ڪهاڻيءَ جو مُنڍ، وِچ توڙي پُڄاڻي جو آرٽسٽڪ ڳانڍاپو وڏي چابڪدستيءَ سان اُڀري اچي ٿو. “پَڇتاءُ” جون ڪُجھ سون سريکن سِٽن جي سُرهاڻ. . . “انسان کي پنهنجي باري ۾ بهرحال ايماندار هئڻ گُھرجي. اِها ٻِي ڳالهه آهي ته پنهنجو پاڻ سان به ايماندار رهڻ ڏاڍو ڏُکيو آهي. . . . ڳڻتين ۽ امڪاني انديشن سچي تنتي سرشتي کي اَرڙ بلا وانگر جڪڙي ڇڏيو هو. . . . . . مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته عورت پنهنجي ڄمار گھٽ ۽ مرد آمدني وڌائي ٻُڌائيندو آهي. نيٺ مان به ته انسان آهيان نه خير. . . . . . جيل ۾سڀ ڪُجھ ملي سگھي ٿو. ايمانداري ڏيکاريندي هيءُ چيو وڃي ٿو ته عورت کانسواءِ هتي سڀ ڪُجھ ملي ٿو. سو غلط آهي، عورت سان به ملي سگھو ٿا. سائين!اسلامي مُملڪت آهي. هتي هر شيءِ اسلامي آهي. اسلامي شريعت، اسلامي سياست، اسلامي اقتصاديات، اسلامي نظام، اسلامي ڪرتوت ۽ سڀ ڪُجھ اسلامي!. . . . . . . . خير اڪيلائي سوچ ڏنم. سوچ پنهنجي وجود جو احساس. ته مان به آهيان. موجود. ۽ اُهو مان آهيان. اُنهيءَپاڻ _آگاهيءَ سوال ڏنم. پنهنجي هستيءَ سان لاڳاپو رکندڙ. . . . . . . سچيءَ دل سان مون مرڻ ته نٿي چاهيو. انسان جي جيئري رهڻ جي ڪمزوري به ڪيڏا نه روپ ٿي ڌاري!شوپنهار سچ چيو آهي؛زنده رهڻ جي آس، ارادي جو ٻيو نالو آهي ۽ سدائين حاوي. . . . (مون کي پورو ياد ناهي). . . . . پنهنجي آزاديءَ تان هٿ کڻڻ نه رڳو ڏاهپ ڪانه آهي پر انساني ڏاهپ، خودداريءَ ۽ خود پنهنجي ذات خلاف هڪ ڏوهه آهي. . . . . . . منهنجو تجربو آهي ته، ڪتاب اڪيلائيءَ جي گھڙين ۾نهايت دلفريب اثرائتي انداز ۾ اُنهيءَ احساس کي ظاهري ته مٽائين ٿا، پرپوءِ بعد ۾، ساڳئي بي معنائيءَ جي احساس کي وڌيڪ خطرناڪ حد تائين، يا ايئن چئجي ته منطقي انداز ۾ اُڀارين ٿا. . . . . . . البته هيءُ ضرور چوندس ته زندگيءَ جي اسٽيج تي هر انسان جو ڪو سرگرم رول هئڻ گُھرجي. بجاءِ اوپري تماشو ڏسندڙ جي. . . . . . . هر جاندار وانگر بابي کي به مرڻو هو. سو هومري ويو. جڏهن مان يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي جي آخري سال ۾هوس. اُنهن ڏينهن ۾، مان پنهنجي دلپسند ۽ محبوب فلاسافر شوپنهار، جنهن جي فڪر کان وڌيڪ مان سندس المناڪ شخصيت ۽ زندگيءَ کان مُتاثر هوس ۽ سندس ذاتي زندگيءَ جي احوال پڙهڻ کانپوءِ يقين جي حد تائين ڀائيندو هوس ته مان سندس ٻيو جنم آهيان. . . . . . . . . اها هڪ حقيقت آهي ته جڏهن اسان جهڙن فيصلي جي گھٽ قوت رکندڙن کي ڪُجهه نه سُجھندو آهي ته پوءِ سڄي مامري کي حالتن تي ڇڏي ڏيندا آهيون. . . . . ”“پَڇتاءُ” ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ منهنجي زبان تي بي ساخته واھ واھ ماڻڪ! جا لفظ اُڏامندا اچي لهن ٿا. هڪ جُملو جيڪو اڪثر طور تي ماڻڪ کي پڙهندي منهنجي ذهن تي تري ايندو آهي ته“ مان ماڻڪ جي شخصيت ۽ لکڻين سان بي انتها پيار ڪيان ٿو. ” “ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”(ماڻڪ ڏانهن آيل ۽ سندس موڪليل خط)جيڪي ڪُل13 خط آهن. جن مان يارنهن خط دوستن ۽ پبلشرن پاران ماڻڪ ڏانهن لکيل آهن ۽ صرف 2 خط ماڻڪ جا پنهنجا لکيل آهن. جن مان هڪ خط اردو ۾ ۽ هڪ سنڌيءَ ۾ لکيل آهي. اُنهن مان خاص طور تي سنڌي وارو خط اهم خط آهي. اردو واري خط ۾ ماڻڪ“رياض ڀائي”سان مُخاطب ٿيندي لکي ٿو ته“منهنجو اسٽور(ميڊيڪل)هلي پيو. ڪراچيءَ ۾ وڪيل سان ڳالهه نه ٺهي. پر جيڪڏهن وڪالت شروع ڪيم ته نواب شاھ ۾ ڪندُس. ”اهڙي ريت سنڌي واري خط ۾ ماڻڪ“هدايت”کي لکي ٿو ته“مان ڪُجھ مهينن لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهڻ ٿو چاهيان. رهڻ جي جاءِ ته آهي البته نوڪريءَ جو مسئلو آهي. جيڪو هِن دور ۾ ناممڪن آهي. ڇا هلال پاڪستان ۾ مون کي رکندا؟هتي نه منهنجي وڪالت هلي سگھي ۽ نه ئي اسٽور. مان مُستقل نه، پر گھٽ ۾ گھٽ ڇهه مهينا ڪراچيءَ ۾ رهي، اُتي ڪٿي نه ڪٿي جلد نوڪري لاءِ ڪوشش ڪرڻ چاهيان ٿو. ”هِن خط ۾ ماڻڪ جي معاشي اُڻ تُڻ، روح جي بيقراري، غير مطئميني، آزاد فضا ۾ ڪُجھ پل ساھ کڻڻ جي خواهش کيس ڀٽڪائيندي محسوس ٿئي ٿي. اِن ڀٽڪنا جو مثال هاءِ اسڪول ۾ ماستري، وڪالت، اسٽور، روسي سفارتخاني ۾ مُترجم. کان ويندي ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ جي تلاش، ماڻڪ جي ڪهاڻيڪار روح کي هڪ هنڌ سُڪون سان ويهڻ نه ڏنو. هُون به جينيئس۽غير معمولي انسان هن وشال ڪائنات جيان ئي وسيع ۽ ڦهليل هوندا آهن. جيڪي هن ڌرتيءَ جي سُڪڙجي ننڍڙي ٿي ويل گلوبل وليج واري گولي جي سرحدن ۾نه ماپندي، وسيع تر خلائن ۾ماڻڪ جيان اُڏامي ويندا آهن. جيڪي زندگيءَ ۾ جنمن جا روڳ کڻي پيا جيئندا آهن. پر هُو ڀيانڪ ۽ مايوس ڪُن حالتن ۾ گُذاريندي به، پنهنجي من جي ويڳاڻائپ سماج تي نه مڙهيندا آهن. پر هُو اُن هٿ ٺوڪين مصنوعي حالتن ۾ رهندي به اُنهن حالتن، ريتن رسمن کان کُلي عام بغاوت ڪندا آهن. ۽ ڪنهن نه ڪنهن طور هُو پنهنجي روح جي گھُٽيل آواز کي هوائن ۾ تحليل ڪرڻ جو رستو ماڻي ئي وٺندا آهن. “شوڪت حُسين شورو”چواڻي ته“ماڻڪ سنڌي زبان جو هڪ نهايت ئي ذهين، سُڄاڻ، حساس ۽ گھڻ_اڀياسي ليکڪ هو. هُن جي ذهانت ۽ اڀياس هُن جي لاءِ شاھ جي لفظن ۾“اکر اڳيان اُڀري، واڳون ٿي وريام. ”ثابت ٿيا. ماڻڪ ڪراچيءَ ۾ جيڪي ست اٺ سال رهيو تنهن دوران اُتي جي مشيني ۽ بي رحم زندگي ڄڻ هُن جي شخص کي ڳڙڪائي وئي. هڪ نظرياتي ملڪ جي سفارتخاني ۾ نوڪريءَ جي دوران هُن کي جيڪي تلخ تجربا ٿيا، تن رهي کهي ڪثر ڪڍي ڇڏي. ” “ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”هڪ ڊرامائي فيچر“تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا”به مليو آهي. جيڪو “شاھ جي رسالي مان سُر گھاتو، مورڙي جي داستان تي ٻَڌل” آهي. جنهن کي قصي جي حالتن پٽاندڙ شاھ جا بيت ڏئي، وڏي معنيٰ خيز نموني سان پيش ڪري فيچر کي مُنفرد بڻايو ويوآهي. جو پڙهندڙ کي به لڳي ٿو ته هي ڊرامو ڄڻ تصويري صورت اختيار ڪري، سندس ذهن جي اسڪرين تي هلي رهيو آهي. ۽ اکرن مان سمورا منظر ۽ ڪردار يا قصي واري ڪيفيت هوبهو پڙهندڙ جي روح تي عيان ٿيڻ لڳي ٿي. مورڙيو، سندس ڀاءُ، ملاح، سمنڊ، ڏهڪاءُ وجھندڙسمنڊ جون ڇوليون، مانگر مڇ، مطلب ته ماڻڪ جي هن فيچر ۾ ڪابه شيءِ اضافي يا اجائي ناهي. سڀ ڪُجھ ٺهڪندڙ ۽ فڪشن جي ضرورتن مُطابق مُڪمل آهي. اهڙي فنائتي سگھ سنڌي ادب/ فڪشن ۾ صرف ماڻڪ وٽ ئي ملي ٿي. ماڻڪ جنهن دور ۾ هي جيڪو ڪُجھ به لکيو آهي اُهو دور تحرير، تقرير۽ انساني آزاديءَ تي هڪ جبري پنجوڙ وارو خطر ناڪ دور هُيو. اهڙي ڀيانڪ دور ۾ جتي سنڌ جي ٻين ليکڪن مهاڏو اٽڪائي ظلم ۽ بربريت خلاف آواز اُٿاريو، اُتي ماڻڪ به وڏي بي باڪيءَ سان سموري صورتحال، داخلي توڙي خارجي ماحول جي بنا ڪنهن رک رکاءُ جي وڏي تخليقي انداز سان ۽ آرٽسٽڪ نموني عڪاسي ڪئي ۽ پنهنجي دور جوڀرپور سچ لکيو. اها بغاوت ئي ماڻڪ جي جين ۾کيس ورثي ۾ ملي. جنهن مُنير مان ماڻڪ کي تخليق ڪيو. ۽ پوءِ اسان سڀني ڏٺو ته ڪيئن نه هن بي ڊپي ليکڪ پنهنجين تحريرن ذريعي زمانن تان زنگ لاهي، ضمير جي ظرف کي اُجاگر ڪري ديس تي ڇانيل ڊپ ۽ حراس جي مصنوعي گهاٽن ڪڪرن کي پنهنجي تخليقي سگھ جي سورج سان چيري ڏيکاريو. ماڻڪ جو سچ ٻُڌڻ ۽برداشت ڪرڻ هن سماج ۽ رياست کان گھڻو ڪوڙو ۽ ڳرو هو/آهي. ماڻڪ جو سچ سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ سُڃاڻپ ۽ معنيٰ رکي ٿو، جنهن جي سگهه، ماڻڪ جي لکڻين توڙي سندس جيون ۾هڪ اڏولتا ۽ همت پيدا ڪئي جو هُن مَرندي جُھرندي، جاڳندي، سگريٽ مٿان سگريٽ دُکائيندي، سگريٽ جي ڇلا، ڇلا دونهي ۾سنڌ جي ماضي. حال ۽ مُستقبل کي ڏسندي، اُن تي سوچيندي، لوچيندي ۽ لکندي پنهنجو وجودي اَنت آڻي سنڌي ادب کي ڄڻ ته سَڪتي ۾ وجهي ڇڏيو. سنڌي ادب جي ناليواري نقاد ممتاز مهرچواڻي ته“ماڻڪ جو دُکدائڪ موت اسان کي ڪاميو جي دُکدائڪ ۽ ڪُمهلي موت جي ياد ڏياري ٿو. جھڙي طرح البيئر ڪاميو پنهنجي طور فرانس جي جديد تاريخ ۽ هن صديءَ جي نمائندگي ڪئي، فرانسيسي ڪلچر جي مکيه قوت طور اُڀريو، تهڙي طرح ماڻڪ هن دُکي ماٿري(سنڌ)جي نئين ٺهندڙ تاريخ/نئين اُسرندڙ سوچ جي نمائندگي ڪئي. هن جديد سنڌي تخليقي ادب جي بنيادن کي نه صرف مضبوط ڪيو بلڪ اُن جو رُخ به متعين ڪيو. ” “ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”مليل ڪهاڻيون جن ۾هڪ“بنا عنوان” جيڪا“حويليءَ جا راز” ۾ ٽيون نمبر ڪهاڻي “حقيقت ۽ دوکو”جي نالي سان ڇپيل آهي. اُها موضوعاتي حوالي کان جاگيرداراڻي دقيانوسي سوچ، ملڪيت جي ورهاست جي خوف کان انساني زندگي کي داءُ تي لڳائڻ واري ڪُڌي روايتن خلاف هڪ ڀرپور بغاوت آهي. ماڻڪ ڪهاڻي جي فن تي وڏي دسترس رکي ٿو. مون هُن جو تقريبن سڀ تحريرون پڙهي، پُرجھي ڏٺيون آهن. پر هي هڪ حقيقت آهي ته ماڻڪ جي ڪابه لکڻي هرو ڀرو نه لکيل لڳندي. اُنهن جي پس منظر ۾ هڪ عظيم مقصد رونما نظر اچي ٿو. “بنا عنوان ڪهاڻي”پنهنجي ڊڪشن ۾ ماڻڪ جي مُنفرد سچ جي عڪاس آهي. ۽ جاگيرداراڻي منحوس نظام جي منهن تي هڪ ڀرپور چماٽ پڻ آهي. ماڻڪ هن ڪهاڻي ۾ هڪ وڏيري ۽ ڊاڪٽر جي تعلق تي مُبني هڪ اهڙي ڪهاڻي جي فني اُڻت ڪئي آهي. جنهن ۾هڪ طرف حويليءَ ۾ بند هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي ڳرندڙ زندگي آهي ته ٻئي پاسي ملڪيت جي بچاءُ جي سطعي سڙيل سوچ. اهڙين حالتن ۾ هڪ جوان ڇوڪريءَجي فطري ضرورتن جي پوراءُ جو ڳنڀير معاملو پنهنجي حل جا رستا پاڻ ڳولي لهي ٿو. بُک جي فطري گُهرج پنهنجو پوراءُ ته ضرور ڪندي. پوءِ ڇونه اُها بُک، مانيءَ جي هُجي يا جنس جي. جنس جي بُک پوري نه ٿيڻ جي صورت ۾ اُن جا ڪٺن ۽ اُگرا اثر انساني ذهن تي ڏاڍي بُري طرح سان اثرانداز ٿين ٿا. جنهن جي ڪري انساني نفسيات ڊوان ڊول ٿي ڪري ڏاڍا ڀيانڪ نتيجا ڏئي ٿي. هي ڪهاڻي وڏي دلچسپ نموني سان پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچي ٿي. ته ماڻڪ جهڙي ڪهاڻيڪار تي پيار اچي وڃي ٿو. ماڻڪ جي ٻوليءَ تي تمام وڏي دسترس آهي. هو ٻولي جي سونهن کي موضوع، مفهوم ۽ معنيٰ سان اهڙو ته هُنر مندي سان چونڊ ڪري پيش ڪري ٿو جو من ئي من ۾ پڙهندڙ جھومي پوي ٿو. ماڻڪ “بنا عنوان/ حقيقت ۽ دوکو”۾ لکي ٿو ته“رئيس هر دفعي انڪار ڪندي ملڪيت جو سوال کڙو ڪيو. ”، “مون جڏهن کيس چيو؛“رئيس هن ڪيس ۾ضروري آهي ته مان ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ملندو رهان. ”، “رئيس، شهزاديءَ کي اهو پيٽ مون مان آهي، “هن آخري جملو تڪڙو ۽ جلدي چئي ورتو. ”، “هر ڄمندڙ ٻار نه حلالي هوندو آهي نه حرامي، فقط انسان هوندو آهي. ”، “سونهان اَڻ سونهان” ڪهاڻي “حويليءَجا راز” جي اٺين ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي به آرٽ جي آڏاڻي تي اُڻيل هڪ ڀرپور ڪهاڻي آهي. هي حال کان ماضي(فليش بيئڪ)۽ وري حال جي ڀيانڪ حقيقتن تي پهچندڙ هڪ دُک دائڪ ڪهاڻي آهي. هڪ اهڙو ڏُک، جيڪو گھڻي قدر سنڌي سماج ۾ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر زندگيءَ جي دائري ۾ ڦرندڙ عورت جي پلئه ۾ ٻڌو ويو آهي. عورت جيڪا صدين کان سورن جا سامان پنهنجي سِر تي چادر جيئن ڍڪيو وتي ٿي، سا زندگيءَ جي هر روپ ۾درد جو گھرو آرنڀ آهي. هي ڪهاڻي هڪ ماستر ۽ ماسترياڻي جي رومانس ۽ زندگيءَ جي ارد گرد هلي ٿي. ماڻڪ هن ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي وڏي المناڪ انداز سان ڪري ٿو. هُون به ماڻڪ جون تخليقون پڙهي ڪري سچ ته مون کي اُهي سڀ ڪهاڻيون حقيقت جي اُجري آرسي ڀاسنديون آهن، ڇاڪاڻ جو اسان جي ارد گرد بلڪل ايئن ئي سوچيو ۽ ڪيو وڃي ٿو يا وري ٿي رهيو آهي. ماڻڪ جي ڪهاڻين ۾ڪٿ به اجائي حد کان وڌيڪ فينٽيسيءَ جو گُمان نه ٿيندو آهي. “سُونهان اَڻ سُونهان”۾ماڻڪ لکي ٿو ته“کيس اهڙي قسم جي سوالن منجهان اوچتو هڪ قسم جو ڊپ ٿيڻ لڳندو آهي. اهڙو ڊپ، جيڪو پنهنجي پرَ ۾ ڪاميابيءَ سان ڏوھ لڪائيندڙ ڏوهاريءَ کي، وڪيل جي آڏي پُڇا تي وڪوڙي ويندو آهي. ”، “ڇاڪاڻ ته شڪايت جي عادت، پيڙا کي وڌيڪ ڀيانڪ ۽ ڪربناڪ بنائي ڇڏي ٿي. ”، خبر ناهي ڇو، پنهنجو پاڻ کي هن آڏو، گھٽ، ڪمتر، ڊپريسڊ ۽ هڪ قسم جو ڏوهاري ۽ زيادتي ڪندڙ محسوس ڪري رهيو آهيان. ”اهڙيءَ طرح سان”ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”مليل چنبيليءَ جي گُلن جي خوشبوءِ جھڙوهي سڌو سنئون هانءُ ۾ هٿ وجھندڙ مسودو پنهنجي هُڳاءُ جي حرارت سان سنڌي ادب کي سدائين پيونئين تازگي ۽ ترارت بخشيندو. “ڪالونزم جي سرجيت” جي عنوان سان محمد ابراهيم جويي جي ترجمو ڪيل ڪتاب“فڪر جي آزادي”تي ماڻڪ جو تبصرو پنهنجي جوهر ۾انتهائي ڳُوڙهو، فڪري ۽ فلسفيانا گھرائي رکندڙ هڪ اهم ليک آهي. ماڻڪ جو نثر به سندس فڪشن جيان نرالو ۽ مُنفرد آهي. مُختصر پر جامع قسم جو هي مضمون ليکڪ اسٽيفن زبوگ جي اصل ڪتاب(The right of heresy)جو ترجمو آهي. جنهن تي ماڻڪ ڏاڍي مُفصل نموني تنقيد ڪئي آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو ته“محمد ابراهيم جويي، ڪتاب جي اصل روح کي هاڃو رسائڻ ۽ ڪٿي به ڪو چهڪ يا رهنڊ ڏيڻ کان سواءِ سنڌي ۾ آندو آهي. ٻين لفظن ۾ سنڌيلائيز ڪيو آهي. سواءِ هن زور آوريءَ جي ته سنڌيلائيز ڪندي ڪندي، جويي صاحب پنهنجي ناصحاڻي گفتگوءَ وارو انداز ٽُنبي، وڌيڪ اثرائتو بنائڻ جي پاڻ، ٺڳيندڙ ڀرم هيٺ لوئي پوئي هن جو ستر وڃائي ڇڏيو آهي. هن ترجمو ڪيل ڪتاب تي محمد ابراهيم جويو پاران ڏنل سرو“فڪر جي آزادي”جويي جي روايتي دور انديشي(يا مصلحت پرستي؟)واريءَ ڪاسٽيليائي تدبر جو شڪار ٿي مروٽجي ويو آهي. ”، هن مضمون جي سِري ۾ ئي ماڻڪ “سيباسٽيان ڪاسٽيلو”جي لفظن کي نقل ڪندي لکيو آهي ته“سچ جيئن سمجھ ۾ اچي. ، تيئن ان کي ظاهر ڪرڻ گناھ ڪونهي. عقيدو ڪنهن تي زوري مڙهي نه ٿو سگھجي. عقيدو هر ڪنهن جي پنهنجي مرضيءَ جي ڳالهه آهي. ”اهڙيءَ طرح سان“ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”مليل مسودوسنڌي ادب جي آغوش کي اڃا به وڌيڪ وسيع ڪري ٿو. بلڪل ايئن جيئن ڪالهه ماڻڪ پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجا سنڌي ادب جا شاهڪار ڪتاب، “حويليءَ جا راز”جي ڪهاڻين، اُگھاڙو سچ، آس نراس، حويليءَ جا راز، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، حقيقت ۽ دوکو، هڪ ڪهاڻي سواءِ سري جي، پلاند، ڪاري، پهرين اَنام ڪهاڻي، ٻي اَنام ڪهاڻي، ٽي اَنام ڪهاڻي، بيٺل ڦيرو، وقتائتو موت، ڪلارڪ جي پهرين تاريخ، اُتساھ جو موت، مُئل زندگي، نوٽبُڪ/ڊائريءَ منجھان، انسان بوءِ_انسان بوءِ، روبوٽ، گيس چيمبر، ذريعي ڪيو هو. ۽ اهڙيون ته حيرت انگيزڪهاڻيون ڏنيون. جن سنڌي ڪهاڻيءَ جي قُطب نُما جو ڪم پئي ڪيو آهي. اُن کان سواءِ ٽي ناوليٽ“رُڃ ۽ پڙاڏا”(هي ناوليٽ پهرين“ميسوڻي”جي سِري هيٺ1961ع ڌاري لکيو ويو. وري ٻيهر1973ع کان1975ع جي وِچ ۾“رُڃ ۽ پڙاڏا”جي سِري هيٺ لکيل. 1/5/1976)“پاتال ۾ بغاوت”(A Revolt in the under World)، سسيفس جو ناڪار، “پاتال ۾ بغاوت”(جنهن جي حصن جا عنوان) سانت، ۽ پوءِ پڙاڏي ۾ گونج اُٿي. جنهن کان پوءِ ناوليٽ لُڙهندڙ نسل، ۽آخر ۾“ساھ مُٺ ۾”جنهن جي ابتدا ۾ مُنير/ماڻڪ جو پنهنجي مرتئي کان ڏھ، ٻارنهن ڏينهن اڳ نثار حُسينيءَ ڏانهن هڪ خط، “جڏهن سڄڻ سفر هليا” نصير مرزا جي (بئڊلڪ ڊائريءَ مان)(ماڻڪ جي ڊيٿ واري ڏينهن لکيل)، “سنڌيت جي اندروني ايڪس ري”موهن ڪلپنا جو ليک، (ساھ مُٺ ۾_امن امان)جنهن ۾امن امان، (جنهن جي حصن جا عنوان)ڪڍ، اوٿارو، صبح، ڊاڪٽرساڻ، پاتال ۾، انڀو، اولڙا، ماڪڙ، “ساھ مُٺ ۾_ٻائيتال”(جنهن جي حصن جا عنوان) ۽ هُو مري ويو، پُڄاڻي، ڪاسائيءَ جي چونڊ، “ساھ مُٺ ۾_وڳوڙ”(جنهن جا حصن جا عنوان)ڪڍ، ويچار وهڪ، رات، دونهاٽ، “ساھ مُٺ ۾_امن امان”(جنهن جي حصن جا عنوان)وري، کُٽڪو، ٽيچرس روم، ڪوس گھر، اُٿل، ۽ ڪڍ. ”(نوٽ؛“ساھ مُٺ ۾” ناول سڀ کان پهرين ڀارت ۾ ڇپيو هو. جنهن کي جولاءِ 1986ع ۾ سنڌي ٽائيمزپبليڪيشن اُلهاس نگر ڇپرايو هو. )“ماڻڪ جي بريف ڪيس مان”۽ پڇاڙي ۾ ماڻڪ جي جيون جو آخري انٽرويو“وڇڙيا ڪين ورن” جيڪوانٽرويوماڻڪ کان ظفرعباسيءَ ورتو هو. ۽ ماڻڪ جو جيون خاڪو. جنهن جي آڌار تي ماڻڪ جو جنم“5، مارچ1943ع تي نوشهري فيروز ۾ محمد ادريس ميمڻ جي گھر ۾ ٿيو. (ماڻڪ جو والد لوڪل بورڊ نواب شاھ ۾هيڊ ڪلرڪ هو. جيڪو سنڌي ادبي سنگت نواب شاھ جي گڏجاڻين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو هو. هُو پنهنجي مزاج ۾ ڪميونسٽ خيالن جو حامي هو. . . . . . “نوٽ”، اها ڳالهه مون کي ڪچهريءَ ۾نواب شاھ جي سينيئر ادبي دوست، سائين بشير هيسباڻيءَ ٻُڌائي هُئي. اُن کا علاوه اِن سلسلي ۾سائينءَجو ڪتابي سهڪارپڻ رهيو)ماڻڪ ايم. اي، ايم. ايڊ ۽ ايل ايل بي سان گڏ سو کان مٿي ڪهاڻيون، ڪُجھ ناول ۽ ناوليٽ لکيا!پيٽ گُذر لاءِ پهريائين ماستري، پوءِ صحافت ۽ آخر ۾ وڪالت پڻ ڪئي!پر تنهن هوندي به سندس هڪ ڪهاڻين جو مجموعو“پڇتاءُ” ۽ هڪ ناول“ساھُ مُٺ ۾”۾ اسان کي وڏيون اُميدون آهن. ” ماڻڪ 26، جنوري 1982ع تي اسان کان وڇڙي ويو. ”ان ريت ماڻڪ ڄم کان پنهنجي اَنت تائين 39، سال، 8، مهينا ۽20 ڏينهن، پنهنجي شعوري زندگي ۾ پير پائڻ کان پوءِ مُسلسل، شاھ جي هن سِٽ جيان ته“ڏاهيون ڏُک ڏسن”جي مصداق هر وقت اُجڙيل احساسن جي ٽياس تي مصلوب رهيو. ماڻڪ، هڪ حوالي کان خوشنصيب به هو جو سندس جنم ننڍي کنڊ/برِصغير جي فطري هوائن ۾ ٿيو. اُن ڪري ماڻڪ هن رياست/انساني ڪوس گھر کان عمر ۾به چار سال، پنج مهينا ۽ نوَ ڏينهن وڏو هو. نصير مرزا چواڻي ته“ڪنهن رشي مني جهڙي سانت سڀاءُ رکندڙ هي ڪهاڻيڪار سنڌي ادب جي اتهاس ۾ مُکيه حيثيت ۾ زنده رهندو، ۽ جڏهن26، جنوريءَجي سانجھ، هٿ ۾ ڪارا جھنڊا کڻي رستن تي لهي آئي هئي، تڏهن نواب شاھ جي موهني(موني)بازارجي نُور مسجد جي ايوان ۾ ، عظيم ڪهاڻيڪار جي قبر کوٽجي رهي هئي. ٻئي ڏينهن27، جنوريءَ تي جڏهن سورج ڌيري ڌيري آسمان تي چڙهي رهيو هو. ماڻڪ ڌرتيءَ جي پاتال ۾ دفن ٿي چُڪو هو. ”

5/5/2014

مددي ڪتاب
 حويليءَجا راز۽(ٻيون ڪهاڻيون)1973ع، مُنير احمد/ ماڻڪ
 حويليءَ جاراز۽ ٻيون(ٻيون ڪهاڻيون)مئي، 1983ع. ماڻڪ
 ڇهه اَنام ڪهاڻيون. سنڌ فورم پبليڪيشن، شڪارپور1981ع. ماڻڪ
 جاڳرتا پبليڪيشن. 5، سهيڙيندڙ؛نرنجن، سيپٽمبر، 1978ع
 ناٽڪ(نئين ٽهي پبليڪيشن)سيپٽمبر، 1984ع
 سنگت(چونڊ ڪهاڻيون. 1)سنڌي ادب اڪيڊمي، حيدرآباد، نومبر، 1982ع
 مئل ماڻهو، جيئري ڀيٽا(ماڻڪ کي ڀيٽا)ٽکڙ پبليڪيشن، حيدرآباد سهيريندڙ؛سحرامداد/امداد حُسيني
 حويليءَ جاراز(ڪهاڻيون)ماڻڪ(ٻيو ڇاپو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1995ع)
 ماڻڪ جي بريف ڪيس مان. ماءِ پبليڪيشن سکر، 2014ع، سهيڙيندڙ؛مُنور سراج
 ٽي ناوليٽ. ماڻڪ(روشني پبليڪيشن. ڪنڊيارو. 1992ع)
 وڇڙيا ڪين ورن. (ماڻڪ جي ياد ۾)مُرڪ پبلشر، حيدرآباد، سهيڙيندڙ؛رياض انور
 ساھ مُٺ ۾. ناول. 1992ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

تِر جي جُستجوءَ ۾ ڀَٽڪندڙ نِگاهون

هر معاشري جي زندگيءَ جو عڪس اُتي جي لکجندڙ ادب جي آئيني ۾ ئي چڱيءَ ريت پَسي سگهجي ٿو. ڇو ته ادب خارجي ۽ داخلي حالتن مان ڦُٽندڙ اهڙي اثر جو اظهار هوندو آهي جيڪو مُعاشري جي حِساس، باشعور، ذهين آرٽ سان لاڳاپيل فردن جي اندر توڙي ٻاهر ۾ تحرڪ پيدا ڪندڙ حالتن جي رد عمل جي صورت ۾ تخليق ٿيندو آهي.
روس جي مشهور نامياري اديب چيڪوف هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”آرٽ ۾ اِهائي ته هڪ خُصوصيت ۽ خُوبي آهي ته اُتي دوکي بازي نه هلندي آهي. محبت ۾، سياست ۾، ميڊيسن ۾ ماڻهو ڪوڙ جو سهارو وٺي، ماڻهن کي دوکو ڏئي به ڇڏي بلڪ خدا سان به فريب ڪري پر آرٽ ۾ دوکو نه ٿيڻ گهرجي. “
چيڪوف جون مٿي ڏنل سٽن جي تناظر ۾ اگر سنڌ جو اديب سچائيءَ سان قلم جو رشتو سچ سان جوڙي ۽ پنهنجي دل مان مُنافقانه رَوين کي ڪڍي دور ڪري ته هوند سنڌي ادب جي دنيا ۾ مُنافقي يا ڪردار جي مُتضاد رَوين جي رَوش پيدا ئي نه ٿئي. اگر ڪنهن به قوم جا حساس ۽ اهم شعبه ادب ۽ سياست اهڙن سطعي رَوين جو شڪار ٿي وڃن ته پوءِ اُها قوم پنهنجي تشخص جو ڪهڙو دفاع ڪري سگهندي. ۽ پنهنجن بُنيادي حقن لاءِ ڪيئن پاڻ پتوڙيندي؟
اديب جيئن ته معاشري جي حالتن جي تبديليءَ جا والي هوندا آهن. جيڪي وقت ۽ حالتن جي نبض شناسي ڪندي ايندڙ هر خطري کان پنهنجي قوم کي اڳواٽ آگاھ ڪري کين سُجاڳ ڪندا آهن ته جيئن ايندڙ ڀيانڪ حالتن جو بڙدباريءَ سان مُقابلو ڪري انهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي. پر اسان جا ڪجهه اديب، شاعر توڙي ڪهاڻيڪار يا ٻين شعبن سان لاڳاپيل فرد، هميشه قومي توڙي ادبي تضادن کي ختم ڪرڻ بَجاءِ اُنهن کي هوا پيا ڏيندا آهن ۽ پنهنجن مُفادن جي حاصلات لاءِ پنهنجي قلم جي مَس جو تقدس پائمال ڪندي دير ئي نه ڪندا آهن. پر جيئن ته سنڌي اديب سڀ اهڙي موذي مرض ۾ مُبتلا ڪين آهن. ۽ اهڙا موقعي پرستيءَ وارا رَويا هر سنڌي اديب جو نصب العين ناهن. ۽ ڀٽائي چواڻي ته،
”اڃان ڪي آهين، ڪَل جڳ ۾ ڪاپڙي“
سو اڃان سنڌ ۽ سنڌ سان لاڳاپيل هر شيءِ جا وارث توڙي عاشق ويٺا آهن. جنهن ڪري اسان جو سنڌي ادب، تاريخ، ڪلچر، ٻولي، ۽ قومي تشخص زنده آهن.
مٿين مُختصر اهم خيالن جي اُپٽار کان پوءِ اسان جڏهن سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ واري پاسي جو نظارو ڪنداسين ته اُهو ڪو ايڏو ڀرپور ڪو نه لڳندو ۽ نه ئي وري ڪو صفا گهٽ. پر اُهو اڃان پنهنجي تخليقي سفر ۾ ابتدائي دور ۾ پنڌ ڪندي نظر ايندو. جهڙي طرح جديد سنڌي ڪهاڻي پنهنجي سُهاني سفر ۾ پنهنجي پوري تخليقيت سان اڳتي وڌي رهي آهي اُن سفر ۾ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جا پيرا پنهنجي مضبوطيءَ سان خارجي توڙي داخلي حالتن جي عڪاسي ڪندي سندس نوان ڏيک پنهنجي سموري تخليقي حسن سان نروار ٿي دل کي ڇُهندا محسوس ٿين ٿا. جن جي تخليقي سگهه سنڌي ادب جي روشن آئيندي جي پُختگيءَ سان ساک ڀَري ٿي.
َ”انگن چڙھيو اَنگ” جي پهرين وکن کان پوءِ “سرحدن کان اڳتي” ويندڙ ڪهاڻيڪار، ضراب حيدر جو مُسلسل ڪهاڻين جو حسين ۽ ٻوليءَ جي اعتبار کان شاعراڻو رنگ رکندڙ نرالو سفر هاڻ اُن سنڌي ڪهاڻيءَ جي پُختگيءَ وارين سرحدن ۾ داخل ٿي چُڪو آهي. جتي پُهچڻ لاءِ گَهري مُشاهدي، گَهڻ پاسائين مُطالعي، مَشق، غور، فڪر، سنجيدگي ۽ ڀرپور جُستجوءَ ۽ سچائي بنهه ضروري هوندي آهي.
ضراب حيدر جي ڪهاڻين جو ڪتاب “سرحدن کان اڳتي” جون ڪهاڻيون اڄوڪي معاشري جي پس پرده ٿيل براين تي هڪ ڀرپور تنقيدي چوٽ آهن. جنهن تنقيد سچ کي سنڌي سماج تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي. اُن جو ڪارڻ يا اُن مان مُراد اِها ئي ڪڍي سگهجي ٿي ته اسان جو سماج اڃان تنقيدي بلوغت جي سرحدن تائين رسائي نه ڪري سگهيو آهي. ۽ نه ئي پنهنجين ڪوتاهين کي ٻُڌڻ جو ساهس ڌاري سگهيو آهي. اهڙي بيحسي يا نااهلي ڪنهن به قوم جي ادبي توڙي سياسي شعور جي فقدان جي نشاني آهي. ڇو ته ڪابه قوم پنهنجي توڙي پاڙيسري يا قومي توڙي بين القوامي شعور يا معلومات کان لاتعلق هُجڻ ڪري اهڙي اَٻوجهائپ جو مظاهرو ڪري پاڻ کي هر حال ۾ صحيح سمجهندي آهي.
ضراب حيدر پنهنجين ڪهاڻين ۾ جن به موضوعن کي کنيو آهي اُهي سچ ته واقعي به اهڙا ته اهم ۽ سماج جا ڀيانڪ رُخ آهن جن تي اُن کان اڳ بِنهه گهٽ ئي لکيو ويو آهي. پر ضراب اُنهن موضوعن کي پنهنجي مُطالعي، مُشاهدي، سوچ سمجهه ۽ جنهن فنڪارانه انداز سان ڪهاڻين جي ڪئينواس تي آندو آهي. اُهو جديد سنڌي ڪهاڻي جي هڪ مُنفرد صورت گيريءَ سان اُجاڳر ٿي سامهون اچي ٿو ته سندس جادوئي بيان، ڪردارن جي تُز ڪردار نگاري، اُنهن جا ڊائلاگ، ڪردارن جو ڪفيتيون توڙي نفسياتي عڪاسي پڙهندڙن کي هڪ الڳ دنيا ۾ گُم ڪري ڇڏين ٿا. ضراب جي سڀني ڪهاڻين جي شروعات جو انداز ئي مُنفرد نموني سان ٿيندو آهي. جنهن ۾ اڪثر طور تي ٻولي جي مهارت جو رنگ اهڙو ته وڻندڙ، ٺهڪندڙ ۽ روح ۾ لهي ويندڙ هوندو آهي جو ڪهاڻي پنهنجن سڀني رُخن جي سُونهن سَميت دل ۽ دماغ تي نقش ٿي رت ۾ ولوڙ پيدا ڪري وجهندي آهي. ڇو ته اهڙو فنڪارانه انداز، ضراب کي پنهنجي همعصر ٽهيءَ ۾ بنهه الڳ ٿلڳ ڪري بيهاري ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي گُفتگو جو دلچسپ سلسلو، منظر ۽ ڪردار نگاري، يا اُنهن سڀني عنصرن تي جيڪو ڪهاڻيپڻو ڇانيل آهي اُهو ڪمال پڻو ضراب جي ذهني ۽ فني ڪاوشن جو ئي نرالو روپ بڻجي سگهيو آهي. اهڙيون آرٽسٽڪ خوبيون ضراب جي هن ڪتاب ۾ پڙهندڙ گهرائيءَ سان پرکي، پروڙي، محسوس ڪري سگهن ٿا. سندس هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي “سرحدن کان اڳتي” ۾ ضراب جي وسيع سوچ سمجهه ۽ اعليٰ شعور جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڇو ته هن ڪهاڻيڪار وٽ ذات پات، اوچ نيچ، مذهب، رنگ، نسل، ٻولي ۽ سرحدن کان مٿاهين حيثيت صرف ۽ صرف انسان جي آهي. هڪ انسان پاران ٻئي انسان جي آزادي، عزت، آسن ۽ اميدن سان هٿ چراند ڪرڻ جهڙي جهالت ضراب جهڙي حساس دل ليکڪ جي اندر جي جبل جي ٻَڙڪندڙ لاوي کي ٻَڙڪائي وجهي ٿي ۽ هُو سرحدن ۾ ورهايل ڌرتيءَ جي هڪ ساڳي وچان ليڪ ڏنل حصي تي رهندڙ ظالم، وحشي، ڪوڙي قانون جي ٺيڪيدارن سان نفرت جو اظهار بنا ڪنهن ڊپ ۽ ڊاءُ جي پنهنجن ڪهاڻين ۾ بي تحاشا ڪري ٿو. انهن مجبور انسانن جي روحن کي پنهنجين تخليقن ذريعي شانتي پهچائي ٿو. امن ۽ اَهنسا جو چاهيندڙ ضراب عام ماڻهن کان مَٿاهون ٿي عالمِ انسانيت سان پيار ڪندڙ هڪ اهڙو ليکڪ ڏسجي ٿو جنهن لاءِ هي سڄي ڌرتي سندس ديس وانگر آهي.
”ڪوجهائپ کي ڪوملتا جي ڳولا” ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ جي اذيت ناڪ پيڙا جو عڪس ملي ٿو. جنهن ۾ هن پيار ۾ پاتل ۽ پوءِ وڃايل پنهنجي دل جي ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جي يادن کي سهيڙيو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ توڙي جو ليکڪ جي اندر جي مايوسي نمايان نظر اچي ٿي پر اُن سان گڏوگڏ ليکڪ سچائيءَ جو به دامن نه ڇڏيندي نظر اچي ٿو. ڪهاڻي پنهنجي پلاٽ ۽ بيهڪ ۾ ٺيڪ ٺاڪ آهي جڏهن ته ٻوليءَ جي شاعراڻي استعمال ڪهاڻي کي کي لُطف اندوز بڻائي ڇڏيو آهي.
”آئوٽ بيئڪ” ڪهاڻي جي شروعات توڙي جو روايتي انداز سان ٿئي ٿي. پر اُن ڪهاڻي کي وڏي مهارت سان بيان ڪيو ويو آهي. هڪ ماءُ جي اولاد لاءِ محبت کي جنهن جذبي، سچائيءَ ۽ مهارت سان اُڻيو ويو آهي. اهڙو فني هُنر، ضراب جي حِساس طبيعت جي ساکي هئڻ سان گڏ سندس اندر ۾ موجود بهترين ڪهاڻيڪار جو چٽو ثبوت پڻ آهي. يا جنهن ريت ضراب هِن ڪهاڻيءَ جي هيئت ۾ هِن سڄي واقعي جي بيهڪ کي سَنواري بيهاريو آهي اُها خوبي به فن جي مَٿاهين پُهچ کي ظاهر ڪري ٿي. سندس ڪهاڻي لکڻ جي جادوگري به پنهنجو مثال پاڻ آهي. يا”سگريٽ کي ڪٿان دُکائجي“ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ جنهن طرح سان هڪ عورت جي اندر جي جذبن جي عڪاسي سان گڏ معاشري جي چهري تان جيڪو ٻھروپيي جو نقاب هٽايو آهي. اُهو به پنهنجي جاءِ تي بي باڪي سان، فني اُڻت ذريعي هڪ بهترين ادبي شاهپاري جي روپ ۾ سامهون اچي ٿو. دراصل هي ڪهاڻي درگاهن تي ڪهي ايندڙ بظاهر پنهنجون آسن ۽ اميدن جي َاَگهامجڻ جون دعائون گُهرندڙ مردن توڙي عورتن جي باسن جي روپ ۾ سماجي لِڪل ۽ ڇِرڪائيندڙ هڪ اهڙي حقيقيت جي ڪهاڻيءَ ۾ عڪاسي ڪئي وئي آهي. جنهن کي لفظن جي صورت ڏئي ضراب سماج جي هڪ ڪُرندڙ زخم تي تيزاب هاري ڇڏي ٿو. هي ڪهاڻي پڙھڻ کان پوءِ ليکڪ جي مُشاهدي واري حِس انتهائي تيز محسوس ٿئي ٿي. ضراب حيدر اهڙيون ڳالهيون رُڳو ُٻُڌي يا پڙهي ڪهاڻي ڪو نه لکيون آهن بلڪ هُن خود اُنهن حالتن جو ڀرپور انداز سان تيز ۽ تکي آرٽسٽڪ نگاھ ذريعي مُشاهدو پڻ ماڻيو آهي. جنهن جو مثال هي ڪهاڻي خود ڏَسي رهي آهي. ٻي ڳالهه ته ضراب جي ڪهاڻين جا عُنوان به ڏاڍا نرالا، وڻندڙ ۽ اَڇوتا هوندا آهن. جن ۾ پڻ ڪيئي ڪهاڻيون پَساھ کڻندي پيون محسوس ٿينديون آهن.
ضراب حيدر جون ڪهاڻيون پڙهي مان اڪثر سوچيندو آهيان ته اُها آخر ڪهڙي پيڙا، تڙپنا، جذبات ۽ اُڌما آهن جيڪي ضراب کي ايڏيون پيڙائتيون ۽ گهريون ڪهاڻيون لکڻ تي مجبور ڪن ٿا. اُها ڪهڙي اَڻ پوري آس، خواهش آهي جيڪا روپ مٽائي مٽائي سندس ڪهاڻين ۾ پوري آب ۽ تاب سان پنهنجين سڀني دردن سان پُر ٿي دل جي گهراين ۾ لهي روح کي جهنجهوڙي ڇڏي ٿي. مَنجهس نيٺ اُها ڪهڙي جُستجو آهي يا ڳولا جو اُهو ڪهڙو جذبو آهي جيڪو اڳتي کان اڳتي وَڃڻ ڏانهن ليکڪ کي اُتساهي ٿو. جنهن جو اَنت ماڳ جي ماڻڻ ۾ پوشيده آهي. پر اُها منزل تائين پُهچڻ واري تمنا، زندگي جو اهم ۽ خاص مقصد بڻجي ضراب جي زندگيءَ ۾ سَمائجي چڪو آهي.
شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا جي ٽين ڀاڱي”ڪٿي نه ڀَڃبو ٿَڪ مُسافر“۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”مان ڀانيان ٿو ته رُومان اُهو خواب آهي جنهن ۾ ٻَه ماڻهو پنهنجي ڪائنات تخليق ڪن ٿا ۽ جڏهن هُو پيار ۾ ٽُٻ آهن ته وقت بيهجي وڃي ٿو. اُهو جيءُ جو جادو آهي، ٺَهه پَهه آهي، اُهو فقط طلب آهي، حاصلات نه آهي. اُهو رشتو ناتو گهٽ، روح جو ريلو وڌيڪ آهي. “
اهڙو روح جو ريلو ضراب جي ڪهاڻين جي وجود جو اصل مُحرڪ جذبو آهي. محبوب جي ڏُک کان دنيا جي درد تائين جي سُرمئي سفر ضراب جي ڪهاڻين ۾ ڪيترائي احساسن، جذبن، لُڙڪن، پيڙائن، يادن، خيالن جا سيلاب آڻي ڇڏيا آهن. پر پوءِ به ضراب جي جيءُ جي اُڃ، اُجهامڻ ۾ ڪا به گهٽتائي ڪين آئي آهي. ۽ ضراب جيئن پوءِ تيئن رُڃ جي طلب ۾ تانگهندو وڃي رهيو آهي. اُها اُڃ ايتري ته پُرڪشش آهي جو اُها ڪڏهن به ڌرتيءَ جي دريائن توڙي سمونڊن سان ختم ٿيڻي ئي ناهي.
”پيرن ۾ ڪِريل آسمان” ڪهاڻيءَ ۾ سماجڪ بي حسي ۽ ناانصافي جي بهترين عڪاسي ٿيل آهي. جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي جسم جي جنسي تسڪين جي حاصلات جو اَنڌو جنون ذهنن تي سوار آهي ته ٻئي پاسي هڪ مجبور عورت سان ٿيندڙ ڏاڍائي ۽ سندس هيڻائيءَ جو درد اهڙي ريت پيش ڪيو ويو آهي جو پڙهندڙ جي دل پڻ اُن تڪليف ۾ جُهري پَوي ٿي. ۽ سوچن ۽ خيالن ۾ معاشري جي بَدنُما بيهڪ کان بغاوت جا طوفان پيدا ٿي پَون ٿا.
هِن ڪهاڻي جو پلاٽ ۽ مقصد ايترا ته ڀرپور آهن جو ڪهاڻي پڙهندڙن جي ذهنن تي پنهنجا نقش چٽي، کين اُنهن ۾ تَحليل ڪري ڇڏي ٿي. شروع کان آخر تائين جنهن تسلسل سان ڪهاڻي لکي وئي آهي اُهو روانيءَ جو رنگ ساراھ جوڳو آهي. ٻئي طرف هِن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙي پِير جي نيشاندهي ڪئي وئي آهي، جيڪو پڻ هِن سماج ۾ گندگيءَ ڦھلائيندڙ غنڊن، جيان برابر جو ڏوهاري ۽ سندن پاٿاريدار پڻ آهي.
”ڪارا ناسي ڪنگڻ” رومانس جي ڪلاسيڪل انداز ۾ رچيل هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ضراب وڏي فنائتي نموني سان پيار جي پيڙا کي وڻندڙ خيالن، خوبصورت منظرنگاري، ۽ سُريلي پر پُردرد ٻوليءَ ۾ وڏي سيبتائيءَ سان سهيڙيو آهي. ڪهاڻي جو اهڙو ڀرپور فني انداز ظاهر ڪري ٿو ته ضراب ڪنهن به ڪهاڻيءَ جي گهرائيءَ ۾ لهي ڪري، ڪهاڻيءَ جي جوهر کي دريافت ڪري ڄاڻي ٿو. اُها خُصوصيت ئي هُن جي بهترين ڪهاڻيڪار هُئڻ جي ساک ڀَري ٿي. اُن کان اعلاوه”مُجسمو“، ”۽ وَڇ ڀڄي وئي“، ”خدا!تنهنجا سڀ آسمان مون وٽ گِروي آهن“، ”سنڌ جو مُجاور“، ”مُحبتن جي ديس مان جلاوطن شخص“، ”فخروءَ جي ڌيءَ جو گُڏو“، ”ڪَٽجي ويل بوگي“ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي اندر ۾ هڪ وسيع مَعنائون ۽ مُنفرد دنيائون کڻي لفظن مان اُڀري ظاهر ٿي پَون ٿيون. ته جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ ايمان تازو ٿي پوي ٿو. ۽”مري ويل ڪهاڻي“وارو اَجايو خيال يا تصور پنهنجو پاڻ خاڪ ۾ ملي وڃي ٿو.
مان سمجهان ٿو ته ضراب حيدر جون مٿي حوالي طور پيش ڪيل ڪجهه ڪهاڻيون پنهنجي توڙي ايندڙ وقت جون پڻ شاندار ڪهاڻيون آهن. اسان وٽ سنڌي ادب ۾ اڄ توڙي سُڀاڻڪي ادبي تاريخ ۾ جڏهن به هڪ سُٺي ۽ تخليقي ڪهاڻيڪار جو ذڪر ايندو ته اُنهيءَ ۾ ڪهاڻيڪار ضراب حيدر جو نالو پڻ ضرور ايندو. اُنهي اعتبار جو ڪارڻ سندس ئي تخليقي ڪهاڻيون آهن.
اڄ جي لکجندڙ ڪهاڻين جي اڪثر روايتي رنگ توڙي ڍنگ کي لَت هڻي عالمي ادبي سفر ۾ هلندڙ سنڌ جا ڪُجهه ئي ڪهاڻيڪار آهن جيڪي ڪهاڻيءَ جي روشن مُستقبل جي ضمانت پڻ آهن. اُنهن چند ڪهاڻيڪارن ۾ ضراب حيدر جو ادبي پنڌ توڙي پورهيو پڻ ڪنهن طور تي به گهٽ نه آهي پر جيڪو نرالي هُئڻ سان گڏ مُشڪل پڻ ضرور آهي. جنهن جي منزل به”سرحدن کان اڳتي“وڌي هِن پوري ڪائنات ۾ سمائي وڃي ٿي.
ضراب حيدر جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”سرحدن کان اڳتي“۾ ڏنل آخري ڪهاڻي ”اَلف کي ڪو به نُقطو نه آهي“طويل هوندي به هڪ دلچسپ ۽ پاڻ ۾ تحليل ڪري ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ ڪردار جي جستجوءَ جي انتها جو اندازو لڳائي، من ۾ بيقرار ٿي سگهجي ٿو. جنهن جي زندگيءَ جي جُستجو، هڪ اھڙو نُقطو ڏيکاري وئي آهي، جيڪا سندس زندگيءَ جو مقصد بڻجي وڃي ٿي ۽ سموري ڪهاڻيءَ کي هڪ اهڙو سفر بخشي ٿي جنهن سان ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۾ انتهائي گهڻي سگهه پيدا ٿي پوي ٿي. موضوع جي رومانوي الڳتا، وڻندڙ ٻوليءَ ۾ گُفتگو جو نرالو رنگ توڙي ڍنگ ۽ بنيادي ڳالهه ته هِن ڪهاڻي کي تسلسل يا رواني ۾ جنهن نِڀاھ سان کنيو ويو آهي. اُها ڪنهن به عام ڪهاڻيڪار جي وَس کان مَٿاهين ۽ مُشڪل ڳالهه آهي. ڪهاڻي جو ڪلائميڪس ڇِرڪائيندڙ ۽ انتهائي دل آويز انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي پنهنجي سلسلي ۾ ڪٿي به ٽُٽي، جهول ڪو نه ٿي کائي يا وري حال مان اوچتو ماضي(فليش بيئڪ)۾ ڪهاڻيءَ جي رُخ کي موڙڻ ۽ وري ماضيءَ مان حال ۾ کڻي اچڻ، ڪهاڻي جي خوبصورتي ۽ مُڪملتا جا اهم اُهڃاڻ آهن. رومانس جي شديد جذبن سان سَرشار هي ڪهاڻي پنهنجي ڪهاڻيپڻي واري سگهاري اُڻت ۾ اعليٰ ۽ اَڇوتي آهي.
ڪهاڻي مان ڪجهه جُمله، جيڪي پڙهي ڪري دل ۾ لهي وڃن ٿا ۽ ضراب حيدر جي تخليقي ذهن جي سطع پرکي سندس مُطالعي، مُشاهدي ۽ فني پُختگي تي پيار اچي وڃي ٿو.
”پريت ته هر عورت ڪري سگهي ٿي. ۽ پريت به هر عورت بڻجي سگهي ٿي. پر سُريت ڪا ڪا عورت بڻجندي آهي. “
”جهول ماءُ جي هُجي، محبوبا جي هُجي، زال جي هُجي يا رَنڊيءَجي هُجي، آٿت هوندي آهي. اُتساھ هوندي آهي. “
”روح توڙي جسم جي آزادي ڏيڻ مُحبت جو معراج آهي. “، ”ماڻهو زنده هوندو آهي ته فاصلن جي باوجود به دل کي آٿت هوندي آهي، ته ڪڏهن نه ڪڏهن مِلڻ ۽ مُرڪڻ جي مُند ايندي. “، ”جيڪي عورتون کائڻ جي معاملي ۾ بي باڪ ۽ بي حساب هونديون آهن، اُهي پنهنجي جسم جي بُک جو وڏي سِر اعلان ڪنديون آهن. “، ”پيار جا سادا اظهار، دنيا جي سمورن فلسفن تي ڪيڏا نه ڀاري هوندا آهن. “، ”مُحبت جي قوت ڪيڏي به پُرجوش ڇو نه هُجي، پر حَياءُ ۽ شَرم جي سَرزمين تي تَپي ويل سج جي گولي جيان هوندي آهي. مُحبت جي سج جون ڄِڀيون وِسامن يا ڦاٽن پر حَياءُ جي”اوزون ليئر“کي تباھ ناهن ڪري سگهنديون. حَياءُ جو ڳاڙهو”اوزون ليئر“ مُحبت جي سج جي حدت سبب ٽُٽي پوندو آهي ته اسان جي جذبن ۽ احساسن ۾ ڪيتريون ئي آلودگيون ڪاهي پونديون آهن. پوءِ دل جون ڌرتيون صدين تائين ڀوڳينديون آهن. “
”درياھ ڪنهن شفيق پوڙهي ماڻهو وانگي لڳندو آهي. پر درياھ جو وهڪرو عورت جي ساهن جي سهڪي وانگر لڳندو آهي. “، ”ڌرتيءَ تي هر فطري تخليق جو جنم سج جي غير موجودگيءَ ۾ ٿيندو آهي. عبادت جا عَلم ۽ گُناهن جا اَلميا رات جي پيٽ ۾ پَلجندا آهن. “، ”مُحبت ۽ جنگ ۾ ڪو به قانون ناهي. مُحبت ۾ ماڻهو حق تي هُجي يا ناحق تي، ماڻهوپاڻ کي صحيح سمجهندو آهي. “،
”محبت ماڻهپو ڏيندي آهي ۽ ماڻهپو چَوي ٿو ته مُجرد زندگي گُذارڻ جي ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيل ڪوشش گُناھ آهي. عورت کان سواءِ زندگي بَسر ڪرڻ جو تصور به فطرت جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ آهي. “، ”مون دنيا ۾ اِهو ڄاتو آهي ته ڪنهن جو ڪوئي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ماڻهوءَ جي پنهنجي مَن ۾ ڪنهن جي ٿي وَڃڻ جو سوداءُ سَمائجي وڃي. “
اهڙيءَ طرح”سرحدن کان اڳتي“۾ ڏِنل آخري ڪهاڻيءَ ۾ هڪ تِر جي جُستجو نه ئي پوري ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي ضراب حيدر اِن جُستجوءَ کان وانجهو نظر اچي ٿو. ڳولا جي اِها بي چيني يقينن سنڌي ادب کي اهڙيون نِراليون ۽ تخليقي ڪهاڻيون ڏيندي رهندي. . . .

شڪُ جي پُٺيءَ مان ڦُٽي نِڪتل سچُ

*ڪهاڻيءَ جي شروعات ته تڏهن کان ئي ٿي وئي هئي جڏهن کان“ڪُن فيڪُون ”يا“ بِگ بينگ”جا آواز هِن ڪائنات جي تخليق کان پهرين پولارن ۾ گونجيا هُئا، ۽ هِن ڪائناتي وجود جي ڪهاڻيءَ جنم ورتو هو. اُن هِڪ ڪهاڻيءَ جي وجود، اَبد کان وٺي هيل تائين نه ڄاڻان ڪيترين ئي ڪهاڻين کي پئي جنميو آهي ۽ اِهو ڪهاڻين جو سلسلو پنهنجي تسلسل ۾ هڪ اهڙي زنجير بڻجي پيو آهي جنهن جون پهريون ڪڙيون وقت جي دوردراز اِبتدائي گھاٽي جھنگ ۾هڪ ٻئي جو کاڄ بڻجي ٻين ڪهاڻين جو ڪارڻ بڻيون. جيڪو سلسلو اڳتي وڌندي ويرانين، بيابانن، جبلن، صحرائن، دريائن، سمنڊن، جيتن جڙن، جانورن جا روپ مَٽيندو انساني وجود تائين پهچي ويو. جتان کان وٺي هِن دنيا جا سڀ “اڻپورا وجود”پنهنجي پورڻتا جي خوابن جي ساڀيائن جي رهيل ڪهاڻيءَ وارن ڪردارن جي جُستجوءَ ۾ محوِ سفر آهن. هڪ اهڙو سفر، جنهن جي رستن مٿان قدم قدم تي بي اِنتها ڪهاڻيون وکريون پيون آهن، جن کي نه سهيڙڻ جو درد، دُکندڙ سگريٽ جيان، سُرمئي لاٽ کي ڪو نه ڪو روپ ڏيڻ جي ڪوشش ۾ سرگردان آهي. اهڙين اڻپورين ڪهاڻين جا “اَڻپورا وجود”سهيڙيندڙ ڪهاڻيڪار ممتاز لوهاربه آهي جنهن به هِن ڪائناتي سماج ۾ موجود اَڻ پورن وجودن جي جوڙ جَڪ ڪندي ڪيترين ئي گھاءُ جهڙين گھڙين کي پئي ڀوڳيو آهي. ممتازلوهار جي ڪهاڻين جي هِن ڪتاب “اڻپوراوجود”جو ڪيئنواس مُختلف درد ڀَرين ڪيفيتن جي پُردرد رنگن سان رنڱيو پيو آهي. جن رنگن جي اَڌورائپ جو احساس داخليت مان سفرشروع ڪندي خارجيت جي خلائن ۾ اڻپوراين جي ٽياس تي ٽنگيل رهجي وڃي ٿو. ممتازلوهار جون اڪثر ڪهاڻيون پڙهي ڪري اُنهن ڪهاڻين جي جوڙجڪ جي جھانجھه جيءُ کي جھوري وجھي ٿي. هِنن بظاهر ننڍڙين ڪهاڻين جي مُڪمل اُڻت پڙهندڙ جي اَڌورائپ کي اَڌورو نه ٿي ڇڏي. بلڪه اِهاڪهاڻيڪار جي ڪرافٽ جي ڪاميابي، اڻپورين ڪهڪشائن تي قدم رکندي آڌيءَ رات جو پوري چنڊ ڏانهن سفر جي اُڏام رکي ٿي. ممتازلوهارجون ڪهاڻيون، ڪهاڻيءَ جو هڪ خوبصورت نمونو آهن. ماڻهوءَ جا بظاهر ننڍڙا ننڍڙا مسئلا، مامراپر پنهنجي اندر۾ دردن جا سمونڊ سمائي رکندڙ اهڙا مُونجھارا آهن جيڪي عام طور تي ليکي ۾ ئي نه ايندا آهن پر ممتاز جهڙي ڪهاڻيڪار اَک جي ماڻڪي اُنهن انتهائي باريڪ ذرڙن کي فوڪس ڪري ايترو ته نُمايان ڪيو آهي جو هرڏسندڙ /ٻُڌندڙکين ڏسي/ٻُڌي محسوس ڪري احساس جي اُجري آسمان هيٺ هڪ سَرد آھ ڀَري پاڻ کي هلڪوڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگھي. هي ڪهاڻيون درد جي مَڌ جا اهڙا پيگ آهن جن جي خُمارن جي خاصيت هڪ خواب نُما دنيا تخليق ڪري ٿي. جنهن جا ڪردارسماج جا عام رواجي اُهي انسان آهن جيڪي پل پل جيئن ۽ مرن ٿا. جن جو جياپو، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر هڪ ئي دائري ۾ صدين کان اکين تي پَٽي ٻَڌيو ڦِري رهيو آهي. جنهن جي تقدير جو تدارڪ اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگھيو آهي. ممتاز جون ڪهاڻيون اُنهن ٽُٽل ڦُٽل، وکريل، اڻپورن وجودن جو دانهيون آهن، جيڪي ممتاز جي ڪٿاڪار دل جي اُجاڙ وايو منڊل ۾ پڙاڏن جيئن گونجي کيس بيقرار ڪري ڀٽڪائي رهيون آهن. جن جي آوارگي ڪندي ممتازلوهار“اڻپوراوجود”ڪهاڻين جي روپ ۾ سرجيا آهن. هي ڪهاڻيون، ڪهاڻيءَ جي ڪهڪشائن جا اُهي ستارا آهن جن جي تيز ۽ جھيڻي روشنيءَ ۾اسان پنهنجي درد جو روپ پسي سگھون ٿا. پر شرط اِها آهي ته اُها اسان پسڻ چاهيندا هُجون. ڇو ته هر خيال، ڪيفيت، احساس، محسوسيات کي محسوس ڪرڻ لاءِ سيني ۾ ڌڙڪندڙ حساس دل جو هُجڻ لازمي آهي. ورنه اسان نواڻ ۽ جدت جي فلسفي ۾ کوڙ سارين حقيقتن سان ناانصافي ڪري ويهنداسين. جيڪا هڪ قسم جي ادبي بدديانتي پڻ آهي. اُن ڪري زندگيءَ سان گڏ زندگيءَ جي هر شُعبي جيان ادب ۾ ديانتداري پڻ اوتري ئي اهم آهي. اُن ڪري“اڻپوراوجود”پنهنجي پنهنجي وجود جي پورڻتالاءِ هر پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙکي پنهنجين پيڙائن جي فرياد ڪن ٿا. ۽ موٽ ۾ کانئون انصاف جي تقاظا ڪن ٿا. اِهڙي تقاظا جيڪا سندن سينن مان بي ساخته هڪ سرد آھ جهڙي هُجي. ممتازلوهار جي پهرين ڪتاب “اڻپوراوجود”۾ موجود سترنهن ڪهاڻيون، ماستر جو روح، شڪُ، اڻپوراوجود، مُرجھايل گُل تي ماڪ ڦُڙا، زهر جو ڍُڪ، گُرو، خالي بينچ جو وارث، هينئون هِت نه وِندري، اکڙيون ڏيل ڏيئا، رٽائرمينٽ، توڻاترسُ نه سِکيا، موالي، ڏُکي ڏونگر پاڻ ۾، توڻي ڪنڌيءَ ڪَن، درد جي ڌُٻڻ آهي زندگي، هِڪ ڪهاڻي ۽ مان جيئڻ ٿو چاهيان ، آهن. ماستر جو روح، هڪ اهڙي ماستر جي ڪهاڻي آهي جيڪو سماجي نابرابريءَ واري ناانصافيءَ جو شڪار بڻيل انتهائي ڪٺن زندگي گھاريندڙ شخص آهي. هي ڪهاڻي اُن بي حس سماج جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ماڻهون غربت جي غير فطري ڪُنن ۾ ڦاسي حالتن جي بي رحم ڇولين جي ور چڙهي ذهني طور تي تمام خطرناڪ ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ممتاز هن ڪهاڻيءَ ۾ ماستر جي ڪردار کي کڻي جيڪا سندس حالتن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪئي آهي اُها ڪهاڻيءَ جي پيرائي ۾ اچي ڪري مُڪمل طور تي اُڀري نه سگھي آهي. هِن ڪهاڻيءَ ۾ ڪُجھه بي ساختگي ته ڪُجھه زوري ڀراءُ جو احساس ٿئي ٿو. خاص طور تي اُن جي پُڄاڻي ڪهاڻيءَ جي سڀاءُ سان اَڻ ٺهڪندڙ ۽ هروڀرو اِن انجام تي پُهچائڻ جي ڪوشش لڳي ٿي. جيڪا ماستر جي روح سان ڪهاڻيڪار جي قلم جي ڏاڍائي لڳي ٿي. ۽ جيڪا اِن پُڄاڻيءَ جو اَڻ وڻندڙ احساس پيدا ڪري ٿي. شڪُ، ڪهاڻي اهڙي شاندار ڪهاڻي آهي جنهن جي اُڻت ۾ ممتاز جي اندر ۾ موجود ڪهاڻيڪار پنهنجي پوري قوت سان اُڀري اچي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جو ڪردارپنهنجي زال تي شڪ جي هڪ روايتي سوچ سان حقيقت جي هڪ اهڙي پُلصراط تي پُهچي ٿو جتان کان واپسيءَ جا سڀ گس مٽجي وڃن ٿا. ڪهاڻيءَ جو ٿيم شڪ جي بنياد تي پيدا ٿيل هڪ اهڙي حقيقي ڀونچال کي جنمي ٿو جنهن ۾سڀ ڪُجھه ڀَسم ٿيڻ لڳي ٿو. توڙي جو سندس شڪُ حقيقت ۾ هڪ انتهائي ڪڙو سچ آهي . پر هي ڪهاڻي هُو، سندس زال رضيه ۽ ڊاڪٽر حيدر جي درميان هڪ اهڙي ڪرافٽ سان اُڀري اچي ٿي جيڪو ڪهاڻيءَ کي سڌوسنئون رُوح جي گھراين تائين پُهچائي ڇڏي ٿو. ڪهاڻيءَ جو ڪردار هُو پنهنجي پاڻ سان پيدا ٿيل هڪ شڪ جي جنگ ۾ پاڻ کي هارائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي به بي ساخته جيت پائي ٿو. هي ڪهاڻي اڄ جي سنڌي ادب جي هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي “مان جيئڻ ٿو چاهيان”خوف ۽ وهم جي ٽياس تي ٽنگيل اُن ڪردار جي ڪهاڻي آهي جيڪو بيماريءَ جي بار هيٺان دٻجي، زندگي۽ موت جي وچ تي مرڻ جهڙو جيئي ٿو. اهڙي حالت ۾ ويجھن رشتن جي بي حسي ته کيس نيٺ اَنت تي پُهچائي ڇڏي ٿي. هي ڪهاڻي پڙهي ڪري مون کي دنيا جي نامياري مائي مڌر ٽيريسا جا هي لازوال جملا ياد اچي ويا آهن ته، “ماڻهو اَن جي اَڻاٺ جي ڪري نه بلڪه پيار جي بُک جي ڪري مري ٿو. ”مان جيئڻ چاهيان ٿو، ڪهاڻيءَ جو ڪردار به بيماري کان وڌ رشتن جي پٿردليءَ جي ڏُک ۾ مري وڃي ٿو. جيڪو صرف جيئڻ چاهي ٿوپر کيس جيئڻ نه ٿو ڏنو وڃي. “هڪ ڪهاڻي”، “ماستر جو روح”جو ڄڻ ته ٻيو حصو آهي. ڄڻ هڪ ڪهاڻيءَ کي ٻه مُختلف پُڄاڻيون ڏئي الڳ الڳ ڪيو ويو آهي. “ماستر جو رُوح”۾ پڇاڙي ماستر جي اَنت سان ٿئي ٿو جڏهن ته “هڪ ڪهاڻي”۾ ماستر جي ماءُ جو اَنت، هِن ڪهاڻيءَ جو اَنت آڻي ٿو. ٻنهي ڪهاڻين ۾ مين ڪردار۽ ساڻس هيڊ ماستر ۽ايس . ڊي. او. گڏ آهن. ۽ اُها ساڳي مفلوج ٿيل سوچ ڪهاڻيءَ ۾ سفر ڪري ٿي. ممتاز جون ڪهاڻيون سماجي بي حَسين جو کاڄ بڻيل ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن جن تي تمام گھٽ لکندڙن جي نظر پوندي آهي ۽ پوندي به آهي ته اُها نظر اندازيءَ جي حد تائين ختم به ٿي ويندي آهي . پر ممتاز جهڙو ڪهاڻيڪار ڏاڍي تِکي ۽ تيز نظر سان اُنهن ڪردارن جي روح تائين لهي وڃي ٿو ۽ سندن پيڙائن کي محسوس ڪري وٺي ٿو. “درد جي ڌُٻڻ آهي زندگي”پڻ هڪ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي آهي جيڪو پڻ معاشي بحران جو شدت سان شڪار ٿيل آهي جيڪو گھر جو گاڏو ڌِڪڻ لاءِ اوڌر جي آزار ۾ ورتل آهي. اڄ جي انسان لاءِ هر روز ٽي ويلا پيٽ جي دوزخ کي اُجھائڻ وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي. جنهن جي ڪري ئي باقي ٻيا دنيا جا بي انداز مامرا اُڀري پون ٿا. ازل کان وٺي انسانيت جو مُفلسيءَ ۾ جيئڻ ۽ مرڻ مقدر بڻجندو رهيو آهي. هي ڪهاڻي بنا ڪنهن ڪلائمڪس جي به هڪ مُڪمل ڪهاڻي آهي. “هاڻ هُن کي ننڊ جا خُمار اچڻ لڳا ۽ هُو سڀ ڪُجھه وساري پنهنجا مسئلا سُڀاڻي تي ڇڏي سُمهي پيو۽ ننڊ کيس خوابن جي دنيا ۾اُڏائي کڻي وئي. ”ممتاز جون ڪهاڻيون ڄڻ ته نثري نظمن جا ٿيم آهن. جن کي وڌائي، سنواري ڪهاڻيءَ جي ڪئنواس تي پينٽ ڪيو ويو آهي. جن جي پنهنجي پنهنجي خصوصيت اُڀري سامهون اچي ٿي. ممتاز لوها ر جون “اَڻپوراوجود”۾ ڪهاڻيون پڙهي ڪري مون کي اڪثر ڪهاڻين جي پلاٽ توڙي سندن اُڻت جي من موهيندڙ خوبي دل تي دستڪ ڏئي ٿي. ويجھر ۾ مُنهنجي مُطالعي هيٺ آيل سنڌ ۽ هند جي ناليواري شاعرواسديوموهيءَ جون ڪهاڻيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾سندس هڪ ڪهاڻيءَ جي عنوان“چيڪ بُڪ”جي نالي سان انڊيا ۾ ڇپيو آهن. پڙهي ڪري مون کي دلي طور تي ڏاڍي سرهائي محسوس ٿي آهي . ۽ اُنهن ڪهاڻين جي ڪهاڻي پڻي تي مون کي بيحد پيار پڻ آيوآهي. موضوع، مواد، اُڻت، يا اُنهن جي پُڄاڻي جو انداز حيرت ۾ وجھندڙ ۽ پندپهڻ ڪري ڇڏيندڙ لڳو. ممتاز جون ڪهاڻيون به اهڙي نئين ڪهاڻيءَ جي ساک ڏين ٿيون. جيڪي ڪنهن به طور تي شروعات، وِچ توڙي آخرت جون محتاج ناهن. بلڪه ڪهاڻيءَ جو آرٽ کين منطقي نتيجي تي کڻي اچي ٿو. ۽ جن ڪهاڻين کي ممتاز پاڻ کڻي هلي ٿو اُهي به پنهنجواهڙو ڏس ڏين ٿيون. ڪهاڻي “توڙي ڪنڌيءَ ڪَن” هڪ اهڙي ڪردار جي دُک دائڪ ڪٿا آهي جنهن وٽ سڀ ڪُجھه هوندي به سندس دل گھُري زال کيس ڇڏي وڃي ٿي ۽ هُو اُن ڇڏي ويل زال جي اهڙي رويي تي غمزده ۽ چڪچُور آهي. هي ڪهاڻي به پنهنجي مرڪزي ڪردار جي پيڙائن جون ڀريون کڻي انجام تي پُڄي ٿي ته هڪ اڌوري انسان جي پوري ڪهاڻيءَ جو احساس ڪر موڙي جاڳي پوي ٿو. ۽ پڙهندڙ ڪهاڻيڪار جي هُنر کي ساراهڻ کان سواءِ نه ٿو رهي سگھي. “ڏُکي ڏونگر پاڻ ۾” هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. جنهن جو مرڪزي خيال اُوندھ سان خود ڪلامي ڪندڙ هڪ ڪردارجو آهي. هِن ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي، سڄي ڪهاڻيءَ جي مفهوم کي چِٽو ڪري ڇڏي ٿي جيڪا خوبي ڪهاڻيڪارجي آرٽسٽڪ ائپروچ کي واضع ڪري ٿي. ڪهاڻي “موالي”هڪ روايتي قسم جي عام ڪهاڻي آهي جيڪا حالتن کا فراريت چاهيندڙ هڪ نوجوان جي زندگيءَ تي آڌاريل ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جو ڪردارخودڪشي ڪري به بچي وڃڻ کان پوءِ معذوريءَ جي سزاڀوڳيندو رهجي وڃي ٿو. ڪهاڻيءَ، ڪهاڻيڪار جي روح ۾ لهڻ کان اڳ ئي تحرير ٿيل لڳي ٿي. جنهن ڪري ڪهاڻيءَ جو ڀرپور تاثر ڪونه ٿو جُڙي . “توڻا ترسُ نه سِکيا”هڪ ڀرپور ڪهاڻي آهي جنهن جي حسين سٽاءُ سان ڪهاڻي پنهنجي انجام تي پُهچي هڪ سُٺو تاثر ڇڏي وڃي ٿي. ايئن“هينئون هِت نه وندري” به هڪ سادي سودي ڪهاڻي آهي جنهن جي پُڄاڻيءَ جي اَڻپورائي شدت سان پڙهندڙ جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي. “اکڙيون ڏيل ڏيئا”سنڌي سماج ۾ ڪارو ڪاريءَ جي ڪُڌي رسم تي لکيل ڪهاڻي آهي پر ڪهاڻيڪار اهڙي سماجي سرشتي ۾ هڪڙي غير متوقع ، ۽ مُتضاد ڳالهه ڪري ڪهاڻيءَ کي پُڄاڻيءَ تي پهچائي ٿو جيڪا حقيقت ۾ اَڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. ڪاري ڪري مارجندڙ عورت پنهنجي مُڙس جي بي مُڙسيءَ جو سبب ڏئي ڪيئن ٿي بچي سگھي. ۽ وري اُهو ڀاءُ جيڪو ڪُجهه وقت اڳ غيرت ۾ اکيون ڳاڙهيون ڪيو ڀيڻ کي مارڻ لاءِ انڌو لڳو پيو آهي اُهو ڀِيڻ جي سچ ٻڌڻ تي ، کيس ٻانهن کان وٺي چُپ چاپ گھر مان نڪري وڃي ٿو. هي ڪهاڻيءَ عجيب مُبالغي جي ور چڙهي وڃي ٿي. جنهن ڪري ڪهاڻي ڪو اهڙو خاص جٽاءُ ڪونه ٿي ڪري. “رٽائرمينٽ”هڪ اهڙي پرنسيپل جي ڪهاڻي آهي جيڪا هڪ وڏي عُهدي جي وَبا واري سائيڪي کي ظاهر ڪري ٿي. پرنسيپل جي ڪُرسيءَ تان رٽائر ٿيندڙ ماڻهو ڪيڏو نه غير فطري روش جو عادي بڻجي خود کي بيڪار محسوس ڪري ٿو. ممتاز هِن ڪهاڻيءَ ۾ موضوع جي اعتبار کان ته مُنفرد چونڊ ڪئي آهي پر ڪهاڻي اُن فِلو ۾ ڪونه اچي سگھي آهي جنهن سطع جو موضوع آهي. مان سمجھان ٿو ته ممتاز کي هن ڪهاڻيءَ ۾ تڪڙ هرگز نه ڪرڻ گھُربي هئي جنهن جي ڪري هن ڪهاڻيءَ جو اَنت اَڻ ٺهڪندڙ بڻجي پيو آهي. “خالي بينچ جو وارث”ڏاڍي شاندار ڪهاڻي آهي ڇاته اُن جو نرالو موضوع آهي ۽ ڇا ته اُن جي خوبصورت اُڻت. ڪهاڻي وڏي فني انداز سان شروع ٿي پُڄاڻيءَ تي پُهچي ٿي ته دل مان بي ساخته واھ واھ نڪري وڃي ٿي. “گُرو” ڪهاڻي ٽين جنس/ کدڙن جي پس منظر ۾ لکي وئي آهي. جنهن جو مين ڪردار گُرو اصل ۾ ته عام شادي شده انسان آهي پر هڪ ٽين جنس جي حسين ڇوڪري جي هٿان دل هاري، پنهنجو ڀَريو گھر ڇڏي اُن جي دنيا کي وڃي آباد ڪري ٿو. ۽ گُرو جي حيثيت سان پڇاڙيءَ ۾ اسپتال ڀيڙو وڃي ٿئي ٿو. ۽سڄي ڪهاڻي اسپتال ۾ ئي شروع ٿي ختم ٿئي ٿي. ڪهاڻيڪار ٽين جنس يا اهڙي ماحول ۾ ايندڙن جي پڇاڙڪين گھڙين وارين حالتن ۽ ڪيفيتن کي اُجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪئي آهي پر ليکڪ اُن ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو آهي. ڇو ته ليکڪ رُڳوپري کان ئي اُنهن جي زندگي کي ڏٺو ته آهي پر ٽين جنس/کدڙن جي حقيقي زندگيءَ جو ڏيک سندس روح ۾ اڃا لهي نه سگھيو آهي، جنهن ڪري ٻن ڪردارن جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه سندن زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي نه ڪري سگھي آهي. ۽ پوءِ خود ڪهاڻيءَ جو وجود ئي اَڻپورو رهجي وڃي ٿو. “زهر جو ڍُڪ”جنگ ۾ معذور بڻجي ويل سپاهيءَ جي ڪهاڻي آهي. جيڪو باقي بچيل زندگيءَ جا ڏينهن ويل چيئر جي سهاري گُذاري ٿو. اهڙي حالت ۾ سندس گھرواري کانوئس نفرت ڪندي الڳ زندگي گُذارڻ چاهي ٿي ۽ هي معذور بڻيل مجبور کيس عليده ٿيڻ کان روڪيندي کيس هر ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار آهي. هي ڪهاڻي هڪ بي وس انسان جي بي وسيءَ جي انتها تي لکيل سُٺي ڪهاڻي آهي. هِن ڪهاڻيءَ جي موضوع جي انفراديت سنڌي ڪهاڻي ۾ هڪ سُٺو واڌارو آهي. “مُرجھايل گُل تي ماڪ ڦُڙا”پڻ هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ شادي شُده ڇوڪريءَ جي شاديءَ کان اڳ ڪنهن سان ڪيل سنگم جي ڪري ازدواجي زندگي سواليه نيشان بڻيل آهي. جيڪا ڳالهه بظاهر ننڍڙي پر اندروني طور تي اسان واري سماجي سرشتي ۾ تمام وڏي آهي ۽ جيڪا اجايو غيرت جو سبب بڻجي ٿي. اهڙي اُلجھيل مسئلي کي ڊاڪٽرسُهڻي نموني سان سُلجھائي ڇڏي ٿو. هِن ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي زبردست انداز سان ٿئي ٿي. هي ڪهاڻي به موضوع جي اعتبار کان نڪورآهي. “اَڻپوراوجود” ڪهاڻيءَجو ٿيم هندو، مُسلم رومانس تي ٻَڌل آهي. جنهن ۾ يونيورسٽيءَ جي اُستاد ۽ شاگردياڻيءَ جي چاهنا، چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ جيان عروج تي پُهچي مذهبي مَت ڀيد جي ڪري اوڻٽيهينءَ جي اُونداهيءَ ۾ غرق ٿي وڃي ٿي . هي ڪهاڻي به پنهنجي اَنت ۾ ڪُجھه سَرس محسوس ٿئي ٿي. ڪهاڻيءَ جي اُڻت به ڀلوڙ ٿيل آهي. مان هِن ڪهاڻيءَ جي هڪ ٽُڪري سان پنهنجي هِن لکڻيءَ جي پُچاڻي پڻ چاهيندس ته، “دائودي صاحب کي ڪير نه سُڃاڻي!”ڪلپنا جي هِن ڳالهه اَڌ ۾ ڪٽي ورتي هُئي. “دائودي صاحب!توهان جو ڪتاب پڙهيو اٿم، سُٺو ٿا لکو، پر ڪلائيميڪس ۾ توهان مار کائي ٿا وڃو، ڪردارن سان انصاف نٿا ڪريو، ڊائلاگ سڀ ٺيڪ آهن ۽ تشبيهون به اثرائتيون آهن، پر سدائين اَنت وڇوڙو!بي وفائي ۽ موت!اِها توهان جي يڪسانيت پڙهندڙن کي مايوسيءَ ڏانهن وٺي نه ويندي.”؟؟؟؟؟؟؟؟

16/12/2013

سنڌ جي شَعُور جي مَشعل جو رَکوالو

جامي چانڊيو اسان جي دور جو اُهو باشعور، اديب، دانشور، نقاد آهي جنهن جي لکڻين اڄوڪي مُنتشر سنڌ کي ذميوارنه اعليٰ تنقيدي توڙي تعميري شعور جي آڌار تي پرکڻ جي جيڪا ڪسوٽي ڏني آهي اها تمام گهٽ اديبن وٽ ملي ٿي۔
جامي چانڊيو سنڌي سماج، ادب، سياست، فلسفي، تنقيد ۽ تاريخ جهڙن سنجيده شعبن ۾ جيڪا مَھارت ۽ دسترس رکي ٿو اُها خُوبي اڄ جي سنڌ لاءِ وڏي وِٿ واري ڳالهه آهي۔هُن جون لکڻيون وقت ۽ حالتن جو اِنتهائي گهرائيءَ سان تنقيدي ڇيد ڪندڙ، مُناسب ۽ آسان حل پڻ پيش ڪندڙ آهن۔ڇو ته سماج ڏانهن ڪميٽيڊ شخص پنهنجن ذميوارين کان بخوبي واقف هوندو آهي ۽ اُن ڏانهن سندس رَويو انتهائي سنجيدہ هوندو آهي.
جامي چانڊيي جو فڪري، فني، ادبي، سياسي، تاريخي توڙي سماجي شعور انتهائي پَڪو پُختو ٿي رچيل آهي۔هُن جا مضمون هُجن، ڪالم هُجن، اڀياس هجُن يا ليڪچر، هُو اُنهن سڀنيءَ ۾ انتهائي سُجاڳ، اپڊيٽ رهندڙ ۽ عالمي تناظر ۾ گهرائيءَ سان تَڪي توري، ذميواريءَ سان پرک ڪندڙ اديب هوندو آهي۔مون سدائين کيس پڙهي توڙي ٻُڌي يا ساڻس ملي خوشي ۽ اُتساھ پاتو آهي۔۽ پنهنجي ذهن ۾ مُثبت اثر مُرتب ٿيندي محسوس ڪيا آهن۔
جامي چانڊيي جا مُختلف وقتن تي ڇپجي آيل ڪتاب سنڌ جي نئين نسل توڙي پراڻي لکندڙ ۽ پڙهندڙ کي نئين نئين سَمتن ۾ نَوَن نَوَن زاوَين سان مُتعارف ڪرائيندا رهندا آهن۔سندس ڇپيل هن اهم ادبي ڪتاب ”ادبي تنقيد جا مُحرڪ ۽ سماجي ڪارج“ اهڙو ته شاندار ڪتاب آهي جنهن ۾ ادب جي اهم پهلوئن تي همه گير انداز ۾ منطقي نموني، باريڪ بينيءَ سان صاف، سولي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي۔
جامي چانڊيي جي هِن ڪتاب جي مهاڳ (وَهي منجهين وَڳَ، کٿُوري ڏار چَري)نامياري ليکڪه ڊاڪٽر فهميده ميمڻ لکيو آهي۔جنهن ۾ هُوءَ لکي ته ”جامي چانڊيي جو هيءُ ڪتاب گهڻي ڀاڱي ته علمي ۽ فڪري (Academic) تنقيد جو ڪتاب آهي پر آخر ۾ ڪجهه مضمون علمي (Practical) تنقيد جا به آهن. هن ڪتاب ۾ ادبي تنقيد جي وصفن، اُنهن جي لاءِ ضروري عنصرن ۽ مُحرڪن وغيره بابت لکڻ کان پوءِ ادب توڙي تنقيد جا فڪري مُحرڪ، سماجي مُحرڪ، سماجي ڪارج، ڪميٽمينٽ جو سوال، تخليقي ۽ تنقيدي شعور جي اهميت، تصورن، خيالن، نظرين توڙي فڪر ۽ فن (آرٽ)جي اهميت، ٻولي ۽ ڊڪشن جي خُوبي وغيره بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. “هي مهاڳ ڏاڍو فهميدو، شائستو، گهڻ رُخو ۽ اعليٰ تنقيدي شعور سان سَرشار آهي۔جنهن ۾ جامي چانڊيي جي هِن ڪتاب جي لکڻين تي هڪ ڀرپور خيال آرائي ڪئي وئي آهي. هِن ئي ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ بهترين ليکڪ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو”ٻه اکر“ جي عنوان سان لکيل ليک پڻ ڏاڍو گهرو ۽ ڪتاب جي لکڻين جو ڀرپور ڇيد ڪندڙ آهي. هُو لکي ٿو ته ”جامي چانڊيي جو هيءُ سڄو ڪتاب اُنهيءَ بنياد تي لکيل آهي ته ادب ۽ تنقيد جو فڪري پاسو ڪيترو اَهم آهي ۽ اُن کي ڪيئن جانچڻ گُهرجي؟علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو هيءُ جُملو معنيٰ خيز آهي ته”علم ۽ ادب جو مَدار´فڪر`تي آهي“ ڇو ته فڪر ئي هر مضمون ۽ بَيان جو سَرچشمو آهي. “غفور ميمڻ جي گهري ۽ مُفصل تحرير کان پوءِ ڪتاب جي ليکڪ جامي چانڊيي جو´پنهنجي طرفان`ليک پڻ جامع ۽ اهم آهي. جنهن ۾ جامي چانڊيو لکي ٿو ته”تنقيد، تنقيدي شعور مان اُڀرندي آهي، تنقيدي شعور وري علم، عقل ۽ اِدراڪ مان جُڙندو آهي. تقليد نه رڳو تخليق جي نَفي آهي پر اُها تنقيدي شعور جي پڻ نَفي آهي. جڏهن ته تخليقي ۽ تنقيدي عمل مختلف هوندي به هڪٻئي سان جُڙيل ۽ ڪِن حالتن ۾ بِنھ مَشروط پڻ آهي. ننڍي کنڊ جي وڏي ادبي نَقاد ڊاڪٽر اَحسن فاروقيءَ تنقيد کي تخليقي عمل ڪوٺي اُن جي اِمتزاج کي´تخليقي تنقيد` سڏيو هو. تنقيدي شعور سماج جو جوهر آهي ۽ اُن جو ادب، سياست، فن ۽ زندگيءَ جي هر شعبي سان بنيادي ۽ تمام ڳُوڙهو ۽ ڳُتيل لاڳاپو آهي. “ اهڙيءَ طرح اهڙين پُرمغز تحريرن کان پوءِ مطالعي جو حسين ۽ دلچسپ سلسلو شروع ٿئي ٿو. جنهن جو آغاز ”ادبي تنقيد جا مُحرڪ ۽ سماجي ڪارج“جهڙي اَهم، گهري، مُدلل ۽ مُفصل ليڪچر/مضمون جي صورت ۾ ٿئي ٿو۔جنهن ۾ جامي چانڊيي پنهنجي ادبي شعور توڙي اِدارڪ جي روشنيءَ ۾ ادبي تنقيد، تخليقي ادب، حقيقت نگاري، تنقيدي شعور، ادب جي فڪري تنقيد جا بنيادي عنصر، ادب ۽ فن ۾ قدرن جي اهميت ۽ پرک، ادب ۽ فن جي مُحرڪن جي اهميت ۽ پرک، ادب ۾ تصور ۽ خيال جي اهميت، ادبي تنقيد ۾ نظرين جي اهميت، ادب ۽ فن ۾ طبقاتي شعور، ادبي تنقيد جا قسم، ادب جي سماجياتي تنقيد، ادب جي اخلاقياتي تنقيد، ادب جي نفسياتي تنقيد، ادب جي ثقافتي تنقيد، ادب جي جمالياتي تنقيد، ادب جي تاريخي تنقيد ۽ ادب جي فني تنقيد تي گهڻ پاسائين خيال آرائي ڪري هر هڪ رُخ ۾ سادي انداز، ۽سهڻي سٽاءُ سان ترتيب وار سَوِلي نموني دل آويز ڪري پيش ڪيو آهي۔جو اُن طويل پر اهم ۽ جامع مضمون جي ادبي اهميت اُجاڳر ٿي پوي ٿي ۽ پڙهندڙ بنا ڪنهن مونجهاري ۽ ذهني ٿڪاوٽ جي اُن سلسلي کي پنهنجي هانوَ سان هنڍائي ڇڏي ٿو۔اهڙي نموني هِن ڪتاب جو ٻيو ليڪچر نُما مضمون ”ادب ۽ فن بابت غلط تصور ۽ مَفروضا“ جي عنوان سان پنهنجي موضوعاتي انفراديت سان سوچن کي سيراب ڪري ڇڏي ٿو۔۽ ادب ۽ فن ڇا کي چئجي ٿو؟ادب ۽ فن بابت خالص هُئڻ، ادب ۽ فن جا ڪي به سماجي ۽ فڪري مُحرڪ نه هُجڻ، ادب ۽ فن ۾ آفاقيت، ادب ۽ فن ۾ جديديت ۽ ڪلاسيڪيت، ادب ۽ فن بابت ترقي پسندي، ادب ۽ فن ۾ رومانويت، ادب ۽ فن ۾ افسانويت، ادب ۽ فن ۾ جماليات، ادب ۽ فن ۾ لافانيت هُجڻ، وارن تصورن ۽ مَفروضن تي تفصيلي، تنقيدي ۽ فڪري انداز ۾ ڏاڍو زبردست لکيو آهي۔جنهن ۾ ادب جي مِڙني پاسن جا جَهروڪا کُلندي شعور ۽ اِدراڪ جي روشني روح توڙي دل ۽ دماغ کي مُعطر ڪري ڇڏي ٿي۔”ڇا سنڌ جي مزاحمتي ادب جي ڌارَ مُڏي ٿي چُڪي آهي؟“۾ جامي چانڊيو لکي ٿو ته”مان سمجهان ٿو ته مزاحمتي ادب کي روايتي ۽ محدود اصطلاحي معنيٰ ۾ وٺڻ نه گُهرجي. دنيا جو هر اُهو ادب جيڪو وڏن تصورن، قدرن، ۽ روين جو ترجمان هُجي ٿو اُهو دراصل مزاحمتي ادب ئي هوندو آهي. رڳو ظلم خلاف سِڌو لِکڻ مَزاحمت نه آهي. حُسن جي ڳالهه ڪرڻ به ڪوجهائپ جي مزاحمت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟“قومن جون پهريون جنگيون سندن ادب ۽ فن وڙهندو آهي. “اھڙيءَ ريت جامي چانڊيو اُن تناظر ۾ ادبي زاوين تحت اهم ۽ ڌيان طلب علمي، ادبي ۽ تنقيدي نقطه نظر پيش ڪري ٿو۔ان ئي مضمون کي ساراهيندي سنڌ جي وڏي ادبي نقاد محترم رسول بخش پليجي، ”خيال، تصور، نظريو۽ عمل هڪٻئي جي پيداوار آهن!“، ”هڪ لحاظ کان جامي چانڊيي جي مَٿين مضمون ۾ مَنطقي چُڪ کي درست ڪندي جيڪو جوابي ڪالم لکيو آهي“اُهو پڻ پنهنجي تنقيدي شعور ۽ اِدراڪ سان مالا مال آهي۔جنهن ۾ پڻ پڙهندڙ تنقيد جي نوَن رستن تي سوچ جو سفر ڪري ٿو۔جڏهن ته شيخ اياز جي فڪري مُونجهارن جي پس منظر ۾ لکيل مضمون”فطرت، فلسفو، زندگي ۽ اياز جا فڪري مُونجهارا“۾ جامي چانڊيي اياز جي شاعراڻي اهميت ۽ افاديت کي ساراهيندي هُن تي جيڪا تنقيد ڪئي آهي اُها هڪ ڪميٽيڊ اديب جي ذميواريءَ کي واضع ڪري ٿي۔اياز جي شاعريءَ سان بيحد محبت هوندي به جامي روايتي ادبي عقيدي پرستي کي ٺُڪرائيندي هڪ غير جانبدارانه ادبي رويي تحت ڏاڍي مُفصل انداز ۾ تنقيد ڪندي اصل تنقيد جي روح جي پاسداري ڪئي آهي۔جنهن ۾ عالمي ادب توڙي فلسفي جي تُز حوالن سان اِهو واضع ڪيو آهي ته سندس اياز سان اصولي ۽ ادبي اختلاف ڪيڏو نه مهذب، غير رواجي ۽ اياز سان بي حد محبت جو ثبوت آهي۔ان کان پوءِ مَٿين اياز متعلق مضمون جي تسلسل ۾ هڪ ٻيو ڪالم”نصير!مان توسان سَهمت آهيان!“نصير مرزا جي خط جي حوالي سان ڪيو آهي۔جنهن خط ۾ نصير مرزا جامي جي اڳئين لکيل ڪالم ۾ اياز جي فڪري مُونجهارن يا ڪجهه ٻين ڳالهين سان سهمت ٿيندي اُنهن ادبي مامرن تي اياز سان ڪيل ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪيو آهي۔جيڪو ڪالم پڻ جامي جي فڪر ۽ فهم جو عڪاس آهي۔جامي چانڊيي جو اياز جي وڇوڙي کان پوءِ لکيل هڪ ٻيو مضمون”هڪ اياز جيڪو فاني هو ۽ ٻيو اياز جيڪو دائم رهندو!“ ۾ جامي اياز کان پوءِ ٿيندڙ ڪجهه ڳالهين تي پنهنجي مُدلل انداز ۾ ڏاڍو سٰٺي نموني، گهرائي ۽ ذميواريءَ سان لکي گهڻن پيدا ڪيل مُونجهارن کي حل ڪري واضع ڪري ٿو۔جيڪا سندس علم، ادب، فڪر توڙي فهم سان سچي لگن جي نيشاني آهي۔موضوع جي اُن ساڳي تسلسل ۾”اياز سان محبت، اياز شناسيءَ جي تقاضا ڪري ٿي!“۾ پڻ جامي وڏي غور ۽ فڪر سان سلهاڙيل خيالن ۽ سوچن کي تمام سيبتي نموني پيش ڪري سنڌي ادب ۾ روايتي ۽ سطعي راءِ يا غير منطقي بحث مباحثن جي بجاءِ اياز شناسيءَ جي تنقيدي بنيادن تي پَرک ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو۔ايئن”سماج ۾ اديب جو ڪم ۽ ذميواريون“جي موضوع تي جامي جو هي ليڪچر پڻ ڏاڍو اهم آهي۔جنهن ۾ ”ادب ڇا آهي؟“سَوَلي ۽ دليلن سان سمجهاڻيءَ سميت خيال، احساس، تخيل، ڪردار، سماج، فرد جي ذميواري، رول ماڊل، اتساھ، ويساھ يا”اديب جو سماجي ويڄ هجڻ“واري پس منظر ۾ ڏاڍي دلچسپ ۽ آسان طريقي سان نئين سوچ ۽ ذهنن جي اوسر ۾ هڪ اديب جي ذميواريءَ وارو فرض خوب نڀائيندي نظر اچي ٿو۔”ڇا سنڌي ادب جو سماجي ڪارج نه رهيو آهي“جهڙي ڏاڍي اهم ۽ حساس مسئلي تي جامي هڪ باشعور ۽ مُتحرڪ، سماج جي سڀني رُخن تي گهري نگاھ رکندڙ اديب جيان، اعجاز منگيءَ جي هڪ مُتضاد ڪالم جي حوالي سان لکيو آهي۔جنهن ۾ اعجاز منگيءَ جي چوڻ موجب ته ”سنڌي ادب جو ڪارج وڃائجي چُڪو آهي ڇو ته اڄ ڪلهه هر ڳالهه کُلي عام چئي ۽ لکي سگهجي ٿي۔جيڪا ادب ۾ علامتي يا تمثيلي طور ڪنهن به ادبي صنف ۾ چوڻ بيڪار ٿي پئي آهي۔۽ اهو سمورو ادب جو پاسو صحافت ڀرپور نموني پورو ڪري رهي آهي. “اعجاز منگيءَ جي اهڙن خيالن جي موٽ ۾ جامي ادب، آرٽ، فڪر، فهم توڙي شعور وند سنجيده ۽ گهري سوچ سان ادب جي سماجي ڪارج جي هُجڻ واري رُخ ۾ لکي ٿو ته ”صحافت جو بُنيادي ڪارج سماج جي هر گهڙي تبديل ٿيندڙ معروضي حالتن ۽ وقوع پذير ٿيندڙ واقعن/حادثن/لقائن جي ٺوس ۽ پَڪي پُختي معلومات پُهچائڻ ۽ اُنهن جي خيالي بُنيادن تي نه پر حقيقي بُنيادن تي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ آهي. جڏهن ته ادب آهي ئي خارجيت، داخليت، خيالن، تصورن، خوابن، خواهشن، پُورن، دردن، خوشين، تخيل، فني ۽ جمالياتي اظهار. “ اهڙي طرح هي مضمون سنڌي ادب جي سنڌي سماج ۾ اهم ضرورت ۽ اُن جي ڪارڪردگي ۽ اَٽوٽ تعلق توڙي اُن جي تخليقي سگهه جي اهميت کي ڀرپور نموني منطقي انداز سان هڪ شاندار تنقيدي لکڻيءَ طور پنهنجي حيثيت مڃائي ٿو۔جامي چانڊيي جي هِن سنڌي ادب جي اهم ۽ پُروقار ڪتاب”ادبي تنقيد جا مُحرڪ ۽ سماجي ڪارج“۾ ٻيا به اهم مضمون آهن. جن ۾ ”ڇا سنڌي اديب پنهنجي ڪردار تان هٿ کڻي چُڪو آهي؟“، ۾ جامي چانڊيي اديب جي ڪردار ۽ سندس بي راھ روي جي پس منظر ۾ انتهائي تاريخي، سماجي توڙي ادبي تناظر ۾ ڀرپور دليلن سان انهي صورتحال جو جائزو پيش ڪيو آهي۔دراصل هي مضمون عبدالقادر جوڻيجي جي هڪ ڪالم”ڇا لکان؟“جي جواب ۾ لکيل آهي۔”جنهن جو مجموعي تاثر هيءُ ٿو بيهي ته سندس نظر ۾ هاڻي سنڌي سماج ۾ قلم جو ڪو ڪارج نه رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هُن پنهنجي ڪالم ۾ هر طرح سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته آخر هُن کي ڇو ۽ ڇا لاءِ لکڻ گهرجي؟“، ”سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جو مَزاحمتي ڪردار ڇو نٿو جُڙي؟“۾ جامي گهڻ رخي گهري نظر رکندي هڪ هنڌ لکي ٿو ته”اُن ڪري جو لفظ بي روح ٿي ويا آهن ۽ اسان جي اديبن ۽ دانشورن جي گهڻائي زندگيءَ ۽ تفڪر کان ڪَٽيل آهي. خيال، احساس ۽ ماڻهو ادب ۽ فن جو روح هوندا آهن. اديب ۽ دانشور اُنهن ٽنهي شين کان پاسيرو ٿي وڃي ته پوءِ اُهو ئي ٿيندو آهي، جيڪو اسان وٽ ٿئي ٿو. “، ”نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون“(هڪ اڀياس)، پڻ هڪ بهترين مضمون آهي. جنهن ۾ جامي، نادر بيگ جي ڪهاڻين جي حوالي سان پنهنجي ادبي شعور جي اعليٰ سطع کي برقرار رکندي اُن مُتعلق ڀرپور راءِ پيش ڪئي آهي. ۽ ليکڪ جي ڪهاڻيءَ جي خوبصورت ٻوليءَ جي مزاج ۽ ڪهاڻي جي فارميٽ، ڪهاڻين جا موضوع، عورت جي اهميت ۽ سونهن، احساساتي رومانويت وغيره کي ساراهي ٿو. ”شاعري ديواني جو خواب آهي!“، دراصل لاڙڪاڻي جي چوڏهن شاعرن جي شاعريءَ جي ڪتاب”ڏات ڏيئا ٻاريا“جو مهاڳ آهي۔جنهن ۾ جامي سڀني شاعرن جي شاعري تي وڏي گهرائي ۽ ذميواريءَ سان مختلف رُخن ۾ هڪ سٺو تنقيدي اڀياس ڪيو آهي. ”اوڙاھ(غلام نبي مغل جي ناول تي تنقيدي تبصرو)“۾ جامي ناول جي لاءِ لکي ٿو ته”هي هڪ تاريخي ناول آهي. “، ”ٻين لفظن ۾ هيءُ ناول ارغونن کان وٺي موجوده وقت تائين جي سياسي- سماجي(Socio-political)تاريخ آهي، جنهن کي هن ڪاميابيءَ سان ۽ اثرائتي نموني نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. “، ”وري اُوندھ روشنيءَ سان اُلجهي پئي آ!“، “اصل ۾ هي مضمون سائين محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب”سيڪيولر ازم ۽ عقليت پسندي“جو مهاڳ آهي. جنهن ۾ انساني اعليٰ شعور جي ارتقا جي عالمي توڙي مقامي تناظر ۾ وڏي وسيع ۽ سائنسي انداز سان پروڙ جو خاڪو جوڙيو ويو آهي. ، ”سنڌي ادب ۾ عقيده پرستيءَ جو سوال“، وارو ليک شيخ اياز ڪانفرنس سکر ۾ ڪيل هڪ تقرير آهي جنهن کي اخبارن غلط رپورٽ ڪري ليکڪ جي اصل مقصد ۽ مفهوم کي بگاڙي پيش ڪيو هو. جنهن ڪارڻ ادبي حلقن ۾ غلط بحث ٿيڻ لڳا. جنهن لاءِ پنهنجي اصل موقف کي هن مضمون ۾ جامي واضع طور تي مدلل انداز ۾ ڏاڍي بهترين نموني پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو ته”علم ادب ۽ فن ۾ عقيدي لاءِ ڪابه گُنجائش نه هُئڻ گُهرجي، ڇاڪاڻ ته تخليقي عمل، تفڪر، ۽ فن زنده ۽ مُتحرڪ هوندا آهن ۽ عقيدا جمود جي علامت آهن. اِهو مُمڪن آهي ته ڪو شاعر يا تخليقڪار پنهنجي مجموعي جوهر ۾ سڀني کان مٿاهون ۽ عظيم هُجي؟“، يا”هر شيءِ کي ڪُليت ۾ ڏسڻ يا هر معاملي کي قطعي طور جُزويات ۾ ڏسڻ هڪ مَنطقي چُڪ آهي. “، ”سراج:ٻوليءَ، ادب ۽ تاريخ جو پارکو“، جيڪو سراج جي مخلتف فڪري پاسن جي پس منظر ۾ سندس هڪ ڪتاب ”مون جا سِرجي سِٽ“جو مهاڳ آهي۔جنهن ۾ جامي وڏي مُفصل انداز ۾ باريڪ بينيءَ سان سراج صاحب جي قلمي پورهيي جي پرک ڪئي آهي۔جنهن ۾ سراج صاحب جي ادبي ڪمن توڙي سندس افسانه نگاري، مُترجم، شاعر ۽ ناول نگار جي حيثيت تي لکندي سندس ٻين اهم شعبن تحقيق ۽ تنقيد توڙي سندس صحافتي ڪارڪردگيءَ تي پڻ لکيو آهي. ان ئي تحرير کي وڌيڪ جامع ۽ گهڻ رُخو بنائڻ لاءِ سراج صاحب جا مُختلف وقتن تي جيڪي اهم خط حوالي طور ڏنا آهن۔اهي به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جن ۾ قاضي قاذن جي وڌيڪ مليل شاعري، جيڪا هيري ٺڪر هٿ ڪري متعارف ڪرائي. ان تي اهو خط تحقيقي، تنقيدي ۽ تاريخي اعتبار کان زبردست لکيل آهي۔جنهن ۾ اها شاعري پندرهين صديءَ جي قاضي قادن جي نه هجڻ ۽ اها ڪنهن بعد ۾ آيل قاضي قادن يا غلطيءَ وچان اها شاعري ان نالي سان منسوب ٿي وڃڻ واري معاملي کي ڀرپور دليلن جي بنياد تي واضع ۽ چِٽو ڪيو آهي۔يا هڪ ٻئي اهم مضمون ۾ سراج”چرچي ۽ ڀوڳ“ جي تاريخي توڙي فڪري حوالي سان جيڪا تفصيلي وضاحت ڪئي آهي اها پڻ سراج صاحب جهڙي گهڻ پاسائين ليکڪ جي عظمت کي اُجاڳر ڪري ٿي. ”هڪ ڪامياب اُستاد ۽ ڪميٽيڊ ليکڪا“، دراصل تهمينه مفتيءَ جي شخصيت ۽ سندس ڪهاڻين تي لکيل مهاڳ آهي۔جنهن ۾ ليکڪا جي ڪهاڻين جي پس منظر ۾ جامي ڪتاب جي اڳين مضمونن جي گهرائي جيان مٿاهين سطع تي پهچي نه لکي سگهيو آهي۔ٿي سگهي ٿو اها ڪوتاهي منهنجي مطالعي جي ڪنهن کوٽ سبب پيدا ٿي هجي. ”ھڪ شاعر جي دريافت“، مولا بخش چانڊيي جي هائيڪن جي ڪتاب”ڀِٽُن پھريا ويسَ“ جو مهاڳ آهي۔جيڪو پڻ مون کي جامي جي اڳين مضمونن جي ائپروچ کان گهٽ لڳي ٿو۔ان کان اعلاوه ”لفظن جو ماتم ۽ شاعر جي دل!!“، تاج بلوچ جي ڪتاب”لفظن جو ماتم“ پڻ هڪ سادو مضمون لڳي ٿو. جنهن ۾ جامي لکي ٿو ته”مون سندس اڳوڻا ٻه ڪتاب”درد جو صحرا“۽”خوشبوءِ جو زهر“ به پڙهيا هئا ۽ تاج جيان ڪنهن به مصحلت کان پاسو ڪندي مان پنهنجي اها راءِ ضرور ريڪارڊ تي آڻڻ چاهيندس ته سندس تازو ڪتاب”لفظن جو ماتم“ فني لحاظ کان”درد جو صحرا“ ۽ ”خوشبوءِ جو زهر“جي معيار جو ناهي. “، اڳتي جامي لکي ٿو ته”هيءُڪو سندس ڪتاب تي تنقيدي ليک ناهي جنهن ۾ مون هُن جي شاعريءَ جو ڪو اڀياس ڪيو هجي. ڪڏهن اهو به ضرور ڪندس، پر هيءَ دل جي ڳالهين تي دل جي اکين جي هڪ نظر آهي. “ ”ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري“، ھڪ سٺو ليک آهي جيڪو دراصل عبدالوحيد جتوئيءَ جي ڪتاب ”سنڌي ادب، فن کان فڪر تائين“جو مهاڳ آهي۔جنهن ۾ جامي لکي ٿو ته”هيءُ مقالو جيڪو پنهنجي عنوان مان ئي ظاهر آهي ته اهو سنڌي ٻوليءَ جي قديم توڙي ڪلاسيڪل ۽ ويندي جديد سنڌي شاعريءَ جي مُختلف حوالن سان ڪيل اڀياس تي مُبني آهي. “، اُن کان پوءِ ”مايوسيءَ سان مزاحمت ڪندڙ گهڙيون!“، ”نامياري اديب محترم رسول بخش پليجي جي جيل ڊائري”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ تي لکيل مضمون آهي۔جنهن ۾ جامي چانڊيو سندس ڊائريءَ متعلق لکي ٿو ته، ”ڪوٽ لکپت جي ڪال ڪوٺڙين ۾ وطن کان پري بيماريون، تنهايون، ۽ قيد جون سختيون سهندڙ رسول بخش پليجو هن ڊائريءَ ۾ هڪڙي به لمحي مايوس، خوش فهم، فراريت جو شڪار، بيزار، ۽ ذهني طرح ٿَڪل ۽ ٽُٽل نه ٿو لڳي، پر هُو اُن جي اُبتڙ هر وقت نيون سوچون، خيال، ۽ آدرش تخليق ڪندڙ، زندگيءَ جي سمورن پاسن جو مُطالعو ڪندڙ، پنهنجي قوم، عوام ۽ ڌرتيءَ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏسندڙ ۽ اُن لاءِ عملي تدبيرون جوڙيندڙ بهادر، بردبار، اَرڏو ۽ اَڻ ورچ مُفڪر ۽ ڏاهو مسيحا ٿو لڳي. “ان ريت هن ڪتاب جو آخري مضمون سائين محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب ”ادب، ٻولي ۽ تعليم“ جو دراصل مهاڳ بعنوان ”سنڌ لاءِ خواب اُڻندڙ فڪري پورهيت“ آهي. جنهن ۾ جامي چانڊيو لکي ٿو ته”جيتوڻيڪ اڄ اُن واقعي کي اَڌ صدي گُذري چُڪي آهي ۽ اسين اُهو سڀ ڀوڳيون ويٺا، جنهن جي امڪانن کان سنڌ کي جويي صاحب خبردار ڪيو هو. اُن کان پوءِ به ويندي اڄ تائين سنڌ جي سموري تحريڪ ۾ بظاهر پس منظر ۾ هُجڻ باوجود به جويي صاحب جو اَهم ڪردار رهيو آهي. هُن ئي سنڌ ۾ وطن دوست ۽ قومي حوالي سان فرض شناس سياسي دانشمنديءَ جا ابتدائي بنياد وڌا. هُو پهريون ماڻهو هو جنهن وطن دوست دانشورن جو سياسي ڪردار مُتعين ڪيو ۽ پنهنجي عمل سان اِهو واضع ڪيو ته جيڪو سُڃاڻ ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي پنهنجيءَ قوم ۽ عوام جي ترقيءَ ۽ بقا لاءِ نٿو جاکوڙي، اُهو ڪڏهن به تاريخ ۾ پاڙون هڻي نٿو سگهي. “اهڙيءَ طرح جويي صاحب جي ڪتاب تي ايترو جامع ۽ وسيع تناظر ۾ لکيل هي مهاڳ گهڻ پاسائين معلومات فراهم ڪري ٿو.
جامي چانڊيي جي هِن شاندار ڪتاب جي پُر مغز مطالعي کان پوءِ ذهن هِن نتيجي تي پُهچي ٿو ته جامي چانڊيي پنهنجي هِن ڪتاب جي فڪري ۽ آرٽسٽڪ اُڻت وسيع ۽ گهري مطالعي، ڳوڙهي مُشاهدي، گهرائيءَ، سنجيدگيءَ، سَلاست، ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ، تُز دليلن، درياھ جهڙي رواني، ڳالهه ڪرڻ توڙي مُڪمل ڪرڻ جو هُنر، سَوَلي ۽ سِڌي ٻوليءَ ۾ پُرڪشش فني ۽ فڪري مهارت، غوناغون پُختن خيالن، عالمي توڙي ڏيهي حوالن سان ڪئي آهي.
جامي چانڊيو تاريخ جو شعور رکندڙ، علم ۽ ادب جو عاشق، سياست ۽ سماجيات، فلسفي توڙي فڪري تنقيد جو رکوالو، نئين سنڌ جي شعور کي سيراب ڪندڙ هڪ اهڙو ليکڪ آهي۔جنهن جي فڪر انگيز لکڻين ۾ توڙي سندس شائسته خيالن ۾ سنڌ جي ڀَيانڪ حالتن جي بند ڪيل گهٽيءَ جا دروازا کُلندي مِلن ٿا۔۽ سندس هر تحرير ۾ همت، حوصلي، شعور سان گڏ پُراميدي جي لاٽ روشن آهي.

10/4/20

وهي کاتي جو خالق

*لڇمڻ ڪومل جو وڇوڙو سنڌ۽ هند جي ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو حادثاتي خال آهي. هي ادب جي دنيا جو لاڏلو، گھڻ رُخو ۽ گھڻ پڙهيو مُنفرد ليکڪ هو. هِن جو نثر سنڌي نثر جو شاندار حصو آهي. هن هنڌ ۾ ورهاڱي جي ور چڙهي به پنهنجي ٻوليءَ جي رس ۽ چس کي پنهنجي روح ۾ سمائي رکيو هو. هِن جي آتم ڪٿا“وهي کاتي جا پنا”هِن لاءِ سنڌ ۾ هڪ ڀرپور سُڃاڻپ جو سبب بڻي. ۽ کيس اهڙي شاهڪار نثر جي سنڌ دل کولي آجيان ڪئي. سندس زندگيءَ جي ڀرپور تجربن، مطالعي ، مُشاهدي، حادثن خوشين توڙي ڏُکن هن جي اندر جي تخليقي صلاحيتن کي اهڙو ته اُڀاريو جو اُهي سنڌي ادب جو حسين حصو بڻجي ويون. لڇمڻ ڪومل جو وڇوڙو، مون کي الائي ته ڇو اڄ وري هڪ نئين ورهاڱي جو ورلاپ ٿو ڀاسي. پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌڪجي، دربدري جي ور چڙهي، هڪ اجنبي ديس ۾ ڪڻو ڪڻو ورهائجي، ڪيئمپن ۾قيدين واري زندگي گُذاري به پنهنجي وطن جي محبت کي پنهنجي دلين ۾ سانڍهي رکندڙ سنڌ جا اصل وارث، ورهاڱي جي پُلصراط اُڪري، هُن پار زندگيءَ جي هڪ ڀرپور جنگ ۾ سوڀارا ٿي سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، تاريخ، تهذيب جو مانُ مٿاهون پئي ڪندا رهيا آهن. لڇمڻ ڪومل به اهڙي جنگ وڙهندڙ هڪ جوڌو هو جنهن زندگيءَ کي هڪ چيلينچ طور قبول ڪري آخري گھڙيءَ تائين اٽل ارادن سان لڙندو رهيو. لڇمڻ ڪومل هڪ اهڙو ته جادوگر ليکڪ هو جو جڏهن به سندس تحرير کي پڙهڻ شروع ڪبو هو ته، اُن لکڻيءَ جي سحر ۾ گُم ٿي مُطالعي جي وسيع دنيا ۾ پهچي حيرت جي جهانن ۾ کوئجي وڃبو هو. لڇمڻ ڪومل نثر جو اُهو شهزادو هو جنهن جي خيالن جي دنيا، ڌرتيءَ مٿان ڦهليل نيري آڪاس وانگر وڏي وسعت رکندي هئي. هُو قلم جو هڪ اهڙو ته بهادر شهسوار هو جيڪوسدائين زندگيءَ جي رڻ کي جھاڳندي، ڪٿ به ٿڪجي، مايوس ٿي ڪونه ويٺو هو بلڪ هر لمحي لفظن ۽ خيالن جا انمول ماڻڪ ورهائيندڙهڪ اهڙو ته وڻجارو بڻجي پيو هو جنهن جهڙن باعمل ۽ خوددار ڪردارن لاءِ ئي اياز چيو هيو ته،
هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،
ڪُجھ ڏات ڏسو پوءِ بات ڪريو، هي شور اجايو آپيارا!
(اياز (
اهڙي وڻجاري سنڌ جي ٻهڳڻي ۽ دادلي ليکڪ لڇمڻ ڪومل جو مون پهريون انٽرويو ماهوار“پروڙ”لاڙڪاڻوڊسمبر، 1991ع ۽ جنوري، 1992ع۾ پڙهيو هو. ۽ اُها ئي منهنجي ساڻس پهرين مُلاقات هئي. ڇاڪاڻ جو منهنجي ادبي شروعات به اُنهن ڏينهن ۾ اڃان نئين هُئي. اُن کان پوءِ مُختلف وقتن تي ۽ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪڏهن ڪڏهن سندس لکڻين جو پيو مُطالعو ٿيندو هو. پر سندس ڀرپور سُڃاڻپ سندس آتم ڪٿا“وهي کاتي جا پنا”پڙهڻ کان پوءِ ئي ٿي. ۽ اُها واقفيت اهڙي پنهنجائپ ۾ بدلجي وئي جو ساڻس پرپُٺ سندس وهي کاتي جي پنن ذريعي هڪ اٽوٽ تعلق ۾ تبديل ٿي وئي ۽ جيڪا زندگيءَ جي آخري گھڙين کان وٺي اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ رهندي. لڇمڻ ڪومل سان منهنجي پهرين روبرو مُلاقات هندو جي ايم خانه ڪراچيءَ ۾21، ڊسمبر2004ع ۾ ٿي هئي. جتي هُو هنڌ مان سنڌي اديبن جي وفد سان انڊوـ پاڪ پيس فورم ۾ گڏ آيو هو. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جا نالي وارا شاعر، اديب آيل هئا. جن ۾ لڇمڻ ڪومل، هري موٽواڻي سنڌي، ڪرشن راهي، نند جويري، هيرو ٺڪر، ڄيٺو لالوالي ۽ ٻيا سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ پاران “آجياڻو ۽ امن مُشاعرو” ۾ شريڪ ٿيا هئا. جنهن ۾ مون به سندن سنڌ ۾ آجيان تي هڪ وائي،
پکي پرديسي،
آيا آهن ديس ۾.

هاءِ! ڌرتيءَ جا ڌڻي،
بڻجي پرديسي.
آيا آهن ديس ۾.
پڙهي هئي. اُن ئي پروگرام ۾ مون کين پنهنجي شاعريءَ جا مجموعا پڻ پيش ڪيا هيا. ۽ ساڻن تصويرون پڻ يادگار طور تي گڏجي ڪڍرايون هيون. اُن پروگرام ۾ ستار سُندر، زاهد راڄپر، رکيل مورائي، علي بابا، سميع بلوچ، تاج بلوچ، راڳي ذوالفقار علي، ستار ڀٽي ۽ ٻيا به کوڙ سارا اديب ۽ شاعر موجود هئا. ٻيو ڀيرو 2006ع ۾“شاھ، سچل، سامي امن ڪانفرنس”جي موقعي تي هند مان آيل سنڌي شاعرن ۽ اديبن جي وفد کي 23، ڊسمبر2006ع تي سڪرنڊ باءِ پاس تي سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ پاران آجياڻو ڏيندي لڇمڻ ڪومل سان پنهنجائپ ڀريو هڪ ٻيو به گرم ڀاڪر نصيب ٿيو هو. جنهن وفد ۾ لڇمڻ ڪومل، واسديو موهي، ڪرشن راهي، شريڪانت صدف، سُريش ڪيسواڻي، موتي پرڪاش ۽ ٻيا اديب هئا، جڏهن ته هتان سنڌ مان تاج جويو، رکيل مورائي، مير محمد پيرزادو، علي خان چانڊيو، ثناءُالله خاصخيلي، سرور ڪيريو، ساحر راهو، علي نواز ڏاهري، ستار سُندر، فيروز خاصخيلي، سائل پيرزادو ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا هئا. اُهو ڪيڏو نه حسين ماحول هو. هر طرف خوشيءَ ئي خوشي جو احساس هو. ورهاڱي جا وڇڙيل پنهنجي وطن ۾ ملي ڄڻ ته ڪو ڪڏهن وڇڙيا ئي نه هئا. ڄڻ ورهاڱو ڪو ڀيانڪ خواب هو جنهن جي ٽُٽي پوڻ تي اک کُلڻ سان پنهنجي ديس ۾ سندن نئين زندگيءَ جي شروعات ٿي هئي. سڪرنڊ باءِپاس واري مُلاقات ۾ لڇمڻ ڪومل مون کان نواب شاھ جو احوال ايئن وٺي رهيو هو ڄڻ هو ورهاڱي جي واءُ ۾ وڃائجي ويل ڪو پرديسي پکي هُجي جيڪومون کان پنهنجي محبوبا جو حال احوال وٺندو هجي. ولس اسڪول(هاڻوڪو خواجه گارّڊن ولس برانچ)موني بازار، چڪرا بازار، اسٽيشن روڊ ۽ ٻيا رستا ۽ راهون سندس دل ۽ دماغ ۾ اُن وقت جي نواب شاھ واري نقشي تحت چٽيءَ طرح ياد هئا. ڄڻ لڇمڻ ڪومل، ڪالهه ئي هتان ويو هو ۽ اڄ اُتان جو احوال پئي ورتائين. لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا 26، مارچ، 1936ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي شهرڪنڊياري(هاڻوڪي نوشهري فيروز)۾ چيلارام ڀاٽيا جي گھر ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ لڇمڻ ڪومل جو والد محترم چيالارام ڀاٽيا نواب شاھ ۾ سِٽي مئجسٽريٽ طور بدلي ٿي آيو. لڇمڻ ڪومل نون سالن جي عمر ۾ ولس اسڪول نواب شاھ ۾ پهرين درجي انگريزيءَ ۾ داخل ٿيوهو. (۽ حسين اتفاق اُهو به آهي ته مان به لڳ ڀڳ ساڳي ئي عمر ۾ اُن ساڳي ئي اڳوڻي ولس اسڪول ۽ هاڻوڪي خواجه گارڊن، ولس برانچ ۾ پهريون درجو انگريزي پڙهيو هُئس. )لڇمڻ ڪومل 13 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ کي ڇڏي هند جي اجنبي ڌرتيءَ ڏانهن پنهنجي ڪُٽنب سميت ڌڪجي ويو هو. لڇمڻ ڪومل هڪ اديب، نقاد، شاعر، مُترجم، ناٽڪ نويس، صحافي ۽ ايڊيٽر ٿي رهيو. ڀارت ۾ سڀ کان وڏي اخبار “Times of India”۾35، سال مخلتف حثيتن ۽ عهدن تي رهيو. لڇمڻ ڪومل ٽي. وي، اخبارن، ادبي رسالن ۽ مخزنن ۾ گُذريل 50 سالن کان لڳاتار لکندو رهيو. لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص“ڪومل” رکيو. سندس شاعري اردو، انگريزي ۽ روسي ٻولين ۾ ترجمو ٿي. اهوئي ڪارڻ آهي جو اڄ به سندس سوَن جي تعداد ۾ تحقيقي، تنقيدي، ادبي مقالا ۽ مضمون، ريڊيو ٽاڪ، ايڊيٽوريل، تبصرا، تجربا سنڌي ادبي دنيا ۾ وڏو مقام رکن ٿا. سنڌ ۽ هند جي اهڙي گھڻ رُخي شخصيت جو وڇوڙو هڪ دور جي پُڄاڻي جي برابر آهي. منهنجي اها خوش قسمتي هئي جو سندس وڇوڙي کان لڳ ڀڳ هفتو يا ڏھ ڏينهن اڳ مون سندس موبائل فون تي ساڻس رابطو ڪيو هو. سندس آواز ۾ ڪيڏي نه پنهنجائپ ۽ همت هئي جو هو هلڪو کلندي مون کان مُختصر طور تي سنڌ جو حال احوال، وٺندي خوش پئي لڳو. پاڻ ٻُڌايو هُيائون ته کيس هفتو کن اڳ انتهائي سنجيده حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. پر هاڻ هو طبيعت ۾ بلڪل ٺيڪ آهي ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ اسپتال مان موڪل ملڻ تي گھر هليو ويندو. مون کان اُن وقت تازو“سارنگا”۾ ڇپيل “وهي کاتي جا پنا”جي قسط متعلق پڻ پڇيائين ته اها تو کي ڪيئن لڳي. مون سندس لکڻين ۽ آتم ڪٿا جي چاهيندڙ طور ساڻس ڀرپور تعاريف ڪئي. ۽ دُعا ڪيم ته سائين!شال مالڪ سائين توهان کي وڏي ڄمار۽ صحتيابي عطا ڪري ۽ توهان پنهنجي آتم ڪٿا جا پنا هزارن قسطن ۾ لکندا رهو. مون بعد ۾ فون تي حال احوال ڪرڻ جو چئي کائون موڪلايوهو. جنهن جو اظهار مون پنهنجي دوست رکيل مورائي سان پڻ ڪيو هو. پر اها ڪنهن کي خبر هئي ته هو انتهائي نگهداشت واري وارڊ (I. C. U)دهليءَ ۾23، ڊسمبر2014ع تي وجودي طور هميشه جي لاءِ پنهنجي جيجل سنڌ کان وڇڙي ويندو. ۽ وري خاڪ جي صورت ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي مُقدس مٽي، پنهنجي سنڌوءَ سان ملي مهڪي پوندي. جيڪا ڄامشوري کان اڳتي دريا جي چمڪندڙ واريءَ جي اوسن پاسن کان سنڌو جي تري ۾ رهجي ويل پاڻيءَ جي ننڍڙن وهڪرن جي صورت ۾ مها ساگر ۾ سمائجڻ لاءِ وڃي پُهتي هوندي، جنهن جي آجيان لاءِ سنڌو ساگر پنهنجون وشال ٻانهون ڦهلائي کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ڀليڪار ڪيو هوندو ۽ لڇمڻ ڪومل جي خاڪ سمنڊ جي لهرن ۾ ملي آنند ماڻيو هوندو. لڇمڻ ڪومل جي “وهي کاتي جا پنا”سندس زندگيءَ جو هڪ اهڙو ته ناياب ۽ مُنفرد دستاويز آهن جن جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت ڪڏهن به ڪانه گھٽبي. بلڪ سنڌي ادب جي دنيا توڙي عالمي ادب جي حوالي سان پڻ هڪ اهم جاءِ ولاري ٿي. لڇمڻ جو نثر سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ حيثيت جو حامل آهي. هُن جي زندگيءَ جا تجربا، مُشاهدا، مطالعا، ڏُک توڙي سُک، لُڙڪ توڙي مُرڪ، وصل توڙي هجر جا حوالا هڪ نئين معنويت سان سندس تخيل جي سرزمين مان ڦُٽي نڪرن ٿا. جن کي لڇمڻ وڏي مهارت سان قلمبند ڪيو آهي. سندس “وهي کاتي جا پنا”سلسليوار تحرير جي صورت ۾ جڏهن سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ماهوار “سوجھرو”۾ ڇپيا هئا ته سنڌي ادب ۾نثر جي حوالي سان شيخ اياز کان پوءِ لڇمڻ ڪومل جو سحر نُما ۽ نئين تازگيءَ سان ڀرپور نثرئي هو جنهن پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي اهڙو ته منڊي ڇڏيو جو هر ڪو پيو سندس وهي کاتي جي نئين پني جو شدت سان انتظار ڪندوهو. ۽ پوءِ اهي“وهي کاتي جا پنا”سوجھرو جو سفر ڪري پندرنهن وار عبرت ميگزين جي صفحن تي ڪُجھ وقت وِسرام ڪرڻ کان پوءِ پنهنجا تخليقي پَرَ پکيڙي اُڏامي اچي سڏونت جي محبوبا“سارنگا”جي ست رنگي دنيا ۾ مور جي رنگين پرن جيئن ڦهلجي هر پڙهندڙ جي احساسن کي رنگيني بخشڻ لڳا. ائين اهي“وهي کاتي جا پنا”هر پني جي تحرير کان پوءِ معياري آتم ڪٿا جو روپ ڌري ٽن جُلدن ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي سنڌي ادب جي جھول ۾ انمول ماڻڪن جو حسين واڌارو ڪري ويا. لڇمڻ ڪومل پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي سنڌ توڙي هند ۾ ڀرپور مڃتا ماڻي. ۽ هو پنهنجي شعوري زندگيءَ ۾ئي ٻالڪپڻ واري عمر ۾ وڇڙي ويل پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ سان کوڙ ڀيرا دل کولي اچي مليو. ۽ سنڌ سدائين کيس ڀرپور آجيان پڻ ڪئي. لڇمڻ ڪومل جي “وهي کاتي جا پنا” ۾ وسيع مُطالعي، گھري ۽ ڀرپور مُشاهدي، تلخ تجربن، وقت جي ستم ظريفين، جيءُ جي جفاڪشين، داخلي توڙي خارجي، قومي توڙي بين الاقوامي، سياسي توڙي ادبي مسئلن ۽ مامرن جو اهڙو ته نچوڙ آهي جنهن جي لفظ لفظ ۾ سچ جي روشني جھر مر جهر مر جرڪي ٿي. ۽ اهو سڀ نج سنڌي ٻوليءَ جي احساس سان سلهاڙيل اهو جلوو آهي جنهن جي سونهن ۽ سوڀيا صرف ۽ صرف لڇمڻ ڪومل جي ئي نالي سان منسوب آهي.

14/7/2015

شيلف جي ڪُنڊ ۾

سنڌ جي جُهومندڙ هوائن ۾هڪ پُرڪشش ۽ مَڌُر آواز جون سدا حيات لهرون جڏهن ”خوشبوءِ جي سنگ سنگ“پنهنجي سفر جو آغاز ڪنديون آهن ته سنڌ جي رومانٽڪ فيروزي فضائن ۾پازيب جي جهنڪار گونجي ويندي آهي جيڪا سنڌ جي سماعتن ۾ پيهي پريم جا پيغام بڻجي پوندي آهي. اهڙي پنهنجائپ ۽ پيار سان پُر، آواز جي وجودي تصور جي جڏهن به اُڻت ڪبي ته نفاست، رنگت، محبت، بخملي احساسَ ، حَواسن ۾ ڪَر موڙي هڪ مٺڙي ۽ پياري انسان نصير مرزا جي روپ ۾ نروار ٿي پوندو.
نصير مرزا پنهنجي شخصيت ۽ روين ۾اُهو شاهوڪار ۽ سيبتو انسان آهي جنهن جي پنهنجائپ ڀرين ڀاڪرن ۾ هر ماڻهو مُعطر ٿي ويندو آهي. مون سدائين هُن سان ملي ڪري هڪ خوشگوار احساس ۽ڪيفيت کي پنهنجي روح ۾ ڪَر موڙيندي پئي محسوس ڪيو آهي. اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن تي سندس مُنفرد آواز جي انداز۽ ڪمپئرنگ جي نرالي رنگ ۽ ڍنگ، سنڌ ۾ هڪ شاندارحيثيت جوڙي آهي. اهڙي مقام تي پُهچڻ لاءِ سندس روح ۾ هڪ بي چين، رولاڪ، ڀٽڪندڙ آرٽسٽ جي مُسلسل ۽ باقاعده ڪمينٽمينٽ آهي. اهڙي ڪمينٽمينٽ ۽ زندگيءَ جي سفرجي ڪهاڻي جا رنگ نصير مرزا جي لفظن ۾ ڪُجھ هِن ريت آهن ته“لکڻ پڙهڻ جو اهڙو ڪم ڪندي، هاڻي ته مون کي صديءَ جي چوٿين حصي جيترا ورهيه گُذري چُڪا آهن. ۽ پُٺيان ڇڏي آيل اِن زندگيءَ ڏانهن اڄ مُڙي ڏسان ٿو ته، پنهنجي چوطرف ڪاڳرن جا انبار ٿا نظر اچنَم. بي شُمارادبي گڏجاڻين جا دعوت ڪارڊس، دوستن احبابن جا خط، وزيٽنگ ڪارڊس، اڌ ۾ ڇڏي ڏنل ڪئي شعر، دوستن جي لکڻين بابت ورتل اَڻ پورا نوٽس. ۽ علاوه ازين ضروري ۽ غير ضروري اخباري ڪٽنگس ۽ الائي ڪنهن ڪنهن جا ۽ الائي ڪڏهن ڪڏهن جا فوٽو گرافس(جن جي پُٺيان لکيل؛اسان کي وساري نه ڇڏجئين نصير!)۽ چاليهه سالن کان مٿي ڄمار مان گُذرندي، اڄ اُنهن ڪاڳرن جي انبار ۾ وڃائجي ويل، مان هڪ اهڙو شخص وڃي رهيو آهيان، جنهن جو ڪو ڪاغذ، ڪوشعر ۽ ڪا به تحرير هڪ جاءِ تي هٿيڪي ناهي!”.
نصير مرزا ، سنڌ جي گهڻ رُخي ۽ گھڻ پڙهي شخصيت جو هڪ نرالو نانءُ آهي. هُوپنهنجي خيالن، تصورن، سوچن ۽ احساسن جيان پنهنجي فطرت ۾ به ڏاڍو صاف شفاف، نفيس، هر وقت تازو توانو رهندڙ هڪ اهڙو ته شاعر ۽ نثر نويس آهي جنهن جي قلم جي جُنبش، لفظن ۾ تحرڪ پيدا ڪري، هڪ پُر تاثيراثر سان پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي پنهنجي جادونُمائي اندازِ بيان ۾ سوگھو ڪري سندس تصور ۾رنگن جو هڪ معنيٰ خيز عالم تخليق ڪري ڇڏيندي آهي. هُن شاعريءَ کان شُروعات ته ضرور ڪئي هئي پر هُن نثر تي انتها نه ڪئي آهي. ڇو ته هُو اڄ به پنهنجي ڪرشماتي نثر ذريعي سنڌ جي ذهنن کي اُجاري، شعور جو سج اُڀاري ٿو. تڏهن ته سموري سنڌ هُن جي تخليق ڪيل ڪتابن ۽ تازن لکجندڙ تحريرن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏئي ٿي. ۽ اُنهن کي پڙهندي نئين درد جي ذائقن ۽ ادراڪ کان پئي فيضياب ٿئي.
مون سندس نثر جي نِرالائپ جي فڪر انگيز رنگن ۽ احساسن کي پنهنجي روح تائين لهندي پئي محسوس ڪيو آهي. مان سندس نثري نرواڻ جا نڪورجلوه پَسندي، سدائين ريشمي نثر جي نفاستن کان پئي مُتاثر ٿيو آهيان. سندس خيالن جي خوبصورتي پنهنجي جڳهه تي پر اُنهن لفظن جي پس منظر ۾ جاڳندڙ معنيٰ ۽ مفهوم، مقصد ۽ مُراد پنهنجي مُڪمل ميار ۽ شعور سان دل ۽ دماغ تي مُثبت اثرن سان ڇانئجي ويندا آهن.
“. . . . اکين تان پٽي لاهيندي ۽ سيف الملوڪ ڍنڍ کي ڪُجهه فاصلي کان سامهون ڏسي مان ته ٽڙي ٿو پوان. ”اڙي واھ. . . ! ته اها آهي ڪائنات جي انوکي سمفني!
ماٿريءَ جي پيالي نُما جزيري ۾ جيپ مان هيٺ لهي، ڍنڍ ڪناري پُهچي، منجھائنس پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جو ٻُڪ جو ڀريان ٿو ته لڳم، ٽڻيل چانديءَ سان ٻُڪ ڀرجي ويو اٿم. وري جو نديءَ جو اهو شفاف ۽ ٿڌوپاڻي نِڙيءَ ۾ لاٿم ته اکيون روشن. . .
آسمان جي نيراڻ جي شيڊ پوڻ سبب ڏٺم ته سيف الملوڪ جي سطع ڪرسٽل ايڏي پئي لڳي جو ڍنڍ جي تهه تائين سڀ ڪُجهه نظر ايندڙ!
وري هلڪي هلڪي واءُ تي پاڻيءَ جي سطع تي ارتعاش ائين ڀاسندڙ، ڄڻ تهه ۾ شهزادو سيف الملوڪ، راڻي بديع الجمال کي ڪِتڪتايون ويٺو ڪري.
۽ ڍنڍ ڪناري سان ڪائنات جي هِن انوکي حُسن پسڻ ۾ محو ئي هُئاسين ته. . . هُو اڳيان اُڀو ٿي اچي بيهي رهيو. “اڙي اَبا تون ڪير؟”
۽ ٽالسٽاءِ جي ڪردار حاجي مُراد جي اُن همشڪل پوڙهي ٻُڌايوته مان سيف الملوڪ ۽ شهزادي بديع الجمال جي داستان جو داستان گو. . . . ”.
نصير مرزا جي اعليٰ نثر جي شاهڪار ڪتاب“خيمي ۾ شام”جي صفحي نمبر 64 ۽ 65 تي مٿيون شاندار نثر جون سِٽون پڙهي مون کي ساڳي ئي ڪتاب مان صفحي نمبر 153 تي درج ٿيل قاضي اياز مهيسر جون سِٽون پڻ ياد ٿيون پون ته“ڪنهن ڪنهن منظر جي خوبصورتي صرف اُن منظر جي خوبصورتي نه، پر اُن نظر جي به خوبصورتي هوندي آهي، جا اُن کي خوبصورتيءَ سان ڏسي سگھندي آهي. ”
نصير مرزا سنڌي ادب جو هڪ مُنفرد ۽ سگھارو نانءُ آهي. هِن جي شاعري ۽ نثر جي نغمگي، نئين حسي ادراڪ جي اُڻت ڪندي هڪ الڳ رنگ ۽ ڍنگ جو جهان جوڙي ٿي. ۽نصير مرزا جو هڪڙو اعتراف ته”ٿي نه سگھيس شاعر“پر تنهن هوندي به سندس شعري دنيا پنهنجي جوهر ۾ هڪ شاعراڻي رمزيت سان نروار ٿي سامهون اچي ٿي. جيڪا شاعري اَجايو اَبهام، ۽ فلسفي جي مُونجهاري کان آزاد، سادگي ۽ سلوڻائپ جي رنگن سان سينگاريل هوندي آهي.
ننڍڙي جھِرڪي، گُل کي چُمي ڏيئي اُڏري وئي،
گُل پئي ڳاتو گيت، ته اُن کان ڌُن ئي وسري وئي.
(ٿي نه سگيس شاعر، صفحو نمبر179)
سج کي ٻُڏندو ڏسي گھٻرائجي ويو،
سانجههَ ٿي سورج _ مُکي ڪومائجي ويو!
(ٿي نه سگھيس شاعر، صفحو نمبر153)
بند قبر ۾ ڪينَ کپي ڪُجهه تنهنجي کي،
سُڏڪي جو هڪ ڦول رکي وڃ ڪتبي تي.
(ٿي نه سگھيس شاعر، صفحو نمبر103)
گُل رابيل جو ٿي سگھيس ڪونه مان،
بُل پاريل جو ٿي سگھيس ڪونه مان،
شاعري مون ڪئي، پر نه ٿي ساحري،
!ٿي وئي زندگي، اڌ صدي جيتري
(ٿي نه سگھيس شاعر، صفحو نمبر85)
اهڙي دل ۾ پيهي ويندڙ شاعريءَ لاءِ شيام جئسگھاڻيءَ لکي ٿو ته“نصير مرزا هڪ اهڙو فنڪار آهي جنهن وٽ سوچ، اُمنگن جي چِٽسالي، سليس لفظن جو ڀنڊار، اظهار جي بي آراميءَ کان وڌيڪ پنهنجي انترمن کي هڪ نقاش جيان چِٽڻ جي آس_مُراد آهي!وئن گوف جيان، ايم ايف. حُسين جيان. پنهنجي ڪوتائن ذريعي نصير اسان جي من جي درين، دروازن، روشندانن جي ماپ ويڪري ڪرڻ ٿو چاهي، جيئن اندر ايندڙ يا داخل ٿيڻ چاهيندڙ اُجالو، هوا، برسات، سرسراهٽ، ڀُڻ ڀُڻ، آهٽ، اولڙن ۽ سمرتين کي وياپڪتا ملي_سهي معنيٰ ۾ نصير! هڪ پيارو چِترڪار آهي. ”
نصير مرزا خاص طور تي پنهنجي جاندار نثر ۽ ڪي قدر شاعريءَ ۾ نواڻ ۽ جدت جا سگھارا اُهڃاڻ تخليق ڪري، سنڌي ادب جي دنيا ۾ ڀرپور اضافو ڪيو آهي. اهڙو اضافو جهڙو اڄ ڪلهه جي تمام گھٽ لکڻين سان مُمڪن ٿي سگھيو آهي.
نصير مرزا پنهنجي روز مرھ جي زندگيءَ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ملڻ جُلڻ، لکڻ پڙهڻ، اُٿڻ ويهڻ، سوچڻ ۽ سمجھڻ تائين هڪ سيبتو ۽ سُلڇڻو انسان پئي رهيو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو نصير مرزا لاءِ هر ڪو پنهنجي دوستيءَ جي دعوا ڪري ٿو. پر جڏهن ته هُو ساگر، ڌرتي، آسمان، ڪڪرن، سج ۽ چنڊ جيان ڪنهن به هڪ جو نه بلڪ هُو ته سڀني جو هڪ جيترو پنهنجائپ سان سلهاڙيل پيارو آهي.
نصير مرزا نثر ۾ هڪ نئين ڏس ۽ گس جو جوڙيندڙ، ٻاجھاري، ٻاٻيهي جي ٻولن جهڙي مٺڙي ٻوليءَ ۾ خيالن جي خُمارن، احساسن ۽ تصورن جو تخليقڪار آهي. سندس ڪتاب ”خيمي ۾ شام“۾موجود”گمنام سياح جو سفر نامو“جي صفحي نمبر97 تان نثر جو هڪ ٽُڪرو.
“۽ اُن کان پوءِ مُسافر ۽ سندس دوست، اُن ديار جي گھٽين مان نڪري صبح جو هُو جتان آيا هئا، اُن “رياست”ڏانهن ويندڙ رستي تي مَحوِسفر هئا ۽ مسافر اوچتو وقت ڏسڻ لاءِ واچ ۾ ڏٺو. نُما شام ٿي چڪي هئي “ڪوفي” نُما اُهو ڳوٺڙو هاڻي هُنن کان، ڪافي پُٺيان رهجي ويو هو. تڏهن مسافر ناگاھ آسمان ڏانهن نگاھ کنئي، جتي شام جو پهريون ستارو ڄڻ سفيد گلاب جي گل مِثل، ۽ امامِ زمانه جي عمامي جي صورت، آسمان جي وسعتن ۾ هُن کي کُلندي پئي محسوس ٿيو ۽ مسافر کي لڳو؛اُهو عمامو. . . . کُلندي کُلندي آخرڪار پُوري ارض و سمان جي طول و عرض تي جھڙوڪر ڦهلجندو ۽ پکڙجندو پئي پيو. ڦهلجندو ۽ پکڙجندو پئي ويو. ”
نصير مرزا جو ذهن سدائين سرسبز۽ درياھ وانگروهندڙ صاف سُٿرو، صحت مند، فڪر ۽ فهم سان سلهاڙيل. سورج جيان روشن آهي. هِن جي لکڻين ۾ زندگيءَ جا سڀ رنگ اکيون کولي جاڳي پون ٿا. ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي پيار جي سُرمئي ڇانوَ هِن جي فن تي گھٽائن جيان ڇانيل رهي ٿي.
پر نصير مرزا پاڻ بابت“خيمي ۾ شام”۾ ڪُجھ هِن طرح به لکي ٿو ته“مون سان ته يارو! عجب جھڙي ٽرئجڊي آهي. لکڻ ويهندو آهيان ۽ هٿ ۾ جھليل قلم، اوچتو برپٽ، بيابان ۾ اڪيلي بيٺل ڪانڊيري جي ڪنهن سُڪل ڪاٺيءَ مِثل بڻجي پوندو آهي ۽ تخيل!؟ـــــ اُهو وري ڄڻ ڀڙڀانگ صحرائن ۾ اوچتو ڀٽڪائڻ شُروع ڪري ڏيندو اٿم. ڪڏهن لکڻ ويٺو هُجان ۽ پاڻ کي ڪنهن پُر فضا و پُر سُڪون هنڌ تي، ڪنهن آرام ڪُرسيءَ تي آهليل محسوس ڪيو هُجيم ــــــ’نه’ ايئن ڪڏهن ٿيو ئي ڪٿي آهي مون سان. ”
نصير مرزا پنهنجي من ۾هيڪل ۽ وياڪل اُهو ليکڪ آهي جيڪو “خوشبوءِ جي سنگ سنگ، رولاڪ بادل جيان، بن بن ۾ ڀٽڪندي”، ڪنهن جي ڳولا جي جُستجوءَ ۾ اڄ به سرگردان نظر اچي ٿو، اهڙي جُستجو، جيڪا هڪ تخليقڪار کان حيرتن جا ڪيترائي رنگ ۽ خاڪا جوڙائي ڇڏيندي آهي. ڇو ته هُو“شيلف جي ڪُنڊ ۾ رکيل، اهڙو ڪتاب آهي، جنهن کي هُن کان سوا، ڪنهن به کولي پڙهيو ڪو نه آ”جڏهن ته هُن جي زندگيءَ جي کُليل ڪتاب کي بار بار پڙهڻ جي ضرورت آهي. ڇوته شريف النساءِ ناصر علي مرزا جي لفظن ۾ ته“جن ٻارن جا پيءَ اُنهن جي ننڍي هوندي هليا ويندا آهن. ته اهڙا ٻار حياتيءَ ۾ پوءِ سدائين مُسافر ۽ اڪيلا اڪيلا پيا لڳندا آهن. “
(نوٽ-هي مضمون سنڌ جي رومانوي شاعر، مٺڙي ماڻهو نصير مرزا سان15آگسٽ 2015ع، رات جو ساڍي اٺين وڳي ادبي ڪچهري طور درگاھ پير ذاڪري سڪرنڊ جي آڳنڌ تي، سنڌ ٿنڪرس فورم پاران ملهايل رهاڻ ۾ پڙهيو ويو)
****

چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري

۽، جڏهن اکيون پير بڻجي پونديون آهن تڏهن “خوابن جا رستا”پاڻ مُرادو ڦُٽي پوندا آهن. رستا رُڳو زميني، سامونڊي يا هوائي نه ٿيندا آهن پر رستا ته روح جا، احساس جا، پيارجا، پنهنجائپ جا، اڪيلائيءَجا، ستارن جا به ٿيندا آهن. جن رستن تي صرف دل ۽ ڪيفيتن جي قدمن سان ئي سفر ڪري سگھبو آهي.
“رنگن وکرڻ کان پوءِ”، “خوابن جي سرحد” کي پار ڪري “کاٻي اک جو خواب”بڻجي ويندڙ مُنور سراج هاڻ وري تخليق ۽ تصور جي آڏاڻي تي جيڪي به“خوابن جا رستا” پنهنجي زخمي روح جي نفيس هٿن سان ڪتيا آهن. اُنهن رستن تي سندس خانه بدوش روح جي نفيس پيرن جو رت، سندس تنهائن، دردن، اُداسين، اڪيلاين، وڇوڙن ۽ اوجاڳن جي ڪهاڻين جي پُر سوز ساک ڏئي ٿو.
مُنورسراج پنهنجي تخليقي روح ۾ ڏاڍو بي چين، اڪيلو، اڪيلو ۽اُداس رهندڙ، ڀٽڪندڙ هڪ اهڙو تخليقڪار آهي جنهن جي ڪهاڻين جو جنم، سندس زندگيءَ جي ڪَرب ۽ اضطراب مان ئي مُمڪن ٿي سگھيو آهي.
مُنور سراج جي ڪهاڻين جي دنيا جي تراش ۽ خراش هڪ ڪاريگر ۽ هُنر مند ليکڪ جي تخليقي هٿن جي ئي ٿيل لڳندي آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو ذري کي آفتاب ۽ آفتاب کي ذري ۾ تبديل ڪرڻ جي مهارت مُنور سراج کي نصيب ٿي آهي. ڇو ته هُن جي فطرت ۾ ڪو صدين کان جھُونو قصا گو جنمن جي تپسيا جا ڪشٽ ڪٽي پنهنجي ادبي آگهيءَ جي موسم جو اِدراڪ ماڻيندي اکر اکر ۾ پُر سحر۽ فنڪارانه رنگت کي اهڙو ته سمائي ڇڏي ٿو جو پڙهندڙ پنڊ پهڻ بڻجيو اُن قصي يا ڪهاڻيءَ جي احساساتي ڪائنات ۾ گُم ٿيو وڃي.
“خوابن جا رستا” اهڙين دل سوز۽ دل ۾ لهي ويندڙ ڪهاڻين جو هڪ خوبصورت ڪتاب آهي. جنهن جي لفظ لفظ جي آرسي ۾ ڪنهن سانوڻيءَ جي اُداس موسم ۽ سُرمئي شام جي تنهائي جي پيڙا جهڙا عڪس ڪتين جيان ڪَرَ موڙي جاڳي پون ٿا ته“ڊيٽ ايڪسپائرڊ ماڻهو”، روشنيءَ جو دائرو”، اورانگھي“اڌ ۾ رهجي ويل جُملي جو ڏُک”، بڻجي وڃي ٿو. ۽ پوءِ“دل جي ڪُنڊ ۾ ڄَمي ويل برف”جي بي رحم ٿڌ “لُڙهندڙ نسل”جي وجود کي فريز ڪري ڇڏي ٿي. ته ٻئي پاسي وري“لاهيارڻ جي سپني ۾ گُلاب ٽِڙن ٿا”۽ هڪڙو گُل فروش گُلن جھڙا خواب کڻي سندس ويران وجود کي بسنت جي رنگن سان رنگين ڪري، کيس اوسيئڙي جون اَننت خزائون ڏئي گُم ٿي وڃي ٿو. ۽ پوءِ “بُوٽ پالش ڪرڻ واري صبح جي ڳالهه”ڪيتريون ئي ڳڻتيون ۽ ڳاراڻا کڻي کيس ماضيءَ جي تصورن ۾ ڀٽڪائي ڇڏي ٿي. تڏهن سندس پالش ٿيل بوٽ ميرو ٿي وڃي ٿو. ڇو ته “خوابن جا رستا”کيس“دل جي نديءَ ۾ ٻُڏي ويل ڇوڪري”جي احساس ۾ جڪڙي، جلائي ڀَسم ڪري“الف الفا بيٽ جي اُڻيل ڪاف ڪهاڻي”۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا. ايئن سندس دُکي دل مان“ڊسمبر جو پهريون ڏُک”ست رنگي انڊلٺ جيان“سندس“خوابن جي بائونڊري وال تي” نُمايان ٿي پوي ٿو. ته“جنوريءَ جي هيڪل وياڪل شام ۽ جنوريءَ جي شام جھڙو هُن جو من”۽ چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪريءَ جو اجنبي امڪان سندس حواسن تي ڇانئجي ڪري، “سِموڪرس ڪارنر جي شام”جي پاڇن ۾پيهي وڃي ٿو ۽ هڪ اَڻ ڄاتل درد، سُرمئي پڻي ۾ تحليل ٿي دُکندڙ سگريٽ جي اُڏندڙ دونهي جي ڌُنڌ ۾ ڌُنڌلائجي، “پنجين ڏسا”جي انوکي اسرار ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو.
دراصل مُنور سِراج جي تخليقي روح جي ڀٽڪنا، سندس ڪهاڻيپڻي جو ئي جياپو آهي. تخليق ۽ فن جو نازڪ امتزاج مُنور جي ڪهاڻين جو هڪ اعليٰ ۽ باريڪ گُڻ چئي سگھجي ٿو. هُو ڪردارن جي روح ۾ لهي سندن درد جي درياھ مان ٽوٻيون هڻي ايندو آهي. ۽ ڪيترائي درد جا انمول ماڻڪ دل جي احساسن جي جھوليءَ ۾کڻي اچي اکرن ۽ لفظن ۾ سمائي پڙهندڙن ۽ ٻُڌندڙن جون اکيون آليون ۽ دلين کي ميڻ ڪري ڇڏيندو آهي. اُن ڪري شايد مُنورسِراج تخليقي آرٽسٽ ڪهاڻيڪارجي شناسائيءَ جو حقدار بڻجي پوي ٿو. جنهن جي ٻولي، جُملا، منظرڪشي، ڳالهين مان ڳالهين جي ڦُٽي پوڻ جو انداز، ڪهاڻيءَ جو سِٽاءُ، درد جا مُختلف ذائقا، ڪردارن جي گُفتگوجو انوکو اظهار، ماحول ۽ ٻين گُڻن جي اُڻت جو وڻندڙ نمونو، ڏاڍو مُتاثر ڪندڙهوندو آهي.
مُنور سِراج جي ڪهاڻي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ شاندار حوالو آهي. هُن وٽ آرٽ ئي سڀ ڪُجھ ۽ اهم آهي ڇاڪاڻ ته اعليٰ آرٽ ئي امرتا ماڻي صدين تائين زنده رهي سگھي ٿو. آرٽ ئي آفاقي سچ آهي. ۽ اهو سچ پنهنجي ذات کان وٺي ڪائناتي سچ تائين مُختلف وقتن ۽ حالتن جو همسفر پئي رهندو آيو آهي.
“خوابن جا رستا”۾ مُنور سِراج مُختلف ڪهاڻين جا جيڪي به رنگ کڻي آيوآهي. اُهي رنگ مُختلف ڪيفيتن جي پيڙائن جو نچوڙ ئي آهن. اصل ۾ مُنور سِراج جي حصي ۾ فطرت جي بيچينيءَ جي جيڪا به بي رنگائي آئي آهي. اُها ئي هن جي تخليقپڻي جو مُحرڪ جذبو آهي. جنهن بي رنگائيءَ ۾ مُنور سِراج پنهنجن لُڙڪن، سُڏڪن، ٽهڪن، تنهائن، دردن، وڇوڙن، اوجاڳن، رولاڪين، اڪيلاين کي ملائي، مُختلف رنگن ۾ تبديل ڪري انڊلٺ جھڙي حُسناڪي تخليق ڪري وڌي آهي. ڇو ته“خوابن جا رستا” جون ڪهاڻيون هڪ نئين احساس جو احساس ڏيارين ٿيون. ۽ من جي سُڪي ويل نديءَ کي اکين جي برسات سان ويروتار وهائي وجھن ٿيون. ڇوته، “سندس سگريٽ جي هر ڪش سان سُرمئي دائرا ٺهڻ لڳا. هُو دائرن ۾ ڀٽڪندو رهيو. دائرا منجھس ڀٽڪندا رهيا پوءِ هڪ هڪ ٿي سڀ دائرا هوا ۾ ڊائليوٽ ٿي ويا. ”ڊيٽ ايڪسپائرڊ ماڻهو”يقيني ۽ بي يقينيءَجي احساس ۾ ڀٽڪندڙ، اڌورو اڌورو هڪ اهڙو ڪردار آهي. جيڪو ماضيءَ جي تصور ۾ رُلندڙ، پنهنجي اڌوري وجود جي مُڪملتا لاءِ زندگيءَ جي برمودا ٽرئنگل ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. “سڀ ڪُجھ پولار ۾الوپ ٿي ويندو آهي. پکي، آواز، تارا، روشني، ماڻهو. . . برمودا ٽرئنگل رڳو سمنڊ ۾ ناهي. خلا ۾ به آهي. ڌرتيءَ تي به آهي. هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ به هڪڙو برمودا ٽرئنگل هوندو آهي. جنهن ۾ سڀ ڪُجهه الوپ ٿي ويندو آهي. پوئتي رڳو عڪس رهجي ويندا آهن. ”هي ڪهاڻي سڀ ڪُجھ الوپ ٿي وڃڻ کانپوءِ رهجي ويل عڪسن جي ڪهاڻي آهي. عجيب سوچن ۽ خيالن جي هڪ پيڙائتي ڪٿا آهي. يا پوءِ ڏُک جي رنگين ۽ ريشمي ڌاڳن جو پاڻ ۾اُلجھي، مُنجھي پوڻ.
اِنهيءَ تناظر ۾“روشنيءَ جو دائرو”هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي شروع کان پُڄاڻيءَ تائين دل ۾ لهي ويندڙ ۽ سمائجي ويندڙ آهي. هن ڪهاڻيءَ جي فنڪارانه اُڻت اڄ جي جديد ڪهاڻي جو مَرڪ آهي. مان سوچيان ٿو ته مُنور سِراج اهڙيون ڪهاڻيون ڪيئن ٿو لکي؟ڪيئن اُهي ڪهاڻيون مَٿس مُنڪشف ٿين ٿيون؟هُو ڪهڙين ڪهڙين ڪيفيتن جي گھٽائن مان گُذاري ٿو؟پر اسان ته اُنهن سمورين پيڙائن جو محظ هِنن ڪهاڻين وسيلي مُختصر عڪسَ ڏِسي ۽ محسوس ڪري سگھندا آهيون.
“هڪ خواب کان ٻئي خواب تائين ماڻهوءَ جا پير پِٿون. . . . هڪ واعدي کان ٻئي واعدي تائين پُلصراط جو سفر. هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين. ٻئين کان ٽيون، چوٿون ۽ پنجون. . . وڌندڙ انگ. . . . ماڻهو ساڳيا. . . ساڳيا واعدا، آسرا، دلاسا، ساڳيون ڳالهيون، ساڳيا بسترا، چادرون، ڪمرا، در دريون، ساڳيا ڪُلف، ڪُنجيون. ”هي زندگيءَ جا المياتي احساس اندر ئي اندر۾اَڏوهيءَ وانگرحساس ماڻهوءَ کي چَٽ ڪري ڇڏين ٿا. ڇاڪاڻ ته،
“مسٽر ايم بي عُرف سينئر ڪلارڪ محمد بخش جو صبح”پنهنجي اندر ۾ ڀٽڪندڙ شخص جو هڪ اهڙو الميو آهي، جنهن جي سوچن ۽ مُنڌل خيالن جو ڪچو سُٽ کيس عجيب وغريب ڪشمش جو شڪار بڻائي، نفسياتي طور تي ڀٽڪائيندي سندس اڳيان پنهنجي ئي پُڄاڻيءَ جو روپ پيش ڪري تجسس پيدا ڪري ڇڏي ٿو. ڇوته“صبح ٿيڻ ۾ ته اڃا ڪافي دير هُئي. شام ٿيڻ کان اڳ ئي هُو ته رات ۾ تحليل ٿي ويو. اُها سندس چونڊ نه هوندي به سندس ئي چونڊ هُئي. اُهوئي اصلي الميو هو. ”سندس خيال ۾“چانهه ۽ عورت ٿڌي ٿي وئي ته سواد مان نڪري ويندي. ”۽ پوءِ، “هُن ليٽر جو جواب لکڻ کان پوءِ هڪ دفعو وري پڙهيو ۽ پوءِ لفافي ۾ بند ڪري باس کي ڏيڻ بدران سينئر سُپرنٽينڊنٽ کي ڏيڻ جو ارادو ڪيو. . . . . سُپرنٽينڊنت جي ڪُرسيءَ تي هُن پاڻ کي ويٺل ڏٺو. ”
مُنور سِراج جي ڪهاڻين ۾ کوڙ سارين رنگينين کانپوءِ به نه ڄاڻ ڇو تقريبن ساڳي ڪيفيتي هڪ جهڙائي جو احساس ڪَرَ موڙي بيقراريءَ منجهان جاڳي پوي ٿو. ٻيوته آخرموضوعاتي اعتبار کان مُنور سِراج عظيم آرٽ جيان لامحدود ۽ ڦهليل ڇو نه آهي. هُو پنهنجي ذات جي محدود دائري ۾ آخر ڪيسيتائين وسيع فن جي وسعتن کي محدود رکي سگھندو!؟؟؟
ڏٺو وڃي ته مُنور سِراج جديد ۽ عالمي ڪهاڻي جي معيار تائين رسڻ لاءِ جيڪا به تخيلاتي جفا ڪشي ڪئي آهي اُن ڪوشش جا ڪيف سندس آرٽسٽڪ اندازتي باقاعدي ڇانئجي آيا آهن. تڏهن ته“آءِ ايم ناٽ جسٽ بيو ٽيفل ڊسٽ”ڪهاڻيءَ جو پلاٽ، ماضي، حال، مُستقبل ۽امڪانات جي خانن ۾ ورهاجي هڪ سُٺي ڪهاڻيءِ جي روپ ۾نروار ٿيو آهي. جنهن ۾محبتن جي وچ ۾ مذهبن جي حائل ٿيڻ جو روايتي دستور ديوار بڻجي وڃي ٿو. ته محبت قربانيءَ جي عظيم جذبي مان چوڻ لڳي ٿي “مان توکي تنهنجو سعيد ڄڻي ڏيان ته پوءِ؟هان. . . ٻُڌاءِ عبدالله. پوءِ ته بس نه؟هاسٽل “ليليٰ خالد”جي ڪمري نمبراٺ جون چاٻيون آسمان کي اُڇلائي ڏيان ته پوءِ؟!!!”مشعل ڀر ۾ ويٺل اُداس ۽ ناراض نوجوان جي ٻانهن ۾ هٿ وجھي سندس اکين ۾ ڏسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي التجا جي نديءَ ۾ تبديل ٿي وئي. عبدالله آسمان ڏي نهارڻ جو ارادو وڃائي ويٺو. ”
مُنور سِراج ڪهاڻيءَ جي ڪئنواس تي جڏهن به تصور جي قوت سان ڪُجھ نقش ڪرڻ چاهيندو آهي ته سندس آرٽسٽڪ من جو پاڳلپڻو، تپندڙ اُس ۾ وان گوگ جي عظيم حوالي سورج مُکيءَ جي پيلاڻ مان به نِت نوان رنگ ۽ اُمنگون تخليق ڪري وجھندو آهي. جن کي زماني جا گرد ۽ غبار ڪڏهن به لٽي نه ٿا سگھن. ڇو ته،
!“سورج مُکيءَ جا ڪُجھ گُل
هڪڙي ڇانوَ بوگن ويلا جي،
چار ٻوٽا چمپا جا ۽ تنهنجون يادگيريون،
منهنجي ڪُل ملڪيت آهن.”
“اڌ ۾ رهجي ويل جُملي جو ڏُک”ڪهاڻي شاندار اُڻت جو نمونو آهي. مُنور پنهنجي تخليقي ديوانگي ۾به “اڌ ۾ رهجي ويل جُملي جو ڏُک” نه ٿو وساري سگھي. هُو تخيلاتي ڪائنات جو سيبتو ڪهاڻيڪار آهي. هُو خيالن جي خُمارن ۾ رهندڙ پنهنجي خوابن جي ڪردارن جي ڳولا ۾ دل جي اُداس گھٽين ۾ اڪيلو رولاڪيون ڪندڙ ڪٿاڪار آهي. جنهن جو خيال آهي ته“اڌ جُملو تووٽ رهجي ويو. اڌ جملو مون وٽ رهجي ويو. مان هميشه لاءِ اڌ ۾ رهجي ويل جُملي جي ڏُک ۾ مُبتلا رهندس. خبر اٿئي جُملي جو اُهو اڌ ڇا هو؟”ڳالهائيندي آواز ڳرو ٿي ويس. خاموش ٿي ويو. ڀِت ۾ ٽنگيل اجنبي شخص جي پورٽريٽ جي اکين مان ٻهَ لُڙڪَ ڇڻي پيا. ” ته“دل جي ڪُنڊ ۾ ڄمي ويل برف”ٽيپو ٽيپو ٿي پگھرڻ لڳي.
ڏُکارو ڏُکارو گھر آيو. ماني به نه کاڌائين
“امان!”حيران اکين جو هڪ سوال
“جيءُ پُٽ!”مهربان ماءُ جو ٻاجھارو آواز
“بابا جي ناول ۾ اهڙو ڇا آهي جو اُستاد پڙهڻ کان. . . . ”
ماڻهنس جي مهربان مُنهن تي انديشن جي تِکي اُس ڦهلجي وئي
“مون کي ڏي”پُٽهنس جي هٿن مان وٺندي چيائين
“لُڙهندڙ نسل”
اکين ۾ ڊپ ڀرجي آيس.
اهڙو ئي اندر ۾ ڊپ سانڍيندي سڄي حياتي جيئندڙ، ڀوڳيندڙ، پل اَپل احساسن جي صليب تي چڙهندڙ، سنڌ جي فڪشن جو شهزادو ماڻڪ، پنهنجن خيالن جا ڪيترائي ماڻڪ موتي اسان جي ادب جي جھول ۾ وجھي، وقت جي بي رحم ظالم سان ٺاھ ڪرڻ بجاءِ پنهنجن تخليقڪار هٿن سان پنهنجو اَنت آڻي ڇڏيو.
ڪَٿا ٻُڌائيندي هُو خود به ڪهاڻي ٿي ويو.
عجيب شخص هو پنهنجي به پُڄاڻي ٿي ويو.
(بخشل باغي)
مُنور، ماڻڪ جي درد کي پنهنجي روح ۾ اهڙو ته سمايو آهي جو اُهو ڏُک سندس ذات جو خزانو بڻجي پيو آهي. هي ڪهاڻي پنهنجي ٽريٽمينٽ، پيش ڪش، ۽ ٻين فني گُھرجن جو پوراءُ ڪندڙ هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. “لاهيارڻ جي سپني ۾گُلاب ٽِڙن ٿا”مالتي ۽ گُل حَسن جي دل جي ٻارين ۾ رنگ برنگي ڦُٽندڙ گُلابن جي موسم جو خُمار سندن روح کي خوشبو خُوشبو ڪري ڇڏي ٿو ته، ٻئي پل سندن دل جي جھولين ۾ ڪنڊن جون ڀريون ڏئي کين زخمي زخمي به ڪري ڇڏي ٿو. ۽ پوءِ“بوٽ پالش ڪرڻ واري صبح جي ڳالهه”، “بوٽ کي بُرش هڻندي چيائين”. “زندگيءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پنهنجو بُوٽ پالش ضرور ڪرڻ گھرجي. ”عجيب ڳالهين جي دنيا اڏيندڙ مُنور جي اندر جو ڪردار سوچي ٿو ته، “هميشه سچ لکڻ گھُرجي. سچ تڏهن لکي سگھبو جڏهن ضمير جي روشنيءَ ۾ لکبو. ليکڪ لاءِ ضمير جو هُجڻ ۽ اهو به روشن هجڻ ضروري آهي. ”هُن آفيس جي وڏي ڪمري جي ڇِت ڏي ڏٺو. ڇِت ۾ ڄارو نه هو.
“مُئل ضمير سان لکيل ليک به مُئل هوندا آهن. زندگيءَ جي خوشبو۽ گرميءَ کان وانجھل. مُئل ليک لکڻ معنيٰ ڪاغذن جون قبرون ڀرڻ. ڪچيون قبرون، جيڪي برساتن ۾ ڊهي پونديون آهن. ”پنهنجي روح جي تنها اڪيلي پُل تي بيٺل، خود ڪلامي ڪندڙ هي ڪردارسوچن جي لهرن ۾ لُڙهندي پڙهندڙ جي به دل جون ڳالهيون ڪرڻ جو هُنر ڀرپور ڄاڻي ٿو. ڇوته“سچ رُڳو اهو نه آهي جيڪو ٻين کي چئبو آهي. اهو ته سچ جو فقط هڪڙو پاسو آهي. سچ پاڻ کي به چوڻ گھرجي. سچ تڏهن مُڪمل ٿيندو. ”زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو پنهنجو بوٽ پالش ڪرڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي سچ چوڻ سان گڏ پنهنجي ڪوتاهين جو اعتراف به ضروري آهي. ”مُنور جون ڪهاڻيون ۽ سندس ڪهاڻين ۾خيالن ۽ سوچن جي سُرهائي هر ڪنهن کي پنهنجي ضمير اڳيان باادب ڪنڌ جھُڪائي بيهڻ تي مجبور ڪري ٿي. ۽ اعتراف جي تِکي اُس ۾ بيهڻ جي سزا پڻ تجويز ڪري ٿي. ايئن مُنورسراج ڪهاڻين ۾ موجود خيالن، سوچن، تصورن ۽ ڳالهين جي ولين ۾ جڪڙجندي
“خوابن جا رستا”۾ٻُڌائي ٿو ته“هُو کيس وڃائڻ کان اڳ ئي وڃائي ويهڻ جي اُداسيءَ ۾ مُبتلا رهڻ لڳو هو!”“رِڌم جو جُملو نديءَ مان لهر جيان اُڀريو ۽ هُن جي اکين جا ڪنارا آلا ڪندو ويو. ”، “هڪڙو ڏُک، هڪ اُداسي، ٻَه چار لُڙڪ ۽ بيوسي سان ڀريل خاموشي. هُن سان“نه ڳالهائي سگهڻ”جو ڏُک هُن جو خاص ڏُک بڻجي ويوهو. ”اهوئي ڪارڻ آهي جو مُنور ڪهاڻي لکندي يا ٻُڌائيندي خود به ڪوپُر تجسس افسانو بڻجي پوندو آهي. شايد اُن ڪري به جو“اُها خزان جي هڪ اُداس شام هئي. اهڙي شام جيڪا ماڻهوءَ کي ڪنهن وڃايل شيءِ جي يادگيري ڏياري نه سمجھ ۾ ايندڙ ڏُک ۾ مُبتلا ڪري ڇڏيندي آهي. ”۽“دل جي نديءَ ۾ ٻُڏي ويل ڇوڪري”، “هر شام گُل فروش جي هٿن مان گل وٺندي محسوس ڪرڻ لڳي ته محبت کان وڏو ڪو به ثواب ناهي. ”مُحبت جي اهڙي معنيٰ خيز خيالن جي ڪسوٽي هڪ باشعور ليکڪ ئي ڊفائن ڪري سگھي ٿو. جنهن لاءِ مُحبت ۽ حوس جي وچ تي ئي دل جي ڪائنات جنم وٺي ٿي. اهڙو جنم، جنهن جو ڪو به اَنت نه هوندو آهي. اهڙي مُحبت جي پاڪيزگي مان ئي ديوانگي ۽ معصوميت جنم وٺندي آهي. منهنجي خيال ۾ته جنهن معصوميت ۾ ديوانگي ۽ جنهن ديوانگيءَ ۾ معصوميت ناهي اُهي پاڪيزگيءَ جو معراج نٿيون ماڻي سگھن. اُن ڪري
“ڊسمبر جو پهريون ڏُک”هُجي يا“ڊسمبر جي اڪيلائي”. ٻئي ڏُکَ هڪ درد مان جنميل لڳن ٿا. ڇوته ڏُک ۾ به هڪ قسم جي اڪيلائي آهي ته اڪيلائيءَ ۾ به هڪ قسم جو ڏُک آهي. “سِمو ڪرس ڪارنرجي شام”جي هِن ساکَ ڀريي جُملي جيان ته، “هڪ ئي وقت ٻَئي ڏُک جي پنجين موسم ڀوڳڻ لڳا ۽ هڪ ئي وقت ٻِنهي ساڳي ڳالهه سوچِي؛“ڪُجهه ماڻهو بلڪل هڪ جھڙا ڏُک ڏسندا آهن. . . فرق رڳو زمان ۽ مڪان جو هوندو آهي. ”، “۽ ياد ٿو اچڻ لڳي اُهو لمحو جنهن لمحي تو پنهنجو ريشمي هٿ منهنجي هٿ تي رکيو هوته لڳو هئم ڄڻ ڪهڪشان لهي آئي آهي منهنجي هٿ تي!”، “سچي ڳالهه هي آهي ته مان پنهنجو پاڻ کان وڃائجي ويو آهيان. وساري ويٺو آهيان پاڻ کي به ۽ اهو به ته ڪو مان ليکڪ به آهيان. مان پنهنجي اندر ۾ صفا خالي ٿي ويو آهيان. ”ماڻهوءَ جي اندر جو خاليپڻوئي ته سڀ ڪُجھ آهي. اتان کان ئي ته ذهن۽ دل جي بيابانن مان نوان نوان پيچرا ڦُٽي پوندا آهن. جن کي ئي“خوابن جا رستا”چئبوآهي. جڏهن اُهي سڀ رستا هڪ هنڌ اچي گڏبا آهن تڏهن اُتان کان“پنجين ڏسا”جو سفر شُروع ٿي پوندو آهي. شاعراڻو احساس ڏئي دل ۾ لهي ۽ ڇائنجي ويندڙ. روح ۽ جسم جي رستن ۾تميز پيدا ڪندڙ، هي ڪهاڻي حوس جي وحشي جُنون جي ور چڙهي ويندڙ هڪ اهڙي ڪٿا آهي جنهن ۾ لاتعلقيءَ جي موسم ۾اڪثر طورتي ماڻهو جسم جي گُپت گھٽين ۾ ڀٽڪندو رهجي ويندو آهي. ۽کائونس روح ۽ دل جا پيچرا گُم ٿي ويندا آهن. ڇوته دل تائين پهچڻ ۾ هڪ سفر جي تپيسا جو عمل ضروري آهي جڏهن ته بدن جا ٺلها ڪاڪ محل ماڻڻ ڏاڍا آسان هوندا آهن. “ڇوته جتي چار ڏسائون ختم ٿين ٿيون اُتان پنجين موسم شروع ٿيندي آهي. ”اُن ڪري به شايد پُرسوز آواز جي بادشاھ جگجيت سنگھ، هي لافاني سِٽون جھُونگاري ڇڏيون ته،
جسم کی بات نہیں تھی اُن کے دل تک جانا تھا
لمبی دوری طے کرنے میں وقت تو لگتا ہے
(ہستی)

2/4/2016

گُم ٿي ويل ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي

مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته ڪُجهه لکڻ جي لاءِ ذهن کي جنجھوڙڻو پوندو آهي. سوچن کي ڪو دڳ ڏيڻو پوندو آهي. لفظن کي ڪا زبان ڏيڻي پوندي آهي. ۽ هر لفظ جي تقدس کي بحال رکڻو پوندو آهي. منهنجي لاءِ لکڻ جو عمل سدائين“ٽياس”جي صورت وٺي نروار ٿيندو آهي. ته ڪڏهن وري اذيت ناڪ، طويل اوجاڳن کان پوءِ، ڪُجھ لمحا سُڪون جي مٺڙي ننڊ جو احساس ڀاسڻ لڳندو آهي. لکڻ جو عمل نه رڳو ليکڪ کي ذهني طور تي هم آهنگ ڪندو آهي پر سندس سموري وجود ۾ به هڪ قسم جو تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. جو اُن جا اثر ديرپا هُجڻ سان گڏ ليکڪ توڙي پڙهندڙ جي زندگيءَ تي پنهنجا رنگَ گهرا ڇڏيندا آهن. اهوئي ڪارڻ آهي جو ليکڪ جي لفظن جو سفر صدين تي مُحيط هوندو آهي. ڇو ته اُهي لفظ ليکڪ جي گهري شعور، غور ۽ فڪر مان ڪنهن جهرڻي جيان ڦُٽي نڪرندا آهن. جن جي منظر توڙي پس منظر جو تعلق پنهنجي وجود مان اُڀري سموري سماجي سرشتي ۾ تحليل ٿي ويندو آهي. ادب زندگيءَ جو عڪاس آهي. ۽ هر اُها لکڻي جنهن ۾ زندگي ڪَرَ موڙي نٿي جاڳي ته اُهو ادب فرد جي ذات جي فقط عياشي ته ٿي سگھي ٿو پر ادب نه. . . . ادب، جيڪو وجود مان تخليق ٿي ڌرتيءَ تي موجود سڀني وجودن سان سلهاڙجي، سندن جياپي جو عڪس پسائي، زندگيءَ لاءِ مُثبت واٽون هموار ڪندو آهي. شاعري، ناول، ڪهاڻي، خاڪا، آتم ڪٿا، مضمون نگاري يا فن جي دنيا سان واسطو رکندڙ سڀئي هُنرزندگيءَ مان ئي جنم وٺي لازوال بڻجي ويندا آهن. سنڌي ادب جي دنيا ۾ سنڌي ڪهاڻي سو سالن جو سفر ڪري اڄ ٻين صديءَ جي پهريَن سالن ۾ پنهنجي هُجڻ جو ڀرپور احساس ڏياري رهي آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ کي جتي اسان جي سينيئر ڪهاڻيڪارن سو سالن جي سفر جو حسين تسلسل بخشيو آهي. اُتي جونيئر ڪهاڻيڪارن به اُن ڪهاڻيءَ کي نوان رنگ ۽ روپ ضرو ڏنا آهن. هڪ نئين سوچ ۽ ويچار، فڪر ۽ فهم سان اُن کي جِلا بخشي آهي. ڳالهه رڳو ڏسڻ جي آهي. کُليءَ دل سان اعتراف ڪرڻ جي آهي. ۽ اُن نئين ڪهاڻيءَ کي پيار ۽ محبت سان پڙهڻ جي آهي. ۽ فراخدليءَ سان اُن جي رهنمائي ڪرڻ جي آهي. ته جيئن اڄ جي نئين ڪهاڻي ٻي صديءَ ۾ پاڻ کي اڪيلو نه ڀائين ۽ هِن صديءَ ۾ به سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عالمي سطع جا ڪهاڻيڪارپيدا ٿي سگھن. ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڪائنات زندگيءَ جي سڀني رنگن سان نکرندي ۽ سَنوارجندي رهي. “اهو اجنبي”جو ڪهاڻيڪار راجن مڱريو هڪ آرٽسٽ ڪهاڻيڪار آهي. جنهن جي ڪهاڻين جي ڪائنات جا مُنهن مُهانڊا پنهنجا ۽ دل لُڀائيندڙ آهن. “اهو اجنبي”ڪهاڻين جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جو ڪهاڻيون ماضيءَ مان ڪَرَ موڙي، حال جا ڪي نوان خواب اُڻيندي، مُستقبل جي ادبي معراج لاءِ ڪي سانڀاها ڪندي نظر اچن ٿيون. جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ راجن مڱريي جون ڪهاڻيون هڪ وڏو اُتساھ ۽ اُميد آهن. ته هيءَ سنڌي ڪهاڻي پنهنجي ڀرپور تخليقي توڙي فني ۽ فڪري سَگهه سان نکري نِروارَ ضرور ٿيندي. “اهو اجنبي”ڪهاڻي دراصل راجن مڱريي جي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي آهي. هِن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ، علامتي ۽ نفسياتي انداز ۾ هڪ رومانٽيڪ ڪهاڻي تحرير ڪئي آهي. جنهن ۾ مرداڻي سماج ۾ عورت کي جسم کان اڳتي نه ڏسڻ ۽ سندس پُرخُلوص مُحبتن کي لتاڙڻ جو روايتي عمل، هِن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال آهي. راجن هن ڪهاڻيءَ ۾ وڏي فنائتي انداز، باريڪ بينيءَ ۽ نفاست سان اُن جي اُڻت ڪري ڪهاڻيءَ جي حسين سِٽاءُ سان پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ جَڪڙي ڇڏي ٿو. “اهو اجنبي پکي”جنهن جي چاهت ۾“عاشيءَ”جي چريائپ جو پيرو لَڀڻ، ظفر جي لاءِ تمام گھڻو مُشڪل ٿي پوي ٿو. ۽“اُن ئي لمحي ٻاهر پکي ٻولي ٿو، اهو پکي، جنهن جي ٻولي ظفر جي لاءِ اجنبي آهي. پکيءَ جا پَرَ مرمري بلبن جيان ٻَرن ٿا. ۽ ٻولڻ تي سندس وات ۾ جُگنو ٿا چمڪن. ظفر حيرانيءَ مان پکيءَ کي ڏسي ٿو ۽ ڏسندو ئي رهجي وڃي ٿو. اوچتو پکي اهڙو ته لامارو ٿو ڏئي جو عاشي ۽ ظفر کي پنهنجن پَرن سان ڇُهي وڃي ٿو. هُن جي پَرن جي خوشبوءِ ۾ اهڙو ته ڪو اثر آهي جو عاشي ۽ ظفر تي مدهوشي ڇانئجي وڃي ٿي. ”اهڙيءَ طرح هي ڪهاڻي هڪ راز جي ڳنڍ ۾ ٻَڌجي، ڏاڍي دلچسپ انداز۾ پڙهندڙ جي ذهن سان هم آهنگ ٿي پُڄاڻيءَ تي پهچي، هڪ ڇِرڪ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. اهو ڪهاڻيڪار جي، ڪهاڻيءَ ۾ حيرت انگيزي پيدا ڪرڻ جو هڪ نرالو ڏانءُ ڏاڍو پُختو آهي. راجن جي ڪهاڻين ۾ مون جيڪا هڪ ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي آهي، اُها اِها آهي ته راجن اُنهن ڪهاڻين ۾وڏي سليقي سان، انتهائي مُحتاط طريقي ۾ ڪنهن به ڳالهه کي ڪهاڻيءَ ۾ مُنتقل ڪري، سندس ٻولي، ماحول، منظر، ڪردارن يا اُنهن جون ڪيفيتون، لفظن وسيلي دل تائين پُهچائڻ ڄاڻي ٿو. ڪهاڻي چوڻ جو ڏانءُ، راجن کي هڪ سيبتو ڪهاڻيڪار بڻائي ٿو. هُن جي ڪهاڻين جي دنيا موضاعاتي اعتبار کان گهڻ پاسائين آهي. راجن جون ڪهاڻيون، عام طور تي اجايو مُنڍ، وِچ ۽ پُڄاڻيءَ جي روايتي انداز جون مُحتاج نه آهن. بلڪه هُو مُختصر ڪيفيتن کي تحريري تصويرن ۾ اُجاڳر ڪري پنهنجي ڳالهه وڏي ڍنگ ۽ رنگ سان ڪري وڃي ٿو. راجن جي ڪهاڻي“بارسلونا واري ڇوڪري” ته وڏي تجسُس نُما هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. هِن ڪهاڻيءَ ۾ راجن جي اندر جو ڪهاڻيڪار مُڪمل طور تي پنهنجي وجود جي ڀٽڪندڙ تَپسيا کي نمايان ڪيو آهي. هي ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو اُن ڪهاڻيءَ جو ڪردار بڻجي ڪهاڻيءَ ۾ ضِم ٿي وڃي ٿو. ۽ اکرن مان اکيون کولي تڏهن ٻاهر نڪري ٿو جڏهن“مائي پياريءَ” جي ڪهاڻي“بارسلونا واري ڇوڪري”لکي در کڙڪائي. “مائي پياري”جي اصل ڪهاڻي لکندڙ ڪردار کي ڏئي ٿي ته حقيقت ۾ خواب ۽ خواب ۾ حقيقت جو گُمان ٿيڻ لڳي ٿو. سچ ته راجن مڱريي جي ڪهاڻين جي ڪائنات ڏاڍي پُراسرار آهي. هِن جون ڪهاڻيون ڏاڍيون تازيون توانيون، اَڇون اُجريون، چانڊوڪين جيئن چِٽيون آهن. “ٽُٽل ٻانهن. . . . فليش بيڪ”پڻ جاگيرداراڻي روايتي سماج جي مُنهن تي “باليءَ”جي ڪَرائيءَ کان ٽُٽِي پيل هٿ جي پنجن آڱرين جو چنبڙي پيل ڀُونڊو آهي. جيڪو وڏيري جي مُنهن تان سموري ڄمار نٿو لهي. ۽ باليءَ جهڙي باهمت، بي باڪ ڇوڪري پنهنجي عصمت جو تحفظ ڪندي معذور بڻجي وڃڻ کان پوءِ پنڻ ۾ پنهنجو جياپو ڳولي ٿي. هُونءَ به ڪهاڻيڪار جي روشن خيالي، سماج کي پنهنجا آئيڊيل ڪردار تخليق ڪري ڏيندي آهي. جن جي بُنياد تي هڪ نئين مُعاشري جي اَڏاوت مُمڪن بڻجي سگھندي آهي. “لهرن جي لالاڻ ۽ پُونم”اَنيل ۽ پُونم جي پيار ڪهاڻي آهي. جنهن جو ڪيئنواس بظاهر ننڍڙو، پر پنهنجي اندر ۾ هڪ وشالتا سمائي رکندڙ آهي. هي لمحن جي لهرن تي ترندڙ ڪهاڻي آهي. سکر لينڊز ڊائون پُل، سنڌو درياھ جون لهرون، ٽريفڪ، ٻن دلين جي پاڻ ۾ گُفتگو، اُهي سڀ مُحرڪ ڪهاڻيءَ جو روپ ڌاري، دل کي ڏُک جي پُر لُطف ڪيفيت ۾ تحليل ڪري ڇڏين ٿا. ته ڪهاڻي اک مان اوچتو لَڙي پيل لُڙڪ بڻجي پوي ٿي. “اَڌ وتايو”طنز ۽ مزاح واري رنگ ۾ رچيل هڪ تخليقي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ اَڌ وتايو جون ڳالهيون فڪر انگيز ۽ سندس ڪم اڄوڪي سماج لاءِ هڪ درس طور پڻ اهميت رکن ٿا. “هڪ خواب جي وشالتا” ڪهاڻيءَ ۾ آرٽ جي حسين علامتي انداز ۾ موجوده سنڌ جون تصويرون وڏي فنائتي نموني پيش ڪيون ويون آهن. هن مُختصر ڪهاڻي ۾ هڪ آرٽسٽ جي ٺاهيل تصويرن ۾ سموري سنڌ کي ساھ کڻندو ڏيکاريو ويو آهي. جنهن ۾ علامت نگاريءَ جو روپ نِرالي رنگ ۾، سنڌ جي خوشحالي ۽ مُستقبل جا مُختلف تصويرن ۾ ڪُجھ اَنومان هن ڪهاڻيءَ کي هڪ الڳ زاويو عطا ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح سان راجن مڱريي جي هن ڪهاڻي ڪتاب“اهو اجنبي”۾ ڏنل ڪهاڻين ۾ تخليق جا سڀئي رنگ، جديد سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئون اُتساھ بخشين ٿيون. اُن سان گڏ اهو پڻ چوڻ ضروري ٿو سمجهان ته راجن جي هن ڪتاب جي ڪجهه ڪهاڻين ۾ ڪي ننڍا ننڍا نقص پڻ موجود آهن. جيڪي ظاهري طورتي ايڏا وڏا ناهن پر پوءِ به اگر اُنهن تي پڻ ڌيان ڏجي ها ته ڪهاڻيون اڃان به وڌيڪ نکري سگهاريون ٿي پئي سگھيون. اهڙيءَ طرح راجن جي ڪهاڻي“رت، لڪير ۽ سنڌو جي سينڌ”هڪ آدرشي ڪردار جي ڪهاڻي آهي. جيڪا اڄ جي دو رنگي سياست جي چال بازين ۽ مُنافقين کي وائکو ڪري هڪ سچي ۽ کري شخص سان ٿيندڙ ويساھ گھاتين جي داستان ٻُڌائي ٿي. “اُها شام، اُهو پنڌ، اُهو ولهار، روز جيئان. . . . . لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ وارو وقت، ولهار جي ٽنگ، جنهن ۾ ٻَڌل آهي ڳرو پٿر. پٿر جيڪو رڳو پٿر ناهي، پر هڪ شڪل آهي. هڪ صورت آهي، هڪڙو عڪس آهي، هڪڙو انتقام آهي، هڪڙي ميار آهي، هڪڙو ڏوراپو آهي. اُهو پٿر موت ڏانهن ويندڙ ننڍڙو رستو به آهي ته هڪ ڊگھي ۽ هميشه رهندڙ زندگيءَ جو سفر به آهي. . . . . ”ڇا ڪاڻ ته، “هُنجي ٽنگ ۾ ٻڌل اُها مورت علامت آهي، انهن نام نهاد ليڊرن جي، جيڪي پنهنجي عملن سان عوام ۽ سچن ڪارڪنن سان ويساھ گھاتيون ڪري ، انهن کي استمال ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪندا رهيا آهن. . . . ”هي ڪهاڻي ڏاڍي سُهڻي سِٽاءُ سان پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچي ته ٿي پر منهنجي خيال ۾هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ آدرشي ڪردار کي جيڪو مانُ ملڻ گھُربو هو اُهو ليکڪ وٽان کيس نه ملي سگھيو آهي. ڇو ته اهڙو مُخلص، ايماندار ۽ ڪميٽيڊ انسان پنهنجي جياپي لاءِ پنهنجي نظرياتي تقدس کي پائمال نه ڪندو. بلڪ هُو پنهنجي جياپي لاءِ پنڻ کي عيب سمجھي اُن کان نفرت ڪري ڪو به هاڪاري عمل محنت جي صورت ۾ ڪري پنهنجي پُٽ کي پڙهائيندو نه ڪي پني. جنهن عمل سان سماج مُثبت ترقيءَ بجاءِ تنزل ڏانهن وڃي. اُن ڪري ڪهاڻيڪار کي اهڙي ڪردار کي هڪ پُرهمت ۽ فخر لائق عمل ذريعي مثال بڻائجي ها. “اَڻ ڄاتل وقت جي يادگيري”هڪ سنگتراش جي خوبصورت ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ڪيرٿ جو هڪ ڪُنڀارڻ سان عشق ٿي وڃي ٿو پر ڪُنڀارڻ کيس پيار جي موٽ ڪونه ٿي ڏئي. ايئن اهو ڪيرٿ سندس عشق ۾ پنهنجي ڪلا ۾ صرف عورتن جا روپ سنواريندي پنهنجي بي چين روح کي آسيس ڏيندو آهي. ڪهاڻي شاندار انداز سان شُروع کان پڇاڙيءَ تائين پڙهندڙ کي پاڻ ۾ سوگهو ڪري رکي ٿي ۽ پڇاڙيءَ ۾ هڪ آرٽسٽڪ ڪلائميڪس سان حيران ڪري ڇڏي ٿي. “اُن کان پهرين جو بادشاھ ڪُجھ ڳالهائي. . . ڪيرٿ پنهنجو ثبوت ڏئي چُڪو هو. . . ماڻهن جا وات پٽجي ويا هئا، هٿ جتي هُئن اُتي بيهي رهيا هئن. . . ڪيرٿ ڇوڪريءَ کي زور سان دربار جي فرش تي بادشاھ جي اڳيان اُڇليو هو!!!!“هُن جو جسم ننڍن ننڍن ٽُڪرن ۾ ورهائجي بادشاھ جي اڳيان ڦهلجي ويو. ايئن جيئن ڪو پٿر ڀور ڀور ٿي ويندو آهي. ڇوڪريءَ جي ماءُ رانڀاٽ ڪري ڊوڙي آئي. هُن پنهنجي نياڻيءَ جي جسم جا ٽُڪرا ميڙڻ چاهيا. . . بادشاھ سپاهين ۽ دربانن کي هڪل ڪري ڪيرٿ کي پڪڙڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ به تخت تان اُٿڻ لڳو پر اُٿي نه سگهيو. ”“ڪير به پنهنجي جاءِ تان چُري نه سگھيو ڇو ته هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پٿر ٿي ويو هو!”هاڻ اِتي ليکڪ جڏهن مٿي چئي ٿو ته“ماڻهن جا وات پٽجي ويا هئا. هٿ جتي هُئن اُتي بيهي رهيا هئن. ”ته معنيٰ ننڍڙي ڇوڪريءَ جي فرش تي لڳڻ سان هر شيءِ پٿرائجي وئي ته اُن کان پوءِ ڇوڪريءَ جي ماءُ جو رانڀاٽ ڪري ڊوڙي اچڻ، بادشاھ جو سپاهين ۽ دربانن کي هَڪل ڪري ڪيرٿ کي پڪڙڻ لاءِ چوڻ ۽ تخت تي پٿر ٿي وڃڻ وارا جُملا ڪهاڻي جي ڪيرٿ جي عشق ۽ ڪلا جي ڪمال کي مُثاثر ڪن ٿا. جن تي ليکڪ کي وري هڪڙو ڀيرو ضرور غور ڪرڻ گھُرجي ها. ۽ ڪهاڻيءَ جي ڪلائميڪس ۾ صرف آخري سِٽون هي ڏئي ها ته، “ڪير به پنهنجي جاءِ تان چُري نه سگھيو. ڇو ته هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پٿر ٿي ويو هو!”ته بهتر ٿئي ها. “هڪ پُراسرار قبر جي ڪٿا!”ڪهاڻي پڻ هڪ تجسُس نُما ڀلي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جو ڪردار سليم پُر اسرار قبر مان ايندڙ آواز تي اُن کي کوٽي، اندر جي راز کي پائڻ لاءِسوچي ته ٿو پر پنهنجي روايتي خوف وچان هُو رڳو حيران ۽ پريشان رهجي وڃي ٿو، تان جو هڪ ڏينهن سليم مضبوط ارادي سان کوٽائيءَ جو سامان کڻي قبرستان پهچي ٿو. “پهچڻ کا پوءِ اهو ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو ته قبر جو مُنهن اڳ ۾ ئي کُليل آهي. قبر جي اندر نهاري ٿو ته مِٽيءَ تي هڪ اهڙو اسڪيچ نُما نشان موجود ڏسي ٿو، جنهن مان اهو لڳيس ٿو ته ڄڻ ڪو وجود مٽيءَ مان پاڻ آجو ڪري اُٿيو هجي. قبر جي هڪ پاسي چيئن پيرن جا نشان اهڙي طرح لڳل، ڄڻ ٻَه جسم هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي مليا هُجن. ”اهڙيءَ طرح ڪهاڻيءَ جو ڪردار سليم اُنهن چيئن پيرن جو پيڇو ڪندو اُنهن جي پوئيان وڃي ٿو. جيڪي اڳتي هلي وڃائجي وڃن ٿا. ۽ بعد ۾ سليم گھر موٽي اچي ٿو. ۽ اُنهن پيرن جو پيڇو ڪندي ڪندي زندگي گذاري ٿو. يا اڃا به آخر ۾ سليم پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي قبر تي وڃي اُن پُراسرار آواز کي ٻُڌڻ لاءِ واجھائي ٿو ۽ اُن خالي قبر ۾ خود کي دفن ٿيڻ لاءِ سوچي ٿو. . . سچ ته اِن ريت هي ڪهاڻي جيڪا شُروعات ۾ دلچسپيءَ سان پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ٿي اُها ڪهاڻي ليکڪ جي ٿوري عدم توجهه جي ڪري پنهنجي پُڄاڻيءَ کان محروم ٿي پنهنجو فطري تاثر وڃائي ويهي ٿي. ڇو ته منهنجي خيال مطابق اگر ليکڪ آخر ۾ سندس پُڄاڻي اِن طرح ڪري ها ته ڪهاڻي پنهنجي اصل مفهوم ۽ مزاج تحت هڪ نئون موڙ وٺي بيهي ها، مثلن پڇاڙيءَ ۾“قبر جي هڪ پاسي ٻن پيرن جا نشان هئا. اُهي ٻَه پير هلندا پئي ويا. ۽ آءُ اُنهن جو پيڇو ڪندي تجسُس مان اُنهن جي پوئيان هلندو پئي وسي. اوچتواُهي ٻَه پيرن جا نيشان منهنجي ٻن پيرن جي نشانن سان ملي چئن ۾ تبديل ٿي ويا. ” تحت ختم ڪري ها ته پڇاڙيءَ ۾ پڙهندڙ کي ڪي سوچ جانوان دڳ ملي وڃن ها. يا آخري ڪهاڻي“ڪوايئن به ياد ايندو آهي” ۾ هڪ ڪوتا ڪار ساحل جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ساحل سنڌوءَ جي ڪناري هڪ پُراسرار آواز ٻُڌي، تصور جي دنيا ۾ گُم اُن کي ڳولڻ لڳي ٿو. ۽ نيٺ هُو اُن ڇوڪريءَ کي پائي وٺي ٿو. ۽ پوءِ اها ڇوڪري کائونس پنهنجي سُڃاڻپ بابت پُڇي ٿي. پر ساحل کي ڪجھ ياد نٿو اچي. ساحل جي اِن اڻ ڄاڻائيءَ کان خفا ٿي سندس هٿ مان پنهنجو هٿ آهستي ڇڏائيندي ساحل کي ٻُڌائي ٿي ته“توهان مون کي پنهنجن نظمن ۾ ڳوليو. جيڪي توهان گذريل چئن سالن دوران لکيا آهن. . ” ۽ اِهو چوندي هُوءَ پنهنجو هٿ ساحل جي هٿ مان ڇڏائي سنڌوءَ جي سينواريل پاڻيءَ ۾ الائي ڪيڏانهن گُم ٿي وڃي ٿي. . . ”اهڙيءَ طرح ڪهاڻي پنهنجي بهترين انجام تي پنهنجي دل کي باغ بهار ڪري ڇڏي ٿي پر وري آخر ۾ ليکڪ ڪوي ساحل جو هڪ نظم ڏئي پُڄاڻيءَ کي مُتاثر ڪري وجھي ٿو. ڇو ته اُهو نظم ڪهاڻيءَ ۾ غير فطري طور تي اضافي ڀاسي ٿو. . . . . . !

27/11/2018

جديد ڪهاڻين جو ڪاڪ ٽيل

*سنڌي ادب لوڪ ادب جي صورت ۾ ته صدين جو ڦھلاءُ رکي ٿو۔جنهن ۾ شاعري توڙي آکاڻي بنام يا گمنام ليکڪن جي حوالن سان سفر ڪندي پئي رهي آهي۔پر آکاڻيءَ جي جديد صورت ڪهاڻيءَ جڏهن پنهنجو نج ادبي سفر هڪ صدي اڳ لالچند امر ڏنو مل جي تخليقي شعور مان ڦُٽي نڪرندڙ 1914ع ۾ پهرين جديد ڪهاڻي´حُر مُکيءَ جا`سان ٿيو ته سنڌي ادب ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئين سفر جو آغاز ڪري آرٽ توڙي ڪرافٽ کي هڪ نئين وسعت بخشي ڇڏي۔۽ سچ ته سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ ان هڪ صديءَ جي سفر اڄوڪي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ نئين اتساھ ۽ امنگ جو احساس بڻجي کيس اڳتي نوان رستا ۽ راهون هموار ڪري ڏنيون۔نوي واري ڏهاڪي ۾ ئي ڪهاڻي جي ڪاڪ کي ڪڪورڻ لاءِ ڀٽائيءَ جي هڪ بيت جي سٽ´انگن چڙهيو انگ`جي نالي سان پنهنجو پهريون ڪهاڻي ڪتاب سنڌي ادب کي پيش ڪندڙ ضراب حيدر جو نالو نروار ٿيو ته سنڌي ڪهاڻي سندس پيار ۽ پنهنجائپ سان آجيان ڪئي۔ايئن ضراب حيدر، جنهن جي ڪهاڻي ڪلاسڪ ۽ جدت جي سنگم سان مستقبل ۾ اهم مقام ماڻڻ جو سفر شروع ڪري چڪي هئي۔سا ٻيو ڀيرو ڀرپور انداز سان´سرحدن کان اڳتي`کان وڌي آئي ته سندس ڪهاڻي گهڻ رُخي موضوعاتي دنيا، ڀرپور نج ادبي ٻولي، اَڇوتن عنوانن، منظرن، مقامن، ڪردارن، ڀرپور ٽريٽمينٽ، فن ۽ فڪر جي اُجرن رنگن سان هڪ مُنفرد شهپاري جو روپ وٺي ضراب حيدر جي نالي سان منسوب ٿي سُڃاپجڻ لڳي۔۔ايئن ضراب حيدر سنڌي ڪهاڻيءَ جو مينڌرو بڻجي ڪهاڻيءَ جي مومل کي دريافت ڪرڻ جي جُستجوءَ واري سفر ۾ اهڙو ته تحليل ٿي ويو جو سندس ويران دل رکندڙ وجود پڻ سَراپا ڪنهن تجريدي ڪهاڻيءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳو۔اُن ريت ضراب حيدر ڪهاڻيءَ سان گڏ پنهنجي ذات جي المين، تجربن، حادثن، وڇوڙن، دردن توڙي اڪيلاين کي پنهنجي آتم ڪهاڻي´زندگيءَ جو سفر، تون ۽ مان`جي سِري هيٺ آڻي نثر جا تازا گلاب سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌا۔توڙي جو اُن آتم ڪٿا ۾ پنهنجي ذات جي رازن، اعترافن ۽ سچاين کي ظاهر ڪري به پنهنجي اندر جي ڪهاڻيڪار کي مطئمن نه پائيندي ڪهاڻين جي خانه بدوشي ڪندي، ڀٽڪندي زندگيءَ جي خيمي مٿان اڪيلاين جي چنڊ سان پنهنجا ڏک سور اوريندي ضراب حيدر هڪ ٻي ڪهاڻين جي نئين ڪائنات دريافت ڪري پنهنجي ڪهاڻين جي نئين ڪتاب´حيدر آباد`جي ذريعي ڀرپور تخليقي رنگن سان اسان تائين پهچي ٿو۔۽ سنڌي روايتي ڪهاڻيءَ جي اُڻت واري دور ۾ هڪ نئين ڍنگ جي تخليقي ڪهاڻيءَ سان نروار ٿئي ٿو۔۔
ضراب حيدر جي نئين ڪهاڻين جي ڪتاب´حيدر آباد`۾ موجود ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ اهڙو ته نرالو روپ آهن جن جي خوشبو توڙي خُمار پراڻي مڌ جيان ڏاڍا پُرڪيف ۽ جَٽادار آهن۔وقت سان گڏ ضراب ڪهاڻيءَ جي جيڪا پنهنجي روح ۾ تپسيا پئي ڪئي آهي۔اُن سندس ڪهاڻين کي تخليقي سَگهه سان گڏ آرٽ ۽ ڪرافٽ جو معراج پڻ عطا ڪري ڏنو آهي۔ڪهاڻي ضراب وٽ ڪنهن خواب وانگر نه بلڪ ڪنهن اُجري باک ڦٽيءَ جي سُجاڳيءَ وانگر مَٿس لهي ٿي۔اِهو ئي ڪارڻ آهي جو ضراب جون ڪهاڻيون وطن جي واهوندن کان ويندي پيار جي پيچرن تائين ڦھلجي دل ۾ لهي وڃن ٿيون۔
´حيدر آباد`مجموعي جون ڪهاڻيون پنهنجن عنوانن جيان ڏاڍيون حيرت انگيز ۽ دل آويز آهن۔اهوئي ڪارڻ آهي جو ضراب ڪهاڻين جي مها ڪاريگريءَ سان اهڙي ته اعليٰ اُڻت ڪري ٿو جو ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ ۾ تحليل ڪري، کيس ڪهاڻي جي ڪنهن ڪردار ۾ تبديل ڪري پُڄاڻي ۾ هڪ ڇِرڪ سان سُجاڳ ڪري وجهي ٿي۔´ڇوڪري شينهن ٿي نه سگهي` رومانس، آزادي ۽ قيد جي فطري توڙي غير فطري انداز ۽ انساني نفسيات جي جيڪا عڪاسي ڪئي آهي اُها هڪ سُچيت ڪهاڻيڪار جي نشاني آهي۔ته ڪيئن نه قيد ۾ جهنگ جو بادشاھ شينهن پيٽ جي بُک آڏو گاھ کائڻ تي مجبور ٿي پنهنجي فطرت وڃائي ويهي ٿو ۽ ٻئي طرف ڇوڪري پيار ۽ محبت جي رنگ ۾ رنگجي به شينهن بڻجي نٿي سگهي۔پر نيٺ آزاديءَ جي بي باڪ اُڏار سان ڪبوتر بڻجي نيري آسمان جي بي انت وسعتن ۾ اُڏامي عشق جو لامحدود آڪاس بڻجي وڃي ٿي۔اهڙيءَ طرح ´حيدر آباد` مجموعي ۾´نُما شام جسم`، بڪاز ماءِ ھارٽ از بِروڪن`، منڇر`، حيدرآباد`، رهجي ويل ٽائيٽنِڪ لمحو`، عاقبت جو توشو`، طالبان`، گُڊ لڪ`، ميٽني شو`، هڪ غريب دور جي امير ڪهاڻي`، هوائن جي ايوان ۾ وڃائجي ويل ڪهاڻي`، اچيومينٽ`، دل چريءَ جو فيصلو`۽´هڪ سَراب جو الميو` ڪهاڻيون پنهنجي تخليق جي مختلف رنگن سان لفظن جي لالائيءَ ۾ رڱي ڇڏين ٿيون ۔
ضراب حيدر جي ڪهاڻيڪار اک سماجي وارتائن توڙي المين کي آرٽسٽ نظر سان اهڙو ته فوڪس ڪري ٿي جو ڪهاڻي جيئري جاڳندي ڪا ڪائنات بڻجي سيني ۾ ڌڙڪڻ لڳي ٿي۔ڪهاڻيءَ جي نج ٻوليءَ ۾ ضراب جذبن جي جيڪا جاوداني پيدا ڪري ٿو اها ڪلا تمام گهٽ ڪهاڻيڪارن کي نصيب ٿي سگهي آهي۔ضراب پنهنجي ٽهيءَ ۾ توڙي نئين ڪهاڻيءَ جي ڪيئنواس تي هڪ سگهارو ڪهاڻيڪار آهي۔ ڪنهن به موضوع کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏيڻ ضراب جهڙي ڪهاڻيڪار لاءِ پنهنجي اندر ۾ پاڻ کي ولوڙڻ جي برابر ٿئي ٿو۔ڇو ته جڏهن به ڪا شيءِ اوهان جي سوچ سمجهه کان مٿاهين هوندي آهي تيسين تائين ته اها توهان وٽ آسانيءَ سان اچي ويندي آهي۔پر جڏهن توهان اُن جي اصل جوهر کان آگاھ ٿيندا آهيون ته اها شيءِ يا تخليق توهان لاءِ دُشوار بڻجي پوندي آهي۔پر پوءِ به جڏهن تخليق توهان تي مُنڪشف ٿيندي آهي ته اُن کي اصل پنهنجي سَگهه سان مُڪمل ڪري پيش ڪرڻ لاءِ جنهن اضطراب مان گذرڻو پوندو آهي اُهو ڪيڏو نه پيڙائتو هوندو آهي۔جنهن جي ڀوڳنا جو ڀَرم اُن تخليق جي روپ ۾ پڙهندڙ جي دل جي دنيا کي ڌوڏائي ڇڏڻ جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو آهي۔۽ سچ ته ضراب حيدر جي ڪهاڻي اُها ڌوڏائي ڇڏيندڙ ڀرپور سَگهه رکي ٿي۔۔جيئن´منڇر`ڪهاڻي منڇر جي سُونهن ۽ سوڀيا کان ويندي اڄوڪي سندس هٿرادو تباهي تائينءَ جيڪا حقيقت آهي اُن کي وڏي اعليٰ ڏانءُ سان جيڪا فنائتي صورت بخشي آهي اُها اکرن مان اُڪري روح ۾ ڀِٽن ۾ ڀٽڪندڙ مور جي رڙ جا لهي وڃي ٿي ته ڪهاڻي تخليقي صلاحيت جو مانُ ماڻي وٺي ٿي۔ڪهاڻي جو ڏانءُ ضراب جو وڏي هنر منديءَ سان آڌر ڀاءُ ڪري ٿو ته منڇر جو درد ۽ الميو تاريخ جي جهروڪي مان کيس نمستي ڪري اطمنان ماڻي ٿو۔ضراب هڪ بي باڪ ڪهاڻيڪار آهي۔ماڻڪ وانگر، علي بابا وانگر۔ضراب سيڪس جهڙي مَمنوع ۽ ڇِرڪائي ڇڏيندڙ موضوع کي جنسي بي راھ روي جو روپ نٿو ڏئي پر ان کي فنڪارانه انداز ۾ سماجي سچ سان علامتي رنگ ۾ اهڙو ته بيان ڪري ٿو جو اُهو اوپرو لڳڻ بجاءِ فطري سوڀيا جو ڪو عڪس بڻجي پوي ٿو۔
´طالبان`ڪهاڻي پُر تجسس هڪ رومانوي ڪهاڻي آهي۔جنهن ڪهاڻيءَ جو انداز ضراب جي هر ڪهاڻيءَ جيان مختلف آهي۔ضراب هن ڪهاڻي جي رچنا ڏاڍي موهيندڙ انداز سان ڪئي آهي۔پر اُن جو مرڪزي نُقطو سندس اڳين ڪهاڻي´سگريٽ کي ڪٿان دکائجي` وارو آهي۔جيڪا ڪهاڻي سندس اڳين ڪتاب´سرحدن کان اڳتي`۾ موجود آهي۔توڙي جو ٻنهي ڪهاڻين جي دنيا بلڪل به الڳ آهي۔جن جي اُڻت پڻ هڪ ٻئي کان مُختلف آهي۔´حيدرآباد`ڪهاڻي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب سان ٿيل هٿ چراند جو هڪ نوحو آهي۔۔جنهن جو درد ڪهاڻي جي اهم ڪردار دوست محمد جي دل مان اُڀري سموري سنڌ ۾ سمائجي وڃي ٿو۔
´دوست محمد قلعي جي زبون حال ديوار کي ڏٺو، جيڪا ساڻس گهڻو ڪجهه ڳالهائي رهي هئي ۽ کيس اُهو ٻڌائي رهي هئي ته:´مان سِر سِر ٿي، تڏهن ڀُرندي آهيان، جڏهن اِن نعري جو کوکلو پڙاڏو مون سان ٽڪرائبو آهي ۽ هوائن سان تحليل ٿي ويندو آهي۔`اھڙي ريت ڪهاڻي وڏي آرٽسٽڪ انداز سان پُڄاڻيءَ تي پُهچي ڪيئي سوال ڇڏي وڃي ٿي۔ايئن´گُڊ لڪ` ڪهاڻي جو ڪردار´اسير`، جيڪو بَدن جي پگهر جي بوءِ جي ڪري احساس ڪمتري جو شڪار هجي ٿو يا هر وقت شو ڪندڙ ´ميٽني شو` جو ´ڪمال` اُهي ڪردار پنهنجي زندگين کي ڪا معنيٰ ڏيڻ لاءِ سرگردان رهن ٿا ۽ حيرت انگيز سببن سان پنهنجي پنهنجي منزل پائين ٿا۔اُهي ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي ٿاٽ ۾ زبردست ڪهاڻيون آهن۔جن ۾ مُختلف ڪردارن جي زندگيءَ جي حسرتن ۽ مسرتن جو معراج سَنجوڳ جي سيج تي ڪرُ موڙي جاڳي ٿو ته ڪيفيتن جا ڪاڪ ٽيل ڇلڪي پَون ٿا۔حيقيت اها آهي ته مون ضراب حيدر جو هي ڪهاڻين جو ڪتاب´حيدر آباد` پڙهندي مختلف ڪهاڻين جي حسين ڪائناتن مان گذرندي عجيب ڪيفيتن جي جهانن جا رنگ محسوس ڪيا آهن۔۽ انهن رنگن ۾ زندگيءَ جا درد توڙي الميا دل جي ويجهو محسوس ڪندي بي ساخته اکين جي ڪنڊن کي نمڪين ٿيندي ڀانيو اٿم۔۔۔۔۔

22/5/2019

مينتوخ، عشق ۽ تياڳ

عالمي سطع تي ادب ۾ وڌ کان وڌ پڙهي ويندڙ صنف ناول آهي۔هونءَ به ناول جي معنيٰ ´نئون يا نواڻ`پڻ چئي وڃي ٿي۔سنڌي ناول جي دنيا توڙي جو گهڻي وسيع ناهي پر اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻ ويجهر واري وقت کان سنڌيءَ ۾ ناول لکڻ جي هڪ سُٺي ڪوشش ٿيندي پئي ڏسجي۔۔پوءِ اُنهن ناولن ۾ ڪي تخليقي طور ڏاڍا سگهارا آهن ته ڪي وري گهٽ۔۔۔پر اهم ڳالهه اِها آهي ته سنڌي ادب ۾ ناول جو هڪ نئون دور شروع ٿيو آهي۔۔جيڪو هڪ سٺو احساس ڏياري ٿو۔۔۔
ناول جي خصوصيت يا اهميت اُن ڪري به وڌيڪ آهي جو اُن ۾ ليکڪ پنهنجي تصور جي هڪ اهڙي وسيع دنيا تخليق ڪندو آهي جيڪا سندس حقيقي دنيا ۾ هڪ ٻي دنيا جو لُطف پڙهندڙ کي به عطا ڪندي آهي۔۔۽ اگر اُها ناول جي دنيا واقعي نرالي، سگهاري، تخليقي آهي ته پوءِ پڙهندڙ اُن دنيا جي جادوئي رنگ ۾ مَنڊجي اُن جي هر پل سان دل جا پاند ٻَڌجندا محسوس ڪندو آهي ۽ اُن ۾ موجود ڪنهن ڪردار جي حُسناڪين ۾ سَراپجي حقيقي زخم جهڙي دنيا ۾ هُو اُن کي هر چهري، هر روپ ۾ شعوري توڙي لاشعوري طور تي ڳوليندو رهندو آهي۔۔۽ سندس من ۾ سُرور بخشيندڙ هڪ درد دُکي پَوندو آهي۔۔سچ ته منهنجي مُطالعي جي محدود دنيا ۾ مون جيڪي به ناول پڙهيا آهن اُنهن مان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪُجهه ئي ناول منهنجي من تي نقش ٿي مون کي پاڻ ۾ رُلائي ڇڏيندا رهيا آهن۔۔اُنهن ۾ تازو آيل سحر گل جو ناول´عشق تمام بِرھ تمام`پڻ آهي۔۔۔هي ناول سنڌي ادب ۾ ڪجهه نئون هجڻ جو احساس ڏياري ٿو۔۔هن ناول ۾ ڪهاڻين جي اُڻت وڏي فنائتي انداز سان ڪئي وئي آهي۔۔ٻُڌ مت ۽ عشق جي موضوع کي جنهن نموني هڪ ٻئي سان هم آهنگ ڪري تخليق ڪيو ويو آهي۔اهو انداز پڙهندڙ کي پاڻ ۾ گُم ڪري سندس من ۾ هڪ محبت کي جنمي ٿو۔۔۔هن جي هڪ ٻي وڏي خوبي جيڪا مون کي محسوس ٿي اُها هي آهي ته هن ناول جي ٻولي ڏاڍي ٻاجهاري آهي، جنهن کي مُڪمل شعور سان اظهار جو حسين روپ، رواني، شفافيت، معصوميت ۽ تازگي سان لبريز ڪيو ويو آهي۔۔ٻُڌمت جي تاريخ جو اهڙو دل لڀائيندڙ اندز اُهو به فڪش جي صورت ۾ مُتاثر ڪندڙ آهي۔۔۔اِها ٻي ڳالهه آهي ته ٻُڌمت جي تاريخي گهرائي ۽ سندس سياست ۾ اُلجهي پَوڻ وارو بحث يا دور ڪٿي ڪٿي ٿڪائي به وجهي ٿو۔۔توڙي جو´عشق تمام برھ تمام`ناول ٻُڌمت سان واڳيل ڪردارن جي عشق-ڪهاڻي آهي۔
هن ناول ۾´تحقيق توڙي محبوب جي ڳولها خاطر ڪجهه ڪردار نيپال ۾ گوتم ٻُڌ جي جنم ڀومي لُمبيني پُهچن ٿا ته ڪي وري لداخ جي جابلو ۽ برفاني علائقن ۾ هماچل پرديش پُهچي ٻوڌيشالائن مان سِکيا حاصل ڪن ٿا۔هن ناول جي ڪهاڻي گهرائيءَ تي ٻَڌل مڪالمي سان ڀريل آهي۔جيڪو ٻُڌمت، ڌيان، يوگا، موسيقي، رقص، ۽عشق ۾ جُدائي ۽ ميلاپ جهڙن تصورن ڏانهن فلسفياڻي نگاھ پيش ڪري ٿو۔`
هن ناول جي´مينتوخ`جي جيڪا تصويرڪشي ڪبير ڪري ٿو سچ ته اُها لفظن مان پنهنجي مُڪمل حسين پيڪر سميت تصور رستي دل ۾ لهي وڃي ٿي۔۔۔۽ پوءِ اندر جي دنيا ۾ ڪيترائي عشق ۽ محبت جا جلترنگ ڇِڙي پَون ٿا۔۔ناول ۾ جيڪا ماحول ۽ حالتن جي منظر نگاري ڪئي وئي آهي اها سچ ته جادوئي حقيقت نگاريءَ جو هڪ اعليٰ انداز آهي۔۔ميرا کي ڇڏي جادم جو ناري تياڳ کان جادم جي ڳولا ۾ ميرا جو عشق ۾ ٻُڌمت جي دنيا ۾ ڀٽڪندي ٻوڌي بڻجڻ ۽ اُن سفر ۾ آيل بشريات جي هڪ شاگرد ڪبير جو تحقيق دوران´مينتوخ`سان عشق ٿي وڃڻ ۽ پوءِ اُن عشق ۾ ساڻس گڏجي پنهنجي تحقيق جي آڙ ۾ ساڻس ٻوڌي سفر ۾ هلڻ، يوڳڻي جي عشق ۾ ٻوڌي ٿيڻ، عشق ۾ ميرا ۽ ڪبير جو عروج تي پُهچڻ ۽ پوءِ وري ڪيبر کي ميرا جو ڇڏي ٻُڌمت جي سفر تي اڪيلو نڪري وڃڻ۔اُن سان گڏ جادم جو ٻُڌمت جي دنيا ۾ ميرا ڏانهن موٽڻ، جنهن کان اڳ ئي ميرا جو سندس ڳولا ۾ نڪري وڃڻ ۽ ان سفر ۾ ڪبير سان ملڻ يا ڪبير جو ٻُڌمت تي تحقيق لاءِ ڪراچيءَ کان ايندي سامونڊي جهاز ۾ ميرا کان اڳ اڻڄاڻائيءَ ۾ جادم سان ملڻ۔جڏهن هُو ميرا جي ڳولا ۾ ان ساڳي ئي پنڌ تي وڃي رهيو هوندو آهي جتي ميرا ويل هوندي آهي۔يا پُڄاڻيءَ ۾ ميرا جو طويل ڌيان جي سفر تي اُسهڻ جهڙا دل جهوريندڙ منظر پڻ روح کي تڙپائي وجهن ٿا۔۔۔اُهي سڀ حسين ۽ عجيب اتفاق هن ناول جي ٽيڪنيڪ جي نِرالائپ کي واضع ڪن ٿا۔۔سچ ته سحر گل جو هي شاندار ناول´عشق تمام بِرھ تمام` سنڌي فڪش ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو۔لڳ ڀڳ ڇهه سو صفحن تي مشتمل هي سنڌي جو ذخيم ناول هڪ اتساهيندڙ ناول پڻ آهي۔۔۔۔۔

صديءَ جو سفرڪندڙ ڪهاڻيڪار

نَوي واري ڏهاڪي ۾ جن ڪهاڻيڪارن، پاڻ کي ڪهاڻيءَ ۾ دريافت پئي ڪرڻ چاهيو، اُنهن ڪهاڻيڪارن ۾ هڪڙو نالو اڄ به منهنجين سماعتن ۾ سُهائيءَ جيان جلوه اَفروز ٿي پنهنجي تخليقي ڪهاڻيڪار هُجڻ جو شدت سان احساس ڏياريندو رهيو آهي. ڇو ته سندس شروع کان وٺي ڪهاڻيءَ تي ڀرپور دسترس رهي آهي. ڪهاڻي هُن وٽ اچي اطمنان جو ساھ کڻي ٿي. لفظ هُن وٽ اچي پنهنجي تقدس جي ڀرم تي فخر ڪندا آهن. اهوئي ڪارڻ آهي جوسنڌي ڪهاڻي به پياري طارق قُريشيءَ جي نانءُ تي گروَ ڪري ٿي.
چيخوف، شايد طارق قُريشيءَ جهڙن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين لاءِ ئي چيو هو ته“ڪهاڻي ايئن آهي جيئن اُوندھ ۾ تيلي ٻاري روشني ڪجي. ”
۽ اهو به سچ آهي ته طارق قُريشيءَ جون ڪهاڻيون روشنيءَ جي حسين علامت آهن. گهري اُونداهي رات ۾ کير ڌارا جي روشني جيئن مُسافر کي منزل جو ڏس پتو ڏيندڙ، رهنمائي ڪندڙ اهڙيون ته سنگِ ميل آهن جيڪي ڏيئا ڏيئا لاٽ بڻجي هاريل هانءُ لاءِ اُتساھ بڻجي پون ٿيون. هي اُها علامت آهي جيڪا روايت کان بغاوت ۽ جدت جي حفاظت جو اعلان ڪري ٿي.
طارق قُريشي، جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو اُهو ڪهاڻيڪار آهي جيڪو حال ۾ ويهي، مُستقبل ۾“صديءَ جو سفر”ڪري پنهنجي فنڪارانه تصور جي سگهه سان هڪ نئين سنڌ اَڏڻ جوساهس رکي ٿو. نه رڳو ايترو پر هُو دُور ماضيءَ ۾ وڃي“آسمان ڇا ٿو چئي” جهڙي شاهڪار ڪهاڻي لکي پنهنجي ديس سان محبت جو اعليٰ ثبوت پڻ ڏئي ٿو. جيڪا قصاگوئيءَ جي انداز ۾جديد ڪهاڻيءَ جو بهترين حوالو آهي. جنهن ۾ مُستقبل جي خطرن کان آگاهيءَ جو انداز پڙهندڙ جي روح کي پنهنجي تخليقي قوت سان پاڻ ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو. ۽ ٻن تهذيبن جي عظيم تاريخ سان روشناس ڪرائيندي، حيران ڪري ڇڏي ٿو.
“آسمان ڇا ٿو چئي”جي بيهڪ، سِٽاءُ ۽ تسلسل فن جا مُنفرد نمونا آهن. جن ڪهاڻيءَ جو معيار عالمي سطح جو بڻائي ڇڏيو آهي. هِن ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جون فڪر انگيزڳالهيون، منظر توڙي ماحول دل ۾ پيهي ويندڙ آهن. منهنجي خيال ۾ هن ڪهاڻيءَ تان اگر طارق قُريشيءَ جو نالو هٽائي، اُن جي جاءِ تي گارشيا مارڪيز، هيمنگوي، پائلو ڪولهو يا نجيب محفوظ جا نالا لکجن ته هي ڪهاڻي اُنهن جي ڀاسندي. ۽ ايئن لڳندو ته طارق هي ڪهاڻي ڄڻ ترجمو ڪئي آهي. هُونءَ به طارق قُريشي سينيئر ٽهيءَ جو هڪ مُنفرد ۽ نرالو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن جي ڪهاڻين جا موضوع يگانه ۽ اَڇوتا هوندا آهن. اُنهن جي ٽريٽمينٽ جو انداز، اعليٰ ڪرفٽ جو ڪرشمو، سندس ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ هڪ ڀرپور زندگي اُڀاري وجهندو آهي.
طارق قُريشيءَ جي ڪهاڻيڪار اک، ڪا عام اک ناهي پر اها ظاهري ٻِن اکين کان وڌيڪ گهري، سُچيت، سُجاڳ ۽ روشن روشن “ٽين اک” آهي. جيڪا سماجي روڳن جي وڍ ٽُڪ، ڪنهن ماهر سرجن جيان بنهه باريڪ بينيءَ ۽ نفاست سان ڪري، مَنجهس موجود اُوڻاين کان آگاھ ڪري اُنهن کان بچاءُ لاءِ حل پڻ مُهيا ڪندي آهي. هُونءَ به هڪ ڪهاڻيڪار جو سماج لاءِ نبض شناس هُجڻ تمام ضروري آهي. جيڪو اُن جي هر چُر پُر تي پنهنجي نگاھ هر وقت رکندو هجي.
طارق قُريشي به هڪ مسيحا ڪهاڻيڪار آهي. جنهن جون ڪهاڻيون خلائن ۾ لٽڪڻ بجاءِ پنهنجي ڌرتيءَ جي جيوت سان همڪنار ٿي پنهنجا مضبوط قدم کڻندي ماضي، حال ۽ مُستقبل جو سُهانو سفر ڪن ٿيون.
مان اڪثر طارق قُريشيءَ جون ڪهاڻيون پڙهي ڪري سوچيندو آهيان ته هي ڪهاڻيڪار پنهنجي من ۾ مُختلف موضوعن جي دنيا سجائي، اُنهن جي اعليٰ اُڻت ڪري، لفظن کي پُرمعنيٰ منظر توڙي پس منظر ڏئي هڪ اهڙي ته ڪائنات تخليق ڪري وجهندو آهي جواُنهن کي پڙهندي، لفظ لفظ جي ڏاڪي تي چڙهندي“اپريزل”جي دنيا ۾ پهچيو وڃي. جتي ليکڪ معاشرتي مسئلن کي سُلجهائيندي سُلجهائيندي، خود به اُنهن وارتائن جي ور چڙهي وڃي ٿو. ۽ پنهنجي ذات تي به آڱر کڻندي يا پاڻ کي به سچ چوڻ کان ڪين ٿو ڪيٻائي. ۽ پوءِ اهڙي ڪلائميڪس جي ڇرڪائيندڙ ڪلا حيرتن جي جهانن ۾ تحليل ڪري ڇڏي ٿي. طارق قُريشي رڳو تصور جي دنيا جو ڪهاڻيڪار ناهي پر هُن جي ڪهاڻين ۾ تجربن جي ڀٽڪنا ڀرپور نموني سان محسوس ٿئي ٿي. مطالعي ۽ مُشاهدي جي گهرائي، فڪر ۽ فهم جي فراست هُن جي ڪهاڻين ۾ جابجا نظر اچي ٿي

30/11/2018

ڪهاڻين جو ديوتا

“بارش کان بارش تائين“جي منظر ۾ ھڪ اُداس ۽ اڪيلو شخص ڇَٽي کڻي بيٺل آهي۔چوطرف پَنن کان خالي وڻ، سندس ويران وجود جي گواهي ڏئي رهيا آهن۔رنگَ مِينهن ۾ پُسي ڌُنڌلائجي ويا آهن۔هر طرف موسم جي درد جون ڪهاڻيون ساھ کڻي پنهنجي هُجڻ جو احساس ڏياري رهيو آهن۔
پر اُن مَنظر پُٺيان مُجيب جي بَظاهر نظر ايندڙ مُطئمن چهري تي خوابن کان رُٺل اکيون، زندگيءَ جي آرٽ گيلري ۾ رنگن کان خالي ڪيئنواس جيئن پنهنجي خالي پڻي ۾ به ڪيئي ڪهاڻيون سمائيندي محسوس ٿين ٿيون۔
هر فنڪار، پنهنجي اَڌورائپ جي ڏُک کي فن جي دامن ۾ ڦهلائي مُڪملتا جي اَڻ پوري ڪوشش ڪندو آهي۔
مُجيب پڻ اهڙين اُداسين جي سفر جو نئون پانڌيئڙو آهي۔جيڪو ڪهاڻيءَ جي طَويل سفر تي ڪهاڻين جهڙا قدم کڻندو اڳتي وڃي رهيو آهي۔سندس اَڇوتن قدمن جا نيشان، دراصل سندس زخمي پيرن جا اُهي عنوان آهن جن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ڪتين جيئن ڪَرَ موڙي جڏهن جاڳن ٿيون ته ڪيترائي خواب، احساس توڙي آهون ڪوري ڪاڳر جو مُقدر بڻجي، مُجيب جي اندر جي ڪهاڻيڪار کي فن جي نِڪور زاويي ۾ تحليل ڪري ڇَڏين ٿيون۔
مُجيب جي”دل جي آڳنڌ تي لَڙي آيل جُدائي“ڪنهن انتظار مان ڦُٽي پيل اُها مُکڙي آهي جيڪا ڪڏهن گُل نه بڻي سگهندي آهي۔ڇوته ”انتظار جي حالت ۾ ڪنهن هڪ جاءِ تي بيهڻ مُشڪل هوندو آهي“۽ پوءِ مَنجهس ھڪ سوچ جنم وٺي ٿي ته”اڄ جي شام کي ايئن چوري چوري وڃڻ نه گُهرجي“ايئن هڪ ڪيفيت جي ڪڙاڻ زبان تي محسوس ٿيڻ لڳي ٿي۔اکيون نمڪين بَڻجي ٿيون وڃن۔”رُڳي انتظار جا وَڍ وِجهندڙ لمحا ٽي وي جي بدلجندڙ منظرن ۽ آوازن جي سهاري ڪٽڻ“ڪيڏو نه عذاب آهي۔آخر”جدائيءَ جي صدمي ۾ گهٻرائجي ويل هوءَ ڇوڪري، جنهن دروازي سان ٽَڪرائجي ڪِري پئي هئي، سو پاڳل خاني جو لوهي شيخن وارو دروازو هو۔“هي ڇا حيرتن جا سَتئي آسمان مٿان اچي ڪِرن ٿا۔هڪ بي نانءُ درد جي سَٽ سيني مان اُڀري دل واري پاسي گُم ٿي وڃي ٿي۔۽ پوءِ من ۾ ”احساس جون لهرون“جاڳي دل کي لهرون لهرون ڪري وڃن ٿيون۔
”جڏهن هُو مزاج ۾ خاموش ٿي ويو هو۔۔۔۔۽ سندس لِهجن مان ماکي ٽِمڻ لڳي هئي۔تڏهن کيس ايئن محسوس ٿيندو هو، ڄڻ کيس محبت ٿي وئي هُجي۔“
”کيس وهم ٿي ويندو هو ته:”هُو پيءُ جو ناجائز پُٽ آهي!“
”اِهو ٻُڌي هُو خاموش ٿي ويو هو۔۽ پوءِ مون ڏٺو ته احساس کيس ڀاڪر پاتو ته هُو روئي ويٺو هو۔۔۔۽ سندس ڳوڙهن ۾ مان ٻُڏي رهي هُئس“ ”مون کي سندس نئين محبت پُراڻي درد جي لَذت جهڙي ڀاسي هئي۔هُن پنهنجو درد ڪڏهن به مون کي نه ٻُڌايو۔“
ھڪ سوال گوليءَ جيان سيني ۾ اچي لڳي ٿو۔۔۔۔۔
”ڪنهن جي ڪهاڻي ٻُڌائي رهي آهين؟“
”پنهنجي پُٽ جي“
”پر پاڻ کي ته ڪو پُٽ ئي نه آهي!“
آئون پولار مان پاتال ۾ پيهي وڃان ٿو۔هڪ پيڙا جو پَهاڙ مَٿان اچي ڪري ٿو۔اکين ۾ سمنڊَ ڇُلڪي پَوَن ٿا۔سوچان ٿو۔مائرون اولاد کي حقيقت توڙي تصور ۾ جنم ڏئي دراصل پنهنجي لاءِ درد ڄڻينديون آهن۔جنهن کي پوءِ عمر ڀر پاڻ ئي ڀوڳينديون رهنديون آهن۔
هر سٺو پڙهندڙ”بارش کان بارش تائين“ جي سُرمئي سفر ۾”سائي چادر جو ڏُک“ڪڏهن به، نٿو وساري سگهي۔ڇاڪاڻ ته اُن ڪهاڻيءَ ۾”زال جي جُدائيءَ جو زخم ٽِڙي مَھڪندڙ گلاب ۾ بدلجي ويو هو۔جنهن جي خوشبو جي سحر هُن کي عجيب چَريائپ ۾ مُبتلا ڪري ڇڏيو هو“۽ مُجيب کي ياد ٿو اچي ته”هن کي پاڙي جي هڪ دوست کان خبر پئي هئي ته: جنهن ڇِتي ڪُتي سندس زال کي ڏاڙهيو هو، اُن ڪُتي شهر جي ٻين به ٽِن ماڻهن کي کاڌو هو۔“مان سوچيان ٿو ته واقعي زندگي المين جو نانءُ آهي۔ڏک، درد، الميا آرٽ کي دوام بَخشيندا آهن۔۽ ڪهاڻيءَ لاءِ فن جو اعليٰ ڪرافٽ هُجڻ لازمي آهي۔نه ته ڪهاڻي، ڪهاڻي نٿي بڻجي سگهي۔۔۔۔۔!
”مگر هُنن پُسيل سائو ڪپڙو سندس مَٿان وجهي ڇڏيو۔“ ”۽آخر اُهي سِسِڪيون به هڪ ماٺ ۾ بدلجي ويون هُيون۔۔۔۔موت جي ماٺ ۾۔۔۔“
مُجيب ماٺ ميٺ ۾ جيڪو ڪهاڻي جو سفر ڪري رهيو آهي۔اهو سندس نئين پنڌ جي پيرن تي پُراڻي پيرن جو گُمان آشڪار ڪري ٿو۔سندس ڪهاڻيءَ جا مُنهن مُهانڊا سندس ئي تخيل ۽ زاويي مان گَهڙجي نِڪتا آهن۔
مُجيب جي ڪهاڻين جو ڪيئنواس ايئن آهي جيئن ڪو ڦوٽو گرافر ڪيئمرا جي ننڍڙي اک ۾ ڪائناتي ڦھلاءُ کي وڌ کان وڌ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪري، ننڍڙي زاويي ۾ وڏي وشالتا سمائي ڇڏڻ چاهيندو هجي۔
مُجيب کي ڪهاڻيءَ جي پنڌ جا پَرُوڙَ ڪنهن اڳين جنم ۾ ئي پئجي چُڪا هئا پر هِن جنم ۾ هُن ڪهاڻي جي آڱر پَڪڙي آهي يا شايد سندس ڪهاڻي آڱر پڪڙي پاڻ سان همسفري جو اعزاز بخشيو اَٿس۔۔
مُجيب نه چاهيندي به بارشن ۾ ڀِڃندي”پهرين اَنام ڪهاڻي“لکي سنڌي ڪهاڻيءَ کي گروَ وتو ڪري ڇڏيو آهي۔
سندس هر ڪهاڻي پنهنجي حُسناڪين کي سهيڙي روح تائين رَسِي ٿي وڃي۔ڇو ته هر ڪهاڻي سندس دل جي ڪاڪ کي ڪڪوري مومل بڻي آهي۔۔۽ مُجيب روح ۾ ڪڪورجِي راڻي جو رُتبو ماڻيو آهي۔
مُجيب تخيل ۽ تصور جي آميزش سان هِن ڪهاڻيءَ کي هڪ نئون رُخ، نئون جهان اَرپيو آهي۔اِها ڪهاڻي جنهن ڍنگ ۽ رنگ سان لکي وئي آهي۔ اهڙو دلربا ۽ پُختو انداز مُجيب وٽ ئي نظر اچي ٿو۔ڇو ته ڪهاڻي ننڍي هُجي يا وڏي۔بُنيادي ڳالهه اِها آهي ته اُن ڪهاڻيءَ کي ليکڪ پنهنجي فن جي ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪيئن پڙهندڙ کي آڇي ٿو۔۔ مُجيب ڪهاڻي لکي ڪونه ٿو پر ڪهاڻي ئي کيس لکرائي ٿي۔
مُجيب جي هي پهرين ئي ڪتابي تخليق ادب جي جهول ۾ بلڪل به نِڪور ۽ نياري لڳي ٿي۔سندس ڪهاڻيون هوا کان هَلڪيون ۽ پاڻ ۾ تحليل ڪري ڇڏيندڙ آهن۔نه رڳو ڪهاڻيون، اُنهن جي ٽريٽمينٽ، ڪردار نگاري، منظر ڪشي، علامت نگاري، ڊائلاگ، ڪهاڻيءَ جو مختصر پر جامع ڪيئنواس، سادي پر پُرڪشش ٻولي۔عنوان مطلب ته مُجيب جون ڪهاڻيون اهڙيون ته سهڻيون، سيبتيون ۽ مُڪمل آهن جو سنڌي ڪهاڻي مَٿن ضرور فخر ڪندي۔دراصل اِها منهنجي ذاتي رائي آهي۔ ۽ سچ ته مُجيب جي ڪهاڻين ۾ ڪا به اَجائي پٽاڙ جو ڪوبه احساس نه ٿو ملي۔هُو لفظن جو تقدس رکندي پنهنجي دل جي ڳالهه جيڪا هُو ڪردارن کان چوارائي ٿو يا بيان ڪرائڻ ٿو چاهي اُها وڏي سليقي سان چوڻ جو ڀرپور هُنر ڄاڻي ٿو۔
نه رڳو ايترو پر سندس ڪهاڻين جا عنوان به ڇا ته ڪمال جا شاعراڻا آهن۔
”خوابن جي دنيا مان خارج ٿيل ماڻهو“هي ڪهاڻي علامتي انداز جو هڪ سهڻو حوالو هئي۔
”سيني سِڪان ساريان“مان ڪجهه جملا:”ڊپ جو هڪ ڪُن سندس اندر ۾ پيدا ٿي پيو“، ”اُداسي کيس اَڇي پُوتيءَ جيئن ويڙهيل هئي“، ”هوءَ گونچ مان ٽاري ٿي پئي هئي ۽ ٽاري ٽار ۾ بدلجڻ لڳي هئي“۔
”سُڪي ويل گل جي خوشبو“ هڪ بهترين ڪهاڻي آهي۔جنهن مان صرف هڪڙي ئي سِٽَ ڪهاڻيءَ جي ڪردار جي زندگيءَ جِي اُکيل ٿي ڪري ڇڏي۔”هُو هميشه هڪ پُراڻي خوشبو جو مُتلاشي هو۔“
الائي ڇو اُهو جملو پَڙهي منهنجي ذهن تي هڪ شاندار انگلش فلم ”پرفيوم“ تري اچي ٿي۔
”زندگيءَ جي ايش ٽري ۾ سَڙيل ساھ“پڻ وجود ۾ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي۔هِن ڪهاڻي ٻُڌايو ته ”ڪهاڻي ايئن لکجي جو پَڙهندڙ اُداس ڪردار جي آڱر پَڪڙي ڪيئنواس تي هلڻ لڳي۔“
”رهجي ويل مُلاقات جو لمحو“، ”ٺري ويل چانھ جو ڪوپ“، ”سيني جي سرحد مان نڪري ويل ڇوڪري“، ”اڪيلائيءَ جو آخري ڇِرڪ“، ڪهاڻي ٻڌايو ٿي ته مُجيب جي اندر جي”بي چيني جڏهن ڀَيانڪ طوفان جو رُوپ اِختيار ڪرڻ لڳندي هئي ته، هُو ڪهاڻي لِکي اُن طوفان کي جَهڪو ڪري ڇڏيندو هو۔۔۔۽ پوءِ خيالن جي ناوَ تي چڙهي اندر جي اُونهي سمنڊ ۾ نِڪري ويندو هو۔“
ايئن سندس ٻيون ڪهاڻيون
”خوف جي خوشبوءِ“يا
”هِن دل جي خانه بدوشي“ ۾ هڪ جُملو ڪهاڻيءَ جو معيار طيءِ ڪري ٿو ته،
”کيس ايئن محسوس ٿي رهيو هو، ھُو ڪهاڻي ٻُڌي نه پر ڏِسي رهيو هو۔“
۽ سچ ته مون مجيب جون ڪهاڻيون پڙهندي اُنهن کي اکرن مان اُڀري پاڻ سان گڏ هلندي ۽ هم ڪلام ٿيندي پڻ ڀانيو آهي۔
”ڪهاڻيءَ جي ڪناري تي بيٺل ڇوڪري“ ڇا ته شاندار ڍنگ ۾ رچيل ڪهاڻي آهي۔سچ ته مُجيب وٽ ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ ڏاڍي نفيس انداز ۾ مَٿس مُنڪشف ٿيندي محسوس ٿئي ٿو۔جيئن مُحبت دل تي پنهنجا پَرَ پکيڙيندي ايندي آهي تيئن ڪهاڻي به سندس مَن جي سمنڊ ۾ مڇيءَ جيئن ترندي وٽس ايندي آهي۔۽ مُجيب کيس ڏاڍي پيار سان لفظن جي”فش باڪس“۾ لاهي وٺندو آهي۔مڇين جهڙيون رنگ برنگي ڪهاڻيون، ڇولين سان ساحل تي ايندڙ رنگين پٿرين جهڙيون دل ۾ پيهي ويندڙ ڪهاڻيون۔
”ماڻهو جو مثال به ٻرندڙ ميڻ بتيءَ جيئن آهي۔جيئن جيئن ڌاڳو سڙندو ٿو وڃي تيئن تيئن ميڻ ڳرندي ٿي وڃي۔هر ماڻهوءَ جي اندر به اهڙو ئي ڌاڳو آهي، جيڪو مسلسل سَڙي رهيو آهي۔جيئن جيئن اُهو سڙندو ٿو وڃي تيئن تيئن ماڻهو اندر ڳرندو ٿو وڃي۔“
”ننڍپڻ ۾ مري ويل شخص“ عجيب قسم جي ڪهاڻي آهي۔سچ ته مون وٽ لفظ ناهن جو مان اُن ڪهاڻي جي ڪهاڻيپڻي کي بيان ڪري سگهان۔ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي ڪيئن ٿي ساھ کڻي۔ڪيئن ٿي مُختلف رُخ پيدا ڪري۔ڪيئن ٿي وجود جو حصو بڻجي ڀوڳرائي۔اُهو مُشاهدو ماڻڻ لاءِ مُجيب جي ڪهاڻين جي پيچرن تي دل جي پيرن سان پنڌ ڪرڻ لازمي آهي۔
مُجيب جي ڪهاڻين جا موضوع توڙي مواد، مُجيب جي دل جي دنيا جا پنهنجا آهن۔
هُو هر موضوع کي ڪٿان به شروع ڪري ڪٿي به ختم ڪري ڪهاڻيءَ کي تخليق ڪري سگهي ٿو۔
“ڪهاڻين جو ديوتا”ڪهاڻي پڙهي سچ ته منهنجي دل چئي ويٺي ته واقعي مُجيب ”ڪهاڻين جو ديوتا“آهي۔۽ ڪهاڻيون سندس ديويون آهن۔
سندس دل اُنهن ڪهاڻي ديوين جو مُقدس مندر آهي۔جتي پوڄا به هڪ نِرالي فن سان ڪئي وڃي ٿي۔هي ڪهاڻي پڻ ٻين ڪهاڻين جيان پنهنجو مَٽ پاڻ آهي۔
”وائلن جي ٽُٽل تار جهڙي ڇوڪري“پڻ وائلن جي سُرن جهڙي هڪ سُريلي ڪهاڻي آهي۔جنهن جي تارن ۾ درد سگريٽ جيئن دُکي سُرمئي ڪيفيت ۾ تبديل ٿِي وڃي ٿو۔
اکيون گِهمجي وڃن ٿيون۔۽ ڀِنل دل سان”بارش کان بارش تائين“جو سفر پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پُهچي وري هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان شروع ٿِي وڃي ٿو۔ مُجيب جون ڪهاڻيون ڪنهن پُڄاڻي توڙي شُروعات جون مُحتاج ڪين آهن۔اهي ته عالمي ڪهاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ سِرجيل اهڙيون ته نراليون ڪهاڻيون آهن۔جن کي پَڙهي، ڏِسي ۽ ٻُڌي حيرتن ۾ وڃائجي وڃجي ٿو. . . . . . . . .

18/10/19

مَکيءَ جي سَمفني

منظور ملاح سان منهنجو پهريون تعارف سندس مُختلف ادبي لکڻين توڙي ترجمن جي معرفت ٿيو هو۔۽ ساڻس منهنجي روبرو پهرين ملاقات به شايد راجن مڱريي جي ڪتاب ”اُهو اجنبي“ جي مهورت دوران سانگهڙ ۾ ٿي هئي۔اڄ باقاعدي ساڻس نِج پنهنجي لکڻي، سا به فڪشن ۾ تخليقي ادب جي صنف ناول جي صورت ۾”بختاور مکيءَ جي“ سان ٿي آهي۔ناول جي دنيا به عجيب دنيا ٿئي ٿي جنهن ۾ آرٽ وسيلي ليکڪ ڪيئن نه اَڻ ڏٺل واقعن، ڪردارن، توڙي منظر نگاريءَ ذريعي اُهي گُذري ويل ماڻهو توڙي ماحول اَکرن مان اُڀاري دل ۽ دماغ تي چِٽي ڇڏي ٿو۔۽ ائين پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي اُن ۾ تَحليل ڪري اُن ناول جو اَڻ ٽُٽ حصو بڻائي ڇڏي ٿو۔جو ناول جي اُن تخليقي دنيا سان روح جون تَندون جَڙيل محسوس ٿيڻ لڳنديون آهن۔ليکڪ چواڻي ته”منهنجي هِن ناول ۾ پنهنجي اَباڻي علائقي مَکيءَ جي سالن کان وٺي موجود وڻن، ٻوٽن، چراگاهن، ڍنڍن، ڍورن، مالوند ڪلچر، اُن سان لاڳاپيل ريتن رسمن، صدين کان سيني ۾ موجود ڏند ڪٿائن جو ذڪر آهي۔هن ناول جو مرڪزي ڪردار مکيءَ جي پورهيت، بهادر، سڻوڦري ۽ سُگهڙ عورت بختاور آهي۔هي ڪردار اصل ۾ مون ٻاروتڻ ۾ اهڙن چار، پنجن مَکيءَ جي جُهونين عورتن جي ڪردارن ۾ موجود اُن قسم جي خاصيتن کي ڏسڻ، محسوس ڪرڻ ۽ سندن ڳُڻ ۽ ڳالهيون ٻُڌڻ کان پوءِ اُنهن کي گڏائي تخليق ڪيو آهي. “هُون به ڏٺو وڃي ته هِن ناول ۾ جادوئي حقيقت نگاري جو به ڪجهه اثر آهي پر اهو آرٽسٽڪ انداز سموري ناول کي پنهنجي گرفت ۾ نٿو وٺي هلي۔جنهن ڪري ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪرافٽ جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي۔توڙي جو مکي ٻيلي جو سڄو علائقو موضوعاتي اعتبار کان مزاحمت، رومانس، بهادري، جُرئت ۽ درد جي هڪ وڏي ڪائنات سمائي ٿو۔جنهن ۾ دردن جا انيڪ رنگَ به ڀَري سگهجن پيا۔پر ليکڪ اُتان جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي گُمنام پھلوءَ کي اُجاڳر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ هُو گهڻي قدر ڪامياب به ٿيو آهي. پر جيتوڻيڪ ليکڪ گهڻ پڙهيو ۽ سنڌ جي سرويچن جي تاريخي ماڳ سانگهڙ جو مقامي رهاڪو هجڻ ڪري کائونس گهڻي توقع هئي ته”بَختاور مَکيءَ جي“ ڪهاڻيءَ ۾ اُهي ڇِرڪائيندڙ پَھلو به سَمايل هوندا جن جا تصور مَکي ٻيلي جي نانءُ وٺڻ سان ذهن تي ايئن تَري ٿا اچن جيئن سائين الهه ورايي بِهڻ جي آتم ڪٿائي ڪتاب”قيد ڪشالا زندگي“ جي نالي سان اُنهن لوڙهن جو تصور اُڀري اچي ٿو جن ۾ هزارين حُرن کي پنهنجن خاندانن سان گڏ قيد ۽ بند ۾ رکيو ويو هو۔يا جيئن محمد عثمان ڏيپلائيءَ سدا حيات ۽ تاريخ جي انمول ڪردارن کي”سانگهڙ“ناول ۾ جادوئي حقيقت نگاريءَ سان فڪشنائيزڊ ڪيو آهي۔جنهن ۾ سڀ واقعا دل کي ڇُهندڙ ۽ پنهنجي حقيقي لِڪل تاريخ سان روشناس ڪرائيندڙ آهن. پر تنهن هوندي به منظور ملاح جو هي ناول”بختاور مَکيءَ جي“هڪ اهڙي عورتاڻي ڪردار توڙي ماضيءَ جي مَکي ٻيلي ۽ ڍنڍ جي ڪهاڻي آهي۔جنهن جي علائقي جي تاريخي حيثيت ۽ فطري حُسناڪين کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي۔بلڪ ايئن چوڻ بهتر ٿيندو ته اُهو سمورو وايو مَنڊل ۽ اُن جي دل سوز ڪهاڻي سنڌ جي درد جو هڪ الڳ داستان آهي۔
ڳوٺاڻي زندگي جي عڪاسي ڪندڙ هِن ناول جي ڪهاڻي مُختلف دورن جي لاهن ۽ چاڙهن جي هڪ عجيب ڦوٽو گرافي يا منظر نگاري آهي۔ناول پنهنجي بيهڪ ۾ جنهن رنگ ۽ ڍنگ کي سمائي هلي ٿو۔اُتي ناول ۾ ڪردارن جي ٻولي ڏاڍي سَڀاويڪ ۽ اَڇوتي آهي۔کوڙ سارا لفظ يا جُملا توڙي چوڻيون سُونهن ۾ مٽيءَ جي سُندرتا بڻجي اضافو ڪن ٿيون۔ناول جي ڪهاڻيءَ پڙهندي ناني واتان ٻُڌايل ڪنهن آکاڻيءَ جو گُمان به ٿئي ٿو۔پر منظور ملاح اِن ناول ۾ آرٽ جي وسيلي جيڪا دلچسپي پيدا ڪري ٿو اُها ڪٿي ڪٿي ڪنهن مضمون جو سادو پيراگراف به ڀاسي ٿي۔۔ناول جنهن شدت سان اُڀري ٿو اُهو پڇاڙيءَ ۾ کاپندي محسوس ٿئي ٿو۔ايئن ٿو لڳي ڄڻ پُڄاڻيءَ ۾ ليکڪ ناول کي زوريءَ وائينڊپ ڪرڻ چاهيندو هجي۔ڇاڪاڻ ته اوچتو ئي اوچتو عثمان جو سِلھ جي مرض ۾ مري وڃڻ سموري ڪهاڻيءَ کي ڪمزور ڪري وجهي ٿو۔بختاور جي عمر درازي ته سمجهه ۾ اچي ٿي يا جمعي جون روز روز جون ڦڙتيون به ڦٻي وڃن ٿيون پر عثمان جو موت تڪڙ جو جواز بڻجي پوي ٿو۔ٻيو ته ناول پُراڻي فارميٽ ۾ لکيل آهي۔جنهن تحت شروعات وچ ۽ پُڄاڻي واري انداز جي بنياد تي ڪهاڻي جي اُڻت ٿيل آهي۔تنهن هوندي به منظور ملاح جَس لهڻي جنهن مَکي ٻيلي توڙي ڍنڍ جي ماحول کي فڪشنائيزڊ ڪري هڪ اهم موضوع کي ڪهاڻيءَ جي ڪيئنواس تي اُڀاري هڪ ناول تحرير ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو ڪيو آهي۔۔۔۔۔

4/3/2020

ڏور ڏَئي ويا ڏُک جي

مسلسل مطالعي جي سُهاني سفر ۾ مون کي ٻين لکڻين کان وڌيڪ ڪهاڻيون، ناوليٽ يا ناول وڻندا آهن۔ڇو ته مون سدائين انهن کي پڙهندي پنهنجي اندر ۾ گم ٿي ويل هڪ گمنام درد کي دريافت پئي ڪيو آهي۔تازو ئي جڳ مشهور ناول نگار گارشيا مارڪيز جوهڪ مشهور ناوليٽ”ڪرنل کي ڪير به خط نه ٿو لکي“ پياري شاعر دوست رحمت سومري جو سهڻو ۽ سيبتو سنڌي ترجمو پڙهيو اٿم۔جنهن ۾ کوڙ ساريون گارشيا مارڪيز جون ساھ ۾ سانڍڻ جهڙيون جادوئي ڳالهيون روح کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏين ٿيون۔
گارشيا مارڪيز چواڻي ته”لکڻ هڪ لذت به آهي ته اذيت به. وقت گذرڻ سان گڏ لکڻ جو عمل تڪليف ڏيندڙ ٿي پيو آهي. اصل ۾ اوهان کي ذميواريءَ جي احساس جي شدت ٿيندي رهي ٿي. خالي صفحو، ساھ مُنجهڻ کان پوءِ، منهنجي لاءِ سڀ کان ڍيڄاريندڙ شيءِ آهي. مان سمجهان ٿو ته ٻين اديبن لاءِ ڪتاب جو جنم ڪنهن خيال يا تصور سان ٿيندو هوندو، پر منهنجي لاءِ هر تحرير ڪنهن نظر ايندڙ منظر يا ڏيک مان جنم وٺندي آهي. مون کي ”فينٽسي“ کان نفرت آهي. ڇوته مان تخيل کي حقيقت جو ذريعو سمجهندو آهيان. ۽ تخليق جو سرچشمو آخري لفظن ۾ حقيقت ئي آهي. “اڳتي گارشيا مارڪيز لکي ٿو ته”منهنجي خيال ۾ ته هر ناول حقيقت جي هڪ شاعراڻي ڦير گهير آهي. ان مان هي مراد آهي ته ناول خفيه ڪوڊ ۾ بيان ڪيل حقيقت آهي. دنيا جي متعلق هڪڙي ڳجهارت آهي. ناول ۾ توهان حقيقت سان مُنهان مُنهن هوندا آهيو. اها اصل ۾ زندگيءَ جي حقيقيت کان مختلف هوندي آهي. “اهڙين دل آويز ڳالهين جي سفر ۾ منهنجي ذهن تي نوي وارو ڏهاڪو تري اچي ٿو ته هڪ نانءُ ڪهاڻيڪارہ طور بانو محبوب جوکيو جو پنهنجي ادبي حيثيت سان نمودار ٿيڻ لڳي ٿو۔۽ مون کي چڱي طرح ياد اچي ٿو ته ان دور ۾ ادبي رسالن ۾ سندس جيڪي به ڪهاڻيون اُن وقت مُختلف عُنوان سان ڇپيون هُيون۔اهي هاڻ ٻهَ هزار ويهه ۾ وقت ۽ حالتن جو تخليقي سفر ڪندي اچي هڪ ناول جي شڪل ۾ ظاهر ٿي وينديون۔جنهن ناول جي ناوَ دل جي ڪناري کان ڪنهن وڇوڙي جي جزيري تائين اُڻجڻ ۾ ليکڪا جي روح کي اهڙو ته جهنجهوڙي ڇڏيندي جو جڏهن اُن ناول جي لفظن جي دنيا ۾ داخل ٿبو ته پوءِ هڪ حساس پڙهندڙ لاءِ اُتان واپسي محال بڻجي پوندي۔
بانو محبوب جوکيو جو پهريون ناول”اَڏ ڏُکوئي آهيان“هڪ مڊل ڪلاس گهراڻي جي ڪهاڻي آهي۔جنهن ۾ زمان ۽ مڪان توڙي ڪردارن جي بيھڪ يا انهن جي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه کي وڏي ترتيب سان سهيڙيو ويو آهي۔جيئن ڪو موسيقار شاعريءَ جي لفظن کي سُرن جي رنگن سان تصوراتي تصوير ۾ تبديل ڪري هڪ پُرسوز سَمفني کي ڪمپوز ڪندو آهي۔جيڪا سماعتن ۾ پُهچي پٿر دلين کي به مُتحرڪ ڪري ڇڏيندي آهي۔بلڪل ايئن ئي هي ناول به ڪا وڇوڙي جي درد جي اهڙي رڙ آهي جيڪا رڳ رڳ ۾ هڪ روڳ کي جنمي وجهي ٿي۔
هي ناول وڏي سادگيءَ ۽ مهارت سان ائين ته تخليق ڪيو ويو آهي جو اُن جي رواني ۾ ڪٿي به جهول يا رُڪاوٽ ڪونه ٿي محسوس ٿئي۔ناول پنهنجي فطري انداز ۾ شروع ٿي پڄاڻيءَ تي پُهچي هڪ زلزلي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ته پڙهندڙ جو اندر به ڌُڏي وڃي ٿو۔هن ناول جي هڪڙي خصوصيت اِها به آهي ته هي ناول پنهنجي پاڻ ۾ هڪ ننڍڙي دنيا رکندي به لامحدود محسوس ٿئي ٿو۔سون تي سُھاڳو اِهو به آهي جو هن ناول ۾ لوڪ ڏاهپ سان گڏ لطيفي گيڙو رنگت جو رچاءُ اهڙيءَ طرح ته رچايو ويو آهي جو هي ناول هڪ معصوم محبت جو حَسين پورٽريٽ بڻجي پوي ٿو۔
اصل ۾ هي ناول ڪُجهه اُن انداز سان اُجاڳر ٿئي ٿو ته ڄڻ ليکڪا ديوانگيءَ جي حالت ۾ پاڻ سان بي ساخته خود ڪلامي ڪندي هي ناول تخليق ڪري وڌو آهي۔ٻن گهرن جي مُختصر مُفاصلي کي وڏي فنائتي نموني آسمانن جيڏي وسعت بخشڻ هر ليکڪ جي وس ۾ نه هوندي آهي۔سچ ته هي ناول پڙهندي تمام گهڻو وقت اڳ ۾ ڪلا پرڪاش جو بهترين ناول ”وقت، وٿيون، وڇوٽيون“
مون کي ياد اچي وڃي ٿو۔جنهن ۾ هڪ ڪردار فليٽ ۾ گهر جي دريءَ مان بمبيءَ جي آسمان تي بادلن مان وسندڙ بوندن کي ڏسندي پنهنجين يادن ۾ کوئجي هڪ اَڇوتي ڪيفيت پڙهندڙ تي طاري ڪري اُداس ڪري ڇڏي ٿو۔۔بلڪل ايئن بانو محبوب جي هن ناول جي حياء ۽ ملھار جي معصوم محبت به دل کي هڪ عجيب ڪشمڪش ۾ مُبتلا ڪري ڇڏي ٿي۔۽ ٻين ڪردارن جي ڪردار نگاري خيال جي خاڪ مان نڪري حقيقت جو روپ ڌاريندي ڀاسجي ٿي۔ناول جي ماضيءَ سان شروعات ٿي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ آرٽسٽڪ انداز سان فليش بيئڪ ۾ هلي وڃي ٿي ۽ وري وڏي هُنر مَنديءَ سان ماضيءَ مان حال ۾ تحليل ٿي پڙهندڙ کي پڙھڻ جي سحر مان ڇرڪائي حقيقت جي تلخيءَ کي ڪيفيتن ۾ ملائي ڇڏي ٿي ته اکيون نمڪين بڻجي درد جي بيابان ۾ ڀٽڪي وڃن ٿيون ۽ دل ديوانگيءَ جي دانهن بڻجي وڃي ٿي۔
ڇو ته”ڌرتي پير تپائيندي آهي، ڌرتي پيرن مان کسڪي ويندي آهي. ڌرتي ڦاٽڻ تي به ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڌرتي سوڙهي به ٿي پوندي آهي۔۽ پري به ڌرتي ڪڏهن ڌڪيندي آهي۔۔۔۔اهو ٻُڌو به آهي ۽ کوڙ دفعا اُهو محسوس به ڪيو آهي۔۔۔پر ڇا ڌرتي پير به پَڪڙيندي آهي؟اها خبر مون کي هاڻي پئي آهي!“
اردوءَ جي نامياري شاعره سارا شگفته به امرتا پريتم ڏانهن لکيل خطن”ايڪ ٿي سارا“۾ ڪٿي لکيو آهي ته”يي زمين دوڙني ڪي ليئي ڪتني بڙي هي۔پر رهني ڪي ليئي ڪتني ڇوٽي“
ڪڏهن ڪڏهن ڌرتيءَ جي وسعت ننڍڙي ڀاسندي آهي ته ڪڏهن وري ان جو ڦھلاءُ ننڍڙو لڳندو آهي۔اهي عشق جي انتهائن جو ٻهَ ڪيفيتون آهن۔جيڪي هڪ تخليقڪار کي هر پهلوءَ ڏانهن گهرائيءَ ۾ ڏسڻ جي سگهه عطا ڪنديون آهن۔
هي ناول بنا حصن ۾ ورهائڻ جي مُسلسل رواني سان لکيل هڪ دل آويز ناول آهي۔
هي ناول هوريان هوريان اکين ۾ دونهين جيان دُکندو آخر ۾ دل اندر هڪ اھڙي مَچ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو جنهن ۾ جلڻ کان سواءِ پڙهندڙ لاءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه ٿو رهي۔مون محسوس ڪيو آهي ته سنڌي ناول توڙي ڪهاڻيءَ جي دنيا يا اُن جي ٽريٽمينٽ ڪنهن طور تي به عالمي سطع کان گهٽ ناهي۔ڇو ته هاڻ دنيا ڳنڍجي هڪ نُقطي ۾ سَمائجي چُڪي آهي۔۽ سڄي دنيا جا ليکڪ ڄڻ هڪ ئي گهر جا ڀاتي بڻجي پيا آهن۔پنهنجن مُختلف رنگن ۽ روپن سان۔۽ سچ ته هن ناول جي گهريلو زندگيءَ جي هڪ سادي سودي ڪهاڻيءَ کي ليکڪا پنهنجي فني مهارت سان جيڪا اهميت ۽ افاديت بخشي آهي۔اها به سندس سالن جي تخليقي تپسيا جو ڪمال ئي چئي سگهجي ٿي۔
بانو محبوب جوکيو”اڌ ڏکوئي آهيان“۾ هروڀرو اجائي فينٽسي جي ڀرمار نه ڪئي آهي۔بلڪ بي ساخته انداز ۾ هن حقيقتن کي پنهنجي نموني سحر انگيزيءَ سان تخليق ڪيو آهي۔
اڄ جڏهن سنڌيءَ ۾ ناول لکجڻ جو دور شروع ٿيو آهي ته ان وقت اهڙي پُختي ناول جو سرجڻ سچ ته سنڌي ادب لاءِ هڪ سڀاويڪ ڳالهه آهي۔توڙي جو بانو محبوب جو هي ناول آتم ڪٿائي انداز ۾ تحرير ٿيل آهي پر پوءِ به هن ناول ۾ آرٽ ۽ ڪرافٽ، ٻولي توڙي مختلف وقتن تي ٺهڪندڙ چوڻيون، شاھ جا بيت ناول جي ڪردارن جي اظهار کي وڌيڪ پُختو، دلچسپ ۽ بامعنيٰ بڻائين ٿا۔مون پنهنجي زندگيءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن جن به ناولن کي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪيو آهي اُنهن ۾ بانو محبوب جوکيو جو هي ناول به شامل آهي۔ڇو ته هن ناول ۾ پيار، محبت، سادگي، چالاڪي، ننڍپڻ کان ماءُ کان مليل نفرت، ڌاريائپ ۽ پنهنجائپ جي ڏک ۽ خوشي جا رنگ جن ۾ وڇوڙي جا وَرلاپ سڀني رنگينين کي سُرمئي رنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا، موجود آهن۔جن جي پينٽنگ ڪنهن مصور جيان دل جي بُرش سان ڪيل محسوس ٿئي ٿي۔پهاڙن جيڏي ڏُکي جياپي جي پنڌ هوندي به ويڙهچن سان ڪيل وَچن ڪڏهن به هيڻو نٿو ٿئي ۽ اَمر محبت خوابن جا پَنک ماڻي اُڏامي اچي پنهنجي پيار جي ڀَرم کي جيئاري ٿي۔ته ناول ڪنهن وڇوڙي جي سدا حيات گيت ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو۔۔۔روح جي گهراين تائين، ڪيفيتن جي ڪهڪشائن تائين ڀٽائي پڙاڏا بڻجي گونجي وڃي ٿو ته،
ڪُنڍي ڪَلين وچ ۾، جڏهن هَنيائون،
موت نه ماريائون، ڏَور ڏَئي ويا ڏُک جي.

اَدا نه ڪري سَگهيل لفظن جو اعتراف

مون کي ڪنهن به ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين ۾ سندس فن ۽ فڪر تي لکڻ ائين لڳندو آهي ڄڻ هڪ شاعر هئڻ جي ناتي مان پاڻ تي جبر ڪندي ڪا نِرالي ڪهاڻي لکڻ جي ڪوشش ڪندو هُجان. ۽ پوءِ مونکي ائين محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته مون لاءِ نثر ۾ لکڻ صليب تي چڙهڻ برابر آهي ۽ پوءِ اهائي صليبي ڪيفيت جي روحاني پيڙا ۽ بي چيني مونکي ڪجھ لکڻ جي سگهه عطا ڪري، اُن محسوسياتي ٽياس تان لاهڻ ۾ مدد پڻ ڪندي آهي. اهڙين ڪيفيتن جي ڪُنن ۾ گهوماٽيون کائيندي، ٻُڏندي ۽ ترندي سنڌي ادب جي سامونڊي جزيري تي پاڻ کي ڪنهن ڪَک پن جيان ڀائڻ لڳندو آهيان ۽ جڏهن سنڌي ادب جي رنگين ڪائنات ۾ ڪهاڻي، ناول، ڊرامي يا شاعري جهڙين صنفن تي ويچاريندي يا اُنهن مُتعلق پڙهندو يا ٻُڌندو آهيان ته دل دُکڻ لڳندي آهي.
هر پڙهندڙ توڙي لکندڙ جا معيار، ماڻ ۽ ماپا ذاتي پسند يا ناپسند جي، بي بنياد جوازن تي جُڙيل هُئڻ ڪري اسان”سچ ۽ ڪچ“۾ ڪوبه واضح فرق نه ڪري سگهيا آهيون. اهوئي ڪارڻ آهي جو اسان سنڌي ادب کي سطحي ۽ ذاتي تنقيدي نقطي نظر واري پاتل مصنوعي، دانشوراڻي، پلاسٽڪ جي ڌُنڌلي عينڪ جي نظر ڪري اجتماعي قومي بقا واري نظريي کي اَجايو پنهنجي اَنائن جي جوٽيل، بي مقصد جنگ ۾ تباهه ۽ برباد ڪري انفرادي سُڪون ماڻڻ جا مُتلاشي بڻجي، پنهنجي اصل اديباڻي مَنصب کان ڪٽجي، پنهنجو روحاني ۽ فطري قُطب نُما وڃائي بي حسيءَ، غير ذميواري ۽ غير سنجيدگيءَ جي وَر چڙهي ڀٽڪي رهيا آهيون، مَڃتا جي اُن رُڃ ۾ ڀٽڪندي، ڀٽڪندي مَڃتائن جي مُستحقن کي مانُ ڏيڻ هاڻ اسان جي اَنائن جو وڏو مسئلو بڻجي رهجي ويو آهي، اسان پنهنجي ذات جي زهر ۾ ايترا ته زهريلا بڻجي چُڪا آهيون جو هاڻ اسان پنهنجي تخليقي جوهرکي ڏنگي ڏنگي، پنهنجي قلم جي مُقدس مَس مان زهر اوڳاڇي اوڳاڇي ڪوڙي تسڪين ماڻڻ جا شوقين بڻجي پيا آهيون. پاڻ کي ته هر حال ۾ مڃتا گهرجي ئي پر ٻين کي مڃتا ڏيڻ اسان جي اَنائي نظريي جي خلاف آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ فطري ۽ نِج تخليقڪار/ ليکڪ کي پنهنجين مِڙني سچاين ۽ ايماندارين سان اَجاين ڳالهين/ مَنفي لاڙن کان ڪن لاٽار ڪري مقصد وارو لکڻ اڄوڪي ادبي ڪال واي دور ۾ وڏو تخليقي جهاد آهي. هونءَ به هڪ ليکڪ وٽ تنقيدي شعور جو هُئڻ انتهائي ضروري آهي جنهن جي ڪسوٽيءَ جي آڌار تي هُو پنهنجي توڙي ٻين لکڻين تي ٿيندڙ تنقيد کي حقيقت پسندي جي نگاهه سان پرکي ۽ اُن جي مُثبت رُخن تي غور ويچار ڪندي اڳتي قدم کڻندو هلي. ڇاڪاڻ جو زندگي ماضيءَ حال ۽ مُستقبل جو مُنجھيل هڪ ڍيروآهي ۽ ادب اُن الُجھنن جو سُلجهاءُ آهي جنهن جي مُحافظي هر اديب جو اولين فرض آهي،
جديد سنڌي ادب جي ڪهاڻيءَ جي ڪئينواس تي جن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪهاڻيڪارن پنهنجي فني، فڪري ۽ تخليقي جوهر جا جَلوا پَسايا آهن اُنهن مان تمام گهٽ عرصي ۾ ڪهاڻي جي بُلندين کي چُمي، مڃتا ماڻيندڙ ڪهاڻيڪار نسيم پارس گاد مونکي نوي جي ڏهاڪي کانپوءِ پنهنجي مُنفرد سُڃاڻپ سان اڄ تائين پنهنجي ڪهاڻين توڙي ٻين لکڻين ۾ ڏاڍو نئون نئون، تازو توانو ۽ سنڌي ڪهاڻي جي نِرڙ تي بنديا جيان چمڪي روشني ڦهلائي نئين لاٽ ۽ واٽ جو ڀرپور ڏس ڏيندڙ پانڌيئڙو لڳي ٿو، اهڙو احساس مون کي هڪ ننڍڙي لکندڙ ۽ پڙهندڙ جي ناتي اڪثر طور تي سندس لکڻيون پڙهندي شدت سان ٿيو آهي. بلڪه ائين چوڻ مُناسب ٿيندو ته نسيم پارس جون تحريرون روح جي گهراين ۾ لهي، دل جي تارن کي ڇيڙي اُن احساس کي جنمين ٿيون.
نسيم پارس جو پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ“ سنڌي ادب جي لائبريري لاءِ ڪهاڻين جي شوڪيس ۾ پنهنجا سمورا تخليقي رنگ سمائي پنهنجي فني، وجودي، سَريئلسٽ ۽ فڪري پُختگي جي گُڻن سان نِروار نظر اچي ٿو، اِها ٻي ڳالهه آهي ته اُن”مرڪزِ نگاهه“ڪتاب کي نظراندازيءَ واري روايتي بي حسيءَ جي اَنگاس تي چاڙهي سنجيدا ۽ ذميوار سڏائيندڙ ادب جا علمبردار پنهنجي جوٺين انائن کي عارضي تسڪين ڏيڻ لاءِ ڪوڙا دلاسا ڏئي ڏئي پيا پنهنجي ذات کي مُطميئن ڪن، ته نسيم پارس جون ڪهاڻيون ڪنهن جي تقليد آهن، ڪنهن جو اُڻ پورو عڪس آهن يا اُهي اڃان ڪهاڻي پِڻي کان خالي لفظن جا بي مقصد مجموعا آهن، بحرحال اِها سوچ يا راءِ ته ادبي نيت ۾ نانگ واري ڳالهه ٿي پر حقيقت بِلڪل اُن جي اُبتڙ ۽ برعڪس آهي، جنهن کان سندس هم عصر يا سينئر سندس ڪهاڻين کي دل ۽ دماغ جا دروازا بند ڪري رڳو خالي نظرن سان پنن تي اکرن جي لاحاصلات رولاڪي ڪري ڪا تڪڙي ۽ وائڙي راءِ قائم ڪرڻ پنهنجو ادبي اولين فرض ڄاڻين ٿا.
مان هت نسيم پارس جي ڪهاڻين لاءِ شُوپنهار جا لفظ ورجائيندس ته، ”ليکڪ پنهنجي تخليق ۾ پنهنجو ساهه، سَرير ۽ رَت سَت شامل ڪندو آهي پوءِ اُها تخليق ٿي پوندي آهي. ساهه کڻڻ، روئڻ، کلڻ ۽ ڳالهائڻ لڳندي آهي، شوپنهار جي مٿين ڳالهه جو ڀرپور جوهر نسيم پارس جي ڪهاڻين جو ئي روح آهي.
”ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ“ چوڏهن ڪهاڻين جو هڪ اهڙو مجموعو آهي جنهن جي هر ڪهاڻي وڏي فنائتي، فڪري گهرائي واري انداز سان اُڻيل اصل ڪهاڻيءَ جي ڪرافٽ کي رَچي هڪ نئون سريئلسٽ گس جوڙيو ويو آهي. جنهن ۾ مقصد ۽ مفهوم کي ليکڪ ڪٿي به مَجروح نه ڪرڻ ڏنو آهي. ڪنهن به چونڊيل موضوعن کي ڪهاڻي جي حسين پيڪر ۾ سمائڻ ۽ نڀائڻ جو تخليقي فن ليکڪ جي ڪهاڻيڪار هُجڻ جي ساک ڏئي ٿو، هر ڪهاڻي پڙهندي پنهنجي سڀني حُسناڪين سان شعور رستي روح ۾ لهندي محسوس ٿئي ٿي، سارتري وجوديت جي اثر هيٺ لکيل هي سريئلسٽ ڪهاڻيون پنهنجي اسلوب جي اَبهام ۾ فن ۽ فڪر جو دامن هٿان نه وڃايو آهي. نسيم پارس پنهنجي ڪهاڻين ۾ هڪ ڀرپور اضافو اِهو به ڪيو آهي ته اَسلوبي اَبهام ۾ هُن پنهنجي فن جي ڪمال جي سگهه سان مُناسب حد تائين ابلاغي سلاست به پيدا ڪئي آهي، سندس ڪهاڻين جا ڪردار خوابي ۽ اجنبي نه پر پنهنجي معاشرتي ڍانچي مان تخليق ٿيل ملن ٿا، ڊائيلاگن جي نفاست ۽ انفراديت ۽ وري اُنهن ۾ معنيٰ خيز جُملن جو استعمال ڪهاڻي کي پنهنجي فطري انداز سان منطقي نتيجي تي پُڄائڻ، ٻولي ۽ تشبيهن جي اُجرائپ پُڄاڻيءَ جا نوان، نوان حيران ڪندڙ انداز گهٽ مان گهٽ مون جهڙي معمولي پڙهندڙ ۽ ليکڪ کي جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ تيلي ٻاري روشني ڪرڻ کي ڪهاڻي ڄاتو آهي. اهي ئي ڪهاڻي جي ڪهاڻي پڻي کي پنهنجي پنهنجي روح مان تخليق ڪري سگهيا آهن.
”مياڪن چواڻي“ته”قدرت انسان ۾ جن شعوري شين کي امانت ۾ رکيو آهي تن جي اظهار کي ادب چئجي ٿو“ ۽ سنڌ جي نامياري اديب ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي نظر ۾ ته”اديب ٿيڻ لاءِ لکڻ ائين آهي جيئن مذهبيءَ لاءِ مَراقبو. “يا سنڌي ڪهاڻي ۾ ماڻڪ ۽ اُن جي هم عصرن وٽ تجريدي جدت نظر اچي ٿي، جيڪا سندس وفات کانپوءِ اُن ساڳي گهاڙيٽيءَ ۾ گهٽ نظر اچي ٿي، پر نسيم پارس جو انداز ان ساڳي تجريدي سلسلي بجاءِ هڪ نئون انداز آهي جيڪو نسيم پارس جو پنهنجو آهي، هن جي ڪهاڻين جهڙو گهاڙيٽو ۽ پيش ڪش جهڙو انداز اُن کان پهرين مون نه پڙهيو آهي. هُو مڪالماتي ڪهاڻيڪار آهي ۽ هُن جي وکريل مڪالمي ۾ هڪ ڳُجهو تسلسل آهي“.
اصل ۾ هر سچو تخليقڪار ئي ڪنهن جي تخليق جو قدردان ٿي سگهي ٿو بقول”اوشو رجنيش جي ته “برسات ته ساڳي ئي هوندي آهي پر اُها مُختلف جاين تي وسندي آهي، اگر اُها بارش ڪنهن باغ تي وسندي ته اُتان خوشبو ئي خوشبو اُٿندي پر جي اُها ساڳي بارش ڪنهن گندگي جي ڍير جي مٿان پوندي ته اُتان بَدبوءِ ئي بدبوءِ اُٿندي. ”
پنهنجي دور جي تخليقي ادب کي احترام جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ اُن کي پڙهي پُرجهي پنهنجي هانءُ سان هنڊائڻ ۽ اُن تي تنقيدي نظر رکي ايماندارانه راءِ قائم ڪرڻ ئي سڀ کان وڏي مُنصفانه وَٿ آهي. هونءَ به تنقيد جي معنيٰ نقد آهي ڪنهن به تخليق جي خوبين ۽ کامين کي سچائي سان بنا ڪنهن رُڪاوٽ جي پيش ڪرڻ آهي پر اسان وٽ هِت سنڌي ادب ۾ تنقيد ڪندڙ ڄڻ ڪو جلاد هُجي، جنهن جي لاءِ نصير مرزا جي راءِ به وڏي اهميت رکي ٿي ته نقاد جي اک اُن مَک وانڱر هوندي آهي جيڪا سُٺين شين کي ڇڏي سدائين گند تي ويهڻ پسند ڪندي آهي. “حالانڪه ڏٺو وڃي ته نقاد پنهنجي مَنصب ۾ اُن ماهر سَرجن وانڱر هوندو آهي جيڪو پنهنجي هُنري، فني ۽ فڪري مَهارت سان ڪنهن به جسم ۾ موجود ناڪاره عُضون کي وڏي محنت، غور ۽ فڪر سان ڪٽي ڌارڪري اُن مفلوج جسم کي صحتياب ڪري نئين زندگي بخشي، پنهنجي پيشي جو مانُ مٿاهون ڪندو آهي. اُن ڪري به اسان وٽ تنقيد جو بُنياد بنا ڪنهن تنقيدي شعور ۽ ڳوڙهي تحقيق جي هاڻ فقط هوا ۾ لٺيون هَڻڻ جو فيشن اختيار ڪري ويو آهي.
نسيم پارس جي ڪهاڻين جي مواد ۾ زندگي سان پيار جو درس ملي ٿو، مَنجهس فڪري ۽ فني گهرائي سان زندگي جي حُسناڪين جو احساس ڪري موڙي جاڳي پوي ٿو، اهڙو هڪ مثال”بُندو خان ڪاسائي“جي عنوان سان لکيل ڪهاڻي ۾ ڀرپور انداز ۾ ملي ٿو. جيڪا علامت نگاريءَ جو هڪ شاندار مثال آهي. مُعاشري جي انتشار جي ڪَرب مان ڦُٽي نِڪرندڙ زندگيءَ جو من موهيندڙ اُتساهه صرف ۽ صرف نسيم پارس جهڙو فنڪار ڪهاڻيڪار ئي پيدا ڪري سگهي ٿو، سندس اُن ڪهاڻيءَ مان ھڪ ٽُڪرو پيش ڪيان ٿو جيڪو اُن ڪهاڻيءَ جو هڪ ڀرپور ڪلائمس پڻ آهي. ”رات، هُن جي دُڪان ۾ لهي اچي ٿي ۽ بندو خان جا نيڻ کڻي هلي وڃي ٿي ته رات ستارن جي جهرمر سان چمڪڻ لڳي ٿي. بندو خان آخري گراهڪ جي انتظار ۾ آهي جو هُن جي وجود جو باقي رهيل ٽڪرو کڻي هليو وڃي. ايتري ۾ هڪ ڇوڪري هُن جي دوڪان ۾ داخل ٿئي ٿي. هُوءَ، هُن جا چَپ کڻي هلي وڃي ٿي ۽ بندو خان وٽ فقط ٽهڪ رهجي وڃن ٿا، هُن جو دُڪان ٽهڪن جي پڙاڏن سان گونجي پوي ٿو” هِن ڪهاڻي ۾ نيڻ، ڇوڪري، چَپ ۽ ٽهڪ زندگي جي ڀرپور علامت ۽ جماليات جو حسين استعارو آهن. ڪهاڻي”گهٽيءَ مان الوپ ٿي ويل وجود“مان هڪ جُملو ته، “يار!اِهي گولڊن ڊراپس گُلن تي پَکڙيل ماڪ جيان هوندا اٿئي، ٻيلي! خيال سان جي هڪ به ڊراپ زمين تي ڪِري پيو ته پوءِ ملائڪ به شرابي بڻجي پوندا“. ”جيون جُهوٽو لوءِ جو“۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”مان سوچيندو آهيان جڏهن طوطو زيتون کي ٽُڪيندو آهي ته پوءِ زيتون مِٺو ڇو ٿي ويندو آهي، مِٺاڻ زيتون ۾ آهي يا طوطي جي ٽُڪڻ ۾. “ ”ڪولاچ ٿيل شخص جو پورٽريٽ“مان هڪ ٽڪرو، ”مان هر شيءِ کي نئين انداز ۾ جنم ڏيڻ ٿي گُهران، جئين تون هر جنم ۾ منهنجو رهين، مون کي خواب ۾ آيل اُن گُم ٿيل گلاب جي تلاش آهي جو هوءِ کڻي وئي آهي، اُن گلاب ۾ تنهنجي جسم جي خوشبوءِ سَمايل آهي ۽ تنهنجي جسم تي منهنجي هزارين چُمين جي اَرپنا ٿيل آهي، مان چُمين جي واس مان جُڙيل گل جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان، مونکي اُن گلاب جي تلاش آهي جنهن، محبت جي چُمين جي بارش مان جنم ورتو ۽ اُهو خزان ۾ ٽڙيو هو، خران ۾ ٽڙيل محبت جا گُل آسماني صحيفن کان وڌيڪ پَوَتر هوندا آهن جن منجهه صدين جو سوداءُ، اَيامن جي محبت سفر طئه ڪري گُل کي ڳاڙهو لال بڻائي ڇڏيندي آهي“.
”چنڊ مان ٺهيل چوڙيون“مان ڪجهه سٽون، ”چنڊ کي پَرَ ناهن ڪيئن اُڏرندو؟ موتيا تجسُس مان چوي ٿي. ٻئي ڄڻا اُنهيءَ ڳڻتيءَ ۾ وَهلورجي پَون ٿا. چنڊ کي پَرَ ڪٿان ايندا؟ ماڻڪ، سوچ ويچار کانپوءِ چوي ٿو. ڀنڀوريءَ جا پَرَ پَٽي چنڊ کي هڻنداسين، پوءِ ٻئي ڄڻا چنڊ تي چڙهي دنيا جو سير ڪنداسين“.
“چريا ڀنڀوريءَ جا پَرَ پَٽبا ته اُها ڀيندي ٿي پوندي، مون کي بُک لڳي آهي مان ته ڀينڊي تَري کائي ويندم“. موتيا چئي ٿي ۽ ٻئي ڄڻا راند ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا“.
”ڪرسمس جو وڻ“مان ڪجهه سٽون، ”ننڍڙو يسوع بينچ تان پيرين اگهاڙو مٿي اگهاڙو، يخ سَرديءَ ۾ وڃي ٿو. روڊ تي ڊوڙندو پنهنجي ننڍڙي ذهن ۾ اَڏيل ماڳ ڏانهن، جتي”ڪرسمس جو وڻ“آهي. جتي”سينتا ڪلاز“ننڍڙي يسوع لاءِ ستن اوٻاريل آنن جو تحفو کنيو سندس اوسيئڙي ۾ آهي“.
”هڪ شخص جو چنڊ بڻجي نه سگهيو“ مان هڪ ٽڪرو ته”اسان مان هر ڪو اذيت پسنديءَ جي دائري ۾ ڦاٿل آهي. جئين ڪنهن چرچ جي راهبا سڄي عمر ڪنواري بڻجي پنهنجي ڪنوارن جذبن کي چيڀاٽي ڇڏيندي آهي. پوءِ سڄي ڄَمار ڪنوار پڻي مَنجهان لذت وٺندي رهندي آهي. . . . . . . ائين اسان مان هر ڪو. “
“ڪنوار پڻو پوءِ به زندگي آهي پر اوندهه ڪا زندگي ته ناهي“؟هُن جو جوابي جُملو ٻُڌي مان دنگ رهجي ويس“.
”وکريل وجود جو الميو“
”تون نه هُئينءَ، مون ديوار کي سوراخ ڪيو. ۽ کيس زال بڻائي ڇڏيم. ديوار کي مون مان پيٽ ٿي پيو آهي ۽ روئي رهي آهي، توکي خبر ناهي ته گڏهه، ڪُتيون، گهوڙيون به روئي رهيون آهن. هُنن سڀني کي مون مان پيٽ ٿي پيو آهي. . . . . . . . .
تون هُجين ها ته ائين هرگز نه ٿئي ها. اچ ته انهن سڀني وحشتن کي دفنائي ٿا اچون. جن سان ديوارون حامله بڻيون آهن“.
”اي زندگي! تون ڪٿي آهين؟“، ”مان پيرن اگهاڙو تتل صحرا ۾ بيٺو آهيان. مان تتل صحرا تي وڃان ٿو ڊُوڙندو ۽ رڙيون ڪندو. مان تيز ڊوڙندو وڃان ٿو. منهنجا پير مونکان ڇڏائجي پوئتي رهجي وڃن ٿا. مان پنهنجا پير تَتل صحرا ۾ وڃائي ويهان ٿو. صحرا مان هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو گُذري ٿو جنهن جي پيرن ۾ چپل ناهي هُن جي نظر منهنجي پيرن تي پوي ٿي هُو خوشيءَ مان منهنجا ڇڏائجي ويل پير پائي نچي ۽ ڪُڏي ٿو. “ يا ”قبر جي گُهگُهه انڌيري ۾ خواب ڏسي نه سگهندس. اُنڪري مان پنهنجا نيڻ ٻاهر آڳُر ۾ کُلندڙ دريءَ جي گِرل ۾ رکيو ٿو وڃان. جيئن خواب ڏسي سگهان“.
”ماڻڪ جو موت“. ”ماڻڪ! تنهنجا ڪتاب ڳڙڪائي هَضم ڪري ورتا اٿم ۽ مونکي تنهنجي لکيل جُملن مان پيٽ ٿي پيو آهي. “يا”ڏسُ دل ۾ ڪَيَئي نه!مان چَري آهيان نه، توکان ڇا گُهريو اٿم. تون خاموش هوندو آهين. ڏاڍو وڻندو آهين تنهنجي خاموشيءَ کي هٿن ۾ دُکايل سگريٽ وانگي محسوس ڪرڻ ٿي گهران. تون خاموش هوندي دُکايل سگريٽ جيان لڳندو آهين. اُن ڪري چيم ته مون کي پنهنجي خاموشي ارپي ڇڏ. مان گُهگُهه انڌيري ۾ تو پاران ارپيل خاموشيءَ ۾ دُکايل سگريٽ جيان ٻَرڻ ٿي چاهيان“.
”مُئل ماڻهو ڪجهه به ناهن موٽائيندا“ ”ها مان شام، رات، موسمن ۽ خوبصورت لمحن جي اذيتن کان مُڪت ٿيڻ ٿي گهران. مونکي ائين ٿو لڳي مان اُن ڪري زنده آهيان. جيئن تنهنجي اچڻ، ڳالهائڻ، ڇُهڻ جي انتظار ۾ زندگي گُذاري رهي هُجان. ڏِس نه محبت ماڻهوءَ کي وقت، موسمن، ڏينهن، راتين جي ڪيفيتن کي ڇُهڻ، محسوس ڪرڻ جي سگهه ارپي ٿي“. يا ”تون نه ٿي سمجهي سگهين، هر ساهه کڻندڙ ماڻهو زندهه ناهي هوندو. هُو ڪٿي نه ڪٿي مُئل ضرور هوندو آهي“.
”خوابن جي رنگينيءَ مان اُسرندڙ ڪائنات“
”مون کي ترتيب ناهي وڻندي، بي ترتيبي تخليقي حُسن پيدا ڪندي آهي. هي ڪائنات”بگ بئنگ“ جي بي ترتيبي جو مظهر آهي ۽ مان هر بي ترتيبي جو خالق آهيان. جڏهن توکي چوٽي ٿيل ڏسندو آهيان. توتي جَکِ ايندا اٿم. تون وارن کي چوٽيءَ ۾ قيد ڪري کائُن بي ترتيبي کَسي، سُونهن جي تصور کي ختم ڪري ڇڏيندي آهين. تنهنجا وکريل وار ڪيڏو نه ڀرپور رومانس جو احساس ڏياريندڙ هوندا آهن. چري! جيڪو مزو بي ترتيبي ۾ آهي اُهو ڪٿي به ناهي. مان وکريل وارن جي بي ترتيبيءَ جيان وکري وڃڻ چاهيان ٿو“.
”اوندهه مان اُسرندڙ سورج مُکي“
”هُن اُوندهه کي هٿ سان ڇُهيو ته اُوندهه جي مُک تي مُرڪ تَري آئي ۽ هُو کَلي ويٺو. هوريان هوريان هُو اوندهه جي چپن سان کيڏڻ لڳو ۽ اوندهه جي چپن تي چُمي ڏني ته هُن جي چپن تي تِرُ ٺهي پيو“.
”اَڻپوري غم ۾ ماڻيل مزو“
”هُن کان اڃان به ماڻهن جا ڊيزل جي واڌ سبب، ڪِروڌ ڀريا چهر نه ٿا وسرن. معصوميت مان پُڇيس ٿو: ٻُڌ، جي ڪِرايا وَڌيا ته پاڻ تي ڪهڙو اثر پوندو“. هوءَ اُن سوال تي پريشان ٿي وڃي ٿي.
“جي ڪِرايا وڌيا ته پاڻ کي”ديسي ڪنڊوم“تي ئي گذارو ڪرڻو پوندو“. هُن جي ائين چوڻ سان هُن کان ٽهڪ نڪري وڃي ٿو. هُو وڏا ٽهڪ ڏين ٿا. هُن جي چهري مان اُداسي غائب ٿي وڃي ٿي. هُو سگريٽ ايش ٽري ۾ ڦِٽو ڪري کيس ٻانُهن ۾ ورائي پنهنجو مُنهن سندس ڇاتين ۾ لِڪائي ڇڏي ٿو“.
مٿي پيش ڪيل ڪهاڻين جا عُنوان ۽ اُنهن مان کنيل ڪجهه چُونڊ ٽڪرا پڙهي ڪري بي ساخته چئي سگهجي ٿو ته نسيم پارس جون سڀ ڪهاڻيون موضوعاتي اعتبار کان جديد سنڌي ڪهاڻي جو دل لڀائيندڙ فخر آهن. اِن ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هر ڪهاڻي کي نظم جي بيهڪ ۾ بيهارجي ته اُهي اهڙا ته شاندار نظم بڻجي پوندا جن جي اڄ جي جديد سنڌي شاعري کي اهم ضرورت آهي. نسيم پارس جي ڪهاڻي ۾ سوچ، ويچار جو فڪري انداز ڏاڍو نفيس ۽ چٽو آهي. اهو آرسيءَ وانگر اُجرو، هر پڙهندڙ کي پنهنجو عڪس پسائيندڙ آهي. نسيم پارس جي ڪهاڻي ”چنڊ مان ٺهيل چوڙيون“. منهنجي نظر ۾ ڪهاڻي جي جديد کيتر ۾ رُومانس ۽ جماليات جو حسين پيڪر آهي. اُن ڪهاڻي جو حُسناڪ تاثر اڄ به منهنجي روح ۾ رچيل آهي. اهو ئي ڪارڻ هو جو اُن ڪهاڻي کان متاثر ٿي ڪري مون کان هڪ نظم به لکجي ويو. اِهو نسيم پارس جي ڪهاڻين جو ڪمال آهي. جنهن منهنجي شاعراڻي تخليقي حسن کي ڇُهي، منهنجي قلم کي جُنبش ڏئي، ”اسٽاپ“جي عنوان سان نظم لکايو. ايئن ادب جي سفر ۾ هلندي هلندي نسيم پارس سان جڙيل تعلق جون ڪجهه حسين يادگيريون پڻ ادبي تعلق جو حصو محسوس ٿين ٿيون. ڇاڪاڻ ته
نسيم پارس گاد سان منهنجي دوستيءَ جو رشتو لڳ ڀڳ 1993 کان وٺي اڄ تائين ٿو هلندو اچي. جڏهن نسيم پارس مهراڻ انجينئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ BE اليڪٽريڪل جو شاگرد هو. اُن وقت به هُو مُشڪل تعليم سان گڏ علم ۽ ادب جي مُطالعي سان ڀَڙ هوندو هُو. مون کي اڄ به چڱي ريت ياد آهي ته نسيم پنهنجي طبيعت ۾ ڏاڍو خاموش، حد درجي جو حساس ۽ خوش مزاج پڻ هوندو هو. مون ساڻس گڏجي نوابشاهه جي ڪُشادن رستن کان وٺي عظيم ڪالوني جي سوڙهين گهٽين ۾ رولاڪيون ڪندي۔کوڙ سارو يادن ۾ رهجي ويندڙ حسين وقت گڏ گڏ گذاريو آهي. اُنهن مان هڪ ياد اُن رات واري مُلاقات جي پڻ آهي جنهن رات جو ذڪر منهنجي سنڌي غزل جي پُختي شاعر، دوست منور سولنگي منهنجي شاعريءَ جي ڪتاب”مٽيءَ جي خوشبو“ لاءِ لکيل لکڻي ۾ به ڪيو آهي. اُن رات تيز بارش ۾ ڀِڄندي مان اڪيلو ڪيئن نه مهراڻ يونيورسٽي نوابشاهه هاسٽل جي B بلاڪ تي نسيم جي روم نمبر 29 تي پُهتوهئس. جتي اڳ ئي نسيم وٽ مُنور سولنگي، حفيظ فائز سومرو (جيڪو اُن وقت لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ادبي رسالي ”ڪونج“جو ايڊيٽر هو) موجود هئا. اسان اُن ئي وسندڙ تيز برسات ۾ ڀِڄندا شهر اچي ڪنهن هوٽل تي ماني کاڌي هُئي. مونکي ياد پيو اچي ته اسان دلشاد سيمنا ۾ ڪا فلم ڏسڻ جي خيال سان ويا به هئاسين پر سنيما جي مين گيٽ کان سنيما تائين واري مُفاصلي جي وچ واري ميدان تي ايترو ته مينهن جو پاڻي وڌي جمع ٿي چُڪو هو جو اسان پنهنجا جوتا هٿن ۾ کڻي وَر مٿي ڪري جڏهن پاڻي ۾ لهي اڳتي وڌيا هُئاسين ته پاڻي گوڏن کان به مٿي چڙهندو وڃي رهيو هو. جنهن ڪري اڳتي وڃڻ بَجاءِ پوئتي موٽي هاسٽل تي آيا هئاسين، جتان پوءِ مان رات جو هڪ ڏيڊ وڳي کنوڻين جي تجلن ۾ مينهن ۾ ڀڃندو واپس گهر آيو هُئس، يا هڪ ڀيري نسيم مون وٽ غريب آباد ۾ منهنجي ڪرائي جي جاءِ تي آيو هو. سندس طبعيت ڏاڍي خراب هُئي. ايتري قدر جو هُن اُتي ئي رستي جي پاسي کان اُلٽي به ڪئي هُئي. مون پاڙي جي ڪنهن دوست جي بيٺڪ تي کيس بُخار جي ڪا گوري کاراءِ بستري ۾ سُمهاري مٿان ٻه ٽي رليون گڏائي وجھي ڇڏيون هُيون، ڪلاڪ، اَڌ کانپوءِ نسيم کي پگهر نڪتو ۽ بُخار ٽُٽو ته پوءِ ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاري دوا وٺي کيس هاسٽل تي ڇڏي آيو هُئس، طبعيت ۾ مزاجن جي هڪ جهڙائي هُئڻ ڪري اسان هڪ ٻئي سان دل جون ڳالهيون به ڪندا هئاسين، هڪ ڀيري نسيم روز روز هوٽل جي ماني کائڻ کان تنگ اچي ڪري(جيڪا کيس بيمار ڪري وجھندي هُئي)”مونکي چيو هو، يار بخشل!هوٽل جي ماني مونکي بلڪل به ڀانءِ نٿي پوي. مونکي تنهنجي حالتن جي به خبر آهي اگر تون مُناسب سمجهين ته مان توکي مهيني مهيني تي سامان وٺي ڏيان، ۽ مان تو وٽ گهر جي مان کاوان. “ سچ ته اُنهن ڏينهن ۾ نئين نئين ماستري ملڻ جي باوجود به بيروزگاري جهڙو روز، روز زهر پي ڪري پيو جيئندو هُئس. ڇاڪاڻ جو ڪنهن سبب جي ڪري اُنهن ڏينهن ۾ منهنجي پگهار اڃان مونکي نه ملي سگهي هئي. جيڪا پوءِ به مونکي چڱي طرح ياد آهي ته تيرهن مهينا ڏهه ڏينهن تائين ڪونه ملي هُئي)مون نسيم کي ڪوبه جواب ڪونه ڏنو هو. جنهن کي اڄ هِن لکڻي ۾ پنهنجي يادگيرين ۾ محفوظ ڪندي مونکي سارتر جا لفظ ياد ٿا اچن ته، ”هر اهو لفظ جيڪو اسان هڪ ٻئي جي آڏو اَدا ڪري نه سگهياسين. اسان جي هار جو مُڪمل اعتراف آهي. “حالانڪ اُها لفظ نه اَدا ڪري سگهڻ واري هار جو اعتراف منهنجي اُن وقت جي مُعاشي مُفلسيءَ جي هار جو اعتراف آهي. جيڪو مان نسيم جهڙي سچي ۽ معصوم دوست سان خاموشي جي روپ ۾ ڪيو هو. باقي اسان جي ته دوستي واري محبت تڏهن کان اڄ تائين تازي تواني ۽ جوان رهندي آئي آهي، اُن ئي ماضي واري سَنهڙي ۽ هاڻوڪي بُت ۾ ڀريل، خاموش، بي انتها حساس پر پنهنجي عمل ۾ ڪميٽيڊ نسيم پارس علم ۽ ادب جي شعوري سفر ۾ ڪِٿ به ويهي ٿڪ ناهي ڀڳو. بلڪه هُو ته مُسلسل سوچيندڙ، لوچيندڙ، لکندڙ ۽ پڙهندڙ رهيو آهي. هُو گهڻ پڙهيو، غور ۽ فڪر ڪندڙ ۽ دنيا جي ڪلاسڪ ادب کان وٺي جديد ادب تائين کي گهرائي سان پڙهندو ۽ پُرجهيندو رهيو آهي. اِهوئي ڪارڻ آهي جو نسيم جي ڪهاڻين جي دنيا ”يوٽوپيائي“نه بلڪه حقيقت جي ڏاڍي نرالي ۽ حسين دنيا آهي، هُو سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي کيتر ۾ مون کي ائين لڳندو آهي جئين مون کي اردو ادب ۾ شاعريءَ ۾ گلزار. جئين گلزار جا ڪتاب”چانڊ پُکراج ڪا“۽ افسانن تي مشتمل ڪتاب ۾”دستخط“ جيڪي پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ کي مَنڊي ڇڏين ٿا. بلڪل ائين جديد سنڌي ڪهاڻين ۾ نسيم جو ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ“پڻ آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته هي ڪتاب اڄوڪي ادبي ٻيائي واري نظر ٿي ويو آهي. جئين ڪٿ مشهور افسانه نگار سعادت حُسين منٽو چيو هو ته، ”مان هڪ سُٺي ڪهاڻي ته لکي سگهان ٿو پر آغا حشر ڪاشميري جي ٽيڏي اک سِڌي نٿو ڪري سگهان. “اُها اکين جي ٽيڏائپ سنڌي ادب ۾ به ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بَجاءِ ڪنهن وَبا وانگر وڌي رهي آهي. پر جنهن تخليق جي مُقدر ۾ مَڃتا جا گلاب هوندا آهن اُهي ته اُن کي هر حال ۾ ملندا ئي آهن. جئين مثال طور”جارج آرويل“جي جڳ مشهور ڪتاب (Animal Form) کي ٽي. ايس ايليٽ جهڙي اديب اُن وقت ٽي ڀيرا رد ڪيو هو، جڏهن ايليٽ آمريڪا جي هڪ وڏي اشاعتي اداري جو چيف ايڊيٽر هو. ۽ جڏهن اڳتي هلي اسپين جي گهرو ويڙهه ۾ آرويل پاڻ هٿيار کڻي وڙهيو هو ۽ هُن جي اُن ڪتاب تي ڀرپور تعريفي تبصرا ٿيا ته ايليٽ جون اکيون کُلي ويون“. بحرحال اُهي ٽي ايس ايليٽ جهڙي اديب جون اکيون هُيون جيڪي پنهنجي وقت تي کُلي ويون. پر سنڌ جي اديبن جي اکين کي ڪير کولي؟ڇاڪاڻ جو هُو حقيقت پَسندي کان ايڏا ته ڊنل آهن جو هُو اکيون پوري ئي يا وري ٽيڏيون ڪري ئي ادب ۾ پنهنجون مصنوعي جيئندان پائي سگهن ٿا.
نسيم پارس جي روح توڙي جسم جون پُر اسرار اکيون مُڪمل شعوري چمڪ سان کُليل، سُجاگ ۽ روشن آهن. تڏهن ئي ته سندس ڪهاڻيون پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ جي آڱرُ پَڪڙي پنهنجي توڙ تائين رسائي، حيرانگي جي عالم ۾ پُهچائي ڇڏين ٿيون، هونءَ به نسيم پارس پنهنجي هم عصر ٽهيءَ ۾ گهڻ پڙهيو غور ۽ فڪر ڪندڙ هڪ مُڪمل ڪميٽيڊ ڪهاڻيڪار آهي، آخر ۾ مان سنڌ جي من موهيندڙ آرٽسٽ آفتاب سُرهيو جي نسيم پارس بابت لکيل راءِ طور ڪجھ سِٽون ڏيڻ چاهيندس ته، ”وان گوگ جڏهن ڪَنُ ڪَپيو هُيو تڏهن رنگ ڪافور بڻجي ويا هئا ۽ جنهن ڏينهن نسيم پارس ڄائو هُيو تنهن ڏينهن چادر بڻجي زمين تي ڪِريا هُئا، جڏهن امُر ٿيس تڏهن شهر جي مُک چوڪ تي بيهي رَڙ ڪندي چيو هُئائين. ”مان ڪهاڻيڪار ٿيندس“، دوستن مان ڪِن چَيسُ تون مصور ٿي، وان گوگ ٿي. هُن چيو”نه وان گوگ ڪن ڪپيو سو ڪپيو!مان نڪ نه ڪپرائيندس. مان ڪهاڻيڪار ٿيندس“ پوءِ جڏهن هُن ڪهاڻي”بندو خان ڪاسائيءَ“ لکي تڏهن مونکي پَڪ ٿي وئي ته هي سَچو ڪَپجي، وڍجي ويندو پر نڪُ نه ڪپائيندو. داد ڏيندي چيومانس نمبر ون ڪهاڻيڪار آهين. خاموش ٿي ويو، بلڪل خاموش!هُن جي خاموشي مونکي ڏاڍي ڀيانڪ لڳندي آهي ۽ پوءِ چيائين مونکي نمبر ون ڏئي محدود نه ڪر مونکي (Zero) ڏانهن وڃڻ ڏي. ڇو ته مان پنهنجن سوچن کي وسعت ڏيڻ ٿو چاهيان. مان اُنهن کي ۽ اُنهن ۾ لامحدود ٿيڻ ٿو چاهيان. “هاڻي مون پڪ سان ڄاڻي ورتو ته واقعي نسيم پنهنجو ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جو نڪ ڪپجڻ کان بچائيندو“. بلڪه مان ٿورو وڌيڪ اهو به چوندس ته نسيم واقعي سنڌي ڪهاڻيءَ جو نڪ ڪپجڻ نه ڏنو آهي، بلڪه سنڌي ڪهاڻيءَ جو مورن جيئن ڳاٽ به اُوچو ڪري ڏيکاريوآهي.

10/7/2009

ذهن کي جهنجهوڙي ڇڏيندڙ ناول

ڪالهه بورس پيسترڪ جو روسي جڳ مشهور ناول”ڊاڪٽر زواگو“سائين رئوف نظاماڻيءَ جي بهترين سنڌي ترجمي سان پڙهي پورو ڪيم. هي ناول دنيا جي مُختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي کوڙ ساري مَڃتا ماڻي چُڪو آهي. هي ناول نوبل انعام ماڻيندڙ روس جي سوشلسٽ دور جِي هڪ شاندار عڪاسي ڪندڙ ناول آهي. جيڪو1917ع جي سوشلسٽ انقلاب جي حالتن جي تخليقي ۽ آرٽسٽڪ نموني سان پڙهندڙ کي پڻ پنهنجي ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ڪردار بڻائي ڀٽڪائي ڇڏي ٿو۔اُها ڀٽڪناڪا عام ڇُڙواڳيءَ واري ناهي بلڪ اُها ته هڪ ڪميٽيڊ نظرياتي فرد جي انقلابي حالتن ۾ مُثبت سياسي، ثقافتي، ادبي، سماجي توڙي احساساتي سفر جي روپ ۾ پنهنجن آدرشن کي سنڀالي جدوجهد ڪرڻ جو ساهس بخشيندڙ آهي۔بورس پسترنڪ”ڊاڪٽر زواگو“ ۾ اجتماعي توڙي انفرادي، ملڻ توڙي وڇوڙن جون اهڙيون ته اذيت ناڪ ڪيفيتون سمايون آهن، جو ماڻهو پنهنجي اندر ۾ ڄڻ ته ڪو وِھُ جو ڍُڪ لاهيندو هجي۔آدرشي ڪردارن جون دربدريون هُجن يا عام روسين جو ڀيانڪ حالتن ۾ جُهري جُهري مرندي جياپو۔ليکڪ انتهائي تُز ۽ گهري مُشاهدي، مُطالعي جي آڌار تي حسين منظر نگاريءَ سان گڏ ڪردار نگاري، ڪهاڻين جي ڪَڙي ڪَڙي سان ڳنڍيل تسلسل کي جنهن پُختي فني سگهه سان اڳتي وڌائيندي تخليقي رَچاءُ پيدا ڪيو آهي اُهو صرف ۽ صرف بورس پسترنڪ جو ئي اسلوب چئي سگهجي ٿو۔ناول جي ايتري وسيع ڪيئنواس تي ليکڪ ڪيترائي رنگ نکيري روسي ادبي توڙي فڪري تاريخ جو هڪ شاهڪار تخليق ڪيو آهي.
”ڊاڪٽر زواگو“۾ انفرادي مُحبتن، وڇوڙن ۽ خوفناڪ جنگين ۾ سياسي مخالفن کي جنهن بي دردي سان تڪليفن جو نشانو بنايو ويو هو، اُهو به هن ناول جو بيحد ڀرپور ۽ اثرائتو پاسو آهي. بورس پيسترنڪ جو هي ناول روس جي هڪ دؤر جي بهترين ۽ گهڻ رُخي عڪاسي ڪري ٿو. هونءَ به پيسترنڪ پنهنجي سوچن ۽ توڙي خيالن ۾ ادب براءِ زندگي جي نظريي جو پيروڪار آهي. سندس ناول ۾ مقصد جي هڪ وڏي اهميت نظر اچي ٿي. هڪ محبت ڪندڙ ڪردار جو جبري جنگ تي وڃڻ ۽ پوءِ سندس نالو مري ويلن جي لسٽ ۾ اچي وڃڻ ئي هن ناول جي اُڀار جو پهريون ڏاڪو ثابت ٿئي ٿو. جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ اهڙو ته سوگهو ڪري ٿو جو پڙهندڙ چاهيندي به هن ناول کي اَڌ ۾ ڇڏڻ جي جُرئت نٿو ڪري سگهي. اهڙي ريت هِن ناول جي پُڄاڻي پڙهندڙ جي اندر کي ليکڪ، صحافي جان ريڊ جي فرانسيسي انقلاب جي اکين ڏٺل هڪ زخيم ڪتابي رپورٽ ”دنيا کي جهنجهوڙي ڇڏيندڙ ڏھ ڏينهن“جيان لرزائي ڇڏي ٿي۔يا مچريوئل بئسٽران جي واتوڻي ٻڌايل ڪهاڻي، جيڪا ناول جي صورت ۾ ”فرينچ انقلاب“جي نالي سان سائين محمد ابراهيم جي شاندار سنڌي ترجمي سان اسان تائين پهتل آهي.
هي ناول جي فنائتي اُڻت، فڪر، فهم جي فراست، ڪردارن جي گفتگو، غور ۽ فڪر جا گُفتا، احساسن جي اُجرائپ، خيالن جي شائستگي، سنجيدگي، رنجيدگي، نظرياتي رومانس، روس جي ڌرتيءَ جي حسين منظرن جي شاندار منظرنگاري، خوف، تَجسس، ناول جِي مُختلف حصن ۾ جوڙجَڪ، شروعات، وچ توڙي پُڄاڻيءَ جو شديد احساساتي موڙ جتان پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ تصور جي عجيب دنيا شروع ٿئي ٿي جنهن جو ڪو به اَنت نه هجي ٿو. اهڙا دل لُڀائيندڙ آرٽ۽ ڪرافٽ سان حقيقتن جي عڪاسي ڪندڙ گهٽ ئي ناول ملن ٿا. جيڪي ماڻهوءَ جي سوچن ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪري سگهن. هن اهڙي شاندار ۽ طويل ناول ”زواگو“ مان ڪجهه چونڊ خيال هِت پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، اهي اوهان به پڙهو.
”مون هميشه اِهو سوچيو آهي ته فن نه ته ڪنهن بندي جو نالو آهي ۽ نه ئي ڪنهن سلطنت جو نالو آهي جنهن ۾ اَڻ ڳڻيا نظريا ۽ مُختلف ڏيک هُجن. پر اُن جي اُبتڙ اُها هڪ مرڪوز ۽ بلڪل ئي محدود شيءِ آهي. اُهو هڪ اصول آهي جيڪو هر فن پاري تي اچي ٿو. اهڙي قوت آهي جنهن جو اُن تي اطلاق ٿئي ٿو. هڪ اهڙو سچ آهي جيڪو اُن ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. مون ڪڏهن به اُن کي هڪ گهاڙيٽي جي صورت ۾ نه پر مَواد جي هڪ لِڪل راز بڻيل حصي جي صورت ۾ ڏٺو آهي ۽ اُهو سڀ سج جيان مون تي واضح آهي. اُن کي آئون پنهنجي جسم جي هر حصي ۾ محسوس ڪريان ٿو پر اُن جو اظھار ڪرڻ يا اُن کي بيان ڪرڻ انتھائي ڏکيو ڪم آهي. هڪ فن پارو هر طرح سان پنهنجي عُنوان، موضوع، صورتحال جي عڪاسي ۽ ڪردارن وغيره جي لحاظ کان پاڻ ڏانھن ڌيان ڇِڪائي ٿو. پر سڀ کان وڌيڪ اُن ۾ فن جي موجودگي اسان جو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائي ٿي. ”ڏوھ ۽ سزا“ ۾ فن جي موجودگي راسڪو لينڪوف جي ڏوھ کان وڌيڪ ماڻهوءَ کي لوڏي ڇڏي ٿي. فن ۾ گهڻائيءَ وارو ڪو تصور ناهي. آڳاٽو فن، مصر، يونان ۽ اسان جو فن. منهنجي خيال ۾ اُهو هڪ ۽ ساڳيو فن آهي جيڪو پنهنجي ليکي هزارين سالن کان موجود رهيو آهي. اُن کي زندگي مُتعلق اهڙو خيال ۽ بيان چئي سگهجي ٿو. جيڪو سڀني پاسن کي پاڻ ۾ سَموئي ٿو ۽ اُن کي ڌار ڌار لفظن ۾ ورهائي نه ٿو سگهجي. جيڪڏهن ڪنهن فن پاري ۾ ٻين شين سان گڏ اُن جو هڪ ذرو به موجود آهي ته اُهو پنهنجي اهميت ۾ ٻين سڀني جُزن کان مَٿاھون هوندو آهي ۽ فن پاري جو اصل جوهر، دل ۽ روح بڻجي ويندو آهي. “
(صفحو نمبر331 ۽ 332 )
”هڪ پُراڻو روسي لوڪ گيت بَند اندر پاڻي مِثل هوندو آهي جيڪو لڳندو آهي ته بيٺل آهي ۽ وهي نه پيو پر پنهنجين گھراين ۾ اُهو لاڳيتو بند جي دروازن مان گُذري رهيو هوندو آهي. ۽ سندس هڪ جاءِ تي بيھڻ رڳو هڪ دوکو هوندو آهي. هر مُمڪن طريقي، ورجاءُ ۽ تشبيھن سان، اُهو پنهنجي موضوع جي ڌيري ڌيري ظاهر ٿيڻ کي روڪيندو يا اُن کي آهستي ڪندو رهندو آهي ۽ پوءِ ڪنھن پُراسرار نُقطي تي پُھچي اوچتو پاڻ کي ظاهر ڪندو آهي. وقت جي وهڪري کي روڪڻ واري انهيءَ چريائپ واري ڪوشش ۾ هڪ دُکايل ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ هڪ روح کي پنهنجو اظھار ملندو آهي.
ڪباريکا اَڌ ڳائي ۽ اَڌ ڳالهائي رهي هئي:
”جيئن هڪ سَھو هِن وسيع دنيا ۾ ڊوڙي رهيو هُجي،
هِن وسيع دنيا ۾ اَڇي برف تي،
ڊوڙندي اُهو ڪنن وارو سَھو برف جي وڻ وٽان گُذريو،
ڇا مون ڊگهن ڪَنن واري سَھي وٽ هڪ ڊنل دل ناهي؟
جهنگلي جانورن جي پيرن جا نيشان، بگهڙ جو بُکيو پيٽ،
او برفاني وڻ! مون تي رحم ڪر، او سُٺا برفاني وڻ!
پنهنجي سُونھن مَڪار دشمن کي نه ڏي،
مَڪار دشمن، مَڪار ڪانوَ
پنهنجن ڪارن پيرن کي هوا ۾ وکيري ڇڏ،
اُنهن کي ٻُڪ ڀَري هوا ۾ وکيري ڇڏ ۽ اُن کي اُهي کڻي وڃن،
وسيع دنيا ڏانهن،
ڦھليل اڇي برف ڏانهن،
اُنهن کي اَباڻي شهر ڏانهن موڪل،
سَڙڪ جي بلڪل پَڇاڙي ۾ آخري گهر ۾،
سَڙڪ جي آخري گهر ۾،
آخري دري، ڪمرو،
جتي هوءَ پنهنجي راهبن جهڙي اڪيلائيءَ ۾ لِڪل آهي،
منهنجي پياري، منهنجي دلبر،
منهنجي ڏُکايل پيار، منهنجي ڪنوار سان سرگوشي ڪر،
هڪ پُرجوش، هڪ پيارو لفظ،
آئون هڪ سپاهي، قيد ۾ سَڙان پيو،
گهر وڃڻ لاءِ بيچين،
آئون ويچارو سپاهي پرڏيھ ۾ قيد آهيان،
آئون پنهنجي اُن سخت قيد مان ڀَڄي ويندس،
آئون پنهنجي ڳاڙهي ٻير، پنهنجي محبوب ڏانهن ويندس. “
(صفحو نمبر431 ۽ 432)
اهڙي شاندار ناول ۽ ليکڪ مُتعلق ملڪ آگاڻيءَ جي ناول”نيروليءَ جو ڪُن“جي مھاڳ ۾ ڪيھر شوڪت وڌيڪ لکيو آهي ته، ”جڏهن بورس پئسٽرناڪ”ڊاڪٽر زواگو“ناول لکي پيش ڪيو ته روس ۾ وڏو مَمڻ مَچي ويو. سرڪاري ادارا هن کي ککر جيان ڀُون ڀُون ڪري وچڙي ويا. ويتر مغرب وارن جي نوبل پرائيز ڏيڻ واري بدماشيءَ، باھ تي تيل وارو ڪم ڪيو. پئسٽرناڪ جي زندگي زهر بنجي وئي. مَٿس ڦٽ لعنت وسڻ لڳي. غدار، دشمن، گاريون، تُھمتون، سامراجي ڇاڙتو، آمريڪي دلال هُجڻ جا لقب القاب ۽ ٽڪا لاتا ويا. پر اُن غدار، اُن ڇاڙتي نوبل پرائيز جهڙي قيمتي انعام ۽ يورپ جي عيش آرام واري زندگيءَ کي روس ۽ روسي عوام جي محبت خاطر ٺُڪرائي ڇڏيو. نوبل پرائيز جي وڏي قيمت واري انعام ۽ ويسٽ جي عيش واري زندگيءَ جي چُونڊ ۾ هن روس جي چونڊ ڪري، ذلت، رسوائي، خواري سر تي کنئي. هُن روس جي وڏن شهرن جي هُل هنگامي، کِل خوشي، موج مستي ۽ آسودگيءَ واري زندگيءَ جي دور، اڪيلائيءَ، تنهائيءَ ۽ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذارڻ ۽ ساڻس ايڏين جُٺن ۽ سزائن باوجود به هُن روس ۽ روسي ٻوليءَ کي سمورو شيڪسپيئر، روسي ٻوليءَ ۾ لافاني ۽ لاجواب ترجمو ڪري، روسي ماڻهن کان ڪجهه وٺڻ ۽ ساڻس شڪوه ۽ شڪايتون ڪرڻ بَجاءِ ڪجهه ڏيو ويو ۽ وڃي قبر جي اَبدي ننڊ ۾ سُتو. اڄ اهو ساڳيو ئي ملعون ۽ مطعون بورس پئسٽرناڪ روس جو محبوب ۽ عظيم ليکڪ آهي. اڄ اهو ساڳيو ئي انقلاب دشمن ۽ مُدي خارج سوچ رکندڙ ڊاڪٽر زواگو، روسي عوام لاءِ مھان تخليق ٿي اُڀريو آهي. اڄ پئسٽرناڪ لاءِ نيون ڳالهيون، نيون تاويلون پيش ڪيون پيون وڃن. هُن کي اُن پيرڊ جو وڏو ڪرٽڪ سڏيو وڃي ٿو. پئسٽرناڪ ڪيئن رات جي پيٽ ۾ غدار مان محب وطن ۽ خسيس مان عظيم بڻجي ويو!؟اها هڪ اهم ڳالهه آهي. حقيقت اها نه هئي جيئن رياستي ادارن پنهنجن مفادن کي پنهنجن ذهنن ۾ رکي زواگو کي پيش ڪيو پر، حقيقت اها هئي ته پئسٽرناڪ هڪ مُحبِ وطن، عوام دوست تخليقڪار جو فرض ادا ڪندي، روس ۽ روسي ماڻهن جي غلط، عوام دشمن رُخن تي ڀرپور وار ڪيو هو. جنهن سان روس ۽ روسي عوام نه پر اُن دور جي مُفادپرست ماڻهن تي کُليو ۽ زبردست وار ڪري سندن پَت وائکي ڪئي هئي. “

ناول جي کُلندڙ دريءَ مان

ملڪ آگاڻيءَ جو ناول”نيروليءَ جو ڪُن“1981-1982ع ۾ لکيو ويو هو. ۽ هِن ناول جو پهريون ڇاپو1987ع ۾ آندو ويو هو۔ناول اُن وقت جي ادبي دنيا ۾ هڪ وڏي اهميت جوڳي ڳالهه هئي ڇاڪاڻ جو اُن وقت ناول جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻي لکڻ ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو. شايد اُن ڪري به جو ناول جو ڦهلاءُ ڪهاڻي جي دائري کان ڪافي وسيع ٿئي ٿو۔۽ ٻيو ته ناول جيڪو ڌيان يا محنت جي گُهرج ڪري ٿو، اُهو ڪهاڻي ۾ ناول جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿئي ٿو۔توڙي جو هڪ تخليقي ڪهاڻيڪار لاءِ ڪهاڻي به پنهنجي جوهر ۾ دراصل ڏاڍي مُشڪل ٿئي ٿي. ڇو ته اُن جي به پنهنجي هڪ دنيا ٿئي ٿي. اصل ۾ ناول يا ڪهاڻي جو دارومدار ڪهاڻيڪار جي آرٽسٽڪ نظر، سوچ، سمجهه، پيش ڪش، ڪردار نگاري، منظر نگاري، ٻولي، پلاٽ وغيره تي هوندو آهي ۽ اُنهن سڀني شين جو پُر اثر انداز ئي اهم ٿئي ٿو. هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ هِن ڪائنات ۾ ڪيترائي موضوع ۽ مواد موجود آهن۔اِهو اُن ليکڪ تي مُبني آهي ته هُو ڇا جي چُونڊ ڪري ٿو ۽ ڪيئن ڪري ٿو. هونءَ به جيڪڏهن زندگيءَ کي پنهنجي اصل جوهر سان ڏسڻو آهي ته پوءِ اُن لاءِ صرف ناول جي صنف تي ئي نظر پوي ٿي. پر بدقسمتيءَ سان سنڌيءَ ۾ ناول هاڻ پهرينءَ جي ڀيٽ ۾ لکجي ته سوايو ٿو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن ۾ معياري يا ناول جي ضرورتن کي پورو ڪندڙ ڪجهه ئي ناول هوندا. ڪهاڻي ۽ ناول جي پس منظر ۾ هند جي نامياري ليکڪ لال پشپ چواڻي ته، ”مان پنهنجا ويھ يا ٽيھ سال خوام خواھ ڪهاڻيءَ تي وڃايا. اُن کان چڱو هو ته مان ناول لکان ها“
ملڪ آگاڻيءَ جو ناول”نيروليءَ جو ڪُن“بظاهر ته هڪ ڳوٺ جي ننڍڙي دنيا بلڪ ڳوٺ جي ڪُجهه گهرن ۾ وسندڙ ڪردارن جي ڪهاڻي آهي پر اُن ۾ پيار، محبت، رشتا ناتا، ادب سياست، تاريخ، تصوف، ماڪسزم يا سماج جا ٻيا مُختلف رُخ، روشن خيالي ۽ پُراڻ پسندي جي موضوعن کي به سمايو ويو آهي۔ناول جي مهاڳ ۾ ڪيهر شوڪت لکي ٿو ته”نيروليءَ جو ڪُن“۾ پهريون ڀيرو سنڌ ڪافي حد تائين پنهنجي فن، فڪر، فلسفي، رنگ رُوپ ۽ وَن واس، سوچ، رويي سان ظاهر ٿي آئي آهي. جو چئي سگهجي ٿو ته”ها هيءَ لطيف جي سنڌ آهي هيئن ئي سنڌي ماڻهو سوچيندو، اُٿندو ويهندو آهي. “اڄ ”نيروليءَ جو ڪُن“سان اُهي اِمڪان جاڳيا آهن ته، اسان سنڌي حقيقي ڪلچر پيش ڪري سنڌي جيون آڻي ڏاڍو سندر، سگهارو ادب تخليق ڪري سگهون ٿا. آگاڻيءَ جي ٻولي، مخصوص ٻولي، سندس ڪهاڻين ۽ ناٽڪن جيان ”نيروليءَ جي ڪُن“۾ به آهي. پنهنجي مخصوص سُونهن، مخصوص سُرهاڻ، مخصوص خُوبين ۽ مخصوص خامين سوڌي. “، ”جي ماڻڪ”لُڙهندڙ نَسل“۾ جِنس جو اُگهاڙو اظهار نه ڪري ها ته ڪيئن نه”لُڙھندڙ نَسل“اَڃا به وڌيڪ سنجيده تخليق ٿي بيهي ها ۽ آگاڻي ”نيروليءَ جو ڪُن“۾ ٻوليءَ جي ڏند اُگهاڙپ نه ڪري ها ته، ”نيروليءَ جو ڪُن“ڪيئن نه اڃا به وڌيڪ سنجيده رچنا ٿي پوي ها. “
”نيروليءَ جو ڪُن“ ناول جو عُنوان دراصل علامت نگاريءَ جو هڪ حسين سيمبل بڻجي ذهن تي عيان ٿي وڃي ٿو۔۽سندس ڪهاڻيءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بيقرار بڻائي وجهي ٿو.
”نيروليءَجو ڪُن“عنوان جنهن فڪري پس منظر جو جيڪو احساس ذهن ۾ پيدا ڪري ٿو اهو ناول پڙهڻ مهل شروعات ۾ ئي عيان ٿيندي ذهن ۾ ڌُنڌلو ٿي وڃي ٿو. ”جيئن نيروليءَ جي ڪُن“۾ ڪِرڻ کان پوءِ گِدڙ پنهنجو حُليو بگاڙي نِڪتو هو، تيئن ئي هُن جي به سياسي ڪُن مان نِڪرڻ کان پوءِ ساڳي حالت هئي. “
ناول جو مُک ڪردار ڪيلاش سياست جو سفر ڪندي کوڙ سارن تجربن مان گُذري ٿو۔ ڪهاڻيءَ جي شروعات کان ٿورڙو اڳتي سڪينه جي مڙس ڪريم جي معشوقڙي محبوبڙي جي شادي ۾ سڪينه اچي ٿي۔جيڪا شادي ڪيلاش جي گهر جي ڀَر ۾ ٿي رهي آهي۔شادي واري هنڌ تي گهڻي رَش هُجڻ ڪري هوءَ پنهنجي ڀيڻيويي جي گهر پنهنجي ڏيراياڻيءَ سان گڏجي اچي ٿي. اُتي جي ماحول ۾ دل جي دري کُلندي محسوس ٿئي ٿي. اُن ئي شاديءَ جي ٿيندڙ رسمن کي ليکڪ سُٺي نموني سان فڪشنائزڊ ڪيو آهي۔سڪينا جيڪا ڪريم جي زال آهي. جنهن تحت ڪيلاش ۽ ڪريم پاڻ ۾ سنڍو پڻ ٿين۔”ڪريم ۽ ڪيلاش جا تعلقات شروع ۾ ايترا سُٺا نه ٿا رهن، ته اهڙا ڪي خراب به ڪين هُجن ٿا. شروع کان هُو ٻئي گڏ پڙهيا آهن، جيڪو سلسلو پرائمري اسٽيج کان هاءِ اسڪول تائين جاري رهيو، تنهن بعد لڳاتار چار سال راتين جا سندن وچ ۾ ڪو به لڳ لاڳاپو، ڳنڍ ڳانڍاپو نه رهيو. هڪ، نوَن يارن جي سنگ ۾ رهندي پرائيوٽ امتحانن جيان پرائيويٽ ۽ خلق کان الڳ ٿلڳ زندگي گذارڻ لڳي ٿو. جنهن ڪارڻ هُو پنهنجو پاڻ کي محدود ماحول جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. جنهن ۾ زندگيءَ جي ڪا حرارت، ڪا چُرپُر ڪانه ٿي
رهي۽ ٻيو، وري دوستن جي هڪ وسيع حلقي ۾ گذارڻ لڳي ٿو. هُو ڪاليج جي لائيف گذاريندي انهيءَ ماحول جي سرگرمين ۾ گرمجوشيءَ سان حصو وٺندي، علم ادب دوست، دوستن جي سنگ ۾ رهندي پڻ پڙھڻ لکڻ ۾ دلچسپي وٺي ٿو، نه رڳو ايترو پر سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سبب هڪ ٻه ڀيرا جيل ياترا به ڪري اچي ٿو. “اهڙي طرح ٻئي ڪردار مُختلف ماحول جا اثر قبول ڪندي هڪ يعنيٰ ڪريم عام سوچ رکندڙ روايتي ٻهراڙيءَ جي نفسيات کي اپنائي ٿو ته ٻيو يعنيٰ ڪيلاش سُلجهل دوستن ۽ ماحول ۾ وڃڻ ڪري پڙهيو لکيو اديب بڻجي وڃي ٿو۔پر خاص طور تي ڪريم جي ڪيلاش سان ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ رقابت قائم رهي ٿي۔ڪريم جي زال سڪينا جڏهن به پنهنجي ڀيڻ يعنيٰ ڪيلاش جي زال جي گهر وڃي ٿي ته ڪريم ۽ سندس ماءُ پيءُ يا ٻيا مائٽ اُن ڳالهه تي اَرها ٿين ٿا۔ڪُجهه ڀيرا ته سڪينا کي ڪريم شڪ ڪندي مار به ڏئي ٿو۔پر سڪينا ڀيڻ جي گهر وڃڻ کان نٿي مُڙي۔۽ هوڏانهن سڪينا جي ڀيڻ ڪيلاش جي زال يا خود ڪيلاش به سڪينا جي مڙس ۽ ٻين جي مَنفي روين جي نندا ڪندي سڪينه جي حمايت ڪن ٿا. سڪينا لڳ ڀڳ جلدي جلدي گهريلو مُخالفتن کي نظر انداز ڪري به پئي پنهنجي ڀيڻ جي گهر ايندي آهي. جنهن ڪري سڪينا جي گهر وارا توڙي ٻيا ڳوٺ جا ماڻهو اُن ڳالهه کي غلط رنگ ڏين ٿا۔سڪينا ڀيڻ جي گهر اچي خاص طور تي ڪيلاش سان پنهنجا ڏُک سور ۽ ٻين مامرن ۽ مسئلن تي ڳالهيون ڪري ۽ ٻُڌي ٿي۽ ڪيلاش کي به سڪينا سان حُجائتي يا دوستاڻي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ سڪون ملي ٿو۔ائين اِهو سلسلو هلندي ڪهاڻي ۾ پڙهندڙ کي ته ڪيلاش ۽ سڪينا جي حُج جي راز جي پَرُوڙ پئجي وڃي ٿي پر ڪهاڻيءَ ۾ سندن اهڙي تعلق جي کين خبر هوندي به ڄڻ بي خبري محسوس ٿئي ٿي۔ٻئي شادي شده ۽ اولادي هوندي به ڪنهن اَڻ ڄاتل اندروني ڇِڪ ۾ هڪ ٻئي ڏانهن ڇِڪبا نظر اچن ٿا۔ايتري قدر جو سڪينا ۽ ڪيلاش جو ايترو هڪ ٻئي سان حُجائتو ٿيڻ تي ڪيلاش جي زال پڻ ڪڏهن به اُن کي ڪنهن به غلط رنگ ۾ نه ٿي وٺي۔سڪينه عام ڳوٺاڻي ۽ گهريلو عورت هوندي به پنهنجي گهرو ماحول جي حالتن تي ڪيلاش سان سٺي گفتگو ڪري ٿي جيڪا ناول جي مزاج ۽ ان جي وڌنندڙ سفر کي دلچسپ بڻائي ٿي. هن ناول ۾ خاص طور تي ڳالهين جو علاقائي لَھجو لِکت جي صورت ۾ مُشڪل ۽ ڪٿي ته سمجهه کان به مَٿاهون ٿي وڃي ٿو۔ٻولي جي اعتبار کان ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن پاران ڳالهايل ٻولي عام ادب ۾ لکجندڙ ٻوليءَ کان ڪُجهه مُختلف به آهي۔پر اُنهن لفظن جي معنيٰ ڄاڻڻ لاءِ وري هڪ لُغت جي به ضرورت پئجي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته اُن ۾ ٻوليءَ جا اهڙا لفظ به استعمال ڪيا ويا آهن جيڪي عام يا ادبي طور تي به گهٽ استعمال ٿين ٿا.
”نيروليءَ جو ڪُن“ناول جي ڪهاڻي ڳوٺ جي محدود دنيا ۾ هڪ ٻن گهرن جي اردگرد ڪُجهه ڪردارن تي مُحيط ڪهاڻي آهي۔ايئن ڪهاڻيءَ جا ڪردار مُختلف ڳالهين ۽ رَوين جو سفر ڪندي نيٺ اُن جاءِ تي پُهچن ٿا جتي افسوس ناڪ پُڄاڻي جو اوچتو دروازو کُلي ٿو. سڪينا نيٺ مُسلسل پنهنجي مڙس ڪريم جي جَهل کي پُٺي ڏئي پنهنجو گهر ٻار ڇڏي ڪريم کان رُسي پنهنجي ڀيڻ جي گهر اچي رهڻ لڳي ٿي. جنهن تي پڻ ماڻهو کوڙ غلط ڳالهيون ٺاهي ردعمل ظاهر ڪن ٿا. جنهن ڪري ڪريم اهڙيون ڳالهيون ٻُڌي روايتي غيرت ۾ موقعي ۽ مهل جو انتظار ڪري ٿو. سڄي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيلاش پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ ۾ مصروف ڏيکاريو ويو آهي۔۽ سڪينا جڏهن به گهر ۾ اچي ٿي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني اُها پاڻ ڪمري ۾ وَٽس اچي ڳالهائي ٿي يا ڪيلاش کي سڪينا جي اچڻ جي خبر پوندي ئي پاڻ ڪنهن بهاني سان ڪمري مان نڪري هليو اچي ٿو۔ناول ۾ پُڄاڻيءَ کان ٿورو پهرين ناول جو حوالو هيئن آهي ته،
”اڃا سمجهبو لکندين!؟اُهو آواز جوڻس جو نه پر سڪينا جو هو.
ڇو-توکي تڪليف ٿي پُهچي ڇا؟هُن لکڻ بند ڪندي کيس چِتائيندي مُرڪي چيو.
نه، مون کي ڇو تڪليف ٿيندي، پر ڌڻن مُئو ٻِلو ٿو ڦِري ته ڪَري نه وجهي زيان.
چڱو کڻي آ کير. هُو چوندي چوندي ٻيهر لکڻ لڳو ۽ سڪينه واپس مُڙي.
اُها کير پيئارڻ جي ڊيوٽي هونئين ته جوڻس جي حوالي هوندي هئي پر جڏهن کان سڪينه مڙس کان رُسي آئي آهي تڏهن کان کير پيارڻ کان ويندي ڪپڙي لٽي بدلائڻ جي ڊيوٽي سندس لڳي وئي. اها ڊيوٽي ڪنهن مَٿس مَڙهي هئي يا پنهنجو پاڻ رضاڪارانه نموني قبولي هئائين، سا ڳالهه ٻي، پر اُها ڊيوٽي ڏيندي، هُن کي ڪنهن قسم جو ڪو آر يا بيزاري نه، پر هڪ قسم جي خوشي محسوس ٿيڻ لڳندي آهي.
”هُش ھُش-مُئا ٻِلا هُش ھُش“پوءِ لوٽو کڻي ڪيلاش جي پڙهڻ واري ڪمري ۾ گهڙندي، چِڙ ۽ بيزاريءَ مان چوندي.
گهڻا ڀيرا چيو اٿمانءِ ته کير پيارڻ جي زحمت نٿي کڻي سگهين ته پوءِ ڏئي ڇو نه ويندي آهين هيڏي. . . . . .
کير اوسنو ته نه ٿي ويو آهي؟لوٽو هو ڏُڌ هاڻو، مُئِي ته گهڻي ئي هَنئي اَٿمانس. هُو خاموش ئي خاموش کير پيئندي کيس ڏسندو ئي رهيو هو. کير پيئندي ئي پُڇيو هُئائين،
ڀيڻي جاڳي ٿي؟
اِهو اڳوهڻي نه پئي پارس کي ڇِڙٻون ڏنائين.
ڇو؟
هُن مُختصر سوال ڪيو ۽ پوءِ مُرڪي پاڻ ئي جواب ڏنائين، ”خبر ڪانهي ڏينهون ڏينهن سندس طبيعت ۾ الائي ته ڇا تي چيڙاڪ پئي ٿيندي وڃي!؟“
ايئن اوچتو ٿوري دير کان پوءِ ڪيلاش جي زال اُٿي اچي ڪيلاش جي ڪمري ۾ کيس ۽ سڪينه جي وچ ۾ هلندڙ تعلق تي ڪيلاش سان وڙهي ٿي ۽ پنهنجي ڀيڻ سڪينه کي تمام گهڻا مهڻا ڏيندي آڌي رات جو گهر مان نڪري وڃڻ لاءِ چوي ٿي۔۽ پوءِ گهڻو ڪجهه ڳالهائيندي پاڻ ئي ٻارن کي ننڊ مان اٿاري، روئيندڙ ٻار ساڻ ڪري وڏي آواز سان ڳالهائيندي گهران نڪري وڃي ٿي۔
۽ پُٺيان خالي گهر ۾ ڪيلاش ۽ سڪينه رهجي وڃن ٿا۔پنهنجي پنهنجي خيالن ۾ هڪٻئي مُتعلق پيار ۽ محبت تي سوچيندي، گهرن اُجڙڻ جو خوف پڻ کائيندي. نيٺ هُو ٻئي ساڳي ڪمري جي ساڳي کٽ تي هڪ ٻئي کي پاڻ سُپرد ڪري ڇڏين ٿا۔
پر ايئن اوچتو ڪيلاش جي زال جي رويي ۾ ايڏي نفرت ڀري تلخي سمجهه کان ٻاهر محسوس ٿئي ٿو۔ڇو ته اُن کان اڳ به سڪينه اڪثر طور تي پنهنجي ڀيڻ جي گهر ايندي رهندي هئي ۽ ڪيلاش ۽ سڪينه پاڻ کوڙ ساري حُجائتي انداز سان هڪٻئي سان پيش ايندا هئا. جنهن حُج ۾ پڻ هڪ زال پنهنجي مڙس کي ڪنهن ٻئي سان ايئن برداشت نٿي ڪري سگهي. اُن ڪري اُهو ڪو پهريون ڀيرو ڪونه هو جو ڪيلاش جي زال پنهنجي ڀيڻ سڪينه ۽ پنهنجي مڙس جي وچ ۾ اهڙو ڪو تعلق محسوس ڪيو يا ڏٺو هو۔يا سڪينه پنهنجي مڙس کان رُسي اچي ڪيلاش وارن جي گهر ۾ رهندي سندس ڀيڻ پاران رويي ۾ اهڙي ڪا ڳالهه محسوس ڪري ٿي ۽ نه ئي ڪٿي وچ ۾ ليکڪ ڪنهن اشاري طور پڙهندڙ کي ڪيلاش جي زال پاران سڪينه لاءِ ڪا سرد مهري جي ڪنهن گُمان ڏانهن مُتوجه ڪري ٿو۔حالانڪ ڪيلاش ۽ سڪينه جي پاڻ ۾ حُجائتي ٿيڻ واري رويي تي پڙهندڙ سندن من جي مُراد ڄاڻي وٺي ٿو جنهن کان ڪردارن کي اَڻ ڄاڻ ڏيکاريو ويو آهي۔تنهن ڪري هي اوچتو ڪيلاش جي زال جو سخت رويو پڙهندڙ کي پڻ حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿو۔
اهڙيءَ طرح سان صبح ٿيندي ئي ٻاهر دروازو کڙڪي ٿو، در تي ٻاهر مَڇريل ماڻهن جا اَنبوھ ڏسي ڪيلاش پريشان ٿي وڃي ٿو. ۽ کين يقين ڏيارڻ چاهي ٿو ته هُو غلط ٿا سمجهن ۽ گهر اندر داخل ٿي اداران دروازو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته در ٻاهران ماڻهو جذبات ۾ اچي در کي کولڻ لاءِ تيز ڌِڪو ڏين ٿا جنهن سبب در جو تاڪ تيزيءَ سان کُلندي، ڪيلاش کي نِرڙ ۾ ٺَڪاءُ ٿي وڃي ٿو، ۽ هُو وڃي ڳاٽي ڀَر ڪِري ٿو، ۽ پوءِ جڏهن کيس هوش اچي ٿو ته هُو پاڻ کي سوين ماڻهن جي وچ ۾ ڳوٺ جي وڏيري جي اوطاق ۾ ڏسي ٿو۔
ناول جي هِن پڇاڙڪي ڏيک تي پُهچي ڪيلاش کي هِن رسوائي جي مَقام تي پهچائيندڙن لاءِ ناول مان ئي ڪاموءَ جي چوڻي ذهن تي تَري اچي ٿي ته، ”جنهن ماڻهوءَ وٽ ڪردار جي قوت نه هوندي آهي، تنهن کي پنهنجي مطلب جي پورائي لاءِ هڪ نموني جي خاص ڍنگ جي ضرورت پوندي آهي. “اُن ڪري به مهاڳ ۾ ڪيهر شوڪت لکي ٿو ته، ”نيروليءَ جو ڪُن“اسان جي نااتفاقي، غير مُتحد هُجڻ، هڪ ٻئي جا تَرا ڪڍڻ، هڪ ٻئي کي لوئڻ، هڪٻئي جي ڪردار ڪشي ڪرڻ ۽ پاڻ کي ڇيهو رسائڻ تي هڪ وڏو نوحو آهي. “
ملڪ آگاڻيءَ جو هي ناول”نيروليءَ جو ڪُن“ دراصل ضمير واحد غائب جي صيغي ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ ڳوٺاڻي جيوت ۾ روايتي ماحول جي ڪُن ۾ ڦرندي پيار محبت، عورت تي مرد جو روايتي حاوي رهڻ واري ڇسي روايت، ماڻهن جي عجيب نفسيات، سياست جي بي راھ روي، سماجي ڏيوالپڻي جي حالت، رويا، سوچڻ جو انداز، تاريخي پس منظر ۽ اڄ جون حالتون، وغيره اهڙا موضوع آهن جن تي هن ناول ۾ ڪهاڻي ٻُڌائيندڙ ٻُڌائي ٿو يا ڪهاڻيءَ جي ڪردارن کان ڳالهرائي ٿو۔الائي ڇو لفظن وسيلي ناول ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ناول ڄڻ ٻِن ڪردارن جي ڪهاڻي بڻجي وڃي ٿو ۽ لڳي ٿو ته ناول ڄڻ ڪيلاش جو ڪمرو آهي جنهن جي ٻاهر کلندڙ دري هِن ناول جو مهاڳ هُجي۔جنهن مان اڳتي وڌڻ توڙي پُٺتي ورڻ لاءِ ڪو در نٿو لَڀي۔ٻيو ته هي ناول پڙهندي وقت ناٽڪ جي اثر جي ڏِک پڻ ڏئي ٿو. ڄڻ هي ناول يا اُن جي ڪهاڻي ڪنهن ناٽڪ جي لاءِ تحرير ڪئي وئي هُجي ۽ ناٽڪ ٿيندي ٿيندي رهجي وئي هجي.

15/5/20

مَصلوب ٿيل ڪھاڻيءَ جي مَسيحائي

روسيءَ ٻوليءَ جي جڳ مشهور ڪهاڻيڪار چيخوف ڪهاڻيءَ بابت چيو آهي ته، ”ڪهاڻي ۾ اجائي سياسي، سماجي يا معاشي نعريبازي نه هُجڻ گُهرجي، جتي ضرورت هُجي اُتي ڏجي باقي ڪهاڻي ۾ نعرا ٽُنبي اُن کي اَجائي ڊيگهه نه ڏجي.
ڪهاڻي پوري طرح غيرجانبدار ٿي لکجي، هڪ ليکڪ کي ڪنهن جو پاسو کڻڻ بدران غير جانبدار ٿي شين کي بيان ڪرڻ گُهرجي. ڪردارنگاري ۽ منظرنگاري سچ تي آڌاريل هُجي، جيڪو جيئن آهي اُن کي ائين ئي ڏيکارجي. شين کي بيان ڪرڻ مهل ڊيگهه نه ڪرڻ گُهرجي ۽ گهٽ لفظن ۾ ڳالهه کي بيان ڪجي. ڪهاڻي ۾ ليکڪ سخت قدم کڻڻ لاءِتيار هُجي ۽ سندس انداز نِج پِج هُجي. جنهن ۾ ڪنهن جي ڀوڳنا جو احساس هُجڻ گهرجي. “چيخوف جي اِنهن ويچارن جي روشنيءَ ۾ ممتاز لوهار جي ڪُجهه ڪهاڻين کي ڏسجي ٿو ته اُهي اهڙي اعليٰ معيار جي ڪسوٽي تي پوريون لهندي نظر اچن ٿيون.
ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻيءَ جو جنم ۽ وري اُنهن مان ٽين ڪهاڻيءَ جو جنم اڄ جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي فني سُندرتا جو هڪ حسين حوالو چئي سگهجي ٿو۔ڪهاڻيءَ کي خيال جي نڪور زاويي مان ڪڪوري جديد سنڌي ڪهاڻي جو نئون روپ بخشڻ ممتاز لوهار جهڙي بهترين ڪهاڻيڪار جي ڳوڙهي مُشاهدي جو گهرو عڪس آهي۔ممتاز لوهار جي ڪهاڻين جو نئون ڪتاب ”کُليل دَريءَ جو درد“پڙهندي اِهو احساس ڪَر موڙي جاڳي پوي ٿو ته ڪهاڻي ڪڏهن به خارج مان نمودار ٿي داخليت جو دروازو کڙڪائي وجود کي ڌوڏي”کُليل دَريءَ جو درد“بڻجي سگهي ٿي. ممتاز لوهار جي ڪهاڻين جي هِن ڪتاب جي پهرين ٽائيٽل ڪهاڻي پڙهيم ته منهنجي ذهن جا هَلڪا ٻيڪڙيل تاڪ ٺَڙاڪ سان کُلي پيا۔۽ ليکڪ مون کي خود اُن ڪهاڻيءَ جو ٽيون ڪردار محسوس ٿيو۔ٻِن ڪردارن جي حادثن جي ٻِن پُڙن ۾ پِيسجندڙ ٽيون ڪردار۔دراصل دري جي اندر ۽ دري کان ٻاهر ٻَه دنيائون، ٽين دنيا کي پڻ ڌوڏي ڇڏين ٿيون. ڇاڪاڻ ته ٽئي دنيائون ۽ اُنهن جا ٽئي ڪردار سماج جا اهڙا ته چِٽا۽ پنهنجين ڀوڳنائن کي ڀوڳيندڙ حادثا آهن جن جي ٿيڻ جا جواز ڌار ڌار هوندي به هڪڙي ئي سماجي حقيقت نگاريءَ مان نروار ٿين ٿا۔ڪهاڻيءَ جي هي حقيقي ڪيفيتي دنيا ڏاڍي گھري، تُز ۽ ترار جيان اندر ۾ لهي وڃي ٿي ته، پهرين ڪهاڻيءَ جو وڍيندڙ سواليه آواز ڪنن وسيلي روح تائين پَڙاڏي جيان گونجي وڃي ٿو،
”پنهنجي زال کي پنهنجي ڀاءُ سان سُتل ڏسي سگهندين؟“جنهن کان اڳ ٻِي ڪهاڻيءَ جي ڪردار جو کُليل دريءَ جي تاڪن مان ايندڙ ٻُڏل لھجي ۾ هڪ تلخ جُملو، ”ماسات سان کِلندي ڏٺئي ته غيرت ٿي اچئي. . . . . پاڻ اوطاق ۾ ڇورن هيٺان اُونڌو ٿيو پيو هوندو آهين، اُتي ته غيرت ڪو نه ٿي اچئي. . . “ گوليءَ جيان اچي دماغ ۾ ٺڪاءُ ڪري خيالن کي مُنتشر ڪندي حواسن ۽ ڪيفيتن جي وايو منڊل کي ڪنهن زلزلي ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. ”ڏُک بنگلي جي کُليل دريءَ مان ٽِپو ڏئي ٽين ڪهاڻيءَ جي ليکڪ ڪردار جي اڳيان اچي هيٺ ڪري ٿو. ته اُها ٻِي ڪهاڻي، ليکڪ کي پھرين ڪهاڻيءَ کان ڪي پَل ڇِني ڌار ڪري ڇڏي ٿي. ۽ ليکڪ ٻِن ڪهاڻين جي وِچ ۾ حواس وڃائي، اندر مَنجهه ايئن پيسجندو رهي ٿو جيئن جنڊ جي ٻِن پُڙن ۾ داڻو پُيسجندو آهي. “ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار پنهنجي آرٽ ۽ ڪِرافٽ جي نفاست سان جنهن حقيقي سماجي پيڙا جي تصوير چِٽي آهي اُها ليکڪ جي به اکين ۾ هڪ پورٽريٽ جوڙي ٿي. جنهن ۾ ٻِن ڪهاڻين جي ٽِياس تي ليکڪ ٽِين ڪهاڻي بڻجي مَصلوب ٿي وڃي ٿو ته تخليق جي مَسيحائي اَمر بڻجي وڃي ٿي.
ڪهاڻي اصل ۾ چئبو ئي اُن کي آهي جو اُها پنهنجي موضوع توڙي مواد يا ڪهاڻيءَ جي فنائتي خاڪي ۾ ايئن ته جَڙي وڃي جو ڪهاڻيءَ جي دنيا حقيقيت مان فڪشن جو روپ وٺي وري حقيقت ۾ تحليل ٿي پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ ۾ ڪنهن ملاح جي ڪنڍيءَ جيئن اَٽڪي سندس وجود کي لرزائي ڇڏي۔
اهڙي ڪهاڻي ۾”طوطي جا ٻَچا“ڪهاڻي پنهنجي جوهر ۾ هڪ ڀرپور ۽ هڪ سيبتي ڪهاڻي آهي۔”منجهند جي وقت تيز اُس، ڇانوَ جي ڳولا، ڊگري ڪاليج، سَروينٽ ڪواٽرن ڀرسان هڪ ننڍڙو باغيچو، ساوا وڻ پکين کي ڏيندڙ پناھ، گرمين جي موڪلن ۾، ڪاليج هُجڻ ڪري ۽ لائٽ جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪاليج جو پَٽي وارو چاچو رستم گهاٽِي نِم جي ڇانوَ هيٺ کَٽ تي ويٺل ۽ پوءِ ڪُجهه ئي گهڙين ۾ ڪاليج جي ڪلارڪ انور جي اچي ويهڻ جو مَنظر۔سندن ڪچهري جا موضوع روز جي روايتي حالتن، مھنگائي، بدامني، آفيسرن جي روين کان هٽي ماضيءَ جون يادگيريون ڪپڙن جي ٿانن جيان کُلنديون وڃن ٿيون۔بجلي اچڻ تائين ٻارڙن جي هڪ ٻئي سان راند روند، پاڻ ۾ وڙھڻ ۽ ٺھڻ جو يا نمورين کي ميڙڻ، لفظن مان اُڀري ذهن تي عيان ٿيندڙ ڏيک جو انداز ڏاڍو آرٽسٽڪ محسوس ٿئي ٿو۔رستم پنهنجي نوڪري جي دور ۾ آيل آفيسرن جي چڱائي ۽ لڳائي جو ذڪر ڪندي ڪيترن آفيسرن کي وڻن جي واڍيءَ جو پيٽ ۾ سور هئڻ جون ڳالهيون ٻُڌائي ٿو۔۽ اُنهن خلاف ڪيئن نه هڪ مالهي هُئڻ جي ناتي وڻن جي رکولي ڪري ٿو، ۽ پوءِ وڻن ۾ رهندڙ پکين جو ذڪري ڪندي بنگالي طوطن جو ذڪر ڪن ٿا۔۽ سندن ٻچن کي وڻن جي پورن مان چوري کڻي ويندڙن مُتعلق به ڳالهيون اورين ٿا۔”ڳالهين دوران طوطن جو جوڙو به اچي نِم تي ويهي ٿو. ڪنڌ پاسيرو ڪري طوطا ڄڻ چاچي رستم جي ڳالهه ٻُڌي رهيا هُجن. طوطن جي ٽيئون ٽيئون تي ٻارڙن پنهنجي راند ڦٽائي طوطن ڏي آڱر کنئي ته طوطا ڀَڙڪو کائي ٽيئون ٽيئون ڪندا اُڏري وڃن ٿا. “بجلي اچڻ تي سڀ پنهنجن گهرن ڏانهن هليا وڃن ٿا۔منجهند ٽاڪ هُجڻ ڪري ڪير به نظر نٿو اچي. اهڙي وقت ٻاهران ٻه ڇوڪرا اچن ٿا. اُنهن مان هڪڙو هيٺ بيهي چوطرف نظرداري ڪري ٿو ته ٻيو وري سَرينهن جي وڻ تي چڙهي طوطن جا ٻَه ٻَچا وڻ جي پُورن مان ڪڍي پنهنجي قميص جي پاسي وارن کيسن ۾ وجهي ٿو. ۽ جڏهن اُهي ٻئي ڇوڪرا وڃڻ لڳن ٿا ته، اوچتو هڪ ڪواٽر مان ڪلارڪ انور تڪڙو نڪري ٿو، سندس پُٽ دانهون ڪندي کيس طوطن جي ٻچن لاهڻ جو ٻُڌائي ٿو۔انور ڇوڪرن کي داٻو ڏئي طوطن جا ٻَچا وٺي ٿو۔۽ طوطن جي ٻَچن کي وري واپس ساڳي وڻ جي پُور ۾ رکڻ لاءِ چئي ڇوڪرن کي ڀَڄائي ڇڏي ٿو۔پر هيڏي هوڏي ڏسي پُٽ کي چئي ٿو ته، هي وٺ، خيال سان. . . . . . فلحال کوکي ۾ رکين، شام جو پڃرو وٺي ايندس ته پوءِ اُن ۾ رکنداسين!“
هي ڪهاڻي دلچسپ انداز سان پنهنجي مَنطقي نتيجي تي پهچي هڪ دل ڏاريندڙ دانهن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ته ماڻهوءَ جي ٻيائي تي دل آزاري ۾ نفرت ۽ پکين جي معصوميت تي بيحد پيار اندر ۾ ڇُلي پوي ٿو۔
ڪهاڻي”جيون:ڦاٽل بُوٽ“سماج جي ڪَڙي حقيقت جو هڪ دل کي ڏهڪائي ڇڏيندڙ اهڙو درد آهي جنهن ڏانهن ممتاز لوهار جهڙي ڪهاڻيڪار جي اک اُن سموري وارتا جو گهرائيءَ سان ايڪسري ڪري اچي ٿي ۽ احساس جي انگاس تي ٽنگي ڇڏي ٿي۔هي ڪهاڻي خودڪلاميءَ واري انداز ۾ شروع ٿئي ٿي۔جنهن ۾ هُو پنهنجن ڇِڳل جوتن کي ڏِسي کِلِي پَوي ٿو، هُن پاران چيل اُن جُملي تي، جيڪو هُن سندس ڇِڳل جوتا ڏسي چيو هو ته”نئون جوتو ڇو نه ٿو وٺين؟“جنهن تي هِن وراڻيو هو ته، ”چري!جيڪو ماڻهو روز ڪٿي نه ڪٿي انٽرويو ڏيڻ لاءِ ڪِرايو به پنهنجي پورهيت ڀينرن کان وٺي ويندو هُجي، اُهو ماڻهو نئون جوتو ڪٿان ٿو وٺي سگهي!“اهڙي طرح سان خودڪلاميءَ واري ڏُکائتي انداز ۾ هُو، هُن جي اُن جُملي تي سوچي ٿو ته ڪاش هوءَ اُهو جُملو کيس نه چوي ها ته ڇا ٿي پوي ها ”نه اَبا!تو سُڃي جي پويان ڪا پنهنجي زندگي تباھ ڪنديس ڇا؟“اُن جُملي ٻُڌڻ سان هُو وسامي وڃي ٿو. هُن جي هڪ ئي ڦُوڪ هِن جي ڀروسي جي ڏيئي کي وسائي ڇڏي ٿي. ۽ هوءَ اهڙي ڪَڙي جُملي تي کيس ڀوڳ چئي چيڙائڻ جو چئي ٿي پر هِن کي اُهو ڀوڳ کيس اندر ۾ دٻيل سچ لڳي ٿو جيڪو کيس ”الائي ته ڪڏهن کان خونخوار شينهن جهڙي جُملي کي سندس ذهن جي پِڃري ۾ واڙي رکڻ جيئن لڳي ٿو. “
اهڙيءَ ريت پيار محبت جي وچ ۾ غُربت جي ديوار حائل ٿيڻ جي نتيجي ۾ هي ڪهاڻي ڇِرڪ جهڙو موڙ کائيندي جيءُ کي جهوري وجهي ٿي. ۽ هُو، هُن کي چئي ٿو ته، ”مون کي نوڪري نه ملي سگهي، منهنجي پورهيت ڀينرن پنهنجو پورهيو تبديل ڪري ورتو، هٿن جي پورهئي مان گهر نه هلي سگهيو ته هُنن جسماني پورهيو شروع ڪري ڇڏيو. “هڪ پُر درد آھُ اندر جي گهراين مان اُڀري اکين کي ڀِڄائي وڃي ٿي ۽ دل ۾ هڪ ڪَنڊي جهڙو احساس چُڀي وڃي ٿو۔
هي ڪهاڻي سماجي حقيقت نگاريءَ جو هڪ اهڙو ته ڪَڙو سچ آهي جنهن جي اندر ۾ زندگيءَ جون تلخيون ڪنهن گهري سمنڊ جيان ڇُلندي، حساس دلين کي پاڻ ۾ ٻوڙي ڇڏين ٿيون.
”ڌوتل وَڳو، ميرو بَدن“هڪ مزور نورل جي ڏُک جي ڪهاڻي آهي۔هُو مزوري ڪندي پنهنجي جَوان بيمار ڌيءَ جي پريشانيءَ ۾ مُبتلا رهي ٿو۔جنهن تي رمضان اوستو کيس ٽوڪيندي چَويس ٿو، ”اڃان ته ٽي ٿيا آهن ميان!هفتو پنجين وڳي ڇڏائبو، لڳي ٿو تنهنجو ڌيان هينئر ئي گهر جي گهٽيءَ ڏانهن آهي. نيٺ پنج ٿين ٿا، هر مزور سان پيٽي ٺيڪيدار هفتي جو حساب ڇڏائي ٿو. نورل هڪ نظر پنهنجن ڪپڙن جهڙن ميرن نوٽن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ پوءِ تڪڙيون وکون کڻندو ڳوٺ واري چنگچيءَ ۾ اچي ويهي ٿو. “ايئن ڌيءَ جي بيماريءَ جي پريشانيءَ ۾ نورل پنهنجي رب کي ٻاڏائي ٿو ۽ مالڪ کان نياڻي لاءِ ڪنهن به وڏي بيماري کان پناھ ۾ رکڻ جي دعا گُهري ٿو. ۽ ڊڄندي ڊڄندي شهر جي وڏي ڊاڪٽر وٽ ڌيءَ کي وٺي وڃي ٿو۔
ڊاڪٽر تپاس کان پوءِ نورل کي ٽيسٽ ۽ الٽرا سائونڊ لاءِ چئي ٿو۔نورل کي اڳ ئي اِها خبر هُجي ٿي ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڳَرا خرچ ٿيندا آهن. رپوٽن کان پوءِ ڊاڪٽر، نورل کي چئي ٿو، ”بابا منهنجي ڳالهه کي خيال سان اڳ ۾ سمجهو. ادڙيءَ کي عورتاڻي تڪليف ٿي آهي. . . . . . . . . . . . ٻار ماءُ کي رهنڊون آيل آهن. . . . . . . . . . . ضروري ناهي ته ساڻس ڪنهن به ڪا اهڙي حرڪت ڪئي هُجي. ڪڏهن ڪڏهن اِهو پاڻ مُرادو کَنهڻ جي ڪري به انفيڪشن ٿيندو آهي. نورل جو وجود واريءَ جي ڍير وانگر ڀُرندو کيس محسوس ٿئي ٿو. ۔۔۔اڄ ڳوٺ جون گهٽيون کيس رات جو به نِٽهڻ اُس جيان تَتل ٿيون لڳن. کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري؟پر وري خيال اچيس ٿو ته”متان ايئن نه به هُجي. ڊاڪٽر چيو پَئي، ايئن نه به ٿي سگهي ٿو. راڻي ته منهنجي نِماڻي آهي. مون کي اُن تي سورنهن آنا پَڪ آهي. نورل پنهنجي ذهني مانڌاڻ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ شَڪ وارا خيال مَٽائيندو ۽ ڪيئي پهر روئيندو رهي ٿو. رب ئي بهتر ٿو ڄاڻي، پر مان پنهنجي نياڻيءَ کي ميرو ڪونه ڪندس. “هِن ڪهاڻيءَ جي مُثبت پُڄاڻي خاص طور سنڌي سماج ۾ صدين جي روايتي ۽ انفرادي غيرت جي نفي ڪندي ٻهراڙيءَ جي هڪ پورهيت جي خيالن ۾ مُثبت تبديليءَ جو ڏَسُ ڏئي ٿي. جيڪا ڳالهه اڄوڪي سنڌي سماج لاءِ هڪ نيئن راھ کولي ٿي ۽ شعور جي تقاظا ڪندي هڪ پورهيت کان اُن جي شروعات ڪري ٿي۔
ايئن ممتاز لوهار جي هِن ڪهاڻين جي ڪتاب”کُليل دريءَجو درد“۾ ڏنل اڻويهه ڪهاڻيون آهن جن ۾”گوندر مٿان جندڙي“، ”رات وچ ۾“، ”تون به نه سمجهي سگهينءَ“، ”لُوسڻ جو نَڪ“، ”راڄوڻي فيصلو“، ”واريءَ جو گهر“، ”اڳي ايئن هُياس“هڪ ٻئي کان مُختلف موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون آهن. پر اُهي ڪُجهه اهڙيون ڪهاڻيون آهن۔جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح دل کي ڇُهڻ جو ساهس نه ٿيون رکن. اُنهن ۾ ڪا نه ڪا آرٽسٽڪ کوٽ محسوس ٿئي ٿي۔يا ائين به آهي ته اُهي ڪهاڻيون ڪهاڻيڪار جي من جي بٺيءَ ۾ اڃان وڌيڪ پَچڻ لاءِ رهڻيون هُيون پر اُهي پَچي راس ٿيڻ کان اڳ ئي مَشق جي روايتي ٽياس تي ٽنگجي ويل لڳن ٿيون۔ڇو ته ڪٿ فلمڪ انداز، ڪٿ روايتي سطعي نمونو، ڪٿ بنا ڪنهن ڪشش جي ڳالهين يا موضوعن کي ڪهاڻيءَ جي فريم ۾ آندو ويو آهي۔جنهن ڪري اُهي مٿي ڏنل ڪُجهه نالن واريو ڪهاڻيون پنهنجي الڳ ۽ اهم خصوصيت ماڻڻ ۾ ڪا خاص سگهه نه رکندي محسوس ٿين ٿيون۔
سنڌي ڪهاڻيءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار مشتاق شوري جي انڊيا ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي ڪتاب”هستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو“۾ ديوي ناگراڻي هڪ هنڌ لکي ٿي ته”دراصل ڪهاڻي اسان جي وقت جي دائري ۾ سماج جو عڪس آهي. جنهن ۾ اُهو سڀ ڪجهه ٿيندو آهي جو اسان جي سماج ۾ ٿيندو رهندو آهي. لِکڻ فقط لفظن جي عمارت اَڏڻ ناهي. انسان جي مَن اندر مَتل اُٿل-پُٿل، احساسن جو اهم ڏُهڻ(منٿن)سوچ ۽ شَبدن جي سنگم کي تراشي هڪ مُڪمل سَروپ ڏيڻ آهي. هتي مون کي همانشو جوشيءَ جي چوڻي ياد ٿي اچي ته، ”لکڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ تپسيا آهي. “اڌوري من سان لکيل ساهت اڌورو ئي ٿو رهجي وڃي، پڌرو ٿيڻ کان سواءِ. . . . . . . !لکڻ جو پهريون شرط آهي ته ليکڪ، پاٺڪ کي پنهنجي وهڪري ۾ وهائي وڃي. “
”کُليل دَريءَ جو درد“۾ ”واچوڙو“ ڪهاڻي به هڪ سٺي ڪهاڻي آهي جيڪا گهريلو زندگيءَ تي زال ۽ مڙس جي وچ ۾ اختلافن خاص طور تي زال جي فطرت ۽ نفسيات کي اُجاڳر ڪري ٿي۔
”چَٽِي“ڪهاڻي پڻ سماج توڙي گهريلو حالتن جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي آهي۔جنهن ۾ هڪ گهر ۾ گڏ رهندڙ شادي شده ڀائرن ۾ هڪ جواري ڀاءُ جي غلط ڪرتوتن جي سزا يا کينل قرض جي اوڳاڙي محنت مزدوري ڪندڙ ڀائرن کان ٿئي ٿي۔پر اُها سموري برداشت هڪ ماءُ جو پُٽ سان فطري لڳاءُ جي عيوض سڀ ڀائر ماءُ کي مانُ ڏيندي ڪن ٿا ۽ هر ڀيري ڀاءُ جو جوا ۾ کنيل قرض ٻيا ڀائر گڏجي ڀرين ٿا۔
”چريو“ ڪهاڻي ۾ زال، مُڙس کي نفسياتي مريض چئي ناراض ٿي وڃي ٿي. ۽ کيس نفسياتي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ چئي ٿي۔مُڙس اُن ڳالهه تي سوچيندي ڊاڪٽر وٽ وڃي ٿو۔ويندي مهل رستي تي هلندي کيس عجيب وهم ۽ وسوسا ٿين ٿا۔اُتي ڪهاڻيڪار مُتاثر ڪردار کي اوچتو ڪيلي جي کَل تان تِرڪندي کيس وڌيڪ مُنتشر ٿيندي ڏيکاري ٿو۔پر اُتي ڪيلي جي کَل تان تِرڪي ڪيرائڻ وارو منظر الائي ڇو اُن سموري ڪهاڻيءَ جي هلندڙ روانيءَ واري وهڪري ۾ اَجائي ٺهراءُ جي احساس کي جَنمي ٿو۔جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ هڪ جهول کي پيدا ڪري وجهي ٿو۔تنهن هوندي به ڪهاڻي سماجي نفسيات جي گڏيل بهترين عڪاسي ڪري ٿي۔مُتاثر ڪردار جڏهن اسپتال ۾ نفسيات جي ڊاڪٽر وٽ پُهچي ٿو ته هُو ڊاڪٽر کان پاڻ مُتعلق پُڇي ٿو ته مان کيس ڪيئن ٿو لڳان. ڊاڪٽر کيس بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ۽ نارمل ٻُڌائي ٿو. جنهن تي هُو ڊاڪٽر کان پنهنجي نارمل هُجڻ جو ميڊيڪل سَرٽيفڪيٽ گُهري ٿو۔جنهن تي ڊاڪٽر هُن کان پُڇي ٿو ته اِهو سرٽيفڪيٽ ڪاڏي ڪندو ته هُو ڊاڪٽر کي چوي ٿو ته هُو اِهو سرٽيفڪيٽ پنهنجي زال کي ڏيکاريندو جيڪا کيس چريو سمجهندي آهي۔جنهن تي ڊاڪٽر ساڻس مُخاطب ٿيندي چوي ٿو ته، ”سچ ٻڌايانءِ ڀائو. . . . . . . . . منهنجي زال به مون کي چريو چوندي آهي. خوشگوار زندگيءَ لاءِ زال، مڙس ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي چريو ٿيڻو پوندو آهي. “اُن ڳالهه تي هُو ڊاڪٽر ڏانهن ڏسي ٿو ۽ کيس لڳي ٿو ڄڻ سندس زال ڊاڪٽر جي روپ ۾ ساڻس ڳالهائي رهي هُجي۔اُن وقت هُن کي پاڻ کان وڌيڪ ڊاڪٽر چريو لڳي ٿو۔
”تون هاڻ اُهو ناهين رهيو!“ڪهاڻيءَ ۾ ھُو آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڌُنڌلو ڏسندي ويتر سندس لڱن مان ساھ ڇڏائجي وڃيس ٿو. ڪي پَل بدلجندڙ ڪيفيت جو ڊپ، سندس جسم هلڪو ڪري ڇڏي ٿو. خود ڪلاميءَ واري انداز ۾ هُو پاڻ سان ڳالهائي ٿو۔پنهنجي زال آسيه کي سڏي ٿو۔۽ ٻين ايندڙ خيالن جو اظهار ڪندي، مُختلف ڪيفيتن مان گُذرندي هُو آسيه جو نالو وٺي سڄي گهر ۾ ڳولي ٿو۔پر گهر ۾ نه آسيه آهي نه ئي سندس جاڙا پٽ. واپس ڪمري ۾ اچي آسيه جي ڪاڏي نڪري وڃڻ واري سواليه ڳالهه تي سوچي ٿو۔ڪرسيءَ تي ويهندي، ٻئي هٿ چهري تي ڏئي ياد ڪرڻ لڳي ٿو۔۔۔۔۔اُن مهل کان وٺي پوئتي سڀ واقعا پوئين پير سوچيندي، هڪ منظر تي بيهي رهي ٿو۔هاڻ هُن کي ياد اچي ٿو ته، گُذريل رات هُن گهڻو پيتو هو. پورا ٻه آڌيا شراب جا پي ويو هو۔پيئڻ کان پوءِ هن آسيه کي رڙ ڪري سڏيو هو. اُن حالت ۾ هُن آسيه کي مار ڪٽ ڪئي هئي۔آسيه روئيندي ٻارڙا ساڻ ڪري گهر مان هلي وئي هئي۔ايئن هي ڪهاڻي گهر جي ئي ڪمري ۾ مُختلف خيالن جو سفر ڪندي اُن مَقام تي پُهچي ٿي جتي لڳ ڀڳ هر مرد مُختلف لذتن جي ذائقن کي ماڻڻ جي اَنڌي جنون ۾ پنهنجا ٺهيل ٺڪيل گهر تباھ ڪري ويهندا آهن۔هُو موبائل تي آيل ڪال تي موبائل اسڪرين تي”دلبر“ نالو ڏسي مُرڪي ٿو۔ڇو ته”دلبر“جي نالي سان سندس سنگتياڻي جو نمبر سِيو ٿيل آهي۔فون تي پنهنجي سنگتياڻيءَ سان ڳالهيون ڪندي هُوءَ سندس زال جو پُڇي ٿي ته هي کيس ناراض ٿي گهر ڇڏي وڃڻ جو ٻُڌائي ٿو۔۽ کيس اچڻ لاءِ چويس ٿو۔فون بند ڪري هُو آرسيءَ ۾ خود کي ڏسي ٿو۔۽ سندس عڪس ڄڻ کيس چوندو هُجي ته، ”تون هاڻ اُهو ناهين رهيو. “
”هڪڙو انب“ڪهاڻي پوڙهي غلام حسين جي هڪ درد ڀري ڪهاڻي آهي۔جنهن ۾ هُو گهر جي لاءِ انب خريد ڪندي هڪ انب پنهنجي لاءِ الڳ خريد ڪري ٿو۔ڇو ته گهر ۾ اُهي انب کيس کائڻ ئي نصيب نٿا ٿين۔انب وٺي ٻين ورتل انبن کان ڌار پنهنجي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ لڪائي ٿو ته متان سندس نُنهن اهو لڪايل انب نه ڏسي ۽ سندن انبن مان انب چوري ڪرڻ جو نه سوچي ۽ پوءِ سندس پُٽ کي اُن مُتعلق ٻُڌائي مَٿس ڏمرائي نه وجهي. رستي ۾ ايندي پاسي واري کيسي کي ڇُهي انب جي موجودگي جي پَڪ ڪري ٿو۔اهڙيءَ طرح گهر پهچي نُنهن کي ٻَه ڪلو انب ڏئي، پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سوچي ٿو ته انب کي فرج ۾ رکي ٿڌو ڪجي پر متان نُنهن کي خبر پوڻ جي ڊپ کان جڳ ۾ پاڻي وجهي ٿڌو ڪرڻ جو سوچي ٿو ته نُنهن وري کيس سَڏي ڏهن روپين جو نوٽ ڏيندي ماچيس ۽ تُلسيءَ جون سوپاريون وٺي اچڻ لاءِ چوي ٿي۔هُو مَئي جي پَڇاڙڪي لڱ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ نِٽهڻ اُس ۾ نڪري وڃي ٿو۔رستي ۾ کيس ياد اچيس ٿو ته هُو پنهنجو هڪڙو انب ڪمري ۾ لڳل ڪٻٽ اندر جڳ ۾ ٿڌي ڪرڻ لاءِ رکي آيو آهي۔ڪٿي اُهو سندس نُنهن نه ڏسي وٺي۔اُن اُڻ تُڻ ۾ هُو دُڪان تان ماچيس ۽ سوپاريون وٺي اچي پنهنجي نُنهن کي ڏئي ٿو۔هُو لڪائي رکيل انب جي سوچ ۾ گُم آهي جو سندس نُنهن کيس سڏي چوي ٿي۔”چاچا هي اوهان ڇا ڪيوَ؟“ هُو پنهنجي وجود ۾ ڏَڪي وڃي ٿو ۽ پَل ۾ صدين جيڏي ڀوڳنا جي احساس ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ته نُنهن حيرت ۽ ڪاوڙ منجهان چويس ٿي ته”چاچا هي ڪهڙو ظلم ڪيئي!. . . . . . توکي مون هي سوپاريون چيون هيون؟“اِهو ٻُڌي هُن جي پٿريلي بُت ۾ ساھ پئجي وڃي ٿو۔
”ڪٽيل تار“ملهار نالي هڪ بجلي جي مستريءَ جي ڪهاڻي آهي۔جيڪو سرڪاري نوڪري ۾ ته ناهي پر ڪنهن لائين مين سان گڏ سندس حصي جو ڪم ڪري مليل خرچي تي گُذارو ڪري ٿو۔هڪ ٻن ڏينهن کان ڪم نه ملڻ جي ڪري کيس کيسو خالي آهي۔ سندس اهڙي غير قانوني ڪم ڪرڻ تي سندس ڀاءُ به منع ڪريس ٿو پر هي پوءِ به اُهو ڪم ڪندو رهي ٿو۔اهڙي طرح ڪم نه ملڻ ڪري هو سوچي ٿو ته ڇونه اڄ لوڊشيڊنگ دوران سيٺ رشيد جي گهر جي تار ڪٽي ڇڏي۔جيڪو وري کيس ئي فون ڪري تار جوڙڻ لاءِ چوندو ته خرچي به ٺهي پوندي۔ايئن ملهار بجلي وڃڻ کان پوءِ اُها تار يڪدم ڪٽي گهر هليو وڃي ٿو۔۽ ڪَري ٿو انتظار بجليءَ جي اچڻ جو۔بجلي اچڻ کان پوءِ هُو موبائل تي سيٺ رشيد جي ڪال اچڻ جو انتظار ڪري ٿو۔پر بجلي اچڻ جي ڳچ وقت کان پوءِ اِهو ڏسڻ لاءِ ته ڇا مون ڪٿي ڪنهن ٻئي جي ته تار نه ڪٽي ڇڏي آهي. اِهو سوچيندي هُو گهران نڪري، ڪٽيل تار واري پاسي ڏسي ٿو ته اُوندھ ۾ ڪي ٻه ڄڻا کيس اُن جاءِ تي نظر اچن ٿا. هي اُنهن ڏانهن وڃي ٿو۔۽ سيٺ رشيد هُن کي ڏسندي چوي ٿو ته ”يار توڏانهن ئي ڪال پئي ڪيم جو هِن گهر مان هڪ نوجوان نڪتو. “سيٺ رشيد لڏي آيل پاڙيسريءَ جي گهر ڏانهن اشارو ڪندي چئيس ٿو، ”همراھ ڪو بجليءَ جو ڪم ڄاڻيندو آهي. ويچاري کي شابس آهي، پاڻ ئي چيائين ته مان ٿو تار ڳنڍي ڏايانءِ. ويچاري پيسا به نه ورتا. . . . . . . شابس اٿس. . . . . . . چڱو هلون ٿا. “ايئن هي ڪهاڻي سماج جي هڪ اهڙي حالت جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن ۾ بيروزگاري ۾ ماڻهو پنهنجي هُنر وسيلي به مزدوري نه ماڻي سگهي ته پوءِ هُو ڪيئن نه مَنفي رستي تي هلي ٻَه ڏوڪڙ ڪمائڻ واسطي ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو۔اهڙي سماجي حالت ڪو تقدير جو حصو نه بلڪ اُن جي ناڪارا سياسي صورتحال جي دکدائڪ تصوير ئي ٿي سگهي ٿي۔
”زيادتي“ڪهاڻي، بدر جي مانڊڻي وٽ گڏ ٿيندڙ سنگت اُت موجود چوواٽي کي ”پاڳل چونڪ“جي نالي سان سڏي ٿي۔اُتي سياري ۾ سنگت مچ ٻاري چانهه پيئندي پئي ڪچهريون ڪندي آهي۔ڊسمبر جي ٿڌڙين راتين ۾ باھ تي هٿ سيڪيندي هر ڪو، ڪو نه ڪو قصو ڪهاڻي پيو ٻڌايئندو آهي۔ايئن هڪ ڏينهن باھ جي مَچ تي ڪچهري ڪندي هڪ پَڪي عمر جو چَريو، وڌيل وار ۽ ڏاڙهي، ميرن ڪپڙن سان سندن ڀَر ۾ اچي ويهي ٿو۔۽ ماٺ ميٺ ۾ هٿ سيڪي اُٿي هليو وڃي ٿو۔بدر مانڊڻيءَ مان سگريٽ کڻي دکائي ٿو ۽ ڪش هڻندي سنگت کي هڪ قصو ٻُڌائي ٿو۔جنهن ۾ ماستر رستم، پنهنجي شاگرد سان زيادتي ڪندي پَڪڙجي پوي ٿو۔رستم کي پوليس پَڪڙي لاڪ اَپ ڪري ڇڏي ٿي۔ٿاڻي تي کوڙ سارا ماڻهو اچي گڏجن ٿا۔جن جا مُختلف خيال رکندڙ رويا سامهون اچن ٿا۔ايئن متاثرڇوڪري جو پيءُ ۽ ٻيا ماڻهو صوبيدار جي اچڻ جو انتظار ڪن ٿا۔صوبيدار اچي ٿو۔۽ ڇوڪري جي پيءُ ارباب ۽ ٻن معزز ماڻهن کي اندر سڏرائي ٿو۔صوبيدار ڇوڪري جي پيءُ کي يقين ٿو ڏياري ته هُو هن سان انصاف ضرور ڪندو۔۽ رستم تي غصو کائيندي سپاهيءَ کي سڏرائي لاڪ مان ڪڍرائي رستم کي سچ پترا هڻائي ٿو۔جنهن تي رستم جون دانهون سڀ ٻُڌن ٿا۔ائين ڪهاڻي مُختلف منظر جوڙيندي پنهنجي پُڄاڻيءَ ڏانهن وڌي ٿي۔ته هوريان هوريان وقت گذرڻ سان اُها افسوس ناڪ ڳالهه به ٿڌي ٿيندي ماڻهن کان به وسرندي وڃي ٿي۔ارباب ٿاڻي تي چڪر هَڻندي، مُختلف وقتن تي سپاهين سان ملندي نيٺ ارباب ڏنڊ ڏوھ ۽ فيصلي لاءِ راضي ٿئي ٿو۔جيڪا سموري اندروني سازش صوبيدار جي اشاري سان ٿئي ٿي۔
بدر، حال ۾ موٽندي سنگتين کي ٻُڌائي ٿو ته، سَوير جيڪو چريو باھ تي هٿ سيڪڻ آيو هو۔اُهو ئي ته ماستر رستم هو۔اهڙيءَ ريت”چريي جي حال تي سوچڻ سان اُن مهل پاڳل چونڪ جي ڪوڏين جي اندر ٻرندڙ ڪاوڙ جو مَچ وسامي وڃي ٿو. “
”ڪورونا“ڪهاڻي تازو عالمي سطع تي ڦھلجندڙ وَبا جي اثر ڪري سموري دنيا سميت سنڌ به ان کان مڪمل طورتي متاثر ٿي آهي۔جنهن ۾ خوف ۽ حراس توڙي بيماريءَ لڳل ماڻهو سنڌ ۾ به ظاهر ٿيا آهن. اهڙي سبب سموري سنڌ پهريون ڀيرو لاڪ ڊائون جهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ گهيرجي ڀوڳيندي رهي آهي۔اهڙي وقت ۾ جتي هر مزاج توڙي سوچ جو ماڻهو مُنتشر ٿيو آهي اُتي هڪ حساس ليکڪ پڻ اُنهن حالتن توڙي ڪيفيتن ۽ خوف، حراس جو شديد طور تي شڪار ٿيو آهي۔”ڪورونا“ڪهاڻي اُنهن سڀني احساسن، خيالن، حالتن جي بهترين عڪاسي ڪندڙ هڪ ڪردار جي محسوسيات جي چٽي تصوير جوڙي ٿي۔جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار هُو ٻاهر دروازي تي صبح جو گهنٽي وڃڻ تي جاڳي ٿو۔۽ ياد اچيس ٿو ته رات ٻين وڳي تائين خاص خبرون ڏسندي سُتو هو۔”هُو پنهنجي ئي شهر جي ڪاليج ۾ پروفيسر آهي. سرڪاري اعلان موجب تعليمي ادارا بند هُئڻ سبب سندس روز جي روٽين ئي بدلجي وئي اٿس. “هُو در تي کير واري جو وقت هُجڻ ڪري کير جو ٿانءُ کڻي در کولي ٿو ته در تي هڪ عورت کي ڏسي ٿو۔جيڪا لاڪ ڊائون جي ڪري پنهنجي مَڙهي کي ريڙهي نه ڪڍي سگهڻ ڪارڻ گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هُئڻ ۽ ٻَچڙن لاءِ سير اَٽي جو وٺڻ لاءِ پيئسن جي گُهر ڪري ٿي۔هُو کيس گُهربل پيئسا ڏئي واپس ڪمري ۾ اچي ٿو۔۽ خبرن جو چينل ڏسي ٿو۔جنهن ۾ خبرون پڙهندڙ عورت کي اڳ ته خبرون پڙهڻ وقت مرڪندي ڏسندو هو پر اڄ اُها به مايوس چھري سان خبرون پڙهي رهي آهي۔۽ عالمي توڙي مقامي تازي مايوس ڪُن صورتحال کان آگاھ ٿي گهٻرائجي وڃي ٿو۔ڀَر واري کٽ تي سُتل سندس زال مريم جاڳي رهي آهي۔۽ پريان بيڊ تي سندس پٽ نديم پڻ جاڳي آهي. هُو مريم ڏانهن نهاري ٿو. هڪ عجيب خوف هِنن کي گُذريل ڏينهن کان هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو آهي۔نه ته هُو هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ سُتل هوندا هئا. حساس طبيعت هُئڻ ۽ خوف جي اثر ڪري کيس نِڙيءَ ۾ ڪوڙاڻ محسوس ڪري ٿو۔۽ پنهنجو ساڄو هٿ، کاٻي ڪارائي تي رکي اُتان ھٽائي ڪنڌ تي رکي ٿو۔جسم هلڪو گرم محسوس ٿئيس ٿو۔نَڪ سُڻڪي ڏسي ٿو، لڳيس ٿو ته کيس زُڪام آهي۔سندس لڱن مان ڏڪڻي نڪري وڃيس ٿي۔هُن کي ڪورونا جي وَبا جون ٽئي نيشانيون پاڻ ۾ محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون. ايئن مُختلف ڪيفيتن مان گُذرندي پنهنجي زال سان لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا مُتعلق ڳالهائيندي۔ڀاڃي وٺڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ٿو ۽ مين روڊ تي چڙهي شهر جي سڄو ڏينهن وهندڙ روڊ کي سُنسان ڏسندي پنهنجي اندر ۾ ڏڪي وڃي ٿو۔شهر ۾ هڪ اَڌ ڪو ڀاڄي جو دُڪان کُليو هُجڻ ڪري ڀاڄي وٺي تڪڙو ڊڄندي گهر موٽي ٿو۔ايئن سندس موبائل تي سکر مان وڏي ڀاءُ جي فون اچيس ٿي۔جيڪو سکر ۾ ايران مان آيل زائرين کي ڪورونا جي شڪ ۾ آئيسوليشن سينٽر ۾ رکڻ ڪري سموري شهرجيان خوف ۽ وهم ۾ وٺجڻ ڪري وَٽس لاڙڪاڻي وڃي رهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو۔ته هُن کي اُن پَل ايئن لڳي ٿو ڄڻ سکر مان سندس ڀاءُ جي نه پر ڪورونا جي وَبا فون ڪري اچڻ جي اجازت گُهري رهي آهي. موبائل ٽيبل تي رکي هُو مريم کي ڏسي ٿو. ”ادا هُيو. چيائين پئي ته سکر ۾ ڪورونا جي ڀئه سبب ٻارڙا پريشان ٿي ويا آهن. سو هيڏانهن اچڻ چاهين ٿا. “هُو ڪرسيءَ تي پاڻ کي ڇڏي ڏئي ٿو. هُو ڄاڻي ٿو ته مريم رڙيون ڪري کيس اِهو چوندي، ”پوءِ تو ڇا چيس!. . . . . . . . هتي اچي ڪندو ڇا؟اسان کي به بيمار. . . . . . مون کان ته پُڇين هان. . . . . . . . ايئن ئي ها ڪري ويٺين؟
هُو مريم کان اکيون لِڪائڻ لڳي ٿو. اوچتو ڪَنن تي مريم جو آواز پَويس ٿو.
اهڙن ڏينهن ۾ ته ماڻهوءَ کي دشمن تي به ڪَھل ڪرڻ گُهرجي، هي ته وري به اسان جا پنهنجا آهن. . . . . . . . الله سڄي جهان ڏي خير ڪري. ڀلي اچن. “
هُن جون اکيون ڀرجي اچن ٿيون. هُو مريم کي ڀاڪر ۾ ڀَري ڳل تي چُمي ڏيئس ٿو۔اُن پل کيس لڳيس ٿو ته ڄڻ انسانيت ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. “
هي ڪهاڻي انتهائي ڀيانڪ ۽ مايوس ڪندڙ ۽ ذهني طور تي مَفلوج ڪري ڇڏيندڙ صورتحال ۾ اهڙي اُتساھ بَخشيندڙ پُڄاڻي زندگيءَ سان پيار جو هڪ نئون حوالو تحرير ڪري ٿي۔
ممتاز لوهار جو هي نئون ڪهاڻين جو ڪتاب”کُليل دريءَ جو درد“۾ موجود ڪهاڻيون ڪنهن نه ڪنهن طرح سماج جي مختلف حالتن جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن۔انهن ۾ فني پختگي ۽ موضوعن کي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ ڍالڻ جو انداز ممتاز وٽ گهڻو پختو ۽ نفيس پڻ آهي۔توڙي جو ڪجهه ڪهاڻين ۾ سندس معياري ڪهاڻين وارو رنگ جهيڻو به آهي پر مجموعي طور تي ممتاز لوهار جون ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر جون سگهاريون کنيل اهڙيون وکون آهن جن جا پيرا پنهنجي پنڌ جي ساک ڏين ٿا.

24/5/20

چار ناول، چار ڳالهيون

ادب ۾ جتي شاعريءَ جا پڙهندڙ توڙي لکندڙ ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن۔تيئن شاعريءَ جو تخليقي معيار وڌڻ بجاءِ گهٽبو ٿو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه وقت کان وري نثر واري پاسي يعنيٰ فڪشن ۾ به اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي نظر پئي اچي. توڙي جو اِهو هڪ سُٺو سَنوڻ آهي جو هاڻ اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول تي طبع آزمائي وڌيڪ ٿي رهي آهي. ۽ اُهي ڪهاڻيون ۽ ناول ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپجي رهيا آهن. پر اُنهن سڀني ڪتابن ۾ ڪجهه ئي ڪهاڻيون توڙي ناول ڪنهن حد تائين نون زاوين توڙي روين کي سهيڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. ۽ پنهنجي ادبي ۽ تخليقي حيثيت مڃائي اٿن.
اِن سموري ادبي صورتحال جو ڪارڻ گُهربل سنجيده تنقيد جو بِنهه نه هُجڻ ۽ وري اُن تي به تنقيد کي قبول نه ڪرڻ يا اُن تي اَرهائي محسوس ڪري، تنقيد ڪندڙ تي حملا آور ٿيڻ واري روش، غير سنجيده ماحول کي هٿي ڏئي ٿي. يا ليکڪ وٽ تنقيدي شعور نه هُجڻ ڪري هُو ٿيل تنقيد مان ڪجهه به مُثبت نه پرائيندي، پنهنجي لکڻيءَ کي تنقيد کان بالاتر سمجهندي، ڌڙا ڌڙ لکڻ ۾ مشغول ٿي وڃڻ ڪري، فني، فڪري، موضوعي، اسلوبي يا ٻين گُهربل ضروري ادبي گهرجن جي پورائي نه ڪري سگهڻ سبب ڪهاڻي يا ناول ۾ رهجي ويندڙ جهول، جيئن جو تيئن پنهنجين لکڻين ۾ رهڻ ڏيڻ، ڪري اُهي ليکڪ ادب جي دنيا ۾ هڪ عجيب نفسيات کڻي پيا غير تخليقي ادب جي وڌاري ۾ واڌ ڪندا آهي. تنهن ڪري هاڻ اُن ڳالهه ڏانهن اُنهن ڪهاڻيڪارن توڙي ناول نگارن کي گُهرجي ته هُو سنجيدگيءَ سان ڌيان ڌري پنهنجين تحريرن کي غور ۽ ويچار جي بٺيءَ ۾ پَچائين يا پنهنجن سينيئرس توڙي هم عصرن سان اُها لکڻي ونڊين، اُن جي راءِ کي مانُ ڏيندي اُن لکڻيءَ کي تنقيدي تناظر ۾ جانچي ڏسڻ کان پوءِ اُن ۾ موجود کوٽن ۽ خامين کي دور ڪري پنهنجي تحرير ۾ وڌيڪ نکار آڻي سگهاري ۽ تخليقي ادب جي واڌ ويجهه ۾ اضافو ڪن. پر مٿين خيالن جي عدم موجودگيءَ ڪري هاڻ سنڌي ادب ۾ پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهڻ واري روش به ڏاڍي تيزيءَ سان وڌندي پئي وڃي. مُطالعي ۽ مُشاهدي جو گهڻ طرفو پاسو ڇڏي هڪ مخصوص ڪُنڊ وٺي ويهڻ پڻ هڪ ليکڪ لاءِ هاڃيڪار آهي. گهڻ رُخو مُطالعو يا مُشاهدو هُجڻ بِنهه ضروري آهي۔مطالعي ۽ مشاهدي جي دنيا جيتري وسيع هوندي اوتري گهرائپ ۽ سنجيدگي توڙي فڪر ۽ فهم جي دنيا گهڻي ڦھلاءُ سان ليکڪ جي رهنمائي لاءِ سدائين موجود رهندي.
تازو ئي نوجوان ليکڪ ڪليم ٻُٽ جا چار ناول مطالعي هيٺ رهيا. خاص طور تي منهنجو گهڻو ڌيان ڪليم ٻُٽ جي ناول”راجا ڏاهر“پاڻ ڏانهن ڇڪايو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي هن سياسي، تاريخي ۽ قومي اهم ڪردار ۽ هيرو مُتعلق اسان وٽ سياسي ادب کان سواءِ تخليقي ادب ۾ ڪنهن به اُن کي فوڪس نه ڪيو هو. تاريخي اعتبار کان ته”چچ نامي“۾ جنهن طرح اهڙي عظيم ڪردار جي نَفي ڪري، ڪوڙن الزامن جي ٽياس تي کيس ٽنگيو ويو آهي. اُهو راجا ڏاهر کي نه پر سنڌ جي پوري قومي تشخص کي ئي ملياميٽ ڪرڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي. پر اُن سموري پس منظر ۾ سنڌ جي سيد ئي سنڌ جي ڀرپور حوالن سان هڪ مُدلل ۽ جديد تاريخ تحرير ڪري سنڌي قوم کي پنهنجي اصليت کان واقف ڪري، مذهبي آڙ ۾ گُمراھ ڪيل پنهنجي سُڃاڻپ واپس ورائي، مزاحمت جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي آهي. اُن کان اعلاوه سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ اُن لازوال ۽ امر ڪردار کي ڳايو ويو آهي. پر منهنجي محدود معلومات تحت اڃان تائين سنڌي ادب ۾ ڪنهن به راجا ڏاهر توڙي سندس تاريخ جي اصل دور جو ڪهاڻي يا ناول جي ڪيئنواس تي ڪو چتر نه چٽيو آهي۔سو اُن ڳالهه وڏو اُتساھ ڏنو ته نوجوان فڪشن ليکڪ پنهنجي تاريخي ڪردارن کي به تخليقي طور تي آرٽ ۽ ڪرافٽ جي زواين سان ڏسن ٿا. اهڙي ريت مون ڪليم جو ناول”راجا ڏاهر“جنهن اُتساھ سان پڙهڻ شروع ڪيو، منهنجو اهڙو اُتساھ مايوسيءَ ۾ مٽجي ويو۔
هي ناول جنهن جو مهاڳ ناليواري ليکڪ اعجاز منگي لکيو آهي۔تنهن هِن ناول جي مختلف پاسن تي لکڻ بدران تاريخي، قومي ۽ مزاحمتي حوالا ڏئي هڪ نوجوان ليکڪ کي صرف اُتساهيو آهي۔اعجاز منگي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”هي ناول جنهن جو فني ڪاٿو ڪرڻ وقت اسان جي پڙهندڙن کي اُن حقيقت جو احساس هُجڻ گُهرجي ته اِهو ناول اُن نوجوان جو پهريون ناول آهي جنهن ۾ تخليق جا جذبا، ڄامشوري جي چَرين هوائن وانگر پوري شور سان هلن ٿا. “۽ سچ ته هِن اهم موضوع واري ناول”راجا ڏاهر“۾ ليکڪ تخليق جي سانتيڪي سُرن کي چيڀاٽي، سطعي ۽ هوائي انداز سان هِن ناول جي دنيا کي پُرشور ڪري پڙهندڙ کي به بي دليو ڪري وڌو آهي۔
هي ناول 2015ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇاپيو ويو آهي. لڳ ڀڳ هڪ سو صفحن جو هي ناول ڇويهه حصن ۾ ورهايل آهي۔
ناول جي ڪهاڻي جي جيڪا ليکڪ اڻت ڪئي آهي۔اها دراصل جاسوسي ڊائجسٽڪ نموني جي آهي۔سڄو ناول هڪ پُراسرار نقشي جي حاصلات ۽ ٻئي پاسي مُک ڪردار فراز جو اُن نقشي جي آڌار تي اروڙ جي پهاڙي سلسلي ۾ نقشي مُطابق ڀٽڪڻ ۽ هڪ عجيب غيبي قوت جي آڌار تي پهاڙن مان وڃي اهم ڪاغذن جو هڪ ٿيلهو لڀڻ تي آهي. هِن ناول جو سڄو ڪئينواس فلمي انداز وارو سطعي ۽ غير دلچسپ آهي۔بيشمار پروف جو چُڪون هِن ناول جي پڙهڻي کي مُتاثر ڪن ٿيون۔ناول جنهن تخليقي انداز ۾ هُجڻ گُهربو هو اُن جي اُبتڙ هي ناول ليکڪ جي پنهنجي تصوراتي عام ڪهاڻيءَ جي هيئت ۾ ڦري ٿو. سڄي ناول ۾ ليکڪ ناول ۾ موجود آهي. ڪردارن کي فطري ۽ بي ساخته نموني ڪٿي به نه آندو ويو آهي. ٻيو ته هي ناول پڙهندي الائي ڇو منهنجي ذهن تي جڳ مشهور ناول نگار پائلو ڪولهو جو مشهور ناول”ڪيمياگر“ تري اچي ٿو. ”راجا ڏاهر“جي تاريخي اَهم مامري کي پَسِ پرده ڇڏي هڪ شهري زندگي جي ڪهاڻي کڻي آيو آهي. جنهن جو”راجا ڏاهر“جي دور، زندگي يا تاريخي جدوجهد سان ڪو خاص تعلق نه ٿو رهي۔بس تاريخ جي ڪتابن جا تاريخي حوالا ايئن ڏنل آهن ڄڻ ته ڪو تاريخ جو ڪتاب پڙهي رهيا هجون. اُن جي ابتڙ جيئن سراج ميمڻ”پڙاڏو سوئي سڏ“يا”مرڻ مون سين آءُ“، علي بابا ”موهن جو دڙو“، ڀڳوتي چرن ورما جو ”چتر ليکا“، قرت العين جو”آگ ڪا دريا“، هرمن هيس جو”سڌارٿ“ وغيره جڏهن پڙهون ٿا ته اُن تاريخي دور جي سڄي دنيا پنهنجي سموري رنگن ۽ ڍنگن سان ليکڪ جي تصور مان ڀڙڪو ڏئي پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي مَنڊي موهي ڇڏي ٿي ته ليکڪ جي تخيلاتي سگهه ۽ تخليقي انداز ادب جو هڪ سگهارو حوالو بڻجي وڃن ٿا. پر ڪليم جي هِن ناول جي عجيب پُڄاڻي ٿئي ٿي۔جنهن ۾ نه اُهو نقشي وارو راز سَلجي ٿو۔۽ نه مليل نقشي جي آڌار تي اُهي ڪاغذ جيڪي فراز کي ملن ٿا، انهن ۾ موجود ڪا به ڳالهه سامهون اچي نه ٿي۔سچ ته ناول پڙهڻ کان پوءِ ايئن لڳي ٿو ته، هي سڄو ناول فلمي انداز ۾ سطعي پڻي سان تاريخ جي اهم موضوع سان، فڪشن جي نالي ۾ ڄڻ ڪا هٿ چُراند هُجي.
ايئن ڪليم ٻُٽ جا ٻيا ٽي ناول جن ۾
”وطن جن وساريو“پنجهتر صفحن تي، ”آزاديءَ جي اُپٽار“چوهتر صفحن تي ۽ ”مَري ٿيا نه مات“، ٻيانوي صفحن تي مُشتمل آهن. جيڪي پڻ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي پاران ٽئي جُون 2017ع ۾ گڏ ڇپيا آهن۔اِهي ٽئي ناول پڻ سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن جي پس منظر ۾ تحرير ڪيا ويا آهن۔پر اُنهن ناولن کي ڪنهن به ڪهاڻي يا ناول جي نئين پيرائي ۾ تخليق نه ڪيو ويو آهي۔بس تاريخي حوالا کڻي اُنهن تي وڌيڪ غور ۽ ويچار ڪرڻ جي اُنهن کي ناول جي ڪيئنواس تي جيئن جو تيئن لاٿو ويو آهي۔اُنهن ٽنهي ناولن ۾ ڪنهن جو به ڪو مهاڳ يا رايو ڏنل ڪونهي نه ئي وري ڪو ليکڪ پاران ڪجهه لکيل آهي۔”وطن جن وساريو“ ناول سنڌ جي سومرا دور جي تاريخ تي لکيل آهي۔جنهن کي جديد دور جي ڪهاڻي ۾ فڪشنائزڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي۔پر اُن ۾ اُها ناول واري سگهاري تخليقي ۽ آرٽسٽڪ سطع نه جُڙي سگهي آهن۔سومرا خاندان جو فرد جيڪو سن فرانسسڪو شهر ۾ رهي ٿو۔اُن کي جادوئي انداز ۾ نانگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو۔جيڪو کيس پيڇو نه ٿو ڇڏي ۽ پوءِ خوابن ۽ ڪنهن ڀوپي ذريعي کيس خبر پئي ٿي ته اُهو نانگ سندس ماضي يعنيٰ تاريخي دور سان تعلق رکي ٿو. جنهن جو توڙ سنڌ ۾ ئي موجود آهي. جيڪو نانگ کيس پيڇو نٿو ڇڏي. ۽ جتي ڪٿي اهو نانگ ساڻس عجيب طريقن سان ساڻس ملي ٿو. جنهن ڪري هُو سنڌ اچي ٿو۔۽ پوءِ هن سائنسي دور ۾ سنڌ جو پڙهيو لکيو، يورپ ۾ رهندڙ نوجوان مذهبي ۽ روايتي طور طريقا اپنائيندي انڊين نانگن جي ڪنهن روايتي ڊرامه سيريل جيان هن ناول کي به گُهمائي ڦِرائي کڻي پَٽ تي هڻي ٿو۔هنن ٽنهي ناولن ۾ پڻ پهرين ناول ”راجا ڏاهر“ جيان بي شُمار پروف جون غلطيون رهيل آهن۔نه ليکڪ پنهنجي لکڻيءَ تي ڌيان ڌريو آهي نه ئي پبلشر ڪا اُنهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ٻيو ته گهڻين جاين تي جُملن جي بيهڪ پڻ متاثر ٿئي ٿي۔ناولن جا ڪتاب جي وچ ۾ ڪجهه صفحا بيهڪ ۾ ترتيب جي اعتبار کان اڳتي پوئتي ٿيل آهن. ۽ ٻيو ته ليکڪ تي اردو ٻوليءَ جو به مَڙئي سوايو اثر محسوس ٿئي ٿو. دراصل ليکڪ جي هنن ڪتابن سان ايتري لاتعلقي سچ ته هِنن ناولن سان ڪا ادبي ديانتداري نه ڪري سگهڻ جو ڪارڻ لڳي ٿي. ٻيو ته انهن ناولن کي پڙهندي ليکڪ جي شهرت واري نفسيات گهرائيءَ سان سامهون اچي ٿي. جنهن تحت ليکڪ گهٽ محنت تي تمام وڏي شهرت جي حاصلات جو گهرجائو لڳي ٿو. ناولن ۾ سڀ مُک ڪردار ليکڪ ڪليم ٻُٽ جي نمائندگي ڪندي محسوس ٿين ٿا. جيڪا هڪ ليکڪ جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري آهي. ايئن”آزاديءَ جي اپٽار“ ناول ۾ مخدوم بلاول جي تاريخي دور کي اسٽيج تي ڊرامي جي صورت ۾ آندو ويو آهي. اُن جو ليکڪ ناول جو مُک ڪردار ٻُٽ صاحب آهي۔ايئن کيس هڪ ڪردار ساڻس اچي ملي ٿو. جيڪو کيس پنهنجي ڪهاڻي ٻُڌائي ٿو. جنهن ۾ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران شاگردن کي جيڪي قومي بنيادن تي مسئلا درپيش اچن ٿا، اُهي کيس ٻُڌائي ٿو. هي ناول پڻ پڙهڻ ۾ دلچسپيءَ جو دامن ڇڏائيندي بوريت طاري ڪري ڇڏي ٿو۔
”مري ٿيا نه مات“پڻ سنڌ جي ويجهي تاريخ ميرن ۽ انگريزن جي دور جي ڪهاڻي آهي۔جنهن ۾ ڪجهه ٻين بهادر ڪردارن سان گڏ سنڌ جي اَرڏي ۽ بهادر ڪردار هوش محمد شيدي کي انگريزن سان وڙهندي ڏيکاريو ويو آهي۔۽ ڪيئن نه انگريز سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي معرفت مُختلف ملڪن کي پنهنجون بيٺڪون بڻائيندا سنڌ لاءِ سازشون ڪندي، مَٿس ڪاھ ڪن ٿا۔هِن ناول ۾ منظر نگاري توڙي ڪردار نگاري ڪجهه وڻندڙ آهي۔پر ڪهاڻيءَ جو انداز ساڳي نموني روايتي ۽ غير دلچسپ آهي۔جنهن ڪري ڪليم ٻُٽ جي چئني ناولن جو مُطالعو ڪو خاص ادبي تاثر نه ٿو ڇڏي. نه ئي سندس اِنهن ناولن ۾ ڏنل تاريخ يا ڪردارن کي ڪليم ٻُٽ ڪو نئين سر تخليق ڪري پنهنجي تخيل جي سگهه سان ڪا نرالي صورت بخشي سگهيو آهي۔اُُن ڪري هي ناول سنڌي ادب ۾ ڳاڻيٽي ۾ ته واڌو ٿي سگهن ٿا پر معيار جي لحاظ کان منهنجي نظر ۾ هي ڪنهن به کاتي ۾ ڳڻپ جو حصو نه بڻجي سگهندا. ڇو ته ناول يا ڪهاڻي، هڪ سنجيده، تخليقي ليکڪ کان جيڪا محنت جي طلب ۽ توقع ڪندا آهن، اهي ٻئي ڳالهيون ڪليم ٻُٽ جي ناولن ۾ مون کي ڪٿي به ملي نه سگهيون آهن.

15/6/20

گُلابن جي فصل ۾ مُحبت جي خوشبو

سنڌي ڪهاڻي پنهنجي سفر ۾ جيڪو به پنڌ ڪيو آهي اُهو پنهنجي پهرين پيري کان وٺي اڄوڪي پيري تائين ڪيترن ئي رستن جي مسافريءَ جي ڪٿا ٻُڌائي ٿو۔سنڌي ڪهاڻي موضوعاتي حوالي کان هاڻ گهڻن تجربن جا مُشاهدا ماڻي جديد ڪهاڻيءَ جي پيچرن تي پنهنجا پير مضبوطيءَ سان کڻندي ديس جي سرحدن کان اڳتي دنيا جي نقشي ڏانهن پنهنجي پرواز ۾ آهي۔
ڪهاڻي پنهنجي ديس جي مٽيءَ جي واس ۾ ئي مهڪي خوشبودار بڻجي سگهي ٿي۔داخلي ۽ خارجي دنيا جا رنگ هر صورت ۾ هڪ ٻئي جو پڙاڏو ئي هُجن ٿا. ڪهاڻي تخيل ۾ ڪيئن تخليق ٿئي ٿي اُن جو مُشاهدو هر ليکڪ وٽ الڳ الڳ انداز سان نِروار ٿئي ٿو۔ڪهاڻيءَ جو فن پاڻ کي فنا ڪري ڪهاڻيءَ ۾ مُنتقل ٿيڻ سان ئي مَشروط آهي۔ڪهاڻيءَ جي ڪيئنواس تي ڪنهن به موضوع کي نقش ڪرڻ جو هُنر ماڻڻ، هر ڪنهن جي حصي ۾ نه ٿو اچي۔ڪهاڻي لکڻ ۽ ڪهاڻي ۾ تحليل ٿي وڃڻ ٻه الڳ الڳ حالتون آهن۔سنڌي ڪهاڻي لکي به وڃي ٿي ته سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه ڪهاڻيڪار تحليل به ٿي وڃن ٿا۔بلڪه پڙهندڙ کي پڻ اُن ڪهاڻيءَ ۾ زِم ڪري سڀ ڪجهه تصور جي آڏاڻي تي اُڻيندي اهڙي ته اُڻت ڪن ٿا جو لفظَ ساھ کڻڻ لڳن ٿا، منظر جاڳي پَون ٿا، ڪردار چُرپُر ڪرڻ لڳن ٿا، ۽ ڪهاڻي حقيقيت جو رنگ اوڙهي ڪنهن خواب ۾ سلهاڙجي وڃي ٿي ته ذهن سُجاڳيءَ جي صدا بڻجي، پڙاڏن ۾ گونجي وڃي ٿو۔
نوجوان ڪهاڻيڪار اختر حفيظ جي ڪهاڻين جو ڪتاب”ٽيهه منٽ“توڙي جو پائلو ڪولهو جي”يارنهن منٽ“ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي۔پر تنهن هوندي به اختر حفيظ جي ڪهاڻين ۾ جيڪو ڪهاڻيءَ چوڻ يا رَچڻ جو هُنر آهي اُهو ڏاڍو نفيس، سَلوڻو ۽ سيبتو آهي۔اختر جي ڪهاڻين کي پڙهندي هڪ ڳالهه ڌيان ڇڪرائي ٿي ته هِن نوجوان جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻي پڻو ڏاڍي گهرائي سان مُنڪشف ٿئي ٿو۔اُهو ڪهاڻي لکندي ڪهاڻيءَ ۾ تحليل ايئن ٿي وڃي ٿو جيئن ڪو خواب ننڊ ۾ يا جيئن ڪا ننڊ خواب ۾. اختر حفيظ جون ڪهاڻيون پڙهي ڪري اِها ڳالهه ذهن ۾ جاڳي پئي ٿي ته هُن جي مُطالعي، مُشاهدي ۽ مَشق جو سفر وڏي مُحتاط نموني پنهنجي منطقي نتيجي ڏانهن گامزن آهي۔
”وريل جو وِهانءُ“، جنهن جا پتاشا پنج ڀيرا ماڪوڙن جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا ۽ وريل حالتن جي ستم ظريفي تي دُکدائڪ رهندي مُختلف مرحلن مان گُذرندي نيٺ شاديءَ جي ٻَنڌڻن ۾ ٻَڌجي ته وڃي ٿو پر پوءِ اُن ئي شاديءَ لاءِ ڪيل جفاڪشين توڙي عباتن تي پشيمان ٿيندي ڪيل عملن تي پَڇتائي ٿو۔هي ڪهاڻي ٻهراڙيءَجي دنيا ۾ رَچيل، کل ڀوڳ ۽ سنجيدگيءَ جو سهڻو سنگم لڳي ٿي۔
”ڪچي مسيت“ڳوٺاڻي زندگيءَ جي فطري حسناڪين واري دنيا جي ڪهاڻي آهي۔جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جو مُک ڪردار پنهنجي ناني سان گڏجي، صبح جو سوير ٻنين ۾ گلاب جي گلن جو چونڊو ڪري ٿو۔جتي هندو توڙي مسلمان جي فرق کان سواءِ پيار ۽ پنهنجائپ واري جياپي جو حسين تصور سنڌ جي ويجهي ماضيءَ واري دور جي ياد ڏياري ڇڏي ٿو. هِن ڪهاڻيءَ جي ڪردار نگاري، منظر نگاري توڙي ڪهاڻيءَ اُڻڻ جو انداز ڏاڍو وڻندڙ لڳي ٿو۔اهڙي روح پَرور ماحول ۾ رُوپا ۽ هُن جي پيار ڪهاڻي، اُنهن جا گلابن جي فصلن ۾ ملڻ جا ڏيک توڙي ڪيفيتون يا ڳالهيون پاڻ ۾ مَنڊي ڇڏين ٿيون ته اُها تخيل جي خلقيل دنيا ڪجهه وقت لاءِ حقيقيت جو گُمان بڻجي وڃي ٿي۔
”جڏهن هوليءَ واري ڏينهن تي آئون هُن کي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيندو آهيان، اُن ڏينهن سڄي ڳوٺ ۾ هر پاسي رنگ ئي رنگ هوندا آهن. هوا ۾ رنگ، پاڻيءَ ۾ رنگ، ماڻهن، ڪپڙن ۽ جسمن تي رنگ. رُوپا، هوليءَ جي رنگن ۾ صفا انڊلٺ ٿي ويندي آهي. تڏهن اسان جي وچ ۾ رڳو رنگ ئي ڳالهائيندا آهن. “
اڳتي هلي هِن ڪهاڻيءَ جو اهڙي پيار ۽ امن واري ماحول ۾ ڪيئن نه ڪچي مسيت ۾ اوچتو ايندڙ تبليغي جماعت سڄي وايو مَنڊل کي نفرت جي آڳ ۾ ڀَسم ڪري ڇڏي ٿي۔ڇو ته”هاڻي زندگي، گلابن جو کيت نه پر بارود جي بوءِ ٿي وئي آهي. “، ”ڪچي مسيت“جي جاءِ تي ڳوٺ جي سادن ماڻهن کي ڪوڙا ڏٽا ڏئي اُتي هڪ پَڪي ٻِه منزلا مسجد ٺاهي۔اُن ۾ مدرسو قائم ڪري مذهب جي آڙ ۾ ڪيئن نه بارود ۽ هٿيارن جو آکاڙو بڻائين ٿا. اهڙي وقت ۾ ڪهاڻي هڪ نئون رُخ وٺندي هڪ زوردار ڌماڪي ۾ لُڏي وڃي ٿي۔ٻئي ڏيک ۾ پَڪي مسجد واري جاءِ تي سڄي مسجد جي مَلبي جو ڍير ٿيندي ڏيکارجي ٿو. ڪهاڻيڪار طالبان جي سنڌ ۾ موجوده وک وک تي مسجدن ۽ مدرسن جي اصل حقيقت جي جيڪا عڪاسي ڪئي آهي اُها ڪهاڻيءَ ۾ سگهاري ڪهاڻي پڻي جو روپ وٺي اهڙو ته نِروار ٿي آهي جو ڪهاڻي غفلت جي ننڊ ۾ سُتل سنڌي سماج جي مذهب سان سچي لڳاءُ واري حقيقت کي ڇرڪائي وجهي ٿي۔
”ٽيهه منٽ“ڪهاڻي اياز ۽ قنديل جي پيار ڪهاڻي آهي۔منظر ڪجهه هن طرح آهي ته، ”شهر کي شام جا پاڇا پنهنجي گهيري ۾ آڻي چُڪا آهن۔سج صبح جي هر وجود جو پاڇو کڻي اُڀرڻ کان پوءِ آهستي آهستي آسمان جي جهوليءَ مان سِرڪندو نديءَ جي پَرئين ڪناري شهر کان موڪلائي رهيو آهي۔صاف آسمان، پکين جون قطارون، نديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ موسيقي، پَريان ڪو مُهاڻو پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ بيٺو نديءَ تي وِڇايل ڄار سنڀالي رهيو آهي۔نديءَ جي ڪناري قنديل پنهنجن هٿن ۾ کنيل پٿر هڪ هڪ ڪري نديءَ ۾ اُڇلي رهي آهي.
”هي پنهنجي آخري ملاقات آهي. “
قنديل نديءَ ۾ پٿر اُڇليندي چوي ٿي. اياز چُپ چاپ قنديل کي ڏسي رهيو آهي۔اِهو جُملو ٻُڌي اياز جي چپن تي طنزيه مُرڪ تَري اچي ٿي۔ڇاڪاڻ ته قنديل اڪثر ايئن”آخري ملاقات جو چوندي آهي“۽ اياز اُن ملڻ نه ملڻ واري سلسلي ۾ ڪافي ڀيرا مري چڪو آهي. “ ماضي ۽ حال۾ٽُٻيون هَڻندي هي ڪهاڻي اُتي پُهچي ٿي جتي قنديل، اياز سان مُخاطب ٿيندي کيس چوي ٿي ته، ”ھاڻ تون ڪُجهه مُرڪ ته جيئن آئون به توکان مُرڪندي موڪلايان ۽ جڏهن تنهنجو گُذر منهنجن خوابن مان ٿئي ته تنهنجو مُرڪندڙچهرو ئي ڏسي سگهان. “ ”اُنهيءَ وقت اياز جي ڪومايل چھري تي مُرڪ اچي وڃي ٿي. سج مُڪمل غائب ٿي چُڪو آهي، نديءَ تي هلندڙ سڀ ٻيڙيون ڪنارن سان لڳي خاموش بيٺيون آهن. جيئن ئي سج شهر کي الوداع چوي ٿو ته آسمان تي چنڊ هلڪو هلڪو چمڪڻ لڳي ٿو.
”ڀلا اڄ ڪو نظم ٻُڌائيندين ڇا؟“
قنديل، اياز کان پُڇي ٿي.
”ھا مُختصر نظم آهي، رلڪي جو. . . . “
اياز، قنديل جي اکين ۾ اکيون ملائيندي نظم پڙهڻ لڳي ٿو:
”آسمان تنهنجي ڀاڪر جيترو وسيع آهي
۽ ستارا اُنهن چُمين جيترا
جيڪي آئون توکي ڏيڻ ٿو چاهيان
ڇا، هي چنڊ اُهو خط ناهي؟
جيڪو مون،
توکي ديوانگيءَ جي حالت ۾ لکيو هو. “
”ها پر هڪ منٽ. “اياز چوي ٿو. هُن پنهنجي گهڙيءَ جي چاٻي ڇِڪي اُنهيءَ کي بيهاري ڇڏيو. اُنهيءَ وقت ساڍا ست ٿيا هئا. هُو فقط ٽيهه منٽ ئي نديءَ ڪناري گڏ هئا. “
قنديل هلي وڃي ٿي۔ڪافي ڏينهن گُذري وڃن ٿا۔پر هوءَ واپس نٿي اچي۔هڪ شام اياز جي صوفي تي ڪُجهه گهڙين لاءِ اک لڳي وڃي ٿي. سندس در کي ڪو لاڳيتو کڙڪائي رهيو آهي۔ڪو در کولي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو۔اُها قنديل آهي۔قنديل، اياز کي سڏ ڪري ٿي. اياز جو گهڙي وارو هٿ هيٺ لَڙڪي پوي ٿو. ۽ پوءِ جڏهن قنديل گهڙيءَجي ڪانٽن کي حرڪت ۾ آڻي ٿي ته سندس وهم حقيقت ۾ بدلجي وڃي ٿو. “
۽ هي لفظ پڙاڏا بڻجي گونجڻ لڳن ٿا ته، ”توکي ته خبر آهي مون کي گهڙيون ڪونه وڻنديون آهن. گهڙيون ماڻهن کي محتاط ڪري ڇڏينديون آهن ۽ آئون محتاط رهڻ نٿو چاهيان، پابند زندگي مون کي ناهي وڻندي. “
هي ڪهاڻي وڏي آرٽسٽڪ نموني، وڏي ڌيان سان نفيس اُڻت ذريعي تحرير ڪئي وئي آهي۔جنهن جي فني سحر انگيزي پڙهندڙ کي پاڻ ۾ سموئي منٽن کي صدين ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿي۔
ايئن هِن ڪتاب ۾ ”جيون پيڙا“، ”گلفروش جو موت“ پڻ ٺاهوڪيون ڪهاڻيون آهن۔جن جا موضوع سماج جا روزانو پيش ايندڙ اهڙا واقعا آهن جن کي هڪ باشعور ڪهاڻيڪار ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهي. ”آڪسيجن“مُستقبل ۾ ٿيندڙ ڳنڀير صورتحال جي اَنومانن تي لکيل ڪهاڻي آهي۔جنهن ۾ ايندڙ وقت ۾ وڻن جي واڍي، درياھ جي سوڪهڻي، ڏينهون ڏينهن بي تحاشا خطرناڪ حد تائين وڌندڙ آلودگي جي ڪري پيدا ٿيندڙ آبهوا جي تبديلي ڪارڻ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڌڻ جي ڪري آڪسيجن جي شديد کوٽ سبب انسان پاڻ سان آڪسيجن جا دٻا کڻي جيئڻ جا جتن ڪندي ڏيکاريو ويو آهي۔۽ هڪ اهڙي ڌُر جي پڻ نيشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪا اُنهن سڀني شين تي قابض آهي۔ڪهاڻي موضوعاتي اعتبار کان ڌيان طلب ته آهي پر هِن ڪهاڻيءَ ۾ اڃان ڪجهه وڌيڪ غور ۽ فڪر جي گُنجائش شدت سان محسوس ٿئي ٿي۔
”باغ“ڪهاڻي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي ننڍپڻ جي يادگيرين تي مُبني هڪ پُر احساس ڪهاڻي آهي۔جنهن ۾ ماضيءَ جي فطري حسناڪين سان گڏ سنڌ جي ٻھراڙي جي اصولڪي تصوير ڪشي کي پينٽ ڪيو ويو آهي۔ڪهاڻي بيانيه انداز ۾ پنهنجي سڀني پاسن کي فوڪس ڪري ٿي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪهاڻي ڏسيندڙ پنهنجي يادن جي جهروڪن کي ساريندي جڏهن شهر مان ڳوٺ وري ٿو ته اُتي سڄو ماحول مَٽيل ۽ اجنبي احساس پيدا ڪندڙ محسوس ٿئيس ٿو۔ ”پر وقت وڏو شڪاري آهي، سڀ ڪجهه ساڳيو نه رهندو آهي. جيئن ڳوٺ جنم وٺندا آهن ايئن ڳوٺ مري به ويندا آهن. جيڪڏهن اُتان جا ڳوٺاڻا انهن جي سنڀال نه ڪن ته ڳوٺ ڄڻ يتيم ٿي ويندا آهن. ڳوٺاڻن جا رَويا ۽ اُتان جو سَڀاءُ ڳوٺ جا روح هوندا آهن. جڏهن اهي مٽجي وڃن ته پوءِ ڳوٺ ويران ٿيڻ لڳندا آهن. “۽ هي جملو به غور طلب آهي ته، ”ڀلا باغ کي ڪهڙي خبر ته انهيءَ جو ڌڻي هاڻ مٽجي ويو آهي. “
ادب ۾ توڙي فڪشن ۾ جيئن مُختلف موضوعن سماج، سياست، پيار، مذهب، فلسفي، تاريخ يا ٻين به موضوعن تي لکيو ويو آهي اُتي سائنس فڪشن تي سنڌي ادب ۾ پڻ ڪجهه ضرور لکيو ويو آهي۔جيئن قاضي فيض محمد جي ”ٻاويهه سو ٻاويهه“، “طارق قريشيءَ جي ”صديءَ جو سفر“، زيب سنڌيءَ جي ”آخري ماڻهو“۽”ايڪٽيهين ڊسمبر“ ڪهاڻيون سائنس فڪشن فينٽيسي ۾ سنڌ جي مُستقبل جي عڪاسي ڪن ٿيون۔اهڙين ڪهاڻين ۾ سنڌ جي مُستقبل جي جيڪا دنيا تخليق ڪئي وئي آهي اُها تصور جي هڪ اَڇوتي تصوير بڻجي روح ۾ لهي وڃي ٿي۔۽ سائنس جي ترقيءَ سان گڏ سنڌ کي سلهاڙي دنيا سان هم قدم پڻ ٿي وڃي ٿي۔
هن ڪتاب ۾ اختر حفيظ جون”ڪَالُ“۽ ”3017ع“ڪهاڻيون پڻ سائنس فڪشن جي نمائندگي ڪن ٿيون۔ڪهاڻي”ڪَالُ“ جنهن ۾ 2030ع جي سنڌ جو دور ڏيکاريو ويو آهي۔جنهن ۾ ايندڙ سنڌ جي مُستقبل جي جيڪا ڀيانڪ دنيا جوڙي آهي جيڪا اڄ جي وڌندڙ مذهبي انتها پسندي جي هڪ ڇِرڪائيندڙ تصوير آهي۔جنهن ۾ هر طرف مارا ماري، علم ادب، ڏاهپ، شاعري، فن، فلسفي، موسيقي، حسن توڙي روشنيءَ تي جيڪا بندش جي صورتحال ڏيکاري وئي آهي اُها دراصل اڄ جي اَگهور ننڊ ۾ سُتل سنڌين لاءِ اڳواٽ سُجاڳيءَ جو سَڏ آهي۔ليکڪ ڪهاڻيءَ ۾ مُستقبل جي خطري کان آگاھي ڏيندي ڀٽائيءَ جي پيروي ڪندي هِن بيت جي عڪاسي ڄڻ پنهنجي انداز سان ڪئي آهي ته،
بندر جان ڀَئِي۔ته سُکاڻيامَ سُمھو،
ڪَپر ٿو ڪُن ڪَري، جيئن ماٽيءَ مَنجهه مَھي،
ايڏو سُور سَھي، ننڊ نه ڪَجي ناکُئا!
ڪهاڻي”3017ع“سائنس فڪشن ۾ لکيل اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڌرتيءَ تي وڌندڙ جهالت کان ڀَڄي ڪجهه ماڻهو ڌرتيءَ کان دور ڪنهن سياري تي وڃي هڪ دنيا آباد ڪن ٿا۔جتي سائنسي ترقيءَ جو هڪ وڏو سفر ڏيکاريو ويو آهي۔اُتي موجود هڪ لساني ماهر ڊاڪٽر جان ليوڪ کي خيال اچي ٿو ته ڇونه جنهن ڌرتيءَکي اسان هزارين سال اڳ ڇڏي هِن سياري تي سائنس جي مدد سان هڪ نئين دنيا اَڏي هئي۔اُن ڌرتيءَ تي وڃي اُن جي موجوده صورتحال ڏسجي۔ايئن جان ليوڪ سائنس جي ذريعي ڌرتيءَ تي لهي ٿو ۽ اُتان جي تباھ ۽ برباد ٿيل حالت ڏسي ٿو۔۽ وقت جي مُختصر عرصي ۾ کيس ڪا نه ڪا نئين معلومات پاڻ سان پنهنجي سياري تي کڻي واپس ورڻو آهي۔ايئن ڌرتيءَ تي لِڪ ڇُپ ۾ هلندي کيس خبر پَوي ٿي ته ڌرتيءَ تي هڪ اهڙو شخص به رهي ٿو جنهن جي ٻولي ڪير به سمجهي نه ٿو سگهي. سو اُهو ٻُڌي جان ليوڪ اُن شخص سان ملي ٿو ۽ ساڻس مُخاطب ٿئي ٿو پر نه هي اُن شخص جي ٻولي سمجهي سگهي ٿو نه ئي اُهو شخص سندس ٻولي ڄاڻي ٿو۔ايئن جان ليوڪ اُن شخص جي ٻوليءَ کي پاڻ وٽ ريڪارڊ ڪري ٿو۔پر سندس واپسيءَ کان هڪ ڏينهن پهرين اُهو شخص جيڪا نه سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي ڳالهائي ٿو مَري وڃي ٿو۔۽ جان ليوڪ پنهنجي سياري تي پُهچي نه سمجهه ۾ ايندڙ ٻوليءَ جي پِرولي سَلڻ لاءِ پنهنجي ليب ۾ اُها سموري ريڪارڊنگ ڪمپيوٽر وسيلي مُنتقل ڪري اُن ٻولي جي آوازن کي جاچيندي اسڪرين تي نمودار ٿيندڙ )
(ريڪارڊ ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اُن ٻوليءَ جي حوالي سان جديد سائنسي ٽيڪنالاجيءَ ۾ گهڻو ڪجهه موجود آهي۔”جان ليوڪ اُن نتيجي تي پُهچي ٿو ته اُنهيءَ دور ۾ ”لساني مستري“لساني ماهر لڳا پيا هئا ۽ اُهي اُن ڳالهه کي وساري ويٺا ته ٻولي ٽيڪنالاجي نه پر ماڻهو ئي بچائي سگهي ٿو. اُهي لاڳيتو پنهنجي پَر ۾ ٻوليءَ کي موبائيل ۽ ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪري رهيا هئا. پر ماڻهن کان اها کسي رهيا هئا۔۽ هڪ ڏينهن نيٺ اهڙو به اچڻو هو جو دنيا ۾ اُها ٻولي ڳالهائيندڙ هڪ ئي ماڻهو وڃي بچيو، جيڪو به ڪُجهه ڏينهن اڳ گُذاري چُڪو هو. “
”وَريل اِن پاليٽڪس“ڪهاڻي دراصل ”وريل جو وهانءُ“جو ٻيو حصو آهي۔جنهن جي پهرين حصي ۾ وريل جي شادي جو مسئلو ڏاڍو مُشڪل سان حل ٿيڻ کان پوءِ وري کيس شادي ٿيڻ تي افسوس به ٿئي ٿو۔۽ وري هِن ٻئين حصي”وَريل اِن پاليٽڪس“۾ وريل شادي جي ناڪام تجربي کان پوءِ سياست ۾ ڳوٺ جي ڪجهه ٻين دوستن سان گڏجي پنهنجي قسمت آزمائي ڪري ٿو۔۽ هڪ پارٽي ٺاهي، ڪانفرنس ڪري ايندڙ چونڊن ۾ ڪونسلر جي لاءِ چونڊ وڙهي ٿو۔چونڊ کٽڻ تي هُو هڪ شيرواني سِبرائي ٿو ته جيئن هُو چونڊ ۾ کٽي اچڻ تي اُها شيرواني پائيندو۔پر اليڪشن ۾ هُو هارائي وڃي ٿو ۽ دل شڪسته ٿي ڪاوڙ ۾ اُها شيرواني کڻي ڪمري جي دريءَ مان ٻاهر اُڇلائي ڇڏي ٿو۔
صبح جو جڏهن هُو ٻاهر نڪري ٿو ته اُها ساڳي شيرواني هڪ فقير کي پاتل ڏسي ٿو۔
ڪهاڻيءَ جي اهڙي ڀلوڙ پُڄاڻي گهڻا سوال ڇڏي وڃي ٿي۔۽ اُن سان گڏ اِهو پيغام به ڄڻ ڏيندي هجي ته”فقيريءَ ۾ ئي بادشاهي لِڪل آهي“
”چنڊ لهي ويو“ڪهاڻي جاگيردارڻي سماج جي روايتي انساني قيد ۽ ساڻس ٿيندڙ ظلمن جي عڪاسي ڪري ٿي۔جنهن ۾ هڪ وڏي ڪوٽ ۾ کوڙ سارا هاري گهراڻا وڏيري جي ورتل قرض جا قيدي بڻجي اُتي ٻنيءَ تي هارپو ڪندي ۽ قرض لاهيندي مرڻ جهڙو جيئن ٿا. پر ڏينهن رات جي جفاڪشين کان پوءِ به وڏيري جي قيد مان رهائي سندن مُشڪل کان مُشڪل ٿيندي ٿي وڃي۔اهڙيءَ ماحول ۾ راجي جيڪا ڪيشوءَ جي زال آهي اُها اُن قيد ۾ پيٽ سان ٿئي ٿي ته مَنجهن اِها اُميد ڪَر کڻي من ۾ جاڳي پَوين ٿي ته اسان جو ايندڙ ننڍڙو ٻار ضرور ڀاڳ وارو هوندو ۽ اسان هي قرض لاهي ساڻس آزاديءَ واري زندگي گذارينداسين۔اُن آس ۾ قيد ۾ پورهيو ڪندي راجيءَ جا ڏينهن ڀرجي اچن ٿا ۽ هڪ ڏينهن ڪوٽ ۾ راجيءَ کي تڪليف ٿي پوي ٿي۔جنهن تي ڪيشوءَ کي ٻنيءَ تي خبر پوي ٿي ته هُو ڪم اَڌ ۾ ڇڏي ڪوٽ ۾ اچي ٿو پر ٻيون مايون کيس ڏَسين ٿيون ته اڃان ويم ٿيڻ ۾ هڪ اَڌ ڏينهن لڳندو ۽ هاڻ راجي ٺيڪ آهي۔پر ڪيشو اُن ڏينهن وري واپس ٻنيءَ تي نٿو وڃي ۽ ڪجهه ئي گهڙين ۾ وڏيرو پنهنجن ڇاڙتن سان ڪوٽ ۾ اچي ڪيشوءَ کي مارڪُٽ ڪري ٿو ته تون ڪم چور آهين ۽ تو وارو قرض تنهنجو پيءُ لاهيندو ڇا؟۔ڪيشوءَ کي وڏيري جي ظالمانا مارڪٽ تي راجي مُڙس کي بَچائڻ لاءِ وچ ۾ اچي ٿي۔ته پُٺيان ڪير کيس ڌڪو ڏئي ٿو ته هوءَ پيٽ ڀَر وڃي ڪري ٿي ۽ سندس حَمل ضايع ٿي وڃيس ٿو۔اهڙيءَ طرح هڪ هانءُ ڏاريندڙ درد دل کي لرزائي وجهي ٿو۔
”ڪوئن جو لشڪر“هڪ ڳوٺ جي ڪهاڻي آهي۔جنهن ۾ هڪ ڪردار جيڪو پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ٻُڌائي ٿو۔ته ڪيئن نه ڳوٺ ۾ زندگي پنهنجي فطري حسناڪين سان پنهنجي معمول تحت گذري پئي جو ڪهاڻي ٻُڌائيندڙ پنهنجي فصل لهڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي جو اُتي هڪ عجيب واقعو رونما ٿئي ٿو۔ٿئي ڇا ٿو جو فصلن ۾ ڪوئن جا لشڪر الائي ڪٿان اچي مَٿن حملو ڪن ٿا۔مُک ڪردار جي گهر۔مال جي واڙي ۽ ٻنيءَ تي ڪوئن جي فوج ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي۔هُو پريشان آهي ته هاڻ هي ڪوئن کي ڪيئن ختم ڪري. مُختلف حربا استعمال ڪري ٿو پر جيترا ڪوئا مَرن ٿا اُن کان وڌيڪ ٻيا ڪوئا مئل ڪوئن جي جاءِ اچي ولارين ٿا۔”وقت گذرڻ سان اُهي ڪوئا مَچي مواڙ ٿي وڃن ٿا۔پر جڏهن سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اُهي ڪوئا به هوريان هوريان گهٽبا ختم ٿيندا وڃن ٿا۔ڇاڪاڻ جو جڏهن اُتي ڪجهه به نه بچي ٿو ته پوءِ اُهي ڪوئا هڪ ٻئي تي حملا ڪري پاڻ کي کائڻ لڳن ٿا۔ايئن اُهي ڪوئا ختم ٿي وڃن ٿا ۽ برباد ٿيل ڳوٺ وري آباد ٿي وڃي ٿو.“
ڪوئن جي پس منظر ۾ هي علامت نگاريءَ جو انداز البرٽ ڪامئو جي نوبل ايوارڊ يافته مشهور ناول”پليگ“جي ياد ڏياري ڇڏي ٿو۔
ان کانسواءِ”ميران جي ڪهاڻي“، ”تنها مُسافت“، ”سار“ ڪهاڻيون پيار محبت، اڪيلائين، وڇوڙن جي ڪيفيتن جي عڪاسي ڪندڙ ٺيڪ ٺاڪ ڪهاڻيون آهن۔جڏهن ته”خوشگوار پل“دل کي ڇُهندڙ ۽ دل ۾ هڪ مِٺو مِٺو درد پيدا ڪندڙ ڪهاڻي آهي۔
”آبي مارشلا“ڪهاڻي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ پاڻيءَ تي سموري جياپي جي عڪاسي ڪري ٿي۔پاڻيءَ جي کوٽ ڪارڻ سماجي قدرن جي بحالي جو بُنياد پڻ پاڻيءَ کي بڻايو ويو آهي۔پاڻيءَ جي ورهاست ۾ رياست جون سياسي چال بازيون مُستقبل ۾ اڃان به انساني زندگيءَ لاءِ نوان پر ڀيانڪ قانون ۽ قاعده جوڙيندي هر شيءِ جو جواز پاڻيءَ جي آڌار تي رکن ٿيون۔اهڙي دل ڏهڪائي ڇڏيندڙ دور کي هِن ڪهاڻيءَ ۾ فڪشنائيزڊ ڪري ليکڪ سنڌي ڪهاڻيءَ جي موضوعاتي دنيا ۾ هڪ وڌيڪ قدم اڳتي کڻندي نظر اچي ٿو۔
هن ڪهاڻيءَ ۾ تهذيبي تبديليءَ جا ڪارڻ پڻ مُستقبل ۾ پاڻي جي بنياد تي بيهاريل ڏيکاريا ويا آهن۔جيئن اردو جي نامياري ليکڪ مُستنصر حُسين تارڙ پنهنجي هڪ شاندار ناول”بھاءُ“ (وهڪري)۾ درياهي وهڪرن جي مَٽجڻ سان انساني وسنديون ويران ٿيندي ڏيکاري ٿو ۽ وري انهن وهڪرن جي ڪنڌين جي ڳولا ڪندي يا وري ساڳين وهڪرن جي انتظار ۾ ڪيئن نه پاڻي جي هڪ بوند ڪارڻ بدحاليءَ واري جياپي جي منظرن جي عڪاسي ڪندي ڪيئن نه هڪ دل ڏهڪائي ڇڏيندڙ ماحول جي اُڻت ڪري ٿو.
يا هِن ڪهاڻيءَ جي موضوعي دنيا کي ڏسي مون کي هڪ انگلش مووي”واٽر وار“پڻ ياد اچي وڃي ٿي جنهن ۾ مُستقبل ۾ پاڻيءَ تي جنگين جا جيڪي انديشا يا اڳڪٿيون ڪيل ڏيکاريون ويون آهن اُهي ڏسي ماڻهو حيران ۽ پريشان ٿي وڃي ٿو۔
مجموعي طور تي اختر حفيظ جي ڪهاڻين جو هي مجموعو”ٽيهه منٽ“ ۔سنڌي ادب ۾ نئين جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو ڏَسُ ڏئي ٿو۔ڪهاڻين جي مُختلف سفر ۾ اختر حفيظ کَڙٻَڙ رستن تي هلندي جي ڪٿي ٿِڙيون ۽ ٿاٻڙيون به آهي ته هُن وري ڪُجهه وکون مضبوط ۽ اڳتي وڌندڙ سِڌيون ۽ سَنواٽيون به کنيون آهن۔جيڪي پنهنجي پنڌ جو نئون اسڪيچ جوڙي اهو ثابت ڪن ٿيون ته اختر حفيظ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ضرور ڪو غير معمولي ڪارنامو سر انجام ڏيندو.

13/6/2020

ڪاري ڌاڳي ۾ ٻَڌل ڳاڙھو پٿر!

انساني سوچ سمجهه، فهم توڙي فڪر جڏهن صدين جو سفر ڪري لوڪ ڏاهپ جو روپ وٺندي آهي ته انساني تهذيب پنهنجي اظهار جا نوان نوان پيچرا تخليق ڪرڻ لڳندي آهي. ڪنهن به تهذيب جو بنيادي عنصر ٻولي ئي هوندي آهي. ٻولي جيڪا، جڏهن اکرن جي صورت ماڻيندي آهي ته پوءِ اُن تهذيب جا سڀئي روپ ۽ رنگ هڪ نئين تاريخ جو آغاز ڪندا آهن. لفظَ، ماڻهوءَ جي من جي گونگي دنيا جو آواز بڻجي کيس اظهار جي سگهه عطا ڪندا آهن. اظهار جي سگهه لوڪ ڏاهپ جو سفر ڪري جڏهن تحريري صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي ته اُن کي ادب جي زمري ۾ شمار ڪبو آهي. ادب گهڻ رُخي دنيا جو نالو آهي. جيڪو ڌرتيءَ جي هڪ سرحد مان اُڪري علمگيريت جي روپ ۾ جڏهن عيان ٿيندو آهي ته هر انسان اُن جي هُڳاءُ کي پنهنجي اندر جي خوشبو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. قوميت ۽ بين القواميت پاڻ ۾ زِم ٿي سرحدن جون لڪيرون مٽائي اُنهن کي ڌرتيءَ مٿان آسمان جيان پکيڙي ڇڏينديون آهن.
سنڌي ادب به پنهنجي ارتقائي سفر جا کوڙ سارا رنگ ۽ ڍنگ کڻي اڄوڪي جديد ادب تائين ڪيترين ئي مُسافتن جا تجربا پاڻ ۾ سمائي، نَوَن رَوين توڙي زاوين جا سُندر سلسلا جوڙي ڇڏيا آهن. سنڌي ادب جنهن جي تحريري شروعات اَساسي شاعريءَ جي پندرهين صدي کان ملي ٿي. جن ۾ قاضي قاذن، ميون شاھ عنايت، شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو، لُطف الله شاھ قادري ۽ شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ سان ٿئي ٿي پر اُن کان اڳ توڙي پوءِلوڪ ادب جي صورت ۾ڪلاسيڪل ادب پڻ پنهنجي اهميت ۽ افاديت جو پاڻ ڀرپور حوالو آهي. اُنهن ۾ شاعري، قصا، آکاڻيون اڄ جي جديد سنڌي ادب جو مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿيون. سنڌي ادب ۾ قصن ۽ آکاڻين جي جديد صورت ڪهاڻي، افساني، ناوليٽ، ناول يا اڃان به جديد ادب ۾ فليش ۽ مائيڪرو ڪهاڻين وغيره جي روپ ۾ موجود آهي. ناول دراصل ڪهاڻي يا افساني جي هڪ سُڌريل ۽ طويل صورت آهي. جنهن۾ هر موضوع توڙي مواد لاءِ گُنجائش رهي ٿي پر شرط آهي ته اُنهن ۾ ڪهاڻي پِڻو يا اُنهن کي فڪشنائزڊ ڪرڻ جو جادوئي انداز هُجڻ بنهه ضروري آهي. ڪنهن به موضوع ۽ مواد جي اڻت اهڙي ته شاندار ۽ مُنفرد انداز سان ڪئي وڃي جو اُهو قصو يا ڪهاڻي ليکڪ جي قلم جي ڪرشمي سان هڪ نئين زندگي ماڻي وٺي. ڪهاڻي يا ناول ۾ اهڙي سگهاري فني قدرت گهٽ ليکڪن جو مقدر بڻبي آهي. پر تجربو ڪرڻ پڻ اُن قدرت کي حاصل ڪرڻ جي هڪ اهڙي جُستجو هوندي آهي، جنهن جي بنياد تي ڪميٽيڊ ليکڪ پنهنجي تخليقي قوت سان نئين ڏِسائن جا ڏَس به ماڻي وٺندو آهي.
نوجوان ناولنگار ڪليم ٻُٽ جو پهريون تجرباتي ناول سنڌ جي قومي هيرو ”راجا ڏاهر“جي تاريخي پس منظر ۾ لکيل هو. اهو ناول 86 صفحن تي مُشتمل هو. جيڪو جنوري 2015ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپرايو ويو هو. ٻن سالن جي وقفي کان پوءِ يعنيٰ جُون2017ع ۾ ساڳي اداري پاران ڪليم جا لاڳيتو ٽي ناول ”آزاديءَ جي اُپٽار“، ”وطن جن وساريو“ ۽”مَري ٿيا نه مات“پڻ ڇپرايا ويا. جن تي مون تازو ئي چئني ناولن تي”چار ناول، چار ڳالهيون“جي عنوان سان هڪ تنقيدي مضمون لکيو آهي. اتفاق اِهو به ٿيو جو مُطالعي جي سفر ۾ مون ڪليم جو پنجون ناول”راءِ ڏياچ“ جيڪو ڪويتا پبليڪيشن حيدآباد پاران ڇپيل هو، اُهو مان اڳ ئي پڙهي چُڪو هُئس، جنهن جي ليکڪ جو نالو ذهن تان لهي ويو هو. جيڪو مون کي وڻيو پڻ هُيو. اُن ڪري ڪليم جي اُن ناول”راءِ ڏياچ“کي وري هڪ دفعو نظر مان ڪڍي ليکڪ جي تخليقي سفر ۾ آيل پختگيءَ کان پوءِ اُن ناول جو جيڪو حق محسوس ڪيان پيو اُهو حق ادبي ديانتداريءَ سان ليکڪ توڙي پڙهندڙ تائين رسائڻ پنهنجو فرض ٿو سمجهان.
اِها هڪ تمام سُٺي ڳالهه آهي ته هڪ نوجوان ليکڪ پنهنجي اظهار لاءِ ناول جي ڏُکي صِنف جي چونڊ ڪري نه رڳو اُن ۾ لکيو آهي پر اهو ناولن جي صورت ۾ ڪتابي شڪل ۾ پڻ آندو ويو آهي. توڙي جو ڪليم جا اِهي چارئي ادبي تجربا سندس معصوم من ۾ موجود ليکڪ جا چار خواب آهن جيڪي هُن وڏي پيار سان ننڊ ۾ توڙي جاڳ ۾ لکي ورتا آهن ۽ جيڪي ادبي تَڪ تور واري عمل ۾ تنقيد جي تلوار جو کاڄ به ٿيا آهن، پر اِهو سڀ ادبي اصولن جي پيروي ڪندي ايئن ڪرڻ بِنهه ضروري به ٿئي ٿو. پر اڄ وري جڏهن ڪليم جي پيار جي پنجين موسم جهڙي سُريلي مُرڪ نُما ناول کي مون وري پڙهيو آهي ته آءُ پاڻ تخيل جي لهرن ۾ خوشبو خوشبو ٿي تحليل ٿي ويو آهيان.
ڪليم ٻُٽ جو هي ناول”راءِ ڏياچ“ٽن حصن”سرڳ“، ”سنڌ“۽”سُر“ تي مُشتمل آهي.
پهرين حصي”سرڳ“۾ جيئن ئي گوڙ ٿئي ٿو ته سرڳ ديوتا ڇرڪي اُٿي پوي ٿو. راڪشس سرڳ ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. سرڳ تي اُهو ڪو پهريون حملو ناهي پر اُن کان اڳ به هڪ اک ۽ ڳاڙهي وات وارو ديوقامت منوراڪشس پنهنجي ٽولي سان حملا ڪري چُڪو آهي. جيڪي حملا سرڳ جي ستن دروازن جي رکوالي رائچي، مور جي کنڀ سان ڪئين ڀيرا ناڪام ڪري کين ڀڄائي ڇڏي ٿو. منو راڪشس جي جسم تي ڪنهن به وار جو اثر نه ٿيندو آهي. سواءِ سندس وچ نراڙ تي ڳاڙهي نازڪ اک جي. جنهن سان جڏهن به ڪا شيءِ ٽڪرائبي آهي ته اُهو راڪشس ٽيهن سالن تائين بيهوش ٿي ويندو آهي. پر هن دفعي منو راڪشس پنهنجي ٽولي سان اوچتو سرڳ جا در ٽپي اچي اندر داخل ٿي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته”ڪجهه گهڙيون اڳ جڏهن سرڳ جو در کُلي ٿو ۽ اُن مان سُريلن سُرن جو آواز اچي ٿو ته رائچي جو من اُنهن سُرن تي بي قابو ٿي، دماغ بدران دل جي ڳالهه مڃي اُنهن سُرن جي تعاقب ۾ سرڳ جا دروازا ڇڏي اندر داخل ٿئي ٿو“ته پُٺيان منو راڪشس سرڳ تي حملو ڪري ڏئي ٿو. ۽ وڏي ڀڃ ڊاھ ڪري ٿو. پر رائچي سُرن جي جادوءَ ۾ مَنڊجي اُنهن جي پوئيان هڪ نديءَ جي ڪناري وڃي پُهچي ٿو. جتي هڪ بي حد خوبصورت گوپي کِلندي، پاڻيءَ ۾ پير پسائي رهي هوندي آهي. اُها سرڳ جي ديوتا جي سُندر ديوي”سيسي“هوندي آهي. اهڙيءَ طرح رائچي جي سرڳ جي ذميواري ۾ ڪوتاهي تي ٿيل حملي ڪاڻ سرڳ ديوتا، رائچيءَ کي سزا طور سرڳ مان نيڪالي ڏئي ڌرتيءَ تي موڪلي ٿو.
ناول جو پهريون حصو جيڪو هندي مٿ جي تصوراتي دنيا جي رنگ ۾ تخليق ٿيل آهي اُن ۾ ليکڪ وڏي فني مهارت سان منظر نگاري ۽ ڪردار نگاري جو هڪ بهترين پورٽريٽ جوڙيو آهي. ۽ سُر جي صدا تي سزا پائي سرڳ بدر ٿيل رائچي جو ڪردار آفاقي حيثيت جو حامل محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. اُن کان اعلاوه ليکڪ جيڪا ڏند ڪٿا جي مزاج مُطابق ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آهي اُهو پڻ اُن سموري ماحول سان ٺهڪي اچي ٿو.
ناول جي ٻين حصي”سنڌ“۾ هوريان هوريان رائچي اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. کيس ايئن لڳي ٿو ڄڻ وري سيسي ديويءَ جا سُرن ڀَريا ٽهڪ سندس ڪنن سان ٽڪرائجندا هُجن. کيس ايئن لڳي ٿو ڄڻ سرڳ جي سينگار نديءَ جي ڪناري تي ليٽل هُجي. نديءَ ڪناري رائچيءَ کي پاڻيءَ ۾ هڪ اڌ ننگو مَنش(جوڳي بابا) نظر اچي ٿو. جيڪو ويدن مان هڪ ويد سنڌو جي مانُ ۽ شانُ ۾ پڙهندي تپسيا ڪري رهيو آهي. اُتي ئي رائچي کي جوان جماڻ حسين ناري ڪلپنا ملي ٿي.
۽ جوڳي بابا رائچيءَ کي ڏسندي چپن ۾ ڀُڻڪي ٿو ته”سنڌ ۽سنڌو کي راڪشسن کان آزادي ملندي. “
هن ناول جي حصي ۾ 455ق. م جو زمانو ڏيکاريو ويو آهي. جنهن دور ۾ سنڌ ايراني تسلط هيٺ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئي ۽ ايراني سسائي حڪمرانن جي قبضي هيٺ اچي ايراني سلطنت جو ويهون صوبو بڻيل هئي. جڏهن ايراني ظالم حڪمرانن بلاوز ۽ سندس پٽ نوروز جهڙا وحشي قسم جا جابر سنڌ ۽ سنڌي قوم تي پنهنجي پوري طاقت سان قابض هئا. تڏهن جي سنڌ جي تاريخي، اوائلي دور جي منظر نگاري توڙي ڪردارنگاري هِن ناول ۾ تخليق ڪئي وئي آهي اُها ڏاڍي جاندار ۽ ڪهاڻي پڻي سان سلهاڙجي تاريخ جي اُن دور توڙي ڪردارن کي نئون جيئدان بخشي ٿي. سکراج(اڄوڪو سکر)، اروڙ، ايرني حاڪم اوتا جان مهراج، قديم مذهبي تهوار، تتاگٿا جي رک واري سوني دَٻلي، مهاتما گوتم ٻُڌ جو ٺُل، ڪلپنا جو مڱيندو پيرو، (جيڪو ئي رائچيءَ کي راءِ ڏياچ جي نالي سان مُخاطب ٿئي ٿو. )فارس جو مَڪار سپاهي فروج، سکراج جو نگهبان سارنگ، وغيره هِن حصي جا اهڙا ڪردار آهن جيڪي ناول کي نوان رُخ ڏئي ڏاڍي بي ساختگيءَ سان اڳتي کڻي هلن ٿا.
حصي ٻين ۾ سورٺ ڇِرڪ ڀَري اُٿي ٿي ته هر طرف موت جهڙي ماٺار ۽ قبر جهڙي اُونداهي ڦھليل آهي. سورٺ ڪمري جي دريءَ مان سنڌوءَ کي ڏسي ٿي. سندس اندر جيان سنڌوءَ جون ڇوليون پڻ بيقرار محسوس ٿينس ٿيون.
ليکڪ اِتي سورٺ جي پيءُ راجا سنگهار، جيڪو ايرانين جي قبضي کان اڳ آزاد سنڌ جو حڪمران آهي. تنهن وقت راجا جي پتني رتنا پيٽ سان ٿئي ٿي. ته راجا جي درٻار جو خاص جوتشي ڀيمو ستارن جي چال ڏسي راجا سنگهار کي ٻُڌائي ٿو ته، ”ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سنڌ تي ايرانين جو قبضو ٿي ويندو. جنگ ٿيندي ۽ سنڌ واسين جي هار ٿيندي. “اُن پيشنگوئي دوران درٻارين جي ڪنن تي نئين ڄاول ٻار جي روئڻ جو آواز پئي ٿو. ته جوتشي اکيون بند ڪري حساب ڪندي ٻُڌائي ٿو ته، ”جيسيتائين هي نئون ڄاول ٻار زنده رهندو اوسيتائين سنڌ جي آزاديءَجي اُميد زنده رهندي. “اُن کان پوءِ وڌندڙ جنگي صورتحال ۾ راجا پنهنجي ڄاول ڌيءُ سورٺ سنڌ جي شاهي فوج جي سپهه سالار ۽ سارنگ جي پيءُ سجاول جي حوالي ڪري ٿو.
اُها سال458ق. م جي هڪ ڪاري طوفاني رات آهي جو سنڌو سالن کان پوءِ وري بيقرار ٿي وهي ٿي ۽ ستن سالن جي سورٺ پنهنجي خواب مان ڇِرڪ ڀَري اُٿي پئي ٿي. سورٺ خواب ۾ پاڻ کي ڪنهن ٻيلي ۾ ڀَڄندي ڏسي ٿي ۽ خونخوار جانور سندس پويان ڀَڄندا اچن ٿا پر ڪا غيبي قوت کيس اُنهن کان بچائي وٺي ٿي. اُن ئي سال ايراني لشڪر سنڌ تي حملو ڪري ٿو. سجاول پنهنجي وَني وَنتي، يارنهن سالن جي پُٽ سارنگ کي تاڪيد ڪري ٿو ته هُو سورٺ کي وٺي گُجهي رستي ذريعي نڪري ڪنهن محفوظ هنڌ هليا وڃن. پُٺيان ايرانين سان وڙهندي سجاول ۽ ٻيا شهيد ٿي وڃن ٿا. هڪ ڀيري جڏهن سورٺ نديءَ جون لهرون ڏسي رهي هوندي آهي ته سارنگ هُن کي راءِ ڏياچ جي بهادري جو قصو ٻُڌائيندو آهي. جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ راءِ ڏياچ ڪلپنا جي عزت بچائيندي هڪ ايراني سپاهي کي وڙهندي ماري ڇڏيندو آهي. ايئن سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ڪهاڻيءَ جي فني اڻت ڪندي ليکڪ ناول جي اهم ڪردارن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو.
حصي ٽئين ۾ ناول جي ڪهاڻي مُختلف مَرحلن مان گُذرندي، نوان موڙ مُڙندي، پنهنجي آرٽسٽڪ تسلسل سان پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ گڏ وٺي هلي ٿي. هِن حصي ۾ سنڌ ۾ فصل لهڻ تي”هجما جي رقص“جي منظر جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ۽ نون ڪردارن ۾ ڪالو، ناسو ۽ سندن ماءُ ڀيما، ايراني نائيب ڪمانوس، اڪميڊيا، نرمانا، مارون، ڀونگر، ليکراج مهاراج وغيره ناول جي ڪهاڻيءَ مان بي ساخته خواب جيان عيان ٿيڻ لڳن ٿا. ديس جي بهادر ڪردارن جي وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۽ ايراني ديس دروهين جي ظلمت ۽ عياشين جا منظر سموري تاريخ کي فڪشنائيزڊ ڪندي پڙهندڙ جي ذهن ۾ چِٽو ڪري پيش ڪرڻ وارو هُنر ڏاڍو دلچسپ آهي. هڪ منظر ۾ راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي مُلاقات دوران ڪيل ڳالهه ٻولهه هيئن ٿئي ٿي.
”سنڌ هڪ ڏينهن ضرور هڪ عظيم سلطنت ٿيندي. “راءِ ڏياچ سورٺ جي سونهن جو جام ڀريندي چئي ٿو. سورٺ جي مُنهن تي پُرسڪون مُرڪ اچي وڃي ٿي. ٻنهي جون نظرون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون.
”ڪئي ورهين تائين سنڌ واسي هڪ ٻئي کي سورٺ راءِ ڏياچ جا قصا ٻڌائيندا رهندا. “راءِ ڏياچ سورٺ ڏانهن هٿ وڌائيندي چئي ٿو. سورٺ پنهنجو نرم ۽ سنهڙو هٿ هُن جي هٿ ۾ ڏيندي چئي ٿي:
”انهن قصن ۾ خوشحال سنڌ جو به ذڪر هوندو. “
”۽ محبت جي عظمت جو به“راءِ ڏياچ چئي ٿو.
سورٺ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل”ڪاري ڌاڳي ۾ ٻَڌل ڳاڙهو پٿر“لاهي راءِ ڏياچ جي تريءَ تي رکندي چوي ٿي:”منهنجي امان هي پٿر مون کي ڏيندي چيو هو ته هِن پٿر جي ڪري ديوين، ديوتائن جي ڪِرپا هميشه سنڌ مٿان رهندي. گذريل ويهن سالن کان ايراني هِن پٿر کي ڳولي رهيا آهن!“
اهڙيءَ طرح هِن ناول جو ٻيو ڀاڱو ”سنڌ“تاريخي تناظر ۾ سنڌ جي ڏند ڪٿائن، ريتن، رسمن، وطن سان اُڪير جي جذبن، سونهن توڙي سوڀيا، عشق توڙي اقرار جي گڏيل رنگن سان سلهاڙجي، سنڌ ايراني تسلط کان آزادي ماڻي هڪ آزاد سلطنت بڻجي وڃي ٿي.
ناول جو ٽيون ڀاڱو”سُر“جيڪو آزاد سنڌ جي مهاراجا راءِ ڏياچ جي بادشاهي، سُر سان فطري بي انتها لڳاءُ جي پس منظر ۾ آهي۔جنهن ۾ ٻيا به ڪردار اچي وڃن ٿا. جن ۾ سارنگ کي ليکراج بابا چئي ٿو ته تون ڪلپنا ديويءَ تائين منهنجو هڪ نياپو پهچائي، جنهن تحت ڪلپنا ۽ ويرو کي جيڪو ٻار پيدا ٿيندو اُهو مهاراجا راءِ ڏياچ جي موت جو ڪارڻ بڻجندو. ”اسان جي علم موجب ڪلپنا ديوي هڪ پُٽ کي جنم ڏيندي جيڪو اڳتي هلي سُر ۽ سنگيت ۾ مهارت حاصل ڪندو. ۽ اُن جي سُر تي مهاراجا پنهنجو سِرُ ڏيندو. سڀاڻي صبح تائين ڪلپنا ديويءَ جو ويم ٿي ويندو. جيڪڏهن اُهو ٻار زنده رهيو ته هر پل مهاراجا جي زندگيءَ کي خطرو رهندو. “سارنگ پنهنجي گهر پُهچي، پنهنجي وَني وردا کي ڪلپنا ديوي تائين نياپو رسائڻ لاءِ موڪلي ٿو. اهڙي طرح اُن وچ ۾ ڪير مندر ۾ ليکراج بابا جو قتل ڪري ڇڏي ٿو. هوڏانهن جڏهن پيرو ۽ڪلپنا کي وردا نياپو ڏئي ٿي ته ٻئي پريشان ٿي وڃن ٿا ۽ راءِ ڏياچ سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندي ڄاول ننڍڙي ٻار کي رات جي اُونداهيءَ ۾ پيتي ۾ وجهي سنڌوءَ جي لهرن ۾ ڇڏي ڏين ٿا.
ناول جي ٽئين حصي ۽ ”سُر“جي ٻئين حصي ۾ شامو سنڌوءَ جي لهرن ۾ هڪ پيتي ترندي ڏسي ٿو. اُن کي ڪناري تي آڻي جڏهن کولي ٿو ته اُن ۾ هڪ ننڍڙو ٻار ڏسي شامو ڀَر ۾ ئي ڪناري تي ڪپڙا ڌوئيندڙ ڦاڪان کي سڏ ڪري ٻار جو ٻُڌائي ٿو. ۽ پوءِ اُهي اُن ٻار کي پيار سان پالين ٿا.
هي ڪلاسيڪل قصو شاھ سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي فڪر ۽ فهم جي روشنيءَ ۾ اهڙو ته سرجيو آهي جو اُن شاعراڻي انداز سورٺ راءِ ڏياچ جي ڏند ڪٿائي قصي کي تصور جي آڪاس تان لاهي ڌرتيءَ جي حقيقت ۾ زم ڪري اُن کي اهڙي امرتا بخشي ڇڏي آهي، جو وقت جي ڪا به فنا کيس ختم نه ٿي ڪري سگهي. اُن ئي شاندار سنڌ جي ڏند ڪٿا توڙي لوڪ ڏاهپ کي ڪليم ناول جي پيرائي ۾ جنهن نموني ُاڻت ڪري پيش ڪيو آهي اُهو به سنڌ جي نئين ادبي تاريخ جو هڪ سُٺو تجربو چئي سگهجي ٿو.
ناول جو هي ٽيون ڀاڱو”سُر“ پنهنجن ٻين ڀاڱن جي تسلسل سان اڳتي وڌندي نيٺ ستين ۽ آخري حصي تي پهچي ٿو، جتي اُن جي پڄاڻيءَ جي دکدائڪ موڙ تي سُر تي سِر ڏيڻ جو مُنفرد ۽ تاريخي مثال مُرڪي پوي ٿو.
”جنهن ۾ صبح جي پهرين پهر کان ئي ٻيجل، ٻيجلي(ڪينرو)وڄائڻ شروع ڪري ٿو. اُنهن ئي سُرن تي راءِ ڏياچ جي اک کُلي پئي ٿي. ٻيجل جو سُر ٻُڌي راءِ ڏياچ جي مُنهن تي مُرڪ اچي وڃي ٿي. سندس ذهن تي ٻيجل جو سُر سَوار ٿي وڃي ٿو. سُر زندگي آهي سُر محبت آهي. روح ۽جسم جي ميلاپ جو نالو سُر آهي. اِهو سُر ئي آهي جنهن تي فدا ٿي روح مٽيءَ جي بوتي ۾ داخل ٿيو ۽ اُهو بوتو انسان ٿي پيو. سُر شروعات آهي ۽ سُر ئي اَنت آهي. “ايئن هي ناول پنهنجو حسين تاثر ڇڏيندي منطقي انجام تي پهچي ٿو. . . . . . !

18/6/20

اڪيلائن جي سوڳ جو ڪارو غلاف

سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جو سفر تاريخي مرحلا طيءِ ڪندو اڄ جڏهن جديد دور ۾ داخل ٿي ڪري، پنهنجي تسلسل جي ڪهاڻيءَ تي نِگاھ وِجھي ٿو ته ڪيترائي سنگِ ميل سندس واجهه ۽ ويجهه ۾ محوِ سفر ڏِسجن ٿا. جن تي مُختلف نالن جي سُڃاڻپ جا حوالا، چنڊ جيئن چانڊوڪي ڪندي نظر اچن ٿا. تِن جي سُهائيءَ ۾ڪهاڻيءَ جي ڪاڪ سدائين پئي ڪڪوربي رهي آهي. جن ۾ مومل جي مجاز جا ماڻا، سسئيءَ جي سورن جا سُڏڪا، سُهڻيءَ جي عشق جون اَرڏايون، نوريءَ جي نينهن جون نماڻايون، مارئيءَ جي لوئيءَ جي لڄَ، کان ويندي اڄ جي دور تائين جا سڀ رنگ، پنهنجي رنگينيءَ سان نروار پئي ٿيندا رهيا آهن. اهڙيءَ طرح اُنهن رنگن مان اوچتو ئي اوچتو هڪ ڪهاڻيڪار پنهنجا رنگ، ڍنگ، نقش ۽ نگار کڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي آڪاس تي وِهائو تاري جيئن کِڙي پيوآهي. جنهن سنڌي ادب جي آغوش ۾ ٽي ڪهاڻين جا ڪتاب، “پکين جو وطن”، “وجود جا عذاب”، ۽ هاڻي تازو نئن آيل ڪهاڻين جومجموعو“مٽيءَ جو عشق”احترام وِچان رکيا آهن. جن جي تخليقي سگهه، سحر ۽ هڪ خاص سُڃاڻپ تحت هُن اسان سڀنيءَ جوپاڻ ڏانهن مُڪمل ڌيان ڇڪايو آهي. جنهن کي محمد صديق منگيي جي نالي سان سنڌي ڪهاڻيءَ۾مانُ ۽ شان واري مڃتا حاصل ٿي چُڪي آهي، جيڪو هڪ ڀرپور ڪهاڻيڪار جي حيثيت ماڻي اسان جي سامهون آيو آهي. هڪ اهڙي حيثيت جيڪا تمام گھٽ ڪهاڻيڪارن کي پلئه پوندي آهي. ۽ اُها به مُختصر عرصي ۾. ڇاڪاڻ جو ڪلهه ڪلهوڻي ئي ته ڳالهه آهي جو صديق منگيو تاريخ، تحقيق، صحافت۽شاعريءَ جي راهن تي پنهنجي شناخت جي جُستجوءَ ۾سرگردان هُيو جو اچانڪ سندس اندر جي دور دراز ڪنهن ڪُنڊ مان غمن جي گھاٽن ۽ گَھرن ڪڪرن کي چيري تخليقي ڪهاڻيڪار چنڊ جيان اُڀري، سندس وجود جي عذابن تي آٿت جا نفيس پها رکندي دريافت ٿيو هُيو ته هڪ نئين سنڌي ڪهاڻي ڪتين جيئن ڪَر موڙي جاڳي پئي هُئي. ۽اڄ سندس ٽئين ڪهاڻين جي ڪتاب کي پڙهندي سندس ڪهاڻين تي بي ساخته پيار اچي وڃي ٿو. “مٽيءَ جو عشق”ويهن ڪهاڻين جو هڪ زبردست ڪهاڻي ڪتاب آهي. جنهن جي مُطالعي جو سفر روح کي راحت ۽ دل کي سُڪون پُهچائي ٿو. اُن ڪري به جو صديق منگيو انتهائي باريڪ بين ڪٿاڪارآهي . هُوسماج جي سُٺاين توڙي بُراين جي تمام گھرائيءَ سان اوک ڊوک ڪري ٿو. ۽ ماڻهوءَ جي اندر ۾ جھاتي پائي سگھڻ جي ڀرپور سگهه پڻ رکي ٿو. اهوئي ڪارڻ آهي جو هُن جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جون آئينه دار آهن. موضوعن جي چونڊ، مواد ۽ اُنهن سان ڀرپور نڀاءُ سندس ڪهاڻي پڻي جي سونهن آهي. ٻوليءَ جو نِج پڻو، لفظن جي چونڊ، چوڻيون، تشبيهون، علامت نگاريءَ جو اعليٰ فن، ۽ ڪهاڻي اُڻڻ جونفيس هُنر، سندس انفراديت کي اُجاگر ڪري بيهاري ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾لوڪ ڏاهپ جوشعور۽ اُن جو رنگ ڏاڍوئي وڻندڙانداز ۾ ملي ٿو. “مٽيءَ جو عشق”جي پهرين ڪهاڻي“پنج دُنيا، ويهه آخرت” اڄ جي حالتن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي. مثلن“هُوءَ قطار ۾ بيٺي هُئي” جملي سان شروعات ٿيندڙ هِن ڪهاڻيءَ ۾، طنز، علامت نگاري۽حقيقت نگاريءَ جو امتزاج ٺهڪندڙ۽مُتاثر ڪندڙ آهي. ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردارعمر جي آخري حصي ۾ پُهتل پوڙهي“جَنان”آهي، جيڪا پنهنجي ڏوهٽي بِلاوَل سان قطار ۾ بيٺي، قطار جي اڳتي وڌڻ جو انتظار ڀوڳيندي، رياستي سياست جو کاڄ بڻجي وڃي ٿي. جيڪا خاص طور تي سنڌ لاءِ پيدا ڪيل هٿرادو ٻُوڏ جي ستايل هوندي، اِن ڊپ ۾ هراسيل آهي ته ڪٿي هُوءَقطار کان ڇڄِي نه وڃي. توڙي جو“هُوءَ ڪُونج ته ڪانه هُئي، پوءِ به قطار مان ڇِڄڻ جو سوچي به ڪانه پئي سگھي. ”هي ڪهاڻي اڄوڪين بي رحم حالتن جي دل ڏُکائيندڙ چٽي تصوير آهي. نادرا، وطن ڪارڊ، مُتاثرين، ايجنٽ، آمراَنڪل، ذُلفي، شهيد راڻي، جيالي، محمود غزنوي، سرحدن جا گليشيئر، سومناٿ، جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ۽ ڪُجھ ٻِيوبه هن ڪهاڻيءَجي ٺاھ ٺُوھ جو ڪارڻ بڻيا آهن. ڪهاڻي پنهنجي ٻوليءَ، تشبيهن، چوڻين، منظرڪشيءَ، ماحول، انداز۽فليش بيڪ، سميت پنهنجي موضوع ۽ مواد سان بلڪل به ٺهڪندڙ آهي. “هُوءَقطار ۾بيٺي هُئي”۽“قطار ڇڄِي نه پوي”جي ڊپ ۾ ويڙهيل جنان جي پڇاڙيءَ مُتعلق الائي ڇوذهن اڳواٽ ئي اُن نتيجي تي پُهچيو وڃي، جنهن ڪري ڪهاڻيءَ جي پڇاڙيءَ وارو تجسس نُما احساس مجروح ٿي پوي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ هنڌ پوڙهي جنان کي پنهنجي مُڙس خادم جا لفظ هنيان تي هُرڻ لڳن ٿا ته“جنان!هِن مُلڪ جا محمود غزنوي، سرحدن جا گليشيئر ته ٽوڙي نه سگھندا آهن، پرهر ٽئين سال پنهنجي ئي مُلڪ کي فتح ڪري، آئين ٽوڙي بُت شڪن سڏرائيندا آهن۽ پوءِ پوپٽن جا پَرَ پٽيا ويندا آهن، وڻ وڻ ٽاريءَ تي چٻرا اچي ويهندا آهن ۽ عدالتون خاڪي ورديون پائي، ڦاهين، ڦٽڪن ۽ جيل جون سزائون ٻُڌائينديون آهن. ”ڪهاڻيءَ جي ڪردار خادم پاران بيان ڪرايل مٿيان جُملا، ڪردار جي ذهني سطع، شعور، ماحول ۽ مڪان کان مٿاهان ۽ تمام گھرا آهن. ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ مٿين شعوري ائپروچ ڪردار جي مٿان زوري مڙهي وئي آهي جيڪا سندس اصل ذهني ائپروچ سان هم آهنگي رکي ئي نٿي. اِتي ليکڪ زبردستي، ڪهاڻيءَ جي فطري ماحول واري سوچ ويچار ۾ پنهنجي ذهني ايپروچ واري سطع مڙهيندي محسوس ٿئي ٿو. جيڪا ڳالهه ڪهاڻيءَ جي تسلسل جو توازن بگاڙي وجھي ٿي. “گروي ٿيل خواب”ڪهاڻيءَ ۾ريل گاڏي ۾ سفرڪندڙهُوءَ، ارشاد ۽ هڪ ٽيون ڪردار به موجود آهي، جيڪو تعارفي انداز ۾ ڪهاڻيءَ جي ڪامينٽري ڪندي محسوس ٿئي ٿو. ڇا اِن ڪهاڻيءَجي ڪيئنواس تي ٽيئن ڪردار جي ضرورت آهي؟اِهو سوال ته خود ڪهاڻيءَ جا اهم ڪردار ڪندا، محسوس ٿين ٿا. ڪهاڻي تجسُس واري انداز ۾ڄڻ ته زوري اُڻي وئي آهي. ڇاڪاڻ جو صديق منگيو، ڪهاڻيءَ جي فن کان ته چڱيءَ طرح واقف آهي. بلڪ اُن تي سُٺي گرفت به رکي ٿو. پر هي ڪهاڻي حيرت ۾ وجھندڙ پُڄاڻيءَ جي چڪر ۾ڪهاڻيڪار جي روح ۾ مُڪمل لهڻ کان ڄڻ پهرين ئي اُتاريل لڳي ٿي. توڙي جو ڪهاڻي ۾ ريل جي دريءَ جي ڀَر ۾ ويٺل ارشاد جي اُوندھ ۾ گُم ٿيل نگاهن سان ڪهاڻيڪار زبردست قسم جي منظر ڪشي ڪندي، ۽ اُن ماحول کي ڪهاڻيءَ جي ڪيئواس تي سُٺي طرح اُتاريو به آهي. ۽ اُن جي ٻوليءَ، ڪردارن جي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه جوانداز۽ ٻِيورنگ ڍنگ به ٺيڪ آهي پر وري به اُها پڙهندڙ لاءِ پيدا ڪيل هٿرادو صورتحال، ڪهاڻيءَ ۾ ڄڻ ته زوري ٽُنبجي آيل لڳي ٿي. جنهن ڪري ڪهاڻي، پُڄاڻيءَ تي پُهچڻ کان پوءِ به ڄڻ ته پاڻ سان ٿيل ڏاڍائي تي افسوس زده رهجي وڃي ٿي. اُن ڪري هي ڪهاڻي ٻِن فردن جي بجاءِ ٽئين فرد جو معمولي الميولڳي ٿي. “جَل پَري، باندري”ڪهاڻي۾“نه ته جل پري هئي، نه باندري، هُوءَ ته وسندڙ پٿرن جي شهر ۾، جياپي جي سزا ڪاٽيندڙ سُندر ناري شانو هئي. ”جنهن جي گِرڀ ۾ ڏاڍائي وسيلي زوريءَ پيدا ڪيل سارنگ، جنم وٺي، اوچتوکائونس وڇڙي وڃي ٿو ته شانوديواني بڻجي کيس ڳولينديِ۽ ڀٽڪندي رهجي وڃي ٿي. ۽ اها درد ڀري ڪيفيت لفظن مان پوپٽن جيئن اُڏامي احساسن جي نفيس ڪلين تي اچي ويهي ٿي ته نگاهن ۾ شانو جو ڪردار چِٽو ٿي پوي ٿو. ڪهاڻي خوبصورت انداز سان سفر ڪندي الائي ڇو وري به پُڄاڻيءَ تي کاپي پوي ٿي. ڄڻ ڪهاڻيڪار، ڪهاڻيءَ جي ڪلائيميڪس ۾ اُلجھي کيس زوريءَ اِن انجام تي رسايو هُجي. ساڳيءَ طرح ڪهاڻي“رُکو روح”پڻ ساڳيءَ ڀرتي ڪيل پُڄاڻيءَ جي الميي جي مُتاثر ٿيل لڳي ٿي. توڙي جو مان وري به اِها ڳالهه هِت ورجھايان ٿو ته صديق منگيي وٽ ڪهاڻيءَ جي اُڻت جو فن ڏاڍوڀرپور آهي ۽ وٽس ڪهاڻين ۾ موضوعاتي دُنيا به ڏاڍي وسيع ۽ مُڪمل سنڌي سماج جو چِٽو آئينوهوندي آهي. پر جيئن ته هڪ پڙهندڙ ۽ ادب جي هڪ ننڍڙي مُسافر جيان منهنجو به ادبي فرض ٿئي ٿو ته مان هنن ڪهاڻين جي مُّطالعي جون محسوسيات بنا ڪنهن جھل پل جي سچائي سان پيش ڪريان جيئن اسان جو هي ڪهاڻيڪار دوست ايمانداريءَ سان ادب ۾ ڪهاڻيءَ جو سفر ڪري رهيو آهي. “اَڏولتا”ڪهاڻي هڪ انقلابي نوجوان جي ڪهاڻي آهي جيڪو پنهنجي آدرشن جي ڪري ٽارچر سيل جون عقوبتون سهندي آخرشهادت جو جام نوش ڪري هڪ عظيم پيغام ڏئي وڃي ٿو. “ماڻڪ ميءِ پرائيو”ڪهاڻي ۾فائزه، جميل کان الڳ ٿي ڪري پنهنجي وکري ويل وجود کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪندي ڪينجھر جي لهرن تي لُڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ عشق ۽ محبت جي نماڻائيءَ جي عظيم علامت بڻيل نوريءَ جي مزار تي ويندي ماضي، حال ۽ مُستقبل جي ڪُنن ۾ ٻُڏندي وڃي ٿي. هي ڪهاڻي پنهنجي سِٽاءُ ۾ ڊارامائي انداز ۾ رچيل وڌيڪ ۽ تخليقي تناظر ۾بلڪل به دل کي اَڻ ڇُهندڙآهي. هن ڪهاڻيءَ کي اگر ڊارمائي صورت ڏني وڃي ته مُمڪن آته اُن ۾ وڌيڪ ڀچاءُ پائي سگھي. هن ڪهاڻيءَ ۾ موقعي ۽ مهل جي نسبت سان ڏنل شاھ جا بيت ڏاڍا وڻن ۽ ٺهڪن ٿا. “ڪان ڪُفر جي ڪُک ۾”ڪهاڻي هڪ معصوم ڀيل ٻارڙي راجوءَ جواذيت نامو آهي. جيڪو غير مذهب، ڀڄي نڪتل ماءُ جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ مسلمان پيءُ فيضوءَ مان جنم وٺي ٿو. پرموروثي مسلمان جاهلن جي بي حسيءَ جو شڪار بڻجي نفرتن جي زد ۾ ڀٽڪندي زندگي گُذاري ٿو. هي ڪهاڻي وڏي فنائتي انداز سان پنهنجي منطقي نتيجي تي پُهچي ٿي. هي ڪهاڻي درد جون ڪئي ڪائناتون سمائي هلي ٿي. ڪهاڻيڪار ڪيئن نه هڪ ننڍڙي ڇوڪر جي اجنبيت جي ڏُک جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي. ڪهاڻيءَ جي ماحول کي وڏي اثر انداز طريقي سان فوڪس ڪيو ويو آهي. بي يارو مدد گار هڪ ٻالڪ جي بُخار ۾ورتل طبيعت جون ڪيفيتون اکرن مان ساھُ کڻنديون محسوس ٿين ٿيون. ۽ دل مان هڪ درد ڀري سَٽ اُڀري وڃي ٿي. ڪهاڻي پنهنجي ڪيئنواس ۾ هڪ مُڪمل ڪهاڻي آهي سواءِ آخر ۾بُک، بُخار، گرمي ۽ اُڃ ۾ٿڙندو ٿاٻڙندوروڊ سان لڳ نِم جي وڻ هيٺان پاڻيءَ جي ناديءَ مان اُڃ اُجھائڻ لاءِ هُو گلاس کڻي جيئن ئي ناديءَ جي ٽُونٽيءَ مان پاڻي ڀرڻ لاءِ جھُڪي ٿو ته روڊ جي پرئين پاسي کان همراھ هَڪلون ڏيندو ڏانهس ڊوڙندو اچي ٿو ۽ کانئوس گلاس کسي، کيس اُرھ واري تِري هڻي، ناديءَکان پري ڪري، ناديءَ جي ٽُونٽيءَ مان اَشهد ڪلما ڀري گلاس کي ڌوئڻ لڳي ٿو”ته ڪهاڻي پنهنجي ٺيڪ ٺيڪ انجام کي ماڻي وٺي ٿي. پر اُتان کان اڳتي هڪ نئين ڪردار جي آمد، ۽ڪُجھ تفصيل ۾ويندڙ جملن جو واڌارو ٺيڪ ته لڳي ٿو پر ڪهاڻيءَ مان ڦُٽي نڪتل پُڄاڻيءَ واري تجسُس مان پيدا ٿيندڙ احساس کي ڀانءِ نه ٿو پوي. “سانحو مُحبت جو”ڏاڍي سُٺي ڪهاڻي آهي. جيڪا رشتن جي حساس مُحبتن جي اظهار جو حسين مثال آهي. ڪهاڻي ماحول، مفهوم ۽ منظرن ذريعي زيبائتي انداز سان کُلندي وڃي ٿي. هي ڪهاڻي ذات پات جي فرق جي ور چڙهي ويل مُحبتن جي زوريءَ ڀيٽا گھُرندڙ۽ سماج جي جاهلاڻي سوچ، ويچار۽رت جي رشتن جي مُحبتن جي اُٿل تي مُبني خوبصورت ڪهاڻي آهي. مڙئي ڪُجهه طوالت جو شڪار ٿي ويل هن ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي زبردست نموني سان ڪئي وئي آهي. “مِٽيءَ جو عشق”حُر تحريڪ جي پس منظر ۾ لکيل ٺيڪ ٺاڪ ڪهاڻي آهي. جيڪا ڪهاڻيءَ جي پيرائي ۾هڪ سُٺو اضِافو آهي. ڪهاڻيءَ جي منظر نگاري ڀرپور نموني ڪيل آهي. جنهن سان ڪردارن جي ڪردارنگاري پنهنجي اصل رنگ ۽ روپ ۾ ظاهر ٿي سامهون اچي ٿي. ۽ماحول جي منظر نگاري پڻ اکرن مان بي ساخته اُڀري اچي ٿي. هي ڪهاڻي حُر تحريڪ جي جدوجهد جي وڏي ڪهاڻيءَ جي هڪ حصي کي فوڪس ڪري ٿي. پر پوءِ به ڪهاڻي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. “ڇِرڪ ڇِنائين هيڪڙي”ڏُڪاريل ٿر جي درد جي ڪهاڻي آهي. هي ڪهاڻي شروع کان آخر تائين منظر ڪشيءَ کان ويندي تشبيهن، تمثيلن، ٻوليءَ، پهاڪن توڙي مضوعاتي اعتبار کا هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. راموءَ جو ڪُٽنب ڏُڪرجي ڏمر کان مجبور ٿي پنهنجا اَباڻا پَڊ ڇڏيندي جن اَذيتن۽ ڪيفيتن مان گُذري ٿو، ليکڪ اُنهن کي لفظن جي آرسيءَ ۾اُجاگر ڪندي مڪمل ڪامياب ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي ڪمال جي ڪئي وئي آهي. پنهنجي وطن جي وسڻ ۽ خوشحاليءَ جا پَرُوڻ پوندي ئي انسان کان اڳ جانورٻَڌل رَسا ڇڏائي پنهنجي ديس ڏانهن بي ساخته ڊوڙن ٿا. ته وطن جي مُحبت جي شڪتيءَ جو اندازو ٿي وڃي ٿو. “گُلاب جان”ٽين جنس تي لکيل هڪ زبردست ڪهاڻي آهي. جنهن جي ڪيئنواس جي اُڻت ڏاڍي شاندار نموني ڪئي وئي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ وچ وچ تي ايندڙ هڪ جُملو“سائين!لکندين نه منهنجي ڪهاڻي” ڪهاڻيءَ جي دلچسپ قصي کي وري وري جنم ڏيندو ٿو رهي. ايئن ڪهاڻي پنهنجي وڏي فنائتي انداز سان، مُختلف رنگن جي هولي کيڏندي، پڇاڙيءَ۾ نوحا خوانيءَ۾تبديل ٿي وڃي ٿي ته ڪهاڻيءَ تي ڏُک جوڪارو غلاف چڙهي وڃي ٿو. ڪهاڻي نج ٻوليءَ جي رنگ سان، ماحول جي شاندار منظرڪشيءَ، بهترين ڪردارن جي چُرپُر۽ڊائلاگ بازي، ۽ اهم موضوعاتي چونڊ ۽ اُن سان ڪهاڻيڪار جو زبردست نڀاءُ روح ۾ لهي ويندڙ آهي. گُلاب عُرف گُلاب جان، ماھ رُخ، ڪهاڻيءَ وارو سائين۽ڪُجھ ٻيا ڪردارهن ڪهاڻيءَ جي ڍانچي ۾هڪ ٽين جنس جي نوجوان جي زندگي جي ڪهاڻيءَ جي واضع تصوير چٽڻ ۾ڀرپور مدد ڪن ٿا. ۽ ڪهاڻي جيئن جو تيئن پڙهندڙ جي ڪيفيتن تي مُڪمل اثر اندازٿي وڃي ٿي ته دل مان واھ واھ، ۽ زبردست ڪهاڻيءَجو اعزاز پاڻمُرادو ڦُٽي پوي ٿو. “ڌُوپار”هڪ کري ۽ سچار شخص جي ڪهاڻي آهي جيڪو بنا ڪنهن رک رکاءُ جي سچ چئي ڏئي ٿو. ۽ حق ۽ سچ جو ساٿي رهندي ئي زندگي گُذاري ٿو. اهڙو ساٿ ڏيندي هُومسڪين باگڙين سان ٿيل ڏاڍائيءَ تي بنا ڪنهن نَنڍ وڏائيءَ ۽ مَت ڀيد جي، وڏيرن، رئيسن۽ پوليس جي گڏيل ظُلم خلاف غريب ۽ بي يارو مدد گار مظلوم باگڙين جو ساٿ ڏيندي، مذهب جي اَڙ ۾نوجوان ڇوڪريءَ کي جنسي وحشي پڻي کان بچائي وٺي ٿو. ڪهاڻي جو ڏانءُصديق منگيي جي قلم مان صبح روشن جيان اُڀري پوي ٿو ته ڪهاڻيءَ۾هڪ شاندار ڪرافٽ ڪَر موڙي جاڳي پوي ٿو. هُونءَبه صديق منگيي وٽ ڪهاڻي چوڻ جوڀرپور ڏانءُ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ لوڪ ڏاهپ جو رنگ ۽ موضوع ۽ماحول کي پُختي انداز ۾ بيان ڪرڻ جو وڏو ڏانءُآهي. سندس ڪهاڻيون پڙهندي قصاگوئيءَ جو حسين تصور جنم وٺي ٿو. ته ننڍپڻ۾ناني۽امڙ پاران ٻُڌايل آکاڻين وارو راتين جو ماضي روح ۾ جاڳي پوي ٿو. “سونهري ڦرهيءَ تي لکيل دُعا”زبردست ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ڪهاڻيڪاراڄوڪي انساني نفسا نفسي واري ٻيائي جو وڻندڙ انداز سان عڪس جوڙيوآهي. جنهن ۾ ليکڪ علامت نگاريءَ۽بي باڪيءَ سان حقيقت پسنديءَ جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪئي آهي. اِن ڪهاڻيءَ ۾ صديق منگيي جو اصل تخليقي ڪهاڻيڪار اُڀري سامهون اچي ٿو ۽ سندس ڪهاڻيءَ پڻي سان بيحد پيار ٿئي ٿو. مسجد ۾ پيش امام، شهر جا مُعززاميرترين ماڻهو، واپاري، مدرسي جا کٿابي، سيٺ، ڳڀرو جوان، سياسي وڏيرو، ماستر، ملائڪ، ۽هڪ غريب ڦاٽل ۽ پُراڻن ڪپڙن ۾، هن ڪهاڻيءَ جا جوڙيندڙ آهن. جن جي اندر ۽ ٻاهر جي آرسيءَ جا اولڙا ڪهاڻيڪارپنهنجي فن جي بُلنديءَ ذريعي چِٽيا آهن. “سا جاءِ جلي” حقيقت پسند ۽ بي باڪ صحافيءَ جي ڪهاڻي آهي. وڏيرن جي روايتي ستم ظريفي، ڏاڍائي ۽ اُنهن سان گڏ پوليس جو ساڳيو ڀاڱي ڀائيواريءَ وارو پُراڻو قصو ۽ هڪ خوبصورت نوجوان سان ناانصافي جو ورجاءُ. ۽ ٻيائي کي مُنهن تي چماٽ وهائي ڪڍندڙصحافي رشيد. ۽ آخر ۾سچ جو ثبوت بڻجي ايندڙاُهو نوجوان، جيڪواصل ۾ اِن سموري وارتا جو مُتاثر آهي. هي ڪهاڻي بي حس سماج، پوليس ۽ وڏيرا شاهيءَ جي ڪُڌن ڪرتوتن جي عڪاسي ڪندڙ آهي. جيڪا خوبصورت انداز سان پنهنجي منطقي نتيجي تي پُهچي ٿي. “ڪالُ”علامتي انداز۾لکيل شاندار ڪهاڻي آهي. وڏي هُنرمنديءَ سان صديق منگيي هِن ڪهاڻيءَ ۾ اڄ جي حالتن جي علامت ۽ طنز ذريعي اوک ڊوک ڪئي آهي. آسمان ۾ اُڏامندڙ مُختلف عمر جون بُکايل ڳِجھون بُک مِٽائڻ لاءِ شڪار جي ڳولا ۾ پاڻ ۾ گُفتگو ڪندي جيڪا سنڌ جي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿيون، اُها خوبصورت ۽ ٺهڪندڙ ٻوليءَ، تشبيهن، تمثيلن، پهاڪن منظرڪشيءَ، موضوع ۽ مفهوم جي اعتبار کان وڏي سگھاري ۽ ڀرپور آهي. هي مُختصر پرجامع قسم جي ڪهاڻي پاڻ ۾ وڏي وسعت رکي ٿي. ڪهاڻيءَ مان ڪُجھ سِٽون هِن ريت آهن ته“ڪاميابيءَسان قتل ٿيندڙ ٻيلن سان جِتي ڌرتي سُوءِ ورتل ڪُنوارجيان ٻُسي ٿي وئي هُئي، اُتي جھنگلي جيوت جا نسل به ناس ٿي ويا هُئا. سُڃ واڪا پئي ڪيا. فطرت جي سينڌ جو سنڌور ئي اُجڙي ويو هو. ٻيلا ئي نه رهيا، ته. . . . !”ياچنڊ ڏسڻي ڪاميٽيءَ وانگر دُوربين جهڙيون اکيون، ڌرتيءَ تي ڦيرائي ڏِٺائون پئي. ”، “اڳي پوءِاِهو ئي مُقدر ته هُئن. ڳِجھن جو کاڄ نه بڻجن ها، ته شهري ماس کورن جو کاڄ ٿيڻ کان کين ڪير بچائي ها؟”۽ آخر۾مٿن تي وڏا پڳڙ، وڏيون ڏاڙهيون، ويڪرا ڪپڙا، اوپرا اوپرا ماڻهو. . . . . !اُهي ڳِجھن ۽ ڪُتن کي پٿر هڻي ڊوڙائي رهيا هُئا. . . !” ايئن هي ڪهاڻي اِنهن آخري سِٽن سان پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم کي اُجاگر ڪندي، علامت نگاريءَ جي خوبصورت ۽ ڀرپور انداز سان روح ۾ لهي وڃي ٿي. “اُجالي جو اوسيئڙو” ڏاڍي سُٺي ڪهاڻي آهي. جيڪا هڪ بي باڪ صحافيءَ جي مُثبت عمل جي عيوض مٿس قاتلاڻي حملي جو سبب بڻجي ٿي. پر پوءِ به هو پنهنجي حق ۽ سچ واري عمل ۽ اِرادي تي اٽل رهي ٿو. ليڪن موٽ ۾ اداري پاران کيس وفا جي بدلي، نمائندگي کي ئي ختم ڪري کائونس لاتعلقيءَ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جو ڪلائميڪس ڏاڍو زبردست، ٺهڪندڙ۽ مُتاثر ڪندڙ آهي. “وَڙُ” جهادي مُلن جي قول ۽ فعل جي عڪاسي ڪندڙ زبردست ڪهاڻي آهي. اهڙا مذهبي ٺيڪيدار جن کي انسانيت سان ازلئون ڪو وير آهي. جن جي مذهب ۾انسانيت کي ڪُهڻ جائزقرار ڏنل آهي. هُون به هڪ ڪهاڻيڪار کي مُڪمل طور تي سُجاڳ هُئڻ سان گڏ، پنهنجي سماج جي اردگرد تي ايتري ته گھرائيءَ سان نگاھ رکڻ گھُرجي جو هُو باريڪ کان باريڪ شين، ڳالهين، معاملن توڙي حالتن جي گھرائيءَ ۾ لهي اُنهن کي روح سان محسوس ڪري، حقيقت پسنديءَ جو ڀرپورنموني مُظاهرو ڪندو رهي. نه ته ٻيءَ صورت ۾هُو تخليقي ليکڪ بجاءِ هڪ تخريبي، سطعي ۽ روايتي ليکڪن جي گھڻائيءَ ۾ گُم ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويهندو. “مرڻ جن مُشاهدو”ڏينڀو ۽ پتنگ جي وچ ۾ عشق تي ٿيل گُفتگو جو علامتي انداز، شاندار نموني پيش ڪيو ويوآهي. هي ڪهاڻي پنهنجي موضوع ۽ مفهوم ۾ گھڻ رُخي ۽ تخليقي ڪهاڻي آهي. جنهن جي پس منظر ۾ڀٽائي جي شاعريءَ جي ڪلاسيڪيت، وڏي ڪمال سان اُڻت ۾ آندي وئي آهي. “ڏُکيا ٻئي پار”پنهنجي پيشڪش جي اعتبار کان خوبصورت ڪهاڻي آهي. هڪ ڪنواري ڇوڪري جيڪا رشتن سان وفاداريءَ۽ نڀاءُ جي نينهن ۾ پنهنجي سڄي زندگي، شاديءَ جي ڳاڙهي جوڙي جي عيوض روح توڙي وجود تي اڪيلائن جي سوڳ جو ڪارو غلاف اوڙهي گُذاري ڇڏي ٿي. ڪهاڻي ۾ ٻِن مُتضاد ڪردارن جي عڪاسي ڏاڍي وڻندڙ انداز سان ڪئي وئي آهي. رات جي وقت ۾ هڪ عورت جون پنهنجي وَر جو اوسيئڙو ڪندي ڪيفيتون چٽيون ويو آهن ته ٻئي طرف پوڙهي ماءُ، پيءُ کي اڪيلوڇڏي وڃڻ واري خوف ۾هڪ غير شادي شده عورت ڪيئن نه هيڪلائيءَ جا عذاب ڀوڳيندي راتيون جاڳندي ڪٽي ٿي. هي ڪهاڻي پنهنجي روح ۾ عورت جو درد سمائي دل جي در تي دستڪ ڏئي ٿي ته روحاني ڪيفيتون اُٻاڻڪيون ٿي وڃن ٿيون. هي ڪهاڻي سنڌيءَ جي خوبصورت ڪهاڻين ۾ ڳڻائي سگھجي ٿي. ڪهاڻيءَ مان ڪُجهه چُونڊ سِٽون هِن ريت آهن ته“هُوءَ ڪراچيءَ ۾سرڪاري اسڪول ۾ پرائمري ٽيچر هُئي. سندس پگھار مان ٽِن ڀاتين جو سولائيءَ سان گُذارو ٿيو پئي. اُن گُذاري ۾ ٽي جيئرا ساھ ته تَڳيا پئي، پر اُن تَڳاءَ ۾ زندگي نه هُئي. زندگي ته اُن کان گھڻو اڳتي، ڪوريَن اَڳڙين جھڙي اوڇڻ تي جذبن جي سَنهي سيبي جو نالو آهي. مرڻينگ جذبن سان جياپو، جيون جي مجبوري ته ٿي سگھي ٿو، پر زندگي نه. گھر ۾ ٽي ساھ کڻندڙ بوتا هُئا. جيون جي جھوراڻن ۾صائما جي گيتن جھڙي جواني، ڏور بيت جھڙو ڳُجهه بڻجي وئي هُئي. ”هن مجموعي“مِٽيءَ جو عشق” جي ويهين ۽ آخري ڪهاڻي “پلاند” ۾ ڪهاڻي پڻو ته موجود آهي پر موضوع اُهو ساڳيو ئي روايتي . وڏيرن ۽ پاٿاريدارن جي اَجائي هوڏ ۽ بربريت، جيڪا صرف پنهنجي نڪ سِڌي ليڪ کان سواءِ ٻيو ڪُجھ به نه ڏيکاريندي آهي. اُن اَنڌ جي جنون ۾ انتقام پسنديءَ جو انڌو جنون ڪُجهه به ڪرائڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي. پوءِ به هي ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن مُتوجه ڪرڻ جو ساهس رکي ٿي. مجموعي طور تي محمد صديق منگيي جي ڪهاڻين جو هي مجموعو“مِٽيءَ جو عشق” اڄ جي تخليقي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾هڪ خوبصورت حوالو آهي. جنهن جي جوڙ جا فني ڪمال اڄ جي ڪهاڻيءَ لاءِ هڪ مثال طور پيش ڪري سگھجن ٿا.

25/2/2014

آخري جُملو

ڪهاڻي، شارٽ اسٽوري، طويل ڪهاڻي، ناوليٽ ۽ ناول، افسانوي ادب جون اهڙيون ته شاندار صِنفون آهن جن ۾ هر ليکڪ پنهنجي پنهنجي انداز جا رنگ ۽ روپ تخليق ڪندو رهيو آهي. پر پوءِ به اندر ۾ موجود اُڻ تُڻ جي اَنت يا حل تائين کيس رسائي مُمڪن نه ٿي سگھي آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا ۾ هر ٻوليءَ جي ادب ۾ بي شُمار ڪهاڻيون ۽ ناول تخليق ڪيا ويا آهن. نوان نوان تجربا ڪيا ويا آهن پر آرٽ جو دائرو ايترو ته وسيع ۽ لا محدود آهي جو اُهي مُختلف داخلي توڙي خارجي اظهار، هڪ نُقطي ۾ سمائجي، تخليقڪار جي روح ۾ هڪ غير مُطئمينيءَ جو احساس ڇڏي وڃن ٿا. ۽ پوءِ اُتان کان ئي هڪ لاحاصل جُستجوءَ جو سفر، روح جي رِڻ ۾ ڪنهن ٿوهر جيان ڦُٽي پوي ٿو. تڏهن آرٽ جي اِرتقا جون منزلون طيءِ ڪرڻ جي جُنون ۾ ليکڪ وقت ۽ حالتن جي نهائينءَ ۾ پيو پَچندو آهي. ۽ ڪُندن ٿيڻ جي عمل مان مُختلف ڪيفيتن ۾ ويندو آهي سَراپا اِسرار بڻبو. اهڙو اِسرار، جنهن جي جلا هڪ تخليقڪار کي درد جو معراج ماڻائي ڇڏيندي آهي. جنهن جي ادراڪ جا دَرَ زندگي ڀر جي ڀرپور رياضت تي ئي کُلڻ جا امڪان رکندا آهن. سنڌي ادب ۾ ناول جي ٻاڙائيءَ واري صورتحال ته گھڻي عرصي کان پنهنجي شدت سان محسوس ٿي رهي آهي. پر ائين چوڻ ته سنڌي ادب ۾ ناول يا ڪهاڻيءَ جو صفا ڪو ڏُڪار پئجي ويو آهي ته اِها سنڌي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس سان وڏي زيادتي چئبي. اُن ڪري نه لکجڻ کان، تمام گھٽ لکجندڙ ناول کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته اُهي ايڪڙ يا ٻيڪڙ لکجندڙ ناول، پاڻ ۾ ناول واريون فني ضرورتون پوريون به ڪن ٿا يا نه. يا اُهي ڪيترا تخليقي ۽ پاڻ ۾ مُڪمل ناول آهن. اِن بحث جي ڊيگهه ۾ وڃڻ کان بهتر ٿيندو ته مان تازو ڇپجي آيل نوجوان ليکڪ نُور جوڻيجي، جي ناول“مُهذب وحشي”جو ڪيل مُطالعو اوهان سان ونڊ ڪريان. “مُهذب وحشي”دراصل اُهو وحشي آهي، جنهن تهذيب ۽ تمندن جون اِرتقائي منزلون طيءِ ڪري ، اڄ جي جديد ٽيڪنالوجيءَ واري حيرت انگيز دنيا کي تخليق ڪيو آهي. پر جيئن ته ايتري عرصي ۽ وجودي توڙي روحاني سفر جي باوجود به هُو پنهنجي ظاهري مُهذب پڻي جي باطن ۾ لِڪل، اُن ابتدائي وحشي کي تبديل نه ڪري سگھيو آهي. هي اُهو “مُهذب وحشي”آهي جيڪو نُور جوڻيجي، جي به اندر مان، هِن ناول جي آئيني ۾ پنهنجا عڪس پسائي رهيو آهي. هي ناول پنهنجي جوهر ۾ ريزا، ريزا، وکريل هڪ اهڙو مظهر آهي، جنهن جو اندر، اُجرڻ کان اڳي ئي ميرانجھڙو رهجي ويل آهي. اردوءَ جي نامياري شاعر ساحر لُڌيانوي جو هڪ شعر، جيڪو هُن جي ڪُليات جي پهرين پني تي درج ٿيل آهي ته،
دنیا نے تجربات و حواد ث کی شکل میں،
جو کچھ مجھے دیا ہے وہ لوٹا رہا ہوں میں۔
۽ نور جوڻيجي به پنهنجي هِن ناول“مُهذب وحشي” ذريعي دنيا کان مليل تجربا۽ حادثا اسان کي پنهنجي طريقي سان واپس موٽائي ڏنا آهن. اِن ۾ نُور جوڻيجي جو ڪو به ڏوھ ناهي ته هُو پنهنجي فطرت ۾ ايترو مُبهم ۽ اَڻ چِٽو ڇو آهي. اُن ڪارڻ جو جو ڪو ضرور ڀرپور پس منظر هوندو. پر هِن ناول“مُهذب وحشي”جو ڪئنواس، ڪنهن فقير جي ليڙون، ليڙون لباس يا چتيون، چتيون گودڙيءَ جو احساس اُڀاري ٿو. ڇو ته هي ناول به در حقيقت اردوءَ جي هڪ ٻئي شاعر جي بقول هڪ حادثو ئي آهي ته،
وقت کرتا ہے پرورش برسوں،
حادثا ایک دم نہیں ہوتا۔
ته اِن ناول “مُهذب وحشي” جنم وٺڻ لاءِ کوڙ عرصي کان وٺي نُور جي روح ۾ پرورش پئي پاتي آهي. ۽ هاڻ جڏهن اُهو اُڀامي اُٻڙڪو ڏئي لفظن جو روپ وٺي “مُهذب وحشي”جو چهرو ماڻي ظاهر ٿيو آهي ته هڪ ابهام سان تار ناول جنم ورتو آهي. هُون به هر ماڻهو پنهنجي روح جي ريھ کي ڪنهن نه ڪنهن انداز سان اظهارڻ چاهيندو آهي. اُن ڪري هُو مُختلف زاوين ۽ ذائقن کي پنهنجي روح ۾ پيو محسوس ڪندو آهي. هي ناول، ڀٽڪي ويل زندگيءَ جي ڀٽڪنا جي درد، سماج جي روايتي سانچي ۾ پاڻ کي نه ڍالي سگھڻ، رشتن، ناتن ۽ دوستن جي مُنافقين جي اذيتن، حاصلات ۽ لا حاصلات جي انگاس تي ٽنگيو رهڻ، سياست، سماج، پيار ۽ مُحبت جي پيچرن تي رُلندڙ، بيقرار روح جي دُنڌلائجي ويل ۽ نفسياتي هيجان جي وَر چڙهي ويل زندگيءَ جي ٽُڪرا، ٽُڪرا تصوير آهي. جنهن جي هر ٽُڪري کي جوڙڻ جي ڪوشش، نُور جوڻيجي کي “مُهذب وحشي” ۾ ڍالي ڇڏيو آهي.
هي ناول نفسياتي ۽ فلسفيانا اثر جي ڪري پڙهندڙ جي ذهن کي ڪچي سُٽ جيئن مُنجھائي ماري ٿو. ڇاڪاڻ جو هي ناول ليکڪ جي ذات جو اولڙو هُئڻ ڪري تخليقي انداز۾ کُلڻ بجاءِ وڃي ٿوسُڪڙجندو. هڪ ڪامياب ۽ ڀرپور ناول جي خوبي اِها هوندي آهي ته اُهو هڪ نُقطي کان شروع ٿي نيري آڪاس جي وسعتن جيئن ڦهلجي پڙهندڙ کي پنهنجي آغوش ۾ ايئن سمائي ڇڏيندو آهي، جيئن ڪو پکي، پنهنجن ٻچن کي پنهنجن پرن ۾ پناھ ڏيندو آهي. “مُهذب وحشي” جو اِنتساب آهي ته“اُنهن لاءِ جيڪي پنهنجي ذهني خلائن ۾ گُم ٿي ويا. ”اهڙي ارپنا واري نفسياتي يا فلسفيانا سوچ پڙهندڙ کي آخر ڪهڙو پيغام ڏئي ٿي. ؟ جنهن به لکڻيءَ ۾ ليکڪ خود اچي سامهون بيهي رهي ته پوءِ اُها لکڻي، اُن ليکڪ جي ذات جي عڪس جو احساس ڏياريندي رهندي ۽ اهڙي صورتحال ۾ اُها لکڻي، روح ۾ لهي وڃڻ بجاءِ صرف ذهني مونجھارن کي ئي جنمي وجھندي. بقول عبدالقادر جوڻيجي، جي ته“هن ناول ۾ نُور ٻين جي واٽ تي هلڻ بدران پنهنجي واٽ ٺاهي آهي. هن ناول ۾ هُو ٻين جو پاڇو بڻجڻ جي بدران پنهنجو پاڇو پاڻ بڻيو آهي. ”اِن راءِ تحت ته نُور جوڻيجي کي پنهنجو به پاڇو نه بڻجڻو هو. هُن کي ته هڪ ناول نگار جي حيثيت سان پنهنجي اندر جي تخليقڪار کي جاڳائڻو هو. جيڪو هِن ناول ۾ هڪ نئين تخليق کي جنمي ها. پر ليکڪ شايد پنهنجي اندر جي تخليقڪار کي مصنوعي اثرن هيٺ دٻائي، پنهنجي ذات جي زنجير ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. مهاڳ ۾ نُور جوڻيجو لکي ٿو ته“تخليقڪار ڪردارن سان کيڏندا آهن. پر منهنجو تخليقڪار منهنجو ڪردار آهي. ”مان سمجھان ٿو ته تخليقڪار ته ڪردارن کي تخليق ڪندا آهن. نه ڪي اُنهن سان کيڏندا آهن. اگر جي تخليقڪار ڪردارن سان کيڏندو ته پوءِ اُهو عمل غير تخليقي ڪردارن کي جوڙي، تخليق سان نا انصافي ڪري وجھندو. ۽ پوءِ هڪ “مُهذب وحشي” بدران هڪ “غير مُهذب وحشي”پيدا ٿي پوندو. جنهن جي هن دنيا ۾هاڻ ڪابه کوٽ نه رهي آهي. هِن ناول جا حصا، “تنها بگھڙ”، “ڇُڙواڳ ايلسا”، “احساسن کان وساڻل گُفتا”، “هيناو هيٺ. . . . . . مُحبت” ۽ سامني جا مُونجهارا”آهن. ناول “مُهذب وحشي”جي شروعات، ناول جي پهرين حصي“تنها بگھڙ”ذريعي ٻِن اِي ميلز جي وصوليءَ سان ٿئي ٿي. رنگ برنگي اُونداهي ۽ اولهه جي نت سُريلي آواز عابده پروين جي راڳ جي سرمستين سان، هڪ وڏي ڪمري ۾، وکريل ڪتابن، ميگزينن، سگريٽن جي خالي پاڪيٽن، چانهه جي ڀريل پر ٺري ويل ڪوپن، مُختلف ذائقا ۽ موضوع، ڪمري جو عڪس، ڪبير جي شخصيت جو گھڻو تعارف ڏيندڙ، ديوار تي ٽنگيل تصويرون، غالب جي تصوير ۽ سندس دور جو مُختصر حوالو، غالب جو هڪ غزل، ڪبيرکي پاڻ ڏانهن مُتوجه ڪندي، ماضيءَ جي يادن ۾ مَحو ڪري ڇڏي ٿو، ته صفحي سترهين تي ڇپيل ڪارن اکرن مان، يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ ۾ ويٺل سُندر اکين واري سُندر عورت“هِرا” پنهنجي چهري تي اخلاق ۽ وڏائيءَ جي ڇاپ نه لڪائيندي، ڪُجھ پڙهندي، اُڀري اچي ٿي. ۽ اُن ساڳي ئي بس ۾ساڄي پاسي جي ڪُنڊ ۾ ٽُٽل درين منجھان ايندڙ ٿڌي هوا ۾ سگريٽ جا ڪش هڻڻ ۾ مشغول “تنها بگھڙ” ڪبير. جيڪو سدائين پنهنجي ماحول جي چوگرد جي ماڻهن جي اک ۾ رهندي، پنهنجي ذهني مُونجھارن ۽ نفسياتي پيڙائن مان هڪ دنيا ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته هُو“هِرا”جي محبت ۾ قيد ٿيڻ ۽ پنهنجي ماءُ جي حادثي ۾ مري وڃڻ واري ساڳي ئي وقت ٽياس تي ٽنگجندي محبت کي وڃائي ڇڏي ٿو. بقول ليکڪ جي ته، “اُهي جيڪي پنهنجن مُحبتن اڳيان، پنهنجي حالت بيان ڪرڻ جي وقت نه هُئڻ ڪري، هڪ حرف به ڪُڇي ناهن سگھندا، اُنهن لاءِ يقينن تصويرون ڳالهائينديون ۽ ديوارون ٻُڌنديون آهن. . . . . ” ايئن ڪبير جي ڪمري جي دروازي کڙڪڻ کان پوءِ بيري ۽ ڪبير جي گُفتگو يا پوءِ بيري ۽ بورچيءَ جي ڳالهه ٻولهه سندن ذهني سطع سان اڻ ٺهڪندڙ ڀاسي ٿي. يا ديوار جي ڪُنڊ تي اُڪريل مُختلف فلاسافرن جون چوڻيون خوفناڪ لکت ۾ چٽيل. اهڙي خوفناڪ لکت گھٽ مان گھٽ منهنجي اڳيان ڪَر موڙي سواليه بڻجي وڃي ٿي. اهڙيون سواليه نيشانيون هِن ناول جي ڪئنواس تي گھڻي تعداد ۾نروار ٿي اچن ٿيون. جن جي ڪري پڙهندڙ ذهني مُونجھارن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ايئن “مُهذب وحشي” جو پهريون حصو“تنها بگھڙ”شعوري، لاشعوري طور تي رنگينيت، عقيديت، تهذيب، معاشري، مذهب، چڱائي، بُرائي ۽ ڪُجھ ٻين موضوعن تي مٿاڇرين ڳالهين سان پُڄاڻيءَ تي پهچي ٿو ته “مُهذب وحشي”جو ٻيو حصو“ڇُڙواڳ ايلسا”شروع ٿئي ٿو. ته اُن حصي مان کنيل هڪ ٽُڪري مان هڪ جُملو منهنجي آجيان هِن ريت ڪري ٿو. “زندگي جي اسٽيج تي ڊرامو پيش ڪندڙ ۽ اسٽيڊيم ۾ ويهي لُطف وٺندڙ وچ ۾ مُفاصلو هوندو آهي. ”ته منهنجي من ۾ هڪ خواهش ڪَر موڙي جاڳي پوي ٿي ته، ڪاش مان به ڪڏهن زندگيءَ جي اسٽيج تي پيش ٿيندڙ ڊرامو ڪنهن ٿيئٽر بجاءِ اسٽيڊيم ۾ ڏسي سگھان. ۽ ٿيئٽر ۾ وري ڪا راند. “ڇُڙواڳ ايلسا”۾اُن عورت جو نالو، جيڪا اڳتي نڪتل سائي وڻ جي پاڙ ۾ ويٺل آهي، ايلسا آهي. . . . . ”۽ پوءِ صرف هڪ تصوير ۾ موجود ماحول جي عڪاسي ڪُجھ اِن طرح ٿيل آهي ڄڻ اُها ڪنهن حقيقت جي. دراصل اُتي ليکڪ کي تصوير ۽ حقيقت ۾ رکيل فرق ڪُجھ اهڙيءَ نموني سان پيش ڪرڻ گھربو هو جوتصويري ماحول، تصويريءَ ئي لڳي ها نه ڪي حقيقي. بهرحال هن حصي مان ماضي ۽ حال جي مُونجھارن سان گڏ مونث ۽ مُذڪرجي فرق سميت، جُملن ۽ لفظن جي صحيح معنيٰ ۾ استعمال نه ڪري سگھڻ وارو جھول اُڀري اچي ٿو. تنهن کان سواءِناول ۾ پُروف ۽ صورتخطيءَ جون پڻ کوڙ ساريون چُڪون، مُطالعي واري مزي کي بي چسو ڪري وجھن ٿيون. هِن حصي ۾ ايلسا جي تعارف سان گڏ سندس اباڻي مُلڪ جرمنيءَ جو به ڪُجھ احوال قلمبند ڪيو ويو آهي. يا هِن حصي جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي مُطالعي مان ليکڪ هي سِٽون لکي ٿوته، “سنڌ جي عظيم ليکڪن جون خودڪشيءَ بابت چوڻيون ڏسي(نوٽ پڙهڻ يا ٻُڌندڙ بجاءِ)سگھنديئن!ته ڪيتري جارحانه انداز ۾ هُنن خودڪشي ڪرڻ جو سوچي رکيو آهي. ”الائي اُهي ڪهڙا عظيم ليکڪ آهن جن اهڙي جارحانه انداز سان زندگيءَ بجاءِ خودڪشيءَ کي پنهنجين لکڻين ۾ بيان ڪيو آهي يا خود، خودڪشيءَ لاءِ سوچيو آهي. حقيقت هي آهي ته هي ناول مٿين حصن کان اعلاوه ٻين حصن ۾ به گھڻا ئي جھول رکي ٿو. جنهن جي تفصيل ۾ وڃڻ لاءِ منهنجي هِن تحرير جو ڪيئنواس تمام وسيع هُئڻ گھُربو هو پر جيئن ته هِن ڪُجھ پنن جي مُختصر ڦهلاءُ تي منهنجي هي لکڻي اُن کان تمام گھڻي قاصر آهي. اُن ڪري هِن ناول سان منسوب باقي ڪُجهه مُختصر ڳالهيون ڪري مان هن تحرير کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪندس. “احساسن کان وساڻل گُفتا ۾”ڪبير ۽ ايلسا جي وچ ۾ نيٽ رستي ٿيل گُفتگو ۽ مُختلف مسئلن تي بحث به ڌيان طلب آهي. مثلن تصوف، مذهب، فلسفو، نِٽشي، عام شين جو مظهر، ڪبير داس، لطيف، گليلو، عيسيٰ مسيح، سُقراط، ليوٿر، مُسلم، يهودي، عيسائي، مُحمد، گوتم، برٽالٽ بريخت، راما ڪرشن، پيبلو، پڪاسو، مائيڪل اينجلو، تخريبي ۽ انقلابي، هم وجوديت، چي گويرا، يورپ وغيره اهڙا ته لفظ آهن جيڪي هنن ڪردارن جي ڳالهين جو محوَر بڻيل آهن. يا هڪ هنڌ ليکڪ لکي ٿو ته، “اهي وبائون، جنهن کي اسان“قدر”چئون ٿا مون کي جڪڙي چُڪا هئا. ”اِن جملي ۾ قدرن کي وبائن سان ڀيٽڻ گھٽ ۾ گھٽ منهنجي سمجھ کان مٿي آهي. يا اِن ئي حصي ۾ هڪ ڏنل تشبيهه تي به سوچيندا هلون ته، “ماضي پُلصراط جي وڻ جيان ڦهليل هوندو آهي. ”“هيناو هيٺ. . . . . مُحبت”يا ناول جا ٻيا حصا نيٽ وسيلي ايلسا ۽ ڪبير جي گفُتگوءَ تي مُبني آهن. هن ناول“مُهذب وحشي” جو مُطالعو ڪندي الائي ڇو منهنجو ذهن گھڻو وقت اڳ پڙهيل هند ۽ سنڌ جي نامياري نثر نويس هولا رام هنس جي مشهور ڪتاب“ٽي عظيم شاعر” هليو وڃي ٿو. جنهن ۾ هولا رام هنس“ميري”نالي هڪ ڪردار کي تخليق ڪري، اُن کان شيڪسپيئر جي شاعري مُتعلق ڳالهرائي ٿو ته ڀٽائي ۽ ڪاليداس جي شاعريءَ تي وري پاڻ گُفتگو ڪري ٿو. ائين اِنهن ٽنهي عظيم شاعرن جي، عظيم شاعريءَ جي فن ۽ فڪرجو انتهائي خوبصورت ۽ دل آويز انداز سان جائزو پيش ڪري ٿو. ته هولا رام هنس جي سحر نُما شاندار نثر جي رنگينيءَ سان دل باغ بهار ٿي پوي ٿي. ۽ واھ واھ جا لفظ، پکين جيان زبان جي ٽاريءَ تان ڀڙڪو ڏئي اُڏامڻ لڳن ٿا. “هيناو هيٺ. . . . محبت”۾هڪ هنڌ ڪبير، پنهنجي وڃايل پهرين پيار مُتعلق سوچيندي چوي ٿو ته، “هُن جي پوتي پهرڻ جو انداز ڪيڏو نه موهيندڙ آهي. بلڪل ايئن، جيئن منهنجي ماءُ کي وفات وقت چهري جي چوطرف پوتي پهريل هُئي. ”۽ جڏهن محبوبا ۾ ماءُ ۽ ماءُ ۾ محبوبا نظر اچي وڃي ته اُها مُحبت، عظيم مُحبتن جا ڪروڙين معراج ماڻي وٺندي آهي. ۽ ڪبير جي اهڙي معصوم ۽ پوتر مُحبت تي مون کي بي ساخته پيار اچي وڃي ٿو. هِن ئي حصي ۾ ايلسا ۽ ڪبير جي گُفتگو، ملڻ جي معراج تي وڃي رسي ٿي ته ڪبيرايلسا سان نه ملڻ واري سوچ ۾ ٻُڏندو ۽ ترندو رهي ٿو. ايلسا جي اسرار تي ڪبير جو راضي ٿيڻ ۽ وري ڪراچي ۾ نه ملڻ بدران انڊيا ۾ ملڻ وارو خيال مون کي ڪجھ حيرت ۾ وجھندي عجيب ٿو محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. يا هتي جي حالتن کان ڊڄندي ڪبير ، عجيب ڪيفيتن جي ور چڙهي، عجيب خوف جوشڪار ٿيندو رهي ٿو. اهڙيءَ ريت انٽر نيٽ جي رفتار کان ڪبير ۽ ايلسا جي محبت جي رفتار وڌندي ٿي وڃي. جيڪا نيٺ هِن ناول جي آخري حصي “سامني جا مُونجھارا”۾“ايلسا ۽ ڪبير هر ممڪنات جيئن جديد وائرليس ۽ آن لائن ٽيڪنالاجيز جو استعمال ڪندي، هڪٻئي جي ايترو ته ويجھو اچي وڃن ٿا جو هڪ ڏينهن جرمني ڄائي ايلسا، ڪبير سا ملڻ لاءِ آتي ڪراچيءَ جي انٽر نيشنل ايئرپورٽ تي اچي پهچي ٿي. ۽ مُختصر گُفتگو جي عرصي ۾ ٻئي هڪ ٻئي جي روبرو ٿي وري حيرت زده حالت ۾ ايلسا جرمنيءَ جي فلائيٽ ۾ واپس وڃڻ کان پهرين، ڪبير کي هي آخري جُملو چئي وڃي ٿي ته“ڪبير!کُليل درين کان پري رهجانءِ. ”

15/11/2014

خودڪشيءَ جي نوٽ تي دستخط

عالمي ادب ۾ فڪشن جيڪو ترجمن جي صورت ۾ مختلف ٻولين ذريعي چونڊجي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين پُهتو آهي يا پُهچي ٿو اُهو پنهنجي جوهر ۾ گهڻ پاسائون، فڪري، فني توڙي تخليقي اعتبار کان اعليٰ ۽ اُتم آهي. جنهن جي سرجڻ سان ادب جي دنيا ۾ تخليق ۽ آرٽ جا حسين شاهڪار جُڙيا آهن.
سارتر، ڪافڪا، ڪاميو، گورڪي، ٽالسٽاءِ، هيمنگوي، گارشيا مارڪيز، چارلس ڊڪنز، ايوان ترگنيف، آسڪر وائلڊ، لرمنتوف، موپسان، وڪٽر هيوگو، بورخيس، اوهينري، چيخوف، هرمن هيس، ارنستو سباتو، ميلان ڪنڊيرا، پائلو ڪولهو، نجيب محفوظ، اَرون ڌَتي راءِ ۽ ٻيا ڪجهه ليکڪ پنهنجين ناولن ۽ ڪهاڻين ذريعي پڙهندڙن جي دلين ۽ دماغن کي سيراب ڪندا رهيا آهن. اهڙن ليکڪن ۾ فڪشن جو هڪ اهم نانءُالبرٽ ڪاميو پڻ فڪشن جي دنيا ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو.
”البرٽ ڪاميو فرانسيسي ادب ۾ موجوديت ۽ نامعقوليت جي نظرياتي تشريح ۾ هڪ اهم نالو آهي. جنهن انساني فطرت جون ڪيتريون ئي ڳُجهيون ڪيفيتون وڏي مهارت سان ظاهر ڪيون آهي. “هُن جا دلچسپ موضوع، اخلاقيات، انسانيت، انصاف، سياست ۽خودڪشي رهيا آهن. جن جو اثر سندس لکڻين تي پڻ ملي ٿو.
البرٽ ڪاميو جو ناول”خوشگوار موت“ جيڪو اَبابيل سٿ جي دوستن احمد شاڪر ۽ رحمت سومري جي گڏيل ادبي پورهيي”ابابيل“4 جي روپ ۾ شاعر دوست عرفان لُنڊ جي سنڌي ترجمي سان پڙهڻ لاءِ مليو آهي. هونءَ ته هِن جڳ مشهور ويڳاڻپ ۽ وجوديت جي ليکڪ جا اڳ به ٽي ناول”زوال“، ”پليگ“ ۽ ”ڌاريو“ پڙهي چُڪو آهيان۔جن جو تخليقي، فني۽ فلسفياڻو اثر ذهن تي اڄ به موجود آهي۔
”البرٽ ڪاميو(البرٽ ڪيمس) الجيريا جي منڊووي شهر ۾ 7 نومبر1913ع تي پنهنجي پيءُ لوسين جي گهر ۾ جنم ورتو۔جيڪو هڪ هاري هُئڻ سان گڏ فرينچ نَسُل مان هو۔ڪاميو جا وڏڙا 1879ع واري فرانس جي هار پُڄاڻان، لَڏي اچي الجيريا ۾ رهڻ لڳا هئا. ڪاميو جي امڙ ڪئٿرائين سنتيس اسپيني نسل مان هئي. ڪاميو ميٽرو پوليٽن فرانس ۾ پُهچي اخبار نويسيءَ جو ڌنڌو اپنائڻ کان اڳ، پنهنجو ٻاروتڻ اُتر آفريڪا ۾ گُذاريو هو. جتي ڪاميو فوٽ بال راند کيڏڻ ۽ تَرڻ جي شوق سان گڏوگڏ کوڙ ساريون نوڪريون پڻ ڪيون.
هُن1934ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. پر پوءِ جڏهن 1940ع ۾ جرمنيءَ، فرانس تي قابض ٿيو ته ڪاميو ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ڇڏي1941ع ۾ مَزاحمتي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو ۽ 1944ع ۾ مُخفي اخبار ”ڪومبيٽ“، (مقابلو ڪرڻ يا وڙھڻ)جو ايڊيٽر ٿيو. جنگ شروع ٿيڻ کان پَهرين 1939ع ۾ هڪ ناٽڪ”ڪيلي گولا“ ۽ جنگ هلندي ٻَه ٻيا ڪتابَ جنهن ۾ هڪ ناول”اسٽرينجر“يا”آئوٽ سائيڊر“، (ڌاريو يااجنبي) ۽ 1942ع ۾”لي مِٿ ڊي سسيفز“(دي مِٿ آف سسيفز)”نظرياتي مضمون“لکيائين. جن جي ڪري ڪاميو کي وڏي مَڃتا ملي. 1954ع ڌاري جڏهن الجيريا ۾ ويڙھ شروع ٿي ته ڪاميو ڪنهن به ڌُر جي حمايت ۾ ڪو به بيان نه ڏنو. پر 1956ع ۾ ويڙھ کي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪيائين، جيڪا 1958ع۾”الجيرين-ڪرونائيگيس- الجرينيس“(الجيرين ڪرونائيڪلس)۾ ورجايائين.
”ڪاميو يورپي-الجيريائي هُئڻ جي حيثيت سان، جنهن جي ماءُ ۽ ڀاءُ اڃان الجيريا ۾ رهيل هئا، فرانس جي کاٻي ڌُر جي انهن ميمبرن جي حمايت نه ڪئي، جن عرب باغين جي مُڪمل طور تي حمايت ٿي ڪئي. پر کاٻي ڌُر جي حمايتي هئڻ جي ڪري، جيئن1930ع ۽ وري 1945ع دوران الجيريائي عربن جي مُخالفت ۾ فرينچ رويي جي خلاف احتجاج ڪيو هئائين، تيئن الجيريائي فرانس جي انتها پسند حمايتن جي حمايت ڪرڻ کان پاسو ڪيائين. پَڇاڙيءَ ۾ صحافت ۽ سياست کان پاسيرو ٿي، ڪاميو پنهنجو سمورو وقت ڪتابن لکڻ ۾ گذارڻ لڳو، ”دَي پليگ“(لا پيسٽ)(طاعون-1947ع)(اسٽيج آف سِيج)”لي اسٽاٽ ڊي سِيج“(آقا جي درٻار-ناٽڪ 1949ع)، ”ليس جسٽيس“(مُناسب)، ”دي ربيل“، ”لي هوميرِوولٽ“، (بغاوت) سياسي فلسفو:1952ع)، (دي فال)”لا چيُوٽ“، (زوال) ناول 1956ع“، 1957ع ۾ ڪهاڻيون (ايگزائيل اينڊ ڪنگڊم)”لي ايگزائل ايٽ لي روئيوم“(جلاوطني ۽ بادشاهي)، (ريزسٽنس، ربيلن اينڊ ڊيٿ)، (رُڪاوٽ، بغاوت ۽ موت)نظرياتي مضمون، ”42-1935ع(ڪارنيٽس) (نظرياتي مضمون)، جيڪي دوستو وسڪيءَ جي ناول تان کنيل(پزيزڊ) ”قبضي ۾ يا قابض“(ناٽڪ:1959ع)۽ ٻين ڪيترن ئي تحريرن جي ڪري ڪاميو کي ايڏي وڏي مَڃتا حاصل ٿي.
ڪاميو پنهنجي لکڻين ۾”ايبسرڊٽي اينڊ ايگزسٽينشلزم“(تِڇ پِڻو ۽ وجوديت) جي نظريئي کي پيش ڪرڻ جي ڪري اهميت حاصل ڪئي. جنهن ۾ هُو اڄوڪي انسان جي اندر جي پيڙا ۽ ذهني ڇڪتاڻ کي سليندو نظر اچي ٿو. ڪاميو کي ادبي مهانتا جي مڃتا طور 1957ع ۾ ادب جي نوبل انعام سان نوازيو ويو. اُهو انعام فرانس ۾ جن به حاصل ڪيو آهي ڪاميو، اُنهن سڀني کان عمر ۾ ننڍو هو. 1930ع کان ڪاميو سِلهه جي بيماريءَ ۾ ورتل هو ۽ مَٿس مختلف وقتن تي اُن جو حملو ٿيندو رهيس. پر نيٺ ڪاميو 4 جنوري 1960ع تي ڪار جي هڪ حادثي ۾ گُذاري ويو. سندس وفات کان پوءِ 1970ع ۾ ڪاميو جو هڪ ناول”دي هيپي ڊيٿ“(خوشگوار موت)شايع ٿيو جيڪو هُن، مَرڻ کان اڳ ۾ ئي مُڪمل ڪري ورتو هو. “، اُن ناول جو سنڌي ۾ ترجمو عرفان لُنڊ ڪيو آهي۔
”دي پليگ/طاعون“ڪاميو جو اهم ترين ناول آهي. هي ناول فلاسافيڪل انداز ۾ علامت نگاريءَ جو هڪ اعليٰ مثال آهي. جنهن فڪشن جي ليکڪ جي حيثيت سان ڪاميو کي شهرت جي بُلندين تي پهچائي ڇڏيو. ناول جي وسيع تَر دنيا اُن جا ڪيئي ڪردار، طاعون جي انڌا ڌُنڌ موت ڦھلائيندڙ بيماري جو هانءُ ڏهڪائي ڇڏيندڙ خوف، ڊاڪٽر، نرسون ۽ مرندڙ ماڻهن جي وچ ۾ هوندي به هڪ اُميد ۽ حوصلي سان ناول جو اهم ڪردار جيڪو ايمبولنس هلائي ٿو، ۽ مريضن کي اسپتال ڀيڙو ڪري ٿو. سو ڀرپور نموني سان اُن سڄي صورتحال ۾ مُتحرڪ رهي ٿو. ڪاميو ٻين عالمي جنگ ۽ طاعون کي علامت نگاريءَ جي اعليٰ اسلوب ۾ تخليق ڪري هڪ ادبي شاهڪار تخليق ڪيو آهي۔جنهن ناول مان ڪيترائي سوال ڪَرَ موڙي جاڳي پَون ٿا. ڪاميو جي هڪ ليکڪ هئڻ جي ناتي اِها وڏي خوبي آهي جو طاعون توڙي عالمي مهاڀاري لڙاين جي ڪري پيدا ٿيل خطرناڪ حالتن ۾ به ڀرپور سگهه ۽ اميد سان مُنهن مُقابل ٿيڻ جو جيڪو درس يا نظريو ڏئي ٿو اهو سندس تخليقي انداز کي آرٽسٽڪ عروج بخشي ٿو۔
”ڪاميو جي ناول”خوشگوار موت“جي پهرين باب ۾ ناول جو اهم ڪردار پيٽرس مرسان هڪ ٻي ڪردار منڊڙي زيگريولا ڏانهن ويندي ڏيکاريو وڃي ٿو.
اپريل جي خوشگوار صبح جو ڏور پهاڙي تي صنوبر جي وڻن مان سج جي روشني ٽُڪرن ۾ جِهلملائيندي رهي ٿي۔
بنگلي جي ڀر سان سَڙڪ تي هڪ خوبصورت ننڍڙو چوراهو، جنهن جي چوڌاري ڦلواڙيون، ويهڻ لاءِ ڪاٺ جون بينچون. رنگبرنگي ٽڙيل گل، کليل آسمان هيٺ هڪ خوشگوار منظر جوڙين ٿا. مرسان بنگلي ڀرسان پهچي ڪجهه پل بيهي، پنهنجن هٿن تي دستانا پائي ٻيڪڙيل دروازو کولي اندر داخل ٿي وڃي ٿو۔جيڪو در منڊڙو زيگريولا ڪڏهن به بند نه ڪندو آهي. زيگريولا بلڪل ساڳيءَ طرح آتش دان جي ويجهو ڪرسيءَ تي ويٺل آهي، جهڙيءَ طرح ٻه ڏينهن اڳ پيٽرس مرسان زيگريولا کي ڇڏي ويو هو۔مرسان جي دل تيز ڌڙڪڻ لڳي ٿي، کيس پنهنجون ٽنگون پڻ ڏڪندي محسوس ٿينس ٿيون، مرسان ميز جو خانو کولي ٿو، جنهن ۾ هڪ پستول، اَڇي لفافي مٿان پيل آهي، لفافي ۾ ڪاغذ جي پَني تي زيگريولا جي هٿ اکرن ۾ لکيل آهي، ”آئون رڳو اُنهن ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪري رهيو آهيان جن هيل تائين منهنجو خيال رکيو آهي، جيڪڏهن ڪجهه بچي وڃي ته مهرباني ڪري اُنهن ماڻهن لاءِ استعمال ڪيو وڃي جيڪي قيد ۾ آهن، پر مون کي لڳي ٿو ته آئون ڪجهه وڌيڪ ئي اُميد ڪري ويٺو آهيان. “نيٺ پيٽرس مرسان پنهنجون اکيون بند ڪري هڪ وک پوئتي ٿي پستول جي لبلبي کي دٻائي ڇڏي ٿو. “
پهرين باب ۾ پيش آيل واقعو سڄي ناول ۾ هيرو جو سموري زندگي پاڇي وانگر پيڇو ڪري ٿو ۽ کيس نفسياتي طور تي منتشر ڪندو رهي ٿو.
”ٻين باب ۾ پيٽر مرسان خاموشيءَ سان بي حس ۽ حرڪت رت ڏسي رهيو آهي، مرسان جي آفيس جو هڪ ڪلارڪ ايمائنول هُن کي ٻانهن کان وٺي لوڏي ٿو ۽ تيز ايندڙ ٽرڪ کان کيس بچائيندي زوردار ڌڪو ڏئي ٿو. ٽرڪ جي رفتار گهٽجڻ سان هُو ٻئي ڄڻا ٽرڪ ۾ چڙهي پَون ٿا۔۽ پنهنجي مخصوص هنڌ تي پهچندي ئي لهي وڃن ٿا، هُو ڊي يارنهن روڊ تي هڪ ٻئي پٺيان هلندا رهن ٿا، پيٽرس مرسان، ايمائنول جي ڀيٽ ۾ ڊگهي قد ۽ ڀريل بت سان آهي. هُو گُهمندي گُهمندي پنهنجي پسند جي ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿين ٿا، جنهن جو مالڪ سليسٽي، وڏن مُڇن سان هڪ قدآور شخص آهي. جيڪو ايمائنول کي ”پوڙها ماڻهو“چئي مُخاطب ٿيندي چئي ٿو ته”صحيح معنيٰ ۾ ماڻهو ٿيڻ لاءِ پنجاھ سالن جو هُجڻ ضروري آهي. “
ايئن پيٽرس مرسان ريسٽورنٽ مان نڪري پنهنجي فليٽ تي اچي ٿو، هُو جنهن ڪمري ۾ اچي سُمهي ٿو اُهو ڪڏهن سندس ماءُ جو هوندو هو، ٽن ڪمرن واري فليٽ ۾ هُو هڪ ڪمري ۾ اڪليو رهي ٿو، جڏهن ته ٻَه ڪمرا هُن پنهنجي سُڃاڻ کي مسواڙ تي ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪو اسلحه ساز آهي ۽ پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهي ٿو، مرسان جي ماءُ جي وفات وقت، مرسان جي عمر لڳ ڀڳ سورنهن سال هئي، هُن جي ماءُ ڏاڍي خوبصورت هئي، ۽ زندگيءَ جو مَزو ماڻيندي جڏهن هوءَ چاليهن سالن جي ٿي ته هُن کي شگر جي بيماري ٿي پئي جنهن هن جي چهري جي تازگي ختم ڪري ڇڏي، پر هاڻي غربت ۽ اڪيلائي مرسان کي ڏنگڻ لڳا آهن، جڏهن هُو پنهنجي ماءُ بابت سوچيندو آهي ته هُن کي پاڻ تي رحم اچي ويندو آهي، هُو سُٺي ۽ شاندار زندگي گُذاري سگهيو پئي پر مرسان پنهنجي ننڍڙي فليٽ ۾ غربت هاڻي زندگيءَسان لاڳاپيل آهي. “
”باب ٽيئن ۾ هُو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجي اڪيلائي ۽ جذباتي چيڙاڪ طبيعت ۾ ٻُڏل رهي ٿو، هُو تڪڙ ۾ وارن کي ڦڻي ڏئي، جلدي ۾ هيٺ لهي هڪ ٽرام ۾ چڙهي ٿو، منجهند جو دفتر ۾ هُو هڪ وڏي ڪمري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جتي چوطرف ڀتين ۾ چار سئو کان وڌيڪ خانا ٺهيل آهن، جن ۾ جهازن جي آمد ۽ روانگي واري سامان وغيره جو حساب ڪتاب ۽ جهاز جي آمد ۽ رفت جا ضروري ڪاغذ رکيا وڃن ٿا، اُن ريڪارڊ واري دفتر ۾ هُن سان گڏ ٽي عورتون به ڪم ڪن ٿيون، هڪڙي وڻندڙ چهري واري، جنهن جي تازو ئي شادي ٿي آهي، ٻي اڃان ڪنواري آهي ۽ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهي ٿي ۽ ٽين پَڪي عمر ۽ مَضبوط خيالن واري مائي آهي، اڳتي هلي هڪ هنڌ هي ڏيک اُڀري ٿو ته جڏهن به مرسان، مارٿا جي هٿ ۾ هٿ ڏئي بازار ۾ گُهمي ٿو ته مارٿا جي چهري تي پوندڙ ۽جِهلملائيندڙ روشني هُن کي ڏاڍي حسين لڳي ٿي، مارٿا کان پهرين مرسان جڏهن به ڪنهن عورت سان گڏ وقت گُذاريو ۽ هُن کي خوش ڀانيو ته مرسان جي ذهن ۾ اها ڳالهه واضع ٿي وئي ته”محبت ۽ جسماني ميلاپ جو اظهار گڏ ٿيڻ گُهرجي“، پر مارٿا سان هُن جي مُلاقات اُن وقت ٿي جڏهن هُوءَ هر شيءِ مان ايستائين جو هُو پنهنجو پاڻ مان به بيزار ٿي چُڪو هو، آزادي ۽ خود مُختياري جي خواهش اُن شخص ۾ پيدا ٿيندي آهي جيڪو پنهنجي زندگيءَ مان پُراُميد هوندو آهي، آخر ڪار مرسان، مارٿا کان سندس چاهيندڙن مُتعلق پُڇي ٿو، ۽ مارٿا پنهنجن چاهيندڙن جو انگ ڏھ ٻُڌائي ٿي، هُو سگريٽ دُکائيندي مارٿا کان پُڇي ٿو ته ڇا مان اُنهن کي سُڃاڻان ٿو؟۽ مارٿا وراڻي ٿي ته ڪِن کي تون سُڃاڻين ٿو جيڪي هِتان ويجهو ئي رهندڙ آهن، مرسان، مارٿا کان واعدو ٿو وٺي ته تون اُنهن سڀنيءَ جا نالا مون کي ٻُڌائيندينءَ ۽ جيڪڏهن اُهي ڪٿي رستي ۾ ملي به وڃن ته اُهي مون کي ڏيکاريندينءَ، جن کي مان نالي سان نه سڃاڻيندو آهيان، هوءَ سمجهي رهي هئي ۽ تعجب جي ڳالهه هئي ته هُن، اُنهن جا نالا به ٻُڌايا، ۽ اُنهن نالن ۾ رڳو هڪڙو نالو هو جنهن کي مرسان نه سُڃاڻيندو هو، هُن جيڪو آخري نالو ورتو مرسان اُن کي سُڃاڻيندو هو ۽ اُن بابت هُن پهريان ئي سوچي رکيو هو، ڇاڪاڻ ته اُن ۾ مرداڻي ڇِڪ هئي، ۽ عشاق عورتون هُن تي مرنديون هيون، مرسان سوچي ٿو ته شايد جذبات جي مدهوشي ۾ پاڻ کي ڪنهن جي حوالي ڪري ڇڏڻ ئي محبت جي جذبي جو صحيح اظهار آهي. ايئن مرسان ۽ مارٿا جون اُن موضوع تي کوڙ ڳالهيون ٿين ٿيون۔۽ مُختلف ڪيفيتون ۽ خيال پڻ اُن گفتگوءَ ۾ سلهاڙجي وڃن ٿا. هُو مارٿا ڏانهن واپس اچي ٿو ۽ هُن جي ڪَن جي گرم پاپڙين کي پنهنجي آڱرين سان مَھٽيندي چوي ٿو، ”۽ اهو زيگريو ڪير آهي“، اُهو ڪير آهي، رڳو اُن کي مان نٿو سُڃاڻان، هان اُهو، مارٿا شرارتي ٽهڪ ڏيندي چوي ٿي، مان ته هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن اُن سان ملندي آهيان، هُو منهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ماڻهو هُيو، تون سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، مان اُن وقت نابالغ هُيس ۽ هُو عمر ۾ مون کان وڏو هو، هاڻي هُو مَعذور آهي، هُن جون ٻئي ٽنگون وڍجي ويون آهن، اڪيلو ئي رهندو آهي، هُو سُٺو پڙهيل لکيل شخص آهي، مون کي ڪڏهن ڪڏهن اُن جي خدمت چاڪري ڪرڻي پوندي آهي، هاڻي سڄو ڏينهن هُو رڳو پڙهندو رهندو آهي، تڏهن هُو به کل ڀوڳ ڪندڙ شاگرد هو، پوءِ وري جڏهن مارٿا، مرسان سان ملي ته هُن زيگريو بابت ڳالهايو ۽ مرسان کي چوڻ لڳي ته، مون تو بابت زيگريو کي ٻُڌايو هو، مون کيس ٻڌايو ته منهنجو محبوب مرسان وڏي مرداڻي سُونهن جو مالڪ آهي، زيگريو توسان ملڻ چاهي ٿو، خبر ناهي ڇو؟هن چيو پئي ته، سُٺن ماڻهن سان ملي مون کي خوشي ٿيندي آهي، زيگريو زور زور سان کلندي ڳالهائيندو آهي ۽ پوءِ اوچتو خاموش ٿي ويندو آهي، هُن جو وڏو ڪمرو جنهن ۾ چوطرف ڪتاب ئي رکيل آهن، آتش دان مٿان رکيل گوتم ٻُڌ جي مجسمي تي باھ جي چَمڪ پَوڻ سان روشني ۽ پاڇو ٿئي ٿو، مرسان کي اندازو ٿي وڃي ٿو ته زيگريو سوچڻ کان پوءِ ئي ڳالهائيندو آهي، مرسان اُن ڪري مُحتاط رهي ٿو ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو زيگريو جون ڳالهيون اُنهن جي تعلق کي دوستيءَ ۾ نه بدلائي ڇڏين، مرسان کي لڳي ٿو ته اُهو ڪمرو هميشه کان ائين ئي آهي، ڪنهن ڌنڌلائجي ويل ڏُکاري ماضيءَ جي احساس وانگر، هڪ انسان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي جسماني ضرورت ۽ ذهني سوچ جي توازن جي وچ ۾ پرکيندو آهي، زيگريو!تون مون کي کِلڻ لاءِ مجبور نه ڪر، ٿورو ويچار ڪر ته روزانو اٺ ڪلاڪ جي نوڪري، آھ!، پوءِ توکي ڪجهه ڪرڻ کپي، زيگريو مُسڪرائيندي چوي ٿو، مرسان وراڻي ٿو ته مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پيسو ڪمائڻ لاءِ ڪجهه به ڪرڻو ئي پوندو، زيگريو چئيس ٿو ته، پئسي بنا توهان خوش نٿا رهي سگهو، مان ڏيکاءُ ۽ بناوٽ کي پسند نه ڪندو آهيان نه ئي رومانويت ۾ بي هوش ٿيڻ چاهيان ٿو، مون محسوس ڪيو آهي ته ڪيترائي ماڻهو خام خياليءَ ۾ پاڻ کي ٻين کان بهتر سمجهندا آهن، ڪير آهي جيڪو نه ٿو سمجهي ته خوشيءَ لاءِ پيسي جي ضرورت پوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن خوشي وڏي عرصي جو صبر آزمائيندڙ عمل به هوندي آهي، اسان پنهنجي زندگي پيسو ڪمائڻ ۾ وڃائي ڇڏيندا آهيون، جڏهن ته اسان کي پنهنجو وقت خوشگوار ۽ سُٺو گُذارڻ ۾ وڃائڻ کپي، وقت، خوشي ۽ پيسو اُهي ئي اهم مسئلا آهن جن ۾ مان هميشه دلچسپي وٺندو رهيس، سمجهندي ۽ بنا ڪنهن خوشفهمي جي، زيگريو پنهنجون اکيون بند ڪري خاموش ٿي ويو، مرسان ٻاهر اونداهي آسمان کي ڏسڻ لڳو، زيگريو چوي ٿو ته، جڏهن مان پنجويهن سالن جو هُئس تڏهن ئي مون کي اِن ڳالهه جو اندازو ٿي ويو هو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو هوش ۽ حواس ۾ هوندي خوشيءَ جو ڳولائو هُجي ته اُن کي امير بڻجڻ جو حق آهي، خوشي حاصل ڪرڻ جي بُک ۽ لگن ڪنهن جي دل ۾ پيدا ٿيندڙ سڀ کان مُعتبر ۽ اعليٰ جذبو آهي، منهنجي نظر ۾ اُهو جذبو هر شيءِ جو حقدار بڻائي ڇڏيندو آهي، بس رڳو سچي لگن هُجڻ گُهرجي، مرسان، منهنجي ڳالهه توجهه سان ٻُڌ!پنجويهن سالن جي عمر ۾ مون پنهنجي خوش بَختي بڻائڻ شروع ڪئي، اصول ۽ قانون جي پرواھ ڪرڻ بنا ئي رستي جون سڀ رُڪاوٽون هٽائيندو ويس ۽ ٿورن سالن ۾ ئي مون سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو، تون سمجهين پيو، مان ڇا چوڻ پيو چاهيان؟مون اٽڪل ويھ لک ڪمايا، زيگريو ٻُڌائيس ٿو ته، وٽس دنيا ۾ سڀ ڪجهه هُيو ۽ هُو اُها زندگي گُذاري سگهيو پئي جنهن جا هُن خواب ڏٺا هئا، پر هڪ سرد آھ ڀريندي هُو آهستي چوي ٿو ته، جيڪڏهن سندس هڪ حادثي ۾ ٻئي ڄنگهون ضايع نه ٿين ها، گذريل ويهن سالن کان اُها ڪمايل دولت وٽس بيڪار پئي آهي، مون عام زندگي گذاري آهي ۽ منهجو سرمايو جيئن جو تيئن مون وٽ پيل آهي، زيگريو، لاچاريءَ جي ڪيفيت مان هٿن سان پنهنجون ٻئي اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ نهايت ئي ٿڌي لهجي ۾ چيو ته، زندگي ڪنهن مجبور ۽ لاچار شخص جي محبت سان داغ دار نه هئڻ گهرجي، اُن موقعي تي آتش دان ڀرسان رکيل ميز جو خانو کولي اُن ۾ پيل لوهي ٽجوڙي هُو مرسان کي ڏيکاري ٿو، اُن جي تالي جي چاٻي اُتي ئي ٽُنبيل آهي، ٽجوڙي جي مٿان اڇو لفافو پيل هو، ۽ اُن جي مٿان هڪ وڏو پستول. سِڌي ڳالهه آهي ته جڏهن اوچتي حادثي زيگريو کي ٻنهي ڄنگهن کان محروم ڪري ڇڏيو هو ۽ زندگي هُن لاءِ عذاب بڻجي وئي هئي ته مايوسي جي حالت ۾ هُن اُهو خط لکيو هو، جنهن ۾ هُن زندگيءَ کي ختم ڪرڻ وارا جواز تفصيل سان درج ڪري پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪيو هو، خط تي هُن تاريخ نه لکي هئي، هُن موت جي ٿڌاڻ کي پستول جي نالِيءَ ۾ محسوس ڪيو، ۽ اِهو محسوس ڪندي ته هاڻي هُن لاءِ اِهوئي بهتر آهي ته هُو ”خودڪشي جي نوٽ تي دستخط“ ڪري ۽ اُن تي تاريخ لکِي پستول جي لبلبي کي دٻائي ڇڏي، پر موت جي ڀيانڪ حقيقت به اُن جي سامهون هئي ته زندگي جي خاتمي جو مطلب به، پوءِ اوچتو زنده رهڻ جي لِڪل خواهش اُڇل ڏئي سندس اندر مان ٻاهر اچي وئي، اِهو ٻُڌي مرسان جي ذهن ۾ ڪا هلچل پيدا ٿئي ٿي، جڏهن کان زيگريو پنهنجي ڪهاڻي فلسفياڻي انداز ۾ بيان ڪئي هئي، مرسان پهريون دفعو اکيون کڻي ڏسي ۽ چوڻ لڳي ٿو، مان سمجهان ٿو ته تون صحيح سوچيندو آهين، زيگريو سرگوشي ڪندي چيو ته، ها اِهو بهتر آهي ته انسان پنهنجي هِن زندگي ۾ شرط لڳائي، نه ئي اڳيئن زندگي جو سوچي، زندگي مون کي ڳيهي وئي، مان زندگي کي پوري طرح سمجهي نه سگهيس، ۽ جيڪا شيءِ مون کي موت کان ڊيڄاريندي آهي سا اِها آهي ته، موت منهنجي احساسِ محرومي کي مُڪمل ڪري ڇڏيندو. پر مون ۾ زندگي جي تند اڃان وڄي پئي ۽ اُميد قائم آهي، “
هن باب ۾ زندگيءَ جا ٻَه متضاد رويا يا خيال پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا، هڪڙي پاسي مُڪمل ماڻهو آهي ته ٻئي طرف هڪ اڌورو معذور شخص. ٻنهي کي ڀرپور زندگي گذارڻ جي شديد خواهش آهي پر هڪ وٽ غربت جي معذوري آهي ته ٻئي وٽ وقت جي ستم ظريفيءَ جي ڏنل معذوريءَ جي غربت. غربت رڳو پئسي جي اَڻ هوند جو نالو ناهي پر غربت ته پيسي جي هوندي به ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هر انسان وٽ موجود رهي ٿي، بک رڳو پيٽ جي ناهي ٿيندي پر اها ته دنيا جي هرشيءِ مان پنهنجون نابين اکيون کڻي نهاريندي پئي نظر ايندي آهي. ڪاميو انساني زندگيءَ جي المناڪين ۽ ٽُٽل خوابن ۽ اڌورين خواهشن جو تخليقيڪار آهي.
”چوٿين باب ۾ رات گهر واپس ايندي مرسان، زيگريو بابت سوچيندي پنهنجي فليٽ تي پهچي ٿو ته تڪليف مان ڪنهن جي آهُن ڀَرڻ جو آواز ٻُڌي ٿو، جيڪو سندس ڪرائيدار، اسلحي ساز ڪارڊونا جو آهي، جيڪو پنهنجي گذاري ويل ڪراڙي ماءُ کي ياد ڪري روئي ٿو، ننڍي قد، سُٺن مُھانڊن ۽ ٽيهن سالن جو ڪارڊونا پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندو هو۽ ساڻس محبت ڪندو هو، جيڪڏهن هُو ايترو عرصو پنهنجي ماءُ سان گڏ رهيو هو ته اُن جو سبب اِهو هو ته هُو ڪنهن به ٻي عورت جي دل ۾ پنهنجي لاءِ محبت نه پيدا نه ڪري سگهيو هو، ماءُ جي مرڻ کان پوءِ هُو پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهڻ لڳو هو، مرسان جي ڏنل ڪرائي واري ڪمري ۾، ڪارڊونا جي خراب عادتن، آڪڙ، ۽ چيڙاڪ طبيعت سبب سڄي ڪمري ۾ شيون وکريل پيون آهن، ڪارڊونا کي پنهنجي ڀيڻ جو اُن شخص سان ملڻ جلڻ بلڪل به پسند نه آهي، جنهن سان هوءَ محبت ڪري ٿي. اِن ئي باب ۾ اڳتي هلي هڪ صبح جو مرسان، زيگريو کي قتل ڪري ڇڏي ٿو. ۽ گهر پُهچي سموري منجهند ننڊ ڪندو رهي ٿو. جڏهن اُٿي ٿو ته هُن کي بُخار هُجي ٿو. آفيس مان هڪ ماڻهو وَٽس معلوم ڪرڻ اچي ٿو ته، هُن پنهنجي آفيسر موسيو لنگالوسن کي ڪهڙي سبب جي ڪري نوڪري ڇڏڻ جي درخواست ڏني آهي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اخبار ۾ خبر ڇپجي ٿي ته، ”تحقيقات مان ثابت ٿيو آهي ته زيگريو خودڪشي ڪئي آهي. “
اُن کان پوءِ مارٿا، مرسان سان ملڻ اچي ٿي ۽ ٿڌو ساھ ڀريندي افسوس جو اظهار ڪندي چوي ٿي ته، ڪڏهن اُهو وقت به هو جو تو هُن جي جڳهه وٺڻ پئي چاهي، ”پر زنده رهڻ لاءِ پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏڻ کان وڌيڪ همت جي ضرورت هوندي آهي. “
ايندڙ هفتي مرسان پاڻيءَ واري جهاز تي مارسلز وڃي ٿو ۽ ماڻهن کي ٻُڌائي ٿو ته، هُو ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ لاءِ فرانس وڃي رهيو آهي.
مارٿا کي”ليئون“مان مرسان جو الوداعي خط ملي ٿو. جيڪو مارٿا جي دل کي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏي ٿو. خط ۾“مرسان اِهو به لکي ٿو ته هُن کي وچ يورپ ۾ ڪا وڏي نوڪري ملي رهي آهي. جواب ۾ مارٿا پنهنجي اڪيلائي جو ذڪر ڪري ٿي. پر اُهو خط مرسان کي ڪڏهن به نٿو ملي. ڇاڪاڻ ته ”ليئون“پُهچندي ئي هُن کي وري تيز بُخار ٿي پوي ٿو. ۽ هُو دل شڪستو ٿي پهرين ئي ٽرين ۾ پراگ هليو وڃي ٿو. “ ”باب پنجين ۾ هُو پراگ جي ڪنهن هوٽل ۾ ڪرائي تي ڪمرو وٺي ٿو۔ڪمري نمبر چوٽيھ ۾ اچي ڪوٽ لاهي ٿو ۽ ٽائي جي ڳنڍ کي ڍرو ڪري، ٻانهون کُنجهي”واش بيسن“وٽ لڳل آئيني ڏانهن وڃي ٿو. پنهنجي چهري جو جائزو وٺي ٿو، سندس رنگ ٿورڙو سانورائجي ويل لڳيس ٿو، وار وکريل، جيڪي نرڙ ۽ ڪنن مٿان لڙڪي رهيا اٿس، هُن کي آئيني ۾ پنهنجا مُهانڊا سُٺا نه ٿا لڳن، هُو جلديءَ ۾ ڪپڙا مٽائي ۽ سگريٽ دکائي ٻاهر هليو وڃي ٿو، هوٽل کان ٻاهر جنهن ڳليءَ ۾ هُو آيو آهي اُتي ننڍا ننڍا ريسٽورنٽ ۽ ڪيفي آهن. سوڙهي رستي تان گذري جڏهن هُو مُک شاهراھ تي پهچي ٿو ته هُن کي پراگ شھر جو ٽائون هال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شام ٿيندي ئي ٽائون هال ۽ پراڻي چرچ جي عمارت ٻئي پُرسڪون لڳي رهيون آهن. ٿورو ئي اڳتي، سامهون لوھ جو دروازو لڳل آهي جنهن کي پري تائين چاديواري ڏنل آهي ۽ اُن تي قديم دور جا نقش چٽيل آهن. جتي ڪي بي گهر ماڻهو رهن ٿا. چار ديواري جي احاطي ۾ يهودين جو هڪ پراڻو قبرستان آهي. هُن کي اُتي بيهڻ سان گهٻراهٽ محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. هُو مُسلسل تيزيءَ سان هلندو هوٽل تائين پُهچي ٿو. هُن کي اُلٽي ايندي محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. جيئن تيئن ڪري هُو ڪمري تائين پهچي بستري تي پاڻ کي اُڇلي ٿو ۽ گهري ننڊ ۾ هليو وڃي ٿو. “
”ٻي صبح جو اخبار وڪڻندڙ جي هوڪي تي هُن کي جاڳ ٿئي ٿي، آسمان تي بادل آهن، پر رکي رکي سج بادلن مان جهاتي پائي ٿو. هونءَ مرسان ڪمزور ٿي ويو آهي پر هُو پهرين جي ڀيٽ ۾ بهتر پيو محسوس ڪري. مرسان کي لڳي رهيو آهي ته، هُو ڪيسين خاموش ۽ اڪيلي زندگي گذاريندو، هاڻي هر لمحو کيس سال برابر لڳي ٿو. پراگ جي يَڪسانيت کان هُن جي دل هاڻ کَٽي ٿي پئي آهي، اُهوئي بهتر وقت هو جنهن ۾ هُن کي هي شهر ڇڏي وڃڻ گُهربو هو. “
ڪاميو انساني نفسيات ۽ فطرت جي جنهن باريڪ بينيءَ سان اوک ڊوک ڪري ٿو اُها هڪ اعليٰ فنڪار جو اعليٰ فن ئي ٿي سگهي ٿو. ماڻهوءَ جي ڪيفيتن توڙي سوچن جي اهڙي تُز ۽ ذهن وسيلي روح ۾ لهي ويندڙ ڪردار جي ڪردار نگاري، جو پڙهندڙ اُن جي هيئت ۾ پاڻ کي تبديل ٿيندي محسوس ڪرڻ لڳي. هُونءَ به هڪ ليکڪ کي رڳو ظاهري نه بلڪ داخليت ۾ رسائي ڪرڻ جو ڀرپور هُنر پڻ اچڻ بِنھ ضروري آهي۔
”باب ڇهين ۾ تيز رفتار ريل گاڏي مرسان کي اُتر طرف کڻي وڃي رهي آهي، هُو پنهنجو جائزو وٺي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته گاڏي جي هڪ حصي ۾ هُو اڪيلو ئي آهي. آسمان تي ڇانيل بادلن سان گڏ ريل گاڏي به ڀَڄي رهي آهي. هُن اوچتو اڌ رات جو ئي پراگ مان هِن ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪرڻ جو سوچي ورتو هو. باک ڦٽڻ جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا، بوهيما جو ميداني علائقو تيزي سان گذري ويو هو، هُن ٻَه ڏينهن اُهو سفر ڪيو پر اُهو سفر هُن لاءِ فرار جي راھ نه هو، سفر جي يڪسانيت هُن کي هڪ قسم جو سُڪون بخشي رهي هئي، اُها ريل گاڏي جيڪا هُن کي اٽڪل اڌ يورپ پار ڪرائي آئي هئي، ۽ هُن کي هاڻ ٻي دنيا جا جُهوٽا کارائي رهي هئي، هُن ڄاڻي واڻي پنهنجو سفر برسلو تائين وڌائي ڇڏيو هو، رات جي پُراسرار خاموشي ۽ اُونداهي ۾ ريل ڊوڙي رهي هئي، روشني ۽ اُونداهي جي اِن لِڪ ڇُپ ۾ ريل ڊرسڊن، بوٽزن، گورٽز، لڪنڊز کان گذري آئي هئي، ٻئي ڏينهن صبح جو ريل ميداني علائقي ۾ آهستي ٿي وئي، برسلو اڃان به گهڻو ڏور هو، هُن جي لاشعور ۾ چرچ ۾ ٻُڌل اُها ڳالهه اڃان تائين موجود هئي ته”انسان مٽي مان ٺهيو آهي، واپس مٽيءَ ۾ ويندو ۽ پوءِ وري اتان ئي اٿاريو ويندو. “هُو زندگي، ڏک، خوشي، موت ۽ پريشاني جي حل نه ٿيندڙ مسئلن بابت سوچن ۾ گُم آهي. ڪُجهه ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ هُو برسلو پهچي ٿو. مرسان اڃان وري ڏکڻ ڏانهن سفر جاري رکڻ جو سوچي ٿو. ايئن ٻِئي ڏينهن هُو ويانا ۾ پهچي ٿو. ويانا جو صبح دلڪش ۽ خوبصورت آهي. ويانا تازو ڪري ڇڏيندڙ شهر آهي. ميٽ اسٽيشن جو چرچ تمام وڏو آهي ۽ هي ٿڪجي پيو آهي، نه ڄاڻ ڇو اُن وقت هُن کي پنهنجا دوست روز ۽ ڪليبر ياد اچي وڃن ٿا. ليون ڇڏڻ کان پوءِ هُن پهريون خط لکيو هو، جيڪو سندس طويل خاموشي ۽ مسئلن جو اظهار هو، خط لکڻ کان پوءِ هُو شام جو ناچ گهر ۾ ويو، جتي هُن هيلن سان وقت گذارڻ جو پروگرام ٺاهيو، جيڪا اُتي رقاصا هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مرسان کي الجير کان پنهنجي خط جو جواب پُهچي ٿو. جنهن ۾ کيس الجير واپس موٽي اچڻ جي پيار ڀري التجا ڪئي وئي آهي.
مرسان الجير واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو، ريل گاڏي اُتر اٽلي کان ٿيندي جنيوا کان ٿيندي جڏهن پئرس پهچي ٿي ته اُتي بهار جي موسم آهي، ۽ هُو وري هلڪو بخار محسوس ڪري ٿو، پر ڪا خوشگوار سوچ هُن جي همت وڌائي ڇڏي ٿي۔ٻَه ڏينهن هُو جنيوا ۾ رهي ٿو ۽ گُهمي ڦِري ٿو، ٽئين ڏينهن هُو جنيوا کي ڇڏي لاجير وڃي ٿو، سامونڊي سفر سبب هُو صبح، منجهند ۽ شام جو سمنڊ جي ڇولين مٿان اُس، ڇانءُ، روشني ۽ اُونداهي جي رقص کي پَسي مزو ماڻيندو رهي ٿو. هُن کي لڳي ٿو ته سمنڊ جي صاف شفاف پاڻيءَ وانگر هُن جي روح ۾ به پاڪيزگي پيدا ٿي چُڪي آهي، هُن کي احساس آهي ته هُو ڪيئن نه مُخالف جِنس جي پيار لاءِ بُکيو آهي، هي رڳو شھوت لاءِ پيدا نه ٿيو آهي. هُن جي زندگي هاڻي تائين رڳو بندرگاھ ۾ پنهنجي آفيس ۽ ڪمري ۾ سُمهندي گُذري هئي، پوءِ هوٽل، ريسٽورنٽ ۽ سُريت. هُو انهيءَ خوشيءَ لاءِ سرگردان رهيو آهي جنهن بابت کيس يقين ئي نه هو، هُن جي زندگي ۾ جيتريون چڱايون هُيون اُنهن مٿان براين جي دز چڙهي وئي آهي، ڪيلري ۽ هُن جي دوست زيگريو ۽ هُن جي خوش رهڻ جي خواهش تي مارٿا ڇائنجي وئي آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو جهاز خاموشيءَ سان الجير جي بندرگاھ تي لنگر انداز ٿي چُڪو آهي. هتي پُهچي مرسان کي خيال اچي ٿو ته ويانا کان پوءِ هُن هڪ دفعو به زيگريو بابت ڪين سوچيو، اُهوئي زيگريو جنهن کي هُن پنهنجي هٿن سان قتل ڪيو هو. “
ماڻهوءَ جي من جي بيچيني، نه مُطئمين ٿيڻ واري فطرت، دربدري، ڏک کان ڀَڄندي خوشيءَ جي ڳولا، پل اَپل مَٽجندڙ ڪيفيتن جي ڪشمڪش جي ڀوڳنا، پيار، پَڇتاءُ، جنسي خواهشون، دراصل ماڻهوءَ جي تجربن ۽ مُشاهدن جي کوٽ جي ڪري اَڻ جَهل ڪنهن گهوڙي جيان سندس ذهن ۾ جڏهن ڊوڙنديون آهن ته ماڻهوءَ جي روح جي ڌرتي تيز پوندڙ سُنبن جي سَٽجڻ سان ڇيهون ڇيهون ٿي ويندي آهي۔ڪاميو اهڙين لِڪل ۽ اوجهل رهجي ويندڙ حالتن جو منظر نگار آهي. هُو مُئل لفظن کي پَساھ کڻائي مُتحرڪ ڪري ڇڏيندڙ اهڙو ناول نگار آهي جيڪو سماجي بي راھ روين، گمراھ ٿي ويل معصوم انسان جو نوحا خوان آهي. اهڙو نوحاخوان جيڪو انساني حالتن تي ماتم ڪرڻ بجاءِ هڪ اھڙو مسيحا به آهي جيڪو سندن زخمن تي پنهنجي احساسن جا، پنهنجن لُڙڪن سان آلا ٿيل پَھا به رکي ٿو.
”ستين باب ۾ پيٽرس ۽ ڪيٿرين کُليل آسمان هيٺ سج جي روشنيءَ ۾ ناشتو ڪري رهيا آهن، ڪيٿرين وهنجڻ وارو مخصوص لباس پائي ويٺل آهي ۽ ڇوڪرو(مرسان جا دوست هُن کي ايئن سڏيندا آهن) نيڪر پائي ويٺل آهي ۽ ڳچيءَ ۾ رومال ويڙهيل اٿس. اُنهن جو اِهو گهر هڪڙي پهاڙي چوٽي تي ٺهيل آهي. سمنڊ سامهون، علائقي ۾ هي”ٽن طالب علمن جو گهر“جي نالي سان مشهور آهي. زيتون جي وڻن سان گهيريل هڪڙو پهاڙي پيچرو گهر ڏانهن اچي ٿو، چار ديواري تي ملنگن، بيهوده تصويرون ٺاهي ۽ سياسي نعرا لکي ڇڏيا آهن. “
هن ئي باب ۾ مُختلف وقتن تي ۽ جاين تي مرسان سان گڏڪيٿرين، ڪليري، روز، موزيل پيرس، عرب ڇوڪري مينا، ايلن، نويل سنگتراش، لوسي رينل، ڊاڪٽر برناٶ يا ڪجهه ٻيا ڪردار پڻ ساڻس ملن ٿا. هي باب ڪُجهه طويل هُجڻ ڪري هِن ۾ زندگيءَ جا مختلف رنگ، ڪيفيتون، ڳالهيون، حالتون، منظر ۽ پس منظر اچي وڃن ٿا، جن جو لُطف مُڪمل ناول پڙهڻ سان ئي پڙهندڙ ماڻي سگهي ٿو، مان ته هڪ پڙهندڙ توڙي لکندڙ جي حيثيت سان هِن ناول جي دنيا يا ڪهاڻين ۽ ليکڪ ڪاميو جي نظريي جي پس منظر ۾ سُڃاڻپ ۽ اُن بابت پنهنجا احساس اوهان سان ونڊي رهيو آهيان. اُن ڪري مان ناول جي مُڪمل ڪهاڻي کي پنهنجي انداز سان مُختصر ڪري هِن مضمون ۾ پڙهندڙن لاءِ ڏئي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته ناول جي مختلف رنگن ۽ بي رنگينن جون ڪجهه تصويرون هنن لفظن وسيلي اوهان کي ڏيکارڻ ضروري ٿو سمجهان۔جيڪي ڪيفيتون يا تصويرون، حالتون هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جي ڀوڳنائن ۽ سندس نفسيات جو تاثر ڀيانڪ منظر توڙي پس منظر پيش ڪن ٿيون۔پيار، نفرت، ملڻ، جدائي، روئڻ، کلڻ، جيئڻ، مرڻ، ماڻهوءَ جي اڪيلائي، اندروني کوکلائپ، تِڇ پِڻو گُناھ، ثواب، سُڪون جي ڳولا ۾ ڀٽڪنا، مُفلسي، پيسو، لاچارگي وغيره جهڙيون ڪَڙيون حقيقتون هِن دنيا جي ماڻهوءَ لاءِ صرف ۽ صرف ماڻهپي کان خالي ڪجهه ماڻهن ئي پيدا ڪري ڇڏيو آهن۔جن کي شعور وند تخليقڪار ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهي۔جيڪو اُنهن سڀني شين جي گهرائي ۾ لهي اُنهن جو ڳوڙهو مُشاهدو ماڻي ڪنهن تخليق جي صورت ۾ وري هِن ئي دنيا کي واپس ڪري ٿو. کيس آئينو ڏيکاري ٿو. ۽ سندس زنگجي ويل احساس کي اجارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو۔
”ستين باب ۾ مرسان کي پنهنجي اندر جي بيقراري ۽ ڀٽڪنا ڪٿي به سُڪون سان رهڻ نٿي ڏئي ۽ هُو وري هڪ ڀيرو رولاڪيءَ جي راھ جو پانڌيئڙو بڻجي وڃي ٿو. صبح جو سوير ڌُنڌ ڇانيل آهي، مرسان جي گاڏي جي لائٽن جي تيز روشني ڌُنڌ کي چيريندي سمنڊ ڪناري سان گڏ واري شاهراھ تي تيز رفتاري سان ڀڄي رهي آهي، هُو الجير ڇڏي رهيو آهي،
هڪ مهينو پهريان هُن دنيا کان مَٿانهين گهر ۾ اچڻ جو اعلان ڪيو هو، مرسان هاڻي پنهنجي قسمت جو فيصلو لوسي جي قسمت سان واڳي ڇڏيو آهي، مرسان پنهنجي پيش ڪش ۾ واڌارو ڪري ٿو ته جيڪڏهن لوسي چاهي ته مرسان، ساڻس شادي ڪري سگهي ٿو.
هفتي کان پوءِ هُو شادي ڪري ڇڏين ٿا، تقريبن ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ مرسان جنيوا جي ويجهو آهي، رات جا آخري نيرا پاڇا پهاڙ جي لاهي تان سمنڊ ۾ وڃي چُڪا آهن، ۽ پهاڙ جي چوٽي سج جي تيز ڳاڙهي ۽ هيڊي روشني سان روشن ٿي رهي آهي، هاڻي هُو اتي هو جتي هُن کي رهڻو هو. ڇاڪاڻ ته اِها جڳهه ئي من موهيندڙ آهي.
پر جيڪو سُڪون ۽ تسڪين هُو چاهي ٿو اُها هُن کي نٿي ملي ۽ هُن کي مايوسي ٿئي ٿي. اڪيلائي هُن کي ڏنگ هڻڻ لڳي ٿي، ڪُجهه مُفاصلي تي هڪڙو ڳوٺ موجود آهي، گهر کان ٻاهر اچي هُو لاهي لهڻ لڳي ٿو، سمنڊ ڏانهن ويندڙ سَڙڪ تان هلي هُو پاريٽپاٽا جي کنڊرن جا آثار ڏسي ٿو.
هاڻي هي پاسي واري ڳوٺ جي ماڻهن کي سُڃاڻڻ لڳي ٿو، آچر جي ڏينهن ڪُجهه نوجوان هُن جي گهر اچن ٿا، ڳوٺ جي ڊاڪٽر برناٶ سان به هُن جي ملاقات ٿئي ٿي، مرسان لوسي ڏانهن ڪا به توجهه نه ٿو ڏئي، ڪُجهه وقفي کان پوءِ لوسي مايوس ڪندڙ لهجي ۾ کيس چوڻ لڳي ٿي ته، ”تون مون سان محبت نه ڪندو آهين؟“مرسان، لوسي وٽ اچي سندس ڪُلهي تي هٿ رکي چويس ٿو ته، يقين ڪر لوسي! دنيا ۾ وڏي مان وڏو ڏُک، پَڇتاءُ ۽ حسين يادن سميت گهڻو ڪجهه وساري سگهجي ٿو، ايستائين جو عشق جي حد تائين محبت کي به. اهوئي زندگيءَ جو ڏک ۽ ڪمال آهي. حيرت انگيز ڳالهه آهي، اهوئي زندگي گذارڻ جو طريقو آهي، لوسي خاموش آهي، وري هُن ڏانهن ڏسندي چوي ٿي، ته گهٽ ۾ گهٽ تون مون سان دوستي جو احساس رکندو آهين، ايئن نه؟مرسان جُهڪي هُن جي ڳچي کي چُمي ٿو، دوستي!ها، بلڪل جيئن منهنجي رات گذارڻ سان دوستي آهي، “
”ٻئي ڏينهن لوسي هلي وڃي ٿي. هُن جي وڃڻ کان پوءِ مرسان به پنهنجي سوچ تي قائم نه ٿو رهي سگهي ۽ هُو الجير جو رُخ ڪري ٿو، هُو سڀ کان پهريان پنهنجي”دنيا کان مَٿاهين“گهر پهچي ٿو، ۽ پوءِ پنهنجي ڏيهه اچي ٿو، پنهنجن پراڻن پاڙيسرين ڏانهن وڃي ٿو، هُن جو فليٽ هڪڙي ڪيفي جي مالڪ ڪرائي تي وٺي ڇڏيو آهي.
مرسان اُن ريسٽورنٽ ۾ وڃي ٿو جتي هُو اڳ ۾ ماني کائڻ ويندو هو. هُو ريسٽورنٽ مان جيئن ئي نڪري ٿو ته هُن جي نظر مارٿا تي پئي ٿي. پوءِ کيس خيال اچيس ٿو ته مارٿا هُن تي هميشه مهربان رهي آهي، هُن، هِن کي سندس سڀني کامين ۽ خوبين سان قبول ڪيو هو، ۽ هوءَ هِن جي اڪيلائيءَ جي ساٿي بڻجي وئي پر مرسان، مارٿا سان پُرخُلوص نه هو، اُن دوران مارٿا ۽ مرسان جي وسندڙ مينهن ۾ پيار، محبت تي گفتگو ٿئي ٿي
مرسان، مارٿا کي يقين ڏيارڻ چاهي ٿو ته هُو ساڻس اڳ جيان اڄ به ساڳي محبت ڪري ٿو، ۽ سندس لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو پُڇي ٿو، پر مارٿا سندس اهڙين ڳالهين تي سندس مهرباني مڃندي گهر جي دروازي وٽ پُهچي ڇٽي بند ڪري ڇڏي ٿي، وري ملڻ جو چئي مارٿا اوچتو مرسان جي ٻنهي ڳٽن کي چُمي ۽ ڏاڪڻيون چڙهي هلي وڃي ٿي. مرسان وسندڙ مينهن ۾ بيٺو مارٿا جي نَڪ جي ٿڌ ۽ چُمين جي گرمي پنهنجي ڳٽن تي محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. اُتان موٽي هُو الجير اچي ٿو، ۽ لوسي کي تلاش ڪرڻ لڳي ٿو، هُو کيس ملي وڃي ٿي، ۽ هُن سان رات سندس فليٽ ۾ گذاري ٿي، لوسي مُسافرن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٿي، ”اَڻڄاتل رستن تي هلندي اَڻ ڄاتل احساس ته ٿيندو آهي پر رڳو اُنهن ماڻهن کي جن کي منزل جي خبر ناهي هوندي. سفر هڪڙو سوچيل، سَمجهيل منصوبو هُجڻ گُهرجي. “مرسان جي ڪنن ۾ زيگريو جا چيل لفظ گونجڻ لڳن ٿا، ”خواهش کي تَرڪ ڪرڻ جي خواهش نه پر، خوشيءَ جي خواهش ئي زندگي جو مقصد هُجڻ گهرجي. “
شام جو هُو جڏهن جنيوا واپس وڃي ٿو ته، سمنڊ ۽ پهاڙن جي وچ ۾ سفر ڪندي هُن کي گهري خاموشيءَ جو احساس ٿئي ٿو، جيڪا سندس اندر جي خاموشي ڀاسي ٿي. پنهنجي نئين زندگي جي شروعات تي هُن کي پنهنجو ماضي ياد اچي ٿو، هاڻي هُن کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا نه ڪرڻو آهي، اُن بابت هُن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. هُو سوچيندو رهي ٿو ته وقت جو عمل به ڪهڙو عمل آهي جيڪو بي عمل هوندي به عمل ۾ آهي. يعنيٰ زندگيءَ جو ساز به ڪهڙو ساز آهي جو وڄي ته رهيو آهي پر بي آواز آهي، ”زندگي هڪڙو ڪينواس آهي جيڪو اسان جي نقش ۽ نگار جو مُنتظر آهي، “موت خوشيءَ جو هڪ حادثو آهي. “
ناول جي مُسلسل ڪهاڻي، پاڻ ۾ مُنتشر ڪردار کڻي هلي ٿي، جنهن ۾ احساسن ۽ خيالن جا انيڪ رنگ ۽ روپ وڏي آرٽ ۽ ڪرافٽ سان تخليق ڪيا ويا آهن، ڪاميو جي هِن ناول ۾ ماڻهوءَ جي من جي آزادي يا ڇُڙواڳي، جوڙ ٽوڙ، مُڪملتا ۽ اڌورائپ، عيش عشرت، سفر در سفر ڀٽڪنا، نفسياتي توڙي سماجي، فلسفيانا توڙي ادبي، سياسي توڙي معاشي ۽ ٻيا به کوڙ سارا مامرا ۽ مسئلا پنهنجي اظهار جا رستا ڳولين ٿا. جن جا اثر سماج جي هر فرد تي ڪنهن کُلي ماحول ۾ ڳڙي جيئن پوڻ لڳن ٿا ۽ ماڻهو پنهنجي اندر جي دنيا کي ٽُٽندو ڏسي بي حال ٿي پوي ٿو۔
باب ستين جي پُڄاڻيءَ ۾ ناول جي ڪهاڻي کوڙ سارن لاهن ۽ چاڙهن کان پوءِ اُتي پهچي ٿي جتي، ”ڪيٿرين مرسان لاءِ ڊاڪٽر برنارڊ کي گُهرائي ٿي، مرسان پنهنجي ڪمري ۾ دريءَ کان ٻاهر صاف آسمان ۽ سمنڊ کي ڏسي رهيو آهي، هُو ڪمزوري محسوس ڪري رهيو آهي پر اُها پُراسرار ڪمزوري کيس خوش رکي پئي، هُن جو دماغ فڪر جو عادي آهي. ايتري ۾ برنارڊ اچي در کڙڪائي ٿو، مرسان سوچي ڇڏي ٿو ته هُو ڊاڪٽر کي سڀ ڪُجهه ٻُڌائي ڇڏيندو، اُن لاءِ نه ته ڪو راز هِن لاءِ بار آهي، مرسان ۽ ڊاڪٽر جي پاڻ ۾ ڳُجهه، صحت، بيماري وغيره تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. جنهن ۾ مرسان، ڊاڪٽر کي چوي ٿو ته، اصل ۾ تون تصوراتي ماڻهو آهين، پر هِن جو پنهنجو خيال آهي ته هر شيءِ لمحن ۾ قيد آهي، جيڪا پيدائش کان موت تائين مُقرر آهي اِهو گهڻو ڪري اُن لاءِ آهي ته، سُٺا خيال رکندڙ ماڻهو کان اُهو ماڻهو مُتضاد هوندو آهي جيڪو اڪثر محبت کان محروم هوندو آهي. اڳتي هلي مرسان پنهنجي دل جي معصوميت سان حالاتن کي قبول ڪري ٿو، آسمان ۽ زمين کي بلڪل اُنهي جذبي سان قبولي ٿو، اهڙي ئي خواهش تحت، جنهن معصوم دل سان هُن زيگريو کي قتل ڪيو هو. “
”ناول جي آخري ۽ اٺين باب ۾ مرسان پهريون ڀيرو بيوس ٿي پوي ٿو. ۽ وڃي بستري ڀيڙو ٿئي ٿو، ڇاتيءَ جو مسئلو هُن کي پورو مهينو تڪليف ۾ رکي ٿو، اُنهن لمحن ۾ مرسان کي پنهنجي زندگيءَ کان دوري محسوس ٿئي ٿي، هُو ماحول کان ڪٽيل ۽ هرشيءِ کان لاتعلق لڳي ٿو. اِهوئي وقت آهي جنهن ۾ هُن کي احساس ٿئي ٿو ته هُن نِرواڻ پاتو آهي. پنهنجو پاڻ کي وڃائي هُن سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي، گهر واپس ايندي هُن کي چڪر اچن ٿا ۽ مَٿس بيهوشي طاري ٿيڻ لڳي ٿي، هُن کي هاڻي تڪليف ڪمزوريءَ ۾ مُبتلا ڪري ڇڏي ٿي، هُن کي لڳي ٿو ته سندس سينو ڄڻ ته زنجيرن ۾ جڪڙجي رهيو آهي، کنگهندي رت هاڻا کانگهارا اُڇليندو رهي ٿو، مرسان جا سمورا عضوا ڏُکي رهيا آهن ۽ ڪَن وڄي رهيا اٿس، اوچتو دريءَ ۾ هُن کي زيگريو جو چهرو نظر اچڻ لڳي ٿو، هُن تي کنگهه جو ٻيو حملو ٿئي ٿو، ساھ گُهٽجيس ٿو ۽ عضوا جڪڙجندي محسوس ٿيڻ لڳنس ٿا، مرسان سمورو ڏينهن کنگهندو ۽ گُهٽ محسوس ڪندو رهي ٿو، ٻَه دفعا هلڪو بيهوش ٿئي ٿو، هُو دوا پيئي ٿو، لوسي هُن جي ڪمري ۾ ايندي ويندي رهي ٿي، مرسان وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي لوسيءَ کي ڏسي ٿو ۽ مُسڪرائيندي چوي ٿو ته، جڏهن مان ننڍو هوندو هوس ته مون کي امان ٻُڌائيندي هئي ته هي ڳاڙها بادل اصل ۾ مري ويل ماڻهن جا روح آهن جيڪي جنت ڏانهن وڃي رهيا آهن. مان حيران ٿيندو هئس ته روح ڳاڙها ٿيندا آهن، مرسان کي خوف ٿي رهيو آهي ته هاڻي هن جي اکين سامهون ڀيانڪ، خوفناڪ شڪلون اينديون ۽ اُنهن ۾ زيگريو جو چهرو به هوندو، ٻيا ڀيانڪ ۽ خوفناڪ چهرا هڪ هڪ ٿي ڪري گُم ٿي ويندا پر زيگريو جو چهرو بيٺو ئي رهندو. هُن کي احساس ٿئي ٿو ته هُو بستري تي ويٺل آهي. لوسي جو چهرو هُن کي ويجهو آهي، اوچتو پر آهستي هُن کي لڳي ٿو ته پٿر جهڙي ڪا وزني شيءِ هُن جي پيٽ مان نڪري هُن جي نڙيءَ ۾ اچي ڦاٿي آهي، هُو تيزيءَ سان ساھ کڻڻ شروع ڪري ٿو ۽ مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي لوسي ڏانهن ڏسي ٿو، ۽ پوءِ اُهي اکيون پٿرائجي وڃن ٿيون. پيٽرس مرسان جي اُنهن پٿرائجي ويل اکين ۾”خوشگورا موت“جي خوشي چمڪي رهي آهي. “
دارصل هِن ناول جو مُک ڪردار پيٽرس مرسان جو اَنت اِن ڳالهه کي واضع ڪري ٿو ته هُن جي سڄي زندگي، خوشين، دلي سُڪون، ۽ پنهنجي مرضي واري جياپي جي حاصلات لاءِ هوندي به بيقراري، اڪيلائي، ايستائين جو اُن حاصلات لاءِ انساني قتل جو انتهائي قدم کڻندي به سندس من جي مُراد پوري نٿي ٿي سگهي۔پَڇاڙيءَ ۾ مرسان جي پٿرائجي ويل اکين ۾”خوشگوار موت“جي خوشيءَ جو چمڪڻ اصل ۾ زندگي جي اپنايل سڀني مَنفي لاڙن کان آزادگي جي هڪ ڀرپور علامت آهي۔ڇاڪاڻ ته ماڻهو پنهنجي ڏکن ۽خوشين جو ڪارڻ پنهنجي اندر ۾ ڳولڻ بجاءِ ٻاهرين دنيا جي جادوگريءَ ۾ ئي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو۔ڪاميو جو هي ناول ادب ۾ انسان جي اندروني خاليپڻي جي جهان کي بيان ڪري ٿو. ڇو ته ڪاميو ادب ۾ انسان جي اندر وسندڙ کوکلائپ جي دنيا کي اظهارڻ جي نظريئي جو باني هو. اگر ڪاميو کي سندس لکڻين جي روشنيءَ ۾ پرکيو وڃي ته ڪاميو انسان جي اندر وسندڙ دنيا سان مڪالمو ڪندڙ ليکڪ هو. مختلف نقادن هِن جي نظريي کي مخلتف اندازن سان پرکيو آهي. جيئن ڪجهه نقادن هِن کي وجودي سڏيو آهي ته ڪِن وري هِن کي انسان جي اڪيلائپ کي اظهاريندڙ ليکڪ ڪوٺيو آهي.
آخر ۾ هن ناول جي سنڌي ترجمي بابت لکڻ پڻ انتهائي ضروري ٿو سمجهان ته هن ناول جو ترجمو ٻوليءَ جي اعتبار کان ٻوليءَ جي نج پڻي جو گهرجائو آهي۔کوڙ سارا لفظ اردو ترجمي وارا جيئن جو تيئن ڏنا ويا آهن۔جن سان ترجمي جو اصل روح متاثر ٿئي ٿو۔ٻيو ته جُملن جي رواني ۽ بيهڪ تي پڻ ترجميڪار کي هڪ نظر غور سان ڏسڻ جي تمام گهڻي ضرورت هئي، ترجمو ته ڪنهن به لکڻي جي جوهر کي انتهائي نفاست سان کڻي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ايئن سمائجڻ مِثل آهي جيئن محسوس ٿئي ته ڄڻ ليکڪ لکيو ئي ويهي اُن ٻوليءَ ۾ آهي۔ٻيو ته”البرٽ ڪاميو جي لکڻين کي ترجمو ڪرڻ لاءِ ان جي ويڳاڻپ، وجوديت ۽ زندگيءَ جي بي معنيٰ هجڻ واري نظريئي جي باقاعدي ڄاڻ هجڻ پڻ ضروري آهي. “

26/4/20

ڪجلا سَر جي ڪنڌيءَ کان اورتي

لکڻ جو عمل، زندگيءَ سان پيار ڪرڻ جي عمل وانگر هُجڻ گُهرجي. لفظ لفظ جي لَڄ توڙي مريادا رکڻ بِنهه ضروري آهي. ۽ اُنهن لفظن جي منظر توڙي پس منظر جي سموري سچائي پنهنجي احساسن جي گهرائيءَ سان اُنهن مان اُجاڳر ٿي دل ۽ دماغ کي هڪ تحرڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏي. لکڻ مَهل ڪنهن به صنف ۾ ليکڪ جو پنهنجي پوري ذميواريءَ سان لاڳاپيل هُجڻ لازمي آهي. نه ته اُها غير واسطيداري يا عَدم دلچسپي اُن لکڻيءَ جي روح کي رهڙي ڪمزور ڪري مَنجهس تخليقي تَرنگ ۽ آهنگ کان خالي ۽ سَطعي لفظن جو مجموعو بڻائي، پڙهندڙ لاءِ بي دليءَ جي بور ڪندڙ ڪيفيت طاري ڪري لکڻيءَ کان بيزار ڪري وجهندي۔شاعري، ڪهاڻي، ناوليٽ، ناول يا ٻيون ادب جون صنفون پنهنجي پنهنجي گُهربل ضرورتن جي گُهر ڪنديون آهن. جن سان اُنهن ۾ موجود مواد جي فني ادائگيءَ، ٻولي، تسلسل، روانگي، تخليقي قوت ملي هڪ نِج تخليق کي تحرير ڪنديون آهن. خاص طور تي جڏهن ناول جهڙي ڪُشادي، مُشڪل، انتهائي نازڪ نفيس صنف هُجي ته ليکڪ کي اُن جي لاءِ بُنيادي تياري، طريقڪار، اُن جي ڪهاڻي يا ڪهاڻين جو هڪ ٻئي سان فني ڳانڍاپو، ۽آرٽسٽڪ رَچاءُ، ڪهاڻين جي ڪيئنواس جي هُنرمنديءَ سان جوڙجَڪ، اُنهن جي ڪردارن جي تخيلاتي سطع تحت بَناوٽ، اُنهن جي پيش ڪش، اسلوب جي انوکائپ، سڀ باريڪ باريڪ ۽ اهم ڪڙيون پاڻ ۾ ڳنڍجي هڪ اهڙي زنجير کي جَڙي وجهن، جو پڙهندڙ اُنهن کي پڙهندي پاڻ کي تخليق جي سحر ۾ گهرائيءَ سان مَنڊجندو محسوس ڪرڻ لڳي.
سُٺي ناول لکڻ لاءِ، نه رڳو زندگيءَ جو عظيم ۽ عجيب تجربو ضروري آهي پر مَتن، ٻولي، ماحول، ڪردارنگاري، ۽ مَڪالمي جي بيساختگيءَ جو هُجڻ به اَڻٽر آهي. ڇاڪاڻ ته ناول صبر آزما ۽ وقت وٺندڙ پورهيو آهي.
ناول”ڪجلا سَر“جو ليکڪ اجمير ڀٽو آهي. هِن ناول وارو ڪتاب 127صفحن تي مُشتمل آهي. جنهن جو مهاڳ ستار هليي لکيو آهي. جنهن ۾ ستار ناول جي پس منظر ۾ عالمي طور تي تاريخي حوالا ڏئي ناول جي ٽيڪنيڪ مُتعلق سُٺي معلومات فراهم ڪئي آهي۔پر افسوس سان چوڻو ٿو پَوي ته اُهي سڀ اعليٰ ناول جو خوبيون مون کي هِن مهاڳ واري ناول ۾ ڪٿي به نظر ڪو نه آيون. جنهن ڪري ناول صرف ليکڪ جي شوق جي پورائيءَ جو هڪ بي ترتيب ۽ وقت جو ذيان لڳو. جڏهن ته ٻه اکر عزيز قاسماڻي ۽ بيئڪ ٽائيٽل سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري لکيا آهن. ليکڪ پنهنجي پاران پڻ لکيو آهي. هي ڪتاب2020ع ۾ مُرڪ پبليڪيشن ڪراچي ڇپرايو آهي. هِن ناول کي ليکڪ سورنهن بابن ۾ ورهايو آهي.
ناول جو عنوان”ڪجلا سَر“پڙهڻ سان ۽ ٽائيٽل تي تَلاءُ جي ڏيک ۽ ٻئي ڀَر جا ٿَري چونئرا، اُنهن جي ڀَر سان وڻ ۽ مٿان چنڊ جو منظر دل کي مُعطر ڪري ناول ڏانهن ڇِڪ وڌائين ٿا۔ته تَصور ۾”ڪجلا سَر“جو رومينٽڪ، جمالياتي ۽ تاريخي پس منظر اُجرو ٿي پوي ٿو. پر اُهو سڀ ڪجهه صرف نالي ۽ ٽائيٽل تي ڏنل عڪس تائين محدود آهي. ناول يا ناول جي مُختلف ڪهاڻين يا ڪردارن جو اُن دلرُبا عُنوان سان پَري تائين جو به ڪو تعلق ڪونهي.
آمريڪا جي مشهور ناول نگار هينري جيمس جو هڪ جملو آهي ته، ”ناول، زندگيءَ جو ذاتي دوست ۽ سڌو سنئون تاثر آهي. “۽ وڪٽورين دور جي مشهور ناول نگار هارڊي چوي ٿو، ”ناول هڪ نوعيت جو تاثر آهي. مُباحثو يا دليل نه آهي. “
ناول يا ڪهاڻي ڪهڙي به موضوع تي هُجي پر اصل ڳالهه جيڪا اُن موضوع کي ڪهاڻي يا ناول بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي اُها آهي اعليٰ فني پُختگي، جيڪا پلاٽ، ڪردار، موضوع، ماحول، ٻولي، منظر نگاري، اسلوب جي سگهه، ۽ ٻين اُن سان لاڳاپيل عنصرن کي نَواڻ ۾ تحليل ڪري ڇڏي، جيڪا ڪهاڻي يا ناول کي هڪ تخليقي سگهه بخشيندي آهي.
مشهور ناول نگار ٽالسٽاءِ جو چوڻ آهي، ”فن جو مقصد ڪنهن تجربي کي اظھارڻ آهي. ۽ فنڪار اهڙي تجربي ۽ اُن جي تَپش کي عام ماڻھن تائين پهچائڻ جي، جاکوڙ ڪندو آهي. “
ناول”ڪجلا سَر“، ڳوٺاڻي زندگي ۽ اُتان جي خامين توڙي خوبين جي عڪاسي ڪري ٿو. ناول جي شروعات ۾ بهلول فقير ڪُجهه ٻول ٻوليندي پنهنجي جُهوپڙي ڏانهن ويندي ڏيکاريو وڃي ٿو. اُن سان گڏ ڳوٺ جي سُونهن، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، مزاج، سياسي توڙي سماجي اوچ نيچ جو ذڪر اچي ٿو. طبقاتي مَتڀيد ۽ اوچي طبقي ۾ شُمار ٿيڻ لاءِ ماڻهو پنهنجي توڙي پنهنجن رشتن ناتن جي تقدس، مانُ مريادا کي به پامال ڪندي دير نٿو ڪري. ناول جو گهڻو حصو سنڌ کان ٻاهر مصر جي عرب ويڙھ تي مُبني آهي. جتي بهلول يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ سنڌ مان وڃي ٿو. اُتي سندس مصر جي روبيل نالي ڇوڪريءَ سان پيار ٿي وڃيس ٿو. ٻئي پاسي سندس ڀيڻ گُلنارا، جيڪا آمريڪا ۾ ڊاڪٽري پڙهي ٿي جنهن کي پڻ اُتي پنهنجي هم ڪلاسي آريان سان عشق ٿي وڃي ٿو. اُهي ٻئي ڪردار هڪ اوچي طبقي تي پُهچندڙ عالمي سطع تائين دلالي ڪندڙ شخص جو اولاد آهن. اُها سموري ڪهاڻي سرمد پنهنجي ڳوٺائي دوست سرويچ کي ٻُڌائي ٿو. سرويچ جيڪو پڻ هڪ غريب ماءُ پيءُ جو پُٽ آهي جنهن کي محنت مزدوري ڪري والدين ڊاڪٽري پڙهائين ٿا. جيڪا ڳالهه پڻ ناول مان اوچتو ظاهر ٿئي ٿي. جيئن سرويچ جي رومانوي زندگيءَ جي ڪهاڻي پل ۾ گهڙجي سامهون اچي ٿي. جيڪو انداز هڪ ناول جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿو. ايئن ناول مان کوڙ ڪهاڻيون کِڙندڙ تارن جيان تجلا ڏيندي گُم ٿي وڃن ٿيون. ڪردار به پاڻ ۾ وکريل وکريل محسوس ٿين ٿا. سندن ڳالهيون پڻ عام ڳالهه ٻولهه جيئن ٿين ٿيون. ڪٿي ڪٿي ڪي جُملا توڙي سِٽون پاڻ ڏانهن سَڏي وجهن ٿيون. ناول جي ٻوليءَ ۾ سُٺي رواني آهي. ناول جي ڪردارن ۾ مُسلم خان جو ڪارنامو غير ضروري ۽ عجيب انداز سان پيش ٿيل آهي. يا آچر جو قصو به ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ تنز ۽ مزاح پيدا ڪرڻ لاءِ يا سماجي عڪاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پيش ته ڪيو آهي پر اُها هڪ عام ڳالهه جيان ناول ۾ ٽُنبيل محسوس ٿئي ٿي. ناول ۾ آرٽسٽڪ سِٽاءُ يا دل کي ڇُهندڙ ڪو درد يا احساس ڪو نه ٿو محسوس ٿئي. ليکڪ ڄڻ ناول جي فارم ۾ مضمون نگاري وڌيڪ پر ناولنگاري بِنهه گهٽ ئي ڪري سگهيو آهي. يا جڏهن روبيل مري وڃي ٿي ته اُن جي قبر تي بهلول جيڪو هڪ تصور يا خواب جي صورت ۾ جنت ۽ دوزخ، حورن، گُلمانن يا روبيل سان مُلاقات جو خاڪو جوڙي ٿو، اُهو به عجيب قسم جي مذهبي نفسياتي اُلجهن کي ظاهر ڪري ٿو. جنهن جو انداز روايتي نموني وارو عام ۽ سطعي محسوس ٿئي ٿو. پڇاڙي ۾ يعنيٰ سورهين باب ۾، جيڪو ڪُجهه ئي سٽن تي مشتمل آهي اُن ۾ يڪدم ڏسندي ئي ڏسندي ملڪي حالتون خراب ڏيکاريندي، وزيرن جا قتل ٿين ٿا جن جي الزام ۾ بنا ڪنهن ڪارڻ جي سرويچ ۽ بهلول کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. جيڪو انجام ناول کي هرو ڀرو ان نتيجي تي آڻڻ جي فرياد ڪندي محسوس ٿئي ٿو. ناول ۾ مجموعو طور تي جن به خيالن، موضوعن، حالتن، سياست، سماجيات، طبقاتي فرق، ٻهراڙي توڙي شهري زندگي وغيره جهڙن عنصرن کي پيش ڪيو ويو آهي، اُهي سڀ پاسا ڪهاڻيءَ جي ڪرافٽ کان وانجها هُئڻ ڪري دلچسپي بدران بي دلي پيدا ڪري وَجهن ٿا.
”سارتر، چئي ٿو ته، ”خراب ناول، ڪوڙ ڪُٽڻ، غلط بيانيءَ جي ڪري پڙهندڙ کي خوش ڪندو آهي، جڏهن ته ڪو سُٺو ناول، ڪنهن خاص مقصد ۽ نظريي تي دارومدار رکندڙ، اَڻٽر ادبي ضرورت هوندو آهي. “

12/6/20

وجود جي ويران وادين ۾ ڀٽڪندڙ المين جون صدائون

ادب داخلي توڙي خارجي حالتن جو اظهار هوندو آهي. پر ٻنهي صورتن جي پس منظر ۾ فن جو هُجڻ بنھ ضروري آهي. فن کان سواءِ شاعري هُجي يا نثر ٻئي سطعي ۽ بي چَسا، بي رنگ بڻجي ڪنهن به دل تي دستڪ ڏيڻ جي سگهه وڃائي ويهن ٿا. پر جنهن به تخليق کي آرٽ جو رنگ لڳي ٿو ته اها دائميت جو سفر شروع ڪري ٿي. سنڌي ادب ۾ شاعري، ڪهاڻي، ناول توڙي ٻيون صنفون لکيون وڃن ٿيون پر انهن ۾ تمام گهٽ ئي تحريرون ادب جي ڳاٽ کي اوچو ڪرڻ جو ساهس رکنديون آهن. جن کي پڙهي ماڻهو سَراپجي ويندو آهي. اهڙين تحريرن ۾ وجوديت جي اثر هيٺ لکيل سنڌي ناول توڙي ڪهاڻيون پڻ لکيون ويون آهن جن جي پنهنجي خصوصيت ۽ الڳ حيثيت آهي. وجوديت جي رنگ ۾ سنڌي ادب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ليکڪن پنهنجي اظهار کي جيڪو رنگ ۽ ڍنگ ڏنو، اُهو هر پڙهندڙ کي ڀانءِ نه پيو جنهن ڪري وجوديت واري انتهائي حساس ۽ باريڪ بينيءَ واري انداز سان تخليق ٿيل ادب جي پُهچ گهٽ پر اهم ۽ شعور وند، فڪر ۽ فهم، واري لاڙي اُن کي هنئين سان هنڊائي اُن جي اثر توڙي اهميت کي مانُ ضرور بخشيو آهي. اُن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سارتري وجوديت جي اثر هيٺ هڪ ڳوڙهو، پُر مغز ۽ احساس جي انتهائي گهراين سان جيڪي داخلي توڙي خارجي ڪهاڻيون لکيون ويون انهن جو مقام توڙي معيار ڪڏهن به جهيڻو نه ٿيڻو آهي.
“سنڌي ڪهاڻي پنهنجي مُختلف دورن جو سفر ڪندي جڏهن 60واري ڏهاڪي جي ٻئي اَڌ تائين پهتي ته اُن دور ۾ جيڪا نئين ٽھي پنهنجي تخليقي سگهه سان اڳتي آئي، انهن۾ عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت حسين شورو، عبدالحق عالماڻي، منير احمد(بعد ۾ ماڻڪ)۽ اُنهن جي پُٺيان مشتاق احمد شورو، مدد علي سنڌي، ممتاز مهر، ڪيهر شوڪت، طارق عالم، حليم بروهي، سانول، شرجيل ۽ اخلاق انصاري سنڌ ۾ بدلجندڙ سماجي ۽ سياسي حالتن جي تناظر ۾ تخليقي سگهه واريون ڪهاڻيون لکيون.
مشتاق احمد شورو اُنهيءَ ٽهيءَ جو پهريون ڪهاڻيڪار هو، جنهن سنڌي نوجوانن جي فرسٽريشن کي کڻي سنڌ ۾ جديد ڪهاڻي لکڻ جي شروعات ڪئي. هُن ڪنهن به آدرش، نظرئي، ويچار، سوچ ۽ واسطيدار حقيقت ۽ سچ کي اُن جي سموريت(ٽوٽلٽي) ۾ قبول نه ڪيو. هُن جو چوڻ هو ته”هر آدرش، نظرئي، سوچ، فلاسافي، انقلاب، حقيقت ۽ سچ ۾ تمام وڏا سوراخ هئا، جن مان سڀ ڪجهه وهي ٿي ويو ۽ ساڳيو ورجاءُ ٿيندو رهيو ٿي. “، مشتاق شوري”ٿڪل جذبن جو موت“، ”مَن جي مُونجهه ٻُوسٽ“، ”هڪ بور ڏينهن“، ”هَستيءَ جي ٽُٽل ٽُڪرن جي وچ مان“جهڙيون جديد ڪهاڻيون لکي سنڌي ادب ۾ وڏو چوٻول پيدا ڪيو. سندس ڪهاڻين جو خاص موضوع زندگيءَ جي”ائبسرڊٽي“آهي. انساني وجود ڀَڳل ٽُٽل آهي ۽ اُن جو جيئڻ مقصديت کان خالي ۽ بي معنيٰ آهي. مشتاق جي ڪيترين ڪهاڻين جي عنوانن ۾ٽُٽل لفظ جُڙيل آهي. مثال طور: ”ٽُٽل-ڊٺل- ڊهندڙ پاڇولا“، ”ڀَڳل-ٽُٽل ليڪا“، ”ٽُٽل سلسلا“، ”ٽُٽل هَستي“، ”ٽُٽل شيشا، ڀَڳل عڪس“. سنڌ ۾ جديديت جي ڌارا ختم ٿيڻ سان گڏ مشتاق احمد شوري به ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون. 1“
مشتاق شوري جي ڪهاڻين جو نئون ڪتاب”هَستيءَ جو گُم ٿي ويل ٽُڪرو“ پبلشر ڪِرتي پَرڪشن، دهلي، انڊيا 2018ع ۾ ڇپايو هو. اُن ڪتاب کان اڳ مشتاق شوري جا ٻَه ڪتاب هڪ”ٿَڪل جذبن جو موت“1978ع۾ سُهڻي ڌرتي پبلشنگ هائوس حيدرآباد ۽ ٻيو”ٽُٽل ڊٺل، ڊهندڙ پاڇولا“، جيڪو 2003ع ۾ گُلشن پبليڪيشن ڇپيو هو. مشتاق شوري جي هِن ڪتاب”هستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو“ ۾ ڪُل 26 ڪهاڻيون ڏنل آهن. هي ڪتاب 275صفحن تي مُشتمل آهي. ڪتاب جا ٻَه اکر ديوي ناگراڻي لکيا آهن. مهاڳ ڪتاب جي ليکڪ مشتاق شوري لکيو آهي. جڏهن ته ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري لکيو آهي۔
ڪتاب”هستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو“جي مھاڳ”مون وٽان ڏنل ڪهاڻي ۽ آءُ“ ۾ مشتاق شورو لکي ٿو ته، ”ڪهاڻي آءُ ڇو ٿو لکان، يا لکان ڇو ٿو؟سبب(؟)ڪارڻ (؟). . . . . . نه، جواب مون وٽ ناهي. صرف سوال آهن، جيڪي مون وٽ آهن، ذهن ۾ آهن. ڪي سوال-شايدمنهنجي ذهن ۾ شايد نه به هُجن، ٻين وٽ هوندا. جواب ته مون وٽ مون طرفان اُٿاريل سوالن جو به ناهي، ته ڇا ٻين جي سوالن جا جواب ڏيئي سگهندس، جي ڪو اُٿاري ته؟“
”ڄاڻان ٿو ڪهاڻي لکڻ/لکڻ جو ڪارڻ مون وٽ ناهي، جنهن جي هُجڻ کي آءُ ضروري به نٿو سمجهان. پر ڪن وٽ هوندا، ضرور هوندا، جيڪي اُهي ڪڏهن ڪن موقعن تي پڌرا ڪندا آهن/ڪندا رهندا آهن. سجائي، سينگاري رکيل لفظن ۾ ويڙهيل، پرفيوم ڪيل. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي مٿي جو سور اِهو ناهي. “
”سنڌي ڪهاڻي ۾، نئين ادب ۾ منهنجو وجود نه هُجڻ جي برابر آهي. نئين ڪهاڻيءَ ۾ منهنجي ڪابه دين ناهي. پر اُن حالت کي، پنهنجي نه جهڙي حيثيت کي ڄاڻيندي به مون ڪهاڻيءَ کان پَلئه آجا نه ڪرايا آهن، شايد آءُ اڄ جي پيڙا کي، ماڻهوءَجي”Othernees“کي، اڄ جي انسان جي من ۾ ويٺل ڪالي گلا کي، سسيفس کي، گُهٽيندڙ اڪيلائپ کي پنهنجين ڪهاڻين وسيلي اظھار ڏيئي سگهان. وڃايل شخص، کسڪي ويل ڪردار ۽ ارد گرد جي حالتن کي، اُن ئي حالت ۾، جنهن ۾ اُها موجود آهي، ڪهاڻيءَ ۾ آڻي سگهان. اُن ڪري لکڻ مون نه ڇڏيو آهي. “
”اڄ جو ليکڪ/سُجاڳ شخص جنهن دور مان لنگهي رهيو آهي، اُن ۾ جيون جا لڳ ڀڳ سمورا سلسلا، قدر، روايتون ۽ سڀ ڪجهه جيڪو به سجائي رکيل هو، سو ٽُٽي، ٽِڙي پَکڙي ويو آهي ۽ هڪ ئي وقت-اچانڪ، اَنيڪ سوال ۽ مسئلا نوَن حوالن مان اُڀري رهيا آهن. وايو منڊل، سرشٽي، ملڪ، سماج، ڪُٽنب، مختلف سياسي ڍانچن، جوڙجڪن جي بدليل حوالن ۾ اُهو سُڃاڻپ وڃائي، شخصي آزادي ڦُرائي، بي مقصد جيون ۾ اَڻکٽ جنگ وڙھڻ لاءِ مجبور ٿي ويو آهي. اڄوڪي دور جو هرپل ڪا نه ڪا امرجنسي کڻي اچي ٿو ۽انسان کان نالي ماتر سُڃاڻپ به کسي وٺي ٿو. “
”اڄ جو شخص نھلزم(شڪ پرستي، انڪاريت، هر هڪ هلندڙ رواج يا نظام جو انڪار)جي تجربي مان گُذرڻ کان پوءِ اڻويهين صدي جي هيمليٽ جيان عذاب ڀوڳي ٿو، ڇو ته اُن تجربي مان گُذرڻ کان پوءِ ظاهري طور تي نظر ايندڙ ترتيب واري دنيا جو بي ترتيبي، بي معنيٰ ۽ ائبسرڊٽي(اجائي پڻو، لغويت، احمق پڻو)وارو اصلي روپ ظاهر ٿي پوي ٿو. نه صرف اڄ جي صنعتي تهذيب جي ڇڪتاڻ، ائٽمي جنگ جي لاڳيتي خطري، وڌندڙ مرڪزيت ۽ جذباتي، بگاڙي شخص جو گهيرو سوڙهو ڪيو آهي، پر اصل ٽريجڊي ڪائنات جي جوڙ جڪ جو غلط هُجڻ آهي، جنهن ۾ ڪجهه به صحيح نه ٿي رهيو آهي. شخص جڏهن به خوشي ۽ ڪارڻ جي ڳولها ۾ بي معنيٰ ڪائنات جي ٽَڪر ۾ اچي ٿو ته هُن جي سامهون ائبسرڊ واري صورتحال ظاهر ٿئي ٿو، جنهن کي ڪامئو”ڪائنات جي بي سبب ماٺ ڪوٺيو آهي. “
”ڪامئو جي ناٽڪ”ڪراس پرپز“جو مُکيه ڪردار”جان“رت جي رشتي، جذبن ۽ فطري سُڃاڻپ وسيلي خوشي چاهي ٿو، پر خوشيءَ لاءِ سَنئين سِڌي ۽ سادي سودي خواهش جي رستي ۾ رنڊڪون آهن. ڪامئو اُن ڊرامي ۾”ائبسرڊ“جي انساني تجربي تي زور ڏنو آهي. ڪامئو جي خيال ۾ انسان جو پوريءَ طرح ”ڪميونيڪيٽ“نه ڪري سگهڻ جي بيوسي، اڪيلائي ۽ جلاوطني جي احساس کي وڌيڪ ڇتو بڻائي ٿي. “
”ائبسرڊ ساهتڪار، هِن صديءَ ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي ٽرئجڊي، دنيا ۾ ٻولين جو بي اثر ۽ اڻپورو هُجڻ کي سَمجهن ٿا، جيڪي ساهت ۽ اظھار جو واحد وسيلو آهن. روايتي ۽ خسي بڻيل ٻولين وسيلي، شعوري، لاشعوري سطع تي ٿيندڙ اوچتين، اچانڪ تبديلين، احساسن جو ڀَڙڪي سان اُٿلڻ، لڳاتار تبدلين کي اُن ئي حالت ۾ اظھار ڏيڻ يا پنهنجن تجربن، احساسن جي مونجهارن ۽ ردِعمل کي چاهيل روپ ۾ اظھارڻ ليکڪ لاءِ مُمڪن ئي ڪونهي. اُن ڪوشش ۾ ليکڪ ٿاٻا کائيندي ٻوليءَ سان هٿ چُراند ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ٿو وڃي، پر پوءِ به اُها هٿ چُراند هُن کي چاهيل مقصد تائين پُهچڻ ۾ مدد نٿي ڪري. “
”ان اصول کي کڻندي جڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ جي پرک ڪجي ٿي ته، جتي دنيا ۾ سڏجندڙ”نئين“ڪهاڻي ڦُوھ جوانيءَ مان ڍِرڪي پوڙھپڻ ڏانهن موٽي رهي آهي ۽ اُن جي جاءِ، ماحول ۽ شخصي حالت ۽ بيوسيءَ جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيءَ والاري آهي. اُتي سنڌي ڪهاڻي صرف بند ٿيل دروازن جا ڪڙا ڪڙکائي رهي آهي. زندگيءَ جي بدليل حوالن ۾ سنڌي ڪهاڻيڪارن جي مٿان ڪنهن به سطع تي حالتن کي پَڪڙ ۾ نه آندو ويو آهي. دنيا جي ڪهاڻيءَ ۾ جتي خدا جي موت جي اعلان کان وٺي سُک جي ڍونگ پڌري ٿيڻ، مُئل عورت کي ماڻڻ کان وٺي پنهنجي موت جي ڀؤ سميت پنهنجي وقت جي شاهديءَ جو ۽ جيون جو اظھار، انيڪ روپن سان ڪيو ويو آهي، اُتي سنڌي ڪهاڻيڪارن جو ذهن ۽ هنن وٽان سرجندڙ ڪهاڻيون، اڄ به”رومانٽ ازم“جي روڳ ۾ گندگيءَ سان ڀَريل آهن. سنڌي ڪهاڻيڪارن لاءِ اکر”نئين“۾ به رومانس آهي. هِنن جي ڪهاڻين ۾ ڏکن، مايوسين، زندگيءَ جي ڇت پتائيءَ مان به رومانس نظر ايندو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون ته اهڙي سنڌي ڪهاڻي ورلي پڙهي هوندي، جنهن کي پڙھڻ سان من بيمار ٿي پوي ۽ اندر ۾ انتهائي نفرت، ڌڪار، ڪروڌ ڀرجي اچي. ۽ من اُلٽي ڪرڻ لاءِ چوي. “
”اُن هوندي به آسرو سنڌي ڪهاڻيءَ مان مون نه لاٿوآهي. ڪڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهڙي تخليق اچي سگهي ٿي، جنهن کي پڙھڻ سان”نازيا“، (*”سارترجو پهريون ناول”ناسيا“1928ع ۾ شايع ٿيو هو. اُن ناول جو مُک ڪردار، هڪ ليکڪ آهي. جيڪو دنيا جي لغويت (اَجائي پَڻي/بي مَعنويت)۾ معنيٰ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هُو ڏسي ٿو ته مان چوطرف جن شين ۽ ماڻهن ۾ گهيريل آهيان اُهي سَراسر لغو آهن. آخر ۾ لغوليت جو اُهو احساس وڌيڪ گهرو ٿي وڃي ٿو. اُن لغويت کان نجات لاءِ هُو سوچي ٿو ته اُن ۾ ڪيئن معنيٰ پيدا ڪئي وڃي. ڪڏهن سوچي ٿو ته کيس ڪجهه نه ڪجهه تخليق ڪرڻ گهرجي. “2)واري ڪيفيت طاري ٿي وڃي، اهڙي اُميد مون کي آهي، لال جي”هُن جي آتم جو موت“ پڙھڻ کان پوءِ، سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪي. ايس. ٻالاڻي ۽ پريم پرڪاش، ماڻڪ، جئسنگهاڻيءَ جي هُئڻ جي ڪري. “
مشتاق شوري جي ڪتاب”هستيءَ جو گُم ٿي ويل ٽُڪرو“جي مهاڳ مان مٿي ڏنل سِٽون اُن ڪري به ڪُجهه تفصيل سان ڏنيون ويون آهن جيئن ليکڪ جي ڪهاڻين جي منظر توڙي پس منظر يا اُنهن جي ڪردارن جي مزاج، نفسيات توڙي سندن اندر ۾ پيدا ٿيندڙ بيگانگيءَ کي پڙهندڙ چڱيءَ طرح ڄاڻي سگهن. يا اُنهن ڪهاڻين جي دنيا ۾ جيڪا ٽوڙ ڦوڙ، اجنبيت آهي اُن جي ڪارڻن جا ڪي رستا نڪري سگهن. دراصل مشتاق شوري جون ڪهاڻيون انساني ٽُٽل وجود جي اندر جا اهڙا پَڙاڏا آهن، جن جا سَڏَ نڙيءَ جي اندر ئي گُهٽجي رت سان گڏ دل جي ڌڙڪنن ۾ گونجندا رهن ٿا. ماڻهوءَ جي بيوسي، لاچارگي، ٽُٽل ۽ وکريل خواب، من جي ڳالهه نه اظهاري سگهڻ جي پيڙا، بي اعتمادي، ڪو به فيصلو نه ڪري سگهڻ جي همت وغيره جهڙيون المناڪ ڪيفيتون وڏي بي رحمي ۽ پنهنجي پوري اصليت سان اکرن مان اُڀري پڙهندڙ جي وجود ۾ تحليل ٿي، ڪردارن جي روپ ۾ سندس آڏو آڻي بيهارين ٿيون ته پڙھندڙ پنهنجي وجود ۾ لرزي وڃي ٿو ۽ پنهنجي اندر ۾ موجود اهڙي وايو منڊل جي تصوير ڏسي ڇِرڪي، اُن تي سوچڻ لڳي ٿو جنهن مُتعلق هِن دنياوي خارجي اثرن کيس بي سُڌ ڪري اُنهن حالتن کان لاتعلق ڪري ڇڏيو آهي.
*”انساني وجود جو الميو(Tragedy) پاڻمرادو اِن ڳالهه مان ئي پڌرو آهي ته سندس دائمي ٻُڏتر واري حالت کيس ذميواري ۽ فرض شناسيءَ کان آجي حياتيءَ گهارڻ ڏانهن گهليو ٿي وڃي. انسان پنهنجي وجود(Existence)جي بَچاءُ ۽ سنڀال بابت پنهنجي لاپرواهي ۽ ڪن لاٽار کي ختم ڪرڻ کان به لاچار آهي. سندس اُها موڳائپ ۽ لاچاري بنا ڪارج/بيڪار، اَسھپ جوڳي ۽ اَڻوڻندڙ صورتحال ۾ کيس جيئڻ تي مجبور ٿي ڪري. انساني وجود ۽ جيئڻ جي لاچار وچ ۾ اُها ڇڪتاڻ سموري حياتي ايئن ئي جاري ٿي رهي. اُن گهڙيءَ تائين جيسيتائين هُو پنهنجي وجود کان موڪلاڻي وٺي عَدم ڏانهن ڪوچ نٿو ڪري. جيئڻ جي اِنهيءَ لاچاريءَ ۾، جڏهن انسان پنهنجي وجودي سچ جي ڳولا واري عمل کي ويساري نٿو ويهي ته هُن جي زندگي جا ڪارائتا موتي اَڻ ڇُهيا رهجي وڃن ٿا. انسان محسوس ٿو ڪري ته ٺلهي وجود کان وڌيڪ وجوديت آهي ۽ مورڳو جيئڻ کان وڌيڪ زندگي آهي. اَڻ چٽائي، اَجايو پِڻو ۽ پنهنجي وجود جي ٺلهائپ سان مُکا ميل ٿيڻ کان پوءِ انسان پنهنجي اصل وجود جي ٻيهر ڳولا ڏانهن پنهنجي ياترا شروع ڪري ٿو. هُو پنهنجو پاڻ کان اورانگهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اُنهيءَ پوش چڙهيل ماورائيت ۽ ڳُجهه ۾ به کيس هڪ معنيٰ سُجهي ٿي، جنهن لاءِ هُو سموري حياتي واجهائيندو رهي ٿو. اِن ريت معنيٰ ۽ وجود جي ڳولا جو اُهو عمل، انسان جو پاڻ کي اورانگهڻ (ڳولهڻ)وارو عمل ٿي پوي ٿو. معنيٰ جي ڳولا هِن لاءِ ڄڻ سچائيءَ لاءِ ڳولا ٿي پوي ٿي. “3)
اصل ۾ اڄ جو جديد سنڌي ادب خاص طور تي فڪشن پڙهندي پڙهندي اوچتو اڄ جڏهن مشتاق شوري جون ڪهاڻيون پڙهيون اٿم ته ايئن محسوس ٿيڻ لڳو آهي ڄڻ مان پاڻ سان تمام گهڻي عرصي کان پوءِ، روايتي مُسلسل جياپي واري جانڊاھ ۾ اَڻڄاڻ پيسجندي پنهنجي هُجڻ جي احساس کان آشنا ٿيو آهيان. ۽ پنهنجي اندر جي اُداس دنيا جي وساريل ڪربناڪيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو اٿم. جيئن ڪو به انسان پيدا ٿئي ٿو ته سندس نفسيات/ذهن جي سليٽ صاف شفاف ۽ خالي هوندي آهي، پر ڄَمڻ کان وٺي مَرڻ تائين اُن سليٽ تي ٻاهريان دنيا جا اکر لکبا رهبا آهن. هُو جيڪو ڪجهه لکڻ/ڏسڻ چاهيندو آهي اُهو نه لکي سگهڻ جي بي وسي کڻي، سڄي زندگي اُن ذهن/وجود کي ڀٽڪائيندو رهندو آهي. ته مشتاق شوري جون ڪهاڻيون پنهنجي ذهن/نفسيات جي سليٽ تي پنهنجي تحرير نه لکي سگهڻ جو چِڙ، غصو ڏياريندڙ ردِعمل آهن. وجودي ادب ۾ ماڻهوءَ جي هٿ وٺي پيدا ڪيل بي حالي، بربادي، ڀٽڪنا، اضطراب ۽ اهڙين ٻين کوڙ سارين حالتن جي ستم ظريفي تي دل هٿن ۾ اچي وڃي ٿي. ٻيو ته مشتاق شوري جون هي ڪهاڻيون، ڪهاڻيءَ جو اھڙو ته اعليٰ فن آهن، جنهن ذريعي وڏي اعليٰ مهارت سان ليکڪ مختلف ڪهاڻين جي ڪردارن جي جياپي جا ڌُنڌلا ٿي ويل رنگ، اڪيلائپ، ڪو به فيصلو نه ڪري سگهڻ جي هيڻائپ، شعور جي چڪيءَ ۾ پيسجڻ جي پيڙا، اندر ۾ وڌي وڌي، حد کان وڌي ويل لاچارگي جي اُلٽي ڏياري ڇڏيندڙ ڪيفيت کي پوءِ به من ۾ زوري سانڍهي رکڻ جي مجبوري، انتهائي غلاظت ۾ جيئڻ کان بغاوت ڪرڻ جون علامتي نشانيون آهن. توڙي جو مشتاق شوري جي ڪهاڻين جو بنيادي خيال مايوسي، هيڻائي، زندگيءَ کان نفرت، خودڪشي جي انتها تي پُهچڻ آهي، پر اگر غور سان ڏسجي يا سوچجي ته هتي ماڻهوءَ کي مليل زندگي ۾ ڪراهت آميز ڪيفيت، احساسيت يا جيڪا نفسيات جوڙي وئي آهي اُن جي اهڙي ئي بي رحميءَ سان پيش ڪيل حقيقت جي عڪاسي هي ڪهاڻيون آهي، جنهن تي سوچي ماڻهو پشيمان ٿيڻ کان رهي نٿو سگهي. پر ٻئي پاسي مايوسيءَ جي ڪُن ۾ گهوماٽيون کائيندڙ ماڻهوءَکي زندگيءَ جي اصل ڀيانڪ تصوير ڏيکاري کيس اهو آگاھ پڻ ڪيو ٿو وڃي ته زندگي ڪورو ڪاڳر آهي ان تي جو به لکڻو آهي اُن ڪوري ڪاڳر واري زندگيءَ جي مالڪ کي ئي لکڻو آهي. اُن لغو زندگيءَ جي بي معنويت ۾ معنيٰ هر صورت ۾ کيس ئي ڀرڻي آهي.
مشتاق شوري جي ڪتاب”هستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو“۾ موجود ڪهاڻين جي دنيا، اُنهن جا ڪرادر، ڪردارن جون اندوروني ڪيفيتون، اُنهن ڪيفيتن جو ڪَرب، اُن ڪَرب جي ڪوجهائپ جي جيڪا تُز ۽ بي رحماڻي ڦوٽو گرافي مشتاق شورو ڪري ٿو اُها تصورڪشي، منظر نگاري، ڪردار نگاري، ٻولي جو نج پڻو، ڪهاڻيءَ جو انداز، ڪردارن جي داخلي پيڙائن وارين ڪيفيتن، بيوسي جي انتهائي هيڻائي، اهڙي ته فنائتي نموني اکرن ۾ اوتجي پڙهندڙ تائين منتقل ٿي وڃي ٿي جو پڙهندڙ اُنهن سڀني ڪهاڻين جي مُختلف ڪردارن ۾ تحليل ٿي اُهو ڏهڪائي ڇڏيندڙ اندروني عذاب ڀوڳيندي بي حال ٿي پوي ٿو.
اهڙي طرح ليکڪ جي ايبنارمل ڪهاڻين جا ڪردار توڙي اُنهن جا عنوان، اُٻڙڪا ڏئي اندر مان اُڀري ايندڙ درد جون اُهي ڪيفيتون آهن جيڪي سنڌي ڪهاڻي جي دنيا ۾ هڪ الڳ رنگ توڙي روپ ۾ پيش ڪيون ويون آهن.
”ٽُٽل، ڊَٺل-ڊهندڙ پاڇولا“هن ڪهاڻيءَ ۾ گهڻي مينهن وسڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي مُختلف علائقن جي مختلف ماڻهن جو، شهر ۾ گهڻو پاڻي جمع ٿي وڃڻ ڪري، روڊ، رستا ۽ گاڏيون بند ٿيڻ سان، ڪينٽ اسٽيشن جي پليٽفارم تي ٽرين جي انتظار جو هڪ منظر آهي جنهن ۾ قسمين قسمين مزاج رکندڙ ماڻهن/ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جي چُرپُر، مينهن جي تباهي مُتعلق ڳالهيون، اُنهن جا ذاتي مسئلا، ڪيفيتون، اُنهن جون حالتون، مامرا، هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي گهر پُڄڻ جي بي چيني، بي وسي، ٽرين جو بيقراريءَ مان انتظار ڪرڻ، ٽرين اچڻ تي ٽرين جي گاڏن تي ماڻهن جي چڙھڻ جي ڀَرمار/ پيهه، ٽرين هلڻ کان پوءِ ٽرين ۾ هڪ ٻئي سان چنبڙيل ماڻهن جي عڪاسي، رش۾ماڻهن جي ساھ مُنجهائيندڙ حالت، ٽرين جي درن ۾ لَڙڪيل ماڻهو، اُنهن مان هڪ ڪردار، پنهنجي بيمار گهر واريءَ لاءِ وٺي ويندڙ دوائون، اُن جو تيز هلندڙ ٽرين مان هٿ ڇڏائجي وڃڻ، ٽرين کي زنجير ڇڪي بيهارڻ، اُن تي ماڻهن جون عجيب قسم جون بي حسي، بي دردي۽ افسوس واريون ڳالهيون ۽ اُنهن جي تُز عڪاسي، پٽڙين جي ڀَرسان پٿرن تي ڪِريل هڪ مجبور، هيڻو رت ۾ ٻُڏل اجنبي انسان، جنهن لاءِ پنهنجي گهر وارا گهر جي در ۾ اٽڪائي ويٺل اکيون، جن کي ڪا خبر ڪونهي ته سندن گهر جو وڏو ڪهڙي حالت ۾ آهي. لاش جي چوگرد ماڻهن جا هَشام، جيڪي پنهنجن پريشانين ۾ لاتعلق بڻيل، ٽرين جي رُڪجي وڃڻ ۽ ڪِري مري ويل شخص تي چِڙ کائيندڙ ته هِن کي به هاڻ ڪِرڻو هو ۽ خاص طور تي زنجير ڇڪيندڙ تي باهيون ته هُن زنجير ڇو ڇِڪي، اھڙي صورتحال ۾ جتي لاڳيتو چار پنج ڪلاڪ مُسلسل وسندڙ مِينهن جي وقفي ۾ هر ڪو پريشان ته ڪٿي وري مينهن نه شروع ٿي وڃي، اُن کان اڳ وڃي گهر ڀيڙا ٿيون. پوليس جي لاش لاءِ ڪيل ڪاروائي، اُنهن جي سوچ، اُن سموري حالت جي جنهن فنڪارانه انداز سان ليکڪ بنا ڪنهن لفظن جي رنگيني جي سِڌي سَنئي دل کي جهنجهوڙي ڇڏيندڙ منظر نگاري، ڪردار نگاري، نفسياتي اوک ڊوک ڪئي آهي اُها ماڻهوءَ جي هستيءَ ۾ موجود جذبن، آسن، اُمنگن، ڏُکن، ڏوجهرن، بي وسين جي هڪ سَرد آھ پڻ آهي. مطلب ته هي ڪهاڻي انساني من جي اندروني خلائن ۾ڀٽڪندڙ خواهشن، حالتن، تڪليفن جي عڪاسي ڪندڙ ۽ سُن ڪري ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ڪهاڻيڪار وڏي فني ڪاريگريءَ سان سڄي صورتحال کي بيان ڪندي، ڪهاڻي کان دور رهي ڪهاڻيءَ کي مُڪمل ڪيفيتن، احساسن سان اکرن مان اُڀاري پڙهندڙ کي ڏيکاري ٿو. محسوس ڪرائي ٿو، ڀوڳرائي ٿو، ذهني طور تي مُنتشر ڪري، ڪردارن ۾ زِم ڪري ڇڏي ٿو، بظاهر هڪڙي ڪهاڻي پر هڪڙي ئي ڪهاڻيءَ مان ٻيون به ڪيئي ڪهاڻيون توڙي ڪردار تخليق ڪري وجهي ٿو.
”ڀڳل ٽٽل ليڪا“هڪ عجيب ڪهاڻي آهي. لمحي لمحي جي سوچ توڙي پيڙا کي سموئيندڙ، مُنتشر نفسيات توڙي ڪيفيتن، سوچن ۽ خيالن جي ڪُن ۾ ڦاٿل، هڪ وکريل شخص جي ڪهاڻي. جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جو مُک ڪردار ٻئي شهر ۾ نوڪري ڪري ٿو. جيڪو موڪل جو ڏينهن هُئڻ ڪري گهڻي وقت کان پوءِ پنهنجي گهر اچي ٿو. گهر ايندي کيس گهر ڏانهن ايندڙ رستا توڙي گهٽيون اوپريون، اڻڄاتل محسوس ڪري ٿو. گهر کي به ڏسي اُن کي سُڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پَڪ ڪري، پوءِ گهر جي ڏاڪڻ چڙهي در کڙڪائي ٿو. ماءُ در کولي کيس تعجب ۽ اُتساھ مان ڀاڪرن ۾ ڀَريس ٿي پر هُو بي دليو ساڻس ملي ٿو. ايئن ڀيڻن ڀائرن توڙي ننڍڙن ٻارن سان پڻ بنا ڪنهن چاھ ۽ لڳاءُ جي ملي ٿو. گهر ۾ اجنبيت جو احساس کيس جهوري وجهي ٿو. ڪنهن سان ڳالهائڻ يا ڪچهري ڪرڻ يا ماني کائڻ لاءِ به دل ڪو نه ٿي چئيس. ايئن مُختلف ڪيفيتن جي ڀوڳنا ڀوڳيندي ڪجهه ئي دير ۾ ڪنهن ضروري ڪم جو بهانو ڪري ٿيلهو کڻي گهران نڪرندي پاڻ کي ڏاڍو پُرسڪون ۽ رليڪس ڀانئي ٿو.
”هستيءَ جي ٽُٽل، ٽُڪرن جي وچ مان“ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙو ڪردار سامهون اچي ٿو، جيڪو هر حالت ۾ ڪجهه نه ڪجهه، عجيب ۽ غريب سوچيندو رهي ٿو. هر لمحي کي رَٻڙ وانگر هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين مُڪمل ڇِڪي، جڏهن ڪنهن به هڪ ڇيڙي کي ڇڏي ٿو ته اُهو ڇيڙو تيزيءَ سان اچي، ڄڻ ته پڙهندڙ جي ذهن ۾ لڳي ٿو ۽ اُن کي ڇرڪائي، لرزائي ڇڏي ٿو. پڙهندڙ هڪ عجيب ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪيفيت ۾ مُبتلا ٿي وڃي ٿو. اهڙي محسوسيات تائين رسائيءَ لاءِ پڙهندڙ لاءِ ضروري آهي ته کيس سڀني ڪهاڻين جي لفظن جي ڪناري تي ٺلهو بيهڻ بدران اُنهن جي گهرائيءَ ۾ پاڻ کي لاهي ۽ انهن ۾ موجود ڪيفيتن ۽ حالتن کي پنهنجي من جي گلاس ۾ اوتي ڇڏي ته جيئن ڪهاڻيءَ جو ڪردار، پڙهندڙ ۾ مُنتقل ٿي کيس ڪهاڻيءَ جي دنيا ۾ جاڳائي وجهي.
ڪهاڻي جي شروعات ۾ ڪهاڻيءَ جو ڪردار شاور هيٺ وهنجي رهيو آهي، مٿان ڪِرندڙ پاڻيءَ جي بوندن کي محسوس ڪندي به ڪجهه سوچيندو رهي ٿو. تيار ٿي آفيس وڃڻ تائين سڀني گذرندڙ پَلن جي پاڳلپڻي کي احساس جي انتهائي نفيس گهرائيءَ تائين محسوس ڪندي، آفيس پُهچي ٿو. ۽ پوءِ آفيس ۾ ذري ذري ڳالهه مُتعلق فڪر مَند ٿيندي، سوچن جي ڪارن ڪُنن ۾ گهوماٽيون کائيندي، بي سبب، اڻڄاڻائيءَ ۾ بار بار گهنٽي وڃائي، پٽيوالي کي گُهرائي، ڪجهه چوندي چوندي رُڪجي بنا چوڻ جي واپس موڪلي ٿو ڇڏي. ڪو به فيصلو نه ڪري سگهڻ جي ڪَرب ۾ پنهنجي من ۾ پيڙهجندي، ذهني طور تي پڄرندو رهي ٿو. ”پڇاڙيءَ ۾ هُو پاڻ کي وقت کان اڳ پوڙھپڻ جي پهرين ڏاڪي ۾ داخل ٿيندي محسوس ڪري ٿو. پنکي ۾گهوريندي کيس آپگهات سيڪسي ڇوڪري لڳي ٿو. جيڪا نخرن ۽ ماڻڻ سان کيس سڏي رهي آهي ۽ هُو پاڻ کي بي انتها ٿڪل ڀانئي ٿو. “
”هستيءَ جو گُم ٿيل ٽُڪرو“ڪهاڻيءَ ۾ هڪ عورت، جيڪا پيشاور آهي. ڪهاڻيءَ جي مُک ڪردار پاران، اُن سان گهاريل گهڙين جي پيڙائتي ڪٿا خودڪلاميءَ واري انداز ۾ بيان ڪيل آهي. جنسي خواهش ۾ لِڪل، اَصل محبت ماڻڻ جي ڦٿڪندڙ آس ڪيڏي نه ڀٽڪائيندڙ ڀانئجي ٿي. پيشاور عورت کي پئسن سان ڪم ۽ اُنهن عيوض عارضي ڏيکاءُ واري محبت. پر محبت ماڻيندڙ شخص سامهون پيل ڪرڀ ڏياريندڙ گوشت ۽ اُن منجهان ايندڙ عجيب بوءِ کان پري سنجيدگيءَ جي پُلصراط تي هڪ عورت سان دلي ڪيفيتن جي ڪُن ۾ ٻُڏندي تَرندي محسوس ڪري ٿو. پئسن جي تنگي هوندي به ڏوڪڙن سان خريد ڪيل وقت کي جنسي عارضي لذت حاصل ڪرڻ عيوض حقيقي محبت جو معراج ماڻڻ جي خيال سان کپائي ويهي ٿو. ۽ هُو اُن عورت جي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي جنسي ناڪامي جي احساس کي ڀوڳيندي، سموري گذريل ڪٿا کي پنهنجي دل مان روڙي، اکرن وسيلي اُڻي هڪ اضطراب کي پيدا ڪري وجهي ٿو.
”مجبوريءَ کي اکيون نه هونديون آهن، ڪَن به نه هوندا آهن، محسوس ڪرڻ لاءِ حَواس به نه هوندا آهن. نه، صرف حَواس ئي هوندا آهن مجبوريءَ کي. “يا ٻئي هنڌ هڪ ٻيو جملو اچي ٿو ته،
”دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا خراب، اُن کان به وڌيڪ بَدترين، مَڪروھ، بَدصورت، اَذيتناڪ شيءِ آهي ته اُها ڊيسيپلين آهي. انسان هر حالت ۾ رهي سگهي ٿو، پر ڊيسيپلين ۾ نٿو رهي سگهي. “
”جيون جيڪو رڙهي پيو“ڪهاڻي ۾ ڦُٽ پاٿ تي ڇِنل ڪَھين وارو بوٽ پائي هلندڙ شخص، جنهن جا پير، بوٽ مان هر هر ٻاهر نڪري وڃڻ ڪري هلڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري ٿو. کيسي ۾ پندرنهن پيسا، آفيس ۾ سڄو ڏينهن مَٿو هڻڻ، پنهنجي آفيسر جا دڙڪا کائڻ، چانهه پيئڻ جي خواهش، بوٽ لاءِ نيون ڪھيون وٺڻ جو خيال، ڇَهه ميل آفيس کان گهر تائين پنڌ، بس اسٽاپ تي بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا کپائيندڙ ڇوڪرا ۽ اهڙيون وس کان ٻاهر ۽ اڌوارئپ کي وڌائيندڙ بي حس حالتون، هِن ڪهاڻيءَ جي ڪردار کي سوچن جي صليب تي ٽنگي ڇڏين ٿيون. بيوسي، مُفلسي، جنجال بڻجي ويل جياپي جي جنگ ۾ پَل پَل مرندي ۽ جيئندي ڪهاڻيءَ جو ڪردار، سوچي ٿو ته، ”پندرنهن پيسا، جي کيسي ۾ پيا آهن ڪڍي اُڇلائي ڇڏيان، ۽ اُن پيڙا مان جان ڇڏائي مُڪت ٿي هلندو رهان. ۽منهنجي سمجهه زخمي ٿي پئي آهي-لڳي ٿو ڪجهه ايئن-ايئن -بيٺو آهيان لاچار، بيوس. “
”ٿڌي باھ“ڪهاڻيءَ ۾ ٻَه ڪردار ڪافي هائوس ۾ اچن ٿا. سندن خاڪي فوجي وردي، ٽوپيءَ ۽ بوٽ سميت ميري آهي. ڪهاڻيڪار ٻنهي ڪردارن جي مُشاهبت هڪ جي باندر ۽ ٻئي جي گهوڙي جي مُنهن جهڙي ٻُڌائي ٿو. جيڪي بيري کي چانهه آڻڻ لاءِ چون ٿا. عجيب فوجي نفسياتي انداز سان ڪردارن جي ڪهاڻيڪار جيڪا عڪاسي ڪئي آهي اُها ڄڻ ته ڪنهن هلندڙ فلم جيان ڀاسي ٿي. ٻئي ڄڻا جنگي حالتن ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ آهن. ٻئي پاڻ ۾ گهٽ ڳالهائيندي به نيٺ ڳاڙهي بازار جو ذڪر ڪن ٿا. ۽ پوءِ ڪنهن ڪسبياڻيءَ مُتعلق هڪ ڪردار ٻئي ڪردار کي پنهنجي عشق جي ڳالهه ٻُڌائي ٿو. ته ڪيئن نه هوءَ ڪسبياڻي ساڻس محبت ڪري ٿي ۽ کيس جنسي تسڪين پُهچائي ٿي. ٻيو ٻُڌندڙ ڪردار اِهو ٻُڌي احساس ڪمتري جو شڪار ٿيندي ڳالهه ٻُڌائيندڙ سان ڪوڙ ڳالهائيندي چوي ٿو ته، مون سان پڻ ڳاڙهي بازار ۾ هڪڙي ڪسبياڻي محبت ڪندي آهي. ۽ اُن مُتعلق وڌائي، چڙھائي کيس ٻُڌائي پاڻ کي نفسياتي طور تي مُطئمن ڪري ٿو. ٻيو ڪردار کائونس اُن ڪسبياڻيءَ مُتعلق پُڇي ٿو. ته ٻيو ڪردار مڙئي ڪوڙ ڳالهائيندي، پارپتا ڏيندي کيس ٻُڌائي ٿو ته، وئشياخاني ۾ ڦلاڻي هنڌ تي جيڪا هڪ سهڻي عورت ويهي ٿي، اُها منهنجي محبوبه آهي. ٻُڌندڙ ڪردار اڳئين جي ڳالهه ٻُڌندي پنهنجي هٿ ۾ پسٽل جَهلي اُن کي ڏسندو رهي ٿو ۽ پوءِ اوچتو پسٽل سان فائر ڪري، ڪهاڻيءَ جي سموري ماحول کي هيسائي، ڇرڪائي وجهي ٿو۔ڇو ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪردار جنهن عورت جو ڏَسُ ٻُڌائي ٿو اُها ڳالهه ٻُڌندڙ جي ئي محبوبا هُجي ٿي۔ايئن اصل محبوبا وارو ڪردار وئشيائن کي پنهنجي مُنهن بيوفا چئي ٿو ۽ ٻئي لمحي ٻئي ڪردار ڪافي هائوس مان نڪرندي ڏيکاريا وڃن ٿا. ايئن مشتاق شوري جي ڪهاڻين جي دنيا ۾ پنهنجي آواره دل کي ڀٽڪائيندي سندس هڪ ڪهاڻي”گيدي پڻي سان ڀَريل جيون“جي اُداس دنيا جو در کولي ڏُکاري دل داخل ٿئي ٿي ته ڪهاڻيءَ مان ڪجهه چونڊ سِٽون پاڻ ڏانهن سڏيندي نظر اچن ٿيون. جن ڏانهن مايوس مَن سان بي ساخته وڃي پڙهڻ لڳان ٿو ته، ”ڪُجهه به هُجي پر اُگهاڙي حقيقت ۽ ظالم -فحش سچ اِهو آهي ته رشتا، ناتا، لاڳاپا سماجي هُجن يا فطري پر اُهي شخص جي سماجي رُتبي ۽ حيثيت پَٽاندڙ ئي ٺَھندا، جُڙندا ۽ ڊَهندا آهن. سماجي يا فطري لاڳاپا ڪنهن به ريت ڪنهن به، صورت ۾ اَٽل-اَڻمٽ ناهن. پرضرورتن، حالتن، انساني لالچن، غرضن موجب پنهنجي معنيٰ، مقصد ۽ شڪل مٽائيندا ٿا رهن. شايد رشتن -لاڳاپن جي ضرورت آهر تبديلي سڀاويڪ- قدرتي هُجي. . . . !“
ڪهاڻي ”جيون جو خاليپڻو“ مان هڪ ٽڪرو، جيڪو انساني بيوسي۽ لاچارگي جو هڪ المياتي حوالو لڳي ٿو. اُن کي پڙھڻ لڳان ٿو، ”انسان ذهني سُڪون لاءِ خُدا تخليق ڪيا ته خود پنهنجي سِرجيل خدائن جو ٻانهون-غلام بڻجي ويو ۽ پنهنجي ئي تخليق اڳيان ليلائڻ، آزيون، نيزاريون ڪرڻ لڳو ۽ سجدا ڏيڻ ۽ بانبڙيون پائڻ لڳو. سندس ئي تخليق ڪيل خدا-خيال کي اعليٰ ۽ مَٿانهون رُتبو ملي ويو ۽ کيس نيچ ۽ نيچ رُتبو پَلئه پيو. امن، سُڪون، ڀائيچاري ۽ هڪجهڙائيءَ جي آس سان ڌرم تخليق ڪيائين ۽ خود ئي اُن ڌرم-مذهب جي نالي ۾ ڪُسجڻ ۽ قتل ٿيڻ لڳو. ڀائيچاري ۽ هڪجهڙائي جي بدران ڌرم، مذهب ۽ عقيدي جي اوٽ ۾ نفرت جا ڪوٽ اَڏي گروهن، فرقن، اوچ نيچ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو. پاڻ جهڙن ٻين سان گڏجي عزت ۽ سُڪون ڀَري زندگي گذارڻ جي چاھ ۾ سماج جو پايو وڌائين ته مَٿس نه سَهڻ جهڙيون اَڪيچار قسمن جون پابنديون ۽ سختيون مڙهجي ويون. عزت، سُڪون ۽گڏجي رهڻ جي شوق۾ شخصي آزادي، ذهني سُڪون ڦُرائي سماجي اوچ نيچ، اَڻ برابري، ننڍ وڏائي ۽ ڪيترن ئي سماجي تضادن جو شڪار بڻجي، نفسياتي روڳ پِرائي ويٺو. پنهنجو مُلڪ هُئڻ جي شوق ۾ رياست کي جنم ڏنائين ته پنهنجا تخليق ڪيل رياستي ادارا هُن کان وڌيڪ مضبوط، سگهارا ۽ مانُ مَرتبي وارا بڻجي ويا ۽ انسان ويچارو يَڪجهتي، سلامتي، قومي سالميت، قانون، اسٽيٽ سيڪرٽريٽ جي نالي ۾ لوهي ٿنڀن کان وڌيڪ مضبوط رياستي ادارن هٿان ذليل، خُوار، بُڇڙو ۽ بي عزتو ٿيڻ لڳو. بيمارين مان ڇوٽڪارو وٺڻ لاءِ دوائون ايجاد ڪيائين ته دوا هڪ مرض ڇڏائي ڏھ ٻيون بيماريون وٺيو اچي. لڳي ٿو ته نجات جون سڀئي واٽون بند آهن. “
سارتري وجوديت جي فڪري تناظر ۾ لکيل مشتاق شوري جون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان نروار ٿي سامهون اچن ٿيون. ڇو ته عالمي طور تي دنيا مُسلسل پنهنجن ئي صديون اڳ پيدا ڪيل زندگيءَ جي مُختلف زاوين جي روايت ۽ هڪ جهڙائي واري حالت کان بغاوت ڪندي جديديت جي انهن اڳين سڀني لاڙن مان نيئن انداز سان فڪري جوڙجڪ ڪري ماڻهوءَ لاءِ هڪ عليده رُخ ڏانهن هلڻ جو ڏَسُ ڏنو. جنهن ڏانهن وڃڻ جو ساهس گهٽ ماڻهن ۾ هو.
“وجوديت موجوده وقت جي نمائنده فڪري تحريڪ آهي، جنهن زندگيءَ جي هر شعبي کي مُتاثر ڪيو آهي. علم، حڪمت، ادب، فن، مذهب، نفسيات، عمرانيات، اخلاقيات هُجي، وجوديت اُنهن سڀني تي پنهنجا اَڻمِٽ نشان ڇڏيا آهن. وجودي ادب ۾ تخيل جي رنگيني، فڪر جي بُلندي، جذبي جي شدت، آرزوئن ۽ خواهشن جي رنگا رنگي اعليٰ درجي واري ملي ٿي. “، ”وجوديت اسان جي دور جو فڪري مجموعو آهي. هِن دور جي خاص بي´چيني، ڇڪتاڻ، پريشاني ۽ ڪشمڪش جيڪي خوفناڪ جنگين، تباھ ڪُن هٿيارن، شديد سماجي انقلابن، اختيار پسند، گروھ پرست، فرد دشمن عقيدن ۽ روحانيت جي زوال جو نتيجو آهن. جن جو اظهار وجوديت ۾ موجود آهي. هي خرابي۽ مايوسي، سڀني مڃيل روايتن جي خلاف بغاوت، ماده پرستي، تخيل جي مُفلسي، فڪر، ادب ۽ فن ۾ جذبي ۽ وحدت جو انتشار، عدم تحفظ جو احساس، سماجي، سياسي، مذهبي، اخلاقي ۽ جمالياتي قدرن جي ڪِريل شڪست، جن مان اسان جي ثقافت صورت ماڻي، جنهن وجودي فلسفي کي ڪچو مال فراهم ڪيو، جيڪا اُن جي تفسير هئڻ سان گڏ، تاويل، ۽ نتيجو به آهي ته تنقيد به. وجوديت هڪ نئون مذهب هئڻ ڪري ٻين مذهبن جيان اُن وقت ظاهر ٿيو، جڏهن پهريان موجود مذهبَ۔۔۔۔۔جن ۾ عقل پرستي ۽ سائنس پرستي به شامل آهن. جن کي اڻويهين صديءَ ۾ مقبول عقيدن جو مَرتبو حاصل هو۔۔۔انساني روحن کي تسڪين ڏيڻ ۽ اُنهن جي لاءِ زندگي جو بهتر طور طريقو مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا. 4“
مشتاق شوري جون سڀ ڪهاڻيون وجوديت جي ويراڳ جو پڙاڏو ڀاسن ٿيون. ڇو ته لڳ ڀڳ مُختلف تصويرن ۾ هڪ ئي چهري جي الڳ الڳ عڪسن جون جهلڪيون، جيڪي هڪ ئي وقت يڪسانيت ۽ بوريت جي بيزاريءَ جي هوندي به وڏي آرٽسٽڪ انداز سان پاڻ ۾ گُم ڪري ڇڏيندڙ ڪهاڻين جو روپ ڌاري نِروار ٿين ٿيون. ڪهاڻين جي ڪردارن جي ڀَڃ ڊاھ، ٽُٽل ڦُٽل حالتن جي سَتايل ماڻهن جون وڏي بي رحميءَ سان ڪيل سندن اندروني عڪاسي يا ڪهاڻين جا جيڪي عنوان تشڪيل ڏنا ويا آهن اُنهن ۾ پڻ ڪهاڻين جا مُڪمل تَت سمايل آهن. هر عنوان ۾ ڄڻ ته ڪا نه ڪا ڪهاڻي ساھ کڻي رهي آهي.
مثلن:”ٽُٽل سلسلا“، ”لُٽيل وڃايل اَهم ۽ مَزو“، ”ٽُٽل هستي“، ”منهنجي پيڙا“، ”ٽُٽل شيشا-ڀڳل عڪس“، ”رڙهندڙ پيڙهي“، ”گيدي پڻي سان ڀَريل جيون“، ”بيمار آسن جي لوچ“، ”ٿَڪل جذبن جو موت“، ”من جي مُونجهه ۽ ٻُوساٽ“، ”ويچار ۽ ويچارن جي وچ ۾ لٽڪيل آءُ“، ”هڪ بور ڏينهن“، ”ميرا ڳل، ڳاڙها لُڙڪ“، ”جيون جا روئيندڙ ٽھڪَ“، ”اُوندھ جي وَهڪ“، ”ڪجهه گهڙين جو ائبنارمل“، ”ٽُٽل جيون، ٽُٽل آس، پيڙا“، ”جيون جو کوکلو سچ“، ”مُئل ماڻهن جي ڀُومي“، ڪهاڻين جا اهڙا عنوان آهن جن ۾ وجوديت/هستي واد سوچ ۽ خيال پنهنجي سموري حقيقتي سچائيءَ سان وڏي رُکا ۽ ڪَربائتا احساس، فن ۾ تحليل ٿي ماڻهوءَ کي/سماج کي پنهنجي ويران اندر جو آئينو پسائين ٿا.
ديوي ناگراڻي چواڻي ته، ”دراصل ڪهاڻي اسان جي وقت جي دائري ۾ سماج جو عڪس آهي. جنهن ۾ اُهو سڀ ڪجهه ٿيندو آهي، جو اسان جي سماج ۾ ٿيندو رهندو آهي. مشتاق شورو به پنهنجي آس پاس ۾ ٿيندڙ حالتن کي سوچ جي سُٽ سان اُڻيو آهي. . . . “
”ميراڳل، ڳاڙها لُڙڪ“هڪ معصوم، بي سمجهه ٻالڪ جي درد ڀَري ڪهاڻي آهي. جيڪا هڪ ٻار جي آهُن ۽ دانهُن جو دل کي لرزائي ڇڏيندڙ داستان آهي.
جنهن ۾ هڪ ٻار جي سموري ٻاراڻي نفسيات، چُرپُر ۽ سندس اَبهم سوچن ۽ خواهشن کي اهڙي نموني اُڻيو ويو آهي جو پڙهندڙ ڪهاڻيءَ وارو ٻار بڻجي ڀوڳڻ لڳي ٿو. ٻار جيڪو مفلسيءَ ڪارڻ ميرا، پُراڻا ڦاٽل ڪپڙا بلڪ ليڙون ليڙون ڪپڙا پهريل، پير اگهاڙا، جنهن کي پاڙي جا ٻيا ٻار جيڪي نوان نوان ۽ صاف سٿرا ڪپڙا پهريل، شيون کائيندڙ کيس چيڙائن ۽ مارين ٿا، ۽ ڪيئن نه ساڻس نفرت آميز رويا رکندي کيس ستائين ٿا. اهڙي وقت ۾ اُن معصوم ٻار جي ڪهڙي حالت ٿئي ٿي يا هُو ڇا سوچي ٿو، محسوس ڪري ٿو، اُن سموري پيڙائتي ڪٿا کي ڪهاڻيڪار وڏي گهرائي سان هڪ ٻار بڻجي، سندس اندر ۾ لهي، اُن جون باريڪ بينيءَ سان احساساتي، محسوسيات جون تصويرون لفظن ۾ اُجاڳر ڪيون آهن. بُک ۽ اُڃ ۾ ماءُ کان ماني گُهري ٿو ته ماءُ غربت جي چڪيءَ ۾ مُسلسل پيسجندي، چيڙاڪ ٿيندي، پٿر دل بڻجي کيس ماني نه هُجڻ ڪري ماري ٿي، پِٽون ۽ پاراتا ڏئي ٿي. ۽ وري ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن ٻيهر ٻارڙو ٻاتا ٻول ٻوليندي ماءُ کي ڏاڍي بُک لڳڻ جو چئي ٿو، کيٽو ڪندي مٽيءَ ۾ ليٽندي ماءُ کان خرچي گهري ٿو ته ڪا شيءِ وٺي کاوان ته ماءُ ڏاڍي بي رحميءَ سان ٻار کي ڏاڍو ماري ٿي. اُن وقت ٻارڙي جون رڙيون ۽ ماني توڙي ڏوڪڙن گُهرڻ کان توبهن ڪندي ٻار جي حالت جو جيڪو منظر جوڙيو ويو آهي اُهو هانءُ کي هِڄائي وجهي ٿو. ماءُ جي مار سبب ٻار جا ميري بُت تي ليڙون ليڙون ميرا ڪپڙا ويتر جهيرون ٿي سندس ننڍڙي جسم تي مليل مار جي ڌَڪن جا نيشان رهجي وڃن ٿا. اهڙي حالت ۾ ٻار کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي ايڏو ڪَلور ساڻس ڇو ٿي رهيو آهي. هُو معصوميت ۾ روئيندو، ميرن ڳلن تي لَڙي آيل اُجرن لُڙڪن کي ننڍڙين ٻانهن توڙي هٿڙن سان اُگهندو، روئيندو رڙندو رستي سان ويندي ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو. ۽ پوءِ اوچتو ڪنهن تيز ايندڙ گاڏيءَ جا ٽائرن جا هانءُ ڏهڪائي ڇڏيندڙ چرڙاٽ، روڊ تي ڳاڙها ليڪا ٺاهيندي هوائن ۾ تحليل ٿي وڃن ٿا. ۽ پوئتان روڊ تي وڃي ٿو رهجي معصوم ٻار جو چيڀاٽيل رت ۾ ٻُڏل لاش، جيڪو سماج جي طبقاتي گندگيءَ کي پنهنجن ٻنهي معصوم ننڍڙن هٿڙن جون ڏهئي آڱريون ٽيڙي گهروڙي بُجو ڏيندي، اندر ۾ پيدا تيل ڪروڌ مان جنسي گار ڏئي ٿو. جيڪا فضائن ۾ پڙاڏا بڻجي گونجي وڃي ٿي ته منهنجي اکين جا بند ڀَڄي پون ٿا ۽ بي ساخته وهي نڪرندڙ ڳوڙها ڪاڳر کي ڀڄائيندي، تحرير ٿيل لفظن مان اُن معصوم ۽ مظلوم ٻالڪ جو معصوم ۽ اُداس چهرو اُڀاري، سندس درد جو نشتر منهنجي ذهن ۾ کُپائي ڇڏين ٿا.

مددي ڪتاب
1. سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون(مُرتب)شوڪت حسين شورو
2. سارتر-ادب، فلسفو ۽ وجوديت (مُرتب)خالد محمود
3. نئون ادب، نيون ڳالهيون-چندر ڪيسواڻي
4. وجوديت-قاضي جاويد

5/7/20

روسي زار شاهي ۽ انقلابيت جو هيبتناڪ آئينو

روس جي هڪ آفيسر وڪٽر ڪراوچنڪو جي”آتم ڪٿا“، ”آزادي يا موت“سندس ذاتي زندگي ۽ سياسي حالتن جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي آهي۔جيڪا اسٽالين جي حڪومتي دور جي دل ۽ دماغ کي جهنجهوڙي ڇڏيندڙ ھڪ اهڙي ته ڀيانڪ حقيقت آهي۔جنهن کي پڙهڻ سان روسي عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن جي خبر پوي ٿي۔ته ڪيئن انسان دوست نظريي کي ڪن فاشسٽ ذهنيت رکندڙن انسان دشمن بڻائي ماڻهوءَ جي وشواس کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري، مايوسين جي ڌُٻڻ ۾ اُڇلي کين نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو۔
وڪٽر ڪراوچنڪو جي هي آتم ڪهاڻي ڪميونزم جي آڙ ۾ ٿيل ناانصافين جو هڪ دل ڏهڪائي ڇڏيندڙ دستاويز آهي۔
وڪٽر ڪراوچنڪو هن داستان جو اکين ڏٺو ۽ ڪَنن ٻُڌو هڪ اهڙو ته پَڪو ۽ پُختو ڪميونسٽ هو جنهن جو ايمان هو ته روس ۾ آيل انقلاب روسي مظلوم انسانن سان گڏ پوري دنيا جي مظلوم انسان لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو۔پر اسٽالن ان انقلاب کي روس تائين محدود رکڻ چاهيو۔جڏهن ته ٽراٽسڪي ۽ سندس ساٿين ان انقلاب کي سموري دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم انسانن لاءِ پئي چاهيو۔ وڪٽر ڪراوچنڪو اسٽالن جي حڪومتي دور کي زار شاهيءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ دور چيو آهي۔
ڪميونزم جي بنياد تي آندل جاگيرداراڻو ۽ سرمائيداراڻو انقلاب، مارڪس ۽ لينن جو انسان دوست، پورهيت دوست فڪر ۽ فهم اسٽالن جهڙي آمراڻي سوچ جي ور چڙھي ويو ۔ ۽ ڪيئن نه روس ۾ ئي روسي عوام لاءِ هڪ مقتل گاھ ۾ تبديل ٿي لکين بي ڏوهي روسين توڙي سچن ڪميونسٽن کي موت جي آڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيو۔
وڪٽر ڪراونچڪو جي هي آتم ڪٿا بي گناھ روسين جي ظلمن جي هڪ اهڙي ته تاريخ درج ڪري ٿي جنهن تاريخ جي دکدائڪ دانهن روس کان ٻاهر صحيح معنيٰ ۾ پهچي ئي نه سگهي۔۽ اها هاڻ به ٻين ملڪن تائين نه پهچي ها اگر وڪٽر چالاڪيءَ سان روس مان سرڪاري طور تي آمريڪا نه پهچي ها۔پر آمريڪا کان روس پاران وڪٽر کي سرڪاري طور تي قرض وٺڻ لاءِ اگر آمريڪا نه موڪليو وڃي ها۔ڏٺو وڃي ته آمريڪا وڃڻ تائين به وڪٽر ڪراونچڪو جن مشڪلاتن مان گذري ٿو اهو پڻ هڪ الڳ داستان آهي۔
روس جو انقلاب يا زار شاهيءَ کان آزادي دراصل اسٽالن جهڙي ڊڪٽيٽرانا سوچ رکندڙ سماج توڙي انقلاب دشمنن جي لاءِ سندس من جي حاڪمانا روش جي ساڀيان جو جواز بڻي۔جنهن تحت روس جي ڏُتڙيل ۽ زار جي دور جي پيڙهيل انسان جي لاءِ موت جي سزا کان گهٽ نه هئي۔
عام ماڻهو ته پنهنجي جاءِ تي پر هڪ سچو ڪميونسٽ پڻ هڪ قسم جي شديد اضطراب مان گذريو ٿي۔خاص طور تي لينن توڙي ٽراٽسڪيءَ جي پيرو ڪارن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو۔اهو ئي ڪارڻ آهي جو روس جي اندر جي عام انساني جياپي جي ڄاڻ روس کان ٻاهر ميڊيا تي هڪ خوشحال روس طور سامهون آندي ٿي وئي۔ڇو ته روس جو سمورو نظام، ادارا اسٽالن ازم جي هٿان اغوا ٿي چڪا هئا۔ڪنهن کي به همت نه هئي جو هو ان نظام جي خلاف رڳو هڪڙي سرد آھ به ڀَري۔اهڙي روش تي کيس اسٽالن، پارٽي يا روسي قوم جو دشمن قرار ڏئي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي هئي۔
وڪٽر ڪراوچنڪو پنهنجي هن آتم ڪٿا”آزادي يا موت“۾ روس جي اهم ۽ سچن ڪميونسٽن کي اسٽالن جي دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح غدار قرار ڏئي مارڻ جو انڪشاف ڪيو آهي۔روسي ادب جي اهم ليکڪ ۽”ماءُ“جهڙي شاهڪار ناول جي فڪشن رائيٽر ميڪسم گورڪيءَ کي پڻ زهر ڏئي ماريو ويو۔يا جڏهن ٽراٽسڪي روس مان فرار ٿي ڀڄي وڃي ٿو ته اسٽانلسٽ کيس اتي به پنهنجي موڪليل خفيه پوليس توڙي جاسوسن هٿان قتل ڪرائي ڇڏين ٿا۔رڳو اهو نه پر اسٽالن جي گهر واري جيڪا انسان توڙي پورهيت دوست آهي ان کي پڻ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ختم ڪيو وڃي ٿو۔اهڙي حالت ڏسي لڳي ٿو ته روسي انقلاب آيو ئي ڄڻ سچن مارڪسٽن يا انسان دوستن کي ختم ڪرڻ لاءِ هو۔
سچ ته وڪٽر جي هي آتم ڪهاڻي پڙهي ڪري مون کي هن رياستي نظام ۾ ۽ روس جي انقلاب واري دور ۾ ڪو فرق نظر ڪو نه آيو۔
وڪٽر ڪراوچنڪو جي هي آتم ڪٿا پڙهڻ سان روس جي انقلاب جو نقشو اکين آڏو ڦري وڃي ٿو ۽ لڱن ۾ هڪ قسم جو ڪرنٽ ڊوڙي وڃي ٿو۔اهو ئي ڪارڻ آهي جو اگر وڪٽر ڪراونچڪو آمريڪا وڃي اتان فرار نه ٿئي ها ته اڄ اسان شايد اسٽالن جي دور جي هن پُرتَشدد داستان کان محروم رهجي وڃون ها۔
آخر ۾ وڪٽر ڪراوچنڪو جي هن آتم ڪٿا مان ڪجهه سٽون ڏئي مان پنهنجي هي لکڻي ختم ڪندس۔
وڪٽر لکي ٿو ته، چنگيز خان جنهن جو نالو تاريخ تمام گهڻن مشهور قاتلن ۾ شمار ڪندي آهي۔اسٽالين جي اڳيان هڪ ٻار هو۔اناڙي هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔اسٽالين وطن جي ماڻهن جو قتل عام ڪيو۔“
ٻئي هنڌ لکي ٿو ته،
”جڏهن مان آفيس پُهتس ته وڏو صاحب مجهند واري ننڊ ڪري رهيو هو۔مان تڙ تڪڙ ۾ رپورٽ لکي ۽ اتڪن ڏانهن کڻي ويس۔
”بهتر۔۔۔۔۔۔۔۔بهتر۔۔۔۔۔۔۔۔۔ٺيڪ آ۔”پڙهندي هُو پنهنجو ڪنڌ لوڏي رهيو هو۔پر اوچتو هُن جي ڀِروئن تي گُهنج پئجي ويا۔
هي ڇا؟مزدورن جي لاءِ پنج سو گرام ماني؟روزاني؟“
”جي ها۔هي گهٽ ۾ گهٽ آهي۔پورهيت بلڪل به بُکايل آهن۔“
”اِها سٽ ڪٽي ڇڏ۔“
”پر ڪامريڊ اتڪن!خدا جي واسطي ڪجهه غور ته ڪيو۔۔۔۔۔۔۔“
“ڪراوچنڪو!تون بالشويڪ (اڪثريتي) آهين يا ڪنهن خيراتي پارٽيءَ جو رضا ڪار؟حڪومت جي معاملن ۾ انسان پرستيءَ جو ڪو به دخل ناهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔اسٽالن چيو ناهي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔عوام سان محبت ڪريو پر ضرورت هُجي ته اُنهن جي ضروتن جي به پَرواھ نه ڪيو؟“
۽ سچ ته هِن موقعي تي مون کي اياز جي هڪ نظم جون سِٽون ذهن تَري ٿيون اچن ته،
جنهن وقت مُئو هو اسٽالن
۽ هُن جي رَڳ ڦاٽي پئي هئي
تنهن وقت سڄي تاريخ مَنجهان
ڄڻ هڪڙي سِٽ ڪاٽي وئي هئي۔

17/10/19