الطاف شيخ ڪارنر

سانباھو سمونڊ جو

نورالھدا شاھ لکي ٿي: ”الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ گهڻو لکڻ، پڙھڻ ۽ ڇپجڻ وارو ليکڪ آھي. اھا مڃتا پنھنجي جاءِ تي اٽل آھي تہ ھو سنڌيءَ ۾ سفرنامن کي اوج ڏيڻ وارو اڪيلو ليکڪ آھي، جنھن سنڌي ادب ۾ سفرنامن واري ڀاڱي کي ڀرپور نموني سان نڀايو آھي. الطاف شيخ اسان جو اھو ذھين ليکڪ آھي جنھن وٽ سوچ جو اھو وسيع ڪينواس آھي، جنھن تي سنڌي ادب جي سفرنامي وارو ڀاڱو پوريءَ سندرتا سان چِٽيل آھي.“

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 24
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سانباھو سمونڊ جو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو سفرنامو ”سانباھو سمونڊ جو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. نورالھدا شاھ لکي ٿي:
”الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ گهڻو لکڻ، پڙھڻ ۽ ڇپجڻ وارو ليکڪ آھي. اھا مڃتا پنھنجي جاءِ تي اٽل آھي تہ ھو سنڌيءَ ۾ سفرنامن کي اوج ڏيڻ وارو اڪيلو ليکڪ آھي، جنھن سنڌي ادب ۾ سفرنامن واري ڀاڱي کي ڀرپور نموني سان نڀايو آھي. الطاف شيخ اسان جو اھو ذھين ليکڪ آھي جنھن وٽ سوچ جو اھو وسيع ڪينواس آھي، جنھن تي سنڌي ادب جي سفرنامي وارو ڀاڱو پوريءَ سندرتا سان چِٽيل آھي.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو  1979ع ۾ جڏھن تہ چوٿون ڇاپو (سڌاريل ۽ وڌايل) 2017ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي الطاف شيخ جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب: هالا جي وڪيل عبدالطيف انصاريءَ نالي

عبداللطيف کي آئون نيڪ انسان جي صورت ۾ سڃاڻا ٿو. هو نه منھنجو ڪلاس ميٽ آهي نه دوست ساٿي ۽ نه ڪو مٽ مائٽ. پر اهو ضرور چوندس ته هو هڪ عظيم انسان آهي، مثالي شخص آهي، جنھن سڄي زندگي لالچ ۽ طمع کان پري رهي محنت ۽ نيڪ نيتيءَ سان گذاري آهي. هميشه حرام جي ڪمائيءَ کان پري رهيو آهي ۽ حلال لاءِ هن کي چاهي ڪھڙو به پورهيو ڪرڻو پيو آهي ته هن ان کي عيب نه سمجهيو آهي. هن هوٽل ۾ بئرو ٿي ڪم ڪرڻ کان وٺي پروفيسري، وڪالت ۽ ائڊوڪيٽ جنرل ٿي ڪم ڪيو آهي. هو نيو هالا جھڙي ڳوٺ کان وٺي (هاڻ ته شھر آهي) دنيا جي وڏي شھر نيويارڪ ۾ رهيو آهي پر هرهنڌ هو مون کي هڪ جھڙو مست، کلمک، سچ چوڻ وارو ۽ بي ڊپو نظر آيو آهي. زندگي جي ڊوڙ ۾ ڪڏهن هو مٿئين ڏاڪي تي رهيو ته ڪڏهن هيٺئين تي اچي ڦھڪو ٿي ڪيائين. ڳوٺ ۾ رهي يا هلڪي ڦلڪي نوڪري يا پورهيو مزوري ڪندي هن کي ڪڏهن به ملال يا ڏک نه ٿيو ۽ نه وري وڏن شھرن ۾ وڏن عهدن تي رهندي هن ڪڏهن ٽيڙي يا وڏائي ڪئي هجي. هر وقت ٻئي جي ڪم اچڻ وارو، ٻئي کي صحيح صلاح ڏيڻ وارو، وڏي ڄاڻ ۽ تجربي وارو اسان جو ڳوٺائي عبداللطيف مون جھڙن ڪيترن لاءِ دلچسپ شخصيت آهي. اڄ آئون هي ڪتاب سندس نالي منسوب ڪرڻ وقت زندگي جا گذريل سال ياد ڪري رهيو آهيان ته عبداللطيف سان منھنجي ڪڏهن کان ۽ ڪٿي ڪٿي ملاقات ٿي ۽ ان سان گڏ سندس دلچسپ ڳالهيون دماغ ۾ اچي رهيون آهن.
عبداللطيف سان منھنجي پھرين ملاقات تڏهن ٿي جڏهن آئون پرائمريءَ جي پھرين يا ٻئي ڪلاس ۾ هوس. مون کي گهر ۾ نماز پڙهڻ سيکاري هئائون ۽ هاڻ آئون پھريون دفعو مسجد ۾ پڙهڻ لاءِ ويو هوس. سانجهيءَ جي نماز جو وقت هو. ٽي رڪعتون فرض نماز امام سان گڏ ڀر ۾ بيٺلن کيڏسي پڙهڻ بعد باقي نماز ڪنھن جي ڀر ۾ بيھي، ان کي ڏسي پڙهڻ ٿي چاهيم. پٺيان هڪ پاڻ جيڏو ۽ مون وانگر ڊگهوڇوڪر نماز جي نيت ٻڌي رهيو هو. (هي عبداللطيف انصاري هو). اهو محسوس ڪيم ته هو اسان جي گهٽيءَ جو نه پر ڀر واري انصارين جي گهٽيءَ جو آهي. يڪدم هن جي ڀرسان بيھي هن وانگر نماز پڙهڻ لڳس. ٻه رڪعتون سنت جون پڙهي پوءِ هن ٻه رڪعتون نفل نماز ويھي پڙهڻ شروع ڪئي. مون لاءِ اها نئين ڳالهه هئي. گهر ۾ رڳو فرض نماز بيھي پڙهڻ سکيو هوس. مون هڪ رڪعت کن وڏي ڪوشش سان هن وانگر پڙهي پر مون کي سمجهه ۾ نه اچي سگهيو ته هي ڪري ڇا پيو. ٻي رڪعت پڙهڻ بدران آئون مسجد ڇڏي اچي گهران نڪتس. گهر ۾ مون کان ڏاڏيءَ پڇيو ”نماز پڙهي آئين؟“
”ها پڙهي آيس پر شايد سڄي نه پڙهي سگهيس. هڪ انصارين جي ڇوڪري مون کي ڀلائي ڇڏيو.“ مون وراڻيو.
ٻه چار ڏينھن به نه گذريا ته شھر جي بازار ۾ عبداللطيف سان ملاقات ٿي. بلڪه پاڻ مون کي پري کان ڏسي سڏ ڪيو : ”اڙي! هيڏانھن ته اچ. ڇا اٿئي نالو؟“ هن وڏي رعب سان منھنجو نالو پڇي پوءِ چيو ” ايئن نماز پڙهبي آهي؟“
۽ آئون سوچيندو رهيس ته هن کي ڪھڙو جواب ڏيان. منھنجي ذهن ۾ ڪجهه ڪجهه اهو اثر ويٺو ته هي ڪو وڏو داداگير آهي. ۽ اڄ به سندس ڳالهائڻ جي اسٽائيل مان نئين ماڻهوءَ کي اهو ئي ڏيک ملي ٿو. پر پوءِ هر ڪو جلدي ئي هن کي سٺو دوست سمجهي ٿو.
هونءَ ته اسان جي ڳوٺ جا انصاري نماز ۽ روزي جا تمام پابند آهن ۽ ٻئي ڪنھن جي شاهدي ڏئي سگهان يا نه پر عبداللطيف کي مون هر حال ۾ هر هنڌ، اگهائي توڙي تندرستيءَ ۾ نماز تي هميشه قائم ڏٺو آهي. مٿئين واقعي کانپوءِ هن سان منھنجي ڳوٺ ۾ ئي ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي رهي. هو پنھنجي پاڙي جي ”انصارين جي مسجد“ ۾ نماز پڙهندو هو پر جيئن ته سندس والد صاحب حڪيم عبدالڪريم انصاري جو مطب اسان واري مسجد (حافظ حيات) ڀرسان هو تنھن ڪري ڪو ڪو وقت خاص ڪري وچين ۽ سانجهيءَ جو ڪڏهن ڪڏهن اسان واري مسجد ۾ پڙهندو هو.
اسان جي ڳوٺ هالا ۾ _ هينئر الائي اهو رواج آهي يا نه پر تن ڏينھن ۾ اسڪول جا ٻار (ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون) ديني ۽ اسڪول جي تعليم کان سواءِ ڪجهه هنر به سکندا هئا. هر سال جي موڪلن ۾ آئون به ٿورو گهڻو واڍي جي ڪم کان وٺي درزي تائينءَ جو سکيس. ويندي ٽائپنگ ۽ ڪار مڪينڪ جو ٿورو گهڻو ڪم مئٽرڪ تائين سکي ورتم. اها منھنجي خيال ۾ هڪ اهڙي سٺي ڳالهه آهي جو اڳتي هلي ڪو ڇا به ٿئي پر هن کي ٻين ڪمن جي به ڪجهه ڪجهه Idea رهي ٿي. ڪي ڪي ڇوڪرا ته مختلف ڪمسکڻ بدران هر سال اونهاري جي موڪلن ۾ هڪ ئي ڪم سکندا هئا. جيئن اسان جو هڪ رشتي جو ڀاڻيجو مقصود شيخ هر سال واڍڪو ڪم سکندو رهيو. انٽر ڪري مھراڻ يونيورسٽي ۾ B.E ڪرڻ دوران به موڪلن ۾ واڍڪو ڪم سکندو رهيو. اڄ هو ڪراچي ۾ ٽيليفونن کاتي جو ڊويزنل انجنيئر آهي پر هو ڪارپينٽري ۾ به ايترو ئي ايڪسپرٽ آهي جيترو ڪو پروفيشنل هجي. بھرحال اسان جي ڳوٺ هالا جي ان رسم رواج موجب ستين ڪلاس ۾ جڏهن اونهاري جون موڪلون ٿيون ته مون کي اسان جي پڦيءَ جي مڙس حاجي لطف شيخ الله وٽ قرآن جو تفسير پڙهڻ ۽ درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو ويو. اتي منھنجي وري عبداللطيف انصاريءَ سان ملاقات ٿي جيڪو پڻ ٽيلرنگ جو ڪم سکڻ لاءِ اتي ايندو هو. (ان کان سواءِ سندس هڪ سئوٽ عبدالعزيز انصاري جيڪو پوءِ پروفيسر ٿيو). گل محمد ميمڻ (ڊاڪٽر)، محمد علي متقي (سول انجنيئر) پڻ ايندو هو. ۽ شايد عبدالرحمان ميمڻ (مھراڻ يونيورسٽي جو وي سي) پڻ ايندو هو. يا شايد ڪپڙا سبرائڻ لاءِ ايندو هو ۽ اسان سان اچي وهندو هو). ٻيا سڀ ماٺ ۾ هوندا هئاسين پر عبداللطيف جو وات پيو لڳندو هو. هرڳالهه تي بحث هر ڳالهه جو اصل نسل معلوم ڪرڻ يا چرچا ڀوڳ ٻڌائڻ. چڱي طرح سکي سگهيو فقط سندس سوٽ عبدالعزيز پر اسان به اڃا تائين بابين ڀرڻ، سئي ۾ سڳو چاڙهڻ، سٿڻ جا سڌا بخيا هڻيو وڃون.
ستين ڪلاس کانپوءِ منھنجو هالا ۾ رهڻ نه ٿيو. ڪڏهن ڪڏهن موڪلن ۾ هالا اچبو هو ته گهڻو ڪري عيد نماز تي يا شاهي بازار ۾ عبداللطيف سان ملاقات ٿي ويندي هئي، جيڪو مون کان هڪ سال مٿين ڪلاس ۾ هو. مئٽرڪ ۽ انٽر ڪري پوءِ مون مئرين انجنيئرنگ چٽگانگ مان ڪئي. ان بعد اسان کي سال ٻن لاءِ ڪراچي ۾ رهي اتي جي شپ يارڊ ۾ جهاز ٺھڻ ۽ انهن جي مرمت جو ڪم ڏسڻو هو. ڪراچيءَ ۾ انهن ڏينھن ۾ رهائش جو مسئلو هو. فلئٽ سسٽم اڃا شروع نه ٿيو هو ۽ سڄو گهر اڪيلن_ خاص ڪري شاگردن کي مسواڙ تي نٿي مليو. ميٺا رام هاسٽل شھر جي وچ ۾ هئي، جنھن ۾ رهڻ لاءِ مون ڊي. جي (ڏيارام ڄيٺمل) سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتي. اڄ جون ڪيتريون اهم شخصيتون تن ڏينهن ۾ ان هاسٽل ۾ رهيون ٿي. منھنجي کاٻي پاسي وارن ڪمرن مان هڪ ۾ سائين مظفر شاهه صاحب (اڳوڻو وزيراعليٰ) رهيو ٿي ۽ ٻي ۾ ٺٽي جو مرحوم محمد خان سومرو جيڪو پ پ جي حڪومت ۾ وزير به رهيو ۽ هاڻ سندس فرزند ايم پي اي آهي. ساڄي پاسي وارن ڪمرن ۾ سکر جو اڪبر منگي، ٺٽي جا عقيلي برادارن (حسين ۽ لطيف) رهيا ٿي. ان کان سواءِ اقبال ترڪ، آفتاب ترڪ، نَوَلراءِ اوڏ، غلام محمد سومرو، آغا شھاب، مرحوم عاشق جتوئي، امام بخش جتوئي ۽ ٻيا رهيا ٿي. جن مان ڪجهه سان پھرين جي ڄاڻ سڃاڻ هئي ڪجهه سان اتي ٿي. هاسٽل ۾ ٻه ٽي ميسون هيون. اسين مٿيان همراهه ولي محمد جي ميس ۾ ماني کائيندا هئاسين. ٻن ٽن ڏينھن بعد ان ميس ۾ عبداللطيف انصاريءَ کي ماني کائيندو ڏسي نه فقط مون کي پر هن کان به رڙ نڪري وئي. خبر پئي ته هو به ساڳي ڪاليج جو شاگرد آهي ۽ سندس ڪمرو عقيلي جي ڪمري کانپوءِ يعني منھنجي ڪمري کان ٽي ڪمرا ڇڏي 73 نمبر آهي. پاڻ ڪاليج توڙي هاسٽل جي مشھور شخصيت هو. ڪاليج جي شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري هو ۽ هاسٽل جي مسجد ۾ واعظن جو بندوبست ڪرائيندو هو. مون کي جيئن ته صبح کان شام جو دير تائين ڪاليج بدران شپ يارڊ وڃڻو پوندو هو ان ڪري منھنجي ساڻس ملاقات ٽي چوٿين ڏينھن ٿيندي هئي يا موڪل واري ڏينھن. ڪڏهن ته ٻه ٻه هفتا هو پاڻ به غائب رهندو هو. هڪ ڏينھن سندس غير حاضريءَ جو سبب پڇيم ته وراڻيائين:
”يار آئون پڙهائي وغيره جي خرچ جي تڪليف گهر وارن کي نٿو ڏيان، ان ڪري ڪاليج مان موٽڻ بعد جاب ٿو ڪريان.“
سڌريل ملڪن ۾ ته غريب توڙي امير ڪوشش ڪري پنھنجن ٻارن کي ڪنھن نه ڪنھن پورهئي ۾ لڳائي رکن ٿا جيئن هنن کي محنت جي عادت هڪ طرف پوي ۽ پئسي جو قدر ٻئي طرف ٿئي، پر اسان وٽ_خاص ڪري سنڌ ۾ ، ان وقت اهو هڪ انقلابي قدم هو.
”ڪھڙو جاب ٿو ڪرين؟“ مون پڇيومانس.
”هاڻ توهان کان ڇا لڪايان ۽ هونءَ به آئون حلال جي پورهئي کي خراب نٿو سمجهان. آئون صدر جي هڪ هوٽل (Excelsior) ۾ شام جون پنجين کان رات جو يارهين تائين بئرو ٿي ڪم ڪريان ٿو.“
مون کي ويتر حيرت ٿي ڇو جو محنت ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي ۽ اهو ئي ڪم انگلئنڊ، آمريڪا، فرانس جھڙي ملڪن ۾ ڪرڻ ۾ ايتري نفسياتي ۽ سماجي ڇڪتاڻ ناهي، جيتري اسان جھڙن ملڪن ۾ آهي _ جتي هر ڳالهه جي ڏاڪابندي ٻڌل آهي، جيڪا هندو ڪلچر جي پئداوار اسان وٽ صدين کان موجود آهي. برهمڻ جو ڪم آهي حاڪم ٿي رهڻ. شوڌر جو ڪم آهي جوتا پالش ڪرڻ، هڪ جو ڪم ٻيو ڪري نٿو سگهي. ڪرڻ جي لائق هجي يا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته به سوسائٽي قبول نه ڪندي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ هڪ ماڻهو ايمانداري سان ٻھاري ڏيئي روزي ڪمائي ٿو ته به هو گهٽ ذات سمجهيو وڃي ٿو ۽ ٻئي پاسي آفيسر يا وڏيرو عزت لائق آهي چاهي هو غريبن ۽ هارين سان ظلم ۽ ٺڳي ڪري. سو اهڙي سيناريو ۾، اسان جھڙي ملڪ ۾ عبدالطيف جي اهڙي نوڪري ڪرڻ وڏي دل جگر جي ڳالهه آهي، جيڪا واقعي هو ڪري سگهيو ٿي، پر تنھن هوندي به مون پڇيومانس : ”يار هتي، هن شھر ۾ توکي اهو جاب ڪندي ڏکيو ته لڳندو هوندو“.
”پاڻ کي انهن ڳالهين جو خيال ئي نه ٿئي. ڪا چوري ته نٿو ڪريان. ڪو ان کي خراب سمجهي ٿو ته سمجهڻ ڏي. ڪالهه ئي جي ڳالهه آهي ته پنھنجي ڳوٺ جا ڪجهه آفيسر ان هوٽل ۾ آيا ته به مون پرواهه نه ڪئي. کين کيڪار کڙي ڪري سندن اڳيان چمچا، ڪانٽا ۽ پاڻيءَ جا گلاس رکڻ شروع ڪري ڏنم.“
مون کيس ڀاڪر پائي چيو : ”يو آر ريئلي گريٽ“.
هن نه فقط ان هوٽل ۾ پر ٻين به ڪجهه هوٽلن: بيچ لگزري، ملير جي گرانڊ هوٽل ۽ ايئرپورٽ جي مڊوي هوٽل ۾ چڱو وقت پارٽ ٽائيم جاب ڪيو.
هڪ دفعي پوسٽ آفيس جي ڳالهه اچي نڪتي. هزار خان بجاراڻي، اشفاق سومرو (اهي پڻ تن ڏينھن ۾ ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندا هئا) عاشق جتوئي ۽ آئون سندس ڪمري ۾ ويٺا هئاسين. عبداللطيف ان بابت ايتري ته صحيح ۽ ٺھڪندڙ معلومات ٻڌائي جو عاشق جتوئيءَ (جيتوڻيڪ چرچي ۾) چيس، ”لطيف لڳي ٿو ته تو ٽي مھينا کن پوسٽ آفيس ۾ به ڪم ڪيو آهي.“
لطيف ٽھڪ ڏيندي چيو: ”ڪراچي ۾ پھچي پھريون اهو جاب ڪيو هوم. اها سامهون ته آهي جنرل پوسٽ آفيس. منھنجو ڪم آيل ٽپال تي ٺپا هڻڻ هوندو هو.“
مرحوم عاشق جتوئيءَ کلندي مون کي چيو :”يار تنھنجو ڳوٺائي ته ماڻهو نه پر جِنُ آهي. منھنجو روم ميٽ هوندو هو ته مون کي بٽڻ هڻڻ جو طريقو ٻڌائيندو هو ۽ چوندو هو ته مون درزي ٿي به ڪم ڪيو آهي.“
عاشق کي چيم: “يار ان جي شاهدي ته آئون به ڏيندس”.
هتي اهو لکڻ به بي محل نه ٿيندو ته اسان جو پيارو ماڻهو عاشق جتوئي جيڪو مرتضيٰ ڀٽو سان گڏ شھيد ٿي ويو، لطيف جو ڪلاس ميٽ هو ۽ پھريان ڪجهه مھينا لطيف هن جي ڪمري ۾ فرسٽ فلور تي رهيو هو ان بعد هيٺ اڪيلي ڪمري ۾ اچي رهيو.
سال ڏيڍ ميٺارام هاسٽل ۾ رهڻ بعد آئون جھاز تي هليو ويس. لطيف B.Sc. ڪري موسيٰ لين ۾ پنھنجي ماءُ سان گڏ وڃي رهيو. منھنجو پنجين ڇھين مھيني جھاز ڪراچي ايندو هو ته ساڻس ملاقات ٿيندي هئي. پاڻ اڪثر ٽائي ٻڌي بريف ڪيس کڻي پيو هلندو هو. کلندي ٻڌايائين ته هو فل ٽائيم ميڊيڪل نمائندي (Med. Rep.) جو ڪم ڪري رهيو آهي. پنج سال هو مي ائنڊ بيڪر کان وٺي گلئڪسو دوائن جي ڪمپنين جو نمائندو ٿي رهيو. ان وچ ۾ به هن ڪيترائي ننڍا ننڍا پارٽ ٽائيم ۽ فل ٽائيم جاب ڪيا. ڪجهه عرصو ته “اينگرو يوريا” جي“شيئرز ڊپارٽمينٽ” ۾ به ڪم ڪيائين. وري ڪا موڊ بدليس هڪ ٽائيپ رائيٽر وٺي اچي پاسپورٽ آفيس اڳيان ٽائيپنگ جو ڪم شروع ڪيائين. سندس ڪيتريون نوڪريون ته کيس به ياد نه آهن. اها ٽائپنگ واري جي به اوچتي خبر پيئي. پاسپورٽ نئون ڪرائڻ لاءِ فارم وٺڻ وڃان ته عبداللطيف ڪاٺ جي ٽيبل تي هڪ ڀڳل ٽائيپ رائيٽر رکيو ويٺو آهي. سامهون ٻه چار ڳوٺاڻا پنجابي پَڳڙن ۾ ۽ هڪ ٻه سوٽ بوٽ ۾ ٽائيپ لاءِ پنا جهليو بيٺا اٿس. مون کي ڏسي وڏو ڀاڪر پائي مليو ۽ سامهون بينچ تي ويٺل هڪ همراهه کي اٿاري مون کي زوريءَ وهاريائين ۽ چانھه جو آرڊر ڪيائين. ”لطيف هي ڇا؟“
”مٺا ڳالهه ئي نه پُڇُ، هاڻ ٻه منٽ ڇڏ ته ماڻهن کي اڪلايان.“ آئون چانھه پيئندو رهيس ۽ هي ٽڪ ٽڪ، ٽڪ ٽڪ ڪندو ويو. اهو ته تعجب نه لڳم ته هن تکي تکي ٽائيپ ٿي ڪئي. هالا ۾ جمعي ٽيڪي جو فرزند علي محمد (پي آءِ اي جي مشھور آرٽسٽ) آئل پينٽنگ ۽ ٽائيپنگ سيکاريندو هو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد لطيف ۽ مون ان وقت ٽائيپ سکي هئي ته متان ڪڏهن ڪم اچي ۽ هاڻ لطيف ويٺي ويٺي مون کي ڀاڪر پائي، ساڄي هٿ جي اشھد آڱر مٿي آسمان ڏي کڻي چيو: ”بس شڪر آهي پروردگار جو.“ پوءِ ٽائيپ رائيٽر هيٺان وڇايل ڳوڻ مٿي کڻي ڍير نوٽن جو ڏيکاريو. ”ڪلاس ون آفيسر به ايترو نه ڪمائيندو هوندو. پڙهيل ڳڙهيل هجڻ جي ڪري هر ڪو مون ڏي اچي ٿو.“
”يار توکي ته يورپ يا آمريڪا ۾ هجڻ کپي“. مون چيومانس.
”بس دعا ڪر. الله گهريو ته اتي به پھچي ويندس. هينئر مون کي هاسٽل ۽ ڪاليج جي خرچ جا پئسا گڏ ڪرڻ ڏي ته ايل ايل بي ڪيان پوءِ ولايت جي ٽڪيٽ لاءِ ڪو پورهيو ڪندس.“
اڄ جي دور ۾ ته M.Sc. ڪري ماڻهو هوٽل ۾ بئرا ٿي پيا ڪم ڪن. B.E يا MBBS ڪري پرائمري اسڪول ۾ ماستر ٿيو پيا هلن. ڪي ته ڪلفيون ۽ ڳنڍا پيا وڪڻن. اهو حال آهي بيروزگاريءَ جو. پر انهن ڏينھن ۾ 72_1970ع ۾ لطيف کي ڪيتريون ئي سرڪاري نوڪريون ملي سگهيون ٿي پر هن جي آزاد طبيعت اهو چاهيو ٿي جيڪو دل چيس ٿي.
رشوت يا غلط طريقي سان پئسو نه هن جي وڏن کاڌو نه پاڻ حاصل ڪرڻ چاھيائين ٿي. نتيجي ۾ هن کي آفيسري بدران هن قسم جا جاب بھتر لڳا ٿي. ايئن نه ته هو ڪو پڙهائيءَ ۾ گهٽ هو، انگريزي ڪانوينٽ اسڪولن مان نه پڙهيو هو پر ننڍي لاڪون هو انگريزيءَ ۾ هوشيار هو ۽ ڪنھن سان انگريزيءَ يا ڪنھن ٻي زبان ۾ ڳالهائيندي شرم نٿي ڪيائين (بھرحال اڳتي هلي عبداللطيف ايس ايم لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ 1976ع ۾ لا جي ڊگري حاصل ڪيائين. پاڻ ان ۾ فرسٽ ڪلاس آيوهو.)
عبداللطيف جھازن جي به نوڪري ڪئي. حاجين جي جھاز سفينئه عرب تي ”پرسر“ جي نوڪريءَ جو اشتھار آيو. هن اپلاءِ ڪيو ۽ چونڊجي ويو. انھن ڏينھن ۾ اسان جو جھاز ڪراچي آيو هو ۽ ڪئپٽن عالم شيخ (جيڪو پڻ اسان وارن ڏينھن ۾ ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندو هو) کان لطيف پڇڻ آيو ته “پَرسَر” ڇا ٿيندو آهي. کيس ٻڌايوسين ته جھاز جو پرسر کاڌي پيتي جو انچارج ٿيندو آهي. جھاز جا بورچي، بَئرا وغيره هن جي هٿ هيٺ ڪم ڪن ٿا. پوءِ پنھنجي نئين نوڪريءَ جو ٻڌيائين. ڪجهه ڏينھن بعد سندس جھاز ڪراچي پھتو ۽ يڪدم Sail ڪرڻ بدران شپ يارڊ ۾ اچي بيٺو جتي سندس مھينو کن مرمت هلڻي هئي. لطيف روز صبح جو شپ يارڊ ويندو هو ۽ شام جو موٽندو هو. اسان روز موسيٰ لين سندس گهر ويندا هئاسين. جھاز جي ڪا خاص ڳالهه نٿي ڪيائين. عالم مون کي پنھنجي منھن چيو: ”يار! پرسر جو جاب ڏکيو آهي، جو مختلف ماڻھن سان منھن ڏيڻو ٿو پوي ۽ هر هڪ کي خوش رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ۽ پئسينجر جھاز تي ته هيڪاندو مشڪل آهي. آهي ته پاڻ وارو لطيف به لاهه مڙس پر لڳي ٿو رضيه غنڊن ۾ ڦاسي پئي آهي.“
اسان کي وهاري پاڻ ٻاهر هوٽل تي چانھه لاءِ چوڻ ويو. اسان کي به ٿي کڻي مستي سو ٽيبل تان سندس ڊائري کڻي پڙهڻ ويٺاسين. ڪنھن فارين جھاز ران ڪمپنيءَ جي تمام وڏي سائيز جي ڊائري هئي پر هر صفحي تي ڪا هڪ هڪ سٽ مس لکيل هئي. ”اڄ هن وقت اٿيس ۽ جھاز تي ويس.“ انگريزيءَ ۾ هو. ان بعد ٻئي ڏينھن به اهو ئي ڪجهه لکيل. ٽئي ۽ چوٿين ڏينھن به اهوئي جملو. پنجين ڏينھن (جنھن کان پوءِ هر روز گهر ۾ ئي نظر اچڻ لڳو هو) اڃا به مختصر لکيل هو:
(Went to ship. Lots of problems and problems and problems... Left ship)
اسان کي پڙهي ڏاڍي کل آئي. عالم چيو لطيف سدائين اسان تي چرچا ڪيا آهن. اڄ اچي ته تنگ ڪيونس. پوءِ ظاهر آهي اسان کيس جڏهن ڇتو ڪيو ته صحيح ڳالهه ٻڌايائين ته هو جھاز تي نه پيو وڃي.”يار جھاز تي نوڪري ڪرڻ ڪو شريف ماڻھوءَ جو ڪم آهي. روز ڏهه ڏهه مسئلا. ڪڏهن کاڌو ٺيڪ ڪونھي. ڪڏهن ڪٽلري ۽ ڪراڪري صحيح ناهي. جھاز جا آفيسر ته آفيسر خلاصين به بيزار ڪري رکيو. اڃان ته مسافر نه چڙهيا هئا ۽ نه جھاز Sail ڪيو.“ڪجهه ڏينهن بعد اسان جي جهاز ڪراچيءَ کان لنگر کنيو. جولاءِ آگسٽ جو مھينو هو. ڪراچي ڇڏڻ سان اهڙو ته سمنڊ خراب مليو جو ڏينھن رات الٽيون ڪڍندي عربي سمنڊ پار ڪيوسين. ڏينھن ٻن جي فرحت بعد وري موزمبق چئنل کان وٺي ڪيپ آف گڊ هوپ تائين هفتو کن حالت خراب رهي. انھن ڏينھن ۾ ائٽلانٽڪ صحيح ملندو آهي، پر اهو سمنڊ به خراب مليو. ۽ انگلينڊ پھچڻ کان اڳ وارو سمنڊ Bay of Biscay ته ورلي ڪو صحيح رهي ٿو. سڪي هڏا ٿي وياسين. جھاز جي جسم ۽ انجڻ کي به سخت نقصان رسيو. مسين مسين لنڊن پھتاسين. پھرين ڏينھن ته گهمڻ لاءِ نڪري نه سگهياسين. هڪ ٿڪ هو ۽ ٻي انجڻ جي ڪجهه ضروري مرمت. ٻئي ڏينھن شھر گهمڻ لاءِ نڪتاسين. هيءَ ٿيمس ندي. هي هتي جو وڏو گهڙيال بگ بين جنھن جو ٺڪاءَ اسان بي بي سي ريڊيو تان ٻڌندا آهيون. هي هائيڊ پارڪ جنھن ۾ توهان کي هر تقرير ڪرڻ جي آزادي آهي. هي لنڊن جو مشھور علائقو پڪڊلي سرڪس. هيءَ آڪسفورڊ اسٽريٽ. هي ٽرائفالگر اسڪائر ۽ نيلسن ڪالم. ۽ انھن جي سامھون وارو روڊ (شايد اسٽرانڊ روڊ آهي) تي بس نمبر يارهين، چوويھين ۽ ستھتر جي بس اسٽاپ وٽ هڪ برگر شاپ ۾ اسان وارو عبداللطيف بيٺو برگر وڪڻي! مون کان وري رڙ نڪري وئي. “يار تون ماڻھون آهين يا جن؟ سچ ٿو ڊاڪٽر سليمان شيخ چوي ته نذير چنا ۽ تنھنجي پيرن ۾ ڦيٿا آهن جو جتي ڪٿي پھچيو وڃو.“
عبداللطيف پنھنجي ساڄي هٿ جي شاهد آڱر آسمان ڏي کنئي. آئون سمجهي ويس ته هو ڇا ٿو چوڻ چاهي پر مون سان گڏ ٻين جھازين جن کي سنڌي نه پئي آئي، تن سمجهيو هو نيلسن ڪالم کي ڏسڻ لاءِ اشارو پيو ڪري. ”بس ادا اها اٿئي رب کي طاقت. هاڻ پھرين ٻڌاءِ ته ڪھڙو برگر کائيندائو. بلڪه جيڪو وڻناوَ کائيندا وڃو.“
آئون لطيف کي هتي اوچتو ڏسي جنھن حيرت جي عالم ۾ اچي ويو هوس ان تي اڃان ڪنٽرول نه پئي ڪري سگهيس ۽ هي ايئن نارمل ٿيو پيو ڳالھائي ڄڻ ڄائو نپنو ئي هتي هجي. نيٺ چيو مانس: ”يار اسان پيا سمنڊ تي بڇڙا ٿيون ۽ تون ويٺو هتي ’ڪجهه توراريو ڪجهه چورايو‘ ڪرين. مون ته سمجهيو ته وڌيڪ پڙهندين يا سرڪاري نوڪري ڪندين؟“
ڀاڪر پائي چيائين: ”مٺا! پڙهڻ الڳ شيءِ آهي ۽ پورهيو الڳ. جيڪي پئسا هئا ان جي ٽڪيٽ وٺي مھينو اڳ هتي پھتو آهيان. موڊ ٿيو ته کڻي وڌيڪ پڙهندس في الحال هن دڪان ۾ روز جي حساب سان جاب ملي ويو اٿم“.
انھن ڏينھن ۾ ٻي ملڪ ۾ وڃڻ ايترو ڏکيو نه هو. رڳو پاسپورٽ ٺھرائڻو پوندو هو. ڪيترن ملڪن جي ته ويزا جي به ضرورت نه هوندي هئي. يا وڌ ۾ وڌ ان ملڪ جي ايئرپورٽ تي پھچي پوءِ ٺپو هڻائڻو پوندو هو. سستائيون هيون. انگلنڊ توڙي يورپ جي ملڪن ۾ نوڪريون ۽ ڌنڌا (Jobs) سولائي سان ملي ويا ٿي. آمريڪا (USA) ۾ اڃان به بھتر حالتون هيون. اسان جو جھاز هفتو کن لنڊن ۾ هو. موڪل مھل لطيف اسان وٽ هليو ايندو هو يا آئون هن وٽ پھچي ويندو هوس. لنڊن بعد لورپول ۽ ٻين بندرگاهن بعد اسان جو جھاز ڪراچيءَ موٽيو. ست اٺ مھينن بعد جھاز وري لنڊن آيو پر لطيف نظر نه آيو. ڪنھن چيو اسڪاٽلينڊ هليو ويو آهي، ڪنھن چيو جرمني ۾ آهي ڪنھن چيو واپس ڪراچيءَ هليو ويو. اسان جي جھاز به ان بعد انگلينڊ يورپ پاسي وڃڻ ڇڏي ڏنو. جپان، هانگ ڪانگ، ڪوريا پاسي گهڻو وڃڻ ٿيندو هو يا ڪڏهن ڪڏهن آفريڪا جي ملڪن ۾. ٻن اڍائي سالن بعد اسان کي جھاز کي ڪئناڊا وٺي وڃڻو پيو. اتان پوءِ نيويارڪ آياسين. گهڻو اڳ نيويارڪ اچبو هو ته ٽنڊي قيصر جي نور احمد نظاماڻي ۽ جهڏي جي مير مبارڪ ٽالپر سان ملاقات ٿيندي هئي. هاڻ هو آمريڪا کي ڇڏي ڳوٺ وڃي رهيا هئا. يوسف ڏاهريءَ جي به خبرپيئي ته ڪجهه مھينن لاءِ ٽنڊو جان محمد ويو آهي. اهي سڀ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ کان پنج ڇهه گهٽيون اورتي هڪ سئو هڪ گهٽي تي هڪ فليٽ ۾ سالن کان رهيا ٿي. آخري سالن ۾ عبدالرزاق شيخ ۽ سليم شاهه (اي ڪي لوڌيءَ جو ڀيڻويو ۽ ليکڪ طارق اشرف جو مائٽ) حيدرآباد کان آيا هئا ۽ دڪان کوليا هئائون. آئون سليم شاهه سان ملڻ ويس جيئن هن وٽان ڪجهه “سھڻي” رسالا کڻي اچان. سليم ۽ سندس گهر واري ادي پروين دڪان تي ئي هئا. منجهند جو وقت هو سو ماني کائڻ لاءِ مون کي به چيائون. هٿ ڌوئي ٽفن کوليون ته صبح جو گهران آندل سئنڊوچون ٺھن ئي ڪونه. سليم کلي پيو ته ڪجهه ڪاوڙ به پئي آيس ته ڪير کائي ويو. ڪم واري شيديءَ ٻڌايس ته صبح جنھن دوست کي ٿوري دير وهاري ويو هئين اهو ان مان ڪجهه کائي ٻيون کڻي ويو. سليم ٽھڪ ڏئي چيو: “يار هن لطيف انصاريءَ اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي.”
”لطيف انصاري؟“ مون کي لڳو ته اهو ڪٿي اسان وارو نه هجي. ”ادا سليم! اهو ڪٿي جو آهي. هالا جو ته نه آهي؟“.
”ها. ها. هالا وارو اهو ڊگهو.“ سليم کلندي چيو.
مون ساڻس ملڻ لاءِ سليم کي چيو.
”هنن ٻن ڏينھن ۾ ته ساڻس ملڻ مشڪل آهي. هينئر هو اسان کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي سئو ميل پري پھچي چڪو هوندو.“
سليم ٻڌايو ته هو ٻن سالن کان هتي نيويارڪ ۾ انور شيخ (عبدالمجيد سنڌيءَ جي وڏي پٽ) سان گڏ رهي ٿو ۽ هڪ بوتيڪ شاپ ۾ سيلز مئن ٿي ڪم ڪري ٿو. مالڪن کيس هڪ وڏي گاڏي وٺي ڏني آهي. هتان ڪپڙن جا نمونا (سئمپل) کڻي آمريڪا جي مختلف شھرن ۾ وڃي ٿو ۽ اتان آرڊر بڪ ڪرائي ٿو. آئون لطيف لاءِ نياپو ڇڏي جھاز تي پھتس. ٽئي يا چوٿين ڏينھن لطيف مينھن واچ ڪندو جھاز تي پھتو. خوش خير عافيت بعد ٻڌايائين ته لنڊن ۾ ڪجهه عرصو ڪم ڪرڻ بعد برگر کائڻ واري هڪ فرينچ همراهه کيس پنھنجي دڪان تي ڪم ڪرڻ لاءِ پئرس وٺي ويو، جتي JUJUBI CO نالي هڪ بوتيڪ شاپ تي هن پنج مھينا کن پئرس ۾ ڪم ڪري پوءِ ان ئي دڪان جي هن برانچ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هن کي نيويارڪ موڪليو ويو جتي ٻن اڍائي سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي.
ان بعد نيويارڪ منھنجو وري اچڻ ٿيو پر لطيف سان ملاقات نه ٿي سگهي جو هو پراڻي ڪمپني ڇڏي ٻيءَ ۾ هليو ويو هو. دوستن کان خبر پئي ته هو ٻيا به ٻه سال کن آمريڪا ۾ رهيو ان ۾ ڪڏهن J.C.Penny وارن وٽ ڪم ڪيائين ته ڪڏهن Sears Robbk جن جي ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾. آخري سال ته Burdines جھري ناليري فرم جو به سيلز مئن ٿي رهيو. بھرحال پنج سال کن يڪا آمريڪا ۾ رهڻ بعد جڏهن ڳوٺ آيو ته منھنجي ساڻس ملاقات ٿي. انھن ڏينھن ۾ سنڌ جو وزير تعليم پيار علي الانا هو. مون کي خبر پئي ته هو الانا صاحب جو سيڪريٽري ٿيو آهي. نيويارڪ ۾ جڏهن ساڻس ملاقات ٿي هئي تڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب به اتي آيل هو ۽ اها خبر پئي هئي ته آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه ذهين شاگردن کي ڀٽي صاحب پاڪستان اچي نوڪري ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڀٽي صاحب اقبال آخوند جي معرفت (جيڪو انھن ڏينھن ۾ يونائيٽيڊ نئشنس UNO جو سفير هو) لطيف کي به آڇ ڏني هئي پر هي تن ڏينهن ۾ موٽڻ بدران ڪجهه دير سان موٽيو.
آئون انھن ڏينھن ۾ مھينو کن پاڪستان ۾ هوس. ڳوٺ جي پنھنجن توڙي ڌارين ماڻھن واتان لطيف جي ڏاڍي تعريف ٻڌم ته هو هر غريب غربي ۽ ضرورتمند جي بنا ڪنھن لالچ جي مدد ڪري ٿو. هڪ دوست کي چيم ته لطيف کي ماڻھو ڏاڍيون دعائون ٿا ڏين ۽ تعريف ٿا ڪن.
”جتي ماڻھو هن کي پسند ڪن ٿا“، هن ٻڌايو،”اتي هن جي مشھور ٿيڻ ۾ ڪجهه سڙن به ٿا ۽ لڳي ٿو ته هن کي تعليم کاتي ۾ ڪم ڪرڻ نه ڏيندا“.
۽ واقعي ٿيو به ائين. لطيف جي به دل ڀڄي پئي ۽ ان نوڪريءَ کي الوداع چئي اچي ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن ۾ آفيسر ٿيو جيڪا پوءِ نئشنلائيز ٿيڻ بعد ڪاٽن ٽريڊنگ ڪارپوريشن ٿي.
پر ان ڪاٽن ايڪسپورٽ ۾ اچڻ کان اڳ هو سال ٻه سعودي عرب جي شھر دمام، الخبر ۽ دهران وغيره ۾ به رهيو.اتي به منھنجي ساڻس اوچتي ملاقات ٿي. اسان جو جھاز سعودي عرب وارن لاءِ آمريڪا کان موٽر ڪارون کڻي سعودي عرب جي اتراهين بندرگاهه دمام ۾ لنگر انداز ٿيو. اتي جي ڀر واري شھر الخبر ۾ اسان جو هڪ ڳوٺائي ۽ مون کان سال سينئر (عبداللطيف انصاري جو ڪلاس ميٽ) ڊاڪٽر محمد يوسف ابڙو ”ڪنگ فھد ميڊيڪل ڪاليج“ ۾ پروفيسر هو، ان کي مون دمام پھچڻ جو اطلاع موڪليو هو. جھاز جي دمام پھچڻ تي ٻئي ڏينھن منجهند ڌاري مون کي جھاز تي اطلاع مليو ته منھنجو ڪو مھمان بندرگاهه جي گيٽ تي انتظار ڪري رهيو آهي. ان کي جھاز تي وٺي اچڻ لاءِ مون کي گيٽ تائين وڃڻو پوندو. آئون يڪدم تيار ٿي گيٽ ڏي روانو ٿيس. پڪ هيم ته ڊاڪٽر يوسف ابڙو ئي هوندو، جنھن کي خط لکي پنھنجي اچڻ جو پروگرام ٻڌايو هوم. گيٽ تي پھچي کڻي ڏسان ته ڊاڪٽر يوسف بدران عبداللطيف انصاري بيٺو آهي.
”تون هتي ڪيئن؟“ مون وائڙو ٿي پڇيو مانس.
”چڱو چڱو هاڻ گهڻو ئي ٿيو،“ لطيف ڪجهه ڪاوڙ جو اظھار ڪيو،”ٻين کي خط لکندي اهو ڪو خيال ٿيئي ته آئون به هتي آهيان. انھي ڪري آئون ته توسان ملڻ آيس ئي ڪونه ٿي، پر ڊاڪٽر يوسف جيڪو موڪل تي ڳوٺ ويو آهي، ڳوٺ وڃڻ وقت مون کي قسم وجهي ويو هو، تڏهن توسان ملڻ آيو آهيان.“
”يار! هاڻ ٿڌو ٿي مون کي ڪھڙي خبر ته تون هتان اچي نڪتو آهين“.
مون کيس سرچائڻ جي ڪئي ۽ واقعي اها مون لاءِ News هئي بلڪه Surprise ته لطيف جھڙو آزاد خيالن وارو ماڻھو عربن جي هن ٻوساٽيل ماحول ۾ اچي نڪتو آهي. يعني هي اڄ جا عرب جيڪي گورن يورپين اڳيان ته سائين سائين ڪن ٿا باقي اسان جھڙن کي غلام سمجهن ٿا.
بھرحال اسان جو لطيف سعودي عرب ۾ ڪجهه عرصو رهي پوءِ ئي ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن م آيو هو.
ان بعد منھنجي عبداللطيف سان ڪافي عرصو ملاقات نه ٿي هئي سو هي انتساب لکڻ لاءِ رات فون ڪري پڇيومانس ته ڪاٽن ٽريڊنگ ڪارپوريشن بعد پوءِ ڇا ٿيو.
”پوءِ لڳو مارشل لا ۽ مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون.“ لطيف ٺهه پهه جواب ڏنو.
”پوءِ تو ڇا ڪيو؟“
”پوءِ بس ڪارو ڪوٽ کڻي پاتوسين“.
”ڇا مطلب؟“ مون سندس ڳالهه نه سمجهي.
”صفا ڪو ڍڳو آهين“، لطيف ڪجهه بيزاريءَ مان ڪجهه چرچي مان چيو،”ڪاري ڪوٽ جو مطلب نٿو سمجهين؟ وڪيل ٿيس، ڀائو وڪيل ٿيس. سمجهئه؟ پھرين جنوري 1978ع کان پرئڪٽس شروع ڪيم. پھرين سيپٽمبر 1980ع تي هاءِ ڪورٽ جو ائڊووڪيٽ ٿيس ۽ 21 مارچ 1998ع کان سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهيان“.
اسان جو لطيف وڪالت وارا شروع جا سال حيدرآباد سنڌ گورنمينٽ لا ڪاليج جو ڏهاڪو کن سال پروفيسر به ٿي رهيو. عبداللطيف 1990ع کان 1997ع تائين اسسٽنٽ ائڊووڪيٽ جنرل سنڌ به ٿي رهيو. ان جي به مون کي اوچتو خبر پيئي. 1994ع ۾ سئيڊن مان موٽڻ بعد آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي اليڪشن هلي رهي هئي، جنھن جو آئون به لائيف ميمبر آهيان. ووٽ ڏيڻ لاءِ اندر هال ۾ وڃان ته لطيف ڪمپليٽ سوٽ ۾ بيٺو آهي. ”ڪر خبر تون به آرٽس ڪائونسل جو ميمبر آهين؟“ مون حيرت مان پڇيو مانس.
” آئون ميمبر نه آهيان، پر حڪومت سنڌ طرفان توهان جي هيءَ اليڪشن جي نظرداري ڪرڻ آيو آهيان“.
اها حقيقت هئي ته اسان جي هن اليڪشن تي ڦڏو هلڻ ڪري هر هر ڪئنسل ٿي رهي هئي. سندس ڀر ۾ ٻه پوليس وارا با ادب بيٺل ڏسي پڇيومانس ٿي ته پوليس جو ڪو آفيسر ٿي ويو آهين. پر ان کان اڳ منھنجي ڀر ۾ بيٺل ٽي ويءَ جي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ چيو : ”سائين اسسٽنٽ ائڊووڪيٽ جنرل سنڌ آهي“.
لطيف پنھنجي ان نوڪريءَ دوران چارئي هاءِ ڪورٽون ۽ سنڌ سروس ٽربيونل هلايو. ان سان گڏو گڏ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل جي سلسلي ۾ جيڪو حڪومت پاران انڪوائري ٽربيونل مقرر ڪيو ويو هو، جنھن جو سربراهه سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس ناصر اسلم زاهد ۽ هاءِ ڪورٽ جا جج: جسٽس امان الله عباسي ۽ جسٽس ڊاڪٽر غوث محمد سنڌ هئا، تن جي مدد لاءِ عبداللطيف انصاري کي مقرر ڪيو ويو هو ۽ ٽربيونل پنھنجي رپورٽ ۾ اهليت، قابليت ۽ ٽربيونل جي قانوني مدد لاءِ هن کي خصوصي طرح ساراهيو هو.
عبداللطيف جون مٿيون ڳالهيون لکندي هڪ ڳالهه رهجي وئي. هالا جو اسڪول ڇڏي آئون پيٽارو آيس جتي مئٽرڪ ڪلاس ۾ اسان کي ريل رستي لاهور، امرتسر، دهلي، ڪلڪتي ۽ ڍاڪا بعد چٽگانگ وٺي آيا، جتي اسڪائوٽنگ جي جمھوري هئي. اتي پھچي ڏسان ته عبداللطيف موجود هو. هن ٻڌايو ته منھنجي هالا ڇڏڻ بعد هن نواب شاهه جي اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي جي شاگردن سان گڏ هو ڪراچي کان پاڻي واري جھاز رستي ڪولمبو کان ٿي هتي چٽگانگ پھتو آهي.
لطيف هاڻ ڪراچيءَ ۾ رهي وڪالت ڪري ٿو. گهٽ ۾ گهٽ هن وقت هن اهو ئي سوچيو آهي، پر مون کي ڪيئن يقين اچي. عمر جي لحاظ کان کڻي هو اڄ پنجونجاهه سالن جو ٿيو آهي پر سندس دل اها ئي جوان آهي، طبيعت اهائي البيلي آهي. ڳالھائڻ جو اسٽائيل اهو ئي خوش مزاجي وارو آهي. اسان ته اهو ئي چاهيون ٿا ته هاڻ هو هتي ئي هجي. يعني انھيءَ ئي جاب (وڪالت) ۾ هجي پر هن جي ماضيءَ جو رڪارڊ توهان خود ڏسي رهيا آهيو، ته اهڙو رهيو اٿس جو ڪنھن وقت به ڪيڏانهن به وڃي سگهي ٿو ۽ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
باءِ دي وي عبداللطيف جي ڄم جي تاريخ 7 جنوري 1943ع آهي.

الطاف شيخ
2 سيپٽمبر 1998ع
ڪراچي.

مھاڳ

الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ گهڻو لکڻ/ ڇپجڻ/ پڙهجڻ وارو ليکڪ آهي، پر اهي ٽيئي نقطا ڪنھن به ليکڪ جي مڃتا لاءِ کوڙ ته ناهن. تڏهن الطاف کي (يا سندس سفرنامن کي) تنقيدي نگاهه کان پرکڻ بنا ڪجهه نه ڪجهه لکي ڇڏڻ، آئون سمجهان ٿي ته هاڻ هن اسٽيج تي الطاف لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.
اِها مڃتا پنھنجي جاءِ تي اٽل آهي ته هو سنڌيءَ ۾ سفرنامن کي اوج ڏيڻ وارو اڪيلو ليکڪ آهي، جنھن سنڌي ادب ۾ سفرنامن واري ڀاڱي کي ڀرپور نموني نڀايو آهي. سفرنامو پڻ ادب جي اهم صنف ٿئي ٿو. سفرنامي جو ليکڪ پڻ لکڻ سمي تخليقي ڪيفيتن مان لنگهي ٿو. سڀ ڪجهه ٻاهر جو منظر نه هوندو آهي. انيڪ انيڪ منظر ليکڪ جي اندر جا هوندا آهن. الطاف انھن ٻنھي منظرن جي وچ ۾ سنھڙو پڙدو ٽنگي ڇڏيو آهي، ڄڻ پڙهندڙن لاءِ ان پردي کي برداشت ڪرڻ ڏاڍو اوکو ٿي پيو آهي.
سفرنامو، ڪنھن به ملڪ جي محض جاگرافي/ هسٽري/ سماجي جوڙجڪ/ ماڻھن جو مزاج ڄاڻائڻ جو ته نانءُ نٿو ٿي سگهي. سفر ڪندڙ ليکڪ ان سموري پنڌ ۾ پنھنجي حوالي سان جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو، جيڪي ڪجهه هن جي تجربي ۾ اچي ٿو، ان کي وڌيڪ اهميت آهي. الطاف پاڻ کي (سفرنامن ۾) ملڪن جي جاگرافي /هسٽري / سماجي جوڙجڪ / ماڻهن جو مزاج ڄاڻائڻ واري دائري ۾ ڄڻ قيد ڪري رکيو آهي. هڪ ذهين پڙهندڙ کي اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿئي ٿي ته الطاف سموري سفرنامي ۾ (يا سموري سفر ۾!!؟) پاڻ کي ڪنھن ڪنواري ڇوڪريءَ جيان لوڪ نھار کان بچائي بچائي هلي ٿو. ايئن ڄڻ هو پنھنجي ليکڪ جي بولڊنيس جو ڳلو گهٽي ٿو ڇڏي.
هن وشال پرٿويءَ تي سڀ ڪجهه ساڳيو ۽ ورجايل آهي. نواڻ ماڻھوءَ جي اندر جي ڪيفيتن مان ماڻھوءَ جي ذاتي تجربن مان جنم وٺي ٿي. الطاف پنھنجي اندر جي ڪيفيتن کي ضرور ظاهر ڪري ٿو پر هڪ مبلغ انداز ۾ ۽ ذاتي تجربن جي اظھار کان ڄڻ هو لنوائي وڃي ٿو. نتيجي ۾ الطاف جا سفرناما هاڻ / هن اسٽيج تي ورجاءُ جو شڪار ٿيڻ لڳا آهن. هو منھنجو ساگر، منھنجو ساحل، ۽ شروع وارن ڪجهه ٻين سفرنامن ۾ جيترو سچو ۽ کرو نظر اچي ٿو، اڳتي هلي هوريان هوريان سندس سفرنامن مان اها سندرتا گهٽبي محسوس ٿئي ٿي. هاڻ هو ڄڻ پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ گهمائڻ، پنھنجن تجربن ۽ ڪيفيتن ۾ شريڪ ڪرڻ بدران، گهڻي ڀاڱي معلومات فراهم ڪري ٿو ۽ ساڻ اهو احساس پڻ ڏياريندو هلي ٿو ته اسان ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪيترا ڄٽ/ گهٽ/ پوئتي پيل آهيون. آئون سمجهان ٿي ته اهڙا ڀاوَ پڙهندڙن تي مڙهڻ بدران بھتر ٿيندو ته اهو پڙهندڙن تي ڇڏڻ گهرجي ته هو پاڻ اِهو سڀ محسوس ڪري ۽ ظاهر آهي ته محسوس ڪندو به.
ڪنھن به لکڻيءَ ۾ جڏهن ليکڪ جي شعوري ڪوشش جو هٿ وڌي وڃي ٿو، تڏهن اها لکڻي پنھنجي اصلي سندرتا وڃائي ويھي ٿي. زندگيءَ ۾ (ساڳي ريت سفر ۾ به) جيڪي ڪجهه اسان جي نيڻن اڳيان لنگهندو آهي يا اسان سان ٿي گذرندو آهي اهو سڀ پاڻھي ٿي ويندو آهي/ ٿيندو رهندو آهي_ بنا ڪنھن ڪوشش جي، بنا اسان جي چاهڻ جي. اهو سڀ قطعي اسان جي سوچ/ راءِ / نظريئي جي حوالي سان ناهي ٿيندو. هر اهو منظر جنھن کي بيان پيو ڪجي، جيڪڏهن اُن بيان ۾ اسان جي ذاتي راءِ/ سوچ/ نظريو/ ڪامپليڪس وڌيڪ جاءِ والاري وڃي ته اهو منظر اڀري نه سگهندو ۽ اها صورتحال سفرنامي/ سفرنامي لکندڙ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي. ان جي حوالي سان هڪ ڳالهه: سنڌي ادب جي پوئتي پوڻ جا جتي انيڪ ٻيا ڪارڻ آهن، اتي هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته اسان جو ليکڪ سماجي/ سياسي پابندين/ لوڪ جي گهور / کنيل آڱرين/ سياسي حالتن اڳيان سدائين بيوس پي رهيو آهي. لکڻ سمي هزارين اسٽاپ هن جي تخليقي رستي ۾ ايندا آهن. نتيجي ۾ اهو سڀ چئي نه سگهندو آهي، جيڪو چوڻ چاهيندو آهي/ جيڪي کيس چوڻ گهرجي. تڏهن اهو دٻيل / گهٽيل اظهار سنڌي ادب کي هڪ ئي نقطي تي بيھاري ڇڏيندو آهي. آئون چئي نٿي سگهان ته الطاف جي اوچتي محتاط ٿي وڃڻ ۽ منجهيل / دٻيل اظھار جا ڪھڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، پر آئون ايترو ضرور چوڻ چاهينديس ته ان ورتاءُ سان الطاف اُسرڻ بدران اندر جي ذھين ليکڪ کي ماري ڇڏيندو. هڪ ڳالهه شروع ٿيڻ کانپوءِ وچ ۾ انيڪ معنيٰ / بي معنيٰ ڳالهيون اچي وينديون آهن. ڳالهه جو سلسلو گهڻو اڳتي هلي جڙندو آهي. جتي به ڇوڪرين جي، نائٽ ڪلبن جي، ڪنھن ٻي اهڙي تفريح جي ڳالهه نڪرندي آهي ته هو ٻين جي حوالي سان اها ڳالهه ڪندو آهي. ڄڻ پاڻ اتي هو ئي ڪونه يا ان جو ڪو به حصو ڪونه هو. اهو ورتاءُ هن جي اڳوڻڪن سفرنامن ۾ نظر نٿو اچي. اتي دل چاهيندي آهي ته هو اسان سان پنھنجي ذاتي تجربن ۾ شيئر ڪري ننڍڙيون ننڍڙيون سندر-اَسندر ڳالھيون/ تجربا، جن ۾ انڊلٺ جا ست رنگ هجن. جن مان گلاب جي خوشبوءِ اچي_ جن ۾ زهر جھڙي ڪڙاڻ به هجي. جيڪي ٿوهر وانگر تن /من ۾ چڀندڙ به هجن. پر الطاف ڪنھن ڪامياب ڊپلومئٽ جيان پڙهندڙ جو ذهن انيڪ اهڙين ڳالهين ۾ منجهائي ٿو ڇڏي، جيڪي بي معنيٰ هونديون آهن. اهو سڀ مون الطاف جي هاڻوڪن (ويجهڙائيءَ ۾ آيل) سفرنامن جي حوالي سان چوڻ پي چاهيو. انھن مڙني ڳالهين جو ڪارڻ ڇا آهي. ذهني پابنديون نٿيون ٿي سگهن. جيڪي الطاف/ هر سنڌي ليکڪ پنھنجي مٿان مڙهيون آهن. سفرنامي ۾، لکندڙ جو پنھنجي شخصي Involvement ۾ ئي سڀ ڪجهه / گهڻو ڪجهه آهي. هن دور ۾ جڏهن سائنس فاصلا گهٽائي ڇڏيا آهن، تڏهن نه رڳو هڪ سڄاڻ پڙهندڙ پر عام ماڻھو پڻ گهڻي حد تائين ملڪن جي باري ۾ ڄاڻ رکي ٿو. هونءَ به سموري ڄاڻ جو بار سفرنامي مٿان مڙهي نٿو سگهجي. ايئن سفرنامو نه رڳو هڪ معلوماتي ڪتاب بڻجي ويندو (۽ آئون سمجهان ٿي ته معلوماتي ڪتاب ۽ سفرنامي ۾ گهڻو فرق ٿئي ٿو). الطاف هيڪر وري جيڪڏهن هو اڃا به سفرناما لکڻ چاهي ٿو ته ... هن کي اڃا لکڻ به گهرجن. سنڌي ادب ۾ سفرنامي وارو ڀاڱو هن هڪڙي جي وجود سان جيئرو آهي، ته هن کي اوترو سچو /کرو رهڻو پوندو، جيترو هو منھنجو ساگر، منھنجو ساحل ۾ آهي. بھرحال اهو سڀ چوڻ جو مقصد الطاف جي ذهين ليکڪ کي رد ڪرڻ مور ڪينھي. الطاف_ جتي اسان کي انيڪ سفرناما ڏنا آهن، اتي اسان هن جي ذهين ليکڪ کي قطعي رد نٿا ڪري سگهون. الطاف ڪنھن فوٽو گرافي جيان جيڪي ڪجهه ڏيکاري ٿو، اهو جئين جو تيئن نيڻن اڳيان ائين ڦھلجي ويندو آهي، ڄڻ سئنيما جي بند هال ۾ اسڪرين تي ڏسي رهيا هجون. اها ڏسڻ واري ئي ڪيفيت آهي، جيڪا پڙهندڙن کي الطاف جو سمورو سفرنامو پڙهي پورو ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. هن وٽ لکڻ لاءِ به اها عام فھم سنڌي ٻولي آهي، جيڪا اسين گهرن ۾ / عام زندگي ۾ ڳالھايون ٿا. الطاف کي ڳالهه لکڻ کان وڌيڪ ڳالهه ٻڌائڻ جو ڍنگ آهي. اها ئي الطاف جي / هر سفرنامو لکندڙ جي وڏي خوبي ليکي سگهجي ٿي. ساڳي وقت الطاف وٽ observation ڪرڻ وارو ذهن آهي. هو ڪائنات جي هر منظر کي ڄڻ آرپار ڏسڻ ٿو چاهي. ۽ ان آر ۽ پار جي وچ واري وٿيءَ ۾ جيڪي ڪجهه آهي، اهو نه رڳو هو پاڻ محسوس ڪرڻ چاهي ٿو پر ٻين کي به محسوس ڪرائڻ چاهي ٿو. جيتوڻيڪ سندس شعوري ڪوشش کيس دائرن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن به سندس سفرنامو پڙهندي انيڪ ڀيرا محسوس ٿيندو آهي ته هن جو ذهن بھرحال سوچ ۽ سمجهه جو وسيع ڪينواس آهي. الطاف هڪ اسٽائلش ليکڪ آهي. هن جو لکڻ ۾ پنھنجو هڪ جاندار انداز آهي. مون ڪڏهن به هن جي لکڻيءَ ۾ ڪنھن ٻي جو رنگ ڍنگ نه ڏٺو ۽ نه ئي هو ڪو اوپرو انداز پنھنجي مٿان مڙهي ٿو. هڪ ڳالهه جيڪا مون کي ڏاڍي اهم لڳندي آهي ته هو پاڪستان جي انيڪ ٻين سفرناما لکندڙن جيان هٿ گهڙيون رومانوي ڪھاڻيون پنھنجي ذات سان وابسته ناهي ڪندو. جن کي پڙهندي ئي پڙهندڙ ان جي پس منظر ۾ لڪل ڪوڙ پرکي وٺندو آهي. الطاف جي ڳالهه لکڻ / ٻڌائڻ جي انداز ۾ (جتي به هو معلومات فراهم ڪرڻ ناهي چاهيندو) بي ساختگي آهي. هو اڪثر پڙهندڙ کي ڄڻ مرڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي. الطاف هر سنڌيءَ جيان من ۾ ساڻيھه جي سڪ سانڍي پيو هلندو آهي. ان جو احساس الطاف جي سفرنامن ۾ انيڪ جاين تي ٿيندو آهي، جڏهن هو ترقي ڪيل ملڪن ۾ گهمندي، سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺن / شھرن کي ياد ڪندوآهي. ائين سندس سفر نامو پڙهڻ سمي پڙهندڙن جي پيرن هيٺان پنھنجي ڌرتي ڪڏهن به ڪانه کسڪندي آهي. اهو احساس مون کي الطاف جي سفرنامن ۾ هڪ ٻي ڳالهه جي ڪري به ٿيندو آهي. اسان سنڌين جو ڪچھري ڪرڻ جو هڪ پنھنجو انداز آهي، جنھن ۾ ڪو به خول ڪا به ڌاريائپ، ڪو به جڙتو وايو منڊل نه هوندو آهي.
بھرحال الطاف شيخ اسان جو اهو ذهين ليکڪ آهي، جنھن وٽ سوچ جو اهو وسيع ڪينواس آهي، جنھن تي سنڌي ادب جي سفرنامي وارو ڀاڱو پوريءَ سندرتاسان چٽيل آهي، ان ڪري الطاف ۽ سندس سفرنامن کي بھرحال سنڌي ادب ۾ پنھنجو اهم مقام آهي.

نورالهدا شاهه
ڪراچي_ جون 1982ع

بِديشِي مانوس

چٽگانگ شھر جي هڪ سوڙهي گهٽي_ ڪرسچنن جي اسڪول سينٽ پلاسڊ ڀرسان گهٽيءَ جي ٻنھي پاسي ٺھيل ڪچن پڪن گهرن مان هڪ منھنجي بنگالي ڪلاسميٽ جو ڌڪين وارو گهر.
هيءَ گهٽي ۽ گهر مون لاءِ ڪو نئون ناهي. چٽگانگ ۾ تعليم وارن ڏينھن توڙي ان کانپوءِ به ڪيترن سالن تائين جيستائين اهو مشرقي پاڪستان هو منھنجو هتي اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو. پوءِ 1971ع بعد چٽگانگ ”مشرقي پاڪستان“ جو شھر سڏرائڻ بدران ”بنگلاديش“ جو سڏرائڻ لڳو ۽ هيڏانهن اچڻ جون واٽون اسان لاءِ ڄڻ ته بند ٿي ويون.
اڄ ڪيترن سالن بعد، 1981ع ۾، منھنجو هيڏانھن اچڻ ٿيو آهي. اسان جي ملڪ جو جھاز هاڻي هن نئين نالي بنگلاديش سان سڏرائڻ واري ملڪ لاءِ ڪجهه ڪارگو کڻي آيو آهي. ملڪ جو نالو کڻي نئون ٿي ويو آهي، پر ان جي ڌرتي ۽ ماڻھو اڄ به مون کي ساڳيا لڳي رهيا آهن. منھنجي دل ۾ اڄ به هتي جي ڌرتي ۽ ماڻھن لاءِ ساڳيو پيار ۽ موهه آهي، جيڪو مئرين انجنيئرنگ جي تعليم وٺڻ وارن ڏينھن ۾ هتي رهائش دوران هو. اسان جي ڪلاس روم ۾ اڌ کان وڌيڪ بنگالي هئا، جن کان آئون بنگالي سکيس. جن جي ڏورانھن ڳوٺن ۾ ساڻن گڏ موڪلون گذاريم. ۽ شھر چٽگانگ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي، جتي اسان جي مئرين اڪيڊمي هئي. پنھنجي ڳوٺ هالا ۽ حيدرآباد کان وڌيڪ هن شهر چٽگانگ جي گهٽين ۽ ماڻھن کان واقف هوس.
چٽگانگ بندرگاهه ۾، اسان جي جھاز جي لنگر انداز ٿيڻ تي، پاسپورٽ هٿ ۾ کڻي بندرگاهه کان ٻاهر نڪتس. رستي تان هڪ خالي رڪشا کي سڏ ڪري پنھنجي گهاٽي بنگالي دوست جي گهر ڏي هلڻ لاءِ چيم.
دوست جي گهر جي اڳيان، در وٽ ڪجهه پاڙي جا ٻار ناليءَ جي ڪپر تي بلورن راند کيڏي رهيا هئا. آئون رڪشا مان لھي پنھنجي بنگالي دوست جي گهر جو بيل بٽڻ دٻايان ٿو. اڌ اگهاڙا ٻار راند ڇڏي منھنجي چوڌاري اچي بيھن ٿا. وائڙن وانگر منھنجي ڊگهي قد ۽ شلوار قميص کي ڏسن ٿا. لائيٽ بند آهي. بيل بدران در تي ڪڙو هڻان ٿو. اندران دوست جي ماءُ دانھن ڪري وڇي ٿي: ”باهرَي ڪِي آڇَي؟“ (ٻاهر ڪير آهي)
آئون به کيس رڙ ڪري خوشيءَ مان چوڻوارو هوس ته آءٌ ئي ته آهيان تنھنجي پٽ جو ڪلاس ميٽ ۽ دوست جنھن کي تو هميشه پنھنجي سڳي پٽ وانگر ڀانئيو ٿي. پر منھنجي ڪڇڻ کان اڳ، منھنجي چوڌاري بيٺل گهٽيءَ جا ٻار جواب ڏين ٿا:
“بديشي مانوس!”
(ڌاريو ماڻھو! ٻئي ديش جو رهواسي!)
مون کي اهو ٻڌي ڏک ٿئي ٿو. ڪجهه نٿو ڪڇان. ٻارن ڏي نھاريان ٿو. هو ڏهه ٻارهن سالن جا مس ٿيندا. هنن کي واقعي ڪھڙي خبر ته اڄ کان ارڙهن سال کن اڳ جڏهن هو اڃا ڄاوا به ڪونه هئا، آئون هن شھر ۾ پڙهندو هوس. هزار کن ميلن جو وچ ۾ فاصلو هجڻ جي باوجود هن ملڪ ۽ منھنجي ملڪ جو نالو ساڳيو هو. هن شھر، هن گهٽيءَ جي، هن در جي ساڳي ڌڪيءَ تي ويھي رات جو دير دير تائين اسان ڪلاس ميٽ ڪچھريون ڪندا هئاسين. سامھون ڪرسچن آنٽيءَ جو گهر هوندو هو، جيڪا رات جو اونداهه ۾ اسان جي اڳيان جڏهن لنگهندي هئي ته کيس ڊيڄارڻ لاءِ اسين ڪتي جي ڀوئنڪار ڪندا هئاسين ۽ هوءَ ڇاتيءَ تي هٿ رکي حضرت عيسيٰ عليه السلام کي ياد ڪندي هئي.
رات جو پوري يارهين وڳي، ڪنڊ ۾ رهندڙ مٺائي وارو عبدل بابا، ريلوي اسٽيشن تي شيون وڪڻي، بچيل مال جو گاڏو گھلي گهر موٽندو هو. اسان کي ڏسي هوڪو ڏيندو هو:
”ڪولا، ناريڪل، مِشٽي!“
(ڪيلو، ناريل، مٺائي)
اسان کانئس ناريل وٺي کائيندا هئاسين. اسان سان گڏ ويٺلن مان هڪ ٻيو بنگالي دوست خنڊڪر_ جيڪو سلھٽ جو آهي، ان گاڏي واري کي ڏسي چوندو هو ته سلهٽ واري گاڏيءَ هاڻ چٽگانگ ڇڏيو هوندو.
چٽگانگ وانگر سلھٽ به سھڻو شھر آهي. جابلو علائقو. چوڌاري چانھه جا باغ ئي باغ. سياري جون موڪلون هڪ دفعو سلھٽ ۾ ئي گذاريون هيونسين. پر چٽگانگ جي ٻي ڳالهه هئي، جو اسان جي مئرين اڪيڊمي اتي هئي ۽ ذري گهٽ موڪل جو هر ڏينھن هن شھر جي رستن ۽ گهٽين ۾ گذرندو هو.
تعليم بعد جھازن تي نوڪري دوران پڻ چٽگانگ اچڻ ٿيندو رهيو. جھاز جو هوم پورٽ نه فقط ڪراچي هو پر چٽگانگ پڻ. دنيا جو ڦيرو ڪري، هر گهمري جھاز چٽگانگ بندرگاهه ۾ اچي لنگر ڪيرايو ٿي. اهو سلسلو هلندو رهيو، هلندو رهيو. پوءِ سياسي چُڪن غلطين ڌرتيءَ تي لينگها ڪڍي ڇڏيا. نفرتن جون ڀتيون اچي ويون. واپار وڙو، ڏيتي ليتي،جھازن جو اچڻ وڃڻ سڀ بند ٿي ويو. ٽئگور ۽ نذر اسلام جي ڌرتيءَ تي موٽڻ بدران يورپ ۽ آمريڪا جي بندرگاهن ۾ اسان جا جھاز ڦرندا رهيا ۽ اڄ سالن پڄاڻا سياسي حالتن جي ڪجهه سڌرڻ تي، واپار وڙو شروع ٿيو آهي. اسان جو جھاز هتي پھتو آهي. ملڪ جو نالو پاڪستان بدران بنگلاديش ٿي ويو آهي، پر انسان ۽ مڪان ساڳيو آهي.
1971ع کان اڳ، هن ڌڪيءَ تي ويھي اسان سوچيو به ڪونه هو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ اسين ”بِديشي مانوس“ (پراوا ماڻھو) سڏرائينداسين. هي اهي ئي ته چٽگانگ جون گهٽيون آهن جن ۾ نه فقط هتي جي بنگالي دوستن سان گڏ ڦرياسين، پر پنھنجن سنڌي، پنجابي ۽ مھاجر دوستن سان گڏ پڻ. ڊاڪٽر نعيم دريشانيءَ سان گڏ سندس چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿيندڙ ساليانيون رانديون ڏسڻ، سندس هاسٽل جي ڪمري 12-B ۾ ويھي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچھري ڪرڻ. هالن جي عبدالغفار انصاري ۽ شڪارپور جي صابر شاهه سان گڏ هن شھر جي سئنيمائن: اجالا، الماس، خورشيد محل ۾ فلمون ڏسڻ ۽ ڊائمنڊ، انجم ۽ اسڪرڊگيءَ جي چيني هوٽلن ۾ ماني کائڻ، مٽيارين جي شاهه سان گڏ چٽگانگ جي ڪورٽ بلڊنگ جي ڀر ۾ ويٺل پان واري دڪان تان سڄي پن جو پان وٺڻ مھل سندس گهگهوءَ واري فوني تي هر وقت وڄندڙ نورجھان جو گٺل رڪارڊ ٻڌڻ ”ميري ڦڙلي بانھان_ اکيان هار گيان هار گيان“. تڏهن ته اسان کي ائين لڳندو هو، ڄڻ اسان ڄاوا نپنا ئي هتي آهيون ۽ هتي جا ئي سڏباسين.
پر اڄ اسان هتي بديشي مانوس ٿي ويا آهيون.
آئون خاموش، ٻڏتَر ۾ آهيان. دوست جي ماءُ هڪ دفعو وري رڙ ڪري پڇي ٿي: ”باهرَي ڪِي آڇَي؟“ پر آئون چُپ آهيان. هميشه وانگر خوشيءَ مان اهو چوڻ بدران ته ”اَمار، الطاف. امي هلام سينئر بندو“ (آئون آهيان الطاف. تنھنجي پٽ جو دوست)، مون کي ماٺ لڳي وڃي ٿي ۽ پنهنجي زبان خشڪ محسوس ڪريان ٿو. ڪجهه چوندي ڏکيو پيو لڳيم! ڇو ٻڏ تَرَ ۾ پئجي ويو آهيان!؟ ڇو اداس محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ Depression ۾ هليو ويوآهيان؟_ شايد ان ڪري جو ڪنھن مون کي بِديشي مانوس (پرايو ٻئي ملڪ جو ماڻھو) سمجهيو؟ ان شخص کي پرايو سڏيو، جنھن هميشه پاڻ کي هن در وٽ پرايو نه، پر پنھنجو سمجهيو. آءٌ ڪير آهيان؟ ڇا آئون واقعي بِديشي مانوس آهيان ... پر پھرين ته آئون ڪڏهن به نه هوس... مون کي ڌاريون بنائڻ وارو يا پرايو هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارو ڇا يحيٰ، ڀٽو، مجيب آهي يا آئون پاڻ؟
آئون هٿ ۾ پاسپورٽ ڏسان ٿو. پنھنجي گهر، گهٽي يا ڳوٺ ۾ ڪو به پاسپورٽ کڻي نه ايندو آهي. آئون پاسپورٽ کي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ وجهي لڪائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
بلاشڪ آءٌ هاڻ ڌاريو آهيان، پر ان هوندي به مون کي هتي جي گهٽي گهٽي، ماڻھو ماڻھوءَ ۽ واقعي واقعي سان اڃا تائين پيار ڇو آهي؟
شايد ان ڪري جو پيار، محبت يا ياد هڪ ڌرتيءَ مثل ناهي، جنھن تي انسان سرحدون ٺاهي سگهي....
چٽگانگ (بنگلاديش) 1981ع

مرحوم ڏاڏي جو علاج

هوسٽن (آمريڪا) کان اسان جو جھاز ڀر واري بندرگاهه “پورٽ آرٿر” لاءِ لنگر کنيو، جتان اسان کي ڪڻڪ کڻڻي هئي. سوڙهي چئنل ۽ تانگهي سمنڊ جي ڪري جھاز کي آٽو (آٽوميٽڪ) تي ڇڙواڳ ڇڏڻ بدران سڄي واٽ هٿ سان (مئنيوئلي) سنڀالي سنڀالي هلائڻو پيو. پنڌ ٿورو هو پر سڄي رات جاڳي پوري ڪئيسين. صبح جو فجر ڌاري پورٽ آرٿر بندرگاهه جون بتيون نظر آيون ۽ اٺين نائين بجي ڌاري جيئن ئي جهاز جيٽيءَ سان ٻڌو ويو ته بندرگاهه طرفان طاقتور اليڪٽرڪ ڦوهارن ذريعي جيٽيءَ تي ڍير ٿيل ڪڻڪ جهاز جي گدامن ۾ ڀرجڻ شروع ٿي ويئي. جهاز جي سڄي ڊيڪ تي ڌوڙ ۽ سنها ڪک اڏامڻ لڳا - جيڪا حالت اسان وٽ ڪڻڪ جي ڳاهجڻ ۽ وارجڻ وقت ٿئي ٿي. جهاز تي ڪڻڪ جي لوڊنگ وقت جيتوڻيڪ اسان کي ڪمرن ۾ اندرئي رهڻ لاءِ چيو ويو.پر اتفاق سان جھاز جو تيل به ان وقت اچي ويو سو ان سلسلي ۾ مونکي ڊيڪ تي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پيئي ۽ ڏينھن جو سمهڻ لاءِ وقت به نه مليو. سج لٿي مھل لنگر کڻي آمريڪا جي ٻئي ڀر واري بندرگاهه ”آءِ ون ڊيل“ لاءِ ٻاهر نڪرڻ بعد کليل ۽ اونهو سمنڊ هجڻ ڪري جھاز کي يڪدم آٽو تي رکي انجڻ روم کي تالو هڻي هر ڪو پنھنجي ڪئبن ۾ ننڊون ڪرڻ لاءِ هليو ويو جو ڏهه ٻارهن ڪلاڪن کانپوءِ صبح ڌاري جھاز نئين منزل تي پھچڻ وارو هو.
ضروري ڪاغذن ۽ لاگ بڪ جو اڪلاءُ ڪري آئون به پنھنجي ڪئبن ۾ آيس. اڃا ستس ئي مس ته محسوس ڪيم ته نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ - وار، سنهو ڪک يا ڪا ڇيت چڀي رهي آهي. ٻاهر ڪڍڻ لاءِ گهڻيئي اوڪارا ڏنم پر ساڳيو حال رهيو. پاڻيءَ جا وڏا وڏا ڍڪ ڀريم ته جيئن اها شيءِ اندر هلي وڃي پر ڪجھه فرق نه پيو. ڳالهه وسارڻ جي ڪوشش ڪري وري ستس پر ساڳي آنڌ مانڌ. ٽپ ڏيئي اٿيس ۽ وڏو وات ڦاڙي آرسيءَ ۾ ڏٺم. ڪجهه به نظر نه آيو.
هڪ ته اوجاڳي ۽ ٿڪ ماندو ڪيو هو، ٻيو وري هن تڪليف منجهائي رکيو. مون جلدي جلدي سمهڻ ٿي چاهيو جو اوجاڳو ڪندي هاڻ اٽڪل چاليهه ڪلاڪ ٿي چڪا هئا ۽ صبح جو ڊيوٽيءَ لاءِ تازو توانو هجڻ لاءِ هينئر ٿوري ننڊ ضروري هئي. پر جيئن ئي اک لڳي ٿي ته نڙيءَ ۾ سُر سُر محسوس ٿِي ٿَي ۽ سجاڳ ٿي پيس ٿي. ان ريت اها رات پڻ جاڳڻو پيو. صبح جو جھاز جيئن ئي ”آءِ ون ڊيل“ بندرگاهه ويجهو ٿيو ته ان جي لوڪل آفيس وارن کي وائرليس ذريعي منھنجي تڪليف بابت ٻڌايو ويو جيئن جهاز بندرگاهه ۾ پهچڻ سان مونکي ڊاڪٽر وٽ وٺي هلن.
اسان جو جھاز شھر کان گهڻو پري ان فئڪٽريءَ ۾ اچي بيٺو، جنهن جو سامان جهاز کي کڻڻو هو. هن هنڌ تان ڪا ويجهي اسپتال يا ٽئڪسي به نه هئي، سو آفيس وارن هڪ ڀر واري شھر جي هڪ اسپتال وارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، تن هڪ ڳري خرچ سان پرائيويٽ وئگنر ڀاڙي تي ڪري جھاز تي موڪلي. مون کي ان وقت پھريون دفعو احساس ٿيو ته چڱو جو انشوئرنس ڪمپني وچ ۾ آهي نه ته آمريڪا ۽ جپان جھڙن مھانگن ملڪن ۾ دوا درمل ڪير ٿو پنھنجي خرچ تي ڪرائي سگهي! اهوئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ جپان ڏي ويندڙ اهي مسافر، سياح يا شاگرد جيڪي مھيني ڏيڍ کان مٿي وڃن ٿا، ڪجهه پئسا ڏيئي پنھنجو پاڻ کي ميڊيڪل انشوئر ڪرائي ڇڏيندا آهن، جيئن پرديس ۾ متان ڪجهه ٿي پوي ته علاج ۽ اسپتال جو خرچ پکو اها انشوئرنس ڪمپني ڪري. ساڳي وقت انشوئرنس ڪمپنيءَ کي فائدو آهي جو ضروري ناهي ته هر هڪ بيمار ٿئي. ڊاڪٽرن کي به نه فقط دل گهريون فيون مليو وڃن پر هو مرض جي ڳولا ۽ علاج پڻ وڏي دل سان چڱيءَ طرح ڪن ٿا.
وئگنر جو آمريڪن ٿلهو شيدي ڊرائيور، رستي تان راڳ ڳائيندو اسپتال ڏي هليو. ڪلاڪ کن جو پنڌ هو. ان وچ ۾ رستي تي نظر ايندڙ ريسٽورنٽن وٽ گاڏي بيھاري ٻه دفعا بيئر پيتائين ۽ ٽي دفعا پيشاب ڪيائين. اسپتال پھچي رسيپشن تي هن منھنجو نالو ۽ پتو لکرايو، ان بعد هڪ ٻي ڪمري ڏي وٺي هليو. اتي جي ڊيوٽي نرس منھنجو يڪدم بلڊ پريشر، تور، ٽيمپريچر وغيره ورتو. کيس ٻڌايم ته مون کي بخار نه پر نڙيءَ ۾ تڪليف آهي، جيڪا جلد ٺيڪ ٿي وڃي ته سٺو.
”پر هي سڀ ڪم روٽين ۾ اچن ٿا. اهي معلوم ڪرڻ بنا ڊاڪٽر تپاس نه ڪندو“. نرس مونکي سمجهايو.
ان بعد ڊرائيور ٻئي ڪمري ۾ ڊاڪٽر وٽ وٺي هليو جيڪو جنرل فزيشن هو. تنھن رڳو سوال جواب ڪري، ڊرائيور کي چٺي لکي ڏني ته هو مون کي ”ڪن، نڪ ۽ ڳلي“ جي ماهر ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃي.
اي اين ٽي اسپيشلسٽ وڏو وات پٽرائي چڱيءَ طرح نڙگهٽ کي جاچيو پر ڪجهه نظر نه آيس. ان هوندي به ايڪسري لاءِ موڪليائين. ايڪسري روم ٿورو پرڀرو هئي، جتي ان ئي وقت فوٽو ڪڍي ٿوري دير بعد ان جي رپورٽ ڊاڪٽر ڏي موڪلي. ڊاڪٽر ٻڌايو ته ايڪسري ۾ به ڪجهه نظر نه پيو اچي.
“پر مون کي ته ڳلي ۾ ايتري سُر سُر محسوس ٿي رهي آهي جو صاف لڳي پيو ته ڪجهه آهي”.
“ٿي سگهي ٿو ته ڪا اهڙي سنهي ڇيت هجي جيڪا ايڪسري ۾ به ظاهر نٿي ٿئي. هونءَ ٿوري ڳاڙهاڻ ۽ سوڄ ضرور آهي.” ڊاڪٽر چيو .
“آئون ان ڪري به پريشان آهيان،” مون ڊاڪٽر کي چيو، “جو جيڪي علاج ٿيڻو هجي سو هنن ٻن ٽن ڏينھن ۾ ٿي وڃي ته سٺو نه ته ان بعد جهاز هڪ دفعو آمريڪا جي ڪناري تان لنگر کنيو ته معنا اسان کي هفتو سوا ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ ۾ لڳندو، جنهن بعد اڳتي آفريڪا جي اولهه ڪناري وارن بندرگاهن ۾ ڪنھن سنئين سبتي ڦڪي سُتيءَ جي به اميد نٿي ڪري سگهجي”.
”چڱو هينئن ڪر جو اڄ رات تائين ڏس، نه ته پوءِ سڀاڻي نيو اورلينس جي وڏي اسپتال ۾ هي ڊرائيور وٺي ويندءِ“. ڊاڪٽر مون کي سمجهايو ۽ پوءِ سندس بل تي مون کان صحيح وٺي اسان کي روانو ڪيو.
گاڏي اسٽارٽ ڪرڻ بعد شيدي ڊرائيور جيڪو سڄو وقت اسپتال جي عمارت ۽ عملي کي گاريون ڏيندو رهيو هو - خاص ڪري ان جي زناني شاخن کي، ان مون کي ڌيرج سان چيو:
”مئن! ڊو دس! (سائين منھنجا! هڪ ڪم ڪريو!) منھنجو مرحوم ڏاڏو چوندو هو ته نڙيءَ ۾ جي ڪنڊو يا ڪوڪو به ڦاسي پوي ته ڊبل روٽيءَ جا ٻاهران سڪل ڪَنا کائجن يا ڪرئڪر بسڪيٽ! هو ڪو ڊاڪٽر نه هو پر هنن چرياڻ ڊاڪٽرن کان وڌيڪ سياڻو هو. تون اهي کائي ڏس.“
آئون چپ.
ڪجهه ميلن بعد پري کان دڪانن جا اشتھار نظر آيا ۽ هن گاڏي اچي هڪ سپر مارڪيٽ وٽ بيھاري. آئون گاڏيءَ ۾ ويٺو رهيس. پاڻ ويو سو پنھنجي لاءِ بيئر جو ٺونٺ جيڏو شيشو ۽ مون لاءِ ڪرئڪر بسڪيٽن جو پڙو وٺي آيو.
”اوڪي مئن! گِو اي ٽراءِ“. هن بسڪيٽن جو پڙو منھنجي حوالي ڪندي کائڻ لاءِ چيو.
بسڪيٽ هٿ ۾ جهلي آئون کلندو رهيس.
صبح جا نڪتل هئاسين، ٻنپھرن جو هڪ اچي ٿيو هو - ساڳي تڪليف ۾ جھاز تائين پھچندي.
وئگنر مان لھي، خرچ جا سمورا بل صحيح ڪري شيدي ڊرائيور کي ڏنم ۽ کانئس مليل ڪرئڪر بسڪيٽ کائيندو جھاز جون ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳس. جھاز جو ”اي“ ڊيڪ چڙهي ”بي“ ڊيڪ تي پھتس. جھاز جا ڪجهه همراهه ٽي وي ڏسي رهيا هئا. ڪي ٽيبل ٽينس کيڏي رهيا هئا. اتان پوءِ مٿي پنھنجي “سي” ڊيڪ تي پھتس ۽ پنھنجي ڪئبن ڏي رخ رکيم. تالو لاهي ڪئبن کوليم. بک ۾ اڌ پڙو بسڪيٽن جو ڏاڪڻيون چڙهندي چَٽ ڪري ورتو هوم. آفيس واري ڪمري مان لنگهندي، ڪنڊ ۾ رکيل فرج مان گلاس پاڻيءَ جو ڀري بيڊ روم واري ڪمري ۾ اچي پيتم.
پر هي ڇا؟
پاڻيءَ جو سڄو گلاس پي ويس پر ڪجهه به محسوس نه ٿيو. نه ته ڍڪ ڍڪ ڀرڻ تي نڙيءَ ۾ ڄڻ رهنڊون ٿي آيون. ڳت ڏيڻ سان جيڪا تڪليف پھرين ٿي رهي هئي، تنھن جو هاڻ نالو نشان به نه هو. خوشي به ٿيم ته تعجب پڻ ته سڄو ڏينھن ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ رلڻ بدران ان شيدي ڊرائيور سان ڳالهه ڪريان ها جنھن جي مرحوم ڏاڏي خبر ناهي ٻين ڪھڙين ڪھڙين بيمارين لاءِ ڪھڙا ڪھڙا سستا ۽ سولا نسخا ۽ ڦڪيون ڦيڻا ٻڌائي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو هو.
نيواورلينس (لوزيانا)؛ آمريڪا 1981ع

ڀاڳ وارا نمبر

هڪ دوست وٽ پنھنجي نمبرن واري بريف ڪيس رکي آيس. ٻئي ڏينھن اچي کڻان ته اها کلي پئي هئي. تعجب مان پڇيو مانس ته ”اها ڪيئن کوليئي؟“ ڇو ته آءٌ نمبر گهمائي ان کي لاڪ ڪري ويو هوس ۽ کيس ان جي ڳجهي نمبر بابت نه ٻڌايو هوم.
کلي وراڻيائين: ”اها ته ڪا خاص ڳالهه آهي ئي ڪانه! پاڻ وٽ پاڪستان ۾ اهڙين بئگن جا اڌ کان وڌيڪ مالڪ بئگ کولڻ جو نمبر 786 رکن ٿا.“
مون سندس عقل کي داد ڏنو.
ابجد جي حساب سان بسم الله جي انگن جو جوڙ ست سئو ڇھاسي ٿئي ٿو. ۽ اهو نمبر مسلمانن وٽ (گهڻو ڪري پاڪستان هندستان جي مسلمانن وٽ) بھتر تصور ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري اهو نمبر گهڻو استعمال ۾ اچي ٿو. ڪي نوجوان جاسوسي فلمن جا شوقين 007 نمبر کي پسند ڪن ته ڪي وري 707 بوئنگ جھاز جو نمبر يا مشھور سگريٽ جو نمبر 555 اهڙين ڳالھين لاءِ رکن. ان کان سواءِ 777 جو انگ پڻ چونڊيو وڃي ٿو جو اسان وٽ پنجن ۽ ستن جو انگ ڀلارو چيو وڃي ٿو.
مٿين ڳالھ ان ڪري نڪتي آهي جو هتي هانگ ڪانگ ۾_جتي چيني ماڻھو گهڻائيءَ ۾ آهن، ڪن انگن کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا ۽ ايتري گهڻيجو سندن مقابلو دنيا جي شايد ئي ڪا ٻي قوم ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو هانگ ڪانگ ۾ موٽر ڪارن لاءِ اهڙا ڀاڳ وارا نمبر ڳرن اگهن تي وڪامن ٿا ۽ انھن سڀاڳن ۽ بخت وارن نمبرن جي قيمت ڪڏهن ڪڏهن ڪار جي قيمت کان به گهڻي ٿي ويندي آهي. خاص ڪري اهو نمبر جنھن ۾ ستن يا اٺن جو انگ اچي . اهڙن نمبرن وارا پاڻ کي وڏي ڳالهه سمجهن ٿا. ۽ اهڙا نمبر حاصل ڪري هو پنھنجو پاڻ کي ۽ ڪار کي هر حادثي کان محفوظ سمجهن ٿا.
گهڻو اڳ تائين ته انھن نمبرن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو وڏا اثر رسوخ ۽ رشوتون آڇيندا هئا. پوءِ 1973ع کان هانگ ڪانگ جي حڪومت اهڙن نمبرن جو کلئي عام نيلام شروع ڪرايو ۽ هر سال اهڙا لڪي نمبر حاصل ڪندڙن جو واڪ وڌندو وڃي.
گذريل سال 1980ع ۾ هڪ ڪار جي پليٽ نمبر 8778ع جو واڪ هڪ لک هانگ ڪانگ ڊالر (ٻه لک رپين) تائين وڃي پھتو. جيڪا قيمت مرسڊيز ڪار جي قيمت کان به گهڻي ٿي. (هانگ ڪانگ ۾ ڊيوٽي فري اگهه هجڻ ڪري هر شيءَ ڪافي سستي آهي۽ ڪارون پڻ).
چينين لاءِ اٺن جو انگ ”خوشحالي“ آهي ۽ ستن جو انگ ”پڪ“ سان منسوب ٿيل آهي. سو 8778 جي معنيٰ ”خوشحالي پڪ پڪ خوشحالي“ ڪڍيو وڃي ٿو. ڪارين جو نمبر پليٽن جي نيلام مان هانگ ڪانگ حڪومت هيستائين اسي لک رپين کان به مٿي ڪمائي چڪي آهي.

هانگ ڪانگ1981ع

سنگاپور جو لڇمڻ

سنگاپور ۾ سوين بازاريون آهن پر اسان جا پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگلاديشي جھازي هميشه ننڍي کنڊ جي ماڻھن جي دڪانن تان خريداري ڪن. پوءِ اهو دڪان کڻي ڪنھن مدراسي ملباريءَ جو هجي يا سنڌي هندوءَ جو. گجراتي بوريءَ جو هجي يا ڪڇي کوجي جو. پنجابي سک جو هجي يا بنگالي مسلمان جو. انھن دڪانن تان خريداري ڪرڻ جو سبب اهو هرگز ناهي ته ڪو اسان جھاز وارن کي پنھنجي تر جي ماڻھن سان پيار آهي. پر ان ڪري جو مٿيان دڪاندار اسان جي ڪمزورين، عادتن، افعالن ۽ نفسيات کان چڱي ريت واقف آهن. ڪپڙو دڪان تي هوندو پر هو ڳولي ڳولي ان رنگ ۽ قسم جو رکندا جيڪو اسين پاڪستاني هندستاني پسند ڪريون ٿا. اهڙي طرح ٻيون شيون. ان کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن سئو سوا رپيا کٽي پيا ته به اوڌر تي شيءِ ڏئي ڇڏيندا جو هنن کي خبر آهي ته اسان ڪھڙي جھاز ۽ جھاز ران ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪريون ٿا. ۽ جي پئسا کائي وياسين ته ڪمپنيءَ جي ٻئي جھاز وارن هٿان نياپا موڪليندا رهندا. ٻين لفظن ۾ خوار ڪندا رهندا. نتيجي ۾ قرضدار جهٽ پٽ سنگاپور وري نه ويو ته به ٻئي ڪنھن جھازيءَ هٿان پئسا موڪلي ڏيندو. گهڻو ڪري ته دڪاندار پاڻ ئي ڪجهه اهڙو حساب ڪتاب رکندا آهن جو اهڙو سئو سوا گهٽ ملين ته به ٽوٽ نه رهندي اٿن، پر جھازي خوش ته هي پنھنجو ماڻھو مون کي اوڌر تي به ڏئي ٿو ته ڪوڪا ڪولا به پياري ٿو ۽ ڪرسيءَ جي آڇ پڻ ڪري ٿو. جن مڙني ڳالھين جي اميد سنگاپور جي چيني، ملئي يا ڪنھن ٻئي دڪاندار مان رکي نٿي سگهجي.
اهڙن دڪانن جا ڳڙهه سنگاپور ۾ هاءِ اسٽريٽ، عرب اسٽريٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي آهن. ڪيترا اهڙا به جهازي آهن، جي ويھه دفعا سنگاپورر آيا هوندا، پر هنن عرب اسٽريٽ کان سواءِ سنگاپور جي ٻي ڪا گهٽي، بازار، پارڪ، مارڪيٽ نه گهمي هوندي. اتان ئي خريداري ڪندا، اتي ئي ڪنھن هوٽل ۾ ماني کائيندا، اتي جي ڀرپاسي واري سئنيما هال ۾ فلم ڏسندا ۽ اتان ئي ٽئڪسي ڪري سڌو جھاز تي موٽندا. وڏي ڳالهه ته ٻيو ڪو ملڪي جھاز سنگاپور آيل هوندو يا ڪو ڌاريو جھاز جنھن تي پنھنجا ملڪي خلاصي هوندا آهن ته اهي به ان گهٽيءَ مان اچي نڪرندا آهن انھن سان پڻ سٺي ميل ملاقات ٿي ويندي آهي.
اهڙن ئي ڳڙهن مان هڪ ”تنجم پگار“ نالي علائقو آهي، جتي پڻ ڪافي هم وطني ۽ هم شڪل دڪاندار ملن ٿا. هيٺ گرائونڊ فلور تي هوٽلون، سيڌي جا هٽ ۽ ميوي ڀاڄيءَ جون مارڪيٽون آهن. ۽ مٿين ماڙين تي مختلف سامان جا دڪان، هوٽلون گهڻو ڪري ڏکڻ هندستان جي مسلمان ۽ هندو تاملن جون آهن، يا ملئي مسلمانن جون. هڪ ٻه چيني ماڻھن جون پڻ. هنن هوٽلن جو خاص کاڌو مرتباڪ_ قيمي وارو اڦراٽو آهي، جنھن ۾ ڪجهه بيضو ۽ بصر به وجهن. اها شيءِ اهڙي لذيذ ۽ بين الاقوامي ذائقي جي ٿي پيئي آهي جو اسان جھڙا ايشيائي ته کائين پر انگريز ۽ يورپي به شوق سان کائين. ڪڪڙ، بدڪ، گانگٽ ۽ مڇيءَ جو ٻوڙ ۽ سنھيون مانيون (ڦلڪا) به چڱيون هلن. ڳاڙها مرچ ۽ گرم مصالو ڪجهه گهڻو استعمال ڪن. پر جيئن ته هتي هر شيءِ نج ملي ٿي سو ڪافي سوادي ٿئي ٿي. حلوي ۽ پُورين مان آسٽريليا جي مکڻ ۽ گيهه جي خوشبوءِ پيئي ايندي. هر شيءِ جو اگهه ايترو معمولي ۽ واجبي جو پاڪستان جي حساب سان ڀيٽجي ته به سستو.
تنجم پگار جي مٿين ٻن ماڙين تي سئو کن دڪانن مان سڀ کان گهڻا گراهڪ هڪ مدراسي مولويءَ جي دڪان تي وڃن ۽ ٻيو حيدرآباد سنڌ جي هڪ سنڌي هندو_لڇمڻ جي دڪان تي. ٻنھي دڪانن تي ذري گهٽ ساڳيو سامان آهي. سئمسونائيٽ ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ ڪمپنين جي بئگن، ٿيلھن ۽ بريف ڪيسن کان وٺي ڪورين ۽ ٻين سستي قسم جي ڪمپنين جو عطر، ڪولون، ڪئسٽ، ٽيپ رڪارڊر، ڪئلڪيوليٽر، رانديڪا، ڪپڙا، ساڙهيون ۽ ٻيو سامان. اهو ساڳيو سامان ساڳي ئي ماڙ تي باقي دڪانن ۾ به آهي. اگهه به ذري گهٽ ساڳيا، پر ڳالھين جي ڪوڙڪن ۾ گراهڪن کي ڌتارڻ ۽ ريڀڻ ۽ پنھنجي ايمانداري ۽ ساک جو ڌاڪو وهارڻ ۾مٿين ٻن دڪاندارن جو جواب ناهي.
لڇمڻ جي دڪان جو نالو Vintage آهي. دڪان جي ٻاهران هڪ وڏي بورڊ تي ڦڏن سڏن اڙدو اکرن ۾ لکرايو اٿس:
”سنگاپور ۾ واحد پاڪستانيءَ جو دڪان...“
بقول لڇمڻ جي کيس ساڳي نالي جو دڪان حيدرآباد ۾ پڻ آهي، جيڪو سندس زال هلائي ٿي. (حيدرآباد وارو دڪان مون ڏٺو نه آهي. ان بابت پاڻ ٻڌائيندو آهي. هڪ ٻه دفعا صدر حيدرآباد مان لنگهندي هيڏانھن هڏانھن نھاريو اٿم پر مون کي نظر نه آيو آهي.شايد ڪنھن گهٽيءَ ۾ هجي). لڇمڻ وٽ پاڪستاني جھازن جا به ڪافي ماڻھو اچن ٿا جو هن وٽ پاڪستاني فلمن ۽ ڳائڻن جا به ڪئسٽ آهن. پاڪستان ۾ پسند ايندڙ جپاني ڪپڙو ۽ ساڙهيون اٿس. ان کان سواءِ هن وٽ پاڪستان مان ايندڙ اخبارون ۽ تازيون خبرون رهن ٿيون. ان ڪري جھازي ڪجهه نه وٺڻ جي صورت ۾ به هن وٽ اچي نڪرندا آهن. ٻي ڳالهه ته چرچائي مڙس پڻ آهي.
هڪ دفعي سندس دڪان تان ڪيترو ئي سنھو سنھو سامان ورتم. جلدي ۾ هوس، ۽ لڇمڻ شين جو حساب زباني ڪري رهيو هو. وچ وچ ۾ مون ۽ ٻين گراهڪن سان به ڳالھائي رهيو هو، جنھن ڪري حساب ۾ ڀُل ٿيڻ جو انديشو هو، چيومانس:
”يار! هاڻ ڪئلڪيوليٽر ڪڍي کڻي ان تي حساب ڪر.“
حساب جو جوڙ ڪندي وچ مان ٺھه پھه وراڻيائين:
”بابا واڻئي جو دماغ ڪئلڪيوليٽر کان وڌيڪ ٿيندو آهي“.
پاڻ رهي سنگاپور جھڙي دنيا جي ماڊرن شھرن ۾ ٿو پر ڳوٺاڻن کان وڌيڪ پيرن فقيرن ۾ ويساهه اٿس. هڪ دفعي پاڻ گراهڪن سان مشغول هو. سندس اٺ نون سالن جو پٽ ذري ذري کيس ڪنھن شيءِ جي فرمائش ڪري منجهائي رهيو هو. نيٺ اسان جي جھاز جي سنڌي آڳ_ واري (Fireman) کي پئسا ڏيئي چيائين:
”ڀائو هڪ ڪم ته ڪر. هيٺ رستي جي هن پاسي بوٽن جو دڪان اٿئي. اتان هن کي رٻڙ جو بوٽ ته وٺي ڏينس. متان دڪان بند ٿي وڃن. سندس اسڪول جي مس روز ٿي دڙڪا ڏئيس ته ڦاٽل بوٽ نه پائي اچ“.
همراهه پٽس کي وٺي ٻاهر نڪتو ۽ هي وري تاڪئي ۾ وال هڻڻ لڳو. ٻه چار هڻي اوچتو خيال آيس. دريءَ مان منھن ڪڍي رڙ ڪري آڳ_ واري کي چيائين:
”من! منھنجي پٽ کي هٿ کان وٺي رستو ٽپائجانس“.
”ڏاڍو سڪيلڌو اٿئي؟“ اسان چيس.
ڪپڙو ماپڻ ڇڏي چوڻ لڳو: ”ادا، ڇھن ڌيئن بعد هي سڪي پني ڄائو آهي. خبر ناهي ڪيترن پيرن ولين تي سکائون باسيم، ان کانپوءِ هي ڄائو آهي“.
ڳالھه ڳالھه ۾ بنا ڪنھن رک رکاءُ جي پاڻ کي واڻيو واڻيو ڪوٺيندو. هڪ دفعي پين خريد ڪئيمانس. هڪ اهڙي ڪڍي ڏنائين، جيڪا نه دٻي ۾ بند هئي ۽ نه ڪا وري ان تي پني پلاسٽڪ چڙهيل هئي.
”لڇمڻ، هيءَ کليل پين ڏني اٿئي؟ آهي ته نئين يا استعمال ڪري رکي اٿئي“. مون پڇيومانس.
مرڪي چيائين: ”واڻيو ڪڏهن به پنھنجي دڪان جي شيءِ استعمال نه ڪندو آهي“.
سنڌ جون ڳالهيون ياد ڪري چوندو: ”بس يار سنڌ ماتا کان اسين جدا ٿي وياسين. هاڻي کڻي اسين سنگاپور، هانگ ڪانگ ۾ هجون يا ڪئناڊا آمريڪا ۾. پر اهو سنڌ وارو سڪون اسان کي ڪٿي به ملي نٿو سگهي“ .
۽ پوءِ ان قسم جي جذباتي ڳالھين ۽ پراڻين يادين ورجائڻ بعد آخر ۾ ضرور چوندو:
”بس يار پنھنجو ڪيتو پيا لوڙهيون. جيڪو ماڻھو پاڻ کي وڌيڪ سياڻو سمجهي ٿو ۽ ٻئي کي اياڻو، جيڪو ٻئي جو حق غضب ڪري ٿو، جيڪو ٻين کي نيچ ۽ ڄٽ سمجهي نفرت ڪري ٿو_ چاهي اهو هندو هجي يا مسلمان، ان کي ان جي سزا هن جھان ۾ ئي ڀوڳڻي پوي ٿي.“
لڇمڻ جون اهي مختصر ٽريلر نموني جون ڳالھيون ٻڌي هر دفعي محسوس ٿيندو آهي ته هو هڪ وڏي فلم آهي ۽ ساڻس ڪڏهن سڪون سان ڪچھري ڪري وڏي ڪھاڻي لکي سگهجي ٿي پر سنگاپور جھڙي مشغول شھر ۾، هميشه ٿورو عرصو هجڻ ڪري، هر وقت دماغ تي سوين ڪم چھٽيل هوندا آهن. ان ڪري ڪڏهن به لڇمڻ جون فيلسفن واريون ڳالھيون نه سمجهه ۾ آيون ۽ نه چڱي طرح ٻڌڻ جي توفيق رهي.

(سنگاپور کان هانگ ڪانگ ويندي چيني سمنڊ تي لکيل).

وقت هجي ته راند کيڏجي

سمنڊ تي_ خاص ڪري آئوٽر ائنڪريج (Outer Anchorage)تي ڪڏهن ڪڏهن ايتري واندڪائي ملندي آهي، جو سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته وقت ڪيئن گذارجي. (بندرگاهه ۾ اندر گهڙڻ کان اڳ جنھن سمنڊ جي حصي ۾ بيھي، بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ جو انتظار ڪجي ٿو، ان کي ”آئوٽر ائنڪريج“ سڏجي ٿو). ڪڏهن ڪڏهن چين يا اتر ڪوريا جي بندرگاهن ۾ گهڙڻ لاءِ آئوٽر ائنڪريج تي مھينو مھينو به انتظار ڪرڻو پوي ٿو.
اهڙن موقعن تي وقت گذارڻ لاءِ جھاز وارا شطرنج، ليوڊو يا مونو پليءَ جھڙيون رانديون ويٺا کيڏندا آهن. هڪ ڏينھن ڪنھن جھازيءَ چيو ته يار شطرنج خبر ناهي ڪھڙي انگريز ايجاد ڪئي آهي. واهه جي راند آهي. مختصر سامان سان هڪ ئي هنڌ ويهي کيڏي سگهجي ٿي ۽ دماغ تي به ڪو اثر گهڻو بار نٿو پوي.
ٻئي چيو: ان راند کان وڌيڪ بھتر ته ليوڊو راند آهي ۽ اڃان به بهتر آڌيلي واري راند آهي، جيڪا پنھنجن موالين ايجاد ڪئي آهي. ان ۾ ته مغز تي زور بنهه ڏيڻو نٿو پوي.
”اهو ڪيئن...؟“ ڪنھن پڇيو.
”ان راند ۾ ٻه موالي پنھنجا پنھنجا آڌيلا (پنجاهه پئسن جو سڪو) وچ تي رکي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا هوندا.پوءِ جنهن جي آڌيلي تي پهرين اچي مک وهي، ان جا ٻئي ٿيا“.
اسان جا ڪي ڪي جھازي پتي راند جا به هيڊ ماستر_ يعني چيمپئن ٿين. هڪ دفعو کيڏڻ لاءِ وهندا ته ڪلاڪن جا منھن چٽ. ڏينهن گذري رات ٿي ويندين ۽ رات گذري اڇو صبح ٿي ويندو، ڪو هوش نه هوندو اٿن. ان راند جي چوس نه فقط جھاز تي پر ڪيترن کي ڪناري تي به قائم رهي. هڪ دفعي پتي جي راند تان اسان جي دوست چيف انجنيئر حاذق ۽ ريڊيو آفيسر منظور جو پاڻ ۾ روسامو ٿي پيو.
ڳالهه هيئن ٿي جو چيف انجينئر ۽ ريڊيو آفيسر خميس ڏينھن پنھنجي جھازران ڪمپنيءَ جي آفيس مان گهر موٽڻ مھل، رستي تي چيف صاحب جي گهر اچي کيڏڻ ويٺا ته رات ٿي وئي، پر راندهلندي رهي. رات گذري ٻيو ڏينھن جمعي جو شروع ٿيو. ماني ٽڪي به اتي پئي هلي. جمعي جو ڏينھن پورو ٿيڻ تي رات ٿي ۽ پوءِ ڇنڇر جو صبح... ريڊيو آفيسر ته موڪل تي نه هو ۽ هن کي آفيس وڃڻو هو، سو ڇنڇر ڏينھن نائين بجي ڌاري هن چيف انجنيئر کي چيو: ”يار هاڻ راند بند ڪرڻ کپي، مون کي آفيس وڃڻو آهي. دير پئي ٿئي.“
ريڊيو آفيسر ٻڌايو ته فقط ايتري ڳالهه ٿي. بس ان تان اسان وارو چيف انجنيئرحاذق صاحب بگڙي ويو. سڀني اڳيان دانھون ڪري مون کي چوڻ لڳو ته “جڏهن ايترو جلدي ۾ هئين ته پوءِ مون سان پتي راند شروع ڇو ڪئي؟”

موهن جو دڙو نظر اچڻ

ڪنھن گهر، اسڪول يا ڪاليج ۾ ڪجهه عرصو رهي، ڇڏڻ تي اها جاءِ بلڪل ياد اچي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي. پر ايترو به نه جيترو اسان جي يار چيف انجنيئر ماهتاب کي سندس جھاز “موهن جو دڙو” ياد ايندو آهي.
“موهن جو دڙو” نالي جھاز اڄ کان پنڌرهن سال کن اڳ (1969ع ۾) يوگوسلاويا ۾ ٺھيو. اسان جو مٿيون ڪليگ ماهتاب ان وقت فورٿ انجنيئر جي حيثيت سان ان جھاز تي چڙهيو هو. اڳتي هلي هن سيڪنڊ انجنيئري ۽ چيف انجنيئري جا امتحان پاس ڪيا. جن بعد پڻ ڪافي سال ساڳي جھاز موهن جو دڙو تي سڪينڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئر ٿي رهيو. پوءِ ان جھاز کي ڇڏي به سال ٿي ويس. ان بعد مختلف جهازن تي Sail ڪندو رهيو. پر جڏهن به گهڻي پيئڻ ڪري نشو چڙهندو هوس ته پنھنجي ڪئبن جي سمنڊ پاسي واري دري کولي، اتان پاڻ کي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پڇڻ تي وراڻيندو هو :”موهن جو دڙو سامھون بيٺو آهي. مون کي ڇڏيو ته ان تي وڃان“.
پوءِ چڱو جو شراب تي بندش پيئي ۽ ماهتاب پيئڻ ڇڏي ڏنو. هاڻ اهو ڏينھن ۽ اڄ جو ڏينھن، مجال آهي جو ماهتاب کي وري موهن جو دڙو نظر اچي ۽ پنھنجو پاڻ کي سمنڊ ۾ اڇلي. نه ته ڪنھن محفل ۾ ويھي پيئندو پاڻ هو ۽ تيار ٻه چار ٻيا ٿيندا هئا ته ڄاڻ ته ماهتاب کي ”موهن جو دڙو“جهاز نظر آيو ۽ متان وري دري کولي پاڻ کي سمنڊ ۾ اڇلي ۽ سڀني جھازين ۽ جھاز ران ڪمپنيءَ کي سورن ۾ وجهي.

بزرگ شيطان

ڪي فارسي لفظ واهه جا آهن. هڪ دفعي جرمنيءَ ۾ ايراني جھاز جي مرمت هلي رهي هئي. ڀر ۾ اسان جو جھاز بيٺل هو، جنھن جا ٽربو چارجر خراب ٿي پيا هئا. شام جو پنھنجي جهاز جي ڊيڪ تي بيھي ايراني چيف انجنيئر کان خبر چار ورتم پر هن کي انگريزي نٿي آئي ۽ فارسيءَ کان آئون اڻ واقف هوس. کانئس اهو پڇڻ تي ته ڇا جي مرمت هلي رهي آهي. هن فقط ايترو ٻڌايو ته ”ديگِ بخار“ جي_ يعني بخار جي ديڳ جي.
گهڻو گهڻو پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته اها بخار جي ديڳ_ ٻاڦ جي ديڳ_ بئالر (Boiler) آهي. واقعي جهاز جو بئالر ديڳ ئي ته ٿي، جنھن ۾ پاڻي ٽھڪائي ٻاڦ ٿي پئدا ڪجي.
خميني جي انقلاب بعد ايراني آمريڪن کي جيڪي گاريون ڏيڻ لڳا. سي زبان جي لحاظ کان گهٽ دلچسپ نه آهن. هڪ گار جيڪا هن وقت ياد اچي رهي آهي، اها آهي “ شيطان بزرگ” اسان جو دوست آصف غيور_ جيڪو ايراني جھازن ۽ ايران ۾ ڪافي وقت رهيو آهي، تنھن ترجمو ڪري ٻڌايو ته بزرگ معنيٰ پوڙهو يا وڏو. ۽ شيطان معنيٰ خلل پيدا ڪندڙ، ٺڳ، لُچو، مڪار. يعني ”وڏو ٺڳ“.

اسان جي جھاز جو سوڊان پھچڻ

آفريڪا جو وڏو کنڊ جاگرافيءَ جي حساب سان ۽ سھوليت کان چئين حصن (آفريڪائن)۾ ورهايو ويو آهي: اتر، ڏکڻ، اوڀر ۽ اولھه آفريڪا ۾. سوڊان اوڀر آفريڪا ۾ اچي ٿو. ڪجهه مصر جو حصو، جبوتي، حبش، سومالي لئنڊ، ڪينيا، زائر، موزمبيق، يوگنڊا وغيره پڻ اوڀر آفريڪا جا ئي ملڪ سڏجن ٿا.
اوڀر آفريڪا جابلو حصو آهي، جنھن ۾ برف سان ڍڪيل ڪليمانجارو جھڙو مشھور جبل آهي، جنھن بابت مشھور ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي جو ناول Snows_of_Kliminjaro ۽ فلم پڻ آهي. اوڀر آفريڪا ساوڪ ۽ گهاٽن ٻيلن وارو علائقو پڻ آهي، جتان جڳ پراڻي ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي نيل ندي وهي ٿي، ۽ هندي وڏي سمنڊ جي مشھور ٻيٽن: مالاگاسي، سيچلس، زنجبار، پيمبا ۽ مئفيا جو پڻ ويجهو _ يا پري جو، اوڀر آفريڪا سان واسطو ۽ ڳنڍ ڳانڍاپو آهي.
اوڀر آفريڪا_ جنھن ۾ عظيم رفٽ وادي آهي، جنھن ۾ وڪٽوريا جھڙي وڏي خوبصورت ڍنڍ آهي، جنھن مان اڇي نيل نڪري ٿي. ڪينيا ۽ ميرو جھڙا مشھور جبل آهن ۽ ڪيترائي ٻرندڙ جبل پڻ آهن _ جي اڃا تائين ڦاٽندا رهن ٿا ۽ جيئرا جاڳندا سڏجن ٿا. ان کان سواءِ اوڀر آفريڪا سفاريءَ جي دنيا ۽ جانورن، پکين ۽ ٻيلن کان پڻ مشھور آهي.
اوڀر آفريڪا ۾ رهندڙ ماڻھو گهڻي ڀاڱي نيگرو Negroid نسل ۽ ان مان نڪرندڙ ذاتين جا آهن. ڌارين ملڪن جي ماڻھن مان پاڪستاني، هندستاني، گوائين ۽ عرب ملندا. سڄي اوڀر آفريڪا ۾ ”سواحلي“ نالي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي پر مٿين ملڪن_ يعني مصر، سوڊان، حبش وغيره ۾ سواحليءَ کان وڌيڪ عربي هلي ٿي. مذهب گهڻي ڀاڱي اسلام آهي. ڪجهه ڪرسچن، ڪجهه بت پرست ۽ ڪجهه بنا مذهب جي ماڻھو پڻ آهن.
يورپي ملڪن جي راڄ جا نشان اڃا اوڀر آفريڪا ۾ موجود آهن. واسڪو ڊيماگا جي ڏينھن ۾، سمنڊ تي ٺھرايل پورچوگالين جا قلعا اڃا به سڄي اوڀر آفريڪا ۾ نظر ايندا. ڪيترائي ماڻھن ۽ جاين جا پورچوگالي، فرينچ يا انگريزي نالا اڃا به هلندا اچن. جيتوڻيڪ گهڻا عربيءَ جا آهن، مثال طور: ممباسا، دارالسلام وغيره ۽ اهي آفريڪي ٻولين جا نالا آهن.
ڇڙو هڪ اڌي صدي اڳ آفريڪا هڪ اونداهو کنڊ سڏيو ٿي ويو. سورهين صديءَ جي شروع ۾ هندستان جي ڳولا ۾ پورچوگالي هتي اوڀر آفريڪا کان اچي نڪتا ۽ هي علائقو صدين تائين هندي وڏي سمنڊ ۾ واپار وڙي جي وڏي چونڪي رهي. وڪامڻ لاءِ هتي جي شھرن مان هندستان، عربستان ۽ ٻين مشرقي ملڪن ڏي سون ۽ عاج ويندو هو. هتي جي سون ئي يورپ جي واپارين کي هرکايو، جن جي پويان انھن ملڪن جي حڪومتن طاقت ذريعي هنن ملڪن کي پنھنجي ڪالوني ٺاهيو. حبش (اٿوپيا) کان سواءِ اوڀر آفريڪا جا سڀ ملڪ 1895ع تائين يورپ جي قبضي هيٺ اچي ويا. سوڊان پھريون آفريڪي ملڪ هو، جنھن سڀ کان اڳ 1956ع ۾ آزادي حاصل ڪئي. ان بعد هڪ هڪ ٿي، اڄ تائين سڀ ملڪ آزاد ٿي چڪا آهن ۽ کين پنھنجيون پنھنجيون حڪومتون آهن.
اسان جو جھاز آمريڪا کان موٽندي سڄو ائٽلانٽڪ ۽ ڀونچ سمنڊ لتاڙي ڪجهه ڏينھن لاءِ اڄ هتي سوڊان جي بندرگاهه ”پورٽ سوڊان“ ۾ آيو آهي. منھنجو هي سوڊان ۾ پھريون دفعو آهي. جيتوڻيڪ اوڀر آفريڪا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن: مصر، ڪينيا، موزمبق جي بندرگاهن ۾ گذريل پنڌرهن سالن ۾ ڪيترائي دفعا اچڻ ٿيو آهي.
هتي جي بندرگاهه ۾ گهڻن جھازن بيھڻ جو بندوبست ناهي ان ڪري اسان جو جھاز اندر جاءِ ملڻ جي انتظار ۾ ٻاهر کلئي سمنڊ (آئوٽر ائنڪريج) تي بيٺو آهي. ٻيا به ڪجهه جھاز اسان وانگر ٻاهر ترسيل آهن. انھن مان ٻه يوناني جھاز آهن، جن تي ڪجهه پاڪستاني آفيسر ۽ خلاصي آهن. هڪ بنگلاديش جو جھاز، اندران بندرگاهه مان سامان لاهي ٻاهر اچي بيٺو آهي. ڪجهه ڏينھن بعد هتان ڪجهه اناج ۽ ڪو تيلي ٻج کڻي سعودي عرب بندرگاهه جدي روانو ٿيندو. ان جھاز جو ريڊيو آفيسر پاڪستاني آهي، سو جھڙو ئي اسان لنگر ڪيرائي واندا ٿياسين ته اسان جي همراهن کان خبرون چارون وٺڻ لڳو. سندس ڳالھين جو تت هن ريت هو : ”ڌارين ملڪن جي جھازن تي پگهار سٺو آهي پر اڪيلائيءَ جو احساس اڏوهيءَ وانگر اندر کايو کوکلو ڪريو ڇڏي. جھاز تي کاڌو پيتو ۽ رسم رواج پڻ ڌارئين آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته پاڪستاني ڪمپنيءَ جا جھاز دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ ۾ هليا وڃن، پر ٻي ٽي مھيني وري واپس پنھنجي ئي وطن موٽن ٿا ۽ ماڻھو تازو ٿيو وڃي. پر ڌارين ملڪن جو جھاز سڄو سال ڌارين ملڪن ۾ رهي ٿو_ يا نصيب ڪڏهن ڪو اتفاق سان پاڪستان اچي ويو ته اهو به فقط ڏينھن اڌ لاءِ“.
اهڙي قسم جون (ڌارين جھازن تي رهندڙ اسان جي پاڪستانين جون) ڳالھيون اسان جي جھازين کي سڪون سان ۽ هڪ منو ٿي پنھنجي پاڪستاني جھازن تي دل لڳائينوڪري ڪرڻ لاءِ ٽانڪ آهن. هھڙن سوڊان جھڙن ماٺ مٺوڙي وارن بندرگاهن ۾ اهڙيون ڳالھيون چڱيءَ طرح دل سان هنڊائڻ جو موقعو ملي ٿو، جتي پاڻ کي مشغول رکڻ لاءِ ٻي ته ڪا ڳالهه آهي ئي ڪانه_نه ڪا ٽي وي اسٽيشن ۽ نه وري ڪا ٻڌڻ لائق ريڊيو اسٽيشن.

هي ملڪ سوڊان

سوڊان پکيڙ ۾ نوَ لک اٺھٺ هزار چورس ميل آهي. جنھن جي اتر ۾ مصر ۽ لبيا آهي، ڏکڻ ۾ يوگنڊا، ڪينيا ۽ زائر. سوڊان جي گاديءَ جو هنڌ خارطوم آهي، جيڪو جاگرافي ۽ تواريخ جي لحاظ کان مشھور شھر آهي. هتي سفيد ۽ بِلو نيل نديون اچيو ملن.
سوڊان جو اتراهون علائقو جيڪو ڳاڙهي سمنڊ سان وڃيو ملي، وارياسو رڻ پٽ آهي ۽ دنيا جي مشھور بيابان صحرا جو حصو هتان شروع ٿئي ٿو. هتي دنيا جو سڀ کان گهڻو گرم اونھارو ٿئي ۽ ٽيمپريچر 43 ڊگرين کان به مٿي چڙهيو وڃي. پر ساڳي وقت سوڊان سرسبز پڻ آهي. فقط ٻارهن ڊگريون ”ويڪرائي ڦاڪن“(Latitude) جون هيٺ اچبو ته گهاٽا ٻيلا ۽ جهنگل نظر ايندا جتي سٺ کان مٿي قسمن جا جانور، ڪيترائي پکي ۽ نانگ بلائون آهن. ڪيترائي اهڙا جانور به هتي موجود آهن، جيڪي ٻين ملڪن ۾ ڪڏهوڪو مري کپي ويا. سوڊان ۾ عاج، ايبوني، سون، چيتي جون کلون، واس ۽ مٺي خوشبوءِ واري کونئر جو واپار چار هزار سال پراڻو آهي. سوڊان لفظ جي معنيٰ ڪارن جي زمين آهي. ۽ هن ملڪ جي سورهن ملين آدمشماريءَ ۾ اڌ کان وڌيڪ حبشي آهن. خاص ڪري ڏکڻ ۾ رهندڙ ڍنڪا قبيلو. ان بعد نينگرو (Negro) ۽ عرب قومن جي ملاوت آهي.
سوڊان، ڪش گهراڻي جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي. جيڪا چيو وڃي ٿو ته آفريڪا ۾ پراڻي ۾ پراڻي سوسائٽي آهي ۽ عيسوي سن کان هزار سال اڳ کان سن 300 تائين اوج ۾ رهي. سوڊان ڇھين صديءَ ۾ عيسائيت جي اثر هيٺ آيو ۽ ٻارهن سئو ڌاري جڏهن ترڪن سوڊان تي قبضو ڪيو، ته هنن جي اچڻ سان اسلام جي پرچار ٿي.
سن 1880ع ۾ سوڊان وس ڪري ڌارين کي تڙي ڪڍيو ۽ پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. پر اهو دورو فقط ويهه سال کن هليو. ان بعد وري ڌارين جي هٿ هيٺ اچي ويو ۽ مصر ۽ انگلينڊ گڏجي مٿس حڪومت ڪئي. آخرڪار 1956ع ۾ کيس وري آزادي ملي.

Sleeping Sickness

آفريڪا کنڊ اڄ به ايترو سلامت نه آهي، جيترو يورپ آهي. آفريڪا جي ڪنھن به ملڪ ڏي رخ رکڻ کان اڳ ڪيترين ئي ڳالھين جو خيال رکڻو پوي ٿو. ”ٽيٽزي مک” به انھن مان هڪ آهي، جنھن کان آفريڪا جا رهاڪو ۽ گهمڻ لاءِ ايندڙ ٽوئرسٽ چڱيءَ طرح واقف آهن. هيءَ مک هتي جي ماڻھن ۽ وهٽن لاءِ هڪ قسم جو عذاب ۽ موت جو پيغام آهي. ان جي اثر هيٺ نه فقط ڏکڻ سوڊان پر سڄي آفريڪا جو ڳپل حصو (اٽڪل چار مليل چورس ميل) اچي وڃي ٿو جيڪو سڄي U.S.A کان به گهڻو ٿيو. ٽيٽزي مک جيڪا انگريزيءَ ۾ Tsetse لکي وڃي ٿي، اسان جي عام گهرو مک کان ٿوري وڏي ٿئي ٿي. هن جي ڏنگ سان ماڻھو يا جانور کي گهاٽي ننڊ Sleeping Sickness کڻيو وڃي، جنھن کي ميڊيڪل سائنس ۾ Trypanosomiasis سڏجي ٿو.
هن مک جا ايڪيهه کن مختلف قسم آهن، پر انھن سڀني جو کاڄ ”رت“ آهي، جيئن منگهڻ مڇر جو گذر رت تي آهي. هن مک جي رهائش گاهه، ٻوٽن ۽ گهاٽن ٻيلن ۾ آهي. اڏام تمام گهٽ اٿس. ان ڪري ٻيلي يا جهنگ جو پٽو صاف ڪري ڇڏبو ته هوءَ هڪ حصي مان اڏامي ٻي تائين پھچي نه سگهندي. ان طريقي سان آفريڪا کنڊ جو چڱو حصو هن مک کان نجات حاصل ڪري چڪو آهي. هن جو ڏنگ تمام تکو ۽ ايذائيندڙ ٿئي ٿو، جنھن سان هوءَ رت چوسي ٿي. هوءَ ڀٽونءَ يا چيلاٽي وانگر نه پر مڇر جيان آهي، جيڪو مليريا بيماريءَ جو کڻندڙ (Carrier) آهي. هيءَ ٽيٽزي مک Trypanosomiasis بيماري کڻندڙ آهي ۽ اصل معنيٰ ۾ اجل جي ننڊ ڏياريندڙ اهو Trypanosome جراثيم (Parasite) آهي، جيڪو ڪيترن ئي جانورن جي رت ۾ رهي ٿو جھڙوڪ: شينھن، پٽا پٽي گڏهه(زيبرا)، ائنٽيلوپ وغيره ۽ ڏيڏر، مانگر مڇ ۾ پڻ. اهي جانور مٿين جراثيم جا ميزبان ٿين ٿا، پر کين ڪو به اثر نٿو ٿئي. هو ان سلسلي ۾ بيحد نرجا (Immune) آهن. ٽيٽزي مک جڏهن اهڙن جانورن کي چڪ هڻي ٿي ته انھن جي رت سان گڏ جراثيم به چوسيو وٺي. ان بعد جڏهن اها مک ڪنھن ماڻھوءَ يا ٻئي ڪنھن جانور کي چڪ هڻي ٿي، جيڪو نرجو ناهي، ته اهو يڪدم بيمار ٿيو پوي.
پالتو جانور، کير ڏيندڙ وهٽ ۽ ماڻھُو Immune نه هجڻ ڪري اهڙي هنڌ جتي هي مکيون آهن، سلامت نٿا رهيو سگهن. اهو ئي سبب آهي ته جيئن اسان وٽ مڇرن کان مال کي بچائڻ لاءِ غريب ميھار ڌنار سڄي رات ڇيڻن جي دونھين دکائي وهن ٿا تيئن هتي آفريڪاجي ماڻھن جو حال آهي. هو پاڻ ڏکيو سکيو گذاري پنھنجي مال کي بچائيندا رهن ٿا جو اهو ئي هنن لاءِ سڀ ڪجهه آهي. جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه ڪيتيون ئي دوائون ائنٽي ٽاڪسن، ائنٽريسائيڊ وغيره نڪري پيون آهن، پر آفريڪا ۾ انھن جو حاصل ڪرڻ فقط شھرن تائين محدود آهي. اندر ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ علاج جو بندوبست تمام ڏکيو آهي.
پورٽ سوڊان جي هڪ عيسائي (مِشنري) اسپتال جي پوڙهي ڊاڪٽر_ جنھن آفريڪا ۾ پنھنجي عمر جو اڌ کان وڌيڪ عرصو گذاريو آهي، تنھن ٻڌايو ته ان بيماريءَ کان سواءِ آفريڪا ۾ مليريا، سلھه، ڪوڙهھ، بادفرنگ، اٻاسيون ۽ ايليفنٽاس جھڙيون بيماريون پڻ عام آهن. ڪئنسر پاڻ نه برابر آهي ۽ گند ڪچري مان پئدا ٿيندڙ ڪالرا ۽ پليگ جھڙيون بيماريون پڻ تمام گهٽ آهن. صفائيءَ جي معاملي ۾ آفريڪا کنڊ وري به ايشيا کان بھتر آهي.
ڪجهه ٻيون بيماريون، جن جو واسطو سنئون سڌو آفريڪا سان آهي ۽ هڪ ٽوئرسٽ کي خبردار رهڻ کپي، اهي آهن: بلحارظيا جيڪا گهڻو ڪري نيل نديءَ جي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ سان ٿئي ٿي، گائنا ڪينئان، Onchoccrciasis (جنھن ۾ ماڻھوءَ جي نظر صفا گهٽجيو وڃي)، ڪاري پاڻيءَ وارو تپ، ييلو فيور (Yellow Fever_( ٽراپيڪل Phadogenic السر، ۽ آفريڪا جي پنجھتر سيڪڙو شيدي ماڻھن کي پيٽ ۾ ڪنھن نه ڪنھن قسم جا ڪينئا ته آهن ئي آهن. ڪجهه اهڙيون بيماريون_ مثال طور هرنيا، ڇڪي، سَٽ، ڌُن لھڻ وغيره جيڪي يورپ ۽ ايشيا ۾ به آهن، پر علاج ۽ آپريشن ڪري ايڏو مسئلو نه آهن، پر هتي تمام گهڻو ڇانئيل آهن. انھن بيمارين جا ڪيترائي سبب چيا وڃن ٿا، جھڙوڪ گهڻو بار کڻڻ يا گِھلڻ، وڻن ۽ دڙن تان ٽپ ڏيڻ. غلط کاڌي کان پيٽ تي سوڄ ۽ ويم لاءِ اڍنگا طريقا ۽ اوزار استعمال ڪرڻ ڪري پڻ اهي بيماريون ٿيڻ جا امڪان آهن.

پورٽ سوڊان
1981ع

توهان کي لڳي آهي شينھن جي....

آفريڪا جون ڳالھيون ڪندي آفريڪا جي جانورن جو ذڪر نه ڪرڻ ائين آهي جيئن جپان جي سفرنامي ۾ فيوجي جبل ۽ گيشا گرلز جو ذڪر نه ڪرڻ، يا انگلينڊ جي سفرنامي ۾ ”موسم“ ۽ ”قطار ۾ بيھڻ“ جي ڳالھه کي لنوائي وڃڻ.
اسان جي سنڌ وانگر آفريڪا ۾ به ڪيترائي واندا، وڻ هيٺان، نديءَ جي ڪناري تي، ڪنھن ڇپر جي اوٽ ۾، ڪنھن ڪچي هوٽل يا اوتاري جي آڳنڍ ۾ ويھي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچھريون ڪندا نظر اچن ٿا. ڪچھريون ۽ چرچا جڏهن اسان وٽ به شيدين جا مشھور آهن ته پوءِ هتي جا شيدي ڀلا ڪيئن پٺتي رهجي سگهن ٿا. آفريڪا کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن جي انيڪ بندرگاهن ۾ اهڙيون ڪچھريون ٻڌڻ ۾ اينديون جن ۾ کل ڀوڳ ۽ ٽوٽڪن کان وٺي عشق محبت جا قصا، ٻٽاڪن ۽ ڪوڙن سچن داستانن کان وٺي عقل ڀريون ڳالھيون اچي وڃن ٿيون. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڪجهه هتي ڏيان ٿو.
هن باب ۾ هتي جي مختلف جانورن بابت ڪجهه ڳالھيون آهن جيڪي مون اهڙين ڪچھرين ۾ آفريڪا جي شڪارين، جانورن جي ڄاڻن، شڪار ۽ جانورن سان واسطو رکندڙ ماڻھن ۽ انھن جي دوستن کان ٻڌڻ کان سواءِ مختلف ڪتابن ۾ به پڙهيون آهن.
• چون ٿا ته شينھن حملي وقت پنھنجي جان بچائڻ مھل پنجٽيهه ميل في ڪلاڪ جي حساب سان ڊوڙي سگهي ٿو ۽ هن جي طاقت جو جواب ناهي. سڄي پٽاپٽي گڏهه (زيبرا) کي _ جنھن کي ڏهه ماڻھو کڻي سگهن ٿا تنھن کي وڏو شينھن يڪي سر ڇڪي سگهي ٿو.
• شينھن نالي چيو وڃي ٿو ته جنگل جو راجا اهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي. پر دلير ڪتن جو جوڙو هن کي ڀڄائي سگهي ٿو.
• شينھن لاءِ مشھور آهي ته هن جو هني مونHoney Moon فقط ٽي هفتا هلندو آهي. ان عرصي دوران شينھن ۽ شينھڻ پنھنجي آرام يا موج مستيءَ ۾ ٻئي ڪنھن جو خلل هرگز پسند نه ڪندا آهن. ڪيترا دفعا سفاري پارڪن ۾ ان هني مون واري عرصي ۾ ايندڙ ويندڙ گاڏين اڳيان به شينھن ۽ شينھڻ هڪ ٻئي کي چميون ڏيندا رهندا. شينھن هاٿيءَ وانگر شرميلو ناهي.
• ماديءَ جي ڍُڪجڻ بعد نر (شينھن) سندس اڳيان ئي رهي ٿو، جيڪا گهڻو ڪري ساڍن ٽن مھينن بعد ٻار ڄڻي ٿي، ان کانپوءِ به ڪي ڪي شينھن پنھنجي ڪٽنب تي هٿ رکندڙ وڏا ٿي گڏ گڏ رهن ۽ جيسين ٻچو ارڙهن مھينن کي پھچي.
• مادي شينھڻ کي ٽن سالن جي ساهيءَ بعد وري گرمي کڻندي آهي ۽ ايئن ڪرڻ سان قدرت اهڙو حساب رکيوآهي جو نئين ڦر ڏيڻ کان اڳ پھريون ڦر سندس حفاظت ۾ پلجيو چڱو وڏو ٿيو وڃي.
• ڪڏهن ڪڏهن نر شينھن ڪٽنبي زندگيءَ مان جهٽ بيزار ٿي پوندو آهي ۽ اڪيلو ئي اڪيلو هيڏانھن هوڏانھن رلڻ پنڻ نڪري ويندو آهي. ڪڏهن وري امالڪ موٽي ايندو آهي ۽ خراب موٽ ٿيڻ تي، جيئن ئي ماديءَ جو ڌيان پري هوندو آهي ته پنھنجو ئي ٻچو کائي ڇڏيندو آهي.
• هونءَ پکي پکڻ توڙي جانورن ۾ نر کاڌو مھيا ڪندو آهي پر شينھن جي ڪٽنب ۾ کاڌي جي ڳولا لاءِ مادي نڪرندي آهي.
• آفريڪي ڳوٺاڻن جي چوڻ مطابق اڳ زماني ۾ شينھن جو چڪيل نه بچي سگهندو هو، جو هن جي وات ۾ ايڏي گڦ ۽ زهريات رهي ٿي جو زخم يڪدم جراثيمجيو پوي. پر هاڻ پينسلين جي ايجاد ۽ موجودگي جھڙن تھڙن ڦٽيل ماڻھن کي بچايو ڇڏي.
• ڪي ڪي شينھن آدم خور به ٿين جي لاهي پائي ماڻھن کي کائڻ پٺيان هوندا آهن. اهڙن شينھن جا قصا اڪثر ڊائجيسٽن ۾ ملندا يا جم ڪارپيٽ ۽ جان ماسٽرس جھڙن انگريزي ليکڪن جي ڪتابن ۾. يا سندربن ٻيلي جي آسپاس رهندڙ بنگالين واتان ۽ هندستاني راجائن ۽ انھن انگريزن جي اولاد واتان ٻڌبا جن هندستان تي راڄ ڪيو.
هڪ لطيفو ياد اچي رهيو آهي، جيڪو هڪ آدمخور شينھن بابت ته نه آهي پر اهڙي شينھن بابت ضرور آهي جيڪو روزانو رات جو ڪنھن سکن جي ڳوٺ مان هڪ ڍڳي کائي ويندو هو. ڪنھن کي به همت نٿي ٿي ته ان شينھن کي کڻي ماري. آخر هڪ سک هام هنئي ته اهو ڪم هو ڪندو. شينھن کي مارڻ لاءِ هيءَ ترڪيب ٺاهي ويئي ته هو ڍڳيءَ جي کل پنھنجي مٿان چاڙهي پاڻ سان ڀالا خنجر کڻي ڳوٺ جي ٻاهران شينھن جو گس وٺي وهندو. شينھن هن کي ڍڳي سمجهي جيئن ئي هن ڏي وڌندو ته هي ان تي حملو ڪري ڊاهي رکندس.
رٿيل ترڪيب سڀني ڳوٺاڻن کي وڻي ۽ هن تي ڍڳيءَ جي کل چاڙهي ڳوٺ کان ٻاهر بيھاري پاڻ اچي سک جي ننڊ ستا ته اڄ شينھن جي ڪھڙي مجال جو ڳوٺ ۾ اچي ڪنھن جي ڍڳي کائي وڃي. ٻئي ڏينھن صبح جو اٿي ڏسن ته شينھن ته دستور موجب ڍڳي ماري هليو ويو ۽ جيڪو همراهه پھلواني ڪري شينھن کي مارڻ لاءِ نڪتو هو ان جو پتو ئي نه. سڀ وائڙا ٿي کيس سڄو ڏينھن ڳوليندا رهيا پر ڪا سڌ نه پئي. آخر شام ڌاري ڏسن ته همراهه هڪ چُرِ ۾ لڪيو ويٺو آهي. سڀني تعجب مان پڇيس: ”ابا ڪر خبر؟ شينھن کي ڇو نه مارئي؟“
جواب ۾ ماڳھين ناراض ٿي وراڻيائين: “توهان کي لڳي آهي شينھن جي، هيڏانهن هڪ ڍڳو مون کي سچ پچ جي ڍڳي سمجهي اچي پٺيان پيو آهي. مس مس ڊوڙي اچي هتي لڪو آهيان ۽ پنھنجي جان ۽ عصمت بچائي اٿم....”
بھرحال تنزانيا جو شھر ابينا ۾ اهڙي آدمخور شينھن جو هرڪو ذڪر ڪري ٿو، جنھن سن 1946ع ۽ 1947ع ۾ پنج سئو کان به مٿي آفريڪن شيدي کائي ڇڏيا هئا. شينھن پنھنجي شڪار ڪيل جانور کي پڇ کان کائڻ شروع ڪري، منھن ڏي وڌي ٿو.
آفريڪا سڄي_ نائيجر نديءَ کان وٺي زمبيزيءَ تائين، پاڻ اڃا به هيٺ تائين، شينھن سان ڀري پيئي آهي، سواءِ وچ ڪانگو جي. اتي هيڪاندا گهاٽا ٻيلا هجڻ ڪري شينھن کي چرپر ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. بقول جان گنٿر ۽ پئٽرسن جھڙن ليکڪن جي، جن پنھنجن ڪتابن: The Man Eaters of Tsavo ۽ Inside Africa ۾ ان بابت ڪافي لکيو آهي. شينھن جي گجگوڙ ڇھن ستن ميلن تائين ٻڌي سگهجي ٿي ۽ ڪي ڪي شينھن تور ۾ ٻه سئو ڪلو_ پنجن مڻن کان به ڳرا ٿين ٿا.

آفريڪا_جانورن ڪري نرالو کنڊ

• شينھن کان وڌيڪ دلچسپ جانور هاٿي آهي. هتي جي ماڻھن جو چوڻ آهي ته هر هاٿيءَ جي چال چلن ماڻھن وانگر مختلف ٿئي ٿي. ڪيترن شڪارين جو اهو چوڻ آهي ته هاٿيءَ کي اڳواٽ خبر پئجيو وڃي ته فلاڻو هن کي مارڻ جو ارادو رکي ٿو يا فلاڻو هٿيارن سان آهي. اها ڄاڻ ٻين به ڪيترن ئي جانورن کي پوي ٿي. هاٿي پنھني ڦر يا پنھنجي ڌڻ مان زخمي ٿيل هاٿيءَ کي بچائڻ لاءِ پنھنجي جان جي به پرواهه نه ڪندو آهي. وڏي عمر ۾ هاٿي_ خاص ڪري نر، چڙچڙو ٿيو پوي.
• هاٿي دشمن سان وڙهڻ وقت پنھنجي سونڍ ويڙهي سيڙهي پنھجي ڇاتيءَ سان لڳائي رکندو آهي جيئن ان کي ڪو نقصان نه رسي. هاٿيءَ جي سونڍ سندس جسم جي نازڪ شيءِ سمجهي وڃي ٿي، جيتوڻيڪ اها به ڪافي ڳري ٿئي ٿي ۽ سئو ڏيڍ کن سير تور ٿينديس. ڪن کاڌي پيتي جي شوقينن جو چوڻ آهي ته هاٿيءَ جي سونڍ کائڻ ۾ لذيذ ٿئي ٿي ۽ ڪافي مھانگي وڪامي ٿي. رڌڻ وارا هاٿيءَ جي سونڍ کي مٿي وٽان ڳترا ڳترا ڪري، ان کي پھرين اوٻاري پوءِ ترين.
• هاٿي جيتوڻيڪ وڻن جو ڏاڍو نقصان ڪن ٿا، پر ساڳي وقت فائديمند پڻ آهن. سندن لِڏِ ۾ مختلف وڻن جا آيل ٻج مينھن پوڻ جي ڪري جتي ڪٿي ڦٽيو پون. هاٿي پاڻيءَ منجهه لڳ ڪرڻ جو شوقين آهي ۽ ان ڌنڌي ۾ کيس اڌ ڪلاڪ کن لڳيو وڃي. اهو سڄو وقت ايڏو گوڙ گهمسان لڳائي رکندو آهي جو اوڙي پاڙي کي به خبر پئجيو وڃي ته ملڪ ۾ ڇا پيو وهي واپري. هيءُ ئي هڪ جانور آهي، جنھن جي نر کي گرمي کڻي ۽ نه ماديءَ کي. هاٿڻ انھن ٿورن مادي جانورن مان آهي، جنھن کي ٿڻ اڳين ٽنگن وٽ ٿين ۽ نه مينھن ڍڳيءَ جيان پوئين ٽنگن وٽ.
• سڄي آفريڪا ۾ هاٿيءَ جي شڪار جون ڳالھيون توهان کي جتي ڪٿي ٻڌڻ ۾ اينديون. جيئن شاعر لاءِ چيو ويندو آهي ته هو پنھنجي کيسي مان چانھه پيئاري به پنھنجو نئون شعر ٻڌائيندو آهي تيئن هتي جا ماهر شڪاري ماني کارائي به شڪار بابت ٻڌائين ٿا. نوان سيکڙاٽ پڻ توهان کي هاٿيءَ جي ڦاسائڻ، مارڻ ۽ ويڙهه جي ٽيڪنيڪ جون ڳالھيون اهڙي ادا ۽ لئه سان ٻڌائيندا جيئن اسپين ۾ ماڻھو سانَ جي ويڙهه جون ڳالھيون ٻڌائين.
• هاٿي هونءَ ته گهڻو ئي سٻاجهو پر ڪاوڙ ايندس ته پوءِ ڪار ۾ ويٺل ماڻھوءَ کي به نه ڇڏيندو. هو جنھن وقت پويون لتون زمين تي هڻي ته ان وقت کانئس ڀڄي پاسو ڪجي. هتي جي ماڻھن چواڻي، هاٿيءَ جي مار کاڌل ماڻھو ورلي ڪو جيئرو ملندو، جيڪو ان بابت ٻڌائي سگهي. دريائي گهوڙي، جهنگلي سان ۽ ٻين جو پنايل بچي سگهي ٿو پر هاٿيءَ جو ستايل بچي سگهي_ اها اڻ ٿيڻي ڳالھه آهي. ماڻھوءَ سان وڙهڻ وقت هاٿي پيرن سان به لتاڙي ٿو ته سونڍ سان به ٿڦڙون هڻي ٿو.
• هاٿيءَ جا ٻاهر نڪتل ڏند (Tusks) عاج جا ٿين جيڪا چڱي مھانگي شيءِ آهي ۽ سڄي دنيا ۾ گهڻو هلي ٿي. عاج مان ڳھه زيور، سينگار ۽ سونھن جو سامان، سووينيئر ۽ ٺپا (Seals) ٺاهيا وڃن ٿا. اڄڪلهه آفريڪا ۾ ڏينھون ڏينھن هاٿين جو تعداد گهٽجڻ ڪري هاٿي مارڻ تي سخت بندش وڌي وئي آهي، پر تڏهن به شيدي، عاج جي لالچ ۾، هاٿين کي چوريءَ ماري، انھن جو عاج ٻاهرن ملڪن ڏي سمگل ڪندا رهن ٿا. عاج جي اڄڪلهه وڏي مارڪيٽ جپان، هانگ ڪانگ، دبئي ۽ آمريڪا ۾ چئي وڃي ٿي. هاٿيءَ تان سندس کل ڪوري لاهڻ هڪ وڏو ڪم سمجهيو وڃي ٿو جنھن لاءِ پنج ڇهه ڪاساين کي ٻه ٽي ڏينھن لڳيو وڃن. فقط سندس ڏند ڪڍڻ ۾ هڪ ڏينھن لڳيو وڃي جيڪي سندس کوپڙيءَ ۾، ٻاهر نڪتل ڏندن جي ٽئين حصي جيترو اندر ڀچيل ٿين ٿا. ان کي ڪڍڻ لاءِ هنرمند ماڻھوءَ جي ضرورت آهي نه ته سڄو قيمتي عاج چٿرجيو وڃي. هونءَ ان جو سولو طريقو اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته کوپڙيءَ کي ست اٺ ڏينھن ڇڏي ڏجي ته پئي خراب ٿئي ۽ سڙي جيئن عاج جي ڀر وارا ريشا ڪونئرا ٿي وڃن. پوءِ يڪو ڏند کي ڇڪي ڪڍي سگهجي ٿو. پر گهڻا شڪاري چوريءَ جي چڪر ۾ جلدبازيءَ ۾ هوندا آهن ۽ جهٽ پٽ ڪڍڻ لاءِ مئل هاٿيءَ جي کوپڙيءَ مٿان ڇيڻا ۽ ڇوڏا رکي هلڪي باهه ڏين، جيئن ڏندن جي اوسي پاسي وارو گوشت رڌجي نرم ٿي وڃي ۽ پوءِ ڏند سولائيءَ سان نڪريو اچن.
• آفريڪن هاٿي پالتو جانور نه آهي. جيڪي هاٿي دنيا جي سرڪس ۾ نظر اچن ٿا، اهي هندستان، سريلنڪا ۽ ٿائلينڊ پاسي جا آهن. ان لاءِ هندستاني اڪثر اهو چوندا آهن ته هندستان جي تھذيب جيئن ته آفريڪا کان پراڻي آهي، ان ڪري اتي جا هاٿي وڌيڪ سڌريل ۽ تهذيب يافته آهن.
• هاٿيءَ کانپوءِ واڳون پڻ آفريڪا جو اهم جانور آهي، جيڪو ڍنڍن، ڍورن ۽ درياهن ۾ عام ملي ٿو. واڳون ڏسڻ ۾ سڀ کان گدلو جانور آهي ۽ ويهه فٽ کن ڊيگهه ٿئيس. هو شڪار کي وات ۾ سوگهو ڪري ست اٺ ڪلاڪ پاڻيءَ اندر جهلي بيھي ٿو جيئن ان جو گوشت نرم ٿئي. پوءِ ان کي سڄو ڳڙڪايو ڇڏي.
• ڦٽيل جنگلي سان سڀني جانورن ۾ خوفناڪ مڃيو وڃي ٿو. آفريڪا جيگهاٽن جهنگلن ۾ ڪيترائي زهريلا نانگ بلائون پڻ ملندا. سڀ کان خوفناڪ ”ڪارو مامبا“ چيو وڃي ٿو جيڪو بنا هُر ڇُر جي به ماڻھوءَ کي ٽن منٽن م ختم ڪريو ڇڏي. هونءَ نانگ_ بلا جي چڪ کان هر ڪو بچي سگهي ٿو جيڪڏهن هن کي علاج لاءِ ترت دوا (Serum) ڏني وڃي. پر آفريڪا ۾ نه ايتريون اسپتالون آهن ۽ نه وڏن شھرن ۽ اسپتالن ۾ پھچڻ جا رستا ۽ سواريون. ان کان سواءِ هتي جي ماڻھن کي انگريزي دوائن کان وڌيڪ جاهل ويڄن، ڪوڙن حڪيمن ۽ جادوگرن جي دوائن ۽ جنتر منترن ۾ گهڻو ويساهه آهي. نانگ جو زهر ساهه تي ڪنٽرول ڪندڙ نسن کي بي ستو ڪريو ڇڏي، ۽ ماڻھو ٻوسٽ Suffocation کان مريو وڃي.
مٿي ذڪر ڪيل جانورن کان سواءِ آفريڪا ۾ ٻيا به ڪيترائي جانور آهن. بلڪ ايئن کڻي چئجي ته آفريڪا کنڊ جانورن جي ڪري ٻين سڀني کنڊن کان نرالو آهي ته بيجاءِ نه ٿيندو.

هڪ نه پر ٻه آفريڪائون آهن

آفريڪا کنڊ جو صحارا رڻ پٽ (Sahara Desert) وارو پٽو سڄي دنيا ۾ مشھور آهي۽ وڏي ۾ وڏو بيابان آهي. سندس پکيڙ سوا ٽي سئو ملين چورس ميل آهي، جنھن ۾ لبيا ۽ نوبيا جا رڻ پٽ پڻ اچي وڃن ٿا. صحارا جو هي پٽو ساڄي پاسي مصر ۽ ڳاڙهي سمنڊ کان وٺي کاٻي پاسي موراڪو ۽ موريطانيا تائين وڃي دنگ ڪري ٿو ۽ آفريڪا کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. هڪ صحارا رڻ پٽ جو مٿيون حصو جيڪو ڀونچ (Mediterranean) سمنڊ جي ويجهو آهي ۽ مصر جھڙي پراڻي تھذيب واري ملڪ کان وٺي آلجيريا، ٽيونيشيا ۽ موراڪو جھڙا ملڪ اچي وڃن ٿا، جيڪي رومين جي ڏينھن ۾ انگلينڊ، ناروي، سئيڊن کان به وڌيڪ يورپ جو حصو لڳندا هئا. اڄ به اهي ملڪ ڏکڻ اسپين، يونان ۽ ترڪيءَ کان مختلف نه آهن. ٻيو صحارا جو هيٺاهون ڏکڻ وارو حصو جنھن ۾ سوڊان جو حصو چاڊ، نائيجر، زائر، ڪانگو جھڙا ملڪ اچي وڃن ٿا، جيڪي صحارا جي رڪاوٽ، گهاٽن ٻيلن، اڻانگن رستن، گرمي ۽ جيت جانورن جي ڪري ٻين ملڪن کان ڇنل رهيا ۽ مٿن ڌارين تھذيبن جو اثر دير سان ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ آفريڪا جي ان اڻ سڌريل حصي ۾ به ترقي اچي رهي آهي ۽ تمام تکي رفتار سان.
صحارا رڻ پٽ کي واريءَ جو سمنڊ به سڏيو وڃي ٿو ۽ اهو واقعي سمنڊ مثل آهي، جنھن ماڻھوءَ جي اچ وڃ محدود ۽ مشڪل ڪري ڇڏي آهي. ڀونچ سمنڊ ٽپي يورپ کان اتر آمريڪا ۾ اچڻ آسان آهي پر اتر آفريڪا کان ڏکڻ آفريڪا پھچڻ لاءِ، صحارا جو رڻ پٽ لتاڙڻ، اڄ به ڏکيو ڪم آهي.
يورپي قومن مان فرينچن ته ڪڏهن به آفريڪا کنڊ کي يڪو هڪ نه سڏيو. هنن لاءِ آفريڪا صحارا جي ڏکڻ وارو حصو هو. صحارا جي اتر وارو حصو جيڪو ڀونچ سمنڊ جي ڪناري تي آهي، ان کي Afrique Norie (يعني اتراهون آفريڪا) سڏيو، جيڪو موسم ۽ ماحول ۾ ڪجهه ڪجهه يورپ جيان لڳي ٿو. صحارا جو ريگستان ٻن آفريڪائن کي پل جيان ڳنڍي به ٿو ته ساڳي وقت لوڙهي جو ڪم ڏيئي، کين هڪ ٻئي کان ڌار به ڪري ٿو.
هونءَ سڄي آفريڪا بابت ماڻھن جو اهو تاثر آهي ته آفريڪا هڪ اونداهو کنڊ آهي. ماڻھو وحشي ۽ جهنگلي آهن. گرمي گهڻي ٿئي ٿي، وغيره. پر ڏٺو وڃي ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ_ يعني حضرت عيسيٰ کان به ٻه ٽي هزار سال اڳ، دنيا جا سڀ کان گهڻا تهذيب يافته ماڻھو هتي آفريڪا ۾ ئي رهندا هئا. اهي هئا مصري، جيڪي نيل نديءَ جي ڇوڙ کان وٺي اڄ جي اسوان ڊئم تائين پکڙيا پيا هئا. شھنشاهه خوفوءَ ۽ ٻين فرعونن جا اهرام اڄ به ان ڳالهه جو ثبوت آهن. اهي وڏي عيش عشرت جي زندگي گذاريندا هئا، ماڻھن کي لکڻ پڙهڻ ايندو هو۽ ان وقت جي آرٽسٽن، سونارن، ڪنڀارن ۽ واڍن جي هنرن جا اڄ به اهڃاڻ ملن ٿا. حساب ڪتاب ۾ هو انگي حساب جي ڏهائي (Decimal System) وارين جدولن کان به واقف هئا. ان کان سواءِ دوا درمل جي به ٿوري گهڻي ڄاڻ هين. ويندي سرنھن ۽ ڄانڀي جي تيل جي استعمال کان به واقف هئا.
مٿي اوڀر پاسي دجله (Tigris) ۽ فرات (Euphrates) ماٿرين جي تھذيب به ان سان ملندڙ جلندڙ هئي، ان دور کان وٺي، آفريڪا جي ان مٿين حصي ۾ ڪئين سپهه سالار، فاتح ڦُري ڀڄڻ وارا، اچي اڏڻ وارا ۽ رهي لڏڻ وارا پئي آيا ۽ ويا. اها اچ وڃ ترقيءَ جون راهون وڌيڪ هموار ڪندي ويئي. فونيشن اوائلي واپارين مان هئا، جيڪي ڀونڇ سمنڊ جي ڪنارن وارن شھرن: ٽائر ۽ سيڊان اڄ جي لبنان ۽ اسرائيل وارن علائقن) کان ايندا هئا۽ حضرت عيسيٰ کان به اٺ سئو سال کن اڳ اتر آفريڪا ۾ ڪارٿيج شھر ٻڌائون، جيڪو هينئر ٽيونيشيا ۽ ٽيونس وارو حصو آهي. اهي پاڻ سان انگور، انجير ۽ زيتون (Olives) کڻي آيا. جن جي آفريڪا ۾ پوک شروع ڪيائون. ان سان گڏ ڪيترن قسمن جا پالتو وهٽ پڻ آندائون.
انھن کان پوءِ آفريڪا ۾ يوناني آيا، جن سائيرين ۽ (اڄ جي لبيا جي بن غازي شھر وارو علائقو) 631 ق. م ۾ اچي وسايو. يونانين جو آرٽ ۽ ادب اڄ به دنيا ۾ مڃيو وڃي ٿو. انھن جي اچڻ ڪري آفريڪا تي ڪيترين ئي يوناني شين جواثر پيو. سن 332 ق. م ۾ سڪندر اعظم پنھني يوناني حڪومت سان مصر کي ملايو ۽ السڪندريه 01_ (برٽرانڊ رسل پنھنجي ڪتاب wisdom of west ۾ لکيو آهي ته سڪندريه شھر جو بنياد سڪندر بادشاهه عيسوي سن کان 332 سال اڳ وڌو.) (Alexandria) جي تن ڏينھن جي لائبريري دنيا ۾ مشھور هئي، جنھن جو بنياد بطليموس رکيو ۽ ابتدائي ڪم ڊميٽرس پنھنجي هٿن ۾ کنيو. سڪندر بادشاهه يوناني حڪيم ۽ مفڪر ارسطو جو شاگرد هو. پاڻ هن لائبريريءَ جي سڄي اسٽاف کي پنھنجي کيسي مان پگهار ڏيندو هو. (2. ڪتاب وزڊم آف ويسٽ_ برٽراند رسل_ صفحو 95) افسوس جو اهو ڪتب خانو جيوليس سيزر جي حملي وقت ساڙيو ويو ۽ باقي رهيل حصو سن 389 ۾ هڪ ٻئي رومي بادشاهه ٿيوڊاسيس تباهه ڪرائي ڇڏيو. (3_ڪتاب Decline & Fall of Roman Empire ليکڪ: مشھور مورخ گبن(Gibbon.
السڪندريه جو شھر يوناني نموني سان اڏيو ويو هو ۽ پراڻي زماني جو وڏو شھر مڃيو وڃي ٿو. مارڪ ائنٽوني ۽ ڪلوپيٽرا سن 31 ق. م. ۾ ائڪٽم جي جنگ ۾ رومين هٿان شڪست کائڻ بعد، يونانين جي جيتوڻيڪ حڪومت ختم ٿي وئي پر اتر آفريڪا جي ترقي قائم رهي ۽ رومن سلطنت الجيريا ۽ موراڪو جي ڪنارن تي ٻڌايل سھڻن شھرن جي نگھباني ڪندي رهي. هي اهو دور هو جڏهن رومن سلطنت سڄي ڀونچ سمنڊ تي ڇانيل هئي ته حضرت عيسيٰ ڄائو ۽ پوءِ عيسائيت پکڙي. ٽين صديءَ جي آخر تائين اتر آفريڪا ۾ يھودين کان سواءِ عيسائي به چڱو زور وٺي ويا۽ ”سينٽ آرگسٽائن آف هپو“ جھڙا مشھور رهنما ان دور جي پيداوار آهن.
اتر آفريڪا ۾ رومن حاڪمن جو زور وري عربن ڀڳو. حضور ﷺ جن جي ولادت کانپوءِ اسلام جو اثر جتي ڪٿي ڇانئجڻ لڳو. عرب هڪ طاقتور قوم ٿي پيئي ۽ 630ع ڌاري عربن شام فتح ڪيو. سال کن کانپوءِ ميسوپوٽاميا 639ع ۾ مصر تي به سندن حڪومت ٿي ۽ پورن ٽن سالن بعد السڪندريه ۾ اچي نڪتا. 702ع ڌاري هو آفريڪا جو اتر وارو ڪنارو فتح ڪندا اچي اولهه پاسي کان نڪتا جتي اڄ ڪلهه الجيريا ۽ موراڪو آهي. اتان سمنڊ جي سوڙهي ڳچي پار ڪري اسپين جو ڳچ حصو پنھني هٿ هيٺ ڪري ويا.
ان کانپوءِ سورهين صديءَ ڌاري اتر آفريڪا_ خاص ڪري مصر، ترڪن جي هٿ هيٺ آيو. بھرحال شروع جي عربن کان وٺي ويندي اُوڻيھينءَ صديءَ ۾ فرينچن ۽ انگريزن جي اچڻ تائين اتر آفريڪا ۾ اسلام جو ئي اثر رهيو. بقول هڪ مشھور ليکڪ جان گنٿر جي ته ڏکڻ آفريڪا ۽ اتر آفريڪا جيتوڻيڪ الڳ الڳ آهن پر منجهن ڪي اهڙيون به هڪ جھڙيون شيون آهن، جي ٻنھي آفريڪائن ۾ ساڳيائيءَ جو اثر ڏين ٿيون. انھن مان سڀ کان وڏي ۾ وڏي شيءِ دين ”اسلام“ آهي جو نه فقط اتر آفريڪا ۾ پر صحارا کان هيٺ به ڇانيل آهي.

غلامن جو واپار

هڪ ڏينھن شام جو اسان جي جھاز جو ڪئپٽن محسن خان۽ آءٌ پورٽ سوڊان بندرگاهه ٻاهران واڪ ڪري رهيا هئاسين ته هڪ انگريز وڏي ايئرڪنڊيشنڊ ڪار ۾ اچي لنگهيو. اسان کي ڌاريو سمجهي پنھنجي ڪار ۾ لفٽ ڏنائين ۽ شھر ۾ کڻي آيو. هو ڪنھن پيٽروليم ڪمپنيءَ طرفان ڳري پگهار تي هتي (پورٽ سوڊان) ۾ نوڪريءَ ۾ لڳل هو.
ڪئپٽن محسن کي وار ٺھرائڻا هئا، سو اسان هن انگريز کان موڪلائي سڌا اچي هڪ هوٽل ۾ حجام جي دڪان تي چڙهياسين. حجام ڪو گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ته نه هو پر باشعور ضرور هو. هوٽل ۾ رهندڙ فارينر سندس گراهڪ هجڻ ڪري هو سٺي انگريزي ڳالھائي سگهيو ٿي. هونءَ به سوڊان تي انگريزن جو راڄ هجڻ ڪري هتي جا ماڻھو مادري زبان کان سواءِ ٻي زبان فرينچ يا پورتگالي نه پر انگريزي ڳالھائين ٿا. حجام جنھن جو نالو بن احمد هو، اصل ڏکڻ سوڊان جي ”جوبا“ نالي ڪنھن شھر جو رهاڪو هو، جتي سندس ٻار ٻچا اڃا رهن ٿا ۽ هي ڪجهه سالن کان هتي ڪمائيءَ لاءِ آيل آهي.
پورٽ سوڊان جي آس پاس وارو علائقو به جيتوڻيڪ نوريبان رڻ پٽ ڪري ويران آهي پر بندرگاهه ڪري ڪجهه ڪمائيءَ جا آثار اٿس. سوڊان جي گاديءَ جو هنڌ خارطوم به چڱو ويجهو آهي. پر کيس سڀ کان گهڻي اها خوشي هئي ته هو اتر سوڊان ۾ آهي، جيڪو ڏاکڻي سوڊان کان وڌيڪ اتاهون ۽ سڌريل سمجهيو وڃي ٿو. غلاميءَ جي زماني کان وٺي سوڊان جي ڏاکڻي حصي جا ماڻھو اتر سوڊانين جي هٿ هيٺ رهيا آهن ۽ ڏکڻ سوڊان غلامن جو حوض سمجهيو ويو ٿي، جتان ضرورت موجب شيدين کي ڦاسائي نه فقط سوڊان، مصر، عربستان ۾ پورهئي لاءِ جوٽيو ويو ٿي پر يورپ ۽ آمريڪا ڏي وڪري لاءِ پڻ موڪليو ويو ٿي.
اسان جي ملڪ جي ماڻھن جو سوڊانين سان واسطو سالن کان حج جي ڏينھن ۾ جدي ۽ مڪي مديني ۾ پوندو رهي ٿو. بيمار ۽ پوڙهن کي کڻي طواف ڪرائڻ يا ٻين سخت پورهين لاءِ، سوڊاني نظر ايندا. اڄ ڪلهه گلف جي ملڪن ۾ نوڪريءَ دوران ڪيترائي سوڊاني شيدي، آفيس توڙي رستن جاين تي پاڪستاني پٺاڻن، ٻروچن ۽ ٻين محنتي قومن سان گڏ پورهيو مزدوري ڪندي نظر ايندا. اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪي شيدي آهن، انھن جو گهڻو ڀاڱو، انگريزن سوڊان ۽ زنجبار (Zanzibar) کان آندو.
غلامن وڪڻڻ جو مرض آفريڪا ۾ اڍائي سئو سال_1562ع کان 1800ع تائين وڏي زور شور سان هليو. آمريڪا ۾ اڄ به ڏهه سيڪڙو شيدي ملندا جن جا وڏا ڪنھن زماني ۾ غلامن جي حيثيت ۾ پنھنجي اباڻي وطن: ڪئمرون، لئانڊا، ائنگولا_ يا ڪنھن ٻئي آفريڪي ملڪ کان ڍورن ڍڳن کان به خراب حالتن ۾، جھازن ۾ سٿجي، آمريڪا پھتا هئا. غلام وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ جو ڌنڌو اهڙو دلپسند ۽ ڪمائيءَ وارو ٿي پيو هو جھڙو اڄڪلهه عرب ملڪن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ويزا جو آهي. اها خريد و فروخت آفريڪا جي ٻنھي پاسي زور شور سان هلي. اولھه واري ڪناري ڏي_ يعني سينيگال، گيني، گهانا، ڪئمرون، گئبان، ڪانگو، زائر۽ ائنگولا پاسي يورپين وٺ وٺان لاهي ڏني ۽ جانٺا شيدي ڦاسائي، يا خريد ڪري آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ڏي موڪلڻ لڳا ته هوڏانهن ساڄي اوڀر پاسي_ يعني ڪينيا، تنزانيا، موزمبق پاسي ٿورو يا گهڻو اهو ڌنڌو عرب ڪرڻ لڳا ۽ اهو مال ترڪي، هند سنڌ ۽ وچ اوڀر ڏي موڪلڻ لڳا. ان ڪار گذاريءَ ۾ خود آفريڪا جا اصلي باشندا به شامل هئا، جيڪي وچ آفريڪا جي ڏکين ۽ اندروني حصن مان پنهنجا شيدي ڦاسائي ايندا هئا. ڪيترا شيدي قبيلن جا سردار يورپي واپارين کان لوڻ، بندوقون ۽ ڪپڙو حاصل ڪري مٿاهون مرتبو ماڻڻ لاءِ پنھنجن قبيلن جا ڏوهن ۾ گرفتار شيدي هنن حوالي ڪري ڇڏيندا هئا.جن جو يورپي ۽ آمريڪي منڊين ۾واڪ هلندو ۽ سودو ٿيندو هو. ان جو ڏک ڀريو ذڪر آمريڪا جي مشھور انعام يافته ٽي وي سيريز (Roots) ۾ ڏنو ويو آهي.
تاريخ شاهد آهي ته آمريڪا ويندي ويندي، اهي انسان جانورن واري نموني سان جڏهن بکون، اڃون، سخت طوفان ۽ سمنڊ جون سعوبتون سھي دنيا جي ٻئي ڪناري تي پھچندا هئا ته سندسن حالت لاشن جھڙي هوندي هئي. ڪيترا رستي ۾ مري ويندا هئا. جيڪي رستي تي اڇليا ويندا هئا يا سندن گوشت باقي بچيلن کي کارايو ويندو هو.
غلامن جي واپار تي پوءِ جيتوڻيڪ بندش وڌي ويئي ته به لڪ چوريءَ ۾ 1913ع تائين ٿورو گهڻو هلندو رهيو، جنھن جو ذڪر ڊاڪٽر البرٽ سويٽزر فرينچ آمريڪا ۾ تڏهن اچڻ تي ڪيو آهي.

سوڊان ۾ مھدي ۽ چرچل جي لڙائي

آفريڪا کنڊ جا اصل رهاڪو آهن ته سڀ ڪارا ۽ شيدي، پرگني، آئوري ڪوسٽ، سينيگال، گهانا، والٽا، نائيجيريا پاسي رهندڙ ڊگها، ڪارا، ٿلھن چپن وارا شيدي نيگرو سڏجن ٿا. ڏکڻ آفريڪا جا شيدي هاٽينٽوٽس (Hottentots) ۽ بش مين (Bush men) ۽ ڪانگو جي ٻيلن ۾ رهندڙ ننڍي قد جا پگمي،ڏکڻ آفريڪا کان ٿورو مٿي وچ آفريڪا ۾ ڪنھن زماني ۾ بنتو زبانون ڳالھائيندڙ شيدين جا قبيلا رهيل هئا.
آفريڪا جا شيدي ڪو عرصو ته ايئن ٽڙيا پکڙيا رهيا. پوءِ ننڍن قبيلن ۾ گڏ ٿيا، جنھن تي ڪنھن هڪ ڏاڍي مڙس جو زور هليو ٿي. پوءِ آهستي آهستي ڪنھن قبيلي جي وڏي لٺ سردار ٻئي قبيلي جي ڪمزور سردار سان جهيڙو ڪري ان قبيلي تي به حڪم هلايو. اهڙيءَ طرح قبيلن مان ڦري وڏا راڄ ۽ راڄن مان حڪومتون ٿيون. پندرهين صديءَ ڌاري ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون بادشاهتون زامبيزي ۽ لمپوپو ندين جي وچ ۾ ٺھي پيون. گهانا ۽ مالي وغيره اولھه آفريڪا جي پھرين حڪومتن مان آهن جن تي چڱي طرح حاڪمن جا حڪم هليا ٿي.
مالي ملڪ تن ڏينھن ۾ سکيو ستابو هو. ڌارين جي ان سلسلي ۾ اک تڏهن پٽي، جڏهن 1324ع ۾ ماليءَ جو مسلمان بادشاهه مانسا موسيٰ خشڪيءَ ذريعي حج ڪرڻ لاءِ سنڀريو. هو جنھن شان سان اُٺن جي قافلي تي صحرا پار ڪري رهيو هو تنھن جو ذڪر ڪيترن ئي يورپي ڪتابن ۾ ملي ٿو...” هن جي اڳيان پنج سئو غلام هئا، جن مان هر هڪ جي هٿ ۾ سونو ڏنڊو هو ۽ پٺيان سئو اٺن جو قافلو. هر هڪ اٺ تي ٽي سئو پائونڊ (پوڻا چار مڻ کن) سون رکيل هو. هن تحفن ۽ خرچ پکي پٺيان ايڏو ته سون هلايو جو مصر جي بازارين ۾ سون جو اگهه ڪري پيو ۽ ٻارهن سالن تائين قاهري جا ماڻھو هن جو ذڪر ڪندا رهيا”. (” آفريڪا_ سائوٿ آف صحارا“ ؛ ليکڪ: جي. ڊبليو. ڪنگس. صفحو 16).
هتي سوڊان ۾ جيڪي خاص قبيلا رهن ٿا، اهي آهن: “ڊنڪا، گاليين، دارفر، بارگارا، گاواما ۽ ڪجهه عرب قبيلا (Dunlop Book of Facts_2، صفحو 215، ڇاپو ٻيو).
خارطوم شھر در اصل هڪ نه پر ٽي شھر آهن. هڪ اصلوڪو خارطوم، ٻيو اتر خارطوم ۽ ٽيون وري نيل نديءَ جي ٻئي ڪپر تي عم درمان آهي، جيڪو عربن جو شھر سڏجي ٿو ۽ ان وقت جي خليفي ٻڌايو. خارطوم مصرين 1823ع ۾ ٻڌايو ۽ 1899ع ۾ لارڊ ڪچنر کيس وڌايو ويجهايو.
اڄڪلھه سوڊان ۾ گهڻي ۾ گهڻي زبان عربي هلي ٿي. ان کان سواءِ نيلوٽڪ، دارفورين ۽ ٻيون آفريڪي زبانون ڳالھايون وڃن ٿيون. 1950ع تائين ته سرڪاري طرح رستن تي نالا وغيره ٽن زبانن: انگريزي، عربي ۽ يونانيءَ ۾ لکيا ويندا هئا.
پندرهين صديءَ ۾ سوڊان جي مختلف قبيلن مان هڪ حڪومت ٺاهي. 22_1820ع ۾ محمد احمد نالي جيڪو مھدي جي نالي سان مشھور ٿيو، شڪست ڏني. مھديءَ نالي چيو وڃي ٿو ته پڪو مذهبي ماڻھو هو ۽ درويشن جو لشڪر وٺي انگريزن ۽ مصرين خلاف جھاد ڪيائين. پاڻ جيتوڻيڪ 37 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ قدرتي موت کان گذاري ويو پر پٺيان گهڻو سوڊان مصرين جي ظلم کان آجو ٿي ويو.
مزي جي ڳالھه اها ته مصرين انگريزن کان مدد ضرور گهري، جن جنرل چارلس جارج گورڊن کي خارطوم موڪليو. پر کيس خارطوم تي حملو ڪرڻ لاءِهرگز نه چيو ويو هو. هن سوڊان پھچي پنھنجي پاليسي ٺاهي. مھديءَ جي فوج سندس مقابلو ڪيو. ويڙهه ۾ هڪ درويش جو ڀالو گورڊن کي محلات جي ڏاڪن وٽ وڃي لڳو ۽ اتي ئي ڍيري ٿي پيو. اهو محلات اڄ ڪلهه گورنر جنرل جو سرڪاري گهر آهي.
تيرهن سالن بعد انگريزن ان جو بدلو ورتو. سن 1898ع ۾ جنرل ڪچنر_ جيڪو پوءِ “خارطوم جو لارڊ ڪچنر” مشھور ٿيو، وڏو لشڪر وٺي آيو. مصرين به سندس مدد ڪئي، هزارين درويش مارجي ويا. لارڊ ڪچنر جي سپاهين ۾ هڪ نوجوان انگريز سپاهي اهڙو به هو جيڪو پوءِ اڳتي هلي دنيا جي اهم شخصيت ٿيو. اهو هو سر ونسٽن چرچل. اڄ کان چوراسي سال اڳ ونسٽن جي هن مھم جو ذڪر پاڻ پنھنجي ڪتاب ۾ پيرائتو ڪيو اٿس. (A Roving Commission. _ ليکڪ ونسٽن چرچل، ص 182). لارڊ ڪچنر مھديءَ جي جاءِ تي هڪ ٻيو مذهبي رهنما عبدالله نالي خليفو ٿيو هو، جنھن کي لارڊ ڪچنر جي لشڪر 1899ع ۾ ڪورڊوفان ۾ ماريو. (2. Inside Africa_ ليکڪ جان گنٿر. ص 231.)
1899ع کان سوڊان تي انگريزن ۽ مصرين جي ٻٽي (Condominium) حڪومت قائم ٿي. جيتوڻيڪ لکت پڙهت ۾ ته ٻنھي جو هڪ جيترو مرتبو هو پر حقيقت ۾ انگريزن ئي حڪومت هلائي ٿي. ڪچنر سوڊان جو ڏهن سالن (99_1889ع) تائين ڪمانڊر_ ان_ چيف ۽ گورنر جنرل ٿي رهيو. ان بعد سر ريگالڊ ونگيٽ وڌيڪ سترهن سالن، 1916ع تائين رهيو. هونءَ ٻٽي حڪومت هلائڻ جي فيصلي موجب گورنر جنرل مصري ٿيڻ کپندو هو. پر انگريزن ڏنڊي جي زور تي اهو ڪي ڪجهه ڪيو جيڪو کين وڻيو ٿي ۽ مصري ان معاملي ۾ جڪ کائيندا رهيا. نيٺ 1951ع ۾ مصري وفدن يڪ راءِ ٿي اهو بحال ڪيو ته ٻٽي حڪومت نه هلندي ۽ مصر جو بادشاهه فاروق سوڊان جو بادشاهه به ٿي رهندو. قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. کين ڪھڙي خبر ته اڳتي هلي سندن بادشاهه سندن ملڪ جو ئي نه رهندو. هوڏانھن ٻي وڏي جنگ چڱن خاصن ملڪن جا به ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا هئا. انگلينڊ کڻي جرمني يا جپان وانگر هارايو نه پر صفا ڦڪڙ ٿي ويو هو_ پئسي ۽ دٻدٻي جي لحاظ کان. انھن ئي ڦيرن ۾ هندستان پاڪستان جھڙا ملڪ به سندن چنبي مان نڪري ويا. سوڊانين ۾ به تيستائين قوميت جو جذبو_ آواز توڙي طاقت ۾ وڌيو. 1956ع ۾ سوڊان کي به انگريزن طرفان خودمختياري/ آزادي ڏني وئي ۽ ان ئي سال گڏيل قومن United Nation جو ميمبر ٿيو. 17 نومبر 1957ع کان مٿس ملٽري راڄ آهي.
اڄ ان سوڊان جي سر زمين تي شام جي وقت واڪ ڪندي، سامھون سوڊاني شيدي مزورن کي بار ڍوئيندي ۽ انگريز فورمئن جي حڪم موجب جھاز تان سوڊان لاءِ آندل تيل کوٽڻ جي مشينريءَ جو نازڪ ڪارگو لاهيندو ڏسي سوڊان جي تواريخ جا پراڻا ورق اکين اڳيان ڦري ويا. جيڪي ڪنھن به صورت ۾ سونا روپا ورق نه آهن. چرچل، ڪچنر، گورڊن، مصري حاڪم، مھدي، عبدالله، غريب عوام، ڪارا شيدي، گورا انگريز_ ڪيترا ڪلور هن ڌرتيءَ سان به ٿيا. اڄ آزاد آهن. پر تعليم گهٽ آهي، ٽيڪنيڪل Know_How ناهي. انگريز (توڙي يورپي، آمريڪن) فورمئن کان سواءِ ڪارگو لھڻ مشڪل آهي. مصري واپارين جي اٽڪلن/ ٺڳين کان سواءِ هن ملڪ جو واپار وڙو ائين آهي جيئن ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ هندو واڻئي ۽ کوجي بوهري واپاريءَ بنا. چون ٿا ته سوڊان ۾ تيل جون نديون وهي رهيون آهن. هونديون. بلڪل هونديون. انگريز ۽ آمريڪن چڍين ۾ وڏن پگهارن تي ڪم ڪري رهيا آهن، ڪڏهن تيل نڪرندو؟ اڃان ڪيترا سال لڳندا؟اهو پئسو حڪومت ڪھڙي نموني استعمال ڪندي؟ سامھون قطار ۾ ٻني تي ويٺل بي شمار غريب بيروزگار سوڊاني شيدي ڪڏهن هٿ جي ڪمائيءَ جو ڳڀو کائي سگهندا؟_ مون جھڙو هڪ عام ۽ ڌاريو ماڻھو/ مسافر ڇا ٿو چئي سگهي!.

(پورٽ سوڊان_ 1981)

پنجابي فلمن جو ولين آفريڪا ۾

اسان جھازين جو هينئر آفريڪا ۾ فقط تڏهن اچڻ ٿئي ٿو، جڏهن آفريڪا جي ڪنھن خاص بندرگاهه لاءِ سامان ملي ٿو. پر جيسين سئيز ڪئنال بند هو ته يورپ يا آمريڪا ايندي ويندي هر Voyage ۾، تيل پاڻي يا ٿورو گهڻو ڪارگو لاهڻ چاڙهڻ لاءِ آفريڪا جي ٻن ٽن بندرگاهن کي، ضرور Call ڪرڻو پيوٿي. ڪراچيءَ کان آمريڪا يا يورپ وڃڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي. سو جيستائين سوئيز ڪئنال بند هو، تيستائين آفريڪا جي مختلف ملڪن ۾ اسان جو تمام گهڻو اچڻ ٿيو ٿي. خاص ڪري ممباسا (ڪينيا) جنھن تي انگريزن جو ڪنھن زماني ۾ راڄ هو، بيرا ۽ لارينزو مارڪس (موزمبق)_ جن تي پورچوگالين جو راڄ هو ۽ پوءِ اسان جي سامھون کين پورچوگالين کان آزادي به ملي، ڪيپ ٽائون(سائوٿ آفريڪا) ڊڪار (سينيگال)_فرينچن جي آفريڪا ۾ مضبوط بيٺڪ، ۽ موراڪو (المغرب) وغيره ۾ ته ڪيترائي دفعا اچڻ ٿيو. ان کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن گني بسائو، گئمبيا، آئوري ڪوسٽ جھڙن اڻ مشھور ملڪن ۾ به جھاز کي وٺي وڃڻو پيوٿي، جن ملڪن جي بندرگاهن جا، هن وقت نالائي وسري ويا آهن. اتي گهمڻ نه گهمڻ برابر هو ۽ اتي جون ڪي خاص ڳالھيون ياد نه آهن. ان هوندي به انھن آفريڪي بندرگاهن جا هن وقت ڪجهه اڻ وسرندڙ عجيب واقعا، جيڪي چٽا/ اڻ چٽا ياد اچي رهيا آهن، تن مان هڪ ٻه، پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڏيان ٿو.
جھاز موزمبق جي بندرگاهه لارينزومارڪس ۾ ڪارگو کڻڻ لاءِ آيو هو. موزمبق آفريڪا جي ڏکڻ واري حصي ۾ اڀرندي ڪناري تي آهي. سندس مٿان تنزانيا آهي ۽ هيٺ سائوٿ آفريڪا. ساڄي پاسي موزمبق چئنل وارو سمنڊ اٿس ته کاٻي پاسي ”وچ آفريڪا“ جا ملڪ: ملاوي، زئمبيا ۽ روڊيشيا آهن. ڪراچيءَ کان مڙيئي نو ڏهه ڏينھن جو پنڌ ٿيندو. پر تن ڏينھن ۾ اڃا ايترا تيز رفتار جھاز نه به هئا ۽ ان دفعي اسان کي سمنڊ به تمام خراب مليو هو سو لاررينزو مارڪس (موزمبق) پھچڻ ۾ پنڌرهن ڏينھن لڳي ويا. ۽ جڏهن پھتاسين ته خبر پيئي ته بندرگاهه ۾ جڳھه ناهي. سو اسان جي جهاز کي ٻاهر ئي کلئي سمنڊ ۾ ائنڪر ڪيرائي انتظار ڪرڻو پيو. ڪيترن ڏينھن جي ڊگهي ۽ اڻانگي سفر بعد ڪراچيءَ کان لارينزو مارڪس پھتا هئاسين، سو ڪناري تي قدم رکڻ لاءِ دل ماندي ٿي رهي هئي. بندرگاهه وارن جي نياپي مان اهو ئي لڳو ٿي ته في الحال ٽي چار ڏينھن ته گهٽ ۾ گهٽ ٻاهر ائنڪريج تي ئي هوائون کائڻيون پونديون. وڌيڪ ڪجهه ڪري به نٿي سگهياسين. هڪ ته پورچوگالين جي ڪالوني هجڻ ڪري ڪنھن انگريزي به نٿي سمجهي جو کڻي لوڪل آفيس وارن کي چئجي ته خطپٽ آيل هجي ته اهو ٻيڙيءَ رستي اسان کي جھاز تي پھچايو. وائرليس تي ويٺل همراهه هر ڳالهه جو جواب فقط هڪ رٽيل انگريزي جملي سان ٿي ڏنو:
No Message for your ship, please wait outside for a few days.
سو اسان ڍرا ٿي ويھي رهياسين.اسان ته هونئن ئي جونئر هئاسين. جي موڪل ٿئي به ها ته ظاهر آهي پھرين سينئر وڃن ها. سو اسان کان وڌيڪ آنڌ مانڌ کين هئڻ گهرجي ۽ هئي. اتفاق اهڙو ٿيو جو ٻئي ڏينھن منجهند ڌاري پري کان هڪ موٽر بوٽ(لانچ) اسان جي جھاز ڏي ايندي نظر آئي. اها لانچ ”شپ چانڊلر“ جي هئي، جنھن جو ڪم ٻين ملڪن کان آيل جھازن جي گهرج موجب ڊيڪ، انجڻ ۽ کاڌي پيتي جو سامان مھيا ڪري بل هيڊ آفيس کي موڪلڻ آهي. کيس اسان جي هيڊ آفيس طرفان نياپو ويو هو ته جيئن موزمبق کانپوءِ اسان جو جھاز آمريڪا جي ڊگهي سفر تي ويندو، سو رستي جي ضرورت جون شيون هتي آفريڪا جي هن بندرگاهه ۾ ئي ڏنيون وڃن.
شپ چانڊلر پورچو گالي هو. اڃا موزمبق آزاد نه ٿيو هو. سو وڏين نوڪرين، کاڻين، ٻنين ٻارن تي پورچوگالين جو ئي قبضو هو. لوڪل ماڻھن يعني شيدين، فقط سخت پورهئي وارا ڪم يا وڏو ڇيهه ته هوٽل جا بئرا يا ڪلارڪ ٿي ڪم ڪيو ٿي. بھرحال ”شپ چانڊلر“ هڪ خوش مزاج طبيعت جو انسان هو ۽ ٿوري انگريزي به آيس ٿي، تنھن ڪئپٽن کي چيو: ”جھاز کي ڪجهه ڏينھن لاءِ ٻاهر انتظار ڪرڻو پوندو. مقامي ايجنٽ، جهازين لاءِ ٻيڙيءَ جو سڀاڻي کان بندوبست ڪيو آهي، جيڪا صبح شام جھاز کان بندرگاهه تائين هلندي. اڄ جيڪڏهن ڪو جھازي بندرگاهه ڏي هلڻ چاهي ته هو منھنجي ٻيڙيءَ ۾ هلي سگهي ٿو. واپسي جي بندوبست لاءِ ايجنٽ کي چوندس ته ڪا ڀاڙي تي ٻيڙي ڪري ڏين“.
اهو ٻڌي اسان خوش ٿياسين.
جھاز تي اهو فيصلو ٿيو ته جھاز کلئي سمنڊ ۾ بيٺو آهي، ان ڪري سڀ سينيئر آفيسر موڪل نه ڪن. انھن جو فقط ٽيون حصو وڃي ۽ اوترا ئي جونيئر ۽ خلاصي پڻ. جونيئر معنيٰ ڪئڊٽ، فورٿ آفيسر، جونيئر انجنير ۽ ففٿ انجنيئر وغيره. تن ڏينھن ۾ اڄ وارا هي ”ٿور_ماڻھوئا“ آٽوميٽڪ (unmanned_ships) جھاز نه هئا، جيڪي اڄڪلهه عام ٿيندا وڃن. تن ڏينھن ۾، ماشاء الله، هر جھاز تي سٺ ستر کن ماڻھن جو عملو هو. تن مان ويھارو کن شپ چانڊلر جي لانچ ۾ چڙهي لارينزو مارڪس بندرگاهه جي ڪناري تي اچي لٿاسين_ جيڪو موزمبق ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شھر ۽ گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي. (لارينزو مارڪس پورچوگالي لفظ آهي ۽ ويجهڙائيءَ ۾ موزمبق جي آزاديءَ بعد ان شھر جو نالو “ماپوتو” رکيو ويو آهي). اوڀر آفريڪا جي هن سامونڊي ڪناري واري خوبصورت شھر م اچي خوش ٿياسين. حقيقت ۾ خوشي شھر جي خوبصورتيءَ ڪري نه پر جھاز جي ساڳي ۽ بور ڪندڙ ماحول کان نجات ملڻ ڪري محسوس ٿي.
شپ_چانڊلر ٻڌايو ته سج لٿي مھل، اٽڪل ڇھين بجي ڌاري، هن ئي هنڌ تي اسان جي لاءِ ٻيڙي بيٺي هوندي جيڪا اسان کي جھاز تي واپس کڻي هلندي. جهاز تي واپس موٽڻ جو پروگرام ڌيان ۾ رکڻ بعد هرڪو ٽولي ٽولي ۾ ٽڙي پکڙي ويو. اسان جي ٽولي ۾ مون سان گڏ هڪ ڪئڊٽ (جيڪو اڄ ڪلهه ايران جي جھازن جو ڪئپٽن آهي۽ ٻيو فورٿ انجنيئر (مون کان هڪ رئنڪ مٿي) هو. آءُ تن ڏينھن م ففٿ انجنيئر هوس،يعني سڀ کان ننڍو انجنيئر.
بندرگاهه ۾ پھچڻ تائين هر ڳالهه ٺيڪ ٺاڪ پئي وئي. اسان ٽنھي مان هر هڪ جي کيسي ۾ ڪي پنج ڏهه ڊالر مس هئا، جن جي آڌار تي ٻانھ لوڏي شھر جا چڪر هڻڻ شروع ڪياسين. هڪ ڳالهه ضرور هئي ته تن ڏينھن ۾ جيتوڻيڪ جونيئر هئاسين، جھاز پراڻا ۽ تڪليف وارا هئا، ڊيوٽي سخت هئي، پگهار ٿورو هو پر خوشي ۽ خوشيءَ جو ڪو ڪاٿو ئي نه هو. اها گهڙي اڄ به ياد پئي اچي ته ڪيئن نه ٽئي ڄڻا لارينزو مارڪس (ماپوتو) شھر جي فٽ پاٿن تي کلندا ڪڏندا وڃي هڪ سستي قسم جي هوٽل ۾ چانھه پيئڻ لاءِ ويٺاسين. هوٽل جا بئرا مڪاني ماڻُھو شيدي هئا پر شيدي گراهڪن کي اندر گهڙڻ جي اجازت هئي. سستي قسم جي هوٽل هجڻ ڪري مڙيئي اسان جھڙن ايشين کي موڪل هئي. ٻين نج يورپي هوٽلن ۾ ته اسان کي به وهڻ جي اجازت نه هئي. اتي فقط پورچوگالي ۽ ٻيا اڇي ۽ ڀُوري کَل وارا يورپي پنھنجين ٿلھين سنھين مڊمن سان بالم ٿيو ويٺا هئا ۽ اسان فٽ پاٿ تان لنگهي ٿي وياسين. بھرحال انھن ڳالھين به اسان جي ذهن تي تنھن وقت ڪو اثر نٿي ڪيو. ڪو اچڻ ڏئي ته ڇا ۽ ڪو اسان کي ڪارو سمجهي نه اچڻ ڏئي ته به وڃي ڌوڙ پائي. حقيت ۾ اهڙي گوري جي مھانگي هوٽل ۾ کيسي ۾ پنج ڊالر رکي اسان به ڪيئن ٿي وڃي سگهياسين.
سو هڪ ڪت خلق واري هوٽل مان چانھه پي پوءِ فٽ پاٿ تي ويٺل هڪ شيدياڻيءَ سان_ جيڪا پنھنجي اڳيان چونئرن جو کارو رکيو وٺي هئي، ٿوري دير ڪچھري ڪري (جيڪا ڪچھري گهٽ ٽٽ مسخري وڌيڪ سمجهڻ کپي) ڏهين پنڌرهين ايسڪيوڊو (اڌ کن آمريڪن ڊالر) جا چونئرا وٺي اٿي کڙا ٿياسين. پوءِ فورٿ انجنيئر جي رهنمائيءَ هيٺ، چونئرا چڳندا، سمنڊ جي ٻئي پاسي، ڪناري ڏي هليا وياسين. هو پھرين به ٻه ٽي دفعا هتي اچي چڪو هو ۽ ٻڌايو هئائين ته هن شھر جا تانگها ڪنارا (Beaches) تمام صاف شفاف ۽ سانتيڪا آهن. اسان واري عربي سمنڊ واري ڇول ۽ اونھائي نه اٿن. واقعي ڪناري تي مزا لڳا پيا هئا. جيتوڻيڪ اسان کي وهنجڻ لاءِ سئمنگ ڪاسٽيوم نه هئا پر ترڻ تي دل ايڏو چاهيو جو ڪپڙا لاهي ڄاريءَ جي عام پاتل ڪڇن ۾ (جيڪي آلا ٿيڻ تي بدن سان چھٽي پيا هئا) سمنڊ ۾ ڌوڪي پياسين. ٻنھي پاسي ميلن ۾ تانگهو ڪنارو هو ۽ جيسين نظر وئي ٿي پورچوگالي ۽ ٻيا يورپي هئا. ڪا دير اسان به ترندا رهياسين. پوءِ آلن ڪڇن مٿان ڪپڙا پائي، ريتيءَ هاڻا آلا پير بوٽن ۾ وجهي ”گچڪ_ گچڪ“ جا ان مان آواز ڪڍندا، وري اچي شھر ڀيڙا ٿياسين. رستي تان هڪ شيديءَ جي استال تان ڊبل روٽيون ۽ کيچا بجيا ورتاسين ۽ اٺ جي گوشت جا ڪواب پڻ. ان بعد شھر جي ٻنھي ٽنھي سئنيمائن ۽ مڙني هوٽلن جي ٻاهران لڳل فلمي پوسٽر ۽ ويٺل ماڻھو ڏسي اچي بندرگاهه ۾ ٺڪاءُ ڪيوسين جو سج لھڻ تي هو. جيتوڻيڪ مئي جون جو مھينو هو پر موزمبق جيئن ته ڏکڻ اڌ گول ۾ آهي سو هي مھينا هتي سيارو ٿئي ۽ ڏينھن ننڍو ۽ رات وڏي ٿئي. سج به سوير ئي لھي، جيئن اسان وٽ اتر اڌ گول ۾ نومبر ڊسمبر ۾ ٿئي ٿو.
رستي تي هڪ ٻه دڪان هندو سنڌيءَ ۽ بمبئيءَ جي کوجي واپاريءَ جا هئا جن سنڌي ۽ ڪڇي ڳالھائي ٿي ۽ پاڻ کي ٻين ملڪن جي واپارين وانگر ”انڊين“ نه پر ”پاڪستاني“ سڏايو ٿي. اهو ان ڪري جو ”گوا“ جي ڦڏي جي ڪري پورچوگالي انڊيا وارن سان ٺھيل نه آهن ۽ هو ڪنھن به انڊين کي پنھنجي ملڪ يا بيٺڪي راڄ ۾ رهڻ يا واپار وڙي جي اجازت نٿا ڏين. بقول اليڪٽريڪل انجنيئر جي ته هونءَ انڊين دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ملندو پر پورچوگالي ملڪ ۾ دوا لاءِ به نه ملي سگهندو.
بندرگاهه ۾ پھتاسين ته خبر پيئي ته ايجنٽ ڀاڙي تي هڪ ٻيڙي ڪري ڏني آهي، جيڪا هڪ ئي وقت پنڌرهن کان مٿي ماڻھو نه کڻي سگهندي. پنڌرهن لانچ ۾ ويٺا ته باقي وڃي رهياسين اسان ٽي ڄڻا. گهڻو ئي کين چيوسين ته اسان کي به ان ئي ڀيري ۾ وٺي هلو جو جھاز پري آهي، ڪلاڪ ڏيڍ هتي سيءَ ۾ انتظار ڪرڻ کان بچي پونداسين، پر لانچ وارن شيدين اشارن ئي اشارن ۾ سمجهايو ته قاعدي جي سختي آهي. خاص ڪري هنن ڪارن تي. ڪجهه ٿي پيو ته سندن گورا مالڪ کين سزا ڏيندا ۽ نوڪريءَ مان به ڪڍي ڇڏيندا. سو ڦلھڙو منھن ڪري اسان ٽئي ڄڻا ڌڪي (Jetty) تي لڳل لوهي گارڊر_ جنھن سان جھاز ٻڌبا آهن، تي ويھي رهياسين. فورٿ انجنيئر ويو سو الائي ڪٿان هڪڙا سڪل ٺڪر جهڙا بسڪوٽ وٺي آيو. جيڪي سورتين ۾ نڪرندا آهن يا سنڌ جي ڳوٺن ۾ پساري دڪاندار، لوهي دٻن ۾ رکي، تور جي حساب سان وڪڻندا آهن. وات ۾ مس مس پڪ (Salvia) گڏ ٿي ٿي، جنھن جي آڌار تي اهي بسڪوٽ آلا ٿي چٻاڙڻ ۽ ڳھڻ لائق ٿيا ٿي. بک ڏاڍي هئي، سو وڻيا پئي. ڪلاڪ سوا بعد ٻيڙي ڀيرو ڪري واپس پھتي. آفيس وارن هن ٻيريءَ وارن سان اُڪو ٻولايو هو ته هي سڀ ماڻھو جھاز تي پھچائڻا آهن، چاهي هڪ ڦيري جا ٿين ٿا يا ٻن جا. سو هاڻ ٽن ماڻھن ڪري ڦيرو ڪرڻ هنن لاءِ نقصانڪار ڳالهه هئي، پر هو ٻول جو ڪري ويٺا هئا سو کڻڻو پين. اهو ئي سبب هو جو ٻيڙيءَ جي ناکئي ۽ سندس مددگار شيدين جي منھن تي رونق جو ذرو به نه هو. ويتر واپس اچڻ مھل کان سمنڊ به خراب ٿي چڪو هو. (جنھن جي ثابتي سندنآلن ڪپڙن ۽ ٻيڙيءَ جي ڀنل بينچن پئي ڏني). اسان منھن جا پڪا ٿي ٻيڙيءَ ۾ ويٺاسين ۽ هنن منھن وڌيڪ بڇڙو ڪري ٻيڙي هلائي.
ايندي سمنڊ ماٺو هو ۽ شپ_چاندلر جي لانچ به وڏي ۽ طاقتور هئي ۽ هينئر ڏسندي ئي ڏسندي ڪجهه ڪلاڪن اندر سمنڊ به خراب ٿي پيو هو ته هيءَ ٻيڙي به ننڍي هئي. خاص ڪري هن ڦيري ۾ ٽن مسافرن ڪري اها ويتر هلڪي ٿي پيئي هئي، سو سمنڊ جي اونڌين ابتين ڇولين تي ڪاٺ جي ٻيڙي ڇوڏي وانگر هيٺ مٿي لڏڻ لمڻ لڳي. جھاز جي ڀرسان پھتاسين ته ڪڏهن جھاز ۽ ٻيڙيءَ جي وچ واري ڇول اڀامي ٻيڙيءَ کي جھاز کان پري ڪري ٿي ڇڏيو ته ڪڏهن وري ان وچ واري ڇول جي اڀام گهٽجڻ ۽ خال (Vacuum) پيدا ٿيڻ ڪري سَٽ سان ٻيڙي ڇڪجي ذري گهٽ جھاز جي لوهي جسم سان ٿي لڳي. ٻيڙي هلائڻ وارو شيدي ڪپتان جيتوڻيڪ هلائڻ جو ڪاريگر هو، پر اڳيان سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون ۽ هوا جو رخ اهڙو ٿي پيو جو ٻيڙي سنوت ۾ ئي نه پئي آيس. ويتر جو پهرين ڦيري ۾ پنھنجي ڪاٺ جي ٻيڙي جھاز سان هڪ ٻه دفعو ٽڪرائي چڪو هو سو هن ڀيري سندس ڪاوڙ جو پارو چڙهندو ويو. هڪ ٻه دفعو ٻيڙيءَ کي جھاز جي ڏاڪڻ جي ليول ۾ آندائين ۽ اهي چند سيڪنڊ ڪافي هئا جن ۾ اسان کي ڦڙتائيءَ سان ٻيڙيءَ جي مٿئين انديءَ (Gunwale) تان ٽپ ڏيئي جھاز جي ڏڪڻ جي ڪنھن ڏاڪي تي پير رکڻو هو ۽ هٿ ٻيڙيءَ جي هٿيءَ مان ڪڍي ڏاڪڻ جي رسيءَ ۾ کپائڻا هئا، پر جيئن ته هڪ ته اسان نوان هئاسين ۽ ان حالت ۾ لھڻ چڙهڻ جا اڃا ايڏا عادي نه ٿيا هئاسين، ٻيو ته رات جو وقت هو، سخت سيءَ ۽ ٿڌي پاڻيءَ ڪري هٿ پڻ اڌ کيرا ٿي چڪا هئا. ٽيون ته ڇولين ڪري ٻيڙي توڙي جھاز جي ڏاڪڻ تي ترڪڻ ٿي پيئي هئي. ان کان سواءِ ٿڪل پڻ ڏاڍا هئاسين. سو ٻيڙيءَ مان ٽپ ڏيندي ڏيندي ڊڄي ٿي وياسين، جو ان ئي گهڙيءَ ڇول ٻيڙيءَ کي جھاز کان گهڻو پري ٿي اڇلائي ڇڏيو، يا جھاز جي لوهي پليٽن سان وڃي ٿي ملايو يعني ٽپ ڏيڻ ۾ ٿوري به ڪوتاهي ڪرڻ تي سمنڊ ۾ ڦھڪو ڪرڻ جو خطرو هو يا وري ٻي صورت ۾ ٻيڙي ۽ جھاز جي وچ ۾ چيڀاٽجي مرڻ جو. انھن ٻنھي حادثن جا مثال پنھنجن پراون جھازن تي اکين سان ڏسي چڪا هئاسين.
اسان جي، جھاز تي چڙهڻ ۾ دير ڪرڻ ۽ ٻيڙيءَ جو ذري ذري جھاز سان ٽڪرائڻ جي انديشي ڪري شيدي ڊرائيور کي خارون اچڻ لڳيون. پھرين ته دانھون ڪري پنھنجي ٻوليءَ ۾ دڙڪا ڏيندو رهيو ته ”لھو منھنجي ٻيڙيءَ مان جلدي ڪريو.” پوءِ چڙ مان ٻيڙيءَ کي بندر گاهه ڏي واپس موڙي کڻي فل اسپيڊ رکيائين. باقي ٻيڙيءَ وارن ۽ اسان جڏهن سمجهايس ته هينئر رات جو ههڙي سيءَ ۾ ڪيڏانھن وينداسين تڏهن ڪا کيس ڪھل آئي ۽ ٻيڙيءَ کي موٽائي وري جھاز تي وٺي آيو. اسان جي ساڳي حالت سرڪس جي ڊڄڻي مسخري واري ۽ ٻيڙيءَ جھاز سان وري ٽڪرائڻ شروع ڪري ڏنو. شيدي ڊرائيور هڪل ڪري پنھنجن همراهن کي چيو ته هنن کي ٻيڙيءَ مان ڌڪا ڏيئي لاهيو. جيڪا ڳالهه اسان سندس خون خوار اشارن مان سمجهي ورتي. پر جڏهن سندس همراهن ڪو ائڪشن نه ورتو ته پاڻ لانچ جي اسٽيئرنگ ويل مان هٿ ڪڍي اسان ڏي وڌيو. هو ست فٽو قداور ۽ سانَ جھڙو متارو هو. سڌو اسان وٽآيو. هڪڙي ڪڇ ۾ مون کي ۽ ٻيءَ ۾ ڪئڊٽ کي کڻي اڇل ٿي ڏنائين. سا به ان مھل جڏهن ٻيڙيءَ وڏي ڇول تي جھاز کان اڌ ميل پري وڃي شپڪو ڪيو. ظاهر آهي سمنڊ ۾ ئي ڪرون ها. فورٿ انجنيئر جيڪو پراڻو هو، تنھن وري جو ڏٺو ته اسان کي شيدي ٿو ٻوڙي سو پنھنجي پَر ۾ ته هن اسان سان همدردي ٿي ڪئي پر ان مھل ئي محسوس ٿيو ته هاڻ بچڻ مشڪل آهي. اسان پاڏي جھڙي شيديءَ جي ڪڇن ۾ اڻ پاليل مورن وانگيان ڦٿڪي رهيا هئاسين ۽ هو ٻيڙيءَ جي بلڪل انَديءَ تي بيٺو هو ۽ هي اسان جو فورٿ انجنيئر پري کان کيس ٺونشا ڏيکاري انگريزيءَ ۾ دڙڪا ڏئي رهيو هو ته سڀاڻي آفيس ۾ رپورٽ ڪنداسين. مون ته ان وقت ئي دل ۾ چيو: ”چار صاحب! (يعني فورٿ انجنيئر صاحب) ماري رکيئي. هي اڌ جهنگلي ماڻھو ڇا ڄاڻن تنھنجن دڙڪن ۽ تنھنجي شيڪسپيئر جي ڊرامي مئڪبيٿ جي ڊائلاگن نما انگريزيءَ مان!“
چار صاحب جي دڙڪن تي شيديءَ کي ويتر ڪاوڙ لڳي وئي ۽ پنجابي فلمن جي ولين وانگي وٺي هيئين ڦاڙ رڙ ڪيائين،جيڪا دانھن هو ڪنھن ڌارئين کي پنھنجي مڱينديءَ يا پاڙي جي ڇوڪريءَ سان زوريءَ هجائتو ٿيندو ڏسي ڪندو آهي. مون پڪ سمجهيو ته ٻي گهڙيءَ سمنڊ جي تري ۾ هونداسين ۽ هاڻ بقول شاهه لطيف جي: ”جتي ويا ڪين ورن ۽ جت ويريون واٽ نه ڏين، اتي اڻتارن، ساهَڙ! سِير لنگهاءِ تون“ وارو حساب ٿيندو.
چار صاحب جي دڙڪن تي شيديءَ ڪجهه دير سوچي، پوءِ اسان کي ڇڏي کڻي چار صاحب کي ٻکيو_ معنيٰ اسان ته في الحال ڇٽاسين يا پينڊنگ ۾ رهياسين، پر غريب فورٿ انجنيئر ڦاٿو. پوءِ ته منھنجيون ۽ ڪئڊٽ جون هيون شيدي کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ منٿون، جنھن جي وات مان ڄڻ گجي وهي رهي هئي. انگريزي ته هن سمجهي ڪانه ٿي. اشارن سان اسان سمجهايس ته هن جھازيءَ جو دماغ صحيح ناهي. هن توکي گاريون ڪونه پئي ڏنيون. ايتري ۾ باقي ٻين شيدين اچي فورٿ انجنيئر کي سندس چنبي مان آزاد ڪرايو ۽ شيدي ڊرائيور کي اندر لانچ ۾ وٺي ويا.
هن هڪ دفعو وري لانچ کي جھاز جي ويجهو آندو.”مرتا کيا نه ڪرتا“ وارو حساب. اسان هڪ ٻئي پويان، الله جو نالو وٺي، کڻي ٽپ ڏنو... ٻوڙيا ته هونءَ ئي ٿي وياسين، سو ڇو نه ٽپ ڏيڻ جو جوکم کڻجي. ڪنھن جا پير ڏاڪڻ ۾ ڦٻي ويا ته ڪنھن جا هٿ ڏاڪڻ جي رسيءَ ۾ کُپي ويا. بس مڙئي اچي جھاز ڀيڙا ٿياسين. لانچ جو شيدي ڊرائيور هڪ دفعو وري پنجابي فلمن جي ولين وانگر رڙيون ڪُوڪون ڪري لانچ جي انجڻ اسٽارٽ ڪئي ۽ فل ائڪسيليٽر سان ڀڄي ويو.
ڪيترن سالن بعد ان ڳالهه جو تجزيو ڪرڻ تي محسوس ٿئي ٿو ته ان معاملي ۾ واقعي اسان جو ڏوهه هو. هي غريب شيدي، لانچ جو ڊرائيور ته ڇا پر اهڙين حالتن ۾ ڪو چيني، انگريز، جپاني يا پاڪستاني مڪراني ماڻھو هانگ ڪانگ، لورپول، اوساڪا يا ڪراچيءَ جي آئوٽر ائنڪريج تي اسان جي اهڙي ڪوتاهي ۽ سستي برداشت نه ڪري سگهندو. ڪو به پنھنجي لکها رپين جي ٻيڙي اهڙي خراب سمنڊ ۽ موسم ۾ جھاز سان ٽڪرائي ڇيتيون ڇيتيون ڪرڻ جو جوکم نه کڻندو _ جو اها ٻيڙي غريب مھاڻن جي ڪٽبنن جي روزگار جو واحد وسيلو ئي ٿئي ٿي. بھرحال اسان جي دلين تان اهو طوفاني رات وارو واقعو اڃان تائين ميسارجي نه سگهيو آهي. آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪندي اڄ به اها ڳالهه سوچي بدن ۾ سيوڪاري پئجي ويندي آهي. يا ڪڏهن ڪٿي ڪانفرنس يا ميٽنگ ۾ پنھنجن انھن ساٿين سان ملاقات ٿيندي آهي ته دنيا جي نقشي تي موزمبق چئنل ڏي اشارو ڪري کين چوندو آهيان ته پاڻ گريس پيرڊ ۾ پيا جيئون ۽ بچي وياسين نه ته 70_1969ع وارن ڏينھن ۾ پاڻ کي هن هنڌ ئي جيئري مڇيون کائين ها.

هڪ عجيب ايڊوينچر

آفريڪا جي مختلف ملڪن ۾ گهاريل ڏينھن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جيڪي ذهن تان نٿيون ميسارجن. هيءَ ڳالهه به شروع جي ڏينھن جي آهي، جڏهن اسان سامونڊي زندگيءَ ۾ اڃا نوان آيا هئاسين ۽ اسان دنيا کي يڪو هڪ جھڙو سمجهيو ٿي. ڄڻ دنيا جي سڀني بندرگاهن تي هڪ جھڙو قاعدو قانون ۽ امن امان هجي.
تن ڏينھن ۾ اسان جو اهو جھاز يورپ، بيلجم، فرانس، جرمني ۽ انگلينڊ جھڙن سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن مان ٿي اولهه آفريڪا جي ملڪن: سينيگال، گني بسائو، لئانڊا ۽ گئمبيا وغيره ۾ ايندو هو. اسان انھن آفريڪا جي بندرگاهن ۾ به ايئن بي فڪر ٿي ڦرندا هئاسين، جيئن يورپ جي بندرگاهن ۾ - يعني نه ڏس ڏينھن نه رات، جيڏانھن ڌيان ۾ ايندو هو اوڏانھن رخ رکندا هئاسين. گاڏين جي اچڻ جو، نه وڃڻ جو وقت پڇندا هئاسين ۽ نه وري ائڊريس يا نقشو پتو ڌيان ۾ رکندا هئاسين - نه ان ملڪ جي سماجي حالت جي ڄاڻ نه سياسي سڌ سماءَ. شروع ۾ ته ڪڏهن اهو به خيال نه آيو ته هيءَ آفريڪا آهي، جتي جانورن، زهريلي جيتن، ٽيٽزي جھڙين مکين ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ لڳل بلحارظيا جھڙين بيمارين کان پاڻ بچائي هلڻ کپي. بس مستن وانگر جيڏانھن ايندو هو، اوڏانھن شھرن ۽ ڳوٺن جون گهٽيون گهمندا وتندا هئاسين. اسان لاءِ فقط اها ڳالهه اهم هوندي هئي ته جھاز جي لوهي چار ديواريءَ کان ٻاهر رهجي.
هڪ دفعي اسان جو جھاز شايد گئمبيا ۾، يا ان جي ڀرپاسي واري آفريڪي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيو. ان ملڪ جو نالو هن وقت ڌيان ۾ نه پيو اچي. اهو بندرگاهه ڇا هو، اسان جي نيم وارياسي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جيان هو - بلڪ ان کان به ويران حالت ۾! چوڌاري ريگستان، تپندڙ سج ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ. بس بندرگاهه وٽ ڪچي مٽيءَ جي ٿُلهين ڀتين وارا گهر - جن مان به ڪيترا ته ڪکائن ڇتين جا هئا. ڪي چند پڪيون، فرينچن يا شايد پورچوگالين جون، سامراجي دور جون عمارتون ۽ آفيسون هيون. هي ملڪ ڪو گئمبيا يا گني بسائو جھڙو هو جيڪو سنهي پٽيءَ وانگر، اندر ٻئي ملڪ سينيگال يا فرينچ گنيءَ ۾ اندر گهڙيل هو، جنھن جا خشڪيءَ وارا رستا پڻ هڪ ٻئي مان لنگهيا ٿي.
هڪ ڏينھن شام جو، جھاز جي ٿرڊ انجنيئر سان گڏ ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪتس. ٿوري دير بندرگاهه جي هڪڙي ئي بازار مان چڪر ڏيئي هڪ ڪچي هوٽل ۾ اچي، قھوي جھڙي ڪاري ڪافي پيتسين. ڪنھن ڀر واري شھر يا ملڪ کان مسافرن جو ڪو تازو قافلو آيو هو، سو چوڌاري اُٺن جي چڙن ۽ هوٽل تان وڄندڙ آفريڪي ٻوليءَ جي گانن جو آواز هو. آيل مسافر مسلمان ٿي لڳا جو سندن زالن کي آفريڪي نموني جو ڪارو برقعو هو ۽ ڪپڙي گنديءَ مان پئي لڳو ته امير ملڪ جا آهن. نه ته ان بندرگاهه ۾ ايڏي غربت ۽ جاهليت هئي، جو عورتن کي ئي پورو ڪپڙو بدن تي نه هو. آيل مسافر پنھنجو پنھجو ڪُنڙو ٺاهي ڪافي پي رهيا هئا. ڪي وچئينءَ جي نماز اوڀر اُتر ڪنڊ ڏي منھن ڪري پڙهي رهيا هئا، جو اتان ڪعبو ان طرف ٿئي ٿو.
ٿرڊ انجنيئر چيو هل ته ٿورو ٻھراڙيءَ جو به چڪر هڻي اچون. سو اسان واڪ ڪندا شھر کان ٻاهر نڪري وياسين. پري کان هڪ کٽارو بس - جنھن جھڙيون عجيب ٻوٿ واريون بسون، پاڻ وٽ سنڌ ۾ به نئون ڪوٽ، عمرڪوٽ، مٺي، ڇاڇري پاسي اڃان هلن ٿيون، وڃي رهي هئي. تنھن کي دانھون ڪوڪون ڪري بيھارايوسين. يا شايد هوءَ پاڻهي ئي بيھي رهي جو اسان جي وهڻ کانپوءِ به ڪنڊيڪٽر دٻا پاڻيءَ جا ڀري انجڻ جي ريڊيئٽر ۾ وجهي ٿڌو ڪندو رهيو. اها مشق هر ميل اڌ بعد ٿيندي رهي. اسان اهو سوچي بس ۾ ويٺاسين ته ٻي بس ۾ موٽي اينداسين يا ته آخري اسٽاپ تائين وڃي ساڳي بس ۾ موٽنداسين، جيئن يورپ جي ملڪن ۾ اڄ به سياح ۽ واندا ماڻهو ڪن ٿا.
اها بس چار پنج ميل اڳتي هلي نيٺ صفا خراب ٿي پيئي. ڊرائيور گهڻو ئي زور لاٿو پر ٺيڪ نه ٿي. ٺيڪ به ڪيئن ٿئي. ريڊيئيٽر بنهه ڦاٽي پيس. هونءَ به ان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پاڻيءَ جي بوند به نه هئي.
بس ۾ ٻيا جيڪي مسافر هئا سي ڳوٺن يا جهنگلي وستين جا هئا، سو لھڻ سان ئي ٽڙي پکڙي ويا. ڊرائيور کي ڀاڙي جا پئسا به نه ڏنائون. اسان کان ڊرائيور اڌ ڀاڙو وٺي ”جنرل ايوريج“ ڊڪليئر ڪري، پوءِ ڏس ڏنو ته اسان ميل ٻه اڳيان هليا وڃون. اتي ٻئي ملڪ جو رستو اچيو ٿو ملي ۽ ڪا نه ڪا سواري ملي ويندي.
(جنرل ايوريج سامونڊي اصطلاح آهي. جھاز جا ڪي مالڪ سمنڊ تي سندن جھاز کي قدرتي يا انساني رسيل مصيبت جو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن کان ڦوڙي ڪري وٺندا آهن، جن جو سامان ان وقت جھاز تي هوندو آهي. ان کي جنرل ايوريج سڏجي ٿو. جنرل ايوريج يا ڏيواليپڻي جو اعلان ڪرڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي، جو ان سان ڪمپنيءَ جي ساک کي ڇيھو رسي ٿو ۽ آئيندي ماڻھو ان ڪمپنيءَ کي ڪارگو (سامان) ڏيڻ کان گهٻرائين ٿا).
”۽ هتان ڪا بس واپس بندرگاهه ڏي وڃڻي آ؟“ اسان ڊرائيور کان پڇيو.
”هي ئي ته هڪ بس آهي، جيڪا سڀاڻي هتان موٽڻي آهي. پر هاڻ ته خراب ٿي پئي آ. ٽي چار ڏينھن ته ٺھڻ ۾ لڳي ويندس.“ هن جواب ڏنو.
”ڀلا اڳيان اسان کي ڪھڙي سواري ملندي؟“ اسان وري ڊرائيور کان پڇيو.
ڊرائيور جيڪو شروع کان ڳاٽ اوچو ڪري پئي هليو ته هن کي انگريزي سٺي ٿي اچي جو ٻه سال گهانا ۾ هن هڪ انگريز سفاريءَ جي گهوڙي کي کرکرو ڪيو هو، تنھن اسان جي سوال جو مختصر جواب ڏنو.
”اي ڪئمل“ - يعني اٺ!
اسان کي پنھنجي غلطيءَ جو وڏو احساس ٿيو ته واهه جو گهمڻ نڪتاسين - سو به آخري ڏينھن تي! ٻئي ڏينهن جھاز کي هن ملڪ مان لنگر کڻڻو هو.
ٿرڊ انجنيئر صلاح ڏني ته اڳتي هلڻ بدران ڇو نه پٺيان پير کڻجن. ”سڄي عمر صدر کان ڪياماڙيءَ تائين بس ۾ ايندي مون کي آئيڊيا ٿي وئي آهي ته پاڻ هي جيڪو پنڌ ڪيو آهي اهو اوترو ئي آهي، جيترو سعيد منزل کان ٽاور تائين - يعني پورا پنج ميل“. ٿرڊ انجنيئر عقل جي ڊوڙ ڪئي. ويتر هن شارٽ-ڪٽ به ڳولهي ورتي - جيڪا هئي ته ڪا نه پر اسان اها به غلطي ڪئي ۽ سنئون سڌو پڪو رستو ڇڏي ڪچي تي لھي پياسين - يعني واريءَ تي. ريتي يا واريءَ تي هلڻ به ڏکيو! سج لھڻ وارو هو. نظر ته گهڻي وقت کان نه پئي آيو جو مٽيءَ جي رَءُ ۽ جهَڪ ڪري سڄي آسمان تي مٽيءَ جو تھه چڙهيل هو. ويتر رکي رکي گرم هوا جو واچوڙو ٿي لڳو ته چوڌاري ملڪ اوندهه ٿي ٿي ويو. چوڌاري واري ئي واري نظر آئي ٿي. ٿوري دير کانپوءِ پري کان ڏسون ته واچوڙي وانگر اڏامندڙ ڪا شيءِ اسان ڏي ڌوڪيندي اچي - ڄڻ ڪي گهوڙي سوار مٽي اڏائيندا اچن. جڏهن بلڪل ويجهو لنگهي ويا ته خبر پئي ته اهي چار پنج شتر مرغن (اٺ پکين) جھڙا جانور هئا. ٿرڊ انجنيئر ٻڌايو ته اهي ائنٽيلوپ آهن، جيڪي سامبر (ٻارهن سنڱي) هرڻن جهڙا ٿين ٿا. بهرحال ڌوڙ جي طوفان ۾ چٽيءَ طرح نظر نه آيا. جيتوڻيڪ اهي چيرڻ ڦاڙڻ وارا جانور نه هئا پر اسان ٻنهي کي ٿورو ٿورو ڊپ ٿيڻ لڳو ۽ احساس ٿيو ته هي آفريڪا جو اهو حصو آهي جتي اڃان به ماڻهو جهنگلي صورت ۾ آهن. ڪيترا ته آدمخور به آهن. ويتر انهن ڏينھن ۾ آفريڪا جا اڃا ڪيترا ملڪ آزاد نه ٿيا هئا سو مڪاني شيدين جون يورپين سان گڏ اسان ايشين تي به خارون هيون.
هاڻي ٿوري ٿوري اوندهه به ٿيڻ لڳي. پر سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اڃ هئي. ڏينھن جي تتل واريءَ جا ذرڙا ڄڻ ته نڙگهٽ ۾ چڀيا ٿي. ايتري ۾ اسان کي پري کان ڪجهه ڪچا گهرڙا نظر آيا، جن مان لالٽين جي روشني اچي رهي هئي. سھڪي سھڪي اتي پھتاسين. ڪَچَن گهرن اڳيان پيٽ اڀاميل ڏٻرا ٻار ۽ رول ڪتا بيٺا هئا. ڪجهه وڏي عمر جا ٻار به هئا، جن جي هٿن ۾ بانٺا هئا. اُهي به ذري گهٽ اگهاڙا هئا. آلي مٽي سندن اگهاڙين ٽنگن ۽ ٺونٺين تي چنبڙيل هئي. هڪ ٻن ڪتن ڀونڪار ڪئي پر اسان جي ٻچڪار تي ماٺ ٿي ويا. ڪنڊ واري گهر کان هڪ شيدياڻي در کان ٻاهر نڪتي. گهر کي در ته ڪونه هو پر ايئن سمجهو ته ڀت ۾ ڏار هو. هيءَ شيدياڻي، عورت گهٽ پر مرد وڌيڪ لڳي رهي هئي. سندس منھن تي ڪنھن نامي گرامي ڌاڙيل جي جسم وانگيان ڪيترائي ڪھاڙي جي ڌڪن جا سنڌا هئا. هن کي پاڻيءَ جو اشارو ڪيوسين ته اڃ ٿا مرون، پاڻي کپي. هن پنھنجي آفريڪي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندي اندر اچڻ جو اشارو ڪيو. اسان اندر وڃڻ کان اڃان گهٻرائي رهيا هئاسين ته ٿرڊ انجنيئر منھنجي پيرن ڏي اشارو ڪري وٺي رڙ ڪئي. آئون ڏڪي ويس. چُنجهي هلڪي روشنيءَ ۾ ڏسان ته هٿ جيڏو هڪ ڪارو وڇون منھنجي بوٽ جي پٻ تي چڙهڻ جي ڪوشش پيو ڪري. مون کان به رڙ نڪري وئي. اڳيان پيرن اگهاڙا ٻار، اسان جي ان حرڪت تي کلي کلي اونڌا ٿي ويا. هڪڙي ٻئي کي سڏ ڪيو جو پري دڙي تي ويٺو هو. سندس هٿ ۾ شيشو ۽ ڊگهو لوهه جو سوئو هو. هن سُوئو وڇونءَ جي پيٽ ۾ هڻي، ان کي مٿي کڻي شيشي ۾ اندر وڌو، جنھن ۾ ٻيا به ڪيترائي هيڊي ۽ ناسي رنگ جا وڇون ڦٿڪي رهيا هئا، پر ڪارو ڀٽون هي پھريون هوس. اسان هڪدم گهر اندر گهڙي وياسين. اندر ڪنڊ ۾ ٺڪر جو ڏيو، ڪپهه جي وَٽِ وارو، ٻري رهيو هو. هڪ ٻي به ٿلهي متاري زال جيڪا عمر ۾ کانئس گهڻي ننڍي لڳي ٿي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سندس ڌيءَ هجي يا ننھن، هن وانگر رڳو ننڍڙي پوتڙي ۾ ويٺي هئي. مٿيون ڌڙ ٻين سڀني وانگر اگهاڙو هوس. هوءَ ٻار کي ٿڃ پياري رهي هئي. سندس هڪ هڪ ارهه ٻار جيڏو ٿيندو. هن کان اڳ مون اهڙي قسم جي اگهاڙين آفريڪي حبشي عورتن ۽ انڊونيشي، فلپيني ۽ پئسفڪي ٻيٽن جي اڻ سڌريل قبيلن جي عورتن جا اَنُ ڇاڻيندي يا جونئون ڪڍندي اگهاڙا فوٽُو، فقط ”نئشنل جاگرافڪ“ رسالي ۾ ڏٺا هئا.
گهر جي ٻيءَ ڪنڊ ۾ ڪو تازو ڪٺل جانور لڙڪي رهيو هو، جنھن جي کل لٿل هئي. ٿي سگهي ٿو ته ڪا ٻڪري هئي يا وڇ گابو - يا اڃا به ڪو گڏهه خچر - اهو سڃاڻي نه سگهياسين، جو سندس کل وانگر منڍي به غائب هئي. ڪيترن هنڌن تان گوشت روڙيل هو. تازو ڪٺل ان ڪري چئي سگهجي ٿو جو ڀر ۾ رکيل ٺڪر جي پاٽ رت سان ڀري پيئي هئي. اسان سان گڏ، گهٽيءَ ۾ بيٺل اگهاڙا ۽ بانٺن وارا ٻار پڻ اندر آيا. هو به ذري ذري ان لڙڪيل ڪٺل جانور ڏي اشارا ڪندا رهيا. جنھن مان لڳو ٿي ته هيءَ ڪا نئين ڳالهه ٿي آهي ۽ تمام ڪا وڏي ڳالهه آهي. اهو جانور يا شڪار ڪيو ويو آهي يا ڪو ڏينھن ملهائڻ لاءِ قرباني ڏني وئي آهي. آئون هراسيل اکين ۽ ڍرڪيل هينئين سان ڪڏهن ان ٽنگيل جانور کي ته ڪڏهن ٻار کي سندس ماءُ جي ٿلهن متارن ٿڻن مان کير ڌائيندو ڏسندو رهيس ۽ ساڳي تعجب مان، اهي عورتون اسان کي ڏسنديون رهيون. ٿرڊ انجنيئر آهستي چيو ڪٿي پاڻ کي فرائي ڪري کائي نه ڇڏين. ٿوري دير بعد اسان وري پاڻيءَ جي ڳالهه، ايئن ڊڄي ڊڄي ڪئي ڄڻ ڪنھن لاءِ سڱ گهرڻ آيا هجون ۽ انڪار جو به انديشو هجي. ٻاهر بيٺل عورت هڪدم رسو ۽ جست جي باردي کنئي ۽ ٿرڊ انجنيئر کي پٺيان اچڻ جو اشارو ڪيو. مون کي اشاري سان چيائين ته تون اتي ئي ترس. ٿرڊ انجنيئر چيو : ”لالا کوهه تي پاڻي ڀرڻ ٿي هلي.“
چيومانس ته ”ترس ته آئون به هلانءِ، مَرون ته گڏ ته مرون - هن لڙڪيل جانور ۽ کير پياريندڙ خونخوار حبشياڻيءَ کي ڏسي آئون ڪٿي برقعو نه مٽي وڃان.“
بھرحال اهي سڀ ڳالهيون هينئر جون آهن. ان وقت اسان ٻنهي ڏڪندي ڏڪندي اشاري ۾ چيو ته گڏ گڏ رهنداسين. سو ٻئي ٻاهر نڪتاسين. پٺيان بانٺن سان ٻار، اگهاڙا پيٽ نڪتل ٻار، وڇونءَ جي شيشي وارو ٻار ۽ بيمار رول ڪتا اسان سان گڏ هلڻ لڳا. ٿورو پري هڪ کوهه هو يا ڪو چشمو يا کڏو جنھن ۾ ويٺل ڏيڏرن جون رڙيون آسمان تائين ٿي پھتيون. حبشياڻيءَ ان مان باردي پاڻيءَ سان ڀري ڪڍي. مڃيان ٿو ته اهو پاڻي ايترو هائيجينڪ نه هو پر ان وقت سخت اڃ ۾ وڻيو پئي. هونءَ به اها پڪ اٿم ته ٺٽي جي ٻاڙي پاڻيءَ کان وري به وڌيڪ ٽيسٽي ۽ هائيجينڪ هو. پاڻي ڍو تي پي پوءِ اسان هن کي جھاز ٺاهي ٻڌايو ته اسان ايڏانھن وينداسين. گس ٻڌاءِ. توکي پئسا به ڏينداسين. يعني اسان جي مدد ڪرڻ جو اجورو ڏينداسين. پاڻ اسان کي وري گهر وٺي آئي، جتي ٻارن وري اشاري سان ٽنگيل جانور ڏيکاريو. اسان کي گهر ۾ وهاري پاڻ وئي سو هڪ شيدي پوڙهو مڙس ۽ ٻه مرزيل خچر ڪاهي آئي. هڪ تي ٿرڊ انجنيئر ويٺو ۽ ٻئي تي آئون. ٻئي خچر ڪجهه پنھنجي مڙسيءَ تي هليا، ڪجهه شيديءَ جي ڇڪڻ ۽ ڏنڊين جي زور تي. اڌ مني ڪلاڪ جي پنڌ کانپوءِ ساڳي پڪي رستي تي اچي چڙهياسين، جتي پيٽرول پمپ به هو. رات جا نوَ کن اچي ٿيا هئا، پر آفريڪا جي گرم لُڪَ ڪپڙن مٿان به ساڙيو ٿي. چانڊوڪي رات هئي سو ڪجهه نه ڪجهه نظر اچي رهيو هو. پيٽرول پمپ تي هڪ ٽئڪسي بيٺي هئي. جيڪا شايد ان بندرگاهه ۾ واحد ٽئڪسي هجي. ڊرائيور ڪجهه پيسا وٺي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. پاڪستان جي ڪنھن بين الاقوامي ريڊيو اسٽيشن تان - تن ڏينھن ۾ ڊاڪا ۽ راولپنڊي پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اينديون هيون - يا ٿي سگهي ٿو اها اسٽيشن ايران يا ڪويت جي هجي، جن تان پڻ هر روز ڪجهه وقت لاءِ پاڪستان جا گانا ايندا هئا ۽ ولايت ۾ رهندڙ اسان جي ماڻهن جون اهي دل پسند ريڊيو اسٽيشنون هونديون هيون. بھرحال انهن مان ڪنهن تان نور جھان جو اردو گانو هلي رهيو هو:
تيري در پر، صنم! چلي آئي هين،
تو نا آيا، تو هم چلي آئي هين.
پيٽرول پمپ جي مالڪ ان گاني ڏي ڌيان ڇڪائيندي ڀڳل انگريزيءَ ۾ پڇيو ته ”توهان ان ملڪ جا آهيو؟“ اسان ٽڙي خوش ٿياسين. ڪجهه اسان جا هاڻ خوف به ڍرا ٿي چڪا هئا. جيسين ڊرائيور قھوو پي پورو ڪري، تيسين اسان ”آفريڪن ڊيزرٽ“ ۾ نورجهان جي گاني مان محظوظ ٿيڻ لڳاسين - ڄڻ گذريل چند ڪلاڪ جيڪا اسان سان جٺ ٿي، سا ٻئي ڪنھن سان ٿي.
ڊرائيور ٽئڪسيءَ کي پھرين اسان کان ڌڪو ڏياري انجڻ اسٽارٽ ڪئي، پوءِ اسان کي وهاري پنھنجي ٽئڪسي هلائي. چوڌاري ريتي ئي ريتي ڪري رستي جو رڳو وچيون پٽو نظر اچي رهيو هو. باقي روڊ جا ٻئي پاسا جاگرافي جي پروفيسر ۽ سنڌ جي اديب ظفر حسن جي زباني واريءَ جي ”ٽرانسپورٽيشن ۽ ڊينيوڊيشن“ ڪري ڍڪجي ويا هئا. اهڙي ريتيءَ-هاڻي رستي تان، حبشي ڊرائيور پنهنجي ٽئڪسي ڪيئن پئي هلائي، اهو سندس مٿي جو سور! اسان کي اڌ ڪلاڪ کن بعد، جڏهن بندرگاهه ۾ جھاز سامهون اچي لاٿائين ته يقين ئي نه پئي آيو ته خواب ۾ آهيون يا حقيقي زندگيءَ ۾!
بھرحال زندگيءَ ۾ اهو پهريون دفعو هو جو سچيءَ دل سان جھاز وڻي رهيو هو. جھاز ڪو ماڻهو هجي ها ته ڀاڪر پائي کڻي چمي ڏجيس ها، ان ڏينھن!

آفريڪا جون حبشي عورتون

سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڪثر ڏسبو ته عورتون پنھنجن هاري مڙسن جي ماني مٿي تي رکي ايئن پيون وينديون جو ڏسڻ واري کي لڳندو ته ڄاڻ ته ماني يا ڏڌ جو لوٽو ڪريو. پر هو ايڏو بئلنس رکي هلن ٿيون جو مجال آهي جو مٿي تان ڪا به شيءِ ڪري! اهڙيءَ طرح هتي آفريڪا ۾ به، عورتن جو حال ساڳيو آهي. هٿ خالي باقي هر شيءِ سندن مٿي تي.
هنن آفريڪي زالن لاءِ مشھور هي ته کين ڪا به شيءِ ڏي تهکڻي مٿي تي رکنديون. سامان ڍوئڻ جو گاڏو ڏين ته اهو به مٿي تي رکي هلنديون. ۽ واقعي هنن حبشي عورتن جو هي هيڪاندو ڪمال آهي. هڪ ٻار پٺيان ٻڌل هوندن ته هڪ پيٽ اندر ۽ مٿي تي ڳري هڙ سامان جي. تنھن مٿان وري گاسليٽ جو شيشو يا ڪا اهڙي شيءِ جا عام حالتن ۾ ٿوري لوڏي تي ڪري پوي. هٿ ٻئي خالي يا وڌ ۾ وڌ هٿ ۾ ڏنڊي رکنديون. گڏهه خچر کي هڪلڻ لاءِ، يا رول ڪتن کي ڀڄائڻ لاءِ. باقي مرد اڪثر سامان نه کڻن. اهي رئيس اڳيان رستو ٺاهيندا پوش پوش ڪندا هلندا. چون ٿا ته اڳئين زماني ۾ به ائين هوندو هو. مرد ان ڪري به اڳيان هلندو هو جيئن ڪو جهنگلي جانور يا دشمن راهه ۾ اچي وڃي ته ان جو مقابلو ڪري سگهي. پر جيئن ته ”مرد صاحب“ اڄ به اها پنھنجي فائدي واري رسم قائم رکندو اچي، پوءِ چاهي کڻي جهر جهنگ هجي يا ممباسا جو سئينيما هال. اڳيان ۽ هٿين خالي پاڻ هوندو.
ڏٺو وڃي ته اڄ ڪلهه يورپ، آمريڪا ۽ ايشيا جي سڌريل ملڪن: جپان، سنگاپور، هانگ ڪانگ جو به اهو حال وڃي رهيو آهي. عورت گهر ٻھاري، ٻار وهنجاري اسڪول ڇڏي، وتندي ڀاڄي گوشت مارڪيٽ مان خريداري ۽ سامان ڍوئيندي. يا مڙس طرفان مليل اڻپوري خرچ کي سڄو مھينو هلائڻ لاءِ پئي ڳڻتيون ۽ پور کائيندي. پر مرد هر وقت بي فڪر رئيس!
هڪ شيدي دوست کي چيم يار ڪيترائي آفريڪي شيدي اڄڪلهه شاهوڪار آهن، جن وٽ سائيڪلون به آهن. گهٽ ۾ گهٽ اهي ماڻھو ڇو نٿا ننڍا گاڏا يا ٽرالي يا ڪا ٻي اهڙي ڦيٿن واري شيءِ وٺن جنھن ذريعي سامان سولائي سان ڍوئي سگهن _ اهو ڪم عورت کان ڇو ٿو ورتو وڃي؟ کلندي وراڻيائين: “ان ڪري جو هتي عورتون سستيون آهن. ٻي ڳالهه ته انھن لاءِ اسپيئر پارٽس جي به ضرورت ناهي”.
آفريڪا جي ڪيڪويو قبيلي جي عورتن سان ته حد کان وڌيڪ ظلم آهي. ڪينيا جي صدر ۽ مائو مائو تحريڪ جي ليڊر ”جومو ڪينياٿا“ جو تعلق به انھي ئي قبيلي سان هو. هن قبيلي جي عورتن جا قصا، هتي آفريڪا ۾ ڪيترن کان ٻڌبا، اکين سان ڏسي سگهبا ۽ ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهن. ان بابت خود جومو ڪينياٿا پنھنجي ڪتاب Facing Mount Kenya ۾ تفصيل سان لکيو آهي. هن قبيلي جون شيدياڻيون ڳري سامان کي چمڙي جي گول پٽي سان ٻڌي، مٿي بدران پٺيءَ تي رکي اهو پٽو پنھنجي نرڙ تي واريو ڇڏين. يعني سڄي بار جو لوڊ پٺي ۽ نرڙ تي ٿئي. گهڻي سامان ۽ گهڻي ڄمار بار کڻڻ ڪري اڌڙوٽ عمرتائين، ان چمڙي جي وڍيءَ جو نرڙ ۾ گهٻ ٿي ويندو اٿن. هن قبيلي جي عورتن لاءِ چانورن جي ڳوڻ يا ٻيو ڪو اڍائي مڻو بار کڻڻ ته ڪا وڏي ڳالهه آهي ئي ڪانه، ڏکين لاهين چاڙهين تان ته گڏهه به مڻ سوا بار ڪو مس ٿو کڻي سگهي. هي ان کان وڌيڪ کڻن.
اوڀر آفريڪا ۾ اڃا تائين ڪيترن ئي شيدي قبيلن ۾ مرد هڪ کان وڌيڪ زالون رکن. جنھن جا ڪيترائي معاشي، وهمي ۽ سرداري قسم جا سبب آهن. مڙسي ڏيکارڻ لاءِ يا ڪٿي دولت ۽ طاقت جو رعب وهارڻ لاءِ، گهڻيون شاديون ڪيون وڃن ٿيون. عيدي امين جھڙي سڌريل ۽ مسلمان به چار کن ته ظاهري شاديون ڪيون . هر سرڪاري توڙي غير سرڪاري جلسي جلوس ۾ سندس ڪاري ۽ تمام ڪاري رنگ جا ٻار ڦرندا رهندا هئا. بھرحال، آفريڪا ۾ اڄ به ماڻھوءَ جو شان پئسي دولت مان نه پر ٻار پئدا ڪرڻ جي قوت مان لڳايو وڃي ٿو. ۽ ساڳيو حال اڳ زماني ۾ هو. ڪلوپترا به چون ٿا (گهٽ ۾ گهٽ هالي ووڊ فلم ۾ ته) پنھنجي مڙس / يار کي چوي ٿي ته ”مونسان شادي ڪر، منھنجي چيلهه موڪري آهي، توکي ڌڻ ٻارن جو ڄڻي ڏيکارينديس“. ڪيترن آفريڪي ماڻھن جو اهو عقيدو آهي ته ان جي ئي ڌرتي سٺو فصل ڏئي ٿي جيڪو حاڪم ٻار ڄڻڻ ۾ مڙس ماڻھو آهي. (1. ڪتاب An African Survey: ليکڪ لارڊ هيلي، ڇاپو ٻيو: ص. 30.)
ڪن قبيلن ۾، خاص ڪري مسلمانن ۾، ڇوڪرين جي شادين ۾ ماءُ پيءُ جو به هٿ ٿئي. پر بنتو قبيلن ۾ ڇوڪريءَ تي اهڙو زور نٿو هلي. هوءَ مڙس کي ڏسڻ وائسڻ بنا، هن وٽ پارسل طور نٿي پھچي. مڙس ۽ پيءُ، ٿورو گهڻو ظالم هر سوسائٽيءَ ۾ ٿي سگهن ٿا. پر بنتو قبيلن ۾ ڇوڪريءَ تي اهڙو زور زبردستي ناهي. هوءَ مڙس کي پاڻ ئي پسند ڪري ٿي ۽ ڪيترين ئي حالتن ۾ مڙس کان وڌيڪ ڪمائي ٿي. جيئن اسان وٽ ڪيتريون ئي هيٺاهيون ذاتيون: ڀيل، باگڙي، ڪولھي، ٻاليشاهي، گرگليا وغيره. جن کي اسان کڻي ايترو تھذيب يافته نه سمجهون جو هو پڙهيل ڳڙهيل نه آهن. پر پئسي پونجيءَ جي معاملي ۾ چڱا خاصا، اڇا اجرا ڪپڙا پائڻ وارا سندن قرضي هوندا. انھن قومن جي ذاتين جون زالون، يورپ جي عورت کان به وڌيڪ آزادي ماڻين ٿيون: ڦٽيون چونڊڻ، ڀاڄيون ۽ گدرا، ونگا پوکڻ، مٽي ۽ پني جا رانديڪا ٺاهي وڪڻڻ. ويندي پِني پڻ پئسو جمع ڪن ٿيون. هو مڙسن جي ڪمائي تي ڀاڙين نٿيون. سو هي آفريڪي بنتو زبانون ڳالھائيندڙ غير مھذب ڇوڪرين جو گهٽ ۾ گهٽ اهو ته رعب هلي ٿو. منجهن ڪجهه وڌيڪ بھتر قيبلا: مثال طور: ”چاگاز“ جون ڇوڪريون ته شاديءَ وقت به ڦِريو وڃن_ جي هنن کي کڙڪ پئجيو وڃي ته سندن ٿيڻ وارو مڙس ردي قسم جو آهي.
ڪيترن قبيلن ۾ اهو آهي ته شاديءَ وقت ڇوڪريءَ جو Virgin (ڪنوارو) هجڻ ضروري شرط رکيو وڃي ٿو ۽ شاديءَ کان اڳ يا پوءِ ڪنھن ڌارئين سان جنسي تعلقات کي تمام خراب سمجهيو وڃي ٿو. ان طرف ايڏو ڌيان رکيو وڃي ٿو، جو ڪنھن جي چوڻ مطابق، ڪن علائقن ۾، اهو رواج عام آهي ته ڊگهي سفر تي وڃڻ کان اڳ مڙس زال جي مخصوص عضوي جو سيبو ڪري وڃي ٿو جنھن ۾ پيشاب لاءِ فقط سنھڙو سوراخ ڇڏيو وڃي ٿو. اهو طريقو تمام سور وارو۽ ظالماڻو سمجهيو وڃي ٿو.
ان کان سواءِ هتي جي رواجن مطابق جيسين هڪ ٻار ٿڃ تي آهي ته ان وچ ۾ پيٽ ٿيڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو. ساڳي وقت ٻار کي ٻن سالن کان اڳ ٿڃ ڇڏائڻ به صحيح نٿو سمجهيو وڃي. ان ڪري اهڙن قبيلن ۾ عورتون گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن جي ساهي پٽڻ بعد ٻار ڄڻين ٿيون. (1. ڪتاب Mau Mau and the Kikuyu: ليکڪ ايل ايس بي ليڪي، صفحو 19.) ان بابت هڪ اها به ٿيوري ٻڌائي وڃي ٿي ته پيٽ ٿيڻ شرط، ٻچي دانيءَ ۾ ترسيل Semen، سندس ٿڃ جي کير تي زهريات جو اثر پيدا ڪري ٿي.
ان سلسلي ۾ ٻار جي روڪ لاءِ عورت سان هم بستريءَ کان جهل نه ڪئي ويندي آهي پر برٿ ڪنٽرول جا بيحد ڏکيا طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا. (2) ڪتاب Knowing African: ليکڪ ايڊون ڊبليو سمٿ.

عورتن جو طھر ۽ ٻيون رسمون

ڪيتريون ڳالھيون هتي جي شيدين بابت آفريڪا جي ٻنھي ڪنارن تي ٻڌبيون. مثال طور ڪيترن آفريڪي قبيلن ۾ خاص ڪري ڪيڪويو، جپانين وانگر چپن تي چمي نه ڏيندا. ساڳي مائٽيءَ ۾ شادي سخت ڏوهه سمجهن ٿا. ڪن قبيلن ۾ ته مڙس کي سس اڳيان ۽ زال کي سھري اڳيان وهڻ جي موڪل نه هوندي آهي. ڪن قبيلن ۾ بيواهه عورتن کي سخت نڀاڳو سڏيو وڃي ٿو ته ڪن ۾ وري هن جي شادي سندس ڪنھن ڪنواري ڏير سان ڪرائي وڃي ٿي. عورت کي اڪيلو ڇڏڻ، قبيلي جي ناموس کي ڌڪ رسائيندڙ ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. ڪي ڪي اهڙا آفريڪي قبيلا چيا وڃن ٿا، جن ۾ بيوهه سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪو مرد نه ملندو آهي ته ڪنھن ٻي واندي عورت سان ڪرائي وڃي ٿي. يعني هڪ ماءُ جي ٻارن جي ٻي عورت ”ماٽيلو پيءُ“ به ٿي.
آفريڪا ۾ ٻه ڳالھيون ٻيون به آهن، جيڪي ڌارئين کي ڇرڪائين ٿيون: هڪ ”ڪنوار جو ملھه“ ۽ ٻيو ”عورت جو طھر“. پھرين ڳالهه ته اسانجي ننڍي کنڊ جي ماڻھن لاءِ خاص اهميت نٿي رکي جو اڃا تائين اسان وٽ ڪجهه ڪجهه ذاتين ۾ ڪنوار جا پئسا ورتا وڃن ٿا. پر اها ڳالهه، هتي آفريڪا ۾ جتي ڪٿي آهي، سواءِ چند شھر جي ماڻھن جي_ جن جو ڪنھن ڪڙم قبيلي سان ڳانڍاپو نه رهيو آهي. سڄي آفريڪا_ اوڀر، وچ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي سڀني شيدي قبيلن ۾ عام آهي ته ڪنوار جو ملھه ڏيڻ بنا گهوٽ شادي نٿو ڪري سگهي.پوءِ اها قيمت هو ڪنھن به نموني ۾ ادا ڪري سگهي ٿو. ماهيو، ڳائو، ريڍو، ٻاڪرو مال ڏئي يا اٺ، گهوڙو، مئل هاٿي (عاج لاءِ)، مئل واڳون (چمڙي کل لاءِ) ڏئي يا پئسي روڪڙ جي صورت ۾. يا گهوٽ کي سھري جي زمين تي ڪجهه عرصي لاءِ پورهئي ۾ همراهي ڪرائڻي پوندي آهي.
ڪينيا ۾ اڄڪلهه ڪنوار جو ملهه گهٽ ۾ گهٽ ٽي گابيون آهن. يا ان جي برابر جي قيمت. هڪ ڳالهه ڌيان طلب آهي ته آفريڪا ۾ پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيئي پئسا وٺڻ ۾ ڪو ڪمائي ڌنڌي جو پھلو ناهي پر هتي جي غريب ماڻھن وٽ پوک يا کير /سواريءَ جا جانور ۽ اولاد سڀ هڪ برابر آهن. جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ غريب هارين جا ننڍا وڏا ٻار، عورتون، ڍڳا، ٻڪريون گهر جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ جيتري اهميت رکن ٿا. هر ٻار پنھنجي عمر سارو پيءُ کي ڪم ڪار ڪرائيندو . اڃا ٽن چئن سالن جو هوندو ته پنھنجي پيءُ لاءِ ماني کڻي ويندو. پوءِ وڏو ٿي ٻڪريون چاريندو. ڪاٺيون ڪندو. ماءُ کي ڦٽيون چونڊڻ ۾ مدد ڪندو، پيءُ کي ٻج ڇٽرائيندو، گُڏ ڪرائيندو، جهار هڪلرائيندو ۽ اڃان به وڏو ٿي هر ڪاهيندو ۽ ٻيا ڏکيا ڪم ڪندو.
تيئن هتي آفريڪا ۾ به ڍڳا، ڍور، مال وٿاڻ، کير پٽ ٻار ٻچا_ سڀ هڪ ئي ڪئٽگريءَ ۾ اچن ٿا. جن جو ڪم ۽ پھريون مقصد اهي پورهيو ڪري گهر کي بک کان پري رکڻ. جيئن هڪ ناول نويس ليکڪا پرلس. ايس. بڪ جي جڳ مشھور ڪتاب Good Earth ۾، ڏڪار وقت، ڍڳي وڪڻندڙ همراهه ڪيڏو دل من هڻي ٿو. نيٺ جڏهن کيس ۽ ٻارن کي، بک پاهه ڪري ٿي ته پوءِ عين موقعي تي فيصلو ڪري ٿو ته ڍڳي وڪڻڻ بدران ڇو نه زال کي وڪڻي اچان. ڍڳي / ڍڳو ته وري به کير ڏئي ٿي / هر ڪاهي ٿو. سو ان ريت هتي آفريڪا ۾ به گهر جي ڪم ڪار واري هڪ پھر_ ڌيءَ، هلي وڃي ته ان جي بدلي ۾، ڪجهه ته ملڻ کپي. مثال طور ڪو جانور ئي سھي جو ڪم ۾ ان جيتري مدد ڏئي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو آفريڪا ۾ جنھن کي گهڻا ٻار اهو وڌيڪ خوشنصيب سمجهيو وڃي ٿو، جو هن کي ڪم ڪار ۽ ڪمائڻ ۾ گهڻي مدد ملي ٿي. ڪو ٻني ٻاري تي ڪم پيو ڪري. ڪو مال لاءِ گاهه پٺو پيو ڪري. ڪو شڪار ڪري يا (چوريءَ) هاٿي واگهو ماري انھن جا ڏند ۽ کلون پيو وڪڻي، ڪپڙو لٽو ۽ ٿانوَ پيو آڻي. جي شھر ويجهو آهي ته فارينر ۽ امير آفريڪي ماڻھن جي گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري پئسو پيو آڻي ۽ گهر ۽ قبيلي کي سکيو ستابو رکيو ويٺو آهي.
هڪ ٻيو پھلو ڪنوار جا پئسا گهرڻ جو اهو به آهي ته اهي پئسا هڪ قسم جي Good Will سمجهي وڃي ٿي. ان پٺيان اها سوچ آهي ته: هڪ گهوٽ جيڪو ٽي گابيون يا ٻه تولا سون جا ڪنوار کي حاصل ڪرڻ لاءِ قربان نٿو ڪري سگهي، اهو شاديءَ کانپوءِ ڇوڪريءَ کي ڇا سکيو رکي سگهندو.
پٽ ٻار جو طھر (Circumcision) اتر آفريڪا جي مسلمان ملڪن: لبيا، آلجيريا، مصر، سوڊان، موراڪو، ٽيونيشيا وغيره ۾، اسان وانگر عام آهي ۽ ننڍي هوندي نه ته بالغ ٿيڻ وقت طھرايو وڃي ٿو. طھر مسلمانن کان سواءِ ڪيترن عيسائي ۽ لا مذهب شيدين ۾ به عام آهي. ڪجهه ميڊيڪل (صحت) جي خيال کان ڪجهه رسم رواج کان. وچ آفريڪا جي ملڪن ۾ جتي جهنگل ۽ گهاٽن ٻيلن ۾ اڻ سڌريل شيدي رهن ٿا، اتي ڪن ڪن قبيلن: انگوني، لوئر، چيوا ۽ بيمبا قبيلن ۾ مردن جو طھر صفا نه ٿئي. ماسائي قبيلن ۾ کولو (Prepuce) سڄو وڍڻ بدران اڌ ڪپيو وڃي ٿو. باقي اڌ هيٺ لڙڪيل رهي ٿو. جن قبيلن ۾ طھر ڪيو به وڃي ٿو ته ننڍن ٻارن جو نه پر بالغ ٿيڻ بعد، رسم طور، قبيلي جي يڪن پنجاهه سٺ جوانن جو هڪ ئي وقت ٿئي. جيئن ڪن آمريڪن يونيورسٽين مان هر سال نڪرندڙ گريجوئيٽن جي بئچ (ٽولي) جو نالو رکيو ويندو آهي، تيئن طھر وقت هنن ٽولن جا به نالا رکيا ويندا آهن. مثال طور: لوميري (ننڍي پکيءَ جو آفريڪي نالو جيڪو فصل کائي چٽ ڪندو آهي)، ال ڪوپائي (اڇو خنجر)، الڪوشو (ڦورو)_ وغيره وغيره. (1. ڪتاب East African Back Ground: ليکڪ جي. ڊبليو هنٽنگفورڊ: ڇاپو 1950.)
عورتن جي طھر بابت ڪيتريون ئي ڳالھيون ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ اينديون. ڪيڪويو (Kikuyus) قبيلي جي ته سڀني عورتن جو طھر ٿئي. پر ميرو، ڪامبا ۽ ڪجهه نادي، هيھي، دوروبو ۽ ٻين قبيلن ۾ پڻ عورتن جو طھر عام ڳالهه سمجهي وڃي ٿي ۽ ڪجهه قبيلن ۾_جيئن ته ڏکڻ آفريڪا جا زولو (Zulu) وغيره ۾ اها رسم بنھه ناهي.
زناني طھر ۾، عورت جي لبلبي (Clitoris) وڍي وڃي ٿي، ۽ ڪن قبيلن ۾ عورت جو (Labia_Majora) ۽ (Labia _Minora) پڻ مٿان مٿان ڪتريو وڃي ٿو. اها آپريشن تڏهن ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ڇوڪري ڏهن کان چوڏهن سالن جي ڄمار جي ٿئي ٿي. اها رسم به مردن وانگر ٽولن ۾ ٿئي ۽ خاص قسم جون زالون ادا ڪن. جيئن اسان وٽ هيڏي ترقيءَ ۽ انگريزي دوائن هوندي به نڪ ۽ ڪن ٽوپڻ جو ڪم عام عورتون، سبڻ ڀرڻ جي ڪَٽ لڳل سئيءَ سان، بنا ڪنھن Local Anaesthesia ۽ Anti Septic استعمال ڪرڻ جي سر انجام ڏين، ساڳي طرح ڳوٺن ۾ اڃا تائين، ڊاڪٽرن بدران حجام طھر ڪن ۽ وهندڙ رت ۽ ڦٽ مٿان ڦلھير ٻرڪي پٽي ٻڌيو ڇڏين. اهڙي طرح هتي آفريڪا ۾ اسان جي ڳوٺن جھڙو به حال نه آهي. خاص ڪري جتي انگريز نه رهيا آهن اتي ته ڪو دوا درمن جي به بھتر اميد نٿو رکي سگهجي. ڪڏهن ڪڏهن هلڪي سلڪي ڦٽ ڦرڙيءَ جو علاج به ناممڪن هوندو آهي. ان لاءِ ڪو ايشيا يا يورپ جو ملڪ ڳولڻو پوندو آهي. سو هي عورتن جو طھر (Circumcision) ته وڏي ڳالهه ٿي. جيتوڻيڪ ڪيترو به کڻي خبرداريءَ سان ڪيو وڃي، ان هوندي به ڪيترائي خطرناڪ نتيجا نڪرن ٿا. ان طھر بابت ڪو به تسلي بخش سبب نٿو ٻڌائي. آفريڪن دوست اهو ئي ٻڌائي ڳالهه ٽاريو ڇڏين ته عورت جو Clitoris وڍڻ سان هن جي شھوت مريو وڃي ۽ هوءَ نفساني ۽ شھواني (Sexual) خواهشن کان پاڪ رهي ٿي. بھرحال Cliterodectomy کانپوءِ به، اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته عورت جنسي تعلقات مان مزو وٺي سگهي ٿي(1. ڪتاب Behind God’s Back : ليکڪ فارنس، صفحو 208 ۽ 209.)
تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ڪيڪويو قبيلي ۽ مائو تحريڪ جو ليڊر ۽ ڪينيا جي آزاديءَ بعد پھريون پرائيم منسٽر جومو ڪينياتا جھڙي ماڻھوءَ، پنھنجي ڪتاب ۾ ان رسم جو نه فقط بچاءُ ڪيو آهي پر تعريف جا ڍڪ ڀريا آهن. (2. ڪتاب جو نالو Facing Mount Kenya).
هن چئپٽر جي سلسلي ۾ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ آفريڪا ۾ نوڪري ڪندڙ اسان جي ڊاڪٽرن کان پڇيل ڪجهه سوالن جا جواب ڏئي رهيو آهيان:
سوال: عورت جي اهڙي طھر جا مثال ممڪن آهن؟
جواب: ها بلڪل آهن. گهڻو ڪري وچ آفريڪا ۾ جتي جاهليت ڪري پراڻيون ۽ ظالم رسمون ۽ ساٽ سوڻ اڃا تائين آهن. پر اتر آفريڪا ۽ اوڀر آفريڪا ۾ پڻ اهڙا مثال ملندا.
لبيا ۾، هڪ دفعو مسلمان فئملي اسان سان پڻ ان سلسلي ۾ صلاح مشورو ڪرڻ آئي. هنن جو شافعي فرقي سان تعلق هو. مون کي ٻين ڊاڪٽرن پڻ ٻڌايو ته شافعي اڪثر پنھنجين ڇوڪرين جو طھر ڪرائين. پر ان طھر ۾ سڄو Clitoris نه ڪٽيو ويندو آهي. ان جو رڳو مٿين کل جو ذرڙو (Prepuce) وڍيو وڃي ٿو.
سوال: ان سان ڪھڙي تبديلي اچي سگهي ٿي؟
جواب: Clitoris ڪٽڻ سان عورت جي بي پناهه شھوت گهٽجيو وڃي. باقي ٻار ڄڻڻ جي قابل بلڪل رهي ٿي.
سوال: Cliterodectomy (لبلبي وڍائڻ) بعد عورت کي هم بستري ڪرڻ جي خواهش رهي ٿي؟
جواب: خواهش يا شھوت ته گهڻي حد تائين گهٽجيو وڃي باقي نارمل عورت وانگر هوءَ به Sex جو مزو وٺي سگهي ٿي ۽ Orgasm به ماڻي سگهي ٿي.
سوال : ڀلا Infibulation (عورت جي مخصوص عضوي کي سبڻ) جو مثال ممڪن آهي؟ ان جا ڪي ڪلينيڪل اثر؟
جواب: ڪلينيڪل اثر ته ڪي خاص ظاهر نه ٿيندا بشرطيڪ ٿورو يا گهڻو سوراخ ضرور ڇڏيو وڃي. بھرحال اهو ته آفريڪا ۾ مرد پنھنجين عورتن تي شڪ ڪرڻ، انھن کي سزا ڏيڻ يا سندن بچاءُ ڪرڻ خاطر ڪن ٿا جيئن يورپ ۾ حفاظتي بيلٽ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي.
هونءَ ان جاءِ کي سبڻ اسان وٽ ميڊيڪل ۾ به ٿئي ٿو، پر اهو ٻار جي ڏکي ڊليوريءَ تي ڏنل ٽُڪي کي بند ڪرڻ لاءِ ٽوپو ڏنو وڃي ٿو. يا وري گهڻا ٻار هڪ ٻئي پويان، سگهو سگهو ڄڻڻ ڪري، سيبي رستي اها جاءِ نارمل شڪل تائين آندي وڃي ٿي. جيڪا هڪ قسم جي رپيئر سمجهي وڃي ٿي.
سوال: مرد جي طھر جو ڪو ميڊيڪل فائدو؟
جواب: صفائي رهيٿي. اڻ طھريل مرد کي جهٽ پٽ جراثيم (Infection) لڳيو وڃن. ساڳي ريت خارش جو مرض پڻ رهيس ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ ڪلهه آمريڪا، يورپ ۽ جپان جھڙن سڌريل ملڪن ۾، غير مسلم به طھر ڪرائين ٿا. آمريڪي ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي تازي ريسرچ مطابق اڻ طھريل مرد کي ته ڪئنسر ٿئي ٿي، پر سندس ساٿيءَ کي پڻ Cervix جي ڪئنسر ٿيو پوي. اهو ئي سبب آهي جو خاص عضوي جي ڪئنسر مسلمان ۽ يھودي مردن ۾ بلڪل نه برابر آهي. (يھودي پڻ طھر ڪرائين).

هڪ سو ٽيٽيهه زالون ڇهه سئو ٻار

آفريڪا جي ملڪن جو ذڪر ڪندي سوازي لئنڊ تي ڪجهه لکڻ تي دل چئي ٿي، جنھن جو حاڪم، تازو گذريل هفتي، هڪ ڊگهي حڪومت بعد گذاري ويو. هي تمام ننڍڙو ملڪ، ڏکڻ آفريڪا ۽ موزمبق جھڙن ٻن مختلف قسم جي حڪومتن جي وچ ۾ هڪ پرسڪون آهي، جنھن جو حاڪم سوڀوزا گذريل هفتي 83 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. پاڻ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ حڪومت ڪيائين. مزي جي ڳالهه ته ان هوندي به هن مان سوازي_ لئنڊ جي عوام بيزار نه هئي. ٻي دلچسپ ڳالهه اها ته هن کي هڪ سئو ٽيهه زالون هيون ۽ ڇهه سئو ٻار. سندس مرڻ وقت_يعني هن وقت به سئو کن زالون جيئريون آهن.
سوڀوزا کي سندس عوام لوهي چنبي وارو شينھن سڏيو ٿي. سيپٽمبر 1921ع ۾ هو تخت تي ويٺو ۽ سٺ سال حڪومت ڪيائين. (هن کانپوءِ ٻئي نمبر تي جپان جو بادشاهه هيرو هيتو اچي ٿو، جنھن کي حڪومت ڪندي پنجونجاهه سال ٿيا آهن). سوازي لئنڊ جي ڪل آبادي پنج لک ٿيندي جيڪا حيدرآباد جيتري مس ٿي. سوازي لئنڊ جيعوام کي پنھنجي حاڪم تي ايترو اعتماد هو جو دنيا ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اينديون رهيون پر هن ملڪ ۾ سياسي طرح هميشه سڪون رهيو. هن جديد سياست جي طريقن ۽ قديم قبائلي روايتن کي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪري ملڪ هلايو ۽ ڪنھن کي به تڪليف نه ڏني. هن لاءِ اهو مشھور آهي ته پاڻ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالھائين. خوشيءَ جي موقعن تي شينھن جي کل پائي، پکين جي کنڀن جو تاج مٿي تي رکي، اگهاڙين پيرين نچندو هو. سندس سڀ کان سينئر زال کي ”عظيم هاٿڻ“ سڏجي ٿو. جيڪا اڄڪلهه پنھنجي مڙس جي مرڻ تي حڪومت جون واڳون عارضي طور سنڀاليو ويٺي آهي، جيسين ڪو لائق جاءِ نشين چونڊجي وڃي.
سوڀوزا جي مرڻ کانپوءِ واريون رسمون هفتي کن کان اڃا هلي رهيون آهن. ڪيترن ئي ڍڳن کي ڪُھي انھن جون کلون لاهي، سوڀوزا جو لاش انھن۾ ويڙهيو ويو آهي. جنھن کي عوام جي ديدار لاءِ هڪ غار ۾ رکيو ويندو، جيڪو علائقو ”راڻي شيبا جون ڇاتيون“ سڏجي ٿو.
سوڀوزا جو هڪ پٽ وزيراعظم آهي، جنھن پنھنجي پيءُ جي ماتم جا ڏينھن اڃا مقرر نه ڪيا آهن. في الحال اڻ کٽندڙ عرصي تائين اهو ماتم هلندو رهندو ۽ هل نغارا صبح شام وڄندا رهن ٿا.

ڪجهه عرصي بعد جو لکيل:

سڄي دنيا جي ماتم ۽ روڄ راڙي بعد پنجويھين اپريل 1986ع تي سوڀوزا جي انيڪ پٽن مان هڪ پٽ مسواتي “ٽئين” جي تاجپوشي ٿي. ان وقت سندس عمر ارڙهن سال هئي. عوام کيس پيار مان Ngwenyama يعني شينھن بادشاهه سڏي ٿي. سوڀوزا جي ڇهه سئو ٻارن مان گاديءَ لاءِ هن کي ڇو چونڊيو ويو؟ اهو ان ڪري جو هتي جي رسم رواج مطابق پيءُ جي مرڻ بعد تخت ۽ تاج ان پٽ جي حوالي ڪيو ويندوآهي، جنھن جي ماءُ جو تعلق سڀ کان اعليٰ قبيلي سان هجي. ان حساب سان مري ويل بادشاهه سوڀوزا جي سئو کان مٿي زالن مان مسوات ”ٽئين“ (شينھن بادشاهه) جي ماءُ سڀ کان اعليٰ رتبي ۽ خاندان جي آهي. پاڻ ”عظيم هاٿڻ“ جي لقب سان مشھور آهي. هتي جي قانون مطابق حڪومت جون واڳون هڪ ئي وقت پٽ ۽ ماءُ جي هٿ ۾ هونديون آهن. يعني شينھن بادشاهه پنھنجي ماءُ عظيم هاٿڻ سان گڏ ملڪ جو ڪاروبار هلائيندو. اها ڳالهه هڪ وڏي مونجهاري جو سبب ٿي سگهي ٿي پر هي ملڪ سوازي لئنڊ هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنھن ۾ سياسي طرح ڪو وڳوڙ ناهي. عوام هر وقت خوش ۽ پنھنجي موج مستيءَ ۾ رهي ٿي. ان جو هڪ وڏوڪارڻ اهو ٿي سگهي ٿو جو ٻين آفريڪي ملڪن وانگر هتي بيشمار ٻوليون ڳالھائڻ وارا انيڪ قبيلا نٿا رهن. جپانين وانگر سوازي شيدين جو هڪ ئي ذات پات ۽ نسل سان تعلق آهي. هي جي اٺ لک عوام جي هڪ ئي زبان ۽ سندن ريتون رسمون ۽ اعتقاد ساڳيا آهن. هو هڪ ئي حاڪم سان وفاداريءَ جي حام هڻن ٿا.
سوازي لئنڊ (Swaziland) ڏکڻ آفريڪا ۾ ستر هزار چورس ڪلوميٽر پکيڙ جو ملڪ آهي. جيڪو سنڌ صوبي جي چوٿين حصي جيترو مس ٿيو. اهو ڏکڻ آفريڪا ۽ موزمبق جي وچ ۾ آهي. سوازي لئنڊ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن کان پئسي ڏوڪڙ توڙي موسم ۽ قدرتي نظارن ۾ سکيو ستابو آهي. کيس آفريڪا جو سئٽزرلئنڊ پڻ سڏين ٿا. جيڪو نالو سندس سرسبز ماٿرين ۽ پر امن رهاڪن تان پيو آهي. هن ملڪ جي تواريخ پنج سئو سال پراڻي آهي، جڏهن سوازي قبيلي جي هزار کن شيدين تي نڪوسي دلاميني گهراڻي جو بادشاهه راڄ ڪندو هو. اڄ جو هڪ نئون چونڊيل شھزادو ان گهراڻي جو چوڏهون حاڪم آهي.
سوازي لئنڊ تي انگريزن جو راڄ هو ۽ کيس 1968ع ۾ خودمختياري ڏني ويئي. تخت تيويٺل هن شھزادي جي ڄم جي تاريخ ان آزاديءَ کان ڪجهه ڏينھن اڳ جي آهي. سندس پيءُ کيس ۽ ٻين ڀائرن ڀينرن کي جاهل رکڻ بدران اعليٰ تعليم ڏياري. تخت تي وهڻ وقت “مسواتي ٽيون” انگلينڊ جي اسڪول ۾ پڙهي رهو هو ۽ هاڻ تاجپوشيءَ بعد باقي رهيل تعليم پوري ڪرڻ لاءِ وري انگلينڊ وڃي رهيو آهي.

آفريڪا بابت نراليون ڳالھيون

پورٽ سوڊان جي هڪ هوٽل ۾ ويٺا هئاسين. يورپي ملڪن جي ڪردارن تي اچي بحث نڪتو. هڪ سوڊانيءَ چيو ”غلامي مڙيئي غلامي آهي، کڻي ڪھڙي به حاڪم جي هجي. پر وري به’انگريز‘ ٻين کان بھتر آهن. ٻين يورپي قومن جي مقابلي ۾ انگريزن پنھنجي بيٺڪن / راڄن۾ ڪجهه چڱا ڪم به ڪيا. انصاف جي نظام کان وٺي، پوسٽ، تار، ريل ۽ روينيو جا کاتا قائم ڪيا. تعليم ۽ پوليس جو نظام برقرار ڪيائون. اهي شيون ٻين ملڪن ۾ نه آهن، جن تي ڊچن، پورچوگالين، فرينچن، اطالوين ۽ ٻين حڪومت ڪئي.“
سوڊان ۽ نائيجيريا کان هندوستان ۽ هانگ ڪانگ تائين، برمودا بحرين کان جرالٽر سنگاپور تائين _ جتي به انگريزن جو واسطو رهيو، اتي هنن تعليم، انصاف، تار ٽپال، ائڊمنسٽريشن، رستا ريل، رسم رواج ۽ مذهب جي آزاديءَ تي ٻين مڙني يورپي قومن کان گهڻو ڌيان ڏنو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن غلطيون به ڪيون. پر تڏهن به هنن جو وهنوار پورچوگيزن، فرينچن، جرمنن، اٽلين وغيره کان بھتر هو. شايد اهو ئي سبب آهي جو آزاد ٿيڻ بعد نائيجيريا، ڪينيا، سيراليون، پاڪستان، هندستان وغيره جا ماڻھو انگريزن جي ايتري گلا نٿا ڪن جيتري موزمبق ۽ ائنگولا جا ماڻھو پورچوگالين جي ڪن ٿا. يا لبيا جا اٽلين جي، ٽيونيشيا ۽ سومالي لئنڊ جا فرينچن جي.
نائيجيريا ملڪ جو نالو نائيجر نديءَ تان پيو. جيئن سنڌ تي نالو سنڌو نديءَ تان پيو. “ناجر” جي معنيٰ آهي “ڪارو”. هيءَ ندي دنيا جي نائون نمبر ڊگهي ندي آهي ۽ آفريڪا ۾، نيل ندي ۽ ڪانگو نديءَ بعد ٽيون نمبر ڊگهي ندي آهي. ڪنھن زماني تائين، نائيجر نديءَ کي “نيگرو شيدين جي نيل” سڏيو ويندو هو ۽ اوائلي جاگرافرن اهو ئي سمجهيو ٿي ته نيل ۽ نائيجر نديون ٻئي هڪ هنڌان ڦٽن ٿيون. پر پوءِ خبر پئي ته نائيجر ندي صحارا رڻ پٽ وٽان شروع ٿي نائيجريا ملڪ جي وچ مان لنگهي، کيس ٻن اڌن ۾ ورهائي پوءِ سمنڊ ۾ وڃيو ڇوڙ ڪري.
ڪو عرصو اسان آفريڪا کي اونداهو کنڊ سڏيندا آياسين. ڪنھن عالم خوب چيو ته دراصل آفريڪا کنڊ اونداهو نه هو پر اسان جو اندر اونداهو هو_ آفريڪا جي ڄاڻ ۽ علم کان.
هڪ آمريڪي ليکڪ ۽ سياح چواڻي: يورپي ماڻھو جيترو گهڻو جاهل اوترو ئي کيس آفريڪي بيوقوف لڳندو.
آفريڪا بابت هڪ نظم جيڪو تمام گهڻو پسند اٿم:
Oh Africa, mysterious land!
Surrounded by a lot of sand
And full of grass and trees,
And elephants and Africanders
And politics and salamanders
And native rum in little kege
And savages called tuarege
And tons of diamonds, and lots of nasty, dirty Hottentots,
And coolies coming from the east,
And serpents, seven yards long at least,
And lions, that retain
Their vigour, appetites, and rage.
Intact to an extreme old age.
And never lose their name…
Vast continent! Whose cumbersome shape
Runs from Bizerta to Cape.
(The Moden Traveller).
شيدين کي گهڻا ماڻھو _ خاص ڪري يورپي، جانورن سان مشابھت ڏين ٿا. پر ڏٺو وڃي ته شيدين جو بدن ڀولڙي، شينھن يا ڪنھن ٻئي جانور وانگر وارن سان ڀريل نه پر لسو آهي:
ياد اٿم ته هڪ دفعي يورپ جي ڪنھن هوٽل ۾ هڪ يورپين چرچي چرچي ۾ آفريڪا جي ڪنھن شيديءَ کي چيو : You are an ape (تون ڀولڙو آهين).
شيديءَ ڪاوڙ ڪرڻ بدران پنھنجي روائتي کِل کلندي وراڻيس: ”چريا! آئون ڪيئن ڀولڙو ٿيس؟ ڏس تنھنجي ٻانھن تي وار آهن يا منھنجين تي؟“
”منھنجين تي“.يورپين چيو.
”پوءِ تون ئي جانور ٿئين جو ڀولڙن کي به ٻانھن تي وار ٿين.آئون ته انسان آهيان. منھنجي ٻانھن تي ته ڪو هڪڙو به وار نظر اچئي ٿو؟“

ڪانگو (زائر) ۾ پنجيتاليهه هزار کن جيتن ۽ پکين جا قسم آهن ۽ آفريڪا ۾ سڀ کان سھڻيون پوسٽ جون ٽڪليون ڪانگو جون آهن.

آفريڪا جي اتراهن ملڪن: مصر، لبيا، ٽونيشيا، آلجيريا وغيره ۾ _جتي عربن جي تھذيب جو گهڻو اثر آهي، عرب ملڪن وانگر، ڳالهه ڳالهه تي ٻه لفظ عام استعمال ڪن: ”بقرا“ ۽ ”ماليش“. بقرا معنيٰ سڀاڻي ۽ ماليش معنيٰ پرواهه نه ڪر_ يا انگريزن واري ”نيور مائينڊ“ ٿي.

عرب دنيا ۾ ڪا مقرر تاريخ ڏيڻ بدران، آفيسن ۽ دڪانن وارا هميشه “بقرا” چئي جان ڇڏائين. پوءِ اهو ”سڀاڻو“ يعني بقرا، خبر ناهي ڪڏهن اچي. اهڙيءَ طرح ڳالهه ڳالهه تي چوندا ماليش_ نيور مائينڊ.

آفريڪا جي ملڪن ۾ سڀ کان وڏو ملڪ سوڊان آهي. سندس پکيڙ اڍائي ملين چورس ڪلوميٽر (ساڍا نو لک کن چورس ميل) ٿيندي. منجهس رڻ پٽ جبل، ميدان، ماٿريون، جهنگل ۽ دلدلي علائقا اچي وڃن ٿا. سوڊان ۾ پنج سئو کان به مٿي قبيلا رهن ٿا، جيڪي سئو کان به گهڻيون زبانون ڳالھائين. ڪيترن ماڻھن کي اها ڳالهه عجيب لڳندي ته هڪ ملڪ ۾ ايتريون ٻوليون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون. پر رڳو اسان وٽ سنڌ صوبي ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌيءَ کان سواءِ بروهڪي، سرائڪي، اردو، ميمڻ، گجراتي، ٻروچڪي، اوڏڪي، ٿري، ڍاٽڪي، ڀيلڪي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون.

جيئن اسان وٽ مختلف ڌنار، پنھنجي ڌڻ جي اُٺن يا گڏهن وغيره تي، مختلف ڏنڀن جا نشان ڪري ڇڏيندا آهن، اهڙي طرح هتي آفريڪا ۾ مختلف قبيلا سڃاڻپ لاءِ ننڍي هوندي ئي ٻارن کي منھن تي ڪپ سان وڍَ جو نشان ڪن. پوءِ ڪي قيبلا هڪ چيھڪ ڏين ڪي ٻه يا ٽي. ڪي نرڙ وٽ، ڪي ڳل تي ۽ ڪي کاڏيءَ وٽ. ۽ اهي نشان، پوءِ سڄي عمر، هنن جي منھن تي ائين رهن جيئن اسان وٽ چورن ڌاڙيلن جي جسم تي ڪھاڙين جا ڌڪ نمايان هوندا آهن.

سوڊان م ڊنڪا قبيلو ڍڳيون مينھون چارڻ کان مشھور آهي. انھن جون زالون توڙي مرد نه فقط منھن تي وڍ جا نشان ٺاهين پر نشانيءَ خاطر وارن ۾ ٺڪر، پٿر ۽ شيشن جا داڻا ۽ موتي پڻ لڙڪائين. سوڊان جي صدر نميريءَ جي منھن تي پڻ وڍن جا نشان نظر ايندا جي سندس قبيلي جي سڃاڻپ ٻڌائين ٿا.
1956ع ۾ برٽش جي لڏڻ کان پوءِ ”اتر عرب_ سوڊان“ ۽ ”ڏکڻ آفريڪن_ سوڊان“ ۾ خونريز سِول لڙائي لڳي جيڪا سترهن سال هلي. ان لڙائيءَ ۾ پنج لک کن ماڻھو مري ويا ۽ ساڍا ست لک بي گهر ٿي ويا. لڳاتار لڙائيءَ ۾ مصر به دخل اندزي ڪئي. سوڊان روس سان وڃي مليو. 1969ع ۾ صدر غفار محمد نميريءَ، ملٽري انقلاب آڻي، حڪومت پنھنجي هٿ ۾ آندي. ٻن سالن بعد کاٻي هٿ جي ڌر انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪامياب رهي. ان بعد سوڊان روس سان واسطو ڇني ڇڏيو. 1976ع کان وٺي سوڊان پنھنجا تعلقات آمريڪا ۽ يورپ سان بھتر ڪري رهيو آهي.
آفريڪا کنڊ جو ڪنارو سورهن هزار ميل کن آهي. يعني پاڻيءَ جو جھاز روزانو چار سئو ميل هلي، تڏهن به کيس چاليھه ڏينھن، سڄي ڦيري ڪرڻ ۾ لڳندا. آفريڪا کنڊ جي ڪناري تي ٿوري کوجنا فونيشين ڪئي ۽ ڪارٿيج شھر جو هانو نالي رهاڪوءَ، عيسوي سن کان به 560 سال اڳ سيراليون تائين اچي نڪتو. ان بعد بھادر يوناني آفريڪا جو ڪنارو ڪنارو وٺي هلڻ لڳا. ڪي ڪجهه اڳتي وڌي موٽي آيا. ڪن ڳولا ۾ پنھنجي عمر ڳاري ڇڏي. ماڊرن دور ۾، ان سلسلي ۾ پورچوگالين جونالو ڳڻي سگهجي ٿو. بارطولوميو ڊياز 1488ع ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ اُڪريو هو ۽ هندستان پھچڻ کان اڳ چون ٿا ته رستي تي ڪينيا جي ڪناري وٽ ساهي به پٽي هئائين. پورچو گالي جھازن جا، آفريڪا جي ڪناري وارن شھرن ۾، جتي ڪٿي ڪجهه نه ڪجهه نشان ملندا. پورچوگالين کان پوءِ ٻيون يورپي قومون: ڊچ، ڊانش، اسپيني، فرينچ ۽ انگريز آفريڪا ڏي وڌيا.
آفريڪي دنيا ۾ ”يورو آفريڪن“ کي مولاتو (Mulattoe) سڏين. جيئن اسان وٽ يورو ايشين کي ڪرنٽو سڏين. يا وري بقول جان ماسٽرس (انگريز ناول نويس جي) آڌيلو يا اڌ انگريز سڏين. مولاتو اهي آهن جيڪي يورپي مردن ۽ آفريڪي عورتن جو اولاد آهن. آفريڪا جي ڪن يورپي ڪالونين ۾ مولاتو جو درجو گوري يورپي ۽ شيدي جي وچ تي آهي ۽ ڪن ملڪن ۾ انھن کي يورپين جيتري سھوليت ڏني وڃي ٿي. مثال طور پورچوگيز بيٺڪن ۾ مولاتو جو مان شان پورچوگالين برابر سمجهيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو اهي لسبان (پورچوگال) اعليٰ تعليم لاءِ پڻ موڪليا وڃن ٿا. پورچوگالي مرد ۽ حبشي عورت مان پيدا ٿيندڙ مولاتو کي پورچوگيز پنھنجي زبان ۾ مستو يا مسترادو سڏين. بھرحال مولاتو جي موزمبق، ائنگولا ۽ پورچو گال جي ٻين بيٺڪن ۾ وڏي لئه آهي، بشرطيڪه سندس رنگ ماءُ جھڙو صفا ڪارو نه هجي. ٿورو مڙيئي فرق هجي، پوءِ ڪڏه ائين به ٿئي ٿو ته هڪ ئي حبشڻ ماءُ جي اولاد مان ڪارا ٻار ته شيدي سڏائين ۽ گهٽ درجي جو پورهيو ڪن ۽ ناس، چاڪليٽي، ڪڻڪ رنگا يا ٿورا اڇيرا ٻار يورپي سڏجن. اهي پڙهن، نوڪريون ڪن ۽ آفيسر ٿين.
(اهڙي طرح سان سري لنڪا ۾ برگر ڊچ مردن ۽ سلوني عورتن جي اولاد کي سڏجي ٿو).
آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ ماڻھن جي درجابندي ٿيل آهي. هر مٿاهون درجو هيٺاهين کي گهٽ نظر سان ڏسي ٿو. جيئن ڏکڻ آفريڪا ۾ پھرين نمبر تي يورپي ۽ انگريز گورا، ٻئي نمبر تي ايشين (هندستاني پاڪستاني وغيره). ۽ ٽي نمبر تي آفريڪي شيدي آهن. اسڪول، اسپتالون ۽ پارڪ ته سڀني لاءِ ڌار ڌار آهن پر ويندي ڪاڪوس ۽ بس اسٽاپ تي وهڻ لاءِ بينچون پڻ يورپين لاءِ ڌار، ايشين لاءِ ڌار ۽ شيدين لاءِ ڌار _ يا بلڪل نه.
اهڙي طرح روڊيشيا ۾ پنج درجا ٿيل آهن. پھرين تي يورپي، ٻي تي ايشين_ جن ۾ گهڻا هندستاني آهن ۽ ٻيا ڪجهه پاڪستاني، مصري، شامي، بنگالي، وغيره، ٽئين نمبر تي رنگين (coloured) ماڻھو اچيو ٿا وڃن، يعني يورپي مردن ۽ آفريڪن عورتن جو اولاد. (يورو آفريڪن / مولاتو)، چوٿين نمبر تي آفريڪا جا ڪارا شيدي ۽ پنجين نمبر تي چيني ماڻھو_ جي هاڻ بلڪل نه برابر بچيا آهن.
اسان وٽ پاڪستان هندستان ۾ انگريزن جو ايترو اولاد نه ملندو جيترو سڄي آفريڪا مولاتو سان ڀري پيئي آهي. شروع واريون صديون يورپي ماڻھو، بنا زالن جي آفريڪا ايندا هئا. تن ڏينھن ۾ برٿ ڪنٽرول به ايترو عام نه هو، سو آفريڪا ۾ جتي ڪٿي انھن جو قانوني / غيرقانوني اولاد نظر ايندو. خاص ڪري جتي جتي پورچوگالي رهيا آهن، اتي ته ان قسم جا ماڻھو جام ملندا، جو هنن مولاتو کي يورپين جيترو درجو ڏنو ۽ حبشي عورتن سان قانوني شادي يا غيرقانوني هم بستريءَ کي خراب نه ٿي سمجهيو. پورچوگيزن جي ان آزادي ۽ حبشاڻين مان پيدا ٿيندڙ ٻارن کي ساڳيو درجو ملڻ واري ڳالهه انگريزن کي ڪڏهن به نه وڻي. آفريڪا جي دوري تي آيل هڪ مشھور آمريڪي ليکڪ ان سلسلي ۾ هڪ انگريز سفير جا رمارڪ لکي ٿو، جيڪو ان ڳالهه تي پورچوگالين تي خار کائي رهيو آهي ته ”پورچوگالين کي انتظام سنڀالڻ بلڪل نٿو اچي. اهي پاڻ به جاهل آهن ته راڄ سان برتاءُ به صحيح نٿا رکن. ذرا سوچيو جيڪي ڪجهه پورچو گالي ائنگولا ۾ پيا ڪن اهو جيڪر اسان گولڊ ڪوسٽ ۾ ڪيون ته ڇا ته ٿي پئي. پورچوگالين کي درجابندي (Colour Bar) جو خيال رکڻ کپي“. (1. ڪتاب Inside Africa : صفحو 578).
هڪ پورچوگالي آفيسر لاءِ ڳالهه مشھور آهي ته هو بدلي ٿي اوڀر آفريڪا جي هڪ ملڪ ۾ آيو ته هن کي ست ٻار هئا، جن جا رنگ هڪ ٻئي کان بلڪل الڳ ٿلڳ هئا. ڪو ڪوئلي جھڙو ڪارو، ڪو چاڪليٽي، ڪو ايبوني ڪاٺ جھڙو ته ڪو عاج جھڙو اڇو هو!

اولهه ۽ اوڀر آفريڪا ۾ فرق

آفريڪا جو اولهه وارو پاسو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي جيڪو مٿي وڃي ڀونچ سمنڊ سان ملي ٿو. ۽ هوڏانھن آفريڪا جي اڀرندي ڪناري تي هندي وڏي سمنڊ جون ڇوليون اچن ٿيون.
موراڪو، ماريطانيا، سينيگال، گئمبيا، گني بسائو، لائبيريا، گهانا، مالي، نائيجيريا، ڪئمرون، گئبان، ائنگولا وغيره اولهه آفريڪا جا ملڪ آهن. سوماليا، ڪينيا، تنزانيا، زنجبار، موزمبق وغيره اوڀر آفريڪا جا ملڪ آهن.
ملڪيت ۽ مال جي ڳولا ۾ يورپ جي ماڻھن پھرين اولهه_ آفريڪا اچڻ شروع ڪيو جيڪو کين ويجهو به هو. اوڀر طرف هو ٽن سالن بعد ئي آيا. ان جو هڪ وڏو سبب ڪيپ آف گڊ هوپ جو ڇرڪائيندڙ سمنڊ هو جنھن جو ان وقت جا جهيڻا جھاز مقابلو ڪري نٿي سگهيا. مثال طور نائيجيريا جي شھر بنين ۾ پورچوگالين جو پھريون جھاز 1472ع ۾ پھتو هو. (1. سرالان برنس جي لکيل ڪتاب History of Nigeria مطابق_ صفحو 659.) اهڙي طرح اولهه آفريڪا جي ٻين ملڪن ۾ سندن جھاز گهڻو اڳ پھچي ويا هئا. هو پھرين ڪناري وارن شھرن تي ديرو ڄمائيندا هئا ان بعد اندروني پٽن ڏي رخ رکندا هئا. نائيجيريا جا شاگرد_ خاص ڪري ”مولاتو“ ته 1700ع کان لنڊن ۾ پڙهڻ لاءِ وڃڻ لڳا هئا. پر اوڀر آفريڪا پاسي يورپين جو اثر اوڻيھين صديءَ ۾ ٿيو.
هڪ ڳالهه آهي ته الھندي آفريڪا ۾ جيڪي يورپين آيا سي هيٺاهين طبقي جا رولاڪ قسم جا هئا. پر اوڀر آفريڪا پاسي واپاري، سرڪاري عملدار ۽ تبيليغي جماعتن جا ماڻھو آيا.
آب هوا ۽ مڇرن جو خيال کان پڻ اوڀر وارو ڪنارو اولهه آفريڪا کان گهڻو بھتر آهي. ان ڪري جيتوڻيڪ اڀرندي ڪناري تي يورپي دير سان آيا پر هميشه لاءِ رهڻ لڳا. هوڏانھن الھندي ڪناري تي اچي رڳو ڦرلٽ ڪري موٽي ٿي يا. اهو ئي سبب آهي جو ڪينيا يا روڊيشيا وانگر الھندي ڪناري تي پراڻا يورپي سيٽلر نه ملندا. اوڀر ڪناري تي ٽِڪي پوڻ ڪري اتي جي مڪاني ماڻھن جي يورپين تي شروع کان ڪاوڙ رهي ٿي. ان ڪري انگريز توڙي يورپي ماڻھن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ اوڀر پاسي ڪيتريون ئي تحريڪون عام ٿيون. جھڙوڪ ڪينيا پاسي خونريز مائو مائو. پر هوڏانھن اولهه آفريڪا ڏي هميشه ماٺ مٺوڙو رهيو.
انگريزن سان گڏ هندستان جا ماڻھو سڄي دنيا ۾ پکڙبارهيا، گجراتي ۽ سنڌي هندو واپار لاءِ ته پنجابي ۽ پٺاڻ فوج لاءِ. گورکا ۽ سک پوليس ۽ چوڪيداريءِ لاءِ ته تامل ۽ بنگالي پوک ۽ ٻني ٻاري لاءِ. يورپ ۽ آمريڪا وانگر آفريڪا ۾ به لکين هندستاني رهن ٿا. پر اهي پڻ انگريز ۽ يورپين وانگر آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي جام نظر ايندا. اولهه ڪناري تي ان مقابلي ۾ نه برابر آهن. نائيجيريا ۽ ته آزاديءَ وقت ٻه هزار کن ايشين مس هئا، تن ۾ به گهڻا شامي ۽ لبناني هئا، جن سياست يا ملڪ جي انتظام ۾ حصو بلڪل نٿي ورتو. پر هوڏانھن ڪينيا جو مثال جي وٺجي، جيڪو نائيجيريا کان به تمام ننڍو ملڪ آهي، پر آزاديءَ وقت منجهس ڏيڍ لک ايشين هئا. ساڳي طرح يوگنڊا، ٽانگانيڪا ۾ پڻ. ڪمپالا ۽ دارالسلام شھرن جا ته ايتري قدر جو ميئر به هندستاني ٿي رهيا آهن. پر هوڏانھن آفريڪا جي شھرن: اڪرا ۽ لاگوس لاءِ ته ائين سوچي به نٿو سگهجي. اهڙي طرح اولهه آفريڪا ۾ فئڪٽريون ۽ ڪارخانا به يورپين جا گهٽ آهن. هندستانين جا ته بلڪل نه برابر_ سواءِ هڪ سنڌي هندو چيلارام جي وڏي ڪمپنيءَ جي، جنھن جون شاخون جتي ڪٿي پکڙيل آهن ۽ ان جي سئو سالن کان به پراڻي ڪمپني چئي وڃي ٿي ۽ اها ٽريڊنگ ڪمپني The House of Chellaram جي نالي سان مشھور آهي. يورپين جي گهٽ رهائش ۽ گهٽ دلچسپيءَ ڪري اولهه آفريڪا ايڏو Industrialized نه ٿي سگهيو. هو اڄ تائين فقط ڪچي مال جو مھيا ڪندڙ ئي آهي.

هڪ غريب ميوي جي ڳالهه

جاپان ۾ هر قسم جو ميوو_ تازو ۽ پورو پنو پڪل ملندو. جيتوڻيڪ جپان ۾ ميوا ڀاڄيون تمام ٿوري مقدار ۾ ٿين پر ايئر سروس ۽ سامونڊي ڪنٽينر سروس ڪري روز دور دراز ملڪن ۽ ٻيٽن تان ميون ۽ ڀاڄين جون بھترين جنسون جپان ۾ اچن ٿيون. جپان جي هر وڏي ڊپارٽمينٽل اسٽور کان وٺي ڀاڄين جي ننڍن دڪانن تي ڪيلي کان صوف تائين، ڏاڙهونءَ کان ڇانھينءَ تائين، ميوو ملندو. انب به ذري گهٽ ٻارهو ئي ملندو. هندستان جي مدارس الفنسو (سنڌڙيءَ) کان وٺي ڪينيا، هوائي ۽ فجي ٻيٽن جون بھترين جنسون_ گهٽ ريشي، مٺاڻ ۽ سواد واريون ملنديون. ساڳي طرح ٻيو ميوو_ انگور، ليچي، رمبوتان، پپيو پڻ. هڪ دفعي فلپين وارن سادي گتي جي کوکن ۾ ڪيلا بند ڪري جپان موڪليا ته جپان وارن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چي اسان کي نه فقط جنس اعليٰ گهرجي پر اسان تائين پھچڻ جو طريقو به اعليٰ هجي. ڪو هڪ داڻو به داڳيل، ڦِٿل، ڪچو يا گهڻو رڌل نه هئڻ گهرجي. پوءِ ان ڪيلي لاءِ گتي جا دٻا جپان ۾ ٺھي فلپين ويندا هئا، جيسين فلپين وارن اهڙي معيار جو گتو ۽ دٻا ٺاهيا.
جپان اوسي پاسي جي ٻيٽن ۽ ملڪن کان ته ٺھيو پر آمريڪا جي وارياسين رياستن: ٽيڪساز، ايريزونيا وغيره کان به ڇانھِيون گهرائي ٿو جو اتي جي ڇانھين جي جنس سٺي ٿي ٿئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جپان ۾ اهو ٻاهر کان ايندڙ ميوو مھانگو_ ٻيڻ ڏيڍوڻ قيمت تي ملي ٿو پر مجال آهي جو هيترن داڻن مان ڪا هڪڙي ڇانھين به ڦڪي نڪري. ڪو هڪڙو گرمو، ڪَٺل يا سردو به ڦڪو نڪري. ڇاڪاڻ جو هي وٺن ئي اهڙن ملڪن مان ۽ اهڙي جنس، جيڪا بنا ڪنھن شڪ شبھي جي سٺي هجي ۽ اهڙي جنس اپائڻ وارا ملڪ سائنسي طريقن سان، ڀلي زمين تي، صحيح مُند ۾، سٺو ٻج پوکي ان کي گهربل نموني ۽ مقدار جو پاڻي، ڀاڻ ۽ ٻيون ڪيميائي دوائون ڏئي بيماريءَ کان بچائي، سٺو فصل اپائين ٿا. پوءِ ڀاڄي هجي يا ميوو، صحيح وقت تي پٽي، بازار ۾ وڪامڻ لاءِ موڪلين ٿا.
اسان جو انب جيتوڻيڪ دنيا جي سٺن انبن مان آهي، پر اهو جپان جھڙين مارڪيٽن ۾ ان ڪري ناڪام ٿو وڃي، جو بقول هڪ جپاني ميوي وري جي ته اڃا انب وڻ ۾ شاخ ئي نٿو ڏئي ته توهان جا باغائي سڄو انب جو وڻ پٽيو موڪليو ڏين ۽ ظاهر آهي ته اهو انب وقت کان اڳ premature state ۾ ڇنل، ڇا سوادي ٿي سگهندو؟ پوءِ اهو ڀلي کڻي ڪيڏي به سٺي جنس جو هجي. ان کان سواءِ اسان وٽ اها عام ڳالھ آهي ته ڳوڻ يا کوکي ۾ مٿان سو سٺا انب (يا ڪو ٻيو ميوو)وجهن پر هيٺ سادي ۽ خراب جنس جو مال! اها ويساهه گهاتي، جپان جھڙن ملڪن توڙي سعودي عرب ۽ گلف جي رياستن ۾ ايڏي خراب ڳالهه ليکي وڃي ٿي جو اسان جو ماڻھو ٽنڊو قيصر، ميرپورخاص يا قاضي احمد جي ڀاڄي مارڪيٽ ۾ ويھي سوچي به نٿو سگهي.
جپان ننڍڙو ٻيٽ آهي پر زمين جي حساب سان ماڻھن جي آدمشماري تمام گهڻي آهي. ان ڪري چين، بنگلاديش جھڙن ملڪن کان به گهڻو ڳتيل ملڪ آهي. سندس کاڌي پيتي جو گهڻو سامان ٻاهران، ڌارين ملڪن کان ئي اچي ٿو. ماڻھن جي رهڻ لاءِ ئي جاءِ ڏکي ٿي ملي سو ڪھڙيون ويھي ٻنيون ٻارا ڪن. جپان ۾ کاڌي جون شيون يا ميوو_جنھن جو ذڪر هلي رهيو آهي، جيتوڻيڪ ٿورو گهڻو مھانگو ملي ٿو پر هر جنس سٺي ملندي، ۽ اتي جي ڪمائيءَ جي حساب سان ڪا ايتري مھانگي نٿي لڳي. مزي جي ڳالهه سڀ کان مھانگو جيڪو جپان ۾ ميوو آهي، تنھن کي اسان وٽ ميوو چوندي به ميوي جي بي عزتي سمجهي ٿي وڃي _ اهو آهي گدرو! جپان جي ميوي مارڪيٽن ۾ گدري جو شان ۽ اگهه ڏسي، اسان پنھنجي ملڪ ۾ به گدري کي عزت سان کڻڻ لڳا آهيون. جپان جي وڏي ڊپارٽمينٽل اسٽورن: هئنڪو، متسوڪشي، دائيمارو وغيره ۾ به، ٻيا ميوا ته ائين ئي کوکن يا ٿالھن ۾ ڍير ٿيا پيا هوندا، پر هر هڪ گدرو، الڳ الڳ سھڻي دٻي ۾ بندٿيل نظر ايندو جنھن مٿان سھڻي ڳاڙهي يا سائي ربن ٻڌل هوندي، جيئن بمبئي بيڪريءَ جي پسٽري يا حافظ جي ملتاني حلوي جو دٻو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان گدري جو سواد ۽ مٺاڻ ۾ جواب ناهي، پر تڏهن به قيمت ٻين ميون وانگر اسان جي ملڪ کان ٻيڻي ٽيڻي يا چئوڻي هجي تڏهن به ڪا ڳالهه. پر هتي ته گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه کان سئو دفعا وڌيڪ هوندي. اهو اڌ سير، مُني سير جو گدرو، جيڪو ڪراچيءَ ۾ ٽي رپئي ملي ۽ حيدرآباد، ٺٽي، سانگهڙ جھڙن هنڌن تي ته ٻي رپئي به مس ملي، سو جپان ۾ _ چاهي ٽوڪيو، اوساڪا ۽ يوڪوهاما جھڙن شھرن جون ڀاڄي مارڪيٽون هجن يا شيزوڪا، هَما مستو يا ساسيبتو جھڙن ڳوٺن جون، مجال آهي جو گدري جو اگهه چار هزار يين (اٽڪل ٻههزار رپين) کان گهٽ هجي. ٽوڪيو جي هڪ شپ يارڊ جي ميس ۾ گذريل سال ماني کائيندو هوس. ٻيو ڪو فروٽ هوندو هو ته سڄو ملندو هو، چاهي انب، صوف هجي يا ڏاڙهون، بادام. پر گدري جي هميشه هڪڙي ڦار ملندي هئي. چانديءَ جي ورقن سان سينگاريل.
پنھنجي هڪ سنڌي دوست کان پڇيم ته پاڻ وٽ ته گدرو ائين ئي پيو رلي. باگڙي جتي ڪٿي پوکي، بس اسٽاپن تي ڳوڻين ۽ ڌڙن جي حساب سان وڪڻيو وڃن. پر پاڻ وٽ ان جو ڪو قدر ڇو ناهي؟
کلندي وراڻيائين: ”شايد ان جي ناقدريءَ جو سبب اهو ئي هجي جو هن غريب ميوي کي، پاڻ وٽ، باگڙي پوکين ٿا ۽ باگڙي ئي وڪڻن ٿا. ان ڪري اهو ميوو پاڻ وٽ باگڙين وانگر اڇوت ۽ گهٽ سمجيهو وڃي ٿو.“
هونءَ گدرو يورپي، آمريڪي، ۽ ٻين ملڪن ۾ به مھانگو ۽ سٺو ميوو سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن انصاف جي اک_ بلڪه _ وات سان ڏٺو وڃي ته گدرو کائڻ ۾ تمام سٺو ۽ سوادي ٿئي ٿو. توهان انب، ڪيلي وغيره جو ملڪ شيڪ پي ڏسو ۽ پوءِ گدري جو ملڪ شيڪ به آزمايو. سعودي عرب ۽ دبئي، دوحا، بحرين، ڪويت پاسي ته گدري جو شيڪ (Shake) ٺاهڻ ۾ کير به نه وجهن. ٺلھو پاڻي کنڊ ۽ گدرو_ پوءِ گدرو کڻي ڦڪو به هجي، سڀني ميون ۾ بھتر لڳندو. سندس ڳر (Texture) اهڙي آهي جو پاڻيءَ ۾ مليل گدرو به کيرڻي/ ڪسٽرڊ جھڙو لڳي ٿو. گهڻن جي راءِ ۽ کپت مطابق، سندس ٻيو ڪو ميوو مقابلو نٿو ڪري سگهي. جيلي به سڀ کان وڌيڪ گدري جي هلي ٿي. ٻئي نمبر تي اسٽرابيري، انناس يا ڪيلي جي.
نه فقط عرب ملڪ، سنڌ ۽ راجستان جا ماڻھو پر سڄي اتر آفريڪا ۾_ مصر کان موراڪو تائين:عرب بَربَر ۽ شيدي، ڀاڄي يا ٻوڙ نه هجڻ جي حالت ۾، ماني گدري سان کائين. اڄڪلهه Long Life، پئسچورائيزڊ يا پائوڊر جو کير عام ملڻ ڪري يورپ ۽ آمريڪا ۾ “ميلن_ آئيسڪريم” (گدري واري آئسڪريم) ۽ ڪسٽرڊ، سڀ کان وڌيڪ مشھور ٿي ويو آهي. ماڻھو کير مٿان گدرو يا گدري مٿان کير پيئندي نه باديءَ يا بدهضميءَ جو سوچي ٿو ۽ نه چٽيءَ جي چنتا ڪري ٿو.

ڦڏوبدمعاش

ويجهڙائيءَ ۾ جنھن جھاز تي آئون چيف انجنيئر هوس، ان جو غلام مرتضيٰ نالي سيڪنڊ انجنيئر (يعني جھاز جو ٻيو نمبر وڏو انجنيئر_ جنھن جو ڪم انجڻ اسٽاف جي ائڊمنسٽريشن ۽ مشينريءَ بابت ٺاهه جوڙ جي رپورٽ چيف انجنيئر تائين پھچائڻ آهي)، هو. هُو نه فقط پاڻ، پر اسٽاف جا ٻيا ماڻھو پڻ محنتي، چرچائي ۽ جھازين جي زبان ۾ ”شاهي“ طبيعت جا هئا.
ان سيڪنڊ انجنيئر کي ماڻھن تي نالا رکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. نالا به اھڙا ٺھڪندڙ رکندو هو، جو ان جي نالي واري ماڻھوءَ کي ڏسي سندس عقل کي داد ڏيڻو پوندو هو ته سندس سوچ ڪيتري حد تائين ڪم ڪري ٿي.
هڪ ته ريڊيو آفيسر جو نالو رکيو هئائين: جھاز جو ريڊيو آفيسر_ جنھن جو ڪم دنيا جي مختلف بندرگاهن ۽ پنھنجي ملڪ ۾ جھازي عملي کي پگهار ڏيڻ ۽ پئسي ڏوڪڙ جي ڏيتي ليتي رکڻ ٿئي ٿو، سو سڀني کي، پنھنجي ڪم جي نوعيت ڪري وڻندو آهي. اسان جو ريڊيو آفيسر ته ڳائڻ وڄائڻ ۾ به ڀڙ هو. جنھن سان هر هڪ کي وندريائين ٿي. پر ساڻس نڀاڳ رڳو اهو هو، جو اها ڳالهه خبر ناهي ڪنھن سندس دماغ ۾ وهاري ڇڏي هئي ته تون وڏو پھلوان آهين. دادا آهين. ۽ اها ڳالهه اهڙي تھڙي نموني سان به نه پر لڳي ٿو ته شايدسندس دماغ جي آپريشن ڪري ميڄالي منجهه، اهڙي سوگهي ڪري وهاري ويئي هئي، جو آرسيءَ اڳيان پنھنجي ڪُٻڙي ۽ هڏائين پڃري کي ڏسي به ان ڳالهه جو ڪوڙ ۽ کوکلي هجڻ تي شڪ شبھو نٿي ٿيس. جيئن جيئن اسان جو سامونڊي سفر ڊگهو ٿيندو ويندو هو، تيئن تيئن خيالي ڳالھيون ۽ ماضيءَ ۾ ڪيل سندس خيالي جهيڙن ۽ ان ۾ سندس خيالي سوڀن جي لسٽ وڌندي ويندي هئي جيڪا اسان کي ٻڌائي گد گد ٿيندو هو. اسان لاچار سندس خوابن خيالن جو به احترام ڪندا هئاسين جو هڪ ته سامونڊي زندگيءَ ۾ پراڻو هو. (جڏهن اسان اڃا ففٿ انجنيئر ٿي مرچنٽ نيويءَ ۾ نوان آيا هئاسين ته هي اڳھين موجود هو) ۽ ٻيو ته کارائڻ پيارڻ، گانا ٻڌائڻ ۽ گهرڻ تي اڇت پگهار يا قرض ڏيڻ ۾ مڙس ماڻھو هو. ڌارئين ملڪ ۾ آفيس کان پگهار اڃا پھچندو ئي ڪونه هو ته ان کان اڳ ضرروتمندن کي في الحال پنھنجي کيسي مان ئي ڪجهه ڪڍي ڏيندو هو ته جيئن هنن جو ڪم نه بيھي. پوءِ اهو صائل کڻي ڪو خلاصي هجي يا ٽوپس (ڀنگي). جھاز جي آفيسرن سان ته هو اڃا به وڏا ڀال ۽ ڀلايون ڪندو هو. هڪ دفعي بئنڪاڪ ۾ پھچڻ سان جيسين جھاز جو ايجنٽ ان ملڪ جا پئسا کڻي اچي تيسين جهوني ٿرڊ انجنيئر کي وقت وڃائڻ کان بچائڻ لاءِ چيائين: ”باس! تون هل پنھنجي گرل فرينڊ جي گهر. مون ان جو راما روڊ وارو گهر ڏٺو آهي. تنھنجي پگهار جا پئسا اتي پھچائي ٿو وڃانءِ.“
پاڻ هر هڪ کي ”باس“ چوندو هو سواءِ پنھنجي اصلي باس يعني ڪئپٽن جي. (ان کي ڪچيون گاريون ڏيندو هو_ پر پٺ). کانئس جڏهن پڇيو هئوسين ته جهوني جي گرل فرينڊ هو ڪيئن ٿو سڃاڻي، ته شڪي کل کلي چيائين: ”بابا! هي اڃا اڄ مرچنٽ نيويءَ ۾ آيو آهي. هن کي ڪھڙي خبر. اها پھرين فلاڻي ترڪ ڪئپٽن جي گرل فرينڊ هئي. اصل ۾ هئي ته هڪ ٻئي يوناني جھاز جي بٽلر جي پر پوءِ وڏا ڦڏا ٿيا، دنگل ٿيا...“ پاڻ ٻانھون کنجي داستان ٻڌائڻ لڳو. يعني بئنڪاڪ جي گهٽين ۾ لڳل ان مھا لڙائيءَ ۾ پاڻ به حصو ورتو هئائين، بلڪه ڀرپور ۽ فيصلو ڪندڙ حصو ورتو هئائين.
اسان جڏهن ففٿ انجنيئر هئاسين ته هو اسان جي آمريڪا واري سفر ۾ پڻ اسان جي ان جھاز جو ريڊيو آفيسر هو. سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندو هليو. وڏي ڳالهه ته جنھن بندرگاهه نيو اورلينس ۾ اسان جو جھاز وڃي رهيو هو ان جو نقشو ايئن ڇڪيو هئائين جو ڄڻ اتي قدم قدم تي سندس ڪا دوست سنگتياڻي هجي. آئون ۽ هڪ ٻيو بنگالي ففٿ انجنيئر_ جن هيستائين رڳو چين، روس، بلغاريا جھڙن خشڪ سوشلسٽ ملڪن جا سفر ڪيا هئا، هن ريديو آفيسر جي واتان آمريڪا بابت اهڙيون ڪَٺائِتيون ڳالھيون ٻڌي تعجب کاڌو هو جو ان جهاز تي سفر ڪندڙن سڀني جھازين ۾ اسان ئي ٻه ڄڻا، پھريون دفعو آمريڪا وڃي رهيا هئاسين.
جھاز نيو اورلينس پھتو. پھرين ڏينھن ئي اسان کي هو شھر گهمڻ ۽ فلم ڏيکارڻ لاءِ وٺي هليو. اسان به خوش ته هھڙي داداگير مڙس سان آمريڪا جھڙي بدامني واري ملڪ ۾ گهمڻ سٺو ۽ Safe آهي. وڏي ڳالهه ته پئسو ڏوڪڙ خرچڻ ۾ پڻ پاڻ مڙس ماڻھو هو، بشرطيڪ سندس ڊاڙون ٻڌڻ جي ڪنھن ۾ توفيق هجي. پاڻ آمريڪي ڇوڪرين جي ڪريل ڪردار، ڌارئين کي آڌرڀاءَ ڪرڻ جي ادائن ۽ چال چلن جي ڪٿا اهڙي اثرائتي ۽ پُر سحر انداز سان ٻڌائين جو اسان کي ڪئپٽن ڪڪ جو ٻه سئو ورهيه اڳ وارو زمانو ياد اچي ويو، جنھن جو جھاز جڏهن مشھور تھتي ٻيٽ تي پھتو ته اتي جي ڇوڪرين گلن جي هارن سان سندس جھازين جو آڌرڀاءُ ڪري کين اهڙو ته قرب ڏنو هو جو هو پنھنجي ڪئپٽن کي آڱوٺو ڏيکاري، واپس وطن هلڻ کان پڙ ڪڍي بيھي رهيا ۽ اتي ئي ترسي پيا هئا.
جهاز نيو اورلينس پھچڻ سان اسين ٻئي ففٿ انجنيئر، هن ”پھلوان“ ريڊيو آفيسر سان گڏ گهمڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين. بندرگاهه جي ڀر ۾ ئي شھر هو. سو پنڌ ئي پنڌ ڊيزائر اسٽريٽ ۽ مئگزين اسٽريٽ لتاڙي، لائل اسٽريٽ مان لنگهي بوربن اسٽريٽ ۾ پھتاسين. ٿوري ٿوري منھن اونداهي ٿي چڪي هئي. سامھون رستي جي ٻئي پاسي کان هڪ ڇوڪري هاٽ پينٽ ۽ بلائوز ۾، هٿ ۾ جهليل لفافي مان پٽاٽي جا چپس ڪڍي، کائيندي پئي آئي. ويجهو پھچڻ تي اسان جي ريڊيو آفيسر اسان تي رعب وهارڻ خاطر، وات سان هن کي شي شي ڪري، سنھي سيٽي وڄائي. ڇوڪريءَ نڪا ڪئي هم نڪا تم. خارن مان نھاري، آمريڪن لھجي ۾ چيس: ”شٽ اپ، آءِ ول ف.... يو“. اسان وارو ريڊيو آفيسر ڏاڍو شڪي ٿيو، پر ڌڪ پچائي، شرم کي پرچائڻ خاطر اسان کان پڇڻ لڳو: ”پارٽنر! پاڻ کي ڪجهه چيائين؟“
اسان کي به هئي فلم ڏسڻي، سو منھن جي پڪائي ڪري چيوسين: ”پارٽنر، ڇا؟ ڪنھن چيو؟“
يعني اسان اهو به لنوائي وياسين ته ڪو ڪنھن ڪجهه چيو يا پاڻ ڪا سيٽي وڄايائين.
”ٺھيو، ٺهيو، ڪجهه نه.“ هن وراڻيو.
ان کانپوءِ سيٽي ته ڇا پر اک_ غلط اک کڻي ڪنھن راهه ويندي ڇوڪريءَ ڏي نه ڏٺائين ۽ نه ڳالھايائين تان جو سئنيما جو ٽڪيٽ گهر اچي ويو.
سندس ان قسم جون ٻيون به کوڙ ڳالھيون. بھرحال اسان جي سيڪنڊ انجنيئر سندس نالو ”ڦڏو بدمعاش“ رکيو هو. سندس جسم جي جوڙجڪ ۽ هلڻي چلڻي ڏسي ۽ سندس گشا پتا ٻُڌي.

اُداس اُلو ۽ ٻيا

ان جھاز تي، هڪ ٻاهر نڪتل وڏين اکين وارو اليڪٽريڪل انجنيئر هو، جنھن کي ننڊ نه اچڻ جي بيماري هئي. سڄي سڄي رات ميس جي ڪنڊ ۾، سموڪ روم ۾، يا پنھنجي ڪئبن جو درو کولي سامھون سئٽيءَ جي ڪنڊ تي پٿل ماري ويٺو سگريٽ ساڙيندو هو. در ان لاءِ کليل رکندو هو جيئن ڪو ڊيوٽيءَ تان موٽي يا انسومينيا جو ڪو ٻيو مريض لانگهائو ٿئي، ته ان کي جهلي ڪچھريءَ لاءِ پاڻ وٽ ويھارجي. پاڻ هر وقت ڏکويل ڳالھيون ڪندو هو ۽ غمگين شعر ٻڌائيندو هو. سندس سر ۾ عجيب درد ۽ سوز هو. سندس رکي رکي ڳايل ڪلامن جون ڪجهه سٽون هن وقت به ڪنن ۾ ٻُرن ٿيون:
”میرے فلک کے چاند ستارے کچھ اور ہیں
میں جن میں محو ہوں، وہ نظارے کچھ اور ہیں
ہان بادبان بھی چاک ہے پتوار بھی نہیں
لیکن میرے سفر کے سہارے کچھ اور ہین۔“
يا
”روندو نہ میری قبر کو اس میں بھری ہیں حسرتین
رکھنا قدم سنبھال کر دیکھو کچل نھ جائے دل۔“
يا
”‘میری طرح خدا کرے، تیرا کسی پہ آئے دل
تو بھی جگر کو تھام کر کہتا پھرے کہ ھائے دل۔“

سندس غمگيني ۽ رات جي وقت جاڳڻ واري حالت کي ڏسي سيڪنڊ انجنيئر مٿس ”اُداس_ آئول“ (اداس_اُلو) نالورکيو هو.
اُلوءَ بدران آئول (انگريزي لفظ) استعمال ڪرڻ بابت سيڪنڊ انجنيئر سبب ٻڌائيندو هو ته اُلو پاڻ وٽ گار آهي پر اهو الو (Owl) انگريزن جي نظر ۾ عقلمند پکي آهي.
• جھاز تي هڪ فورٿ انجنيئر هو، تنھن جو سيڪنڊ انجنيئر نالو رکيو هو: ”مشرقي عاشق.“
”يار هن شريف ۽ شرميلي همراهه کي تو چڱو عاشقن جي قطار ۾ بيھاريو آهي.“ هڪ دفعي مون چيومانس.
”تڏهن ٻيو ڪنھن جي قطار ۾ بيھاريانس. روز ٿو ڪنارو گهمڻ وڃي، ۽ عشق به ڪو اهڙو تھڙو. سندس چواڻي ’سچو عشق‘ ۽ پھرين ملاقات ۾ ئي دل ڏيو اچي. اهو به چڱو جو انجڻ جي ڪم ۾ مڙس ماڻھو آهي. سو پاڻ کي به اعتراض نه هئڻ گهرجي. جي دل ٻئي کي ڏيو اچي.“
”چئبو ته هٿ هاج ۾ دل دلبر ڏي اٿس.“ مون چيو مانس. ”ڀلا هتي ڪوريا ۾ ڪو سندس معاشقو؟“
”ڪو هڪڙو هجي ته سائين ڳالهه ڪجي، تازو ڪالهه جي ڳالهه پئي ٻڌايائين ته هڪ ڪورين ڇوڪريءَ سان ’سچو‘ عشق ٿي ويس. ڪلاڪ ڏيڍ ڪنھن پارڪ جي بينچ تي ويھي ڊائلاگ هڻڻ بعد هن سان گڏ هتي جي ٽاور جي چوٽي گهمڻ ويو. مٿي هلي کائڻ لاءِ، هيٺان هٽڙن تان ڪجهه کائڻ پيئڻ جون شيون ورتائين. ٽاور جي چوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ، لفٽ يڪي مٿي وڃڻ بدران ستين ماڙ تي ڪا گهڙي ترسي جو ٻن ٽن همراهن کي ان ماڙ تي لھڻو هو. اسان واري مشرقي عاشق سمجهيو ته ٽاور جي چوٽيءَ اچي وئي. سو ڇرڪ ڀري ٻاهر نڪري آيو. توائي مڙس ته اڳھين آهي. سندس ڪورين سنگتياڻيءَ واپس موٽڻ لاءِ گهڻي ئي سڏ ڪيس. پر تيسين لفٽ جو دروازو بند ٿي ويو. ڏاڪا لھي هيٺ آيو. ٻي لفٽ ۾ چڙهڻ جي ڪوشش ڪيائين پر مقرر ماڻھو اڳھين گروپن ۾ پنھنجي گائيڊ سان ٽولا ٺاهي، واري سان بيٺا هئا. ان کان سواءِ هن جي ٽڪيٽ به سندس ساهيڙيءَ جي هٿ ۾ هئي. سندس هٿ ۾ هئا نختي، گانٺين۽ پڪوڙن جا پُڙا، سي کڻي اچي جھاز تي نڪتو ۽ هاڻ مٿي تي هٿ رکي پُور ويٺو پچائي.“
سيڪنڊ انجنيئر جي ڳالھين تي يقين نه اچي ها پر پوءِ مون کي به ٿورو شڪ ٿيو ته هي ماٺيڻو جوان هر وقت عشق جي باهه م پيو پچي کامي. هڪ دفعي جھاز جپان جي هڪ بندرگاهه ”وڪاياما“ ۾ شام جو پھتو. جيئن ئي جھاز ٻڌو ويو ۽ انجڻ روم ۾ “Finished with Engine” جو ٽيليگرام آيو ته آجو ٿي مٿي ڪئبن ۾ آيس. دريءَ مان ڏسان ته فور ٿ انجنيئر سڀ کان اڳ تيار ٿي ڪناري پيو وڃي. سڏ ڪري پنج سئو يين جو نوٽ ڏيئي چيومانس ته واپسيءَ تي مون لاءِ فلاڻي بيڪريءَ تان کير واري ڊبل روٽي وٺندو اچجانءِ، جيڪا جپان جي هن شھر جي خاص شيءِ آهي.
هي ڪو سگهو ئي موٽي آيو جو آءٌ ڪلاڪ ڏيڍ جھاز جي سموڪ روم ۾ ٽي وي ڏسي پنھنجي ڪمري ۾ آيس ته ٽيبل تي ڊبل روٽي رکي هئي ۽ ان جي هيٺان مون وارو ساڳيو نوٽ پڻ هو. کيس فون ڪري گهرائي چيم ته بابا پئسا ته رک نه ته آئندي ڪم لاءِ ڪير چوندءِ. ڪجهه شرمائي لڄائي چوڻ لڳو: ”ائين ئي ملي هي. نه ته پيسا ضرور وٺان ها.“ مون ڳالهه نه سمجهي ۽ نه وري وڌيڪ پڇي سگهيس جو ان ئي وقت انجڻ روم کان آيل فون تي ڳالھائڻ ۾ لڳي ويس ۽ هي ان دوران هليو ويو.
ٿوري دير بعد سيڪنڊ انجنيئر مون وٽ چانھه پيئڻ لاءِ آيو. ڳالھين ڪندي چيوماس: ”يار هي پئسا ته پنھنجي فورٿ انجنيئر کي ڏجانءِ. هڪ ته ڪم ڪري آيو آهي وري پئسا به نٿو وٺي. الائي ڇا پئي چيائين.“
سيڪنڊ انجنيئر کلي چيو: ”بس سائين اهي رهڻ ڏيو. ’مشرقي عاشق‘ مون سان اها ڳالهه ڪري ويٺو آهي. پاڻ واڪ ڪندو پئي ويو، هڪ بيواهه جپاني عورت مليس، جيڪا ڪنھن آفيس ۾ ڪم ٿي ڪري. ساڻس گڏ هڪ ٻار به هو. هي هڪ ٻئي جي ڳالھين مان ايڏو ته متاثر ٿي ويا جو هوءَ کيس گهروٺي وئي. ۽ هاڻ پنھنجي گاڏيءَ ۾ جھاز تيوٺي آئي اٿس. رستي تي توهان جي ڊبل روٽي ۽ پنھنجي لاءِ جيڪا شاپنگ ڪيائين ان جا پيسا به هن ڏنا.“
”تنھن جي معنيٰ تنھنجو فورٿ انجنئير سڀاڻي پڪ موڪل ڪندو_ هن سان ملڻ لاءِ.“
”نه ان جي ضرورت ناهي. هوءَ ٻار سميت رات هتي ئي ٽِڪڻ جو ارادو رکي ٿي.“ ۽ پوءِ ڪجهه ترسي سيڪنڊ انجنيئر ٿڌ ساهه کڻي چيو :”خدا به اهڙن چرين کي پاڻ جھڙيون چريون بيابان ۾ ڏيو ڇڏي.“

• ۽ ان جھاز جو چيف آفيسر سائيڪو ڪيس هو، جنھن جو سيڪنڊ انجنيئر نالو ”نوجوان نينگر“ رکيو هو. سندس پڪي عمر ۽ ٻڏندڙ جوانيءَ جي بلڪل ابتڙ.
کيس منھن تي ”نوجوان نينگر“ چوندا هئاسين. ٻڌي ٽڙندو هو ۽ خوشيءَ ۾ جيڪو منھن چٻو ڪندو هو، مزو سڄو ان منھن ڏس ۾ هو. پاڻ سڄي جھاز کي ڇتو ڪري رکيو هئائين. سخت بي فيض انسان هو. ڪئڊٽ ته چوندا هئا ته الله سائينءَ هن چيف آفيسر کي ماڻھن جا ڪم خراب ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي. پر جھازي به هوشيار هئا، سندس نفسيات سمجهي ويا هئا. منجهائنس ڪم ڪڍڻ وقت کيس ”نوجوان لڙڪا“ چئي مخاطب ٿيندا هئا. هو سيڪنڊ انجنيئر جي ته هر ڳالهه اکيون ٻوٽي مڃيندو هو، جنھن هھڙي پوڙهي کڳ کي ”نوجوان نينگر“ جو لقب ڏيئي امر بڻائي ڇڏيو هو.

• جھازين کان سواءِ، سيڪنڊ انجنيئر، ڪناري جي به ڪجهه ماڻھن جا دلچسپ نالا رکيا هئا. مثال طور ڪوبي (جپان) ۾، نيو پورٽ هوٽل واري گهٽيءَ ۾ ريڊين، واچن واري دڪان جي خوبصورت جپاني مالڪڻ جي پوڙهي، کڳي ۽ ختم ٿيل مڙس جو نالو ”کَپَن_ چوُ“ رکيو هو. هُو پنھنجن ڊگهن وارن جو جُوڙو ٺاهي، ڪئش جي دخل تي ويٺو ٿي. باقي سڀ ڪم جوڻس ڪيا ٿي. گراهڪن کي شيون ڪڍي ڏيکارڻ، پوءِ پئڪ ڪرڻ ۽ پوءِ جي واندي هوندي هئي ته جهاز تائين نه ته به ڀر واري موتوماچي اسٽيشن تائين، پنھنجي وئگن ۾ ڇڏي ايندي هئي. هن نوجوان جپاني عورت اسان جھڙن پاڪستاني ۽ انڊين گراهڪن سان ڳالھائي ڳالھائي ٿوري گهڻي اردو به سکي ورتي هئي. چرچائڻ پڻ هئي. اسان جي سيڪنڊ انجنيئر سان جڏهن به چرچا ڪندي هئي ته هو سندس مڙس جي ڳالهه کي کڻي وچ ۾ آڻيندو هو. هڪ دفعي سيڪنڊ انجنيئر کي ٽوڪيندي چيائين،”آهي ڇا؟ اڃا تائين پراڻي ماڊل واري واچ ٻڌيو هلين. ماڻھو رکي ته نئين ۽ ٺاهوڪي شيءِ رکي، باقي اهڙي پراڻي ۽ ڦٽل کي گٽر ۾ اڇلي ڇڏي.“
سيڪنڊ انجنيئر يڪدم چيس: ”پوءِ ڀلا مڙسين کي ڪڏهن ٿي گٽر ۾ اڇلين؟“
”بابا وه تو هماري قسمت ۾ لگ گيا سو لگ گيا.“ هن مرڪي اردوءَ ۾ وراڻيو.
مون پڇيومانس: ”ٻار گهڻا اٿئي؟“
دڪان جي نوجوان مالڪڻ جي جواب کان اڳ سيڪنڊ انجنيئر آهستي چيو: ”سر! منھن ڏسي تِلڪ ڏجي. مڙس ڏسي پوءِ اهڙو سوال پڇجي.“
وئگن ۾ جھاز تائين وٺي پئي آئي، ته مون هن قسم جي مضمون لاءِ انٽرويو وٺندي پڇيومانس: ”توکي ٻار به نه آهن، پوءِ هيڏو پورهيو ۽ ڪنجوسپائي ڪري جيڪو پئسو ٿي ميڙين، ان مان ڇا وٺين_؟“
”وٺون ڪجهه ڪونه، هر سال گهمڻ ويندا آهيون.“
”گذريل سال ڪيڏانھن ويائو؟“ مون سوال ڪيو مانس.
ڏکڻ ڪوريا ويا هئاسين.“
ان کان پوءِ آئون ٻيو سوال ڪريان، ان کان اڳ سيڪنڊ انجنيئر ٽوڪيندي چيس: “خبر اٿئي، ڏکڻ ڪوريا ڪھڙا ٽوئرسٽ ويندا آهن؟_ نه تو جھڙيون عورتون ۽ نه تنھنجي مڙس جھڙا مرد.”
کلي چيائين: ”بس گذريل سال پاڻ شونقڙو ڪيائين سائوٿ ڪوريا جو. هن سال منھنجي شونق تي آسٽريليا هلندو.“

• سنگاپور ۾ هڪ سنڌي هندو دڪاندار پنھنجي دڪان ۾ هڪ تصوير هڻي ڇڏي آهي، جنھن ۾ ڏيکاريل آهي ته هڪ واپاري اونڌي منجي ڪري مٿي تي هٿ رکيو ويٺو آهي. ٽجوڙيءَ جو در کليو پيو آهي، جيڪا بلڪل خالي آهي. پٽ تي ڪوئا هيڏانھن هوڏانھن پيا هلن. ان تصوير جي مٿان هنديءَ ۾ لکيل آهي: ”اڌرا ڪا انجام“ سيڪنڊ انجنيئر ان دڪاندار جو نالو ئي ”اڌار ڪا انجام“ رکيو آهي ۽ سڀ جھازي کيس ان نالي سان سڏين.

• ممباسا جي هڪ ايشين دڪاندار کي سڀ ”پاسپورٽ ٽُ شيم“ چون، جيڪو نالو پڻ اسان جي سيڪنڊ انجنيئر جو رکيل آهي. کانئس اڃا اهو نه پڇيو اٿم ته ان جو نالو ڪھڙي حساب سان رکيو اٿس.

سعودي عرب جا سخت قانون

جھاز پورٽ سوڊان کان دمام (سعودي عرب) پھتو. ”دمام بندرگاهه“ عربي/ ايراني نار ۾ دبئي، ابوظھبي، دوها ۽ بحرين واري قطار ۾ سعودي عرب جو اتراهون بندرگاهه آهي، جيئن ”جدو“ ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڏاکڻو بندرگاهه آهي.
دمام بندرگاهه ڏسي ايئن ٿو لڳي ڄڻ آمريڪا جي ڪنھن سھڻي شھر جو بندرگاهه هجي. ڪشادا مضبوط ۽ صاف سٿرا ڌِڪا (جيٽيون)، نئين ۽ طاقتور ڪرينن جون قطارون، ڌڪن سان لڳو لڳ ۽ گدامن تائين ويڪرا رستا جن مٿان ٿنڀن ۾ فاگ لائيٽون _ زردي روشني ڏيندڙ سوڊيم ۽ اڇي کير جھڙي روشني ڏيندڙ مرڪري بتيون. سامان لاهڻ چاڙهڻ ۽ ڍوئڻ لاءِ نوان ناليرن ڪمپنين جا فورڪ لفٽر ۽ ٽرڪون.
جهاز جيئن ئي دمام جي بندرگاهه ۾ ڌڪي سان لڳو ته ڏکڻ ڪوريا جا مزور ماڪوڙين وانگر جھاز تان سامان لاهڻ ۾ لڳي ويا. ڪنھن جي چواڻي ته اکيون پورري ڪنھن کي هتي آندو وڃي ته هو مزورن کي ڏسي سمجهندو ته جپان يا ڪوريا جو ڪو بندرگاهه آهي. يا عمارتن کي ڏسي آمريڪا سمجهندو. ڪير چوندو ته هي سعودي عرب جي وارياسي علائقي جو بندرگاهه آهي، جتي اڄ کان فقط ڏهاڪو سال اڳ حالت اها هئي جو هڪ ٻن جھازن جي بيھڻ لاءِ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ڀڳل ۽ ڪچي جيٽي هئي ۽ ان سان لڳي بيھڻ لاءِ جھازن کي انتظار ڪرڻو پوندو هو، جيسين وارو اچي. ڪيترا جھازن جا مالڪ ته ان انتظار سوران جھازن کي هيڏانھن موڪليندا ئي ڪونه هئا ته اجايو وقت جو نقصان ٿو ٿئي، پر اڄ هيترن جھازن هوندي به اڌ کان وڌيڪ جيٽيون (ڌڪا) ته ائين ئي خالي پيا آهن. ان کان سواءِ جهاز تان لھڻ جو ڪم ايڏو تکو هلي ٿو جو آفيس جو ايجنٽ به جھاز تي پوءِ ٿو چڙهي ان کان اڳ ئي سامان لھڻ شروع ٿيو وڃي.
ٻئي ڏينھن جھاز تي هڪ پوڙهو پاڪستاني سپروائيزر آيو، جيڪو ٽيھن سالن کان هتي سعودي عرب ۾ رهيل آهي. پڇيومانس ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني مزور سڀ کان گهڻا چون ٿا آهن، پر هتي ته چوڌاري ڪوريا جا ماڻھو نظر پيا اچن: مزور، فورمئن، ڪرين آپريٽر، فورڪ لفٽر کان وٺي سامھون آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ، ٽيليفون آپريٽر، ٽئلي مئن ۽ انچارج آفيسر! هي ماڻھو جيڪي هيترو پري کان ڪَھي آيا آهن، پگهار ته اسان پاڪستانين کان به گهڻو کڻندا هوندا؟
”نه سائين، اها ئي ته ڪمال جي ڳالهه آهي ۽ اسان لاءِ مصيبت ٿي پئي آهي.“ هن ڏک ڀرئي لھجي ۾ ڳالهه ٻڌائي. ”عربن وٽ دولت ته بي انتھا آهي، جنھن جو ڪاٿو ئي ڪونھي، پر ان هوندي به هو دنيا جي هر واپاري ۽ دولتمند وانگر پئسي جي معاملي ۾ پڪائي ڪن ٿا ته جيترو گهٽ خرچ ٿئي اوترو سٺو. هن بندرگاهه ۾ مزوريءَ جا اگهه جيڪي ڏنا ويا تن ۾ سڀ کان گهٽ واڪ ڏکڻ ڪوريا جو هو. اسان پاڪستانين کان به گهٽ! نتيجي ۾ هزارين پاڪستاني جيڪي هون ئي معمولي اگهه تي مزوري ڪري رهيا هئا سي مدو ختم ٿيڻ تي پنھنجي ملڪ واپس موڪليا ويا ۽ نئين سالياني ٺيڪي لاءِ ڪورين کي رکيو ويو آهي.“
”پوءِ ڀلا هي ڪورين مزورر ايتري گهٽ اگهه تي پورهيو ڇو ڪريرهيا آهن؟“ مون پڇيومانس.
”ان ڪري جو اسان جي ملڪ وانگر سندن ملڪ ۾ به بيروزگاري تمام گهڻي آهي، سو هي ۽ سندن حڪومت چاهي ٿي ته نه ڪمائڻ کان ٿورو گهٽ ئي سھي_ ملڪ ۾ غير ملڪي ناڻو ته ايندو رهي. ساڳي وقت هو اهو به چاهين ٿا ته هنن امير ملڪن ۾ ڪنھن نموني سان هڪ دفعو پير ته ڄمي، پوءِ ڏٺو ويندو.“
”ڀلا هھڙي گرميءَ ۾ هڪ ڌارئين ڏورانھين ملڪ ۾ هي ڪورين ڪم ڪيئن ڪري رهيا آهن؟“ مون پڇيو.
”سائين تمام سٺو ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اسان پاڪستانين کان به وڌيڪ ڪري رهيا آهن ۽ منظم نموني سان. هي دور مقابلي (Competition) جو آهي. سو مقابلو کٽڻ لاءِ ۽ اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته هو بھتر آهن، پنھنجي جان کي جفا ڏئي به سخت ۽ گهڻو پورهيو ڪري رهيا آهن. هو ڏهاڙي وقت کان اڳ پھچي وڃن ٿا. پوري وقت تي صحيح سوچ سمجهه سان ڪم شروع ڪن ٿا. مشينن کي صحيح طرح هلائين ٿا ۽ وقت تي مرمت ڪن ٿا ۽ جھاز تان سامان ايڏو اڇت لاهين ٿا جو بنا ڪنھن ساهي ۽ اجائي چانھه سگريٽ جي موڪل جي، جو مھيني اندر ثابت ڪري ڏيکاريو اٿن ته پھرين ڪڏهن به في مزور في ڪلاڪ جي حساب سان ايڏو گهڻو سامان جھاز تان نه لاٿو ويو.“
”اهو ته صحيح آهي. پر پاڪستاني مزورن جو بيروزگار ٿيڻ تي ڏک ٿو ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ سعودي عرب وارا اسان کي پاڙيسري ۽ هم مذهب سمجهي اسان جي غريب ماڻھن کي پورهئي ۾ لڳائي رکن ته سٺو.“
”اها ڳالهه ته آهي پر ڇا ڪجي هو به مرضيءَ جامالڪ آهن، جنھن ۾ هنن جو فائدو هونددو اهو ئي ڪندا. هنن ڪورين مان، هنن کي اهو به فائدو آهي ته لڳاتار ڪم ڪندا رهن ٿا. پھرين ڏينھن کان وٺي آخري ڏينھن تائيننه موڪل ڪن ٿا ۽ نه ڪا ٻي مستي. اسان جو پاڪستاني عيد برات جي ته موڪل وٺي ئي وٺي ٿو، پر حج جي ڏينھن ۾ به موڪل وٺي ٿو ته ماءُ پيءُ بيمار ٿيڻ تي به موڪل وٺي ويتر پنهنجي ملڪ هليو وڃي. يا گهٽ پگهار هوندي زال ۽ ٻارن کي هيڏانھن گهرائڻ جي چڪر ۾ هوندو ۽ پوءِ گهرائڻ بعد ٻار به پريشان ته پاڻ به، ڇو جو هتي نه ٻارن لاءِ جتي ڪٿي اسڪول آهن ۽ نه عورتن جو گهر کان ڪيڏانھن نڪرڻ جي راهه! پوءِ وري هوءَ وطن ورڻ لاءِ مڙس جي ڪڍ. نتيجي ۾ ان جو اثر سندس ڪم ۽ پورهئي تي پوي ٿو.“
”ڀلاهونءَ بندرگاهه کان سواءِ شھر جو ڪھڙو حال آهي. اتي ڀلا پنھنجا آهن يا نه_؟“ مون پڇيو مانس.
”ها. ائين ته ظاهر آهي اسان جي ملڪ جا تمام گهڻا آهن. اڃا به غيرقانوني ايندڙن ۽ رهندڙن تي سختيءَ ڪري تعداد گهٽجي ويو آهي. سعودي عرب جي حڪومت قاعدن قانون ۾ ڏينھون ڏيھن سخت ٿيندي وڃي. هتي جي پوليس ايتري ته ايماندار آهي جو جيڪر ڪنھن کي جهلي جيل ۾ وجهي ٿي ته مجال آهي جو ڪنھن جي سفارش هلي. ڪجهه ڏينھن اڳ موٽر سائيڪل هلائيندي مون کان غلطي ٿي وئي جو ڳاڙهي سنگل ٿيڻ تي بريڪ هڻندي هڻندي لنگهي ويس. پوءِ پوليس واري يڪدم کڻي جيل ۾ وڌو. هتي جا جيل به وري اهڙا آهن جو الله ڏي پناهه. پوليس واري هڪ به نه ٻڌي، جيتوڻيڪ آئون هتي گهڻي عرصي کان رهيل آهيان، عربي به سٺي ٿو ڳالھايان. ٽن ڏينھن بعد پوءِ ساڳي پوليس واري اچي ڪڍيو ۽ ڏنڊ به ڏيڻو پيو. سو اها ته ٿي معمولي غلطي. پر ٻين قانوني ڀڃڪڙين ۽ ڏوهن ۾ ته تمام وڏيون سزائون آهن ۽ ڪنھن جو به لحاظ نٿو ڪيو وڃي. هتي جهيڙو جهٽو ناهي ۽ روز رستن تي ماڻھو نٿا مرن ۽ نه فقط قاعدو قانون آهي پر ان تي سختيءَ سان عمل به ٿئي ٿو ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي سخت سزا ملي ٿي.“

اسان جي کائڻ جون عادتون

دمام بندرگاهه، ٻيو الخبر شھر ۽ ٽيون ڀر وارو هوائي اڏي وارو شهر دهران ائين هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ هڪ جيڏا آهن جيئن روهڙي، خيرپور ۽ سکر. الخبر ۾ ڇوڪرين جو ميڊيڪل ڪاليج آهي جنھن ۾ اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ڊاڪٽر ۽ نرسون آهن. هڪ ته اسان جو ڳوٺائي ڊاڪٽر يوسف ابڙو به اتي آهي جيڪو پھرين لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄامشورو ۾ ائناٽامي_ يا شايد فزيالاجي پڙهائيندو هو. الخبر ۾ ڪيترائي انجنيئرنگ فرم ۽ فئڪٽريون آهن جتي اسرار انصاري، اسحاق ميمڻ، رشيد ميمڻ، ڊاڪٽر عباسي، رفيق ميمڻ، سميع مغل، زين پٺاڻ ۽ ٻيا ڪيترا ئي اسان جا ماڻهو وڏن عھدن تي آهن. الخبر شھر واپار وڙي ۽ خريداريءَ لاءِ لنڊي ڪوتل آهي ۽ اوسي پاسي جي شھرن جا هتي ئي اچن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته دمام ۽ دهران جون بازارون به دبئي ۽ سنگاپور جي بازارين کان گهٽ نه آهن، جتي ڪپڙو، ٽي وي، وي سي آر کان سون چاندي ۽ ڊالر پائونڊ ائين وڪامن ٿا جيئن پنھنجي بکر مارڪيٽ ۾ پٽاٽا ۽ بصر.
دمام بندرگاهه ”آرامڪو“ کان پڻ مشھور آهي. آرامڪو عرب آمريڪا جي گڏيل “تيل ڪمپني” آهي، جيڪا ٽيھن سالن کان سعودي عرب ۾ تيل جي ڳولا، صفائي ۽ ان جي ٽرانسپورٽ جو ڪم ڪري رهي آهي، جنھن ۾ هزارين آمريڪن، يورپي ۽ ايشين وڏي پگهار تي ڪم ڪن ٿا. آمريڪن جي سک ۽ آسائش لاءِ پنھنجيون ريڊيو ۽ ٽي وي اسٽيشنون آهن جن جا گانا ۽ اسٽائلش رنگا رنگ پروگرام ٻڌي ايئن لڳندو ڄڻ توهان عربن جي بيابانن ۾ نه پر نيويارڪ جي ”ايسٽ اينڊ علائقي“ ۾ رهيا پيا هجو. دمام ۾ اسان جو پراڻو ڪلاس ميٽ ۽ دوست انجنيئر عالم هاليپوٽو به ڏهن سالن کان رهي ٿو. پاڻ جھاز تي ملڻ آيو. چيومانس ته يار هتي پرديس ۾ رهي پنھنجي ملڪ جا کاڌا ياد ڪندو هوندين، ٻڌاءِ ته ڇا کائيندين ته بورچيءَ کي اهو چوان: چڪن برياني، ڀُڳل سيون، تريل گانگٽ يا ٻيو ڪجهه؟
هٿ سان مون کي وهڻ جو اشارو ڪري چيائين: ”ويھه يار، جيڪا هلڪي ڦلڪي تيار هوندي اها کڻي کائبي، باقي انھن مڙني شين ۾ هاءِ ڪوليسٽرال (cholesterol) آهي.“
”ڏاڍي ٻڌائي. تون چڱو انگريز ٿئين. انھن ڳالھين بابت اڃا به تنھنجي والد صاحب ۽ ڀائرن کي سوچڻ کپي جيڪي ڊاڪٽر آهن. تون انھن ڪھڙن ڦيرن ۾ اچي پيو آهين؟“
”نه يار. گذريل مھينو ڳوٺ هوس. جتي وڃ اتي اهي گيهه مکڻ واريون شيون کائي ماڳھين اوور ويٽ ٿي وي آهيان. روز صبح شام ڊوڙان ٿو ته من ڪا چرٻي گهٽجي.“
نه فقط اسان جو عالم هاليپوٽو، پر دنيا جي مڙني ملڪن جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو کاڌي جي پرهيز تي اڄڪلهه تمام گهڻو ڌيان ڏئي رهيا آهن، جيئن حد کان وڌيڪ جسم تي ٿولهه نه چڙهي. ڏٺو وڃي ته ٿولهه گهڻن ئي بيمارين جي پاڙ آهي: دل جي بيماري، بلڊپريشر، مٺو پيشاب، بدهضميءَ کان وٺي ٻيون ڪيتريون پيٽ جون بيماريون_جن ۾ اڪثر شاهوڪار ماڻھو مبتلا رهن ٿا. گهڻي ڳري کاڌي کائڻ ڪري، جنھن لاءِ ميڊيڪل سائنس ۾ به چوڻي آهي ته Prosperity is a curse. مٿين بيمارين کان سواءِ ٿلھو ماڻھو هلڻ کان هلاڪ. جي عورت آهي ته هڪ طرف سونھن چٽ ته ٻئي طرف سمارٽ نيس ختم_ پنھنجي عمر کان گهڻي وڏي پئي لڳندي.
آمريڪا ۽ يورپ جھڙن ملڪن ۾ ته ڪوليسٽرال جھڙو لفظ گهر گهر ۾ ٻڌبو. ڪوليسٽرال چرٻيءَ جھڙي شيءِ ٿئي، جيڪا رت سان گڏ آرٽيريز (خاص ڪري Coronaric) اندران لنگهڻ وقت چوڌاري ڄاري وانگر ائين ٿلھو تهه ٺاهي انھن کي سوڙهو ڪري ڇڏي ٿي جيئن هٿ ڌوئڻ جي گينڊيءَ هيٺان ڊرين پائيپ جي چوڌاري سڻڀ ۽ لِئه ڄمي وڃي ٿي ۽ آخرڪار پائيپ مان پاڻي لنگهڻ بند ٿيو وڃي يا آهستي آهستي ٿي لنگهيٿو.
صحتمند ماڻھوءَ جي هڪ سئو سي سي رت ۾ اهو ڪوليسٽرال 180 کان 230 ملي گرام هئڻ کپي (آمريڪن ميڊيڪل ريسرچ سوسائٽيءَ جي تازي رپورٽ مطابق). ان جو مقدار عمر سان گڏ وڌي ٿو پر هيڪاندو ٿيڻ ڪري Coronary Atherosclerosis (دل ڏي رت جي گهربل مقدار جو لنگهه گهٽجڻ) جھڙيون بيماريون ٿيو پون. چيو وڃي ٿو ته مکڻ، چرٻي واري گوشت، نج کير، بيضي، چاڪليٽ، ناريل، ڪيڪ پيسٽرين، سپن ۽ گانگٽن ۾گهڻي چرٻي/ ڪوليسٽرال ٿئي ٿو، پر ڪڪڙ، مڇي، ميوي، بوهي چڻن جي مکڻ، جَوَن ۽ ڪڻڪ ۾ گهٽ ٿئي. (در اصل ڪوليسٽرال انسان لاءِ خراب شيءِ ناهي پر ان جو گهڻي مقدار ۾ هجڻ خراب ڳالهه آهي).
عالم کي چيم ته پوءِ يار موڪلن ۾ تون پنھنجي ڳوٺ ٽنڊي الھيار وئين ته خيال ڇو نه ٿي رکئي؟
چوڻ لڳو: ”پاڻ پاڪستاني ڪيترو خيال رکي ڪيترو رکون. پنھنجيون کائڻ ۽ رهڻ جون حالتون ئي ڪجهه اهڙيون آهن جو پاڻ کي ماريو رکن.“
”اهو ڀلا ڪيئن؟ ان تي مون ڪڏهن غور نه ڪيو آهي.“
”جتي وڃ ته مھمانداريءَ ۾ رڳو کاڌي تي زور ۽ پاڻ وٽ کاڌي ۾ مشھور ڪھڙيون شيون آهن: قورما، چاشني، گيھه ۾ ٻڏل اڦراٽا ۽ سيويون. مکڻ، بيضا ۽ کير ملائيون. اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ _ نج سڻڀ ۽ چرٻي، کنڊ ۽ ڪاربوهائيڊريٽ. جتي وڃ ته مھمان کي ضرورت کان وڌيڪ زوريءَ جي حد تائين کارايو پياريو وڃي ٿو. ويتر چوندا: اڃان کاءُ پنھنجو گهر ڪري سمجهه. هاڻي هو ويچارا ته پنھنجي طرفان اسان کي قرب ۽ خلوص ٿا ڏين، کين ڪھڙي خبر ته اهي شيون ڪيڏو نقصانڪار آهن.“
عالم جون اهي ڳالھيون ٻڌي مون کي هڪ آمريڪي فئملي ياد آئي جنھن وٽ ڪجهه سال اڳ رهڻ جو موقعو مليو هو. ماني کارائڻ مھل، گهر جي وڏي_ ماءُ، پنھنجن ٻارن کي زوري کائڻ لاءِ چوڻ بدران ڏنڊو کڻي بيھندي هئي ته متان ڪو حد کان وڌيڪ مکڻ، پنير يا مٺاڻ کائي پاڻ کي ڦيڦو ۽ بي ڊولو ٺاهي_ خاص ڪري ڇوڪرين تي ته تمام گهڻي نظر هيس. چوندي هين: ميڪ اپ جي سامان پٺيان پئسو وڃائڻ بدران کائڻ تي ڪنٽرول رکو ۽ ورزش گهڻي ڪريو ته سونھن سوڀيا ۾ توهان کان ڪو به گوءِ نه کڻي سگهندو.“
ڪيتريون ئي جپاني ڇوڪريون، ڏسندو آهيان ته کاڌو ٺاري کائينديون آهن. ڪيچ اپ يا چٽڻي گهٽ استعمال ڪنديون، جيئن کاڌو ٿڌو ۽ گهٽ سوادي هجڻ ڪري ٿورو کائجي. ڪي ڇوڪريون ۽ مرد وري مانيءَ کان اڳ چانھه يا ڪافي پيئندا، جيئن بک مري وڃي ۽ گهڻو کائڻو نه پوي.
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي مسز اشرف عباسي (اڳوڻي وزير) کان هڪ دفعي پڇيو هوم: ”جيجي ائين ڀلا ڇو آهي؟ مکڻ ، گيهه ۽ حلوا ته اسان وٽ سنڌ ۾ اڳ به کاڌا ويندا هئا پر تڏهن ته ماڻھو نه ٿلھا ٿيندا هئا ۽ نه وري کين اهي بيماريون لڳنديون هيون جن جا نالا اڄ ڪلهه عام پيا ٻڌون.“ هن تمام سٺو جواب ڏنو ته اڳ ۾ ماڻھو_ عورت توڙي مرد سڄو ڏينھن پورهيو ڪرڻ ڪري اُن گيهه مکڻ کي هضم ڪري ڇڏيندا هئا. بلڪه اهي شيون کائيندا ئي ان ڪري هئا جيئن پورهئي ڪرڻ وقت جسم ضرورت موجب ڪئلوريون ان کاڌي مان حاصل ڪري. پر اڄ ڪلهه شھرن توڙي ٻھراڙيءَ ۾ ڏسبو ته ڪو ورلي ماڻھو ايتري اُٿي ويٺي ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ”مردن کان پنڌ ۽ عورتن کان جنڊ هليا ويا آهن.“
انگلينڊ ۾ هڪ دفعي ڊاڪٽرن جي هاسٽل ۾ ڪجهه ڏينھن لاءِ رهڻ ٿيو. ڀر واري ڪمري ۾ آسٽريليا جو هڪ سرجن پوسٽ گرئجوئيشن ڪري رهيو هو. کيس پنھنجي صحت جو ڏاڍو خيال هو. جنھن ڏينھن ميس جي مانيءَ ۾ مٺاڻ، چانور، ۽ پٽاٽا گهڻا هوندا هئا، ان ڏينھن شام جو مون واندي کي به پاڻ سان وٺي ڊوڙندو هو. چي: ”اچو ته فالتو ڪئلوريون ساڙيون ڳاريون. خبر اٿئي کنڊ کان به چانور وڌيڪ نقصانڪار آهن. ڪيڪ پيسٽري جيڪا اڄ کاڌي اٿئون سا ته توبنھن توبنھن! اڄ هڪ همراهه جي آپريشن ڪيم. هي ٿلھو تھه چرٻيءَ جو سندس پيٽ تي چڙهيل هو ۽ ان چرٻيءَ ڳارڻ جو فقط هڪ ئي علاج آهي. ڊوڙ، ڊوڙ ۽ ڊوڙ.“
(ان ڊاڪٽر جي هڪ ٻي مزيدار ڳالھه: پاڻ مون کي هرگز ڳالھائڻ نه ڏيندو هو. ورندي ڏيندو هومانس ته چوندو هو: ”خاموش، ڊوڙڻ وقت ڳالھائڻ نه کپي. وات بند ڪري نڪ مان رڳو ساهه کڻ.“)
هن کي نه ڏاڙهيءَ جو فڪر هو ۽ نه ڪپڙي گنديءَ جو. باقي اڌ سير وزن Height weight ratio واري چارٽ کان وڌڻ تي پريشان ٿي ويندو هو. شام واري ڊوڙ وڌائي ڇڏيندو هو. ان کان سواءِ صبح ساڻ رسيءَ تي سئو ٽپڪيون ڏيندو هو.
عالم هاليپوٽو چوڻ لڳو: ”اسان جو دڪاندار، سيٺ، آفيسر، ڊرائيور_ ۽ ٻيا ان قسم جا ماڻھو، جيڪي سڄو ڏينھن هڪ هنڌ ويھي ڊيوٽي ٿا ڏين، سي اڳ ۾ شام جو ٿورو گهڻو هلندا چلندا هئا. پر هاڻ ٽي وي، وي سي آر، ريڊيو ڇا نڪتو آهي شام جو به هڪ هنڌ ويٺا آهن. ۽ اهي پنڌ، پاڻي ڀرڻ ۽ اٽو پيھڻ جھڙا گهرو پورهيا، ڊوڙ ڊڪ جھڙيون رانديون رونديون، وڃن ڏينھون ڏينھن گهٽبيون. نتيجي ۾ پيٽ تي وڃي چرٻي چڙهندي ۽ ننڍي عمر ۾ ئي مرد توڙي عورتون بيمارين جي حوالي ٿيندا وڃن. ڪيترن ملڪن جي سمجهو نوجوان مردن ۽ عورتن ان ٽي وي، ڪار، گاڏي وغيره جي مسئلي کي نظر ۾ رکي_ جنھن ڪري پورهيو ۽ اٿي ويٺي گهٽجي وئي آهي، پر ساڳي وقت اهي شيون ضرورت جون هجڻ ڪري انھن کان ڀڄي به نٿو سگهجي، ان جي عيوض کاڌي پيتي تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. هو اوترو ئي کائين ٿا، جيترو هو پنڌ ۽ پورهئي مطابق هضم ڪري سگهن ٿا. مثال طور هڪ ئي گهر ۾ ٻه ڀيڻيون آهن. هڪ ڪنھن آفيس ۾ سيڪريٽري آهي ته هوءَ تمام گهٽ کائي ٿي ۽ ٻي مکڻ کنڊ جھڙي شيءِ ڪجهه گهڻي ٿي کائي جو هوءَ ڪار پارڪنگ انسپيڪٽر آهي. هن کي سڄو ڏينھن هلڻو پوي ٿو.“
چين ۾ ورلي ڪو ماڻھو هوندو جنھن جو پيٽ نڪتل هجي. هڪ چيني ڊاڪٽر کان ان جو سبب پڇيم ته هن وراڻيو: ”اسان هل چل گهڻي ڪريون ٿا. جنھن ماڻھوءَ جي ڪرسيءَ تي ويھڻ واري نوڪري آهي سو به شام جو گهر پنڌ وڃي ٿو يا سائيڪل تي. گهر جو ٻاهريون ڪم: پاڻي ڀرڻ، سيڌو آڻڻ، ڪاٺيون ڪرڻ وغيره به پاڻھي ڪري ٿو. ان کان سواءِ فرصت آهر راند روند به ڪري ٿو جيئن سندس جسم صحيح رهي.“
چين جي چانھه مشھور آهي پر هو اسان وانگر گهڻي کنڊ ۽ کير وجهي نه پيئن. دعوتن يا ميٽنگن ۾ چيني آفيسرن يا پورهيتن سان وهبو ته نه شربت هوندو نه کير کنڊ واري چانھه. رڳو گرم پاڻيءَ سان اڌ ڀريل ڪَري. هر هڪ ان مان سرڪ سرڪ ڀري ويٺو پيئي. وڏو عيش ته ڇڊي سليماني چانھه يا ساون پنن واري ”گرين ٽي“ ٺاهي ويندي.
چين جي سئمڪانگ ڳوٺ جي هڪ پوڙهي ڊاڪٽر کان پڇيم: ”اسي سالن جي ڄمار ۾ به تون چست ۽ کڙو تڙو لڳين ٿو ۽ پيٽ صفا نڪتل نه اٿئي. ان جو سبب_؟“
”آئون روزانو شام جو ميل پنڌ جو ڪريان ٿو،“ هن وراڻيو. ”چاهي سيارو هجي يا اونھارو، ان کان سواءِ کاڌو نه فقط سوچي سمجهي کائيان ٿو پر ضرورت کان ٿورو گهٽ ئي کائيان ٿو.“
اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جا اڄ نه، پر اسان مسلمانن چوڏهن سئو سال اڳ ٻڌي: حديث ۾ آهي ته حضور صلعم جن کان جڏهن سٺي صحت جو راز پڇيو ويو ته پاڻ فرمايائون ته اڃا ٻن ٽن گراهن جي بک هجي ته کاڌي مان هٿ ڪڍي ڇڏجن.

پھلوان ڪير؟

هانگ ڪانگ ۾ هڪ دفعي هڪ ئي وقت پنھنجي ملڪ جا ڪيترائي جھاز اچي گڏ ٿيا هئا. ڪو جھاز آمريڪا کان ٿي آيو هو. ڪو ڪراچيءَ کان چين ويندي هتان تيل وٺڻ لاءِ ترسيو هو، ڪو بئنڪاڪ کان کنڊ کڻي آيو هو، ڪو جپان کان ايندي هتان مشينري ءَ جو رهيل سامان کڻي ڪراچيءَ وڃڻ وارو هو. هڪ حاجين جو وڏو جھاز (سفينه حجاج) پڻ هانگ ڪانگ جي شپ يارڊ ۾ ڊرائي ڊاڪنگ لاءِ آيل هو.
شام جي وقت سڀني جھازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ڪولون پاسي ”مِيرامار هوٽل“ ۾ چانھه لاءِ اچي گڏ ٿيا هئاسين. هر ڪو داد وٺڻ لاءِ پنھنجا ڪارناما ۽ ائڊوينچر ٻڌائي رهيو هو ته هُن چيني سمنڊ ۾ خراب موسم هوندي جھاز کي ڪيئن حفاظت سان هلايو. ڪو چوي يار منھنجو جھاز جيڪو نيويگيشن Aids کان بلڪل ڇَسو آهي ان کي اوڀر آفريڪا جي پورچوگالي بندرگاهن ۾ ته ڪو هلائي ڏيکاري. ڪو چوي يار ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) ۾ داخل ٿيندي وقت ڪا ٽرئفڪ به ٽرئفڪن جھڙي هئي. جھاز ڪلھو ڪلھي سان ملائي ٿي لنگهيا. اهڙو تھڙو ڪو هجي ها ته ساهه سڪي وڃيس ها، پر اهي منھنجا آنڊا گجيون آهن جو جھاز کي پنجن يونٽن تي وٺي پئي آيس. سو به ڪمپنيءَ جي شيڊول مطابق، پوري وقت تي.
اسان سان پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پڙهند ڙ نواب شاه ضلعي جو رهاڪو ۽ حد درجي جو چرچائي ڪئپٽن، هيترو وقت ماٺ ڪري ويٺو هو. آخر دانھن ڪري چيائين:
”بڪواس ويٺا ڪريو ته مون هيئن ڪيو مون هونءَ ڪيو. اڙي آئون پڇان ٿو ته توهان ۾ ڪو اهڙو پھلوان به آهي جيڪو حيدرآباد جي فقير جي پڙ مان يا ڪراچي جي چاڪيواڙي ۽ بغداديءَ مان گاڏي هلائي سگهي؟“
سڀ مٺ ٿي ويا. اهڙو ڪُڇن جھڙي ڀت.

سمنڊ تي جھازيءَ جو حال

جبرلٽر کان ڪيوبا ويندي، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾، هڪ رات ڳالهه اچي نڪتي: ”سفر ۾ نماز پڙهڻ“ جي. اها ئي ته سفر ۾ ڪجهه رڪعتون معاف آهن. ان جھاز جي سيڪنڊ انجنيئر چيو ته ٻئي سفر ۾ ڀلي نماز معاف هجي پر سامونڊي جھاز جي سفر ۾ گهٽ ۾ گهٽ جھازين لاءِ ابتو حساب هجي ها. يعني سمنڊ تي نماز ڀلي ڊبل هجي ها، باقي ڪناري تي معاف.
سڀني کي ڳالهه دل سان لڳي ته واقعي جھاز جڏهن سمنڊ تي آهي ته سڀ سجدي ۾ آهن. ڪناري تي جيڪي جھازي مسجد واري ڳريءَ مان ئي نٿا لنگهن، سمنڊ ۾ تن جا به چئمپل جھاز ۾ ٺھيل مسجد ٻاهران نظر ايندا آهن. جھاز جا اونھان لوڏا، سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون، هوائن جا اڻ ٽر طوفان، ۽ ان اڳيان دل کي ڪکندڙ انجڻ جون اندروني خرابيون ۽ جھاز جي تختن (Hull) جي هيڻائيِءَ جو حساب لڳائي، دل دهلجيو وڃي. سمنڊ تي هر وقت دل ٻاڏائي ٿي ته ”هادي حفظ ۾ رکيج. هن بندي جي ڪا ڀيڻي ناهي. تون ئي ڀرم رکج.“
ڇا پراڻن، يا چڱي طرح نه سنڀاليل جھازن تي_ جتي اسٽئنڊ باءِ جنريٽر هلڻ جي ڪا اميد نه آهي، بلج جو پاڻي ڪڍڻ وارو اڪيلو پمپ گڙٻڙ ڪري رهيو آهي، بئالر هڪڙو ئي آهي سو به ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾، اتي ڪھڙو به دلير انجنيئر هجي، هو هميشه من ۾ مالڪ کي ٻاڏائي ٿو: شل نه جنريٽر بيھي رهي، شل نه بئالر ڌڪ ڪڍي، شل نه پمپ ويھي رهي .... ۽ جي وچ سمنڊ ۾ ڪجهه ٿي پيو ته ڇا ٿيندو. سوچڻ سان سيوڪاري ٿي ٿئي ۽ موت جو ڀيانڪ نظارو اکين اڳيان ٿو اچي.
ڇا سياري ۾ اُتر ڊئنمارڪ، ناروي، روس ۽ اتر ڪئناڊا پاسي جھاز هلائيندي سندس اڪيلو بئالر جي ٽنگون ٽيڙي بيھي رهي ته اتي جي Sub Zero واري سرديءَ کي انسان ڪئين ٿو منھن ڏئي سگهي. ڏهه سَوڙون به اهو سيءُ جهلي نه سگهن. ان وقت ڏامر جھڙي گهاٽي تيل HFO کي بنا گرم ڪرڻ جي ڪھڙو چيف انجنيئر انجڻ کي ان تي هلائي سگهندو. ساڳيو حال سمنڊ تي ڊيڪ آفيسرن (نيويگيٽرن) جو آهي. بي آف بسڪي جھڙن سمنڊن جي ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾، يا هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جھڙن اڻانگن بندرگاهن ۾، رات جي وقت، خراب رڊار ۽ نقص واري”جارو ڪئمپاس“ سان Approach ڪرڻ وقت ڪئپٽن يا چيف آفيسر جي دل جو حال ڪنھنڄاتو آهي؟ اهڙن موقعن تي سمنڊ تي توهان کي هڪڙو به دهريو نظر نه ايندو.

عمر پڇڻ

سري لنڪا جي ”ڪولمبو انٽرنيشنل ڪانٽينينٽل هوٽل“ ۾ ڳائڻي /ڊانسر ڇوڪري ڳائي اسٽيج تان هيٺ لٿي ته مون عمر پڇيمانس:How Old Are You?
هوءَ عمر ٻڌائڻ کان نٽائڻ لڳي. منھنجي ميزبان سِلوني دوست مون کي ٽوڪيندي چيو:“يار ڇوڪرين کان عمر پڇڻ مھل چئجي How Young Are You? تون ڪيتري ننڍي آهين ۽ نه ڪي هائو اولڊ آر يو_ تون ڪيتري پوڙهي آهين؟“
اسان جي هڪ پائلٽ دوست ڪئپٽن افتخار احمد جو اهو چوڻ آهي ته ڪنھن بور دوست مان جند ڇڏائڻي هجي ته کيس زوريءَ به اوڌر (قرض) ڏجي، پوءِ هو وري نظر نه ايندو.
آمريڪا ۾ هڪ اسٽيٽ ايجنٽ (گهر ۽ پلاٽ وٺرائي ڏيڻ واري دلال)جي آفيس ٻاهران لکيل آهي:
Buy land as much as you can.
God Isnt making any more.
ٻين لفظن ۾ ان جو سليس ترجمو يا مطلب ٿيو: “جيتري زمين وٺي سگهو، وٺو. الله تعاليٰ وڌيڪ ٺاهڻ ڪڏهوڪو ڇڏي ڏني آهي.”
جھاز مان اڇلايل ڪِنو تيل سمنڊن کي، دونھون ۽ ٻيو گند ڪچرو ڌرتيءَ کي خراب ڪري رهيو آهي. دنيا جي هن گولي کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪوششون ورتيون وڃن پيون. ان سلسلي ۾ هڪ هنڌ لکيل سلوگن:
Save earth, it’s all we have got.

خوشيءَ جو سبب

هڪ جھازيءَ کان سندس هر وقت خوش رهڻ، مرڪڻ، ٻين سان کلي ڳالھائڻ ۽ ڪڏهن به جهيڙي جهٽي ۾ حصو نه وٺڻ جو سبب پڇيم.
وراڻيائين: ”سائين هيءَ زندگي تمام مختصر آهي. ان مان جيڪو عرصو اسان سامونڊي زندگيءَ ۾ هونداسين اهو اڃا به ننڍڙو آهي. ان سامونڊي زندگيءَ ۾ مختلف جھازن مان هر جھاز تي رهڻ جو مدو اڃا به معمولي آهي. ۽ هر جھاز تي ڪيل هر سفر (Voyage) جا ڏينھڙا اڃا به وڌيڪ ٿورا آهن. ۽ انھن ٿورن ڏينھن ۾ جيڪو واندڪائيءَ جو وقت ملي ٿو اهو ڪي پھر مس ٿيندو ۽ انھن پھرن مان جيڪي لمحا هڪٻئي سان گڏ وهڻ ۽ ميل ملاقات جا ملن ٿا اهي ته ايترا گهٽ آهن جو انھن ۾ ڇا ويھي وڙهجي. اهي ٻه چار گهڙيون هڪ ٻئي سان کلي گهارڻ ئي سٺو.“

مڱيل معاشرو ۽ ماٺ

ٻن سالن بعد هوءَ يونيورسٽيءَ جي گرلس هاسٽل اڳيان ئي ملي جتي پڙهائيءَ دوران رهندي هئي. هن کان اڳ ساڻس جڏهن به ملڻ جو اتفاق ٿيو ته ڪراچيءَ جھڙي مشغول شھر ۾. هاڻ پڙهائي ختم ڪري چڪي هئي ۽ نوڪري ٿي ڪيائين. پر رهي اڃا ان ئي هاسٽل ۾ ٿي. سندس ڳالھائڻ ۾ اهو الھڙپن نه هو. سندس ٽڙيل گل جھڙو چھرو ڪومايل ۽ گنڀير هو. ڳالهه ڳالهه تي کلڪو ۽ موتين جي ڇڻ ڇڻ جھڙي آواز ۾ اها جوت نه هئي. چيومانس ته تون چڱي شاگردياڻيءَ جي زندگيءَ مان نڪري پرئڪٽيڪل لائيف ۾ آئينءَ. تنھنجي هر ڳالهه مان اداسي ۽ Pessimism جو چٽو اولڙو پيو اچي.
جواب ڏيڻ بدران ماٺ ۾ رهي.
منجهند جو آفيس ۾ کائڻ لاءِ مانيءَ جو لفافو هٿ ۾ هوس ۽ آفيس وڃڻ لاءِ بس جي انتظار ۾ بيٺي هئي. چيومانس ”هل ڀلا ته حيدرآباد تنھنجي آفيس تائين ڇڏيندو وڃانءِ.“
”نه تون ڀلي هل. آئون پاڻھي هلي وينديس.“
ڏاڍوعجب لڳم. پڇيومانس: ”خير ته آهي. هونءَ ته توکي ڪار ۾ مون سان گڏ وهڻ ۾ ڪو آر نه هوندو هو. ڇا اعتبار ۽ اعتماد جا اڏيل سڀ مندر ڊهي ويا.“
” نه بس ۾ ٿي وڃان.“
ويتر وائڙو ٿي ويس ته ان تبديليءَ جو سبب ڇا ٿي سگهي ٿو. ٿورو سوچي پڇيومانس:
”تنھنجو مڱڻو ٿيو آهي، شايد! معاشرو موڪل نٿو ڏئي؟.“
کلندي وراڻيائين: ”نه نه. اهڙي ڳالھه نه آهي.“ پوءِ چوڌاري نگاهه ڦيرائي، طنزيه مرڪ مرڪي وراڻيائين: ”هتي ته سڄو معاشرو ئي مڱيل آهي.“
جلدي ۾ هوس، وڌيڪ سوال جواب ڪرڻ بدران هليو ويس. پر اڃا تائين ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته سندس مرڪ ۾ اهڙي تکي زهراڻ معاشري جي ڪھڙي روپ ڏني. جنھن جي سڌارڻ لاءِ هن جا قدم ۽ ارادا پختا هئا. هوءَ مردن سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي هلڻ واري ڇوڪري اڄ ايڏو هيڻو ڇو لڳي رهي هئي. سندس ذهين ڳالھيون ٻڌي ۽ اخبارن رسالن ۾ لڳاتار ايندڙ مضمون، شعر ۽ افسانا پڙهي چوندو هوس ته هيءَ انھن چند ماڻھن مان آهي جيڪا هن عمر ۾ ئي هيڏي هوشيار ۽ پختي ذهن جي آهي. هوءَ اڳتي هلي عورت کي سماجي غلاميءَ مان آزاد ڪرائيندي. ذهني پستيءَ ۾ ڪريل معاشري کي اڀکڙو بيھاريندي. ادب جي دنيا ۾ وڏي هلچل مچائيندي. پر اڄ هيءَ هيڏو دلشڪستو ۽ مدت کان لکڻ پڙهڻ جھڙين ڳالھين کان دور ڇو ٿي ويئي آهي. ڇا نوڪري (روزگار) جي چڪر کيس سوچيل ڳالھين کان دور ڪيو آهي. ڇا پنھنجي پسند جي نوڪري نه ملڻ ڪري هوءَ باغي ٿي پئي آهي. ڇا شاگردپائي جي دور کي ڇڏڻ سان هن هر ڳالهه کي ڇڏي ڏنو آهي. يا معاشري جي ڪنھن ٻئي انگ سندس معصوميت کي ڏنگي رکيو آهي. پنھنجي وطن کان هزارين ميل ڏور، ڏيساور ۾، اڄ آئون اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته اسان وٽ ڇو اهڙا ڪيترائي معصوم چھرا يڪدم افق پويان گم ٿيو وڃن ۽ پٺيان مصر جي اهرامن جھڙي ماٺ ڇڏيو وڃن.

هونڊا ڪيترا بار کڻي سگهي ٿي؟

هونڊا گهٽ طاقت واري موٽر سائيڪل کان جيڪو اسان وٽ ڪم ورتو وڃي ٿو، اهو ان جا ٺاهيندڙ جپاني تصور به نٿا ڪري سگهن. ٻه ڄڻا ته عام طرح، ڪڏهن ڪڏهن ٽي ڄڻا به چڙهي وهندس. نه فقط ڳوٺن ۾ پر شھرن ۾ پڻ_ ۽ ٽرئفڪ پوليس وارا سيٽيون وڄائيندا رهندا آهن. جپانين هونڊا جھڙي موٽر سائيڪل ڇوڪرين جي هلائڻ جو سوچي ٺاهي. ۽ جپان ۾ ته عام طرح پنجاهه پنجھتر سي سي جي موٽر سائيڪل ڇوڪريون ئي هلائين. پٺيان ڪو ورلي ويٺل ڏسبو. گهڻو ڪري ته پوئين سيٽ جي گادي ئي نه هوندي آهي. فقط لوهه جي هيٺين برئڪيٽ هوندي ،جنھن تي ڪاليج ۽ يونيورسٽي جون ڇوڪريون ڪتاب ٻڌن. يا پالتو ٻلي يا ننڍي ڪتي کي وهارين.
اسان جي جپاني دوست ”يوشينو_ سانَ“ جي وڏي ڀيڻ وٽ ته پاڻ ٿوري وڏي_ هڪ سئو سي سي واري هونڊا موٽر سائيڪل آهي. هڪ رات سندن گهر ۾ ويٺي ويٺي آخري لوڪل گاڏيءَ جو وقت به نڪري ويو. يوشينوءَ پنھنجي ڀيڻ کي مون لاءِ چيو ته جھاز تائين ڇڏي اچينس.
چوي: ”يا آئون وهان يا هيءُ. ٻن ڄڻن سان موٽر سائيڪل تي بار ٿيندو. آئون پنھنجي هلڪي ساهيڙي مس نوريڪو کي ئي مري مري ٿي وهاريان.“
بھرحال وري ڪو خيال اچي ويس ته جيئن ته صبح جو جھاز سندن شھر اوساڪا کان روانو ٿو ٿئي، سو ڇڏي اچڻ لاءِ اٿي کڙي ٿي.
ساڍا چار ميل پنڌ جا پورا ڪري جڏهن جيٽيءَ تي اچي لاٿائين ته ”اري گاتو گذائي ماشتا“ (مھرباني) چوڻ بدران چيومانس ته خدا کي مڃ. پنھنجي موٽر سائيڪل کي ايڏو ڪمزور نه سمجهه. اسان جو ڳوٺائي _ ٻاروچو باغ جو غلام نبي شاهه روزانو هن ساڳي 100 سي سي هونڊا تي گذريل پنجن سالن کان هڪ ئي وقت پنھنجي ڪمدار ۽ ڀرواري وڏيري کي آڌي مانجهيءَ وهاري ڪچو ڏئي ونجهيري ۽ سعيدآباد ايندو ويندو رهي ٿو. ان جي موٽر سائيڪل ته اڄ تائين خراب نه ٿي آهي؟”

هوءَ ڪڏهن ٿي اچي؟

پورچوگال کان پنڌرهن ڏينھن جو پنڌ پورو ڪري جھاز ڪراچيءَ جي ويجهو اچي پھتو هو. سندس مسافريءَ جو اڄ آخري ڏينھن هو. وطن واپسيءَ تي جھاز کي رنگ ضرور ڏنو ويندو آهي، جيئن پنھنجي ملڪ پھچڻ سان جھاز صاف سٿرو لڳي. اڄ جيتوڻيڪ آخري ڏينھن هو پر اڃا صفائيءَجو چڱو ڪم رهيل هو ۽ ڪو چئي نٿي سگهيو ته آيا رهيل ڪم اڄ ئي ختم ٿي ويندو يا نه. اتي منجهند جي ماني کان ڪلاڪ ڏيڍ کن اڳ، هيڊ آفيس کان وائرليس آئي ته ”جھاز جيئن ئي ملڪي پاڻيءَ ۾ گهڙندو ته هڪ فلمي يونٽ_ جيڪو منھوڙي وٽ انتظار ڪري رهيو آهي، توهان جي جھاز تي، ڪنھن فلم جي رهيل شوٽنگ ڪندو.“
”فلمي عملي“ ۾ ايندڙ ماڻھن جي لسٽ ۾ فلم انڊسٽريءَ جي هڪ بيحد سھڻي، چلولي ۽ مشھور ائڪٽريس بابرا جو نالو پڻ هو.
ان ڳالھه جو اعلان ڇا ٿي ويو، سڀ خلاصي مھمانن جي اچڻ کان اڳ رهيل ڪم ۾ جنبي ويا. سوچڻ جي ڳالهه آهي ملڪ جي مشھور فلم ائڪٽريس جھاز جي ڊيڪ تي هجي ۽ جھاز جو ڪسب جانو مڪراني ڪم وارا ڪِنا ڪپڙا پائي ڊيرڪ جي ڏنڊي کي ويٺو رنگ ڏئي! بابو خلاصي_ پنھنجي خيالي دنيا جو هيرو، ٻن ڏينھن جي وڌيل ڏاڙيءَ ۾ چَلھي جھڙي گدلي ڍانگري پائي جھاز جي چمني بيٺو ڌوئي! يا ڪرسچن ڪاڻو ڀنڊاري سئميوئل جبرئيل گئليءَ (بورچيخاني) جا ويٺو ٿانوَ مَلي! سوال ئي نٿو پيدا ٿئي.
رهيل ڪم کي سڀئي اهڙو اچي لڳا جو مھمانن جي اچڻ کان اڳ، گهڻو اڳ سڀ ڪم لھي ويو. ان وچ ۾ نه منجهند جي مانيءَ جي ضرورت محسوس ڪيائون نه سگريٽ چانھه جي ٻاڙ جي پرواهه. جنھن ڪم لاءِ سڀئي سوچي رهيا هئا ته شام تائين به ڪو مس پورو ٿئي سو هڪ ڏيڍ بجي ڌاري پورو به ٿي ويو.
ٻي بجي ڌاري ڪئبن جي دريءَ مان ڏسان ته سڀ خلاصي وهنجي سھنجي ”کٽيءَ ڌوتل“ ڪپڙا پائي جھاز جي ڊيڪ (عرشي) تي ايئن پسار ڪري رهيا هئا، ڄڻ عيد نماز تي آيا هجن. ڊيڪ سرنگ علاؤالدين علوءَ ۽ ڀنگي اقبال مسيح کي ته ڪنن ۾ عطر جا ٻُڙا به پيا هئا. ڪو آفيسر ڊيڪ تان لنگهيو ٿي ته خلاصين کانئس بي صبريءَ مان پڇيو ٿي ته سائين فلم ائڪٽريس جي اچڻ ۾ اڃا ڪيتري دير آهي؟
پنھنجي پوڙهي انجڻ سرنگ کي کڙڪيدار ڪپڙن ۽ چيچاٽي جوتن ۾ رٽائرڊ آفيسر وانگر سڪون سان ڪَن کوٽيندو ڏسي تعجب مان پڇيم: ”انجڻ روم جو سيلينڊر هيڊ پلئٽ فارم اڄ صاف ڪرڻو ناهي ڇا، جو هيٺ انجڻ روم ۾ هجڻ بدران مٿي ڊيڪ تي چڪر پيو هڻين؟“
مرڪي وراڻيائين: ”ها سائين اهو ته ڪڏهو ڪو صاف ٿي ويو پر پنھنجا پنھنجا ڪمرا به ڇنڊي ڦوڪي چمڪائي ڇڏيا اٿئون.“ پوءِ ساهه کڻي پڇيائين،”سائين فلم ائڪٽريس بابرا ڪڏهن ٿي اچي_؟“

ميري چادر بدل دينا

گهڻو اڳ جي ڳالھه آهي. جھاز تي هڪ نئون ففٿ انجنيئر آيو. پاڻ مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ B.E ڊگري N.E.D ڪاليج مان ڪرڻ بعد، اتي ئي سال کن ماستري ڪري، پوءِ دستور موجب مقرر مدو شپ يارڊ مان پورو ڪري جھاز تي چڙهيو. جيئن ته هو ڪنھن مئرين اڪيڊمي مان اچڻ بدران ڊائريڪٽ آيو هو ان ڪري هو سامونڊي زندگي ۽ ماحول کان بلڪل اڻواقف هو. حد درجي جو شريف ۽ سنجيده طبيعت جو ماڻھو هو. ڪجهه ته سندس ٿلھن شيشن واري عينڪ به کيس سنجيده بڻايو هو. سندس پھرين ڏينھن واريون ڪجهه ڳالھيون ياد ڪري اڄ به کِلَ ايندي آهي.
پاڻ جھاز تي شام جي وقت آيو هو. ان وقت جھاز جو پرسر ۽ اسٽيورڊ جن جو ڪم سندس ڪئبن ٺيڪ ٺاڪ ڪري ڏيڻ هو، سڀ گهر وڃي چڪا هئا. بھرحال ڊيوٽي آفيسر کيس هڪ ڪمرو ڏيکاريو جيڪو سال ڏيڍ کان ايئن ئي خالي پيو هو، جنھن ۾ نه صابڻ ٽوال رکيل هو نه پڙدا بلب وغيره. آئون ان جھاز تي ٿرڊ انجنيئر هوس، ۽ انھيءَ ڏينھن منھنجي سيڪيورٽي (رات واري ڊيوٽي) هئي، ۽ مون سان گڏ ڊيڪ سائيڊ جو سيڪنڊ آفيسر ۽ اليڪٽرڪ پاسي کان اليڪٽريڪل انجنيئر سلطان هو. سلطان کي چيم ته يار هي غريب نئون نئون آيو آهي. ٻيو نه ته بلب ته موڪلي ڏينس. وڌيڪ پنکو يا ايئرڪنڊيشن صحيح نه اٿس ته سڀاڻي تنهنجو اليڪٽريشن ٺاهي ڏيندس.
سلطان پنھنجي فئنسي ڊريس: گنجي ۽ ميري پجامي ۾ بستري تان اٿيو. نيوزيلينڊ هجي يا نائجيريا. جبرالٽر هجي يا جئميڪا، اسان وارو يار شام جي وقت مجال آهي جو يونيفارم پائي. تن ڏينھن ۾ يونيفارم جي ايڏي سختي هئي به ڪان. پر تنھن هوندي به ڪو بئالر سوٽ يا سنوان سڌا ڪپڙا کڻي پائجن. اهو هرگز نه. اها ئي گنجي پاجامو ۽ ٽوپا ڏنل اسپنج جو چئمپل. چي: ”هنن ڪپڙن ۾ هوملي محسوس ٿو ڪريان،“ باقي ٻيون ڳالھيون ۽ رعب، ارسٽوڪرئٽن وارا رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
سيڪنڊ آفيسر ۽ مون پھرين ته سمجهيو ته هي هن وقت بلب ڪڍي نه ڏيندو پر ٻي گهڙيءَ ۾ بلب هڪ هٿ ۾ ۽ ٻئي هٿ سان گنجيءَ کي مٿي کڻي پيٽ کنھندو اٿيو. چوڻ لڳو: ”بلب هڻي به ٿو ڏيانس.“
سيڪنڊ آفيسر مون کي ڪن ۾ چيو :”يار تنھنجو ففٿ انجنيئر به ڇا ياد ڪندو ته سلطان جھڙو نواب ابن نواب بلب هڻي به ٿو ڏئيس.“
”اهو ته صحيح آهي پر جن افعالن ۾ وڃي پيو ان ۾ شل هو کيس انجنيئر يا ماڻھو ئي سمجهي ته ڪافي آهي.“
رستي تي آئون ميس ۾ ترسي پيس پر سيڪنڊ آفيسر هن سان گڏ ويو. ٿوري دير بعد سيڪنڊ آفيسر کلندو آيو. چيائين: ”يار وڏو ڊرامو ٿي ويو.“
”خير؟“ مون پڇيو.
”خبر اٿئي تنھنجي ففٿ انجنيئر اليڪٽريڪل انجنيئر سلطان کي جھاز جو انجنيئر نه پر بئرو سمجهيو. جھڙو ئي سلطان بلب لڳائي، سئچ آن ڪري داد ٿي وصول ڪيو، يا مھربانيءَ جا ٻول ٻڌڻ ٿي چاهيا، ته تو واري نئين ففٿ انجنيئر چيس: “ٻڌ! منھنجي چادر به ته بدلائيندو وڃ.“
ان ڳالھه کي ڏهاڪو سالن جا اچي ٿيا آهن. اهو ففٿ انجنيئر به هاڻ چيف انجنيئر ٿي ويو آهي. پر اڄ به ملندو آهي ته سندس جھاز وارو پھريون ڏينھن ياد ڪري چيڙائڻ خاطر چوندا آهيونس ”يار! ميري چادر بهي بدل دينا.“

سنجيدو ٿيڻ

هڪ اسان جو يار زاهد آهي. هڪ ته قد ننڍو ٻيو حد درجي جو چرچائي. عام حالتن ۾ به کلندو رهندو. پر ڊيوٽي ٽائيم هجي يا سخت قسم جي ايمرجنسي ته به هر مشڪل کي مرڪندي منھن ڏيندو. اڄ ڪلھه ”چيف آفيسر“ جي پوسٽ تي پھچي ويو آهي. يعني ڪئپٽن کان هڪ رئنڪ هيٺ، پر افعال اهي ئي ساڳيا اٿس.
ويجهڙائيءَ ۾ مون سان گڏ هڪ جھاز تي Sail ڪيائين. چيف آفيسر جي حيثيت ۾ سڀ ڪئڊٽ، خلاصي، بورچي، بئرا سندس حڪم هيٺ ڪم ڪن ٿا. ننڍي قد ۽ هلڪي ڦلڪي جسم جي ڪري چئن ڪئڊٽن مان ٻن کان ته پاڻ ننڍو لڳندو هو. بھرحال ڪئڊٽن کان ڊيوٽي سا پوري وٺندو هو ۽ ذرو به ان ۾ رعايت ڪونه ڪندو هو، باقي سڄو ڏينھن هنن سان چرچا ڀوڳ ۽ کل ٽھڪڙو مچائي رکندو هو، جيڪا ڳالهه خلاصين کي به خراب لڳندي هئي ته ڪجهه آفيسرن کي به ته هو جونئرن سان سختي ڪرڻ بدران ايترو فري ڇو ٿو ٿئي.
هڪ ڏينھن سمجهايومانس ته يار تون هاڻ چيف آفيسر ٿي ويو آهين، توکي ڪجهه سنجيدو ٿيڻ کپي. کلندي وراڻيائين: ” يار خدا جو قسم ڳالھه دراصل هيءَ آهي ته آئون پاڻ به آفيسرن وارو رعب رکڻ چاهيان ٿو ۽ هر وقت سنجيدو رهڻ گهران ٿو، پر هڪ ته منھنجي شڪل ۽ قد بت ئي اهڙو آهي ۽ ٻيو هي حرامي (ڪئڊٽ) مون کي سنجيدو ٿيڻ به نٿا ڏين.“
”تڏهن به ڪوشش ته ڪر.“
”يار ٽراءِ به ڏاڍي ڪئي اٿم. اڃا ٽيون ڏينھن جي ڳالھه آهي. صبح ساڻ پڪو ارادو ڪري سنجيدو منھن ٺاهي ڊيوٽي تي آيس. ٻه منٽ به نه گذريا ته هڪ ڪئڊٽ پاسو ڏئي ٿو پڇي: ”سر! توهان جي طبيعت خراب آهي؟“
دڙڪو ڏئي ڀڄايو مانس ته وري ٻئي ڪئڊٽ غريباڻي شڪل ٺاهي پڇيو: ”سر ! توهان کي ڪجهه ٿي ته نه ويو آهي. ڪجهه آرام ڪريو.“
ويندي خلاصي به پيا چون: ”سر توهان اڄ بيمار پيا لڳو. سي سڪنيس ته نه ٿي پئي اٿانوَ؟“
ظاهر آهي سڀ وائڙا ٿي ويا ته هن مسخري کي ڇا ٿي ويو آهي. نيٺ دانھن ڪري چيومان: ”مارَ پوانوَ. آئون سيريس يعني سنجيدو ٿيو آهيان.“
”سو ان حالت۾ آئون ڪيئن سنجيدو ٿيان؟ ۽ سچ ته اهو آهي ته سنجيدو ٿيڻ ۾ مون کي به ايئن ٿو لڳي ڄڻ وقت انگهي پيو هجي. ڄڻ واقعي بيمار ٿي پيو هجان.“

آرٽيڪل چئينج

جھاز وارن جي زندگيءَ ۾ ٻه ڏينھن تمام اهم ٿيندا آهن. هڪ ”آرٽيڪل چئينج“ وارو ۽ ٻيو ”بئگيج ڪليئرنس“ وارو.
هر نئين سفر شروع ٿيڻ تي جھاز وارن ۽ جھاز جي مالڪن جي وچ ۾ معاهدو ٿيندو آهي. ۽ اهو معاهدو حڪومتي اداري ”شپنگ آفيس“ جي شپنگ ماسٽر يا سندس اسسٽنٽ جي موجودگيءَ ۾ ٿيندو آهي ته جھاز جا مختلف آفيسر ۽ خلاصي ڪيتري پگهار تي ۽ ڪھڙي رئنڪ تي Sail ڪندا. موت / حادثي جي حالت ۾ سندن ڪھڙي ويجهي مائٽ کي اطلاع ڪيو ويندو ۽ انشورنس وغيره جا پئسا ڪنھن کي ڏنا ويندا. ان کان سواءِ جھاز تي رهڻ دوران کين جيڪو هنڌ بسترو، کاڌو پيتو ۽ ٻي سھوليت ڏني ويندي ان جو سمورو تفصيل لکت ۾ ٻڌايو ويندو آهي. جنھن کي ”آرٽيڪل“ (لکت ۾ معاهدو) سڏجي ٿو. ان آرٽيڪل قبول ڪرڻ بعد هر خلاصي ۽ آفيسر، جھازران ڪمپنيءَ (شپنگ ڪمپنيءَ) ۽ سرڪاري اداري (شپنگ آفيس) وارا هڪ سرڪاري رجسٽر تي صحيح ڪندا آهن ۽ شپنگ آفيس وارا سندن سي ڊي سي (پاسپورٽ قسم جو ڪتاب جنھن کي جھازي “نلي” به سڏين) تي صحيح ڪندا_يعني ان ڏينھن کان نوڪري شروع_ يعني همراهه جھاز تي Sign_on ڪيو.
اهڙيءَ طرح جيڪي پراڻا لھندا آهن يعني Sign Off ڪندا آهن تن کان سرڪاري آفيس (شپنگ آفيس) پاران پُڇي پوءِ صحيح وٺندا آهن ته کين سڄي سفر جو مقرر ڪيل پگهار ۽ الائونس مليو يا نه. جھازران ڪمپنيءَ کين کاڌي پيتي يا رهڻ جي تڪليف ته نه ڏني. مقرر ڪم ۽ ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم ته نه ورتو ويو. ۽ جي ورتو ته ان لاءِ ”اوور ٽائيم“ مليو يا نه.
اهو سڀ ان ڪري، جو ماضيءَ ۾، ڪيترائي اهڙا جھازن جا مالڪ، هتي يا ٻين ملڪن ۾ ٿي گذريا آهن، جيڪي جھازين جا پئسا کائي ويا. ساڻن ظلم ڪيائون. ان ڪري حڪومت جو هٿ هجڻ ضروري سمجهيو ويو نه ته جھاز تي ڪم ڪندڙ غريب جھازي رلي ويو ٿي. جھازران ڪمپنين جو شيئر (حصو) پيو ٻڏي چڙهي. ساڳي وقت جھاز به پيا ٻڏن ترن، پوءِ اهڙي حالت ۾ جھازن تي ڪم ڪندڙن ۽ انھن جي فئملين جي، پٺيان ڪير پرگهور ڪري.
بھرحال اهو ڏينھن نوڪريءَ تي چڙهڻ (Sign on) ۽ لھڻ (Sign off) جو هوندو آهي، جنھن کي جھازي پنھنجي زبان ۾ ”آرٽيڪلس“ سڏين. ڪڏهن ڪڏهن ته اهو ڏينھن سڪون سان گذري ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هنگامو برپا ٿي ويندو آهي، جڏهن ڪو خلاصي دانھيندو آهي ته فلاڻي ملڪ ۾ کيس اوور ٽائيم جا پئسا نه ڏنا ويا يا پورا نه ڏنا ويا. اسان کي ناروي يا سئيڊن جي سرديءَ ۾ گرم ڪپڙا نه مليا. يا برف ۾ ڪم ڪندي ”گَم بُوٽس“ نه مليا، جيڪي آرٽيڪل موجب ملڻ کتا ٿي، وغيره وغيره. اڪثر خلاصين سان گڏ سندن يونين وارا به ٽُپي پوندا آهن. سرڪاري شپنگ آفيس وارا، سندن ڳالھيون ۽ جھاز ران ڪمپنين جي مالڪن ۽ انھن جي نمائندي جون ڳالھيون ٻڌي، ڪنھن فيصلي تي پھچي، جھازيءَ سان انصاف ڪندا آهن.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته شپنگ آفيس ۽ شپنگ ڪمپنيءَ ۾ فرق آهي. شپنگ ڪمپني جھاز ران ڪمپني ٿئي. جيئن پي اين ايس سي (پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن)، پئن اسلامڪ شپنگ ڪمپني يا اڳ ۾ اسان وٽ، ڪيتريون ٻيون به پرائيويٽ جھاز ران ڪمپنيون هيون.
شپنگ آفيس_ هر ملڪ جي سرڪاري آفيس آهي، جيڪا منسٽري آف ڪميونيڪيشن يا منسٽري آف ڊفينس ۾ ٿي اچي ۽ شپنگ ماسٽر سندس اعليٰ عملدار آهي. اهي خلاصين جي چونڊ ڪن ۽ کين C.D.C ڏين. جنھن بنا هو جھاز تي Sail نٿا ڪري سگهن.
پي اين ايس سي يا ڪنھن ٻي جھاز ران ڪمپنيءَ يا جھاز جي مالڪ کي خلاصيءَ جي ضرورت پوندي آهي ته هو سرڪاري شپنگ آفيس کي ٻڌائيندو آهي، جيڪي واري وٽيءَ تي خلاصي موڪلين، جيڪو ڏهه مھينا Sail ڪرڻ بعد وري نوڪريءَ تان لاٿو ويندو آهي. کيس پنھنجي واري وري اچڻ جو انتظار ڇھه، ڇھه مھينا به ڪرڻو پوندو آهي. ڇاڪاڻ جو پراڻا جھاز اسڪرئپ ٿيڻ (ڊهڻ) ڪري، ۽ نون جھازن تي ماڻھن جي ضرورت بنھه گهٽ هجڻ ڪري، واندن خلاصين جو تعداد وڌي ويو آهي. ان ڪري نوان ماڻھو ته ورلي ڪو ڀرتي ڪيا وڃن ٿا.
جھاز تي نوڪري ڪرڻ لاءِ سي ڊي سي ۽ اجازت، پاڪستان شپنگ آفيس کان سواءِ ايم ايم ڊي (مرڪنٽائل مئرين ڊپارٽمينٽ) ۽ ڊي. جي. پي. ايس (ڊائريڪٽوريٽ جنرل آفيس پورٽس ائنڊ شپنگ) جي پڻ ضروري آهي، جيڪي خلاصي توڙي آفيسر جي ڪم تي نظر رکن ٿا. سمنڊ تي گذاريل ڏينھن ۽ تجربي جا انگ اکر نوٽ ڪن ٿا ۽ وڌيڪ پروموشن لاءِ امتحان وٺن ٿا.
هڪ ٻي ڳالهه ته پاڻيءَ جو جھاز ٽرڪ، لاري يا ٽئڪسيءَ وانگر ناهي ته هن جو مالڪ جنھن کي وڻي ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر ڪري رکي ۽ جنھن کي وڻي ۽ جڏهن وڻي ته ڪڍي ڇڏي. جھاز جي مالڪ، توڙي جھاز جي ڪئپٽن يا چيف انجنيئر کي، ڪا به اهڙي اختياري ناهي ته هو ڪنھن ماڻھوءَ کي، جھاز تي خلاصي رکي سگهن.
ڪيترائي ماڻھو اسان جي ملڪ ۾، يا ٻين ملڪن ۾، بندرگاهن ۾، جھازن جي ڪئپٽن، چيف آفيسر، انجنيئر يا ويندي پرسر وغيره کي نوڪريءَ لاءِ چوندا رهندا آهن، جيئن سندباد جي ڪھاڻيءَ ۾ به آهي ته هن جھاز جي ڌڪي ته بيھي، مٿي بيٺل ڪئپٽن کي رڙ ڪري چيو: ”مون کي خلاصيءَ جي حيثيت ۾_ يعني ’ورڪنگ پئسينجر‘ ڪري وٺي هلندين؟“
ڪئپٽن وراڻيس ڏاڪڻ تي پير رکي هليو اچ. ۽ پوءِ هو جھاز جا رسا ڇڪڻ بدران ملڪ گهمندو رهيو. ان دور ۾ جھاز جو ڪئپٽن جھاز جو مالڪ به هو ته جھاز تي رکيل سامان جو واپاري به. اهو ئي واپاري، اهو ئي جهاز هلائيندڙ_ وڻجارو. پر هاڻ اهي سڀ ڳالھيون بدلجي ويون آهن. ۽ ان ”هاڻ“کي به سئو سالن کان مٿي ٿي ويا آهن، جو انگريزن قاعدا قانون بدلائي ڇڏيا ۽ اسان وٽ به اهي قاعدا هلي رهيا آهن.
يورپ جي هڪ هوٽل ۾ هڪ يوناني جھاز جي ڪئپٽن نشي ۾ مست ٿي مون کي پنھنجي ڪيل ٺڳيءَ جي ڳالهه ٻڌائي: “تنھنجي ملڪ ۾ هڪ دفعو مون ڏاڍا پئسا ڪمايا. ماڻھو جھاز تي نوڪريءَ لاءِ آيا. کانئن پئسا وٺي آسرو ڏنومان ته فلاڻي ڏينھن جھاز لنگر کڻندو، ضرور اچجو. ۽ منھنجو جھاز ان کان اڳ Sail ڪرڻو هو، سو ڪري ويو.”
سو ڀائرو! ڪو به جھاز جو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر، آفيسر يا خلاصيءَ جي ته ڇا پر ڀنگيءَ جي نوڪري به نٿو ڏئي سگهي. هر ملڪ ۾ اچڻ ۽ وڃڻ وقت سخت چيڪنگ ٿئي ٿي ۽ ڪو به وڌيڪ ماڻھو نه ڪنھن ملڪ مان نڪري سگهي ٿو ۽ نه ٻئي ملڪ ۾ گهڙي سگهي ٿو.

قيامت جو ڏينھن

جھاز تي چڙهڻ يا نوڪري ڇڏڻ واي ڏينھن کي آرٽيڪلس سڏجي ٿو ۽ ان بعد ٻئي ڏينھن جھاز تان لھندڙن جو سامان بندرگاهه مان نڪرندو آهي. ڪسٽم آفيسرن جي نظرداري هيٺ نوڪري تان لھندڙ جھازي، پنھنجو سامان جھاز تان هيٺ لاهي رکن. پوءِ ڪسٽم وارا هڪ هڪ جو سامان جاچين ۽ ان موجب ٽئڪس هڻن. چون ٿا ته زندگي_ جيڪا پڻ هڪ سفر آهي۽ جيڪو جيترا گهڻا گناهه ڪندو قيامت جي ڏينھن ان تي اوترو گهڻو بار. سو ان وانگر جيڪو سڄي Voyage گهڻو سامان خريد ڪندو آهي۽ هن ڏينھن جو فڪر نه ڪندو آهي، ان جي حالت ڏسڻ وٽان ۽ رحم جوڳي هوندي آهي. وتندو آهي ٻين ساٿين کي منٿون ڪندو ته ڪجهه سندس سامان، هو پنھنجي نالي ڪڍرائين جيئن گهٽ ٽئڪس (سزا) لڳي. پر سائين هتي ته هرڪو پنھنجو پاڻ آجو ڪرائڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي ته جهٽ جان ڇٽي. جو اُس ۽ گرميءَ جو سڄو ڏينھن به لڳي ويندو آهي ۽ سڀني جون وايون بتال هونديون آهن. يعني نفسا نفسيءَ جو عالم هوندو آهي.
ڪو وڌيڪ ٽئڪس ۽ ڏنڊ لڳڻ ڪري پئسا پيو اڌارا وٺندو پر هر ڪو هوندي سوندي به پيو لڪندو جو ڪھڙي خبر ان کي به وڌيڪ ٽئڪس ۽ ڏنڊ پئجي وڃي، ته پوءِ ڪنھن کان اوڌر وٺندو. ڪو ڪسٽم آفيسر کي مطمئن پيو ڪندو ته ٽي وي يا ريڊيو پراڻو آهي، گهٽ ٽئڪس هڻ. ثبوت لاءِ هو ٻئي جھازيءَ کي پيو چوندو ته ڪا شاهدي ڏئي. پر اهڙين مهلن تي، هو پاڻ بچائي يا ٻين کي آجو ڪرائي. هڪ دفعي اهڙي موقعي تي منھنجي ڀر ۾ بيٺل ريڊيو آفيسر چيو: ”قيامت جو ڏينھن به ڪجهه ڪجهه ائين هوندو.“

ڪھڙي نڀاڳي زال شادي ڪندي

هڪ دفعي اسان جي جھاز جو انجڻ سرنگ، هڪ پٺاڻ، تمام وڏي ڏاڙهيءَ سان، تمام وڏي عمر جو هو. هو ايترو ته پوڙهو هو جو سندس اکين جا ڀرون به اڇا ٿي ويا هئا. گهٽ ۾ گهٽ ستر سال جو هوندو يا ٿي سگهي ٿو ته اڃا به وڏي عمر هجيس، جنھن جي کيس به ڄاڻ نه هئي. پر ڪمال جي ڳالھه اها ته همت ۽ ايمان جي سلامتي ايتري هيس جو خراب کان خراب سمنڊ ۽ موسم ۾، ڏکئي کان ڏکئي ڪم ۾، انجڻ روم جي گرميءَ ۾ به ٻين سان گڏ همراهي ڪرائيندو رهندو هو. جيتوڻيڪ هلڻ ۾ به ٿورو منڊڪائيندو هو. دم جو به عارضو هوس، پر تنھن هوندي به مجال آهي جو نماز جو هڪ وقت به گُسائي. هر وقت درود پڙھندو رهندو هو. انجڻ روم جي اڀين ڏاڪڻين تان هيٺ مٿي لھي ڇپ جھڙين مشينن کي بدلي ڪرائيندو هو. ڳرن اوزارن کي واجهه ٻڌي گھلڻ لاءِ ڇڪيندو هو. ساڳئي وقت پنھنجي عملي جي ماڻھن: آگ وارن، تيل وارن، ڪسب وغيره، کي دڙڪا ڏئي ڪم سمجهائيندو هو. مجال آهي جو ڪو هڪڙو ماڻھو به سندس اک کان پري ڀڄي يا ڪم کان گسائي. ڪاوڙ گهڻي ايندي هيس ته گارين مان به نه گسندو هو.
هڪ ڏينھن ڇا ٿيو جو ملائيشيا جي ڪنھن بندرگاهه ۾ جھاز جي روانگي وقت انجڻ جي لاءِ ڪجهه ڪيميائي دوا (پيروڪلين وغيره) جا ننڍا ڊم اچي ويا، جيڪي ان ڪمپني جي آفيس جا ماڻھو ڌڪي تي ڇڏي ويا. اسان جي همراهن کي، انھن کي ڏاڪڻ تان مٿي کڻي جھاز تي چاڙهڻا هئا ۽ ان بعد انجڻ روم ۾ رکڻا هئا. سرنگ، جيڪو آگ وارن ۽ خلاصين مٿان ائين آهي جيئن هارين مٿان ڪمدار، تنھن چئني آگ وارن کي هيٺ جيٽيءَ تي موڪليو ته وڃي ڊم کڻي اچو.
ڊم ڪي ايترا ڳرا به نه هئا پر هنن کي ڏانءَ ۾ نه پئي آيو ته ڪيئن کڻجن. نيٺ هڪ هڪ ڊم کي ٻه آگ وارا جهلي مٿي ڏاڪڻ تي جھڙو چڙهيا ته اڳيان پويان صحيح مفاصلو ۽ بئلنس نه رکڻ ڪري، ڏاڪڻ ڪجهه اڀي هجڻ ڪري، ڊم وڃي هيٺ ڦھڪو ڪيو.
جھاز تي پائلٽ به چڙهي چڪو هو. ان بندرگاهه جا ملئي ڪم وارا رسن ۾ هٿ وجهيو بيٺا هئا ته جيئن ئي ڊم چڙهن ته رسا کولي جھاز کي وڃڻ ڏين. مٿان دريءَ مان آئون به انتظار ڪري رهيو هوس ته ڊم کڄن ته انجڻ اسٽارٽ ڪجي. پر هتي هيٺ چارئي آڳ وارا کلڪو لڳائي بيٺا هئا. اتي ڊيڪ تي هي پوڙهو انجڻ سرنگ نمودار ٿيو ۽ آگ وارن کي گهوريندو، ڏاڪڻ ڏي منڊڪائيندو پھتو. آگ وارن هن کي ڏسي کلڪو بند ڪيو پر ڊم مٿي چاڙهيندي اڃا گهٻرائي رهيا هئا. سرنگ اڌ ڏاڪڻ تان سھڪندي رڙ ڪري چين: ”کيا بات هي؟“
”اڙي سرنگ ڊم تمام ڳرا آهن.“ آگ وارن ۾ موجود هڪ مڪرانيءَ وراڻيو.
سرنگ کي باهه وٺي وئي. اکيون ڪڍي چيائين: ”شرم ڪريو، شرم!جوان ٿيا آهيو. هي ڳرا آهن؟ حيف هجي توهان جي مڙسيءَ تي. هينئر ئي چيلهه ڀڳي پئي اٿانوَ. توهان جھڙن سان شادي به ڪھڙي نڀاڳي زال ڪندي_؟!“ ان دوران هو هيٺين ڏاڪي تائين پھچي ويو هو. هڪ ڊم کي پاڻ ڏي ڇڪي، اُڀو بيھاري، ڳن ۾ هٿ وجهي کڻي جا مٿي سَٽ ڏنائين ته سڌو سندس ڪلھي تي. پوءِ هڪ هٿ ڏاڪڻ جي هٿي ۾ ته ٻيو ڊم ۾ وجهي، اڪيلي سر مٿي کڻي آيو.
پوڙهي سرنگ کي ڏسي ٻين کي به شرم آيو ۽ کڻڻ جي اٽڪل به اچي وئي. پنجن ڏهن منٽن ۾ سڀ ڊم مٿي چڙهي ويا ۽ جھاز ملايا جو بندرگاهه ڇڏي سنگاپور ڏي روانو ٿيو.
بھرحال ڳالھه ان پوڙهي سرنگ جي ٿي ڪئيسين ۽ خاص ڪري سندس وڏي عمر جي. اسان کانئس سندس عمر جو پڇندا هئاسين ته معصوميت مان چوندو هو: ”بابا خبر نه اٿم. پٽڙو نه اٿم. ٽي نياڻيون هيون، سي پرڻجي ويون. ان کي به وڏو عرصو ٿيو. انھن جو اولاد به جوان آهي. مون کي ته نالا به ياد نه آهن.“ يا چوندو: ”خبر ناهي، آئون شادي بعد جھاز تي ويس ته به رڳو گورا جھازن تي هوندا هئا.پاڪستان به گهڻو گهڻو پوءِ ٿيو.“
هڪ ڏينھن ڪئپٽن جي ڪئبن ۾ ويٺو هوس ته ڪنھن ڪم سانگي هي سرنگ هن جي ڪئبن ۾ آيو. ڪئپٽن پاڻ به جيتوڻيڪ پوڙهو هو پر سرنگ کان گهڻو گهڻو گهٽ. ڪئپٽن کي اک ڀڃي چيم ته سرنگ کان عمر ته پڇ.
”سرنگ ڪيترا سال گذريا آهن توکي_؟“
سرنگ سهڪندي ڪنڌ هيٺ ڪري پشتو لهجي ۾ چيو: ”صاحب! چاليهه ۽ پنج.“
”سرنگ ڏاڍي ٻڌايئه! چاليھه ۽ پنج_ يعني فقط پنجيتاليهه!“ ڪئپٽن سان گڏ مون کي به تعجب لڳو ته سرنگ نسورو ڪوڙ پيو ڳالھائي.
”جي ها. پنجيتاليهه” سرنگ نماڻيون اکيون کڻي، وري ورجايو.
ڪئپٽن چيس: “سرنگ ڪمال ٿو ڪرين. تنھنجي پنجيتاليھه سال عمر! آئون تنھنجي اولاد جيڏو منھنجي عمر پنجاهه سال آهي. توکي پنجيتاليھه ڪيئن ٿيا؟“
”بلڪل. منھنجي سي ڊي سي (پاسپورٽ) کڻي ڏس ته مون جھاز تي پنجيتاليهه سال گذاريا آهن. يعني ايتري سي سروس اٿم.“
”سرنگ! اسين تنھنجي جملي ڄمار جو پيا پڇون ته ڄمڻ کان وٺي هيستائين گهڻا سال ٿيا آهن؟“
”اهو ته معلوم نه اٿم،“ سرنگ نماڻين اکين سان نھٺائيءَ سان وراڻيو. ”جڏهن مون شادي ڪئي هئي، پورا اٺ سال رکي پھرين جرمل عروس (جرمن روس) جي وڏي لڙائي لڳي هئي...“

اي چيف ڪئن نيوربي رانگ

اسان جي چيف آفيسر زاهد کي پنھنجي ڪار ۽ جھاز جي ڪئبن ۾ جدا جدا قسم جا اسٽيڪر (Sticker) هڻڻ جو ڏاڍو شوق هو. انگلينڊ، اسڪئنڊينيوين ملڪن، هانگ ڪانگ ۽ ٻين اهڙن سامونڊي قومن وارن ملڪن ۾ ته خاص جھازين جي ڏانءَ جا پوسٽر ۽ اسٽڪر ملن ٿا جيڪي اسان جو يار خريد ڪري پنھنجي ڪئبن ۾ ٿڦيندو رهندو هو.
سندس ڪئبن ۾ لڳل هڪ ٻه پوسٽر ۽ اسٽڪر جن جا نعرا / مضمون هن وقت ياد اٿم:
1. Sailors Have fun جھازين کي مزا آهن.
2. Join the Navy, see the World. دنيا ڏسڻي اٿانوَ ته سامونڊي نوڪريءَ ۾ اچو.
سندس آفيس جتي صبح شام سندس ماتحت ڪئڊٽ ۽ خلاصي ڊيوٽي لاءِ رپورٽ ڪندا هئا، ان جي هڪ ڀت (Bulkhead) تي پوسٽر لڳل هو:
The boss in not
Always right,
… But boss is
Always the boss.
ضروري ناهي ته صاحب هميشه صحيح هجي پر سائين صاحب هميشه صاحب ئي آهي.
هڪ ٻيو پوسٽر جيڪو لنڊن مان ورتو هئائين ۽ خاص جھاز جي چيف آفيسر لاءِ ٺاهيل هو، اهو آفيس جي دروازي جي اندرين ڀت تي هنيو هئائين:
A Chief
Is Always Right
He May be Misinformed
Inexact, Bull headed
Fickle, Ignorant, even
Abnormally Stupid. But
Never Wrong.
يعني صاحب جي ڳالھه هميشه صحيح آهي. صاحب ڪنن جو ڪچو، پرمتڙيو، گڏهه، جاھل، وائڙو_ ويندي چريو ٿي سگهي ٿو پر غلط نٿو ٿي سگهي.
سندس ڪمري جي در تي ڪتاب جي ماپ جيڏي ٽامي جي پليٽ تي ٻه اصول اڪريل هئا:
Rule No.1
The Boss is always right!

Rule No.2.
If the boss is wrong, see rule No.1.
يعني قاعدو نمبر پھريون ته صاحب جي هرڳالهه صحيح آهي. قاعدو نمبر ٻيو، جڏهن به سمجهو ته صاحب غلط آهي ته قاعدو نمبر پهريون ڏسندا ڪريو.
هڪ چانديءَ جو اسٽينڊ ڊئنمارڪ مان وٺي ٽيبل تي رکيو هئائين. ان تي اُڪريل هو:
I am not deaf.But
I am ignoring you.
يعني آئون ڪو ٻوڙو نه آهيان. پر توکي اهميت نه پيوڏيان.
ڪمري جي در جي اندرئين پاسي اسٽيڪر تي لکيل هو: سگريٽ نه پيئڻ لاءِ توهان جي وڏي مھرباني ۽ ڀر واري ڀت جي ڪنڊ تي لڳل اسٽيڪر تي لکيل هو:
If you must smoke
Do not exhale
معنيٰ جيڪڏهن توهان سگريٽ ڇڪڻ کان باز نٿا اچو ته گهٽ ۾ گهٽ دونھُون ته ٻاهر نه ڪڍو.
سندس ڪار جي پويان جپان مان ورتل اسٽڪر لڳل هو جنھن تي رنگين اکرن ۾ لکيل هو:
Sailors make better lovers. (جهازي بهترين عاشق ٿين ٿا).

اڄ سوڊان هڪ نه پر ٻه آهن ...

منھنجو هن سفرنامي ”سانباهو سمونڊ جو“ ۾ جنھن سوڊان جو احوال آهي اهو 81_1980ع جو آهي، جن ڏينھن ۾ اسان جو جھاز آمريڪا کان واپسي تي سوڊان جي بندرگاهه ”پورٽ سوڊان“ ۾ اچي لنگر انداز ٿيندو هو. انھن ڏينھن ۾ سوڊان جي گاديءَ جو شھر ”خارطوم“ هو. سوڊان جي اتر ۾ مصر ۽ اوڀر ۾ بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) آهي. سوڊان جو سڀ کان وڏي بندرگاهه جو نالو ئي “پورٽ سوڊان” آهي. هن جي بلڪل ٻئي ڪناري تي سعودي عرب جو بندرگاهه: جدو ۽ ينبو آهن. نقشي ۾ ڏسبو ته اتر ۾ ته مصر آهي، جنھن جو ڪجهه حصو ڀونچ سمنڊ Mediterranean تي آهي ته ڪجهه ڳاڙهي سمنڊ تي. مصر جي هيٺان سوڊان آهي، جنھن جي هيٺان حبش (ائبيسينيا) آهي. حبش جي ٻئي پاسي يعني ڳاڙهي سمنڊ جي ٻئي ڪناري تي سعودي عرب ۽ يمن آهي. اهو ئي سبب آهي جو مڪي جا مسلمان ڳاڙهو سمنڊ ٽپي حبش ۾ اتي جي عيسائي بادشاهه وٽ آيا. اسلام کان اڳ حبش عيسائين جو مرڪز هو. يمن به هنن جي هٿ هيٺ هو جتي گورنر رهيو ٿي. ڪعبي تي حملي لاءِ يمن کان ئي ابره هاٿين تي آيو هو. حبش ۽ سوڊان سعودي عرب کي ويجهو هجڻ ڪري سعودي عرب ۾ جيڪي شيديآيا ٿي سي نائيجيريا، يوگنڊا يا موزمبق ملڪن جا نه پر سڀ کان گهڻا حبش جا ۽ ٻئي نمبر تي سوڊان جا آيا ٿي، جيڪي حبشي ۽ سوڊاني سڏبا هئا. بلڪه حبشي ايترا ته گهڻا هئا جو سوڊاني ۽ بعد ۾ آفريڪا جي ٻين ملڪن کان ايندڙ شيدي به حبشي سڏجڻ لڳا... جيڪو لفظ اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ هر شيديءَ لاءِ عام مروج آهي... يعني حبشي ۽ عورت لاءِ حبشڻ.
حبش يڪو ملڪ هو پر ٻي وڏي لڙائيءَ بعد آهستي آهستي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو: هڪ اريتيريا (Eritrea) جنھن جي گاديءَ جو شھر اَسمارا آهي ۽ ٻيو اٿوپيا جنھن جو اديس ابابا گاديءَ جو شھر آهي. اٿوپيا هيٺ ۽ ساڄي پاسي سوماليا آهي جتي ڪافي عرصي کان غيرقانونيت هجڻ ڪري قذاقن جو مسئلو رهندو اچي ۽ عربي سمنڊ ۽ ڳاڙهي سمنڊ مان لنگهندڙ جھازن جي ڦر لٽ ۽ اغوا ڪاريءَ دنيا کي پريشان ڪري وڌو آهي.
اٿوپيا ۽ سوڊان جي هيٺان ڪينيا ۽ يوگنڊا ملڪ آهن. ڪينيا، يوگنڊا ۽ سوڊان تي انگريزن جي حڪومت هئي ان ڪري انھن ملڪن ۾ پڻ اسان جي ملڪ وانگر انگريزي ڳالھائي وڃي ٿي. مصر ته هڪ تاريخي ملڪ رهيو آهي پر ڀر سان سوڊان هجڻ ڪري ان جي به تاريخ ۾ وڏي اهميت رهي آهي. ايتري قدر جو اهرامن ۽ لاشن کي مَمِي بڻائي دفن ڪرڻ جو ڪلچر نه رڳو مصر ۾ پر سوڊان ۾ پڻ رهيو آهي. نيل ندين جي هجڻ ڪري مصر ۽ سوڊان ۾ آڳاٽي زماني کان رهائش جو سلسلو هلندو اچي.
نيل ندي جيڪا سڄي مصر کي پاڻي ڏئي اتر ۾ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي اها در اصل ٻن ندين جي ميلاپ بعد جنم وٺي ٿي. اهي ٻه نديون: هڪ “سفيد نيل” جيڪا يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ کان شروع ٿئي ٿي،ٻي ندي ”نيلي (Blue) نيل“، جيڪا اٿوپيا جي ”تانا ڍنڍ“ کان شروع ٿئي ٿي ۽ اها اٿوپيا لتاڙي سوڊان ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ سوڊان جي گاديءَ واري شھر خارطوم وٽ سفيد نيل سان ملي ٿي. ان بعد هي ٻه نديون ملي هڪ “نيل” سڏائين ٿيون. اها گڏيل نيل باقي سوڊان لتاڙي مصر ۾ داخل ٿئي ٿي.
پراڻيون جيڪي به تھذيبون آهن اهي ڏٺيون وڃن ته ڪنھن نديءَ جي ڪناري تي ئي آهي ڇو جو انسان لاءِ پاڻي ضرروي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مصر ۽ سوڊان ۾ آڳاٽيون آباديون ۽ سلطنتون رهيون آهن. حضرت موسيٰ جي ڏينھن وارا فرعون بادشاهه به هتي مصر ۾ نيل نديءَ جي ڪناري تي رهيا ٿي، جتان حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل وارن کي ڳاڙهو سمنڊ ٽپائي عربستان ۽ يمن واري پاسي وٺي آيو. هونءَ دنيا جي گهڻين ندين جو وهڪرو اتر کان ڏکڻ رهيو آهي، جيئن اسان جي جھلم، چناب توڙي سنڌو نديءَ جو آهي، پر نيل نديءَ جو وهڪرو ڏکڻ (يوگنڊا) کان اتر (مصر) ڏي آهي.
مملڪت ڪوش (Kush) آفريڪا جي پراڻين تھذيبن مان هڪ آهي جنھن جو اثر مصر ۽ سوڊان تي رهيو. ڪوش سلطنت جا شھر نيل، سفيد نيل ۽ بلو نيل ندين جي ڪناري تي آباد هئا. اها ”مملڪت ڪوش“ جي ڌرتي اڄ وارو سوڊان آهي. سوڊان ۾ ڇھين صديءَ ۾ عيسائيت آئي، ان بعد اسلام پڻ عام ٿيو. سوڊان ۾ شروع کان مٿين حصي ۾ عرب نسل جا ماڻھو رهندا اچن ۽ عربي زبان عام آهي. ڏکڻ ۾ مڪاني ڪارا شيدي رهن ٿا، جن جي گهڻائي عيسائي آهي ۽ عام زبان انگريزي آهي. گاديءَ جو شھر خارطوم اتر ۾ هجڻ ڪري ۽ حڪومت تي اتر وارن جو قبضو هجڻ ڪري سوڊان جي ڏاکڻي حصي سان ناانصافي رهي ٿي. ائين کڻي سمجهو ته جيئن پنجاب صوبي جي اتر واري حصي تي ته خوب پئسو لڳايو وڃي ٿو پر ڏکڻ واري حصي ۾ جتي سرائيڪي زبان عام آهي گهٽ خيال رکيو وڃي ٿو.
اسان جو جڏهن 1980ع جي ڏهاڪي وارن شروع جي سالن ۾ سوڊان وڃڻ ٿيو ٿي... يا ويندي 2011ع تائين، سوڊان هڪ ملڪ هو، جيئن 1947ع کان اڳ هندوستان هو ۽ اسان ڳائيندا وتندا هئاسين ته “ساري جھان سي اڇا هندوستان همارا.” اهڙي طرح سوڊاني به قومي ترانو جهونگاريندا وتندا هئا ته Nahnu Djundulla Djundl Watan ...... ”اسين الله جي ۽ پنھنجي وطن (ڌرتي) جا سپاهي آهيون.“ سوڊان آفريڪا کنڊ جو وڏي ۾ وڏو ملڪ هو. اڄ سوڊان ٻن حصن ۾ آهي. هڪ اتراهون حصو جيڪو هندستان وانگر اڄ به ساڳي نالي سوڊان سان سڏجي ٿو ۽ ٻيو ڏاکڻو حصو جيڪو هاڻ ڏکڻ سوڊان (سائوٿ سوڊان) سڏجي ٿو. ان جو پاڪستان وانگر ٻيو ڪو نالو هجي ها ته ايڏو مونجهارو نه ٿئي ها، پر ساڳي نالي ڪري سوڊاني پاڻ به منجهي پونٿا جو ڪنھن به ملڪ ۾ ڪو ڏکڻ سوڊاني ملي ٿو ۽ هن کان کڻي پڇ ته حبشي آهين؟ مصري آهين، نائجر آهين يا گهاني (گهانا) جو، ته وراڻيندو:”سوڊاني“. ۽ توهان اندازو نه لڳائي سگهندائو ته هن جو واسطو ڪھڙي سوڊان سان آهي. آيا اترادي آهي يا لاڙي، اياز گل ۽ آسي زميني ۾ ڪھڙو فرق؟ ڌارين لاءِ ته ڇا پر اسان کي به ربينا ابڙو ۽ رخسانه پريت شاعرائن ۾ ڪو فرق نظر نه ايندو ته ڪھڙي اتر سنڌ جي آهي ۽ ڪھڙي ڏکڻ سنڌ جي! ولايت جي ملڪن ۾ ته ڪيترا هڪ پاڪستاني ۽ هندوستانيءَ ۾ به فرق نه ڪري سگهندا آهن.
اڄ به سوڊان (يعني اتراهون سوڊان) ايڏو وڏو آهي جو آفريقا جي ملڪن ۾ الجيريا ۽ ڪانگو بعد ٽي نمبر تي اچي ٿو ۽ سندس پکيڙ 18.6 لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ پاڪستان جنھن جي پکيڙ 8 لک آهي ان جي ته ٻيڻ کان به وڏو ٿيو. البت ڏکڻ سوڊان ڪافي ننڍو ٿي پيو آهي جنھن جي ايراضي 6.5 لک چورس ڪلوميٽر آهي. آدمشماريءَ ۾ به جتي سوڊان (يعني اتر واري) جي 4 ڪروڙ آهي ته ڏکڻ سوڊان جي سوا ڪروڙ آهي. ان حساب سان پاڪستان جي 20 ڪروڙ آهي، جپان جي 13 ڪروڙ ،ايران جي 8 ڪروڙ، ملائيشيا ، سعودي عرب ۽ عراق جي ساڍا ٽي ڪروڙ آهي.
سوڊان جي گهٽ آدمشماري جو سبب برٿ ڪنٽرول ناهي بلڪه هن پاسي جي ملڪن ۾ ڏٺو وڃي ته پھلوان مڙس اهو ٿو سمجهيو وڃي جيڪو گهڻا ٻار ٿو پيدا ڪري. سوڊان جھڙن پٺتي پيل آفريڪي ملڪن جي گهٽ آدمشماري جو اهو ئي سبب آهي ته اتي جون ڪرپٽ حڪومتون عوام جي صحت ۽ خوشحاليءَ جو ڪو خيال نٿيون ڪن. جھڙيون تھڙيون اسپتالون آهن، جن ۾ نه آهن ڊاڪٽر نه دوائون. سرڪاري فائلن تي ڊاڪٽر ۽ دوائون ضرور آهن، پر سفارشي ۽ ڪاهل ڊاڪٽر موڊ ٿئين ته اسپتالن ۾ اچن ۽ مفت جي پگهار سان گڏ مريضن جي دوائن جا به پئسا کايو وڃن. دوائن لاءِ هو فقط صحيحون ڪن ۽ دوائن جون ڪمپنيون کين گهر ويٺي ڪميشن پھچائين يا کين ولايت جون ٽوئرون ڪرائين. اها ڳالهه ان ڪري ياد اچي وئي جو ڪجهه مھينا اڳ مون سان گڏ جنھن بس ۾ ڌاريان ڪوالالمپور کان ملاڪا سفر ڪري رهيا هئا، انھن ۾ سوڊان جا ڪجهه ڊاڪٽر پڻ هئا. دوائن جي ڪنهن ڪمپنيءَ طرفان کين هي عيش ڪرائڻ تي هو خوش هئا. ڪيڏي ڏک جي ڳالھ آهي ته هنن کي عوام جي خذمت ڪرڻ تي هي انعام نه مليو هو پر انھن جي ڀينگ ڪرڻ تي.... بيمار هم وطنين جو علاج ڪرڻ بدران فارين جي دوائي ڪمپنين کي فائدو رسائڻ جو اجورو وٺي رهيا هئا. افسوس جي ڳالھ ته ان چور بازاري واري ٽرپ ۾ اسان جي ملڪ جا بلڪه اسان جي صوبي جا ڊاڪٽر به شامل هئا. چئبو ته سياستدان ۽ ڪامورا ته ٿي پري جي ڳالھه هڪ ڊاڪٽر جيڪو پاڻ کي مسيحا سڏرائي ٿو، ان کي به غريب قوم تي قياس نٿو اچي! پوءِ دوائن جي اڻ هوند يا نقلي هجڻ ڪري اسان جي اسپتالن ۾ عورتون توڙي ٻار ڦٿڪيو ڦٿڪيو مريو وڃن. اسان جو مذهب ته جانور تي به ڪھل ڪرڻ لاءِ چوي ٿو، پر اهي اسلامي اصول اسان مسلمانن ۾ ته گهٽ نظر اچن ٿا، پر يورپ (مغرب جي ماڻھن) ۾ وڌيڪ آهن. يورپ ۾ ڪيترين ڪانفرنسن ۾ مون اتي جي ماڻھن کي حيرت کائيندي ڏٺو ته سوڊان جھڙن ملڪن ۾ جن ڏانھن آمريڪا، ڪئناڊا، سئيڊن ناروي ۽ انگلينڊ جھڙا ملڪ خيرات ۾ هيڏو پئسو موڪلين ٿا پر پوءِ به ماڻھن جا علاج ڇو نٿا ٿين. هو ته ان پئماني جي خراب گورننس جو سوچي به نٿا سگهن، پر اسين پاڪستاني خاص ڪري سنڌ صوبي جا رهواسي جن سنڌ جي ڳوٺن جي اسپتالن جي ڪارڪردگي ڏٺي هوندي _ خاص ڪري ٿر ۾ مائرن ۽ ٻارن کي مرندي ڏٺو هوندو اهي ڀلي ڀت سمجهي سگهن ٿا ته حڪمرانن جي وعدن ۽ دعوائن جي باوجود عوام جو ڀلو ڇو نه ٿي رهيو آهي.
هونءَ ته آفريڪا جا ڪافي ملڪ سڌري ويا آهن بلڪه ڪي ته اسان کان به وڌيڪ ماڊرن ۽ سکيا ستابا لڳن ٿا، پر يارو هي ملڪ سوڊان، چاهي اتر وارو هجي جنھن ۾ عرب نسل جا عربي ڳالھائڻ وارا مسلمان رهن ٿا توڙي ڏکڻ وارو جنھن ۾ آفريڪي نسل جا شيدي رهن ٿا، جن تي ”انگريز“ حڪومت جو وڌيڪ اثر رهيو، جيڪي عيسائي آهن ۽ انگريزي گهڻي ڳالھائين ٿا، نه پھرين سڌريل هئا نه هاڻ ڪو افعال نظر اچي ٿو. اتر ۽ ڏکڻ سوڊان جي وچ ۾ زبان، مذهب ۽ ڪلچر جي فرق ڪري ٻنھي ڌرين جو ٺاھه نه ٿيو. چاليهه سال مار مارا هلندي رهي، جنھن ۾ 25 لک ماڻھو، بک، بيروزگاري، ڏڪارن ۽ خونريزين ۾ مارجي ويا. آخر هنن الڳ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ملڪ جا ٻه حصا ٿيا. هاڻ مٿين (اتراهين) سوڊان ۾ گهڻائي مسلمانن جي آهي ۽ هيٺين ڏاکڻي سوڊان ۾ عيسائين جي، ته به پنھنجو پاڻ ۾ لڳا پيا آهن. اڳ ۾ مذهب تان جهيڙو هو هاڻ ٻولين، قبيلن، ذاتين جي چڪرن ۾. بس سمجهو ته افغانستان وارو حال آهي جنھن ۾ هڪ قوم بدران پشتون، تاجڪ، هزاره، ازبڪ، ترڪ، نورستاني، پاشائي، بلوچ، پاميري.... خبر ناهي ڪھڙيون قومون رهن ٿيون ۽ مسلمان هوندي به هڪ ٻئي سان اٽڪيا پيا آهن. ائين ته ايران ۾ به ڪئين قومون رهن ٿيون، پر تعليم ۽ سٺي حڪمراني ڪري سڀ خوشحال ۽ امن ۾ آهن، پر افغانستان ۾ ننڍي ڳالهه تان بندوقون رائفلون کڄيو وڃن! ڇا ته خوفناڪ قسم جو ماحول آهي! اسان جي انھن ماڻھن جن افغانستان نه ڏٺو آهي، اهي سنڌ جي اتراهن ضلعن جيڪب آباد، قمبر، ڪشمور جو تصور ڪري سگهن ٿا، جتي سڀ مسلمان هوندي، سڀ ساڳي زبان سنڌي ڳالھائيندي به پاڻ ۾ نٿا ٺھن. پنھنجو پاڻ کي قبيلن ۽ ڪميونيٽين ۾ ورهائي ويٺا هڪ ٻئي کان بدلا وٺن. نه تعليم وڌي رهي آهي نه واپار وڙو. رڳو دشمنيون ۽ خونريزيون وڌي رهيون آهن. اهو ئي حال هيڏانھن اتر توڙي ڏکڻ سوڊان جو آهي. مذهب ۽ زبان جي بنياد تي علحدي ٿي ته هاڻ قبيلن ۽ مڪاني ٻولين جي بنياد تي هڪ ٻئي سان جهيڙا لڳا پيا آهن. جتي به تعليم، امن امان، انصاف ۽ حڪمرانن طرفان گڊ گورننس ٿئي ٿي ته اتي ملڪ خوشحال ٿيو وڃي ۽ پوءِ هر ڪو پنھنجي سڃاڻپ ملڪ سان وابسته ٿو رکي. ملائيشيا ۾ چيني ملئي پاڻ ۾ وڙهيوڙهي تباهه پئي ٿيا. مٽيارين جيڏي سنگاپور ٻيٽ تي چيني، تامل، ملئي، جاوانين، سماترن ۽ تاملن پاڻ کي اهم سمجهي ملڪ کي گاريون ٿي ڏنيون ۽ 1970ع کان اڳ نه فقط ڌارين پر خود سنگاپورين به پنھنجي ملڪ کي ”چور ملڪ“ ٿي سڏيو. پوءِ اسان ڏٺو ته انھن ملڪن جي حاڪمن ’مھاتير‘ توڙي ’لِي ڪُئان يُو‘ تعليم، انصاف، ايمانداري سان پنھنجن ملڪن کي اهڙو ته خوشحال بڻائي ڇڏيو، جو اڄ ڪو به سنگاپوري پاڻ کي تامل، چيني، يا ملئي سڏائيندي خراب ٿو سمجهي هو فخر سان ”آءِ ايم سنگاپورين“ يا ”آءِ ايم ملائيشين“ ٿوچورائي. ۽ ڇو نه سڏرائي، جو اهي ملڪ اڄ يورپ جي ملڪن کان به سکيا ستابا ۽ ماڊرن ٿي ويا آهن. انھن ملڪن جي دنيا ۾ ايڏي عزت ۽ ساک ٿي وئي آهي جو ڪو به ملائيشين، پوءِ ڀلي اهو انڊين شوڌر هجي، جهنگلن ۾ ڪم ڪندڙ ملئي هاري هجي يا سنگاپور جون گهٽيون ٻھاريندڙ ڳوٺاڻو چيني هجي، هو بنا ويزا جي آمريڪا توڙي جپان جھڙي ملڪ ۾ وڃي ۽ رهي سگهي ٿو. اسان جي ملڪ جي ساک ڪرڻ ڪري اسان جي ملڪ جي وزيرن کي به اهڙن ملڪن ۾ ته ڇا پر سئيڊن، ناروي يا ڪويت، سعودي عرب ۾ گهمڻ يا ڪم ڪرڻ جي ويزا لاءِ جفا ڪشي ڪرڻي پوي ٿي... پوءِ کيس مس مس چند ڏينھن لاءِ وزٽ ويزا ملي ٿي.

سوڊان ۾ خوشحالي جو گراف

سوڊان آفريڪي ملڪ ضرور آهي، ريتي ۽ رڻ پٽ به ضرور آهن، ڏڪار ۽ ماڪڙ جا حملا به ٿين ٿا، پر ان هوندي به اهڙو ڪو ويل ناهي. سفيد ۽ نيل نديون هن ملڪ مان لنگهن ٿين، بارشون به جام ٿين ٿيون... پوک ۾ ڪپھه، ڪڻڪ، جَوَ ، بوهي مڱ(Peanuts) ، ڪمند ۽ ميون ۾ انب، پپيو، ڪيلو جام ٿئي ٿو. معدنيات ۾ لوهه، پتل، ڪروميم، شيھو، چاندي، مائيڪا، ويندي سون نڪري ٿو. هاڻ ته تيل نڪرڻ ڪري هي ملڪ ته گهڻن کان خوشحال هئڻ کپي پر ملڪ جي حاڪمن، سياستدانن، فوجين ۽ ڪامورن جي بدنظمي ۽ ڦرلٽ ڪري اهي پاڻ ته خوشحال ٿيندا وڃن، پر عوام ڏينھون ڏينھن غريب ٿيندي وڃي. پوءِ جڏهن انسان کي پيٽ ڀري ٻه ويلا کائڻ لاءِ نٿا ملن، ملڪ جا نوجوان بيروزگاري جي ڪري ذهني مريض پيا ٿين ته پوءِ ننڍي ننڍي ڳالهه تي هڪ ٻئي سان اٽڪيا پيا آهن. ماڻھو انيڪ قبيلن ۽ ذاتين ۾ ورهايا پيا آهن. انگريزي ۽ عربيءَ کان سواءِ ملڪ ۾ سئو کان مٿي مڪاني ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون. تعليم ۽ پئسو نه هجڻ ڪري هو علاج لاءِ ٽوڻي ڦيڻي تي گذر ڪن ٿا، انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڪو پنھنجي قبيلي جي سردار يا ڳوٺ جي وڏيري وٽ پھچي ٿو. حڪمران اها ئي انگريزن واري پاليسي قائم رکندا اچن ته Divide and Rule _ يعني ڄَٽ پنھنجو پاڻ ۾ ئي وڙهي خوار ٿيندا رهن جيئن هنن کي حڪومت تي تنقيدڪرڻ جي سوچ نه رهي. سو ڏٺو وڃي ته سوڊان جيڪو ڪنھن زماني ۾ مصر سان گڏ اعليٰ تھذيب ۽ تمدن جو ملڪ رهيو، اهو اڄ خوار خراب آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته جڏهن آئون تعليم جي ڳالهه ٿو ڪريان ته سندس ڀر وارن ملڪن ڪينيا، تنزانيا، يوگنڊا جي مقابلي ۾ ڀيٽ ٿو ڪريان. هونءَ توهان سوڊان جي هڪ عام ماڻھوءَ سان ڳالھائيندائو ته توهان کي گهڻن کان سلجهيل ۽ تعليم يافته لڳندو ڇو جو سوڊان ۾ تعليم کڻي گهٽ آهي، پر تڏهن به 60 سيڪڙو آهي. اسان وٽ ته 40 سيڪڙو به نه آهي. ملائيشيا ۾ به اڄ کان اڌ صدي اڳ جڏهن 1968ع ۾ آئون پھريون دفعو ويو هوس ته اهو ratio هو. هاڻ اتي 90 سيڪڙو کان مٿي آهي. سريلنڪا ۽ بنگلاديش به تعليم ۾ اسان کان گهڻو مٿي آهي. سوڊان، موزمبق، زئمبيا، گهانا ۽ سينيگال جھڙا ملڪ پنھنجي جاءِ تي، پر يارو اسان پنھنجي جيءَ ۾ جهاتي وجهون ته اسان جو ملڪ جيڪو گهڻن کان اڳ ڀرو هو ان کي ڇا ٿي ويو آهي ۽ ان کي اسان پنھنجي ايندڙ ٽھيءَ کي بھتر حالت ۾ ڏيڻ بدران ڪھڙي حال ۾ ڏئي رهيا آهيون.
سوڊان جا ٻه حصا ٿيڻ تي هيٺيون ڏاکڻو سوڊان Land Locked بڻجي ويو آهي، يعني ڳاڙهي سمنڊ وارو سڄو ڪنارو جتي هن ملڪ جو اهم بندرگاهه “پورٽ سوڊان” آهي ۽ ڀر وارا ننڍڙا بندر گاهه سڀ سوڊان (اتر واري سوڊان) حوالي ٿي ويا. ڏکڻ سوڊان جي چوڌاري ڪو سمنڊ ناهي. افغانستان وانگر سڀ ملڪ(Land Locked) آهن، جيئن ته چاڊ، سينٽر آفريڪن ريپبلڪن (CAR) ، ڪانگو، يوگنڊا آهي. ڏکڻ سوڊان وارا سمنڊ نه هجڻ ڪري افغانستان ۽ يوگنڊا وانگر سامان بحري جھاز ۾ ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ گهرائي، پوءِ ٽرين ۽ ٽرڪن ذريعي پنھنجي ملڪ ۾ پھچرائين ٿا. افغانستان جو سامان ڪراچي بندرگاهه تي لھي ٿو، جتان پوءِ باءِ روڊ ڪابل ۽ افغانستان جي ٻين شھرن ۾ پھچي ٿو جيئن يوگنڊا جو سامان ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا ۾ لھي ٿو، جتان پوءِ ٽرين ڪينيا جي گادي واري شھر نئروبيءَ کان ٿيندي يوگنڊا جي گاديءَ واري شھر ڪمپالا ۾ پھچائي ٿي. ڪينيا ۽ يوگنڊا تي جيئن ئي انگريزن جو قبضو ٿيو ته پھريون ڪم انگريزن اهو ئي ڪيو ته انڊيا مان سک ۽ تامل گهرائي ريل جو ڪم شروع ڪرايو جيئن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ٿيڻ تي هنن ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي ۽ پوءِ سکر ۽ ملتان تائين ٽرين هلائي.
ڏکڻ سوڊان کي پنھنجو سمنڊ يا بندرگاهه نه هجڻ ڪري هن کي ڪو به سامان موڪلڻ يا گهرائڻ لاءِ سوڊان (اتر واري ملڪ) جي ڪاڻ ڪڍڻي پوي ٿي. ٻي ڳالهه اها ٿي پئي آهي ته تيل جا کوهه هيٺ ڏکڻ سوڊان ۾ ضرور آهن،پر انھن کي صاف ڪرڻ جا ڪارخانا (Refinaries) ۽ تيل کي وڪڻڻ لاءِ ٻاهر موڪلڻ لاءِ بندرگاهه مٿي اتر سوڊان وارن وٽ آهن.
سوڊان لفظ جي مڪاني زبان ۾ معنيٰ ”ڪارن جي ڌرتي“ آهي. سندس ڀر وارن ملڪن: مصر، آلجيريا، لبيا يا ڀونچ سمنڊ جي ٻئي پاسي اٽلي، فرانس، اسپين وغيره جا ماڻھو ته اڇا ٿيا پر ڳاڙهي سمنڊ جي ٻئي پاسي يمن ۽ سعودي عرب جا ماڻھو به ايرانين وانگر اڇا ۽ ڪڻڪ رنگا آهن. اڄ واري سوڊان (يعني اتر واري حصي) جو عربن سان لڳ لڳاپا ۽ اچ وڃ هجڻ ڪري هاڻ اتي جو نئون نسل ڪجهه گهٽ ڪارو آهي. هنن ۾ گهڻائي عرب نسل جي آهي، هو عربي ڳالھائين ٿا. پر ياد رهي ته هنن جي عربي ٻولي مصرين ۽ عربن جهڙي نج عربي ناهي. بس سمجهو ته هڪ لکنو جي ماڻهن جي اردو ۽ ٻي چاڪيواڙي ۽ لياري جي اردو. پر بھرحال ان عربيءَ جي مڪسچر جي ڪري به سوڊانين کي عرب ملڪن ۾ نوڪرين ۽ روزگار جو سٺو موڪليو مليو وڃي. عرب دنيا ۾ آفريڪا کنڊ جا سڀ کان گهڻا سوڊاني آهن. ويتر هو پٺاڻن ۽ افغانين وانگر پورهيت ۽ پھلوان هجڻ ڪري هنن جي عرب دنيا ۾ وڏي ڊمانڊ آهي. جيتوڻيڪ ٻاهر نوڪريون ڪرڻ ڪري پاڪستانين وانگر سوڊاني به پنھنجي ملڪ ۾ تمام گهڻو غير ملڪي ناڻو ڪمائي موڪلين ٿا، پر افسوس جو ملڪ کي هلائيندڙ حاڪمن جي ڦر لٽ ۽ ”بئڊ گورننس“ ڪري سوڊان جو عوام ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ آهي.
1956ع ۾ انگريزن هن ملڪ جي جان ڇڏي ۽ مڪاني ماڻھن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو، پر سائين سمجهو ته گورو حاڪم ويو ان کان وڌيڪ ظالم ڪارو حاڪم اچي ويو، جنھن جا ناز نخرا ۽ ملڪ جي دولت لٽڻ جا طريقا گوري انگريز کان به بدتر ثابت ٿيا آهن.
ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي نظر ٿي وجهجي ته گذريل صديءَ جي ٽئين حصي ۾ تقريبن سڀ ملڪ جيڪي انگريزن ۽ ٻين يورپي حڪومتن جي ڪنٽرول ۾ هئا سي سڀ آزاد ٿي ويا. پھرين ڳالھ ته اهي انھن ڏورانھن ملڪن جي قبضن ۾ اچڻ نه کپن ها، پر اسان جي حاڪمن پاڻھي پاڻ سان ڪئي. مثال طور انڊيا تي مغلن جي حڪومت هئي. بابر لاءِ چيو وڃي ٿو ته وڏو پھلوان مڙس هو ان بعد همايون، اڪبر، شاهجھان، اورنگزيب وغيره هندوستان تي حڪومت ڪندار هيا، پر پوءِ هن گهراڻي جا حاڪم آهستي آهستي عياش ٿي پنھنجي ۽ پنھنجي ملڪ جي بچاءُ لاءِ نوان طور طريقا قائم ڪرڻ بدران ويا حرم وڌائيندا... سندن سڄو زور رنڊيون نچائڻ، ڀنگ پيئڻ ۽ چرس تي ٿيندو ويو. عوام کي تعليم ڏئي سائنس ۽ صحت تي زور ڏيڻ بدران ويا هنن کي تڪليفون ڏيندا ۽ ٽئڪس هڻندا.. . ۽ پوءِ نادر شاهه جھڙا به آرام سان اچي ڦر لٽ ڪري، شھر ساڙي ويا ته پورچوگالي به انڌين منڊين بندوقن ۽ بارودن جي زور تي سڄي هندوستان تي قبضو ڪري ويا. ڳالهه اها آهي ته جيئن ئي حاڪمن ۽ قومن جو اخلاق ڪري ٿو ته پوءِ هو سولائيءَ سان تباهه ٿيو وڃن. اڄ اسان روئون ٿا ته آمريڪا اسان تي ظلم ٿو ڪري... جيستائين اسان اخلاقي طرح بلند هئاسين ته اسپين، فرانس ۽ پورچوگال تائين هڪ طرف ته البانيا، رومانيا ۽ بلعاريا تائين ٻئي طرف حڪومت ڪئيسين . انگريزن ته انڊيا تي فقط ٻه سئو سال حڪومت ڪئي. مسلمان عربن ته اسپين، اندلس، غرناطا، قرطبه تي ست سئو سال حڪومت ڪئي. پوءِ جڏهن اسان عوام جو خيال رکڻ ڇڏي انھن کي ڪنگال ۽ پاڻ کي چرسي بڻايو ته پورچوگالين توڙي انگريزن سڄي ننڍي کنڊ تي قبضو ڪري ورتو. آخر ۾ سنڌ تي به قبضو ڪري ورتو جو ميرن وٽ شعر و شاعري، سونيون تلوارون ۽ ڪيمخواب جا ويس وڳا ته ضرور هئا پر انڌيون منڊيون بندوقون ۽ مقابلي ڪرڻ لاءِ ٽرينڊ سولجر نه هئا. انگريزن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ماڻھو ائين ٿي گڏ ڪيا ويا جيئن ونگار لاءِ ڪٺي ڪجن. اسان جي حاڪمن کي ديبل کان جھاز موڪلي انگلينڊ جي ڪا ڪائونٽي ته فتح نه ڪرڻي هئي جو ان کي ڏکيو ڪم سمجهيو وڃي. انگلينڊ کان آيل انگريزن سان سنڌ جي اندروني علائقي ۾ مقابلو ڪرڻو هو... انھن انگريزن جو جن جي ڪرتوتن کي اسان جي سنڌ جا حاڪم سئو سالن کان پنھنجي پاڙي_ گجرات، ڪڇ، راجستان ۾ ڏسي رهيا هئا. سندن اٽڪل بازين ۽ مڪاني راڄن کي ويڙهائڻ جون ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا، پر اسان جا حاڪم پنھنجي عياشيءَ ۾ اهڙو غلطان هئا جو هنن اهو نٿي سوچيو ته اهي انگريز اڄ نه ته سڀاڻ اسان جي سنڌ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان سان ويڙهه ڪري سگهن ٿا ۽ اسان کي پنھنجي بچاءَ ۽ ڌارين حملا آورن کي موچڙو هڻڻ لاءِ ڪا پلاننگ ۽ اسٽريٽجي ٺاهڻ کپي. ڪجهه نه ڪيو ويو. پنھنجين عياشين کان ئي واندڪائي نه هئي. اسان جي هر دور جي حاڪم جي فقط اها پلاننگ رهي ته عوام بکون ڪاٽي به، پني به، پئسو هن جي حوالي ڪري ته هو پنھنجو عيش جاري رکي سگهن. اهو ئي حال ايشيا جي ٻين ملڪن ۽ آفريڪا جو هو جن تي نيٺ يورپي قابض ٿي ويا. آفريڪا جي حاڪمن، وڏيرن، ڀوتارن پنھنجن هٿن سان پنھنجا ماڻھو جانورن وانگر سوگها ڪري چند ٽڪن تي گورن کي وڪڻي ڏنا ٿي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اسان جا ملڪ گورن جو بيٺڪي راڄ بڻجي ويا ۽ اسان سوين سال گورن جي غلاميءَ ۾ هليا وياسين... مس مس گذريل صديءَ ۾ هنن ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي پچر ڇڏي ۽حڪومت پنھنجن ماڻهن کي ملي. ڇا اسان جي حاڪمن ڪو سبق سکيو؟ هرگز نه... سواءِ ملائيشيا، سنگاپور جھڙن چند ملڪن جي، باقي ملڪن جي حالت اهڙي آهي ڄڻ انگريز ويا ئي نه. گورن جي وڃڻ بعد اسان جي حاڪمن ته اهڙي ڦرلٽ، ڪرپشن ۽ نا انصافي شروع ڪئي جو هر هڪ جي وات تي اچي ويو ته ان کان ته ڌاريا حاڪم بھتر هئا. اسان جي ملڪ لاءِ به اهو ئي چيو وڃي ٿو ته افسوس قائد اعظم جلدي گذاري ويو، هن جو ملڪ ٺاهڻ جو اعليٰ ويزن هو. باقي ان بعد ڪو به بھتر حاڪم نه ملڻ ڪري اسان جو ملڪ ۽ ان جو هر ادارو تباهه ٿي ويو آهي.

ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار حاڪمن تي آهي

اسان کي 1947ع ۾ آزادي ملي. نون سالن بعد 1956ع ۾ سوڊان کي آزادي ملي. ان کان اڳ ووٽ ذريعي اسماعيل الااظھري کي سوڊان جو چونڊيل وزيراعظم بڻايو ويو. هي طريقو انگريزن پنھنجي ٻين بيٺڪي راڄن ۾ به اپنايو، جن جن کي هو آزادي ڏيندا ويا _ چاهي اسان جو ملڪ هجي يا ملائيشيا، سنگاپور.مثال طور سنگاپور جي جان ڇڏڻ کان اڳ هنن سنگاپور ۾ اليڪشن ڪرائي. ان وقت ”لِي ڪُئان يُو“ وڪيل جي PNP (پيپلس ائڪشن پارٽي) سٺي سياسي جماعت هئي، جنھن کي اتي جي ماڻھن ڪامياب بڻايو ۽ ان جو سيڪريٽري جنرل لِي ڪئان يو وزيراعظم ٿيو. ڳالھ جو مطلب اهو آهي ته جيتوڻيڪ انگريزن سنگاپور کي آزادي اڳتي هلي ٻن ٽن سالن بعد 1963ع ۾ ڏني پر ملڪ کي هلائڻ جو ڪم هنن اڳواٽ سونپي ڇڏيو. لي ڪئان يو اسان جي قائد اعظم وانگر تمام گهڻو مشھور وڪيل هو ۽ لِي ڪُئان يُو جو تعلق هڪ غريب نه پر امير چيني فئملي سان هو، جنھن جي ذاتي ملڪيت ۽ ڌنڌو ڌاڙي وڏو هو، پر پوءِ وزيراعظم ٿيڻ بعد هو وڪالتون ۽ بزنيس ڇڏي هڪ مَنو ٿي پنھنجي ملڪ ۽ عوام جي خذمت ۾ جنبي ويو. هو ايمانداري، محنت ۽ انصاف جو پاڻ ئي مثال ٿي رهيو ۽ هڪ مھاڻن جي ڳوٺ جھڙي سنگاپور ٻيٽ ۽ دو نمبري ۽ ٺڳ چيني قوم کي هن اهڙو سڌاري ڇڏيو جو دنيا ان جا مثال ٿي ڏئي ۽ اڄ سنگاپور نه فقط صفائي، سٺائي، ۽ سونھن ۾ ”مسٽر ڪلين“ آهي پر اخلاق ۾ به اعليٰ آهي. اهو ملڪ جتي 1970ع تائين به جيب ڪترن کان خيال ڪرڻو پوندو هو اتي اڄ توهان جو نوٽن سان ڀريل ٿيلھورستي تي ڪري پوي ته به مجال آهي جو ان کي ڪو کڻي وڃي، مجال آهي جو ڪو دڪاندار توهان کي نقلي شيءِ وڪڻي! نه ته 1975ع تائين به دنيا جا چور واپاري سنگاپور ۾ نقلي عطر، ميڪ اپ جو سامان، واچون ۽ ٻيو دونمبري مال وٺڻ لاءِ ايندا هئا. سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪئان يو حڪومت سنڀالڻ سان پنھنجن ٺڳ چينين کي ماڻھو بڻائي ڇڏيو ۽ آهستي آهستي ملڪ کي اهڙو سڌاري ڇڏيو جو اڄ يورپ جي يونيورسٽين کان به سنگاپور جي يونيورسٽين جي ڊگرين جو مان مٿاهون آهي. ٻيو ته ٺھيو پر اسان پاڻي جي جھازن جي، توڙي هوائي جهازن جي يورپ بدران سنگاپور مان مرمت ڪرايون ٿا جو هو وڌيڪ بھتر ۽ ايمانداري سان ڪم ڪن ٿا.
”لي ڪئان يو“ وزيراعظم ٿي واقعي ڪم ڪري ڏيکاريو، يعني هن ثابت ڪيو ته سياست عوام جي خذمت ڪرڻ جو نالو آهي. نتيجي ۾ عوام هن کي لڳاتار کٽرائيندي آئي ۽ سنگاپور کي 1963ع ۾ آزادي ملڻ بعد لي ڪئان يو جي PNP سياسي پارٽي کٽيندي آئي، ۽ اڄ تائين کٽيندي اچي. لي ڪئان يو 1992ع تائين وزيراعظم رهيو، ان بعد هن پاڻ عوام کي منٿ ميڙ ڪئي ته ”هاڻ آئون پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ مون جھڙي پوڙهي ۾ جڏهن اها ڪم جي همت ناهي ته هن کي اقتدار کان پري رهڻ کپي ۽ ڪنھن جوان ۽ قابل کي موقعو ڏجي“ ۽ سندس اهي لفظ ته ”آئون هر وقت صلاح مشورو ڏيندو رهندس، منھنجي خذمت جي ضرورت پئي ته آئون قبر مان به اٿي ايندس،“ سندس عوام لاءِ پيار ۽ ملڪ کي بھتر ڏسڻ جي عڪاسي ڪن ٿا.
سنگاپور وارو مثال فقط چند ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن ۾ رهيو. جن مان ملائيشيا ۽ ڪجهه ڪجهه انڊيا به آهي. نه ته ايشيا توڙي هيڏانھن آفريڪي ملڪن ڏي نظر ٿو ڦيريان ته انھن ملڪن جو پھريون ئي حاڪم ڪرپٽ نڪتو جنھن ملڪ کي خوشحال بڻائڻ بدران خزاني سان پنھنجا گيدا ڀريا. ۽ جي پھريون حاڪم صحيح راهه تي هلي ملڪ کي ترقي وٺرائي ڏئي رهيو هو ته ڪو ميجر، ڪرنل يا عيدي امين جھڙي اڃا به ننڍڙي رئنڪ واري فوجيءَ ملڪ تي قبضو ڪري ستيا ناس ٿي ڪري ڇڏي. ملڪ جون بئنڪون، ڪارخانا، ڪاروبار نئشنلائيز ڪري تباهي آڻي ڇڏي. هنن سرڪاري نوڪريون توڙي وڏا عهدا پنھنجن جاهل ۽ نڪمن مائٽن يا چمچن کي ٿي ڏنا، جيئن هو سندن غلام ٿي رهن ۽ جيئن ۽ جھڙي نموني سان ملڪ جي ڦرلٽ ڪرڻ چاهين هو هنن معرفت ڪري سگهن يا وڏي عمر جا مرڻ جي ڪنڌيءَ وارا وزيراعليٰ، گورنر، چيئرمين ٿي رکيا، جو هنن کان غلط ڪم ڪرائڻ سولو ٿو ٿئي ۽ جي مري ويا ته ڪاڳر ڦاٽو...! مري ويلن تي ڪھڙا ڪيس هلندا.
اسان جي ملڪ لاءِ به چون ٿا ته پھريون حاڪم لاجواب هو، جيڪو ملڪ ٺاهي ڇڏي ها پر بدقسمتي سان هن جي حياتي نه رهي. ان بعد ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو جنھن کي اسان جي ملڪ جي منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ جي قابليت هئي پر ان کي ڦاهي چاڙهي ملڪ کي گهٽو ڏنو ويو. آفريڪا جي ملڪن ڏي به نظر ڪجي ٿي ته ڪرپٽ سياستدانن پنھنجي ملڪ جي ترقيءَ جي ڀينگ ڪئي... جيڪڏهن ڪو ڀلوڙ حاڪم آيو ٿي ته ڪنھن فوجيءَ ان تي يلغار ٿي ڪئي ۽ اسان جي ايوب خان، ضياءُ الحق، يا مشرف وانگر پاڻ کي سڀ کان نيڪ ۽ قابل سياستدان سڏرائي وزيراعظم يا صدر ٿي ويٺو ٿي.
سوڊان ۾ ڏٺو وڃي ته انگريزن ان کي آزادي ڏيڻ کان اڳ سياسي پارٽيون ٺھرائي اليڪشن ڪرائي. 1952ع ۾ مصري انقلاب ۾ مصر جي بادشاهه فاروق اول کي ٽپڙ ٻڌرايا ويا. 1953ع ۾ انگريز حڪومت ۽ مصر (جن جو سوڊان تي گڏيل راڄ هو) تن سوڊانين کي خودمختيار حڪومت هلائڻ جي اجازت جو معاهدو ڪيو ۽ 1954ع ۾ ڪرايل چونڊن ۾ سيد اسماعيل الاظهري ملڪ جو پھريون وزيراعظم چونڊيو ويو. ٻن سالن بعد 1956ع ۾ سوڊان کي انگريزن ۽ مصرين طرفان آزادي ڏني وئي. اسماعيل الازهري ڪو خراب انسان يا سياستدان نه هو. هو چالاڪ يا مڪار سياستدان نه پر هڪ ڄاڻو حاڪم هو. هڪ سوڊاني قومپرست هو. سن 1900ع ۾ هن ”ام درمان ڳوٺ“ ۾ هڪ دين جي ڄاڻوءَ جي گهر ۾ جنم ورتو هو. خارطوم جي ”گورڊن ميموريل ڪاليج“ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1930 ع ۾ هن بيروت جي ”آمريڪن يونيورسٽي“ مان مئٿس ۾ گرئجوئيشن ڪئي. هينئر اسان جي ملڪ توڙي عربستان، ملائيشيا، سنگاپور ۾ هڪ کان هڪ بھتر يونيورسٽيون کلي ويون آهن نه ته 1970ع واري ڏهاڪي تائين به عرب، آفريڪا ۽ ايشيائي ڪيترن ملڪن ۾ بيروت جي هن آمريڪي يونيورسٽي کي اهم سمجهيو ويو ٿي. اسان جو جھاز جڏهن به لبنان جي بيروت يا طرابلس بندرگاهه ۾ آيو ٿي ته ڪنھن نه ڪنھن هم وطنيءَ سان ملاقات ٿي وئي ٿي، جيڪو هن يونيورسٽي ۾ پڙهيو ٿي. سنڌ جي مشهور ليکڪ ۽ اڳوڻي هوم سيڪريٽري بشير مورياڻيءَ سان به منھنجي پھريون دفعو ملاقات 1968ع ۾ هن يونيورسٽي ۾ ٿي. سو 1930 ع ۾ جڏهن سوڊان جي هن پھرين وزيراعظم اسماعيل الازهريءَ هن يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي، ان وقت ته هيءَ يونيورسٽي سڄي تَر ۾ اڃا به اهم سمجهي وئي ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته سوڊان جي اڄڪلهه هڪ نامياري يونيورسٽي الفهد يونيورسٽي جي باني يوسف بدريءَ به هن يونيورسٽيءَ ماب گريجوئيشن ڪئي هئي. ايران جو پرڏيهي وزير ۽ نيوڪليئر ايجنسي جو سربراهه علي اڪبر شاهه ۽ ايران جو ناليرو سائنٽسٽ سيد محمود علي هيسابي به بيروت جي هن يونيورسٽي جا گرئجوئيٽ آهن.
تعليم بابت لکڻ مان منھنجي مراد پنھنجن ماڻھن کي اهو احساس ڏيارڻ آهي ته آفريڪا جھڙو کنڊ جنهن کي اسان پٺتي پيل سڏيو ٿي، انجي ملڪن جي حاڪمن کي ڏٺو وڃي ته اهي به چڱا خاصا تعليم يافته نظر اچن ٿا. ان جي مقابلي ۾ اسان وٽ نه تعليم آهي ۽ نه اهوا حساس اٿئون ته تعليم هڪ ضروري شيءِ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي صوبي جا هندو وڏا پڙهيل ڳڙهيل هئا. باقي اسان جي چونڊيل مسلمان نمائندن، وزيرن، مشيرن کي ٿو ڏسجي ته اڄ به ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ انجنيئر، ڊاڪٽر يا ڪنھن عام سبجيڪٽ ۾ بيچلر هوندو. ان جي مقابلي ۾ انڊيا يا ايران جا سياستدان ڏسو، برونائي يا ملائيشيا جا ڏسو ته ڪيڏو تعليم يافته آهن.
سوڊان جو هي پھريون وزيراعظم اسماعيل الازهري مئٿيمئٽڪس جو ٽيچر ۽ اسڪول جو ائڊمنسٽريٽر به ٿي رهيو. بھرحال اسماعيل الازهري سوڊان جو پھريون وزيراعظم چونڊيو ويو ۽ ٻن سالن بعد پھرين جنوري 1956ع تي پيپلز پئلس ۾ هڪ خاص تقريب ۾ مصر ۽ انگلينڊ جا جهنڊا لاٿا ويا ۽ وزيراعظم الازهريءَ بلو ۽ پيلي رنگ جي پٽين وارو سوڊاني جهنڊو چاڙهيو.
ملڪ کي آزادي ملڻ بعد وزيراعظم کي سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو ويو ۽ ڇھن مھينن بعد جولاءِ 1956ع ۾ اسماعيل الازهريءَ پارليامينٽ کان استعيفيٰ ڏني ۽ سوڊان تي فوجي حڪومت قبضو ڪيو. فوجي حڪومت سوڊان سان اهو ئي حشر ڪيو جيڪو عيدي امين يوگنڊا سان ڪيو يا جيڪو آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ فوجين ڪيو. ملڪ ۾ گوڙ وڳوڙ، خاص ڪري شاگردن جي هڙتالن آخر 1964ع ۾ فوجي حاڪمن کي لاٿو. هاڻ جمھوريت کي بحال ڪرڻ لاءِ صدر لاءِ 1965ع ۾ چونڊ ڪئي وئي ۽ هڪ دفعو وري اسماعيل الازهري صدر ٿي ويو. هو 1969ع تائين صدر رهيو پر آئين مطابق صدر کي ڪي به اختيار نه هئا، جو هو ڪجهه ڪري سگهي. سڀ اختيار وزيراعظم جي هٿ ۾ هئا، ڪرنل نميريءَ انقلاب آڻي شھري حڪومت ختم ڪري پاڻ ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويھي رهيو. ڪجهه مھينن بعد آگسٽ 1969ع ۾ اسماعيل الازهري گذاري ويو.
ڪرنل نميريءَ حڪومت جون واڳون وٺڻ سان ملڪ جي هر شيءِ نيشنلائيزڊ ڪئي. بئنڪون، ڪارخانا، فئڪٽريون وغيره. امه پارٽي جي ماڻھن سندس مخالفت ڪئي ته ابو نالي ٻيٽ تي جتي هن سياسي پارٽيءَ جي ماڻھن جي گهڻائي هئي، 1970ع ۾ نميريءَ بمبارڊمينٽ ڪرائي ڪئين هزار ماڻھو مارائي ڇڏيا ۽ پوءِ ٻئي سال 1971ع ۾ ريفرنڊم ڪرائي پاڻ کي ملڪ جو صدر بڻايو. 1973ع ۾ نئون آئين تيار ڪرائي ان ۾ صدر جا تمام گهڻا پاور رکرايا.
انھن ڏينھن ۾ ان قسم جون غيرقانوني حڪومتون ٽوڙي سريلنڪا ۽ يمن جھڙا ملڪ سوويت جي ڪميونسٽ نظام مان ڏاڍو متاثر هئا. روس هنن جي مدد به ڪندو هو... اها ٻي ڳالھ آهي ته پنھنجي عوام جي خوشحاليءَ جي سلسلي ۾ روس جي پنھنجي به حالت خراب هئي، جن بابت مون انھن ڏينھن وارن روس جي سفرنامن ۾ لکيو ته پڙهندڙن کي حيرت ٿي هئي. بھرحال نميري جو ڪميونسٽ دنيا سان عشق جلد ختم ٿي ويو، جڏهن سندس فوج جي ڪميونسٽ سپاهين سندس تختو ٿي الٽو ڪيو. ڪنھن طريقي سان بچي ويو! يعني اهو به اسان جھڙن ملڪن لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته ايماندار ٿي رهڻ ۽ محنت ڪري ملڪ جي خوشحالي آڻڻ بدران بس ڪشتو کڻي ماسڪو يا واشنگٽن پھچڻ ضروري آهي يا وري ڀر وارن عرب امير ملڪن کي اسلام جا واسطا ڏئي امداد / خيرات گهرڻ ضروري آهي! هونءَ ڪرنل نميريءَ لاءِ لکندو هلان ته هو عيدي امين وانگر گهٽ تعيم يافته ۽ ڄٽ نه هو. سڄو نالو جعفر محمد نميري هوس. 1930ع ۾ قاهري ۾ ڄائو، جڏهن مصر تي انگريزن جي حڪومت هئي. سندس پيءُ ٽپالي (پوسٽ مئن) هو. سندس پڙ ڏاڏي يا تڙ ڏاڏي لاءِ چيو وڃي ٿو ته نميري قبيلي جو سردار هو. بھرحال پاڻ ان وقت جي اعليٰ اسڪول هنتوب مان تعليم حاصل ڪيائين،جيڪو برٽش اسٽائيل جو بورڊنگ اسڪول هو، جنھن ۾ ملڪ جي فقط وڏن ماڻھن ۽ انگريزن جي ٻارن کي داخلا ملي ٿي، جيئن لاهور ۾ ايڇيسين ڪاليج هو. 1948ع ۾ انگريز حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ ڪري کيس عارضي طور اسڪول مان ڪڍي به ڇڏيو هئائون.
1952ع ۾ نميريءَ سوڊان ملٽري ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي، جتي جمال عبدالناصر جي تحريڪ هن کي متاثر ڪيو، جنھن تحريڪ ذريعي جمال ناصر ان ئي سال مصر جي فاروق بادشاهه مان جند ڇڏرائي. ملٽري ڪاليج مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد نميريءَ ”خارطوم گئريشن“ ۾ ڀرتي ٿيو. 1966ع ۾ نميريءَ ”يو ايس آرمي ڪمانڊ ڪاليج“ آمريڪا مان گرئجوئيشن ڪئي. هي ڪاليج آمريڪا جي ڪنساس رياست جي ”فورٽ ليون ورٿ“ شھر ۾ آهي.
نميري حڪومت ۾ هڪ ٻيو ملٽري ڪُو (Coup) 1975ع ۾ به ٿيو. فوج جي برگيڊيئر حسن حسين عثمان هن کي مارڻ ٿي چاهيو پر نميريءَ جو بچاءُ ٿي ويو. برگيڊيئر عثمان زخمي ٿي پيو، سندس ڪورٽ مارشل ٿيو ۽ کيس ڦاهي ڏني وئي. آفريڪا جي، يا کڻيچئجي ته اسان جھڙن پٺتي پيل ملڪن جي،بدبختي اها آهي ته اهڙن ملڪن جا حاڪم پنھنجي عوام جي سک جو سوچڻ ۽ انھن مٿان ملڪ جو خزانو خرچڻ بدران ٻين ملڪن جو سک چين چٽ ڪرڻ لاءِ کوس ڦٽائين ۾ لڳا رهن ٿا. قذافيءَ جو ئي کڻي مثال وٺو. پنھنجي عياشي ۽ مشھوريءَ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيائين، پوءِ آخر ۾ عيدي امين، شھنشاهه ايران، يا عراق جي سادام وانگر خوار خراب ٿي ويو، پر جيستائين قدرت طرفان کين تيل ۽ حڪومتن جون واڳون هيون ته هنن نه غريب عوام سان انصاف ڪيو نه انھن جي ڀلي جو سوچيو.
سوڊان ۾ ڪھڙي به حڪومت هئي پر فوجي ڊڪٽيٽر هلائي ته پئي. هن مغربي ملڪن جي معرفت پنھنجي ملڪ ۾ تيل جي ڳولا به ڪري ورتي . هن کي پنھنجي حال تي ڇڏي ڏيڻ بدران، ڀر واري ملڪ لبيا جو قذافي هن جي خلاف ماڻھو ڀڙڪائيندو رهيو. ڪرنل نميريءَ 1975ع ۾ هڪ ڪُو (Coup) کي منھن ڏنو ته ٻئي سال 1976ع ۾ صادق المھدي جي اڳواڻيءَ ۾ هزار کن دهشتگردن نميري جي حڪومت ڊاهڻ لاءِ سندس گاديءَ واري شھر خارطوم ۾ گوريلا جنگ شروع ڪري ڏني. هنن دهشتگردن کي لبيا ۾ تربيت ڏئي ”متن المس سارا“ بارڊر وٽان سوڊان ۾ داخل ڪيو ويو هو. دارفر ۽ ڪوردو فان وارا علائقا لتاڙي هو خارطوم ۾ داخل ٿيا ۽ گهر گهر ۾ گهڙي قتل عام ڪرڻ لڳا. هڪ طرف 3000 کن معصوم جانيون هليون ويون ٻئي طرف سوڊانين کي معمر قذافِيءَ لاءِ سخت نفرت ٿي پئي، جيڪا آخر تائين هلندي رهي. يعني ڏٺو وڃي ته ٻه پاڙيسري مسلمان ملڪ هڪ ٻئي سامھون ٺھي هلڻ بدران هڪ ٻئي کي تباهه ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا.
صادق المھدي جي هن حملي ۾ نميري جي حڪومت تِر تان بچي وئي. 89 ڄڻا جيڪي هن پلاٽ ۾ شامل هئا، انھن کي ٽنگيو ويو. هونءَ 1976ع اهو سال آهي جنھن ۾ سوڊان پئسي ڏوڪڙ ۾ وڏي ترقي ڪئي. مصر وانگر سوڊان جو به اهم فصل ڪپهه آهي، ان جو اگهه چڙهڻ تي سوڊان خوب ڪمايو ۽ دنيا جو امير ترين ملڪ ٿي پيو. 1977ع ۾ صادق المھدي (جيڪو ملڪ کان ٻاهر ٿي رهيو) ۽ ڪرنل نميري جيوچ ۾ قومي مفاهمت ٿي ۽ صادق المھدي جي سياسي جماعت (ڊيموڪريٽڪ يونين پارٽي) کي ليجسليچر ۾ شامل ڪيو ويو. هن اسلامي مفاهمت تي ڏکڻ سوڊاني (جيڪي عيسائي ۽ مقامي ڪارا شيدي آهن) اتر سوڊان وارن سان ناراض ٿيا ۽ اها ناراضگي وڌندي رهي تان جو 2011ع ۾ سوڊان ٻن حصن ۽ ٻن ملڪن ۾ ورهائجي ويو.
1985ع ۾ پنَ لاءِ ڪِشتو کڻي نميري سرڪار ٽوئر تي، جڏهن آمريڪا پھتو ته پٺيان بچاءَ واري وزير جنرل عبدالرحمان سندس حڪومت جو تختو ڊاهي رکيو. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڏهه سال اڳ سوڊان جيڪو دنيا جي امير ملڪن مان هو، ان جي اها حالت وڃي ٿي ته سرڪاري آفيسرن کي پگهار ڏيڻ لاءِ به خزاني ۾ پئسو نه هو ۽ آمريڪا کان امداد- يعني خيرات وٺڻ ضروري ٿي پيو. ڏٺو وڃي ته هر اهڙي ملڪ جا حاڪم پنھنجي شراب ڪواب ۽ عيش عشرت تي گهٽتائي نٿا آڻين، بلڪه عوام جو پئسو به چٽ ڪري پوءِ انھن جي تعليم ۽ علاج جي لاءِ آمريڪا ۽ يورپ اڳيان هٿ ٽنگيو بيھو رهن. ڪيترا ته ان خيرات جي پئسي مان به غريبن کي ڏيڻ بدران پنھنجي لاءِ محل ۽ ماڙيون اڏين ٿا. ان ڦرلٽ ۾ اسان جا NGOS وارا به اچيو وڃن ٿا.
ڪرنل نميريءَ کي ملڪ کان ٻاهر رکي نئين فوجي جنرل عبدالرحمان اليڪشن ضرور ڪرائي، جنھن ۾ صادق المھدي، جنھن 1970ع ۾ نميري خلاف بغاوت ڪرائي، ان جي سياسي پارٽي اليڪشن کٽي وئي، ۽ پاڻ سوڊان جو وزيراعظم ٿيو.
اسان جو جن سالن ۾ سوڊان وڃڻ ٿيندو رهيو انھن ڏينھن ۾ ڪرنل نميري ملڪ جو والي وارث هو ۽ انھن ڏينھن ۾ سوڊان ۾ تيل جي ڳولا جي مھم زور تي هئي، پر پوءِ نميري جي آخري سالن ۾ سوڊان جي حالت خراب ٿي وئي، جنھن جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته سوڊاني پائونڊ جي 80 سيڪڙو قيمت ڪري پئي! ان جو اهم سبب ملڪ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ مھانگائي چيو وڃي ٿو.
نميري جڏهن آمريڪا ويو ۽ سندس فوجي وزير تختو اونڌو ڪيو ۽ سندس سوڊان ۾ گهڙڻ تي پابندي لڳائي وئي ته سڀني چيو ته نميريءَ جو گهرگهاٽ ته خارطوم ۾ رهجي ويو، هاڻ پرديس ۾ هو ڪنھن وٽ رهندو ۽ پيٽ گذر ڪيئن ڪندو. پر سائين اسان جي ايشيائي ۽ آفريڪي حڪمرانن جو دماغ ڪم ڪري ٿو. جيئن ملڪ مان نيڪاليءَ تي عيدي امين جدي ۾ شاهي زندگي گذاري تيئن سوڊان جو هي فوجي حاڪم نميري قاهري (مصر) ۾ رهي پيو، جتي هن اڳواڻ پنھنجا محل محلات ٺھرائي پئسو ٿمي ڇڏيو هو. 1985ع کان 1999ع تائين نميري قاهري جي هڪ مھانگي علائقي ۾ موجود وِلا ۾ رهيو. بھرحال اسان جي اڄ جي عوام کي سوشل ميڊيا ذريعي اها آئيڊيا آهي ته اسان جي حاڪمن جا ڪٿي ڪٿي محل آهن ۽ انھن اهي ڇو ٺھرائي رکيا آهن.
1999ع ۾ نميري صدر جي اليڪشن وڙهڻ لاءِ سوڊان پھتو. سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. اها ڳالهه اسان وٽ به عام آهي. ڪنھن ڪرپٽ سياسي يا فوجي حاڪم مان جان ڇٽندي ته خوشيءَ ۾ مٺائيون ورهائينداسين. پر پوءِ ڪجهه سالن بعد هن کي ياد ڪنداسين. ڇو جو هن جي جاءِ تي نئون آيل حاڪم هن کان وڌيڪ ٻائيتال مچائي رکي ٿو ۽ هرهڪ جي وات تي اهو ئي اچي ٿو ته هن کان ته هو پھرين وارو بھتر هو. نميري وري اليڪشن وڙهي پر ڪامياب نه ٿيو. عمر البشير سوڊان جو صدر ٿيو. ڏهن سالن بعد 2009ع ۾ نميري پنھنجي شھر ”ام درمان“ ۾ وفات ڪئي.
اڄڪلهه خارطوم بعد ”ام درمان“ سوڊان جو وڏو شھر آهي. اهو نيل ندي جي الهندي (کاٻي) ڪپ تي آهي ۽ ساڄي تي خارطوم آهي. ام درمان اڄ هڪ تاريخي شھر پڻ آهي. محمد احمد بن عبدالله جنھن 1881ع ۾ پنھنجو پاڻ کي مھدي سڏرايو، ان پنھنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ هن ڳوٺ ۾ پنھنجو مليٽري هيڊڪوارٽر ٺاهيو۽ 15 سال انگريزن کي پير ڄمائڻ کان روڪيندو رهيو. هيءَ لڙائي سوڊان جي تاريخ ۾ Mahdist war مشھور آهي. 1885ع ۾ سندس وفات بعد سندس گادي نشين ”ام درمان“ کي سوڊان جي گادي جو شھر ٺاهيو. ام درمان عربي جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ ”درمان جي ماءُ“ آهي، پر ان کان ڪو واقف ناهي ته اها عورت ڪير هئي، جنھن تان هن ڳوٺ جو نالو پيو.
محمد احمد بن عبدالله نه فقط پاڻ کي مھدي سڏرايو پر پنھنجا پوئلڳ ٺاهيا، جيڪي انصار سڏبا هئا ۽ مھدي مٿان جان ڏيڻ لاءِ تيار رهندا هئا. يعني انصار هن جا مددگار هئا. هنن کي انگريز درويش سڏيندا هئا. اهو ته پھرين به لکي چڪو آهيان ته مھديءَ جي هنن مريدن (درويشن) پنھنجن حاڪمن انگريزن ۽ مصرين سان اهڙي ڪئي جو هو جان بچائڻ ۾ لڳي ويا. انگريز سرڪار 1884ع ۾ جنرل گارڊن کي خارطوم موڪليو ته ڪا ٽَل سَل ڪري مصرين ۽ انگريزن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍي پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. مھدي جي مددگارن (درويشن) جنرل گورڊن جي لاش جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳجهن ۽ سرڻن کي کارائي منڍيءَ کي وڻ تي ٽنگي ڇڏيو، جنھن کي ٻارڀتر هڻندا رهيا. مھدي 1885ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مقبرو ام درمان شھر ۾ ٺاهيو ويو. بعد ۾ جڏهن سندس گادي نشين “خليفا” حاڪم ٿيو ته انگريز حڪومت طرفان 1898ع ۾ جنرل ڪچنر موڪليو ويو، جنھن نه فقط خليفا کي شڪست ڏني پر مھدي جو لاش قبر مان ڪڍي هن جي مُنڍي (Head) پاڻ وٽ رکيو ۽ هڏا نيل نديءَ ۾ وهائي ڇڏيا. جنرل ڪچنر جي هيءَ جنگ فقط 5 ڪلاڪ هلي. مھديءَ جا پوئلڳ فوجي تربيت ۽ بندوق بارودن کان خالي هئا. سو نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو اڌ صدي اڳ مياڻي جي جنگ ۾ سر چارلس نيپيئر ۽ ميرن جي سپاهين جي وچ ۾ نڪتو هو. جيتوڻيڪ ڪچنر جي لشڪر ۾ ٻه ٽي هزار سپاهي مس هئا ۽ هوڏانهن 52000 سوڊاني هئا پر کين ڪو ماڊرن هٿيار نه هجڻ ڪري هو ڀڳڙن وانگر ڀڄندا رهيا ۽ پنجن ڪلاڪن ۾ ڏه هزار ماڻھو مري ويا ۽ ڪئين هزار زخمي ٿيا. هوڏانھن انگريزن جا فقط 48 برٽش سپاهي قتل ٿيا.
جنگ کٽڻ بعد جنرل ڪچنر مھديءَ جي مقبري جي کوٽائي جو آرڊر ڏنو ۽ سَروِنسٽن چرچل جي لفظن ۾:
Carried off Mahdis head in a kerosenecan as a trophy.
(ڪچنر مھدي جي لاش جي منڍي گاسليٽ جي دٻي ۾ ائين پاڻ سان کنئين ڄڻ ڪا ٽرافي (ايوارڊ) هجي).
هتي اهو به لکندو هلان ته پاڻ کي ”مھدي“ سڏائڻ واري محمد احمد بن عبدالله سوڊان ۾ حڪومت ٺاهڻ سان ملڪ ۾ اسلامي قانون آندو جنھن ۾ ڪجهه تبديليون پڻ ڪيائين. هن جي مطابق هر مسلمان کي هن سان وفادار ٿي رهڻ ايمان جو حصو آهي. اسلام جي پنج رڪنن مان ”حج“ ڪڍي ”جھاد“ رکيو. هن پراڻا اسلامي ڪتاب سڀ ساڙائي ڇڏيا ۽ توبهه نعوذ بالله ڪلمي ۾ هي سٽون وڌايون ته ”محمد احمد“ الله جو مھدي ۽ حضرت محمد صلعم جو نمائندو آهي....
مھديءَ جي اهڙن ڪمن ڪري سوڊان جو صحيح قسم جو مذهبي طبقو کيس سٺو نٿو سجهي. ساڳي وقت سندس مريد به انيڪ نظر اچن ٿا... جيئن اسان وٽ به هر قسم جي نقلي پير جا به جام مريد ٿين ٿا. دين جي صحيح تعليم هڪ طرف ناهي ته ايمان جي ڪمزوري ٻي طرف آهي. اڄ به دنيا جي ٽي وي تي خبر پئي هلي ته سرگوڌا ۾ ڪنھن نقلي پير پنھنجي ويهه کن مريدن کي زهريلي چانھه پياري ماري ڇڏيو.
سوڊان جي هن هٿ ٺوڪي مھديءَ تي گذريل 130 کن سالن ۾ ڪيترائي ناول، فلمون ۽ ٽي وي سيريل ٺھي چڪيو آهن. انھن مان هڪ 1912 جو تمام مشھور ناول: In Desert and Wilderness آهي، جيڪو پولينڊ جي نوبل پرائيز کٽڻ واري ليکڪ هينري سنڪي وز (Henry Sienkiewicy) جو آهي. جنھن ناول جي آڌار تي ٻه دفعا فلمون به ٺھي چڪيون آهن. هڪ 1973ع ۾ ۽ ٻي 2001 ۾. هن ناول جي دلچسپ پلاٽ بابت اڳتي هلي ٿا احوال ڪريون.
”ان ڊيزرٽ ائنڊ وِلڊرنيس“ فلم کان سواءِ هڪ ٻي ”خارطوم“ نالي 1966 جي فلم آهي، جنھن ۾ سوڊان جي پنھنجو پاڻ کي مھدي سڏرائڻ واري محمد احمد بن عبدالله (1885_1844ع) جي زندگي جو احوال آهي. هن فلم ۾ مھدي ان وقت جو مشھور آمريڪن ائڪٽر ”لارينس اوليور“ ٿيو هو. هي ائڪٽر 82 ورهين جي ڄمار ۾ 1989ع ۾ گذاري ويو پر اسان جي ڪاليج ۽ جھاز جي نوڪري وارن ڏينھن ۾ گهڻن جو دلپسند ائڪٽر هو ۽ سندس ڪيتريون ئي فلمون حيدرآباد جي صدر واري سئنيما مئجسٽڪ ۽ ڪراچي جي بامبينو ۽ اسڪالا ۾ ڏٺيونسين، جيئن ته :ودرنگ هائيٽس، ريبيڪا، دي بئائز فرام برازيل (1978)، دي مون ائنڊ سڪس پينس، ڪئٽ آن اي هاٽ ٽِن روف (1976ع) ، دي بائنٽي (1984)، ڊراڪولا (1979)، وغيره. خارطوم نالي 1966ع واري فلم ۾ انگريز فوجي جنرل گورڊن جو جيڪو حشر سوڊان جي هن مھدي جي مريدن (انصار/درويشن) ڪيو، اهو ڏيکاريو ويو آهي. ڏسڻ جھڙي فلم آهي. ٿي سگهي ٿو هيءَ فلم Net يا يوٽيوب تي هجي.
سوڊان جي هن مھدي جي زندگي بابت ٻين به ڪيترين فلمن ۾ چيو وڃي ٿو، جيئن Dad’s Army ٽاپي ٽروي، دي فور فيڊرس وغيره. هينئر هڪ تازو ناول 2008ع جو After Omdurman (آفٽر ام درمان) جان فيري جو لکيل آهي، جنھن ۾ جنرل ڪچنر جي سوڀ ۽ مھدي جي جانشين ”خليفا“ جي شڪست جو احوال آهي. اهڙي طرح ولبر سمٿ جي ناول The Triumph of the Sun ۾ مھديءَ جي خارطوم تي حملي ۽ سوڀ بابت احوال آهي.
سوڊان جو اڄ جو مھدي جانشين ۽ سياسي ليڊر ”صادق المھدي“ سيد عبدالرحمان جو پوٽو آهي، جنھن سوڊان ۾ امھ سياسي پارٽيءَ جو بنياد رکيو ۽ صادق المھدي سوڊان جي وڏي مھدي محمد احمد بن عبدالله جنھن جي لشڪر انگريز جنرل گورڊن جو قتل ڪيو، جو پڙ پوٽو يا تڙ پوٽو آهي.
صادق المھدي 1935ع ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ام درمان ۾ ڄائو ۽ ٻه دفعا وزيراعظم ٿيو. هڪ دفعي 1966ع کان 1967ع تائين ۽ ٻيو 1986ع کان 1989ع تائين. پاڻ امھ پارٽي جو سربراهه ۽ انصار جو امام آهي. سندس وزيراعظم جو ٻيو دور اڃا مڪمل نه ٿيو هو ته فوج جي هڪ ڪرنل عمر البشير هن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ”وزيراعظم“ جي پوسٽ ئي ختم ڪري ڇڏي. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته سوڊان جھڙا ملڪ جيڪي قدرتي وسيلن سان به مالا مال آهن، اهي ترقي ڇو نٿا ڪن؟ اهو ان ڪري جو هڪ ته ڪرپٽ حاڪمن جو راڄ رهي ٿو ۽ وري ڪو سياسي ليڊر ڪجهه چڱا ڪم ڪرڻ لڳي ٿو ته فوج جو ڪو ڪرنل، برگيڊيئر يا جنرل اوچتو نموندار ٿي هن کي لاهي پاڻ حاڪم ۽ رياست جو چئمپين ٿيو وڃي. جيئن هينئر صادق المھدي جي هلندڙ حڪومت کي ڊاهي ڪرنل عمر البشير ملڪ جو والي وارث ٿي ويھي رهيو آهي. جيتوڻيڪ صادق المھدي نه فقط دين جو ڄاڻو هو پر ماڊرن تعليم جو به. پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلينڊ مان فلاسافي ۽ ايڪنامڪس ۾ B.Sc ڪئي ۽ ساڳي يونيورسٽي مان پوليٽڪس ۾ M.Sc ڪئي. صادق المھدي ڪيترن ئي مذهبي ۽ سياسي ڪتابن جو ليکڪ آهي، جيئن ته :
The Southern Question (1964)
Speeches in Exile. (1976)
Question on Mahdism (1979)
Democracy in Sudan: Will Return and Triumph (1990)
Challenges of Nineties (1991). وغيره وغيره.
عوام طرفان چونڊيل، پڙهيل لکيل وزيراعظم صادق المھديءَ جي ته سندس ٽرم کان اڳ ٿي ڇٽي. فوجي آفيسر ڪرنل عمر البشير ڏنڊي جي زور تي سوڊان جو حاڪم ٿي ويٺو. کل جي ڳالهه اها آهي ته سوڊان هجي يا يوگنڊا يا آفريڪا جو ٻيو ملڪ يا اسان جي ايشيائي ڪنھن ملڪ ۾ سياسي حڪومت کي ڪيرائي جڏهن ڪو فوجي حاڪم ٿي ٿو وهي ته هو ان کي انقلاب ٿو سڏي ۽ وڏي فخر سان اهو ئي چوي ٿو ته مون Bloodless Coupآندو يعني بنا ڪنھن قتل جي انقلاب آندو! سائين غريب ماڻھو ته سياسي ٺڳ حاڪمن کان به پيا ڊڄن، اهي ڪھڙي فوجي ڪرنل جرنل سان مھاڏو اٽڪائيندا. اهو ئي حال سوڊان جو آهي. نئون آيل فوجي ڊڪٽيٽر جتي ڪٿي ملڪ جي ترقيءَ جي نالي ۾ اهي اهي تبديليون آڻي ٿو جيڪي کيس سولائي پھچائين ٿيون ۽ ملڪ جو ٻيڙو ٻڏيو وڃي. احتجاج ۾ عوام ته ڇا ٻڙڪ ڪڇندو جوڊيشري به ماٺ ٿيو وڃي ۽ اسان جا ماڻھو ته اهڙن مثالن کان چڱي طرح واقف آهن. ايندڙ ڊڪٽيٽر ملڪ جو آئين ئي بدلايو ڇڏي. هن ڪرنل عمر به سوڊان تي قبضو ڪري چونڊيل وزيراعظم کي ته ڌڪا ڏئي لاهي ڇڏيو پر سموريون سياسي پارٽيون ختم ڪري ڇڏيون ۽ عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ ظاهري طرح اسلامي قانون لاڳو ڪرڻ جي خوشخبري ڏني. پوءِ جڏهن ٺھي ٺڪي ڪرسيءَ تي ويٺو ته پنھنجي سيٽ مضبوط ڪرڻ لاءِ فوج ۽ سول جي اعليٰ عملدارن کي لاهڻ يا مارڻ لڳو، اخبارون بند ڪرڻ لڳو ۽ اهم جرنلسٽن ۽ سياستدانن کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو. مجال آهي جو ڪو سندس خلاف ٻڙڪ به ڪڇي. چئن سالن بعد 1993ع ۾ ڪرنل صاحب پنھنجو پاڻ کي ملڪ جو صدر بڻايو، اهو ئي جيڪو اسان وٽ به ٿيندو رهيو آهي. هن نه فقط پاڻ کي صدر بڻايو پر ملڪ جا اهي انتظامي (Executive) ۽ قانون ٺاهڻ جا اختيار (Legislative) پنھنجي هٿ ۾ رکيا. در اصل انگريزن ۽ يورپين اسان جي ملڪن کي لٽڻ ڦرڻ ڇڏي انھن کي اسان جي حوالي ڪيو ته جيئن اسين ملڪ کي ۽ پنھنجو پاڻ کي خوشحال ڪريون، پر پوءِ جتي ايماندار سياستدان رهيا، ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر، اتي خوشحالي آئي باقي جتي ٺڳ قسم جا سياستدان آيا اتي هنن فوجين کي مجبور ڪيو يا هرکايو ته اچو اچي ڦر لٽ ڪيو. سو هتي سوڊان ۾ ڪرنل عمر البشير حاڪم ٿي ويھي رهيو ۽ لڳاتار ٽي دفعا صدارت جي چونڊ کٽيائين. ڪيئن نه کٽيندو؟ ڪنھن جي ڪهڙي مجال جو هن کي ڪو ووٽ نه ڏئي. ڪرنل عمرالبشير جنھن پنھنجي فوجي رئنڪ به نٿي ڇڏي ۽ هاڻ ڪرنل مان برگيڊيئر ٿي ويو ، ايڏي وڏي پئماني تي مار ماران (Mass Killing) ريپ ۽ ظلم ڪيا_ خاص ڪري الھندي صوبي دارفر جي ماڻھن سان جو ڏوهارين جي بين الاقوامي ڪورٽ هن تي 2009ع ۾ ڪيس ڪيا ۽ هن جي ڪري سڄو سوڊان بدنام ٿي ويو. پاڻ ته چوي ٿو ته مون دارفر ۾ فقط 10 هزار ماڻھو ماريا پر ٻيا ذريعا اهو ئي چون ٿا ته ٻن کان چئن لکن تائين ماڻھن جو قتل ٿيو. بين الاقوامي ڪورٽ 2010ع ۾ هڪ دفعو وري عمر البشير جي خلاف قتل عام وارنٽ موڪليو.
عمر البشير 1944ع ۾ خارطوم جي اتراهين علائقي ”هوش بناگا“ ۾ ڄائو. سندس وڏا عربستان مان سوڊان آيا هئا. بنيادي تعليم خارطوم ۾ وٺڻ بعد عمر 1960ع ۾ سوڊاني فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ان بعد مصر جي مليٽري اڪيڊمي مان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ بعد 1966ع ۾ هڪ دفعو وري خارطوم جي ”سوڊان مليٽري اڪيڊميءَ“ مان گريجوئيشن ڪئي ۽ آرمي ۾ پئراٽروپر جي برانچ ۾ رهيو. جيئن اسان جو فوجي صدر مشرف ڪمانڊو هو ۽ هر وقت چوندو هو ته ”مين ڪمانڊو هون.“ اهڙي طرح هن سوڊاني فوجي صدر جو به ”پئراٽروپر“ هجڻ تي وڏو ناز آهي. بھرحال گذريل 28 سالن کان عمر البشير سوڊان جو صدر ٿيو ويٺو آهي. انھي دوران سوڊان جا ٻه حصا به ٿي ويا. 2011ع ۾ ريفرنڊم ڪرايو ويو جنھن ۾ 98 سيڪڙو ڏکڻ سوڊانين الڳ رهڻ چاهيو ۽ سوڊان جو ڏاکڻو حصو الڳ ٿي ويو جنھن جو نئون نالو ”ڏکڻ سوڊان“ رکيو ويو. باقي اتر واري حصي جو ساڳيو نالو ”سوڊان“ آهي ۽ اتر وارو سوڊان اڃا فوجي آفيسر برگيڊيئر عمر البشير جي چنبي ۾ آهي. بقول هڪ سوڊاني دوست جي ته ”پاڪستاني وري به خوش نصيب آهن جو انھن جي ملڪ ۾ ڪو فوجي ڊڪٽيٽر اچي ٿو ته ڏهه سال کن مس ٿو رهي ۽ اهو وري به اهڙو ظالم نٿو رهي ۽ ملڪ جي سويلين حاڪم کان وڌيڪ ترقي ڪرائي ٿو.“
28 سال سوڊان جو حاڪم رهڻ بعد به عمر جي دل ڀري ناهي جو کڻي ڪنھن نوجوان سياستدان کي حڪومت جو موقعو ڏئي. عمر البشير ڪو ننڍو ناهي منھنجي عمر جو آهي، بلڪه مون کان به سال کن وڏو آهي. بقول مھاتير ۽ “لي ڪئان يو” جي 65 سالن بعد سياستدان کي حڪومت ڪرڻ بدران صلاحڪار ٿي رهڻ کپي. عمر البشير هن وقت 75 سالن جو آهي. هن عمر ۾ هو ذهني يا جسماني طرح ملڪ ۽ عوام جي ڪھڙي خذمت ڪري سگهي ٿو... پر پاور اهڙي شيءِ آهي جنھن کي ڇڏڻ تي هن جي دل نٿي چوي. بلڊ پريشر، ڊائبٽيز، دل جي عارضي، ڪولسٽرول ۽ ٻين بيمارين جي باوجود هو پاور کي چھٽيو پيو آهي.

سوڊان جا ٻه ٽڪرا ٿيڻ

سوڊان در اصل سمجهو ته پنجاب جي اتر ۽ ڏکڻ وانگر آهي، جيئن پنجاب جي اتراهين حصي ۾ صوبي جي گاديءَ جو شھر لاهور آهي تيئن سوڊان جي گادي جو شھر خارطوم به اتر واري حصي ۾ آهي. پنجاب جي اتراهين حصي ۾ پنجابي ڳالھائي وڃي ٿي ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ سرائيڪي. اهڙي طرح سوڊان جي اتر ۾ عربي ۽ ڏکڻ ۾ انگريزي آهي. پنجاب ۾ هڪ ئي مذهب ۽ ڪلچر آهي ۽ ماڻهن جي هڪ ٻئي سان شڪوه شڪايت آهي ته معمولي حد تائين پر هيڏانھن سوڊان ۾ ايتري قدر اختلاف رهيو جو سالن جا سال هڪ ٻئي سان جهڳڙا هلندا رهيا. اتر سوڊان ۾ صدين کان عربن جو اثر رسوخ رهيو ۽ ڪيترن جو نسل عربن سان وابسته آهي ۽ عربي هلي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها نج عربي نٿي ڳالھائي وڃي، جيڪا مڪي ۽ مديني ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. اتر سوڊان ۾ گهڻائي مسلمانن جي آهي ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ اصلي ڪارا آفريڪن ۽ انھن جو اولاد رهي ٿو. اهم ٻولي انگريزي آهي ۽ ٿورا ڪي مسلمان آهن باقي ٻيا عيسائي يا جانورن جي پوڄا ڪرڻ وارا آهن. شروع کان سوڊان جا حاڪم اتر سوڊان جا عرب نسل جا رهيا ٿي ۽ هنن جيڪا ٿوري گهڻي ترقي ڪرائي ٿي اها اتر سوڊان ۾، ڏکڻ سوڊان جا رهاڪو هر وقت ڌڪار جي نگاهه سان ڏٺا ويا ٿي. نتيجي ۾ ”تنگ آمد به جنگ آمد“ وارو قصو ٿي پيو. مغرب جي دنيا به ڏکڻ سوڊان ۾ ٿيندڙ ظلمن جي پت وائکي ڪئي ۽ اتي جي ماڻھن جو پاسو کڻي سوڊاني حاڪمن تي دٻاءُ وڌو. نيٺ 2011 ۾ ڏکڻ سوڊان جي ماڻھن ريفرنڊم ۾ اتر سوڊان کان ڌار رهڻ لاءِ ووٽ ڏنو. ڏکڻ سوڊان هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت سان نقشي تي آيو ۽ يونائٽيڊ نيشن جو ميمبر ملڪ ٿيو. ڏکڻ سوڊان جا ماڻھو هاڻ سائوٿ سوڊاني سڏجن ٿا ۽ ڪرنسي نوٽ سائوٿ سوڊاني پائونڊ سڏجن ٿا. ڏکڻ سوڊان پکيڙ توڙي آدمشماريءَ ۾ سوڊان (يعني اتر واري سوڊان) کان ننڍو آهي. اتر سوڊان جي پکيڙ 1.9 ملين چورس ڪلوميٽر آهي۽ ڏکڻ سوڊان جي 0.6 ملين چورس ميٽر آهي. يعني اتر سوڊان جي ٽئين حصي جيترو آهي. اتر سوڊان جي آدمشماري 37 ملين آهي ته ڏکڻ سوڊان جي 11 ملين آهي. اتر سوڊان جي گاديءَ جو شھر ساڳيو خارطوم آهي. ڏکڻ سوڊان جو جُوبا (Juba) آهي. جوبا ڪو وڏو شھر ناهي سندس آدمشماري 3 لک آهي. سطح سمنڊ کان مٿي هجڻ ڪري ڪينيا جي گادي واري شھر نئروبي ۽ اسان جي ڪوئٽا وانگر ٿڌڪار وارو شھر آهي نه ته هيڏانھن سخت گرمي رهي ٿي.
ڏکڻ سوڊان الڳ ٿيڻ تي ان جو صدر سالوِيا ڪِيئر (Salva Kiir Mayardit) ٿيو جيڪو يڪي سوڊان جي ڏينھن ۾ 2005 کان 2011ع تائين نائب صدر هو. سالوِيا ڪئٿولڪ عيسائي آهي. سالويا ڪائو بئاءُ ٽوپلي کان مشھور آهي. هو هر وقت ان ٽوپلي ۾ رهي ٿو. هو هونءَ نه پائيندو هو، پر ”جارج بش“ جي دعوت تي، جڏهن واشنگٽن ويو ته آمريڪا جي صدر هن کي اهڙو هڪ ٽوپلو تحفي ۾ ڇا ڏنو، هو ان جھڙا ٻيا به درجن کن وٺي آيو. هاڻ ڏينھن نه ڏس رات نه ڏس. اونھارو هجي يا سيارو_ هو هر وقت ان ٽوپلي ۾ رهي ٿو.
سائوٿ سوڊان جو هي صدر سالوِيا به ڪو نوجوان ناهي. 1951ع ۾ ڄائو هو. 67 سالن جو آهي. ستن سالن کان صدر ٿيو ويٺو آهي. الڳ ملڪ ڪرائڻ بعد به ملڪ جي ڪا بھتري نه ڪري سگهيو آهي. ڦڏا ۽ فساد_ خاص ڪري تيل جي ڪمائيءَ تي جاري آهن _ ڀر وارن ملڪن سان به ته پنھنجي ملڪ وارن سان به. امن امان ۽ انصاف نه هجڻ ڪري بک ۽ بيروزگاري ڪري هر ماڻھو پريشان آهي. تعليم ۽ ٻي سھولت نه هجڻ ڪري هر وقت ۽ هر هنڌ ڦڏو فساد لڳو رهي ٿو. معمولي معمولي ڳالھ تي قبيلن جون خونريزيون... سڄي سوڊان جو اهو حال آهي جيڪو جيڪب آباد ڪشمور ضلعن جو، حڪومت ٺاهه ڪرائڻ بدران خوش آهي ته اهي ڏکڻ سوڊان جا قبيلا پاڻ ۾ ته وڙهندا رهن پر ڀر وارن ملڪن جي قبيلن سان به. حڪومت اهو ان ڪري به چاهي ٿي ته عوام حڪومت تي تنقيد ڪرڻ بدران پنھنجون ٻوٽيون پٽيندي رهي. پوليس، وڪيل، ۽ ترجا وڏيرا، سردار ۽ ڀوتار به ان ۾ خوش آهن. هن پاسي ڏٺو وڃي ته هڪ دفعو صدر (حاڪم) ٿيڻ واري مان موت ئي جان ڇڏائي.

سوڊان ۽ مھديءَ تي هڪ مشھور ناول

منھنجو سفير دوست خيرپور جو ظفر شيخ، جنھن سان گڏجي جپان ۾ مون 1970ع واري ڏهاڪي جا ڪافي سال گذاريا، جڏهن جرمنيءَ جو سفير ٿيو ته مونکي جرمني گهمڻ لاءِ ڏاڍيون دعوتون ڏنائين. آئون هميشه کلي ٽاري ڇڏيندو هوس. ان بعد هو جڏهن مصر ۽ سوڊان جو سفير ٿيو، بلڪه جيئن ئي مون کي هن جي نئين پوسٽنگ جي خبر پئي ته مون اسلام آباد فون ڪري ساڻس خوشيءِ جو اظھار ڪيو ۽ چيومانس ته ”تون هلي ڊيوٽي تي چڙهه ته آئون ڪجهه ڏينھن تو وٽ رهڻ لاءِ اچان ٿو.“
ظفر کي ڏاڍي حيرت ٿي ته آئون جرمني نه ويس پر سوڊان ۽ مصر ۾ اچڻ چاهيان ٿو. ماڻھو ته يورپ گهمڻ جو شوق رکن ٿا. مون کيس ٻڌايو ته منھنجي لاءِ يورپ توڙي آفريڪا ساڳي حيثيت رکن ٿا... آئون ٻنھي کنڊن جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ مختلف جهازن کي بار بار وٺي ويو آهيان... بلڪه سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ تعليم دوران ان يونيورسٽي طرفان ڪجهه مھينا فليزنبرگ (جرمني) ۽ ڪوپن ھيگن (ڊئنمارڪ) ۾ به تعليم حاصل ڪئي، پر يورپ جي ملڪن ۾ اهو چارم، اهي ڪھاڻيون، اهو مختلف ڪلچر ناهي جيڪو هڪ ليکڪ کي ممباسا، زئنزيبار، مصر، خارطوم (سوڊان) وغيره ۾ نظر اچي ٿو يا هوڏانھن ڏور اوڀر جي ملڪن: جپان، چين، ملائيشيا_ ويندي برما ۽ سري لنڪا ۾ ملي ٿو. بنا شڪ جي سوڊان تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، جنھن جو ذڪر شروع ۾ ڪري چڪو آهيان. خاص ڪر ي پولش ليکڪ هينرڪ جي هڪ ناول W pustyni I w puszczy بابت جيڪو انگريزي ۾ “ان ڊيزرٽ ائنڊ ولڊر نيس” جي نالي سان تمام گهڻو مشھور ٿيو ۽ اڄ تائين ايترو پسند ڪيو وڃي ٿو جو ان تي ٻه دفعا فلمون به ٺھي چڪيون آهن. هڪ 1973ع ۾ جيڪا فلم اسان ڪيترائي سال يورپ ۽ اوڀر جي ملڪن جي سئنيما هالن ۾ هلندي ڏٺي ۽ ٻي 2001ع ۾ ٺھي.
هي پولش زبان جو ليکڪ، جرنلسٽ ۽ نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ هينرڪ(سڄو نالو: هينرڪ آدم اليگزئنڊر پيسو سينڪِوِز) 1846ع ۾ پولينڊ ۾ ڄائو ۽ سگهوئي پولش ٻوليءَ جو مشھور ليکڪ ٿي ويو. سندس ڪتابن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ ڪري هو سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃڻ لڳو. 1905ع ۾ کيس ادب جو نوبل پرائيز مليو. اسان جي ڪاليج وارن ڏينھن ۾ سندس هڪ ناول Quo Vadis (جيڪو نيرو جي روم جي پسمنظر ۾ لکيل آهي) اسان شاگردن ۾ ڏاڍو مشھور هو، جنھن تي ٺھيل فلم به ڏاڍي هلي. هاڻ ٽي وي چئنل، وڊيو، نيٽ، واٽس ائپ، يوٽيوب ٿي پيا آهن نه ته اسان جي ڪاليجي توڙي جھاز جي نوڪريءَ وارن سالن ۾ وڏي ۾ وڏي وندر ڪتاب ۽ رسالا هوندا هئا يا وري سئنيما هالن ۾ هلندڙ فلمون. هينرڪ 1916ع ۾ وفات ڪئي. سوڊان جي لڙائي ۽ مھدي جي پوئلڳن جي پسمنظر ۾ لکيل هي ناول 1900 جي لڳ ڀڳ جو آهي.
هن ڪتاب / فلم ۾ مھدي جي لڙائي وارن ڏينھن جي ڳالهه بيان ڪيل آهي. اسٽاني نالي چوڏهن سالن جو هڪ پولش ڇوڪرو ۽ نيل نالي اٺن سالن جي انگريز ڇوڪري مصر جي بندرگاهه واري شھر پورٽ سعيد ۾ پنھنجي والدين سان گڏ رهيا ٿي. هنن جا پيئر انجنيئر هئا، جن سئيز ڪئنال جي مرمت جي ڪم تي نظرداري ڪئي ٿي. هڪ ڏينھن انگريزن خلاف سوڊان ۾ هڪ مھدي نالي مسلمان مولويءَ بغاوت جو اعلان ڪيو. عربن جو هڪ ٽولو اسٽاني ۽ نيل کي اغو ڪري ٿو. ان اميد تي ته انھن ٻارن جي بدلي ۾ هو مھديءَ جي هڪ پري جي مائٽياڻي فاطمه کي آزاد ڪرائي سگهندا، جن هن کي انگريزن گرفتار ڪي هو ۽ جنھن جو تفصلي احوال هن ناول جي شروع ۾ ڏنو ٿو وڃي.
اغواڪار پولش ڇوڪري اسٽاني ۽ انگريز ڇوڪريءَ نيل کي پيرين پنڌ صحارا رڻ پٽ اڪاري خارطوم وٺي اچن ٿا جتي هنن جو ارادو ٻارن کي مھديءَ حوالي ڪرڻ جو هو. پورٽ سعيد کان خارطوم جو سفر بيحد ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ رهيو، خاص ڪري نازڪ ۽ ننڍي عمر جي انگريزياڻيءَ نيل (Nel) لاءِ. پولش ڇوڪرو اسٽاني ڪافي دلير ۽ جوابدار آهي ۽ هو انگريز ڇوڪريءَ کي اغوا ڪارن جي ظلمن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، جنھن لاءِ هن کي رکي رکي ماريو ڪٽيو به وڃي ٿو. ان دوران هو ڀڄڻ جي به ڪوشش ڪن ٿا پر ڪامياب نٿا ٿين ۽ آهستي آهستي اميد لاهيو ڇڏين. جڏهن هي اغوا ڪار عربن جو ٽولو انگريز ۽ پولش ٻارن سان گڏ خارطوم ۾ (بلڪه مھدي جي ڳوٺ ام درمان ۾) پھچي ٿو ته هنن کي اهو معلوم ڪري سخت مايوسي ٿئي ٿي ته مھدي انقلاب کي ڪامياب بنائڻ پويان مشغول آهي ۽ هن هنن عرب اغوا ڪارن کي کنگهيو به ڪونه ۽ هنن جي آفر کي هن ڌتڪاري ڇڏيو. اغوا ڪار ان بي عزتي ۽ نامراديءَ جي ڪاوڙ ٻارن مان ڪڍن ٿا. اسٽاني ۽ نيل گرمي، بک، اڃ ۽ عربن جي دڙڪن دامائن کان ڪافي بي وس ۽ بيحال ٿي چڪا آهن. هو ڪجهه ڏينهن جنگ، غربت ۽ بيمارين کان تباهه ٿيل هن شھر ۾ رهن ٿا. ان بعد اغوا ڪار هنن ٻارن سان گڏ اڳتي جي سفر لاءِ وڌيڪ ڏکڻ ۾ “فاشودا” شھر ڏي روانا ٿين ٿا.
(هتي ٻه اکر هن تاريخي شهر ”فاشودا“Fashoda بابت لکندو هلان جيڪو اڄ ڪلهه عربي نالي ڪوڊوڪ Kodok سان سڏجي ٿو. اهو سوڊان جي وچ تي هو پر هاڻي سوڊان جا ٻه حصا ٿيڻ تي ڏکڻ سوڊان جي اتر اوڀر ۾ سفيد نيل ندي جي ڪناري تي آهي. فاشودا هڪ آڳاٽو شھر آهي ۽ شلوڪ سلطنت جيڪا سورهن صديون هڪ خودمختيار سلطنت جي حيثيت ۾ رهي ان جي گاديءَ جو شھر هو. اڄ به هن علائقي ۾ انگريزيءَ کان سواءِ مڪاني ٻولي شلوڪ ڳالھائي وڃي ٿي. شلوڪ سلطنتن جو خاتمو ترڪي جي عثمانيه (Ottoman) جي حملن آندو، ان بعد مصر ۽ انگلينڊ وارن جو مٿس قبضو ٿيو. شلوڪ بادشاهه اڄ جي دور ۾ خودمختياري حاڪم نه رهيو آهي. هو هڪ نالي جو سردار سڏائي ٿو. هي شھر فاشودا انگريزن ۽ فرينچن جي جهيڙي کان به مشھور آهي جيڪي 1898ع ۾ ذري گهٽ هڪ ٻئي سان ٻکين پئجي ويا هئا. انگريزن جي هٿ ۾ مصر ۽ سوڊان جو اتراهون حصو ۽ هيٺ يوگنڊا ۽ ڪينيا وارو علائقو هو. هنن فاشودا واري علائقي تي قبضو ڪري سڄو بيلٽ پنھنجو ڪيو ٿي ۽ فرينچن هن کي پنھنجي اولهه وارن آفريڪي ملڪن سان ملايو ٿي. بھرحال 1898ع جي آسپاس وارا سال اهي هئا، جن ۾ هن علائقي ۾ انگريز جاگرافر، سياح، فوجي، نئين دنيا جي ڳولا ڪندڙ Explorer ڦريا پئي).
عرب اغواڪار ڪنھن خيال کان هنن ٻارن کي فاشودا ڏي وٺي هلڻ لڳا. هڪ ڏينھن هنن جو مھاڏو شينھن سان ٿيو، جنھن هنن تي حملو ٿي ڪيو.هنن وٽ شاٽ گن هئي پر هنن کي بندوق ڇوڙڻ نه پئي آئي. هنن اها بندوق پولش ڇوڪري کي ڏئي منٿون ڪيون ته شينھن کي هڻ. اسٽاني ڇوڪري شينھن کي مارڻ بعد ان بندوق سان عربن کي به ماري ڇڏي ٿو. ڇوڪري جي دل ۾ عربن لاءِ سخت نفرت هئي. هن سمجهيو ٿي ته هو هنن کي هرگز آزاد نه ڪندا. خاص ڪري هنن جي هر وقت جي گارين_ خاص ڪري انگريز ڇوڪريءَ سان جنھن زبان سان ڳالهائيندا هئا، ان هن جي نفرت کي ڀڙڪائي رکيو هو.
آزاد ٿيڻ بعد هنن ٻارن جو سوڊان جي جهنگل ۽ رڻ پٽ مان گذرڻ جو ڏکيو سفر شروع ٿئي ٿو. هنن کي اها اميد آهي ته ٿي سگهي ٿو هنن کي ڪو انگريز سپاهي يا سياح، سائنسدان يا پادري ملي وڃي ۽ هنن جي زندگي بچائي، کين سندن والدين ڏي پورٽ سعيد (مصر) اماڻي. سندن سفر ۾ ڪيترائي خطرا ۽ ائڊوينچر ڏيکاريا ويا آهن. هنن سان گڏ ٻه شيدي غلام به آهن: هڪ ڪالي نالي ڇوڪرو ۽ هڪ ميا (Mea) نالي ڇوڪري، جن کي اسٽانيءَ عربن کان آزاد ڪرايو هو. اهي مري ويل عربن جا غلام هئا، جن کي هنن پنھنجي خذمت چاڪري ۽ اغوا ڪيل ٻارن جي نظر رکڻ لاءِ ساڻ کنيو هو.
بھرحال هيءَ هڪ ڊگهي ۽ دلچسپ ڪھاڻي آهي... رستي تي انگريز ڇوڪريءَ کي مليريا به ٿئي ٿي ۽ مرڻ تي هئي ته اسٽانيءَ کي هڪ سئٽزرلئنڊ کان آيل کوجنا ڪندڙ (Explorer) کان ڪوئنن جون گوريون ملي ويون، جن جي کائڻ سان نيل بچي وئي. هن همراهه کان، هنن کي گن پائوڊر به ملي وڃي ٿو، جنھن سان هو ڄار ۾ ڦاٿل هڪ هاٿيءَ جي جان بچائين ٿا.رستي تي ساڻن گڏ ٻارهن سالن جي سوڊاني غلام ڇوڪري کي ”سليپنگ سڪنيس“ جي بيماري ٿيو ٿي پوي، جنھن ۾ هو مريو وڃي. اڳتي جي سفر ۾ هڪ جهنگل ۾ هنن تي هڪ گوريلو حملي جي ڪوشش ڪري ٿو.ان قسم جون ٻيون ڳالھيون پڻ هنن سان ٿين ٿيون، جيڪي هن ڪتاب پڙهڻ يا فلم ڏسڻ سان واسطو رکن ٿيون... آخر ۾ پولش ڇوڪرو ۽ انگريز ڇوڪري پورٽ سعيد پھچيو وڃن، جتي هنن کي خبر پوي ٿي ته فقط ڪجهه ڏينھن اڳ دل جي دوري پوڻ ڪري مھدي گذاري ويو ۽ کيس ام درمان شھر ۾ دفن ڪيو اٿن. وڏا ٿيڻ تي اسٽاني ۽ نيل شادي ڪن ٿا ۽ پنھنجن آفريڪي ساٿين سان ڏهن سالن بعد ملڻ اچن ٿا.

ميريم ميڪيا_ آفريڪي عابده پروين

منهن جي هن سفرنامي جي پبلشر، منھنجي ڏنل فوٽن مان هڪ ڪارٽون فوٽو ”ماما آفريڪا“ جو به ڏنو آهي. اسان جي ڏينھن ۾ يعني 1960ع کان 1980ع واريڏهاڪي تائين جڏهن اسان جھاز هلائڻ وارن لاءِ وندر فقط ريڊيو هو، آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻ وارا 15 کن ڏينھن توڙي آفريڪا جي بندرگاهن ۾ هفتن جا هفتا رهڻ دوران ريڊيو تان گانا ٻڌڻ اهم وندر هئي.اهي گانا اسان کي سمجهه ۾ اچڻ توڙي نه اچڻ جي باوجود، جن ڳائڻن جي آواز اسان کي موهت ڪيو ٿي انھن مان ”ماما آفريڪا“ هڪ هئي. هن انگريزي کان سواءِ کوسا، زولو ۽ ٻين آفريڪي ٻولين ۾ ڳايو ٿي، جيئن اسان جي ننڍي کنڊ پاسي هندي ۽ عربي سمنڊ مان لنگهندي لتا منگيشڪر ۽ ملڪه ترنم نورجھان جي اردو / هندي ۽ پنجابي گانن وندرايو ٿي.
اڄ جي دور ۾ ته ڪو ڪٿي به هجي ته ٽي وي کولي وهي ٿو ۽ ٽي وي تي هڪ نه پر سوين چئنل چوويهه ئي ڪلاڪ هلندا رهن ٿا. ٽي وي ناهي ته ڪمپيوٽر، لئپ ٽاپ، آءِ پئڊ، ٽئبليٽ جن تي جيڪا شي وڻي فلم، ڊرامو، گانو ٻڌي سگهون ٿا. پر اسان جي ڏينھن ۾ مثال طور چين، ڪوريا يا ڪيوبا جي بندرگاهن ۾ اچبو هو ته به ڪو سرڪاري يا غير سرڪاري ٽي وي چئنل نه هوندو هو۽ نه اسان جو ريڊيو ڪا مڪاني اسٽيشن جهٽي سگهندو هو. بندرگاهه ۾ چيني، ڪورين يا اسپيني جا ڪميونسٽ قسم جا جيڪي قومي ترانا هلندا هئا، اهي پيا ٻڌبا هئا. ٻڌي ٻڌي انھن مان ڪو هڪ اڌ ضرور وڻڻ لڳندو هو. دل چوندي هئي ته جھاز هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ انڊيا جي بندرگاهن يا اتي جو ڪنارو وٺي هلي ته ڪي انگريزي يا هندي گانا ٻڌجن، جيڪي وري به سمجهه ۾ ته اچن ٿا. سو اهڙي طرح اسان ڌاارين ملڪن جي جن ڳائڻن ۽ ڳائڻين جو آواز سڃاڻڻ لڳاسين ۽ پسند ڪرڻ لڳاسين انھن مان ”ماما آفريڪا“هڪ آهي. گهڻو گهڻو پوءِ ٽي وي ۽ رسالن ۾ جڏهن سندس شڪل ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو اسٽائل ڏٺوسين ته چيوسين ته ”ماما آفريڪا“ آفريڪا کنڊ جي ماڻھن لاءِ ائين آهي جيئن اسان لاءِ لتا، نور جھان ياعابده پروين ۽ زرينه بلوچ. هي دور جيئن ته انٽرنيٽ ۽ يوٽيوب جو آهي سو توهان کي ”ماما آفريڪا“ جي آواز ٻڌڻ لاءِ آفريڪا جي شھر اچڻ جي ڪا ضرورت ناهي ۽ نه وري ان جو سي ڊي يا ڪئسٽ گهرائڻ جي ضرورت آهي. يوٽيوب کولي ماما آفريڪا يا Miriam Makeba لکي هن جا گانا ٻڌي سگهو ٿا. خاص ڪري 1967ع جو مشھور راڳ 1474،pata pata جو Malaika يا The Lion Sleeps tonight يا ڪو ٻيو گانو. اهي راڳ هن انگريزيءَ کان سواءِ مڪاني آفريڪي ٻولين خاص ڪري کوسا ۽ زولو ۾ به ڳايا آهن. سندس آواز نيره نور، حميره چنا، ڀڳونتي جي به ياد ڏياري ٿو. توهان به سندس هڪ اڌ راڳ ضرور ٻڌجو ... پڪ پسند ايندانوَ. يا شايد اسان کي ان ڪري پسند آيو ٿي جو اسان لاءِ ڪا وندر نه هئي. ”ماما آفريڪا“ جو اصل ۽ سڄو نالو زينزلي ميريم ماڪيبا (Zenzile Miriam Makeba) آهي. پاڻ تقريباً لتا منگيشڪر ۽ اسان جي ليکڪ، دانشور ۽ سياستدان رسول بخش پليجو جي عمر جي ٿيندي ۽ جھانسبرگ ۾ 1932ع ۾ ڄائي هئي. (لتا جي ڄم جو سال 1929آهي۽ پليجو صاحب جو 1930 آهي). سندس پيءُ کوسا زبان جو ٽيچر هو. ڏکڻ آفريڪا ۾ زولو ٻولي بعد ٻي نمبر تي کوسا ٻولي گهڻي کان گهڻا ماڻھو ڳالھائين ٿا. سندس زينزلي نالو به کوسا ٻوليءَ جو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ”ڪنهن به ڳالهه جو ٻئي تي ڏوهه ڏيڻ بدران پاڻ تي ڏيڻ.“
ميريم ڇھن سالن جي هئي ته هن جو پيءُ گذاري ويو ۽ کيس سندس ماءُ ڪرسٽينا نپايو، جيڪا سوازي لئنڊ جي هئي. هوءَ ”سنگوما“ هجڻ کان سواءِ گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ واري ”هائوس ميڊ“House Maid به هئي. سنگوما دراصل اهي عورتون آهن، جيڪي ٽوڻا ڦيڻا ڪن ٿيون، جسماني توڙي روحاني بيمارين جو علاج، ڄم ۽ موتي فوتي جي رسمن جي ادائگي، چوري ٿيل وهٽن جي فال ڪڍڻ، ڏائڻين جي خوف کان بچائڻ، مري ويلن کي عذاب کان بچائڻ جو ڪم ڪن ٿيون. اها ڳالھه ائين آهي جيئن اسان وٽ هن دور ۾ به پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو نقلي پيرن، جادوگرن ۽ ٺڳ حڪيمن جون ڳالھيون مڃين ٿا. اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا جي ملڪ سائوٿ آفريڪا، جيڪو آفريڪا جي سڀني ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڊرن آهي، ان جا انگ اکر پڙهي رهيو هوس ته سائوٿ آفريڪا ۾ ٻه لک سنگوما آهن، جن کي انگريز Traditional Healer سڏين ٿا ۽ ڊاڪٽرن جو تعداد فقط 25000 آهي. ملڪ جا 60 سيڪڙو ماڻھو علاج لاءِ انھن حڪيمن، پيرن، جادوگرن وٽ وڃن ٿا. هونءَ اها به ڪمال جي ڳالهه آهي تهميريم کي 1949ع ۾ شاديءَ بعد ٻئي سال بونگي نالي ڌيءُ ڄائي (جيڪو هن جو اڪيلو ٻار آهي) ان بعد هن کي ڇاتي جو ڪئنسر ٿي پيو ته هن ڪنھن پڙهيل لکيل ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ بدران پنھنجي ماءُ جو علاج ڪرايو ۽ صحيح ٿي وئي! ميريم کي اڳتي هلي ٻچي داني جو ڪينسر پڻ ٿيو. ان جو علاج اسپتال ۾ ڪرايائين، جتي سندس Hysterecotomy ڪئي وئي. يعني آپريشن ذريعي Utreus ڪڍيو ويو.
ميريم ماڪيبا جي ڄمڻ کان پوءِ هوءَ ڇھن سالن جي ڄمار جي هئي ته سندس پيءُ ته گذراي ويو پر ان کان اڳ جڏهن هوءَ اڃا 18 ڏينھن جي هئي ته سندس ماءُ غيرقانوني ٺھيل ڪچو شراب وڪڻندي گرفتار ٿي هئي، جنھن لاءِ هن کي ڇهه مھينا جيل جي سزا آئي هئي. سو ميريم اهي ڇهه مھينا جيل ۾ ماءُ وٽ ئي گذاريا. سندس پھرين شادي به ناڪام رهي. اها هڪ موالي قسم جي اهڙي پوليس واري سان ٿي جيڪو اڃا ٽريننگ وٺي رهيو هو. ڳالھه ڳالھه تي هو گارين جا دس چاڙهيندو هو ۽ موچڙا هڻندو هو. ڪئنسر جو ٻڌي ٽپڙ ٻڌي هليو ويو ۽ ميريم سال جي ڌيءَ کي کڻي اچي ماءُ وٽ رهي.
ميريم جو ننڍي هوندي کان سُر سٺو هو ۽ هوءَ اڪثر گرجا گهر ۾ آچر جي گڏجاڻيءَ ۾ ٻين ڇوڪرين سان گڏ ڪورس ۾ ڳائيندي هئي، پر صحيح معنيٰ ۾ هوءِ مشھور اسڪول ۾ ٿي، جتي هن انگريزي، کوسا، سوٿو ۽ زولو ٻولين ۾ ڳايو ٿي. اهڙي طرح 21 سالن جي ڄمار ۾ هوءَ آمريڪا جي مختلف بئنڊن سان گڏجي ڳائڻ لڳي. سائوٿ آفريڪا ۾ نسل پرستي عروج تي هئي. انگريزن، جن جي قبضي ۾ سائوٿ آفريڪا هو اتي جي مقامي ڪارن باشندن کي نيچ سمجهيو ٿي. ان جي خلاف آمريڪا وارن Come back Africa جي نالي سان هڪ فلم ٺاهي جنھن ۾ ميريم جو به هڪ مختصر رول هو. ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ تي سائوٿ آفريڪا جي حڪومت ميريم کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي. ان فلم ۽ ساڻس ٿيندڙ هن ظلم ڪري ميريم بين الاقوامي نظرن ۾ اچي وئي. هوءَ نيويارڪ وڃي رهي، جتي ڳائڻ ۾ حصو وٺڻ تي اڃان وڌيڪ مشھور ٿي ۽ هن جي گانن جا ڪيترائي رڪارڊ ٺھڻ لڳا. سندس ماءُ جي وفات تي هوءَ فوتيءَ جي رسمن لاءِ جڏهن پنھنجي ملڪ پھتي ته نه فقط هن کي ملڪ اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو پر سندس پاسپورٽ به رد ڪيو ويو.
1990ع ۾ سائوٿ آفريڪا ۾ جڏهن نسل پرستي جو خاتمو آندو ويو ۽ نيلسن منڊيلا کي آزاد ڪيو ويو ته ميريم موٽي آئي ۽ آفريڪا جي مختلف ملڪن ۾ پنھنجي ڳائڻ جا پروگرام (ڪنسرٽ) ڪرڻ لڳي. ميريم ماڪيبا انھن اوائلي آفريڪي ڳائڻن مان آهي جن کي دنيا ۾ مان ۽ مڃتا ملي. هن آفريڪن ميوزڪ جو يورپ ۽ آمريڪا ۾ تعارف ڪرايو. 2008 ۾ سندس وفات تي نيلسن منڊيلا ميريم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته:
Miriam Makeba’s music inspired a powerful sense of hope in all of us.
ميريم (ماما آفريڪا) جي زندگيءَ جو تفصيلي بيان سندس آٽو بايو گرافي Makeba: My Story ۾ آهي جيڪا فرينچ، جرمن، ڊچ، اٽالين، اسپينش ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. سندس موت اٽلي ۾ هلندڙ ڪنسرٽ (راڳ جي محفل) ۾ ڳائيندي ٿيو. هن پنھنجو Hit گانو ”پاٽا پاٽا“ ڳائي بس ڪيو ته کيس دل جو دورو پيو ۽ گذاري وئي.
سندس سٺي سُر ۽ منفرد اسٽائيل ڪري ميريم ماڪيبا “Mama Africa” سڏجڻ لڳي. هن کي ڪيترا ”ايمپريس آف آفريڪن سانگ“ به سڏين ٿا. ماما آفريڪا جي موت تي سائوٿ آفريڪا جي نيلسن منڊيلا پنھنجي تقرير ۾ هن لاءِ اهو به چيو ته : Miriam is first Super Star ۽ هن اهو به چيو ته : She is South Africa’s First Lady of Song.

زينب ۽ انوسا

سوڊان بابت لکيل ڳالھين جي آخر ۾ ٻن سوڊان ڄايل عورتن بابت ٻه اکر لکڻ ضروري سمجهان ٿو. جن کي اسان جا ماڻھو، خاص ڪري اهي جيڪي BBC جي خبرن ۽ بالي ووڊ فلمن جا شوقين آهن، ضرور سڃاڻندا هوندا. انھن مان هڪ زينب بداوي آهي ۽ ٻي انوشا ڊانڊيڪر.
زينب بداوي (Zeinab Badawi) 1959ع ۾ سوڊان جي شھر خارطوم ۾ ڄائي هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ شيخ بابڪر بدري جي پڙپوٽي يا تڙ پوٽي آهي. 1898ع ۾ خارطوم جي ڀرواري تاريخي شھر ”ام درمان“ ۾، جيڪا مھدي جي پوئلڳن جي انگريز جنرل ڪچنر جي لشڪر سان جنگ لڳي ان ۾ شيخ بداوي دليري سان مقابلو ڪري شهيد ٿيو هو. ان ڪري سوڊان ۾ هي خاندان عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ان کان سواءِ شيخ بداوي اهو ماڻھو آهي، جنھن سوڊان ۾ عورتن جي تعليم جو بنياد وڌو.
زينب جو پيءُ هڪ اخبار جو ايڊيٽر هو. انگلينڊ لڏي وڃڻ تي هن بي بي سي عربي سروس ۾ نوڪري اختيار ڪئي. زينب به تعليم جو وڏو حصو انگلينڊ مان حاصل ڪيو. هن لنڊن جي ”هارنسي هاءِ اسڪول فار گرلس“ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد آڪسفورڊ جي ”سينٽ هِلدا ڪاليج“ مان فلاسافي، پوليٽڪس ۽ اڪيانامڪس (PPE) پڙهي. ان بعد يونيورسٽي آف لنڊن جي “اسڪول آف اورينٽل ۽ آفريڪن اسٽڊيز (SOAS) مان انٿروپولاجي ۾ M.A ڪئي.
آڪسفورڊ ۾ زينب بداويءَ 1982ع کان 1986ع تائين ريسرچر ۽ يارڪ شائر ٽي وي تي براڊ ڪاسٽ جرنلسٽ ٿي رهي. ان بعد هن BBC ۾ نوڪري اختيار ڪئي. هوءَ اڄ به بي بي سي جي چئنل 4 ۽ بي بي سي ورلڊ نيوز تانWolrd News Today پيش ڪري ٿي. بي بي سي جي هڪ ٻئي مشھور پروگرام Hard Talk ۾ به انٽرويو وٺندي رهي ٿي. 2009 ۾ هن پنھنجي ملڪ سوڊان جي صدر عمر البشير جو به انٽرويو ڪيو، جنھن ۾ هن سندس ڪرپشن ۽ جنگي ڏوهن جي حوالي سان هن کي ڪافي ڦڙڪايو هو. ان ئي سال زينب بداويءَ ”انٽرنيشنل ٽي وي پرسنلٽي آف دي ييئر“ جو ايوارڊ ماڻيو هو. هن کي هن جي اعليٰ جرنلزم ڪري 2011 ۾ يونيورسٽي آف لنڊن طرفان آنرري ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري به ڏني وئي. هر سال جڏهن اسٽاڪ هوم ۾ نوبل پرائيز ورهائڻ جو جشن ٿيندو آهي ته ان جي رپورٽنگ هميشه زينب بداوي ڪندي آهي. اهو پروگرام سئيڊن جي ٽي وي تان ڏيکاريو ويندو آهي.
سوڊان جي هڪ ٻي ڄائي بالي ووڊ جي مراهٺي فلم ائڪٽريس ۽ ڳائڻي انوشا دانديڪر آهي، جيڪا اڄڪلهه آسٽريليا جي شھري آهي.
انوشا 1982ع ۾ سوڊان جي گادي واري شھر خارطوم ۾ ڄائي. هن جون ٻه ٻيون به ڀينرون آهن: هڪ ”شييباني ۽ ٻي اپيڪشا“. شيباني ته مشھور راڳ ۽ ناچ جي پروگرام ”جهلڪ دکلا جا“ ۾به آئي هئي. هونءَ انوشا جا وڏا پوني جارهاڪو آهن. هوءَ سوڊان ۾ ڄائي پر پلي نپني سڊني (آسٽريليا) ۾. ويهه سالن جي ڄمار ۾ (2002) ۾ هوءَ ممبئي آئي جتي هن ”هائوس آف اسٽائيل“ نالي هڪ فئشن شو جي ميزباني ڪئي.
ميزباني ۽ ائنڪر جي ڊيوٽي جا ڪم ڪرڻ بعد انوشا بالي ووڊ جي فلمن ۾ ڪم شروع ڪيو. سندس پھرين فلم ”ممبئي ميوٽني“ هئي. ان بعد فلم “ ورود” ۾ ڪم ڪيو جنھن ۾ انڊيا جي ٽاپ اداڪارن اميتاڀ بچن ۽ جان ابراهام به ڪم ڪيو آهي. انوشا ميوزيڪل فلم ”مس بالي ووڊ“ ۾ هڪ ڊانسر جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هوءَ ارشد وارثي ۽ سنجي دت جي فلم ”ائنٿوني ڪونه هي؟“ ۾ پڻ اچي چڪي آهي.
بعد ۾ انوشا مرهاٺي فلمن ۾ به ڪم ڪيو، جن ۾ پھرين فلم ”جئه جئه مھاراشٽرا ماجها“ آهي. سھڻي هجڻ ڪري سندس فوٽو ڪيترن ئي رسالن جي ٽائٽل ڪورن تي به آيا آهن، خاص ڪري انگريزيءَ جي.

سوڊان ۾ درپيش آيل حادثي جي خبر

ملائيشيا، جتي اڄڪلهه مئرين انجنيئرنگ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ هفتي کن لاءِ ٽِڪيل آهيان... شام جو پنھنجي هڪ پراڻي سفرنامي ”سانباهو سمونڊ جو“ جي نئين ايڊيشنلاءِ اڄ جي سوڊان بابت ڪجهه وڌيڪ لکي رهيو هوس ته BBC ۽ ملائيشيا جي مقامي ٽي وي تان خبر ٻڌم ته سائوٿ سوڊان ۾ ملائيشيا جي تيل ۽ گيس ڪمپني ”پيٽروناس“ ۽ چين جي هڪ ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه انجنيئرن کي حڪومت جي باغين اغوا ڪيو آهي. جن جا نالا ٻڌايا ويا، انھن ۾ ٻن يا ٽن انڊين سان گڏ هڪ پاڪستاني انجنيئر، بدين سنڌ جو اياز جمالي جو نالو به هو.
آفريڪا جي ٻين بدنصيب ملڪن وانگر سوڊان به اهي. بدنصيب لفظ ان لاءِ نٿو استعمال ڪريان ته هنن ملڪن ۾ جپان وانگر نه پوک آهي نه معدنيات. زلزلا ۽ طوفان آهن. هرگز نه. بلڪه ڏٺو وڃي ته آفريڪا جا ملڪ به اسان جي ملڪ وانگر زرعي ۽ معدني پيداوار سان مالامال آهن. هنن ۾ ٻيلا باغات آهن، ماٿريون ۽ جبل آهن، نديون ۽ ڍنڍون آهن.... پر مقامي سياستدانن ۽ حاڪمن هنن خوبصورت ملڪن جي ايڪانامي ۽ عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سوڊان آفريڪا جو وڏي ۾ وڏي ملڪ ۽ سفيد نيل ۽ نيلي (Blue) نيل جي ڪري سھڻو ملڪ هو. انگريزن جي وڃڻ بعد ملڪ جي مقامي حاڪمن ٺھيل ٺڪيل ادارا تباهه ڪري عوام کي هڪٻئي سان ويڙهائي، پاڻ لٽ ڦر ڪندا رهيا. اتر ۾ عرب نسل جا مسلمان، ڏکڻ جي انگريزي ڳالھائيندڙ عيسائين سان هر وقت وڙهندا رهيا آهن. ويھارو سال سِول جنگ هلندي رهي ۽ لکين ماڻھو مري ويا. ڪارخانا تباهه ٿي ويا، فصل سڙي ويا، ملڪ ۾ ڏڪار جي حالت ٿي وئي. مذهبي جهيڙن ۾ ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو. هاڻ وري هر ٽڪري ۾ نوان جهيڙا شروع ٿي ويا آهن. هاڻ قبيلن جا جهيڙا ۽ حاڪمن جا جهيڙا ۽ لساني جهڳڙا!
سائوٿ سوڊان ۾ نوري ۽ ڊنڪا قبيلي جا الڳ وڙهي رهيا آهن ته وري انھن اندر موجود سوين ننڍا قبيلا ۽ ذاتيون پاڻ ۾ اٽڪيون پيون آهن. سوڊان ۾ تيل ضرور نڪتو، پر ملڪ ٻه اڌ ٿيڻ تي اھي تيل جا کوهه ڏکڻ سوڊان ۾ هجڻ ڪري، انھن جو قبضو ٿيو. ڏٺو وڃي ته ڏکڻ سوڊان خوشحال ٿي وڃڻ کپي. پر ملڪ جي صدر ”سلوا ڪِير“ پنھنجي نائب صدر رِڪ مچار (Riek Machar) کي لاهي ڇڏڻ تي ان جي قبيلي نوري جا ماڻھو حڪومت جي خلاف ٿي بيٺا آهن. هو پاڻ کي باغي سڏائين ٿا ۽ حڪومت ڪو ڪم به ڪرائي ٿي ته ان کي ڪرڻ نٿا ڏين. نتيجي ۾ ملڪ جي خوشحالي ٿئي ئي نٿي.
مٿيون اغوا جو ڪيس به ان سان وابسته آهي. حڪومت تيل ۽ گئس جي ڪم لاءِ ڌارين ملڪن جي ڪمپنين کي ٺيڪا ڏنا آهن، جيئن ته ملائيشيا ۽ چين کي. انھن ڪجهه ماڻهو پنھنجي ملڪن جا ته ڪجهه ٻين ملڪن جا رکيا آهن، جيئن ته انڊيا، سري لنڪا، پاڪستان، بنگلاديش وغيره جا. جيتوڻيڪ حڪومت طرفان انھن جو خيال به رکيو وڃي ٿو، پر باغي گروپ جي ماڻھن جي هڪ ته خبر نٿي پوي، جو هر علائقي جا شيدي هڪ جھڙا آهن... ڪھڙي خبر ته ڪير باغي يا دهشتگرد آهي ۽ ڪير شريف ماڻھو. ٻي ڳالهه اها آهي ته سوڊان ۾ توڙي آفريڪا جي ٻين ملڪن ۾ ڪجهه علائقا اهڙا آهن جتي حڪومت جي به نٿي هلي، جيئن اسان وٽ اتر ۾ وزيرستان ۾ يا سنڌ جي ڪچي يا بلوچستان جي جابلو علائقن ۾. اهڙي طرح جيئن اسان جي ڌاڙيلن وٽ پوليس کان به بھتر هٿيار آهن تيئن آفريڪا جي هنن باغي گروپن وٽ آهن.
ائين به نه آهي ته ڪا تعليم ناهي، جاهليت آهي. ڏٺو وڃي ته ڏکڻ سوڊان جي باغي گروپ جو ليڊر رِڪ مچار جيڪو ملڪ جو نائب صدر به هو وڏو پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل ماڻھو آهي. هو 1953ع ۾ ڄائو ۽ سوڊان جي “خارطوم يونيورسٽيءَ” مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد 1984ع ۾ انگلينڊ جي براڊ فورڊ يونيورسٽيءَ مان Ph.D. ڪيائين ۽ هڪ ڪتاب South Sudan: A History of Political Domination جو مصنف به آهي، پر قبيلائي جهيڙن ۾ هڪ ٻئي سان دشمنيون پارڻ ۽ پلاند ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کي تباهه ڪي ڇڏيو اٿن.
اڳ ۾ ته رڳو سنڌ جا هندو مختلف ملڪن ۾ واپار ڪندي نظر ايندا هئا پر هاڻ ويهه ٽيهه سالن کان سنڌ جي شھرن توڙي ٻھراڙين جا رهندڙ مسلمان پڻ ولايت ۾ نظر اچن ٿا. تيل ۽ گيس جي کوٽاين يا ڪارخانن ۾ به ڪافي آهن خاص ڪري بدين ۽ ٽنڊو باگو پاسي جا. هيڏانھن ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائيءَ کان سواءِ آفريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ پڻ آهن. ڪجهه جا نالا هن وقت به ڌيان ۾ اٿم جيئن ته ٽنڊو باگو جو فرحان کتري جيڪو دبئي ۾ آهي ۽ بدين شھر جو بشير آريسر (دبئي)، ڪريم سومرو (دبئي)، امام شاهه (شارجا)، ڊاڪٽر اصغر ميمڻ (سعودي عرب) وغيره ۾ نظر آيا. بدين جو اياز جمالي جنھن مھراڻ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي ۽ سندس ڀاءُ بابر جمالي ٽن سالن کان سائوٿ سوڊان ۾ ڪم ڪري رهيا هئا.
اياز جمالي جي اغوا جي ڪھاڻي پھرين ڏينھن کان ٻڌي رهيا هئاسين. ٽيون ڏينھن سندس بازياب ٿي ڳوٺ پھچڻ جو ٻڌي ساڻس خبر چار ڪرڻ تي دل چاهيو. بدين ۾ منھنجا ٻه ٽي سڃاڻا رهن ٿا جن مان پھرين عبدالرزاق کٽيءَ کي فون ڪيم جو هو اتان اخبار به ڪڍي ٿو ۽ جرنلسٽ آهي. پر خبر پئي ته هو ڪجهه سالن کان اسلام آباد ۾ رهي ٿو. ان بعد مون 03332521844 تي اتي جي پئٿالاجسٽ ڊاڪٽر لڇمڻ داس کي فون ڪيو جنھن هن فئملي کي سڃاتو ٿي ۽ اياز جمالي جي مامي مصطفيٰ جمالي جو نمبر ڏنو، جيڪو بدين جي اسڪول ۾ پڙهائي ٿو. مصطفيٰ کان اياز جمالي جي فئملي جي واقفيت ٿي ته اياز جو والد غلام حسين جيتوڻيڪ هڪ ڊرائيور هو پر هن مرحوم فاضل راهوءَ جا ويچار فالو ڪيا ٿي ته تعليم ضروري آهي. مون کي اهو ٻڌي حيرت ٿي ته غلام حسين جمالي صاحب گهٽ پگهار ۽ وڏي عيال جي باوجود پنھنجي سڀني ٻارن کي_ پٽن توڙي ڌيئرن کي جيتري قدر ٿي سگهيو، گهڻي کان گهڻي تعليم ڏياري. سندس چئن پٽن ۽ ٽن ڌيئن مان ڪي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر به آهن. گرئجوئيشن ته سڀني ڪئي آهي ۽ ماشاء الله سڀ سٺن عھدن تي آهن. اياز جمالي سندس سڀ کان ننڍو پٽ آهي.
اياز جو 03332906600 نمبر ملڻ سان مون هن سان ٻه چار دفعا خبر چار ڪئي ۽ سوڊان ملڪ، ماڻھن ۽ سندس اغوا ٿيڻ ۽ 12 ڏينھن کن باغين جي بند ۾ رهڻ جون ڳالھيون پڇيون. پاڻ ٻڌائين ته ڪجهه ڪلاڪ اڳ سندس تفصيلي احوال ڪاوش اخبار جو نمائندو عظمت الله ڪنڀر وٺي چڪو آهي. عظمت ڪاوش اخبار جو هڪ بيحد محنتي، ننڍي عمر وارو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ذهين جرنلسٽ آهي. سندس هن وقت 22 سال عمر ٿيندي. هو مئٽرڪ ۾ هو ته هن ڪاوش اخبار ۾ ڪم شروع ڪيو. لطيف آباد جي علامه اقبال هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان اردو ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ اڄڪلهه اسان جي ڳوٺ هالا نوان جي “لاڪاليج” مان LL.B ڪري رهيو آهي. مون کيس ان ئي وقت سندس فون نمبر 3038207-0300 تي خبر چار ڪئي ۽ هن اياز جماليءَ کان ورتل انٽرويو مون ڏي موڪليو، جيڪو پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏيان ٿو. اهو انٽرويو پوءِ ڪاوش اخبار ۾ به ڇپيو پر ظاهر آهي اخبار ۾ گهٽ جاءِ هجڻ ڪري ان جا ڪجهه حصا رهجي ويا هن انٽرويو ۾ جتي بدين جي اياز جمالي ءَ ڏکڻ سوڊان جي جاگرافي ۽ سياسي اختلافن جو احوال ٻڌايو آهي اتي پنھنجي اغوا ٿيڻ ۽ سوڊان ۾ نوڪريءَ جي پڻ ڳالهه ڪئي آهي. هن جي پڙهندڙن لاءِ اها نصيحت بلڪل ڪار آمد سمجهان ٿو ته هن بيروزگاري جي دور ۾ پرديس ۾ ڪٿي نوڪري ملي وڃي ته حق حلال جي روزيءَ لاءِ ڏورانھين ڏيھه کان ضرور وڃي نڪرجي، پر ان کان اڳ اها خاطري ڪجي ته نوڪريءَ جي نوعيت ڇا آهي ۽ ان ملڪ يا ان ملڪ جي ان علائقي جون حالتون ڪھڙيون آهن. جيئن ڏکڻ سوڊان ۾ جتي تيل جي کوهن تي اياز کي نوڪري ملي، سياسي بغاوت جاري هئي. اياز ۽ ٻين پاڪستاني ۽ انڊين اتي ڪم ڪندڙ چيني ۽ ملائيشين تيل ڪمپنين وٽ ٿرڊ پارٽيءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ٿي. باغين چينين ۽ ملائيشين کي ڪم ڪرڻ کان روڪي رکيو هو، پر انھن پنھنجي پاڪستاني ۽ انڊين ڪم ڪرڻ وارن کي باغين طرفان ڏنل الٽيميٽم کان بي خبر رکيو. شايد اهو سوچي ته جيستائين ڪم نڪري رهيو آهي صحيح آهي. باغي جي واقعي حملو ڪن ٿا ته پاڪستاني انڊين ئي مرندا. اياز جمالي ٻڌائي ٿو ته اسان کي اهڙين خطرناڪ جاين تي نوڪري ڪرڻ کان گريز ڪرڻ کپي.
منھنجي خيال ۾ ته نه رڳو آفريڪا جي جهنگلي علائقن کان ٻاهر پر عرب ملڪن جي نوڪري لاءِ به سوچي سمجهي وڃجي. اڄڪلهه جا عرب اهي 1970ع واري ڏهاڪي جا نه رهيا آهن، جڏهن هو انجنيئرن، ڊاڪٽرن، مزورن کي کلي دل سان پگهار ۽ سھولتون ڏيندا هئا. هاڻ لڳي ٿو ته هنن جون پنھنجيون ضرورتون ئي اهڙيون وڌي ويون آهن جو ڀانئين ته پورهيتن کي ڏيڻ بدران سندن کيسي مان ڪڍجي ۽ جتي توهان ٿرڊ پارٽيءَ جي حيثيت سان نوڪري لاءِ وڃو ٿا اتي وڌيڪ احتياط ڪجي. اهو سسٽم هيئن آهي: عرب ملڪن جيسرڪار ڪو ڪارخانو ، اسپتال يا فئڪٽري هلائڻ ٿي چاهي. اها ان جو ٺيڪو پنھنجي ڪنھن عرب بزنيس مئن يا ڪنھن دلپسند گوري انگريز، فرينچ يا جرمن کي ڏين ٿا. اهو وري ڳولھي ڳولھي اسان جھڙن غريب ملڪن (پاڪستان، انڊيا، سري لنڪا، بنگلاديش) جي مجبور ماڻھن کي رکي ٿو، جيڪي ٿوري پگهار تي ۽ معمولي سھولتن تي به راضي ٿي وڃن. پوءِ وڏو فائدو عرب يا گورو ٺيڪيدار کايو وڃي ٿرڊ پارٽي جي غريب پورهيت جي زندگي عذاب ٿيو وڃي. اها زندگي اڃا به بدتر ٿيو وڃي جڏهن اهي عرب يا گورا پورهيتن مٿان ڪو اسان جو پاڪستاني يا انڊين انچارج، فورمئن يا ڪمدار رکن ٿا. اهو پاڻ عربن جي چمچاگيري ڪري سک ۾ رهي ٿو پر ٻين پنھنجي هم وطنين سان جانورن کان به بدتر سلوڪ ڪري ٿو.
عربن کي ڏسي هاڻ ملائيشيا جھڙن ملڪن ۾ به اهو ظلم روا ٿي ويو آهي. سرڪاري اسپتال جو نالو ٻڌي اسان جا ڊاڪٽر نوڪريءَ لاءِ حامي ڀرين ٿا. اتي پھچي خبر پوين ٿي ته اها اسپتال ڪو ٺڳ ملئي يا چينو هلائي رهيو آهي جيڪو ٻه ٻه مھينا ٿيو وڃن ته پگهار به نٿو ڏئي. نه رهائش جون سھولتون ۽ نه مقرر موڪلون. اسان جا ماڻھو داد فرياد لاءِ ڪنھن وٽ وڃن؟ گهڻو احتجاج ڪرڻ تي هنن جي ويزا رد ڪرائي کين بنا نوٽيس جي نوڪريءَ مان خارج ڪيو وڃي ٿو. هنن غريبن کي ايترو ٽائيم نٿو ڏنو وڃي جو هو کڻي خريد ڪيل ڪار، ٽي وي ۽ ٻيو سامان چئن پئسن ۾ وڪڻي سگهن. مون کي ته حيرت ٿيندي آهي ته هي اهي ئي ملائيشين آهن جيڪي ڪجهه ڏهاڪا اڳ نياز ۽ نوڙت سان هلندا هئا، غربت ۾ رهندا هئا ۽ لالچ ۽ لوڀ کان پري هئا. اڄ انھن جي نئين ٽھيءَ وٽ جيئن ئي خوشحالي آئي آهي ته هنن ۾ لالچ ۽ ٺڳي، بي قدري ۽ بي انصافيءَ جو عنصر اچي ويو آهي. بھرحال قدرت جيستائين اسان جي ملڪ جون حالتون بھتر ڪريتيستائين اسان جا ماڻھو پيٽ گذر خاطر روزگار لاءِ پرڏيهه جا ڌڪا کائيندا رهندا. شل انھن جي رب پاڪ حفاظت ڪري.

سوڊان جي باغين وٽ بدين جو يرغمالي

ڏکڻ سوڊان ۾ ايس پي ايل ايم موومينٽ (Sudan Peoples Liberation Movementinopposition)” الحرڪتھ الشعبيتھ التحرير السودان“هلي، جنھن جو باني قبيلي جو آرمي آفيسر ڪرنل جان گرنگ (John Grang Colonel) هو، جيڪو 2005ع ۾ فوت ٿي ويو. ان وقت چيو ويو ته جڏهن به هي ملڪ ٺھيو ته سڀ گڏجي ٽن سالن تائين هلائينداسين. پنھنجا ادارا ٺاهينداسين ۽ پوءِ چونڊون ڪرائينداسين. ڏکڻ سوڊان نيٺ 2011ع ۾ آزاد ٿيو، ان وقت ڏکڻ سوڊان جا ٻه وڏا قبيلا نوئر ۽ ڊنڪا هئا. ڊنڪا قبيلي جو اڳواڻ سلوا ڪِير (Salva Kiir Mayardit) ملڪ جو صدر ٿيو ۽ نوئر قبيلي جو ڊاڪٽر رڪ مچار (Riek Machar) نائب صدر ٿيو. رڪ مچار چيو ته 2015ع ۾ چونڊون ڪرائينداسين. سلوا ڪير کي خبر هئي ته سندس مقبوليت گهٽ آهي ۽ هو ٻيھر ملڪ جو صدر نه ٿي سگهندو، جنھن تي هن پنھنجي نائب صدر کي مارڻ جو آرڊر جاري ڪيو ۽ پوءِ نائب صدر جي گهر تي حملي دوران 300 گارڊ ماريا ويا. ان ڪارروائي سان سڄي ملڪ ۾ قبيلائي جنگ شروع ٿي وئي ۽ 2013ع کان هاڻ تائين هڪ ٻئي جي قبيلن جا 3 لک کان وڌيڪ ماڻھو مارجي چڪا آهن. ان دوران وچ ۾ ڳالھيون به ٿيون پر اهي ناڪام ويون. بدين جي اياز جماليءَ ٻڌايو ته ”آئون ’ڊار پيٽروليم‘(Petroleum Operating Company Ltd) ۾ ٿرڊ پارٽي طور ڪم ڪري رهيو هئس. اها ڪمپني ڏکڻ سوڊان کان اڳ جي آهي، جيڪا چين ۽ ملائيشيا جي ڪمپنين جي گڏيل سھڪار سان هلي ٿي. اها ڪمپني ڏکڻ سوڊان جي آمدني جو واحد ذريعو آهي. سوڊاني اڻ پڙهيل هجڻ سبب هن ڪمپنيءَ پرڏيھي ماڻھو ڪم ڪرڻ لاءِ گهرايا هئا، جن ۾ اسان به هئاسين. تازو مارچ مھيني ۾ باغي فوجين ايس پي ايل ايم آءِ او سرڪيولر جاري ڪيو ته اها ڪمپني بند ڪري پرڏيھي ماڻھن کي ملڪ مان ڪڍيو وڃي. اهو سرڪيولر ڪمپني وارن کي ته مليو پر ڪمپني انتظاميا اسان ڌارين کي بي خبر رکيو. 8 مارچ 2017ع تي باغين جو ڏنل الٽيميٽم پورو ٿيو ته اسان جي ڊار فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ 2 ڀارتي انجنيئرن ايڊوورڊ ايمبروز ۽ مڌن گڻيش کي 10 باغي فوجين اغوا ڪري ورتو ۽ پنھنجي ماڳ ڏانھن کڻي ويا. چئن ڏينهن بعد انھن جي تصوير جاري ٿي، جنھن ۾ هو صحت مند نظر اچي رهيا هئا. ڪمپني انتظاميا اسان کي چيو ته ڪا ڳالهه ناهي، توهان سڀ پنھنجو ڪم ڪندا رهو. باغين هڪ ملين ڊالرز جي گهر ڪئي آهي ۽ انھن سان ڳالھيون هلي رهيون آهن. اسان پنھنجي روز مرهه جو ڪم جاري رکيو. آئون ان هنڌ کان 35 ڪلوميٽر پري گمري مان 19 مارچ تي صبح جو 8 وڳي نيرن ڪري فيلڊ ۾ نڪتس. مون سان گڏ سڪيورٽي گارڊ ٽامس، آپريٽر يوسف ۽ ڊرائيور منتور گڏ هئا. 8 لڳي 34 منٽن تي مون کي پنھنجي ڪمپني جي وائرليس تان سڪيورٽي پروٽوڪول تحت معمول مطابق ڪال آئي. هنن مون کان خيريت پڇي ۽ مون به خيريت بيان ڪئي، جنھن بعد 8 لڳي 38 منٽن تي اسان کي باغين گهيري ورتو. مون 8 لڳي 39 منٽن تي ڪمپني جي وائرليس تي ٻه ڪالون ڪري ٻڌايو ته اسان کي باغين گهيري ورتو آهي. ايتري ۾ انھن باغين اسان کي پنھنجي ويگو جي اندران ڪڍي پويان ڊالي ۾ وڌو. گاڏي ٿورو اڳتي هلي ته پويان ايندڙ باغين انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني. مون سان گڏ سڪيورٽي گارڊ ٽامس موقعي تي ئي فوت ٿي ويو ۽ کيس اتي ئي اڇلايو ويو جڏهن ته منتور ۽ يوسف سخت زخمي هئا ۽ هو رڙيون ڪري رهياهئا. اڌ ڪلاڪ بعد ٻنھي کي اڳتي هلي وڻ وٽ اڇلائي باغين وڌيڪ گوليون هنيون. باغين منھنجي لاءِ چيو ته هن کي نه ماريو، هي پرڏيھي آهي. هنن مون کي ڊالي مان ڪڍي اڳيان ويھاريو، جنھن دوران مون ڏٺو ته هو 13 ڄڻا هئا. 8 لڳي 45 منٽن تي اسان هلياسين ۽ منجهند جو اڍائي وڳي هڪ هنڌ پھتاسين. اهو سڄو سفر جهنگ ئي جهنگ اندر رهيو. هڪ هنڌ تي پاڻيءَ جو دُٻو آيو. رستي ۾ هنن مون کان انٽرويو ڪيو ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي ته آئون ڪير آهيان ۽ ڪٿان جو آهيان؟ دُٻي تي پھچندي ئي هنن ڪپڙا لاهي ان ۾ وهنجڻ شروع ڪيو. دٻي جو پاڻي تمام ڌپ وارو هو. اهو پاڻي هنن به پيتو ۽ مون کي به پيڻو پيو. هنن مون کي اغوا ڪرڻ کان ڏيڍ ڏينھن اڳ تائين پاڻي ئي نه پيتو هو. اسان کي اغوا ڪرڻ سان مون کين پنھنجون 6 بوتلون ڏنيون، اهي به هنن پيتيون. اسان ان دٻي مان پاڻي ڀري ساڍي ٽين وڳي نڪتاسين ۽ 6 لڳي 40 منٽڻ تي هڪ هنڌ پھتاسين ته شاندار آجيان ڪئي وئي. باغين پنھنجي فتح جو جشن ملھايو، رقص ڪيو ۽ هڪٻئي کي مٺيون ڏنيون ۽ اسان ان هنڌ تي هڪ رات گذاري. رات جو ٻڪر ۽ چانور کاڌا ۽ وڻ جي پاڙ ۾ سمھي رهياسين. هنن وٽ اي ڪي 47، بزوڪا، مشين گن، هينڊ گرنيڊ ۽ ٻيا هٿيار هئا. رات جو هنن حال احوال وٺندي چيو ته توهان کي نه مارينداسين، توهان بي فڪر ٿي وڃو. مون کان انھن پڇيو ته ڇا ڪندا آهيو؟ ڪڏهن کان هتي آهيو؟ ۽ هنن پنھنجون ڪھاڻيون به ٻڌايون. صبح جو سوير اٿي مون ڏندڻ ڏنو پر نيرن نه ڪرائي وئي. 7 لڳي 15 منٽن تي اسان نڪتاسين، رستي ۾ هڪ هرڻ ماريو ويو، جڏهن ته هڪ ٻڪر اڳ ئي اسان جي گاڏي ۾ موجود هو. 9 لڳي 30 منٽن تي باغين جي هڪ ڪئمپ آئي، جتي باغي اڳواڻ ڪرنل جيڪب نڳال الدين مليو، اتي پڻ شاندار آجيان ٿي. ڪرنل جيڪب نھال مون کي چيو ته جنگ جو حصو آهي، تون بي فڪر ٿي، توکي نه مارينداسين. جنھن بعد مون لاءِ جوس گهرايا ويا ۽ جشن ملھائڻ بعد هرڻ ۽ اتان جي لوڪل طعام ڊوگهه ڊوگهه ٺاهيو ويو. جنھن بعد اتان جو ڪمشنر ملڻ آيو ۽ هو پاڻ سان گڏ هڪ فوجي بش اپ کي به وٺي آيو. ڪمشنر به مون کان انٽرويو ڪرڻ بعد چيو ته آئون پاڪستانين کي سڃاڻان ٿو ۽ مون کي خبر آهي ته توهان ڪوڙ نه پيا ڳالھايو. جنھن بعد 12 لڳي 30 منٽن تي اسان اڳتي نڪتاسين. ڪمشنر جي گاڏي به هئي. هڪ ڪلاڪ جي سفر بعد هڪ ننڍڙو شھر آيو، جتي 200 جي لڳ ڀڳ ٻارن، عورتن ۽ ماڻھن شاندار آجيان ڪئي. مشين گن سان فائر ڪري فتح جو جشن ملھايو ويو ته اسان جا جوان پنھنجي آپريشن تان ڪامياب واپس آيا آهن. اتي خوشي جا گيت ڳايا ويا ۽ رقص ڪيو ويو. اتي به آرمي جو هيڊ انچارج مليو، جيڪو پڻ سٺي انداز ۾ مليو ۽ چيو ته توهان بي فڪر رهو، اسين به توهان وانگر انسان آهيون، توهان جو درد سمجهون ٿا ۽ توهان به اسان جو درد سمجهندا هوندا. توهان کي جلد آزاد ڪنداسين. ان بعد ڪچن رستن مان نڪري هڪ ٽريڪ تي آياسين. مون کي لڳو ته اهو ٽريڪ يوگنڊا جي بارڊر ڏانھن وڃي ٿو. ٿورو اڳتي هلي مون کي هڪ جھاز بيٺل نظر آيو، جڏهن ته ريڊڪراس جو ڪاروان به نظر آيو، جن هٿ لوڏيا. اڳتي اچي اسان آرمي جي چيف ڪمانڊر مسٽر ميتان جي ڪئمپ تي پھتاسين. اتي وائرليس به هو ۽ اهو علائقو پنھنجي سنڌ جي ٿر جيان ڏيک ڏئي رهيو هو. ننڍڙا گهر هئا. اتي پڻ اسان جي سٺي آجيان ڪئي وئي. ماني گهرائي وئي، ماني ۽ چانھه پھرين هنن کاڌي پوءِ مون کي ڏني ۽ مون کي هنن يقين ڏيارڻ چاهيو پئي ته هن ۾ زهر نه آهي، جنھن تي مون هنن کي چيو ته آئون توهان جي وس۾ آهيان، جيڪڏهن توهان کي مارڻو هوندو ته توهان هڪڙي گولي هڻندا، باقي ايئن نه ماريندا. جنھن تي هنن جو مون تي ٿورو اعتماد ٿيو. ساڍي پنجين وڳي اسان اتان نڪتاسين ته اڌ ڪلاڪ بعد ٽائر پنڪچر ٿي ويو. اهو ٽائر تبديل ڪري اسان پگاڪ شھر م آياسين، جتي هڪ گهر ۾ رهايو ويو. مون کي ان گهر ۾ 2 ڀارتي به ملي ويا، جن کي 2 هفتا اڳ اغوا ڪيو ويو هو. 20 مارچ واري ڏينھن اسان کي انٽيليجنس هيڊ چيو ته اسان ڪمپني بند ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو هو پر توهان ڪمپني بند نه ڪئي، توهان گورنمينٽ جا سپورٽر آهيو. جنھن تي مون چيو ته اسان کي الٽيميٽم جي خبر ناهي، اسان ملازم آهيون، پگهار تي ڪم ڪريون پيا. ان ڳالهه ٻولهه بعد رات جو اسان کي سمھڻ لاءِ هنڌ بسترا ڏنا ويا ۽ سمھي رهياسين. صبح جو اٿياسين ته انھن جا آفيشلز اسان کان سوال جواب ڪرڻ آيا. سوال ڪيو ويو ته ڪمپني ۾ڪيترا ماڻھو آهن؟ ملڪي ۽ پرڏيھي ڪيترا ماڻھو آهن، سڪيورٽي ڪيتري آهي؟ ۽ ڪمپني کي بند ڪيئن ڪجي؟ هنن کي ان کان اڳ ڪنھن چيو هو ته ڪمپني جي گرڊ تي راڪيٽ لانچر فائر ڪيو ته ڪمپني بند ٿي ويندي. مون ڪمپني جي سڪيورٽي ۽ ملازمت بابت جيڪا ڄاڻ هئي اها ٻڌائي ۽ چيو ته توهان ڪمپني تي راڪيٽ لانچر نه هڻو، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن ڪجهه سالن بعد توهان جي حڪومت آئي ته بلين ڊالرز جو نقصان ٿيندو. ان جو سامان سڄي دنيا مان ٻيھر وٺڻو پوندو، ڪوشش ڪريو ته ٻيو ڪو رستو ڳوليو، ڪمپني جيڪڏهن طريقي سان بند ڪئي وڃي ته ڏيڍ مھينو لڳندو. ساڍا 4 سئو کان وڌيڪ ماڻھو ڪمپني ۾ ڪم ڪن پيا ۽ جيڪڏهن ڪمپني اعلان ڪري ته اسان ڪمپني بند ڪري رهيا آهيون ته سمجهجو ته ڏيڍ مھينو ڪمپني بند ٿيڻ ۾ لڳندو. ڳالهه ٻولهه ڪندڙ ماڻھو بيوروڪريٽ ۽ تمام گهڻا پڙهيل ڳڙهيل هئا، جن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي، جنھن بعد اتي ئي رات ٿي وئي. اسان کي ڪجهه ڏينھن اتي ئي رکيو ويو. کاڌي ۾ هرڻ، ٻڪر، دال ۽ مڇي کارائي ويندي هئي. جنھن گهر ۾ رهيل هئاسين ، ان ۾ انٽيليجنس جا 7 گارڊ هئا جن مان 4 ڄڻا اسان تي رکيل هئا، جيڪي اسان جي خدمت ڪندا هئا. انڊين همراهه ايڊورڊ ۽ مڌم تمام گهڻا پريشان هئا. آئون انھن کي آٿت ڏيندو هئس. هو باغين سان ڳالھائي نه سگهندا هئا ۽ مون کي پورو يقين هو ته آئون آزاد ٿي ويندس. صبح شام واندو ويھڻ سبب مون آرمي جي چيف ڪمانڊٽ کي چيو ته مون کي ناول، ميگزين يا وري توهان پنھنجو ئي آئين ڏئي ڇڏيو ته آئون پڙهان. هنن مون کي پنھنجو منشور، ميگزين، ناول ۽ ڊڪشنري ڏني. آئون سڄو ڏينھن اهي ڪتاب پڙهي وقت گذاريندو هئس. 23 مارچ تي بحث هليو ته باغين جي هڪ ونگ مطالبو ڪيوآهي ته اسان ٽنھي پرڏيھين کي ماريو وڃي. جنھن تي چيف ڪمانڊنٽ ايس پي ايل ايم او آءِ او ۽ اڳوڻي صدر رڪ مچار انڪار ڪندي چيو ته هي ڇوڪرا اسان جا دشمن ناهن. هنن کي آزاد ڪنداسين ۽ اهڙي طرح دنيا کي پيغام ڏينداسين ته ايس پي ايل ايم آءِ او ڪنھن به پرڏيهيءَ جي دشمن نه آهي پر پرڏيهي ملڪن کي درخواست آهي ته هو پنھنجا ماڻھو هتان ڪڍن. سوڊان حڪومت چوي ٿي ته هتي امن آهي پر ڪو امن ناهي. ڪمپني کي هلائيندڙ پرڏيھي پنھنجا هٿ ڪڍندا ته حڪومت اسان سان ڳالھيون ڪندي. اسان وٽ هٿيار آهن پر جنگ نٿا چاهيون، جمھوري حڪومت چاهيون ٿا ۽ 2018ع ۾ چونڊون ڪرايون وڃن. جيڪڏهن اسان چونڊون هارائي وياسين ته توهان جي هيٺ ڪم ڪنداسين. هن ملڪ مان ڌارين کي ڪڍڻ جو مقصد انھن جي حفاظت آهي ڇاڪاڻ جو اسان جي پنھنجي جهيڙي ۾ ڪو پرڏيهي مري ويوته سڄي ڳالهه باغين تي ايندي. اسان رسڪ نٿا کڻڻ چاهيون. اسان پنھنجي حڪومت ٺاهي وٺون ۽ معاملا حل ٿي وڃن پوءِ ڀلي پرڏيهي اچن، ڇاڪاڻ جو اسان جي ڇوڪرن کي رڳو گولي هلائڻ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ اچن ٿا، ڪمپني توهان پرڏيھين کي ئي هلائڻي آهي.”
اياز ٻڌايو ته ” 24 مارچ تي اسان کي ٻئي هنڌ شفٽ ڪيو ويو. اڌ ڪلاڪ جي مفاصلي بعد ان هنڌ تي آءِ سي آر سي (انٽرنيشنل ڪميونٽي آف ريڊ ڪراس) جا 2 نمائندا هڪ ڪئناڊا جو نڪولس ۽ ٻيو سوئيٽزر لينڊ جي نرس مارسيل اسان سان مليا ۽ فارم ڀريا. اسان کي پنھنجن پيارن ڏانھن خط لکڻ لءِ چيو ويو۽ ايڊريس به ورتي وئي. مون پنھنجي اسلام آباد واري وڏي ڀاءُ اختر کي خط لکيو ۽ چيو ته آئون سکيو ستابو آهيان، وقت تي ماني ملي ٿي، سڀني کي ياد ڪريان پيو، هنن مون کي ڪو نقصان ناهي پھچايو، جلدي ڇڏي ڏيندا. امان ۽ بابا جو خيال رکجو. اهو خط باغين کي پڙهايو ويو. پر هنن چيو ته هنن (يعني اسان) تي اعتبار آهي، ڀلي ڇا به لکن ۽ جي وائرليس آهي ته هنن کي پنھنجي گهر ڳالھرايو. آءِ سي آر سي وارن سيٽلائيٽ فون ذريعي اسان ٽنھي کي ڳالھرايو. پھرين ٻنھي ڀارتين ڳالھايو، آخر ۾ منھنجو وارو آيو. مون پنھنجي اسلام آباد واري ڀاءُ کي فون ڪري حال احوال ڪيو، هو ڏاڍو خوش ٿيو. مون پنھنجي ڀاءُ سان سنڌي ۾ ڳالھايو پر هنن ٻولي تي ڪو اعتراض نه ڪيو. ڀاءُ مون کي ٻڌيو ته هتي ميڊيا تمام گهڻي سرگرم آهي، اسان ڪوشش ڪريون پيا. اڍائي منٽن جي ڪال مون کلندي کلندي بند ڪري ڇڏي. خبر ناهي آئون ڪيئن نارمل رهيس. جان نڪولس مون کي چيو ته توهان کي جيڪا شيءِ کپي ته ٻڌايو ته اڳئين واري وٺي اچان. مون کين چيو ته مون کي ”اليون منٽ“ ناول آڻي ڏجو، اهو اڌ۾ رهجي ويو آهي،جنهن کي پورو ڪرڻ چاهيان ٿو. ان ڳالهه تي هو ڏاڍو کليو ۽ چيو ته توکي هن صورتحال ۾ به ناول پورو ڪرڻ جي لڳي آهي، جنھن بعد اسان کل ڀوڳ ڪندي هڪٻئي کي الوادع ڪيو ۽ وري ساڳئي هنڌ اسان کي شفٽ ڪيو ويو. مون کي خبر نه آهي ته ان دوران مون کي ڪھڙي قوت سپورٽ ڪري رهي هئي، جو آئون نارمل هئس، جڏهن ته هو ٻئي انڊين روئندا هئا. 25 مارچ تي انھن جي انٽيليجنس جا ماڻھو مون وٽ آيا ۽ چيو ته توهان جا ماڻھو گوڙ پيا ڪن. مون کي روزانو جي بنياد تي صبح شام ٻڌائيندا هئا ته توهان جي گهر ماڻھو اچ وڃ پيا ڪن، توهان جي ملڪ جي اسيمبلي ۾ رڳو توهان جو نالو ورتو پيو وڃي. توهان جي رياست جي هڪ اڳواڻ نوٽيس ورتو آهي، ڪجهه تنظيمون به توهان لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، پر اسيمبلي ۾ خطاب سميت جيڪي ماڻھو ڳالھائين پيا، اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي. رڳو تنھنجو نالو سمجهه ۾ ٿو اچي. اسان وري به ذاتي طور چيف ڪمانڊٽ کي توهان جي اخبارن جا فوٽو موڪليون ٿا. ان ڳالهه تي به ڀارتين پريشان ٿي مون کي چيو ته توهان جي حڪومت توهان جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪري پئي، اسان جو ڇا ٿيندو؟ اهڙي ريت مون کي روز رپورٽ ڏني ويندي هئي ته پاڪستان ۾ توڙي ٻين ملڪن ۾ منھنجي لاءِ ڇا پيو ٿئي ۽ منھنجي ذهن ۾ اهو هوندو هو ته زندگي لکيل هوندي ته ملندي نه ته بيوس ته اڳ ئي آهيان. 28 مارچ تي ڊاڪٽر رڪ مچار اسان جي آزادي جو حڪم ڏنو پر اتان جي ڪجهه عام ڌرين مخالفت ڪندي چيو ته ڪجهه عرصو اڳ اسان جو هڪ اڳواڻ ڪينيا مان گرفتار ٿيو هو، ان جي خبر نه پئي ڏني وڃي. هنن ٽنھي جي نالن تي انھن سان بارگيننگ ڪئي وڃي. سڄو ڏينھن اهو بحث هليو، ڪجهه باغين چيو ته اسان رڪ مچار جي حڪم کي مڃينداسين. جنھن بعد 29 مارچ جي رات جو دير سان اسان کي چيو ويو ته صبح جو سوير اٿجو ۽ توهان کي آزاد ڪيو ويندو. مون صبح جو سوير اٿي پنھنجي ڪمپني واري وردي پاتي ۽ نيرن ڪئي، جنھن بعد انھن جي قبيلي جا تمام گهڻا ماڻھو اسان سان ملڻ آيا ۽ تمام سٺي انداز ۾ اسان کي الوداع ڪيو. پگاڪ سٽي کان اسان 20 منٽن جي مفاصلي تي اٿوپيا بارڊر تي (جنھن کي هو پل چوندا هئا) اسان کي ٻئي وفد حوالي ڪيو ويو. اتان هڪٻئي کان موڪلايوسين. منھنجي پاڪيٽ ۾ رڳو سروس ڪارڊ هو. رڪ مچار جو خاص ماڻھو وليم ڊيگ اسان سان گڏ هو. جنھن کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو ته هو اسان کي خارطوم تائين پھچائيندو. ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر بعد گمبيلا سٽي پھتاسين، جيڪو سياحت وارو شھر آهي. هوٽل ۾ منجهند جي ماني کائڻ بعد ايئرپورٽ لاءِ روانا ٿياسين. ساڍا 4 وڳي جھاز اڏاميو ۽ اسان گمبيلا کان اديس ابابا (Addis Ababa) سفر ڪيو، جتي اٿوپيا جي آفيشلز اسان جي آجيان ڪئي ۽ سفير جي ڪمري ۾ ويھاريو ويو ۽ معذرت ڪئي وئي ته سفير ڪجهه سببن جي ڪري نه اچي سگهيو آهي. انٽيجيلنس جا ماڻھو به اتي موجود هئا، جنھن بعد سوڊان حڪومت جي خاص جيٽ جھاز ۾ اسان کي خارطوم لاءِ روانو ڪيو ويو. خارطوم ايئرپورٽ تي جيئن ئي جھاز وي آءِ پي لائونج آڏو پارڪ ٿيو ته اتي وڏي انگ ۾ ميڊيا۽ حڪومت جا ماڻھو ۽ پاڪستاني آفيشلز به اسان جي آڌر ڀاءُ لاءِ بيٺل هئا. جھاز مان سڀني کان پھرين آئون لٿس ته منھنجي لاءِ سرپرائيز اهو هو ته منھنجا مھراڻ يونيورسٽي جا دوست سليمان، الياس، اساما، اي ڪي ايل لاهور ڪمپني جا دوست، منھنجو ڀاءُ بابر ۽ ٻيا موجود هئا. جن شاندار آجيان ڪئي ۽ ويلڪم ويلڪم جا نعرا هنيا. اتي پرڏيھي ميڊيا مون سان ڳالھايو جن کي به مون باغين جو پيغام ڏنو ته ”سڀ پرڏيھي ماڻھو ملڪ ڇڏي وڃن. اسان جا معاملا ٺيڪ ٿي وڃن ته اچجو، اسان پاڻ آڌرڀاءُ ڪنداسين ۽ جيڪڏهن ڪا عالمي برادري اسان جي ٺاهه لاءِ وچ ۾ اچي ٿي ته آجيان ڪنداسين.“ ٻه ڏينھن خارطوم ۾ رهياسين، اتي پاڪستاني سفير زاهد پاسپورٽ ۽ پاس جو بندوبست ڪيو. جنھن بعد پھرين اپريل تي ڇنڇر واري ڏينھن قطر ايئر لائين ذريعي صبح جو ساڍي ستين وڳي پاڪستان پھتس، ايئرپورٽ تي به شاندار آجيان ٿي، جنھن بعد قافلو گلشن حديد پھتو ته پي ايڇ آر او ۽ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن طرفان آجيان ٿي. صبح جو اٺين وڳي ڪراچي مان نڪتاسين ۽ شام جو ساڍي 5 وڳي بدين پھتاسين.“
اياز جمالي اهو به ٻڌايو ته باغي نوئر قبيلي جا هئا ۽ پاڻ ۾ نوئري ڳالھائيندا هئا، جڏهن ته اسان انگريزي ۽ عربي ۾ ڳالھائيندا هئاسين. هنن جو علائقو سرڪار لاءِ نوگو ايريا هو. هنن وٽ توپ، ٽينڪ، ايئرڪرافٽ، ميزائل، راڪيٽ لانچر، مشين گن ۽ ٻيا ڪيترائي جديد هٿيار هئا. اتي هنن جي پنھنجي حڪومت هئي. باغين جي سردار رڪ مچار (Riek Machar) پيغام ڏنو ته اسان ڌاڙيل ناهيون، اسان جو پنھنجو نظريو آهي، جنھن تحت هي اغوا ٿي ويا. قيد دوران مون انھن کي چيو ته آئون واندو آهيان، مون کي اسڪول ۾ وٺي هلو ته توهان جي ٻارن کي پڙهايان، يا وري انجنيئرنگ سيکاريان، جنھن تي هنن چيو ته اسان جا ڇوڪرا جذباتي ۽ اڻ پڙهيل آهن. پاڪستاني ۽ چيني ۾ ڪو فرق نٿا سمجهن، ڪٿي هو توهان کي نقصان نه پھچائين.
هو فريڊم فائيٽر هئا، 62 قبيلن گڏ ٿي اهو هڪڙو باغي گروپ ٺاهيو هو. انھن جي خواهش هئي ته جمھوريت اچي، سڀني کي برابري جو حق ملي. انھي جون عالمي ميڊيا وارن سان به ڳالهيون هليون، پر ڪامياب نه ٿيون. هنن جو مذهب عيسائي آهي پر ڪجهه مسلمان به آهن. هنن ۾ خدا تعاليٰ تي يقين رکڻ وارا ماڻھو به هئا، اخلاقن تمام سٺا هئا. اغوا ٿيڻ وقت مون سوچيو هو ته آخري ڏينھن اچي ويو آهي، آئون پرائي وس هئس، خوف هو ته ماري ڇڏيندا، پاڻ کي آٿت به ڏيندو رهيس، مون اغواجي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي باغين سان دوستي ڪري ڇڏي ۽ ٻن ڏينھن جو سفر ڪري پوءِ هڪ هنڌ تي پھتاسين. مون کي دل ۾ ڪيترائي وسوسا اچي رهيا هئا، انھن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪتاب پڙهڻ تي ڌيان ڏنم ۽ يقين هو ته آزاد ٿيندس. ميڊيا ۾ معاملو اچڻ تي هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هنن اهو سوچيو ته سندن آواز دنيا تائين پھچي رهيو آهي. پاڪستان بابت سندن خيال هو ته هنن جو ان کان اڳ ڪڏهن به پاڪستان سان واسطو نه پيو، پر مون ذريعي، هنن چيو ته ”پاڪستان سان اسان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان توهان کي آزاد ڪري رهيا آهيون، جنھن سان اميد آهي ته اڳتي پاڪستان اسان سان سھڪار ڪندو ۽ پاڪستان اسان سان سٺا لاڳاپا رکندو.“
اياز جمالي چيو ته ”جنھن جاءِ تي منھنجي ٽن ساٿين کي قتل ڪيو ويو اتان ٽامس جو ته لاش ملي ويو پر جهنگ ۾ جنھن هنڌ يوسف ۽ منتور کي قتل ڪري اڇلايو ويو، انھن جا لاش اڃا تائين ناهن مليا. ان هنڌ جو نقشو مون ڪمپني وارن کي موڪليو آهي پر اتي ڪيترائي چيريندڙ ڦاڙيندڙ جهنگلي جانور هئا، شايد ئي هو بچي سگهيا هجن. بازيابي بعد ڪمپني وارن خير خيريت لاءِ رابطو ڪيو. مون انھن کي چيو ته ڪمپني بند ڪريو نه ته اڃا وڌيڪ ماڻھو مرندا. ان ڪمپني ۾ 100 کان وڌيڪ پاڪستاني ڪم ڪري رهيا آهن، باغين چيو آهي ته هي اسان آخري ڀيرو پرڏيھي ڇڏي رهيا آهيون، ان بعد اسان پرڏيھين کي به گولين جو کاڄ بنائينداسين. هن انٽرويو ذريعي سڀني سنڌ واسين کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته پرڏيهه ڪمائڻ ڀلي وڃو، فقط پاڪستاني نه پر سڄي دنيا ڪمائڻ وڃي ٿي، پر مھرباني ڪري اهڙي ملڪ ۾ وڃو ، جتان جي توهان کي خبر هجي، توهان کي ملڪ جي حالتن جي به چاڻ هجڻ گهرجي. منھنجو بچڻ ته معجزو هو پر ضروري ناهي ته هر ڀيري ايئن ٿئي. سوڊان ۾ رهندڙ ڀائر جلد کان جلد واپس هليا اچن، حياتي کي وڌيڪ ڪا شيءِ ناهي. حياتي هوندي ته نوڪريون پيون ٿينديون. هاڻي منھنجي ڪوشش هوندي ته پنھنجي ملڪ ۾ ئي نوڪري ڪريان. سنڌي سدائين هوم سڪنيس ۾ رهيا آهن، نئين ٽھي ٻاهر نڪري رهي آهي. مون کي ڪمپني 2 هزار ڊالر (2 لک رپيا) پگهار ڏيندي هئي، منھنجو رڳو فون جو خرچ 100 ڊالر هوندو هو، باقي سڄو پگهار آئون گهر موڪليندو هئس. منھنجو کاڌو پيتو ۽ رهڻ جو خرچ ڪمپني جي خرچ تي هوندو هو. 35 ڏينھن پنھنجي گهر هوندو هئس ۽ 35 ڏينھن ڊيوٽي هوندي هئي. ان ڊيوٽيءَ ۾ ڀلي عيد اچي وڃي يا وري ٻيو ڪو ڏڻ، پر ڊيوٽي ڪرڻي هوندي هئي. مون ڪمپني وارن کي اغوا ٿيڻ کان ڪجهه ڏينھن اڳ ئي استعيفا ڏني هئي. پر پاڪستان اچڻ کان ٻه ٽي ڏينھن اڳ مون کي اغوا ڪيو ويو. منھنجي شادي 15 اپريل تي رٿيل هئي، سمورا خواب چڪناچور ٿي ويا هئا، پر هاڻي شڪر آهي جو شيڊيول مطابق شادي ٿي رهي آهي، دعوت ناما ورهايا پيا وڃن، سڀني ماروئڙن جو ٿورائتو آهيان، جن منھنجي لاءِ دعائون ڪيون ۽ هن ڏکئي وقت ۾ منھنجي ۽ منھنجي گهر ڀاتين جو ساٿ ڏنو. ”ڪاوش“ جي سرواڻ علي قاضي جو به ٿورائتو آهيان، جنھن پڻ منھنجي بازيابيءَ ۾ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو.“
اياز جمالي ٻڌايو ته ”بابا ايگريڪلچر جو رٽائرڊ ڊرائيور هو، وڏي مشڪل سان مون مهراڻ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. ڪنھن وقت ماني کائڻ جا به پئسا نه هوندا هئا، سفر جا پئسا نه هجڻ سبب پنڌ هلڻو پوندو هو. رڳو اسڪالرشپ ڳوليندا هئاسين، اوڌار تي ماني کائيندو هئس. مھراڻ يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ڪرڻ بعد منھنجو ڀاءُ بابر جيڪو اي ڪي ايل ڪمپني لاهور ذريعي سوڊان ويو، جڏهن نوڪريون آيون ته مون به درخواست جمع ڪرائي ۽ منھنجي به سليڪشن ٿي وئي. اهڙي ريت آئون به 2014ع ۾ سوڊان پھتس.
اياز جمالي جي پيءُ غلام حسين جمالي ٻڌايو ته ”جنھن ڏينھن اياز اغوا ٿيو، ان ڏينھن اسان کي نه ٻڌايو ويو. ان ڏينھن اسان جي گهر جي ڪيبل ڪاٽي وئي، هر شيءِ کان بي خبر رکيو ويو پر ٻئي ڏينھن تي ٻڌايو ويو ته پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. ذهن ۾ اهو هو ته اياز وحشين جي هٿ ۾ آهي. اها خبر ٻڌندي ئي منھنجو اندر کاڄي ويو هو، اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا، ڪنھن سان به انھن 12 ڏينھن ۾ ڳالھائي نه سگهيس، ڇاڪاڻ جو 4 سال اڳ به بابر ۽ اياز کي اغوا ڪيو هو، وري ٻيھر هن واقعي منھنجو جيءُ جهوري ڇڏيو. مڪمل طور مايوس ٿي ويس. 12 ڏينھن ۾ معجزو ٿيو ۽ منھنجو پٽ واپس اچي ويو، جنھن ۾ ميڊيا جو تمام وڏو ڪردار آهي. آئون ڊرائيور ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو آهيان. پنھنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏياري اٿم.
اياز جمالي جي ڀيڻ عابده جمالي ٻڌايو ته ”فيس بڪ ذريعي خبر پئي ته اسان جو ڀاءُ اغوا ٿي ويو آهي. اسان امان ۽ بابا کي شروع ۾ نه ٻڌايو پر جڏهن کين خبر پئي ته اسان کي انھن جي حياتي جو تمام گهڻو ڊپ هو. امان ۽ بابا جي حالت تمام گهڻي خراب هئي. اسان انٽرنيٽ ذريعي ماڻھن سان رابطا ڪيا ۽ اپيلون ڪيون. هڪ ڏينھن ۾ پاڪستان توڙي پرڏيھي سفارتڪارن سان رابطا ڪيا ۽ روزانو جي بنياد تي صبح شام اپيلون ڪندا هئاسين. ان دوران منھنجا فيس بڪ اڪائونٽ بلاڪ ٿي ويا ۽ اسان ڏينھن ۾ 700 اپيلون ڪندا هئاسين. مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ڀائرن توڙي ڀينرن اسان جي مدد ڪئي. هڪ ڏينھن اهڙو آيو جو اسان ان باغين جي گروپ تائين پھچي وياسين ۽ هو اسان سان رابطي ۾ آيا. هنن اسان کي پنھنجا سُور ٻڌايا، ڀاءُ جي خبرڏيندا رهيا، عابده جمالي ٻڌايو ته انھن 12 ڏينھن دوران هڪ منٽ به ننڊ نه آئي، 24 ئي ڪلاڪ رڳو ڀاءُ جي خبر جو انتظار هوندو هو. باغين جي گروپ جي هڪ شخص چيو ته “توهان فڪر نه ڪريو، توهان جو ڀاءُ صحيح سلامت گهر پھچندو، آئون زندگي جو قسم ٿو کڻان ته توهان جي ڀاءُ کي گهر پھچايو ويندو.”