الطاف شيخ ڪارنر

يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون

الطاف شيخ جو اسڪئنڊينيوين ملڪن بابت لکيل سفرنامو ”يورپ جا ڏينھن ۽ يورپ جون راتيون“  اوهان اڳيان پيش آهي. يوسف شاھين لکي ٿو: ”گذريل پنجاھ سالن دوران سنڌ مان چند ماڻھن ڪن خاص ملڪن بابت سفرنامہ لکيا آهن، پر الطاف شيخ شايد واحد شخص آهي جنهن نہ فقط دنيا جو وڏو حصو اکين سان ڏٺو آهي بلڪہ اتي جون حالتون، تيز مشاهدي سبب بيحد عالمانہ انداز ۾ قلمبند ڪيون آهن. هن جون بامقصد لکڻيون نہ فقط سنڌي ادب جو اهم ترين ورثو آهن، بلڪہ اڄوڪي تاريخ جو انتھائي ڪارائتو حصو پڻ آهن. “


  • 4.5/5.0
  • 11
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

نيو فيلڊس پبليڪيشنس جو ڪتاب نمبر 203

ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشنس
ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد سنڌ.
ڇپيندڙ واحد پرنٽنگ پريسڪراچي
عبدالبردارس، ليزر سسٽم، لجپت روڊ، حيدرآباد سنڌ
پهريون ايڊيشن آگسٽ 1996ع
ٻيو ايڊيشن اپريل 2001ع
قيمت -/90 رپيا
(ليکڪ جا سڀ حق ۽ واسطا قائم)

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

Europe Ja Ddeenhan. Europe Joon Rattiyoon (Travelogue)
By: ALTAF SHAIKH
Published by New Fields Publications.
Tando Wali Mohammad, Hyderabad, Sindh
First Edition August 1996,
Second Edition April 2001.
Price per copy Rs 90
Book No 203

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو اسڪئنڊينيوين ملڪن بابت لکيل سفرنامو ”يورپ جا ڏينھن ۽ يورپ جون راتيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. يوسف شاھين لکي ٿو:
”گذريل پنجاھ سالن دوران سنڌ مان چند ماڻھن ڪن خاص ملڪن بابت سفرنامہ لکيا آهن، پر الطاف شيخ شايد واحد شخص آهي جنهن نہ فقط دنيا جو وڏو حصو اکين سان ڏٺو آهي بلڪہ اتي جون حالتون، تيز مشاهدي سبب بيحد عالمانہ انداز ۾ قلمبند ڪيون آهن. هن جون بامقصد لکڻيون نہ فقط سنڌي ادب جو اهم ترين ورثو آهن، بلڪہ اڄوڪي تاريخ جو انتھائي ڪارائتو حصو پڻ آهن. هن شخص، باقاعدہ مھم طور هڪ مجاهد جي حيثيت ۾ پنھنجي لکڻين ذريعي اها ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌي پنھنجي ذات، احساس ڪمتري ۽ اڻڄاڻائي جي قيد کان آزاد ٿي ڳوٺن کان ٻاهر نڪرڻ جي همٿ ڪن.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1996ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2001ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون الطاف شيخ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ

1981ع ۾ منهنجو بئنڪاڪ وڃڻ ٿيو، منهنجي زندگي جو اهو پهريون غير ملڪي دورو هو، ٿائلينڊ جي گادي واري شهر بئنڪاڪ ۾ منهنجي هڪ پاڪستاني مهاجر دوست جي ريسٽورينٽ هئي جيڪا هن تمام ٿورن پئسن ۾ مون کي ڪراچي ۾ وڪرو ڪري ڏني، مون بنا ڏسڻ وائسڻ جي، محض ان ڪري اهو سودو ڪري ڇڏيو ته گهٽ ۾ گهٽ ان بهاني سان بئنڪاڪ ۾ پير کپائڻ ۾ سولائي ٿي پوندي، خاص طور معمولي سيڙپ سان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڌنڌو ڪرڻ جو موققعو ملي پوي ته انکان وڌيڪ ڪا سٺي ڳالهه نه هئي. اهو ڊسمبر جو مهينو هو، سخت سيءَ سبب اسان ڏاڍا ڪوٽ سئوٽ پائي ايس اي ايس جي جهاز ۾ بئنڪاڪ پهچي وياسين، جيئن ئي بئنڪاڪ جي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته گرمي وڪوڙي وئي ۽ گرم ڪپڙا کانئڻ لڳا. معلوم ٿيو ته بئنڪاڪ ۾ سيارو ٿيندو ئي ناهي، هتي سڄو سال موسم گرم رهندي آهي. اسان ايئرپورٽ کان سڌو ان ريسٽورينٽ تي وياسين جنهنجو مون سودو ڪيو هو. ان ريسٽورينٽ ۾ يارنهن کن جوان ڇوڪريون ڪم ڪري رهيون هيون. منهنجي مهاجر دوست سڀني سان منهنجو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ ٿائي ٻولي ۾ ڪافي دير تائين ملازم ڇوڪرين سان ڳالهائيندو رهيو. آئون حيران هوس ته هن همراهه فقط ڇهه مهينا اڳ اها ريسٽورينٽ کولي هئي ۽ ايتري مختصر عرصي ۾ ايڏي رواني سان ٿائي ٻولي ڳالهائي رهيو هو، ائين ٿي لڳو ڄڻ هو ٿائي هو. مون دل ۾ سوچيو ته سنڌ ۾ رهندڙ هي مهاجر جيڪي گذريل چاليهه سالن کان سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن ڪڏهن به سنڌي جا ٻه اکر سکڻ جي ڪوشش نه ڪئي. بهرحال، آئون ست ڏينهن بئنڪاڪ ۾ رهيو پيو هوس، جنهن هوٽل ۾ ترسيل هوس انجي ٻاهران ڪيترائي عورتن جا دلال هر وقت بيٺل نظر ايندا هئا، جيڪي هٿن ۾ اگهاڙين ڇوڪرين جا فوٽو کنيو، هوٽل مان نڪرندڙ هر مسافر کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. مون به رونشي طور ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي دلالن سان ڳالهايو ۽ تصويرون ڏٺيون. انهن ۾ ڪجهه امريڪي ڇوڪرين جون به اگهاڙيون تصويرون هيون. مون پڇيو ته ڇا هي به هتي هلن ٿيون؟ چيائون هائو، اوهان حڪم ڪريو. جڏهن مون وڌيڪ امريڪي ڇوڪرين بابت سوال ڪيا ته چيائون اهي بيڪار آهن اوهان ٿائي، چيني يا ويٽنامي ڇوڪرين مان ڪا پسند ڪريو، جن جو اگهه سئو ڏيڍ سئو رپين کان مٿي نه هو. آئون جيترا به ڏينهن بئنڪاڪ ۾ رهيو پيو هوس انهن سڀني ڏينهن دوران منهنجو دوست هر روز مون کي ڪڏهن ڪلب ۾ ته ڪڏهن ڪنهن ڊسڪو ۾ وٺي ويندو هو، جتي وڃ اتي ڊانس، ميوزڪ، شراب ۽ عطر جي تيز خوشبو سان گڏ جوان خوبصورت ڇوڪرين جا ولر ملندا هئا، هڪ ڊسڪو ۾ جڏهن وڃڻ ٿيو ته اتي ويهارو کن ڇوڪريون ڊانس ڪري رهيون هيون. اسان هڪ خالي ٽيبل تي ويهي رهياسين. اڃا مس ويٺاسين ته هڪ ڇوڪري اسٽيج تان لهي مون ڏانهن هلي آئي ۽ چيائين اچ ته ڊانس ڪيون. ائين چئي هن منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڏو ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪيائين. آئون وائڙن جيان هن ڏانهن ڏسندو رهيس، هوءَ ڀاڪر ۾ ويڙهي، مونکي اڳيان کڻي وئي. اهڙي قسم جا ڪيترائي واقعا مون سان پيش ايندا رهيا جن منهنجي ذهن کي ڌوڏي وڌو. ائين لڳم ٿي ڄڻ ته دماغ ۾ ڪي نه ختم ٿيندڙ زلزله اچي رهيا هجن، مون ان کان اڳ زندگي جا ڪيئي روپ ڏٺا هئا، ڪيئي فلسفه، ڪيئي قومن جي عروج ۽ زوال جا داستان پڙهيا هئا ... مذهب، ٻولين، تهذيبن ۽ عالمي تاريخ بابت ڪيئي ڪتاب منهنجي مطالعي هيٺ رهيا هئا، پر ڪنهن به ڪتاب يا تاريخي واقعي منهنجي ذهن کي ايترو متاثر نه ڪيو جيترو آئون هتي ستن ڏينهن اندر ٿيس. سڀ کان اول مون ريسٽورينٽ جو سودو منسوخ ڪري ڇڏيو. سوچيم ته سڀاڻي منهنجا پٽ يا ڀائر هتي ايندا ته پوءِ انهن جو ڇا ٿيندو؟ آئون واپس ڪراچي هليو آيس. ڪيترائي ڏينهن ان ويڌن ۾ مبتلا رهيس ته دنيا بابت جيڪو تصور منهنجي ذهن ۾ آهي، يقينن دنيا ان کان مختلف آهي. مون پاڻ کي کوهه ۾ بند محسوس ڪيو. نيٺ فيصلو ڪيم ته سڄي دنيا لازمي طور ڏسڻ گهرجي، پر اهو ڪو سولو ڪم نه هو، ان لاءِ ڪافي پئسا ۽ وقت گهرجي. ان مسئلي جو حل فقط اهو هو ته ايڪسپورٽ جو ڌنڌو ڪيو وڃي، جنهن ذريعي نه فقط ٻاهر جا ملڪ ڏسي سگهبا بلڪه اهو ڪم آمدني جو وڏو ذريعو به ٿي سگهي ٿو. بهرحال، وڏي جاکوڙ کانپو غاليچا ۽ اونيڪس (سائو پٿر) ٻاهر موڪلڻ جا آرڊر مليا. پهريون آرڊر سنگاپور کان آيو، نتيجي طور آهسته آهسته سنگاپور ڏانهن وڃڻ ٿيو. ٻن سالن دوران گهٽ ۾ گهٽ ويهه ڀيرا سنگاپور ويس، ان کانپوءِ جاپان، هانگ ڪانگ ۽ تائيوان ڏانهن وڃڻ ٿيو، جتان پوءِ جرمني، اٽلي، برطانيا ۽ آمريڪا جا دورا ڪيم. انهن دورن سبب اها ڳالهه يقين ۾ بدلجي وئي ته جيڪي ڪجهه ڪتابن ۾ پڙهيو هوم دنيا ان کان گهڻو بدلجي چڪي آهي. قديم تهذيبون تيزي سان ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي رهيون آهن. مذهبي قدر، بدلجندڙ دنيا جو ساٿ نٿا ڏئي سگهن. مذهبن طرفان اخلاق بابت جيڪي معيار مقرر ڪيا ويا هئا انهن کي ترقي يافته قومن اڻ سڌي طرح رد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ اهو ضروري نه رهيو آهي ته عورت پڙدي ۾ رهي يا بي پڙدي عورت کي بداخلاق سمجهيو وڃي. ايتري قدر جو اڌ اگهاڙي، غير مرد سان ڳالهيون ڪندڙ عورت به بداخلاقي جي دائري ۾ نٿي اچي. برطانيا جي شهزادي جي زال”ڊايانا“ ٽي وي تي اچي اهو چئي ڏنو ته هن شادي کانپوءِ چئن غير مردن سان ياري رکي ۽ انهن سان هم بستر به ٿي آهي. برطانيا جو شهزادو چارلس، اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ جي باوجود ڪجهه به نه ڪري سگهيو، جڏهن ته هن جي پڙ ڏاڏي هينري اٺين، محض شڪ جي بنياد تي پنهنجي زال ڪئٿرين جو ڪنڌ ڪپائي ڇڏيو هو. اڄ برطانيا جي وزيراعظم جان ميجر کي خبر ناهي ته هن جو پيءُ ڪير آهي؟ هن وقت ترقي يافته ملڪن جي عورتن بابت جيڪڏهن جيڪب آباد جي ماڻهن کان فيصلو ڪرايو وڃي ته هو سڀني کي ”ڪارو ڪاري“ جي سزا ٻڌائي مارائي ڇڏين. حالت ان حد تي پهتل آهي ته ڪا به ڪنواري ڇوڪري، پيٽ ۾ ٻار کڻي ڪنهن به اسپتال ۾ ان جو ويم ڪرائي سگهي ٿي. اسپتال وارن کي قانوني طور اهڙو ڪو به حق حاصل ناهي ته هو ان ڇوڪريءَ کان ٻار جي پيءُ جو نالو پڇي سگهن.
ترقي يافته ملڪن ۾ هاڻ شادي ڪرڻ جو رواج به گهٽجي رهيو آهي. مذهبن طرفان ڄاڻايل اها رسم آهسته آهسته پنهنجي اهميت وڃائي رهي آهي. چون ٿا ته عورت ۽ مرد پاڻمرادو هڪ ٻئي سان گڏ زال مڙس جيان زندگي گذاري سگهن ٿا. يورپ ۽ آمريڪي کنڊ ۾ اهڙا هزارين جوڙا ملن ٿا جن ڪڏهن به شادي نه ڪئي آهي. هنن کي ٻار به آهن ۽ پيار ڀري زندگي به گذارين ٿا. ڪي ڪي اهڙا جوڙا به آهن، جيڪي پيري ۾، پٽن پوٽن وارا ٿيڻ کانپوءِ شادي واري رسم ادا ڪن ٿا. دراصل، مذهب جي ڄاڻايل اخلاقي قدرن جو بادشاهن، شهزادن، راجائن، نوابن، جاگيردارن ۽ سردارن انتهائي ناجائز فائدو ورتو، هنن پاڻ سڀ ڪجهه ڪيو پر عوام کي اهڙن ڪمن کان نه فقط روڪيندا هئا بلڪه سخت سزائون به ڏيندا هئا. فرينج ۽ سوشلسٽ انقلابن اچڻ کانپوءِ دنيا تيزي سان پلٽو کاڌو آهي ۽ مذهبي قدرن خلاف هر طرف بغاوتون شروع ٿي ويون آهن، جيڪي اڃا تائين جاري آهن. هاڻ ترقي يافته ملڪن ۾ عورت کي ڪنهن به لحاظ کان مرد کان گهٽ درجو حاصل ناهي. هوءَ پنهنجي مڙس کي طلاق ڏئي سگهي ٿي ۽ ملڪ جي قيادت به ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته مذهبي نظريه انهن ڳالهين جي مخالفت ڪن ٿا. عيسائي دنيا ۾ اڳي اها مذهبي روايت هئي ته زال ۽ مڙس جو رشتو خود خدا جوڙي ٿو، ان ڪري اهو رشتو خدا کانسواءِ ٻيو ڪو به شخص ٽوڙي نٿو سگهي. نتيجي طور زال ۽ مڙس وچ ۾ طلاق ناممڪن ٿي پئي. اهو معمولي معاملو حل ڪرڻ لاءِ عيسائيت ۾ ڪيئي تحريڪون هليون، جن ۾ پروٽيسٽنٽ تحريڪ خاص طور قابل ذڪر آهي، جيڪا چار سئو سال اڳ جرمني کان شروع ٿي. ان تحريڪ سبب طلاق جي معاملي تان بيشمار ماڻهن کي جيئري ساڙيو ويو. هينئر عيسائي دنيا جي حڪمرانن مذهبي نظريا پاسي تي رکي، ڪورٽن کي اختيار ڏئي ڇڏيا آهن ته ڪا به زال يا مڙس جڏهن به طلاق جي درخواست ڏي ته ان کي منظور ڪيو وڃي. ترقي يافته قومن خيرات ۽ زڪوات جي مذهبي نظريه کان تمام مٿاهون ”سوشل سيڪيورٽي“ جو نظام به رائج ڪيو آهي. ان نظام هيٺ ڪنهن کي به غريب، يتيم يا محتاج سمجهڻ بدران، حڪومتن کي پابند ڪيو ويو آهي ته هر ضرورتمند شخص کي بنيادي ضرورتون مهيا ڪن. ان نظام تحت بيروزگارن کي هر هفتي باقاعده الائونس ڏنا وڃن ٿا ته جيئن هو معاشري ۾ بهتر زندگي گذاري سگهن. اهو بيروزگاري الائونس، زڪوات ۽ خيرات بدران ”حق“ طور ڏنو وڃي ٿو ته جيئن ڪنهن جي به ضمير کي ڌڪ نه لڳي ۽ ڪو به احساس ڪمتري ۾ مبتلا نه ٿئي. اڄ دنيا ۾ هڪ نئين عوامي تهذيب پروان چڙهي رهي آهي جنهنجو خالق خود عوام آهي. هو مذهبي روايتن کي ٽوڙي، پنهنجي سمجهه ۽ ضرورت آهر نيون نيون روايتون ۽ نوان اخلاقي قدر جوڙي رهيو آهي. فقط ٽين دنيا جي ملڪن ۾ جتي عوام کي اڃا تائين حقيقي اقتدار حاصل نه ٿي سگهيو آهي، جتي بي انتها غربت ۽ جهالت آهي، اتي جا معاشرا اڃا تائين مذهبي روايتن جي تابع هلن ٿا. اڄ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هيءَ ڳالهه به ڪئي وڃي ٿي ته نه فقط سڀ قومون ۽ ملڪ آزاد ۽ خودمختيار هئڻ گهرجن بلڪه هر شخص، انفرادي طور آزاد ۽ خود مختيار هئڻ جو حق رکي ٿو. شخصي آزادي، قوم ۽ ملڪ جي آزادي وانگر مقدس ۽ اهم آهي. دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو غلط هجي يا صحيح، اسان کي ان جي ڄاڻ ضرور هئڻ گهرجي، اڻ ڄاڻ رهڻ گناهه آهي. مون جن به ملڪن جو دورو ڪيو ۽ جيڪي ڪجهه اتي ڏٺو، ان بابت سوچيو هوم ته ڪو ڀرپور سفر نامو لکندس. اڃا اهڙيون تياريون ڪري رهيو هوس ته اوچتو الطاف شيخ جا سفرنامه سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. مون ابتدائي طور مٿاڇرو ڪجهه ڪجهه هنجا سفرنامه پڙهيا پوءِ ته هنجي لکڻين مان ڦاسجي پيس، منهنجي هن سان واقفيت نه هئي. سوچيندو هوس ته هي ڪير شخص ٿي سگهي ٿو، جنهنجو مشاهدو هڪ شاعر جيان تيز ۽ لکڻين ۾ بي پناهه قوت آهي. هو ننڍڙن پر انتهائي اهم معاملن کي تمام سادي ٻوليءَ ۾ قلمبند ڪري رهيو هو. هي ڪير نوجوان ٿي سگهي ٿو جنهنکي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ايڏو پيار آهي، جو ماڙين ۾ رهندي مارن جي ڳالهه ڪري ٿو. هو سنڌي ماڻهن تائين اهڙي معلومات رسائي رهيو آهي، جنهن جي انهن کي وڏي عرصي کان اشد ضرورت هئي. اهي سفرنامه پڙهڻ کانپوءِ مون پنهنجو سفرنامو لکڻ جو ارادو ڇڏي ڏنو. جيڪو ڪم مون کي ڪرڻو هو، اهو الطاف شيخ وڌيڪ خوبصورتي سان سرانجام ڏئي رهيو هو. گذريل پنجاهه سالن دوران سنڌ مان چند ماڻهن ڪن خاص ملڪن بابت سفرنامه لکيا آهن، پر الطاف شيخ شايد واحد شخص آهي جنهن نه فقط دنيا جو وڏو حصو اکين سان ڏٺو آهي بلڪه اتي جون حالتون، تيز مشاهدي سبب بيحد عالمانه انداز ۾ قلمبند ڪيون آهن. هنجون بامقصد لکڻيون نه فقط سنڌي ادب جو اهم ترين ورثو آهن، بلڪه اڄوڪي تاريخ جو انتهائي ڪارائتو حصوپڻ آهن. هن شخص، باقاعده مهم طور هڪ مجاهد جي حيثيت ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي اها ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي پنهنجي ذات، احساس ڪمتري ۽ اڻڄاڻائي جي قيد کان آزاد ٿي ڳوٺن کان ٻاهر نڪرڻ جي همٿ ڪن. سنڌي هڪ وڏي عرصي کان اڻ ڄاڻائي جي ڪُن ۾ ڦاٿل رهيا آهن. دنيا ۾ ڇا پيو واهي واپري، اها ڳالهه ڇڏيو، سنڌ سان ڪهڙي ويڌن ٿي رهي آهي، اسان کي انجي به پوري خبر ناهي. شايد حر تحريڪ کان ايم آر ڊي تحريڪ تائين سنڌين کي ڏاڍو ماريو ۽ هيسايو ويو آهي. نتيجي طور سنڌين جي اڪثريت ڳوٺن ۾ لڪي وئي آهي ۽ هاڻ فقط”ڳوٺن“ کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا. هنن کي اڄ پنهنجن ئي شهرن ۾ ايندي خوف لڳي ٿو. ورهاڱي وقت اسان اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ سڄي هندستان لاءِ سنڌ جا دروازا کولي ڇڏيا. هينئر نعرا هنيا وڃن ٿا ته سنڌي، سنڌ ۾ اقليت ۾ اچي چڪا آهن. اسان جي اڻڄاڻائي سبب نه فقط هندستان مان بلڪه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان لکين ماڻهو لڏي سنڌ ۾ آباد ٿي ويا آهن، انهن مهاجرن جو تعداد وڌاءُ ڪري ٻه ڪروڙ ويهه لک ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته سنڌ مان پنج لک هندو ويا هئا ۽ انهن جي جاءِ تي وڌ ۾ وڌ پنج لک هندستاني هتي اچي سگهيا ٿي.

هيءَ صدي آزادين جي صدي آهي. پنجين صديءَ ۾ روم جي زوال کانپوءِ دنيا ۾ بيشمار قومون آزاد ٿيون ۽ ڪيترائي نوان نوان ملڪ وجود ۾ آيا. ان واقعي کانپوءِ پهريون ڀيرو هن صدي دوران بيشمار قومون آزاد ٿيون آهن ۽ سئو کان وڌيڪ ملڪ وجود ۾ آيا آهن. سنڌين کي هلندڙ ويهين صدي جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي ته جيئن ايڪهين صدي لاءِ ڪا منصوبابندي ڪري سگهن.
بهرحال، سفر ڪرڻ، علم حاصل ڪرڻ برابر آهي. اکين ڏٺئي جو ڪو بدل ناهي، بلڪه مان چوندس ته ”سفر“ علم جو اهم ترين شعبو آهي ۽ ان شعبي ۾ الطاف شيخ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هي شخص اسانکان وڏي مڃتا لهڻي. ستيتاليهه (47) ڪتابن جي هن مصنف کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض سنڌ جي يونيورسٽين طرفان مان ڏيڻ گهرجي، خاص طور علم جي مخصوص شعبي ۾ نمايان ڪم ڪرڻ سبب هن کي اعزازي ڊاڪٽريٽ ملڻ گهرجي. جيئن ته اسان وٽ جيئري مان ڏيڻ جو رواج ناهي، ان ڪري اهڙي آس رکڻ اجائي لڳي ٿي. سنڌ جي يونيورسٽين اڃا تائين اڄوڪي سنڌ جي سڀ کان وڏي عالم شيخ اياز کي به نه سڃاتو آهي. هنن ڪڏهن به هن شخص کي پنهنجي شاگردن سان متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. آخر ۾ منهنجي دعا آهي ته الطاف شيخ اڃا سڻاوا سفر ڪندو رهي، سنڌين لاءِ لکندو رهي. شايد اهو ڏينهن به اچي وڃي جڏهن سنڌي ڳوٺن ۽ اڻڄاڻائي جي قيد کان آزاد ٿي پنهنجي شاندار ماضي جيان مستقبل کي به شاندار ٺاهي سگهن.

ڏنءُ لهي هن ڏيهه تان، ڏک پون ڏري،
هر هر اها هانءَ تي، اچي ڳالهه تري،
ته ويڙهيچا وري، شال سکيا ڏسن ڏينهڙا.

يوسف شاهين
5 آگسٽ 1995،
ڪراچي  

پيش لفظ

الطاف شيخ جي سفرنامي ”يورپ جا ڏينهن-يورپ جون راتيون“ تي مهاڳ لکڻ لاءِ، سندس ڏنل اسڪرپٽ کي ائين لڪايو ويٺي آهيان جيئن ڪاريهر نانگ ڪنهن اڻ ميي خزاني تي ويهندو آهي. نڪو ٿي مهاڳ لکان، نڪو ئي ٿي کيس اسڪرپٽ واپس ڪيان (جنهن جي ٻي ڪاپي به وٽس ناهي) پر پوءِ به لک شابسون هجن انهيءَ اشراف ۽ صابرين انسان کي جيڪو اڃان تائين ٻڙڪ ئي ٻاهر ڪونه ٿو ڪڍي. مون کي خبر نه آهي ته دنيا ۾ ڪٿي صبر جو نوبل پرائيز به ملندو آهي يا نه؟ پر جي ڪٿي ملندو هجي ته لاشڪ اهو هن سال ليکڪ کي ملڻ گهرجي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ اهڙو ذڪر پڻ اچڻ گهرجي.
مون کي اها به خبر ناهي ته ڪنهن به ڪتاب تي پيش لفظ لکرائڻ آخر ڇو ايترو ضروري هوندو آهي؟ ۽ پيش لفظ ۾ ڇا لکبو آهي؟ نڪو ئي منهنجو ادبي قد ڪاٺ الطاف کان وڏو آهي ۽ نه ئي مان کانئس وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ معتبر آهيان. ان ڪري هي پيش لفظ جيڪو مان سندس حجت تي لکي رهي آهيان ۽ جنهن جي مان پاڻ کي اهل به نٿي سمجهان، تنهن ۾ لکيل ڪنهن به ڳالهه کي ٽيڪا ٽپڻي يا ڪا مستند ڳالهه نه، پر محض هڪ پڙهندڙ وٽان پنهنجي دلپسند ليکڪ لاءِ سندس ذاتي پسند ۽ ناپسند جو اظهار سمجهيو وڃي.
الطاف شيخ سان منهنجي پهرين ملاقات، اخباري ۽ ادبي ملاقات هئي. منهنجي گهر جو ماحول ڪو خاص ادبي ڪونه هو. ادب جي نالي تي پڙهڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪا سنڌي اخبار، گل ڦل رسالو يا نئين زندگي نصيب ٿيندو هو، پر انهي ذري به ايترو مزو ڏنو جو ان شيءِ جي طلب وڌ کان وڌ ٿيندي وئي. اهو وقت اهو هو جڏهن ڏيسارو جو سفر ڪو ورلي ڪندو هو. پاٽ کان دادو يا دادوءَ کان لاڙڪاڻي جو قصد به ولايت جو پنڌ لڳندو هو. اهڙي زماني ۾ الطاف شيخ جا ڏيسارو منجهان لکيل خط اخبارن ۾ پڙهبا هئا ته انهي جهڙو ڀاڳوند ٻيو ڪو لڳندوئي ڪونه هو، جيڪو طلسمي شهزادن جيان، سامونڊي ٻيڙن ۾ سوار ٿي، ماٺ ئي ماٺ ۾ ملڪان ملڪ گهمندو ٿي وتيو. نه رڳو اهو پر انهيءَ گهوم جا مزي مزي جا احوال اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇاپرائي، گهوم جي شوقين اسان جهڙن ماڻهن جا اندر به ٿي ساڙيائين. ڪنهن کان سڙڻ به سچ پڇو ته اڻ سڌي ريت جهڙو سندس وڏائي جو اعتراف ڪرڻ آهي ۽ اهو اعتراف ڪرڻ ۾ مان ڪو به عار نه ٿي سمجهان.
الطاف شيخ سان منهنجي ٻي ملاقات هڪ خط وسيلي ٿي. انهن ڏينهن ۾ مان لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ تازو داخل ٿي هئس ۽ ڪاليج منجهان نڪرندڙ ڪجهه مخزنن ۾ ٻه ٽي ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون پڻ لکيون هئم. انهن منجهان ڪا هڪڙي مخزن جهر جبل جهاڳي، سمونڊ لتاڙي الائجي ڪيئن الطاف تائين به وڃي پهتي هئي. هن نه صرف اها مخزن پڙهي، پر شابس هجيس جو ايترو ناميارو ليکڪ هوندي به، محض هڪ نئين ليکڪا کي، لکڻ لاءِ اتساهه ڏيارڻ لاءِ، ساراهه ۽ همٿ افزائي جو خط لکيو هئائين. نه ته اڪثر وڏا اديب ته پاڻ کي ئي افلاطون سمجهندا آهن ۽ جهڙن تهڙن تي ته کنگهڻ به نه چاهيندا آهن. ها! سو ڳالهه پئي ڪئيسون خط جي. اهو خط الطاف جپان منجهان لکيو هو. لفافي تي جيئن ته زيب النساءِ هاسٽل جي ائڊريس پيل هئي ۽ مان، ڊي-اسڪالر هئس، ان ڪري ٽپاليءَ اهو لفافو زيبالنساءِ هاسٽل جي نوٽيس بورڊ تي اٽڪائي ڇڏيو. لفافي تي منهنجو نالو پڙهي، منهنجيون ڪي هاسٽلر ساهيڙيون بورڊ تان لفافو لاهي آيون ۽ اچي مون کي هٿ ۾ ڏنائون. خط پڙهي اچي خوشيءَ ۽ ڊپ ورايو. خوشي به اهڙي جو اصل ڪپڙن ۾ ئي نه پئي ماپان ۽ پاڻ کي الائي ڇا پئي سمجهان ۽ ڊپ وري اهو ته متان مائٽن کي خبر پئجي وڃي ته هاڻ ميڊيڪل ۾ وئي آهي ته ڪاليج جي ائڊريس تي پراوا ماڻهو ٿا خط لکنس ته ڏئي دڙڪا سڄو ادب ئي نه ڪن پورو. سو خوشي ۽ ڊپ جي انهن احساسن کي دل ۾ سانڍي، اهو خط ستن پردن ۾ لڪائي، گم ڪري ڇڏيم.
الطاف شيخ سان منهنجي ٽين ملاقات روبرو ٿي، شام جو وقت هو. اسان ٽي وي پئي ڏٺي. فون جي گهڻي وڳي. ٻئي پاسي اڪرم سلطانه هئي. جيڪي ماڻهو اڪرم کي سڃاڻن ٿا انهن کي خبر هوندي ته اڪرم سلطانه جڏهن به ڪا نئين، انوکي، يا ڇرڪائيندڙ خبر (surprise) ٻڌائڻ واري هوندي آهي ته سندس اکين ۾ هڪ خاص چمڪ ۽ لهجي ۾ عجب سنسني سمائجي ويندي آهي. بهرحال فون کڻي مون هيلو چيو ته ٻئي پاسي اڪرم هيلو سلام يا حال احوال پڇڻ کانسواءِ هڪدم وڏي ايڪسائٽمنٽ منجهان چيو، نسرين! ڳالهه ٻڌ... الطاف شيخ سان ملندينءَ؟ اسان وٽ ويٺو آهي. (اڄوڪي وي. سي. آر ۽ ڊش دور جا پڙهندڙ شايد انهيءَ سنسني، جوش، ايڪسائٽمنٽ ۽ چاشني جي مزي کي سمجهي نه سگهن، جيڪو ان دور ۾ پنهنجي پسنديده ڪنهن به فنڪار کي اوچتو ملي يا ڏسي حاصل ٿيندو هو. پر ائين ڪري سمجهو ته اڄوڪي دور جي ڪنهن به نوجوان ڇوڪري يا ڇوڪري کي اوچتو فون ڪري چئجي ته..ڳالهه ٻڌ... ماڌوري سان ملندين؟ ته سندس دل ۾ ڪهڙيون نه هنبوڇيون لڳنديون. ته ان مهل ڪجهه اهڙائي احساس منهنجا به هئا)
اڪرم وارن جو الطاف شيخ سان گهرو اچ وڃ جو رستو هو، جنهن ڪري هوءَ آرام سان ساڻس ملي ۽ ڪچهري ڪري پئي سگهي پر جنهن ماحول ۾ مان رهيس پئي، اتي جي اهو چوان ها ته امان ۽ بابا مون کي موڪل ڏيو ته الطاف شيخ سان ملي اچان (توڻي هڪ ليکڪه جي حيثيت ۾ ئي سهي) ته اجازت ڏيڻ ته پري، ماڳهين گهٽو ڏئي ماري وجهن ها. سو تڏهن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مائٽن سان اڪرم جي گهر پارٽيءَ جو ڪوڙ ڳالهائي ويس. الطاف کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ساڻس گفتگو ۾ بيحد مزو آيو. انهيءَ ڏينهن سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد وارن ساڻس گفتگو ۾ بيحد مزو آيو. انهيءَ ڏينهن سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد وارن ساڻس شام ملهائي هئي ۽ اتي ئي سندس نئين سفر نامي ”بندر بازاريون“ جو مهورت پڻ ٿيو هو. ان ڪري پاڻ ڏاڍي سٺي موڊ ۾ هو. کيس الائجي ياد هجي به يا نه پر ٻڌايائين پئي ته اتي ويٺل ڪجهه اديب دوستن چرچا پئي ڪيا ته، ”يار ڪتاب جو نالو ڪجهه ٻيو رکين ها متان پڙهندڙ انهن بندرن، سامونڊي) کي ٻيا بندر (ڀولڙا) نه سمجهن. بهرحال ڪلاڪ کن اڪرم ۽ الطاف سان ڪچهري ڪري جڏهن موڪلايم ته ساڳي وقت الطاف به موڪلائڻ جي ڪئي. ۽ ويندي ويندي تمام اطمينان سان ڪار جي ڊگي کولي، سندس سفرنامي”بندر بازاريون“ جي ٿهن مان هڪ ڪاپي ڪڍيائين ۽ اها تمام خلوص سان اڪرم سلطانه جي نذر ڪيائين. مان انهيءَ آس ۾ هئس ته هاڻ هڪ ڪاپي ٻي به ڪڍندو ۽ مون کي ڏيندو، پر خبر تڏهن پئي جو ڊگي ٺڪ ڪري بند به ٿي وئي ۽ الطاف ٽاٽا ڪري ويو به هليو، ڏاڍو ڏک ٿيم، منهنجو پنو صفا لهي ويو. دل چاهيو ته اوڇنگارون ڏئي روئان، پر اڪرم جي سامهون ننڍڙي ٿيڻ جي شرم کان پاڻ سنڀالي ويس ۽ هانءُ تي بار کڻي گهر موٽيس ۽ ڏاڙهي تي هٿ رکي دل ئي دل ۾ پڪو انجام ڪيم ته ڇا به ٿي پوي هاڻي الطاف جي ڪتابن تي ٽڪو به خرچ نه ڪنديس. انهي ئي ويل شاهه صاحب جي انهي شعر جو حقيقي مفهوم پنهنجي روحاني راز سوڌو هانءَ اندر لهي ويو ته، ”ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان...“
(توڻي جو عمر جي هن دور ۾، ننڍڙائپ جون اهي سڀ ڳالهيون ياد ڪري پنهنجين بيوقوفين تي ڏاڍي کل پڻ ايندي اٿم. عمر جي انهي دور ۾ ماڻهو ڪيترو نه معصوم ۽ حساس هوندو آهي جو ڪک به سهي نه سگهندو آهي. پر... پوءِ وقت، حالتون ۽ زماني جون گردشون انسان کي ڪيترو نه پڪو ۽ نرڄو ٺاهي ٿيون ڇڏين جو اڄ وڏي کان وڏي وار جو به اثر ئي ڪونه ٿو ٿئي)
توهان سوچيندا هوندائو ته هي الطاف جي ڪتاب جو پيش لفظ آهي يا نسرين جا Memoirs. پر لکڻ مهل الائي ڇو ذهن ۽ قلم ٻئي بي قابو ٿيو وڃن ۽ جيڏانهن ٿو وڻين اوڏانهن ٿا ڀڄن.
انهيءَ کانپوءِ مون ميڊيڪل ڪئي، شادي ٿي وئي، الطاف شيخ به ڏيسارو جي سفرن مان تنگ ٿي اچي ڪراچي وسائي ته ساڻس بي شمار ملاقاتون ٿيون. سنڌ گريجيوئيٽس ايسوسيئيشن جي فنڪشن ۾، مرڻن پرڻن تي ۽ گهر ۾ ساڻس کوڙ دفعا ملياسين ۽ جهڙو گهرو اچ وڃ جو رستو ٿي پيو ته هن جي شخصيت جا وڌيڪ پهلو اسان جي آڏو ظاهر ٿيا. توڻي جو هو سڄي دنيا گهميو آهي، پر منجهس چالاڪي نالي ماتر به ناهي، صفا سادو سودو، شريف، مخلص ۽ همدرد ۽ دنياداري ۾ اصل ٻڙي (تڏهن ته مون کي ڪتاب ڏيڻ وسري ويو هئس)، سندس جسم ضرور ولايت جا ملڪ گهميو آهي، پر روح سنڌ کان ته ڇا، پر هالن کان به ٻاهر نه نڪتو اٿس. هو آمريڪا، جپان ۽ سئيڊن ۾ رهي به هر وقت هتان جي اون ۾ رهي ٿو. مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي تي ويهي به هالن جي پيالي ۽ پڪان جي ٻاڙ محسوس ڪري ٿو. توڻي جو هينئر سڄي دنيا گهمڻ بعد ڪراچي ۾ رهيل آهي ۽ سنڌي عورت جي سجاڳي، آزادي ۽ علم جو حامي آهي. پوءِ به سندس ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه مان سنڌ جو پنجاهه سال پراڻو سخت گير ۽ روايتي مرد ڪر موڙيندي نظر اچي ٿو.
الطاف جا سڀ سفرناما مون شوق سان پڙهيا آهن ۽ بار بار پڙهيا آهن. ڪاڏي به گهمڻ وڃون ته الطاف جو ان ملڪ جي باري ۾ سفرنامو ضرور پڙهندي آهيان. سندس سفرنامن ۾ سڀ کان وڌيڪ وڻندا اٿم سفر جي دوران سندس ڪچهرين جا احوال. سفر جي دوران دوستن جي ڪچهري اهڙي ته پُر لطف ۽ دلچسپ انداز سان بيان ڪندو آهي جو مطالعي جو مزو اچيو وڃي- ائين محسوس ٿيندو آهي ته ماڻهو پاڻ پاڻيءَ جي جهاز ۾ ويهي ويٺو ڪچهري ڪري ۽ مزي مزي جا گفتا ۽ ڀوڳ چرچا ٻڌي. ان کان پوءِ مختلف جاين جڳهين تي گهمڻ ڦرڻ جو احوال به اهڙو ته وندرائيندڙ هوندو آهي جو ڀانئجي ته ڪو انعام يا لاٽري کلي پوي ته يڪدم ٽڪيٽ وٺي سفر جي سنبت ڪجي. پر... وري سڄو مزو ڪرڪرو ۽ موڊ آف تڏهن ٿيندو اٿم جڏهن اصل ڳالهه سان گڏ تاريخ، جاگرافي ۽ شهريت جي پتاڙ شروع ٿي ويندي آهي ته فلاڻو يا فلاڻو ملڪ بحر اوقيانوس جي اولهه يا اوڀر پاسي تي، خط استوا کان هيتريون ڦاڪون پري، فلاڻي يا فلاڻي هنڌ تي واقع آهي ... وغيره وغيره. پوءِ ته اصل مٿو ئي ڦريو وڃي ۽ ڀانئجي ته اهو ڪتاب بند ڪري وڃي اڳوپوءِ سوشل اسٽڊيز پڙهجي ۽ يونيورسٽي مان هڪڙي ڊگري ٻي به وٺجي. ٿي سگهي ٿو ته هڪ سٺي سفرنامي لاءِ اهو مرچ مصالحو ضروري هجي، پر اسان پارو مزور ماڻهو سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان ۽ وٺ وٺاڻ کانپوءِ، ٽائيم ڪڍي ڪجهه رليڪس ٿيڻ لاءِ مطالعو ڪري ۽ پڙهڻو پويس چنگيز خان ۽ ظهير الدين بابر جو حال احوال، پاڻيپٽ جون ويڙهون، پهرين ۽ ٻين مهاڀاري لڙائي ۽ الائي ڪهڙا بادشاهه ۽ شهنشاهه اول ۽ پنجم ۽ چوماسيون هوائون ته پوءِ اهڙي پڙهڻ کان ماٺ ڀلي. ننڍي هوندي ئي جڏهن امڙ سماجي اڀياس ياد ڪرڻ لاءِ چوندي هئي ته ائين بهانا ٺاهي روئيندي هئس جو پوءِ گهروارا ويتر چيڙائيندا هئا ۽ منهنجي چڙ ٺاهي هئن ته:
جاگرافي جگرڦاٽي ڪونه پڙهنداسين،
هريءَ جو نالو ڳنهي مري وينداسين.
سو يقين ڪريو ته تمام دلچسپ ۽ مزيدار ڳالهين ۾ جڏهن لاچار ائين تاريخ ۽ جاگرافي پڙهڻي پوندي اٿم ته وات جو ذائقو بلڪل ائين ٿي ويندو آهي جيئن آئيسڪريم ۾ پستن جي بدران ساوا مرچ ٻرڪي کائجن.
ٻي شڪايت جيڪا مون کي الطاف سان آهي سا اها ته هو پنهنجن سفرنامن ۾ شاپنگ جو احوال گهٽ يا بلڪل ڪونه ٿو ڏئي، بلڪه مون کي ته اهو محسوس ٿيو آهي ته هو ائين ٿو سمجهي ته شاپنگ ڪرڻ ڪا گهٽ يا خراب ڳالهه آهي، جنهن کان سندس دامن پاڪ آهي. ائين ڇو؟ ضروري ناهي ته ٻاهر وڃي شاپنگ جي نالي تي اسمگلنگ ڪجي ۽ گهمڻ جو مزو اوور ويٽ جي ڳڻتي ۾ وڃائجي، پر آخر ٻچڙيوال ماڻهو گهر کان شاهي بازار تائين به ويندو ته واپسي تي، شيءِ شڪل جي اوسيئڙي ۾ ويٺل ٻار ٿيلها ضروري ڦولهيندا. هونءَ به ماڻهو ميهڙ وڃي ۽ ميندي مائو نه وٺي، هالن منجهان سوسي ۽ اجرڪ نه خريد ڪري، گمبٽ مان کيس نه وٺي، شڪارپور مان آچار نه وٺي، لاڙڪاڻي ۾ بهه ۽ پاٽ ۾ پوهوءَ جي برفي نه کائي ته اهو گهمڻ ئي ڪهڙو؟ ان ڪري مان کيس عرض ڪنديس ته توڻي جو کيس شاپنگ جو شوق ناهي ته به پڙهندڙن جي سهولت لاءِ شاپنگ جي ڪجهه نه ڪجهه ڄاڻ ضرور ڏئي، جيئن ماڻهو پاڻ ڦرائن ۽ اجائي رلڻ کان بچي پوي. مثال طور ڪهڙين جاين تي خريداري سستي پوندي، ڪهڙين جاين تي لاهو گاهو نه ڪرڻو پوندو ۽ ڪهڙين جاين تي گراهڪ جي مڏي ڪاتي سان کل لاهيندا، وغيره وغيره.
سندس سوچ سگهاري، قلم قابل ۽ نظر وسيع آهي. دنيا جو اڀياس جيڪو کيس حاصل ٿيو آهي سو هر هڪ جي ڀاڳ ۾ نه ٿو اچي. منهنجي دعا آهي ته خدا سندس ذهن ۽ قلم کي اڃا به سگهارو، پختو ۽ روان ڪري، پڙهندڙ سندس نڪور لکڻين مان لطف اندوز ٿين ۽ گهر ويٺي ولايتن جا مزا ماڻين.

ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو
ايل. ايم. سي ڄامشورو
7 سيپٽمبر 1995ع

راٽرڊم (هالنڊ) پهچڻ

راٽرڊم (Rotterdam) دنيا جو وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آهي، جتي روزانو ڪيترائي جهاز اچن وڃن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ سوين جهازن جي بيهڻ جو بندوبست آهي. راٽرڊم جو بندرگاهه ڇا آهي سڄو شهر ڄڻ بندرگاهه لڳو پيو آهي. شهر جي چوڌاري ته ڇا اندر گهٽين گهوٽين تائين سمنڊ ڇانئيو پيو آهي، جنهن ۾ دنيا جي انيڪ ملڪن جا جهاز ئي جهاز نظر اچن ٿا، جهازن جي ايڏي چرپر ڪري هتي شپ يارڊ، انشورنس ڪمپنيون، جهازران آفيسون ۽ ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيون پڻ آهن. ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيون جهازن جي ٺهڻ ۽ ٺهي وڃڻ بعد هلڻ چلڻ ۽ مرمت تي نظر رکن ٿيون ته سلامتي جي خيال کان جهاز جو مالڪ پنهنجي جهاز تي صحيح طرح خرچ ڪري پيو يا نه. مثال طور جهاز جي تري جي ڪنهن حصي کي ڪٽ لڳڻ يا ڌڪ لڳڻ ڪري مالڪ ان کي صحيح لوهه جي چادر سان بدلايو آهي يا نه. صحيح لوهه يا صحيح مرمت نه ڪرائڻ تي ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي وارا مالڪ تي زور آڻين ٿا. ساڳي وقت جهاز جي حالت بابت وقت بوقت رپورٽون جاري ڪن ٿا، جنهن جي آڌار تي جهاز جي انشورنس گهٽ يا وڌ اگهه ۾ ٿئي ٿي.
دنيا ۾ يارهن کن اهم ۽ ناليواريون ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيون آهن، جن مان هڪ انگلينڊ جي (LLOYD)، هڪ آمريڪا جي (ABS)، هڪ جپان جي NKK، هڪ جرمنيءَ جيGLSE ۽ هڪ اٽليءَ جي RIN، چين، پولينڊ وغيره جي آهي، انهن جون راٽرڊم ۾ وڏيون برانچ آفيسون آهن. انهن مان هر هڪ سوسائٽي سئيڊن جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسان جهازرانن مان هڪ يا ٻن کي دعوت ڏئي راٽرڊم ۾ گهرايو آهي. راٽرڊم ۾ رهائش دوران هوٽل ۽ کاڌي پيتي جو خرچ هنن جي ذمي آهي، جتان صبح جي وقت اسان پنهنجي پنهنجي آفيس ۾ وڃون ٿا. ڪم جي نوعيت مطابق اسان انهن آفيس وارن سان گڏ مختلف جهازن، بندرگاهن ۽ شپ يارڊن ۾ وڃڻو پوي ٿو. شام جو هوٽل ۾ گهڻو ڪري يمن جي محمد مبارڪ جي ڪمري ۾ گڏ ٿي ڪچهري ڪندا آهيون ۽ ڪلاڪ ڏيڍ لاءِ ٻاهر نڪري شهر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي جو سير پڻ ڪريون ٿا. مبارڪ ڏکڻ يمن جي شهر عدن جو رهاڪو آهي ۽ عدن جي ئي بندرگاهه ۾ آفيسر آهي. پاڻ سول (يا شايد مڪينيڪل) انجنيئرنگ ۾ عدن مان ئي ڊگري حاصل ڪئي اٿس. هينئر اسان سان گڏ مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. انگريزن جي ڏينهن ۾ عدن ننڍي کنڊ سان ائين گڏيل هو، جيئن سنگاپور هندستان سان هو. سنگاپور ۾ هندستان جي ڏکڻ ۽ اوڀر ڪناري جي ماڻهن جو گهڻو واسطو رهيو ٿي، جن جي زبان مليالم، تامل ۽ بنگالي وغيره هئي ۽ هيڏانهن عدن پاسي هندستان جي انهن رهاڪن جي گهڻي اچ وڃ هئي، جيڪي اولهه ڪناري تي رهيا ٿي- يعني گجراتي، مراٺي، ملباري، ڪوڪني وغيره. مبارڪ جي ڏاڏي يا ڏاڏو هندستان جي ڪنهن شهر جو هو يا ڏاڏو يمن جو عرب ئي هجي، پوءِ هندستان ۾ ڌنڌي ڌاڙي لاءِ اچي رهيو هجي. اهڙي طرح سندس سهرو پڻ جيڪو يا ته هندستاني هو ۽ يمن جي عربياڻي سان شادي ڪيائين يا عرب هو ڪنهن هندستاني عورت سان شادي ڪيائين، ان لاءِ مبارڪ هر وقت چوندو رهندو آهي:
”منهنجي ڏاڏي کي تنهنجي زبان ايندي هئي ۽ منهنجي زال به ڪجهه ڪجهه سمجهي ٿي.“
۽ پوءِ هو ڪجهه لفظ اڪثر مون کي ٻڌائيندو آهي، جيڪي پنهنجي سمجهه کان ٻاهر هوندا آهن.
”ڏس مبارڪ“، هڪ ڏينهن مون ٻڌايومانس، ”هندوستان ۽ پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. مون کي سنڌي، هندي، اردو ۽ ٿوري ٿوري پنجابي اچي ٿي پر اهي لفظ، جيڪي تون ٻڌائين ٿو ڏکڻ هندستان جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جا آهن.“
ٿي سگهي ٿو اهي لفظ تامل، تيلگو يا مليالم زبان جا هجن، جو مبارڪ ٻڌايو ته هن کي ننڍپڻ جا ڏينهن چٽي طرح ياد آهن، جڏهن کيس سندس پيءُ موڪلن ۾ مهيني کن لاءِ ڏکڻ هندستان جي شهر مدراس ۾ وٺي ويو هو ۽ مدراس پاسي تامل زبان ئي ڳالهائي وڃي ٿي. مدراس ۾ مبارڪ سندس پيءُ جي دوست جي فلئٽ ۾ رهيو هو، مبارڪ چرچن ڀوڳن، دوستي ياري ۽ جهيڙي جهٽي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
آئون ننڍي هوندي به ڏاڍو ڏنگو هئس. ماءُ پيءُ ۽ ماستر جون ڏاڍيون مارون کائيندو هوس.“ مبارڪ چيو.
مبارڪ هڪ ڏينهن پڇيو ته بٽر (Battar) ڇا آهي. سمجهه ۾ نه آيو.
آخر رستي تان ڀتر کڻي پڇيائين ته هي ڇا آهي. پوءِ آئون سمجهي ويس ته هن جو مطلب ”پٿر“ سان آهي، پر عرب ٿي ڪري هن کان پي پلو اچاريو نٿو ٿئي. مبارڪ ”پ“ بدران هميشه ”ب“ استعمال ڪري ٿو. (پاڪستان کي باڪستان، Problem of port Pollutionبدران ”برابلم آف بورت بالوشن“ چوندو آهي. ان ڪري نئين ماڻهو کي سندس ڳالهه يڪدم سمجهه ۾ اصل نه ايندي آهي.)
”اهو لفظ پٿر ڪٿان ٻڌئي؟“ مون پڇيومانس.
”جڏهن آئون بابا امان سان گڏ ننڍي هوندي هندستان ويو هئس، تڏهن اتي جي گهٽي جي ڇوڪرن کان ٻڌو هوم. ان وقت آئون ستن اٺن سالن جو هئس، پر ڏاڍو ڏنگو هئس. هندستاني زبان نه ايندي هئي ته به گهٽي جي ٻارن سان وڙهندو هئس ۽ ڪيتريون ئي گاريون سکيو هئس. انهن مان هڪ مادر.... اڃا ياد اٿم.“
مبارڪ ٻڌايو ته مدراس ۾ هو پيءُ سان گڏ جنهن فلئٽ ۾ مهيني کن لاءِ وڃي رهيو هو. اهو ٽي ماڙ تي هو.
”آئون ڇا ڪندو هئس جو روز گهٽي مان ڀتر ميڙي مٿي کڻي ايندو هئس. پوءِ جڏهن بابا ٻاهر ويندو هو ته بالڪني ۾ بيهي گهٽي مان لنگهندڙ ٻارن کي هڻندو هئس. ڪو مٿي مون ڏي ڏسندو هو ته يڪدم چوندو هوسانس:”مادر...“ مون سمجهيو مون کي ڪير ڪونه ٿو ڏسي يا سڃاڻي، پر سامهون پان جي پيڊي واري دڪاندار ڏسي ورتو، تنهن شام جو بابا جي موٽڻ تي هن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. بابا ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي گهر ۾ گهڙيو. ”ڪٿي آهي محمد مبارڪ؟“ هن پڇيو ۽ آئون خطري کي محسوس ڪري دت هڻي سمهي رهيس. پوءِ امان کي پئي ٻڌائين ته مبارڪ جون هي حرڪتون آهن. امان کي اعتبار ئي نه اچي، هوءَ منهنجو پاسو کڻي کيس اهوئي سمجهائيندي رهي ته ٻچڙو غريب آهي. سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺو آهي. هو ڪيئن هن ملڪ جي زبان جون گاريون ڏئي سگهندو، جنهن جي الف بي کان به واقف ناهي. پر بابا ڪا دير امان کي چوندو رهيو: هيٺ پان وارو منهنجو دوست ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو، سڄو پاڙو اسان تي بگڙيو ويٺو آهي. چون ٿا ته اهو ڇوڪرو رڳو نڪري ته ڪٽڪا وجهونس. آئون خطرو سمجهي ماٺ ٿي ويس ۽ ٽن ڏينهن تائين نه پيءُ جي منهن تي پڙهيس نه گهٽي ۾ نڪتس.
ٽيونيشيا جي غياض سندس ڳالهه ٻڌي اسان کي چيو: ”مبارڪ ننڍي هوندي کان ماڻهو گهٽ هو.“
جواب ۾ مبارڪ فقط کلندو رهيو.

عيون تناجي عيون

راٽرڊئم جي هوٽل ۾ منهنجي سُئيڊن يونيورسٽيءَ جي عرب ڪلاس ميٽن سان ڪچهرين دوران، هڪ دفعي ٽيونيشيا جي انجنيئر محمد عياض يمن جي محمد مبارڪ کي چيو، ”توهان جي ترَ جي عربن کي رڳو آهي شادي تي زور.“
مبارڪ يڪدم وراڻيس:“ اسان يمنين کي ايترو ناهي، جيترو سعودي عرب جي رهاڪن کي آهي. هو پنهنجي جوان مڙسي يا طاقت زالن جي تعداد ۾ ئي سمجهن ٿا. هنن جي دماغ ۾ اهو اُٺُ ويٺل آهي ته عورت لاءِ سڀ کان وڏي خوشي هن سان مهلو ڪمهلو جنسي تعلقات رکڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍي عمر ۾ حد کان وڌيڪ جنسي تعلقات ڪري بس ٿيو وڃن پوءِ وتن دوا درمان، ٽوڻن ڦيڻن ۽ ڪشتن معجونن جي ٽيڪن تي هلندا. ڪويت ۽ سعودي عرب جي ڪيترن اميرن ته ڇا ڪيو آهي، جو نوڪرياڻين جي بهاني پنهنجي پٽن کي ننڍي هوندي ئي فلپينو، ڪورين، انڊين ۽ پاڪستاني ڇوڪريون Keeps طور رکي ڏنيون آهن ته وتن گهر ۾ عيش ڪندا. چي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي پنهنجي ملڪ جي بدنامي ڪن يا بيماريون لڳرائين ان کان گهر ۾ ويٺا ڪارو منهن ڪن. ڪيترا سعودي جا وڏي عمر جا عرب اسان جي ملڪ (يمن) مان ننڍين نيٽين ڇوڪرين سان شادي ڪري کين پاڻ سان وٺيو وڃن. اسان جي ملڪ جون غريب يمني ڇوڪريون ڀلا ڇا ڪن. ڪيتريون ته سگهو ئي ڀڄيو اچن، چي پئسو ۽ کاڌو پيتو کڻي آهي، پر ڪوٽن ۾ بند ڪيو ويٺا آهن. ڪا آزادي يا عورت جي عزت ناهي. ان کان ته غريب جي گهر ۾ ماڻهو سکيو آهي. عرب بدو پاڻ وتن ٻاهر عيش ۽ موج مزا ڪندا، زالون آهن سي سونن پڃرن ۾ قيد ٿيون پيون آهن! جنهن وقت به جنسي خواهش ٿئينته زال کي رنڊي سمجهيو ڀڳا بيٺا آهن. زال ڇا چاهي ٿي، ان جو کين فڪر نه آهي.“
۽ پوءِ مبارڪ پنهنجي پاڙي جي هڪ عورت جي ڳالهه ٻڌائي ته هن جي شادي کي اڃا مهينو مس ٿيو ته مڙس کي ڇڏي سعودي عرب کان ڀڄي آئي.
”ڇو ڀلا؟“ مبارڪ کان اسان پڇيو.
”گهڻي sex ڪري، ٻيو ڇا جي ڪري!” مبارڪ ٺهه پهه ٻڌايو. ”مڙس اصل ڇتو ڪري ڇڏيس. گهر جي ٻاهران سندس دڪان هو. صبح نه ڏس شام نه ڏس، جنهن وقت دل چيو ٿي ته گهر جو رخ رکيو ٿي. ۽ جنهن وقت به گهر ۾ گهڙندو هو ته هٿ اڳٺ ۾ هوندا هئس.“ مبارڪ ٻڌايو.
”اها ڳالهه هن عورت توسان ڪئي ڇا؟“ اسان پڇيس.
”نه، مون سان نه.“ مبارڪ چيو، ”هوءَ امان وٽ آئي هئي، ان سان پئي ڪيائين. آئون ڀرواري ڪمري ۾ ٻڌي رهيو هوس. امان کيس سمجهائي رهي هئي: اجايو مڙس ڇڏي آئي آهين. اتي ان سعوديه جي عرب وٽ سکي ويٺي هئينءَ، پر ڇوڪري اصل سخت بيزار لڳي ٿي. هر هر پنهنجي ان پوڙهي مڙس لاءِ امان کي چئي رهي هئي، ’يا خالا! خلقني هاذا الرجال‘ -ماسي! هن مڙسالي منهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. بيزار ڪري وڌو، ان ڪري ڀڄي آيس.“
مبارڪ جي ان قصي بعد اسان سندس اهو آخري جملو اڪثر ڪوڊ طور استعمال ڪرڻ لڳا آهيون. مثال طور ڪو پڇي ٿو ته اڄوڪو ڏينهن ڪيئن گذريو ته پنهنجي باس لاءِ چوندا آهيون. ”يا خالا! خلقني هاذا الرجال“ بلڪه ان ڳالهه کانپوءِ مبارڪ کي سندس نالي بدران ”يا خالا“ چوڻ لڳا آهيون. سو مبارڪ جا ڪيترا قصا ٻڌڻ بعد ان مان ڪيترا لفظ ۽ نالا سندس ئي مٿان رکندا آهيون.
مبارڪ ننڍپن جي هڪ ٻي به ڳالهه ٻڌائي ته کيس سندس ماءُ ڏنگائيءَ تان ڪيئن مار ڏني هئي.
”اسان جي پاڙي واري گهر جي ڀرسان هڪ ننڍڙو وٿاڻ به هو، جتي هنن جون ٻڪريون بيهنديون هيون. کين ننڍا ننڍا ڇيلا ڇيليون ڄمنديو هيون ته اسين گهٽي جا ننڍا ٻار انهن سان وڃي کيڏندا هئاسين. آئون ننڍي هوندي کان حد کان وڌيڪ Curious Minded هئس. هر ڳالهه جي پڇا ڪندو هئس. امان کان اهو به پڇندو هئس ته ٻڪري ڪٿان ٿي ڦر ڄڻي ۽ امان چوندي هئي ته ان جي گوڏي مان ٿو نڪري. هڪڙي ڏينهن آئون ان وٿاڻ ۾ ويس ته ٻڪري ان وقت ڪو ڦر ڄڻي رهي هئي. آئون ڪنڊ ۾ ويهي تعجب مان ڏسڻ لڳس. رت وغيره ڏسي منهنجي ايڏي دل ڪچي ٿي جو الٽيون ٿي پيم پر ته به اٿيس ڪونه. اتي ئي الٽيون به ڪندو رهيس ته ٻڪري کي به غور سان ڏسندو رهيس. نڄاڻ ان وقت ان گهر جي مائي اچي اتان لنگهي، تنهن جو مون کي ڏٺو ته رڙ ڪري امان کي چيو ته، ”خالا تون پئي ڇوڪري کي گهٽي ۾ ڳولين هي هتي ويٺو الٽيون ڪري. امان ڏندو کڻي آئي ته بنا ٻڌائڻ جي ڪلاڪ کان هڪ ته گم آهين ۽ ٻيو هتي هي ڇا ويٺو ڪرين.“
مون چيومانس. ”تون ته چوندي آهين ٻڪري جو ٻچو گوڏي مان ٿو نڪري پر هي ته گوڏي مان نڪتو ڪونه پئي سو ويٺي ڏٺم“. امان کي اهڙي ڪاوڙ آئي جو گهر پهچي منهنجا ڪپڙا لاهي مون کي الف اگهاڙو ڪري اس ۾ نه فقط کٽ سان ٻڌي ڇڏيو پر منهن تي ڳاڙها مرچ به هڻي ڇڏيا“.
”پوءِ توسان ته حالت هوندي؟“ اسان پڇيس.
”ٻيو نه ته وري. مون اهڙيون وٺي دانهون ڪيون جو بس. يا مسلمين! يا مسلمين!.“
”اهو ڀلا ڇو؟“ مون پڇيومانس.
”اسان وٽ يمن ۾ اهو رواج آهي ته پاڙي اوڙي ۾ ڪا باهه لڳندي آهي يا ڪنهن تي آفت ايندي آهي ته اسان وٺي رڙيون ڪندا آهيون: ”يا مسلمين! يا مسلمين!“ جيئن يورپ ۽ مغرب ۾ Help me, Help me, چون ٿا.“ مبارڪ ٻڌايو.
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ اسان پڇيس.
”بس پوءِ پاڙي جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ انهن امان کي منٿون ڪيون ته خالا ٻار آهي، معصوم آهي. هاڻي ڇڏينس کڻي. پوءِ مس مس امان ڇڏيو.“
بهرحال ان قصي بعد ڪٿي ڪٿي يا مسلمين! يا مسلمين! چئي مبارڪ کي سڏ ڪندا آهيون.
ڪيترن ماڻهن کي رکي رکي ڪنهن شعر جي ڪا سٽ بار بار چوڻ جي عادت هوندي آهي. ويٺي ويٺي ٿڌو ساهه کڻي ڪو سٺو شعر پڙهندا يا فقط ان جي ڪا سٽ جهونگهاريندا آهن. مبارڪ ادب ۽ شعر شاعري جو شوقين آهي يا نه، پر رکي رکي عربيءَ جو ڪونه ڪو شعر ضرور پڙهندو آهي. عربي مون کي نٿي اچي سو ڪڏهن ڪڏهن انهن سٽن جي معنيٰ پڇندو آهيانس. هن وقت ته انهن شعرن مان ڪوبه ياد نه اٿم. سواءِ هڪ سٽ جي جيڪا هو تمام گهڻو دهرائيندو آهي:”عيون تناجي عيون.“
ان جي معني ڇا آهي؟ اها ٻڌائڻ کان مبارڪ به قاصر هو. ”ان سٽ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو اهڙو سهڻو ٿي نه ٿو سگهي، جهڙو هئڻ کپي، عين هڪ اک کي چئجي ٿو ۽ عيون اکين کي. ان جو مطلب ڪجهه هن ريت آهي ته عاشق جون فقط اکيون محبوب جي اکين سان مليون ۽ اکين اکين کي سلام ڪيو.عيون تناجي عيون.“

عرب نوڪري نٿا ڏين

اهو ته ٻڌائي چڪو آهيان ته هتي راٽرڊم (هالنڊ) ۾ شام جي وقت ٽيونيشيا جو عياض، سعودي عرب جو ڪمانڊر خالد ۽ آئون اسان جي چوٿين ساٿي يمن جي پورٽ انجنيئر محمد مبارڪ جي ڪمري ۾ اچي ويهندا آهيون. هو ڏکڻ يمن جي مشهور شهر ۽ بندرگاهه عدن جو آهي. هِتان هُتان جي ٻٽاڪ سٽاڪ، چرچو ڀوڳ يا ڪڏهن ڪنهن سنجيدي ڳالهه تي بحث مباحثو ڪندا آهيون. خاص خبرون هالنڊ جي هن شهر راٽرڊم بابت هلنديون آهن. منهنجي ڪري هنن ٽنهي عربن کي به انگريزي ڳالهائڻي پوي ٿي. پر تنهن هوندي به ڪڏهن زورائتي بحث وقت، جوش ۾ اچي منهنجي موجودگي وسري ويندي اٿن ۽ پنهنجي مادري زبان عربي ۾ شروع ٿي ويندا آهن. خاص ڪري ڪنهن بحث ۾ هڪٻئي تي ڇوهه ڇنڊڻا هوندا اٿن ته پوءِ ڪاوڙ ۾ عربي زبان ئي سولي لڳندي اٿن، جيئن هر هڪ کي نوٽ ڳڻڻ پنهنجي مادري زبان ۾ سولا ٿيندا آهن. ڪجهه دير عربي ڳالهائڻ بعد پوءِ جيئن ئي ڪنهن کي ڌيان ۾ ايندو آهي ته مون کان معافي وٺي ٻين کي عربي ڳالهائڻ کان جهليندو آهي: ”يار ڪجهه الطاف جو به ته خيال ڪريو.“ هو انگريزي ۾ ٻين کي چوندو آهي ۽ آئون کين اهو ئي چوندو آهيان:
”مڙيئي خير آهي، پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي. عربيءَ ۾ توهان جا جهيڙا به اسان کي سريلا لڳن ٿا. هونءَ باءِ دي وي، مون کي پهريون دفعو معلوم ٿيو آهي ته عربيءَ ۾ جهيڙا به ڪيا وڃن ٿا.“
”ابا عرب!“ مبارڪ چيو، ”ماٺ اٿئي ڀلي، جتي چار عرب گڏ ٿين اتي رڳو بحث ۽ جهيڙي کانسواءِ ڇا ٿي سگهي ٿو؟“
”يار مون کي پهريون دفعو معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، ملائيشيا جي مسلمانن کي عربي نه ٿي اچي.“ ٽيونيشيا جي عياض چيو، ”مون سمجهيو ته جيئن اسان آفريڪا جي مسلمان ملڪن موراڪو، ماريطانيا، الجيريا، سوڊان، لبيا، ٽيونيشيا وارن کي عربي اچي ٿي تيئن توهان مسلمان به ڳالهائيندا هوندائو.“
”نه. اسان وٽ قرآن شريف پڙهڻ جي حد تائين ٿوري گهڻي عربي پڙهائي وڃي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ جي زبانن ۾ ڪيترائي عربي جا لفظ آهن ۽ لکڻي پڻ عربي نموني جي اٿئون. ان ڪري ملائيشيا يا بنگلاديش جهڙن ملڪن جي ماڻهن جي مقابلي ۾ اسين عربي جلدي سکي سگهون ٿا.“ مون هن کي ٻڌايو.
هڪ ڏينهن بحث هليو ته يورپ جا ملڪ هڪ ٻئي جي ماڻهن جو ڏاڍو خيال رکن ٿا. اڄڪلهه سئيڊن، ڊئنمارڪ، فنلنڊ، جرمني جهڙا ملڪ امير ٿي ويا آهن ته پنهنجي غريب يورپي ملڪن جو خيال رکن ٿا ۽ پولنڊ، هنگري، ويندي ايسٽونيا جي ملڪن جا ماڻهو مٿين امير ملڪن ۾ اچي پورهيو يا ڌنڌو، واپار ڪري چار پئسا ڪمائين ٿا.
”ڪويت ۽ سعودي عرب جهڙن امير ملڪن کي به کپي ته گهڻي کان گهڻا ماڻهو ڪوريا، ٿائلنڊ ۽ فلپين جهڙن ملڪن مان گهرائڻ بدران پاڪستان، مصر، ويندي هندوستان سوڊان جهڙن ملڪن مان گهرائين. ڪو ڏينهن ڪهڙو ڪو ڏينهن ڪهڙو. اڄ جو امير ملڪ سڀاڻي غريبٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ پاڙيسري ملڪ مڇي ماني وارو هوندو ته ڏکئي وقت ۾ سندن به مدد ڪري سگهندو.“ مون چيو.
ٽيونيشيا جي عياض منهن ٺاهي چيو:
”هي سعودي عرب ائينڪڏهن به نه ڪن. توهان پاڪستانين ۽ بنگلاديشين کي ته ٺهيو اسان ٽيونيشيا جي عربن کي به نوڪري ڏيڻ کان آڱوٺو ڪڍي ويٺا آهن ۽ جي نوڪري ڏيندا تڏهن به گهٽ پگهار تي. مون چار پنج سال اڳ سعودي عرب جي جهازن تي نوڪريءَ لاءِ Apply ڪيو هو پر نوڪري نه ڏنائون.“
”هاڻ ڏس عياض،“ سعودي عرب جي خالد کيس سمجهائيندي چيو، ”جهاز سعودي عرب جي ماڻهن جا ضرور آهن، پر هنن انهن کي هلائڻ لاءِ ٻين کي ٺيڪو ڏنو آهي، جيئن اڪثر ٿيندو آهي ته جهازن جو ڪم مئنيجمينٽ ڪمپنيون هلائين ٿيون ۽ هو ڪم مطابق فلپينو، چيني يا بنگالي Crew رکن ٿيون، باقي ٻين نوڪرين لاءِ آئون توکي سڃاڻان ٿو. محنتي ۽ ايماندار ماڻهو آهين، مون کي خوشي ٿيندي، جيڪڏهن تون اسان جي ملڪ ۾ هلي نوڪري ڪندين. باقي جيترو پگهار تون چاهين ٿو ايترو ملڻ ڏکيو آهي. تون ڪنهن کان به معلوم ڪري ڏس. گهر، سواري، ميڊيڪل وغيره هر ڪمپني ضرور ڏئي ٿي باقي روڪ پگهار ڪٿي به گهڻو ناهي. تون هلي اسان جي فئملي بزنيس ۾ ڪم ڪر يا کليل ويزا ذريعي اتي ٻي ڪا نوڪري ڳولهه. پگهار ان ئي Range ۾ ملندءِ.“
”نه. منهنجي زال کي به ڪا بئنڪ ۾ نوڪري وٺرائي ڏي ته پوءِ زال ۽ ٻارن سان سعودي عرب اچي رهندس. اڪيلو نه.“ عياض چيو.
”ڏس هاڻ وري اها ڦڙتي ٿو هڻين نه. مون کي خبر آهي ته تون يا تنهنجا ٻيا ٽيونيشيا جا ماڻهو اسان وٽ اسان جي پگهار مطابق ڪم نه ڪندائو.“ خالد چيس. ”۽ عورت کي سعودي عرب ۾ نوڪري ڪرڻ جي اجازت ناهي.“
”ايتري پگهار تي ڪيئن ڪم ڪريون. اڌ ته Tax ۾ حڪومت کي ڏيڻو پوي ٿو.“ عياض ورندي ڏنس.
”اهو توکي پنهنجي ٽيونيشيا حڪومت کي ڏيڻو پوي ٿو نه اسان جي سعوي حڪومت کي. ان ۾ تنهنجي ملڪ جي حڪومت جو ڏوهه آهي، جنهن اهڙا اڻانگا قاعدا ٺاهيا آهن جوتوهان جي ملڪ جو ڪو پورهيت ٻاهر ڪمائڻ لاءِ نٿو نڪري، جن ملڪن ۾ نه آهن انهن جا ته اسان وٽ خوشيءَ سان نوڪريءَ لاءِ ايندا رهن ٿا.“

سوئر کاڌئي ته ڪهڙي ڳالهه

هتي راٽرڊم ۾ جنهن هوٽل ۾ رهيل آهيون، نيرن جي ماني ان هوٽل طرفان روز جي مسواڙ ۾ شامل آهي، سو هر ڪو نيرن پيٽ ڀري ضرورت کان وڌيڪ کائي ٿو. ان بعد منجهند جي ماني ڪڏهن جهازن تي کائيندا آهيون ته ڪڏهن مئڪڊونالڊ تانجيڪا سستي ۾ سستي ماني هوندي آهي. پر ان هوندي به ان جا ڏهه گلڊر-يعني ٻه سئو رپيا ٿين. ان کان پنهنجي ملڪ جا ڏهين روپين جا پڪوڙا سنبوسه وڌيڪ سوادي ۽ پيٽ ڀرين ٿا. رات جي ماني ڪمري تي اڪيلي سر ڪجهه ٺاهي کائون ٿا يا مبارڪ جي ڪمري ۾ گڏجي کائيندا آهيون. مبارڪ ڪٻٽ مٿان رکيل گتي جو وڏو دٻو لاهيندو آهي، جيڪو مکڻ، جئم، ماکي، ڊبل روٽي، بن، چاڪليٽ، پي-نٽ ۽ بسڪٽن جهڙين شين سان ڀريل رهي ٿو. ان کي هو Portable ڪچن سڏي. ان مان ڪجهه ڪڍي کائيندا آهيون. چانهه لاءِ گلاس ۾ ٻوڙڻ وارو (Immersion) هيٽر اٿئون، جيڪو جڳ ۾ وجهي پاڻي ڪاڙهيندا آهيون ۽ پوءِ چانهه يا ڪافي ٺاهيون. ان بعد ٿوري دير ڪچهري ڪري اڳواٽ وٺي آيل کير، پيئندا آهيون. مبارڪ جو گهڻو زور بيئر ۽ وسڪي تي هوندو آهي. سئيڊن کان هيڏانهن هالنڊ ايندي وقت وسڪي جي بوتل مالمو (سئيڊن) ايئرپورٽ تان ڊيوٽي فري وٺي آيو ۽ هاڻ پيئندو رهي ٿو.
هڪ رات عياض مون کي اک ڀڃي مبارڪ کي چيو:”پنهنجي هوٽل ۾ نيرن تي جيڪو گوشت ملي ٿو اهو سوئر جو اٿئي؟“
”واقعي؟“ مبارڪ پڪ لاءِ مون کان پڇيو.
”خبر ناهي. ٿي سگهي ٿو هجي.“ مون چيومانس.
”پر قسم سان مون ٻه دفعا هوٽل وارن کان پڇيو، انهن چيو ته چڪن ۽ بيف آهي.“مبارڪ چيو.
عياض کلي چيو: ”ها چڪن آهي. بيف آهي. ٻڌائي الطاف! هن کي چيائون ته چڪن آهن. آئون سڄي عمر يورپ ۾ رهيو آهيان. صبح جي وقت سڄي يورپ ۾ هئم ۽ بئڪن کائين ٿا، جيڪو خنزير جو گوشت آهي.“
تون ٻڌاءِ الطاف؟“ مبارڪ غريباڻي شڪل ٺاهي مون کان پڇيو.
”مبارڪ! ڍڳي جو گوشت (بيف) ته ٿي نه ٿو سگهي. سوچ ته سهي! هتي ڳائو گوشت ڪيترو مهانگو آهي. اهو ڪيئن ڏيندا؟“ مون چيومانس.
مبارڪ بيزار ٿي چيو: ”ڌوڙ وڃي پايو. باقي مون پڪ ڪئي آهي ته سوئر جو گوشت ناهي.“
”توکي پڪ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي. سڄو ڏينهن شراب ويٺو ڏوگهين، باقي سوئر کاڌئي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي.“ عياض چيس.
”تون سمجهندو هوندين ته آئون ڪو شراب جو عادي آهيان پر اها ڳالهه ناهي. پنهنجي ملڪ ۾ ته مون ڪڏهن به نه پيتو آهي. اهو مڙيئي هتي وقت گذاري ۽ دل وندرائڻ لاءِ آهي.“ مبارڪ چيو.”
”ضمير کي مطمئن ڪرڻ لاءِ حضرت انسان ڇا ڇا نه ڊائلاگ ايجاد ڪيا آهن!“ عياض چپن ۾ ڀڻڪيو.

هالنڊ جي ٽرام ۽ مِس ٽري

راٽرڊم ۾ رهڻ دوران هڪ ڏينهن سعودي عرب جي خالد زور ڀريو ته هلي ٻاهر ڪنهن هوٽل ۾ ڀت يا ٻوڙ جهڙي شيءِ کائجي. هڪ هڪ کي منٿون ڪيائين پر ڪنهن به سندس ساٿ نه ڏنو. اها سڀني کي خبر آهي ته پئسا هوئي ڏيندو، جو الله جي فضل سان نه فقط سکئي ملڪ جي امير پيءُ جو پٽ آهي، پر سندس ذاتي پگهار به ايترو گهڻو آهي جو هو اسان سڀني جو روز جوخرچ ڀري ته به هن لاءِ ڪجهه ناهي. هڪ دفعي اليڪشن دوران خبرن لاءِ کانئس واڪ مئن ريڊيو گهريم. سڄو ڏينهن گذري ويو پر اليڪشن جي نتيجي جو اڃان اعلان نه ٿيو. BBCريڊيو هر وقت اها خبر ڏيئي رهيو هو ته پاڪستان ۾ اڃان ووٽن جي ڳڻپ ٿي رهي آهي. نيٺ شام جو خالد کي چيم:
”هاڻ مهرباني ڪري هن ريڊيو جي پڇر ڇڏ. سڀاڻي تون پنهنجي لاءِ نئون وڃي وٺجانءِ.“
۽ خالد ٻئي ڏينهن پنهنجي لاءِ ٻيو ريڊيو وٺي آيو ۽ سندس آئون کڻي هلڻ لڳس. ٿائلنڊ جي ڪلاس ميٽ سوتيءَ چيو: ”ڪمال آهي. هڪ تون گهرڻ وارو- نڪ جو پڪو ٿي هن کان ريڊيو گهرئي ۽ ٻيو هي خالد جنهن ڏيڻ ۾ منهن به نه گهنجايو.“
”مڙيئي خير آهي. اسان جا پاڙيسري سعودي عرب ۽ ايران شاهوڪار سوٽ آهن. انهن لاءِ اها وڏي ڳالهه ناهي. سندن بادشاهه جتي ڪروڙها ريالن جي مدد اسان جي ملڪ کي ڏيئي ٿو اتي خالد جي سئو ڊالرن جو ريڊيو مون کي ڏنو ته مڙيئي خير آهي.“
سو اسان جي سنگت جي کارائڻ پيارڻ جا اهڙا تهڙا خرچ خالد جي مٿي تي هوندا آهن ۽ هينئر به هو فقط گڏ هلي ساڻس کائڻ لاءِ منٿون ڪري رهيو هو. نيٺ مبارڪ ۽ عياض چيو:
”اسين روز توسان هلندا آهيون. الطاف ڪڏهن به نٿو هلي.“
”مون کان ايترو پنڌ نه ٿيندو.“ مون چيو.
”پنڌ جي پرواهه نه ڪر. ٽرام ذريعي هلون ٿا.“ خالد چيو.
مون مبارڪ کان سندس سفر جو ڪارڊ (Travel Card) ورتو ۽ اٿي کڙا ٿياسين. مبارڪ کي آفيس تائين يا راٽرڊم شهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ سندس ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي وارن ميزبانن ٽڪيٽن جو يڪو پترو ڏنو آهي، جنهن ۾ پنجيتاليهه کن ٽڪيٽون ٿين ٿيون.
راٽرڊم ۽ نيدرلئنڊس جي ٻين شهرن ۾ شهر جو شهر ۾ سواري لاءِ بسون ٽرامون ۽ انڊر گرائونڊ ريل گاڏيون آهن. باقي هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين وڏيون ريل گاڏيون آهن. زمين دوز ريل گاڏين کي هي ميٽرو سڏين ٿا ۽ ان جي اسٽيشن مٿان انگريزي جو اکر .ايم، لکيل ٿئي. فرانس ۾ به زمين جي هيٺان هلندڙ هنن گاڏين کي ميٽرو سڏين ٿا. انگلنڊ، آمريڪا، ڪئناڊا وغيره ۾ ”سب وي“ يا ”انڊر گرائونڊ“ سڏين ۽ جپان ۾ ”ڇڪاٽيٽسو“. هتي جي ٽرين نه فقط راٽرڊم کان هيگ، ليئڊن يا ايمسٽرڊام شهرن تائين هلي ٿي، پر اها ئي ٽرين بارڊر لتاڙي ڀر وارن ملڪن بيلجم، جرمني-ويندي فرانس جي شهرن تائين هلي ٿي. راٽرڊم جي ريلوي اسٽيشن تي ان قسم جا اعلان پيا ٻڌبا ته پئرس، برسلس ۽ ائنٽورپ کان ايندڙ ٽرين پليٽ فارم نمبر ٽي تي مقرر وقت کان ڏهه منٽ اڳ يا دير سان پهچي رهي آهي يا بڊاپيسٽ (هنگري) فرئنڪفرٽ، هئمبرگ (جرمني) کان ايندڙ ٽرين نمبر چوٿين بدران پليٽ فارم نمبر پنجين تي بيهندي. ٽرينن لاءِ هنن ڌار قسم جي ٽڪيٽ رکي آهي ۽ شهر جي ڏورانهين هجڻ مطابق ملي ٿي. مثال طور ايمسٽرڊام کان راٽرڊم تائين ٽرين ۾ سفر جي ٽڪيٽ ويهن گلڊرن يعني چار سئو رپيا کن جي ملي ٿي. باقي شهر جو شهر ۾ ٽرام، بس ۽ ميٽرو (زمين هيٺ هلندڙ) گاڏي لاءِ اٺن، سورهن، ٽيهن يا پنجيتاليهه ٽڪيٽن جو يڪو ڊگهو پترو ملي ٿو. ٽرام يا بس ۾ چڙهڻ وقت اهو پترو مشين ۾ وجهي هڪ ٽڪيٽ کي ڪٽاڻو پوي ٿو، جنهن تي وقت ۽ تاريخ لڳي ويندو آهي ۽ پوءِ ڪلاڪ تائين ساڳي ٽڪيٽ ۾ ٻين هنڌن ڏي ويندڙ ٽرامن ۽ بسن ۾ سواري ڪري سگهجي ٿي. جنهن هوٽل ۾ اسين رهيل آهيون ان جي در وٽ ئي ٽرام جو آخري اسٽاپ آهي، جتي نمبر پنجون ٽرام اچي دنگ ڪري ٿي. اسان (خالد ۽ آئون) هوٽل مان نڪتاسين. ٽرين ڇٽڻ ۾ اڃان ويهه منٽ کن هئا. ڊرائيور دستور موجب سامهون ٽرام آفيس ۾ چانهه پي رهيو هو. ٽرام ۾ فقط هڪ پوڙهي عورت اڌ جاڳ اڌ ننڊ جي حالت ۾ کونگهرا هڻي رهي هئي”اڳيان ويهون يا پويان؟“ خالد ٽرام ۾ گهڙندي مون کان پڇيو.
اڃا ڪو جواب ڏيانس اتي سامهون واري رستي تي هڪ ڪار اچي بيٺي ۽ هارن ڏيئي ڪار هلائيندڙ ڪجهه چيو. سمجهه ۾ نه آيو ته انگريزي ۾ ڪجهه چيائين يا هتي جيڊچ زبان ۾، پر آواز جي نوعيت مان لڳو ته هو سڏ ڪري رهيو آهي. ٽرام ۾ رکيل قدم وري هيٺ لاهي، پنهنجي ڇاتي تي آڱر رکي پڪ ڪيم ته آيا مون کي ٿو سڏي يا ڪنهن ٻئي کي.
”Me.“ مون پڇيومانس. مون کي شڪ ٿيو ته متان اسان جي آفيس جو ڪو همراهه هجي. اسان کي ٽرام ۾ ويندو ڏسي، پنهنجي ڪار ۾ وٺي ٿو هلي. پر هن نهڪار ڪندي ٽرام ۾ بيٺل خالد ڏي اشارو ڪيو.
خالد کي چيم:
”بابا لهي اچ. تنهنجي آفيس جو ڪو مهربان سرويئر ٿو ڏسجي، جتي چونداسونس اتي هلي ڇڏيندو.“
خالد به ڪالر لوڏي هيٺ لٿو ته سندس لئه ٿي وهي. تيسين خالد ڏي اشارو ڪري وري پڪ ڪيم ته هن کي پيو سڏين ته ان تي به نهڪار ڪري ڪجهه چوڻ لڳو. اتي سمجهي ويس ته هي ڪو ٻئي کي پيو سڏي. سو انگريزي ۾ پڇيومانس ته، ڪنهن کي پيو سڏين؟ اسان کي تنهنجي ڊچ سمجهه ۾ نٿي اچي.
”I am calling Miss Tree“ هن صاف انگريزي ۾ وراڻيو. (آئون ٽري کي سڏي رهيو آهيان.)
”ٽري“ مون رڙ ڪري اڌ ننڊ اڌ سجاڳ واري پوڙهي کي سڏيو. مس ٽري-اٽري يا ٽري سان ملندڙ جلندڙ نالي واري هيءَ ڊچ عورت ڇرڪ ڀري اٿي ۽ خالد کل ۾ اونڌو ٿي ويو.
”Someone Calling You“ مون کيس لفظ لفظ الڳ ڪري انگريزيءَ ۾ چيو ۽ هوءَ ”مهرباني“ چوندي ٽرام مان ٽپ ڏيئي لهي وڃي ڪار ۾ ويٺي ۽ هاڻ ٽرام ۾ وڃي خالد ۽ آئون رهياسين. پنج ڇهه منٽن بعد ڊرائيور آيو. ان وقت رات جا پورا ڏهه ٿيا هئا. اهو وقت ڪو ٻاهر نڪرڻ يا گهمڻ جو نه هو پر اسين ماني کائڻ لاءِ نڪري پيا هئاسين، جيڪا جيتوڻيڪ مبارڪ ۽ عياض سان گڏ مون به سوير کائي ڇڏي هئي، پر جيئن ته خالد نه کاڌي هئي ۽ خالد اسان لاءِ بادشاهه ماڻهو ٿيو، سو مري جهري به ان کي ڪمپني ڏيڻي هئي. هي ته رات جا ڏهه ٿيا هئا پر آڌيءَ رات جو به هلڻو هو. رستي تي مئڪڊونالڊ جو دڪان آيو ته مون چيو: ”خالد هتان ئي ڪجهه ڪري کائون.“
مون خالد کي مئڪڊونالڊ جي صلاح ڏني جيئن گهٽ پئسن ۾ دڪان جي در تان بن (Burger) ۽ ڪوڪا ڪولا جو گلاس وٺي واندا ٿي وڃون. پر خالد چيو:
”ڪنهن اهڙي هوٽل ۾ هلجي جتي پُر تڪلف نموني سان ٻوڙ ماني کائي سگهجي. يعني ٽيبل تي ٿي ويهجي ۽ بئرو هڪ هڪ ڊش Serve ڪري.“
”تون ڪٿي ۽ ڇا کائڻ چاهين ٿو؟“ خالد مون کان پڇيو.
”خالد سچي ڳالهه هيءُ آهي ته هن وقت منهنجو موڊ ناهي. تون ڀلي جتي وڻئي اتي کاءَ. آئون چانهه کڻي پيئندس.“
”نه نه ائين ڪيئن ٿيندو. ڪا سٺي هوٽل ڳول ته اتي هلي کائون. تون اڄ پهريون دفعو مس مس ته هليو آهين.“ خالد چيو.

قصو راٽرڊم ۾ ڊنر جو

خالد جي ڳالهين مان لڳو ته هو هونءَ ئي ڪنهن پرتڪلف هوٽل ۾ کائڻ چاهي ٿو، پر اڄ ته هيڪاندو منهنجي ڪري وڏي هوٽل ۾ هلڻو ئي هلڻو اٿس ۽ راٽردئم جهڙي مهانگي شهر جي ڪا اهڙي تهڙي هوٽل به الله ڏئي ۽ بندو سهي وارو حساب آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مون کي بک به نه هئي، خالد هرو ڀرو مون تي ٿورو ڪرڻ جي چڪر ۾ هو يا منهنجا ٿورا لاهڻ جي فڪر ۾ هو. منهنجا ٿورا هن تي اهي چئي سگهجن ٿا ته هونءَ هي منهنجا ٽئي عرب ساٿي روز شام جو چڪر تي نڪرندا آهن ۽ گهمي ڦري کائي پي دير دير تائين موٽندا آهن، آئون ساڻن نڪري اجايو وقت وڃائڻ بدران هوٽل جي ڪمري تي ئي ترسي پوندو آهيان. سڄي ڏينهن جي رپورٽ ٺاهيندو آهيان. اخبارن لاءِ سنڌي مضمون لکندو آهيان ۽ سندن (هر هڪ جي) لکيل ٿيسز جو روز هڪ هڪ چئپٽر پڙهي چڪون صحيح ڪندو آهيان، جو ٽئي انگريزي ۾ يا ٿيسز لکڻ ۾ اهڙا هوشيار نه آهن، جيترو اسين پاڪستاني، هندستاني، ملائيشين، سنگاپوري وغيره. وڃڻ وقت مون لاءِ ڪجهه وٺي اچڻ لاءِ زور ڀريندا آهن ته آئون هر وقت پنهنجي پسنديده شيءِ آئسڪريم يا کير آڻڻ لاءِ چوندو آهيان، جيڪا کڻي ڪير به کڻي اچي پر پئسا خالد ڏيندو آهي. سئيڊن کان ٻاهر ڪنهن به ملڪ ۾ فيلڊ ٽرپ لاءِ نڪرون ته گڏجي خرچ جو بل خالد ئي ڀري ٿو. پئسي ڏوڪڙن جي معاملي ۾ خالد اسان لاءِ هلندڙ چلندڙ بئنڪ آهي. پنهنجي کيسي مان فقط تڏهن ڀريندا آهيون، جڏهن اڪيلا هوندا آهيون، پر اهو آهي ته اسين ٽئي ڄڻا گڏ هلڻ وقت ڪوشش ڪري ڪنهن به شيءِ جي پسنديدگي جو اظهار نه ڪندا آهيون، جو متان خالد تي بار پوي. اها ٻي ڳالهه آهي ته خالد لاءِ اهي بار ته ٺهيو پر ان کان وڏا خرچ به ڦلن مٺ آهن. بقول يمن جي مبارڪ جي-جيڪو خالد جي وڌيڪ ويجهو هئڻ ڪري سندس هڪ هڪ ڳالهه کان واقف آهي- خالد ايڏو امير آهي، جو ڪو سوچي نٿو سگهي.
”خالد منهنجي ڳالهه مڃين ته مون لاءِ مئڪڊونالڊ جو ملڪ شيڪ سڀ ۾ بهتر آهي.“ هوٽل جي ڳولا ۾ اڃان پري وڃڻ کان جهليندي مون خالد کي چيو.
”اهو به پيئنداسين پر ماني ضرور کائبي.“ خالد ضد ڪيو. اتي ٽرام شهر جي وچ واري اسٽيشن (Central Station) تي پهتي.
”خالد لهه ته لهون. رات جي هن ٽاڻي جيڪي هوٽلون کليل هونديون سي هن اسٽيشن جي ويجهو ئي هونديون.“ مون چيو ۽ ٽرام جيئن ئي بيٺي ته لٿاسين.
ريلوي اسٽيشن ۾ ئي هڪ پاڪستاني شڪل جي همراهه جو دڪان هو، جنهن کان اردو ۾ ڊچ هوٽل جو پڇي سندس ڏس مطابق ان هوٽل تائين پهتاسين. هن پاڪستاني همراهه جيڪا هوٽل ٻڌائي اها به چڱي خاصي اهم هئي، جنهن ۾ اسان جهڙو ماني ته ڇا پر چانهه جو ڪوپ به نه پيئڻ چاهيندو، جو چانهه جو ڪوپ به سئو ڏيڍ سئو روپئي کان گهٽ نه هو. دراصل اهڙين هوٽلن ۾ چانهه جي قيمت کان وڌيڪ هوٽل جي اهتمام ۽ Services جا پئسا ورتا وڃن ٿا. خالد ان کان به اعليٰ قسم جي هوٽل ۾ وڃڻ چاهيو ٿي، جيڪا اتفاق سان ٿوروڙوئي اڳيان ڪنڊ تي ئي ملي وئي. سندس ٿلهن اوچن پٿرن جي ڀتين جو اڌو اڌ ٿلهو (Tinted) شيشو هو. بيلجم جهڙو ملڪ جنهن جو پاڙيسري هجي ان ۾ اعليٰ شيشي جا در ۽ ڀتيون نه هجن ته ٻيو ڀلا ڪٿي هجن. هوٽل ۾ اندر نوجوان ۽ امير جوڙا هئا يا ٿلها پوڙها، گنجا انٽرنيشنل بزنيس مين ۽ جهازن جا مالڪ. آيل گراهڪن کي بئرو درتي ئي آڌرڀاءُ ڪري اندر ٽيبل تائين وٺي آيو ٿي ۽ اتي بيٺل خدمتگار ڇوڪريءَ ڪرسيون ڇڪي هڪ هڪ کي ويهاريو ٿي.
اسين ايشيائي ڪارا، جڏهن هوٽل جي در وٽ پهتاسين ته هوٽل جي بئري منهن کڻي ٻئي طرف ڦيرايو. شايد اهو سوچي ته اسان شايد ڪنهن گهر يا دڪان جو ڏس پتو ٿا پڇون يا کيسو ڪٽجي وڃڻ ڪري کانئس ميرپورساڪرو ويندڙ بس جو ڀاڙو ٿا گهرون. بئري (Waiter) جي بي رخي خالد به محسوس ڪئي، پر مون کيس شڪي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ۽ ڪجهه اهو سوچي ته متان بئرو اڇل مان چوي ته هوٽل اڳيان نه لنگهو بئري کي چيم:”We Would like to have a dinner“ بئرو ڪا گهڙي اسان کي اچرج مان ڏسڻ لڳو. منهنجي ان جملي ٻڌڻ لاءِ هو نه تيار هو ۽ نه وري سوچيو هئائين. نه ته اسان کي ڀڄائڻ لاءِ هن جو ايترو ئي چوڻ ڪافي هو ته: All Tables are Raserved پر هو جلدي ۾ ٻيو ڪجهه چئي اسان کي در وٽان ئي ڀڄائڻ بدران ڪومايل انداز ۾ O.K چيو. بقول مبارڪ جي هتي جا يورپي اسان ايشين کي ته اهڙو فقير سمجهن ٿا جو اسان کان پري پيا ڀڄن. مجبوري جي حالت ۾ جڏهن کين ڳالهائڻو پوي ٿو ته ائين ٿا ڳالهائين ڄڻ ناني مري وئي هجين.
۽ هن هوٽل واري بئري جي ڳالهائڻ مان ته ائين لڳي رهيو هو ڄڻ نانيءَ کانسواءِ ڪو ٻيو به مائٽ لاڏاڻو ڪري ويو هجيس. ظاهري ڳالهه آهي ته پاڪستاني جيڪي هن پاسي سخت بدنام آهن ۽ وتن ٺڳيون لچايون ڪندا سي هن ٺِش مِش واري هوٽل ۾ ڇو اچي رهيا آهن. کيس ضرور خدشو ٿيو هوندو ته اسين ماني کائڻ بعد مانيءَ جو بل به کائي وينداسين. خالد نڪ مان سو عرب لڳي ٿو باقي شڪل ۾ اسان جهڙو پاڪستاني مهانڊو آهي.
بهرحال گيٽ وٽ موجود هن بئري اسان کي مان شان سان اندر وٺي هلڻ بدران هٿ جي اشاري سان اڳيان ڪنڊ ۾ رکيل هڪ ٽيبل ڏي وڃڻ جو اشارو ڪيو ۽ اسان سندس بي رخيءَ کي درگذر ڪري، وڃي ان ڪنڊ واري ٽيبل تي ويٺاسين. ٽيبل وٽ بيٺل خدمتگار عورت اسان لاءِ ڪرسيون ڇڪڻ جا آداب ته پورا نه ڪيا، پر ڪو خاص توجهه به نه ڏنو. اهي سڀ ڳالهيون اسان چٽيءَ طرح محسوس ڪيون پئي ۽ مون درگذر ڪرڻ کانسواءِ زوريءَ ڪا هتِي هُتي جي ڳالهه ڪڍي خالد جو ڌيان ان بي توجهي ۽ بي رخي کان پري پئي ڪيو ۽ کيس اهو احساس پئي ڏياريو ته گهٽ ۾ گهٽ ٿيندڙ بي عزتي آئون محسوس نه پيو ڪريان. ڇو جو هو ته مون کي لک سئو عزتون ڏئي خاص ان ڪري وٺي آيو هو ته ڪنهن چڱي هوٽل ۾ وٺي خذمت جو موقعو مون لاءِ مهيا ڪري. پر هتي ماڳهين اسان کي اڇوت سمجهيو پئي ويو.
مون کي سئيڊن ۾ رهندڙ ڪوئيٽا جي ارباب دائود جي ڳالهه ياد آئي ته اسان کڻي ڇا به ڪريون پر هتي جا يورپي اسان ايشيائي ۽ آفريڪي باشندن کي نيچ سمجهن ٿا- خاص ڪري پاڪستانين کي ۽ ٻئي نمبر تي ٻين مسلمانن کي. ڪو پاڪستاني گهٽ خرچ ڪندو يا ڪنهن سستي هوٽل ۾ ويندو ته چوندا ته هي ڪنجوس آهي يا بکيو، فقير، مسڪين آهي. پر جي ڪو پاڪستاني وڏي پئسي وارو آهي (جيڪو پئسو هن ڀلي کڻي وڏي نوڪري يا حق حلال جي ڌنڌي ڌاڙي ذريعي ڪمايو هجي) ته به هتي جا يورپي هن کي وڏا خرچ ڪندي يا وڏين هوٽلن ۾ ويندو ڏسي چوندا ته هن پڪ سمگلنگ مان پئسو ڪمايو آهي. سو ٿي سگهي ٿو ته هن هوٽل جو گورو اسٽاف توڙي هال ۾ موجود گورا يورپي مهمان، اسان لاءِ ڪجهه اهڙو پڻ خيال ڪري رهيا هجن ته اسين سمگلر هجون يا هڙ ۾ هرير به نه هجي ۽ ماني کائي ڀڄي وڃڻ جو ارادو رکندا هجون. هڪ بک ڪانه هئي اجايو پئسو وڃائي رهيا هئاسين، ٻيو ڪافي رات گذري چڪي هئي ۽ اسان کي جلدي وڃي سمهڻ کتوٿي جيئن ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اٿي آفيس وڃڻو هو ۽ ان مٿان وري اها مصيبت ته بئرو ٻين کان ته مانيءَ جا آرڊر وٺي رهيو هو، پر اسان کي ٽيڏي اک سان ڏسي لنوائي پئي ويو. آخر مون کان رهيو نه ٿيو ۽ هڪ واندي همراهه (Waiter) کي هٿ جي اشاري سان سڏ ڪيم. هو بنا پني پين جي آرڊر وٺڻ آيو. هن سمجهيو اسان ۾ ڪافي يا چانهه جيتري طاقت مس هوندي. ظاهر آهي ايتري ته هن به ڄاڻ رکي ٿي ته هڪ ته دنيا ۾ هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي ٻيو ته ڊالر، مارڪ ۽ يين (Yen) سان گڏ پائونڊ گلڊر جو به اگهه چوٽ چڙهي ويو آهي ۽ ٽيون ته پاڪستان جي روپئي ۽ ماڻهوءَ جي ساک جو وڃي پيو مان ڪرندو، سو اهڙي صورت ۾ اسان پاڪستاني راٽرڊم جهڙي يورپي شهر جي هڪ اعليٰ هوٽل ۾ ڇا ٿا افورڊ ڪري سگهون! هن جي سوچ بلڪل صحيح هئي، پر کيس اها ڄاڻ نه هئي ته جن کي هو پاڪستاني سمجهي رهيو هو انهن ۾ هڪ همراهه تيل جي دنيا جو امير عرب شهزادو آهي، جنهن جي ملڪيت جو کيس به ڪاٿو ناهي ۽ هو چاهي ته هڪ ڊنر ته ڇا پر هن سڄي هوٽل جي قيمت ادا ڪري ان جو هن ئي گهڙي سوڌو ڪري سگهي ٿو.
مينو تي ڏنل شين مان خالد نه فقط هڪ ٻه ٻوڙ چيا، پر چانور، مڇي، گانگٽ ۽ ڪنهن مٺي لاءِ، به چيو ۽ ان سان گڏ ڪا ڪولڊ ڊرنڪ.
بئرو چپ چاپ موٽي ويو ۽ پنو پينسل کڻي مٿين شين جا مينو مطابق نمبر نوٽ ڪرڻ لڳو، جن جي لسٽ خالد اڃا به ڊگهي ڪئي ٿي، پر منهنجي زور تي گهٽائي گهٽائي اتي پهچايائين. ڪجهه دير بعد، هن هوٽل جي رواج موجب، هر شيءِ ان وقت تيار ٿي کڄي آئي.
ماني کائڻ دوران هڪ ٻه ٻيا به اهڙا واقعا ٿيا، جن مان بئرن جو اسان ڏي بدافعالي وارو رويو ظاهر ٿيندو رهيو- جيئن ته ڊبل روٽي ۽ بن سان گڏ مکڻ آڻڻ وسري وين. وري ياد ڏياريوسين ته پليٽ ۾ آڻڻ بدران مکڻ جون پني ۾ ويڙهيل ننڍيون پڙيون اسان جي اڳيان اڇل سان رکي ويو. اسان ٻنهي اهي ڳالهيون محسوس ڪيون. مون بک نه هجڻ ڪري گراهه ٻه ڪو مس کاڌو. خالد ان قسم جي بي عزتيءَ جو گهرو اثر وٺي، نه برابر کاڌو ۽ بئري کي جلدي جلدي پليٽون کڻڻ ۽ ميوو آڻڻ لاءِ چيو. بئري جو اڻ ڄاتو خوف شايد وڌيي ويو ته اسان غريب ملڪ جا غريب ماڻهو پڪ مانيءَ جو بل ڏيڻ بدران ڀڄي وينداسين. ان ڪري، (شايد)، هن ميوو آڻڻ کان اڳ ان ميوي جا پئسا به بل ۾ هڻي پليٽ تي بل رکي پهرين اهو اچي پيش ڪيو. ان ڳالهه خالد کي ويتر باهه ڏياري جو هن پئي سوچيو ته ان بعد چانهه يا ڪافي به گهرائجي، جيڪا خالد لاءِ اهڙي Tension واري حالت ۾ ضروري به هئي. بل تي منهنجي به نظر پئي جيڪو ٽپ سميت ٻه سئو گلڊر (يعني ٻن هزار روپين) کان به مٿي هو. پر خالد لاءِ ڪجهه نه هو، جيتوڻيڪ بل ۾ ٽپ به شامل هئي، پر ان هوندي به خالد پنج سئو روپين کن جا وڌيڪ گلڊر بئري جي Tip لاءِ پليٽ تي رکيا. ڏٺو وڃي ته ان ڊنر ۾ کايا پيا ڪچهه نهين گلاس توڙا باره آنا وارو حساب ٿيو. پر اهو مون لاءِ کڻي چئجي، خالد لاءِ اها هڪ معمولي ڳالهه هئي.
بل ادا ڪري اٿياسين. هوٽل جي ڪنڊ ۾ رکيل فون ۾ پئسا وجهي خالد پنهنجي زال سان جدي ڳالهايو. تيسين بئرو جيڪو ايتري ٽپ حاصل ڪري عجب جي نشاني ٿيو بيٺو هو، تنهن مون کان آهستي اچي خالد لاءِ پڇيو ته هي ڪير آهي؟
”سعودي عرب جو بزنيس مئن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر.“ مون کيس انگريزي ۾ ٻڌايو جيڪو هن ڊچ زبان ۾ ٻين خدمتگار ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ٻڌايو. تيسين ٽيليفون تي خالد ڳالهائي بس ڪيو ۽ هاڻ هوٽل مان نڪرڻ لاءِ هڪ بدران ٻه ٻه ڄڻا در کي کولي بيٺا ۽ اسان کي نه فقط فرشي سلام ڪرڻ لڳا پر اسان لاءِ ٽئڪسي گهرائڻ لاءِ به پڇڻ لڳا.
دل ۾ مون چيو پئسي جو وڏو مان آهي. پئسي کي وڏو سلام آهي. خالد جي موڊ سخت آف هئي. ڪا دير اسين راٽرڊم جي رستن تي چپ چاپ واڪ ڪندا رهياسين. خالد سخت مونجهاري واري عالم ۾ هو. خالد جو ڌيان هٽائڻ ڪارڻ مون هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٻڌائي کيس آهستي آهستي نارمل حالت ۾ آندو. مبارڪ ۽ عياض واپسي تي کير آڻڻ لاءِ اسان کي چيو هو. سو هيڏانهن هوڏانهن کير جو دڪان پڇائڻ لڳاسين. آخر هڪ تان ملي ويو. ٽرام جو اسٽاپ به اتي هو. کير جا ٻه پاڪيٽ وٺي اچي ٽرام ۾ چڙهياسين، جنهن اچي ان هوٽل وٽ ڇڏيو، جنهن ۾ اسين سڀ رهيل آهيون.

مالمو (سئيڊن) کان ايمسٽرڊم (هالنڊ)

ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي جي ٻن سالن واري مدي ۾ آخري ڇهه مهينا کن مختلف ملڪن ۾ ٽريننگ لاءِ وڃڻو پوندو آهي، جيئن ته اسان جو هڪ پاڪستاني ڪليگ TMS (ٽيڪنيڪل مئنيجمينٽ آف شپنگ ڪمپنيز) ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي ته هن کي يونان، انگلنڊ، فرانس جهڙن ملڪن ۾ موڪليو پيو وڃي، جتي گهڻي کان گهڻيون جهازران ڪمپنيون ۽ جهازن جا مالڪ ۽ انهن جون آفيسون آهن جيئن هنن سان ملي هنن جي ڪم جو طور طريقو ڏسي سگهي.
آئون مئريٽائيم سيفٽي ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهيان سو منهنجي ڪورس مطابق مون کي ۽ منهنجن ٻين ساٿين کي ناروي، ڊئنمارڪ ۽ فنلنڊ جهڙين ترقي يافته ملڪن جون مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن آفيسون ڏيکاريون ويون. ٻئي نمبر تي لنڊن ۾ IMO جي آفيسن ۾ هلندڙ ميٽنگون ڏيکاريون ويون ته ڪيئن دنيا جي ملڪن جا نمائندا سمنڊ کي گندگي کان بچائڻ ۽ جهازرانيءَ جي سلامتي لاءِ بحث مباحثا ڪري قانون ٺاهين ٿا. ٽئين نمبر تي جرمني ۽ پولينڊ ۾ اڌ اڌ مهينو کن رهايو ويو، جتي جهازن جي مشينن جون فئڪٽريون ۽ جهاز تي استعمال ٿيندڙ اليڪٽرانڪ جو سامان ٺهي ٿو ۽ چوٿين نمبر تي فرانس ۽ هالنڊ (نيدر لئنڊس) جهڙا ملڪ اچن ٿا، جتي ڪلاسيفڪيشن سوسائٽين جون گهڻي کان گهڻيون آفيسون آهن.
مختلف ملڪن ۾ رهڻ جي دوري/ٽريننگ جو هي شهر راٽرڊم آخري منزل آهي. راٽرڊم دنيا ۾ وڏي کان وڏو ۽ مشغول ترين بندرگاهه آهي، جتي مهيني ۾ ٻه هزار کن جهاز اچن ٿا ۽ بندرگاهه سٺ ڪلو ميٽر کن ڊگهو آهي، جتي هر قسم جا مال بردار، مسافر، تيل جا ٽئنڪر، گئس ڪئريئر، ڪيميڪل ٽئنڪر ۽ ڪنٽينر جهاز اچن ٿا. بندرگاهه جو هڪ حصو ته ايڏو ماڊرن آهي، جو هر ڳالهه آٽوميٽڪ ۽ بنا ماڻهن جي ٿئي ٿي. جهاز تان بنا آپريٽر جي ڪرينون ڪنٽينر (دٻا) لاهي مقرر هنڌ تي هڪ ٻئي مٿان رکن ٿيون ۽ پوءِ ٽرڪن جي اچڻ تي اهي دٻا پروگرام مطابق الڳ الڳ ٽرڪن تي رکن ٿيون ۽ ٽرڪون بنا ڊرائيور جي پاڻهي هلي بندرگاهه جي ٻاهرين در Main Gate وٽ پهچن ٿيون. ان بعد اتي بيٺل هر ٽرڪ جو ڊرائيور پنهنجي ٽرڪ ۾ چڙهي ان کي پنهنجي منزل–جرمني، بيلجم ڏي ڪاهي وڃي ٿو. بندرگاهه جي ان حصي کي Ghost Area غيباتي حصو سڏجي ٿو.
هن بندرگاهه راٽرڊم ۾ منهنجو به هي پهريون دفعو آهي. جڏهن جهاز تي هوندو هئس ته هن پاسي ضرور اچڻ ٿيندو هو پر ڪڏهن به راٽرڊم يا هالنڊ (نيدر لئنڊس) جي ڪنهن بندرگاهه ۾ اچڻ نه ٿيو هو. راٽرڊم ۽ ايمسٽرڊام بابت گهڻن ئي ٻڌو هوندو ته هڪ وڏو بندرگاهه ۽ ٻيو وڏو هوائي اڏو آهي، پر اها خبر گهٽ ماڻهن کي آهي ته اهي شهر هالنڊ ملڪ ۾ آهن، جنهن کي نيدر لئنڊس به سڏجي ٿو. اها ڄاڻ به گهٽ ماڻهن کي آهي ته هن ملڪ جي رهاڪن کي ”ڊچ“ سڏجي ٿو. ڊچ ۽ ڊيوچ ۾ فرق آهي. ڊيوچ مارڪ جرمني جو سڪو آهي ۽ جرمني کي ڊيوچ لئنڊ سڏجي ٿو. دنيا جي مشهور تيل ڪمپني Shell ۽ ريڊيو ۽ بلبن وغيره جي ڪمپني Phillips اصل ۾ هن ملڪ هالنڊ جون آهن. ڊچ جيتوڻيڪ انگريزن ۽ پورچوگيزن کان به سٺا جهازي هئا ۽ آهن ۽ انگريزن کان به پهرين ننڍي کنڊ توڙي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کان اچي نڪتا، پر بقول اسان جي ميزبان سروير مسٽر هوگلنڊ جي:”اسان جو (ڊچن جو) مقصد فقط ۽ فقط واپار رهيو ان ڪري انگريزن وانگر ڪٿي به ڄمي نه ويٺاسين، ڪٿي به مڪاني ماڻهن کي ويڙهائي سندن زمين کي نه ڳڙڪايوسين سواءِ انڊونيشيا جي.“ انڊونيشيا 1984ع تائين ڊچ ڪالوني رهي. ان ڪري جيئن انگلنڊ ۾ پاڪستاني، هندستاني، جئميڪن ۽ نائيجيريا، ملائيشيا ۽ ڪينيا جا ماڻهو گهڻا نظر اچن ٿا، ۽ جيئن فرانس ۾ الجيريا، ٽيونيشيا وغيره جا آهن، تيئن هتي هالنڊ ۾ انڊونيشي جام نظر ايندا. ملائيشي يا انڊونيشين يورپ پاسي تمام گهٽ ۽ نه برابر آهن، پر ايمسٽرڊم جي هوائي اڏي کان راٽرڊم جي بندرگاهه تائين جتي ڪٿي انڊونيشي ملندا، انڊونيشي هوٽلون، دڪان ۽ محلا ۽ گهٽيون ڏسڻ ۾ اينديون. ٻئي نمبر تي سري نام (سائوٿ آمريڪا جي ملڪ) جا ماڻهو ۽ فلپين جا آهن. ان بعد ٻين ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جا.
دنيا جي مشهور ايئر لائين KLM پڻ ڊچ آهي. يعني هتي جي آهي. هالينڊ جو وڏو حصو سمنڊ جي ليول کان هيٺاهون آهي ۽ سامونڊي وڏي لهر اچڻ تي سڄو ٻڏيو وڃي، پر هتي جا ماڻهو (ڊچ) هميشه سمنڊ سان وڙهندا رهيا آهن. سمنڊ جي ڇولين ۽ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ هنن صدين کان وڏيون کاهيون کوٽيون آهن. جن مان Wind Mills (هوائي چرخين) ذريعي پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو. جهازن جي سهولت لاءِ بندرگاهه ۽ سامونڊي چئنلن جي کوٽائي ڪري، ان کوٽيل مٽي سان ڀر وارا سامونڊي حصا ڀري وڌيڪ زمين حاصل ڪئي آهي. سمنڊ جي کوٽائي Dredging ڪري ان کي جهازن جي آمدرفت لاءِ اونهو ڪرڻ ۽ مٽيءَ سان سمنڊ ڀري زمين حاصل ڪرڻ (Reclaim ڪرڻ)، ۾ ڊچ سڄي دنيا ۾ مڃيل آهن. ڪجهه صديون اڳ سندن ملڪ هالنڊ ڄڻ سمنڊ هو ان کي هنن مٽيءَ سان ڀري ڀري اڄ جي شڪل ڏني آهي.
ان ڪري هنن ماڻهن لاءِ چوڻي مشهور آهي ته:
”God made Land-Dutch made Holland“
يا ائين به چيو وڃي ٿو ته:
”God made Sea-Dutch made Shore“
پورٽ قاسم جي سامونڊي چئنل جي کوٽائي ۽ ان مان نڪرندڙ مٽيءَ سان ڊفينس سوسائٽيءَ جا ڪجهه حصا ڀرڻ ۾ ڊچ انجنيئرن جو پڻ هٿ آهي.
هي ملڪ ڍڳين، کير مکڻ ۽ خاص ڪري پنير کان پڻ مشهور آهي. شهر کان ٻاهر نڪرڻ تي رڳو چراگاهه ۽ ڍڳيون نظر اچن ٿيون، بقول اسان جي هڪ ساٿي-يمن جي مبارڪ جي، ماڻهن کان وڌيڪ ڍڳيون آهن. هالنڊ ۾ هوا تي هلندڙ چرخين کانسواءِ ڪاٺ جا بوٽ ۽ سليپر پڻ مشهور آهن، جيڪي هتي جا هاري ناري ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ وقت پائين ٿا. فلپ، شيل ۽ KLM کانسواءِ فوڪر، هئنڪن ۽ اڪزو پڻ مشهور نالا آهن، جيڪي ڊچ ڪمپنيون آهن ۽ سندن هيڊ ڪوارٽر هالنڊ ۾ آهن. فوڪر هوائي جهازن جي ڪمپني آهي، جنهن جا فوڪر 50 ۽ فوڪر 100 جهاز دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور آهن، ايتري قدر جو ٻي ڪا ڪمپني ان سان ملندڙ جهاز ٺاهي ٿي ته ان کي به عام ماڻهو فوڪر سڏي ٿو. جيئن جيپ Jeep گاڏي نه پر ڪمپني جو نالو آهي. پر ان ڪمپني جي ان شڪل واري گاڏي ايڏي مشهور ٿي جو هاڻي سوزوڪي يا ٽويوٽا ان قسم جون گاڏيون ٺاهي انهن جا نالا ڀلي ڇا به رکي، پر رستي تي بيٺل عام ماڻهو ان کي جيپ ئي سڏي ٿو. Heineken شراب جي ڪمپني آهي ۽ يورپ ۾ ان نالي جو بيئر هوائي جهازن توڙي هوٽلن ۾، دڪانن توڙي گهرن ۾ نظر ايندو ۽ خالي دٻا رستن ۽ بس اسٽاپن وٽ ٽڙيا پکڙيا، چپيا چيڀاٽيا ڏسڻ ۾ ايندا. ڊاڪٽر ۽ دل جا مريض ان کان واقف آهن ته ڪيتريون دوائون، اوزار ۽ ٻيا Cadiovascular Pharmaceuticals ڊچ ڪمپني ائڪزو (AKZO) جا آهن، ان کان ٿورو هيٺڀرو مشهور DAF ٽرڪون ٺاهيندڙ ڪمپني، لوهه ۽ رڪ ٺاهيندڙ ڪمپني Hoogovens ۽ ڪاغذ ٺاهيندڙ ڪمپني KPN پڻ ڊچ ڪمپنيون آهن، جن جا مرڪز يا اڏا شروع کان هالنڊ (نيڊر لئنڊس) ۾ آهن.
آرٽ جي دنيا سان واسطو رکندڙن لاءِ اهو لکڻ پڻ ضروري سمجهان ٿو ته دنيا جي مشهور آرٽسٽ رمبرانٽ (Rembrandt Harmensozoon) هتي (هالنڊ) جو ڊچ هو، جيڪو ليئڊن (Leiden) نالي شهر ۾ 1606ع ۾ ڄائو هو. دنيا جون مشهور تصويرون “The Night Watch” ۽ “The Syndics of Draper’s Guild” وغيره هن ڊچ پينٽر ريمبرانٽ جون آهن.
هالنڊ جي ٻن وڏن شهرن ايمسٽرڊم ۽ راٽرڊم کانسواءِ هيگ پڻ مشهور شهر آهي، جنهن کي انگريزي ۾ The Hogue ڊچ زبان ۾ Den Haag سڏجي ٿو ۽ بين الاقوامي ميٽنگن ۽ Treaties کان مشهور آهي. ان ئي قسم جي ڳالهين کان هالنڊ جو هڪ ٻيو ڏاکڻو شهر Maasticht ماسٽرفٽ پڻ دنيا ۾ مشهور آهي. خاص ڪري يورپين ڪميونٽي جي ميٽنگن کان.

سياري جو مينهن ساهه سڪائي

سئڊن کان هالنڊ اسان KLM جهاز رستي آياسين. سئيڊن جي شهر مالمو کان KLM جي روزانو هڪ اڏام سڌو ائمسٽرڊام اچي ٿي. مالمو شهر توڙي سندس هوائي اڏو حيدرآباد-سکر جيڏو آهي. هونءَ مالمو کان جڏهن به جرمني فنلينڊ توڙي ناروي انگلنڊ ويا آهيون ته مالمو جي ايئرپورٽ تان وڃڻ بدران ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تان ئي هوائي جهاز ۾ چڙهيا آهيون، جو ڪوپن هيگن جو هوائي اڏي تان هر ملڪ ڏي هر روز ڪا نه ڪا اڏام ويندي رهي ٿي. هي پهريون دفعو مالمو ايئرپورٽ ڏسڻ جو موقعو مليو. ٽڪيٽ ڏيکاري بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ مهل يمن جي مبارڪ ۽ مون هميشه وانگر بڪنگ ڪلارڪ کان پهرين قطار ۾ وهڻ جي سيٽ جي گهر ڪئي، جيڪا فرسٽ ڪلاس (بزنيس ڪلاس) بعد شروع ٿئي ٿي. ڇو جو ان ۾ ٽنگون ڊگهيون ڪرڻ لاءِ گهڻي جاءِ هوندي آهي ۽ انگريزي اخبار پڻ مليو وڃي، نه ته پوين سيٽن تائين پهچندي ايئر هوسٽس وٽ رڳو سئيڊش يا جرمن اخبارون هونديون آهن.
”هن جهاز ۾ فرسٽ ڪلاس آهي ئي ڪونه ۽ نه سيٽن جي رزرويشن آهي، جنهن کي جيڪا وڻي ان تي ويهي.“ KLM وارن ٻڌايو.
اهو ٻڌي اسان لائوڊ اسپيڪر تان اعلان جي انتظار ۾ رهياسين. جيئن ئي اعلان ٿيو ته قطار ۾ اڳيان اسين اچي بيٺاسين ۽ هوائي جهاز ۾ گهڙندي اڳين سيٽن تي قبضو ڪري ورتوسين. هوائي جهاز ايڏو ننڍو هو جو مٿين خانن ۾ ڪو ننڍو ٿيلهو به وڃي نه سگهيو. ان ڪري باقي سامان پيرن جي وچ ۾ ۽ بوٽن تي رکيوسين، جهاز ۾ سيٽون به ايتريون ٿوريون هيون جو ڏهه کن اسين يونيورسٽي جا هئاسين ۽ اهڙا ڏهه کن ٻيا مسافر ٿيندا، جن ۾ ايئر هوسٽس به شامل چئي سگهجي ٿي جو جهاز ۾ ان جي وهڻ لاءِ به ڌار ڪا جاءِ نه هئي. مسافرن واري هڪ سيٽ تي هوءَ ويٺي. مبارڪ چيو ايتري ننڍي جهاز جو اسان جي عرب ملڪن ۾ ڪو سوچي نٿو سگهي. پر ايئر هوسٽس ٻڌايو ته سندس KLM ڪمپني ههڙن ننڍن جهازن ذريعي يورپ جا ننڍا شهر ڳنڍڻ واري هيءَ نئين سروس ويجهڙائيءَ ۾ شروع ڪئي آهي ۽ ڪافي ڪامياب وڃي رهي آهي.
مسافرن جي وهڻ بعد در وٽ رکيل سلائيڊنگ واري ڪٻٽ کي ايئر هوسٽس اڪيلي سر ريڙهي اندر ڪيو ۽ پوءِ در کي کاٻي گسڪائي انجيسن سان بند ڪيو ۽ پوءِ ڪٻٽ کي واپس ريڙهي پنهنجي جاءِ تائين آندو. ان بعد مائيڪرو فون کڻي دستوري تقرير ذريعي مسافرن کي ٻڌايو ته جهاز جا ايمرجنسي دروازا ڪٿي آهن، جهاز سمنڊ مٿان اڏامندو ۽ خدانخواسته ڪو حادثو ٿي پيو ته هيٺ رکيل لائيف جئڪيٽ ڳچي ۾ پائي ڌاڳي کي ٻاهر سٽ ڏيندائو ته اها ڦوڪجي ويندي-وغيره وغيره.
(۽ جڏهن اهڙا حادثا ٿين ٿا ته اڌ کان وڌيڪ مسافرن کي اها جئڪيٽ ڳولهي نٿي ملي ۽ جن کي ملي ٿي انهن کان تڪڙ ۾ پاتي نٿي ٿئي. باقي جنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کان پاتي ٿئي ٿي ته ان کي هوا ڀرڻ لاءِ لڙڪيل ڌاڳو نظر نٿو اچي يا صحيح طرح نٿو ڇڪجي.) بقول مبارڪ جي:”اسان سڀني پاران اها نيرين اکين واري ڊچ ايئر هوسٽس پاڻ پائي پنهنجي زندگي بچائي وڃي ته به ٿيو وڏو خير.“
بهرحال هر جهاز ۾ ايئر هوسٽس بچاءُ جي ترڪيب ايڏو تڪڙو ٻڌائي ٿي جو سمجهه ۾ اچڻ سولو ناهي. پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ان تي پورت ڪجي. هر مسافر جي اڳيان ٻن يا ٽن صفحن جو ڪتابچو رکيل ٿئي ٿو. جنهن ۾ تصويرن سان اها سڄي ڪهاڻي سمجهايل آهي. ايئر هوسٽس پڻ آخر ۾ ان ڪتابچي کي پڙهڻ جي تاڪيد ڪري ٿي. جيئن سڀان ڪو مٿس يا هوائي ڪمپنيءَ تي ڏوهه نه ڏئي.
اهي ڪم لاهي پوءِ پاڻ به بيلٽ ٻڌي بالم ٿي ويهي رهي. جهاز رن-وي تي ڊوڙڻ لڳو. خبر ناهي ڪهڙي ڊوڙ کانپوءِ مٿي اڏامڻ به شروع ڪري ڏنو پر اسان کي اهو ئي محسوس ٿيندو رهيو ته هو اڃا ڏامر جي رن-وي تي ڊوڙي پيو. نه فقط سندس لوڏا جاري هئا پر انجڻ جي زوزاٽ ۽ ڏڪڻ (Vibration) ۾ به ڪو فرقنه آيو. ٻاهر موسم به خاص خراب نه هئي، ڀر ۾ ويٺل مبارڪ سان ڳالهائيندي به رڙيون ڪرڻيون پيون ٿئي. نيٺ مبارڪ پنهنجي روايتي ٽون ۾ ”ماءِ ڊيئر فرينڊ“ جو تڪيو ڪلام استعمال ڪندي چيو:
”هي مٿي جو سور ائين ئي هلندو يا گهٽ به ٿيندو.“
مبارڪ جي پڇڻ کان اڳهين آئون پڻ ان جي کوج ۾ هئس ته شايد جهاز ننڍو آهي ان ڪري ٿي رهيو آهي. جو وڏي جهاز ۾ ته ڪڏهن به نه ٿيو، پر پوءِ خبر پيئي ته هوائي جهاز جو پر جنهن ۾ انجڻ هئي اهو بلڪل اسان جي سيٽ سان لاڳو هو. مبارڪ کي اها ڏکوئيندڙ ڪٿا ٻڌائيندي چيم:
”هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻ ته ڪا خالي سيٽ هجي ته هتان اٿون.“
سڄي جهاز ۾ ڪل سيٽون ئي ڇا هيون. هي سڀ مسافرن سان ڀريل هيون ۽ جيڪي به خالي هيون سي اسان جي پويان واريون هيون. يعني انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين. هڪ فوٽ کن پٺيان وهڻ ۾ ڪهڙو فرق! ۽ اهو سمجهيوسين ته سياڻا مسافر هن جهاز ۾ هنن سيٽن کان ڀڄن ٿا، پر اسان پڏڻ ٿي انهن تي اچي ويٺا هئاسين. مبارڪ چيو: ” هاڻي ڇا ڪجي. هڪ ته جهاز جي ڏڪڻ ڪري ڪنن ۾ ڪتڪتاڙي پئي ٿئي. ڪن کنهي کنهي ٿڪجي پيو آهيان ويتر جي پنهنجن ساٿين کي هن لقاءَ جي خبر پوندي ته هو به کلندا.“
”هاڻ منهنجي خيال ۾ ته ماٺ ڪري ويهجي. ڏيڍ ڪلاڪ جو پنڌ آهي. ڄاڻ ته ويو گذري. ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪهڙو.“ مون چيومانس.
”اها به ڳالهه صحيح آهي.“ ۽ پوءِ ايئر هوسٽس کي ڏسي مبارڪ به ائين پنهنجو مٿو جهاز جي دري تي رکي اکيون پوري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مزو نه آيس سو ڏهه منٽن کانپوءِ پاسا ورائي، اخبار کڻي پڙهڻ لڳو، پر Vibration ڪري اها به پڙهي نه سگهيو.
”اڃا ڪيترو وقت آهي؟“ مبارڪ پڇيو.
”بس هاڻ باقي ڪلاڪ کن آهي.“ وراڻيومانس.
”ڀلاايئر هوسٽس پاڻهي اٿندي يا اٿارڻو پوندس.“ مبارڪ چيو.
ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
”ماءِ ڊيئر فرينڊ! ٽائيم ئي ڇا وڃي بچيو آهي. اڃا کيس مانيءَ جا ٽري ڪڍي هر هڪ جي اڳيان رکڻا آهن، ان بعد چانهه جو دور. پوءِ ڊيوٽي فري شيون وڪڻڻيون اٿس. ان بعد خالي ٿانو گڏ ڪرڻا اٿس. تون سمجهين ٿو ته ايمسٽراڊم تائين اهي سڀ ڪم پورا ڪري سگهندي؟-۽ جهاز جي دروازي کي کولڻ لاءِ ڇپ جهڙو ڪٻٽ به وري ريڙهڻو اٿس.“ مبارڪ چيو.
”في الحال سمهڻ ڏينس.“ مون چيو.
مبارڪ کلندي منهنجي ٻڌايل ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڳالهه دهرائي،
”ڇا هيءَ به آزادي جو خواب ڏسي رهي آهي؟“
ڪنهن اسان جهڙي غريب ملڪ جي رهاڪوءَ کي رستي جي ڪپر تي سُتل ڏسي ڪو ڏاهو اٿاري رهيو هو ته واٽ ويندڙ همراهه چيس: ”ڀائو ڇو ستل همراهه کي اٿاري رهيو آهين. ٿي سگهي ٿو هو آزادي جو خواب ڏسي رهيو هجي.“
ڏاهي وراڻيس: ”جي اها ڳالهه آهي ته خواب لهڻ بدران ننڊ مان اٿي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري ته بهتر ٿيندو.“
سو مبارڪ اها ڳالهه ياد ڏياري چيو ته ڇا هيءَ به آزادي جو خواب لهي رهي آهي.
کلندي وراڻيومانس: ”اها ڊچ عورت آزادي جو نه پر ٿي سگهي ٿو اسان کي غلام بڻائڻ جو خواب لهي رهي هجي. اسان کي نه ته ڪنهن ٻي انڊونيشيا کي، ڪنهن ٻي ملائيشيا کي، سري نام کي، سريلنڪا کي فلپين کي.“
مبارڪ سنجيده ٿي چيو: ”ماءِ ڊيئر فرينڊ! تون هر وقت يورپين ۽ انگريزن تي بگڙيل رهين ٿو ته هنن اسان تي حڪومت ڪئي، پر ڪڏهن حقيقت پسند ٿي اهو سوچيو اٿئي ته اسان جي پنهنجن حاڪمن کان هي يورپي ۽ انگريز بهتر هئا. سئو سالن جي حڪومت ۾ انگريزن سڄي ننڍي کنڊ جا ايترا ماڻهو نه ماريا هوندا، جيترا اڄ پنهنجي حاڪمن جي غلطين ڪري غريب ماڻهو مرن ٿا، يوگنڊا ۽ نائيجيريا کان ائنگولا ۽ موزمبق تائين ڪنهن به آفريڪي ملڪ جو مثال کڻي وٺ ته فرينچن توڙي اٽلين يا اسپينين ايترا ماڻهو نه ماريا هوندا، جيترا اڄ سندن پنهنجا ليڊر ڪوس ڪري رهيا آهن، يورپين ڦرلٽ ضرور ڪئي، پر ان جي بدلي ۾ ملڪ کي به ٺاهيندا رهيا. اسان جا ليڊر ملڪ ۽ عوام جي ڀينگ ڪري پنهنجو فقط ڳوٺ ۾ به نٿا ٺاهي سگهن.“
مبارڪ اهو چئي بس ڪيو ته جهاز ۾ ڪم ڪندڙ هيءَ واحد ايئر هوسٽس اٿي کڙي ٿي. پوءِ خبر نه آهي ننڊ پوري ٿيڻ تي اٿي يا مبارڪ جي زوردار تقرير تي يا ڊيوٽي جي سڏ تي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هوءَ ڪم جي اڇت هئي، جلدي جلدي مانيءَ جو ڪم لاٿائين ان بعد ڪافيءَ جو دور هڪ به نه پر ٻه دفعا هلايائين ۽ ڊيوٽي فري سامان وڪڻي، گئلي (رڌڻي) جو در بند ڪري ويٺي ته جهاز ڪڪرن کان هيٺ لهڻ لڳو ۽ پائلٽ اعلان ڪيو ته ائمسٽرڊم ايئرپورٽ تي ست ڊگريون ٿڌ آهي ۽ سخت بارش هلي رهي آهي. اهو ٻڌي پري کان ويٺل سعودي عرب جي خالد الجهلميءَ کي مبارڪ ڏنيسين: ”هاڻ تنهنجي ڇٽي توکي ڪم ايندي.“
گذريل چئن مهينن کان هو هر ملڪ ۽ هوائي اڏي تي پاڻ سان ڇٽي کڻي هليو ٿي پر ڪم ۾ نه ٿي آئي، پر اڄ هوائي جهاز مان لهي احساس ٿيو ته يورپ ۾ سڀ کان ضروري شيءِ ڇٽي (Umbrella) آهي. اونهاري جو مينهن کڻي واهه واهه پر سياري جو مينهن ساهه ٿو سڪائي.

پنهنجي زال سان به نٿو گهمي سگهجي

منهنجي خيال ۾ يورپ جو هي پهريون ايئرپورٽ آهي، جتي نه اميگريشن واررن ڪاغذن جي گهڻي پُڇ پُڇ ڪئي ۽ نه ڪسٽم وارن سامان جي کول کولان. کين پهرين جو اطلاع هو ته اسان وارو گروپ اچي پيو يا شايد ڏائڻ به ست گهر ٽاريندي آهي جي اصول تي اک ٻوٽ ڪري ڇڏيائون يا شفٽ جو آخري وقت هو ٿڪل هوندا. هونءَ به اميگريشن توڙي ڪسٽم وارن جا ڪات ڪهاڙا آفريڪي ۽ ايشيائي ماڻهن جي پويان هوندا آهن سي سڄي ايئرپورٽ تي گهڻائي پئي هليا. مسافرن ۾ به هئا ته ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ مختلف ايجنسين ۾ به. ان کانسواءِ يورپ آفريڪا ۽ ايشيا کنڊ جي کار پڻ هئي، جنهن کي يورو آفريڪن، يورو ايشين، يورو انڊين يا اٽئلو انڊين، ائنگلو پاڪستاني، يا فرينچو الجيرين، اٽئلو ٽيونيشن چيو وڃي ٿو.
شڪل ۾ اڇي گوري ۽ وارن جي ڪاري رنگ واري ٺاهوڪي جوان پوليس آفيسر کان پڇيم ته ڪٿان جو آهين؟
”هتان جو آهيان.“ وراڻيائين.
”منهنجو مطلب آهي اصل کان هتان جو آهين يا ڪنهن ٻئي ملڪ جوآهين؟“ مون پڇيومانس.
”اصل ترڪي جو ترڪ آهيان. منهنجو پيءُ يا شايد ڏاڏو ننڍپڻ ۾ لڏي اچي هتي رهيو هو.“ هن وراڻيو.
”مهرباني. مون ائين پڇڻ ٿي چاهيو. آئون به تنهنجي ڀر واري ملڪ پاڪستان جو آهيان.“
هن هٿ ملائي چيو: ”ڪيترا پاڪستاني به اسان واري ڊپارٽمينٽ ۾ آهن.“
”مون لاءِ تعجب ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي نه ته يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ڌارين کي اهم کاتن ۾ ته ڇا پر جهڙي تهڙي به نوڪري نٿا ڏين. يا بيروزگار ٿيو ويٺا خيرات (Social) جي ماهوار ڀتي مان گذارو ڪن. يا وري ريلوي اسٽيشن، هوائي اڏن يا ڪارخانن جي در اڳيان (گهڻي ڀاڱي پاڪستاني توڙي عراقي، فلسطيني عرب) ڊگهي لٺ وارو ٻهارو کڻي پيا ڪک پن جي صفائي ڪن.
هن ملڪ (هالينڊ) ۾ ايتري نسل پرستي ناهي ۽ جيڪي اصل کان هتي جا رهاڪو ٿي ويا آهن، انهن کي هاڻ هتي جو ئي سمجهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن نئين ڌارئين کي هتي ٽِڪڻ کان سختي ڪن ٿا جو هي ملڪ ئي ننڍو آهي.
اها ئي ڳالهه ٻئي ڏينهن اسان جي آفيس جي ڊچ سرويئر مسٽر هوگلئنڊ ڪئي ته ”ڊچ دوست مزاج آهن ۽ هن ملڪ ۾ هر هڪ کي موڪل آهي ته جيڪا وڻيس اها زبان ڳالهائي، جيڪو وڻيس مذهب اختيار ڪري. جيستائين هو ٻئي ڪنهن کي تڪليف نٿو رسائي، هو اسان جينظرن ۾ سٺو شهري آهي. هڪ ڪرسچن شراب پي دنگو فساد ڪري محلي وارن جو سک ڦٽائي ٿو، ان کان اهو يهودي بهتر آهي جو خاموشيءَ سان عبادت ڪري ٿو ۽ واپار ڪري ملڪيت ٺاهي ٿو“.
ترڪ آفيسر سان اڃان ڳالهائي رهيو هئس ته ٽيونيشيا جو عياض آيو:”منهنجو سامان جهل ته آئون ٽئاليٽ مان ٿي اچان“ هن چيو.
”هل ته آئون به هلان ٿو ۽ سامان جي ٽرالي به کڻي هلون ٿا“. مون چيومانس.
اسين واش روم جو پڇائيندا ان ڪنڊ ۾ پهتاسين جتي w.c جا لفظ لکيل هئا. در اڳيان ٻهاري، باردي،پوچي جي ڪپڙي، ٽئاليٽ ۾ استعمال ٿيندڙ پنن جي ويڙهن ۽ صابڻن جي ٽرالي جهلي هڪ پاڪستاني عورت بيٺي هئي. هوءَ واش روم صاف ڪري نڪري رهي هئي يا شايد هاڻ وڃي رهي هئي، هن پاسي يورپ جي ملڪ ۾ صفائي جون جايون عورتون صاف ڪن ۽ جنهن وقت در اڳيان صفائي جي سامان واري ٽرالي ڏسجي ته اندر نه وڃجي، معنيٰ مرداني ٽئاليٽ ۾ عورت صفائي ڪري رهي آهي. پر هاڻ هوءَ پاڻ در اڳيان بيٺي هئي، سو کانئس انگريزي ۾ پڇيم: ”اسان اندر وڃي سگهون ٿا يا تون صفائي لاءِ وڃي رهي آهين؟“
هن کي انگريزي سمجهه ۾ نه آئي ۽ مون کي هم شڪل ڏسي سمجهي وئي ته آئون دنيا جي گولي جي ان پاسي کان آهيان جتان يا جنهن جي اوس پاس کان هوءَ آئي آهي، هن پنجابيءَ ۾ وراڻيو:”ڊچ يا پنجابي اچيم ٿي.“
يعني هوءَ يا سندس ماءُ پيءُ هتي ڪافي عرصي کان ٽڪيل آهن ۽ ڊچ به ڄاڻي ٿي.
”ايسٽ پنجاب جي آهين يا ويسٽ پنجاب جي؟“مون کانئس پاڪستان يا هندوستاني پڇڻ صحيح نه سمجهيو.
”گجرانوالا جي آهيان“، هن وراڻيو. سندس جواب مان لڳو ته جاگرافي مان ڪمزور آهي. پاڻ صفائي ڪري چڪي هئي ۽ اسان جي موڪل وٺڻ تي گاڏو هٽائي اسان کي اندر گهڙڻ لاءِ جاءِ ڏني. اندر پهچي عياض کي چيو، ”اڃان هاڻ ان پوليس آفيسر کي دانهون پئي ڏنم ته يورپ جا ماڻهو اسان ايشين يا آفريڪن کي پنهنجي ملڪ ۾ سٺيون نوڪريون نٿا ڏين ته هتي جو هتي پنهنجي ملڪ جي ملي وئي.“
عياض اڳهين ڪو ڀريو ويٺو هو سو شروع ٿي ويو. ”هي ذليل يورپي اسان کي نيچ ئي سمجهن ٿا. مون سان گڏ فرانس هل ته ڏيکاريائين. اسان جي ملڪ ٽيونيشيا جا ڪيترائي اتي رهن ٿا، پر ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سٺي نوڪريءَ ۾ هوندو نه ته جتي ڪٿي رڳو ٻهارن سان اسان جا عرب ۽ عربياڻيون بيٺيون هونديون. ان کان ته پنهنجي ملڪ وڃي رهن ته اهو بهتر.“ ”نه، آئون نٿو سمجهان ته ڪو اهو اهڙو اهم مسئلو آهي، جنهن کي غيرت جو سوال بڻايو وڃي ۽ ساڳئي وقت ۾ هي جيڪي نوڪريون مليون آهن، اهي به ڇڏي واپس وطن ورڻ مسئلي جو حل نه آهي“ مون چيو
”ڪيئن ڀلا؟“ عياض چيو.
بس آئون سمجهان ٿو انسان جي مجبوري آهي. ڇا اهڙي نوڪري کين پنهنجي وطن ۾ ملي سگهندي، جنهن مان عزت جو وقت گذاري سگهن؟ ۽ جي ملي به ٿي ته پاڻ وٽ اهڙو ماحول آهي، جتي عورت ذات بنا ڪنهن رمارڪ ٻڌڻ جي نوڪري ڪري سگهي؟ ٽين ڳالهه ته هي صفائي واريون ۽ ٻيون نوڪريون جن کي اسان خراب سمجهون ٿا اهو به اسان جي دماغ ۽ سوچ جي ڪمزوري آهي. هتي جا ماڻهو ان کي خراب نه ٿا سمجهن. هتي هر اهو ماڻهو جيڪو پنهنجي نوڪري ايمانداري سان ڏئي ٿو، اهو سٺو پورهيت سمجهيو وڃي ٿو، چاهي کڻي هو ڀنگي هجي ۽ اهو انسان جيڪو ڊيوٽي ڏيڻ کان گسائي ٿو، ٺڳي ڪري ٿو، اهو خراب سمجهيو وڃي ٿو، پوءِ هو ڀلي کڻي ڊاڪٽر هجي يا انجنيئر. ٻي ڳالهه ته هتي گهٽ نوڪريءَ واري کي به ايترو پگهار مليو وڃي جنهن مان هن جون بنيادي ضرورتون پوريون ٿيو وڃن. سندن ۽ ٻارن جو علاج ٿيو وڃي، پڙهائي ۽ اسڪول ۾ داخلا مليو وڃي. دراصل يورپ ۾ رهندڙ اسان جي هم وطنين تي آڱر فقط تڏهن کنئي وڃي، جڏهن هو جيڪي ڪمائين ان کان وڌيڪ عورت، شراب، جوا ۽ ٻين براين ۾ وڃائي، نشئي پتئي (Drug Addicted) ٿيو ويٺا هجن. هي ماڻهو- چاهي جهاڙو پوچو ڪندڙ گجرانوالا جي هيءَ پنجابي عورت هجي يا ڪوپن هيگن ۾ ٽيڪسي هلائيندڙ ڪراچي جو مڪراني، بيحد گهڻي عزت ۽ احترام جا حقدار آهن.هو پنهنجي مائٽن، سنگتين ساٿين کان پري پرديس ۾ رهي، حق حلال جو پورهيو ڪري، پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارن جو ته پيٽ پالي رهيا آهن پر ملڪ لاءِ پڻ غير ملڪي ناڻو ڪمائي رهيا آهن.“
خبر ناهي منهنجي سوچ ڪيتري حد تائين صحيح چئجي، پر هر ڳالهه تي ضد ڪرڻ واري عياض نه فقط ماٺ ڪري منهنجي ڳالهه ٻڌي پر ڳالهه ختم ٿيڻ بعد ڪجهه لمحا سوچي چيو: ”اها ڳالهه صحيح آهي. اسان جي ملڪ ٽيونيشيا ۾ ته تيل به ڪونهي. وڏو ڪمائي جو ذريعو ٽوئرزم آهي ۽ ٻئي نمبر تي ولايت ۾ پورهيو ڪندڙ اسان جا ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي ڪمائي جو حصو وطن موڪلين ٿا.“
”خبر اٿئي“، مون عياض کي پنهنجي هڪ دوست بابت حقيقت ٻڌائي، جيڪو سئيڊن مان ٿي ويو آهي،”اسان جو هڪ انجنيئر دوست ڪڏهن ڪڏهن آفيس جي سياست يا ملڪ ۾ ٿيندڙ لاهين چاڙهين کان بيزار ٿي چوندو آهي ته ان کان ته بهتر آهي سئيڊن ۾ ڀنگي ٿي هلي رستا صاف ڪجن، ذهني سڪون ته هوندو“
عياض کلندي چيو: ” فلاڻو الجيريا وارو ته چوندو آهي ته پنهنجا مسلمان ملڪ ته ويتر عجيب آهن،پنهنجي نڪاح ٿيل زال سان به گڏ مارڪيٽ ۾ به نٿو نڪري سگهجي. هر ڪو اشارا ڪندو، رمارڪ ڏيندو ۽ ٻي جي زال کي رنڊيءَ کان گهٽ نه سمجهندو! هڪ هي يورپي ملڪ آهن، جتي هٿ هٿ ۾ ڇا ڀاڪر پايو پيا هلن ته به ڪنهن کي ڪا ڌيان ۾ ئي ڳالهه ناهي، هر ڪو پنهنجي نوڪري،پورهئي يا ڪرت ۾ مشعول آهي. ٻيو ڇا پيو ڪري، ان بابت سوچڻ، هو وقت جو زيان ۽ معاشري ۾ ڏڦير پيدا ڪرڻ ٿو سمجهي.“

ڪهڙي ملڪ جو ٿي سگهي ٿو...

ائمسٽرڊئم ايئرپورٽ جي واش روم مان ٿي آياسين ته ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ واري در وٽ اسان جا باقي ساٿي سامان جهليو بيٺا هئا.اسان جي ٽولي جي اڳواڻ گلبرٽ، جيڪو فلپين جو آهي،ان کي چيم: ”ايمسٽرڊم ته پهچي ويا آهيون، پر هاڻ راٽرڊم هلڻ جو ڇا پروگرام آهي؟“
”مون کي ڪا خبر نه آهي، مون کي ته اها به سڌ ناهي ته اهو هتان ڪيترو پري آهي- بس ذريعي هلبو يا ٽرام ٽرين، ٽئڪسي ذريعي. توکي ڪا آئيڊيا آهي؟“ گلبرٽ ويتر مونکان پڇيو.
”مون کي ڪا خبر نه آهي، مون هي ملڪ ته ڇا پر ملڪ جو نقشو به غور سان نه ڏٺو آهي. عياض آيل آهي ان کان پڇجي.“ مون صلاح ڏني.
”مون کي ڪهڙي خبر“. ٽيونيشيا جي عياض چيو.
”تون ئي ته هر وقت راٽرڊم جي ڳالهه ڪندو هئين؟“ اسان چيس.
”راٽرڊم جي ضرور ڪندو هوس ۽ راٽرڊم آيل آهيان پر پاڻي واري جهاز ۾ ۽ نه هينئن باءِ ايئر“ عياض وراڻيو.
”چڱو هاڻ ترسو ته آئون معلوم ڪري اچان ٿو“، گلبرٽ چيو ۽ آئون دل ئي دل ۾ دعا گهرڻ لڳس ته ڪنهن اهڙي طريقي سان وڃڻ ٿئي جو ايئرپورٽ جي در وٽ ئي بس يا ٽئڪسي ملي. ريلوي اسٽيشن يا بس اسٽاپ لاءِ جي فرلانگ اڌ به هلڻو پيو ته بنا ڇٽيءَ جي ههڙي مينهن سيءَ ۾، حال برا ٿي ويندا.ٿوري دير بعد گلبرٽ معلوم ڪري آيو ۽ اسان کي اتان ئي هيٺ ويندڙ ڏاڪڻين ڏي لهڻ لاءِ چيو. ”ريلوي اسٽيشن هيٺ آهي ۽ اجها ته ٽرين آئي، جيڪا ايمسٽرڊام کان راٽرڊم وٺي هلندي“، هن ٻڌايو ۽ مون دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو ته ٻاهر نڪرڻ کان ڇٽي وياسين. ايئرپورٽ واري ٽراليءَ ۾ سامان ڍوئي هيٺ لٿاسين ۽ ٽڪيٽن واري ڊري تي هر هڪ سورنهن گلڊر (ٽي سئو رپيا کن) ڏئي، راٽرڊم جي ٽڪيٽ ورتي. هالينڊ جي سڪي جو نالو (Gilder) آهي ۽ هڪ گلڊر ۾ ارڙهن اوڻويهه روپيا ٿين ٿا، بشرطيڪ پاڪستان جو سڪو هاڻ وڌيڪ نه ڪري. هالينڊ جو سڪو سئيڊن مان ئي بدلايو هئوسين.
ٽڪيٽون وٺي پليٽ فارم ڏي وڌياسين ته هڪ ٻئي پويان ٽرينون ايندي ويندي نظر آيون. ڪنهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙي ٽرين ۾ چڙهڻو آهي. هڪ ۾ چڙهي معلوم ڪيوسين، ويٺل مسافررن مان ڪن چيو، ”هي راٽرڊم وڃڻي آهي پر رستي تي ٽنل جي مرمت پئي هلي سو فقط هيگ شهر تائين ويندي.“
سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي. ڪلاڪ کن اڳ جيڪو سڀ خوش هئا ۽ هوائي جهاز ۾ چرچا ڀوڳ ڪري رهيا هئاسين، هاڻ وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳاسين ته ڇا ڪجي؟ ٿوري غلطي ڪرڻ سان هڪ شهر کان ٻئي ۾ وڃي نڪربو. اتي وري لهڻ جو فيصلو ڪيوسين، پر ڪنڊ ۾ هڪ پاڻ جهڙو- يعني ننڍي کنڊ جو ماڻهو ڏسي کانئس پڇيم. همراهه بيحد شريف ٿي لڳو. اسان کي لهڻ کان روڪي ٻڌايائين ته هيءَ صحيح ٽرين آهي، هيگ مان يڪدم ٻي ٽرين راٽرڊم لاءِ ملي ويندي.
”توهان ڪيستائين پيا وڃو؟“ مون هاڻ کانئس اردو ۾ پڇيو،
”آئون هيگ کان به پهرين واري اسٽيشن ليڊن (Leiden) تي لهندس ۽ توهان چاهيو ته اتان ئي ٻي ٽرين راٽرڊم لاءِ وٺي سگهو ٿا“ هن اردو ۽ هندي مڪسچر زبان ۾ وراڻيو، پر عجيب لهجو هوس. دل ۾ اردو ڪيم ته سانتيڪو ٿي کانئس معلوم ڪندس ته هو ڪٿي جو آهي.
ٽرين جا در بند ٿيا ۽ هلڻ لڳي. هالنڊ جي ههڙي ٽرين مون کي ٻئي هنڌ نه ٿي سجهي، ٽرين جو دروازو پليٽ فارم جي ليول تي هو ان بعد هڪ ڏاڪڻ مٿي ۽ هڪ هيٺ وئي ٿي ۽ وهڻ لاءِ ڊبل بس وانگر سيٽون هيس. اسان در وٽ ئي سامان رکي اتي ئي بيهي رهياسين، جو ٻن ٽن اسٽيشن بعد وري لهڻو هو.
”آپ ڪهان سي آئين هين“ جڏهن ٽرين هلي ته هن پڇيو.
” هن وقت سئيڊن جي شهر مالمو کان اچي رهيا آهيون، پر هونءَ ڪراچي پاڪستان ۾ رهان ٿو“، مون جواب ڏنو مانس ۽ ان دوران سندس شڪل شبيهه، قد بت ۽ ڳالهائڻ جي نموني مان اندازو لڳائي ورتم ته هي بنگالي آهي.
”توهان بنگلاديش جا آهيو؟“ مون پڇيو مانس.
”نهين جي“ هن وراڻيو.
”منهنجو مطلب آهي ڪلڪتي جا بنگالي آهيو؟“
”نه آئون هتي جو ئي آهيان. هالئنڊ جو.“ هن وراڻيو.
”هونءَ اصل ڪٿان جا آهيو؟“ مون پڇيو مانس، ڇو جو اسان جا ڪيترا پاڪستاني، هندوستاني ۽ بنگلاديشي جيڪي يورپ جي ملڪن ۾ رهن ٿا، مڪاني ماڻهن کان وڌيڪ پنهنجو واسطو يورپ سان جوڙين ٿا ۽ يڪدم پنهنجي اصلي ملڪ هندوستان جو نالو ٻڌائيندي عار محسوس ڪن ٿا. رنگ کان مار کائي ويا آهن نه ته هرگز اهو نه مڃين ته هو يا هنن جا ابا ڏاڏا پاڪستان-هندستان يا سريلنڪا جهڙي ڪنهن غريب ملڪ کان آيل آهن. ان هوندي به ڪيترائي ڪجهه اڇيري رنگ جا پنهنجي سڃاڻپ لڪائي پاڻ کي يورپينجو ڏيک ڏيڻ لاءِ پنهنجا وار هئڊروجن پر آڪسائيڊ جهڙن تيزابن سان ڳاڙها ڪري هلندا آهن. اهڙا مرد توڙي عورتون مالمو سئيڊن ۾ پڻ نظر اچن ٿا، سو هن به جڏهن هندستان يا هندستان جو نالو يڪدم نه کنيو ته مون ان کي نارمل سمجهيو پر پوءِ منهنجو اهو خيال غلط نڪتو جو پهرين گفتگو ۽ کيڪار کان وٺي هي نهايت سٻاجهو لڳي رهيو هو، جنهن ۾ ٽيڙي ۽ ٽانءَ جهڙي ته ڪا شيءِ نه هئي ۽ جڏهن مون کانئس سندس اصل ملڪ جو پڇيو ته هندستان، پاڪستان يا سريلنڪا-بنگلاديش چوڻ بدران ”سائوٿ آمريڪا“ٻڌايائين.
اها مون لاءِ ويتر تعجب خيز ڳالهه ٿي. سائوٿ آفريڪا چئي ها ته ايترو تعجب نه لڳي ها جو سائوٿ آفريڪا ۾ ڪيترائي ننڍي کنڊ جا ماڻهو خاص ڪري گجراتي ڪيترين ئي پيڙهين کان رهن ٿا- ويندي ڪرم چند گانڌي سائوٿ آفريڪا جو هو ۽ آزادي جي تحريڪ هلائڻ لاءِ بعد ۾ انڊيا آيو.
هڪ دفعو پڪ ڪرڻ لاءِ مون کانئس وري پڇيو ۽ جواب ۾ سائوٿ آمريڪا ٻڌم.
”شڪل ۾ اسان جهڙو ننڍي کنڊ جو رهاڪو لڳي ٿو، اردو/هندي ڪجهه بنگالي ۽سنسڪرت جي لفظن سان ڳالهائي ٿو، ڊچ به اچيس ٿي ۽ انگريزي به سٺي پيو ڳالهائي ۽ سائوٿ آمريڪا جو ٻڌائي ٿو- يعني کيس اسپيني زبان به ايندي هوندي جو سڄو ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا Spanish زبان ڳالهائي ٿو، ويندي آمريڪا (USA) جي ڏاکڻين رياستن: ٽيڪساز (Texas)، ليوزيانا ۽ ميڪسيڪو وغيره ۾ اسپيني زبان ڳالهائي وڃي ٿي.“ مون سوچيو
”توهان کي اسپيني زبان ته ايندي هوندي؟“ مون پڇيو مانس.
”نه، اها نه ٿي اچي.“ هن وراڻيو ۽ آئون ويتر تعجب ۾ پئجي ويس ته هي نيڪ انسان ڀلا ڪٿي جو آهي.
”توهان ٻڌايو ته توهان سائوٿ آمريڪا جا آهيو پر سائوٿ آمريڪا جي ڪهڙي ملڪ جا آهيو؟“ چلي، وينزوئلا، ڪولمبيا، اڪيڊار، ارجنٽائنا...“
”نه، نه، آئون سري نام جو آهيان.“ هن ٻڌايو.
”اها ڳالهه ڪريو. آئون به سوچي رهيو هوس ته سائوٿ آمريڪن ٿي ڪري توهان کي هسپانوي (Spanish language) ڇو نٿي اَچيوَ! پر سرينام اهڙو ملڪ آهي، جتي انگريزي ۽ ڊچ هلي ٿي.“
” نه، ڏٺو ناهي. پر اتان لنگهه ضرور ٿيو آهي. ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦيرو ڪري جڏهن آمريڪا وڃڻ ٿيندو هو ته توهان جي ملڪ سرينام جو ڪنارو وٺي لنگهندا هئاسين. اهو سمورو وقت سري نام ريڊيو اسٽيشن تان اردو-هندي ۾ گانا ۽ ٻيو پروگرام ٻڌندا هئاسين.“
”سري نام ۾ توهان جو ڪڏهن اچڻ ٿيو؟“ مون پڇيو مانس.
”اها خبر ناهي، منهنجي ڏاڏي يا شايد پڙڏاڏي کي ڪم ڪار واسطي ڊچ واپاري هندستان مان وٺي آيا هئا، پوءِ هو سري نام ۾ ئي رهي پيو، اسان سڀ اتي ڄاواسين ۽ پوءِ آئون پنجويهن سان جو ٿيس ته وڌيڪ تعليم لاءِ هالنڊ ۾ آيس، ان بعد يڪو هتي ٽڪيل آهيان، اڄ ان کي به ٽيهه سال کن اچي ٿيندا، هاڻ نه فقط منهنجا ٻار پر منهنجي ماتا پتا پڻ هتي رهن ٿا. منهنجي ماتا چاق ناهي ۽ ليڊن شهر جي اسپتال ۾ داخل آهي. هينئر آئون هن کي پڇڻ وڃي رهيو آهيان.“
”پاڻ هڪ ٻئي کان نالو ته پڇيوسين ڪو نه.“ مون چيو ۽ پنهنجو نالو کيس ٻڌايو،
”منهنجو نالو ڪنهياسنگهه آهي ۽ هي فون نمبر اٿم. ڇنڇر ۽ آچر موڪل وارن ڏينهن تي فون ڪري ايمسٽرڊم هليو اچجانءِ“ اسان کي ملي خوشي ٿيندي ۽ توهان جو به وقت گذري ويندو.“
ٻن اسٽيشنن بعد ليڊن آيو. ساڻس گڏ اسان به ٽرين مان لٿاسين. ٻئي پاسي واري پٽي تي ٻي ٽرين راٽرڊم ڏي وڃڻ لاءِ اچڻي هئي. ڪنهيا تيسين بيٺو رهيو جيسين ٽرين آئي. جڏهن سڀ ٽرين ۾ چڙهياسين ته پوءِ هٿ لوڏي اسان کان موڪلائي اسٽيشن کان ٻاهر هليو ويو.

سري نام ڏکڻ آمريڪا جو هندوستان

ڏکڻ آمريڪا جو نقشو ڏسبو ته وينزوئلا جي ساڄي پاسي ۽ برازيل جي مٿان ته ٽي ملڪ آهن، ٽنهي جو گيانا نالو آهي، هڪ فرينچ گيانا سڏجي ٿو، ٻيو ڊچ گيانا ۽ ٽيون انگلش گيانا.”ڊچ گيانا“ جيڪو ڊچن جي ڪالوني ٿي رهيو، سري نام (Suriname) پڻ سڏجي ٿو.
سري نام واري سر زمين ڪرسٽافر ڪولمبس کي 1498ع ۾ نظر آئي، ان بعد ٻئي ۽ ٽي سال ٻيا به اسپين جا جهازي اتي پهتا، ان وقت اتي ريڊ انڊين قوم جا ماڻهو رهندا هئا. سترهين صديءَ جي اڌ تائين اسپيني، ڊچ، انگريز ۽ فرينچ هن ملڪ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر ريڊ انڊينسندن حملا ٽاري پئي ڇڏيا. آخر ڪار 1651ع ۾ هڪ انگريز زميندارن جو جٿو غلامن سميت هن ملڪ ۾ رهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان بعد 1667ع ۾ ڊچن حملو ڪري هن ملڪ تي قبضو ڪيو.تن ڏينهن ۾ برازيل ۽ اڄ وارو نيويارڪ پڻ ڊچن جي هٿن ۾ هو ۽ نيويارڪ جو نالو نيو ايمسٽرڊم هو. پوءِ اهي ٻئي ملڪ ڊچن جي هٿن مان نڪري ويا ۽ اتي جا ڊچ زميندار، جاگيردار ۽ Planters سري نام کان اچي نڪتا. هنن سري نام جي ڌرتيءَ کي پوک ۽ کيتي جي ڪمن ۾ استعمال ڪيو، خاص پوک ڪمند جي ڪيائون ۽ کنڊ ٺاهي وڪڻن لاءِ يورپ موڪلڻ لڳا. پوءِ ارڙهين صديءَ جي شروعات کان ڪافي ۽ ڪاڪائو (Cacao) چاڪليٽ جي پوک پڻ وڌڻ لڳي ۽ پوءِ ڪپهه، انڊيگو ۽ عمارتي ڪاٺ جي پئدائش پڻ شروع ٿي وئي. اوڻويهن صديءَ جي اڌ تائين سمجھو سري نام ٻيلا، جهنگلات ۽ ٻنيون ٻاراهو. چند يورپي گورا جيڪي ڊچ هئا بندرگاهه جي ويجهو رهندا هئا، باقي گهڻائي شيدي غلامن جي هئي، جيڪي ٻنين ٻارن ۽ ٻيلن ۾ ڪمند جي پوک ڪرڻ ۽ وڻ ڪٽڻ ۾ رڌل رهيا ٿي. اهي شيڊي غلام آفريڪا جي ڏاکڻي ڪناري واري ملڪن سينيگال، گئمبيا، ائنگولا، گني، ڪانگو وغيره کان گهرايا ويا ٿي.
1853ع ۾ پوک جي ڪم لاءِ چيني ۽ Maderian مزرو گهرايا ويا، اهي پنج پنج سالن جي مدي(Contract) لاءِ آيا ٿي. انهن مان ڪيترائي زميندارن وٽ ٻيو مدو Contract ڪرڻ بدران ننڍي پئماني جا سوداگر ٿي رهڻ لڳا، ڪن دڪان ڪڍيا، ڪي سائيڪل تي روزمره جي ضرورت جو سامان رکي پوکن ۽ آبادين ۾ وڪڻڻ لڳا. 1863ع ۾سري نام ۾ غلامن جي واپار تي بندش وڌي وئي ۽ موجود غلامن کي سرڪار حوالي ڪيو ويو، جيئن هو مفت ۾ پورهيو ڪرڻ بدران پگهار تي ڪم ڪن ۽ ان مان پنهنجي مرضي مطابق خرچ ڪن.
غلاميءَ تي بندش پوڻ بعد، پگهار ۽ ٺيڪي تي ڪم ڪرڻ لاءِ 1873ع کان 1916ع تائين انڊيا کان مزرو گهرايا ويا ۽ 1890ع کان 1940ع تائين جاوا (انڊونيشيا) کان گهرايا وايا. هي جيڪي اردو يا هندي ڳالهائيندڙ انڊين، سري نام جا رهاڪو آهن ۽ هتيهالنڊ ۾ به نظر اچن ٿا، نوي سيڪڙو انهن جو اولاد آهن، جيڪي اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ۽ ويهين صديءَ جي شروعات وارن سالن ۾ سري نام ۾ پورئي لاءِ گهرايا ويا هئا.
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ سري نام ۾ ٿيندڙ پوک جي اپت گهٽجي وئي ۽ انهن ڏينهن ۾ اتي Bauxite ڌاتو لڌو ويو، جنهن مان ڊچن جي چڱي اپت ٿيڻ لڳي. ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ جتي ڪٿي آزادي جون ڳالهيون اٿڻ لڳيون. سري نام جي رهاڪن ۾ به سياسي شعور پيدا ٿيو. 1948ع ڌاري ڊچ حڪومت جي اجازت سان سياسي پارٽيون ٺاهيون ويون، جيڪي مذهب، زبان يا قوم جي بنياد تي ٺهيون. اڇي چمڙي وارن ڊچن ۽ ٻين يورپين، جيڪي مڪاني ماڻهن کي خودمختياري يا آزادي ڏيڻ جي حق ۾ نه هئا تن ”سرينام نيشنل پارٽي“ ٺاهي، هندستانين ۽ انڊونيشين پهرين گڏجي هڪ پارٽي ٺاهي پر پوءِ هندوستانين پنهنجي ڌار پارٽي ”يونائيٽيڊ هندو پارٽي“ ٺاهي، جيڪا پوءِ ”پروگريسِوِ ريفارم پارٽي“ سڏجڻ لڳي. 1954ع ۾ نيدرلئنڊس وارن هنن کي اندروني معاملا پاڻ سلجهائڻ جي آزادي ڏني. 1958ع ۾ گڏيل پارٽين جي حڪومت (Coalition Govt) ٺاهي وئي، جنهن۾ يونائيٽيڊ هندو پارٽي به شامل هئي، جنهن جو چيئرمين جگرناٿ لڇمڻ هو. اها حڪومت 1967ع تائين هلي، ان بعد سياسي پارٽين ۾ واڌ ايندي رهي. هڪ ٻئي سان جهيڙا جهٽا به وڌي ويا. ملڪ جي ايڪانامي ڪرندڙ رهي. 1983ع ڌاري ملڪ جو سياسي نظام ملٽريءَ پنهنجي هٿ ۾ کنيو، ان بعد ملڪ جا خرچ هيڪاندا وڌي ويا، خاص ڪري ڊفينس پٺيان. ڪمائي جا ذريعا ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ لڳا ۽ ملڪ ويو ڀينگ ٿيندو. 1987ع ۾ نيٺ ملٽري وارن اليڪشن ڪرائي، حڪومت جون واڳون سياستدانن حوالي ڪيون. يونائيٽيڊ هندو پارٽي جيڪا هاڻ ”پروگريسِوِ ريفارم پارٽي“ سڏجي ٿي ان جو اڳواڻ ملڪ جو صدر ٿيو ۽ سرينام نيشنل پارٽي جو اڳواڻ نائب صدر.
پکيڙ ۾ سرينام ٽيهٺ هزار چورس ميل (164 هزار چورس ڪلوميٽر کن) آهي. سرينام جي اتر ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي، اوڀر ۾ فرينچ گيانا، ڏکڻ ۾ برازيل ۽ اولهه ۾ انگلش گيانا (جيڪو ملڪ فقط گيانا به سڏجي ٿو). سرينام جي گادي جو هنڌ پاراماربو (Paramaribo) آهي. سرينام کي ڊچن (نيدرلئنڊس) کان مڪمل خودمختياري 25 نومبر 1975ع ۾ ملي. سرينام جي رهاڪن جو ٽيون حصو هندستانين جو آهي، باقي ٻن حصن ۾ يورپي، آفريڪا جا شيدي ۽ انڊونيشيا پاسي جا آهن. ڪجهه چيني ۽ لبناني عرب پڻ رهن ٿا. سرينام جي سرڪاري زبان ڊچ آهي پر انگريزي، هندي، اردو ۽ انڊونيشي زبانون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون.
ان رات، ريل گاڏي هيگ اسٽيشن ۽ ٻين ٻن ٽن ننڍين اسٽيشنن تان ٿيندي ڪلاڪ اندر راٽرڊئم جي سينٽرل اسٽيشن تي پهتي. اسان جي رهائش جو بندوبست راٽرڊم جي ”سي مينس هوم“ هوٽل ۾ ٿيل هو، جنهن جو ڊچ زبان ۾ نالو Zeemanshuis آهي. اهي ماڻهو جيڪي جهاز تي ڪم ڪن ٿا يا ڪم ڪري چڪا آهن، انهن ۽ انهن جي فيملين لاءِ هن هوٽل ۾ رهائش جي مسواڙ گهٽ آهي، اسٽيشن کان هوٽل تائين چار چار ڄڻا ٿي ٽئڪسين ۾ پهتاسين.
هوٽل جي ٻاهران ۽ اندر ريسيپشن وٽ ڪيترائي ايشيائي، آفريڪا ۽ يورپ جا رنگ برنگي جهازي ڦري رهيا هئا. سڀ کان گهڻو تعداد فلپينو ۽ انڊونيشي جهازين جو هو. انڊونيشين لاءِ ته راٽرڊم ۽ ايمسٽرڊم ائين ٿيو جيئن اسان پاڪستان لاءِ لنڊن ۽ براڊ فورڊ. هونءَ ملئي يا انڊونيشي ماڻهو ٻاهر نڪرڻ، ٻاهر رهڻ ۽ ٻاهر نوڪري ڪرڻ جا سست آهن، پر يورپ جي ملڪ هالنڊ ۾ ضرور نظر ايندا، جو هي ملڪ سندن لاءِ ابي امان مثال آهي. سماترا ۾ سياسي گوڙ ٿئي، جاوا ۾ مذهبي وڳوڙ ۽ مار مارا ٿئي، بورنيو ۾ نسلي فساد ٿين - هو انصاف، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ هيڏانهن اچن ٿا، جيئن الجيريا، ٽيونيشيا، موراڪو جا فرانس ڏي رخ ڪن ٿا يا لبيا ۽ سوماليا جا اٽلي ڏي ڀڄن ٿا. باقي رهيا فلپين جا ماڻهو، سي اڄ ڪلهه دنيا ۾ گهر توڙي هوٽل ڪارخانن جي ڪمن ڪارين کان وٺي جهازن تي خلاصي ٿي نوڪري ڪرڻ لاءِ بيحد ڪامياب ٿي ويا آهن. گهٽ پگهار تي، بنا ڪينجهي ۽ ڪِر ڪِر ڪرڻ جي هو گهڻي کان گهڻو ڪم ڪن ٿا. هو جهيڙي فساد يا مڪاني سياست ۾ پنهنجو پاڻ کي ٽنبڻ بنا پنهنجي دنيا ۾ مگن رهن ٿا. هر ڳالهه ۾ پنهنجي بي عزتي سمجهڻ يا رد ڪد ڏيڻ بدران، پنهنجي مالڪ يا آفيسر جو چيو مڃين ٿا. ان ڪامياب پاليسي ڪري اڄ ڪلهه هو جتي ڪٿي سعودي عرب ۽ ڪويت کان وٺي سئيڊن ۽ ڪئناڊا تائين (جتي پورهيو آهي)، اتي هو سڏيا وڃن ٿا. ڪارخانا، کيتي ٻاڙي، جهازراني يا گهر جي ڪم لاءِ جتي پهرين چيني، بنگالي، پاڪستاني يا آفريڪي ڇانيل هئا اتي اڄڪلهه فلپينو ئي فلپينو آهن. هڪ سعودي عرب جي ٺيڪيدار کان پڇيم:
”پاڪستاني مزدور ۽ فورمين ڇو نه ٿو رکين؟“
”هو هر وقت ڪم کان گسائين ٿا، معمولي ڳالهه لاءِ کين موڪل کپي، شل نه سندن ڪنهن ڀائيٽي، ڀاڻيجي جي شادي، عقيقو يا قضيو ٿئي- سڀ ڪم ڇڏي وطن هليا ويندا“. هن سبب ٻڌايو.
”پاڪستاني خلاصين کي پنهنجن جهازن تي ڇو نه ٿا نوڪريون ڏيو؟“
هڪ دفعي يوناني جهازن جي مالڪ کان پڇيم.
”ڪنهن زماني ۾ اسان تمام گهڻا پاڪستاني رکندا هئاسين، خاص ڪري پٺاڻ، پوءِ چيني رکياسين، پر اڄڪلهه فلپينو خلاصي سڀ کان سٺي طرح هلن ٿا. پاڪستاني معمولي معمولي ڳالهه تي سوال جواب ڪن ٿا ۽ پنهنجن جا ۽ ٻين جا مٿا ڦاڙيو پنهنجي لاءِ ۽ اسان لاءِ پوليس جو پرابلم پيدا ڪن ٿا.“ هن وراڻيو.
آئون اڄ چوڌاري فلپينو ۽ ٻين قومن جي خلاصين کي ڏسي سوچڻ لڳيس ته ڪاش! انهن ۾ اسان جي ملڪ جا به هجن ها. اسان جو ساٿي- فلپين جو گلبرٽ ۽ روميو تگالوگ زبان ۾ ڪجهه سڃاتل فلپينو جهازين سان عليڪ سليڪ ڪرڻ لڳا. اسين اڳيان وڌي رسيپشن تي پهتاسين. ڊيوٽي تي ويٺل ڇوڪريءَ هر هڪ جو نالو پڇي کيس هوٽل جي ڪمري جي چاٻي ڏني. اسان جي اچڻ جو کين اڳواٽ اطلاع ٿيل هو، ان ڪري فارم ڀرڻ يا پاسپورٽ ڏيکارڻ واري گهڻي فشريءَ کان بچي وياسين. چاٻي کيسي ۾ وجهي سامان گهلي لفٽ ذريعي ٽي ماڙ تي ڪمري نمبر 304 ۾ پهتس، جيڪو ايندڙ ٻن ٽن هفتن لاءِ راٽرڊم ۾ منهنجو رهائش گاهه ٿيڻو هو.

جهازن جي چڪاس لاءِ

راٽرڊم ۾ اچڻ جو مقصد فقط اهو آهي ته جيئن دنيا جي ڪلاسيفڪيشن سوسائٽين جو ڪم ڏسي سگهون ٿا.
جهازي دنيا ۾ Classification Society اهم پارٽ ادا ڪري ٿي. ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي کي پنهنجا قابل جهازي انجنيئر (Marine Engineers) نيول آرڪيٽيڪٽ، قانوني مشير ۽ ايڪانامسٽ ٿين ٿا، جيڪي جهاز جي ٺهڻ يعني شروع کان وٺي سندس پڄاڻيءَ تائين هن تي نظر رکن ٿا ۽ مالڪ کي وقت بوقت ان جي مرمت بابت آگاهه ڪن ٿا. انشورنس ڪمپني جهاز کي تڏهن انشوئر ڪري ٿي، جڏهن ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي ان کي پاس ڪري ٿي. انهي ڪري ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي جي رهنمائيءَ هيٺ ٺهيل جهاز ۽ سندن ٻڌايل مرمت موجب هلندڙ جهاز جو حادثو ٿيڻ تي انشورنس ڪمپني ان جو نقصان ڀري ڏئي ٿي.
دنيا ۾ ٽيهارو کن ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيون آهن، جيڪي جهاز جي ٺهڻ توڙي هلڻ دوران نگهباني ڪن ٿيون پر انهن ۾ يارنهن تمام وڏيون ۽ اهم آهن، لنڊن لائيڊ (London Llyod)، فرانس جي بيرو ويريتاس (B.V)جپان جي (نپان ڪائجي ڪيوڪي) (NKK) وغيره، انهن يارهن ئي سوسائٽين جي پنهنجي ائسوسيئيشن ”انٽرنيشنل ائسوسيئيشن آف ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيز“ (IACS) سڏجي ٿي. پاڪستان جا گهڻي کان گهڻا جهاز لنڊن جي لائيڊ ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي جي نگهباني هيٺ هلن ٿا. پراڻي يا نئين ڪار وٺي انشوئر ڪرائڻ سولي آهي پر جهاز انشوئر ڪرڻ کان اڳ ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي ان جي انجڻ توڙي جسم جون لوهي پليٽون (Hull) چڱي طرح ڏسڻ چاهي ٿي ته آيا لوهي پليٽن جي ٿولهه صحيح آهي يا ڪٽ لڳڻ ڪري ڳريون آهن؟ انهن جي ويلڊنگ صحيح ٿيل آهي يا نه؟ پمپن، ڪمپريسرن ۽ جنريٽرن کان وٺي هر مشينري صحيح ڪم ڪري رهي آهي. يا ان کي مرمت جي ضرورت آهي؟ پوءِ جڏهن هر شيءِ صحيح هوندي آهي يا مرمت ذريعي ان معيار تي آندي ويندي آهي ته پوءِ سوسائٽيءَ جو سرويئر جهاز کي پاس ڪري Sea Worthiness جو سرٽيفڪيٽ ڏيندو آهي - يعني جهاز کلئي سمنڊ ۾ هلي سگهي ٿو ۽ اهو جهاز انشوئر ڪيو ويندو آهي. جهاز جو مالڪ جهاز جي قدبت ۽ مال کڻڻ مطابق هر سال ويمي جا پئسا-تقريبن اٺ ڏهه لک رپيا کن انشوئرنس ڪمپني کي ڏيندو رهندو آهي ۽ اها انشوئرنس پنجن پنجن سالن تائين هوندي آهي. پنجن سالن بعد سوسائٽي وري جهاز جي چڪاس ڪندي آهي، ڇو جو وقت گذرڻ تي ان جي خراب ٿيڻ يا حادثي/ٻڏڻ جا وڌيڪ چانس هوندا آهن. جيڪڏهن جهاز کي پنجن سالن اندر ڪا به خرابي يا حادثو پيش نه آيو ته ويمي جا ساليانا پئسا انشوئرنس ڪمپني کي ڦبيا پر جي خدانخواسته حادثو ٿي پيو، ويندي جهاز ٻڏي به ويو ته انشوئرنس ڪمپني جهاز جي مالڪ کي نئون جهاز يا ان لاءِ پئسا ڏئي ٿي. اهڙي طرح جهاز جو مالڪ دل جي دوري کان بچيووڃي ٿو، ان کانسواءِ انشورنس ٿيل جهاز سامان موڪليندڙ لاءِ ساک وارو سمجهيو ويندو آهي، ڇو جو انهن کي خبر آهي ته انشونس ڪرڻ لاءِ ڪلاسيفڪيشن سوسائتي جا قاعدا قانون تمام سخت آهن، جن تي جهاز جي مالڪ کي جهاز هلائڻو پوي ٿو. سندس لک ٻن لک رپين جي سامان کان وڌيڪ سوسائٽيءَ جو ساهه مٺ ۾ هوندو آهي ته جهاز جي انجڻ گڙٻڙ ڪئي يا ٻڏي ويو ته سوسائٽيءَ کي ڪروڙها ڀري ڏيڻا پوندا. جهاز تي ڪرڙي اک لاءِ سوسائٽي جا سرويئر دنيا جي هر بندرگاهه ۾ موجود ٿين ٿا، جيڪي جهاز جي جسم توڙي انجڻ جي رکي رکي چڪاس ڪندا رهن ٿا- جنهن کي سالياني سروي (Survey)، پيراڊيڪل سروي، وچ واري سروي وغيره سڏيو وڃي ٿو. ڪنهن به وقت ڪنهن به مشينريءَ جي ڪارڪردگي صحيح نه لڳندي اٿن ته هو جهاز جي مالڪ کي اها مشين بدلائڻ لاءِ چوندا آهن. جهاز جو مالڪ انلاءِ ڪڏهن به انڪار نه ڪندو آهي، جو ٻي صورت ۾ اڳتيهلي ان مشين ڪري جهاز جو نقصان ٿيو ته پوءِ سوسائٽي کيس پائي به نه ڏياريندي.
ساڳي وقت جهاز هلائيندڙ به سک ۽ سڪون ۾ رهن ٿا ته جيئن ئي جهاز خراب ٿيندو ته مالڪ ٺهرائي وٺندا نه ته ڪو به جهاز جو مالڪ نه ٿو چاهي ته ڪو جهاز جي مشينري يا ٻاهرين جسم (Hull) تي خرچ ڪريان، بلڪ ڪيترا ته اهو ئي چاهيندا ته جهاز سان گڏ هلائيندڙ به ٻڏن ته ڀلي ٻڏن کين سندن جهاز جا پئسا ملي ويندا.
اڄڪلهه ته گهڻو ڪري جهاز ٺهرائيندڙ، شروع کان ئي جهاز جو ڪم ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي جي حوالي ڪري ٿو ته جهاز ٺهڻ وقت کان هو چيڪ ڪندا رهن ته شپ يارڊ سندن معيار مطابق جهاز ٺاهي پيو يا نه، جيئن ٺهي راس ٿيڻ تي هن ۾ تبديليون آڻڻ بنا ان کي انشوئر ڪيو وڃي.
ڪجهه جهازن جا مالڪ پنهنجن جهازن کي انشوئر نه ڪرائيندا آهن، ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته انهن جا جهاز شپ يارڊ وارا ٽين جي سنهين لوهي چادرن مان ٺاهي ڏين ٿا. انشوئر نه ڪرائڻ جي صورت ۾ به هر جهاز هڪ گهربل بين الاقوامي ”گهٽ ۾ گهٽ“ معيار جو ٺاهڻو پوي ٿو، پر ڪلاسيفڪيشن سوسائٽين جو معيار ان Minimum بين الاقوامي معيار کان مٿي ئي ٿئي ٿو.
هتي راٽرڊم ۾ رهي آئون جپان جي ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي NKK وارن جو ڪم ڏسي رهيو آهيان، سعودي عرب جو ڪمانڊر خالد ناروي وارن جي سوسائٽي سان گڏ آهي، وينزوئلا جو ڪئپٽن ايفرين آمريڪا وارن جي سوسائٽي (ABS) سان گڏ آهي. اهڙي طرح اسان جو هر هڪ ساٿي هڪ هڪ سوسائٽي سان گڏ آهي. روزانو انهن جي ڪنهن سرويئر سان گڏ نڪرڻو پوي ٿو، پوءِ هڪ يا ٻن جهازن جا ڪي حصا چڪاس ڪرڻا پوندا آهن.

ڪا به عورت خوشيءَ سان رنڊي نه ٿي ٿئي

هالنڊ جي راٽرڊئم شهر ۾ جپاني ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي (NKK) جي آفيس منهنجي هوٽل کان ميل کن پنڌ تي ٿيندي. صبح جو جيڪڏهن مينهن پيو پوندو آهي ته پوءِ هوٽل جي در وٽان پنجون نمبر ٽرام وٺي اتي پهچندو آهيان نه ته ڪوٽ مٿان گرم ڪوٽ پائي ٿڌڪار ۾ واڪ ڪندو آفيس پهچندو آهيان. هوٽل کان سمنڊ جو ڪنارو ڏئي Endrachwag رستي تي پهچي West Blaak روڊ ڪراس ڪري Muritzweeg روڊ تي پهچندو آهيان، جنهن جي 23 نمبر بلڊنگ ٽئين فلور تي جپان جي ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي نپان ڪائجي ڪيوڪي آهي. رستي تي Zorba ۽ پئسفڪ جهڙن نالن جي ٽن چئن نائيٽ ڪلبن ۽ اگهاڙين ڊانسن جي شراب خانن وٽان لنگهڻو پوندو آهي. سندن ٻاهران شيشي جي بورڊ اندر ڏهاڪو ڊانسر ڇوڪرين جا الف اگهاڙا فوٽا لڳل آهن، جيئن گراهڪ ٻاهران ئي وکر جو اندازو لڳائي سگهن، ڪنهن ڪنهن ڏينهن ته انهن ڇوڪرين مان دير سان فارغ ٿيندڙ ڇوڪريون کنڊڙيل وارن، ڌوڙاٽيل ميڪ اپ ۽ ڊٺل سرخي ۽ ڪجل سان انهن ڪلبن مان نڪري، پرس لوڏي گهر موٽڻ لاءِ سامهون ٽرام جي اسٽاپ ڏي وينديون نظر اينديون آهن. پهرين ڏينهن اتان لنگهندي، ڀت تي لڳل شيشي جي فريم ۾ انهن ڪم ڪندڙ ڇوڪرين جون چنبڙيل تصويرون، هڪ هڪ ڪري سڀ ڏٺم.
پندرهن ويهه سال اڳ تائين هي يورپي بندرگاهه اگهاڙپ، اگهاڙن ناچن، اگهاڙين فلمن، چڪلن کان مشهور هئا، جن ۾ مڪاني ڊچ، جرمن، پولش، ڊئنش ڇوڪريون پنهنجي جسم جي نمائش يا سودي بازي ڪنديون هيون. هاڻ يورپ جي ايڪانامي اها خراب نه رهي آهي، جيڪا ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ ڪيترائي سال رهي. هينئر به تيل يا ڌاتو، اناج يا مئن پاور ۽ ڪچو مال ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ آهي، پر جيئن ته عقل هنن وٽ آهي سو اهو سامان گهميو ڦريو هنن وٽ پهچي ٿو ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ هجڻ ڪري هنن کي ئي فائدو رسي ٿو- ڀلي کڻي ڪافي ۽ چانهه برازيل ۽ سريلنڪا ۾ ٿيندي هجي، ڪپهه ۽ ڪڻڪ پاڪستان هندستان ۾ ٿيندي هجي، تيل ۽ مڇي عرب ملڪ ۾ جام هجي پر انهن جو اگهه مقرر ڪرڻ وارا، انهن کي خريد ڪري استعمال ڪرڻ وارا، هي يورپي آهن. اڄ به هنن يورپين جي مٿڀرائي آهي ۽ اسان وٽان نڪتل شين مان به هي ئي سُکيا ۽ شاهوڪار ٿي رهيا آهن. يورپ ڏي ايندي وقت جهازي دوستن ٻڌايو هو ته هاڻ اهو ڦيرو آيو آهي جو گس ويندي به ڪا يورپي ڇوڪري نٿي ڳالهائي. مجبوري ۽ غربت انسان کي چور ۽ رنڊي بنائي ٿي. اڄ يورپ جو غريب به سکيو ستابو آهي. بندرگاهن واريون گهٽيون جيڪي يورپي عورتن جي چڪلن ۽ ناچ گهرن سان ڀريل هونديون هيون، انهن ۾ هاڻ آفيسون ۽ دڪان ٿيندا وڃن ۽ جيڪي ڪجهه چڪلا ۽ ناچ گهر ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي بچيا آهن، انهن ۾ ورلي ڪا يورپي عورت جسم جي نمائش يا سودو ڪري ٿي.
مون نائيٽ ڪلبن جي ٻاهران لڳل اڌ اگهاڙين نچندڙ عورتن جا فوٽو غور سان ڏٺا، منجهن ڪابه يورپي عورت نظر نه آئي. ٿائي، فلپينو، چيني ۽ آفريڪن ملڪن جون هيون. يورپي توڙي ايشين آفريڪن-ڪابه عورت خوشيءَ سان رنڊي نٿي ٿئڻ چاهي.”کيس ۽ سندس ٻچن جي سار سنڀال لاءِ سندس مڙس، سندس معاشرو، سندس ملڪ عزت جا ٻه ويلا مهيا ڪري ته هوءَ ڪڏهن به جسم جو سودو نه ڪري.“ -هڪ ٿائي عورت جو بيان ڪجهه ڏينهن اڳ انگلينڊ جي ڪنهن اخبار ۾ آيو هو ۽ اهڙا دل جا غمگين داستان خطن جي روپ ۾ ڪيترن ئي اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. يورپ ۽ جپان جهڙن ملڪن جي خوشحاليءَ مان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جا ڪيترا ماڻهو انهن ملڪن ڏي نوڪريءَ لاءِ رخ رکن ٿا. اجازت نه ملڻ تي هو غيرقانوني طور به اتي پهچن ٿا. جيتوڻيڪ پوليس سندن ڪڍ لڳي رهي ٿي، پر ان هوندي به هو پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ نوڪري جي ڳولا ۾ رهن ٿا. پوءِ مڪاني ڪارخانيدار، دڪاندار، هوٽل شراب گهرن وارا سندن مجبوريءَ جو فائدو وٺي کين پنهنجن مقصدن لاءِ نيچ پورهين لاءِ گهٽ پگهار تي استعمال ڪن ٿا.
ٽيونيشيا جي هڪ عورت جو اخبار ۾ بيان آيو هو ته هوءَ پنهنجي ملڪ ۾ نرس هئي.” پوءِ ٻاهر نوڪري ڏياريندڙ ايجنسيءَ جي لالچ ۾ آئون پنهنجي ملڪ جي ان نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، پاڇي ڪيل پئسو پونجي ايجنٽ کي في ۽ ٽڪيٽ طور ڏئي جڏهن فرانس پهتيس ته خبر پئي ته مون کي اتي جي اسپتال ۾ سٺي پگهار تي نرس ٿي ڪم ڪرڻ بدران شراب خاني ۾ روزانو گراهڪن کي خوش ڪرڻو آهي. مون گهڻو ئي احتجاجڪيو، پر مالڪ مون کي چٺ ۽ لٺ ڏيکاري مڃرائڻ لڳو. ڀڄي وڃڻ جي به راهه نه هئي، جو مون کي غيرقانوني طور آندو ويو هو ۽ پاسپورٽ پهرين ڏينهن کان مالڪ پاڻ وٽ سوگهو ڪري ڇڏيو هو. پوليس ۾ دانهن کڻي وڃڻ تي پوليس پنهنجي ملڪ جي ماڻهوءَ جو پاسو کڻي غيرقانوني آيل کي جيل روانو ڪري ٿي ۽ ان بعد هٿين خالي ملڪ پهچڻ جو الڳ خوف. ان هوندي به هڪ ٻه دفعو ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي مون کي سخت ماريو ويو،اگهاڙا فوٽو ڪڍيا ويا ۽ ان بعد زوريءَ نشي جو عادي بڻايو ويو. هاڻ ان نشي ۾ اهڙي سوگهي ٿي وئي آهيان جو منهنجو ڏينهن رات فقط اهو مقصد رهيو آهي ته هر طرح سان نشو حاصل ڪريان،پوءِ ڀلي ان لاءِ مون کي ڇا به ڪرڻو پوي.“
ان قسم جا ڏکوئيندڙ مجبورين سان ڀريل عورتن جي ڪهاڻين سان ملائيشيا، سنگاپور، ٿائيلينڊ، فلپين جي اخبارن کان وٺي يورپ ۽ آمريڪا جا مشهور ٽائيم، نيوز ويڪ، ايشيا ويڪ رسالا ڀريا پيا آهن. هي اگهاڙين عورتن جي تصويرن ۾ نڄاڻ ڪيتريون ان قسم جون بدنصيب آهن، جيڪي پنهنجو وطن ڇڏي هن ڏورانهين ڏيهه ۾ ظلم جي قيد ۾ اچي ڦاٿيون آهن. مون هڪ دفعو وري تصويرن کي غور سان ڏٺو. سندن چپن تي مرڪ ضرور آهي، پر اکيون چغلي هڻي رهيون آهن- اهي غمن جا داستان ٻڌائي رهيون آهن. صبح سان جڏهن هتان لنگهندو آهيان ۽ تصويرن تي يا انهن زنده عورتن جي ڪمزور ۽ نٻل جسم ۽ غمگين چهرن تي نظر پوندي اٿم ته ائين لڳندو آهي ڄڻ اسان جا ملڪ اڃا به يورپ جون ڪالونيون آهن، فرق فقط اهو آهي ته آزاديءَ کان اڳ هو ڊڄي ڪنهن Native جي هٿ چراند ڪندا هئا ۽ هاڻ کلي عام اشتهارن ذريعي هنن کي چونڊي پاڻ وٽ گهرائين ٿا يا ايشيا ۽ آفريڪا جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ عياشيءَ لاءِ پهچيو وڃن. پوءِ اهو ملڪ کڻي فلپين، ٿائيلينڊ هجي يا ٽيونيشيا، بنگلاديش، موراڪو هجي يا هندستان، تاجڪستان.

پاڪستاني سامان جي فنشنگ سٺي ناهي

راٽرڊم جي هن آفيس ۾ پهچڻ کان اڳ رستي تي ترڪيءَ جو قونصل خانو پڻ اچي ٿو، جنهن جي ٻاهران صبح پهر روزانو ٽيهارو کن ترڪ مرد ۽ عورتون نظر اينديون آهن. ڪجهه ڳاڙهي رنگ جي ڪاري ٽونئر واري ترڪي ٽوپيءَ ۾ به هوندا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ترڪ رنگ ۾ اڇا ۽ يورپين وانگر آهن. عورتن جو لباس به يورپي نموني جو آهي. بس مٿي جا وار سو ايشين وانگر ڪارا اٿن. ايترن ماڻهن کي ميڙ ڪري بيٺل ڏسي آخر هڪ ڏينهن هڪ کان اتي بيهڻ جو سبب پڇيم. ”اسان هتي ترڪي وڃڻ لاءِ ويزا وٺڻ ايندا آهيون. اسين اصل ترڪيءَ جا آهيون. هتي گهڻو اڳ آياسين ۽ هاڻ اسان وٽ هالينڊ جو پاسپورٽ آهي. پنهنجي مائٽن سان ملڻ لاءِ يا واپار وڙي لاءِ پنهنجي اصل وطن ترڪيءَ ڏي وقت بوقت ويندا رهون ٿا.“ هن ٻڌايو.
ان ترڪش قونصل خاني جي ڀر ۾ ”وطن“ نالي هڪ ترڪ همراهه جو دڪان پڻ آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري اهي شيون آهن، جيڪي ترڪ ماڻهن جون پسنديده آهن. ڪپڙي لٽي، چادر وهاڻي کان مرچ مصالي ۽ مختلف کاڌن جون شيون. هڪ ڏينهن شام جو آفيس کان سوير موٽيس سو هن دڪان ۾ هليو ويس. عليڪ سليڪ بعد دڪان ۾ رکيل سامان کي ڏسندو رهيس، جنهن ۾ گهڻو سامان ترڪي، مصر ۽ ايران جو ٺهيل هو. خاص ڪري رومال، گوڏين جو ڪپڙو، پلاسٽڪ جا ايراني ڊنر سيٽ، فريم ٿيل قرآني آيتون، پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ بند ٿيل سڪل ميوو وغيره. دڪاندار ٻڌايو : ”آئون هر سال مختلف ملڪن ۾ ويندو آهيان ۽ جتي ڪا سستي يا سٺي شيءِ ڏسندو آهيان ته وٺي ايندو آهيان. پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ڪيئن آهي؟“ هن مون کان پڇيو.
پاڪستان ۾ ڪاٽن تمام گهڻي ٿئي ٿي ۽ يورپ جي ڀيٽ ۾ ڪپڙو تمام سستو ٿئي ٿو. هتي جيڪا گنجي ڏهين گلڊرن (ٻه سئو روپئي) ملي ٿي اها اتي ٻن گلڊرن اندر مليو وڃي.“ مون پنهنجي ملڪ جي تعريف ڪندي ٻڌايو.
”ها، اها ڳالهه آهي پر پاڪستاني ڪپڙي جي Finishing سٺي نه آهي.“ پوءِ پاسي واري ڪٻٽ ۾ رکيل هڪ پئڪ ٿيل بيڊ شيٽ ڪڍي مون کي ڏيکاريندي چيو،” ڏس هيءَ مون اتان سئمپل طور گهرائي آهي، پر فنشنگ سٺي ناهيس. اڳئين دفعي ٽوال گهرايم اهي به ائين هئا. ٿورو اگهه کڻي مٿي رکجي، پر فنشنگ سٺي هئڻ کپي، جيڪا گراهڪ کي Appeal ڪري.“
ڪنهن حد تائين تنهنجي اها ڳالهه صحيح آهي. ” مون سندس ڳالهه کي قبول ڪندي چيو. ڇو جو ان قسم جي ڳالهه مالمو (سئيڊن) جا ايراني واپاري به مون سان هڪ دفعو ڪري چڪا هئا ته هو پاڪستان کان چانور گهرائين ٿا، جيڪي بلاشڪ اوچي جنس جا آهن، پر جنهن ٿيلهيءَ ۾ پئڪ ڪري موڪلين ٿا اها تمام سادي ٿئي ٿي. ساڳي طرح پاڪستاني آچار پڻ سادين بوتلن ۽ دٻن ۾ پئڪ ٿي ولايت ۾ اچي ٿو، پر قيمت گهٽ هوندي به گراهڪ ان ۾ هٿ نٿو وجهي.

مجبوريءَ جو جهنڊو ۽ شادي

صبح جو نائين وڳي آفيس پهچڻو هوندو آهي، پر آئون ساڍي اٺين وڳي ئي پهچي ويندو آهيان جو منهنجي هتي جي (راٽرڊم) آفيس ۾ جپاني ڪم ڪن ٿا ۽ جپانين جي عادت کان واقف آهيان ته نوَ جو ٽائيم هوندو ته معنيٰ نون ۾ پنج منٽ سمجهڻ کپي ۽ نوَ لڳي پنج منٽن تي هرگز نه. پر آئون جڏهن ساڍي اٺي پهچندو آهيان ته آفيس ۾ سڀ موجود هوندا آهن. ڪڏهن آفيس جون ڊچ ڪلارڪ ڇوڪريون پوڻين نائين ۽ نائين جي وچ ۾ اينديون آهن، پر ٻئي جپاني باس ناڪانشي(Nakanishi)۽ تڪانوسان وقت کان گهڻو اڳ پهچي ويندا آهن ۽ موڪل به آخر ۾ ڪن. ٻاهرين ملڪ ۾ ماڻهو اڪثر سست ٿي ويندا جو سندن اعليٰ عملدار اتي نه هوندا آهن. گهٽ ۾ گهٽ اسان جي سفارتخانن ۽ ايئر ڪمپنين جي آفيسن جو اهو حال هوندو آهي، پر هي جپاني پرديس ۾ پنهنجي ملڪ کان به وڌيڪ محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ جو مثال پيدا ڪن ٿا ۽ اهي ئي سندن ترقيءَ جا راز آهن.
مسٽر ناڪانشي کي هتي هالينڊ ۾ رهي ڪيترائي سال ٿي ويا آهن ۽ پاڻ هن ريجن جو جنرل مئنيجر آهي. 55 سالن جو ٿيندو. مسٽر تڪانو چاليهه ورهين جو ٿيندو ۽ تازو مهينو کن اڳ آيو آهي. هن کان اڳ هو ٽوڪيو ۾ ڪم ڪري رهيو هو. انهن ٻن جپاني سرويئرن کان علاوه هڪ هتي جو مڪاني ڊچ سرويئر پڻ آهي. نالو هوگلنڊ اٿس ۽ سٺ ورهن جو ٿيندو. پاڻ جهازن تي چيف انجنيئر ٿي رهڻ بعد 1980ع کان سروي جو ڪم شروع ڪيو. پهرين سرڪاري سرويئر ٿي رهيو ان بعد مختلف سوسائٽين وٽ عارضي طور ڪم ڪندو رهيو. هاڻ ٻن سالن کان هن جپاني سوسائٽي جو Exclusive سرويئر آهي. يعني هنن وٽ پڪي نوڪريءَ ۾ آهي. ٻه ڪلارڪ ڇوڪريون ٽائپنگ، ڪمپيوٽر ۽ فئڪس وغيره جو ڪم ڪرڻ کان علاوه آفيس جي فائلن کي ترتيب ۾ رکن ٿيون. ٻئي ڊچ آهن. هڪ جو نالو مائون آهي ۽ ٻيءَ جو خيري، جيڪوGery لکيو وڃي ٿو. ڊچ ۽ جرمن زبانن ۾ ”خ“ جو اچار عام آهي. آفيس ۾ هڪ ڪمرو چانهه ڪافيءَ لاءِ مقرر آهي، جنهن کي چانهه جي ضرورت هجي پاڻهي اٿي وڃي ٺاهي. ايندڙ مهمان لاءِ به پاڻهي اٿي ٺاهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيڏي امير سوسائٽيءَ جي آفيس آهي،جيڪا ڪروڙن جا سودا ٿي ڪري، پر انهن وٽ نه نوڪر آهي نه پٽيوالو. سڄو سڄو ڏينهن گذريو وڃي وٽن ڪو مهمان نٿو اچي. يعني پنهنجي ڪنهن دوست دڙي کي آفيس ۾ گهرائي آفيس جو وقت خراب ڪرڻ لاءِ دعوت ئي نٿا ڏين. گهرائڻ ته ڇا آفيس جو فون نمبر به ذاتي ڪم لاءِ ڪنهن کي نٿا ڏين. جهاز يا جهاز سان واسطو رکندڙ ورڪشاپ ۽ ٻين ايجنسين وارا کانئن فون گهرندا آهن ته پنهنجو ڪارڊ ڏئي چوندا اٿن:
”آفيس ۾ گهڻو ڪري اسان نه هوندا آهيون. فون بدران فئڪس ڪجو جيئن پوءِ جڏهن به اچون ته نياپو ملي سگهي ۽ ڪم جو جواب ٻئي ڏينهن تي توهان کي فئڪس ذريعي موڪلينداسين.“
۽ واقعي اڌ ڌينهن کان مٿي هي ٽئي سرويئر جهازن جي چڪاس لاءِ ٻاهرئي رهن ٿا. آفيس ۾ گهڙڻ سان سامهون بورڊ تي جهازن جا نالا لکيل آهن ته فلاڻي ڏينهن تي راٽرڊم ۾ سندن سوسائٽي جا انشورنس ٿيل ڪهڙا جهاز هوندا ۽ انهن جهازن جي ڪهڙي مشينري يا ٻيو ڪَلَ پرزو جانچڻو آهي.
آئون ڪڏهن ’تڪانوسانَ‘ سان گڏ ته ڪڏهن ڊچ سرويئر هوگلنڊ سان جهاز تي ويندو آهيان ۽ کين ڏسندو آهيان ته ڪيئن سروي ڪن ٿا. اڄ تڪانوسان سان هڪ ٻارهن سال پراڻي جپاني جهاز جي سروي تي وڃڻ ٿيو. هن جهاز جو موجوده مالڪ ڊچ آهي. پهرين يوناني مالڪ هن جهاز کي قبرص (Cyprus) ۾ رجسٽرڊ ڪرايو هو پر هاڻ هن نئين ڊچ مالڪ ان جهاز کي ڏکڻ آمريڪا جي ڀرسان بهاما ٻيٽ جي حڪومت وٽ رجسٽرڊ ڪرايو آهي. قبرص، بهاما، لائبيريا، پامانا- اهي اهڙا ملڪ آهن، جن وٽ پنهنجا جهاز يا نيويون(Navies)نه آهن، پر ڌاريان جهازي مالڪ ٽئڪس بچائن خاطر هنن ملڪن ۾ پنهنجا جهاز رجسٽرڊ ڪن ٿا ۽ سهوليت حاصل ڪرڻ واسطي جهاز تي پنهنجي اصل ملڪ جو جهنڊو جهولڻ بدران اهڙي ڪنهن ڌارئين ملڪ جو جهنڊو چاڙهين ٿا. ان ڪري پاناما، لائيبيريا جهڙن ملڪن کي Flag of Convenience به سڏيو وڃي ٿو، جيئن ڪيترا آفريڪن ۽ ايشيائي همراهه آمريڪا يا يورپ ۾ رهڻ جي غرض سان اتي جي ڪنهن پوڙهي پڪي يا نشي جي عادي يورپي عورت سان شادي ڪن ٿا، پوءِ سندن هنن سان دل نٿي لڳي، پر هن جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ ان طريقي مان فائدو وٺن ٿا ۽ ساڳي طرح عورت به سمهجي ٿي ته هو کيس دل سان نٿو چاهي پر کيس سندس سار سنڀال لهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه سالن لاءِ مڙس جي نالي ۾ سٺو نوڪر مليو وڃي. اهڙي شاديءَ کي Marriage of Convenience سڏجي ٿو.

مسلمانن لاءِ مانيءَ جو مسئلو

راٽردئم جي بندرگاهه ۾ جنهن پهرين جهاز تي سروي (چڪاس) لاءِ پهتاسين، ان جهاز جو اصل نالو سفيد پري (White Fairy)هو، پر هاڻ نئين مالڪ سندس نئون نالو ”ناچ ميوزڪ جي ڌرتي“(Disco Land) رکيو آهي ۽ جهاز هلائيندڙ پڻ سڀ نوان رکيا اٿس. ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر کان وٺي بورچي ۽ خلاصيءَ تائين سڀ فلپينو آهن، جيڪي جهاز جي نالي سان پڻ ٺهڪي اچن ٿا. فلپين جا ماڻهو ڳائڻ وڄائڻ جا بيحد شوقين آهن. اسان جي يونيورسٽي ۾ ڪل پنج ڄڻا آهن ته به شل نه ڪو موقعو مهل ملي. گٽار کڻي چارئي ڳائڻ شروع ڪندا آهن ۽ پنجين ڊيزيءَ نالي ڇوڪري آهي، ان کي نچائيندا آهن. اها سندن نيويءَ جي ليفٽيننٽ ڪمانڊر آهي. هتي هن جهاز تي يڪا ٽيهه ڄڻا آهن. ڊائننگ روم ۾ ميوزڪ جو سڄو سامان ڏسي جپاني سرويئر تڪانو جهاز جي ڪئپٽن کي چيو:
”جهاز جي نئين مالڪ جهاز جو نه فقط نالو بدلايو آهي، پر ان کي صحيح رنگ ڏيڻ خاطر ميوزڪ جو سامان به مهيا ڪيو آهي.“
”نه نه.“ ڪپئٽن وراڻيو،”هي بئنڊ باجا اسان ڦوڙي ڪري ورتا آهن، جيئن وندر ۾ ڳائڻ وڄائڻ لڳو رهي.“
”توهان خوش نصيب آهيو جو ميوزڪ ۽ ڳائڻ جا ڄاڻو توهان جي جهاز تي آهن“، مون چيومانس.
”ڪنهن هڪ يا ٻن جي ڳالهه ٿا ڪريو. هتي اسين سڀ ميوزيشن آهيون. آئون ڊرم به وڄائي سگهان ٿو ته ڳائي به سگهان ٿو.“ ڪئپٽن جواب ڏنو.
جهاز جي ڪئپٽن اسان کي لنچ کائڻ لاءِ زور ڀريو.
”ڇا خيال آهي کائجي يا نه؟ “ جپاني سرويئر مسٽر تڪانو مون کان صلاح ورتي.
”بلڪل کائجي. هڪ ٿي رهيو آهي، هتان خبر نه آهي ڪيڏي مهل واندا ٿيون جو شهر ۾ هلي کائون. مون کي ڏاڍي بک لڳي اٿئي.“ مون وراڻيومانس.
”اوڪي ڪئپٽن لنچ کائي پوءِ باقي جهاز جي مشينريءَ جي چڪاس ٿا ڪريون.“
دنيا جي سڀني جهاز تي لنچ جو ٽائيم ٻارهين کان هڪ وڳي تائين ساڳيو هوندو آهي. جهاز جا آفيسر توڙي خلاصي کائي چڪا هئا، سواءِ ڪنهن هڪ ٻن جي اسان کي کارائڻ لاءِ هڪ اسٽيورڊ انتظار ۾ بيٺو هو. هن جلدي جلدي سوپ اسان اڳيان رکيو.
سوپ سائي رنگ جي دال(شايد مڱن جي دال هجي) ۽ ڀاڄيءَ جو هو. بک هئيسين. ٻاهر سخت سيءَ ۾ هليا هئاسين. سو گرم گرم سوڀ سڀني کي وڻيو. جپاني سرويئر تعريف ڪئي ۽ ڪپپٽن ٻيو دفعو کڻڻ لاءِ چيو مون چمچي ۾ هٿ وڌو. ”ضرور کائڻ کپي“ جپاني سرويئر مون کي آهستي چيو. ان وقت ڪئپٽن جهاز جي ڪئڊٽ کي ڪجهه جهاز جي سلسلي ۾ سمجهائي رهيو هو. سو جپاني سرويئر کي چيم:
”تون کائين يا نه کائين آئون ان سان ئي پيٽ ڀريان جو ان کانپوءِ خاص ڊش خبر نه آهي ڇا جو هجي.“
”وڪاريماستا (مون سمجهيو).“ هن کلي جپانيءَ ۾ وراڻيو. هن کي خبر هئي ته مسلمان ڪجهه شيون نٿا کائين ۽ تازو گذريل ڏينهن ٻي جپاني سرويئر ناڪاشيءَ اسان کي راٽرڊم جي چيني هوٽل ۾ لنچ لاءِ وٺي هليو هو. فڪسڊ مينو هو، سوپ ۽ مين ڊش ته پورڪ يعني سوئر جو هو پر ڀاڄيءَ ۾ به ان جا ٽڪرا مليل هئا. ظاهر آهي آئون جهڙو هليو هوس اهڙو ئي موٽيس. فقط ڪوڪا ڪولا نصيب ٿي. پوءِ ناڪاشيءَ کي افسوس ٿيو جو خاص مون لاءِ هن لنچ جي دعوت ڪئي ۽ مون نه کاڌي ۽ بنا کائڻ جي آفيس آياسين ۽ مئڪڊونالڊ تان مڇيءَ جا سئنڊوچ ۽ منهنجي پسنديده شيءِ آئسڪريم گهرائي ڏني هئائين. سو ان بعد تڪانو کي به خبر پئي ته مسلمان اهڙين دعوتن ۾ميزبان لاءِ مٿي جو سور بنبا آهن ۽ سڄو ڏينهن بک مرندا آهن.
سوپ جو ڊش ۽ پليٽون کڻي وڃڻ بعد اسٽيورڊ چانورن جو پيالو کڻي آيو ۽ ان سان گڏ اهم ڊش ڪٽليٽن ۽ ٻوڙ جو هو.کانئس آهستي پڇا ڪيم ته ڇا آهي. خاص ڪري ڪٽليٽ مڇيءَ جا لڳي رهيا هئا.
”ٻئي پورڪ آهن.“ اسٽيورڊ وراڻيو ۽ جپاني سرويئر تڪانو به ٻڌي ورتو.
”ويري ساري!“ جپاني سرويئر مون ڏي منهن ڪري چيو،“ توکي ئي گهڻي بک لڳي هئي ۽ تنهنجو نصيب سٺو نه نڪتو.“
”مڙيئي خير آهي. آئون رُکو ڀت سلاد سان کائيندس.“ مون چيو مانس ۽ اسان جي سُس پُس تي ڪئپٽن پڇيو ته ڪهڙو معاملو آهي. هاڻ جي کيس نٿا ٻڌايون ته سمجهندو ته اسانخبر ناهي ڇو پيا کِلون ۽ جي ٻڌايونس ٿا ته هن لاءِ پريشاني ٿيندي. بهرحال تڪانو کيس ٻڌايو ۽ هن يڪدم اسٽيورڊ کي سڏي تگالوگ(فلپيني زبان) ۾ ڪجهه چيو ۽ آئون سمجهي ويس ته هن کي مون لاءِ ڪا ٻي شيءِ آڻڻ لاءِ چئي رهيو آهي. مون کيس انگريزيءَ ۾ ٻيو ڪجهه آڻڻ کان جهليو پر هو نه مڙيو. ٿوري دير بعد اسٽيورڊ هٿين خالي موٽي هن کي ”درد ڀري ڪهاڻي“ واري انداز ۾ ٻڌائڻ لڳو ۽ آئون سمجهي ويس ته وقت هڪ کان مٿي ٿي ويو آهي. چيف ڪڪ هليو ويو هوندو ۽ مڇي گوشت يا ڀاڄي گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن ڪلاڪ اڳواٽ جهاز جي ڪولڊ اسٽور مان ڪڍڻي پوندي آهي. جيڪو ڪم هن وقت ناممڪن آهي. مون ڪئپٽن کي مون بابت سوچڻ ۽ پريشان ٿيڻ لاءِ ۽ ساڳي وقت چيف ڪڪ کي تڪليف ڏيڻ کان جهليو.
”چڱو ڀلا تون هڪ بدران منهنجي حصي جو صوف به کائجانءِ“.ڪئپٽن چيو.
”اهو به صحيح آهي.“ مون وراڻيو مانس.
۽ پوءِ لمحو ٻه ترسي ڪئپٽن پڇيو:”اسان ته پنهنجي قومي ٻولي”تگالوگ“ ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين توکي ڪيئن خبر پئي ته، نه بورچي آهي نه بورچيخاني ۾ ٻي ڪا ڀاڄي يا گوشت؟“
”منهنجي پڻ عمر جهازن تي گذري آهي ۽ بندرگاهه ۾ هرڪو ڊيوٽي ڪري ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو. سو هڪ ته ڪُڪ(بورچي) ٻارهين بجي کاڌو تيار ڪري اسٽيورڊن حوالي ڪري هليو ويو هوندو ۽ ٻيو ته جيڪو ڪجهه رڌڻو آهي اهو ڪولڊ اسٽور مان هڪ ڏينهن اڳ ڪڍيو وڃي ٿو. هن وقت اهو ٿڌو ڪمرو کولي ڪجهه ڪڍڻ ۽ ان کي رڌڻ بيحد اڻانگو ڪم آهي.“

ڊسڪولئنڊ ۽ اسپرنگ برائيڊ

ڊسڪولئنڊ جهاز تي لنچ کان اڳ اسان جهاز جو بئالر سروي ڪيو هو. بئالر جا ڪيترائي ٽيوب ڦاٽي چڪا هئا، جن کي ٻنجا (Metal Plug)ڏيئي جهاز جا انجنيئر هن جهاز کي هلائي رهيا هئا. پر هتي راٽرڊم پهچڻ سان جپاني ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيءَ جي هن سرويئر کين ڦاٽل توڙي سڄا سڀ ٽيوب ڪڍي نوان لڳائڻ لاءِ چيو. ان لاءِ ڊئنمارڪ ملڪ جي البرگ شهر کان ’البرگ بئالر ورڪ شاپ‘ وارا ڪم ڪرڻ آيا هئا. اڄ اسان پريشر ٽيسٽ وٺي بئالر کي پاس ڪيو. البرگ بئالر وارن کي ڏسي پنهنجا جهازي ڏينهن ياد آيا، جڏهن اسان جي پاڪستاني ڪمپنيءَ جا جهاز ڊئنمارڪ ۾ ايندا هئا ته هن ورڪشاپ کان ئي بئالر مرمت ڪرائيندا هئاسين، جو اسان جي ڪيترن جهازن تي هن ڪمپنيءَ جا ئي بئالر لڳل آهن.
البرگ بئالر ورڪشاپ جي ڊئنش انجنيئر سان گڏ ٽي انڊونيشي مستري ۽ مزدور ڪم ڪري رهيا هئا. بئالر جا والو(Valves)بند ڪرڻ لاءِ کولڻ مهل ”توتپ“ ۽ ”بڪا“ جهڙا ملئي زبان جا لفظ سندن واتان ٻڌي سمجهي ويس ته ملئي يا انڊونيشي آهن. مون کانئن ملئي زبان ۾ پڇيو ته ڪٿي جا آهيو ۽ هتي ڪيئن آيائو.
”اسين انڊونيشيا جي ٻيٽ ملوڪا جا آهيون. اسين ننڍا هئاسين ته پيءُ سان گڏ هتي آيا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ انڊونيشيا تي ڊچن جي حڪومت هئي ۽ هيڏانهن اچڻ ڏکيو نه هو.“
”هتي ڪيئن ٿو لڳانو؟“ مون پڇيو مان.
”سٺو آهي.“ هڪ وراڻيو، ”پر سيءُ ڏاڍو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسين ورڪشاپ يا جهاز جي انجڻ روم ۾ ڪم ڪريون ٿا جتي گرمائش آهي ۽ ڪا خاص تڪليف ناهي.“
”پر اهو آهي ته پگهار سٺو ملندو هوندانو.“ مون چيو مان.
”ها، اها به ڳالهه آهي.“ ٻئي وراڻيو، ”پر.....“
”پر ڇا؟“ هن جي ماٺ ٿي وڃڻ تي پڇيومانس.
”جيڪي هتي ڪمائجي ٿو اهو شراب پٺيان چٽ ٿيو وڃي. بچايو ته پوءِ سٺو آهي.“
”هونءَ به هر شيءِ ڪيڏي مهانگي آهي. رڳو سگريٽ جو هڪ پاڪيٽ ڇهن گلڊرن (اٽڪل هڪ سئو رپين) جو آهي. معمولي مکڻ لڳل سئنڊوچ به هڪ گلڊر(ويهين روپئي کن) جي آهي.“ ٽئي وراڻيو.
اها ڳالهه صحيح آهي. هونءَ به چوندا آهن ته It is the saving that counts, not the salary مون چيو.
”پر وري به پنهنجي ملڪ کان بهتر آهيون. ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻو ته نٿو پوي. ڪو چوريءَ جي ڪوڙي ڪيس ۾ پوليس وارو ته نٿو جهلي. اهي به ڪي ڏينهن هئا ۽ اسان خوش نصيب هئاسين جو هتان اچي نڪتاسين. هاڻ ته ڪا مزدوري پورهيو به نٿو ملي. اسان ڌاريا ته ڇا پر مڪاني ماڻهو به بيروزگار ٿيو پيا هلن ۽ هنن ٿڌن ۽ اوپرن ملڪن ۾ بنا پئسي، بنا گرم ڪپڙي ۽ بنا کاڌي پيتي جي هڪ ڏينهن رهڻ به عذاب آهي.“
بئالر لنچ کان اڳ سروي ٿي چڪو هو ۽ هاڻ اسان کي جهاز جا هئچ ڪور چيڪ ڪرڻا هئا ته منجهن پاڻي ليڪ ته نٿو ٿئي. ان لاءِ هئچ بند ڪري پوءِ مٿان پريشر سان پاڻيءَ جا ڦوهارا هنيا ويا ۽ پاسي واري در کان هيٺ ان هئچ ۾ وڃي چيڪ ڪيوسين. جهاز جي چئن هئچن مان هڪ ۾ هڪ هنڌ ٿورو پاڻي سمي رهيو هو سو جهاز وارن کي ٻڌايوسين ته ورڪ شاپ گهرائي ان هنڌ رٻڙ جي نئين پئڪنگ وجهن جيئن اندر پاڻي بنهه نه اچي. جهاز جا هئچ سامان رکڻ جا گدام آهن ۽ انهن جا ڍڪ مضبوطيءَ سان بند ٿيڻ ضروري آهن، نه ته سمنڊ جون وڏيون ڇوليون مٿان اچڻ ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي انهن گدامن ۾ اندر وڃي سگهي ٿو جيڪو سامان (Cargo)کي خراب ڪري سگهي ٿو. ڪارگو خراب ٿئي ۽ پوءِ انشورنس ڪمپني ڀري ڏئي ان کان بهتر آهي جهاز وارا ٿورو خرچ ڪري جهاز کي صحيح رکن ۽ وڏي نقصان کان انشورنس ڪمپنيءَ کي بچائين. ها البت ان هوندي ڪو وڏو طوفان اچي وڃي ۽ جهاز ڀڄي پوي يا ٻڏي وڃي ته پوءِ اها ڀاڳ اڀاڳ جي ڳالهه ٿي. هئچ ڪور چيڪ ڪرڻ بعد آخري شيءِ جهاز جو Radar چيڪ ڪرڻو هو. اونداهه، ڌنڌ، مينهن، برف باري وغيره ۾ جڏهن جهازي اکين سان ڏسي نٿو سگهي تڏهن هن لاءِ هي اوزار وڏو ڪارآمد ثابت ٿئي ٿو. رڊار ذريعي ٻيا ايندڙ ويندڙ جهاز ۽ انهن جي رفتار، سمنڊ اندر جبل ٽڪريون ۽ اڳيان ايندڙ ٻيٽ ۽ ڪنارن جي خبر پئجيو وڃي. رڊار جي هو تازي مرامت ڪري چڪا هئا ۽ هر لحاظ کان چيڪ ڪري ڏٺوسين ته صحيح طرح ڪم ڪري رهيو هو. ان بعد جهاز وارن کان موڪلائي سندن جهاز Disco Land تان لٿاسين. ساڳي مالڪ جو هڪ ٻيو جهاز Spring Bride پڻ ڀر ۾ بيٺل هو.
’اسپرنگ برائيڊ‘ جهاز پڻ ’ڊسڪو لئنڊ‘ جهاز وانگر ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا کان ميوو کڻي يورپ اچي ٿو. هن دفعي، ايندي وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ سندس هڪ هئچ ۾ باهه لڳي هئي، جيڪا اليڪٽرڪ جي تارن جي شارٽ سرڪٽ ڪري لڳي هئي، ان باهه کي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس يا ٻئي ڪنهن طريقي سان وسائڻ بدران جهاز جي خلاصين پاڻيءَ جي ڦوهارن سان وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. باهه ته خوش قسمتيءَ سان وسامي ويئي پر هئچ مان اهو پاڻي ڪڍڻ وارو پمپ ڪم ڪرڻ کان پِڙ ڪڍي بيهي رهيو. هئچ جو پاڻيءَ سان ڀرجڻ ڪري جهاز جي Stability جو مسئلو ٿي پيو هو. جهاز سفر جا باقي ٻه ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن لڏندو رهيو ۽ ٻڏندي ٻڏندي بچيو.
راٽرڊم جي بندرگاهه ۾ پهچي ڪناري جي پمپن ذريعي پاڻ ڪڍيو ويو. پاڻيءَ ۾ پُسڻ ڪري ان هئچ جو سڀ سامان خراب ٿي ويو. هئچ جي Insulation کي پڻ نقصان رسيو آهي. هاڻ سڀاڻي ان جو چڱي طرح جائزو وٺي جهاز جي مالڪ کي ضروري مرمت لاءِ ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي پاران چوڻو پوندو، جيڪا مرمت انهن کي هي بندرگاهه ڇڏڻ کان اڳ ڪرائي سوسائٽيءَ کان صحيح هجڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻو پوندو. هن باهه جي ڪري سمورو نقصان انشورنس ڪمپني مالڪ کي ڏيندي.

سترهين صدي ڊچ تاريخ جو سونهري دور هو

نيدرلئنڊس جي اتر ۽ اولهه ۾ اتر سمنڊ (North Sea) آهي، اوڀر پاسي جرمني آهي ۽ ڏکڻ پاسي بيلجم. نيدرلئنڊس کي اڪثر هالنڊ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو، جيڪو نالو ڏهين صديءَ کان پوءِ مشهور ٿيو. هالنڊ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هولٽ لئنڊ(Holt Land) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻيلن جي ڌرتي(Wood Land). هونءَ هالنڊ دراصل نيدرلئنڊس جي ستن صوبن مان هڪ صوبي جو نالو آهي. جيئن برطانيه کي اسان انگلنڊ سڏيون ٿا، جيتوڻيڪ انگلنڊ برطانيا جو فقط ڏاکڻو حصو آهي. ان ڪري اتر ۾ رهندڙ اسڪاٽلنڊ توڙي آئرلنڊ وارن کي ان تي چڙ به لڳي ٿي پر انگلنڊ کان به وڌيڪ هالنڊ مشهور ٿي ويو آهي. ان ڪري مون به ڪٿي هالنڊ ڪٿي نيدرلئنڊ ۽ ڪٿي ٻئي نالا استعمال ڪيا آهن.
ساڳي طرح نيدر لئنڊس جي گاديءَ جو هنڌ ايمسٽرڊم آهي، جتي هن ملڪ جو بادشاهه ۽ راڻي رهن ٿا پر سرڪاري آفيسون سڀ هيگ ۾ آهن. ان ڪري ڪيترا ماڻهو نيدرلئنڊس جي گاديءَ جو هنڌ هيگ سمجهن ٿا.
سڄي هالنڊ جي هن وقت پکيڙ سورهن هزار کن چورس ميل آهي، جنهن مان ڌرتيءَ جا ٽڪرا تيرهن هزار چورس ميل ٿيندا باقي درياهه ۽ سمنڊ آهن، جيڪو ڊچ ڀريخشڪيءَ جو حصو وڌائي رهيا آهن. هينئر به هو سمنڊ ڀرڻ جو ڪم جاري رکندا اچن ۽ هي مضمون ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچڻ تائين ڪجهه ٻيا سمنڊ جا چورس ميل ڌرتي ٿي چڪا هوندا. نيدرلئنڊس جو جهنڊو ٽن پٽين ۾ ورهايل آهي. ڳاڙهي پٽي، اڇي ۽ تکي بلو رنگ جي.
اڄڪلهه جو نيدرلئنڊس يارهن صوبن ۾ ورهايل آهي، جيڪي 957 ميونسپالٽين ۾ ورهايل آهن. سڀ کان گهڻا ماڻهو ڏکڻ هالنڊ (Zuid Holland) ۾ رهن ٿا ۽ سڀ کان گهٽ ڊرنٿي(Drenthe) صوبي ۾. نيدرلئنڊس جي رهاڪن جي ڪمائي پوک، مڇيون مارڻ، ڍڳيون پالڻ ۽ ان جي گوشت، کير مکڻ مان ٿئي ٿي. جهازراني ۽ ڪارخانن مان پڻ چڱي اُپت ٿئين ٿي. هتي جا ماڻهو سهڻا گل ۽ ٻوٽا تمام گهڻا پوکي وڪڻن ٿا.
نيدرلئنڊس تي 1948ع کان وٺي 1980ع تائين راڻي جوليانا راڄ ڪيو. هن شهزادي پرنهارڊ سان شادي ڪئي هئي جنهن مان چار ڌيئون ٿيس. پيٽرڪس 1938ع ۾، آئرن 1939ع ۾، مارگريٽ 1943ع ۾ ۽ ماريا ڪرسٽينا 1947ع ۾ ڄائي. 1980ع ۾ راڻي جوليانا پنهنجي وڏي ڌيءَ پيٽرڪس جي حق ۾ تخت تان دستبردار ٿي.
هالنڊ ۾ آئيني راڄ(Constitutional Monarchy) آهي. انتظامي حڪومت ڪابينا جي هٿ ۾ آهي، جيڪا ميجارٽي ذريعي چونڊجي ٿي. پارليامينٽ (جنهن کي هتيStaten General سڏجي ٿو) جا ٻه طبقا آهن. هيٺيون طبقو جيڪو سيڪنڊ چئمبر سڏجي ۽ مٿيون طبقو فرسٽ چئمبر سڏجي ٿو.
پارليامينٽ جيڪي بل پاس ڪري ٿي اهي آخر ۾ ملڪ جي راڻيءَ کي صحيح ڪرڻا پوندا آهن. (1890ع کان وٺي هالنڊ تي راڄ راڻيءَ جو هلندو اچي) ٿيوري مطابق هوءَ چاهي ته ڪنهن به بل کي پاس ٿيڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي پر اڄ تائين هتي جي ڪنهن به راڻيءَ ائين ڪيو نه آهي.
سترهين صدي ڊچ تواريخ جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو. سونهري ان ڪري جو هڪ طرف ڊچ جهاز آفريڪا، ايشيا، آمريڪا جي ملڪن کان خوب مال ۽ ملڪيتون کڻي پئي آيا ۽ ٻئي پاسي هالنڊ جا امير امراءُ هٿ آيل ناڻي جو ڪافي حصو آرٽ ۽ هنرن تي خرچ ڪرڻ لڳا. ملڪ جا آرٽسٽ ۽ هنرمند، رازا، واڍا عمارت سازيءَ جا ماهر وڌندا رهيا. ان دور جون عمارتون ۽ آرٽ اڄ هالنڊ جي جنهن تنهن شهر ۾ نظر اچي ٿو. مشهور آرٽسٽ ريمبرانڊٽ (1669-1606ع) ان دور جو آهي. ان کان علاوه فرانس هالس، اڊريئن وان اوستاد، باٿولوميوز ۽ ٻيا به ڪيترائي آرٽسٽ هالنڊ ۾ ٿي گذريا. ميوزيشن، سائنسدان ۽ فلاسفر پڻ هن دور ۾ گهڻي کان گهڻا پيدا ٿيا.هيستائين پندرهن کن ڊچن کي نوبل پرائيز ملي چڪو آهي.

ڊچ زبان

ڊچ زبان جيڪا اڄڪلهه ڳالهائي وڃي ٿي سا ماڊرن ڊچ چئي سگهجي ٿي. ٻه اڍائي سئو سال اڳ واري ڊچ ايتري ئي مختلف هئي، جيتري ان وقت جي انگريزي زبان. سترهين صديءَ جي وڏي شاعر جوسٽ وونڊل (Joost Van Den Vondel) جيڪا ڊچ ٻولي پنهنجين لکڻين ۾ استعمال ڪئي آهي اها اڄ جي پڙهندڙ لاءِ ايتري ئي ڏکي آهي، جيتري شيڪسپيئر جي انگريزي اڄ جي انگريزي ڄاڻندڙن لاءِ.
جرمن ۽ انگريزي زبانن وانگر ڊچ به جرمنڪ زبان چئي وڃي ٿي. منجهس ڪيترائي اهڙا لفظ آهن، جيڪي انگريزي ۽ جرمن زبانن ۾ آهن. پر ننڍو ڪرڻ لاءِ انهن جا پڇ ڪڍياويا آهن. ان ڪري ڊچ زبان جون اسپيلون انگريزيءَ کان سوليون آهن. ڊچ کان علاوه ٻيو زبانون Dialects جيڪي هن ملڪ هالنڊ(نيدرلئنڊ) ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون اهي آهن:
Oost Hollands, Limburgs, Drents, Gronings, West Vlaams, Brabants جرمن يا انگريزي ڄاڻندڙ کي ڊچ زبان جي گرامر سکڻ ۾ ڪا خاص ڏکيائي درپيش نٿي اچي. ڪيترائي ڊچ لفظ انگريزي يا جرمن جهڙا ساڳيا آهن، يا انهن سان ملن ٿا. مثال طور ڪجهه ڊچ لفظ جيڪي روزمره جي زندگيءَ ۾ نظر اچن ٿا يا ٻڌجن ٿا:
Man (Man)
Drie (Three)
Warm (Warm)
Ijs (Ice)
Melk (Milk)
Zuid (South)
School (School)
پر ڪيترائي عام استعمال جا لفظ انگريزيءَ کان ائين بلڪل مختلف آهن، جيئن سنڌي تامل ۽ چيني زبان جا لفظ هڪٻئي کان. جيئن ته:
Mooi (Pertty)
Kwaad (Bad)
Fiets (Bicycle)
Leuk (Nice)
Heus (Really)

۽ ڪجهه ڊچ اچارDipthongs انگريزن لاءِ نرالا پڻ آهن. جيئن ته ”Ij“ کي آءِ اچارين، IU کي OU اچارين ۽ Out بدران IUT لکن ۽ ڪجهه ڪانسوننٽ(Consonants)پڻ انگريزن کي اچاريندي ڏکيا لڳن ٿا. جيئن ته G کي خ پڙهن- جيئن اسان جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ جو نالو Gery آهي، پر کيس سڏيو خيري وڃي ٿو، جيڪو فلپينو، جپانين،اسپيني ماڻهن لاءِ اچارڻ کڻي ڏکيو هجي، پر اڙدو، سنڌي، هندي ۽ عربي زبانون ڄاڻندڙ لاءِ ڪو ڏکيو ناهي.
چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ ويهه ملين ماڻهو ڊچ زبان ڳالهائين ٿا، جن مان پندرهن ملين ته هتي نيدرلئنڊ (هالنڊ) ۾ ئي رهن ٿا. باقي پنج ملين ڀر واري ملڪ بيلجم ۾ رهن ٿا، جتي هو ڊچ زبان ٿوري معمولي فرق سان ڳالهائين ٿا، جنهن کي Flemish زبان سڏجي ٿو. جيئن سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ عربي ۽ فارسيءَ جا گهڻا لفظ استعمال ڪن ٿا. ان کان علاوه ڪيترن ئي هنڌن تي ٿوري گهڻي ڊچ ڳالهائي وڃي ٿي. جيئن ته انڊونيشيا ۽ سري نام (سائوٿ آمريڪا) جي ملڪن ۽ ڪولمبو (سريلنڪا) ۾ تمام گهٽ ماڻهو آهن، جيڪي ڊچ ڳالهائين ٿا. سائوٿ آفريڪا ۾ پاڻ ڪافي اتي جا ڪارا (Afrikaners) ڊچ زبان ڳالهائين ٿا، جيڪا سترهين صديءَ جي ڊچن جي پهچڻ تي اتي ڳالهائڻ شروع ڪئي وئي هئي. اها پنهنجو پاڻمرادو Develope ٿيندي رهي ۽ هتي هالنڊ ۾ جيڪا اڄڪلهه ماڊرن ڊچ زبان ڳالهائي وڃي ٿي ان کان به وڌيڪ آسان چئي وڃي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سائوث آفريڪا وارن ڊچ زبان کي وڌيڪ سولو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪجهه مونجهارو به پيدا ڪري وڌو آهي. جيئن اسان جي آفيس جو ڊچ سرويئر ٻڌائي رهيو هو ته فرٽيلائيزر (ولايتي ڀاڻ)لفظ کي سولو ڪرڻ جي ارادي سان ان جو جيڪو نئون ڊچ نالو رکيو ويو آهي، ان جي معنيٰ هٿرادو ڪاڪوس آهي.(ڇو جو ڍڳين جو ڇيڻي وارو ڀاڻ قدرتي ڪاڪوس آهي ۽ هي ڪارخاني ۾ ٺهيل ڀاڻ فرٽيلائيزر هٿرادو ئي ٿيو).

ڊچ انڊيز

ڏکڻ آفريڪا جي ڀر وارو سمنڊ ڪئريبين سمنڊ سڏجي ٿو، جنهن ۾ ڪيترائي مشهور ٻيٽ آهن: ڪيوبا، ٽرنيڊاڊ، هائتي، ڊومنيڪن ريپلڪ، جئميڪا، ائنٽيليز، ٽوباگو، وغيره وغيره، جيڪي ويسٽ انڊيز ٻيٺ سڏجن ٿا. انهن مان ائٽيليز ٻيٽن جي جهڳٽي تي شروع کان ڊچن جو چڱي طرح قبضو رهيو، ايتري قدر جو هي سمورو ٻيٽن جو جهڳٽو ڊچ انڊيز سڏائي ٿو. انهن ننڍن ننڍن ٻيٽن جا ڌار ڌار نالا: اروبا، بونائز، ڪوراسائو(Curacao)، ونڊورڊ، سابا، سينٽ مرٽن وغيره آهن، پر انهن ٻيٽن جو يڪو جهڳٽو نيدرلئنڊس ائنٽيلز (Antilles)يا ڊچ انڊيز سڏجي ٿو. انگريزن هندوستان، برما، ڪينيا،نائيجيريا ڇڏڻ وقت کين خودمختياري ڏئي پاڻ ٽپڙ کڻي هليا ويا. پوءِ جيتوڻيڪ ڪامن ويلٿ جهڙيون مسخريون ٺاهي، پنهنجو هڪ حد تائين واسطو رکندا اچن پر ڊچن کان بيوقوفي يا بقول اسان جي هوٽل جي ڊچ مئنيجر جي ”ڊچن کان اها غلطي“ ٿي وئي ته سائوٿ آمريڪا ۾ سري نامِ ۽ ڪئريبين سمنڊ ۾ Antilles ٻيٽن کي 1954ع ۾ آزادي يا خودمختياري ڏيڻ بدران ساڻن اهو معاهدو ڪيو ته اهي ملڪ ۽ هالنڊ هڪ ئي شهنشاهيت جي رعيت ٿي رهنداسين. هر ڳالهه ۾ برابر جا حصي وارا رهنداسين ۽ ڪابه ڪالوني يا رئيس نه رهندو.
هاڻ اهو معاهدو هنن ڊچن جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي. نيدرلئنڊ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن کان هر ڳالهه ۾ امير ۽ اُتم اتاهون ٿي ويو آهي، پر سري نام توڙي ائنٽيليز ٻيٽ اسان جي ايشيائي ملڪن کان به غريب ۽ پٺتي پيل آهن، پر هڪ ٻئي وٽ اچڻ جي اجازت هئڻ ڪري سري نام ۽ ائنٽيليز ٻيٽن جا ڪڻڪ رنگا ماڻهو هتي نيدرلئنڊ ۾ايندا رهن ٿا ۽ اهي سهولتون حاصل ڪن ٿا، جن تي مڪاني ڊچ ماڻهن جو حق آهي.

پاپئانيوگني ۽ ايريان جايا

انڊونيشيا جي ٻيٽن جي قطار ۾۽ آسٽريليا جي اتر ۾هڪ تمام ٻيٽ آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ نيوگني سڏبو هو ۽ هاڻ ان جو اڌ حصو پاپئانيوگني سڏجي ٿو ۽ اڌ ايريان جايا. هن ٻيٽ سان پڻ ڊچن جو ڪافي واسطو رهيو آهي.
نئين دنيا جي ڳولها ۾ هي ٻيٽ پهرين پورچوگالين ۽ اسپيني جهازين کي نظريو آيو. هتي جي رهاڪن جا گهنڊي وار ڏسي پورچوگالين ان جو نالو پاپئا رکيو معنيٰ گهنڊي وار ۽ اسپيني ماڻهن نيوگني نالو رکيو. هن ٻيٽ جي الهندي اڌ تي 1828ع ۾ ڊچن قبضو ڪيو ۽ 1880ع ۾ اڀرندي اڌ ٻيٽ جا ٻه حصا ڪري اڌ جرمنيءَ کنيو اڌ انگلنڊ وارن-جيڪو پوءِ آسٽريليا وارن کنيو. ڄڻ ڌرتي نه هجي ڪيڪ يا لولو هجي ۽ جن جي ڌرتي انهن جي ڳالهه به نه. بهرحال آسٽريليا ان سڄي اڌ جو نالو پاپئانيوگني رکيو. ڊچن وارو اڌ حصو جيڪو ايريان جايا سڏجي ٿو اهو 1963ع ۾ انڊونيشيا جو حصو ٿيو. آسٽريليا وارن پاپئانيوگني کي 1975ع ۾ آزاد رياست جو حق ڏنو.

ڊچ لڙايون

مهاڀاري، پاڻيپٽ يا آفيمي لڙائين وانگر ڊچ لڙايون(Dutch Wars)ٽي مشهور جنگيون آهن، جيڪي سترهين صديءِ ۾ انگلنڊ ۽ نيدرلئنڊس جي وچ ۾ لڳيون. رات ڪجهه عرب، انڊين ۽ فلپينو جهازي همراهه سي-مينڪلب ۾ يورپين تي بحث ڪري رهيا هئا ته”يورپ وارا ڪيڏو هڪ ٻئي سان پيار محبت ۾هلن ٿا. منجهن ڪا لڙائي جهڳڙو ناهي. اسان ايشين ۽ آفريڪن هڪٻئي سان وڙهندا وتون ۽ وڃون ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندا.“
بلڪل صحيح آهي. جنگ ۾ کٽڻ هارائڻ واريون ٻئي پارٽيون امن ۾ وقت گذارڻ واري پارٽيءَ کان غريب ۽ ڪمزور ٿيو وڃن. جيئن ايران عراق ۽ عراق ڪويت جي ڦڏن جو نتيجو ظاهر آهي. اهي ڳالهيون سڀ صحيح آهن پر اهو آهي ته جيسين اسان جي ملڪن کي اهي ڳالهيون ڌيان ۾ اچن. اسان جا ملڪ جنهن لولي يا ڪيڪ تي وڙهي فقير ٿي رهيا آهن، ٿي سگهي ٿو آخر ۾ ڪنهن کي به نصيب نه ٿئي ۽ وچان ئي ڪو ڪانگ کڻي وڃي.
بهرحال لڙايون، هڪٻئي سان ڦڏا يا ڪدورتون هجڻ جو اهو مطب هرگز ناهي ته اسين ايشيا يا آفريڪا جا ملڪ هڪٻئي سان ڦڏا فساد ڇڏي دوستيون ياريون نٿا ڪري سگهون. ضرور ڪري سگهون ٿا. يورپ جا ملڪ جيڪي اڄڪلهه هڪٻئي تان ساهه پيا صدقي ڪن، انهن جا اسان کان به وڏا هڪ ٻئي سان، جهيڙا هئا ۽ يورپ جي تاريخ اهڙين جنگين لڙائين سان ڀري پئي آهي. يورپ جا سڀ ملڪ ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ هڪٻئي جي خون جا اڃايل رهيا آهن. انگلينڊ ۽ هالينڊ جيڪي اڄڪلهه سڀ ۾ سٺا دوست سمجهيا وڃن ٿا، اهي به ماضيءَ ۾ وڙهندا رهيا، جنهن جو هڪڙو مثال مٿيون ٽي جنگيون آهن، جيڪي ڊچ لڙايون سڏجن ٿيون. انهن مان گهٽ ۾ گهٽ پهريون ٻه لڙايون مالي يعني واپاري مٿڀرائي(Commercial Rivalry) حاصل ڪرڻ لاءِ هيون. انگريزن پنهنجي اوسي پاسي توڙي ڏورانهن سمنڊن ۽ ايسٽ انڊيز (يعني انڊونيشيا، ملائيشيا، سنگارپور ۽ ويٽنام واري حصي) تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ ٿي چاهيو ۽ ڊچن پنهنجو زور ڄمائڻ ۽ مالڪ ٿيڻ چاهيو ٿي.
پهرين ڊچ لڙائي 1652ع ۾ لڳي، ٻي 1665ع ۾ ۽ ٽين 1672ع ۾. ٽئي لڙايون ٻه ٻه سال هليون. پهرين جو ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو، ٻي لڙائي ۾ ڊچ لنڊن مان وهندڙ ٿيمس نديءَ جي اندر تائين ڌوڪي آيا. پوءِ انگريزن کي ڀڄڻ لاءِ گهٽي سا ڏنائون پر سري نام پاڻ وٽ رکيو. ٽين ڊچ لڙائيءَ ۾ انگلينڊ جي لوئيس چوڏهين فرانس جي چارلس ٻئي سان گڏجي ڊچن تي حملو ڪيو ۽ فرينچن ڊچن جي ملڪ جو ڪافي حصو پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو، پر ڊچن ان جنگ ۾ به انگريزن کي ماري مڃايو. آخر ۾ وري فيصلا ۽ صلح ناما ٿيا ۽ انگريزن ڊچن کي سندن سمنڊ مان مڇيون ڦاسائڻ جي موڪل ڏني. مطلب اهو ته اها سڄي مار مارا ايڪانوميءَ جو چڪر هو. اهو جو انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته بکايل پيٽ وارو مرڻ مارڻ کان نه ڊڄندو آهي. Hungry man Angry man وارو چڪر هو. تنگ آمد جنگ آمد وارو حساب هو. جيسين يورپ وارن کي ڪجهه نه هو تيسين ڦرلٽ ڪندا رهيا. پنهنجو پاڻ ۾ وڙهندا رهيا ۽ هر هڪ گهڻي کان گهڻو ڦرلٽ ڪري پنهنجو گهر ڀرڻ چاهيو ٿي ۽ پوءِ جڏهن هر هڪ ضرورت کان وڌيڪ اچي ويو ته پوءِ ٻين لاءِ قانون ٺاهڻ لڳا ته هينئن نه ڪجي هونءَ نه ڪجي. ٻي جي ملڪ ۾ پورهئي ڪرڻ لاءِ به موڪل وٺجي، وغيره. بقول يمن جي مبارڪ جي هاڻ هر يورپي وٽ نه فقط ٽي ويلا پيٽ ڀري کائڻ لاءِ گهڻو ڪي ڪجهه آهي پر ايندڙ سڄي زندگيءَ لاءِ پڻ سڀ ڪجهه آهي،تڏهن ٿو هو آداب، فضيلت ۽ Etiquette جي ڳالهه ڪري. غريب ۽ بکايل ماڻهو ڪانٽي ڇريءَ تي ڇا خرچ ڪرڻ چاهيندو.
ڪنهن انڊين شاعر (شايد ساحر لڌيانويءَ) جو ”مادام“ نالي شعر جي هڪ سِٽ آهي ته:
”بهوک آداب کي سانچون مين نهين ڊل سکتي.“

ڊچ ويسٽ انڊيا ڪمپني

هيءَ ڪمپني اولهه انڊيا سان واپار ڪرڻ لاءِ نه پر ڏکڻ آمريڪا ۽ ڪئريبين سمنڊ جي ٻيٽن (جنهن کي ويسٽ انڊيز سڏجي ٿو) سان واپار ڪرڻ لاءِ 1621ع ۾ نيدرلينڊ ۾ کلي. هو آفريڪا جي الهندي ڪناري وارن بندگارهن ۽ اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جي بندرگاهن سان واپار ڪندا رهيا. نالي ۾ ته هنن هر قسم جو واپار ڪرڻ چاهيو ٿي پر اهم شيءِ غلامن جو واپار هو. آفريڪا کنڊ جي سگهارن شيدي جوانن کي ڌڪ هڻي بيهوش ڪري يا زنجيرن ۾ ٻڌي ان وقت جي خوفناڪ جهازن ۾ ڍوئي آمريڪا کڻي ويندا هئا. رستي تي ڪيترائي بک، گرمي، بيماري، سيءَ يا اُس اڃ وگهي مري ويندا هئا. ڪيترن کي ته ڪهي کين ۽ جهاز هلائيندڙن کي کارائيندا هئا. باقي زنده بچيلن کي آمريڪا تي قبضو ڪندڙ پورچوگيز، اسپيني ۽ ٻين يورپي زميندارن ۽ سيٺين وٽ نيلام ڪندا هئا. اهي هنن کان جهنگل ڪٽائڻ ۽ پوک ڪرڻ جهڙا ڪم وٺندا هئا. بقول اسان جي يونيورسٽي جي هڪ آفريڪن شاگرد جي”آمريڪا کي آفريڪا جي شيدين ٺاهيو پر هو پاڻ اڄ به انگ اگهاڙا. پيٽ بکيا ۽ بي گهر آهن. اڄ به هو زنده رهڻ لاءِ اوترو ئي آتا آهن، جيترو اڄ کان ٽي سئو سال کن اڳ ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ وقت! ڊچن آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن تي قبضو ڪيو، جهڙوڪ سلوادور (جيڪو ان وقت Bahia جي نالي سان سڏبو هو)، برازيل ويندي نيويارڪ شهر جنهن کي انهن ڏينهن ۾ نيو ايمسٽرڊام سڏيندا هئا، پر سڀ ملڪ ڊچن جي هٿ ۾ فقط ڪجهه وقت لاءِ رهيا. جيئن ايشيا جو سريلنڪا، انڊيا، ملايا وغيره. ان بعد پورچوگيزن، اسپينين يا انگريزن ديرو ڄمايو ٿي. فقط سري نام(ڊچ گيانا) ڊچن وٽ 1667ع کان وٺي ڪافي عرصو رهيو، جنهن جا هتي هالينڊ ۾ تمام گهڻا ماڻهو رهن ٿا ۽ اهي اصل ننڍي کنڊ جا گجراتي، بهاري، مرهٽا ۽ پنجابي آهن. پورچوگيز، اسپيني ۽ ٻيا يورپي آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن سان واپار وڙو ڪندا رهيا پر انهن ڊچن کي اوڏانهن اچڻ نٿي ڏنو. ڊچ ان بعد سئو سوا سال کن فقط سري نام ۽ هڪ ٻن ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن سان واپار ڪندا رهيا.

يورپين جي ڌارين لاءِ سوچ

رات جرمنيءَ جي ٽي وي چئنل RTL تان هڪ انگريزي فلم هلي رهي هئي. فلم چڱو اڳ شروع ٿي چڪي هئي، ان ڪري فقط آخري حصو ڏسي سگهيس. فلم BBC وارن Immigrants تي ٺاهي آهي، جيڪي آفريڪا جي غريب ملڪن مان يورپ ڏي نوڪري پورهئي، پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي پيٽ گذر لاءِ ظاهر ظهور يا لڪيو ڇپيو اچن ٿا. يورپي نٿا چاهين ته هي اچن، پر غريب آفريڪي به ڇا ڪن. ڪيڏانهن وڃن؟ جڏهن سندن ملڪ ۾ سڀ ڪجهه هو ته هو اتي ئي ويٺا هئا. بلڪه يورپي سالن تائين ان آفريڪا (۽ ايشيا مان) جاوا ڪندا رهيا، پر هاڻ اهي يورپي پورهئي مزوري لاءِ به انهن کي نٿا گهرائين جن جي ڪنهن زماني ۾ دولت لٽيائون. جن کي ڍڳن ڍورن وانگر وڪڻي پئسو ڪمايائون. جن کان زمينون کيڙائي، جبل ٽُڪرائي، پنهنجا شهر سرسبز ڪيائون.
هن فلم اهڙو گهرو اثر ڇڏيو جو ٻئي ڏينهن ڪنهن ڳالهه مان مزو نه اچي. چانهه جي گڏجاڻيءَ ۾ ان فلم جو ذڪر پنهنجن دوستن سان ڪرڻ وارو هوس ته ان ئي وقت هڪٻئي همراهه به ان فلم جي ڳالهه ڪئي. هن پڻ اها فلم اڌگابري ڏٺي هئي ۽ کيس پڻ يورپين جي اسان لاءِ ڌڪار محسوس ٿي رهي هئي. ساڳيو حال مون سان پڻ هو. ڪوشش ۾ آهيان ته راٽردئم جي ڪنهن وڊيو شاپ تان اها فلم ملي ته وري ڏسجي. آخر ۾ فلم ۾ ڪم ڪندڙن (Cast)جا نالا ڏيکارڻ مهل فلم جو نالو The Marchضرور نوٽ ڪيم. فلم ۾ ڏيکاريو اٿن ته آفريڪا کنڊ جي ملڪن جا غريب ماڻهو-سوڊان، سوماليا ۽ ايٿوپيا وغيره کان يورپ خلاف لانگ مارچ ڪري آفريڪا کنڊ جي ڇيڙي واري ملڪ موراڪو ۾ پهچن ٿا. بک، بيماري، بيروزگاري کان بيزار ٿي مهدي نالي پنهنجي ليڊر پويان هو يورپ اچڻ لاءِ سمنڊ جو اهو ننڍڙو حصو ٻيڙين رستي ٽپن ٿا، جتي ميڊيٽرينن ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ملن ٿا. جتي اسپين جو ڪنارو موراڪو جي ويجهو آهي. هو اهوئي چون ٿا ته ائين ڀلا ڇو آهي ته يورپ جي ماڻهن وٽ سڀ ڪجهه آهي ۽ اسان وٽ ڪجهه به نه. هو اسان جا پاڙيسري، اسان کان سڏ پنڌ پري، درياهه جي هن پار(ميڊيٽرينن سمنڊ جي ٻي پاسي) رهن ٿا پر هنن وٽ ضرورت کان وڌيڪ آهي ۽ اسان (آفريڪن) وٽ جيئڻ لاءِ بنيادي ضرورتون به پوريون نه آهن، کائڻ لاءِ پٽاٽو گجر به نه آهي، پيئڻ لاءِ ٻاڙو پاڻي به نه آهي!
سوڊان کان موراڪو پهچڻ لاءِ هو صحرا جو رڻ پٽ، جنگل ۽ ڏکيا هنڌ لتاڙي پهچن ٿا. منجهن جوش ۽ جذبو آهي ۽ دل ۾ پڪو ارادو آهي ته کين دنيا جي ڪا طاقت نه روڪيندي ۽ نه رستي جا ڏاکڙا. سندن يورپ ڏي وڌڻ جون خبرون يورپ ۾ پهچن ٿيون، جتي يورپ ڪميونٽي جي ملڪن جا واسطيدار عملدار پهرين ته ان کي ڪا اهميت ڏيڻ بدران درگذر ڪن ٿا. پر پوءِ هو ان تي سوچين ٿا ته ان مارچ کي روڪيو وڃي جو يورپ هرگز نٿو چاهي ته هڪ غريب کنڊ جا جاهل ۽ بيمار سندن ڌرتيءَ تي پهچي سندن مزو خراب ڪن ۽ يورپ وارا اهو به سوچين ٿا ته سندن پهچڻ بعد جيڪڏهن کين واپس موڪلڻ لاءِ زوري ڪبي ۽ گولي هلائبي ته دنيا جي نظرن ۾ يورپ جو اندروني روپ ظاهر ٿي پوندو ته هو فقط ٻاهرين ڏيک سان انسان همدرديءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، پر اندوني طرح ڪيڏا ظالم آهن.
ان مارچ کي روڪڻ لاءِ يورپ وارا ان هجوم ۽ سندس اڳواڻ ڏي رکي رکي پنهنجا ايجنٽ موڪلين ٿا ته هو ان کي قائم رکڻ بدران ختم ڪري ڇڏين پر ڪوبه راضي نٿو ٿئي۔ موراڪو پهچڻ وقت اهڙو هڪ ڳجهو يورپي ايجنٽ هجوم جي اڳواڻ مهديءَ کي مارڻ لاءِ لڪي پستول هڻي ٿو پر هو بچيو وڃي. مهدي کيس وراڻي ٿو:
”تون سمجهين ٿو ته مون کي مارڻ سان هي هجوم يورپ ڏي وڌڻ کان روڪجي ويندو ته تون غلط آهين. هن مارچ کي روڪڻو اٿئي ته مون سان گڏ هنن هزارين ماڻهن کي به مار. ڇا تون ايترن جو خون ڪري سگهندين؟ ڇا تنهنجي پستول ۾ ايتريون گوليون آهن؟ جي نه ته پوءِ فقط مون کي مارڻ سان ڪو فرق نه ٿيندو.“
ان بعد هي اڳواڻ يورپ ڏي منهن ڪري تقرير ڪري ٿو:
”اي يورپ وارو! توهان نٿا چاهيو ته اسان توهان وٽ اچون. اسان جي اچڻ تي توهان اهوئي چوندائو: ”ڇو آيا آهيو؟ اسين توهان لاءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهون.“ ته اسين اهو توهان کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته توهان اسان کي ٻيو ڪجهه نه فقط توهان ڏي يورپ ۾ ئي مرڻ ڏيو .... توهان جي گهٽين ۾ ئي مرڻ ڏيو، جيئن سڀان جو انسان ڪنهن غلط فهميءَ ۾ نه رهي ۽ هو توهان جي انساني همدرديءَ جون ڳالهيون ٻڌي اهو ياد ڪري ته سڀ ڪجهه هوندي به توهان اسان جي مدد نه ڪئي.“
يورپ کان آيل هڪ عورت شايد ڪنهن ملڪ يا يورپي ڪميونٽي جي حاڪمن طرفان وزير يا اڳواڻ آهي، اها پهرين ته يورپ ۾ يورپي ملڪن جي واسطيدار وزيرن کي سمجهائي ٿي ته اسان يورپين کي ايترو سخت نه ٿيڻ کپي. هڪ ئي ڌرتيءَ جي گولي تي رهون ٿا. اسان کي ضروتمندن جي مدد ڪرڻ کپي. ٻي جنگ عظيم کانپوءِ يورپ جي حالت ڏسو ڇا ٿي وئي هئي. آمريڪا طرفان اسان کي فنڊ طور رقم نه ملي ها ته اسان يورپين جي حالت اڄ آفريڪن کان به خراب هجي هئا، پوءِ اسان کي به ته زنده رهڻ جو حق ۽ مدد ملي. اڄ آفريڪن جي اسان ڇو نه مدد ڪريون، جڏهن ته هو شروع کان سکيا ستابا هئا. آفريڪا کنڊ جي ملڪن ۽ ماڻهن کي هن حال تائين پهچائڻ ۾ اسان جو به هٿ آهي. ٻيو نه ته ڀلا ڪجهه ماڻهن جي جٿن کي ته اچڻ ڏنو وڃي.“
پر سندس ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ ڪوبه تيار نه آهي. سڀ اهوئي چون ٿا ته اميگريشن جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري، جيڪڏهن ڪوبه آفريڪن يا ڌاريون يورپ جي ڪنهن به ملڪ (فرانس توڙي اسپين، اٽلي يا پورچوگال) جي ڪناري تي قدم رکندو ته ان کي شوٽ ڪيو ويندو.
هيءَ عورت نٿي چاهي ته انسان ذات جو خون وهي. ان دوران هي هزارين آفريڪن عورتون، مرد، ٻار، پوڙها ڦاٽل ۽ پراڻن ڪپڙن ۾، ڪيترائي پيرين اگهاڙا، ڏٻرا ۽ ضعيف سوين ننڍن ننڍين ٻيڙين ۾ چڙهي يورپ ڏي وڌن ٿا ۽ يورپ جي ڪناري تي پهچڻ کان اڳ هيءِ عورت اسپيڊ بوٽ ذريعي اڌ سمنڊ تي آفريڪن جي اڳواڻ سان هڪ دفعو وري ملي يورپ اچڻ کان منع ڪري ٿي. کين سمجهائي ٿي: ”اڃا به وقت اٿانو موٽي وڃو۔ هي يورپي جڏهن توهان کي نٿا چاهين ته ضد نه ڪريو. پنهنجي وطن موٽي وڃو.“
”تون اسان کي موٽي وڃڻ لاءِ ڪهڙي منهن سان چوين ٿي.“ آفريڪن جو اڳواڻ مهدي هن عورت کي چوي ٿو،” هڪ ٻه صديون اڳ جڏهن يورپ جي حالت ٿوري خراب ٿي ته يورپ جو هڪ هڪ ملڪ اسان کي لٽڻ ڦرڻ لاءِ آفريڪا جا ڳڀا ڳڀا ڪري پنهنجي جاگير ٺاهي مالڪ بڻجي ويٺو. اڄ جڏهن اسان کي ضرورت آهي ته توهان اسان کي نوڪر ڪري رکڻ لاءِ به راضي نٿا ٿيو.“
”منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ موٽي وڃو.“ هيءَ عورت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
”اسان ايترو اڳيان وڌي آيا آهيون جو هاڻ اسان لاءِ موٽڻ ناممڪن آهي. اسان کي غربت جو طرف ڏيکارڻ بدران يورپ ۾ ئي رهڻ ڏيو.“
”توهان جي ائين ضد ڪرڻ سان يورپ جي فوج توهان مٿان سخت قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويندي ۽ پوءِ انهن تي منهنجو وس هلي نه سگهندو ۽ آئون نٿي چاهيان ته دنيا خون خرابيءِ جون خبرون پڙهي. توهان کي اسين يورپ ۾ گهرائيندا رهنداسين پر ٿورا ٿورا ڪري، ضرورت مطابق، جيتري توهان غريب آفريڪن کي اسان اميرن جي پئسي جي ضرورت آهي، اوتروئي اسان کي توهان جي پورهئي جي ضرورت آهي، پر ائين ايڏي وڏي هجوم کي اسين هڪ ئي وقت پاڻ وٽ گهرائي نٿا سگهون. موٽي وڃو. مهرباني ڪري موٽي وڃو.“
”اسين هاڻ موٽي نٿا سگهون.“ غريب آفريڪن وراڻيو.
”جي نه موٽندائو ته يورپ جي ڌرتيءَ تي پير رکڻ سان هي يورپي ملڪن جي پوليس توهان تي گولي هلائيندي.“
”ڀلي هلائي. هونءَ به ته اسين جيئري ئي مئن برابر آهيون.“ آفريڪن اڳواڻ پڪي ارادي سان وراڻي ۽ هيءَ هڪ دفعو وري کيس ٿڌي دل سان سوچڻ لاءِ چوي ٿي.
”مون کي پنهنجو دوست سمجهي ان ارادي تان لهي وڃون. توهان جي موت بعد توهان جي پوين کي ڪو فائدو رسڻ بدران نقصان ئي رسندو.“
”ڪيئن؟“
”هيڏي خون خرابيءَ بعد يورپ توهان جي ماڻهن لاءِ دروازا بند ڪري ڇڏيندو. هينئر ضرورت موجب جيڪو اسين توهان کي ٿورا ٿورا ڪري گهرايون پيا اهو سلسلو به بند ڪري ڇڏينداسين. يورپ ڊپ، خوف، نفرت ۽ ڌڪار جون ديوارون اڀيون ڪري ڇڏيندو ۽ توهان هميشه لاءِ انهن ڀتين جي ٻاهر ٿي ويندائو. اسين يورپي پنهنجو پاڻ کي ان ڪوٽ اندر بند ڪري ڇڏينداسين ۽ پوءِ اهو ٿورو گهڻو توهان جو اچڻ به بند ٿي ويندو.“
اڳواڻ ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ايستائين موراڪو کان اسپين تائين سمنڊ جو ٽڪرو پار ڪري ٻيڙيون يورپ جي ڪناري تي پهچيو وڃن. هڪ ننڍڙو ٻار خوشيءَ مان پستول جو ٺڪاءُ ڪري ٿو ۽ ٻئي لمحي ”تارن جي هار“European Community جي نشان واري ٽوپي وارو بيٺل سپاهي بندوق جو گهوڙو دٻائي ٿو ۽ گولي لڳڻ سان ٻار زمين تي ڦهڪو ڪري ٿو. چوڌاري لڪيل سوين يورپي فوجي سامهون اچي وڃن ٿا ۽ اتي فلم ختم ٿئي ٿي.

ريل گاڏيون سمنڊ ڪيئن ٽپن ٿيون

ٻن هفتن کن لاءِ مون کي ۽ مختلف ملڪن کان آيل منهنجي ساٿين کي ناروي جي ڪجهه شهرن ۾ وڃي اتي جي ميريٽائيمAdministration آفيس جي ڪم ڪار کي ڏسڻو هو، جيڪي جهازن جي ڪَلَ پرزن کان وٺي هلڻ چلڻ تي ڪڙي نظر رکن ٿيون.
هن کان اڳ اسان جو سڄو گروپ ناروي جي گاديءَ واري شهر اوسلو وڃي چڪو هو، پر هن ڀيري ٻن ٻن ڄڻن جا گروپ ٺاهي ناروي جي ڏورانهن ۽ ننڍن بندرگاهن ۾ اسان کي موڪلي رهيا هئا. جهڙوڪ: اسٽيونگر (Stavanger) برگن، هئگ سنڊ وغيره.
اسان جي ويجهي دوست يمن جي مبارڪ ۽ فلپين جي گِلبرٽ کي Haugesund وڃڻو هو ۽ ان کان مٿي اتر ۾ ناروي جيجابلو بندرگاهه اليسنڊ (Alesund)۾ مون کي وڃڻو هو. منهنجي گروپ جو ٻيو همراهه ٿائلينڊ جو سوتي چائي هو. اسين چارئي خوش هئاسين ته ڪنهن آفريڪن يا سائوٿ آمريڪن سان گڏ هجڻ بدران پنهنجي ايشيا کنڊ جي ماڻهوءَ سان ٿيا آهيون. ڇو جو ڪجهه به هجي وري به اسان ايشيا جي ماڻهن جون عادتون، ڪلچر، کاڌو پيتو، رسم و رواج هڪٻئي سان ڪافي ملي ٿو. ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: چلي يا پيرو، بولويا يا ارجنٽائنا جي ماڻهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اسان لاءِ نراليون ٿيو پون ۽ اسان لاءِ گڏ رهڻ هڪ ٻئي لاءِ ڏکيو ٿيو پوي. ڪڏهن ڪڏهن غلط فهميون اسان ايشيا جي ماڻهن ۾ به ٿي پونديون آهن. جيئن ته مبارڪ جي عادت آهي ٻئي جي مٿي تي هٿ رکڻ يا چرچي چرچي ۾ ٻئي کي مٿي تي آهستي ڌڪ هڻڻ جيڪا اسان لاءِ کڻي اهڙي ڳالهه نه هجي پر ٿائلينڊ جو سوتي چائي يا ڪو ٻيو ان تي بگڙيو پوي. ڇو جو ٿائي ڪلچر موجب ٻئي جي مٿي تي هٿ نه رکجي، جيڪا ڳالهه مبارڪ کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي ۽ سوتيءَ جي دل ۾ ڪرڻ تي مبارڪ ويتر چڙ ڪندو آهي:”سوتي چائي! آهي ڇا؟ معمولي ڌڪ هڻڻ تي چڙيو پئين.“
”تون مون کي ڳل تي ٿڦڙ هڻ. پٺن تي ڌڪ هڻ، پر مٿي تي هٿ به نه رک.“ سوتي چوندو آهي.
”ڇو ڀلا؟“ مبارڪ چوندو آهي.
”مسٽر الطاف!“ سوتي چائي اهڙن موقعن تي مون کي سڏ ڪندو آهي، ”منهنجي انگريزي ڪمزور آهي مهرباني ڪري تون مبارڪ کي سمجهاءِ.“
۽ پوءِ آئون مبارڪ کي ٿائي ڪلچر بابت ٻڌائيندو آهيان. ”ٿائي هونءَ ماڻهو ڀلا آهن. صبر ۽ برداشت جو به ڏاڍو مادو اٿن(ٻين لفظن ۾ توهان عربن وانگر جذباني ۽ چيڙاڪ نه آهن) پر ڪي ڳالهيون ٿائي ماڻهو سخت دل ۾ ڪن ٿا. جهڙوڪ: مٿي تي هٿ لائڻ يا ٽنگ ٽنگ تي رکي بوٽن جو ترو هنن ڏي ڪرڻ، وغيره.“
بهرحال انهن ننڍين ڳالهين جي باوجود هڪ ايشيائي سان گڏ رهڻ ۾ ايتري تڪليف ۽ مونجهارو ناهي، جيترو ڏکڻ آمريڪي يا آفريڪا جي چاڊ، نائيجر، موزمبق يا ملاوي جي باشندي سان.
ناروي وڃڻ لاءِ هر گروپ کي شهرن مطابق مختلف وقتن جي اڏامن ۽ بحري جهازن جون ٽڪيٽون مهينو کن اڳواٽ مليون ۽ هر هڪ جي رهائش جو بندوبست پڻ ان شهر جي هوٽل ۾ يونيورسٽي وارن اڳواٽ ڪري ڇڏيو هو.
مون کي ۽ سوتي چائيءَ کي بس ذريعي گهر کان مالمو جي بندرگاهه تائين اچڻو هو. جتان ستين بجي صبح ساڻ ڪوپن هيگن(ڊئنمارڪ) لاءِ هلندڙ هُوور-ڪرافٽ ذريعي ڪوپن هيگن هوائي اڏي تي پهچڻو هو. مالمو کان ڪوپن هيگن ۽ واپس مالمو (سئيڊن) ڪيترن ئي قسمن جا بحري جهاز سڄو ڏينهن ايندا ويندا رهن ٿا. هڪ ته وڏيون فيريون آهن جن ذريعي ماڻهو ۽ ڪارون ته ڇا سڄيون بسيون ۽ ريل گاڏيون بالٽڪ سمنڊ ٽپن ٿيون، انهن فيرين جي هيٺين ڊيڪ تي ريل جا پٽا فڪس ٿين. سندن اڳ ۽ پٺ جو مٿيون حصو کڄيو وڃي ۽ فيريءَ جا پٽا بندرگاهه جي پٽن سان ڀچي بيهن. ريل گاڏي اسٽيشن کان هلندي بندرگاهه مان ٿيندي سڌو فيريءَ ۾ اندر گهڙي ويندي آهي. ڊئنمارڪ، جرمني، بيلجم يا پولينڊ جي بندرگاهن ۾ ساڳي بندوبست ذريعي ٻاهر نڪري ايندي آهي.
بسين يا ڪارن جي بيهڻ لاءِ ڪجهه مٿڀرو ڊيڪ ٿئي ۽ فيريءَ جا سڀ کان مٿاهان Decks مسافرن جي رهائش، ريسٽورنٽ ۽ دڪانن لاءِ ٿين.
انهن وڏين فيرين کان علاوه ٻيون ننڍيون فيريون پڻ هلن ٿيون، جيڪي ٻه کان ٽي سئو کن ماڻهن کڻن. اهي فيريون Catamaran سڏجن ٿيون. اهي پني مان ٺاهيل ڪنڊي ٻيڙين وانگر ٿين. پر کين تري ۾ هڪ بدران ٻه ڪنڊا((Keels ٿين. ان کان علاوه هوور ڪرافٽ هلن جيڪي خچر وانگر نه گهوڙا آهن ۽ نه گڏهه. اهي نه هوائي جهاز آهن ۽ نه پاڻيءَ جا جهاز بلڪه انهن کي وچ وارا جهاز چئي سگهجي ٿو.
هوور ڪرافٽ(Hoover Craft)جهاز پاڻي توڙي زمين تي بيهي سگهي ٿو پر هلڻ وقت سمنڊ کان اڌ ميٽر کن مٿي اڏامندو آهي. سندس ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هوا جو ڦوڪڻو هوندو آهي. هوور-ڪرافٽ مالمو کان ڪوپن هيگن جي بندرگاهه ۾ آڻڻ بدران سڌو ايئرپورٽ تي اچيو ڇڏي.
سو ناروي جي ان ٽوئر لاءِ اسان کي مالمو کان هوور ڪرافٽ ذريعي ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تي اچڻو هو جتان ڪلاڪ ٻن بعد اوسلو(ناروي) ويندڙ هوائي جهاز ۾ چڙهڻو هو. يمن جي مبارڪ ۽ فلپين جي گلبرٽ کي به اوسلو تائين ساڳيو هوور ڪرافٽ ۽ جهاز وٺڻو هو ان بعد ڌار ڌار اڏامن ۾ اسان کي اليسنڊ ۽ هنن کي هيگ سنڊ روانو ٿيڻو هو.

ڌارئين ناڻي مٽائڻ جو مسئلو

مالمو جي بندرگاهه ۾ صبح جو ستين بجي پهتاسين ته خبر پئي ته سوتي چائيءَ کي ڪو ضروري ڪم ٿي پيو سو هڪ ڏينهن اڳ لنڊن هليو ويو. فلپين جي گلبرٽ جي طبيعت خراب ٿي پوڻ ڪري سندس گروپ مان فقط مبارڪ موجود هو.
”هاڻ ته ٻئي اڪيلا اڪيلا بور ٿينداسين.“ مون مبارڪ کي چيو.” ان کان ته بهتر هو ته پاڻ ٻئي هڪ گروپ ۾ هجون ها.“
ڪوپن هيگن پهچي اسڪينڊينيوين ايئر سسٽم(SAS) جي دخل تان معلوم ڪيوسين، پر هنن ٻڌايو ته جنهن کي جنهن شهر ۽ اڏام جي ٽڪيٽ آهي ان کي اوڏانهن وڃڻو پوندو، جو هيءَ ٽڪيٽ نه واپس ٿي سگهي ٿي نه بدلائي سگهجي ٿي. ايتري قدر جو اسان جا ٻه ڪلاس ميٽ جيڪي پهچي نه سگهيا انهن جون ٽڪيٽون ضايع ٿيون. مبارڪ کي چيم ته هاڻ سڄو هفتو اڪيلو ٽوئر ڪرڻي پوندي.
ڪوپن هيگن کان اوسلو ڏي ويندڙ فلائيٽ ۾ اڃان ڪلاڪ هو، سو وقت گذارڻ لاءِ مبارڪ ۽ آئون ڪوپن هيگن ايئرپورٽ جا چڪر هڻڻ لڳاسين جيڪو دڪانن ۽ شاپنگ کان مشهور آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هتي دڪان ۽ سامان جو تمام وڏو تعداد وڪامي ٿو- خاص ڪري سگريٽ، عطر، شراب، چاڪليٽ، پرس، واچون ۽ ڪپڙا وغيره، پر ڇا ته سندن قيمتون آهن. ڊيوٽي فري هوندي به هر شيءِ سنگاپور، ٿائلينڊ، دبئي جي عام مارڪيٽن کان به مهانگي آهي. خبر ناهي ڪيئن اسان جا ماڻهو ولائتي عطر، جوراب، رومال، واچون، صابڻ هن ايئرپورٽ جي هنن ڊيوٽي فري دڪانن تان وٺي گد گد ٿي واپس وطن اچن ٿا. ان کان سستي اگهه ۾ شيون ته ڪراچيءَ جي موتن داس مارڪيٽ ۽ حيدرآباد جي ريشم گلي ۽ گل سينٽر ۾ ملن ٿيون.
مبارڪ کي چيم: ”تنهنجو دماغ توائي ٿي رهيو هوندو. تون بيئر چاڙهڻ جو سوچي رهيو هوندين.“
”نه.“ هن وراڻيو، ” اڪيلو پيئڻ ۾ مزو ناهي. گلبرٽ جهڙي جي ڪمپني هجي ها ته سٺو.“
۽ پوءِ ٿوري دير هيڏانهن هوڏانهن جهاتيون پائي، ٻه دفعا ٽئاليٽ جا ۽ هڪ دفعو ڪافي هائوس جو ڦيرو ڪري چيائين:
”الطاف! اتي ئي ويٺو آهين نه ؟“
”ها-ڇو ؟ پڇيومانس.
”منهنجي بئگ جو خيال رک ته آئون اچان ٿو.”مبارڪ چيو ۽ پوءِ ڏهه پندرهن منٽن بعد موٽيو ته سندس هٿن ۾ پلاسٽڪ جا ٻه وڏا ٿيلها هئا جن ۾ ٻارهن کن بيئر جا دٻا ۽ هڪ ٻه وسڪيءَ جون بوتلون هيون.
”ڇو!“، مون وائڙو ٿي پڇيومانس،”تو ته اڃا هاڻ چيو ته هن ٽوئر ۾ نه پيئندين؟“
”بس گلبرٽ ته آيو ئي ڪونه. هاڻ آئون اڪيلو هوٽل جي ڪمري ۾ ويهي ڇا ڪندس. دل وندرائڻ لاءِ ڪجهه ته هجي.“
ٿوري دير هتان هُتان جون خبرون ڪري آئون اٿيس.
”ڪيڏانهن؟“ مبارڪ پڇيو.
”ناروي پيا هلون پر مون وٽ ناروي جا پئسا ته بنهه ناهن. ناروي پهچي ايئرپورٽ تي ڪو وٺڻ نه اچي ته بس يا ٽئڪسيءَ جو ته ڀاڙو هجي. اليسنڊ جي ننڍڙي ايئرپورٽ تي ڪير پئسا مَٽي ڏيندو. تو وٽ آهن؟“ مون مبارڪ کان پڇيو.
”آئون (مالمو) سئيڊن مان ئي فوريڪس دڪان تان مٽائي نڪتس. بئنڪون سٺو اگهه نٿيون ڏين.“ مبارڪ سامهون بئنڪ ڏي شڪل بڇڙي ڪندي چيو.
”اها ڳالهه ته صحيح آهي پر هاڻ اهو ڦاهو ڦڪڻ لاءِ اٿان ٿو.“ مون چيو.
ٻٽونءَ مان پنج سئو سئيڊش ڪرونن جو نوٽ ڪڍي بئنڪ جي ڪئش تي ويٺل عورت کي پئسا مٽي ڏيڻ لاءِ چيم.
”پنج سئو سئيڊش ڪرونن جا نارويجن ڪرونا ڏي.“ ڪئشر عورت ڪئلڪيوليٽر تي حساب ڪري پنج سئو ڪرونن جي عيوض چار سئو ڪرونا ڏنا. سئيڊن ۽ ناروي جي ڪروني(روپئي) ۾ اوڻهين ويهن جو فرق ضرور آهي پر ايترو به ناهي جيترو انب ۽ آلو بخاري ۾ آهي.
”سئيڊن جي پنج سئو ڪرونن جا ٿيا. ڊئنمارڪ جا ٽي سئو نوي ڪرونا ۽ انهن ڊئنش ڪرونن جا ٿيا چار سئو ويهه ناروي جا ڪرونا.“ هن خاتون حساب ڪري ٻڌايو.
”پر تو مون کي چار سئو ڪرونا ڏنا آهن؟“ مون پڇيو.
”ويهه ڪرونا اسان جي ڪميشن ٿي. آخر ايئرپورٽ جهڙي مهانگي هنڌ تي ڏيتي ليتي ويٺا ڪريون، اسان کي به ته ڪٿان خرچ پکو ڪڍڻو آهي.“ هن واپاري لهجي ۾ ٻڌايو.
”پر سئيڊن جا پئسا سنئون سڌو ناروي جي پئسن ۾ بدلائڻ بدران پهرين ڊئنمارڪ جي پئسن ۾ ڇو بدلائي؟“ مون اعتراض ڪيو. مڃان ٿو ته مون ڪا وڏي رقم نه پئي بدلائي. ۽ جتي منهنجي اڳيان ڪيترائي ماڻهو نوٽن جو ٿهيون بدلائي پئي ويا، اتي منهنجو اڪيلو سڪيلڌو پنج سئو ڪرونن جو نوٽ ڇا حيثيت رکي ٿو! پر مون غريب لاءِ ته پنج سئو ڪرونا يعني پاڪستاني اڍائي هزار رپيا وڏي ڳالهه هئي. مرتا ڪيا نه ڪرتا وانگر سڄي ايئرپورٽ تي پئسا مٽائڻ جو اهو ئي واحد هنڌ هو ۽ پئسا مٽائڻ به ضروري هئا. سو هي ته ڇا انهن جو اڌ ڏئي ته به مرڪي وٺڻا هئا. پر ساڳي وقت معلوم ڪرڻ جو حق به رکيم ٿي ته هن عورت ايڏو اڻانگو حساب ڇو ڪيو آهي.
”هڪ ملڪ جو ناڻو ٻئي ملڪ جي سڪي ۾ بدلائڻ کان اڳ اسان کي پنهنجي ملڪ جي ناڻي ۾ بدلائڻ ضروري آهي. اهو اسان جي ملڪ جو قانون آهي.“ هن مرڪندي ٻڌايو. پوءِ ڪئلڪيوليٽر مشين مان نڪتل پني تي ڇپيل بل ڏي اشارو ڪندي چيو:
”۽ هي جيڪي ڏهه ڪرونا ڪٽيا اٿم اهي ان جي ڪميشن آهي.“
”ڏاڍي ٻڌائي“، مون به کلندي چيو مانس. ” يعني کايا پيا ڪڇ نهين، گلاس توڙا باره آنا“ وارو حساب ٿيو. گذريل هفتي مون توکان جڏهن سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي ناڻي جو اگهه پڇيو هو ته ان وقت ته ٿو ڪجهه ٻيو ئي ٻڌايو هو.“
”اسان جا هميشه ٻه اگهه آهن. هڪ خريد ڪرڻ جو ۽ ٻيو وڪڻڻ جو.“ هن ٻڌايو.
”اهو ته نسوروئي يهودين وارو حساب ٿيو، جنهن جي ڪنهن ٻار کان پڇيو ويندو آهي ته، ٻه ۽ ٻه گهڻا ٿيا، ته وراڻيندو:”جي ڏيڻا اٿم ته ٽي ۽ جي وٺڻا اٿم ته پنج.“
اسين کلڻ لڳاسين. شيشي جي ڀتين پويان پري کان مبارڪ هٿ جي اشاري سان پڇيو ته ڪهڙي ڳالهه آهي. کيس هٿ جي ئي اشاري سان ورندي ڏنم ته ڪا ڪانهي. اچان پيو.
”خبر اٿئي“، عورت چيو، “ اڃان ته رڳو ڪميشن ڪٽي اٿم. ان تي لڳندڙ سرڪاري ٽئڪس نه ڪٽيو اٿم. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ٻئي سال کان ٽئڪس به ڪٽڻو آهي. سرڪار بئنڪن ۽ ناڻو مٽي ڏيندڙ ايجنسين تي ٽئڪس هنيو آهي، سو ظاهر آهي اسان پنهنجي کيسي مان ته نه ڏينداسين. گراهڪ کان ئي وٺنداسين.“
مون هارايل جواريءَ وانگر مليل سئو سئو جا چار نوٽ سڌا ڪري ٻٽونءَ ۾ وڌا. ”منهنجي خيال ۾ آئون هتان جلد غائب ٿي وڃان نه ته هتي بيهڻ جي مسواڙ به ڪٽي وٺندينءَ، جيڪي ڏنو اٿئي ان کي رب جي رضا سمجهي راضي ٿي وڃان. ڪٿي ڪڪڙ واري مائيءَ جو حال نه ٿئي.“
مون کيس ان ڪڪڙ واري مائيءَ جي ڳالهه ٻڌائي جيڪا حج تي وڃڻ کان اڳ پنهنجي ڪڪڙ پاڙي واري ساهيڙيءَ وٽ ڇڏي وئي. چئن مهينن بعد موٽي اچڻ تي پاڙي واريءَ کيس ڪڪڙ موٽائي ڏيڻ کان پڙ ڪڍي بيٺي. چي تنهنجي ڪڪڙ جي سار سنڀال تي جيڪو منهنجو خرچ آيو آهي ان جي حساب ۾ مون ڪڪڙ رکي آهي.
”اهو وري ڪيئن؟“ حَج تي وڃڻ واريءَ عجب مان پڇيو.
”تنهنجي ڪڪڙ کي روزانو جيڪا اَن مٺ کارائيندي هيس سا هڪ روپئي جي ته ضروي ٿيندي. ان حساب سان تنهنجي ڪڪڙ مهيني ۾ منهنجو ٽيهين روپئي جو اَنُ کائيندي هئي ۽ چئن مهينن ۾ سندس کاڌل اَنُ هڪ سئو روپين کان به مٿي ٿي ويو. سو هاڻ يا ته پنهنجي چالهين روپئي جي ڪڪڙ واپس وٺڻ جي پچر ڇڏ يا منهنجو خرچ هڪ سئو ويهه روپيا ڀري ڏي. اڃان ته تو کان وٺيون صاف ڪرڻ جي مزدوري نٿي وٽان.“
”سو هاڻ تو به جيڪي ڏنو آهي اهو خوش ٿي وٺي توکان کلي موڪلايان نه ته ماڳهين ٻيا حساب نه ڪڍي ويهين.“

هر ايئرپورٽ تي پاڪستانيءَ لاءِ مسئلو

ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تي مَني چئنجر جي دڪان مان ٻاهر نڪتس ته مبارڪ واچ ڏي اشارو ڪري سامهون لڙڪيل ٽيليويزن سيٽن جي Screen ڏي اشارو ڪيو، جن تي هر اڏام جو نمبر، ٽائيم ۽ گيٽ نمبر اچي رهيو هو ته ڪهڙي دروازي وٽ ڪهڙي اڏام وارو هوائي جهاز بيهندو جيئن مسافر اوڏانهن روانا ٿين. ڪوپن هيگن هوائي اڏو هن تر ۾ سڀ ۾ وڏو اڏو آهي. يورپ جي مختلف ملڪن يا ٻين کنڊن ڏي ويندڙ، توڙي ڊئنماڪ جي مختلف شهرن ۽ اسڪينڊينيوين ملڪن ڏي ايندڙ مسافرن جو لنگهه هتان ٿئي ٿو. ان لاءِ هوائي ڪمپنين توڙي مسافرن جي مختلف ضرورتن لاءِ گهڻي کان گهڻو بندوبست ٿيل آهي. جهڙوڪ جهازن جي مرمت. ٻارڻ لاءِ تيل(Octane)جي خريداري، رهائش لاءِ هوٽلن جي گهڻائي، تار، فئڪس، فون(Communication) ۽ شاپنگ جو بندوبست وغيره ٿيل آهي. نتيجي ۾ هر ننڍي توڙي وڏي فلائيٽ هتي ڪوپن هيگن اسٽاپ ڪرڻ چاهي ٿي. ٻين لفظن ۾ ڪوپن هيگن جو ايئرپورٽ ڪوٽڙي يا روهڙي جنڪشن آهي. جتان مسافر آسانيءَ سان نه فقط ريلون بدلائي سگهن ٿا پر بسين ۽ ٽانگن ذريعي ماتلي، مٽياري، حسين آباد، وحدت ڪالوني، ملڪ پاڙو ۽ شيدي پاڙو جهڙن هنڌن ڏي آرام سان روانا ٿيو وڃن.
اسان کي اوسلو ڏي ويندڙ اڏام جو وقت معلوم هو پر اليڪٽرانڪ بورڊ ذري ذري ڏسڻو پيو ٿي ته ڪهڙي دروازي تان مسافر چڙهندا. ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تي چاليهه کن دروازا ۽ مسافرن جي وهڻ لاءِ اوترائي انتظار گاهه آهن، جتان هو پنهنجي پنهنجي هوائي جهاز ۾ چڙهي پنهنجي پنهنجي منزل ڏي روانا ٿي سگهن ٿا.
”ذري ذري اليڪٽرانڪ بورڊ ڏي اسان کي ڏسڻ جي تڪليف ڏيڻ بدران، ايئرپورٽ وارا انائونس ڇو نه ٿا ڪن؟“ مبارڪ چيو.
”ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿئي. اٿي بيهي ڏسڻ بدران هتي ويٺي ويٺي معلوم ٿي وڃي ها.“ مون وراڻيو مانس پر پوءِ حساب لڳايم ته هر اڏام جي اچڻ ۽ وڃڻ جو فقط هڪ دفعو به اعلان ڪيو وڃي ته مسافرن لاءِ ايئرپورٽ تي ويهڻ عذاب ٿي وڃي. ڇو جو هر ڪلاڪ ۾ ٽيهه کن اڏامون اچن ۽ وڃن ٿيون. هڪ اعلان تي جي منٽ ڏيڍ به لڳي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته لائونڊ اسپيڪر تان هڪٻئي پويان رڳو اعلان ٿيندا رهن.
اسان جي Oslo(ناروي) لاءِ اڏام ساڍي ڏهين بجي هئي ۽ ڏهين کان ساڍي ڏهين تائين ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تان مختلف هنڌن ڏي اڏامون (Departure)هن ريت هيون:
بخاراست (رومانيا)، اسٽاڪهوم (سئيڊن)، لنڊن (انگلينڊ)، مانچسٽر (انگلينڊ)، پئرس (فرانس)، هيلسنڪي (فنلينڊ)، هئمبرگ (جرمني)، فرئنڪفرٽ (جرمني)، گلاسگو (برطانيا)، لسبن (پورچوگال)، گوتابرگ (سئيڊن) ۽ اوسلو (ناروي)- جنهن ۾ اسان کي وڃڻو هو ۽ اهڙيون پندرهن کن اڏامون ان اڌ ڪلاڪ ۾ اچڻيون (Arrivals) هيون.
پوري ساڍي ڏهين بجي SAS جي جهاز ڪوپن هيگن کان Take off ڪيو ۽ ڪلاڪ بعد اوسلو هوائي اڏي جي Run Way تي لٿو.
”جيترو هوائي جهاز جو سفر ٿئي ٿو ان کان ٻيڻو وقت هوائي اڏن تي پهچڻ ۽ انتظار ۾ گذري ٿو.“ مبارڪ چيو.
”هائو. صبح جو ڇهين بجي گهران نڪتا آهيون ۽ ٻارهن ٿا ٿين پر اڃا اوسلو مس پهتا آهيون. ڇهه ڪلاڪ ته ٿي ويا. ان کان مالمو کان بس ۾ چڙهون ها ته اڌ خرچ ۾ هن کان به اڳ منزل تي پهچي وڃون ٿا.“ مون وراڻيومانس.
”هاڻ وري ٻي فلائيٽ لاءِ هتي ٻه ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو آهي.“ مبارڪ چيو.
”تنهنجي ته ٻن ڪلاڪن بعد ٻي بجي Haguesund لاءِ اڏام آهي. منهنجو سوچ ته مون کي ته پنج ڪلاڪ هتي انتظار ڪرڻو آهي. جو جنهن شهر (اليسنڊ) مون کي وڃڻو آهي ان جي اڏام پنجين بجي آهي.“
ڪوپن هيگن کان اوسلو تائين هوائي جهاز ۾ ڪافيءَ جو ڪوپ ۽ سئنڊوچ ملي، جيڪا پنير ۽ گوشت جي سنهي تهه جي ٺهيل هئي. ايئرهوسٽس کان گوشت جي پڇا ڪئسين.
”پورڪ ناهي باقي ٿي سگهي ٿو بيف يا ڪو ٻيو گوشت هجي.“ هن وراڻيو.
اتي چيف اسٽيورڊ اچي لنگهيو تنهن ٻڌايو ته ان ۾ ٽرڪي (ڪڪڙ) جو گوشت آهي.
مبارڪ ان وقت باٿ روم ۾ ويل هو، موٽي اچڻ تي ڪافيءَ جو ڍڪ ڀري سئنڊوچ لاءِ پڇائين ته آيا کائبي يا نه.
”منجهس خنزير ناهي. ٽرڪي آهي. چئين ته وري پڪ ڪريون.“ مون چيومانس.
”هاڻ ته مون چڪ به هڻي ڇڏيو. بس ذري ذري ڇا پڇبو.“مبارڪ چيو.
”صحيح ٿو چوين. اسان جي ان بابت گهڻي پُڇ پُڇ تي هتي جا ماڻهو ڪاوڙجن ٿا. هونءَ پڇڻ جو اهو بهتر طريقو نه آهي. مالمو ۾ اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني همراهه وزير سومري مونکي ٻڌايو ته اهڙن موقعن تي هو هميشه هنن کي ٻڌائيندو آهي ته هو پورڪ کان الرجڪ آهي.“
اوسلو تائين ڪا خاص ڳالهه نه ٿي، بس لهڻ وقت جيڪا ايئرپورٽ تي اسان غير گورن ۽ خاص ڪري پاڪستان، بنگلاديش ۽ يمن جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن سان وٺ پڪڙ ٿيندي آهي اهو ئي ٿيو. ڀريل ٻيڙيءَ ۾ واڻئي جو کولو ڳرو. سئو سوا سئو مسافرن جي قطار مان اميگريشن وارن مون کي ۽ مبارڪ کي سڏ ڪيو جو ٻيا سڀ اڇي کل ۽ ڀورن وارن وارا هئا. ويتر جو خبر پين ته پاڪستاني آهيان ته منهنجي پاسپورٽ جو هڪ هڪ صفحو ڪري ڏسڻ لڳا ته متان غيرقانوني طرح سندن ملڪ ۾ گهڙي رهيو هجان ۽ هڪ دفعو گهمڻ بهاني گهڙي پوءِ چوان ته احمدي (قادياني) آهيان يا پيپلز پارٽيءَ جو ماڻهو آهيان واپس وطن نه ويندس جو مون کي اسان جي حڪومت ماري ڇڏيندي.
ان قسم جا ڪيترائي مثال ملندا. اصل ۾ احمدي يا پيپلز پارٽي جي غريب ورڪرن ضيا توڙي نواز شريف جي ڏينهن ۾ پنهنجي وطن ۾ ئي ڏکي زندگي پئي گذاري. ڪيترائي موقعي پرست پاڻ کي احمدي يا ٻئي ڪنهن مظلوم طبقي جو چورائي، ڪوڙا سچا ظلم جا داستان ٻڌائي ڌارين ملڪن جي Citizenship وٺي ويا ٿي. سندن انهن ڳالهين مان حڪومت ۽ ملڪ جي بدنامي ٿئي ته ڀلي ٿئي، پر کين ولائت ۾ رهڻ جو موقعو ملڻ کپي.
هڪ سيالڪوٽ جو همراهه آمريڪا ۾ مليو. سڄو ڏينهن پيپلزپارٽي کي گاريون ڏيندو هو. پوءِ خبر پيئي ته هو پاڻ، زال ۽ ٻارن سميت اهو چئي آمريڪا ۾ رهيل آهي ته هو پيپلز پارٽي جو ماڻهو آهي ۽ ضيا جي حڪومت کان هن کي موت جو ڊپ آهي.
سو اهڙي قسم جا موقعي پرست ماڻهو گهڻائي ملندا، جيڪي جنهن جو نالو استعمال ڪري فائدو وٺن ٿا ان کي سڌ سماءَ به نه هوندي ته سندس نالي کي ڪيڏو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي. هو پنهنجي معمولي فائدي لاءِ ملڪ ۽ قوم کي ذليل ڪندي ويرم نٿا ڪن. ايتري قدر جو پنهنجو دين ڌرم به بدلايو ڇڏين. ظاهر آهي ته ان ملڪ جا ماڻهو جتي ڪٿي شڪي نگاهن سان ڏٺا وڃن ٿا، پوءِ انهن ۾ کڻي ڪجهه ايماندار ۽ قانون جي عزت ڪرڻ وارا به هجن.

اوسلو جي هوائي اڏي تي انتظار

اوسلو جي ايئرپورٽ تي اميگريشن مان جان ڇڏائيسين ته ڪسٽم وارن بئگ کولي هڪ هڪ شيءِ جانچي ڏٺي. مبارڪ کي چيم:
”ڏٺئه. اڃان تو پئي چيو ته گهران ڀوڳاڙو يا چڻن جو حلوو ٺهرائي کڻي هلون. هتي جي ڪسٽم ڊپارٽمينٽ کي ڪهڙي خبر ته اها کائڻ جي شيءِ آهي. جيسين ان جي Chemical Analysis ٿئي، تيسين ان کي چرس يا هيروئن سمجهي يا ڪا ٻي نشي جي شيءِ جو اعلان ڪري پاڻ کي بدنام ڪن ها. ان ڪري هڪ پاڪستانيءَ جي حيثيت ۾ هر ڪم سوچي سمجهي ڪرڻو پوي ٿو جو پوءِ اجايو ايئرپورٽ تي اتي جو عملو غلط فهميءَ ۾ پوي.“
ناروي جي بين الاقوامي ايئرپورٽ تان نڪري Domestic Flight واري حصي ۾ آياسين. مبارڪ جي اڏام جو گيٽ نمبر ظاهر ٿي چڪو هو سو هو خدا حافظ چئي سورهين نمبر گيٽ ڏي روانو ٿيو. جتان کيس ساڳي ڪمپني SAS جو هڪ ننڍو جهاز هيگ-سنڊ وٺي روانو ٿيڻو هو.
مون کي ناروي جي ايئر ڪمپني Baathens جي هوائي جهاز ذريعي پنجين بجي اوسلو کان اليسنڊ روانو ٿيڻو هو. چار پنج ڪلاڪ ايئرپورٽ تي گذارڻ لاءِ ڪنڊ ۾ رکيل صوفا سيٽ تي پٿل ماري ويٺس. ڪڏهن ڪڏهن وقت ڏاڍو انگهي پوندو آهي. هينئر ته هونءَ به ڊگهو وقت هو جيڪو نارمل نموني سان گذرڻ ۾ ئي ڇني پٽي رهيو هو.
وقت گذارڻ لاءِ ڪجهه وقت دريءَ کان ٻاهر برف باريءَ جو نظارو ڏسندو رهيس ته ڪجهه وقت ڪنهن اڏام مان لٿل يا ان ڏي ويندڙ رنگا رنگ مسافر ڏٺم ٿي. يا وري اوسلو جي ايئرپورٽ کي ٻهاري ڏيندڙ ۽ ڪچري جا دٻا خالي ڪندڙ پاڪستاني مردن ۽ ماين کي ڏٺم ٿي. ڊگهن وارن ۽ ڳچيءَ ۾ لڙڪيل سوني تند سان هو پوچي سان ايئرپورٽ جو فرش به صاف ڪري رهيا هئا ته رکي رکي پاڻ ۾ پنجابيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هڪ ٻن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيم. پاڻ ڪنهن ننڍي ڳوٺ کان ٻن ٽن سالن کان هتي رهيل آهن. کين انگريزي يا اردو به چڱي طرح نٿي آئي پر بيحد خوش هئا جو کين مهيني ۾ پاڪستاني ڏهه پندرهن هزار رپين جيترا ناروي جا ڪرونا پگهار طور مليا ٿي- جنهن پگهار جيترو پئسو تَرَ جو تپيدار يا ڳوٺ جو زميندار ڀلي فصل مان به نٿو ڪمائي سگهي. نه هنن ۽ نه مون ان حقيقت کي آندو ته پاڪستان ۾ ڊبل روٽي نائين ڏهين روپئي ملي ٿي ۽ هتي اسي نوي روپئي. پاڪستان ۾ مهانگا مهانگا پٽاٽا به ڏهين روپئي سير آهن. هتي چار تولا تور جا Potato Chips سئو روپئي جا آهن.
ڀر ۾ ويٺل هڪ نارويجن(ناروي جي همراهه) کي هن برف باريءَ ٿڌ ڏي اشارو ڪندي چيم:”مئي جو مهينو هلي رهيو آهي. هتي اونهارو ڪڏهن ايندو آهي؟“
”هي اونهارو ته آهي. اسان وٽ اونهاري ۾ هيءَ موسم هوندي آهي ۽ ٽيمپريچر واڌو پنج تائين رهي سياري ۾ ته ڪاٽو ڏهه کان به وڌيڪ ٿڌ هوندي آهي.“
مس مس هڪ ڪلاڪ گذريو. ذري ذري واچ ڏسي ايئرپورٽ جو گهڙيال ڏٺم ٿي جو شڪ ٿي ٿيم ته ڪٿي واچ بيهي ته نه رهي آهي. ٿيلهو کولي ڏٺم ته ڪا اهڙي شيءِ، ڪتاب يا اخبار رسالو هجي جيڪو وقت گذارڻ لاءِ پڙهجي. شيونگ جو سامان، ٽوٿ برش ۽ پيسٽ، پاسپورٽ، واپسي جون ٽڪيٽون، هڪ فالتو پڙهڻ جو چشمو، اليسنڊ ۾ ٻه هفتا رهڻ جو روزمره جو پروگرام، ڪجهه اڇا پنا ۽ انهن جي وچ ۾ پنهنجو ئي لکيل ڪتاب Proverbs of Far East جيڪو اليسنڊ جي آفيس باس لاءِ کنيو هوم ۽ نيوفيلڊس پبليڪشن طرفان تازو ڇپيل ڪتاب ”اوهريا جي عميق ڏي“ هو. ڪتاب ڪڍي ڪجهه صفحا اٿلايان ٿو. اديب پنهنجو ڪتاب ڏسي خوش ٿيندو آهي پر هن ڪتاب جي سادي ڇپائي، چنجها فوٽا، هيڪاندي گهڻي قيمت- مون جهڙي ليکڪ کي خوشيءَ بدران مايوسي ڏني ٿي. کيس وري واپس ٿيلهي ۾ رکان ٿو. ٿيلهي جي پاسي واري کيس ۾ جاڳو اخبار جون ڪٽنگس ڏسي دل بهار بهار ٿي وئي، جيڪي ڪراچيءَ کان ڪنهن موڪليون هيون. ٿي سگهي ٿو هونءَ انهن کي ايڏو غور سان نه پڙهان ها، پر هاڻ نه فقط انهن جو اکر به اکر پڙهڻ لڳس پر انهن جي پٺِ تي آيل اڌ گابريون خبرون، مضمون ۽ اشتهار پڻ پڙهڻ لڳس.
مس مس وقت اڳتي رڙهيو. چئين بجي ڌاري ٻارهين نمبر دروازي ڏي آيس، جتان ڪلاڪ بعد منهنجي اڏام اليسنڊ وڃڻي هئي. اليسنڊ هڪ ننڍڙو ٻيٽ نما مهاڻن جو ڳوٺ آهي. هتي جا ڳوٺ به شهرن وانگر ماڊرن آهن. اوسلو کان هن دور دراز ڳوٺ ڏي منهنجو وڃڻ ائين هو جيئن ڪنهن ناروي جي باشندي لاءِ پاڪستان پهچي ڪراچي کان مٺي يا ڇاڇري وڃڻ. ان اڏام لاءِ انتظار گاهه ۾ سمجهو ته سڀ ڇاڇري جا همراهه ويٺا هئا ۽ مون کي وائڙن وانگر سوالي نظرن سان ڏسڻ لڳا ته آئون ڪير آهيان ۽ اليسنڊ ڇو هلي رهيو آهيان! ڪجهه دير بعد ڀر واري همراهه کان اليسنڊ جو پڇيم ته ايئرپورٽ کان وچ شهر ڪيترو پري آهي ۽ ائٽلانٽڪ هوٽل، جنهن ۾ منهنجي رهائش جو بندوبست ٿيل هو، وچ شهر کان ڪيترو پري آهي ۽ Ship Control آفيس، جتي ايندڙ ٻه هفتا مون کي ڪم ڪرڻو آهي، ڪٿي آهي.
هن منهنجي سوالن جا مختصر جواب ڏنا جو هن پاسي- ناروي توڙي سئيڊن جي ٻين ماڻهن وانگر هي به گهٽ ڳالهائو ۽ ٻين سان گهرا نه ٿيڻ جا عادي آهن، سو چپ ڪري ويهي رهيس. پنجين بجي جهاز ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو. ان وقت هتي جي گورن ماڻهن کان علاوه هڪ پاڻ جهڙو هوائي جهاز ۾ چڙهندو ڏٺم. پاڻ جهڙي رنگ روپ جو ڏسي اندازو لڳايم ته پاڪستان، هندستان جو آهي، يا وري مالديپ يا موريشس ٻيٽ جو ڪو کوجوبوهري يا گجراتي هوندو. قد ۾ ڪجهه ڊگهو ۽ رنگ ۾ ٿورو صاف هو ان ڪري بنگلاديش يا سريلنڪا جو نٿي ٿي سگهيو.
هوائي جهاز ۾ چڙهڻ وقت توڙي سفرر دوران هڪ ٻه دفعا دل ۾ آيو ته ساڻس ڳالهايان پر هڪ ته تمام گهڻو ٿڪل هوس ۽ ٻيو ته ان سفر ۾ آئون عجيب مايوسيءَ (Depression) جو شڪار ٿي پيو هئس ته اڪيلو ئي اڪيلو اتر قطب ڏي، دنيا جي آخري ملڪ ناروي جي وڏي شهر اوسلو کان سوين ميل پري اتر ۾ وڃي رهيو آهيان، جتي جي ميزبان طرفان ڪا خاطري (Confirmation) نه ملي آهي ته آيا منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو ويندو يا پهچي دربدر ٿي ويندس. ان ڳالهه جو سوچي في الحال اخبار لاءِ لکڻ پڙهڻ جا شوق سڀ ڇڏائي ويا ۽ اچي ساهه جي لڳيم ۽ واقعي ٿيو به ائين، ايئرپورٽ تي وٺڻ لاءِ ڪير به نه آيو، جنهن بابت اڳتي هلي لکان ٿو.
بهرحال ڪلاڪ جي اڏام بعد ڇهين بجي هوائي جهاز اليسنڊ پهتو. اوسلي واري برف باري ختم ٿي چڪي هئي پر هوا لڳڻ ڪري سخت سيءَ جو راڄ هو. چوڌاري سمنڊ ۽ جبلن جي چوٽين تي گڏ ٿيل برف تي سج جا ڪِرڻا پوڻ ڪري چمڪ پيدا ٿي رهي هئي. شام جا ڇهه ٿي چڪا هئا، پر اڃا سج مٿڀرو هو، خط استوا وٽ اونهاري توڙي سياري ۾ ڏينهن رات هڪ جيڏو ٿئي پر جيترو اتر قطب ڏي وڌبو اوترو اونهاري جو ڏينهن وڏو ٿيندو ويندو. ناروي اتر ۾ آخري ملڪ آهي ۽ اليسنڊ، ٽرنڊام، بوڊه ناروي جا شهر اڃا به اتر طرف آهن، جتي اڄڪلهه ساڍي اٺين بجي سج لهي ٿو ۽ اڃا ته مئي جي شروعات آهي، جون جولاءِ ڌاري ڏينهن اڃا به وڏو ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ سج ڏهين يارهين بجي ڌاري لهي ٻه ٽي ڪلاڪ رات جي اونداهي ٿيڻ بعد وري هڪ ٻي بجي ڌاري سج اڀري ٿو.
جهاز مان نڪري ايئرپورٽ تان سامان کڻي ٻاهر نڪتس، ڪجهه ٽئڪسيون ۽ بسون بيٺيون هيون. ٽئڪسيءَ جو نالو وٺڻ نه ٿي چاهيم، جيتوڻيڪ اوسلو ايئرپورٽ تي نارويجن ٻڌايو ته هوٽل تمام ويجهي آهي ۽ ٽئڪسي وارو ٻه اڍائي سو ڪرونا مس وٺندو، پر اهي ٻه اڍائي سئو يعني اسان جا هزار رپيا کن هن لاءِ ضرور ٿورا هوندا پر مون لاءِ بس جي ٽڪيٽ به تمام گهڻي هئي. بهرحال پنجونجاهه ڪرونا بس تي خرچ ڪري هوٽل ۾ پهچڻ ۾ بهتري سمجهيم. پر سوال هو ته ڪهڙي بس ۾ چڙهجي؟ نقشي ۾ توڙي سامهون اکين اڳيان ٽي منهوڙي جيڏا وڏا ٻيٽ نظر اچي رهيا هئا، انهن مان ڪهڙي تي هوٽل ۽ آفيس آهي، جتي مون کي وڃڻ کپي.
گهران (مالمو-سئيڊن) مان نڪرڻ وقت اهو عقلمندي جو ڪم ڪيو هوم جو اليسنڊ (ناروي) جي هوٽل ۽ آفيس جي ايڊريس ۽ فون نمبر ٻن پنن تي لکي هڪ ٻٽونءَ ۾ ۽ ٻيو بئگ ۾ وجهي کنيو هوم، جيئن هڪ گم ٿي وڃي ته ٻيو پنو ته هجي ۽ ايئرپورٽ تي ڪا پهر وٺڻ لاءِ نه اچي ته پاڻهي همت ڪري منزل تائين پهچي سگهجي. مون ٻٽونءَ مان ايڊريس ڪڍي ڀر مان لنگهندڙ نارويجن کان پڇيم، پر هن کي ايتري انگريزي نه ٿي آئي جو مون کي سمجهائي سگهي. سامهون ڏٺم ته پاڻ جهڙو ايشين جيڪو مون سان گڏ هوائي جهاز ۾ هو اڃا ايئرپورٽ جي بلڊنگ ۾ موجود هو. هو پنهنجي سامان اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، هڪ بئگ اچي چڪي هيس، جنهن تي لڳل سڃاڻپ ڪارڊ تي ”ممبئي-ڪوپن هيگن-اوسلو-اليسنڊ“ لکيل هو، يعني هو ممبئيءَ کان اچي رهيو هو ۽ هن وقت منهنجو مسئلو ۽ مون کي منزل جو ڏس پتو ان قسم جو ئي ماڻهو ڏئي سگهيو ٿي.
مون ته سمجهيو ته دنيا جي هن ڪنڊ پاسي ۾ آئون پهريون ننڍي کنڊ جو ماڻهو هوندس، پر هن همراهه ٻڌايو ته هو هتي ٻاويهن سالن کان رهيل آهي ۽ ممبئي جو سنڌي آهي. ساڻس سنڌيءَ ۾ خير عافيت ڪري هوٽل جو ڏس پتو پڇيم.
”ٻه منٽ ترس- منهنجو سامان اچي وڃي ته ٻاهر هلي ٻڌايائين ٿو.هو پڻ سخت ٿڪل هو. ظاهر آهي ڪوپن هيگن کان هيستائين ته کيس مون وانگر ٻارهن ڪلاڪ ٿيا هوندا ۽ ممبئي کان ڪوپن هيگن پهچڻ ۾ گهٽ ۾گهٽ ڏهه ڪلاڪ کن ٻيا لڳا هوندس.
ٻاهر نڪري هن هتي جي نارويجن زبان ۾ بس ڊرائيورن کان منهنجو ڏس پتو ۽ بس نمبر معلوم ڪري مون کي ٻڌايو.
”آئون اليسنڊ کان به پري هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ ٿو وڃان، جنهن لاءِ مون کي ٻي بس وٺڻي پوندي. تون هن ۾ وڃ.“ هن مون کان موڪلايو ۽ ان ئي وقت کيس ياد آيو.
”پاڻ هڪ ٻئي جو نالو ته پڇيو ڪونه.“
اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي ايڊريس ڪارڊ ڏيڻ چاهيا ٿي پر ان وقت نه هن کي سندس ڪارڊ ملي سگهيو نه مون کي ۽ نه وري ڪا Pen ملي سگهي جو هڪ ٻئي جا فون نمبر لکجن.
”منهنجو نالو گل آهوجا آهي، بس ”گل“ ياد رکجانءِ ڪافي آهي. جڏهن به واندڪائي ملنئي ته مون وٽ گهمڻ اچجانءِ. فون ڪجانءِ ته اچي وٺي ويندو سانءِ، منهنجو فون نمبر چاليهه پنجهتر هڪ آهي“ هن جلدي ۾ ٻڌايو جو بس اسٽارٽ ٿي چڪي هئي.
مهرباني، زندگي رهي ته ضرور ملاقات ٿي ويندي“ مون هٿ لوڏي موڪلايومانس.

جهاز لاءِ هڪ ضروري ٽيسٽ

اليسنڊ (ناروي) ۾ پهرين ڏينهن اسان کي هڪ ننڍي جهاز جو Inclination Test وٺڻو هو. ان لاءِ هتي جي شپ ڪنٽرول آفيس جو سرويئر مسٽر ڊرونين مون کي نائين بجي صبح جو پنهنجي پراڻي فاڪس وئگن ڪار ۾ هوٽل کان وٺي هليو.
سڄي اليسنڊ شهر ۾ ڊرونين جي پراڻي ۾ پراڻي ڪار آهي ۽ سڄي شهر ۾ اها ئي هڪ فاڪس وئگن ڪار نظر اچي ٿي. ڪار ايتري ته پراڻي ۽ ڍانچو ٿيل آهي جو سيٽ بيلٽ جو ڪنڊو ئي ڪٽجي ويو اٿس، هر دفعي ويهڻ مهل وڏن مشڪلن سان اهو بيلٽ لاڪ ٿئي ٿو ۽ کُلڻ تي ڊرونين ۽ آئون خوش ٿيندا آهيون ته هڪ ڪارنامو سرانجام ٿيو. ڪڏهن ڪڏهن کلڻ ۾ دير ڪندو هو ته ڊرونين منهنجي همت افزائي ڪرڻ لاءِ چوندو هو: ”دل نه لوڏ، هيڏانهن يا هوڏانهن ته پاڻ وٽ ان جو آخري علاج آهي.“ ۽ پوءِ ڊئش بورڊ مان هڪ ڪٽ لڳيل ڪئنچي ڪڍي مون کي ڏيکاريندو هو، آئون کلي چوندو هومانس:
”مون کي ان ڪئنچيءَ ۾ شڪ آهي ته ههڙي ٿلهي بيلٽ کي ڪٽي نه سگهندي“
ڊرونين پنجهٺ سالن جو نارويجن آهي، سندس ڪار وانگر پاڻ به سڀ ۾ جهونو مڙس آهي پر ڪم ۾ پوڙهو اٺ ٻه ڪنواٽ لهي جي مثال سان ٺهڪي اچي ٿو. زيرو ڊگري ٿڌ، تيز هوا ۽ سخت برف باري ۾ جهاز جي لوهي ڊيڪ تي ٽي ڪاڪ کن بيهي ڪم ڪيوسين، اهاني بهاني آئون ۽ جهاز جا نوجوان آفيسر اندر ڪئبنن ڏي وياسين ٿي، پر هي همراهه سڄو وقت کلئي آسمان هيٺ جهاز جون گهربل ماپون وٺندو رهيو. حالت اها هئي جو کيسي ۾ هٿ پيا هئا ته به ٿڌ کان جهڙا کيرا لڳا ٿي. ڪنهن لوهي شيءَ کي هٿ لاهڻ سان ائين محسوس ٿيو ٿي ڄڻ ٽانڊي تي هٿ پيو. ڊرونين جي به حالت خراب هئي جو سڄا هٿ رت ڄمڻ ڪري ڳاڙها ٿي ويا هئس، پين جهلي ماپون لکڻ بعد ڪا دير هٿ ان ئي صورت ۾ ٽنڊو ٿي رهيس پر ان هوندي به مرڪندو ۽ چرچا ڀوڳ ڪندو رهيو. ڪافي به ڪم پورو ڪري پوءِ پيتائين، باقي اسين (جن ۾ جهاز جو ڪئپٽن، چيف انجنيئر ۽ شپ يارڊ جو ڪنسلٽنٽ انجنيئر شامل هو) رکي رکي ڪافيءَ جي ٿرماس مان پنهنجا مگ ڀريندا رهياسين. ڪافي کير ۽ کنڊ بنا هئي. هتي جي ڪاڙهيل ڪافي انگلينڊ يا پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ Instant Coffee کان ڪڙي ۽ اُگري ڌپ واري ٿئي ٿي، پر ان کي پيئڻ کان وڌيڪ گرمائش حاصل ڪرڻ لاءِ مگ کي هٿن ۾ جهلڻ ۾ فرحت آئي ٿي ۽ ڏٺم پئي ته ٻين جو به اهو ئي حال هو. سڀني ڪافيءَ جي گرم ڪوپ کي ڳن کان جهلڻ بدران هٿ ۾ ائين جهليو ٿي جيئن گلاس جهلبو آهي. ائين ڪرڻ سان سڄو هٿ گرم ٿي ويو ٿي، پر ان جو فقط ڪجهه منٽ اثر رهيو ٿي. ٿوري دير بعد برف باري به شروع ٿي وئي، پهرين Sleet جي صورت ۾ وسڻ لڳي، جيڪا ڪپهه جي ذرڙن ذرڙن وانگر ٿئي ٿي، ان بعد رکي رکي ڳڙن (Grains) جي صورت ۾ وسڻ لڳي. هوا ۾ ايڏو زور هو جو ڳڙا کيسن ۾ هليا ويا ٿي، مٿي تي پاتل لوهي ٽوپلن تي اهي ڳڙا لڳڻ سان ٽڙڪاٽ ۽ ڌڪڙن جا آواز آيا ٿي.
ڪيترا ماڻهو پڇندا آهن ته برف باري ۾ ڇٽي (امبريلا) کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، جڏهن برف باري ۾ ڪپڙا پُسن ئي ڪونه؟
برف باري جيستائين ڪپهه جي ڏينن (Sleet) وانگر آهي، تيسين مڙئي خير آهي پر ڇٽي ڳڙن جي بچاءِ لاءِ آهي. ڊرونين ٻڌايو ته ڪڏهن اهڙا ڳڙا (وڏي سائيز جا) وسندا آهن جو ماڻهو پنهنجيون ڪارون لڪائڻ ۾ لڳي ويندا آهن، جو انهن ڳڙن ڪري ڪارن جي ڇتين ۾ گهٻ (Dent) پئجي ويندا آهن.
ٻيڙي (يا جهاز) جڏهن نئون ٺهندو آهي يا ڪجهه عرصي بعد ان جو مالڪ ان ۾ ڪا بناوٽي ڦير گهير آڻيندو آهي ته ان بعد هو ملڪ جي ميريٽائيم سيفٽي ايڊمنسٽريشن کاتي کان سلامتي جو سرٽيفڪيٽ وٺندو آهي، جنهن بنا جهاز کي بندرگاهه کان ٻاهر نٿو ڪڍي سگهجي. ناروي جي ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن آفيس ڊرونين جهڙو سرويئر جهاز تي موڪليندي آهي، جيڪو جهاز جي پاسن تي ٽن چئن ٽنن جا ڳرا پٿر يا لوهه جا ٽڪرا رکي جهاز کي هڪ هڪ پاسي جهڪائي ڏسندو آهي. جهاز جي وچ تي گهڙيال جهڙو لڏڻو (Pendulum) ٻڌڻو پوندو آهي ۽ ان جي چرپر جي ڪنڊ معلوم ڪري حساب ڪتاب ڪرڻو پوندو آهي ته جهاز جو وچ (Centre of Gravity) ڪٿي آهي. بهرحال هن سڄي مٿاڪٽ مان اهو معلوم ٿي ويندو آهي ته سمنڊ جي وڏين ڇولين تي جهاز پاسيرو ٿي وري موٽي پنهنجي وچ واري پوزيشن ۾ ايندو يا مسافرن ۽ مال سوڌو الله کي وڃي پيارو ٿيندو.
هي Inclination Test تمام اهم ٽيسٽ ٿئي ٿو ۽ جهازن لاءِ بيحد ضروري آهي. گهڻو گهڻو اڳ جڏهن جهازن جا مالڪ يا ٺاهڻ وارا پنهنجن جهازن يا ٻيڙين جي (Stability) تي ڌيان ڏيڻ بدران ان کي رڳو مضبوط ۽ وڏو ٺاهيندا هئا، ان زماني ۾ ڪيترائي نوان نوان جهاز هوا يا سمنڊ جي لهر جي لوڏي تي هڪ دفعو جهڪيا ٿي ته وري سڌو نه ٿيا- سمنڊ ۾ وڃي ڦهڪو ڪيائون ٿي. جپانين جيڪو پهريون جهاز ٺاهيو هو اهو ته شپ يارڊ مان نڪرڻ سان اونڌو ٿي ويو هو. ٻه سئو سال کن اڳ هن هنڌ تي سئيڊن جي بادشاهه جو مال متاع سان ڀريل جهاز ٻڌي ويو هو، هي اهو زمانو هو، جڏهن سئيڊن ڊئنمارڪ وارن جي پاڻ ۾ چانڊين-مگسين واري لڳل هئي. ڊئنمارڪ جي بادشاهه جڏهن سئيڊن جي بادشاهه جي جهاز کان به وڏو جهاز ٺهرايو ته
سئيڊن وارن لاءِ غيرت جو سوال ٿي پيو. سئيڊن جي بادشاه حڪم ڪيو ته سندس جهاز جون ڀتيون وڏيون ڪريو- يعني Structure مٿاهون ڪريو! ڪمري مٿان ڪمرو ٺاهي ان کي گهڻ ماڙ (Multi Storied) بڻايو. نتيجو اهو ٿيو جو ٿوري طوفان تي ئي جهڙو هڪ پاسي جهڪيو ته وري سڌو نه ٿي سگهيو. اونڌو ٿي ٻڏي ويو.
عام ماڻهوءَ لاءِ اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ ان ٽرڪ جو مثال آهي، جيڪا ڇت تائين بهه سان ڀرڻ بعد ان مٿان ٽريڪٽر يا ڪا ڳري مشين رکي وڃي (جنهن سان Centre of gravity مٿي شفت ٿيو وڃي) ۽ ٿورو ئي پاسيري ٿيڻ تي واپس ورڻ بدران ان پاسي وڃيو ڦهڪو ڪري ٿي.

نارويجن جو ايراني پٽ

ٻي بجي ڌاري شپ يارڊ کان نڪتاسين. شپ يارڊ Friskstad نالي ٻيٽ تي هو، جنهن ٻيٽ تي پهچڻ لاءِ اسان ٻيا به ٻه ٽي ننڍا ننڍا ٻيٽ پلين ۽ سرنگهن (Tunnels) ذريعي پار ڪري پهتا هئاسين. موٽڻ وقت وري ساڳيون واٽون، ساڳيا لوڙها لياڙي اليسنڊ آياسين. ڪلاڪ کن جو پنڌ هو، چوڌاري برف سان مڙهيل اڇين چوٽين وارا جبل هئا ۽ انهن جي چوڌاري سمنڊ ۽ ڪئنال، جن ذريعي سمنڊ جو پاڻي اندر تائين اچي ٿو. انهن ڪئنالن کي اسان کاريون سڏيون ٿا پر هتي جي زبان ۾ فيورڊ (Fjord) سڏجي ٿو. ناروي فيورڊن جو ملڪ آهي.
مسٽر ڊرونين ٻڌايو ته هو مون وانگر ڪنهن زماني ۾ جهاز جو مئرين انجنيئر هو، ان بعد شپ يارڊ ۾ جهاز ٺاهڻ جو انجنيئر (Naval Architect) ٿي رهيو ۽ هاڻ هو هن سرڪاري اداري ۾ سروي جو ڪم ڪري ٿو. پنهنجي ۽ ڌارئين ملڪن کان آيل جهازن جي سلامتي جي نقطي نگاهه کان چڪاس ڪرڻ، جيئن جهاز جو مالڪ پنهنجي جهاز کي غير سلامت نه ٺاهي ۽ مسافرن ۽ مال کي نقصان نه رسي، هن کاتي جو ڪم آهي.
ڊرونين کي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي چڱي ڄاڻ هئي، خاص ڪري برما ۽ بصري، سوڊان ۽ سعودي عرب جي، جتي هن جو جهاز اڪثر ويندو هو.
”منهنجو پٽ خبر اٿئي ايراني آهي.“ هن ٻڌايو.
”سمجهي ويس، تو نپايو آهي.“ مون وراڻيو مانس.
”ها، چئن مهينن جو هو تڏهن کان مون وٽ آهي.“
ناروي، سئيڊن پاسي ماڻهن کي تمام گهٽ ٻار آهن- هڪ يا وڏو ڇيهه ته ٻه ٻار! ڪيترن کي ته صفا نه آهن. ڪي وري فلپيني، تامل، انڊونيشي، ٿائي ۽ انڊين ٻار نپائين، جن جا ماءُ پيءُ غربت يا گهڻي عيال ڪري پنهنجا ٻار ڏيو ڇڏين، يا جنگين ڪري ڪيترا يتيم ٻار بي گهر ۽ دربدر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اتي جون حڪومتون يا فلاحي ادارا ناروي سئيڊن جهڙن امير ملڪن جي ماڻهن حوالي ڪن. ان قسم جي آڇن يا اشتهارن جا خط هن پاسي جي ملڪن ۾ ڪيترن ئي آفيسن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ نظر ايندا. تازو جنهن شپ يارڊ مان اچي رهيا هئاسين، ان جي آفيسرس ميس ۾ ڏکڻ هندستان جي ڪنهن اداري طرفان آڇ جو خط، نوٽيس بورڊ تي لڳل هو ته اتي جون ڪجهه فيمليون گهڻي عيال ڪري پنهنجا ٻار ضرورتمندن کي ڏيڻ چاهين ٿيون.
”منهنجو پٽ“ ڊرونين ٻڌايو، ”شهنشاهه ايران جي ڏينهن ۾ مون کي مليو هو، هينئر هو ٻاويهه سالن جو آهي ۽ ڊاڪٽري پڙهي رهيو آهي. کيس مذهب سان ڏاڍو لڳاءُ آهي، هو تمام سٺو ڪرسچن ثابت ٿيو آهي. هو ڳوٺ جي ڪليسا گهر (عيسائين جي مندر) جو هڪ اهم رڪن هو، پر هاڻ پڙهائيءَ ڪري ٻين ڳالهين کي وقت نٿو ڏيو سگهي.“
”ڇا توهان ايران ۾ رهيا آهيو؟“ مون پڇيو،
”نه، منهنجي زال جي ڀيڻ اتي ايران جي ڪنهن اسپتال ۾ ڪم ڪندي هئي، کيس هي ٻار ريلوي اسٽيشن تي مليو هو. ڪنهن عورت کي بنا شادي جي هي ٻار ٿيو هو ۽ ان کي پاپ سمجهي هن پنهنجي گهر ۾ رکڻ نه ٿي چاهيو. صبح ساڻ جڏهن ريلوي اسٽيشن تي ڪو مسافر موجود نه هو ته هن تنجڻ ۾ ٻڌي اتي ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، جيئن جنهن کي وڻي کڻي وڃي. منهنجي ساليءَ ان کي خوشيءَ سان قبول ڪيو. هن کي خبر هئي ته اسان کي اولاد ناهي، سو چار مهينا کن پاڻ وٽ ايران ۾ رکي جڏهن ناروي آئي ته اچي اسان کي ڏنائين. هو اڄ تائين اسان وٽ آهي. ايران ۾ رهائش دوران سڀ هن کي ”رضا“ سڏيندا هئا. سندس اڌ نالو هتي جو نارويجن OLE (اولي) رکيو اٿئون ۽ اڌ ساڳيو ايراني رضا قائم اٿس، سو هاڻ سندس ڪرسچن نالو اولي رضا آهن.

السينڊ (ناروي) جو گل آهوجا ...

ڪالهه صبح کان گل آهوجا جو سوچي رهيو هوس، جيڪو مون سان گڏ هوائي جهاز ۾ اوسلو کان ناروي جي هن ڏورانهين شهر اليسنڊ آيو هو، سندس ٽيليفون نمبر مون وٽ هو ۽ ارادو هوم ته هي شهر ڇڏڻ کان اڳ روبرو نه ته فون تي ساڻس ضرور ڪچهري ڪري معلوم ڪندس ته هو هتي ڪيئن آيو ۽ ڪڏهن کان رهيل آهي.
شام جو هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺو هوس ته اوچتو سندس فون اچي ويو، ”معاف ڪجو“ مون کيڪارڻ بعد گل کي چيو، ”آئون فقط سوچيندو ئي رهيس، سستيءَ ڪري اڃان توکي فون به نه ڪري سگهيس.“
”چڱو جو نه ڪئي، منهنجو فون نمبر بدلجي ويو آهي، دراصل آئون مهيني کن لاءِ ماءُ سان ملڻ ممبئي ويو هوس، واپسي تي توسان ملي گهر پهتس ته زال ٻڌايو ته منهنجي غير حاضريءَ ۾ گهر جي فون جو ڪوڊ نمبر بدلجي ويو آهي. اڄ جيئن ئي وقت مليو ته توکي فون ڪيو اٿم.“
گل پنهنجو نئون نمبر لکايو ۽ شام جو گڏ ماني کائڻ لاءِ چيو.
”مانيءَ جي تڪليف نه ڪر، بس چانهه پي ٿوري دير ڪچهري ڪنداسين“ مون چيو مانس،
”چڱو ڀلا توکي ڀر وارو شهر هلي گهمائيندس“، گل آهوجا چيو.
”اها به تڪليف نه ڪجانءِ، سڄو ڏينهن ڊيوٽي ڪري ٿڪل هوندين ۽ مون به جايون جڳهيون ته جام ڏٺيون آهن، سو توسان ويهي خبر چار ڪندس.
” I am more interested in people than places“
”چڱو ڀلا اهو به صحيح آهي. شام جو ستين بجي تيار هججانءِ ته وٺي ويندو سانءِ“ گل چيو.
مقرر وقت تي ايٽلانٽڪ هوٽل ۾، جتي آئون رهيل هوس، گل پهچي ويو ۽ مون کي پنهنجي گهر وٺي هليو. سندس گهر شهر کان ڏهه ٻارهن ميل پري ٻهراڙيءَ ۾ آهي. هونءَ به ناروي جي گهٽ آدمشماريءَ ۽ سختي سيءَ ڪري هتي جي شهرن ۾ به ڄڻ ماٺ مٺوڙو لڳو پيو آهي. ٻهراڙيءَ جي ته ڇا ڳالهه ڪجي! بقول اسان جي هڪ ساٿي-سعودي عرب جي خالد جي ته، هنن ملڪن جي شهرن ۾ چوڌاري بلڊنگون ته آهن پر ماڻهو تمام گهٽ آهن. آفيسون بند ٿيڻ بعد ڄڻ ته راڪاس گهميو وڃي. الف ليلوي ڪهاڻين وانگر ماڻهو ڄڻ پنڊ پهڻ ٿيو وڃن.
گل جي گهر جي چوڌاري سامونڊي شاخون (Fjords) هيو ۽ برف سان ڍڪيل چوٽين وارا جبل. هتي جي حساب موجب اونهارو شروع ٿي رهيو هو سو سڪل ٽارين وارن وڻن توڙي ٻوٽن ۾ ساوا پن نڪري آيا هئا. گل ٻڌايو ته جون-جولاءِ ڌاري يعني مهيني کن اندر چوڌاري ساوڪ ۽ پيلا ڳاڙها گل هوندا. سندس گهر ٻين ڪيترن گهرن وانگر ڪاٺ جو هو. ناروي پاسي اهو ڪاٺ ناهي، جنهن مان خيرپور ناٿن شاهه جا واڍا ٻيٽي ۽ راڌڻ جي رهاڪن جا ڪٻٽ ۽ در دريون ٺاهين ٿا، هتي جو ڪاٺ دنيا جي بهترين ڪاٺن مان آهي، خاص ڪري OAK جو اڇو ڪاٺ ۽ ٻيون جنسون. هتي جيئن ته واڍڪو يا رازڪو ڪم تمام مهنگو آهي ان ڪري گهڻي ڀاڱي ماڻهو پنهنجي گهر جو وڏو حصو آهستي آهستي ڪري پاڻ ٺاهين.
گل آهوجا 1942ع ۾ ڪوئيٽا ۾ ڄائو، ”منهنجو ڳوٺ شڪارپور ڀرسان ڳڙهي ياسين هو پر اونهاري جا ڪجهه مهينا منهنجا مائٽ ڪوئيٽا ۾ وڃي رهندا هئا“، گل ٻڌايو، ”سنڌ ڇڏڻ وقت آئون پنجن سالن جو هوس، مون کي گهڻو ياد نه آهي، ڪراچي بندرگاهه مان جهاز ۾ چڙهي ممبئي ڏي روانو ٿيڻ جو نظارو اڃا به ياد اٿم.“
گل آهوجا جي پيءُ جو نالو منگهارام آهوجا ۽ ڏاڏي جو گوبندرام آهي.”منهنجو پيءُ شڪارپور ۾ انگريزن جي اسپتال ۾ فارماسسٽ هوندو هو، ڏاڏي جو واپار سان تعلق گهٽ پر تعليم سان گهڻو هو. اسان ڪامورا سڏبا هئاسين ۽ واپاري هندن سان اسان جو گهڻو واسطو نه هو.“
گل آهوجا پاڻ به فارماسسٽ آهي. سندس دوائن ۽ ڊاڪٽرن سان واسطو آهي. پاڻ ٽيڪنيشن پڻ آهي. ”ٻين چئن ڊاڪٽرن سان گڏجي اسان هڪ سينٽرل اسپتال کولي آهي.“ گل ٻڌايو. ”هڏن ۽ جوڙن جي سور جا مريض، جن جو مشين ذريعي مالش ۽ گرم شعاعن سان گرمائش ڏئي علاج ڪرڻو هوندو آهي ، اهي مون وٽ ايندا آهن.“
گل جي زال ايلسا ناروي جي رهاڪو آهي بلڪ هن ڳوٺ جي آهي، جنهن ۾ هينئر هو رهن ٿا، پاڻ شهر جي ميونسپل آفيس ۾ آفيسرياڻي آهي.کين چوڏهن ۽ ارڙهن سالن جون ٻه ڌيئرون ديوي ۽ جينيٽ نالي آهن.
”آئون هتي ناروي ۾ ٻاويهه سال اڳ آيس، ان کان پهريان ڪئناڊا ۾ هوس، جتي ڏهه سال کن رهيس. مون کي اڄ به ڪئناڊا جو پاسپورٽ آهي. ڪئناڊا کان هڪ ڏينهن چار وڳا کڻي گهمڻ لاءِ نڪتس. اهو ئي سوچيم ته ڪنهن الڳ ٿلڳ جاءِ تي جتي پنهنجن مان ڪو نه هجي، اتي ان ملڪ ۾ مڪاني ماڻهن جي وچ ۾ وڃي رهندس. انهن ڏينهن ۾ هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ اچ وڃ تي نه ويزا هئي ۽ نه جهل هئي.
”ملڪ ملڪ گهمندو جڏهن ناروي جي هن ڳوٺڙي ۾ پهتس ته منهنجي دل کي ڏاڍو وڻيو، واپس موٽڻ جو نالو نه وٺي هتي ٽڪي پيس. ٻن سالن بعد ايلسا سان مليس ۽ شادي ڪيم. منهنجا ٽي ڀائر موهن، سڀاش ۽ بارام ۽ ماءُ پيءُ بمبئيءَ ۾ ئي رهن ٿا، جن سان ملڻ لاءِ هڪ نه ٻئي سال بمبئي ويندو آهيان.“
”هتي جي ماٺ مٺوڙي بعد بمبئي جي گوڙ گهمسان ۾ دماغ چڪرائجي ويندو هوندانو؟“ مون پڇيو مانس.
”گهر کان ئي نه نڪرندو آهيان. اڄ کان ڏهه سال اڳ تائين بمبئي وري به ڪنهن حال ۾ هو پاڻ هاڻ ته ڏينهون ڏينهن اسان جي شهرن ۽ ملڪن کي خبر ناهي ڇا ٿيندو وڃي ... چوريون، هنگاما، ٺڳيون، مذهب ۽ زبان جي نالي ۾ هڪ ٻئي جون خونريزيون....“
”هتي جا ماڻهو سوچي نه ٿا سگهن ته ڪنهن دور ۾ اسان جي ڌرتي ڪيتري خوش حال ۽ سڌريل هئي.“ مون چوڌاري برف سان ڍڪيل خاموش جبلن ڏي ڏسي چيو.
”واقعي، اسان جي تهذيب، اسان جو ڪلچر، اسان جا شهر، اسان ماڻهو، ڪيڏو سڌريل هئاسين ۽ هي ماڻهو وائيڪنگ ڦورو لٽيرا سڏبا هئا. اڄ هي ماڻهو ۽ انهن جا ملڪ سڌري ويا آهن ۽ اسين تباهه ٿيندا وڃون. ڪنهن پکي يا جانور کي ڌڪ لڳي ٿو ته هتي جي ماڻهن جي دل ڏکي ٿي، يڪدم ان کي پنهنجي خرچ تي اسپتال وٺيو وڃيو دوا درمل ڪرائين، اسان وٽ رستي تي هنگامن، حادثن ۽ جهيڙن ۾ انسان جي جان ائين رت ڳاڙيندي، ڦٿڪندي رهي ٿي پر ڪنهن کي ڪا ڪهل، ڪو قياس نه ٿو اچي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته ننڍي کنڊ جي تهذيب ۽ رحمدليءَ جون ڳالهيون، جيڪي اسان وڏن کان ٻڌيون يا ڪتابن ۾ پڙهيون سي افسانا ته نه هئا؟“
گل کي مون مانيءَ لاءِ ڪيترو جهليو هو پر ان هوندي به ڪٿان اٽو هٿ ڪري پاڻ ۽ سندس زال اڦڙاٽا ۽ ڀاڄي تيار ڪئي هئي.
”ڀائي توکي سنڌي ماني ٿا کارايون، سال ٿي ويا هوندئي اڦراٽا کاڌي“ گل چيو.
”منهنجي لاءِ اجائي تڪليف ڪئي، تو شايد چڱي طرح نه ٻڌو ته آئون مالمو (سئيڊن) ۾ فئملي سان رهان ٿو، اسان ته هر روز اهوئي کائيندا آهيون. مرچ مسالا ڪجهه ڳوٺان آندا هئاسين، ڪجهه شيون جهڙوڪ: پڪوڙن لاءِ بيسڻ، آچار، ڳڙ وغيره مالمو ۾ ايرانين جي دڪانن تان مليو وڃي، جيڪي اهي شيون لنڊن مان پاڪستاني ۽ هندوستاني دڪانن تان گهرائين ٿا.“
”او يار معاف ڪجانءِ، تو ٻڌايو ضرور هو ته تنهنجي فئملي سئيڊن ۾ آهي ۽ تون هفتي ٻن جي ٽوئر تي هتي ناروي آيو آهين، پر مون سمجهيو متان تنهنجي زال سئيڊن جي هجي، جنهن کي ماني پچائڻ نه ايندي هجي.“
گل جي زال ايلسا چيو: ” مون کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پاڪستاني يا هندستاني عورتون روز ڪيئن ٿيون ماني پچائين! مون کي ته اڌ ڏينهن لڳيو وڃي.“
” ۽ هنن کي وري ڊبل روٽي ٺاهڻ ۾ اڌ ڏينهن لڳيو وڃي، ان بعد به ڪڏهن اٽي ۾ خمير (Yeast) گهڻو پئجيو وڃي، ڪڏهن (Oven) جو ٽيمچريچر هيٺ مٿي ٿيو وڃي.“ مون چيومانس.
گل کان سنڌي رسالن ۽ گانن جي ڪئسٽن جو پڇيم.
”نه، مون وٽ ته نه آهن، پر توکي لڳي ٿو ته انهن جي ٻڌڻ جو شوق آهي، هينئر ممبئي ۾ هوس جتي منهنجي مائٽن وٽ ڏاڍا هئا، خاص ڪري هڪ اسان جي مائٽياڻي سوشي آهوجا آهي، اها تمام سٺي ڳائڻي آهي، کيس راڳ جي ڪوئل سڏين ٿا. آئون ڀاءُ کي لکان ٿو ته توکي ڪجهه ڪئسٽ سئيڊن موڪلي ڏي.“
رات جا ڏهه ٿيڻ وارا هئا، گل کي چيم ته هاڻ مون کي هوٽل تي ڇڏي اچ، تنهنجو چڱو وقت وڃايو اٿم. صبح ساڻ توکي به نوڪريءَ تي وڃڻو آهي ته مون کي به آفيس ۾ حاضر ٿيڻو آهي.
”يار ويهه ته صحيح ايڏي تڪڙ به ڇاجي؟“ گل ويهڻ لاءِ زور ڀريو.
”بس هاڻ هلجي، ائين ته هتي چئي نه ٿو سگهجي ته رات ٿي وئي آهي يا آڌي ٿيڻ وارو آهي، جو اڃا ته سج لهڻ جو ئي نالو نه ٿو وٺي، روشني ئي روشني لڳي پئي آهي.“
”صحيح ٿا چئو، ”گل کلندي چيو: ”اڃا ته مهينو سوا بعد چوويهه ئي ڪلاڪ سج رهندو. جنهن کي آڌي رات چئجي ان وقت سج لهي ۽ ٻي بجي (2-00 am) ڌاري اڀريو اچي ۽ صحيح معنيٰ ۾اونداهه ڪا ڪلاڪ کن جي مس ٿي ٿئي، سا به هتي جتي اسين رهون ٿا. مٿي اتر ۾ ته اونهاري جا ٽي مهينا کن سج لهي ئي ڪونه ۽ سياري جا ٽي مهينا کن سج اڀري ئي ڪونه. لڳاتار اونداهه ۽ رات رهي.“

ٿائي ۽ فلپينو عورتون ناروي ۾

ناروي جو هي شهر اليسنڊ بذات خود هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، چوڌاري سمنڊ ۽ فيورڊ (سامونڊي واهه ۽ شاخون) اٿس يا برف سان ڍڪيل جبل ۽ ننڍا ننڍا ٻيٽ.
هن شهر اليسنڊ کان ٿورو پري هري عيد (Hareid) نالي هڪ ٻيٽ آهي، جيڪو پري هجڻ ڪري اليسنڊ سان پل ذريعي نه، سامونڊي سرنگ ذريعي ڳنڍيل آهي. ڏينهن ۾ چار پنج دفعا هڪ وڏي فيري اليسنڊ کان ماڻهو کڻي ’هري عيد‘ٻيٽ ڏي اچي وڃي ٿي. مون کي هڪ ڏينهن اوڏانهن پڻ وڃڻو پيو جو هري عيد ٻيٽ جي ڀر ۾ گرسڪن ۽ السٽن نالي ٻه ٻيٽ آهن، جتي ٻه نوان جهاز ٺهي رهيا هئا، جن تي ڪجهه مشينري چيڪ ڪرڻي هئي.
ساڍي اٺين بجي واري فيريءَ ۾ اليسنڊ کان روانو ٿيس. فيري سمنڊ ۾ اڀريل جبل ۽ ٻيٽن وٽان لنگهندي اڌ ڪلاڪ بعد هري عيد ٻيٽ تي پهتي، جتي پروگرام موجب جهازن جو سرويئر ۽ نيول آرڪيٽيڪٽ مسٽر نيريم منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. کيڪار کڙيءَ بعد هو مون کي پنهنجي ڪار ۾ ٻنهي شپ يارڊن ڏي وٺي هليو، جتي بيٺل جهازن جي انسپيڪشن ڪرڻي هئي. هڪ ٻيٽ تي پهچڻ لاءِ سمنڊ هيٺان ٺهيل وڏي سرنگ (Tunnel) مان لنگهي اتي پهتاسين، سندس گهر هڪ ٽين ٻيٽ Fosnavag تي هو، جتي آخر ۾ چانهه پيئڻ لاءِ آياسين،
”هتي ڪم ايترو آهي جو آئون نه موڪل ڪريان ٿو ۽ نه ملڪ کان ٻاهر گهمڻ لاءِ وڃان.“ نيريم چيو، ”پر هن سال ٻن هفتن جي موڪل ورتي اٿم ۽ زال سان گڏ ترڪيءَ ۾ Holidays گذاريندس.“
۽ پوءِ سگريٽ جو ڪش هڻي چيائين: ”اسين پنهنجي شادي جي پنجويهين سالگرهه ملهائڻ وڃي رهيا آهيون.”
”پنجويهين؟!“ مون تعجب ۽ تعريف منجهان پڇيو.
کلندي وراڻيائين: ”ها، پنجويهين! واقعي وڏي ڳالهه آهي نه- ههڙي ملڪ ۾ ساڳي زال سان ايترو وقت گهارڻ؟“
”واقعي“، مون داد ڏئي پٺي ٺپريمانس، ”توهان جي ملڪ ۾ ته سال شادي هلي ٿي ته به وڏي ڳالهه آهي. سئيڊن جي جنهن شهر مالمو ۾ آئون رهان ٿو، ان جو رڪارڊ آهي ته گذريل سال جيتريون شاديون ٿيون ان کان وڌيڪ طلاق جا ڪيس رجسٽرڊ ٿيا.“
هڪ هنڌان لنگهي رهيا هئاسين ته هڪ ڪاري رنگ جي ايشين عورت کي هٿ ۾ باردي کڻي رستو ٽپندي ڏٺوسين. هنن گورن جي ملڪ ۾، سو به هڪ ننڍڙي، اڪيلي ۽ خاموش ٻيٽ تي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه جي رهاڪوءَ کي ڏسي تعجب لڳو. نيريم ٻڌايو ته اها سريلنڪا جي تامل آهي.
”هتي پنجاهه کن تامل ۽ ڪجهه ڪرد ۽ عراقي فئمليون رهن ٿيون، جيڪي لڪ چوريءَ ٻيڙين ذريعي ناروي پهتيون هيون. سال اڌ ڪافي گوڙ رهيو پر پوءِ حڪومت کين هن ٻيٽ تي رهڻ جي موڪل ڏني. وڏن شهرن ۾ اسان جا ماڻهو هاڻ ڌارين کي نه ٿا سهن. هنن کي هن ٻيٽ تي رهي پنج سال ٿي ويا آهن پر ان هوندي به هن ٻيٽ جا ڪجهه لوڪل نارويجن ڇوڪرا هنن کي تنگ ڪندا رهن ٿا. هڪ ڏينهن هڪ رفيوجيءَ جي گهر ۾ ڪنهن باهه به اڇلائي هئي، پر اهڙا خراب ماڻهو تمام ٿورا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ سٺن سان گڏ خراب ماڻهو پڻ ٿين ٿا.“
هڪ ٻئي ٻيٽ تان لنگهندي، هڪ گهر جي ٻاهران بورڊ تي Asian Food لکيل نظر آيو. نيريم ٻڌايو ته هن گهر ۾ رهندڙ فلپينو عورت ايشين کاڌو، جهڙوڪ: ڀت، نوڊل، مي (MEE) ۽ مڇي رڌي وڪڻندي آهي، اهي شيون اهڙيون ته سوادي ٺاهي ٿي جو هتي جا رهندڙ ايشين ته ڇا ڪڏهن ڪڏهن اسين نارويجن به وٺندا آهيون.
”هڪ ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي”، مون نيريم کي چيو، ”ڪرد، تامل، لبناني يا عراقي ايراني ته پنهنجن ملڪن ۾ سياسي هنگامن ۽ ظلمن ڪري اچي هن پاسي نڪتا آهن، پر هي فلپينو ۽ ٿائي عورتون جيڪي سڄي سئيڊن ۽ ناروي ۾ پکڙيون پيون آهن، اهي هتي ڪيئن آيون ۽ کين ڪهڙي بنياد تي هتي جي Citizenship ملي؟“
”انهن کي اسان جا ماڻهو سندن ملڪن ۾ وڃي، شادي رچائي وٺي آيا آهن. ان ڪم لاءِ سندن ملڪ فلپين ۽ ٿائيلينڊ پڻ مدعو ڪيو ته اچي اسان وٽان شاديون ڪريو. هتي ناروي ۾ اهو مشهور آهي ته انهن ملڪن جون عورتون غريب، چئيوان، پروهيت ۽ اسان جي ڪلچر ۽ مذهب سان يڪدم رِليو مِليو وڃن ۽ گهڻي ڀاڱي اسان جا ماڻهو هنن سان خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.“ نيريم ٻڌايو.

پکين اچڻ تي اسين ڇريون تکيون ڪيون ٿا

جهاز تي ڪم ڪندي نيريم کي چيم: ”جيتري هتي ناروي ۾ ٿڌ هئڻ کپي اوتري ناهي. اڄ کان پندرهن سال کن اڳ جڏهن اسان هن پاسي جي بندرگاهن ۾ جهاز وٺي ايندا هئاسين ته سيءَ ۾ ساهه نڪرندو هو. ان وقت جيتوڻيڪ اسان جوان هئاسين پر سيءَ ۾ ڏڪندا هئاسين. ڇا ائين ته نه آهي ته ڌرتي جو گولو واقعي گرم ٿي رهيو آهي؟ هن دنيا تي Global Warming جو اثر آهي؟“
”چئي سگهجي ٿو“، نيريم چيو، ” سال ٻن کان موسم ۾ ڪافي تبديلي آئي آهي.“
پاڪستان جو اونهارو هونءَ به گرم ٿئي ٿو.“ مون کيس ٻڌايو، ” پر گذريل سال ڳوٺان ايندڙ هر هڪ جي خط ۾ اهو هو ته ڏاڍي گرمي ٿي آهي ۽ هن سال ته سياري ۾ به ڪي خاص سيءَ نه ٿيا، الله خير ڪري.“ مون پنهنجي فڪر جو اظهار ڪيو.
” هتي به گذريل سال ۽ هن سال ايترا سيءَ نه پيا“، نيريم چيو ۽ پوءِ سگريٽ جو ڪش هڻي چيو،“ گهٽ سيءَ ڪري ناروي ۾ ڏاڍو لطف رهيو“. ۽ پوءِ يڪدم ڌيان ۾ ڳالهه اچي ويس ۽ مون کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو:
”او نو نو ڀلي هتي سخت سيءُ ٿئي، نه ته پاڪستان ۾ سياري ۾ به گرمي ٿيندي. گهڻي سيءَ ۾ کڻي هڪ وڌيڪ سئيٽر يا ڪوٽ پائبو پر گهڻي گرمي ۾ ماڻهو ڇا ٿو ڪري سگهي.“
خير کيس ته ان سوچ لاءِ مهرباني چيم پر مون پنهنجي دل ۾ سوچيو ته هن ملڪ جي ماڻهن کي ڌرتي گرم ٿيڻ جو ڪهڙو فڪر؟ پاڻ هنن لاءِ مزو، پر ان هوندي به کين شابس هجي جو ان جو فڪر به انهن کي آهي ۽ رڙيون ڪري اڳواٽ اسان کي آگاهه ڪري رهيا آهن ته ايندڙ ڏکئي وقت لاءِ خبردار ٿيو ۽ ان لاءِ هينئر کان سوچيو. گهڻو دونهون برپا نه ڪريو، گهڻي کان گهڻا وڻ پوکيو، جيڪي ماحول جي ڪاربان گئس ختم ڪن ٿا، پر اسان وتون وڻ ڪٽيندا.
هن پاسي جي اهم شيءِ هتي جا سمنڊ اندر ننڍا ننڍا جبل آهن، جن تي اونهاري ۾ آفريڪا ۽ ڏکڻ يورپ کان هزارين پکي اچي آنا لاهي ڦوٽاڙو ڪن ٿا. هڪ اهڙي جبل وٽ نيريم ٻيڙيءَ ۾ وٺي هليو. لکن جي تعداد ۾ پکي جبل جي تري کان وٺي چوٽيءَ تائين جبل کي چهٽيا پيا هئا. هڪ ته وِٺيون پئي لاٿائون ۽ ٻيو چرچر (رڙيون) پئي ڪيائون. يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جا ٽوئرسٽ هي نظارو ڏسڻ لاءِ آيا هئا.
نيريم چيو، ”هنن Migratory پکين کي اسان مهمان سمجهي عزت ڪندا آهيون. هو اسان وٽ ڪجهه مهينن لاءِ اچن ٿا، کين پڄندي آهر ان ڪڻا ڏيندا آهيون.“ پوءِ سگريٽ جو ڪش هڻي پڇيائين، ”توهان وٽ ٻئي ملڪ جا پکي اچن؟“
”ها، سياري ۾ روس ۽ وچ ايشيا کان ڪونجون، آڙيون، بدڪون، تلور اينديون آهن“ مون ٻڌايو مانس ۽ پوءِ دل ۾ چيو ”اسين کين ان ڪڻا ڏيڻ بدران پڄندي آهر ڇريون تکيون ڪري ڪهي کائي ڇڏيندا آهيون يا وڏن عملدارن ۽ عربن کي دعوت ڏئي سندن شڪار ڪرائيندا آهيون.”

ڪجهه ناروي بابت

ناروي لفظ شايد انگريزي لفظ Northern Way مان نڪتو آهي. ناروي دنيا جي اتر ۾آهي. هتي جي نارويجن زبان ۾ ناروي کي Norge سڏجي ٿو، ناروي ملڪ جي ايراضي سوا لک چورس ميل آهي، ساٿي سوا ٽي لک چورس ڪلوميٽر. سڄو ناروي جابلو علائقو آهي. سندس چوڌاري سمنڊ آهي، فقط اتر ۾ سئيڊن اٿس ۽ اتر واري ڪنڊ ۾ روس ۽ فنلئنڊ جو پڻ ٿورو حصو ملي ٿو، جيئن پاڪستان جو چين سان. پر ناروي جي ان حصي ۾ توڙي روس ۽ فنلئنڊ جي ان ڀاڱي ۾ نه برابر ماڻهو رهن ٿا.
ناروي جي اڌ آدمشماري ڏکڻ ۾ اوسلو ۽ ان جي آس پاس رهي ٿي، جو اتر پاسي اونهاري ۾ سخت سردي ٿئي ٿي. سڄو ملڪ جبلن ۽ ٽڪرين سان ائين ڀريل آهي، جيئن ڪنهن ماڻهو جي سڄي جسم ۾ ڊٻڙ ٿي پيا هجن. سامونڊي ڪنارو به لسو هجڻ بدران سخت کاڌل آهي ۽ جتي ڪٿي سمنڊ جا وهڪرا ڌرتي اندر ائين گهڙي آيا آهن، جيئن درياهه(سمنڊ ۾) ڇوڙ (Delta) واري حصي ۾ ڪئين شاخون ٺاهيندو آهي. سمنڊ کان ڪناري ڏي ويندڙ انهن کاري پاڻيءَ جي شاخن کي فيورڊ (Fjord) سڏجي ٿو. (نارويجن زبان ۾ J کي Y پڙهيو ويندو آهي، جيئن جانسن کي يانسن چون. اهڙي طرح جپان کي يپان پڙهن) انهن سامونڊي شاخن (فيورڊن) ڪري ناروي جي ڪناري ڀرسان اڌ لک کن ٻيٽ آهن، جيڪي سڀ ڳڻيل ۽ نقشي ۾ ڏيکاريل آهن، جيئن سامونڊي سفر ڪرڻ وارن کي سهولت رهي. باقي هتي جي تپيدارن جو سر رلي ويندو هوندو.
ناروي جو ملڪ تمام گهڻو جابلو آهي. ٻارهو ئي برف باري ۽ ٿڌ ڪري ماڻهوءَ لاءِ رهڻ عذاب آهي. هتي جي رهاڪن جو گذارو ۽ دارو مدار ٻين ملڪن سان آهي. شروع ۾ هتي جا جهازي جيڪي وائيڪنگ (Vikings) سڏبا هئا، پنهنجين ٻيڙين ۾ چڙهي انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ ۽ يورپ جي ملڪن کي ڦريندا هئا. انگريز اڄ به انهن Vikings کي سٺا جهازي ۽ Navigators سڏڻ بدران ڦورو (Plunderer) سڏين ٿا ۽ جرمن مردن ۽ عورتن صدين تائين دعائن ۾ انهن جي حملن کان پناهه گهريو.
ان بعد هتي جا ماڻهو مهاڻا ۽ ڪاٺ جا واپاري ٿيا، مڇيون مارڻ ۽ ٻين ملڪن سان واپار ڪرڻ لڳا. هاڻ جهاز ٺاهين ٿا ۽ بئنڪون هلائين ٿا. برگن (Bergen) انجڻ توڙي Jotun رنگ روغن جون ڪمپنيون هتي جون مشهور ڪمپنيون آهن، ان کانسواءِ بين به ڪيترين شين جي ٺاهڻ ۽ ايجاد ۾ ناروي اڳيان اڳيان آهي. اڄ جنهن جهاز جي سروي ڪرڻ جو موقعو مليو، ان جي لفٽ Sthale ۽ڪاڪوس هتي جا ٺهيل آهن، هن قسم جا Suction Toilets پاڻيءَ جي جهازن توڙي هوائي جهازن ۽ هوٽلن ۾ مشهور آهن ۽ هاڻ ڪجهه سالن کان ناروي جي سامونڊي ڪنارن تان تيل نڪري رهيو آهي ۽ هو جهاز سازي (Ship Yards) ۽ تيل ۽ گئس جي کوٽائي Off-Shore Drillings ۾ پڻ ماهر ٿيندو وڃي.

فن لئنڊ ۾ ٿائي کاڌو

فن لئنڊ ڇڏڻ واري آخري ڏينهن تي هيلسنڪي جي ايئرپورٽ تي وٺي هلڻ لاءِ اسان جي آفيس جو ڪئپٽن پيڪا مقرر وقت تي اسڪاٽا هوٽل ۾ پهتو، جتي اسين مختلف ملڪن جا نمائندا رهيل هئاسين. سڀ پنهنجون بئنگون ۽ ٿيلها کڻي اچي هيٺ لابيءَ ۾ گڏ ٿياسين.
”ٺهيو هيلسنڪيءَ ۾ به ويا ٽي هفتا گذري ۽ هاڻ جان ڇٽي،“ مون ٿڌو ساهه کڻي زور سان چيو.
”ڇا مان؟“ فلپينجي نيول آفيسر گلبرٽ چيو.
”ٽريننگ ٽوئر مان.“ مون پاران ٿائلنڊ جي انجنيئر مسٽر سوتي چائي چيو.
” نه، نه “ مون يڪدم درستي ڪندي چيو، ”تنهنجي ٿائي کاڌي مان.“ سڀ کلڻ لڳا.
هوٽل ۾ منهنجو ڪمرو 610 هو، يعني ڇهين ماڙ تي ڏهون نمبر ڪمرو، بلڪل منهنجي هيٺان واري ڪمري ۾ 510 ۾ ٿائلنڊ جو هي ٿائي نيويءَ جو ڪمانڊر سوتي چائي رهيل هو. هيءَ هوٽل جيئن ته هاسٽل نموني هئي ۽ هر ڪمري ۾ رڌپچاءَ جو سامان ۽ ٻه اليڪٽرڪ جا چلها هئا، سو شام جو هر ڪو پنهنجي ڪمري ۾ Cooking ڪندو هو.
سوتي چائيءَ ان قسم جي هوٽل جو ٻڌي مالمو (سئيڊن) ڇڏڻ تي ئي اهو راڳ کنيو هو ته هو هيلسنڪي هلي Thai Food رڌيندو. فلپين جو گلبرٽ (جنهن کي پڻ ان قسم جو کاڌو مڇي، چانور، کيکڙا وغير پسند آهن) ۽ مبارڪ (جنهن کي ٿائي کاڌو پسند آهي يا نه پر رڌپچاءَ جي ڪم ۾ ٽوٽي آهي) هوائي جهاز ۾ ئي سوتي چائي جي حوالي سئو سئو مارڪ ڪري، ساڻس ڀاڱي ڀائيوار ٿيا ۽ کيس مڪمل اختيار ڏنائون ته جيڪي وڻنئي ۽ جڏهن وڻنئي ائين رڌي پاڻ به کاءُ ۽ کين به کاراءِ.
سوتي چائي هيلسنڪي پهچڻ سان هڪ ٿائي دڪان ڳولي ٿائي چانور، سڪل مڇيون ۽ ٿائي چٽڻيون، ساسون (Sauces) ۽ رڌ پچاءَ لاءِ تيل وٺي آيو، پوءِ روزانو جڏهن هو مسالو ڀڃي ان ۾ سرڪي ۽ ساسن سان گڏ تازيون ۽ سڪل مڇيون تريندو هو ته هوٽل جي بهري (Basement) کان وٺي مٿاهين ماڙ تائين امونيا گئس جهڙي نڪ ساڙيندڙ ڌپ (Pungent Smell) هوندي هئي. منهنجو ڪمرو ته بلڪل هن جي مٿان هو ۽هن جي دريءَ ۽ پنهنجي دريءَ ۾ ڪو اٺ فٽ فاصلو مس هو. دري کولڻ سان سوتي چائي جي ٿائي فوڊ جي نه فقط ڌپ پر دونهون ۽ ٻاڦ به منهنجي ڪمري ۾ گهڙي ايندي هئي.
سندس ان رڌپچاءَ کانپوءِ جيڪو کيس ملندو هو اهو هلي دٻ پٽيندو هوس، ويندي ڪمري نمبر 617 ۾ رهندڙ تنزانيا جو شريف انسان دوبيلو به کيس چوندو هو: ”سوتي چائي! مهرباني ڪري هاڻي ٿائي کاڌن جي پچر ڇڏ.“
ٻيا ته ٺهيو پر سندس کاڌي جا شريڪ ساٿي يمن جو مبارڪ ۽ فلپين جو گلربٽ به رڙيون ڪندا هئا ته مڇي ۽ ساس جي ايڏي تکي ڌپ آهي جو ٻن ڏينهن تائين ڪپڙن مان نه ٿي نڪري. ان ڪري اهي ٻئي ڄڻا ماني کائڻ لاءِ جڏهن سوتيءَ جي ڪمري ۾ ويندا هئا ته گنجي ۽ چڍي پائي ويندا هئا.
اسان کي به سوتي چائيءَ جي کاڌي جي ڌپ تنگ ڪندي هئي، ڪجهه وري رونشي خاطر سوتي چائيءَ کي تنگ ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو، پر سوتي چائي ان معاملي ۾ بنهه نٺر ثابت ٿيو ۽ آخر تائين پچر نه ڇڏيائين. رڌ پچاءَ شروع ڪرڻ واري ڏينهن کان وٺي آخري ڏينهن تائين سوتي چائي سڀني جون خوشامندون ڪندو رهيو ته کيس شڪي نه ڪريو، جيڪو ملندو هوس ان کان پڇندو هو: ”ٻاهر گهمڻ نه ٿو وڃين؟“ جيئن اسين ٻاهر هليا وڃون ته اهو هن لاءِ سڀ کان سٺو رهي ۽ آرام سان ادرڪ ٿومون ساڙي تڙڪا ڪندو رهي.
هڪ ڏينهن مرچ مسالن کي گرم تيل ۾ ساڙي رهيو هو ته عين ان وقت دري کولي مٿان رڙ ڪئي مانس: What are you doing, Mr, Suti Chai? پنهنجي دري مان منهن ڪڍي منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بدران کيڪارڻ لڳو، جيئن اصل ڳالهه تان ڌيان هليو وڃي. ”How are you Mr. Altaf, Okay?“
”ڌوڙ اٿئي پئي.“ مون کلي چيو مانس، ”بيهه ته اچانءِ ٿو.“
سندس ڪمري ۾ آيس ته مبارڪ ۽ گلبرٽ به ويٺا هئا، مون سان گڏ هو به سوتيءَ کي تنگ ڪرڻ لڳا. ”سوتي چائي روز روز مڇي رڌي ماري رکيو اٿئي“ مبارڪ چيس.
پر سوتي چائي مجال آهي جو ان عنوان تي ڳالهه ڪري. هو خير عافيت ئي پڇندو رهيو: ”مسٽر الطاف! طبيعت ڪيئن آهي؟“
”اسان جو ٿو ساهه نڪري توکي طبيعت جي لڳي آهي.“ وراڻيو مانس.
ان بعد کيس ۽ مبارڪ کي سنڌ جي هڪ وڏيري ۽ سندس شيدي نوڪر جو چرچو ٻڌايو ته هڪ رئيس اونڌو ٿيو ستو پيو هو ۽ سندس شيدي خادم کيس زور پئي ڏنا. اوچتو رئيس کان ٽٽ نڪري ويو. هن روڪڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر مڪمل طرح ڪامياب ٿي نه سگهيو. بهرحال نوڪر جو ڌيان هٽائڻ لاءِ پڇيائين:”ابا جمعا! گهڻا ڀائر آهيو پاڻ ۾؟“
نوڪر به هو استاد ماڻهو تنهن ٺهه پهه وراڻيس: ”رئيس ڀائر ته چار آهيون. ٽي ته ماتليءَ پنهنجن گهرن ۾ سکيا ويٺا آهن، باقي چوٿون جمعو توب جي منهن ۾ آهي. الاءِ مري يا بچي!“
مبارڪ وارن سان گڏ سوتي چائي به کلڻ لڳو. جڏهن هنن کِلي بس ڪيو ته سوتيءَ کي چيم:”سوتي چائي تون به طبيعت ڇا ٿو پڇين. ٿائي فوڊ رڌڻ بند ڪر نه ته مالمو موٽڻ تائين الاءِ بچي به سگهون يا نه.“

اعليٰ تعليمي نظام جو راز ....

۽ هاڻ وئن ۾ سامان رکي مالمو (سئيڊن) موٽڻ لاءِ هيلسنڪيءَ جي ايئرپورٽ ڏي وڃي رهيا هئاسين. گاڏي هلڻ سان سوتي چائي، گلبرٽ ۽ ٻيا پوين سيٽن وار سمهڻ ۽ کونگهرا هڻڻ لڳا. اسان جو ميزبان ڪئپٽن پيڪا مون سان ئي ڳالهائيندو هليو ۽ پوءِ مون کي به اوچتو خيال آيو ته هيلسنڪيءَ جو هوائي اڏو ته شهر کان تمام پري آهي، آئون به ڇو نه ٿوري دير ننڊ ڪري وٺان.
”باقي ڪيترو آهي؟“ مون پيڪا کان پڇيو.
”ڇا مطلب؟“ هن نه سمجهيو.
”ايئرپورٽ پهچڻ لاءِ باقي ڪيترو پنڌ بچيو آهي؟“
”ڪجهه به نه بچيو آهي، اهو سامهون ايئرپورٽ بيٺو آهي. ڇو؟“
”بس مون به ڪانگ واري اک هڻڻ چاهي ٿي، پر هاڻ هوائي جهاز ۾ ننڊون ڪندس“
ايئرپورٽ تي پهچي يمن جي مسٽر مبارڪ اسان جي چئن جي ٽولي ۽ پنجين تنزانيا جي دوبيلي کان ٽڪيٽ وٺي، ڪائونٽر تان جهاز ۾هڪ ٻئي جي ڀرسان ويهڻجا سيٽ نمبر (بورڊنگ ڪارڊ) وٺي آيو.
جهاز ۾ گهڙياسين ته منهنجو سيٽ نمبر گلبرٽ ۽ سوتي چائيءَ جي وچ ۾ هو.
”توکي سموڪرس سيٽ کپييا نان-سموڪرس سيٽ؟“ يمن جي مبارڪ مون کان پڇيو. دراصل هن کي مون واري سيٽ کتي ٿي جيئن هو ”هم پيالا هم نوالا“ گلبرٽ ۽ سوتي چائيءَ سان گڏ ويهي سگهي.
”سموڪنگ جي ته سڄي جهاز ۾ اجازت ناهي جو هي جهاز هڪ اسڪينڊينيوين ملڪ کان ٻئي ۾ پيو وڃي. بهرحال مون کي نان-سموڪنگ سيٽ نه پر نان-اسپيڪنگسيٽکپي،سوآئوندوبيلوسانٿوويهان.“موناٿيپنهنجيسيٽمبارڪکيڏني.
تنزانيا جو مئرين انجنيئر دوبيلو ماٺيڻي طبيعت جو آهي، سفر ۾ پاڻ به ننڊون ڪندو آهي ۽ ڀر واري جو به سک نه ڦٽائيندو آهي.
پر هيلسنڪي کان ڪوپن هيگن جي هن فلائيٽ ۾ اتفاق اهڙو ٿيو جو دوبيلو جهڙو ماڻهو، جيڪو هر هلندڙ شيءِ ۾ هميشه سمهندو آهي پوءِ چاهي بس هجي يا لاري، جهاز هجي يا ريل گاڏي پر هن دفعي دوبيلو خبرون ڪندو رهيو ۽ آئون ماني اچڻ تائين سندس ڳالهيون ٻڌندو ۽ پڇندو رهيس.
دوبيلو ٻڌايو ته هو ڪيئن جهاز جو انجنيئر ٿيو.
”منهنجو گهر نه دارالسلام جهڙي بندرگاهه ۾ آهي ۽ نه ڪنهن سمنڊ جي ڪناري واري ڳوٺ ۾. آئون جنهن ڳوٺ ۾ ڄايس، وڏو ٿيس ۽ پڙهيس اهو سمنڊ کان سوين ميل ڏور آهي.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ ڀلا جهاز جي نوڪريءَ جو توکي ڪيئن شوق ٿيو؟“ مون پڇيو مانس.
”مون ڊاڪٽر ٿيڻ ٿي چاهيو، پر ڪاليج ختم ڪري جن ڏينهن ۾ آئون ملٽري ۾ هوس ته اتي مئرين انجنيئرنگ لاءِ هڪ اخبار ۾ اشتهار ڏسي Apply ڪيم. اسان وٽ تنزانيا ۾ هر هڪ کي ٻه سال فوج ۾ رهڻو هوندو آهي، سو انهن ٻن سالن دوران مون کي انٽرويو لاءِ سڏ ٿيو. مون پنهنجي ڪمانڊر کان انٽرويو تي وڃڻ لاءِ موڪل ورتي پر هن نه ڇڏيو. پر هوڏانهن مون کي بنا انٽرويو جي چونڊي ورتائون جو منهنجي اسڪول ۽ ڪاليج جا سرٽيفڪيٽ ۽ مارڪون تمام سٺيون هيون، جن ڪري هنن مون کي مرچنٽ نيويءَ ۾ کڻڻ جو فيصلو ڪيو”“
”دوبيلو! تنهنجين ڳالهين مان لڳي ٿو ته توهان جي ملڪ تنزانيا ۾ انگريزن جي وڃڻ بعد به تعليم جو معيار مٿانهون رهندو اچي ... سفارش بنا، قابل ۽ حقدار شاگردن کي حق ملي ٿو، نه ته تون غريب هئين، هڪ ڳوٺ جو هئين، انٽرويو تي به نه وڃي سگهئين- ان هوندي به تنهنجي مجبوريءَ کي درگذر ڪري، تنهنجي حق جو خيال رکي توکي کنيو ويو.“ مون چيو مانس.
”ها صحيح چئو ٿا. تنزانيا ۾ اڃا تائين ته تعليم جو معيار بلند آهي، ان ڪري اسان جي ملڪ مان جيڪو پڙهي ڊاڪٽر، انجنيئر يا وڪيل ٿئي ٿو اهو پنهنجي ڪم ۾ ڀڙ سمجهيو وڃي ٿو.“ دوبيلو ٻڌايو.
”هائو.“ هن جي ڳالهه کي دل سان مڃيندي مون ان جي پوئواري ڪئي، ” هونءَ هتي اچڻ بنا ڪو اها ڳالهه ڪري ها ته يقين نه اچي ها، پر ڏسان پيو ته تنهنجي ملڪ جا ٻيا همراهه مسٽر چيپا، مسٽر ڪمولو يا نائيجيريا جي مئڊم جوليانا، مئڊم آرت ۽ مسٽر ايڊي- هڙ شاگرد پنهنجي تعليم توڙي عام معلومات ۾ هوشيار آهن، هر عنوان تي سندن سوچ ۽ صلاحون مفيد ثابت ٿيون آهن، ايتري قدر جو بحث مباحثي دوران هتي جا ڪي گورا ڪٽر يورپي پروفيسر به سندن خيالن ۽ قابليت جو اعتراف ڪن ٿا.“
آفريڪا جي ان قائم ڪيل تعليمي معيار توڙي اعليٰ ذهين لاڙن جو سوچي جتي خوشي ٿيندي اٿم، اتي پنهنجي ملڪ جي نوجوانن ۽ تعليم جي واسطيدارن کي هيٺاهين جي واٽ ويندو ڏسي ڏک ٿيندو آهي ۽ السينڊ (ناروي) ۾ مليل هڪ سنڌي همراهه گل آهوجا جي ڳالهه دل سان لڳي ٿي ته اسان جا ملڪ ۽ ماڻهو جيڪي تهذيب ۽ تعليم کان مٿاهان مڃيا ويندا هئا، اڄ انهن جو هي حال ڏسي لڳي ٿو ته اهي اڳ جي دور جون ڳالهيون ڄڻ حقيقتون نه پر افسانا هجن.
مون تنزانيا (آفريڪا) جي هن پنهنجي ڪليگ کان سندس ملڪ جي اعليٰ تعليمي نظام جو راز معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي، ان بابت ڪجهه پڇانس ان کان اڳ پاڻ چيائين:
”اسان جي ملڪ (تنزانيا) ۾ تعليم کي پرائمري ليول کان اهميت ڏني وڃي ٿي. ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ جيڪيٻاراڻا يا پرائمري اسڪول کلن ٿا، انهن ۾ استاد توڙي ٻارن جا مائٽ محنت ڪن ٿا ۽ دلچسپي وٺڻ ٿا. ڳوٺ جو وڏو يا قبيلي جو سردار ان اسڪول کي پنهنجي هڙون به ڏئي ٿو ۽ اسڪول جي بهتري کي پنهنجي عزت جو سوال به سمجهي ٿو....“
دوبيلو آفريڪا جي هڪ ملڪ تنزانيا جي دور دراز ڳوٺن ۽ انهن ۾ تعليم لاءِ چاهت ۽ سچائي جون ڳالهيون ڪندو رهيو، منهنجو ڌيان سنڌ جي ڳوٺن ڏي ڦرندو رهيو، جن مان علامه آءِ آءِ قاضي، محمد عمر دائود پوٽي، امينا خميساڻي، اي ڪي بروهي ۽ ويندي اڄ جي دور جا جمال ابڙو، امر جليل، ڪي بي رند، حسن مجتبيٰ، فقير محمد لاشاري جهڙا قابل ماڻهو پڙهي نڪتا ۽ هو هڪ شهري پڙهيل کان ڪنهن به ليکي ۾ گهٽ نه آهن. شايد هو انگريزن ۽ ڌارين جو دور هو، جڏهن ڳوٺن جا اسڪول به صحيح طرح هليا ٿي پر اڄ جڏهن پنهنجن جو دور آهي ته پنهنجي ماڻهن ۽ انهن جي ٻچن جي تعليم جو سوچڻ ۽ ان کي بهتر بڻائڻ بدارن ڳوٺ جو وڏيرو توڙي تعليم کاتي جا آفيسر يا اسڪول جا ماستر توڙي ٻارن جا والدين ڪهڙي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن؟ اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي. هڪ سنڌي اخبار ۾ ڪنهن پڙهندڙ جو سنڌي ۽ تعليمي نظام بابت تفصيلي خط ڇپيو هو. اسان جي تعليم جي تباهي بابت سندس تت اهو هو ته ڪيترا ماستر بنا محنت جي گهر ويٺي پگهار کڻڻ چاهين ٿا. وڏيرا، پير، ڀوتار پنهنجي مستقبل جي اونداهي ڏسي، هو ڪنهن به پنهنجي ڳوٺ جي ٻارن جي تعليم جي همت افزائي نه ٿا ڪرڻ چاهين ۽ ٻارن تي سندن ماءُ پيءُ محنت ڪرڻ بدران تعليم جو سڄو بار استاد تي سونپڻ چاهين ٿا ۽ هنن کي فقط اها اون آهي ته سندن ٻار جلد وڏا ٿي، ڪا سرڪاري نوڪري ڪن - پوءِ اها ڀلي ڪنهن کاتي ۾ ڪلارڪي هجي- پر هجي رشوت واري.

تون سوئر ڇو نه ٿو کائين...؟

هيلسنڪي کان ڪوپن هيگن ڏي سفر ڪرڻ واري هن هوائي جهاز ۾، خبر ناهي ڪنهن وقت منهنجي ڀر واري سيٽ تي ويٺل تنزانيا جي هن دوست دوبيلي ماٺ ڪئي.
”ڇا پيئندائو؟“ايئر هوسٽس جي پڇڻ تي منهنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. آئون SAS جي جهاز ۾ هيلسنڪي (فنلئنڊ) کان ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) وڃي رهيو هوس، جتان پوءِ هوور ڪرافٽ ذريعي مالمو (سئيڊن) وڃڻو هو جتي جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ سان منهنجو واسطو آهي.
تنزانيا جي مئرين انجنيئر مسٽر دوبيلو پيئڻ لاءِ ايئر هوسٽس کي ڪوڪا ڪولا چئي ۽ مون چانهه لاءِ گُهرَ ڪئي جو هوائي جهاز ۾ آئون ٿڌڪار محسوس ڪري رهيو هوس.
”ڇا چانهه نه هلندي؟“ مون دوبيلو کان پڇيو.
”ماءِ ڊيئر فرينڊ!“ دوبيلو منهنجي جوٽ تي هٿ هڻندي چيو چانهه يا ڪافي يا ڪوڪا ڪولا، ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. منجهن ڪا به غذائي Value نه آهي. بس مڙئي ٿيا چپ آلا ڪرڻا.“
مون کلي چيومانس: ”واقعي ڳالهه صحيح ٿو ڪرين، بقول هڪ سنڌي چوڻيءَ جي ڪارو منهن ٿيو ڪرڻو، جهڙو تئي مان تهڙو دانگيءَ مان.“
۽ هاڻ دوبيلو به کلڻ لڳو. دوبيلو به انهن مان آهي، جيڪي بيئر، وسڪي يا ٻئي ڪنهن شراب کان پري ڀڄن ٿا، جيتوڻيڪ پاڻ عيسائي آهي. ان جو سبب منهنجي پڇڻ تي شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهي ته شراب نه فقط مسلمان لاءِ خراب شيءِ آهي پر هڪ سٺي عيسائي لاءِ پڻ.
”شراب جي سٺي شيءِ هجي ها ته هنن ملڪن جا سڀ امير ماڻهو هر وقت اهو پيئندي نظر اچن ها،“دوبيلو هڪ ڏينهن ٻڌايو هو، ”هنن وٽ ته نه پئسي جي کوٽ آهي ۽ نه شراب جي. پاڻ جهڙن غريب ملڪن ۾ شراب پيئڻ هڪ کوکلي شان ۽ ڏيکاءُ جي نشاني بڻجي چڪو آهي. اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن ۾ جيڪي ماڻهو شراب پيئن ٿا اهي دراصل احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهن.“
”اهو ڪيئن؟“ مون پڇيو مانس
”بس. ڪيترا ماڻهو جن وٽ هتان هتان پئسو ته اچي ويو آهي پر ٻيو ڪو لڇڻ نه اٿن ته هو پاڻ کي يورپي-يعني ٻين لفظن ۾ اعليٰ سڏائڻ لاءِ شراب پيئن ٿا، ڇو ته هي يورپي، جيڪي اسان جا مائي باب سمجهيا ويندا هئا، جنهن دور ۾ اسان جي ملڪن ۾ ڪلبن ۾ ۽ جيم خانن ۾، ويهي شراب پيئندا هئا ته اسين ديسي ماڻهو ان تي ريس ڪندا هئاسين. هاڻ اسان جي ماڻهن کي ڪير ٻڌائي ته بابا اهي گورا اڄ ان شراب ۽ سگريٽ کي پنهنجو جاني دشمن سمجهن ٿا. کلي عام ته ڇا پر مئخانن ۾ شراب پيئندي به هو شرم محسوس ڪن ٿا.“
”اسان وٽ پڙهيل ڳڙهيل آفيسر به ته پيئن ٿا جن کي وڏيون ڊگريون ۽ وڏا عهدا آهن.“ مون دوبيلو کي چيو
”بلڪل. اسانجي ملڪ (تنزانيا) يا آفريڪا جي ٻين ملڪن جو به ساڳيو حال آهي،“ دوبيلو چيو، ”پر افسوس جو اهي پڙهيل ڳڙهيل به احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهن. هو هيترو سڀ ڪجهه هوندي به پنهنجو پاڻ ۾ خال محسوس ڪن ٿا ته شايد شراب پيئڻ بنا هو وڏا ماڻهو نه سمجهيا ويندا، پوءِ هنن جو ڀلي سمورو پئسو ۽ صحت ان ۾ ڳري وڃي، پر هو شراب پيئڻ ضروري سمجهن ٿا. هنن کي هر وقت اهو احساس رهي ٿو ته ائين ۽ فقط ائين ڪرڻ سان هو ملڪ جي هٿ ٺوڪي ”هاءِ سوسائٽيءَ“ ۾ هلي سگهن ٿا ۽ عام ماڻهوءَ کي مرعوب ڪري سگهن ٿا.“
پيئڻ لاءِ ڪجهه رکي وڃڻ بعد ٻي ايئر هوسٽس ماني ڏيڻ لاءِ ڦيٿن واري لوهي ٽرالي ريڙهيندي آئي. پلاسٽڪ جي وڏي ٿالهيءَ ۾ انگور، مکڻ، پنير ذرو، سلاد، گوشت جا سنها پترا، ڌنئوري جو گلاس، ٻه کن چاڪليٽ وجهي هر هڪ مسافر اڳيان رکڻ لڳي.
هيلسنڪي جي هوٽل مان نڪرڻ وقت آئون چڱي طرح کائي نڪتو هوس جو هن پاسي جي جهازن ۾ اڪثر سوئر جو گوشت (Pork/Ham) ملي ٿو ۽ سڀني مسافرن لاءِ ساڳيو کاڌو ايئرپورٽ تان ئي کڻي نڪرن ٿا. ان ڪري جهازن وارن لاءِ ڪنهن به مسافر جو کاڌو بدلائي ٻيو ڏيڻ هڪ مشڪل ڳالهه آهي. ساڳي وقت پڪ ڪرڻ لاءِ ته آيا اهو خنزير جو گوشت آهي يا ڍڳي ٻڪري جو، خراب لڳي ٿو ۽ هينئر ته يمن جو مبارڪ گڏ هو سو ان ”پڇ پڇ“ جي پڳ هن پنهنجي مٿي تي رکي هئي. هو هينئر به وسڪيءَ جو گلاس هٿ ۾ جهلي ايئر هوسٽس کان پڇي رهيو هو ته سئنڊوچون ڪهڙي گوشت جون آهن، جيڪا ورندي ۾ ٻڌائي رهي هيس ته بئڪن جون آهن، معنيٰ سوئر جي گوشت جون آهن.
دوبيلو مبارڪ ڏي منهن ڪري پڇيو:
”My friend! Why you don’t eat pork?“
(تون سوئر جو گوشت ڇو نه ٿو کائين؟)
مبارڪ ٿورو چڙ مان وراڻيس، ”ان ڪري جو آئون مسلمان آهيان.“
دوبيلي کلندي چيس: ”اها ته مون کي به خبر آهي ته تون مسلمان آهين، پر مسلمان کي ته شراب به نه پيئڻ کپي.“
مبارڪ لاجواب ٿي ويو. ڪهڙي ورندي ڏئيس.
”دوبيلو، هي مرزا غالب وانگر اڌ مسلمان آهي.“ مون غالب واري ڳالهه جو حوالو ڏنو.ننڍي کنڊ جي مشهور مسلمان شاعر مرزا غالب کان ڪنهن ڪيس دوران ڪورٽ ۾ جڏهن قسم نامي وقت پڇيو ويو ته آيا هو مسلمان آهي يا سک يا عيسائي ته وراڻيائين.
”آئون اڌ مسلمان آهيان، شراب پيئان ٿو، پر سوئر نه ٿو کان.“

هيلسنڪي کان ڪوپن هيگن ۽ مالمو

جهاز پوري وقت تي ڪوپن هيگن پهتو پر سڀني مسافرن جي لهڻ بعد اسان ڏهه منٽ کن پوءِ لٿاسين.جهاز ۾ ماني کائڻ دوارن نرم وارو چاڪليٽ گلبرٽ جي پليٽ تان سندس سيٽ تي ڪري پيو ۽ پاسا ورائڻ تي ماڳهين پتلون هيٺان چِلهجي ويو. جهاز جي سيٽ ته خراب ٿي پر گلبرٽ جي هلڪي رنگ جي پتلون تي پٺيان چاڪليٽ جا ائين داغ ٿي پيا ڄڻ دست ڪيا هجنس.
گلبرٽ اهي نشان ڏسي چيو: ”آئون جهاز مان ائين نه لهندس، ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تي ماڻهو کلندا.“ سو جهاز جي ڪاڪوس ۾ پتلون لاهي ڌوئڻ لڳو، تيسين اسين باقي چار ڄڻا ۽ پنجين SAS جي پوڙهي ايئر هوسٽس بيٺي رهي ته اسين لهون ته هوءَ جهاز جو در بدن ڪري پاڻ به نڪري. گلبرٽ جي ڪوشش ناڪام وئي ۽ سوتي چائيءَ جي صلاح ۽ مبارڪ جي فيصلي موجب اسان چارئي ڄڻا سندس اڳيان پويان ۽ ساڄي کاٻي ٿي هلڻ لڳاسين- ڄڻ اسان سندس باڊي گارڊ هجون. پر هتي اسان جو مقصد سندس جان بچائڻ نه پر آن بچائڻ هو، جيئن ڪنهن جي نظر سندس پتلون تي نه پوي. اها ڊيوٽي ڪندا رهياسين، جيسين ايئرپورٽ تي سندس بئگ ملي جنهن مان ٻي پتلون ڪڍي هن ان وقت ئي پاتائين.ان بعد هن ۽ اسان سُک جو ساهه کنيو.
جنهن وقت جهاز مان نڪري اسان ايئرپورٽ ڏي اچي رهيا هئاسين ته گلبرٽ چيو: ”اهو سڄو ڪم مبارڪ ڪري ٿيو.مانيءَ کائڻ مهل ايڏي ڦٿ ڦٿ ڪيائين جو منهنجي ٿالهي اونڌي ٿي وئي ۽ چاڪليٽ کاڌم ته ڪونه، ماڳهين پتلون خراب ڪري وڌائين.“
مبارڪ کلي سوتي چائي کي چيو: ”گلبرٽ گشا ٿو هڻي، منهنجي ڏوهه نه پر تنهنجو آهي.“
”اهو ڀلا ڪيئن؟“ سوتي چائيءَ هميشه وانگر پنهنجي معصوم انداز ۾ پڇيو.
”گلبرٽ! چاڪليٽ جو فقط بهانو ٿو ڪري، دراصل فنلئنڊ ۾ تنهنجي رڌل ٿائي فوڊ ڪري سندس پيٽ خراب ٿي پيو آهي.“ مبارڪ چيو.
سوتي چائي ٽهڪ ڏئي گلبرٽ کي چيو:”گلبرٽ! پليز آئنده ٻارن واري نئپي ٻڌي هلندو ڪر.“
۽ ويچارو گلبرٽ ان تي وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ بدران هر هڪ کي منٿ ڪندو رهيو ته ٿورو ويجهو ٿي هلو، جيئن ڪنهن ٻئي جي نظر سندس پتلون تي نه پوي. پتلون بدلائڻ بعد اسين تکا تکا ڪوپن هيگن جي گيٽ نمبر C 29 ڏي وڌياسين، جتان هوور ڪرافٽ (Hoover Craft) ذريعي مالمو روانو ٿيڻو هو. هوور ڪرافٽ ”هوائي جهاز“ ۽ پاڻي واري جهاز جي کار چئي سگهجي ٿي. هوور ڪرافٽ ٻاهران شڪل ۾ پاڻيءَ جو جهاز ٿئي ٿو پر اندران هوائي جهاز وانگر ٿئي ۽ پروپيلر تي هلڻ بدران هوائي جهاز وانگر ٽربائين انجڻ تي هلي ٿو. هو پاڻي توڙي خشڪي تي بيهي سگهي ٿو. هلڻ مهل پاڻي يا زمين کان فٽ ڏيڍ مٿي اڏري ٿو.
ڪوپن هيگن جو ايئرپورٽ يورپ جي هن پاسي جي ملڪن ۾ وڏي ۾ وڏو ايئرپورٽ آهي، جهاز مان مسافرن جي لهڻ چڙهڻ لاءِ منجهس چالهيارو کن دروازا آهن. گيٽ نمبر اوڻٽيهين ڏي ويندي رستي تي ايئرپورٽ جو وڏو ”ڊيوٽي فري دڪان“ اچي ٿو، جنهن ۾ رکيل شراب مبارڪ ۽ گلبرٽ کي چقمق وانگر ڇڪيو. وسڪي جي بوتل ٻه ۽ بيئر وٺڻ لاءِ هو ان ۾ گهڙي ويا. اسين پنهنجي ٽڪيٽ ڏيکاري، هوور ڪرافٽ ۾ ويهڻ جو سيٽ نمبر (Boarding Card) وٺي اچي انتظار گاهه ۾ ويٺاسين. سوتي چائيءَ کي چيم ته وقت تمام ٿورو آهي، شل مبارڪ وارا پهچي وڃن، نه ته خبر ناهي هوور ڪرافٽ وارا هنن لاءِ ٿوري دير به ترسندا يا نه؟
جواب ۾ هن پنهنجو تڪيو ڪلام دهرايو:
”Whatever will be, will be, Que sera sera“ (جيڪي ڪجهه ٿيڻو هوندو سو ٿي رهندو)
راڳ جي Que sera sera سٽ اسپيني آهي، جيڪو ٻڌي اسان جا پري کان ويٺل وينزوئلا ۽ ڪاسٽاريڪا جا ڪُليگ کلڻ لڳا جو هنن جي مادري زبان اسپيني آهي ۽ هنن نرسري اسڪول ۾ ماسترياڻي کان اهو راڳ ضرور ٻڌو هوندو.
اتي بس ۾ چڙهي هوور ڪرافٽ ڏي هلڻ جو اعلان ٿيو. سوتي چائي کلي چيو: ”ڏٺئه هي پنهنجا يار نه پهتئه. هاڻ ڀلي ٻه ٽي ڪلاڪ، ٻئي هوور ڪرافٽ جي وڃڻ تائين اتي ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تي انتظار ڪن.“ ۽ پوءِ پنهنجو مٿيون دلپسند راڳ وري جهونگارڻ لڳو....
When I was just a little girl
I asked my mother, what will I be
Will I be pretty
Will I be rich
Here's what she said to me
Que sera, sera
Whatever will be, will be
The future's not ours to see
Que sera, sera
What will be, will be
When I grew up and fell in love
I asked my sweetheart, what lies ahead
Will we have rainbows
Day after day
Here's what my sweetheart said
Que sera, sera
Whatever will be, will be
The future's not ours to see
Que sera, sera
What will be, will be
اتي سامهون مبارڪ ۽ گلبرٽ کي ڊوڙندو ايندو ڏٺوسين. بس ۾ آخري مسافر سوار ٿئي ان کان اڳ هو بس وٽ پهچي ويا ۽ بس ۾ چڙهي هوور ڪرافٽ ڏي آياسين، جيڪو ٻه ميل کن پري خشڪيءَ تي پارڪ ٿيل هو. سامهون بالٽڪ سمنڊ هو جيڪو هن جهاز کي ڪراس ڪري اسان کي پرينءَ ڀر (مالمو) شهر پڄائڻو هو.
شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪوپن هيگن۽ مالمو ائين آهي جيئن منهوڙو، ڪياماڙي. منهوڙو ڪوپنگ هيگن ٻيٽ آهي ته ڪياماڙي مالمو-جيڪو سئيڊن جي ڏاکڻي پڇڙي تي آهي. سئيڊن جي گادي جو هنڌ اسٽاڪهوم مالمو بندرگاهه کان ائين پري آهي، جيئن ڪراچي بندرگاهه کان اسلام آباد. هاڻ ظاهر آهي ته ڪوپن هيگن پهچي پوءِ پاڻيءَ رستي ڪلاڪ اڌ ۾ مالمو اچجي ته وڌيڪ سولو ۽ سستو آهي. ڪراچي کان مالمو ايندي وقت به اسين اسٽاڪهوم بدران ڪوپن هيگن ان ڪري آيا هئاسين.

”ڊائناسورس“ معنيٰ خوفناڪ چچي ...

هن ڀيري هُووَر ڪرافٽ ۾هر هڪ کي ڌار ڌار جاءِ ملي. مون کي جهاز جي پيٽاري واري حصي ۾ ملي، هر قطار ۾ پندرهن کن سيٽون ٿين، منهنجي ڀر ۾ هڪ جرمن يا شايد بيلجم جو پروفيسر ويٺل هو. تمام سٺي انگريزي ڳالهائين ٿي. هو سئيڊن جي ٻئي نمبر شهر گوٿن برگ وڃي رهيو هو، جتي بئي هفتي کان گوٿن برگ جي ”نئچرل هسٽري ميوزم“ ۾ ڊائنا سورس، دنيا جي قديمي وڏن جانورن جي هڏن جي نمائش لڳي رهي آهي. پاڻ ان سبجيڪٽ جو ڄاڻو ۽ اهم شخصيت مڃيو وڃي ٿو. افسوس جو هن جو نالو هن وقت وسري ويو آهي، مالمو ايندي تائين هن دنيا جي هنن قديمي جانورن Dinosaurs بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌايون. جيڪي ياد آهن هتي قلمبند ڪريان ٿو:
• موهن جو دڙو يا فرعونن جا مصر ۾ ٺهيل اهرام (Pyramids) پراڻا پراڻا ته به پنج ڇهه هزار سال پراڻا آهن. اهڙي طرح ڏهه هزار سال ۽ اڃا به وڌيڪ ته هڪ لک سال ان مقابلي ۾ وڏو عرصو آهي. ڏهه لک سال يعني هڪ ملين (Million) سال اڃا به گهڻو ٿيو. سائنسي کوجنائن مطابق ڊائنا سورس جانورن هن ڌرتي تي ڪڏهن جنم ورتو ان لاءِ سئو سال يا هزار سال جو يونٽ نه پر هڪ ملين سالن جو ماپو استعمال ڪرڻ ضروري آهي.
• هي جانور جيڪي تمام وڏي قدبت جا هئا، اڄ کان ٻه سئو ويهه ملين سال اڳ هن ڌرتي تي ظاهر ٿيا. ڏيڍ سئو ملين سالن تائين انهن جون ڪئين جنسون هن ڌرتي جي گولي تي موجود رهيون ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو غائب ٿي واي، انهن جي ختم ٿيوڃڻ کيبه پنجهٺ ملين سال ٿي ويا آهن.
• ڊائناسورسDinosaurs قديم يوناني لفظ آهي. ڊائنو معنيٰ خطرناڪ ۽ سورس معنيٰ چچي ۽ هن چچيءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي جنهن جا ڪي ڪي قسم هڪ سئو فٽن کان به وڏا هئا، خاص ڪري Seismosaurus (سيموسورس) ته سوا سئو فٽن کان به ڊگهو هو، يعني ڇهه فوٽا ويهه ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪلهن تي مٿي چڙهي بيهن تڏهن وڃي سندس منهن تائين پهچن. سيموسورس هلندو هو ته اوسي پاسي جي زمين ڌڏي ويندي هئي- ان ڪري سندس نالو ”زلزلو پيدا ڪندڙ چچي“ رکيو ويو آهي.
• اهي جانور درياءَ ۽ جهڙي تهڙي سمنڊ ۾ ته ائين هلي ويندا هئا، جيئن ڪتو ٻلو مينهن جي پاڻي ۾ هلي. ڊائناسورس جا ڪي قسم اونهي سمنڊ ۾ به تري سگهندا هئا ته ڪي پکين وانگر اڏامندا به هئا. اڏامڻ وقت ڌرتي تي سندن ايڏو ته وڏو پاڇو ٿيندو هو ڄڻ ڪڪرن ڪري جهڙ ٿي ويو هجي.
سائنسدانن کي اها ڪيئن خبر پيئي ته ايڏا وڏا جانور، ايڏا ايام اڳ هن ڌرتي تي هئا؟
• سائنسدانن کي ڌرتيءَ مان لڌل هڏن مان معلوم ٿيو آهي، جيڪي دنيا ۾ ڪيترن هنڌن تي پٿرائين صورت ۾ مليا آهن ۽ اڄ تائين ملندا رهن ٿا. جانور جي کل ۽ گوشت ته ان ئي وقت ئي سڙيو وڃي پر هڏائون پڃرو ثابت رهي ٿو. ان هڏائين پڃري مان انهن جي قدبت ۽ ٻين ڳالهين جي ڄاڻ پوي ٿي.
• هنن جانورن مان ڪن جا هڏا ڳوهه ۽ سانڊي جهڙا آهن ۽ Saurischiaus(معنيٰ چچيءَ جي دڌ وارا) سڏجن ٿا ۽ ٻيا Ornithisvhiaus(پکيءَ جي دڏ وار) سڏجن ٿا. اهي گاهه ۽ ٻوٽا کائيندا هئا، جنهن جي ڄاڻ سندن ڏندن جي گاٺ مان پئي آهي.
• جنهن دور ۾ هنن جانورن جون شروعاتي جنسون پيادا ٿيون هيون اهو Traissic دور سڏجي ٿو. ٽرائسڪ دور کانپوءِ وارو دور جُوراسِڪ (Jurassic) سڏجي ٿو، جيڪو اڄ کان ڏيڍ سئو ملين سال تائين هليو.
• هن دور ۾يعني اڄ کان ٻه سئو ملين سال اڳ (ياد رهي ته هڪ ملين ڏهه لک سالن برابر آهي) ڌرتي جا مختلف کنڊ، آفريڪا، ايشيا، آمريڪا وغيره اڄ وانگر ڌار ڌار نه هئا پر هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا ۽ هڪ سئو ملين سال ٻيا به هڪٻئي جي ويجهو ويجهو رهيا ۽ پوءِ آهستي آهستي پري ٿيندا ويا ۽ اڄ جي صورت اختيار ڪيائون. نتيجي ۾ هنن قديمي ۽ آفتن جهڙن جانورن جا هڏا جتان ڪٿان ملندا رهن ٿا، ميڪسيڪو توڙي منگوليا مان، آسٽريليا توڙي آمريڪا مان.
• آمريڪا جي جوراسڪ فلم ۽ پارڪ جو نالو ان دور تان رکيو ويو آهي، جنهن ۾ قديمي جانور ڏيکاريل آهن. هن دور کانپوءِ جو دور Creataceous سڏجي ٿو، جيڪو پنجهتر ملين سال هليو ۽ اڄ کان پنجهٺ ملين سال اڳ تائين هو. ان دور جي آخر ۾اهي سڀ وڏا ۽ قديمي جانور نابود ٿي ويا، ڪيئن ختم ٿي ويا ان جو جواب ڪو به خاطري سان نه ٿو ٻڌائي. ڪي چون ٿا ته هي جانور بک وگهي مري ويا، جو هنن کي کاڌي خوراڪ لاءِ تمام گهڻو کتو ٿي ۽کائي کائي ٻيلا جهنگل چٽ ڪري ڇڏيا هئائون، ڪي چون ٿا ته ڪا اهڙي وبا پکڙي جنهن ۾ سڀ مري ويا. ڪي چون ٿا ته هن ڌرتي سان پڇڙ تاري (Asteroid/Comet) جو اهڙو زور سان ٽڪر ٿيو جو سڄي ڌرتي جي چوڌاري مهينن جا مهينا اڏاميل ڌوڙ جا گهاٽا ڪڪر ڇانيل رهيا ۽ لڳاتار اونداهه ڪانڀار هجڻ ڪري، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ ساهوارا هوا ۽ کاڌي جي فنا ٿيڻ ڪري مري ويا.
• بهرحال هي جانور هن ڌرتي جي گولي تي تقريبن ٻه سئو ملين سال رهيا ۽ ان عرصي کي هڪ انساني عمر سان ڀيٽجي ته هڪ سئو سال يا ويندي پنج هزار سال به ڄڻ هڪ خواب برابر آهن.

پرديس ۾ رهندڙن جا ڪجهه مذهبي مونجهارا

سئيڊن جو شهر مالمو جنهن ۾ آئون رهان ٿو، ان ۾ هڪ تمام وڏي مسجد آهي. مسجد جي چوڌاري وڏو ميدان آهي، جنهن تي سوين ڪارون پارڪ ٿي سگهن ٿيون. در ۾ گهڙڻ سان چورس ورانڊو آهي، جتي ويهڻ لاءِ ڪيترائي صوفا سيٽ رکيل آهن. وچ تي ٿلهو غاليچو وڇايل آهي، جيئن عيد نماز ۽ جمعي نماز تي اندريون وڏو حال ڀرجي وڃي ته هن ورانڊي ۾ پڙهي سگهجي. هال جي مٿان ماڙي آهي، جتي عورتون ويهي واعظ ٻڌن ۽ نماز پڙهن. عورتن کي مسجد ۾ اچڻ کپي يا نه پر هتي اچن ٿيون، خاص ڪري جمعي نماز تي تمام گهڻيون هونديون آهن.
مسجد جو امام تبديل ٿيندو رهي ٿو. اڄڪلهه ترڪي کان آيل هڪ ترڪ آهي. سندس رهائش جو بندوبست مسجد ۾ آهي. مسجد جي خرچ پکي جو وڏو حصو عرب ۽ ترڪ سفارتخانا ڏين ٿا، باقي حصو نمازي ڏين. نمازين ۾ گهڻا عرب ۽ بلقاني رياستن جا ماڻهو نظر اچن ٿا، يعني يوگوسلاويا، بلغاريا، البانيا ۽ رومانيا پاسي جا. هزار کن جماعتين ۾ ٻه سئو کن شيدي به هوندا آهن، جيڪي آفريڪا جي مختلف ملڪن جا آهن، خاص ڪري گهانا، نائيجيريا، موريطانيا، جبوتي وغيره جا. پاڪستاني ۽ هندوستاني به هوندا آهن پر اٽي ۾ لوڻ برابر، جو ٻين جي مقابلي ۾ هن پاسي پاڪستاني گهٽ رهن ٿا ۽ نماز تي ويهارو کن مس هوندا آهن. اهڙا ٻه سئو کن يورپ جي ملڪن جا مڪاني گورا مسلمان هوندا آهن جيئن ته جرمني، فرانس، انگلينڊ، ويندي ناروي، ڊئنمارڪ ۽ هن ملڪ سئيڊن جا نو مسلم يعني ڪنهن ٻئي مذهب مان مسلمان ٿيل.
مهيني ڏيڍ، ٻاهرين ملڪ جو ڪو مولوي واعظ لاءِ دعوت تي گهرايو ويندو آهي يا ڪو پاڻهي اچي هتان نڪرندو آهي يا هتان (مالمو يا ڪوپن بيگن شهرن مان) سندس لنگهه ٿيندو آهي ته کيس ان ملڪ جا هتي رهندڙ باشندا تقرير/واعظ/ليڪچر ڏيڻ لاءِ عرض ڪندا آهن. ڪوشش اها رهندي آهي ته ڪو ليڪچر انگريزي ۾ ٿئي جيئن گهڻي کان گهڻا فيض حاصل ڪري سگهن. هونءَ هتي جي زبان سئيڊش سڀ سمجهن ٿا، (سواءِ اسان ٿورن ڌارين جي جيڪي ڪجهه سالن لاءِ نوڪري تعليم، گهمڻ يا واپار لاءِ هتي آيل آهن) پر ظاهر آهي پاڪستان، ايران، سعودي عرب، الجيريا، فرانس يا آمريڪا جو عالمِ دين سئيڊن جي زبان ۾ تقرير ڪرڻ کان مجبور آهي، ان ڪري ٻي نمبر تي انگريزي سمجهي وڃي ٿي. ڪو عرب يا پاڪستاني عالم عربي يا اردو ۾ تقرير ڪندو آهي ته ان کي يڪدم يا تقرير بعد انگريزي ۽ سئيڊش ۾ ترجمو ڪيو ويندو آهي جيئن گهڻي کان گهڻا ماڻهو معلومات حاصل ڪري سگهن، انگريزي بعد ٽئين نمبر تي ترڪي زبان آهي، جيڪا هتي رهندڙ نه فقط ڪيترائي ترڪ سمجهن ٿا پر ترڪي جي ڀرپاسن وارن ملڪن بلغاريا، البانيا ويندي پراڻي روس جي رياستن آذربائيجان، ترڪمانستان وغيره جا رهاڪو سمجهن ٿا. شايد اهو ئي سبب آهي جو نه فقط سئيڊن ۾ پر ناروي ۽ فنلئنڊ جي به ڪيترين ئي مسجدن ۾ امام اتي جا ترڪ آهن يا ترڪي کان گهرايا وڃن ٿا. جيئن ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ ۽ هانگ ڪانگ پاسي جي مسجد لاءِ پاڪستان کان (خاص ڪري صوبي سرحد کان پٺاڻ) امام طور گهرايا وڃن ٿا. هن پاسي جي مسجدن ۾ جمع نماز جو پهريون خطبو هميشه ترڪيءَ زبان ۾ پڙهيو ويندو آهي ۽ ٻيو عربيءَ ۾.
مسجد ۾ دنيا جي عالمن کي گهرائي نه فقط اسلام تي ليڪچر ۽ واعظ ڪرايو وڃي ٿو پر هتي رهندڙ مسلمانن جي مسئلن ۽ مونجهارن تي سوالن جا جواب پڻ ڏنا وڃن ٿا، جيئن هر هڪ کي صحيح طرح پنهنجي دين اسلام جي ڄاڻ پوي ۽ اجايو منجهيل نه هجن.هو پاڻ ۾ بحث مباحثا ۽ جهيڙا ڪري نه فقط پاڻ ۾ تلخيون پيدا ڪن پر ڌارين غير مسلم ۾ به کل جو سبب پيدا ڪن. ڇو ته هتي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ ڪيتريون ڳالهيون آهن، جيڪي اسانجا ذاتي عقيدا ۽ رسم ۽ رواج (ويندي بدعتون) آهن، جن کي اسان مذهبي رنگ ڏئي پنهنجو پاڻ کي به گمراهه ڪريون ٿا ته ٻين کي به اسلام جي غلط تعليم ۽ تاثر پهچايون ٿا. جيئن اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪو سيد پير کڻي نيڪ نه هجي پر هن کي اهل بيت سمجهي ان کي مٿاهون سمجهون ٿا. اها ڳالهه نه فقط عرب دنيا ۾ پر جتي ڪٿي خراب سمجهي وڃي ٿي ۽هو ان کي هندو رسم جو حصو سمجهن ٿا، اسلام ۾ ڪي به طبقا نه آهن. اسلام مطابق الله جي نظرن ۾ اهو نيڪ ۽ بهتر آهي جيڪو عبادت ڪري ٿو ۽ خدا جو خوف دل ۾ رکي ٿو، پوءِ اهو چاهي شودر، ڀنگي، موچي مان نئون مسلمان ٿيل هجي. جنهن نموني سان اسان سيد کي برهمڻ وارو درجو ڏئي پوڄا جي حد تائين مان مٿاهون ڪيون ٿا، ان کي عالمِ اسلام شرڪ سان تعبير ڪري ٿو. اهڙين ڳالهين ۽ سوالن جا جواب هتي بحث هيٺ ايندا آهن.
هڪ ٻيو مثال، اسان جا پاڪستاني ڀائر ڪنهن مائٽ مٽ جي مرڻ تي ٽيجهو، ڏهو، چاليهو وغيره ڪن ٿا. ان بابت دنيا جا عالم اهو ئي ٻڌائين ٿا ته اهي ڳالهيون نه حضور اڪرم صه جن جي ڏينهن ۾ هيون ۽ نه اصحابي سڳورن جي ڏينهن ۾. ڪنهن کي قرآن پڙهي ثواب بخشڻو آهي ته اهو ته ڪهڙي به ڏينهن ڪري سگهجي ٿو، باقي اها هروڀرو جي رسم آهي ته مري جهري غريب ماڻهو قرض به کڻي ٽيجهي جو ڀت ڪري.
”افسوس جهڙي ڳالهه آهي،“ هڪ عالم دين ٻڌايو، ”ڪو نماز نه ٿو پڙهي يا روزي جهڙي فرض جي ادائگي نٿو ڪري ته ان لاءِ ڪو به هن کي نه ٽوڪيندو، پر ٽيجهي، چاليهي جهڙين رسمن لاءِ هر ڪو اهڙي ٽوڪ ڪندس جو هو ڪنهن محفل ۾ منهن کڻي نه هلي سگهندو آهي.“
بهرحال ههڙن سوالن جوابن (مسئلن) جي محفل ۾ اڪثر اهي مونجهارا حل ڪيا ويندا آهن، جيڪي هتي، هنن ملڪن ۽ ماحول ۾ ماڻهن کي درپيش اچن ٿا. گهڻا سوال نماز جي وقتن جا هوندا آهن جو هتي ڪڏهن ڏينهن ننڍو ته ڪڏهن رات ننڍي ٿئي ٿي. بهرحال نموني خاطر تازو نوٽ ڪيل سوال هتي ڏيان ٿو:
سوال: ڇا يورپ جي سخت سيءَ ۾ وضو ۽ غسل جي بدران تيمم ڪري سگهجي ٿو؟
جواب: جي نه، اهڙي صورت ۾ تيمم ڪرڻ صحيح ناهي، البته پاڻي گرم ڪري وضو ڪري سگهجي ٿو.
سوال: جانور جي کل جي ٽوپي پائي نماز پڙهڻ جائز آهي يا نه؟
جواب: جائز آهي
سوال: سفر دوران نماز جو وقت ٿي وڃي ته قبلي جي طرف جو ڪيئن فيصلو ڪجي؟
جواب: غور ۽ فڪر کان ڪم وٺجي، چڱيءَ طرح سوچي سمجهي پوءِ جنهن طرف دل شاهدي ڏئي، اهو قبلي جو طرف مڃي ان ڏي رخ ڪري نماز پڙهجي.
سوال: آپريشن تي جيڪا ڇوڪري رت ڏئي ان سان شادي ٿي سگهي ٿي؟ اهو چيو وڃي ٿو ته رت ڏيڻ سان ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو قائم ٿيو وڃي
جواب: رت ڏيڻ يا وٺڻ سان سڳو ڀاءُ ڀيڻ نه ٿو ٿي سگهجي، انهن جو هڪٻئي سان نڪاح ٿي سگهي ٿو.
سوال: سڀ کان وڏو گناهه ڪهڙو آهي؟
جواب: سڀ کان وڏو گناهه شرڪ آهي. ٻين سڀني گناهن جي معافي ۽ بخشش آهي پر مشرڪ جي ڪنهن حال ۾ به بخشش ناهي.
سوال: مينهن يا برف باري جي ڏينهن ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسجد ۾ نه وڃي سگهي ته گهر ۾ نماز پڙهڻ سان نماز ٿئي ٿي؟
جواب: اهڙي موسم ۾ مسجد بدران گهر ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت آهي.
سوال: قبرستان ۾ ڪي پڪيون قبرون نظر اچن ٿيون، جن مان لڳي ٿو ته اهي امير ماڻهن جون آهن ۽ ٻيون ڊٺل حالت ۾ ڪچيون آهن، جيڪي غريبن جون ٿي سگهن ٿيون. قبر کي پڪو ڪرائڻ يا مٿان قبو اڏڻ وغيره جي سلسلي ۾ اسلامي تعليم ڇا آهي؟
جواب:اسلام پڪي قبر کان منع ڪري ٿو. اسلام جي تعليم اها آهي ته قبر ڪچي ۽ سادي هجي ۽ ماڻهو عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ قبرستان وڃن ته اسان جو آخرڪار اهو ئي مقام ٿيندو ۽ هڪ ڏينهن هتي ئي اچڻو آهي..
سوال: روزي جي حالت ۾ سرمو پائڻ، مٿي ۾ تيل وجهڻ، ميندي لڳائڻ جائز آهي يا نه؟
جواب: روزي ۾ اهي سڀ ڪم ڪري سگهجن ٿا، انهن جي ڪا جهل ناهي.
سوال: ڪنهن غير مسلم کي ضرورت وقت هڪ مسلمان پنهنجو رت (Blood) ڏئي سگهي ٿو يا نه؟
جواب: ان ۾ ڪا خرابي ناهي.
سوال: ڊاڪٽري پڙهڻ وقت لاش کي وڍ جي ڪٽجي ٿو، ان جي اجازت آهي يا نه؟
جواب: ميڊيڪل اسٽوڊنٽ کي ان جي اجازت آهي.
سوال: پينٽ بشرٽ ۾ نماز ٿئي ٿي يا نه؟
جواب: پينٽ بشرٽ ۾ به نماز ٿئي ٿي، پر ڪوشش ڪري اهڙو لباس پائجي، جنهن ۾ انسان سولائيءَ سان چرپر ڪري سگهي- خاص ڪري رڪوع ۽ سجدي ۾ دقت نه ٿئي.
سوال: هڪ ماڻهو شراب وڪڻي ٿو ۽ نماز جماعت سان پنج وقت پڙهي ٿو، هن جي نماز قبول ٿيندي؟
جواب: نماز جي قبوليت ته الله تعاليٰ جي رحم ۽ ڪرم تي منحصر آهي، پر هڪ نمازي کي شراب وڪڻڻ جو ڪم نه ڪرڻ کپي.

چيني آفيمي ڪيئن ٿيا...؟

يورپ جي جنهن شهر ۾ اڄڪلهه آئون رهان ٿو، اتي مون سان گڏ دنيا جي ٻين به ڪيترن ئي ملڪن جا جهازي آفيسر آهن يا انهن ملڪن جي Ministry of Communication سان واسطو رکندڙ مرد توڙي عورتون آفيسر آهن. رهائش به هڪ ئي هنڌ اٿئون، ان ڪري ائين لڳندو آهي ڄڻ هڪ ئي فئملي جا ميمبر هجون. پوءِ جيئن چوندا آهن ته ساڳي هٿ جون آڱريون به برابر نه آهن ۽ ساڳي ماءُ جي پٽن جي طبيعت ۾ به فرق رهي ٿو، اهڙي طرح اسان جيڪي مختلف ملڪن، قومن، آب هوائن، تهذيبن ۽ زبانن سان تعلق رکون ٿا، هڪ ٻئي جي فطرت ۽ عادتن ۾ فرق هجڻ ڪا حيرت انگيز ڳالهه سمجهڻ نه کپي.
هونءَ اسان سڀ هڪ ٻئي جي چال ڍال، رسم رواج، کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي گنديءَ تي چٿرون ڪندي ڪڏهن تکا ٿي ويندا آهيون ته ڪڏهن پرچي سرچي ويندا آهيون. چينين جي طبيعت کي آئون Admire ڪريان ٿو، جيڪي پنهنجو منهن پنهنجي مهاڙ وٺي هلن ٿا. هو ڪنهن تي رمارڪ بازي، اجائي سجائي Comment يا ٽوڪ طعنو نٿا ڪن، پر جي ٻيو مٿائن ڪري ٿو ته به ڏسان پيو ته صبر کان ڪم وٺي هلن ٿا. خاص ڪري يورپ جي ڪجهه ملڪن جا همراهه چينين تي هروڀرو پنهنجي ڪاوڙ ڇنڊيندا آهن: ”جاهل آهن، کُنڊا آهن“ -هو چينين لاءِ چوندا آهن ... يا ”سوشل نه آهن، ڪنجوس آهن.“ وغيره وغيره.
يورپين (خاص ڪري فرانس، هالينڊ، اسپين- ويندي انگلينڊ جي رهاڪن) کي چينين لاءِ هروڀرو اجايا رمارڪ ڏيندو ٻڌي مون کي افسوس ٿيندو آهي، پر سڀ کان گهڻو افسوس تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن هو چينين کي Pot Smokers يا Opium Eaters چوندا آهن.هنن جو اهوئي مطلب هوندو آهي ته چيني نشئي موالي هئا، هاڻ سڌريا آهن.
مائوزي تنگ جي انقلاب تائين چيني نشئين جي قوم بنجي چڪي هئي. گهٽي گهٽيءَ ۾ ماڻهو ڏوڏي، چرس، آفيم (Opium) واپرائي رهيا هئا، پر اڄ جي نوجوان جيڪو تواريخ کان واقف ناهي, ان ڪڏهن اهو به سوچيو آهي ته ڇا چيني اصل کان نشئي هئا؟ چينين کي ڪنهن نشئي ڪيو؟ ڪنهن هنن جو اخلاق تباهه ڪيو؟ ان ۾ يورپين جو هٿ آهي- خاص ڪري انگريزن جو، جيڪي هاڻ اخلاق (Morality) ۽ نيڪيءَ جا چئمپين سڏائين ٿا ۽ درس ڏين ٿا.
اڄ جڏهن سئو سال جي قبضي بعد هانگ ڪانگ واپس چينين وٽ وڃي رهيو آهي ان تي انگريزن قبضو ڪيئن ڪيو ۽ پئسي ڪارڻ چين جهڙي هڪ سلجهيل ملڪ کي نشئي ڇو ڪيو ويو؟ ان بابت هتي مختصر طور ڪجهه لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
چين هڪ وڏو ملڪ رهندو اچي، سندس تهذيب نه فقط پراڻي آهي پر کانئس ٻيا ملڪ ۽ قومون به سِکيون. جپان جهڙي ملڪ جي جپاني لکڻي به چينيءَ تان ٺهيل آهي. چين هنر مند ماڻهو ۽ واپار وڙي ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور رهيو آهي. ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ انگلينڊ وارن جو چين سان واپاري تعلق هو. هنن چين مان ڪيتريون ئي شيون در آمد ڪيون ٿي، خاص ڪري چانهه، سلڪ ۽ رابارب(Rhubarb) وغيره به تمام وڏي مقدار ۾ ورتو ٿي، ان کان علاوه نانڪنگ مان ڪاٽن جو ڪپڙو (جيڪو نانڪين سڏبو هو)، چيني مٽيءَ جو سامان، ڪاٺ جو ڪَٽ ورڪ ۽ فرنيچر سڄي انگلينڊ ۽ فرانس ۾ ويو ٿي .
پر انگلينڊ وارن کي اهو سوچي وڍ پوندا هئا ته اهو سڄو واپار هڪ طرف هليو ٿي - يعني انگلنڊ وارن چين مان ڪيتريون ئي شيون خريد ڪري پنهنجا چاندي ۽ سوني جا سڪا ڏنا ٿي، پر هوڏانهن چين انگلينڊ کان ڪا به شيءِ نٿي خريد ڪئي. چين پاڻ ئي سکيو ستابو هو. هن وٽ هر شيءِ پنهنجي هئي. هو ڇو ٻئي ملڪ کان هروڀرو وٺي. اها ڳالهه انگريزن لاءِ پريشانيءَ جو باعث هئي ۽ هنن چاهيو ٿي ته چين مان خريد ڪيل سامان تي ڏنل سڪا ڪنهن طرح هنن مان واپس ڪڍجن.
چيني سياڻا هئا، هنن ڏٺو پئي ته ڪيئن انگريزن واپار جي بهاني سان هندستان تي قبضو ڪري ورتو، ان ڪري هنن پنهنجو مال انگريزن کي وڪيو ٿي، پر کين پنهنجي ويجهو نٿي اچڻ ڏنو. انگريزن جي جهازن کي فقط ڪئنٽن بندرگاهه تي اچڻ جي اجازت هئي-اتي به هنن کي چيني واپارين سان سڌو رابطو رکڻ جي اجازت نه هئي. نه انگريز واپارين کي، نه برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي چين جي حڪومت سان سامهون اچڻ يا ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي موڪل هئي. فقط پورچوگالي هئا جن کي چين ۾ اچڻ جي موڪل هئي.
پورچوگيز چين ۾ سورهين صديءَ ۾ آيا هئا. هو چين جي سرزمين کان ٿورو پرڀرو مڪائو ٻيٽ تي رهيا ٿي. هن مڪائو ٻيٽ (جيڪو هانگ ڪانگ کان سڏ پنڌ پري آهي) اڄ به پورچوگالين جي ايئن ڪالوني سمجهيو وڃي ٿو جيئن هندستان ۾ گوا. مڪائو اڄڪلهه جوا جي اڏن کان مشهور آهن.
ڪئنٽن جي بندرگاهه ۾ چينين انگريزن کي اچڻ جي موڪل ڏني هئي، پر سا به اونهاري جا چند مهينا. سياري ۾ هنن کي اڏا پٽي مڪائو وڃڻو پيو ٿي. ڪئنٽن بندرگاهه ۾ انگريزن کي فقط بندرگاهه جي علائقي ۾ گهمڻ ڦرڻ جي اجازت هئي. انگريزن جا واپار وڙي جا عهدناما يا حڪومت جي ڪامورن سان نياپا نڙا پهچائڻ لاءِ ، خاص چيني مقرر هئا، جيڪي Co-Hang جي نالي سان سڏبا هئا، جيئن حج دوران ڌارين ملڪن کان آيل حاجين جا ڪيترا سرڪاري ڪاغذ پٽ ۽ ٻيون ڳالهيون معلمن ذريعي طئه ٿين ٿيون.
انگريز جيڪي هاڻ هندستان، سريلنڪا، برما، ملايا جا حاڪم ٿي چڪا هئا، انهن لاءِ چيني ماڻهن جو اهو سلوڪ بي عزتي برابر هو.، انگريز ته ان ڪوشش ۾ هئا ته ڪنهن اٽڪل سان چين ۾ به ايئن گهڙجي جيئن هندستان ۾ ڪيائون، پر هتي چينين وٺ نٿي ڏنو. هوڏانهن چينين کي به پنهنجو حشر سُجهيو ٿي. انگريزن جيڪو بنگال ۽ بهار سان ڪيو هو اهو به سندن اکين اڳيان هو ۽ هنن کي چڱي طرح ياد هو. ان ڪري چينين انگريزن کي هڪ محدود دائري ۾ رکڻ چاهيو ٿي ۽ هنن نٿي چاهيو ته انگريزن کي ڍر ڏجي جيئن هو Divide & Rule تي عمل ڪري سندن به سِر وڃائين، جيڪو انڊيا ۾ مغلن ۽ ٻين سان ڪيائون.
ڪئنٽن ۾ رهندڙ انگريز واپارين پنهنجي حڪومت کي عرض ڪيو ته هوءَ چين جي شهنشاهه سان ملي سندس پابندين کي نرم ڪرائي. پهرين سپيٽمبر 1975ع تي انگلينڊ جي پهرين سفير لارڊ مئڪارتني (Lord Macartney) پيڪنگ ۾ چين جي شهنشاهه سان ملي هن کي اهو عرض ڪيو ته کين (انگريزن کي) ڪو ڏورانهون سهي پر هڪ ٻيٽ نماءُ ڌرتي ٽڪرو ڏنو وڃي، جنهن تي هو پنهنجي واپاري بيٺڪ ٺاهين. انگريزن جي مجبوريءَ جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 1789ع تائين انگريزن جو چينين سان هڪ طرفو واپار ايترو ته وڌي چڪو هو جو انگريزن چينين کان ويهه ملين (يعني ٻه ڪروڙ) پائونڊ چانهه خريد ڪئي ٿي، جنهن تي انگلينڊ وارن کي ٽيهه لک پائونڊ پنهنجي بجيٽ مان ڏيڻا پيا ٿي. انهن ڏينهن ۾ 1793ع ۾ انگلينڊ وارن جي فرانس سان جنگٿي هئي ان ڪري انگلينڊ جي مالي حالت کي ويتر ڌڪ لڳو هو ۽ هنن نٿي چاهيو ته سندن هيڏو پئسو چين کي ملي، هنن جي پوري پوري ڪوشش رهي ته ڪنهن نموني سان چينين کي پنهنجي ملڪ (انگلينڊـ جي شين لاءِ هِرکائجي ته هو به انگلينڊ مان ڪجهه وٺن ته کين به فائدو ٿئي. ان سلسلي ۾ انگريز سفير لارڊ مئڪارتني چين جي شهنشاهه لاءِ ڪجهه تحفا کڻي آيو هو، جيئن ته ڪرسٽل جا ڇَٽَ، گهڙيال، ڊربي شائر جا ٿانوَ ٽپا، بئراميٽر، دنيا جا گلوب وغيره وغيره.
انگريزن ته سمجيو ته اهڙيو شيون ڏسي چينين جو وات پاڻيٿي ويندو ۽ ان جي بدلي ۾ هو انگريزن کي وڏيون سهوليتون ڏيندا پر چين جي شهنشاهه جي جواب هنن کي جلاب ڏئي ڇڏيو: ”اسان جي ملڪ کي توهان جي ڪنهن به مال جي ضرورت ناهي.“
ان وقت انگلينڊ جو بادشاهه جارج ٽيون هو. تنهن ڏي به چين جي شهنشاهه تحفن جو شڪربجا آڻيندي صاف صاف لکيو ته، هو نه سندس سفير کي پيڪنگ ۾ رهڻ جي اجازت ڏيندا، نه ڪو ڌرتي ٽڪرو (ڀلي اهو کڻي ڪنهن ڏورانهين ٻيٽ جو هجي) سندن واپاري ماڻهن کي رهائش لاءِ ڏيندا.
چوڌاري ڪاميابي نظر نه اچڻ بعد مئڪارتني وٽ هاڻ فقط هڪ ڪارڊ وڃي رهيو هو، اهو هو آفيمOpium جو. انهي دور جي هندستان ڏي نظر ڊوڙائبي ته پلاسي جي لڙائي (جيڪا 1757ع ۾ لڳي) ۽ بڪسر جي لڙائي (جيڪا 1761ع ۾ لڳي) بنگال ۽ بهار صوبي جي ديواني ۽ نظامت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حوالي ڪيا ويا، ان کان پوءِ اهڙي ڦرلٽ هلي جو انڊيا جا سکر صوبا بهار ۽ بنگال تڙپٽ ۽ غريب ٿي ويا. ڪمپني (ايسٽ انڊيا ڪمپني) جي پنهنجي ڪمائي به گهٽجي وئي. پئسي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هاڻ ڪمپني Opium تي ڀاڙڻ لڳي ۽ آفيم (Opium) جو وڪرو ڪمپنيءَ لاءِ نه فقط خوشحاليءَ جو سهارو ٿي پيو پر جياپي لاءِ به ضروري ٿي پيو. ان مان ڪمائيءَ جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. ايتري قدر جو آفيم جي هڪ پيتي جنهن جي پيدوار تي پنجاهه ڊالر خرچ آيو ٿي، سا 1796ع هڪ سئو ڊالرن ۾ وڪامي پئي ۽ اها ئي پيتي ڏهن سالن بعد 1803ع ۾ 1400 ڊالر ٿي وئي ۽ اڳتي هلي 2000 ڊالر ٿي. سو ان آفيم ڪمپنيءَ کي عيش ڪرائي ڇڏيو ... کين 4000 في سيڪڙو فائدو ٿيڻ لڳو، يعني سئو ڊالرن جي شيءِ چين ۾ هزارن ۾ وڃي رهي هئي. (انگلينڊ جو سڪو پائونڊ اسٽرلنگ آهي پر ان زماني ۾ آفيم جو واپار اسپيني ڊالرن ۾ هلندو هو.).
نشي واري شيءِ جي اها مصيبت آهي ته هڪ دفعو ان جي عادت ۾ جيڪو ڦاٿو ته پوءِ ان مان هن جو نڪرڻ ڏکيو آهي. گهر وڪڻي به پورائو ڪندو. سو انگريزن جا چيني گراهڪ روزانو وڌندا ويا ۽ جيڪي ٿيا ٿي اهي پڪا ٿيندا ويا. ان تان مون کي هڪ ڳالهه ياد آئي جيڪا پاڪستان ۾ وڌندڙ نشي جي عادي موالين بابت اخبارن ۾ آئي آهي ته پاڪستان ۾ نشي جي لعنت ايتري وڌي وئي آهي جو هاڻ کاڌي جي شين جهڙوڪ، بسڪٽ، ٽافين، ڇولن، سوپارين۾ به نشو ملايو وڃي ٿو ته جيئن ٻار ان جا عادي ٿين.ڪراچي صدر جي هڪ اسڪول جون ٻه ڇوڪريون روزانو موڪل مهل حليم وٺي کائينديون هيون. سندس مائٽن کي تڏهن خبر پئي ته ان ۾ چرس جهڙو نشو آهي، جڏهن اسڪول کي موڪلون ٿيون ته اهي ڇوڪريون حليم کائڻ بنا ويڳاڻيون ٿي پيون. هنن لڪي رڪشا ڪري، جيسين اهو حليم نٿي کاڌو تيسين هنن جون وايون بتال نٿي رهيون.
سو اهڙي طرح آفيم( Opium) جي عادت چيني ماڻهن ۾ گهر ڪندي وئي. هو پئسو هڪ طرف وڃائڻ لڳا ته صحت ٻئي طرف. انگريز پاڻ کي دنيا جا سڌريل ۽ تهذيب يافته سمجهي به پئسي ڪمائڻ خاطر اخلاق ۽ سٺائيءَ جا سڀ ليڪا لتاڙي ويٺا. انسان ذات نشئي ۽ ٽوٽي ٿئي ته ڀلي ٿئي پر پئسو اچي. اهي انگريز ۽ يورپي جيڪي اڄ پاڻ کي اخلاق جا چئمپين سڏائين ٿا، افغانستان، پاڪستان ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ آفيم ۽ چرس جي وڪري توڙي پوک تي بندش وجهائيندا رهن ٿا. (جيڪا بلاشڪ سٺي ڳالهه آهي) پر ماڻهن جي معلومات خاطر اها حقيقت لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته اهي پاڻ نه فقط اهو واپار ڪري دنيا جي هڪ سڌريل قوم چينين کي ٽوٽي ڪيو ۽ بداخلاقي پکيڙي، پر هندوستان جي ماڻهن کي ٻي ڪا پوک ڪرڻ بدران کين آفيم (Opium) پوکڻ لاءِ زور زبردستي ڪيو. Buchanan نالي هڪ ليکڪ جو ڪتاب: (An account of the Districts of Bihar and Patna in 1812) ڪجهه ڏينهن اڳ پڙهيو اٿم. هن لکيو آهي ته سٺيون ۽ ڀليون زمينون جن تي باغ پوکجن انهن ۾ آفيم پوکجڻ لڳو. انگريزن طرفان هندستان جي رهاڪن کي اهو حڪم مليل هو ته هو ٻي ڪا پوک ڪرڻ بدران گهڻي کان گهڻي ڏوڏي (Opium) پوکين. هنن کي ڀاڄي ڀتي پوکڻ کان به منع ڪئي وئي هئي ۽ آفيم پوکڻ مان غريب هاريءَ کي ڪو فائدو نه ٿيندو هو. هن کان اهو انگريز سرڪار پٽاٽن بصرن جي اگهه تي خريد ڪندي هئي ۽ پوءِ پاڻ 4000 سيڪڙو فائدي تي وڪڻندي هئي.
1815ع ۾ انگريز اهو معلوم ڪري وائڙا ٿي ويا ته پورچو گالي مالوا ۾ پوکيل آفيم 750 ڊالرين پيتي جي حساب سان چينين کي وڪڻي رهيا آهن، ان ڪري سندن آفيم جو وڪرو گهٽجي ويو آهي. اها ڳالهه انگريزن کي نه وڻي ۽ پوءِ جيئن انگريز ڪندا هئا ته ڪو بهانو ڳولهي جهيڙو ڪرڻ، سو هنن ڪي بهانا ۽ سبب ڪڍي مرهٽن سان جنگ ڪئي جن جي ڪنٽرول ۾ مالوا وارو علائقو هو. (اها لڙائي چوٿين مرهٽا جنگ جي نالي سان هندوستان جي تواريخ ۾ مشهور آهي) انگريزن جي سوڀ ٿي ۽ مالوا هنن جي قبضي ۾ آيو.ان سان گڏ اتي جو سڄو واپار وڙو پڻ.
هاڻ انگريزن جي هٿ ۾ آفيم جي وڏي پيداوار هئي ۽ جيئن ته فقط ڪئنٽن جي کپت کان مٿي هئي ان ڪري هنن هاڻ اتر چين ڏي به وڪرو شروع ڪري ڏنو. چين طرفان کين ٻئي ڪنهن پاسي ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ جي منع ٿيل هئي پر انگريز لڪ چوريءَ چيني ٻيڙن ذريعي جيڪي Opium Clippers سڏبا هئا، آفيم جي سمگلنگ ڪرڻ لڳا ۽ سڄي چين ۾ هن خراب شيءِ جو اثر پکڙجي ويو. هتي پڙهندڙ جي رڪارڊ لاءِ اها ڳالهه لکڻ پڻ ضروري سمجهان ٿو ته انهن آفيم کڻندڙ جهاز جي قافلي جو پهريون جهاز ( The Sylph) نالي هو جنهن تي عيسائين جو هڪ تبليغي ملون مترجم جي حيثيت سان هو. هن آفيم تان ملندڙ ڪميشن ذريعي نون نون هنڌن تي عيسائيت جي پرچار ڪرڻ چاهي ٿي.
آفيم واپرائڻ جي منحوس عادت سڄي چين ۾ ايترو ته عام ٿي وئي جو هاڻ اتي جي شهنشاهه جي درٻار توڙي حڪومت پريشان ٿي وئي. هنن پهرين انگريزن کي ان غلط ڌنڌي کان باز اچڻ لاءِ چيو پر چيني حڪومت جي ڳالهه ٻڌڻ بدران هو هنن تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. نيٺ چيني سرڪار چينين جي انهن ٻيڙين تي سختي ڪئي جيڪي آفيم جي سمگلنگ ۾ رڌل هيون. نتيجو اهو نڪتو ته هاڻ انگريز پاڻ ٻيڙين ۾ آفيم ڀري چين جي چوطرف وڪڻڻ لڳا. پري پري تائين ۽ اندر ڳوٺن ۾ وڃي ورهائي ايندا هئا. وٺڻ وارا آتا هوندا هئا، جو هو حد درجي جا آفيمي بڻجي پيا هئا ۽ آَفيم جي کپت ڏهه لک ڊالرن تائين وڃي پهتي، هاڻ اهي انگريز جن هر سال چين کي چانهه لا ءِ پئسو ڏنو ٿي ۽ چينين کانئن ڪجهه نٿي ورتو، سي هاڻ نشي جا عادي ٿي انگريزن کي آفيم وڪڻڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا. آخر ڪار چيني حڪومت 1839ع ۾ Lin Tse Hsu کي ڪئنٽن جو ڪمشنر مقرر ڪيو ته آفيم جي سمگلنگ کي ٻنجو ڏنو وڃي. هن ڪمشنر ڪئنٽن(Canton) پهچڻ سان ڏنڊا کنيا ۽ هڪ طرف پنهنجن ماڻهن تي سختي ڪئي، ٻئي پاسي تن ڏينهن جي انگلينڊ جي راڻي وڪٽوريا کي منٿ ميڙ الڳ ڪئي ته هن ظلم کان سندن ملڪ ۽ ماڻهن کي بچايو. راڻي وڪٽوريا ڏي لکيل هن ڪمشنر جا خط اڄ به موجود آهن. انهن خطن جا ڪي ڪي جملا ڪيڏا درد ڀريا لڳن ٿا: ”راڻي صاحبه! مون ٻڌو آهي ته توهان جي ملڪ ۾ آفيم ڇڪڻ تي بندش آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته توهان کي هن منحوس شيءِ جي نقصان جي ڄاڻ آهي. منهنجي خيال ۾ آفيم جي ڇڪڻ تي رڳو بندش وجهڻ کان بهتر ته اهو آهي ته هن شيءِ جي وڪري تي به بندش وڌي وڃي ۽ اڃا به بهتر اهو آهي ته ان جي پوک تي ئي بندش وڌي وڃي. اهو هڪ بهتر طريقو آهي، جنهن ذريعي هن موذي مرض کان انسان ذات کي نجات ملي سگهندي، پر جيڪڏهن توهان ان تي سختي نه ڪندائو ۽ پنهنجن ماڻهن کي وڪري کان نه جهليندائو ته اسين اهو ئي سمجهنداسين ته توهان کي پنهنجن ماڻهن جو خيال آهي پر اسان جي چينين جو توهان کي ڪو فڪر ناهي- يعني پنهنجي فائدي جي لالچ ۾ توهان ٻين انسانن کي نقصان رسائي رهيا آهيو... “ وغيره.
پنهنجي ماڻهن ۽ انگريز واپارين جي وڪري تي جڏهن چيني حڪومت سختي ڪئي ته انگريز وڏي تَت پَٿان ۾ اچي ويا. ڪلڪتي ۾ رهندڙ برٽش حڪومت جي نمائندن راڻي وڪٽوريا ۽ پارليامينٽ ۾ اهو لکي پئي موڪليو ته آفيم جو ڌنڌو هلڻ کپي، جنهن مان انگريز سرڪاري کي فائدو ئي فائدو آهي.
ان بعد اهوئي ٿيو جيڪو ٿيندو آهي. انگريزن جي واپار ۽ ڪمائي بند ٿيڻ تي هنن بهانا ٺاهي چين تي حملوڪيو. انگريزن وٽ ماڊرن بارود ۽ وڏو جنگي سامان هو، جن جي رڳو ٺڪائن تي چيني وائڙا ٿي ويا ۽ کڻي آڻ مڃيائون.
ڪجهه سال اڳ هڪ ڪتاب (Reflecion on China) پڙهيو هوم جيڪو ڊاڪٽر محمد يونس لکيو آهي. ڊاڪٽر يونس پڻ پير علي محمد راشديءَ وانگر ڪيترائي سال چين ۾ سفير ٿي رهيو آهي. هن ان جنگ، جنهن کي آفيمي لڙائي ( Opium War) سڏجي ٿو، جو احوال تمام پيرائتي نموني سان لکيو آهي، اها 1841ع لڳي جنهن بعد چين جهڙو وڏو ۽ تهذيب يافته ملڪ انگلنڊ جي ننڍي ملڪ جي قبضي ۾ اچي ويو.اهو رڳو ان ڪري جو انگريز حرفتي هئا، انگريزن مشينري ۽ جنگي جهاز و سامان ايجاد ڪري ورتو هو.
انگريزن جي جنگي جهازن (Gun Boats) اڳيان چين جي پراڻين ٻيڙين ڪا به حيثيت نٿي رکي.
بهرحال آفيمي جنگ اها جنگ هئي، جيڪا انگريزن هروڀرو چينين تي ٿاڦي، هنن کي آفيم وٺڻ لاءِ آڻ مڃرائي ۽ جنگ تي آيل خرچ بدران هنن چينين کان هانگ ڪانگ ورتو.

يورپ ۾ رهندڙ جپسي ڪير آهن؟

پنهنجي نارويجن ساٿي ڪئپٽن ڍال نيلسن جو اوسلو ريلوي اسٽيشن تي انتظار ڪري رهيو هوس. پاڻ ڳوٺ ويل هو ۽ ان رات اسان کي ريل گاڏيءَ رستي اوسلو کان اسٽاڪهوم واپس روانو ٿيڻو هو.
ريلوي پليٽ فارم تي وڏو تعداد ناروي ۽ سئيڊن جي ماڻهن جو هو، ڪجهه ڪجهه آَفريڪن ملڪن جا شيدي، عرب ۽ ڪيترائي ايشيائي پڻ هئا. آئون سوير ئي ريلوي اسٽيشن تي اچي ويو هوس، سو اسٽيشن جي اندر ۽ ٻاهر جو چڪر ڏئي، چانهه جو ڪوپ وٺي ڪنڊ ۾ رکيل صوفا تي ويهي پيئڻ شروع ڪيم.
هنن برفاني ملڪن جي سيءَ ۾ گرم چانهه يا ڪافيءَ جو ڪوپ ايترو ئي مزو ڏئي ٿو جيترو پنهنجي ملڪ جي گرم چاليهي ۾ ٿڌي پاڻي جو گلاس.
چانهه پيئندي وقت ڏٺم ته ٽرين هلڻ ۾ اڃان ڪلاڪ سوا هو، آهستي آهستي ماڻهو اچي رهيا هئا، وقت گذارڻ لاءِ ماڻهن سان خبرون چارون ڪرڻ چاهيم ٿي. ناروي ۽ ڊئنمارڪ ۾ اها ڳالهه ڪامن آهي ته ٻنهي ملڪن جي هوائي اڏن ۽ وڏين ريلوي اسٽيشنن تي صفائيءَ جو ڪم توهان کي پاڪستاني مرد يا عورتون ڪندي نطر ايندا. اهڙي هڪ مرد ۽ عورت (صفائي ڪندڙ) سان خبر چار ڪري پوءِ چانهه وڪڻندڙ عرب کان ناروي جا پئسا بدلايم. ايتري ۾ ڪجهه نوجوان عورتون کليل وارن سان، جن مان ڪي راجستاني نموني جي پڙن ۾ ته ڪي جينز اسڪرٽن ۾ هيون، اچي ڀر واري صوفا تي ويٺيون. هو اوسلو جي ڪنهن يونيورسٽيءَ جون بنگالي ۽ هندستاني هيون جيڪي ڪنهن ڪلچرل شو ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڀر واري ڪنهن شهر ڏي وڃي رهيون هيون. آئون ساڻن ڳالهائي رهيو هوس ته اتي منهنجو نارويجين دوست اچي ويو ۽ آئون کانئن موڪلائي اچي هن سان مليس.
”اهي جپسي ڪير آهن؟“ هن مون کان پڇيو.
”جپسي نه پر اعليٰ تعليم يافته عورتون آهن، جيڪي بنگلاديش ۽ انڊيا جون آهن.“ مون ٻڌايو مانس ، ”توکي اهي جپسي ڪيئن ٿيون لڳن؟“
”سندن ڊگهن وارن، چهري ۽ رنگ مان مون سمجهيو جپسي آهن.“ هن وراڻيو.
• اسان جي ڀر واري واري محلي ۾ رهندڙ منهنجي هڪ سئيڊش سڃاڻي جي گهر ويندو هوس ته ڪڏهن ڪڏهن ان جي سامهون واري پارڪ ۾ ڪجهه ٿلهيون عورتون ۽ ڇوڪريون، دڦ وڄائي ڳائينديون نظر اينديون هيون. سئيڊش همراهه ٻڌايو ته اهي جپسي ماڻهو آهن، جيڪي رومانيا، هنگري ۽ ٻين ڀرپاسي وارن ملڪن کان هتي پنڻ اچن ٿا. ”اهي وڏا چورا آهن.“ هن راز واري نموني ۾ ٻڌايو.
• اسان جي هڪ موراڪو جي دوست جي پولش زال وٽ هر هفتي گهر جي صفائيءَ لاءِ هڪ ڊگهن وارن واري عورت ۽ مرد آچر ڏينهن ايندو آهي، هوءَ ساڻن پولش زبان ۾ ڳالهائيندي آهي. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين:”هو غريب جپسي آهن، جيڪي پولينڊ کان لڏي هتي آيا آهن. هتي سئيڊن ۾ نوڪر رکڻ جي اجازت ناهي پر هي لڪي مون وٽ ڪم لاءِ ايندا آهن ۽ آئون به کين ماني ڀور ۽ ڪپڙا گنديون ڏيندي آهيان.“
”جپسي اصل ڪٿي جا آهن؟“ مون پڇيومانس.
”خبر ناهي ته اصل ڪٿي جا آهن پر سڄي يورپ ۾ نظر اچن ٿا ۽ بدوئن وانگر روزگار جي تلاش ۾ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي رلندا رهن ٿا. ساڻن هر ڪو نفرت ڪري ٿو، هر ڪو کين چور چوي ٿو، غريبويچارا!” هن افسوس ڪندي ٻڌايو.
• اسان جي گهر جي مٿان واري فليٽ ۾ پڻ هڪ پولنڊ جي عورت رهي ٿي، جيڪا امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪم ڪري ٿي. هڪ ڏينهن هوءَ گهر ۾ نه هئي، سندس آفيس ۾ ڪو ڪم ڪندڙ همراهه پڇائيندو مون وٽان اچي نڪتو. شڪل ۾ اسان جهڙو ننڍي کنڊ جو همراهه لڳي رهيو هو. پڇيومانس ڪير آهين، وراڻيائين:
• ”انڊين سک.“
”پوءِ ته هندي يا پنجابي ايندي هوندءِ؟“ مون چيو مانس.
سندس نه ڪرڻ تي مون کي تعجب لڳو، کيس ڌاڙهي به نه هئي.
”پوءِ تون ڪهڙو سک آهينئ“ مون پڇيومانس.
”منهنجا ڏاڏا، پڙ ڏاڏا هزار سال کن اڳ انڊيا کان هتي آيا، ” هن انگريزيءَ ۾ ٻڌايو، جيتوڻيڪ اها به صحيح طرح نه پئي آيس. هن سئيڊن جي سئيڊش ٻولي ڳالهائي ٿي.
”ڪمال آهي!“ مون تعجب کاڌو ۽ دل ۾ سوچيو ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن يورپ جو رخ انگريزن جي اچڻ بعد ئي رکيو آهي، هي ڪير آهي ۽ ڪهڙا پيو گشا هڻي!
مون کي حيرت ۾ ڏسي چيائين:”آئون جپسي آهيان، تو کي خبر ناهي ته جپسي ڪير ٿيندا آهن؟” ۽ پوءِ هو ڪجهه لفظ چوڻ لڳو جن مان ڪجهه پنجابي ۽ هندي جا هئا ۽ ٻيا شايد سنسڪرت وغيره جا هجن، پر اهي مون نه سمجهيا. بهرحال مون کي تعجب لڳو ته هيءُ ڪهڙي مخلوق آهي.
• اهڙي طرح هڪ دفعي ٻه نوجوان مرد مليا جي اسان جي پاسي جا لڳي رهيا هئا.
( Are you Indians?) مون پڇيو مانس.
(Yes. But we are Gypises)، هنن وراڻيو.
”اهو ڪيئن؟“ مون پڇيو مانس.
ان تي هڪ پنجابيءَ ۾ هڪ ٻه ٽي انگ ٻڌائڻ لڳو، ”توهان اڙدو يا هندي ڳالهائي سگهو ٿا.“ مون پڇيومان.
”سوين سال گذرڻ جي عرصي ۾ اسان جي زبان ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي، نه ته اوريجنلي اسان انڊيا جا آهيون.“ هن ٻڌايو.
منهنجي لاءِ اهي ڳالهيون بيحد انوکيون هيون. گذريل ويهن پنجويهن سالن ۾ يورپ جي ڪيترن شهرن ۾ جپسي مردن توڙي عورتن کي نچندي يا پنندي ضرور ڏٺو هو پر مون اهو ئي سمجهيو ٿي ته اهي يورپ جي ڏورانهن ڳوٺن جا آهن، جيئن اسان وٽ باگڙي عورتون وڏا پڙا پائي شهرن ۾ پنڻ لاءِ اينديون آهن.
۽ پوءِ هڪ دفعي يورپ جي هنن Gypsies جپسين بابت جن کي روما پڻ چون ٿا، نيوز ويڪ رسالي ۾ تحقيقي ۽ دلچسپ مضمون پڙهيم، جنهن مان معلوم ٿيو ته يورپ جا هي جپسي (روما) هڪ هزار سال کن اڳ هندستان جي اڄ واري پنجاب واري رياست کان لڏي نڪتا. سندن واسطو گهٽ ذات جي قبيلي سان هو. هو چار سو سال کن وچ روس ۽ بلقاني رياستن ۾ دربدر ڀٽڪندا رهيا. ان بعد جڏهن يورپ پهتا ته اتي جا ماڻهو کين مصر جا سمجهي (ايجپشن) Egyption سڏڻ لڳا، جيڪو لفظ پوءِ جپسي ٿيويو. گهڻي تعداد ۾ هي جپسي جيئن ته شروع ۾ رومانيا ۾ رهيا، ان ڪري کين ”روماني“ يا ٺلهو روما (Roma) پڻ سڏيو وڃي ٿو.
هنن جپسين جي شڪل اسان ايشين سان ڪافي ملي ٿي پر رنگ ۾ ڪي ڪي تمام گهڻو صاف آهن. شايد هيتريون صديون يورپ جي ٿڌن ملڪن ۾ رهي رنگ سڌري ويو اٿن يا ٿي سگهي ٿو اصل کان اڇا هجن جو اڄ به اسان جي اتر ۾ رهندڙ ڪي ڪي پٺاڻ توڙي افغاني يورپين وانگر اڇا آهن. منجهن ڪي سردي مهانڊا آهن يعني وڏي ۽ ڊگهي منهن وارا آهن ته ڪي تمام سهڻا آهن، خاص ڪري ننڍي عمر جون ڇوڪريون. هنن (جپسين) لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي رومانيا ۾ گهڻو عرصو رهيا ۽ اتي جي امير زميندارن وٽ غلام ٿي رهيا، جن وٽ هنن هيٺائين درجي جو پورهيو ڪيو. گهر گهٽيون صاف ڪرڻ، هر ڏيڻ، رڍوون ۽ ڍڳيون پالڻ، ڪتن جي سار سنڀال لهڻ، وغيره. جڏهن 1950ع ۾ غلامي ختم ٿي ته هنن وچ يورپ ڏي لڏ پلاڻ شروع ڪئي.
جيتوڻيڪ سڄي يورپ ۾ اڄ به هنن جپسين کي هيٺاهين درجي جو سمجهيو وڃي ٿو، پر وري هنن جا پاڻ ۾ به درجا ۽ ذاتيون آهن، جيڪي سندن پورهئي ۽ واپار جي حساب سان مليل آهن. ڳائڻا ۽ ڳهه ٺاهڻ وارا ٻين کان اتاهان سمجهيا وڃن ٿا. ان بعد گل وڪڻندڙ، جانور پاليندڙ، رڇن کي ڪرتب سيکاريندڙ، هڪ هنڌ ٽڪي رهڻ وارا، در در ڀٽڪڻ وارا، وغيره وغيره، سڄي يورپ ۾ هنن جي جملي آدمشماري هڪ ڪروڙ (ڏهه کن ملين) آهي. هو جنهن ملڪ ۾ رهن ٿا اتي جي زبان به ڳالهائين،پر پنهنجو پاڻ ۾ پنهنجي زبان روماني ڳالهائين، جيڪا هندي، سنسڪرت، پنجابي ۽ يورپي ملڪن جي ٻولين جو ڦيٽ آهي.

ڇا سگريٽ مان نقصان آهن؟

يورپ جي هن پاسي وارن ملڪن ڏي سگريٽ تمام مهانگو آهي. ڪجهه ڄاڻي واڻي به مهانگو رکيو ويو آهي، جيئن هن خراب عادت ڦاسڻ وارا ڪجهه پنهنجي صحت جي خيال کان ته ڪجهه پئسي جي زيان جوسوچي سگريٽ جي ويجهو نه اچن ته سٺو.
صحت ته پوءِ جي ڳالهه آهي ڪهڙي خبر ڪڏهن خراب ٿئي يا نه به ٿئي، پر پئسو ته اتي جو اتي ڏيڻو ٿو پوي ان ڪري هتي جا سُٺين نوڪرين ۽ پگهارن وارا به سگريٽ سوچي سوچي دکائين ٿا ۽ اها هڪ عام ڳالهه آهي ته هڪ سگريٽ ۾ به ڀاڱي ڀائيوار ٿي پين ٿا. هڪ همراهه اڌ کن پي پوءِ ٻئي کي ڏئي ٿو جيڪو فلٽر تائين هلائي ٿو.
ڪيترن هنڌن تي مرد توڙي عورتون ڏسبيون ته سگريٽ جو اڌ کن ڇڪي باقي اڌ ٻئي دفعي لاءِ رکي ڇڏينديون. پهرين دفعو پنهنجي لائبريري جي انچارج عورت کي سگريٽ جو اڌ پيئڻ بعدوسائيندو ڏٺم ته دل ۾ تعريف ڪيم. سگريٽ آئون نه پيان پر اهو ٻڌو اٿم ته سگريٽ جا ٽي حصا ڇڪڻ بعد اڇلي ڇڏجي جو آخري حصي ۾ نڪوٽين، دونهون يا زهريات ٿئي ٿي، جنهن کان پاسو ڪجي. سو هن يورپي عورت ته فقط اڌ پي اڇلايو ٿي، پر پوءِ ڏٺم ته اڇلڻ بدران ان اڌڙ کي پاڪيٽ ۾ ٺاهي ٺوڪي رکي ڇڏيو ۽ پوءِ لنچ بعد، ان اڌڙ کي سڀني اڳيان ڪڍي وري دُکائي ڇڪڻ لڳي.

اصل بار ڪهڙو آهي ...

مون نئين ٽي وي وٺڻ ۽ پراڻي وڪڻڻ چاهي ٿي، جيڪا تنزانيا جي جهازي انجنيئر مسٽر دوبليو وٺڻ جو ارادو ڪيو.
”اسان جي ملڪ ۾ ٽي وي تمام مهانگي آهي.“ هن ٻڌايو.
”سئيڊن کان دارالسلام (تنزاليا) ڀاڙو ڏيئي کڻائي ويندس ته به سستي پوندي.“
شام جو ٽي وي کڻڻ لاءِ دوبليو منهنجي گهر آيو. هيڏي ساري ٽي ويءَ لاءِ ڪا پيتي يا کوکو ڪٿان اچي، چيومانس: ” هڪ پاڪستاني طريقو آهي جنهن ذريعي تون کڻي سگهين ٿو.“
”ماءِ فرينڊ! ڪهڙو طريقو آهي.“ هن معصوميت مان پڇيو، “ اهو پاڪستاني اسٽائيل مون کي به ٻڌاءِ.“
مون هنڌ تان چادر لاهي پٽ تي وڇائي وچ تي ٽي وي رکي آمهون سامهون وارين ڪنڊن کي ڳنڍ ٻڌي هڙ ٺاهي.
”واهه جو ڪم ٿي ويو.“ دوبيلو چيو.
”پر يار! ٽي وي تمام ڳري اٿئي، اڪيلي سر کڻي ويندين؟“ مون پڇيومانس. هن هڙ ڪلهي تي رکي چيو:”ماءِ فرينڊ! اسان جي ملڪ ۾ ان کان وڏيون هڙون مرد ته ڇا عورتون به کڻيو وڃن. بلڪ جيڪا شيءِ مٿي تي رکيل يا پٺن سان ٻڌل آهي اهو ته ڄڻ بار ٿيو ئي نه. اصل بار اهو سمجهيو وڃي ٿو جيڪو هٿن ۾ بئگن وانگر کڻجي.“

ڀت کپي يا پٽاٽا؟

يورپ جي هنن اتراهن ملڪن ۾ چانور صفا گهٽ ٿئي ٿو. ڪڻڪ به ايشيا، آمريڪا يا آسٽريليا کان اچي ٿي. پوءِ ڀلا ڪهڙو اناج، Staple Food طور) کاڌو وڃي ٿو، جيئن اسان وٽ ڪڻڪ آهي، بنگلاديش ۾ چانور آهن. هتي ڊبل روٽي، چانور ۽ پٽاٽا هلن ٿا. پاڻ وٽ پٽاٽا ڀاڄي آهي هتي پٽاٽا ماني آهي، يعني ڪنهن دعوت ۾ ڀت ۽ ٻوڙ هوندو ته ڪنهن ۾ پٽاٽا ۽ ٻوڙ هوندو آهي.
اسان يونيورسٽي ميس ۾ ”مين ڊش“ يعني گوشٽ جي ٻوڙ يا مڇي پئسن سان وٺي ٽيبل تي اچي وهندا آهيون ۽ پوءِ Serve ڪرڻ واري عورت ٽري ۾ چانورن ۽ پٽاٽن جا الڳ الڳ پيالا کڻي هر هڪ کان پڇندي اهي:
(Rice or Potatoes?) چانور کپن يا پٽاٽا. پوءِ هر هڪ کي ان جي پسند جي شيءِ پليٽ تي ڏيندي ويندي آهي.
منهنجي لاءِ ان سوال جو جواب ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي. پٽاٽا ڪنهن ڏينهن اوٻاريل هوندا آهن ته ڪنهن ڏينهن meshed ته، ڪنهن ڏينهن تريل فرينچ فرائيز. پوءِ جنهن ڏينهن تريل هوندا آهن ان ڏينهن دل چوندي آهي ته ”رائيس آر پٽئٽوز؟“ جي جواب ۾ چوانس: ”ٻئي ڏي.“ ڇو ته اسان ته ننڍي هوندي کان ڀت سان پٽاٽا کاڌا آهن، گهر توڙي هاسٽلن ۾ ، جهاز توڙي ڏور اوڀر جي ملڪن (جپان، ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ) ۾- پٽاٽن کي ڀاڄي يعني ٻوڙ سمجهي ڀت سان کاڌا آهن.
۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن Serve ڪندڙ عورت کي چئي به ڏيندو آهيان ته ٻئي ڏي، جيڪا ڳالهه هن کي توڙي مون کي عجيب لڳندي آهي. جي رڳو پٽاٽا ٿا ملن ته ان سان مين ڊش (ٻوڙ يا مڇي) کائڻ به اسان لاءِ اوپري ڳالهه آهي! پوءِ ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ مانيءَ جي ٽائيم تي منهنجو پنهنجن دوستن سان اهو ئي بحث هوندو آهي ته ڪو پٽاٽا وٺي ۽ آئون چانور ۽ پوءِ اڌو اڌ ڪريون.پر هر ڪو اهو به چوندو آهي: ” اسان جي مرضي. تو کي پٽاٽا ٿا وڻن ته پٽاٽا وٺ جي ڀت ته ڀت.“ هاڻ هنن کي ڪير سمجهائي ته مون لاءِ نارمل ڳالهه رُکا پٽاٽا کائڻ بدران ڀت سان کائڻ آهي.

اسان جا ٻار موڳا ڇو آهن؟

اسان پاڪستانين جي خاص ڪري ۽ ٻئي نمبر تي بنگالين ۽ انڊين جي اها عادت آهي ته مهمان سان موڪلائڻ وقت گهر اندر ته هٿ ملائي خدا حافظ چئبو آهي، پر پوءِ ٻاهر نڪري به پيو زور زور سان خدا حافظ ڪبو آهي. قدم قدم تي مهمان ميزبان کي، ميزبان مهمان کي، وري وري اچڻ جون پارتون ڪندو آهي.
”وري اچجو، هاڻ ته گهر به ڏسي ڇڏيو اٿوَ.“
”ها. پر هاڻ توهان به اچجو.“
”فلاڻيءَ کي هن دفعي وٺي نه آيائو، ٻئي دفعي ان کي، ماسيءَ کي، سڀني کي وٺي اچجو.“
بس مهمانن جي وڃڻ وقت هڪ دانهن جو سلسلو هوندو آهي. هڪ ئي وقت ٻنهي ڌرين جون عورتون ۽مرد ڳالهائڻ ۾ پورا هوندا آهن ته ٻار رڙيون ڪرڻ ۽ ڊوڙڻ ۾- جيسين مين گيٽ کان ٻاهر نڪري ڪار ۾ وهن ۽ پوءِ ڪار هلڻ وقت به دانهون ڪري هڪ ٻئي سان موڪلائيندا رهندا.
اها رڙين واري ڳالهه هن پاسي (يورپ) جي پاڙيسري ماڻهن کي نٿي وڻي، جو هو ڊسٽرب ٿين ٿا. ويتر اسان پاڪستانين، انڊين -۽ ان معاملي ۾ عربن جون دعوتون رات جو دير دير تائين هلن ٿيون.اها ڳالهه هتي خراب سمجهي وڃي ٿي، ڇو جو هتي جا ماڻهو موڪل هوندي آهي ته پوءِ ديرتائين جاڳن، ٻارن کي ته موڪل واري ڏينهن به ڪوشش ڪري جلد سمهاري ڇڏين. هتي جي ماڻهن کي چڱي ريت ڄاڻ آهي ته 18 سالن تائين ٻار کي جيترو جلد ٿي سگهي ته سمهارجي جيئن ٻئي ڏينهن اسڪول وڃڻ وقت تازو توانو هجي. سوير سمهڻ سوير اٿڻ سان ٻار صحمتمند رهي ٿو. دير تائين جاڳڻ ٻار کي موڳو بنايو ڇڏي.
سو اهڙي ماحول ۾ جڏهن هو اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي نه فقط آڌي رات تائين جاڳيندي پر رڙيون ڪوَڪون ڪري ٻين پاڙي وارن جوسک ڦٽائيندو ڏسن ٿا ته کين ڪاوڙ لڳڻ لازمي آهي، پوءِ جنهن يورپيءَ جو اسان جهڙو ايشين پاڙيسري هوندو آهي ان سان سندس دوست ۽ مائٽ مٽ همدردي ڪندا آهن ۽ صلاحون ڏيندا اٿس ته ڪيئن اسان جهڙي مسواڙيءَ کي تڙجي يا خود ڀڄي جان ڇڏائجي.
ڪوپن هيگن ۾ پاڪستاني ايمبسيءَ مان پاسپورٽ Renew ڪرائي رهيو هوس ته سفارتخاني جي سيڪريٽريءَ پنهنجي ايڊريس جو ڪارڊ ڏيندي چيو: ”ڪجهه ڏينهن بعد گهر تبديل ڪرڻ وارو آهيان ان ڪري گهر بدران آفيس جي ايڊريس تي رابطو رکجو.“
”ڇو ڀلا؟“ مون گهر بدلائڻ بابت پڇيومانس.
”بس يار پاڙي وارن بيزار ڪري ڇڏيو آهي،“ هن ٻڌايو. ”PIA وارو مئنيجر منهنجو دوست آهي سو هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا هن جا ٻار اسان وٽ اچن ۽ اسين هنن وٽ وڃون، پوءِ رات جو دير تائين جاڳي موڪلائڻ مهل گهٽيءَ ۾ اچيو بيهون ته پاڙي وارن کي چڙ لڳي ٿي.“
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو.
”بس! ان تان ته اسان زور زور سان خدا حافظ، گڊباءِ وغيره چئي موڪلايون ٿا. ان تي سندن ننڊ ڊسٽرب ٿئي ٿي. هاڻ مهمان سان اندر ئي موڪلائي ڪيئن چئبس ته هليو وڃ. ٻاهر تائين اچي موڪلائڻ اسان جو ڪلچر آهي.ان تان مالڪ مڪان اسان کي گهر خالي ڪرڻ لاءِ چيو آهي.“هن ٻڌايو.
دل ۾ چيم هتي جا گورا اسان جي ”ڪلچر“ مان چڱو ڦاٿا ۽ ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته سوير سمهڻ، سوير اٿڻ ڪري گورن جا ٻار اسان جي ٻآرن کان گهڻو هوشيار آهن. اسان جا ٻار ههڙين ولايتن ۾ رهن ته به جهڙا موڳا مٽر، ۽ ڇو نه ائين ٿين جڏهن رات جو دير تائين جاڳي ٽي ويون ڏسن، صبح جو پچيون لڳل اکين سان اسڪول وڃن، شام جو هوم ورڪ ڪرڻ بدران گهر ۽ گهٽين ۾ ڊوڙون پائين ۽ رڙيون ڪن. ميزبان ملڪ جي زبان سکڻ ۽ انهن جي ٻارن سان ملي فضيلت سکڻ بدران پنهنجن سان ملي جهيڙو ڪن ۽ گندا لفظ سکن. سواءِ چند ٻارن جي، اسان جي ملڪ جي گهڻائي بين الاقوامي تعيلمي معيار کان گهڻو گهٽ آهي پوءِ اهي کڻي ڪوپن هيگن لنڊن جي اسڪول ۾ هجن يا رياض، شارجه، ڪويت جي اسڪولن ۾.

ڇا ٻج پکين جو کاڌو آهي؟

ان ڏينهن سئيڊن ۾ ويهن سالن کان رهندڙ شڪارپور جي سنڌي دوست وزير علي سومري جي گهر ويس ته سندس زال گدري، يا شايد سردي جو ٻج کائي رهي هئي. وزير جي زال هتي جي سيئڊش آهي ساڻس گڏ هڪ ٻي به پاڙي جي عورت، جيڪا اصل ناروي جي آهي، پڻ ٻج ڇلي کائي رهي هئي. مون کي ڏاڍو تعجب لڳو، ڇو جو يورپي ٻج نه کائين، بلڪ اسان تي به کلن. اسان سان منهنجو مطلب پاڪستاني، هندوستاني، ملئي، چيني ۽ ٻين ايشين سان آهي، خاص ڪري عربن سان جيڪي ٻج کائڻ جا اسان کا به وڌيڪ شوقين آهن. وارياسن پٽن ۾ گدرا ۽ ڇانهيون جام ٿين، اونهاري توڙي سياري جي ڊگهين راتين ۾ تسبيءَ جا ڪڻ چورڻ بعد ٻئي نمبر تي هنن جي وندر ٻج کائڻ آهي. يورپين کي هنن تي توڙي اسان تي تعجب ۽ چڙ ويندي آهي ته ”ڇا چيهو ڇا چيهي جو شوروو“ وانگر هَوَ ٻج مان ڇا مال نڪري ٿو، جنهن لاءِ ويٺا جفاڪشي ۽ محنت ڪريون ۽ سڄو گهر کلن سان ڀريون. يورپين جي اها راءِ آهي ته ٻج ماڻهن جو نه پر پکين جو ”کاڌو“ آهي.
۽ هاڻ هڪ سئيڊش ۽ نارويجن عورت کي ٻج کائيندو ڏسي تعجب لڳم. اها ڳالهه وزير عليءَ به محسوس ڪئي.
”هن کي هي ٻج ڪٿان هٿ آيو.“ مون پڇيو مانس.
”گذريل مهيني اسين پاڙي جا، هفتي کن لاءِ، موڪلن تي اسپين ويا هئاسين.“ وزير ٻڌايو، ”اتي جنهن جي گهر وڃون ته ٻج کائي رهيا هئا ۽ هنن کي به انهن سان گڏ کائيندو ڏسي مزو اچي ويو.“
”اها ڳالهه ڪر.“ مون چيومانس. “سڄي يورپ ۾ اسپين اهڙو ملڪ آهي جتي پاڻ سنڌين ۽ عربن وانگر ٻج کائڻ هڪ عام ڳالهه آهي.“
”اهو ڀلا ڇو؟“ وزير پڇيو.
”اها مون کي به خبر ناهي، شايد ٻين ڳالهين سان گڏ اهو پڻ عربن ڪري ٿيو هجي جن جي ست سئو کن سال اسپين تي حڪومت رهي.“

ڇا عربي ڳالهائڻ وارا مسلمان آهن

يورپ جي هنن ملڪن ۾ رهڻ کان اڳ مون اهو ئي سمجهيو ٿي ته عرب معنيٰ مسلمان. مون هر عربي ڳالهائڻ واري کي مسلمان سمجهيو ٿي پر هتي ڪيترن عربن جي ڳچيءَ ۾ صليب ڏسي تعجب لڳو ۽ پوءِ خبر پيئي ته عربي ڳالهائيندڙ نه رڳو مسلمان آهن پريهودي ۽ عيسائي پڻ، جيئن ايراني ڳالهائيندڙ مسلمان، بهائي، پارسي به آهن يا برما جا سڀ برمي ڳالهائين ٿا، پر انهن ۾ ڪي هندو آهن، ڪي ٻڌ ته ڪي مسلمان.
هڪ فلسطيني عرب کان پڇيم ته سئيڊن ۾ سڀ کان گهڻا عرب ڪهڙي ملڪ جا آهن.
”شام (Syria) جا، پر اهي عيسائي آهن،“ هن ٻڌايو.

ڪهڙي فلم جو گانو آهي؟

هتي جي هڪ يورپي ڪارخانيدار سان ملاقات ٿي، جنهن جي ڪارخاني ۾ گهڻو تعداد ويٽنامين جو آهي، جيڪي ٻيڙين رستي هتي اچي نڪتا. هو هاڻ سئيڊن جا شهري آهن. سندن ملڪ ويٽنام ۽ هتي جي آب هوا ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هتي هر وقت سيءُ ۽ سوڪڙ آهي ويٽنام ۾ گهم ۽ گرمي.
ڪارخاني جي يورپي مالڪ چيو: ”ويٽنامي قد جا هلڪا ڦلڪا هوندي به چڱو ڪم ڪن ٿا ۽ چئيوان به آهن پر هنن ۾ منجهند جي وقت ٿوري گهڻي ننڊ ڪرڻ جي پِٽ آهي. جيئن ئي منجهند جو هڪ يا ٻه ٿيندو ته هر ڪو اوٻاسيون پيو ڏيندو ۽ ڪنڊ پاسا پيو ڳوليندو، جيئن سُوپو ننڊ جو ڪري وٺي.“
دراصل اها عادت نه فقط ويٽنام وارن جي آهي پر ڪيترن ئي خط استوائي ملڪن جي ماڻهن جي آهي. ڪينيا، تنزانيا،ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ لنچ جي رسيس ڏيڍڪلاڪ کن ٿئي ٿي جنهن جو مقصد فقط ماني کائڻ نه آهي پر ٿوري دير ننڊ ڪرڻ پڻ آهي.
اسان وٽ پاڪستان ۾ به منجهند جي ننڊ جا ڪيترائي عادي آهن، خاص ڪري سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جا. آئون پڻ انهن مان آهيان. اسان جي ڏينهن ۾ پرائمري اسڪول صبح ۽ شام جو ٿيندو هو. ڳوٺ ۾ بجلي نه هئي. صبح جو اٺين کان ساڍي يارهين تائين اسڪول هلندو هو. وري شام جو ٽين کان پنجين تائين هلندو هو. وچ ۾ ماني کائي ڪلاڪ ٻه ننڊ ڪبي هئي، اها عادت اهڙي گهر ڪري وئي آهي جو اڃا تائين چاهي ههڙن ٿڌن ملڪن ۾ هججي يا ننڍن ڏينهن وارن ملڪن ۾، منجهند جو وڌيڪ نه ته پندرهن منٽ ڪرسيءَ تي ويٺي اک هڻڻ لاءِ موقعو ڳوليندو وتندو آهيان ۽ ان بعد سڄو ڏينهن اهڙو تازو جهڙو صبح جي وقت. بنان ان ننڊ جي باقي ڏينهن اوٻاسين جو ڦهڪو هوندو آهي.
ملائيشيا، اسپين، ڪينيا، سريلنڪا جهڙن ملڪن ۾ اسان جهڙا ماڻهو خوش گذاريندا آهن، جتي سڄي قوم آفيشلي منجهند جو سمهي ٿي پوءِ منجهند جي ننڊ کي ڪو ” قيوله“ چئي ٿو ته ڪو نئپ يا ”سائيستا“ وغيره.
هونءَ اسان جهڙا ماڻهو- ويندي ملئي، ويٽنامي، پنجابي، عرب -اٿن به ته صبح جو سوير ئي ٿا. نوڪريون ۽ ڌنڌا هاڻ ٿيا آهن نه ته دنيا جو ڪاروبار پوک تي هلندو هو. مصر کان منگوليا تائين، بصري کان بخارا تائين جا ماڻهو منهن اونداهيءَ ۾ ئي اٿي ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا هئا جو اسان جهڙن ملڪن ۾ گرمي ايڏي آهي جو يارهين ٻارهين کانپوءِ سج تتل ڌرتيءَ تي بيهڻ نٿو ڏئي.
بهرهال اها صبح جو سوير اٿڻ واري عادت گذريل ويهارو سالن کان ماڻهن مان نڪرندي وڃي، جڏهن کان ٽي ويءَ ۽ چانهه جي هوٽلن زور وٺڻ شروع ڪيو آهي. اڄ اسان جو سنڌي هاري به رات جو دير تائين ناڪي واري هوٽل تي ويهي چانهه پئي ٿو ۽ ”زي“ ٽي وي ڏسي ٿو يا وي سيآرتيڪئسٽڏسيٿو۽پوءِصبحجواٿيونٿوٿئيس.
هڪ NGO جي خيراتي ڪمن واري يورپيءَ هند، سنڌ، سريلنڪا جهڙن هنڌن جو دورو ڪري چيو ته، ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن جي تباهي ۽ ترقيءَ ۾ رخنو ٽي وي آهي.اسان جو ماڻهو وندر لاءِ هڪ اڌ پروگرام ڏسڻ بدران سڄو وقت ٽي ويءَ اڳيان ويهي برباد ڪن ٿا.
دراصل هن پاسي يورپ جي ملڪن ۾ سيءُ- ٿڌ ايڏي آهي جو ماڻهو گهر کان نڪرندي ڪيٻائين ٿا. ويتر سياري جي ڊگهين راتين ۾ گهر ۾ ويهي ايڏو منجهن ٿا جو ڪيترا مايوسيءَ جي دوري ۾ پاڻ کي ماريو رکن. کين مشغول رکڻ لاءِ سرڪار ٽي وي پروگرام ۽ چئنل وڌائڻ تي زور ڏئي ٿي، جيئن ملڪ جا ماڻهو وندريا پيا هجن ۽ گهر ۾ اڪيلي بور ٿيڻ بدران ٽي وي ڏسڻ ۾ مشغول رهن. انهيءَ ڪري مٿئين يورپي همراهه پاڪستان جهڙن ملڪن جي دوري بعد اهوئي تبصرو ڪيو ته اسان جهڙن ملڪن ۾ ايتري ٽي وي ڏسڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ سئنيما هال ۾ فلم ڏسڻ جي جيڪڏهن ٽڪيٽ نه هجي ته ان جو مطلب جو اهو ته ناهي ته ماڻهو ڏينهن رات سئنيما هال ۾ ويٺو فلم ڏسي.
مٿين ڳالهين کان علاوه هن پاسي (يورپ ۾) تعليم ايتري آهي جو هر مائٽ ”ڀَلي بُري“ کي سمجهي ٿو ۽ ننڍي هوندي کان ٻارن کي اها ئي ستي وجهي ٿو ته ٽي وي ٿوري دير لاءِ ڏسجي ۽ ڪهڙا پروگرام ڏسجن ۽ ڪهڙي وقت ڏسجن- خاص ڪري هوم ورڪ ڪرڻ بعد ٿوري دير لاءِ ٽي وي ڏسجي. پر اسان جا ٻار ڪِن جهڙي انڊين فلم ڏهون دفعو پئي هلندي ته به ويٺا ڏسندا. ان جو هر هڪ ڊائلاگ ۽ گانو ياد هوندن. مائٽ وڏي فخر سان ڀريل محفلن ۾ هنن کان پڇندا: پٽ! هي جيڪو گانو ”تنها تنها“ پيو هلي ڪهڙي فلم جو آهي؟ يا ماڌوري ڊڪشت جنهن گاني ”اکيان ملائون کبهي اکيان چرائون، ڪيا تو ني ڪيا جادو“ تي ڊانس ڪئي آهي، ڪهڙي فلم جو آهي؟

ولايت ۾ نوڪري لاءِ پورهيت ...

پاڻ سان ڪم ڪندڙ سعودي عرب جي همراهن کي چيم ته پاڪستاني اخبارن ۾ جيڪي سعودي عرب ۾ نوڪري ڪرڻ جا اشتهار اچن ٿا، اهي هڪ ته تمام ننڍين ۽ لئبر ڪلاس جي نوڪرين جا اچن ٿا- مثال طور اليڪٽريشن، ٽرڪ ڊرائيور، واڍو، فورڪ لفٽر، پائيپ فٽر وغيره. ۽ ٻيو ته انهن جا پگهار ايترو گهٽ هوندا آهن جو پڙهي افسوس ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ورلي انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن جي ضرورت جا اشتهار ايندا آهن، انهن جا به پگهار تمام گهٽ هوندا آهن، کين رهائش لاءِ اڪيلو ڪمرو ڏنو ويندو آهي، ٻارن کي آڻڻ جي به موڪل نه هوندي اٿن. اهو ڀلا ڇو؟
”دراصل ان ۾ اسان سعودي وارن جو سنئون سڌو هٿ نه آهي.“ هڪ ٻڌايو، ” اسان يڪو ٺيڪو ڏيندا آهيون. مثال طور بندرگاهه جي ڪم هلائڻ لاءِ اسان ٻن سالن جي ٺيڪي لاءِ اشتهار ڏيندا آهيون، پوءِ جيڪو گهٽ اگهه Quote ڪري. پوءِ ڪڏهن آمريڪن ته ڪڏهن برٽش يا ويندي جپاني ياڪورين اهو ٺيڪو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، پوءِ مٿين پوسٽن تي هو پنهنجا رکن ٿا باقي ننڍن ننڍن ڪمن Sub- Contracts ٻين کي ڏين ٿا. مثال طور ڪنهن جپانيءَ کي بندرگاهه جو ٺيڪو مليو، پوءِ اهو بندرگاهه جي لانچن ۽ ٽگن لاءِ فليپنو آفيسر رکندو ته خلاصي بنگالي يا چيني -جيڪي گهٽ پگهار تي گهڻي کان گهڻو ڪم ڪن ٿا ۽ سندن به فائدو ٿئي ٿو. بندرگاهه جي رستن ۽ عمارتن لاءِ هو وري مختلف ملڪن جي ايجنٽن کي ٺيڪا ڏيندو، پوءِ جيڪو گهٽ اگهه وٺي، مثال طور ڪنهن پاڪستاني ايجنٽ کي اهو ٺيڪو مليو. پوءِ اهو پاڪستاني اخبارن ۾ مزورن انجنيئرن لاءِ اشتهار ڏيندو ۽ ڪوشش ڪري هو اهي کڻندو، جيڪي گهٽ پگهار تي راضي ٿي وڃن، جيئن کيس وڏو فائدو ملي. هاڻ هڪ پاڪستاني انجنيئر يا رستو ٺاهيندڙ مزور کي ڇا پيو ملي ان جي نه اسان کي خبر آهي نه اسان جو واسطو آهي. اسان جو واسطو ان جپانيءَ سان آهي، جنهن کي اسان سڄي بندرگاهه جو ٺيڪو ٻن سالن لاءِ ڏنو آهي. دراصل ان پاڪستاني مزور يا ڪاريگر جو جپانيءَ سان به واسطو ناهي- ڇو جو هن جپانيءَ سب- ٺيڪو پاڪستانيءَ کي ڏنو آهي ته هي هي رستا هر وقت صحيح هجن. پوءِ اهو پاڪستاني ٺيڪيدار پنهنجي ملڪ جا ڪيترا ماڻهو رکي ٿو کين ڪيترو پگهار ڏئي ٿو اهو هن جو ڪم آهي.
ڪجهه سال اڳ دمام بندرگاهه ۾ جهازن تي سامان چاڙهڻ لاهڻ جو ڪم پاڪستاني مزورن حوالي هو. پاڪستانين عيد براد ۽ ٻين ڏينهن تي اهاني بهاني ڏاڍيون موڪلون ڪيون ٿي. جهازي ڪم اهڙو آهي جنهن ۾ روز ڪم هلي ٿو ۽ ڏينهن رات ڪم هلي ٿو. نتيجي ۾ بندرگاهه جي جرمن فرم ٻئي سال کان ڪوريا جا مزور رکيا ۽ پاڪستاني مزورن کي سال پورو ٿيڻ بعد ٻئي سال جو ٺيڪو نه ڏنو.“
هڪ اهڙي پاڪستاني ايجنسيءَ جي مالڪ سان جنهن جو ڪم پاڪستان کان مزور ۽ پورهيتن کي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪميشن تي نوڪري وٺي ڏيڻ آهي، تنهن کان پڇيم:”توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو سعودي عرب موڪليو ٿا؟“
”گهر جي ڪم ڪارين ۽ دڪانن، هوٽلن جي صفائيءَ لاءِ بنگالي موڪليون ٿا ۽ ڳري ڪم لاءِ، جيئن ته رستا ٺاهڻ، عمارتون ٺاهڻ ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پٺاڻ ۽ افغاني موڪليون ٿا.“
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
”ان لاءِ جو هو اتي پهچڻ سان ڪم ۾ جنبيو وڃن ته وري پُٺِ جو نٿا سوچين. هو نخرا ۽ موڪلون گهٽ ڪن ٿا. هنن کي نه بيوي کپي نه ٽي وي کپي، جيڪو سادو سودو ملين ٿو اهو کائي، پئسو بچائين ٿا. نه گهمڻ ڦرڻ جي عادت اٿن نه ڪچهرين جي تات.“
”افغاني ۽ بنگالي ڪٿان آڻيو؟“ مون پڇيو.
”اهي هتي اچن ٿا ۽ پاڪستاني پاسپورٽ جو پاڻهي بندوبست ڪن ٿا ۽ اسان کين پاڪستاني ڪوٽا تي موڪليون.“ هن ٻڌايو.
” اهو ته توهان پنهنجي ملڪ (پاڪستان) جي ماڻهن سان ظلم ڪيو ٿا،“ مون چيو.
”ظلم پاڻ اسان تي ٿئي ٿو جو جڏهن ڪيترا سست پاڪستاني صحيح طرح ڪم ڪرڻ بدران گسائين ٿا يا اهاني بهاني مقرر مدي کان اڳ موٽيو اچن ته پوءِ ڪمپني اسان کي وارننگ موڪلي ٿي ۽ ڪيترا دفعا اسان جي ضمانت ضبط ٿيو وڃي. ان ڪري هر ايجنٽ پورهئي لاءِ اهڙا ماڻهو موڪلي ٿو، جيڪي گهر کان پري رهي چڱي طرح مزوري ڪري سگهن يعني پورهيت هجن ۽ هوم سِڪ هرگز نه.“هن ٻڌايو.

سرڪار جا نه جهاز ملڪيت نه بندرگاهه

پاڪستان جي اتر ۾ افغانستان آهي ۽ ان مٿان روسي رياستون تاجڪستان، ازبڪستان، قازڪستان وغيره آهن ۽ کاٻي پاسي ايران ۽ ترڪي آهي، ترڪيءَ مٿان اتر ۾ بلغاريا، رومانيا، پولينڊ آهن. انهن جي به اتر ۾ وڃبو ته بيلا روس ۽ سوويت يونين جون بلقاني رياستون ليٿونيا (Lithuania) ، لئٽِ وِيا (Latvia) ۽ ايسٽونيا (Estonia) آهن. ايسٽونيا تمام گهڻو اتر ۾ سٺ ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) جي لڳ ڀڳ آهي.
ايسٽونيا جي گاديءَ جو هنڌ ٽالن (Talinn) آهي. ٽالن ۽ هيلسنڪي (فنلئنڊ جي گاديءَ جو هنڌ) هڪٻئي جي آمهون سامهون ائين آهن جيئن روهڙي سکر يا دادو مورو. انهن شهرن جي وچ ۾ سنڌوندي وهي ٿي ۽ هيڏانهن بالٽڪ سمنڊ جو هڪ حصو يڪو ”فنلئنڊ نار“ (Gulf of Finland) آهي،جيئن عربي سمنڊ جو هڪ حصو ايراني نار ايران ۽ عرب رياستن کي ڌار ڪري ٿو تيئن گلف آف فنئلنڊ ايسٽونيا ۽ ٻين بلقاني رياستن کي فنلئنڊ کان جدا ڪري ٿو.
پاڪستان کان مٿيون رستو ڏئي فنلئنڊ پهچڻ تي فنلئنڊ روس جو پاڙيسري ۽ مائٽ ملڪ لڳي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته فنلئنڊ روس جو ايئن پاڙيسري ملڪ آهي جيئن پولينڊ، هنگري،چيڪو سلاويڪيا يا رومانيا ۽ بلغاريا آهن - جن جي رهڻي ڪهڻي، توڙي ايڪاناميءَ جو هيڻو حال- يا ڪارو منهن ڪرڻ ۾ سابق سوويت روس جو هٿ رهيو ۽ آخر تائين ان جو اثر رهيو.
فنلئنڊ پنهنجو پاڻ کي ان رڇ جي چنبن کان بچائڻ ۾ وڏا وس ڪيا. فنلئنڊ جي زبان يا اٿڻي ويهڻي يا ماڻهن جو قدبت پنهنجي ان طاقتور پاڙيسريءَ جهڙو ضرور آهي، پر ملڪ جي ايڪانامي يا سياسي نظام پنهنجي کاٻي پاسي واري پاڙيسري ملڪ سئيڊن ۽ ناروي جهڙو آهي. فنلئنڊ روس جو نه پر اسڪينڊينيويا جي ملڪن جو حصو سڏيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جا ٻيا ملڪ ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ آئس لئنڊ آهن.
ناروي ۽ ڊئنمارڪ وانگر فنلئنڊ پڻ جهازراني ۽ جهازسازيءَ ۾ گهڻو اڳيان اڳيان رهيو آهي. سامونڊي جهيڙن، صلح صفائين ۽ فيصلن جون ڪيتريون ئي بين الاقوامي گڏجاڻيون هن ملڪ ۾ ٿينديون اچن، خاص ڪري هيلسنڪي ان خيال کان هڪ تواريخي شهر آهي. هونءَ ته پاڪستان کان پڳ ٻڌي، هلي ملي هن اتراهين شهر هيلسنڪي جي گهمڻ لاءِ ڀاڙو ڀرڻ ۽ تڪليف سهڻ کان ته بهتر آهي ته انهن پئسن جو وڏو ريفريجٽر وٺي ان ۾ پاڻ کي بند ڪري ڇڏجي. پر سئيڊن جي شهر مالمو توڙي اسٽاڪهوم (جتي اسان رهيل آهيون) کان فنلئنڊ جو هي شهر هيلسنڪي ائين آهي جيئن ڪراچي حيدرآباد کان بمبئي مدراس. هوائي جهاز رستي ٻه ڪلاڪ کن جو پنڌ آهي ۽ سامونڊي جهاز رستي پندرهن ويهه ڪلاڪ لڳن ٿا، پر هنن ملڪن ۽ اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ فرق فقط اهو آهي ته اسان جا ملڪ هڪٻئي جو خيال رکڻ ۽ هڪٻئي جي عزت ۽ تعريف ڪرڻ بدران سڄو وقت رٺل رنڊيءَ وانگر فقط هڪ ٻئي کي مهڻا ڏيندا آهن، هر وقت هڪٻئي جي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ هوندو اٿن، پر هن پاسي جا يورپي ملڪ هڪٻئي جون ڳالهيون ٻڌن، هڪٻئي جي ايجادن مان فائدو وٺن، هڪٻئي سان ٿيل پراڻا توڙي نوان جهيڙا پنهنجي منهن ويهي، پيار محبت سان نبيرين ۽ آئينده جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ صلاح مشورو ڪن- ٻين لفظن ۾ هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ بدران ترقيءَ لاءِ سوچين.
مالمو (سئيڊن) جي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ“ ۾ ٻه سال رهڻ دوران هر هڪ کي ٻن هفتن لاءِ هيلسنڪي پڻ موڪليو ويو ٿي، جيئن هن ملڪ جي سامونڊي ڪم ڪارين جي آفيسن ۽ بندرگاهن جو پڻ رنگ ڍنگ ۽ طور طريقو ڏسي سگهجي.
ساموندي دنيا ۾ فنلئنڊ هڪ مثالي شهر آهي. فنلئنڊ بندرگاهن ۽ ڍنڍن جو شهر آهي. هر قسم جي ٻيڙين، جهازن ۽ سامونڊي رستن پيچرن جو ملڪ آهي. فنلئنڊ کي سٺ بندرگاهه آهن ۽ هڪ لک کان مٿي ننڍيون وڏيون ٻيڙيون آهن! جهاز ۽ ٻيڙيون ته سرڪار بدران پرائيويٽ ماڻهن جون آهن پر بندرگاهه پڻ پرائيويٽ آهن. فنلئنڊ جي بندرگاهن جو پڳ ڌڻي نه سرڪاري ڪامورو آهي ۽ نه ڪو فوجي ائڊمرل. هالا جي مڇي مارڪيٽ يا ڪراچي جي زينب مارڪيٽ وانگر هي بندرگاهه عام ماڻهن جي ملڪيت آهن ۽ اهي ئي انهن کي هلائين. ڪن ڪن بندرگاهن کي ان شهر جون ميونسپالٽيون هلائين ۽ ڇا ته سندس اعليٰ ڪارڪردگي ۽ ڪمائي آهي!هر جهاز کي وقت تي بندرگاهه ۾ جاءِ مليو وڃي، حفاظت سان سامان لهيو چڙهيو وڃي، لنگر کڻڻ وقت پوري شيڊول تي رسا کليو وڃن. جهاز وارا به خوش ته بندرگاهه وارا به خوش. نه مزور سامان ڀڃن يا چوري ڪن ۽ نه ڪسٽم ۽ پوليس اجائي کٽ کٽ ڪري، پنهنجي کيسي ڀرڻ لاءِ جيري خاطر ٻڪري ڪهن. ان ڪري امپورٽر ايڪسپورٽر به خوش ته دڪاندار ۽ خريدار به خوش- ملڪ به پيو ترقي ڪري ته ماڻهو به پيا خوش گذارين.

جنهن کي وڻين مور بنائين....

فنلئنڊ کي چڱو ڊگهو سامونڊي ڪنارو آهي ۽ اٺ هزار ڪلوميٽر مختلف سامونڊي ڪئنال ٿيندس. ان کان علاوه ست هزار کن ڪلوميٽر (Inland Channels) اٿس، انهن مڙني ۾ جيڪي جهاز ۽ ٻيڙيون هلن ٿيون، انهن لاءِ جيڪي سمنڊ تيBuoys بتيون، لائيٽ هائوس،Beacons (چمڪندڙ ۽ وسامندڙ بتيون) ۽ رڊار لڳل آهن، انهن جو تعداد ٻاويهه هزار آهي. مزي جي ڳالهه اها ته دنيا ۾ فنلئنڊ ئي هڪڙو ملڪ آهي جنهن جا سياري ۾ سمورا بندرگاهه بند رهن ٿا. سخت سرديءَ ڪري چوڌاري سڄو سمنڊ برف ٿيو وڃي، پر ان هوندي به وقت بوقت ”آئيس بريڪر جهازن“ ذريعي برف ڀڃي ڪيترن بندرگاهن تائين پيچرا ٺاهيا وڃن ٿا ۽ جهازن کي قافلي جي صورت جلدي جلدي ڪجهه بندرگاهن تائين پهچايو وڃي ٿو. سخت سيءَ ۽ برف ڪري سياري ۾ ته اها تڪليف ٿئي ٿي پر اونهاري ۾ سج نڪرڻ ۽ برف جو سمنڊ ۾ ٽڙڪڻ ڪري اتر قطب کان برف جا وڏا جبل (Ice Bergs) سمنڊ ۾ لڳل بتين ۽ Bouys کي هر سال لوڙهيو وڃن ۽ پوءِ حڪومت ۽ بندرگاهه وارا انهن پٺيان وري وري خرچ ڪندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ جو هنن طوفاني، برفاني ۽ اونداهن سامونڊي علائقن ۾ جهازين کي رستا ڳولڻ ۾ اهي ئي بتيون ۽ Buoys، لائيٽ هائوس ۽ بيڪن بتيون- پري تائين ڏيک ڏيندڙ چمڪندڙ بتيون، مدد ڪن ٿيون. سخت جهڙ ڪري ڪو چنڊ، تارو يا سج نظر نٿو اچي.
اسان جو هوائي جهاز ڪوپن هيگن جي هوائي اڏي تان پوري وقت تي اڏاميو هو ۽ هاڻ پائليٽ طرفان ٿيل اعلان مطابق پوري وقت تي هيلسنڪيءَ ۾ لهي رهيو هو.
”مسافرن کي بيلٽ ٻڌڻ لاءِ اطلاع ڪجي ٿو، ٿوري دير بعد اسين فنلئنڊ جي بين الاقوامي هوائي اڏي هيلسنڪي تي لهنداسين ۽ جيسين ڏاڪڻ نه لڳي مسافرن کي عرض آهي ته هو پنهنجين جاين تي ئي ويٺا هجن. ڊئنمارڪ ۽ فنلئنڊ جي وقت ۾ ڪلاڪ جو فرق آهي ... ڏينهن جهڙالو آهي ۽ ٿڌڪار (ٽيمپريچر) واڌو ٽي ڊگريون آهن. اميد ته توهان جو هن هوائي جهاز ۾ سفر سٺو گذريو هوندو. مهرباني.“
دري مان هيٺ ڏٺم جهاز ڪافي هيٺ لهي چڪو هو پر اڃا ڪڪرن جي مٿان واري Altitude تي هو، پوءِ سگهوئي هيٺڀرو ٿيندو ويو...رستا ، وڻ ٽڻ، ننڍڙا ٻيٽ توڙي ڍنڍون ڍورا صاف نظر اچڻ لڳا. ساڄي پاسي واري دريءَ تي ٿائلينڊ جو مسٽر سوتي چائي هو. هڪ گهڙيءَ لاءِ اسان درين مان هيٺ ڏسڻ بدران هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ سوتي چائيءَ هيٺ اشارو ڪري چيو: ”ڏس ڏس! پاڻ کي وڏا شريف ۽ مهذب سڏائڻ وارا هي يورپي! وڻن جي ستيا ناس ڪري رهيا آهن.“
هيٺ چوڌاري پاڻي هو، رستا هئا، گهر هئا، باقي وڻ ئي وڻ هئا، جيستائين نظر وئي ٿي! جبل به ڊگهن وڻن سان جهنجهيا پيا هئا، پر انهن گهاٽن ٻيلن ۾ ڪٿي ڪٿي سوين ايڪڙن ۾ ڪٽيل وڻ هئا. انهن هنڌن تي ساوڪ بدران ڌرتيءَ جو ميٽوڙي رنگ نظر اچي رهيو هو، ڌرتيءَ جا اهي حصا هوائي جهاز مان ائين نظر اچي رهيا هئا، جيئن ڪنهن جي مٿي ۾ پاڪيءَ سان چَتيون نڪتل هجن. سوتي چائيءَ هڪ دفعو وري چيو:”هي سڌريل ملڪ پاڻ ڀلي وڻ ڪٽين، پاڻ ڀلي فئڪٽريون ڪارخانا ٺاهي انهن مان گئس ۽ دونهون ڪڍن- کين چوڻ واري ڪا پهر ناهي. اسان ڪٿي ڪو وڻ اڌ ڪٽينداسين ته مغربي پريس ۾ رڙ پئجي ويندي ته ٿائلينڊ وڻڪار ختم ڪري رهيو آهي، ملائيشيا وڻ وڍي هن ڌرتيءَ جي گرمائش وڌائي رهيو آهي، هر ڳالهه ۾ موچڙو مار ڪمزور تي آهي.“
سومر جو ڏينهن هو، شايد ان ڪري هوائي جهاز اڌ کن مس ڀريل هو. هن پاسي ماڻهن جي گهڻي چرپر جمع، ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن رهي ٿي. هفتي جا اهي موڪل وارا ڏينهن Week- End سڏجن ٿا، باقي ڏينهن پورهئي ۽ محنت جا Week- Days سڏجن. بهرحال ٿورا ٿورا تڏهن به جهاز ۾ ڏيڍ سئو کن ماڻهو هئا، پر ايئرپورٽ تي لهي اميگريشن وٽ پهتاسين ته فقط اسين اٺ ڏهه ڌارين ملڪن (ايشيا ۽ آفريڪا) جا وڃي بچياسين، اسان جي پاسپورٽ چڪاس لاءِ الڳ دري هئي، جنهن تي Foreigners لکيل هو. ٻي دريءَ تي Scandinavian لکيل هو، (جيڪا فنلئنڊ ۽ هن تَرَ جي ملڪن: سئيڊن، ڊئنمارڪ، ناروي ۽ آئيس لئنڊ جي ماڻهن لاءِ هئي)، جنهن دريءَ تان هن پاسي جا ماڻهو پنهنجي پاسپورٽ يا شناختي ڪارڊ جي جهلڪ ڏيکاري، وڃي گهر ڀيڙا ٿيا.
اسين ڪارا، ڪڻڪ رنگا، هئڊا، ڦڪا، ميٽوڙي ۽ چاڪليٽي تنزانيا، يمن، پاڪستان، ٿائلينڊ، وينزوئلا ۽ ويسٽ انڊيز جا قطار ٺاهي اچي دريءَ اڳيان بيٺاسين. اسان لاءِ هيلسنڪيءَ جو هوائي اڏو به ڄڻ هالا جو ٽپال گهر هو. انچارج همراهه ويٺو هو پر جڏهن موڊ ٿئيس ته اسان جي ڪم جو اڪلاءُ ڪري. فلپين جو مسٽر گلبرٽ اهو حال ڏسي قطار مان نڪري، ڪنڊ ۾ رکيل ايمبارڪيشن فارم کڻي ڀرڻ لڳو.
” گلبرٽ اچ، فارم جي ڪهڙي ضرورت آهي، پاسپورٽ تي ويزا ۽ سڀ ڪجهه لکيو پيو آهي ته اسين گروپ ۾ سفر ڪري رهيا آهيون ۽ UNO جهڙي بين الاقوامي اداري جي يونيورسٽيءَ سان تعلق رکون ٿا،“ مون چيو.
”هنن جو ڪو ڀروسو ناهي،“ گلبرٽ چيو، ”پوءِ جو ساڳيو فارم ڀرجي، تنهن کان بهتر آهي آئون هينئر ئي ٿو ڀري وٺان.“
گلبرٽ جي ڳالهه صحيح نڪتي. پاسپورٽ چڪاس ڪرڻ واري ”پوليس واريءَ “ وينزوئلا ۽ تنزانيا جي همراهن کي ته فقط پاسپورٽ ڏسي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏني، باقي اسان کي چيو ته فارم ڀري اچو ته اسان جي ملڪ ۾ ڇو آيا آهيو، ڪٿي رهندائو، ڇا ڪندائو، ڪير آهيو ۽ ڪير توهان جي گئرنٽي کڻندو.. وغيره
ٿائلينڊ جي سوتي چائيءَ کي ڳالهه نه وڻي، ”پاڻ جڏهن اسان جي ملڪ ۾ ايندا آهن ته اسان ته ايڏي سختي نه ڪندا آهيو ۽ هن وقت ته اسان ذاتي چڪر تي نه آيا آهيون. اها اسان جي بي عزتي آهي، ترسو ته آئون اميگريشن واران سان ڳالهايان.“
سوتي چائي دريءَ وٽ ويو، پٺيان يمن جي مبارڪ به ڊگهي فارم کان بچڻ لاءِ سوتيءَ پٺيان وڃڻ جو ارادو ڪيو پر ان ئي گهڙيءَ سوتي چائي ڦلهوڙو منهن ڪري موٽيو.
مون يمن جي مبارڪ کي فارم ۽ پين ڏيندي چيو:
”ابا اچ. هاڻ ٿي پڪ. جتي ٿائلينڊ تي ئي سختي آهي، اتي پاڪستان ۽ يمن جهڙا ملڪ ڪهڙي باغ جي موري آهن.“
”وينزوئلا ته کڻي آمريڪا ۾ آهن،“ سوتي چائيءَ چڙ مان يمن جي مبارڪ کي چيو، ”پر تنزانيا تي اها مهرباني ڇو ڪئي اٿن، جيڪو آفريڪا جو ملڪ آهي.“
”بس تنزانيا جا ماڻهو توهان ٿائين وانگر پراين ملڪن ۾ ڦڏا نه ڪندا هوندا.“ يمن جي مبارڪ چيس.
”اوه نو! مسٽر مبالڪ!“ سوتي چائيءَ معصوميت مان چيو، هو اڄ ڏينهن تائين ”ر“ اچاري نه سگهيو آهي، ان ڪري مبارڪ کي مبالڪ ئي سڏي. “اسان ٿائين کي پنهنجو ئي ملڪ وڻي ٿو، جتي هر قسم جو سڪون ۽ سک آهي، هتي فنلئنڊ وارا جيڪڏهن اهو سمجهن ٿا ته آئون هتي سندن ملڪ ۾ رهي پوندس ته اها سندن وڏي غلط فهمي آهي.“
”وري به شڪر ڪر.“ مبارڪ ڏڍ ڏيندي چيس، ”اسان جي ملڪ يمن کي ته اسان جا عرب ملڪ توڙي يورپي دهشتگرد ٿا سمجهن.“
”پر اهو ڪيڏو غلط آهي جو هن وقت اسان هڪ بين الاقوامي اداري سان تعلق رکون ٿا ۽ هڪ ئي ملڪ سئيڊن کان اچي رهيا آهيون. ان حالت ۾ هتي جي اميگريشن کي سڀني سان هڪ جهڙو هلڻ کپي. اهو ڇا ته ڪن کي ائين پيا ڇڏين ته ڪن کي چور سمجهي انهن کان فارم پيا ڀرائين.“ سوتي چائيءَ چيو.
”هن وقت اهڙيون ڳالهيون ئي ڌيان ۾ نه آڻ.“ مون کيس آٿت ڏني، ”هتي ماڻهو پنهنجي ذاتي اخلاق کا به نه پر ملڪي ليبل سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ اها ليبل هنن چوڌري ۽ وڏيرن ملڪن جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي وڻين مور بنائين جنهن کي وڻين چور بنائين. جيستائين گڏيل روس جو وجود قائم هو. انهن سان دشمني پارڻي هئي ۽ ڌڪ ڪڍڻو هو ته پاڪستان کي مور بنايو ويو، جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ واري آمريڪا کي ان جو فوجي ڊڪٽيٽر به پئي وڻيو. ڪم نڪري ويو، روس ختم ٿي ويو ته هاڻ پاڪستان چور ٿي پيو آهي. جمهوريت هوندي به کين جمهوريت نظر نٿي اچي، سو هتي ڪير سٺو آهي يا ڪير خراب، ڳالهه ناهي. هتي راڻي اها سڏرائي ٿي جنهن کي راءِ چاهي ٿو.“
اميگريشن مان واندا ٿي ڪسٽم ۾ پهتاسين، ڪسٽم آفيسر هر هڪ جي سامان تي چاڪ سان ٽِڪ ڪندو ويو ۽ گڏوگڏ هڪ نظر پاسپورٽ تي به هڻندو ويو. منهنجي سامان کي به پاس ڪرڻ وارو هو ته منهنجي سائي رنگ جي پاسپورٽ تي نظر پوڻ سان ترسي پيو.
(Are you form Pakistan) هن مون کان پڇيو.
”جي ها.“ مون وراڻيومانس.
”يو ڊونٽ مائينڊ اِف آءِ چيڪ يوئر لگيج.“ هن تڪلف طور پڇيو. جواب کان اڳ مون بئگ کولڻ شروع ڪئي، مون کانپوءِ ٻيو جنهن جو سامان کولرايو ويو، اهو مبارڪ هو. منهنجي بئگ ڀرسان بئگ رکي، مبارڪ عربيءَ ۾ ڪسٽم واري کي گار ڏني.
”سڄي ميڙ ۾ کين اسان چور ٿا نظر اچون.“ هن مون کي چيو.
”انهيءَ ذلالت ڪري ته مون سئيڊن مان نڪرڻ نٿي چاهيو. ايشيا ۽ آفريڪا جا ملڪ ته هونءَ ئي هنن جي نظرن ۾ خراب آهن پر انهن ۾ به ڪي ڪي اسان جهڙن جا ملڪ وڌيڪ ئي خراب آهن، جن کي هو ههڙن موقعن مهلن تي ذليل ڪندا رهن ٿا.“

فنلئنڊ ۽ ٿائلنڊ ۾ فرق ...

اميگريشن ۽ ڪسٽم جون اونون لاهي ٻاهر نڪتاسين ته لابيءَ ۾ هيلسنڪيءَ جي ”مئريٽائيم ايڊمنسٽريشن آفيس“ جي نمائندي ڪئپٽن پيڪا (سڄو نالو: Pekka Korhonen، انهن سڄڻن لاءِ جيڪي معلوم ڪرڻ چاهين ته فنلئنڊ جي ماڻهن جا ڪهڙي قسم جا نالا ٿين ٿا) استقبال ڪيو. هونءَ هن پاسي مڙيئي Scandinavian ماڻهو هڪ ٻئي سان ايترو گهڻو ملن ٿا جو شڪلين مان سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ڪير ڊئنمارڪ جو آهي ۽ ڪير ناروي سئيڊن يا فنلئنڊ جو، پر سندس نالن ۽ نالن جي اسپيلن مان هتيجا ماڻهو سمجهيو وڃن ته ڪير اسڪينڊينيويا جي ڪهڙي ملڪ جو آهي.
پيڪا پهرين ئي کيڪار کڙيءَ ۾ اسان کي کلمک ۽ يار ويس ماڻهو لڳو ۽ ساڳي پروفيشن جو هجڻ ڪري هن کي اسان لاءِ ۽ اسان کي هن لاءِ عزت ۽ دوستيءَ جو جذبو ائين محسوس ٿيو، جيئن هڪ ملڪ جي ڊاڪٽر سرجن کي ٻئي ملڪ جي پاڻ جهڙي ڊاڪٽر سرجن لاءِ ٿئي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ کڻي گهڻي سڌريل ملڪ مان هجي ٻيو گهٽ سڌريل ملڪ مان.
اسان پنهنجو پنهنجو سامان کڻي اچي سندس بس جهڙي ڊگهي وئن ۾ رکيو. هيلسنڪي ايئرپورٽ جو نالو Vanataa آهي ۽ شهر کان ايڪيهه ميل پري آهي. ايئرپورٽ کان شهر تائين ڊگهو رستو پار ڪرڻ دوران اسان مان هر هڪ پنهنجو تعارف ڪرايو. آخر ۾ ٿائلينڊ جو جهازي انجنيئر سوتي چائي هو. ان جي تعارف ختم ٿيڻ تي مون پيڪا کي کلي چيو:
”توهان فنلئنڊ وارا خوش نصيب آهيو جو اسان جو يار سوتي چائي هتي هيلسنڪي آيو آهي، نه ته هو نه ناروي هليو ۽ نه ڊئنمارڪ جي آروس شهر ۾، پر هيڏانهن فنلئنڊ اچڻ لاءِ هو صبح ساڻ سڀني کان ڪلاڪ ڏيڍ اڳ ايئرپورٽ تي پهچي ويو هو.“ سڀ کلڻ لڳا. پيڪا پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو:
”واقعي؟“
سوتي چائيءَ شرمائي پنهنجي ڪچي ڦڪي انگريزيءَ ۾ چيو: ”هائو. ڇو جو آئون ڊڄي ويو هوس.“
”ڇا مطلب..؟“ پيڪا وائڙو ٿي پڇيو ۽ پوءِ اسان کيس ٻڌايو ته اوڏانهن وڃڻ لاءِ ٻئي دفعا سوتي چائي کان اڏامون مس ٿي ويون هيون. فلائيٽ جو ٽائيم تمام صبح ساجهر هو ۽ هي وقت اندر ايئرپورٽ تي پهچي نه سگهيو هو ۽ ٽڪيٽون به Non-RefundableTransferable,-Non هيون سو اڏام نڪري وڃڻ تي انهن ٽڪيٽن جا پئسا به رفوچڪر ٿي ويا. هن دفعي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر سوتي چائيءَ کي دٻ ڪڍي ته هيلسنڪي واري فلائيٽ به گسائيندي ته ٻانهن ۾ هٿ وجهي ٿائي ايئر لائينز جي هوائي جهاز ۾ ويهاري ايندوسانءِ ته مهرباني ڪري پنهنجي ملڪ بئنڪاڪ موٽي وڃ، جتان آيو آهين.
”انهيءَ ڪري ته آئون هن دفعي ڊنس“، سوتيءَ مرڪندي ٻڌايو، ”رات جو ستس ئي ڪو نه. سوير ئي اچي ايئرپورٽ تي ويٺس. منهنجي باس يا حڪومت کي خبر پوي ته آئون هتي پڙهڻ ۽ تعليمي ٽوئرون اٽينڊ ڪرڻ بدران گسائيندو رهان ٿو ته ساهه ڪڍي ڇڏين.“
”مون ٿائلينڊ ڪڏهن به ڏٺو ناهي.“ ڪئپٽن پيڪا سوتي چائيءَ کي چيو.
”چوينس ته ٿائلينڊ ۽ فنلئنڊ ساڳيو آهي.“ مبارڪ وچ ۾ ڳالهايو.
”اهو ڪيئن...؟“ سوتي چائيءَ مبارڪ کان پڇيو.
”اهو هينئن،“ مبارڪ بدران هاڻ مون جواب ڏنومانس، ”ٿائلينڊ سَٿرن جي ڌرتي آهي ۽ فنلئنڊ موج مزي (fun) جي جاءِ آهي.“
”اوه نو!“ سوتيءَ سختيءَ سان Portest ڪيو.
” ڇڱو ڀلا ٻڌ.“ مون ٻڌايو مانس.“ ٿائلينڊ جو اصل نالو سيام آهي، جيڪو (S) سان شروع ٿئي ٿو، فنلئينڊ جو به اصل نالو Soumi آهي، جيڪو پڻ ساڳي اُچار سان شروع ٿئي ٿو. ان کان علاوه سڄو ايشيا ۽ آفريڪا کنڊ ڪنهن نه ڪنهن يورپي ملڪ جي ڪالوني ٿي رهيو، سواءِ ٿائلينڊ جي. اهڙيءَ طرح ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ يورپ جي ملڪن تي نازي حڪومت جو ٿورا يا گهڻا ڏينهن قبضو رهيو پر انگلينڊ کان علاوه ٻيو خوشنصيب ملڪ فنلئنڊ هو، جنهن پاڻ کي ڌارين جي جلهه کان بچائي رکيو. ٿائلئنڊ ۾ هڪ نمايان فرق پڻ آهي- هڪ ملڪ (ٿائلنڊ) ۾ هميشه بادشاهي راڄ رهيو ٻئي ۾هرگز نه .“
”اها ڳالهه آهي،“ ڪئپٽن پيڪا منهنجي ڳالهه کي ٽيڪو ڏيندي چيو.“ ان معاملي ۾ فنلئنڊ ويندي سندس ڀائر ڀينر ملڪ: ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن کان نرالو رهيو آهي، ڇو جو باقي انهن Scandinavian ملڪن ۾ هر وقت ڪانه ڪا راڻي يا راجا رهندو اچي.“
ان بعد هوٽل تائين ڪئپٽن پيڪا فنلئنڊ ۽ ان جي گادي واري شهر هيلسنڪيءَ بابت ٻڌائيندو هليو. ڪجهه اهم، معلوماتي، دلچسپ ۽ ڪم جون ڳالهيون جيڪي هن وقت ياد اٿم هن ريت آهن:
فنلئنڊ جي ايراضي سوا ٽيلک چورس ڪلوميٽر آهي، يعني پکيڙ ۾ جپان ۽ جرمني جيڏو ٿيندو. اتر کان ڏکڻ تائين سندس ڊيگهه ٻارنهن سئو ڪلوميٽر آهي، سڄيملڪ جي آدمشاري پنج ملين يعني پنجاهه لک آهي. ماڻهن جو وڏو حصو ڏاکڻين شهرن ۾ رهي ٿو. هيلسنڪي شهر جي آدمشماري پنج لک آهي. جيڪا ڪراچي، ڪلڪتي يا بمبئي بئنڪاڪ جي مقابلي ۾ ته ڪجهه به نه آهي پر سکر، ساهيوال ۽ بصري بغداد کان به تمام گهٽ ٿي.

فنلئنڊ- سيسو ۽ سانا جو ملڪ

فنلئنڊ جون ٻه قومي زبانون آهن، هڪ خاص هتي جي ٻولي فنس ( Finnis) ۽ ٻي ڀر واري ملڪ سيئڊن جي سئيڊش- سئيڊش زبان ڳالهائڻ وارا جيتوڻيڪ ست سيڪڙو ڪو مس آهن پر سئيڊن جو هن ملڪ (فنلئنڊ) تي وڏو اثر رهيو آهي. ايتري قدر جو هيلسنڪي شهر جو بنياد 1550ع ۾ سئيڊن جي بادشاهي گستائو واسا رکيو، فنلئنڊ 1155ع کان 1809ع تائين سئيڊن جو حصو رهيو، 1809ع ۾ روسين فنلئنڊ فتح ڪيو ۽ سڄي صدي 1917ع تائين روسين جي هٿ ۾ رهيو، 1917ع ۾ روسي انقلاب دوران فنلئنڊ وجهه وٺي پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو.
-فنلئنڊ ۾ رستن جا نالا توڙي سرڪاري ڪاغذ پٽن تي فنلئنڊ ۽ سئيڊن (ٻنهي ملڪن ) جون زبانون لکيل نظرا ينديون ۽ ڪن ڪن هنڌن تي جتي مختلف ملڪن جي ماڻهن جو واهپو آهي، اتي ٽي زبان انگريزي پڻ هلي ٿي. جيئن ايئرپورٽ تي مرداني ڪاڪوس ٻاهران فنش زبان ۾ Miehille سئيڊس زبان ۾ Herr ۽ انگريزيءَ ۾ Men لکيل آهي ۽ اهڙي طرح عورتن جي ڪاڪوس ٻاهران ٽنهي زبانن ۾ Naisile، Dame ۽ Ladies لکيل آهي. اسان وٽ ڪن شهرن ۾ رستن يا شهرن جا نالا سنڌي ۽ اڙدوءَ ۾ لکيل آهن يا سنڌي اڙدو انگريزيءَ ۾، پر نالو ساڳيو آهي، جيئن حيدرآباد جو جيل روڊ انگريزي توڙي سنڌي اڙدوءَ ۾ ساڳيو جيل روڊ آهي- ائين نه ته انگريزيءَ ۾ (Jail Road) ۽ سنڌيءَ ۾ ”قيد رستو“ پر هتي ٻنهي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي، جئين هيءَ هوٽل اسڪاٽا جنهن ۾ اسين رهيل آهيون. جنهن روڊ تي آهي ان جو سئيڊش نالو Stottsgatan آهي ۽ ان جي هيٺان ساڳي رستي جو فنشن زبان ۾ Linnaankatu نالو لکيل آهي. سئيڊش زبان ۾ رستي (روڊ) کي گاتن سڏجي ٿو ۽ فنشن زبان ۾ ڪاٽو.
بهرحال هڪ ڳالهه ضرور سٺي آهي تهڪو روڊ يا پارڪ سئيڊن جي دور ۾ سئيڊش بادشاهه يا مسٽر نوبل جهڙي امير يا سخي مرد ٺهرايو ته اهو نالو به موجود آهي ته فنلئنڊ جي آزديءَ بعد نئون مليل نالو پڻ رکيو ويو آهي. ائين ناهي ته مئڪلوڊ روڊ چندريگر روڊ ٿي ويو، رام باغ آرام باغ ٿي ويو، خبر ناهي ميٺارام هاسٽل، فريئر هال ۽ برٽو روڊ جهڙا نالا اڃا قائم آهن يا ائين اڏامي ويا، جيئن بنگلاديش مان جناح روڊ، اقبال پارڪ ۽ ڪيترن کوجن، بورين ۽ ٻين سخي مردن طرفان ٺهرايل پارڪ ۽ اسپتالن مٿان سندن رکيل نالا.
-فنلئنڊ کي پارليامينٽري نظام آهي، پارليامينٽ ۾ ٻه سئو ميمبر آهن، جن جي چونڊ چئن چئن سالن بعد ٿئي ٿي. ملڪ جو وڏو ”صدر“ آهي، جنهن کي چڱا انتظامي اختيار مليل آهن ۽ ڇهن ڇهن سالن بعد چونڊجي ٿو. حڪومت ۾ ٻارهن وزارتون آهن. وزيراعظم جي چونڊ صدر صاحب ڪندو آهي.
-فنلئنڊ يورپ جو پهرين ملڪ آهي، جنهن 1906ع کان عورت کي ووٽ جو حق ڏنو.
-فنلئنڊ جي اها ڳالهه غور طلب آهي ته هي ملڪ جيتوڻيڪ جرمني جپان جيڏو آهي پر پوک لاءِ سندس فقط ڏهه سيڪڙو زمين ڪتب اچي ٿي.
ملڪ جو وڏو حصو- اٽڪل سٺ سيڪڙو گهٽا ٻيلا آهن ۽ ڏهه سيڪڙو ڍونڍون درياهه ۽ سامونڊ رستا آهن. گهاٽن ٻيلن ۾ جيڪي وڻ ٿين ٿا ان جونرم ڇوڏو ۽ ٿڙ پني ٺاهڻ جي ڪم اچي ٿو ۽ منهنجي خيال ۾ ته دنيا ۾ سڀ کان گهڻو پنو فنلئنڊ ۾ ٺهي ٿو. دنيا ۾ ڪتب ايندڙ پني جو ويهه سيڪڙو هتان روانو ٿئي ٿو. هينئر به فقط گلف ڏي روزانو هڪ جهاز پني جو ڀرجي وڃي ٿو. اهڙي طرح آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن ڏي هتان پنو وڃي ٿو.
- فنلئنڊ جهازن ۽ وڏين مشينن کان علاوه پني مان غير ملڪي ناڻو ڪمائي ٿو، سئيڊن وول وو (Volvo) ڪارين کان مشهور آهن، جرمي مرسيڊيز کان ۽ هي ملڪ (فنلئنڊ) سيسو (Sisu) بسين کان.
- فنلئنڊ جا ماڻهو سٺا تارو ۽ برف تي Skiing ڪرڻ جا ڄاڻو ليکيا وڃن ٿا. اهو مشهورو آهي ته فنلئنڊ جا ٻار جيئن ئي پنڌ سکن ٿا ته هنن کي برف مٿان اسڪنگ سيکاري وڃي ٿي ۽ اسڪول پهچڻ تي ترڻ. هتي جا ماڻهو مختلف راندين جا شوقين آهن پر سڀ کان گهڻو سانا Sauna باٿ جو شوق آهن. هوٽلن، هاسٽلن توڙي ڪيترن گهرن ۾، وهنجڻ جاءِ وانگر هڪ عدد ڪمرو سانا لاءِ مخصوص آهي، جتي اليڪٽرڪ هيٽر يا ٻاڦ ذريعي تمام گهڻي گرمائش پيدا ڪئي وڃي ٿي. هتي ڪجهه دير اگهاڙو ويهي پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجڻ Sauna آهي.
- -سانا باٿ (ان قسم جي گرمائش ۽ وهنجڻ) سٺو آهي يا خراب پر Sauna اصل ۾ فنلئنڊ کان شروع ٿيو.
- - Sauna لفظ کان علاوه Sisu پڻ ٺيٺ فنش زبان جو لفظ آهي. سيسو معنيٰ طاقت، همت، پڪو ارادو. ڪنهن ڳالهه تي پڪو رهڻ کي سيسو چئجي ٿو. هتي جي ٺهيل طاقتور ٽرڪ لاريءَ جي ڪمپنيءَ جو نالو Sisu پڻ ان مقصد خاطر آهي.
- بهرحال سانا ۽ سيسو فنلئنڊ جا نج لفظ آهن جيئن يوگا ۽ نرواڻ انڊيا جا، سومو ۽ سايونارا جپان جا، پيزا ۽ اسپاگهيٽي اٽليءَ جا ڪيمسٽري ۽ الجبرا عربي جا، جيڪي هاڻ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويا آهن.
- سڄو فنلئنڊ يارهن صوبن ۾ ورهايل آهي، هر صوبي کي چڱا خاصا اختيار مليل آهن، جن هيٺ هو پنهنجي پنهنجي صوبي کي گهڻي کان گهڻو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

راتين بنا راتيون ...

ناروي ۽ ڊئنمارڪ وانگر فنلئنڊ جا ماڻهو به انگريزي چڱي طرح سمجهن ۽ ڳالهائين ٿا، اها ٻي ڳالهه آهي ته سندن ڪي ڪي اُچار مختلف آهن. جيئن اسان جو ٿائي دوست ”ري“ اچاري نٿو سگهي ۽ هو مبارڪ کي مبالڪ چوي ۽ يمن جو هي عرب مبارڪ ”پي“ کي هميشه ”بي“ پڙهي -پاڪستان کي باڪستان ۽ پورٽ (بندرگاهه) کي بورٽ چوندو آهي. اهڙي طرح فنلئنڊ جا ڪي ماڻهو ٿ کي ش پڙهن. ”ٿئنڪ يو“ بدران ”شئنڪ يو“ چون. ڪي ته ٿ کي ڊ پڙهن ۽ ”ڊئنڪ يو“ چون.
هتي جي هڪ فنش ڪئپٽن يوڪا (Joka) پنهنجو ۽ زال جو تعارف ڪرائيندي چيو:
(I am dirty and my wife is also dirty)
سندس مطلب هو ته هو پاڻ ۽ سندس زال ٽيهه (ٿرٽي) سالن جا آهن! -سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي ماڻهن وانگر فنلئنڊ جا ماڻهو پڻ ”جي“ کي ”يي“ اچارين، جيئن مٿئين ڪئپٽن يوڪا جو نالو جوڪا لکيو وڃي ٿو.
-ڪجهه هن پاسي جي ملڪن جا لفظ جن مان معلوم ٿيندو ته ڊئنش، سويڊش توڙي جرمن زبانون انگريزيءَ سان ٿورو گهڻو ملن ٿيون.
فنش سئيڊش انگلش جرمن
kaHvi Kaffe offee Kaffee Tee Te Tea Te
- Lift Hiss Hissi
- Breakfast - Aamininen

- فنلئنڊ جي فنشن زبان سندس ڀر وارن اسڪينڊينيون ملڪن (ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ) جي زبان کان بلڪل نرالي آهي ۽ نه وري سندس انڊو-يورپين زبانن سان واسطو آهي. فنش زبان جو بنياد وولگا ماٿريءَ مان چيو وڃي ٿو. اها هنگري ۽ايسٽونين زبانن جي کار آهي. بهرحال چيني، تامل، جرمن زبانن وانگر سندس لکڻ لاءِ واندڪائي ۽ وقت کپي. منجهس جپاني ۽ عربي زبانن کان به گهڻا vowel موجود آهن، مثال طور ”اوپيرا“ لفظ جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ Vowel آهن پر فنش زبان ۾ اڃان به هڪ ”او“ جو واڌارو ٿيو وڃي، ان سان گڏ پي اکر جو پڻ ۽ انگريزيءَ جو Opera فنش زبان ۾ Ooppera ٿيو وڃي. اهڙي طرح Cathedral کي فنش زبان ۾ Katedraali چون. زيبرا کي Seepa, ڊيسيمل کي Desimaali، مينهن کي Sataa، درزيءَ Raatali، کڻڻ کي Otta“ ، بيهڻ کي Pysayttaa۽ چرچي کي Koiruus چون.
انهن چند لفظن مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هتي جي ٻوليءَ ۾Vowel جو واهپو چڱو خاصو آهي. هتي جي زبان جو هڪ لفظ Paapiirteissaan آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”عام طرح“ يا Seuraava لفظ ۾ اڃان به گهڻا Vowels آهن، جنهن جي معنيٰ ”ٻيو“ ( Next)، پائونڊر کي فنش زبان ۾ Puuteri چئجي ٿو.
فنلئنڊ ۾ پهچڻ سان جيڪي ٻه چار لفظ يڪدم ياد ٿيو وڃن اُهي هن ريت آهن:
هڪ ٻئي سان ڏينهن جي وقت ملڻ تي کيڪار لاءِ Hyvaa Paivaa چئجي ٿو، رات جي وقت ملڻ تي Hyvaa Yota.اهڙي طرح فنش زبان ۾ ”مهرباني“، کي Kiitos چئجي ٿو ۽ ڀليڪار لاءِ Olkaa hyvaaچئجي ٿو. ڪائيلا Kyalla معنيٰ ”ها“ ۽ EI معنيٰ ”نه“ ۽ ڪنهن شيءِ جي قيمت پڇڻي هجي ته پڇجي: Mita Maksaa
اسڪينڊينيويا جي سڀني ملڪن جي نوٽ جو نالو ڪرونا آهي پر فنلئنڊ جي سڪي جو نالو ”مارڪا“ آهي.
جيئن ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ فقط هڪ موسم مينهوڳيءَ جي ٿئي ٿي تيئن هتي فنلئنڊ ۾ به فقط هڪ ”سياري“ جي موسم ٿئي ٿي. سال جا ٻه چار مهينا گهٽ سيءُ ٿئي ٿو باقي اٺ مهينا کن سخت سيارو- ڪاٽو ڏهن کان به گهڻي ٿڌ پوي ٿي. نومبر ڊسمبر جنوري فيبروري ۾ ته ڏينهن تمام ننڍو ٿئي ٿو ۽ راتيون ارڙهن ويهن ڪلاڪن جون. هيلسنڪي اڃان به ڏکڻ ۾ آهي پر جيئن اتر ۾ وڃبو ته سياري جي مهينن ۾ ڏينهن ويندو وڌيڪ ننڍو ٿيندو.
فنلئنڊ جي اتراهن شهرن سوڊان، ڪيلا، ڪيمياروي جهڙن هنڌن تي ته اهي ڏينهن سڄ نظر ئي نه ايندو آهي ۽ ٻه مهينا لڳاتار اونداهه رهي- آفيس اسڪول دڪان وغيره (گهڙيال) جي ڪانٽن مطابق کلن بند ٿين. منجهند جو اک کلي يا آڌي رات جو ته اهائي اونداهه انڌوڪار. اهڙي طرح اونهاري وارن مهينن ۾ ڏينهن وڏو ٿيندو. آخر ان حد تي پهچي ٿو جو چوويهه ڪلاڪ ئي سج بيٺو آهي ۽ رات جي اونداهي بلڪل نه ٿئي، اها حالت ٻن مهينن لاءِ رهي ٿي، جنهن ۾ رات واري وقت به سج مٿان بيٺو آهي. ان بعد آهستي آهستي ٿي ٿوري دير اونداهه ٿئي ٿي ۽ ڏينهن چويهه ڪلاڪ مان ساڍا ٽيويهه ۽ ٽيويهه ڪلاڪ ٿئي ٿو، اهي ٻه ميهنا کن جن ۾ رات جو به سج بيٺو آهي انهن راتين کي Nightless Nights ۽ Midnight Sun سڏجي ٿو.

گهران رُسي گهمڻ لاءِ نه نڪرجي ...

يورپ جي ٻين ماڻهن وانگر فنلئنڊ جا ماڻهو به اڇي چمڙيءَ جا آهن، پر سندن وار پولنڊ يا جرمني جي ماڻهن وانگر ڳاڙها يا لاکي هجڻ بدران ڪبوتر جي پرن جهڙا Blonde آهن ۽ اکيون ڍنڍ جهڙيون نيريون يا هلڪيون سائيون آهن. سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ جي ماڻهن جي وارن ۽ اکين جو رنگ پڻ فنلئنڊ جي ماڻهن جهڙو آهي.
فنلئنڊ جي هن شهر هيلسنڪي ۾ 1952ع ۾ اولمپڪ رانديون ٿي چڪيون آهن، جيڪي پندرهون نمبر اولمپڪ گيمس هيون. هيلسنڪيءَ ۾ ورلڊ چئمين شپ جون رانديون پڻ سن 1983ع ۾ ٿيون هيون.
Scandinavian ملڪن جي شاهوڪار ۽ سهڻين عمارتن جو پنهنجو نموني آهي ۽ هڪ ٻئي سان ڪافي ملن ٿيون. اکيون پوري ڪوپن هيگن جي ڪنهن رهائشي گهٽيءَ ۾ هليا وڃو يا مالمو، اوسلو جي ڪنهن رستي تي، سهڻي شڪل ۽ ڪاٺ جي ٺهيل در درين واريون رنگين عمارتون ۽ سندن چوڌاري گلڪاري نظر ايندي، پر اسڪينڊينيويا جي ٻين ملڪن مان ٿي فنلئنڊ ۾ گهڙڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته ماڻهو کڻي هڪ ٻئي جهڙا آهن پر عمارتن ۾ فنلئنڊ نرالو ۽ عجيب آهي، جيتوڻيڪ هيلسنڪي فنلئنڊ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو بندرگاهه آهي پر سندس پراڻين ۽ ٿلهين ڀتين واريون، سادي ميٽوڙي رنگ ۽ چاپوڙا لٿل چن وارين عمارتن کي ڏسي هيلسنڪي اسڪينڊينيويا جو نه پر روس، هنگري يا رومانيا جهڙن سوشلسٽ ملڪن جو حصو لڳي ٿو.
بهرحال هيلسنڪي اهڙي هنڌ تي آهي، جتي مغربي يورپ جا جهاز ۽ ماڻهو به نظر اچن ٿا ته مشرقي يورپ جا به! ۽ هن شهر (هيلسنڪي) کي ايسٽ (ڪميونسٽ يورپ) ۽ ويسٽ ( سرمايه دار يورپ) جو مڪسچر مڃيو وڃي ٿو. بالٽڪ سمنڊ ۾ هي مشغول، سهڻو ۽ وڏو بندرگاهه آهي، شايد ان ڪري (يا ڪن ٻين سببن ڪري) هن شهر هيلسنڪيءَ کي بالٽڪ سمنڊ جي ڌيءَ (Daughter of Baltic) سڏجي ٿو.
هيلسنڪي وڏو ۽ ماڊرن شهر آهي، امير ۽ سهڻو شهر آهي، اونهاري ۾ جڏهن دنيا سج جي تپش ۾ ٽهڪي ٿي تڏهن به هيلسنڪي سدا بهار آهي. جنت جون دريون ڄڻ کليون پيون آهن. خوشبودار هوا جا جهوٽا مدهوش ڪن ٿا، پر اهي گل ڦل، اهي خوشبوئون ۽ مدهوشيون اونهاري جا فقط ٻه ٽي مهينا آهن، پوءِ سخت سيءُ ۽ سيءُ هوندو آهي، جنهن کي اسان ڏينهن چئون ان ۾ به هتي اونداهه انڌوڪار هوندو آهي. ڪوٽن ، سئيٽرن جا تهه چاڙهي ٻاهر نڪر ته به جهڙو ماڻهو سرڪاري اسپتال جي سردخاني ۾ اگهاڙو پيو هلي. وات مان ڳالهائڻ گهٽ ٻاڦ گهڻي ٿي نڪري. هر هڪ کي پنهنجي سر سان لڳل هوندي آهي. سياري ۾ ورلي ڪو واندو ماڻهو نظر ايندو ۽ جتي ايندو ته به هن کي ٻي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ نه دلچسپي هوندي ۽ نه وقت، ٿر جي ڊٻن وانگر هتي جي شهرن جا رستا، سياري ۾ ويران نظر اچن ٿا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن پاسي جا شهر (هيلسنڪي) توڙي اسٽاڪهوم، اوسلو وغيره، سهڻا ۽ امير آهن پر اسان جهڙن ايشيائي ماڻهن جي ڪهڙي ڪم جا، جن جي کيسي ۾ پنج هزار روپيا هجن ته به هو غريب آهن، ڇو جو هتي ڪنهن اهڙي تهڙي هوٽل ۾ هڪ سادو ويلو کائڻ تي به گهٽ ۾ گهٽ هزار روپيا خرچ اچيو وڃي. چانهه يا ڪافيءَ جي ٺريل ڪوپ لاءِ پندرهن ويهه مارڪا- يعني سئو رپيا کن! ان کان ته پنج سئو روپيا کيسي ۾ رکڻ وارو اسان جي ملڪ ۾ امير آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ چانهه جو ڪوپ ته غريب ۽ اڻ واقف وٽ وڃڻ تي به هو پياري ٿو ۽ هتي سڃاڻو ۽ ساڳي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ به نٿو پڇي! وڏا وڏا آفيسر چانهه جي رسيس ۾، پنهنجي چانهه جي ڪوپ جا پئسا ڏئي، ڪوٽ جي اندرين کيسي مان، گهران آندل مکڻ ليپ ڏنل ٻه ٽوش ڪڍي ويهي کائيندا. اها هتي جي زندگي آهي. پگهار جي گهڻي هجڻ جي باوجود ايڏي مهانگائي آهي، جو ان جي چِپَ ۾ امير به چيڀاٽجي ٿو. وڏي ڳالهه ته ايڏي مشيني ۽ Meterialistic دنيا آهي جو پٽ کي پيءُ جو، ڀاءُ کي ڀيڻ جو فڪر ناهي.
ساڳيو حال هتي جي سواريءَ جو آهي. ٽئڪسين ۾ بيحد امير چڙهن ٿا يا وري سرڪار يا ڪمپنيءَ جي خرچ تي سفر ڪرڻ وارا، يا وري ڪو مجبوريءَ جي حالت ۾، نه ته ڏسڻا وائسڻا ماڻهو بسين ۽ ٽرامن اڳيان قطار ڪيو بيهن ۽ شهر ۾ هلندڙ انهن سستين سوارين جا ڀاڙا به ايترا ڳرا آهن، جو ساڳي ڀاڙي ۾ ڪراچي کان نواشاهه يا دادو بليو لائين ۾ وڃي سگهجي ٿو. مطلب اهو ته هن پاسيجي موسم يا شهر، ڪي اهڙا نه آهن، جو گهر کان رسي گهمڻ لاءِ نڪرجي.

بهتر آهي سموڪنگ ڇڏي ڏجي

ڪو زمانو هو-اڄ کان پندرهن ويهه سال اڳ تائين- جڏهن اسان جي ملڪ کان ڪافي نوجوان، ٽولا ٽولا ٺاهي گهمڻ بهاني يورپ جي هنن ملڪن (سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ وغيره) ۾ پهچي، پوءِ مهينن جا مهينا لڪي ڇپي ويندا هئا. پوليس جي جهلڻ جي ڊپ کان هو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ۾ لڪندا رهندا هئا، پوءِ گرفتار ٿيڻ تي پنهنجي ملڪ جي حڪومت طرفان (سچا يا ڪوڙا) ظلم جا داستان ٻڌائي ڪورٽن مان هتي رهڻ جي اجازت – يعني سياسي پناهه وٺندا هئا، جو هتي جا ملڪ انسان ذات سان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف آهن ۽ هنن کي هر مظلوم انسان سان همدردي هئي، پر پوءِ هڪٻئي پويان ايشيا آفريڪا کان ماڻهن جا ايترا ڪٽڪ پهچي ويا- خاص ڪري گذريل ٻه ڏهاڪا سال ايران، عراق، سريلنڪا، سوماليا، لبنان وغيره کان ايترا ته خاندانن جا خاندان هيڏانهن پهچي ويا، جو يورپ جي ملڪن ۽ ماڻهن جي ايڪانامي لوڏن ۾ اچي وئي- ويتر جو هتي جي حڪومتن کي خبر پيئي ته جيڪي ماڻهو سندن ملڪن ۾ مظلوم سڏائي پهتا آهن انهن ۾ انيڪ مظلوم نه، پر سڀ کان وڌيڪ موقعي پرست ۽ واپاري نموني جا آهن، ته هنن کي هاڻ اسان (ايشيا توڙي آفريڪا جي رهاڪن) سان اها همدردي نه رهي آهي. هاڻ هن پاسي جي مڙني حڪومتن قاعدا قانون اهڙا سخت ڪري ڇڏيا آهن، جو ڪنهن جي مقصد ۾ ٿورو به شڪ ٿئين ٿو ته هن کي ويزا هوندي به ايئرپورٽ تان ئي موٽايو ڇڏين.
هنن ملڪن سامونڊي رستن تي پڻ ايتري ته پوليس وڌائي ڇڏي آهي، جو ڪنهن لاءِ لڪي ڇپي ٻيڙين ۾ اچڻ به محال ٿي پيو آهي. ان هوندي به سندن ملڪ اندر ڪو پهچيو وڃي ته ان سان همدردي ڪري رهڻ جي موڪل ڏيڻ بدران ان وقت ئي ان کي ان جي ملڪي سفارتخاني ۾ پهچايو وڃي ٿو ته پنهنجي ماڻهوءَ کي پنهنجي خرچ تي هينئر جو هنيئر پنهنجي ملڪ روانو ڪيو وڃي ۽ سفارتخاني تائين وٺي وڃڻ جو به خرچ اوڳاڙيو وڃي ٿو.
سو هن پاسي جا شهر، هاڻ نه ڪنهن موقعي پرست جي لاءِ ائڊوينچر آهن ۽ نه ڪنهن امير ماڻهوءَ جي لاءِ عياشيءَ جا اڏا! ڪو به عقلمند امير توڙي جفاڪش پورهيت هنن حالتن ۾ هن پاسي اچڻ جو، جوکم نه کڻندو، ڇو جو هن پاسي نه سنگاپور، ڪوالالمپور جهڙا شاپنگ سينٽر آهن ۽ نه منيلا، بئنڪاڪ واريون عياشيون.سخت سيءَ ۾ هڪ هڪ ڏينهن گذارڻ مسئلو ٿيو پوي. ڪيترا هوائي ڪمپنين، جهازن ۽ سفارتخانن وارا جن کي ڌارين ملڪن ۾ رهڻ جون تمام گهڻيون سهولتون ملن ٿيون، مون ڏٺو آهي ته اهي به هن پاسي جي شهرن ۾ رهڻ کان ڀڄن ٿا ۽ ان کان ڪولمبو، شنگهائي ۽ نئروبي، ڪمپالا ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. پر توهان جيڪڏهن هن شهر هيلسنڪي ۾ نوڪري يا تعليم جي سلسلي ۾ مجبورن پهچي ويا آهيو ته پوءِ ان صورت ۾ دل لاهڻ جي ضرورت ناهي. ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪهڙو، ماڻهو جيلن ۽ بندخانن ۾ به وندر ڳوليو وٺن، وقت جو سٺو استعمال سوچيو وٺن. هيلسنڪي ته وري به هن تر جو اهم ۽ تواريخي شهر آهي، کيس چڱي طرح گهمڻ ۽ڏسڻ لاءِ ڏينهن جا ڏينهن گهرجن. توهان پنهنجي هتي جي رهائش دلچسپ بنائي سگهو ٿا، بشرطيڪ توهان اڪيلو رهڻ ۽ هلڻ چلڻ جي همت پيدا ڪري سگهو، پوءِ شهر جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري پنڌ يا سائيڪل تي گهمي سگهو ٿا. شهر گهمڻ وقت پاڻ سان سئنڊوچون ۽ ٿرماس ۾ ڪافي يا چانهه ضرور رکو، جيڪا هتي هڪ عام ڳالهه آهي، ڇو جو هتي نه اسان جي ملڪ جي شهرن وانگر چپي چپي تي هوٽلون آهن نه وري اها سستائي آهي. هتي جا مڪاني ماڻهو پڻ ٻاهر نڪرڻ وقت پاڻ سان ڌوپ- ڇٽي ۽ پڪنڪ بئگ ائين کڻن ٿا جيئن پاڻ وٽ سنگهه اگهڻ لاءِ رومال.
هن پاسي جا ملڪ اسان جي پاسي وارن ملڪن جيان نه آهن جتي ٺاروشاهه ۽ ٺري ميرواهه جهڙن ڳوٺن ۾ به (ٻي ڀلي ڀينگ هجي)، چانهه جون ٽي چار هوٽلون ضرور هونديون، جتي ڏينهن تتي جو به چانهه جا هنڊا پيا ڪڙهندا ۽ اسان جهڙن غريب ماڻهن ۽ ڳوٺن جي ڀينگ به انهن چانهين ۽ هوٽلن ڪئي آهي، جتي نسلن جا نسل ويهي وقت وڃائين ٿا ۽ ٽوٽي بنجن ٿا.
هيڏانهن يورپ پاسي چانهه، ڪافي، ڪوڪا ڪولا، بيئر يا سگريٽ جهڙيون شيون -جيڪي ٺهن ته هتي ئي ٿيون پر اگهه ايڏا وڏا رکيا ويا آهن جو ٻئي کي پيارڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر هر ڪو پاڻ پيئندي به چار دفعا سوچي ٿو، توهان جي ڪنهن اسڪينڊينيويا جي ملڪ جي رهاڪوءَ سان پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ملاقات ٿئي، ته مهرباني ڪري کانئس اهو پڇجوس ته هو روز ڪيتري ڪوڪا ڪولا يا پيپسي پيئي ٿو؟ جيڪڏهن سراسري هفتي ۾ هڪ گلاس به پيئي ٿو ته هو خوش نصيب آهي. ساڳيو حال بيئر ۽ چانهه ڪافيءَ جو آهي. چانهه يا ڪافي هو ضرور ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا پيئي ٿو پر گهر ۾ ٺاهي ۽ نه هوٽل ۾! سگريٽ ڇڪڻ وارا همراهه ڏينهون ڏينهن گهٽبا وڃن. نئين ٽهي ته بلڪل پسند نٿي ڪري. باقي جن جي سگريٽ پيئڻ جي عادت ٿي وئي آهي، انهن کان پڇندائو ته روزانو هو گهڻا سگريٽ ڇڪين ٿا ته جواب ۾ شرمائي چوندا:
”او! آءِ ايم ساري. آئون سموڪنگ ڇڏڻ جي ڪوشش ۾ آهيان.“
هتي جي آفيسن توڙي دڪانن ۾، بسين توڙي گاڏين ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي بندش آهي. اڳ ۾ فقط ڊوميسٽڪ اڏامن تي سگريٽ جي منع هئي، هاڻ ته اسڪينڊيوينيوين ملڪن ۾ هلندڙ هوائي جهازن ۾ به سگريٽ ڇڪڻ جي منع آهي. ڊئنمارڪ کان هيڏانهن فنلئنڊ ايندي SAS جي انٽرنيشنل اڏام ۾ سڄو وقت سگريٽ ڇڪڻ کان منع جي بتي ٻرندي رهي. منهنجي اڳيان ويٺل هڪ سموڪر ايئر هوسٽس کان ان جو سبب پڇيو، جواب ۾ هن وراڻيس:
”ڪوپن هيگن کان هيلسنڪي هوائي جهاز ٽن ڪلاڪن کان گهٽ وقت وٺي ٿو، سگريٽ ڇڪڻ جي پابندي فقط انهن اڏامن مان لاٿي وئي آهي جن ۾ ٽن کان مٿي ڪلاڪ لڳن ٿا.“
فنلئنڊ جي مسافر سگريٽ واپس رکي چيو:”ان کان بهتر آهي ته سموڪنگ ڇڏي ڏجي.“
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن پاسي جا سڌريل ملڪ ۽ انهن جون حڪومتون ان قسم جي خراب شين واپرائڻ کان پنهنجي ماڻهن کي هر طرح سان دلشڪستو ڪن ٿا، پر جيستائين انهن جي ٺاهڻ جو سوال آهي- فئڪٽريون بند ڪرڻ کا ٻرو چڙهين ٿو، ڇو جو اسان جهڙن ملڪن ۾ ڏينهون ڏينهن سگريٽ ۽ شراب پيئڻ وارا وڌي رهيا آهن، جيڪي هنن ڪارخانن ۽ ماڻهن جي جياپي جي تند آهن. اسان جا ماڻهو سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏين، مغربي شربت بند ڪري ڇڏين، بندوقون ۽ بم وٺڻ ڇڏي ڏين ته ههڙا يورپي ملڪ بک مري وڃن- هو انهن مان ڪمايل ناڻي مان ته اسان کان ڪڻڪ، چانور ۽ داليون خريد ڪن ٿا، جن جي هنن ٿڌن ملڪن ۾ پوک مشڪل آهي.

هيلسنڪي جو شهر

هيلسنڪي شهر جي بيهڪ جو مثال اسان جي ڪنهن به شهر سان ڏئي نٿو سگهجي، هڪ عجيب Shape (نڪ نقشي) جو شهر آهي. سڄي شهر جي چوڌاري سمنڊ آهي ۽ شهر ڪيترن ئي ننڍن وڏن ٻيٽن جو جهگٽو آهي، جن مان ڪي ٻيٽ هڪ ٻئي سان قدرتي ٺهيل خشڪي جي پيچرن ذريعي ڳنڍيل آهن ته ڪي پلين ۽ Tunnels ذريعي. انهن ٻيٽن جي وچ ۾ به وڏيون وڏيون ڍنڍون يا سامونڊي وهڪرا اندر تائين هليا وڃن ٿا. هي شهر ڪراچي، ڪولمبو يا لنڊن، لاهور جهڙو چورس يا مستطيل ناهي.
هر شهر جا ڪجهه حصا مشهور ٿين ٿا، جيئن ڪراچيءَ ۾ صدر، لي مارڪيٽ، سوسائٽي، ڪلفٽن، ٽاور، ناظم آباد، چورنگي کڻي چئجن- جتي اهم آفيسون، هوٽلون يا شاپنگ سنيٽر آهن، تيئن هن شهر هيلسنڪيءَ جا ڇهه اهم حصا ان نوعيت کان مشهور آهن: سينٽ اسڪائر، اسٽيشن اسڪائر، ميلاهتي، اسپلاناڊي، مارڪيٽ اسڪائر ۽ ڪاٽايانوڪا.
اسان جي هوٽل Skatta ڪاٽايانوڪا ۾ آهي، جيڪو هڪ ٻيٽ نما علائقو آهي ۽ پل ذريعي باقي حصن سان مليل آهي. هونءَ ته هيلسنڪي جو سڄو شهر بندرگاهن سان ڀريو پيو آهي پر اهم بندرگاهه هن ٻيٽ ڪاٽايانوڪا جي چوڌاري آهي، جتي روزانو ”مسافر –جهاز،“۽وڏيونفيريوناسٽاڪهوم،ڪوپنهيگن،مالمو،ٽالن۽يورپجيٻيناهمبندرگاهنکاناچن وڃن ٿيون. اسان جي هوٽل مان اهي جهاز سامهون نظر اچن ٿا. اسان واري هوٽل Skatta دراصل هڪ Seamens-Club (جهازين جو ڪلب) هو جنهن جهڙا ڪلب جهازرانن لاءِ دنيا جي هر وڏي بندرگاهه ۾ آهن، جتي هو گهٽ مسواڙ تي رهي سگهن، پر هنڪلب کي هاڻ هوٽل طور هلايو وڃي ٿو، جنهن ۾ عام ماڻهو به رهي سگهن ٿا. بندرگاهه جي ويجهو هجڻ ڪري هينئر به گهڻا جهازي رهن ٿا، جيئن اسٽاڪهوم کان سڀاڻي ايندڙ هڪ پئسينجر جهاز Cindrella تي ڪم ڪندڙ بلغاريا جي هڪ ميوزڪ بئنڊ رهيل آهي. سڀاڻي جهاز اچڻ تي اهي هوٽل ڇڏي جهاز تي هليا ويندا. مهينو کن ان جهاز تي Sail ڪندا ۽ مسافرن جي وندر لاءِ ناچ گانا پيش ڪندا. فنلئنڊ جي ڏورانهن ڳوٺن جا ٽي چار انجنيئر پڻ هن هوٽل ۾ رهيل پنهنجي فلائيٽ جو انتظار ڪري رهيا آهن. هنن کي ڏينهن ٻن بعد هوائي جهاز ۾ دبئي وڃڻو آهي، جتي جي Dubai- Drydocks ۾ هو ڪم ڪن ٿا. اهڙي طرح هتي جي هڪ جهازران ڪمپنيءَ جا ڪجهه آفيسر ۽ خلاصي رهيل آهن، جيڪي ٻن مهينن جي موڪل تي پنهنجي پنهنجي ڳوٺ وڃڻ وارا آهن، پر ان کان اڳ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ هتي رهندا جيئن ان دوران هو پنهنجي ”ڪمپني- آفيس“ سان پگهار جو حساب ڪتاب چڪتو ڪري سگهن.
هن ٻيٽ تي، اسان جي هوٽل کان پنج منٽ پنڌ تي هڪ تمام وڏو چرچ آهي، دنيا جي هن پاسي وارن ملڪن ۾ تمام وڏا ۽ اوچا ڪليسا گهر (Cathedral) نظر ايندا، جن ۾ اعليٰ قسم جو آرٽ ورڪ پڻ ٿئي ٿو، اسان جي هوٽل جي ڀر وارو هي ڪليسا گهر، روسي ڪئٿولڪ چرچ آهي، جنهن جو نالو Uspenski ڪئٿيڊرل آهي. هي 1868ع ۾ ٺهيو ۽ آرٿوڊڪس ڪئٿيڊرل پڻ سڏيو وڃي ٿو، پر ان کان به وڏو ۽ هيلسنڪي ۾ سڀ کان مشهور عيسائين جو عبادت گهر، سينٽ اسڪائر ۾ آهي، جيڪو پروٽيسٽنٽ چرچ سڏجي ٿو، 1852ع ۾ ٺهيو. دراصل هن کان اڳ هن جاءِ تي هڪ ٻيو چرچ، ڪاٺ جا گهر، قبرستان ۽ ٽائون هال هو، پر پوءِ ارڙهين صديءَ جي وچ وارين جنگين ۾ ۽ 1808ع ۾ روس ۽ سئيڊن جي هتي لڙائي لڳڻ ڪري سڀ سڙي ويو، ان بعد فنلئنڊ روس جي قبضي ۾ آيو ۽ اڳتي هلي هي چونڪ ۽ هي چرچ نئين سنئينءَ ٺهيو.
هن ڪليسا گهر جي سامهون جيڪو اسٽئچيو آهي اهو روس جي بادشاهه زار اليگزينڊر ٻئي جو آهي ۽ 1894ع ۾ رکيو ويو. ان بت جي سامهون ڪنڊ تي (اليگزينڊر ڪاٽو- روڊ تي) هيلسنڪي جو سڀ کان پراڻو گهر آهي، سيڊرهوم (Sederholm House) نالي هي ڳاڙهين سرن جو گهر 1757ع ۾ ٺهيو هو ۽ ان کي نمائش لاءِ اڃا تائين ان حالت ۾ رکندا اچن. ٿورو اڳيانHallituskatu روڊ تي هڪ ٻي ڳاڙهين سرن واري عمارت آهي، جيڪا 1890ع جي ٺهيل آهي. اها فنش ادبي سوسائٽيءَ جي ملڪيت آهي. هن ۾ هتي جي لوڪ ادب ۽ فن جون يادون رکيل آهن. ٻه ٽي بلاڪ مٿي اتر طرف Maurin-katu (ڪاٽو معنيٰ روڊ) تي هتي جي ملٽري اڪيڊمي ۽ ملٽري وارن جو ميوزيم آهي ۽ بلاڪ ٻه کاٻي پاسي هتي جي يورنيورسٽي ۽ فاريسٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ آهي.
سينٽ اسڪائر کان هيٺڀرو اچڻ تي اسپلانڊي پارڪ آهي، ان جي ڀر ۾ دڪانن ۽ هوٽلن جي خيال کان Pohjoiseplandi ۽ Mannerheimintie روڊ تمام مشهور آهن. سمجهو ته هتي جا طارق روڊ ۽ زيب النساءِ اسٽريٽ آهن. اتان ئي هڪ ٻيو ويڪرو رستو Lonnrotsgatan آهي، جنهن ۾ اڳيان ستٽيهين نمبر پلاٽ تي مسجد آهي. مٿين رستي کي اڌ تان فريڊرڪ ڪاٽو (رستو) ڪٽي ٿو ۽ هڪ ٻي مسجد هن روڊ تي پڻ آهي. هيلسنڪيءَ ۾ ايترا پاڪستاني، انڊين يا بنگلاديشي نٿا رهن ته به پاڪستانين جا پنج سئو گهر آهن. انهن ۾ ٻه ٽي همراهه ڪراچيءَ جا آهن باقي ٻيا لاهور، کاريان، سيالڪوٽ ۽ اتر پنجاب جي شهرن جا آهن، جيڪي ويهارو سال کن اڳ آيا ۽ مسجدن جي آسپاس واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪيائون.
خالد نالي هڪ پاڪستانيءَ ٻڌايو ته هيلسنڪي جي هنن ٻن مسجدن مان هڪ کي عرب هلائين ٿا ۽ ٻيءَ کي ترڪ.ظهر نماز جماعت سان ٿئي باقي وقتن تي ڪڏهن ٿورو ڪڏهن گهڻا اچن.

”پورب ڄائي“ ڪتاب سئيڊش زبان ۾

هيلسنڪي شهر جي لونورسگاتن روڊ تي، مسجد جي ڀرسان هتي جي هڪ سيڪنڊ هئنڊ مارڪيٽ پڻ آهي، جتي کلئي ميدان تي ٽيبل رکي ڪو به گهر جون فالتون شيون وڪڻي سگهي ٿو. هن قسم جون مارڪيٽون سئيڊن ۾ به آهن خاص ڪري مالمو شهر ۾، پر اتي هفتي ۾ هڪ يا ٻه ڏينهن وڪرو هلي پر هتي فنلئنڊ جي هن شهر هيلسنڪي ۾ اهو چهچٽو روز متل هوندو آهي. وڪرو ڪندڙ ۽ خريدارن ۾ نه فقط هتي جا مڪاني ماڻهو فنش هوندا آهن پر ڀر وارن ملڪن، سئيڊن، ناروي خاص ڪري بلقاني پاڙيسري رياستن (ايسٽونيا، لئٽِويا وغيره) جا پڻ هوندا آهن. ان کان علاوه اسان جهڙا ۽ ڀر ۾ بيٺل پئسينجر جهازن جا مسافرن پڻ هوندا آهن. انهن ۾ ڪي روز جا ناسوري هوندا آهن، جيڪي اخبار پڙهڻ جي عادت وانگر جيسين روز هڪ چڪر نه هڻن تيسين مزو نه اچين. ڪي وري ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا.
پرائمري اسڪول جي ماستر صاحب جي ميز جيڏي ٽيبل تي هر ڪو پنهنجو آندل سامان Display ڪندو آهي، جنهن ۾ پنهنجا ۽ مائٽن مٽن جا نوان پراڻا ڪپڙا، جوتا، ڪوڙن سچن ڳهه ڳٺن کان وٺي خالي دٻا دٻيون، رانديڪا ويندي گهڙيال، ريڊيا ۽ پرس پينون رکيون وينديون آهن، هيءَ مارڪيٽ صبح جو نائين کان ٻي بجي تائين لڳي.
هڪ ڏينهن ان مارڪيٽ جو چڪرڏيندي هڪ عورت کي ڪتاب وڪڻندي ڏٺم. مٿان ئي مٿان رکيل ڪتاب تي محترمه بينظير ڀٽو جي تصوير هئي. پڪ سمجهيم ته هي سندس لکيل ڪتاب Daughter of the East هوندو، پر نالو پڙهيم ته وڏن اکرن ۾ لکيل هو: (Ostems Dotter).
”ڪهڙي زبان ٿي سگهي ٿي؟“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. هن ملڪ فنلئنڊ جي فنش زبان آهي يا ڀر واري ملڪ ايسٽونيا يا ناروي سئيڊن پولنڊ جي؟
ڇو جو ”وسٽيمس ڊوٽر“ انگريزيءَ جا لفظ ته ٿي نٿا سگهن.
ڇا هيءَ توهان جي فنش زبان آهي؟” مون وڪڻڻ واري فنلئنڊ جي عورت کان پڇيو.
”نه. سئينڊش زبان ۾ آهي.“ هن وراڻيو.
ڪتاب کي اٿلائي پٿلائي ڏٺم، منجهس اهي ئي ساڳيون تصويرون نظر آيون جيڪي انگلينڊ مان ڇپيل انگريزي ڪتاب ۾ آهن. سئيڊن لاءِ مشهور آهي ته اتي هر شيءِ جهاز موٽرڪار کان باٿ روم جي نلڪي ۽ رڌڻي جي چلهه تائين هر شيءِ مضبوط، سهڻي ۽ پائيدار ٺاهي وڃي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته قيمت ضرور گهڻي هوندي آهي ۽ هينئر هن ڪتاب کي جيڪو سئيڊش زبان ۾ سئيڊن ۾ ڇپيل هو، پني، ڇپائي، ٽائيٽل ڪور ۽ بائيڊنگ جي لحاظ کان غور سان ڏسڻ لڳس ته واقعي هر خيال کان اصل انگريزي ڪتاب کان اعليٰ هو، سئيڊش زبان مون کي نه اچي پر مون ان ڪتاب کي خريد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.
”هن ڪتاب جو گهڻو وٺندينءِ.“ مون دڪاندار عورت کان اگهه پڇيو ۽ دل ئي دل ۾ سوچيو ته گهٽ قيمت ٻڌائي جو هي ڪتاب پڙهڻ لاءِ نه پر هڪ قسم جي سوکڙي (Souvenior) طور وٺي رهيو آهيان.
فنش عورت ڪتاب جو پهريون ورق اٿلائي مٿين ڪنڊ تي هٿ سان لکيل قيمت ڏي اشارو ڪري چيو؛ ”ٽيهه مارڪا!“
مون اصل قيمت لاءِ هيٺ ڏٺو جيڪا ان کان پنجوڻي هئي، يعني انگريزي واري ڪتاب کان به گهڻي هئي، ان حسان سان ٽيهه مارڪا گهٽ قيمت ٿي پر تڏهن به ههڙين مارڪيٽن ۾ جتي ٽائيم پيس يا ٽرانسسٽر ريڊيو جهڙي شيءِ به ڏهه پندرهن مارڪي مليو وڃي اتي هڪ ڪتاب جي قيمت ٽيهه مارڪا- يعني ڏيڍ سئو روپيا تمام گهڻي هئي. اها ٻي ڳالهه هئي ته ان ڪتاب مون لاءِ اهميت رکي ٿي، نه ته باقي ڍير ڪتابن مان ڪو ٻي مارڪي به نه وٺانس.
”ڳالهه ٻڌ“ مون چيومانس،“ ڪجهه گهٽ ڪر، مون کي ته سئيڊش پڙهڻ به نٿي اچي.“
”خبر اٿئي هن جي اصل قيمت ڪيتري آهي؟“ هن مون کان پڇيو.
مون اصل قيمت ڏي اشارو ڪري ٻڌايومانس ته سمجهان ٿو ته اها تمام گهڻي آهي.“
پر مون کي ان کان به مهانگو پيو“ هن ٻڌايو، ”مون کي هن ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هيلسنڪيءَ جو هڪ هڪ دڪان پڇايم پر نه مليو. پوءِ ٽپال رستي اسٽاڪهوم (سيئڊن) مان گهرايم ۽ توکي ته خبر آهي ته هيڏانهن ٽپال خرچ ڪيڏو ڳرو آهي.“
۽ پوءِ ٿوري دير ترسي چيائين: ”توهان چيو ته توهان کي سئيڊن جي زبان (سئيڊش) نٿي اچي؟“
”بلڪل صحيح چيم.“
”اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جو سئيڊن ۾ رهڻ جي باوجود توکي اتي جي زبان نٿي اچي؟“ هن سوال ڪيو.
”منهنجو جنهن اداري سان واسطو آهي اتي سڀ انگريزي ڳالهائين ٿا.“ مون جواب ڏنومانس ۽ هوءَ ڪافي حد تائين مطمئن ٿي وئي. هونءَ به هنن مارڪيٽن ۾ بي شرم ٿي اگهه ائين گهٽ ڪرائبو آهي، جيئن منيلا، بئنڪاڪ، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جي ڪپڙي مارڪيٽن ۾. منجهند جو ٻارهين کان پوءِ ته هونءَ به باقي بچيل سامان جا اگهه ڪري پوندا آهن جو ٻي بجي هر هڪ کي پنهنجو سامان هڙ ۾ ويڙهي کڻڻو پوندو آهي جو ميونسپالٽي وارا جيڪي هر ٽيبل لاءِ سئو مارڪا ٽئڪس طور وٺندا آهن، اهي اچي سڀئي ٽيبلون ٽرڪ ۾ چاڙهي ميدان جي صفائي ڪندا آهن، جيئن شام جي وقت ٻار ان ميدان تي کيڏي سگهن.
ڪتاب جو اگهه گهٽ ڪرڻ کان اڳ هن جي دماغ ۾ اوچتو ٻيو سوال پيدا ٿيو.
”توکي جڏهن سئيڊش زبان نٿي اچي ته پوءِ ڇو ٿو وٺين؟“ هن پڇيو.
ڳالهه ته هن واهه جي ڪئي. ان بابت ته مون به نه سوچيو هو ته وٺان ڇو پيو؟ بس اهو ڪتاب خريد ڪرڻ چاهيم ٿي ۽ هاڻ جڏهن هن ان جو سبب پڇيو ته آئون به دل ئي دل ۾ چڱيءَ طرح سوچڻ لڳس ته ڇو وٺي رهيو آهيان.“ اهو ساڳيو ڪتاب جي ڪراچي، لاهور، اسلامآباد يا ويندي بمبئي، بئنڪاڪ يا منيلا، مانچسٽر جي ڪنهن دڪان تي رکيل هجي ها ته ڪا اهم ڳالهه نه لڳي ها، ڇو جو اتي پاڪستاني يا پاڪستان سان واسطو رکندڙ ڪيترائي آهن. يا انهن ملڪن جو انگريزي يا انگريزنسان واسطو هجڻ ڪري انگلينڊ ۽ ڪامن ويلٿ جي ملڪن ۽ ماڻهن کي سڃاڻن ٿا. پر هتي دنيا جي هن اتراهين ۽ ڏورانهين هنڌ (هيلسنڪي) ۾ ان ڪتاب کي ڏسي تعجب لڳو، جيڪو ڪتاب اسان جهڙي ملڪ جي ڪنهن ماڻهوءَ لکيو آهي، پوءِ اهو لکندڙ مرد توڙي عورت کڻي ملڪ جي پرائيم منسٽر هجي يا ٿر جي ڪنهن Remote ڳوٺ جي گهرو عورت- مون لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي.“
”توهان هي ڪتاب ڇو وٺڻ چاهيو ٿا“ مون کي ماٺ ۾ ڏسي دڪاندار عورت وري پڇيو.
”اهو ڪتاب سئيڊن وڃي پنهنجي باس يا ڪنهن خاص دوست کي تحفي طور ڏيندس ته هن ڪتاب جي ليکڪا اسان جي ملڪ جي آهي.“
”واقعي؟“ هن تعجب مان پڇيو.
”توکي خبر ناهي ته هيءَ پاڪستان جي ليکڪا آهي، بلڪ پرائيم منسٽر آهي...“ هونءِ ته سئيڊن ۽ فنلئنڊ جا ماڻهو ننڍي هوندي ئي ڍڳ ڪتابن جا پڙهي ۽ ريڊيو ٽي ويءَ تان معلوماتي پروگرام ڏسي ننڍن وڏين ڳالهين جا ڄاڻو ٿي ويندا آهن، پرهن موڳيءَ کي مون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر منهنجو اهو خيال غلط نڪتو جو هن منهنجي ڳالهه يڪدم اڌ ۾ ڪٽي سختيءَ سان چيو:
I Know that, but I did not know that you are also from the same country..
(مون کي اها ته خبر آهي، پر مون کي اها ڄاڻ نه هئي ته تون به ان ئي ملڪ جو آهين)
۽ هاڻ آئون دل ئي دل ۾ خوش ٿي، ڏند ڪڍي داد وصول ڪرڻ لڳس ۽ حسابن ۾ اُن ڪچي ٻار وانگر خوش ٿيڻ لڳس جيڪو وڏي مٿاڪٽ بعد آلجبرا جي جدول مڪمل ڪرڻ تي Hence the equation is complete لکي گد گد ٿيندو آهي.
” ۽ پوءِ ....؟“ مون ٻٽون ڪڍي هاڻ گهٽ قميت- گهٽ ۾ گهٽ اڌ قيمت جو انگ هن هيلسنڪيءَ جي نوجوان گلابي ڳلن واري عورت کان ٻڌڻ چاهيو ٿي، پر منهنجي سڄي ڪهاڻي ٻڌڻ بعد هوءَ جيمس بانڊ جي فلمن جي ولين وانگر ٿي پيئي.
”So that is the thing چئبو ته اها ڳالهه آهي.“ هن مرڪندي چيو. هن جي مرڪ راز جي فاش ٿيڻ ۽ پنهنجي سوڀ تي خوش ٿيڻ واري هئي.
”هاڻ ته آئون هڪ مارڪه به قيمت گهٽ نه ڪنديس، جو مون کي خبر آهي ته تون هي ڪتاب ضرور وٺي پنهنجي سئيڊس پروفيسر تي لئه رکندين.“ هن جهرڪي کاڌل ٻليءَ جهڙي شڪل ٺاهي چيو.
مون سندس پڪي عزم ۽ پنهنجي پرس جو جائزو لڳائي کيس سندس گهربل رقم ڏني ۽ سوچيم ته مالمو (سئيڊن) پهچي ڪتاب پنهنجي يونيورسٽيءَ جي ريڪٽر (وائيس چانسلر) کي تحفي طور ڏيندس ۽ هڪ عدد ڏوراپي جو خط پنهنجي دادوءَ جي دوست ظهير بابر قريشي کي لکندس جيڪو هتان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ويندي وقت فنلئنڊ جي ماڻهن لاءِ ٻڌائي ويو هو ته فنلئنڊ جا مرد سو ضرور نپٽ چنڊا آهن پر عورتون ڪلفيون ۽ ڪون آهن، يعني تمام نرم دل آهن پر شايد جنهن نڀاڳيءَ سان منهنجو واسطو پيو سان ڪلفي ۽ ڪون جهڙي نرم دل ته نه نڪتي پر اتر قطب جي برف جهڙي سخت ۽ پڪي نڪتي جيڪا هزارين سال گذرڻ بعد ڳرڻ جو نالو نٿي وٺي.

آخري زار ۽ زرينا جو اولاد

هيلسنڪي (فنلئنڊ) جي بندرگاهه جي منهن وٽ مارڪيٽ چونڪ آهي، جتي ڀاڄي ۽ ميوي کان علاوه هتي جي ٺهيل گڏين، رانديڪن ۽ ٻين سوکڙين جا دڪان آهن، جيئن هن بندرگاهه ۾ روزانو هزارين ايندڙ ويندڙ مسافر هتي جا سووينئر (سوکڙيون،تحفا) وٺي سگهن. هي دڪان ٽيبلن يا گاڏن تي هوندا آهن ۽ ٻي بجي دڪاندار پنهنجا دڪان بند ڪري دڪانن سميت يعني ڦيٿن وارن گاڏن سميت روانا ٿي ويندا آهن. هنن دڪاندارن ۾ ڪيتريون ئي عورتون، ڀر وارين روسي رياستن، مرمانسڪ، ڪاريلئا۽ خاص ڪري ايسٽونيا جون هونديون آهن. ايسٽونيا جو بندرگاهه ۽ گاديءَ جو هنڌ ٽالن، هن بندرگاهه هيلسنڪيءَ کان پنجاهه ڪلوميٽرن کان به اوري آهي پر ملڪ جي معاشي حالتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ايسٽونيا کان روزانو ڪيترائي ماڻهو- خاص ڪري عورتون ٻيڙين رستي هيلسنڪيءَ ۾ نوڪريءَ لاءِ يا هٿ جون هنر جون شيون وڪڻڻ لاءِ اچن ٿيون.
هونءَ ته ڪو زمانو هو جو هي فنلئنڊ روس جي رحم ڪرم تي هوندو هو. کيس روس کان هڪ ٿڦڙ لڳندي هئي ته ڳل ورائي ٻيءَ لاءِ ڏيندو هوس، پر اهو زمانو 1917ع کان اڳ جو هو. هن مارڪيٽ جي وچ تي هڪ پٿر جو، روس سلطنت جو، ٻٽي منهن واري سونهري عقاب جو مجسمو (statue)رکيل آهي. سن 1833ع ۾ روس جو شهنشاهه ”زار نڪولس اول“ ۽ سندس راڻي صاحبه ”زرينا اليگزيندريا“ هتي هيلسنڪيءَ ۾ پهريون دفعو گهمڻ آيا هئا، انهن جي ياد ۾ هي پٿر جو بت ٺاهيو ويو ۽ ٻن سالن بعد 1835ع ۾ هن جاءِ تي کوڙيو ويو.
1917ع واري انقلاب کان اڳ روس تي شهنشاهيت هئي ۽ حاڪم کي زار Czar۽ راڻيءَ کي زرينا سڏيو ويندو هو. ”زار نڪولس ٻيو“ روس جو آخري بادشاهه هو، جنهن کي 1918ع ۾ سندس راڻي (زرينا) اليگزينڊريا ۽ ٻارن (اولگا، تاتيانا، ماريا، اناستاسيا ۽ اليگزي) سميت قتل ڪيو ويو هو.
روس جي هيءِ آخري راڻي اليگزينڊريا سان اڄ جي انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ جي مڙس فلپ جي مائٽي پڻ ٿئي. فلپ جي ماءُ جو نالو ائلس (Alice) هو ۽ نانيءَ جو شهزادي وڪٽوريا، (انگلينڊ واري راڻي وڪٽوريا نه پر هيءَ وڪٽوريا آف هسي سڏبي هئي) سو هيءَ وڪٽوريا ۽ روس جي آخري راڻي (زرينا) پاڻ ۾ سڳيون ڀيڻون هيون- ٻين لفظن ۾ روس جي هن آخري شهنشاهه ”نڪولس ٻئي“ جا ٻار: اولگا، ماريا، اليگزي وغيره انگلينڊ جي شهزادي فلپ جا سڳا ماسات ٿيا.
نڪولس ٻيو 1868ع ۾ ڄائو هو، کانئس اڳ روس جو شهنشاهه سندس پيءُ زار نڪولس ٽيون هو. ان کان اڳ ان جو پيءُ ”زار اليگزينڊر ٻيو“ هو ۽ ان کان اڳ ”زار نڪولس پهريون“. راز نڪولس پهرين 1796ع ۾ ڄائو ۽ 1818ع ۾ گذاري ويو.
مٿي شهزادي فلپ جي ڳالهه ان ڪري ڪڍي اٿم جو اڄڪلهه هڪ کڏ مان لڌل هڏائن ڍانچن بابت هن پاسي اهوئي گمان ڪيو پيو وڃي ته اهي روس جي آخري حاڪم زار نڪولس ٻئي ۽ سندس خاندان جا آهن، ان لاءِ DNA-Analysis ذريعي اڄڪلهه جي سائنسدانن انهن هڏن مان ڪوريل DNA کي فلپ جي رت مان نڪتل DNA سان ڀيٽي اوائلي درجي تي خاطري ڪئي آهي ته اهي هڏا ساڳئي نسل سان تعلق رکن ٿا، خاص ڪري زرينا اليگزينڊريا سان، جيڪا فلپ جي نانيءَ جي سڳي ڀيڻ ٿي.
17- جولاءِ 1918ع تي انقلابين روس جي هن آخري شهنشاهه کي سندس زال ۽ ٻارن سميت اڪاترنبرگ واري گهر ۾ ماريو هو. هنن سان گڏ خاندان جو ڊاڪٽر ۽ ٽي نوڪر پڻ هئا. پوءِ ثابتي ختم ڪرڻ لاءِ انقلابين لاش کي ساڙڻ جو پروگرام ٺاهيو هو، پر هو فقط ٻه لاش ساڙي سگهيا. تواريخدانن موجب اهي ٻه لاش زار جي وارث پٽ اليگزي ۽ ننڍي ڌيءَ اناستاسيا جا چيا وڃن ٿا. باقي لاش کڏ ۾ پوريا ويا هئا. اهي لاش هاڻ هٿ ڪيا ويا آهن ۽ ٻه ٽي مهينا اڳ روس کان انگلينڊ پهچايا ويا آهن، جتي هي DNA ٽيسٽ هلي رهيا آهن.DNA- Mitoehondrial اهڙي شيءِ آهي، جيڪا ورثي ۾ماءَ کان ٻار کي ساڳي ساڳي ملي ٿي.

فنلئنڊ ۽ هيلسنڪي بابت

مٿي ذڪر ڪيل روس جا اتر اولهه وارا علائقا مرمانسڪ (Murmansk) ۽ ڪريليا (Karelia) فنلئنڊ سان ملن ٿا، يعني بارڊر جي ساڄي پاسي اهي علائقا آهن ته کاٻي پاسي فنلئنڊ. فنلئنڊ کي جڏهن روس فتح ڪيو ۽ هڪ صدي کن ان جي قبضي ۾ هو ته فنلئنڊ جا رهاڪو فنش توڙِي روسي هڪٻئي جي علائقن ۾ نه فقط ايندا ويندا هئا، پر ڪيترن ئي هميشه لاءِ رهائش پڻ اختيار ڪئي. ان زماني ۾ فنلئنڊ توڙي روس جي ايڪانامي ساڳي هئي ۽ فنلئنڊ وارن کي خواب خيال ۾ به نه هو ته سندس جان روس مان ڇٽندي، پر پوءِ 1917ع واري روسي انقلاب ۾ فنلئنڊ پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪري روس کان ڌار ٿي ويو ۽ هاڻ فنلئنڊ دنيا جو بيحد سکيو ستابو ملڪ آهي. بارڊر جي هن پار روس جي حالت بيحد مسڪينن واري آهي. فنلئنڊ جي فنش ماڻهن جا اهي سئوٽ ماسات ۽ مائٽ مٽ جيڪي روس ۾ رهيل آهن اهي فنلئنڊ واپس اچڻ لاءِ واجهائين ٿا. سندن حالت مڪاني روسي ماڻهن کان به غريب ۽ رحم جوڳي آهي ۽ انهن روسي فنش ماڻهن اسٽالن جي دور ۾ سخت ظلم سٺا جن جو ذڪر روسي ليکڪ سولزينتسن پڻ پنهنجي مشهور ڪتاب (The Gulag Archipelago) ۾ ڪيو آهي.
هونءَ جنهن روسي فِن (Finn) کي وجهه لڳو ٿي اهو لڪي ڇپي، يا شاديءَ جي آڌار تي پنهنجي اباڻي وطن فنلئنڊ هليو آيو ٿي، پر هاڻ انهن لڏي ايندڙن جو تعداد ايترو وڌي ويو آهي جو هن سال کان فنلئنڊ جي حڪومت سندن اچڻ کي روڪڻ لاءِ سخت اپاءَ ورتا آهن.
هيلسنڪي جي مشهور Esplaneden روڊ تي روسين جي ٺهرايل چرچ (عيسائين جي عبادت گهر) ڀرسان پريزيڊنٽ هائوس آهي، جيڪو 1818ع ۾ ٺهيو آهي. 1919ع تائين اهو محلات روسي شهنشاهن (زارن) جي رهائش لاءِ ڪتب ٿيندو رهيو. فنلئنڊ کي خودمختياري ملڻ بعد اهو ملڪ جي صدر جي سرڪاري رهائشگاهه ٿيو. اڄڪلهه هتي جو چونڊيل صدر ”مائونوڪوئي وسطو“ هن ۾ رهي ٿو. آفيس ايندي ويندي اسان جو هن محلات اڳيان روزانو لنگهه ٿئي ٿو- نه فوج، نه پوليس جون گاڏيون، نه ڍير ڪارين، جيپن جو نه ڊرائيور ۽ خذمتگار- رڳو ٻه نوجوان سنتري ڇرو لڳل ”بندوقڙيون“ کڻي محلات جي در اڳيان بيٺل نظر اچن ٿا. ان مان اهو چڱي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ ڪيتري حد تائين امن امان آهي ۽ ملڪ جا ڪامورا ڪڙا ته ٺهيو پر وزير ۽ صدر به ڏيکاءُ يا ٽيڙي نٿا ڪن.
اڄڪلهه جي هن دور ۾ جڏهن اسان جهڙن ملڪن ۾ عام ماڻهن جي باڊي گارڊن جي هٿن ۾ به ڪلاشنڪوف بندوقون آهن، اتي هي جهوني زماني جون سادڙيون بندوقون، جن سان اسان کي ننڍي هوندي ڳوٺ جي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ڊرل ٽيچر اسحاق پريڊ سيکاريندو هو، انهن کي ”بندوقڙيون“ ئي سڏي سگهجي ٿو.
پريزيڊنٽ هائوس ڀرسان ئي ملڪ جي سپريم ڪورٽ آهي ۽ ان ڀر ۾ سئيڊش سفارتخانو ۽ سٽي هال.