سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ شاعر موھن ھمٿاڻيءَ جي ڪويتائن جو مجموعو ”ھاءِ وي“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
پروفيسر ھيرو شيوڪاڻي ھڪ ھنڌ لکي ٿو تہ ”موھن ھمٿاڻيءَ جون ڪويتائون سنڌي ڪويتا جي گذريل پنجاھ سالن جي سفر جون شاھد آھن.“ ھن مجموعي بابت امداد حسيني مھاڳ ۾ لکي ٿو ”موھن ھمٿاڻي، مُئل لفظن، کوکلن انساني ناتن رشتن کان پاسيرو ٿي، سرشٽيءَ Nature ۾ پناھ وٺي ٿو. چنڊ ۽ سمنڊ جو وري وري پنھنجي نظمن ۾ ذڪر ڪري ٿو.“.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ۽ وري 2018ع ۾ سنڌي اڪيڊمي دھليءَ پاران ڇپايو ويو. ھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي موھن ھمٿاڻيءَ جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي