سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ شاعر موھن ھمٿاڻيءَ جو ڪتاب ”بوڪ شيلف تان تنقيد @ تاثرات“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب سنڌي ادبي تجزياتي ۽ تاثراتي مقالن، پيپرس ۽ ڪتابن تي تاثرات جو مجموعو آھي. اسحاق سميجو لکي ٿو:
”موھن ھمٿاڻي بنيادي طرح ھڪ ڳنڀير ۽ تفڪر سان ڀرپور شاعر آھي، پر ھن ڀيري ھو پنھنجي اڀياس، تنقيدي ۽ تجزياتي نوع جي ڪتاب سان منظر تي اُڀريو آھي، جنھن ۾ ھن جي ويچارن جي گوناگوني ۽ تلخ ائپروچز جا اسٽروڪس ھڪ ڪئنواس کي رنگين بڻائڻ جي جرعت ڪندي ڏسجن ٿا.“
ھي ڪتاب 2020ع ۾ ساڌنا ساھتيہ (موھن ھمٿاڻي) پاران دھليءَ مان ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي موھن ھمٿاڻيءَ جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي