الطاف شيخ ڪارنر

لنڊن تائين لفٽ

پرڏيھي ادب مان چونڊ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جي مجوعي ”لنڊن تائين لفٽ“ بابت شمشيرالحيدري لکي ٿو: ”سامونڊي سفرنامن ۽ سامونڊي ڪھاڻين کان هٽي، ”لنڊن تائين لفٽ“ الطاف شيخ جي خالص ادبي ڪوشش آهي. هو انھيءَ ميدان ۾ بہ ڪامياب آهي ۽ سندس وڏي ڪاميابي پنھنجي نالي جي اها ساک آهي، جيڪا پڙهندڙن وٽ مقبول ليکڪن لاءِ سند هوندي آهي. اسان جا اڄوڪا گهڻا ڪھاڻيڪار جيڪي اڃا بہ او_ هينري ۽ موپاسان جي اسٽائل کي ماڊل بڻائي لکي رهيا آهن، تن لاءِ الطاف جي چونڊيل، دنيا جي مختلف ٻولين جي جديد ڪھاڻين جا ترجما سٺو مثال ثابت ٿيندا.“ 
  • 4.5/5.0
  • 8
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book لنڊن تائين لفٽ

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: لنڊن تائين لفٽ
ليکڪ: الطاف شيخ
نئون وڌايل ڇاپو: © روشني 1999
ڪمپوزنگ: حبيب قادر قريشي
روشني ڪمپوزرس، حيدرآباد.
ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد.
ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو. سنڌ.
ٽائيٽل ڊزائين؛ خدا بخش ابڙو

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ پاران پرڏيھي ادب مان چونڊ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جو مجوعو ”لنڊن تائين لفٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪتاب بابت شمشيرالحيدري لکي ٿو:
”سامونڊي سفرنامن ۽ سامونڊي ڪھاڻين کان هٽي، ”لنڊن تائين لفٽ“ الطاف شيخ جي خالص ادبي ڪوشش آهي. هو انھيءَ ميدان ۾ بہ ڪامياب آهي ۽ سندس وڏي ڪاميابي پنھنجي نالي جي اها ساک آهي، جيڪا پڙهندڙن وٽ مقبول ليکڪن لاءِ سند هوندي آهي.
اسان جا اڄوڪا گهڻا ڪھاڻيڪار جيڪي اڃا بہ او_ هينري ۽ موپاسان جي اسٽائل کي ماڊل بڻائي لکي رهيا آهن، تن لاءِ الطاف جي چونڊيل، دنيا جي مختلف ٻولين جي جديد ڪھاڻين جا ترجما سٺو مثال ثابت ٿيندا.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1980ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران جڏھن تہ نئون ڇاپو (سڌاريل ۽ وڌايل) 1999ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ صاحب جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

اسان جي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) جي پرنسپال
”ڪرنل ڪومبس“ نالي

ڪرنل ڪومبس عجيب مرد مجاهد هو! مون جهڙا ڪيترائي هن مان بيحد متاثر آهن- ان ڪري نه ته هو ڪو اڇو ڀورو انگريز هو. انگريز ته ڪرنل ڪومبس جي ڏينهن ۾ ٻيا به ڪجهه هئا. پيٽاروبعد ٻين تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ به ڪيترن ئي انگريزن ۽ يورپين سان گڏ ڪم ڪرڻو پيو پر ڪرنل ڪومبس جي ڳالهه ئي ٻي هئي. هڪڙا انگريز اهي هئا جن جو تواريخ ۾ پڙهيوسين ته هنن ڪيئن اسان جي وطن تي حملو ڪيو ۽ ان کي ڦريو لٽيو .... هڪ هي نيڪ انسان هو، جنهن اسان کان وڌيڪ اسان جي ملڪ، صوبي ۽ پيٽارو ڳوٺ ۽ ان جي پسگردائيءَ سان پيار ڪيو.
هن وقت آئون ڪرنل ڪومبس کي پسند ڪرڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هن جي سٺين ڳالهين جو سوچي رهيو آهيان ته آخر هو اسان کي ڇو ٿي وڻي- ته ڪيتريون ئي ڳالهيون ڌيان ۾ اچن ٿيون.
ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اسين ڳوٺن کان آيا هئاسين ۽ اڃا اڙدو ئي جهڙي تهڙي سمجھه ۾ آئي ٿي ته مهيني کن بعد پرنسپال جي خالي پوسٽ تي ڪرنل ڪومبس آيو. گھڻو ڪري پرنسپال صاحبان پنهنجو پاڻ کي رڳو پنهجين آفيسن تائين محدود رکندا آهن يا نيم سرڪاري دورن ۾ مشغول هوندا آهن، پر ڪرنل ڪومبس ڪلاسن ۾ گھڙي ڪڏهن انگريزي ته ڪڏهن جاگرافي يا مئٿس پڙهائڻ شروع ڪري ڏيندو هو. سبجيڪٽ ٽيچر کي به اسان سان گڏ ويهاري ڇڏيندو هو. گھڻو گھڻو پوءِ جڏهن آئون هن وٽ ڇهه سال ۽ جهازران اداري مان پنج سال تعليم حاصل ڪري، جهاز ذريعي انگلنڊ پهتس ۽ هن جيلنڊن واري گھر “پيٽارو هائوس” (جنهن کان متاثر ٿي مون به ڪراچي واري پنهنجي گھر جو نالو پيٽارو هائوس رکيو) پهتس، ته هن ڳالهين ڪندي ٻڌايو ته هن جي ان عمل جو مطلب ڪو ڪلاس روم ۾ دخل اندازي ڪرڻ نه هو پر اسان مان لڄارو پن ۽ گھٻراهٽ ڪڍڻ هو جيئن اسان ۾ اعتماد پيدا ٿئي ۽ بردبار ٿيون ۽ ساڳي وقت ٽيچر (جنهن کي پڻ هن پنهنجي ٻارن وانگر ٿي سمجھيو) کي پڻ احساس ٿئي ته هن جو ڪنهن به وقت احتساب ٿي سگھي ٿو ۽ دل لڳائي پڙهائڻ سان سندس تعريف ۽ واهه واهه ٿيندي، ٻي صورت ۾ هو پنهنجي گِلا ڪڍرائيندو. مٿي لکيو اٿم ته ڪرنل ڪومبس اسان سڀني کي ٻارن وانگر سمجھندو هو پر اها ڳالهه ٻي آهي ته هن کي آخر تائين ڪوبه اولاد نه ٿيو. پيٽارو ڇڏڻ بعد هن جي پهرين زال گذاري ويئي. ان بعد انگلنڊ ۾ هڪ ٻي پوڙهيءَ سان شادي ڪيائين. ان مان به اولاد نه ٿيس. پاڻ ان سان گڏ به ڪيترا دفعا، مرڻ گھڙيءَ تائين پاڪستان گھمڻ ايندو رهيو، جتي سندس اچڻ جو وڏو مقصد پنهنجن شاگردن کي ڏسڻ هو ته هو هن جي چوڻ مطابق نه فقط فوج ۾ ويا آهن، پر ا تي سٺا آفيسر ٿي ڪم ڪري رهيا آهن يا نه.
بهرحال سچي ڳالهه آهي ته شروع وارن سالن ۾ سواءِ شوڪت جماڻي، رفيع ڪاڇيلي ۽ ڪي. جي . اين انصاريءَ جي اسان شاگرد ڪرنل ڪومبس کان ڀڄندا رهندا هئاسين ته متان سامهون نه ملي وڃي ۽ انگريزي ڳالهائڻي پوي. پر ڪرنل ڪومبس به اسان کي ڇڏڻ وارو نه هوندو هو. جيڪو گھڻو شرمائيندو ۽ لهرائيندو هو ان سان ئي گھڻو ڳالهائيندو هو- نه فقط ڪلاس روم ۾ پر شام جو راندين جي ميدان تي. مانيءَ جي ٽائيم تي ميس ۾، پڪنڪ تي وٺي هلڻ مهل نه فقط هو پاڻ پر پوءِ ٻين ٽيچرن تي به زور ڀريائين ته اهي به اسان سان گھڻي کان گھڻي انگريزي ڳالهائين ۽ تعليم کي رڳو ڪلاس روم تائين محدود نه رکن پر ڪلاس روم کان ٻاهر اسان کي اخبارون، رسالا پڙهڻ لاءِ چون ۽ عام معلومات جا مقابلا رکي اسان کي مشغول رکن. انگريزيءَ جا اچار سڌارڻ لاءِ هن پاڻ جهڙا اهڙا انگريز انگلنڊ مان ڳولي گھرايا جن بنا پگھار جي اسان کي پڙهايو ٿي. انهن ۾ هڪ برٽش آرمي جو رٽائرڊ ڪئپٽن هارلي هوندو هو، جيڪو لياقت جتوئي، محسن پنهور، رشيد ابڙي ۽ نصير قاضي جن جي ڪلاس جو ٽيچر پڻ هو ۽ سڄو ڏينهن انگريزي سيکارڻ پويان هو. ان کان علاوه ٻه نوجوان ٽيچر ڪنهن اداري طرفان انگلنڊ مان آيا هئا جن جو پڻ ساڳيو ڪم هو. ان بعد ڪرنل ڪومبس کي ٻه پاڪستاني همراهه به دل وٽان ملي ويا. جن اهو ئي ڪيو ٿي جيڪو ڪرنل ڪومبس چاهيو ٿي. يعني اسڪول جي سبجيڪٽن سان گڏ اسان کي انگريزي ۽ عام معلومات ۾ ڀڙ ڪرڻ، پي ٽي پريڊ ۽ ڊسپلين ۾ چئيوان بنائڻ، فوج ۾ وڃڻ لاءِ ان طرف لاڙو پيدا ڪرڻ، وغيره. اهي هئا: هڪ نيول آفيسر ليفٽيننٽ ڪمانڊر اسرار الله جيڪو پوءِ پرنسپال به ٿيو هو ۽ ڪمانڊر ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ ٻيو آرمي جو نوجوان آفيسر ڪئپٽن عالم جان محسود، جيڪو هينئر ٻه ٽي سال کن اڳ ليفٽيننٽ جنرل ٿي رٽائرڊ ٿيو آهي. مون کي ياد آهي ته وئڪيشن جي ڏينهن ۾ ڳوٺ وڃڻ بدران ڪرنل ڪومبس جي چوڻ تي اسرار الله صاحب اسان شاگردن کي گھٽ ۾ گھٽ 15 ڏينهن منهوڙي جي نيول اڪيڊمي ۾ اچي رهائيندو هو ۽ نيوي جا ادارا ۽ جهاز گھمائيندو هو، جيئن اسان کي نيويءَ ۾ اچڻ جو شوق ٿئي. هڪ دفعو ته “سي اسڪائوٽن” جي جمبوري ڏيکارڻ لاءِ سڄي انڊيا ۽ ايسٽ پاڪستان ريل رستي گھمايائين. ساڳيو حال عالم جان محسود صاحب جو هو. هڪ دفعي (جڏهن اسان مئٽرڪ ۾ هئاسين) ته عالم جان صاحب سڄو سال اسان کي پنهنجو پاڻ ۾ انگريزي ڳالهائڻ جو پابند ڪري ڇڏيو. هاسٽل جي ڪمرن ۾ ته لڪي لڪي سنڌي يا اڙدو ڳالهائيندا هئاسين، پر پريڊ گرائونڊ يا ڪلاس روم ۾ ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اٺ آنا ڏنڊ هوندو هو.
ڪرنل ڪومبس جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيو، تڏهن فقط ٻه ڪلاس هئا ۽ ٻنهي ڪلاسن جا جملي ڪئڊٽ ستر کن مس هئاسين. کيس اسان سڀني جا نالا آيا ٿي. اها اسان لاءِ وڏي مصيبت هوندي هئي. هڪ دفعي جمعي جي نماز بعد مسجد جي ٻاهران رضا شيخ (ڊينٽل سرجن)، شبير لغاري (ٽيليفون کاتي واري) ۽ مون ڏينڀن جي ککر کي ڀتر پئي هنيا. ڪرنل ڪومبس خبر ناهي ڪٿان اسان کي ڏسي ورتو ۽ اسان جي هائوس ماستر کي فون ڪري اسان کي تنبيهه ڪرڻ لاءِ چيو. هائوس ماستر اسان کي گھرائي دڙڪا ڏنا، اسان گھڻو ئي ڪوڙ ڳالهايو ته ڪرنل ڪومبس صاحب ڪنهن ٻئي کي ڏٺو هوندو پر هائوس ماستر عبدالله خادم حسين صاحب (هاڻ ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري) چيو ته نه سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻي ڪنهن کان غلطي ٿي سگھي ٿي پر ڪرنل ڪومبس کان هرگز نه.
اڳتي هلي هر سال ڪلاس وڌندا ويا ۽ هڪ وقت اهڙو اچي ويو، جڏهن ستين کان ٻارهين تائين ڪلاس ٿي ويا ۽ شاگردن جو هڪ ئي وقت تعداد ٻه سئو کان به مٿي ٿي ويو ته به ڪرنل ڪومبس کي سڀني جا نالا آيا ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪن ڪن نالن جا اچار غلط وٺندو هو، جيئن الطاف بدران مون کي “الٽاف” چوندو هو، پر واقف سڀني کان رهيو ٿي.
ڪرنل ڪومبس کي هر وقت اسان شاگردن جو فڪر هوندو هو. بقول مرزا بشير چاند (هينئر واپڊا ۾ ايس. اي.) جي: “ڪرنل ڪومبس کي نه آهن ٻار ۽ نه گھمڻ جو شوق. سڄو ڏينهن اسان جي پٺيان آهي. پڙهو، پڙهو. وري پڙهون ٿا ته رانديون به کيڏو. پي . ٽي پريڊ به ڪريو. لئبرري ۾ به وڃو. اخبارون به پڙهو. ڪُئيز ۽ جنرل ناليج جي مقابلن ۾ به حصو وٺو. تقريرون ۽ بحث مباحثا به سڀ ڪريو. موڪلن ۾ به جان نٿو ڇڏي. انهن جو به اڌ سندس مرضي موجب گھمڻ وڃون ٿا. باقي اڌ موڪل لاءِ ايڏو هوم ورڪ ۽ ڪاليج مئگزين لاءِ مضمون لکڻ لاءِ ڏئي ٿو ڇڏي جو پنهنجي مرضيءَ مطابق ته ڪجھه به نٿا ڪري سگهون.”
هونءَ اڪثر شاگرد پنهنجن ماسترن جون ڪوڙيون سچيون شڪايتون مائٽن سان ڪري رليف حاصل ڪندا آهن، پر اسان جي پرنسپال ڪرنل ڪومبس کان اسان جا مائٽ به ڊڄندا هئا جو هو انهن کي به دڙڪا ۽ سمجھاڻيون اهڙيءَ طرح ڏيندو هو جو هو مطمئن ٿي ويندا هئا. آئون مئٽرڪ ۾ هوس ته منهنجي ڀيڻ جي شادي ٿي رهي هئي. ڪرنل ڪومبس مون کي هڪ ڏينهن جي به موڪل نه ڏني. منهنجو پيءُ تن ڏينهن ۾ وليج ايڊ ڪاليج ٽنڊو ڄام جو پرنسپال هو. هو منهنجي موڪل لاءِ پاڻ پرنسپال وٽ هلي آيو پر ڪرنل ڪومبس صاف صاف بابا کي چيو “ ان ۾ ڇوڪري جي پڙهائيءَ ۾ رخنو ايندو ۽ توهان پاڻ پرنسپال ٿي ڪري اهڙي ڳالهه جي همٿ افزائي نه ڪريو.”
ڪرنل ڪومبس جتي سختي ڪندو هو (اڳتي هلي جڏهن مٿين ڪلاسن ۾ پهتاسين ته ڪاليج مان ڀڄڻ يا سگريٽ پيئڻ جهڙن ڏوهن لاءِ ڪيننگ به شروع ڪئي هئائين)، اتي ڀائيندو پڻ هو. ماني ٽڪي يا رهائش جو مسئلو هجي يا اگھائي سگھائيءَ جو. سڀ کان وڏو مائٽ ڪرنل ڪومبس هوندو هئوسين. ڪيترا ڳوٺن کان آيل شاگرد ڪاليج جي ڪموڊ سسٽم ڪاڪوسن کان اڻ واقف هجڻ ڪري ڪموڊن جون مٿيون پلاسٽڪ جون سيٽون ڀڃي رکندا هئا. نيٺ هڪ ڏينهن اسيمبليءَ ۾ ڪرنل ڪومبس اسان کي سمجايو ته ڪموڊ تي ڪرسيءَ وانگر ٿي ويهو. پر ته به نتيجو ڪو خاطر خواه نه نڪتو. هڪ ڏينهن اسيمبليءَ لاءِ جڏهن قطارن ۾ بيهڻ لڳاسين ته ڏسون ته پرنسپال جي بيهڻ واري هنڌ تي هڪ ڪموڊ رکيو آهي. اسان سمجھيو ته ڪنهن پرنسپال کي چيڙائڻ خاطر ڪاڪوس مان ڪموڊ ڪڍي اچي هتي رکيو آهي ۽ ڪرنل ڪومبس جيڪو هاڻ ڄاڻ ته پهتو اهو ڏسي پڪ ڪاوڙ ڪندو. ساڳي سوچ جو اظهار آيل ڪلاس ٽيچر به ڪري رهيا هئا ته مٿان ڪرنل ڪومبس اچي ڪڙڪيو. پر هن جي منهن تي ڪنهن به قسم جا جذبا نه هئا- نه ڪاوڙ جا نه تعجب جا. روز مطابق ڪئڊٽ خالد درانيءَ قرآن جي تلاوت اچي ڪئي، جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هميشه وانگر ڪرنل ڪومبس ڪيو (باءِ دي وي ڪرنل ڪومبس کي عربي لکڻ پڙهڻ پڻ آئي ٿي، جيڪا هن چار سال کن سوڊان ۾ رهڻ دوران سکي هئي)، ترجمي بعد ڪالج جا ڊيلي آرڊر ٻڌائي پوءِ ڪموڊ وٽ آيو ۽ ان تي ڪرسيءَ وانگر ويهي چيو: “هن تي هينئن ويهندا ڪريو.” ۽ پوءِ وري ان مٿان چڙهي ويٺو جيئن پير زمين تي رهڻ بدران ڪموڊ جي پلاسٽڪ واري سيٽ تي رهن ۽ چوڻ لڳو، “مهرباني ڪري هن تي ائين نه ويهو. ائين ويهڻ سان ڪموڊ جي هيءَ پلاسٽڪ جي سيٽ ڀڄي پوندي.”
ڪرنل ڪومبس لاءِ آفيس ٽائيم مقرر نه هوندا هئا. اسان ڪاليج ۾ گھڙندا هئاسين ته اسان کان اڳ هو آفيس ۾ هوندو هو ۽ موڪل مهل هن کي آفيس ۾ ئي ڇڏي ايندا هئاسين. آچر (موڪل) تي به هو آفيس ۾ ئي رڌل هوندو هو. هڪ دفعي اهڙي موڪل واري ڏينهن تي اسان ڪجھه ڪئڊٽ سندس آفيس جي پويان ڇانوَ ۾ (هيءَ ميرپورخاص وارن شروع جي ٻن سالن جي ڳالهه آهي ۽ اسين اٺين ڪلاس ۾ هئاسين) ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئاسين ۽ رکي رکي بال سندس آفيس جي ڀِت کي لڳي رهيو هو. هي ڪو آفيس ۾ ويٺو هو پر اسان کي خبر ئي نه پئي. ڪلاڪ کن رکي هي آفيس کي لاڪ ڪري اسان جي پٺيان آيو. اسان جيئن ئي کيس ڏٺو ته بئٽ بال ڇڏي وٺي ڀڳاسين. پٺيان بشير ميمڻ (ڏيپلي جي مُکي احمد علي ميمڻ وڪيل صاحب جو فرزند، هاڻ پي ڊبليو ڊي ۾ ايس. اي آهي) تنهن کي سڏ ڪيائين. اسان چيو شريف ماڻهو ڦاسي ويو. ٿوري دير کانپوءِ بشير ميمڻ کلندو آيو ته ڪرنل ڪومبس سڀني کي سڏي پيو ۽ چوي ٿو ته ڊڄو نه، ڀلي کيڏو ۽ جيڪو وڏي شاٽ هڻندو (جنهن سان بال مٿي آفيس جي دريءَ جو شيشو ڀڃي رکي) ان کي انعام ڏيندس. اسان سڀ موٽي آياسين. سڀ خوش هئاسين ته شيشو ڀڄي يا نه پر اسان کي راند جي موڪل ملي وئي ۽ تعجب جي ڳالهه ته هڪ شاٽ بشير بلوچ (يا شايد سندس وڏي ڀاءُ شمس بلوچ) اهڙي هنئي جو شيشو ڀڄي پيو. ٻئي ڏينهن ڪرنل ڪومبس کيس ڪئڊبري چاڪليٽن جو وڏو دٻو ڏنو، جيڪو انگلنڊ مان کيس ڪنهن موڪليو هو.
ڪرنل ڪومبس ڏسڻ ۾ ڳاڙهو- بلڪ گلابي سرخ، منهن ڀريل، آمريڪن فلمن جي شئرف وانگر وڏين مڇن وارو هو. چانهه تمام گھڻي پيئندو هو. ڪنهن پڇيس سر توهان روزانو ڪيترا ڪوپ چانهه پيئو ٿا؟ وراڻيائين :
“Don’t ask me about cups, ask me about kettles”
پاڻ خوش مزاج طبيعت جو هو. هر وقت چرچا ڀوڳ ٻڌائيندو رهيو ٿي، جيتوڻيڪ سندس زندگي ننڍپڻ کان وٺي ڏکن جو داستان رهي هئي. هونءَ آفيس ۾ سنجيدو هوندو هو پر ميس ۾ ۽ راندين جي گرائونڊ تي هميشه سندس منهن تي مُرڪ هوندي هئي. ڪاليج جي ليڪچرارن کان وٺي ڪئڊٽن ۽ اسٽاف ميمبرن سان چرچا ڪندي نه گسائيندو هو ۽ اسان جو ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود ۽ ڪمانڊر اسرار الله جنهن کي N. O. (يعني نيول آفيسر) سڏيندا هئاسين، اهي ته ورنديءَ ۾ ساڻس به چرچا ڪندا هئا، جنهن مان هو لطف اندوز ٿيندو هو.
هڪ دفعي نيويءَ جو سي. اين. سي ائڊمرل اي. آر. خان پيٽارو آيو ۽ منجھند جي ماني اسان سان کاڌائين. اسان انهن ڏينهن م انٽر (ٻارهين ڪلاس) ۾ هئاسين. مين ٽيبل تي پرنسپال، ائڊمرل اي. آر. خان ۽ مختلف هائوس (هاسٽلن) جا انچارج J. U. O (هڪ قسم جا مانيٽر) ويٺا. آءٌ لياقت هائوس جو “جي. يو. او” هوس ۽ مون کي چيف گيسٽ جي ڀر واري سيٽ ملي هئي. مانيءَ دوران ائڊمرل صاحب انگريزيءَ ۾ مون کي چيو ته هر ڪاليج ۾ چرچائي مڙس يا مسخرو هوندو آهي، توهان جي ڪاليج ۾ ڪو آهي؟ مون جواب ۾ “نه” (يعني NO) چيو.
تنهن تي ائڊمرل صاحب تعجب مان ڪرنل ڪومبس کي چيو، “ڇا واقعي ڪير به نه آهي؟” ڪرنل ڪومبس کلندي وراڻيو: “ڪئڊٽ الطاف توهان کي هڪ همراهه لاءِ ٻڌائي ته رهيو آهي.”
“نه. هي ته جواب ۾ No پيو چوي.” ائڊمرل صاحب چيو.
“اهو ئي ته ان همراهه جو نالو NO آهي،” ڪرنل ڪومبس کلندي چيو، “الطاف هن جو سڄو نالو ٻڌائيندي ڊڄي ٿو.”
اهو ٻڌي آءٌ گھٻرائجي ويس ته ڪرنل ڪومبس الائي ڪنهن لاءِ پيو سمجھي.
ائڊمرل چيو: “ڪرنل صاحب مون نه سمجھيو.”
“الطاف NO پيو چوي يعني نيول آفيسر. يعني توهان طرفان موڪليل ڪمانڊر اسرار الله. هاڻ اهو توهان جي ڪميونٽيءَ (نيويءَ) جو ماڻهو آهي، ان ڪري ان جو سڄو نالو وٺندي ڊڄي ٿو.”
ائڊمرل سان گڏ سڀني ٽهڪ ڏنا. واقعي ڪاليج ۾ سڀ کان گھڻو چرچائي مڙس اسان جو اين. او_ نيول آفيسر اسرارالله هو. ائڊمرل صاحب کي به اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته سندن اداري جي موڪليل نمائندي کي هن ڪاليج۾ سڀ ڪو پسند ڪري ٿو. ان ئي وقت ڪرنل ڪومبس ائڊمرل صاحب کي اسرار الله صاحب لاءِ ٻه سال وڌيڪ ڪاليج ۾ رهڻ(Extention) لاءِ عرض ڪيو.
ڪرنل ڪومبس جون ٻيون سڀ ڳالهيون سٺيون پر اسان کي نه موڪل ڪرڻ ڏيندو هو ۽ نه پيرڊ گسائڻ ڏيندو هو. هڪ دفعي اسان کي خبر پئي ته ٻين اسڪولن ڪاليجن ۾ قائد اعظم جي وفات جي ڏينهن تي موڪل ٿئي ٿي پر اسان کي پيٽارو ۾ موڪل نٿي ڏني وڃي. انهن ڏينهن ۾اسان فرسٽ ايئر ۾ هئاسين ۽ ڪرنل ڪومبس سان مڙيئي هاڻ بحث ڪرڻ جي همٿ پيدا ٿي چڪي هئي. ڊيليگيشن جي صورت ۾ هن وٽ موڪل جو اعلان ڪرڻ لاءِ پهتاسين ته، “سائين هي ڇا آهي، اسان ههڙي ڀلاري ڏينهن تي به ڪم ڪريون ٿا.” پاڻ سڄي ڳالهه غور سان ٻڌي اسان کان سوال ڪيو: “جي توهان ان ڏينهن تي به ڪلاس اٽينڊ ڪريو ٿا، پي ٽي پريڊ ڪريو ٿا ته ان ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟”
اسان ان سوال جو جواب ته پهرين سوچي نه ويا هئاسين. بهرحال اسان مان هڪ، ڪئڊٽ شفيق الرحمان چنا پنهنجي سمجھه آهر جواب ڏنو ته “سائين ان ڏينهن تي ڪم ڪنداسين ته اسان جي قوم جي ابي جناب قائد اعظم جي روح کي تڪليف پهچندي.”
“نه. هرگز نه.” ڪرنل ڪومبس وراڻيو. “هن جي روح کي يقين ڪريو ته تڪليف نه پر راحت رسندي ته هن جي قوم جا نوجوان موڪلون ڪري وقت وڃائڻ بدران محنت ڪري رهيا آهن. ڇا توهان جناح صاحب جي بايوگرافي نه پڙهي آهي ته هن هر وقت اها ئي تلقين ڪئي ته ڪم، ڪم ۽ ڪم ڪريو؟”
اسان چُپڙي ڪري ٻاهر هليا آياسين.
هڪ دفعي ته سالياني پروگرام موجب هڪ موڪل واري ڏينهن تي ڪرنل ڪومبس اسان مٿين ڪلاس وارن (يعني فرسٽ ييئر ۽ انٽر ڪلاس وارن) کي موڪل ڪرڻ بدران امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ ڪلاس روم ۾ اچي پڙهڻ لاءِ گھرايو. اسان مان مانيٽر ٽائيپ ڪئڊٽن (J.U.Os) هن جي آفيس ۾ وڃي کيس عرض ڪيو ته سائين اهو ڏينهن موڪل ئي رهڻ ڏيو. بهرحال ڳالهه نه مڃيائين. موڪل نه ڪيائين. کيس مڃرائڻ لاءِ يا هڪ ٻئي کي قائل ڪرڻ واري بحث ۾ سندس هڪ جملو مون کي اڃا تائين ياد آهي. جڏهن اسان چيس ته: “سائين توهان ئي ته ساليانو ٽائيم ٽيبل ٺاهيو آهي جنهن ۾ اهو ڏينهن موڪل جو رکيو آهي ۽ هاڻ توهان پروگرام ٿا بدلايو.” ان تي وراڻيائين: “پروگرام بدلائڻ ۾ ڇا آهي؟ منهنجو پروگرام ڪو قرآني آيتون ته نه آهن جو ڦير ڦار نه آڻجي.” ۽ پوءِ چانهه جو وڏو ڍُڪ ڀري چيائين، “جڏهن ملڪ جو آئين بدلجي سگھي ٿو ته منهنجو ٺهيل شيڊول ڪهڙي ڳالهه آهي. هاڻ هلو.” ۽ اسان وري چپڙي ڪري موٽي آياسين.
ڪرنل ڪومبس جي هتي هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه لکڻ ضروري سمجھان ٿو، جيڪا اڄ جي شاگرد ۽ والدين لاءِ وڏي سوچ رکي ٿي. اسان جڏهن مئٽرڪ ۾ پهتاسين ته اونهاري جي موڪلن ۾ اسان کي ٻئي هوم ورڪ سان گڏ ڪرنل ڪومبس هڪ مضمون لکي اچڻ لاءِ چيو هو، جنهن جو عنوان ڪجهه هن ريت هو ته اسان جو زندگيءَ ۾ ڇا Aim آهي - يعني اسان مستقبل ۾ ڇا ٿيڻ چاهيون ٿا.
ڇا ٿيڻ چاهيون ٿا؟ اڄ به آئون ڳوٺ جي ڇوڪرن کان پڇندو آهيان ته اهو ئي جواب ڏيندا آهن جيڪو اسان اڄ کان چاليهه سان اڳ ڏنو ٿي ته “جيڪي قسمت ۾ هوندو.” سو اسان به مضمون ۾ ڇا لکون. هڪ هونءِ ئي هوم ورڪ ڪرڻ کان ٻرو چڙهيو ٿي، ٻيو ڪجھه عنوان اهڙو، جنهن لاءِ اسان وٽ ٻار کي تيار نه ڪيو ويندو آهي ۽ ويتر مائٽن کان به پڇيوسين ته انهن به اهوئي چيو: “بابا اها به ڪا ڳالهه! جيڪي قسمت ۾ هوندو اهو ٿبو. اهي ايندڙ وقت جون ڳالهيون هينئر ڪي سوچبيون ڇا؟”
نتيجي ۾ مون جهڙن اڌ کان مٿي ڪلاس ميٽن ڪجھه نه لکيو ۽ پوءِ ڪاليج کلڻ تي ۽ ڪرنل ڪومبس جي پڇڻ تي ٻه چار ڪلاس ميٽ اهو لکي آيا هئا ته اسين انجنيئر ٿينداسين، فوجي ٿينداسين، پائليٽ ٿينداسين. باقي اسان ٻين نه لکڻ جو اهو ئي سبب ڏنو ته سائين اسان کي خبر ناهي، جيڪي اسان جي قسمت ۾ هوندو، اهو ئي ٿينداسين.
ڪرنل ڪومبس اسان جا اهي جواب ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ اسان ٽي ڏينهن اس ۾ ايڪسٽراڊرل جي سزا ان ڏوهه ۾ کائيندا رهياسين ته ايڏا سست ۽ نڪما آهيون جو مستقبل قريب جي لاءِ به پلاننگ نٿا ڪري سگھون! انٽر ڪرڻ ۾ باقي وڃي ٻه سال بچيا آهن ۽ نه اسان جي مائٽڻ ۽ نه اسان پاڻ پنهنجي دماغ ۾ اهو وڌو آهي ته اسان کي اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، ڇا ٿيڻو آهي! جيڪي ڇوڪرا ان عنوان تي مضمون لکي آيا هئا ڪرنل ڪومبس انهن مان به فقط انهن کي معاف ڪيو جن تفصيلي مضمون لکيو، باقي جن مثال طور فقط ائين لکيو ته “اسان کي ننڍي هوندي کان هوائي جهاز هلائڻ جو شوق آهي. اسان پائليٽ ٿينداسين. پائليٽ جو پگھار گھڻو آهي يا پائليٽ دنيا گھمي ٿو وغيره وغيره.” ته انهن تي به ڪرنل ڪومبس سخت ڪاڙيو ته رڳو توهان جي شوق ۽ لکڻ سان پائليٽ نه ٿيندائو. پهرين ته اهو لکو ته جيڪي توهان ٿيڻ چاهيو ٿا ان جي ضرورت آهي. ملڪ جون اهڙيون حالتون آهن جو ايترا هوائي جهاز هوندا جن لاءِ پائليٽ ٿيڻ چاهيو ٿا يا ايترا انجنيئرنگ جاب هوندا جو توهان سڀ سول انجنيئر ٿيڻ چاهيو ٿا ۽ ٻي ڳالهه ته توهان پائليٽ، انجنئير، فوجي يا جيڪي ڪجھه ٿيڻ چاهيو ٿا، ان لاءِ توهان کي ڇا ڇا محنت ڪرڻي پوندي، پنهنجي صحت برقرار رکڻ ۽ مضبوط جسم بڻائڻ لاءِ توهان ڇا ڇا ڪندائو، اهو ته لکيو نه اٿانوَ؟”
سچي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ اڄ به اها جاهليت هلندي اچي ته سڪيلڌي پٽ لاءِ مائٽ چوندا وتندا ته هي پائليٽ ٿيندو يا فلاڻي شيءِ ٿيندو پر ان لاءِ کين ۽ سندن ٻار کي ننڍي هوندي کان ڪهڙي محنت ڪرڻ کپي يا ان جي ملڪ کي ضرورت به آهي يا نه_ ان جو نه سوچيندا. نتيجي ۾ اڄ هزارين نوجوان انجنيئري اهڙين برانچن ۾ ڪريو ويٺا آهن جن جي ضرورت ناهي. هزارين ڊاڪٽري، ايم بي اي ڪريو ويٺا آهن پر نوڪري آهي ڪونه. هوائي جهازن جا سوين پائليٽ ٿيو ويٺا آهن پر جهاز لڀن ئي ڪونه. نوڪري ڪونهي، روزگار ڪونهي. هاڻ ويٺا سوچين ته هيڏا قرض کڻي ڊاڪٽري يا انجنيئري پڙهڻ بدران ويلڊنگ، واڍڪي يا ڪار مرمت جي مڪينڪي ڪجي ها ته اڄ قرض بدران بچت هجي ها ۽ انڌو منڊو دڪان هجي ها ته ڪنهن ٻئي مائٽ مٽ کي به روزگار ۾ لڳائي سگھجي ها.
ڪرنل ڪومبس ڇهه سال کن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ رهيو، يعني مون وارو سمورو وقت. اسان ڪڏهن به هن کي ڪنهن جي طرفداري ڪندي نه ڏٺو. چاهي ڪو وڏي آفيسر جو پٽ هجي، چاهي ڪنهن هاري، ڊرائيور جو. هن جي نظرن ۾ سٺو ڪئڊٽ (شاگرد) اهو هوندو هو، جيڪو محنت ڪري. جيڪڏهن ڪو پڙهائي يا راندين روندين ۾ ڪمزور هوندو هو ته ان کي ڌڪارڻ بدران ان جي ڪمزوريءَ جا سبب ڳولي ان کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پڙهائيءَ ۾ ڪمزور شاگردن لاءِ انهن جي ڪلاس ٽيچرن کي کين ٽيوشن پڙهائي ڀڙ ڪرڻ لاءِ چوندو هو. جسماني طرح ڪمزور کي ميس طرفان روزانو اڌ سير وڌيڪ ميوي يا کير لاءِ به چوندو هو. ميس يا مائٽن طرفان فنڊ نه هوندا هئا ته خبر ناهي ڪهڙن قومي ۽ بين الاقوامي ادارن کان اسڪالرون وٺرائي ڏيندو هو. هالينڊ جي هڪ ڪمپني کي کير لاءِ چيائين ته شاگردن کي مهيا ڪري. انهن ڏينهن ۾ “پائوڊر مِلڪ” پيئڻ جو نه ڪلچر هو نه عادت. يارهين بجي واري رسيس ۾ اسان کي اهو کير پيئڻ لاءِ ڏنو ويندو هو پر تمام ٿورا پيئندا هئا. ڪرنل ڪومبس اسان کي سمجھايو ته اهو کير هالينڊ جي هڪ تمام مشهور ڊچ ڪمپنيءَ جو ٺهيل آهي ۽ پيئڻ ۾ اسان جو فائدو آهي. ان سان گڏ ميس وارن کي چيائين ته ان کير ۾ روح افزا وجھي ملڪ روز ٺاهي ڏين. جيئن هي ڇوڪرا ضرور پيئن.
منهنجي لکڻ جو مطلب فقط اهو آهي ته اڄڪلهه مائٽ به اولاد جو ايڏو خيال نٿو رکي، جيترو هي هڪ ڌاريو ٿي ڪري شاگردن لاءِ ڪندو هو. ساڳي وقت ڊسيپلين رکڻ ۾ پڻ سخت هو. معمولي غلطي تي به هڪدم والدين کي گھرائي تنبيهه ڪندو هو ته پنهنجي ٻار کي سمجھايو نه ته آئون ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيندوسانس ۽ پوءِ هڪ دفعو ڪاليج مان ڪڍڻ بعد دنيا ڀلي اٿلي پوي پنهنجا آرڊر واپس نه وٺندو هو. ها! فقط هڪ دفعو واپس ورتا هئائين_ سو به وڏي مشڪل سان. ڪاليج جي آخري سال ۾ هڪ ڏينهن راندين تان موٽندي ڳالهين ڪندي سڀني کي اچي خيال ٿيو ته ٺوڙ ڪرائجي. سڀني هائوڪار ڪئي ۽ بنا ڪنهن پهرين جي رٿيل پروگرام يا شرارت جي، ائين ئي اسان اهو ارادو ڪيو ۽ حجام کي ٺوڙهه ڪرڻ لاءِ چيوسين. اسان ڪل ارڙهن ڄڻا هئاسين. حجام هڪ ٻئي پيان ٺوڙه ڪندو ويو. تاج بگٽي، شوڪت جماڻي، اظهر عباسي (قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جو فرزند) ميرپور خاص جو مرحوم عبدالرحمان ميمڻ، غلام حسين چانڊيو، خالد محمود، غلام محي الدين ۽ نياز وغيره.
يارهن کن ڄڻن جي ٺوڙهه ٿي بس ٿي ته اتي حجام وٽ پرنسپال طرفان ماڻهو آيو ته ڪئڊٽن کي ٺوڙهو نه ڪر ۽ جن ٺوڙهه ڪرائي آهي انهن کي پرنسپال ڏي موڪل. مون سميت باقي چار پنج ڄڻا ٺوڙهه ڪرائڻ کان رهجي وياسين. جنهن جو ان وقت اسان کي افسوس ٿيو، پر پوءِ ٿوري دير بعد خبر پيئي ته جن يارهن ڄڻن ٺوڙهه ڪرائي، انهن کي پرنسپال ٽپڙ ٻڌڻ ۽ ڪاليج هڪدم ڇڏڻ لاءِ چيو آهي. اسان سڀ وائڙا ٿي وياسين. در اصل اسان جي دل ۾ ڪجھه به نه هو پر اسان جو انگريز پرنسپال ان قسم جي ڳالهه کي هڪ احتجاج يا داداگيري سمجھي ڪاوڙجي پيو. جن ٺوڙهه ڪرائي انهن کي شام جو ئي پنهنجنڳوٺن ڏي روانو ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن صبح ساڻ ويجھن شهرن وارن ڪئڊٽن جا والدين پهچي ويا پر ڪرنل ڪومبس هڪ جي به ڳالهه نه ٻڌي. پاڻ قاضي عابد صاحب جو ڏاڍو خيال ڪندو هو، جو قاضي عابد توڙي سندس ڀاءُ قاضي اڪبر صاحب (جنهن جو فرزند بشير پڻ اسان جو ڪلاس ميٽ هو) ڪاليج جي تمام گھڻي مدد ڪندا هئا. پر ان معاملي ۾ ڪرنل ڪومبس قاضي عابد صاحب جي به نه ٻڌي. ان بعد ڪيترن ڇوڪرن جا مائٽ وري قاضي عابد صاحب وٽ پهتا ته ڪجھه ڪيو وڃي. قاضي عابد صاحب فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کي سفارش لاءِ چيو، جنهن جي فون بعد مس مس ڪرنل ڪومبس راضي ٿيو ۽ پوري هفتي بعد ڪاليج کان ڪڍيل ٺوڙهن ڪئڊٽن کي واپس گھرايو ويو.
انهن ڏينهن ۾ ڪاپي ڪلچر نه هو. پڙهائي سخت هئي، ڪلاس ۾ تقريباً سڀني جو سٺو سيڪڙو ايندو هو، ته به ڪرنل ڪومبس چوندو هو : “آئون رڳو توهان جي پڙهائيءَ ۾ دلچسپي نٿو رکان. آءُ توهان کي هر ڳالهه ۾ سٺو ۽ ڪامياب انسان ڏسڻ چاهيان ٿو. رانديون، پي ٽي پريڊ، ڳالهه ٻولهه، عام معلومات، اخلاق- هر ڳالهه ۾ توهان سٺا ۽ محنتي ماڻهو ٿيو.”
ڪرنل ڪومبس ڪاليج ڇڏڻ بعد انگلينڊ مان لکيل هڪ خط ۾ پڻ ان ڳالهه کي ورجايو آهي:
“I decided to produce a good cadet college and to produce youngmen who were more concerned with the ‘Code of Honour’ and being sympathetic human being than to obtain 1st Division. I was not concerned about academic results simply but about ‘Real Men’.”
ڪرنل ڪومبس کي هروقت اهو اونو هوندو هو ته اسان ڪاليج ڇڏڻ بعد فوج ۾ وڃون. هڪ دفعي ميس ۾ ڳالهين ڪندي مون چيو: “سڀني ڪاليجن ۾ بايولاجي به پڙهائي وڃي ٿي، اسان جي ڪاليج ۾ فقط مئٿس.” پاڻ وراڻيائين:
“ڪئڊٽ ڪاليج جو مقصد ئي اهو آهي ته هتي مئٿس ۽ ملٽري ٽريننگ (پي ٽي، پريڊ، شوٽنگ وغيره) رکي وڃي، جيئن هتان نڪرڻ بعد- خاص ڪري سنڌي شاگرد فوج ۾ وڃن جو پاڪستان جي فوج ۾ سنڌي تمام گھٽ آهن.”
افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ ڪاليج ۾ پري ميڊيڪل هجڻ ڪري اسان جا اڌ کان وڌيڪ ڪئڊٽ، خاص ڪري سنڌي، فوج ۾ وڃڻ بدران ڊاڪٽر پيا ٿين جيڪو هو ٻين ڪاليجن مان به پڙهي سگھن ٿا، نه وري هينئر ڪئڊٽ ڪاليج ۾ فوج ۾ وڃڻ لاءِ هنن جي ايڏي همٿ افزائي ڪئي وڃي ٿي، جيتري ڪرنل ڪومبس يا ان جي ڏينهن جا ماڻهو: ڪمانڊر اسرار الله صاحب يا ڪئپٽن عالم جان محسود ڪندا هئا.
ڪرنل ڪومبس کي نه فقط اسان شاگردن جو پر پيٽارو جي ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جو پڻ ڏاڍو خيال هوندو هو. هن ڳوٺاڻن لاءِ تعليم بالغان شروع ڪرائي. هنن جي بهبوديءَ لاءِ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا. ڪاليج ۾ مالهي، چوڪيدار يا ڪنهن ڪم واري جي ضرورت پوندي هئي ته هو پهرين ترجيح ڳوٺ جي ماڻهن کي ڏيندو هو. ڳوٺ جي وڏيري توڙي غريب غربي کي گھرائي سندس مسئلن جو ويچار ۽ حل ڳوليندو هو. اسان کي تعجب لڳندو هو ته هي انگريز ماڻهو موڪل وارن ڏينهن تي ڳوٺ جي ماڻهن کي وٺيو ويٺو آهي۽ هر وقت هنن جو فڪر لڳو رهيس ٿو. پر پاڻ چوندو هو: “جتي رهو اتي جي مڪاني ماڻهن جي خوشحاليءَ جو به سوچيو. اسان هتي هيڏو ڪاليج هلايون ۽ ويندي ڇٻر کي به نل ذريعي پاڻي ڏيون ۽ هي سڏ پنڌ تي رهندڙ ڳوٺاڻا واٽر ڪورس جو مٽيءَ هاڻو پاڻي پيئن، روشنيءَ لاءِ چونجھا ڏيا ٻارين. معمولي نوڪريءَ لاءِ حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڏورانهن شهرن ڏي وڃن– سٺي ڳالهه ته نه آهي.”
ڪرنل ڪومبس 1906ع ۾ انگلينڊ ۾ڄائو. سندس زندگي بقول منهنجي روم ميٽ ڪئڊٽ (هاڻ ڪموڊور) اشفاق بيگ جي “هڪ غريب جي مختصر ۽ ڏک جي تواريخ آهي.” پاڻ اڃا پنجن سالن جو هو ته سندس ماءُ گذاري ويئي. سندس پيءُ گرنسي (Gurnsey) ٻيٽ _ جيڪو انگلينڊ جي Channel Islands جو ٻيو نمبر وڏو ٻيٽ آهي، تي فشرمئن _مڇيون ڦاسائي وڪڻندو هو. ڪرنل ڪومبس کي گرنسي جي ايلزبيٿ ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالر ملي، جنهن لاءِ هو روزانو گھر کان چار ميل پنڌ ڪري ويندو هو ۽ اهڙا چار ميل واپس پنڌ جا ڪندو هو. هو صبح جو ستين بجي گھر ڇڏيندو هو ۽ سڄي ڏينهن جي پڙهائي، پريڊ، راندين بعد گھر موٽندو هو ته رات جا اٺ ٿي ويندا هئا. هڪ اهو به سبب هو جو پيٽارو ۾ جڏهن اسان صبح جو پي ٽيءَ تي سيءَ جون دانهون ڪندا هئاسين ته پاڻ پنهنجو مثال ڏيندو هو ته انگلنڊ ۾ ڪيڏي سيءَ ۾ پاڻ اهي سڀ ڪم ڪندو هو. “توهان خوش نصيب آهيو،” اسان جي هر وقت همٿ افزائي ڪندي چوندو هو “ته توهان کي ڪاليج اچڻ لاءِ پنڌ نٿو ڪرڻو پوي، رات جو سمهڻ کان اڳ ۽ صبح جو اٿڻ ساڻ پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ملي ٿو. هي پي ٽي. پريڊ، رانديون، ڊسيپلين توهان کي سخت جان بڻائيندو، جنهن جو قدر توهان کي اڳتي هلي ٿيندو.”
ڪرنل ڪومبس کي اسان (خاص ڪري اسين شروع جي سالن وارا) اهو ئي چوندا هئاسين ته ڪاليج ۾ ايڏي پي ٽي، پريڊ ڇو ٿي ڪرائي وڃي. 1963ع ۾ ڪاليج ڇڏي انگلينڊ وڃڻ بعد 1971ع ۾ جڏهن هو پاڪستان آيو هو ته اسان (پيٽارو جي پراڻن شاگردن) طرفان ڏنل ڊنر ۾ تقرير ڪندي چيو هئائين:
“And some of you ask: ‘What a worth while about this kind of parade?” To this I reply, ‘The precision of preparation with its meticulous attention to the detail of turn out, dress and bearing, inculcates the habit of mind and body which becomes automatic through out life, of paying attention to details. And the man who does this, is more likely to achieve success than the man who doesn’t.
“That this is so, is illustrated by the kind of conversation one may over-hear in the streets of Karachi and Hyderabad. ‘Who are those smart looking young men over there?”
“Oh! They are so and so’s sons, Petaro boys! you know?”
“May that sort of remark always apply to you and may you leave this college proud to have been here and carry the stamp of Petaro with you throughout life. If you do, you will have done well.”
ڪرنل ڪومبس پنهنجن ڏينهن ۾ راندين ۾ به هوشيار هو ۽ پنهجي ايلزبيٿ ڪاليج جي هاڪي، فٽ بال ۽ ائٿليٽڪ ٽيم جو ڪئپٽن هو. اسان لاءِ به رانديون ڪڏهن به معاف نه ٿيون. رمضان ۾ به رانديون کيڏڻيون پونديون هيون.سندس هر وقت سرڪار سان جھيڙو راندين جي گرائونڊن لاءِ هو. هڪ دفعي سيد غلام مصطفيٰ شاهه (1961ع ڌاري)، جڏهن هو شايد سنڌ حڪومت جو سيڪريٽري هو يا شايد ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن، ڪرنل ڪومبس کان پڇيو: “ڪرنل صاحب! توهان وٽ پنج گرائونڊ موجود آهن، آخر توهان ڪيترا ٿا چاهيو ته هجڻ کپن؟”
“فقط ٻارهن.” ڪرنل ڪومبس تحمل سان جواب ڏنو.
“ٻارنهن! ايترا ميدان!” شاهه صاحب تعجب مان پڇيو.
“ها. بلڪل. مون وٽ اڍائي سئو کان مٿي ڪئڊٽ آهن. هڪ هڪ گرائونڊ ۾ ويهه ڄڻا کيڏن ته به سڀني لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٻارهن گرائونڊ ته هجن. آئون ڪڏهن به اهو نه چاهيندس ته ڪجھه چونڊ شاگرد کيڏن ٻيا راندين کان محروم رهن. مون کي ڪلاس روم ڀلي گھٽ ڏيو پر ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ميدان پورا ڪري ڏيو.”
ڪرنل ڪومبس 1918ع کان 1924ع تائين ڪاليج ۾ پڙهيو. ان بعد آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پنجين سال (1928ع) ۾ امتحانن کان ڪجھه ڏينهن اڳ کيس ڊبل نمونيا ٿي پئي. امتحان رهجي ويس. پئسي جي تنگي هيس. مجبور ٿي تعليم ڇڏي نوڪري اختيار ڪيائين. کيس سوڊان ۾ ڪپهه جي پوک جي انسپيڪٽري ملي وئي. سوڊان ۾ ڪرنل ڪومبس چار سال رهيو. هن اتي جي سول سورس ۾ نوڪري ڪرڻ چاهي ٿي ان لاءِ هن اتي جي زبان عربي به چڱي طرح سکي. پر پوءِ چونڊ ۾ هو ڪري پيو. “هنن کي آڪسفورڊ يا ڪئمبرج يونيورسٽي جا نوجوان کتا ٿي”. ڪرنل ڪومبس ٻڌايو. ان بعد 1932ع ۾ هو واپس برطانيا آيو ۽ نوي پائونڊ سالياني پگھار تي هڪ پرائمري اسڪول جو ماستر ٿي ڪم ڪرڻ بهتر سمجھيو.”جيتوڻيڪ سوڊان ۾ منهنجو ساليانو پگھار هڪ هزار پائونڊ هو. ان کان علاوه رهڻ لاءِ گھر ۽ سواريءَ لاءِ گھوڙو ۽ اٺ مليل هو. انهن ڏينهن ۾ ڪارون نه هيون.” ڪرنل ڪومبس ٻڌايو.
1955ع ۾ ڪرنل ڪومبس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان B. A ڪرڻ بعد شادي ڪئي. ان بعد هڪ پبلڪ اسڪول ۾ جاگرافي ۽ فرينچ جو ماستر ٿي رهيو. 1939ع ۾ M. A ڪيائين. ڪرنل ڪومبس آڪسفورڊ وارا ڏينهن ڏاڍا ياد ڪندو هو. “آڪسفورڊ ۾ مون کي دنيا جي ڪيترن ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو. منهنجي خيال ۾ فقط اسڪولي ڪتاب پڙهي نمبر کڻڻ ڪامياب زندگيءَ لاءِ ڪافي ناهي. پنهنجي نوڪري جي پوئواريءَ سان گڏ ماڻهن سان ملڻ، انهن جا تجربا ۽ خيال ٻڌڻ جهڙيون شيون به ضروري آهن.”
M. A ڪرڻ بعد ڪرنل ڪومبس آرمي (بري فوج) ۾ ڪئپٽن جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو. بعد ۾ کيس رائل ايئرفورس ۾ ٽرانسفر ڪيو ويو. ٻي جنگِ عظيم شروع ٿي چڪي هئي. فرانس رواني ٿيندڙ شروعاتي فوج جي جٿي ۾ پاڻ به هو. ڊنڪرڪ ۾ سندن ريجمينٽ شڪست کاڌي ۽ پاڻ قيدي ٿي پيو پر اتان ڀڄي نڪرڻ ۾ کيس ڪامابي ملي. موٽي انگلينڊ آيو. 1941ع جي آخري مهينن ۾ کيس فيلڊ ريجمينٽ جي 330 آرٽلري ريجيمينٽ جو ڪمانڊر ٺاهي ملايا (هاڻوڪي ملائيشيا) موڪليو ويو. هنن جپاني فوج جو ٿائي بارڊر جي شهر جٽرا وٽ مقابلو ڪيو. ان بعد کيس سنگاپور موڪليو ويو، جيڪو 15 فيبروري 1942ع تي جپانين جي قبضي ۾ اچي ويو. اسان جو پرنسپال جپانين وٽ آگسٽ 1945ع تائين P.O.W (جنگي قيدي) ٿي رهيو.
جپانين جي قيد ۾ هن Banpong Express نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ جپانين جي ظلم هيٺ گذاريل زندگيءَ جو احوال آهي، جنهن ۾ هنن جو هڪ هڪ ڏينهن موت جي پاڇي ۾ گذريو ٿي. سون ۾ جيڪي ٿورا جيئرا سلامت بچي سگھيا، انهن مان هڪ پاڻ به آهي. جپانين جي قيد مان آزاد ٿيڻ بعد پاڻ هڪ آزاد ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ ٻه سال رهيو ۽ کيس ڪئپٽن مان ليفٽننٽ ڪرنل بڻايو ويو. 1947ع ۾ هو واپس انگلينڊ آيو ۽ 1951ع ۾ ڪرنل ٿيو ۽ آرمي جي ائنٽي ايئرڪرافٽ ڪمانڊ اسڪول ۾ چيف ايڊيوڪيشن آفيسر مقرر ٿيو. ان بعد 1954ع ۾ کيس ڏور اوڀر جو ايڊيوڪيشن آفيسر بڻائي سنگاپور موڪليو ويو. سندس ڪم جو علائقو ڪوريا، هانگ ڪانگ کان بورنيو، انڊيا ۽ نيپال تائين هوندو هو. هن ملايا مان انگريزي اخبار ڪڍي جيڪا ملئي، گورکالي ۽ ڪورين زبانن ۾ به ڪڍي وئي ٿي. پاڻ انگريز، گورکن ۽ ملئي ٻارن لاءِ اسڪول پڻ کوليائين ۽ تعليم، تربيت، ٻولين ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ تمام وڏي خذمت ڪيائين، جنهن لاءِ کيس انگلينڊ ۾ C.B.E ايوارڊ ڏنو ويو.
1957ع ۾ آرميءَ مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪرنل ڪومبس انگلينڊ پهتو. هن Timesرسالي ۾ پاڪستان حڪومت طرفان ڪئڊٽ ڪاليج جي پرنسپال لاءِ ڏنل اشتهار پڙهيو، جيڪو انهن ڏينهن جي تعليم کاتي جي ڊئريڪٽر: سائين الهه بخش نظاماڻي طرفان ڏنو ويو هو. (ڪاليج جي شروع وارن ٻن سالن جي داخلا لاءِ اسان اميدوار شاگردن جا هن صاحب انٽرويو به ورتا هئا.) ڪرنل ڪومبس کي اهڙي فوجي نموني جي ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو شوق هو ۽ Apply ڪرڻ تي چونڊجي ويو. ان وقت ڪئڊٽ ڪاليج جي عمارت پيٽارو ۾ اڃا نه ٺهي هئي ۽ عارضي طور ميرپو خاص جي هڪ ڪاليج ۾ پڙهائي شروع ڪئي وئي، جتي ڪرنل ڪومبس آيو. ان کان اڳ وزير شورو، شوڪت جماڻي، نور احمد نظاماڻي، زين العابدين، عالم هاليپوٽو، نجم انصاري ۽ مون جهڙا ڪيترائي درويش ٻڍاپور، خيرپور، ٽنڊو قيصر، سيوهڻ، ٽنڊو الهيار، هالا جا اسڪول ڇڏي اچي هتي نڪتا هئاسين. اسان به انٽر ڪري ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏيو ته ڪرنل ڪومبس به پيٽارو کي خدا حافظ چئي پنهنجي وطن انگلنڊ روانو ٿيو. ان وقت سندس عمر 64 سال هئي. ويندي ويندي مون پڇي ورتو هئومانس ته انگلنڊ ڇا وڃي ڪندائو؟ کلي وراڻيائين : “ڏاڍو ٿڪل ٿڪل محسوس پيو ڪريان. اڳتي هلي ڇا ڪندس، اها خبر نه اٿم پر في الحال اهو پيو سوچيان ته سمنڊ ڪناري تي آرام ڪندس ۽ اٿاهه سمنڊ جي سونهن پسندو رهندس.”
ڪرنل ڪومبس سان گڏ اسان جو تمام وڏو عرصو گذريو، شايد ان ڪري هن سان اسان جي گھڻي Attachment آهي ۽ اڄ به ياد ڪريونس ٿا_ سندس شخصيت ۽ سندس ڳالهين کي. پاڻ هر هر اهو چوندو هو ته اسڪولي ڪتابن سان گڏ اخبارون، رسالا ۽ ٻيا ڪتاب به پڙهندا ڪريو. ماڻهن سان ملي انهن جا خيال به معلوم ڪندا ڪريو، ان سان گڏ پاڻ کي جسماني طرح درست رکڻ لاءِ رانديون به کيڏو. کيس اڙدو يا سنڌي نه ايندي هئي ته به شاهه لطيف ۽ ڊاڪٽر اقبال جا ترجمو ٿيل شعر پڙهندو رهندو هو. سندس بابت هي احوال ختم ڪرڻ کان اڳ تعليم بابت سندس لکيل مضمون مان ڪجھه سٽون هتي Quote ڪيان ٿو:
“To my mind, a Mathematician who lives in a world of symbols and is unable to enjoy -for instance, Shah Abudl Latif’s (سر سارنگ) or who can not discuss such things as a village- Aid Scheme or What Eisenhower said to Macmillan in the white house -is a menace to his country and almost as illiterate as a peasant who has never been to school.”
ڪرنل ڪومبس آخر ۾ سر سارنگ مان ڪيترائي شعر سنڌيءَ ۾ به ياد ڪيا. هن مايوسي ۽ نا اميديءَ کي حرام سمجھيو ٿي. مسلسل جدوجهد ۽ خاطرخواهه نتيجن ۾ هن جو پڪو ۽ پختو يقين هو. هو پيٽارو جي مسئلن کي ملير جي ماروئڙن جي مسئلن سان ڀيٽ ڏيندي پنهنجي تقرير جي شروعات اڪثڙ هن بيت سان ڪندو هو:
آگميو آهي. لڳهه پس لطيف چئي،
وسي پيو وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي.
وهو مه لاهي، آسرو الله مان.
مٿيون بيت ڪرنل ڪومبس کي سنڌي لهجي ۾ ادا ڪرڻ لاءِ ڪافي مشق ڪرڻي پوندي هئي، پر آخرڪار تقرير ۾ هو چڱـي نموني ۾ اهو بيت چئي ويندو هو.
اسان جو ڪرنل ڪومبس ٻاهتر ورهين جي ڄمار ۾ 1978ع ۾ انگلينڊ ۾ گذاري ويو.

الطاف شيخ
ڪراچي
25 ڊسمبر 1998ع

سونهن ۽ سڳنڌ جو ڀنڊار

الطاف شيخ جو هي ڪتاب سندس انهن ڪتابن مان آهي، جيڪي سفرناما نه آهن، اهو دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل مجموعو آهي.
الطاف شيخ اٽڪل پندرهن سالن کان پنهنجا سفرناما لکي رهيو آهي ۽ مون کي خبر ناهي ته هيستائين جملي ڪيترا ڪتاب شايع ڪرائي چڪو آهي. مون ڪي پڙهيا آهن، ڪي سونگھيا آهن ۽ ڪن جي خبر ئي ڪانهيم.
جيڪي پڙهيا اٿم، سي هڪ ئي رات ۾ پورا ڪيا اٿم. جيڪي ڏٺا اٿم، سي وٺي نه سگھيو آهيان. جيڪي سونگھيا اٿم، سي ٻين جي هٿن مان جھٽي. تنهن هوندي به الطاف کي ۽ الطاف جي لکڻين کي آءٌ شروع کان ڄاڻان.
جڏهن هو “سنڌباد جهازي” نه بڻيو هو ته سندس سڀ کان پهريون سفري مضمون “نئين زندگيءَ” ۾. مون “منهنجو جاني ته جهاز ۾” عنوان ڏيئي ڇپيو هو.
پوءِ ڪجھه ٻيا سفري مضمون به هن “نئين زندگيءَ” ۾ ڇپڻ لاءِ مون کي ڏيڻ جي مهرباني ڪئي.
هاڻي هي سيلر(Sailor) ، بسيٽ سيلر (Best Seller) بڻجي ويو آهي.
انهيءَ دوران مون ادب جي ميدان مان کسڪي، صحافت جي پڙ ۾ پير رکيو آهي. اهو ڪم آءٌ اڳي به ڪري چڪو آهيان، تنهن ڪري ٻي تڪليف ڪانهيم، پر اخبار جو ايڊيٽوريل لکندي ادبي نمونو اچيو وڃي. ۽ ادبي ڳالهيون لکندي ايڊيٽوريل وارو نمونو اچيو وڃي.
اهڙيءَ حالت ۾ اوچتو مون کي ڪتاب جي ناشر، “نيو فيلڊس” جي نوجوان سربراهه، ميان فيروز ميمڻ، “لنڊن تائين لفٽ” تي چار صفحا لکڻ لاءِ چيو آهي. پر نه هن کي منهنجي هاڻوڪي مغزي مونجھاري جي خبر آهي ۽ نه وري کيس اها خبر آهي ته آءٌ رڳو هنگامي حالتن ۾ لکي سگھندو آهيان. يارن انهيءَ ڪري مشهور ڪيو آهي ته مون کان ڪجھه لکائڻ لاءِ مون کي ڪمري ۾ بند ڪري، سگريٽ جا 2، 3 پاڪيٽ اندر اڇلي ڇڏبا آهن.
اها ڳالهه مون کي فيروز سان ته ڪرڻي ڪانه هئي، تنهن ڪري الطاف جي جگري ناتن ڪري پاڻ سان پاڻمرادو هنگامي حالت لاڳو ڪري، ڪجھه لکڻ ويٺو آهيان.
هونئن به الطاف پنهنجن سفرنامن تي ٻه اکر، مهاڳ ۽ تعارف گھڻو ڪري ليکڪن بدران ليکڪائن کان لکائڻ پسند ڪيا آهن، سو کيس ڪاڻ ته آهي ئي ڪانه. اهو هن ڪري آهي جو هو فطري طرح مٽيءَ کان وڌيڪ پاڻيءَ جو ماڻهو ٿي ويو آهي. پاڻي پيدائش جو سرچشمو آهي: ۽ هن وقت اها وهيل ۽ شارڪ، سپين ۽ موتين، ۽ ننڍين وڏين مڇين جي ڪائنات آهي. الطاف کي جڏهن انهيءَ ڪشاديءَ ڪائنات جي تنگ ۽ طويل تنهائين مان مٽيءَ جي دنيا ۾ پير پائڻ جو وجھه ملي ٿو، تڏهن هو پنهنجي جهاز جي “گپت غفا” ۾ پاڻ وندرائڻ لاءِ ڪنارن تان چهرن، آوازن ۽ مٽيءَ جي من پسند سونهن ۽ سڳنڌ جون سپيون ميڙي، يادگيرين جي جھول ڀري ٿو. سندس جھول ۾ پيل يادگيرين جي چونڊ ايڏي خوبصورت آهي جو هن ڀيري جڏهن اها ڪاغذي چادر تي اٿلائي اڻڏٺل ڪنٺن تان ڪٺا ڪيل ڪوڏ، سپيون ۽ موتي اسان جي اڳيان رکي ٿو ته سندس ذوق ۽ ذهانت کي داد ڏيڻو پوي ٿو. سندس هر ڪتاب ان ڪري سونهن ۽ سڳنڌ جو ڀنڊار آهي.
تنهن هوندي به، شارڪ ۽وهيل جي مقابلي ۾، ننڍين مڇين جي مقدر کي سمجهڻ لاءِ هن ڪڏهن به سمنڊ جي گھراين ۾ گھوتو نه هنيو آهي. هو سپيءَ سونهن ته ڏيکاري ٿو، پر ان جي موتي سانڍڻ واري ڪرڀ جو احساسن نٿو پيش ڪري. هو دنيا جي مختلف ملڪن جي سياسي، اقتصادي، تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي نظامن جو ايترو اڀياس به نٿو ڏئي، جيترو عام پرڏيهي مخزنون پيش ڪنديون رهن ٿيون.
الطاف ايڏو محبوب نه، پر محدود ضرور آهي. هو پنهنجي ملڪ جي اخلاقي قدرن جو ايڏو پابند آهي جو ڪن حالتن ۾ دنيا جي گوناگون ذهني ميراث جي موتين جو وڏو حصو سندس نظر ۾ ڪو به قدر نٿو رکي. اهو سندس پنهنجو اخلاق ته آهي، پر اخلاقي جوابداري ناهي، تنهن ڪري هاڻي کيس اهو به ڪي ڏيڻ کپي، جيڪو هيستائين نه ڏنو اٿس.
الطاف پنهنجي سر هونئن به ايڏو ڪم ڪيو آهي جو سندس پير ڌوئي پيئڻ کپن. سنڌ جي هن سپوت نه رڳو ٻاهرين ملڪن کي سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي، بلڪه ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌ جو ناماچار وڌائڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. هن ساڳئي وقت سنڌي نوجوانن کي سامونڊي زندگيءَ جو روزگار اختيار ڪرڻ لاءِ مدد ۽ رهبري به ڪئي آهي.
سامونڊي سفرنامن ۽ سامونڊي ڪهاڻين کان هٽي، “لنڊن تائين لفٽ” سندس خالص ادبي ڪوشش آهي. هو انهيءَ ميدان ۾ به ڪامياب آهي ۽ سندس وڏي ڪاميابي پنهنجي نالي جي اها ساک آهي، جيڪا پڙهندڙن وٽ مقبول ليکڪن لاءِ سند هوندي آهي.
اسان جا اڄوڪا گھڻا ڪهاڻيڪار جيڪي اڃا به او_ هينري ۽ موپاسان جي اسٽائل کي ماڊل بڻائي لکي رهيا آهن، تن لاءِ الطاف جي چونڊيل، دنيا جي مختلف ٻولين جي جديد ڪهاڻين جا ترجما سٺو مثال ثابت ٿيندا.

شمشير الحيدري

لنڊن تائين لفٽ

بس يا ڪنهن کان لفٽ وٺڻ جي انتظار ۾ هو ڪا دير رستي تي بيٺو رهيو. ٽرئفڪ جي ٻوڏ ۾ بيشمار ڪارون وهي رهيون هيون. هو انهن کي حسرت سان ڏسندو رهيو- خاص ڪري انهن ڪارن کي جيڪي ان طرف وڃي رهيون هيون، جنهن طرف هن کي به وڃڻو هو. ڪيترين ئي ڪارن کان هن لفٽ وٺڻ لاءِ اشارو ڪيو پر سڀ پنهنجي مستيءَ ۾ وڃي رهيون هيون. هن ڳچيءَ ۾ لڙڪندڙ گٽار ۽ ڊگھن وارن کي وري جائتو ڪيو جن کي پري کان ڏسي ائين ٿي لڳو، ڄڻ ڪا ڇوڪري بيٺي هجي. اهو ئي سبب هو جو پري کان ڪجھه ڪار وارن هن جي اشاري تي رفتار گهٽائي ٿي پر ويجھو پهچڻ سان وري وڌائي ڇڏي ٿي ۽ هن همراهه “سائي مائيڪل” کي هر دفعي افسوس جا هٿ ملڻا پيا ٿي. انتظار ڪندي هن کي چڱي دير ٿي وئي هئي ۽ هاڻ ته هن کي بيٺي بيٺي ٽنگن ۾ سور پئجي ويو هو ۽ چيلهه ته ڄڻ ڀڳيس ٿي. هن پنهنجي بدن جو بار ڪڏهن هڪ ٽنگ تي رکيو ٿي ته ڪڏهن ٻيءَ تي. هن کي پنهنجو پاڻ تي ڪهل اچي رهي هئي. ڳاڙهيون، سائيون، ڪاريون، اڇيون ڪارون ائين ئي لنگھي ٿي ويون پر ڪنهن به هن ۾ دلچسپي نٿي ورتي. هو سوچڻ لڳو ته هاڻ شايد لنڊن تائين پيرين پنڌ سفر ڪرڻو پوي. اهو سوچي هن نيٺ اڳيان وڌڻ جو ارادو ڪيو. ان ئي وقت هن جو ڀاڳ جاڳيو. هڪ ڪار ٽرئفڪ جي قطار مان پاسيري ٿي هن جي ڀر سان اچي بيٺي. سائيءَ هن کي اشارو به نه ڪيو هو. ڪار هلائڻ واري دريءَ مان منهن ڪڍي چيو:
“توهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟”
سائيءَ هن کي غور سان ڏٺو: “آئون لنڊن وڃڻو آهيان، جناب.”
“اچو ويهو.” ڪار واري چيو. “آئون به لنڊن ئي وڃان پيو.”
سائيءَ هن اعليٰ ڪار جو دروازو خيال سان کوليو ۽ سندس نازڪ ۽ نرم ڪوچ تي ويهڻ سان هن جو ڄڻ سڄو ٿڪ ڀڄي پيو. گٽار ڳچيءَ مان لاهي هنج ۾ رکيو. ڪار وري ٽرئفڪ جي درياءَ ۾ لڙهي وئي. سائيءَ اکيون بند ڪري سک جو ڊگهو ساهه کنيو. ڪار تمام تکو وڃي رهي هئي. شهر مان نڪري ٻاهر پهچڻ ۾ ان کي ڪا به دير نه لڳي. هاءِ وي تي پهچڻ کانپوءِ ته اڃا به هن جي رفتار تيز ٿي وئي. ڪار واري اڃا تائين سائيءَ سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي هئي. سائيءَ کي به هن جا ٿورا مڃڻ وسري ويا هئا. هن جون اکيون بند هيون، هو پنهنجا ڇڙوڇڙ وار هٿن سان جائتا ڪندو رهيو. ڪار واري جون اکيون رستي تي ڄميل هيون. هو بيچينيءَ سان گاڏي هلائي رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن هن جون آڱريون اسٽيرنگ تي ڌڪڙ وڄائڻ لڳيون ٿي. شام جي اونداهي چوڌاري پکڙي رهي هئي. سائيءَ کي پنهنجي مهربان، پنهنجي مددگار جي شڪل چڱيءَ طرح نظر نٿي آئي، پر هو هن جي بيقرار آڱرين جي وڄت ضرور ٻڌي رهيو هو.
ڪجھه گھڙين بعد سائيءَ کي محسوس ٿيو ته ڪار وارو تمام ڌيان سان هن کي ڏسي رهيو آهي. سائيءَ به هن ڏي نهاريو.ڪار واري ڳالهائڻ شروع ڪيو:
“تنهنجو نالو ڇا آهي، دوست؟”
“سائي_ سائي مائيڪل.” هن مختصر جواب ڏنو.
ڪار ۾ وري ماٺ ٿي وئي. فقط هوا جو سيسڙاٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. انجڻ جو آواز نه برابر هو. سائيءَ گٽار گوڏن جي وچ ۾ ڪري رکيو ۽ سيٽ جي پٺ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو. هن هڪ دفعو وري اکيون پوري ڇڏيون، پر ڪار واري جي ڪجھه پڇڻ تي هن هڪدم اکيون کولي هن ڏي ڏٺو.
“مون کي ڪو گانو ٻڌاءِ.” هن جو لهجو اداس هو پر آواز ۾ ٿورو رعب پڻ هوس.
سائيءَ کي پٺ جي ڪنڊي ۾ سيوڪاري محسوس ٿي. هن کي ڪار واري جي فرمائش تي تعجب لڳو.
“ڪهڙي قسم جو گانو، سائين؟”
“گاني جو قسم ته آئون نٿو ٻڌائي سگھان.” ڊرائيور ان تي رعب ۾ چيو. “مون تي هن وقت عجيب ڪيفيت طاري آهي. ڪو به راڳ ٻڌڻ تي دل چئي رهي آهي. ٿي سگھي ٿو اهڙيءَ طرح منهنجو موڊ سٺو ٿي وڃي.”
سائيءَ ڪار جي رفتار ميٽر ڏي ڏٺو. ڪار ويران هاءِ وي تي ستر ميلن جي رفتار سان ڊوڙي رهي هئي. سائي ڊڄي ويو. هن رستي اڳيان ڪيترائي اوچا موڙ ۽ وڪڙ اچن ٿا ۽ ايڏي رفتار ۾ حادثي جو ڊپ هو. سائيءَ ان ۾ ئي ڀلائي سمجھي ته ڪو راڳ شروع ڪري. هن گوڏن تان گٽار کڻي ڳائڻ شروع ڪيو: “جيسز، ڪرائسٽ، سپر اسٽار...”
“نه، نه. اهو گانو نه.” ڊرائيور ڇڙٻ ڏيندي چيو، “ان راڳ ٻڌڻ سان مون کي مونجھه ٿئي ٿو. ڇا تون هسپانوي آهين؟ ٿي سگھي ٿو تون هجين پر تنهنجي موسيقيءَ جي پسند مان لڳي ٿو ته توکي بوني ايم جو ڪو گانو ضرور ياد هوندو. منهنجو اهو خيال صحيح آهي نه؟”
سائي ماضيءَ جي اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو. هو هڪ پراڻو گانو پنهنجي ذهن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ڪجھه دير بعد بوني ايم جا ٻول هن جي چپن تي اچڻ لڳا. هن گٽار وڄائيندي وڏي آواز سان گاڏو ڳائڻ شروع ڪيو:
“تون گلاب آهين، گلاب کانوڌيڪ حسين، تنهنجو حسن...”
ڳائيندي ڳائيندي هو ماٺ ٿي ويو.
“ڳائيندو هل، گانو بند ڇو ڪيئي؟” ڪار واري چڙ مان چيو.
“مون کي ايترو ئي ياد آهي. تمام گھڻو وقت ٿي ويو آهي نه.”سائيءَ جي لهجي ۾ بي وسي هئي.
“ ڪا ڳالهه ناهي. جيترو ياد اٿئي اوترو ئي ٻڌائيندو هل. تنهنجو آواز چڱو ٿو لڳي، آئون پنهنجي حالت ڪجھه سٺي پيو سمجھان.”
سائيءَ انهن ساڳين ٻولن جو ڪو پندرهن سورهن دفعا دور ڪيو هوندو. آخر ڪَڪ ٿي ماٺ کڻي ڪيائين. ڪار واري هن دفعي ماٺ ڪرڻ جو سبب نه پڇيو. هو چپ ئي رهيو. سائيءَ به هن سان وڌيڪ گھاٽو ٿيڻ نٿي چاهيو. ڪار جي رفتار ساڳي هئي- ستر ميل في ڪلاڪ . سائيءَ جي دل ڌڙڪي رهي هئي. ڪار ۾ اوندهه هجڻ ڪري هو اهو ڏسي نٿي سگھيو ته ڪار واري جي چهري تي ڪهڙا تاثر آهن. ڪجھه ميل ائين ئي ماٺ ۾ گذري ويا. پوءِ ڪار واري وري ڪڇيو: “توکي هيءَ ڪار پسند آئي؟”
“ها، سٺي گاڏي آهي.” سائيءَ خبرداري واري هجي ۾ وراڻيو.
“پوءِ ته جيمس فورڊ پهچي تون مون کان هيءَ ڪار وٺي سگھين ٿو. مون کي اوستائين ئي وڃڻو آهي.”
سائي وائڙو ٿي ويو. “ڇا هيءَ ڪار توهان جي ملڪيت ناهي!”
“نه_ آئون در اصل اسپتال ۾ هوس، اتان ڀڄڻ ۾ مون کي ڪافي ڏکيائي ٿي. پر ٻاهر نڪرڻ سان هيءَ ڪار ملي وئي، ڪول چيسٽر اسپتال جي سامهون ئي هڪ هوٽل اڳيان بيٺي هئي.”
سائيءَ کانڇرڪ نڪر يويو. ڪار واري جي عجيب سلوڪ ڪري سندس دل ۾ جيڪي شڪ پيدا ٿيا هئا، انهن هاڻ حقيقت جو روپ ڌاريو. ڪول چيسٽر اسپتال دماغي مريضن جي هڪ مشهور اسپتال آهي. ان مانٻاهر ڀڄي نڪتل مريض ڪو خوني قاتل به ٿي سگھي ٿو. سائيءَ ڊرائيور جي ٺونٺين وٽان ڪار جو اسپيڊو ميٽر ڏٺو جنهن جي سُئي ستر جي انگ کي پٺيان ڇڏي چڪي هئي. سائيءَ جا هٿ پير ڄڻ ڳرا ٿي پيا. هن هلندڙ ڪار مان ٽپ ڏيڻ جو سوچيو. پر هيڏي رفتار مان ٽپ ڏيڻ موت کي سڏ ڪرڻ برابر هو ۽ خيالن ئي خيالن ۾ پنهنجو جسم ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي ڏٺو. هن ڇرڪي ڪار واري ڏي ڌيان ڌريو. ڪار واري جون نظرون رستي ۾ ئي کتل هيون. رفتار اها هئي. ڪار وارو پوءِ هڪدم سائيءَ ڏي مڙيو. هن هڪ هٿ سان پٺينءَ سيٽ ڏي اشارو ڪري چيو:
“ڪار سان گڏ تون هن کي به کڻجانءِ”.
سائيءَ کي پهريون دفعو احساس ٿيو ته پوئين سيٽ تي هڪ ٽي ڄڻي جو وجود موجود آهي. هن چتائي ڏٺو. هن جون اکيون حيرت ۽ ڊپ کان ڦاٽي پيون. پوئين سيٽ تي هڪ ننڍڙو ٻار گھاٽي ننڊ ۾ ستل هو. “هي ٻار ڪنهنجو آهي؟” سائيءَ ڳيت ڏيندي پڇيو.
“خبر ناهي.” ڪار واري بي پرواهيءِ سان جواب ڏنو، “مون جڏهن هيءَ ڪار چورائي ته ٻار به ان ۾ ئي ستل هو.جنهن جي ڪار آهي ان جو ئي ٻار هوندو.” هي عجيب انداز ۾ کلڻ لڳو.
سائي ڏڪي ويو ۽ هن کي ان ڳالهه ڊيڄاري وڌو ته هو ڏني نه ورتي هڪ چرئي جي ور چڙهي ويو آهي. هيستائين ته هو فقط پنهنجي بچاءُ جو سوچي رهيو هو پر هاڻ ٻار جي ڪري سندس ٻيڻي ذميواري ٿي. بهرحال هن وقت سندس ۽ ٻار جي زندگي هڪ چرئي جي رحم و ڪرم تي هئي. بچڻ جو ڪو به طريقو سائيءَ جي سمجھه ۾ نه پئي آيو. ڪار سگنل جي ويجھو پهچي ٿورو ڍري ٿي ۽ هڪ وڏي لاريءَ جي پاسي ۾ ٿي بيٺي. سائيءَ ٽيڏيءَ اک سان هن ڏي ڏٺو. چرئي جو هن ڏي ڌيان نه هو. سائيءَ شيشي کي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر شايد رولر ۾ ڪا خرابي هئي جو شيشو هيٺ نه سرڪيو. سائيءَ لاچاريءَ جي حالت ۾ ڊرائيور ڏي ڏٺو، جيڪو ڪجھه فٽ مٿي ويٺل هو ۽ هن ڏي هيٺ ڏسي رهيو هو. چرئي جي ڊپ کان سائي هٿ استعمال نٿي ڪري سگھيو. پنهنجي وات کي گھمائي ڦيرائي لاريڊرائيور کي صورتحال کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ڊرائيور سمجھيو ته شايد کيس چٻرا ڏئي رهيو آهي. هن چڙ مان اکيون ڦاڙي سائيءَ جي خاموش اپيل جو ابتو نتيجو ڪڍيو. اوچتو سائيءَ کي هڪ ڳالهه ڌيان ۾ آئي. هو ڊرائيور کي وري چٻرا ڏئي وڌيڪ ڇِتو ڪري هيٺ لهرائي سگھيو ٿي. هن اهو ئي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. پر ايتري ۾ سگنل کلڻ ڪري ڪار زوزاٽ ڪندي اڳيان هلي ويئي.
ڪار جي رفتار جي سُئي هاڻ ستر کان مٿي ٽپي رهي هئي. سائيءَ اکيون کڻي بند ڪيون. ڪجھه گھڙين بعد ٻار ڪنجھڻ شروع ڪيو. چرئي ٿڌائيءَ مان چيو: “ٻارجي روئيندو رهيو ته سندس ڳچي مروٽي رکندس. ٻار جو روئڻ ٻڌي مون کي دورو پوندو آهي.” سائي خاموش رهيو. هو ڇا ٿي جواب ڏئي سگھيو. هن ٻنهي هٿن سان گٽار کي مضبوطي سان جھلي سوچيو ته هي موسيقيءَ جو نرم ۽ نازڪ واڄو هٿيار طور ڪهڙيءَ ريت استعمال ڪري سگھجي ٿو؟ اوچتو ٻار زور زور سان روئڻ لڳو. سائيءَ يڪدم کڻي ٻار کي کنيو ۽ ٻچڪارون ڏئي پرچائڻ لڳو: “بس بس. پٽ! بس.” پر ٻار تي ڪو به اثر نه ٿيو ۽ هو اڃا به زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو.
چرئي ڏند ڪرٽيندي چيو: “ هن کي ماٺ ڪراءِ نه ته...”
سائيءَ ڊڄي کڻي ٻار کي ڇاتيءَ سان لاتو. اها تدبير ڪم آئي ۽ ٻار ماٺ ٿي ويو. سائيءَ کي سڪون محسوس ٿيو. هن فيصلو ڪري ورتو ته ضرورت پئي ته هن معصوم ٻار خاطر جان جي بازي به لڳائي ڇڏيندس. رستي تي هڪ سنگ ميل نظر آيو. ڪار لنڊن جي علائقي ۾ پهچي چڪي هئي. منزل هاڻ ويجھي هئي. سائيءَ جي دل ڌڙڪڻ لڳي. هو اهو ئي سوچيندو رهيو ته چرئي مان جان ڪهڙي ريت ڇٽندي؟ ايتري ۾ چرئي جو پرسڪون آواز ٻڌڻ ۾ آيس: “مسٽر!”
سائيءَ هن جي لهجي جي تبديلي يڪدم محسوس ڪئي. چريو چئي رهيو هو: “پاڻ لنڊن پهچي ويا آهيون.” هن ڪار جي اندرين بتي ٻاري سائيءَ ڏي مرڪي چيو: “تون مون کي سڃاڻين ٿو مسٽر سائي؟” هن پڇيو.
سائيءَ چنجھين اکين سان هن ڏي ڏٺو. هن جو چهرو ڄاتل سڃاتل لڳي رهيو هو پر پريشانيءَ ڪري سائيءَ کي ياد نه آيو ته هن کيس پهرين ڪٿي ڏٺو آهي.
“معاف ڪجو آءٌ توهان کي سڃاڻي نه سگھيس.” هن لاچاريءَ جي حالت ۾ چيو: “آهيو ته ڏٺل وائٺل پر...”
“توکي راجر ٽرمپ جو نالو ته ياد هوندو؟” چرئي کلندي پڇيو. سائيءَ جي نظرن آڏو ٽي ويءَ جو مشهور راجر ٽرمپ ڦرڻ لڳو. هن کي ياد اچي ويو ته ڪار هلائڻ وارو هي چريو ته راجر ٽرمپ ئي آهي. هن شڪايت واري انداز ۾ راجر ٽرمپ ڏي ڏٺو. راجر مرڪندي چيو: “معاف ڪجانءِ مسٽر سائي، جو مون توکي ستايو ۽ تنهنجو ايڏو ڊگھو سفر بوريت ۾ گذريو. در اصل مون کي اهو ڊپ هو ته ڪٿي لفٽ وٺڻ وارو ماڻهو ڪو ڊاڪو نه هجي ۽ متان ڦرلٽ نه ڪري. سڀ کان وڌيڪ مون کي پنهنجي پٽ فلپ جو فڪر هو، جيڪو جڏهن روئڻ شروع ٿو ڪري ته پرچائڻ ڏکيو ٿيو پوي. منهنجي زال يعني هن ٻار جي ماءُ بيمارآهي. مون کي اڄ هڪ دعوت ۾ وڃڻو هو. ان ڪري ٻار کي به ساڻ کڻي نڪتو آهيان.”
“توهان ته منهنجو ساهه ئي سڪائي ڇڏيو هو، مسٽر راجر ٽرمپ!” سائيءَ چپن تي ڦِڪي مرڪ آڻيندي چيو.
“مون ان ڪري ته توکان معافي ورتي. ڪٿي لهندائو توهان؟”
سائيءَ هيڏانهن هوڏانهن نهاري هڪ هنڌ ڪار بيهارائي. ٻار کي هن پوئين سيٽ تي سمهاريو ۽ گاڏيءَ مان لهي الوداعي انداز ۾ هٿ لوڏي اڳتي وڌي ويو. ڪار به ان ئي وقت اڳيان وڌي اکين کان اوجھل ٿي وئي. سائي هڪ ٽيليوفون بوٿ ۾ گھڙيو. هن پوليس ايمرجنسيءَ جو نمبر ڊائل ڪيو ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ پوليس کي اطلاع ڏنو: “منهنجو نالو راجر ٽرمپ آهي. آءٌ ٽي ويءَ جو مشهور اداڪار آهيان.” هن پنهنجي آواز ۾ اڃا به گھڻي ڏڪڻي پيدا ڪئي. “منهنجي ڪار چوري ٿي وئي آهي. آسماني رنگ جي مورس آهي. هن جو نمبر آهي آءِ ٽي آر ٽي سؤ ستاويهه. پوئين سيٽ تي منهنجو پٽ فلپ ستل آهي. آءٌ سگريٽ وٺڻ لاءِ هيٺ لٿس ته انهيءَ وچ ۾ ڪو شاهينگ ٻار سميت ڪار چورائي ڀڳو آهي. هن جو رُخ لنڊن جي گھٽي نمبر ٻارهين ڏي آهي. خدا جي واسطي جلدي ڪريو. ڪٿي هو منهنجيمعصوم ٻچڙي کي ڪو نقصان نه رسائي.”
بوٿ مان نڪري هو سڪون سان سيٽي وڄائيندو رستي جو ڪنارو ڏئي هلڻ لڳو. هو سوچڻ لڳو ته منهجي چرچي سان راجر ٽرمپ کي ايتري تڪليف نه رسندي جيتري هن جي چرچي جي ڪري مون کي پهتي آهي. ساهه ئي سڪائي ڇڏيو هو، نڀاڳي. هاڻ پاڻ به ڇا ياد ڪندو.

(ليکڪ: آر. سي. ڊين، انگلينڊ)

ايمسٽرڊم جي ٽرئفڪ . . .

هالينڊ جي شهر ائمسٽرڊم جي ٽرئفڪ به عجيب آهي، جنهن جو مثال دنيا جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ملڻ محال آهي. هتي گاڏيون ٽرئفڪ جي وهڪري ۾ هلڻ کان وڌيڪ ٿيلهيون وڃن ٿيون. رش اور ۾ ته لڳندو ڄڻ هڪ هنڌ بيٺيون آهن. رکي رکي ڪو ڌڪو ٿو ڏئين ته اڳيان هليو وريو بيهيو رهن. اڄ صبح به ائين ئي ٿيو، جڏهن منهنجي ٽئڪسي ائمسٽرڊم جي وچ بازار مان گذري رهي هئي ته ٽرئفڪ جي وهڪ ۾ ساڄي پاسي ڌڪجي وئي. ٿورو اڳيان به نه وڌي ته ٽرئفڪ جئم ٿي وئي ۽ منهنجي ٽئڪسي هڪ ميوي واري دڪان اڳيان بيهي رهي. آئون ٽرئفڪ جي گوڙ شور کان بي نياز ٿي سامهون دڪانن ۽ شورومز کي ڏسڻ لڳس. ڀر ۾ ميوي جو دڪان تمام صاف سٿرو هو، جنهن جي ڀرسان تختن جون خالي پيتيون وڏي فضيلت سان هيٺ مٿي رکيون هيون. ايتري ۾ پاسي واري گھٽيءَ مان ٻه ڇوڪرا مستي ڪندا آيا. ميوي واري دڪان وٽ پهچي، هڪ ڇوڪري ٻئي کي کڻي ڌڪو ڏنو.هو خالي پيتين تي ڪري پيو. ٺر ٺر ٿي سڀ پيتيون اچي هيٺ ڪريون. دڪاندار هٿ ۾ مترڪو کڻي ڇوڪرن پويان ڊوڙيو ۽ چيو: “حرام خورو! هاڻ توهان هيڏانهن اچي ته ڏسو. هي مترڪو هڻي ميڄالو ٻاهر ڪڍي رکندوسانوَ.”
“چريا ڪنهن جاءِ جا! ڇا منهنجو ميڄالو ڪڍندين.” سامهونايندڙ عورت ڪاوڙ مان دڪاندار کي چيو. عورت گھٽ ۾ گھٽ اڍائي مڻ جي ڳري ٿيندي ۽ قد فقط چار فوٽ کن هوس. بس سمجھو ته فٽ بال ٿي لڳي. ڪجھه لمحا پهرين ڀر واري بيوٽي پارلر تان پنهنجا وار ٺهرائي ٻاهر نڪتي هئي ته هن ميوي واري سان ٽڪراءُ ٿي ويس.
“ نه نه مئڊم! منهنجي ڇا مجال! توهان جا ته وار ئي ڪيڏا سهڻا ۽ چمڪندڙ آهن.” دڪاندار مونجهاري ۾ خبر ناهي ٻيو به ڇا ڇا چوندو رهيو.
مون سان گڏ ٽئڪسي ڊرائيور به کلڻ لڳو. ايتري ۾ اڳيان رستو خالي ٿيو ۽ ٽئڪسي آهستي آهستي چرڻ لڳي. ٿورو اڳيان هلي اسان هڪ درياءَ جي ڪناري وٽان مٽياسين. پر گھڻو پري به نه پهتا هونداسين ته ٽرئفڪ وري جئم ٿي ويئي. ڊرائيور پٺيان مڙي ڏٺو ته جيڪڏهن اتان جاءِ هجي ته تان ئي واپس موٽي هلي. پر اسان جي پويان به لارين موٽرن جي ڊگھي قطار هئي.
“هن مصيبت لوڊر ٽرڪ سڄي ٽرئفڪ جي ستياناس ڪئي آهي. ” ڊرائيور سامهون ڪجھه مفاصلي تي بيٺل لوڊر ڏي اشارو ڪندي ٻڌايو.
“توهان کي جلدي ته نه آهي؟” ڊرائيور ڪلها ڌوڻي مون کان پڇيو.
“نه! ايتري به جلدي نه اٿم.” مون وراڻيو مانس. هن سگريٽن جو پاڪيٽ کيسي مان ڪڍي ان مان هڪ سگريٽ منهنجي حوالي ڪيو ۽ ٻيو پنهنجي وات ۾ وڌو ۽ پوءِ پنهنجي سيٽ تي ائين آرام سان ٿي ويٺو ڄڻ ٽيليويزن ڏسي رهيو هجي. پٺيان بيٺل گاڏيون هارن وڄائينديون رهيون.
“اهي چريا هن ائمسٽرڊم جا نه اٿئي.” ڊرائيور مون کي ٻڌايو.
“توکي ڪيئن خبر پيئي؟” مون پڇيومانس.
“ائمسٽرڊم جو هر ماڻهو سمجھي ٿو ته هي مرض لا علاج آهي- يعني هارن وڄائڻ سان ڪجھه نه ٿيندو. ائين ڪرڻ سان لوڊر ٽرڪون ويتر آهستي ٿيو وڃن. يعني اتي جواتي بدلو وٺن ٿيون.”
مون ڀٽڪندي هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. واقعي ميونسپالٽي وارن جتي ڪٿي ٽرامن جي ڄار وڇائي ائمسٽرڊم جي شهرين جي روح کي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو آهي. ان تي وري تُرو اهو ته هر بس اسٽاپ تي وڏناکرن ۾ لکرايو ويو آهي: “خدا توهان جي ٻڌي ٿو، ڪنهن کي به پِٽ پاراتو نه ڏيو”. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي تنبيهه ٿي سگھي ٿي.
“هي نسورو ئي انا جو سوال آهي!” ڊرائيور چيو. “خاص طور ائمسٽرڊم جي بي فڪر نوجوانن لاءِ. هر نوجوان پاڻبابت بهتر سمجھي ٿو. جيئن آئون پاڻ لاءِ سمجھي سگھان ٿو ته مون لاءِ ڇا سٺو آهي ڇا خراب.”
آئون آرسيءَ مان هن کي ڦڪي کِل کلندي ڏسندو رهيس. جنهن مان لڳو ٿي تههو ماضيءَ جي ڪنهن واقعي کان بنهه شرمندو نه آهي.
“جڏهن آئون نوجوان هوس، مون وٽ ٽئسڪي نه هئي. آئون هڪ ٽرڪ ڊرائيور جي حيثيت ۾ هڪ ڪمپنيءَ ۾ پگھاردار هوس. منهنجي ٽرڪ انهيءَ سامهون بيٺل لوڊر کان به وڏي هئي. هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا رستا ايڏا ويڪرا نه ٺهيا هئا جن تان هي وڏيون لاريون ٽرڪون هلي سگھن ۽ نه وري هڪ طرفي ٽرئفڪ هئي. هر رستي تي ٻنهي پاسن کان گاڏيون آيون ويون ٿي.” ٽئڪسي ڊرائيور پراڻن ڏينهنجون ڳالهيون ياد ڪري ٻڌائڻ لڳو، “مون کي اڄ به ياد آهي ته هڪ ٻپهريءَ جو آئون پنهنجي ٽرڪ ۾ سوار ٿي شهر جي هڪ وڏي بازار مان لنگھي هڪ سوڙهي گھٽيءَ ۾ مُڙيس. سامهون کان هڪ ٻي وڏي ٽرڪ اچي رهي هئي. منهنجي ٽرڪ جيڏي وڏي ۽ ڊگھي! گھٽي ايڏي سوڙهي هئي جو هڪ ٽرڪ به مشڪل سان لنگھي سگھي ٿي. بهرحال ٻئي ٽرڪون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي بيهي رهيون. اسان ٻئي هڪ ٻئي کي پٺيان وڃڻ جا اشارا ڪرڻ لڳاسين، پر ٻنهي مان ڪو به ضد تان لهي پٺيان رڙهڻ جي موڊ ۾ نه هو. آخرڪار اسان ٻئي پنهنجي پنهنجي سيٽ تي آرام سان ويهي رهياسين. يعني هڪ ٻئي کي اهو ٻڌائڻ چاهيوسين ٿي ته تون نٿو پٺيان وڃين ته اجهو آئونبه اتي ئي ويهي ٿو رهان. مون سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ پوءِ وڏي بي فڪريءَ سان سامهون واري ٽرڪ جي ڊرائيور کي ڏسڻ لڳس. هو به مون کي گھوريندو رهيو. آخرڪار جڏهن مون سگريٽ ڇڪي پورو ڪيو ته هن پلاسٽڪ جي لنچ باڪس کولي ان مان سئنڊوچ ڪڍي کائڻ شروع ڪئي. هو نهايت آهستي آهستي کائڻ لڳو ۽ هر چڪ بعد مون ڏي ڏٺو ٿي. شايد ان اميد تي ته آئون بيزار ٿي اها گھٽي ڇڏي پٺيان پير ڪندس.”
ٽئڪسي ڊرائيور مون ڏي فخر مان ڏٺو ۽ اهو چاهيو ٿي ته آئون سندس تعريف ڪريان. پر منهنجي ڪجھه چوڻ کان اڳ پاڻ پنهنجو بيان جاري رکيو.
“ان کان اڳ جو هو پنهنجي سئنڊوچ ختم ڪري، مون اخبار کنئي ۽ ٽنگون ڊئش بورڊ تي رکي آرام سان پڙهڻ شروع ڪئي. چڱي دير بعد اوچتو دريءَ جي شيشي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. مون مُڙي ڏٺو ته سامهون واري ٽرڪ جو ڊرائيور منهنجي دريءَ وٽ بيٺو هو. آئون سمجھي ويس ته هو هاڻ اهو چوڻ آيو هوندو ته هاڻ بس به ڪجي، ضد ڇڏي هلجي، اجايو وقت پيو برباد ٿئي. آئون ئي ٿو مُڙي وڃان.”
ٽئڪسي ڊرائيور ڪلهن کي جھٽڪو ڏئي مون ڏي ڏٺو ۽ ڳالهه جاري رکي.
“انهن ڏينهن ۾ اڄ جهڙي غنڊا گردي ۽ داداگيري نه هئي. ٻيو ڊرائيور بي فڪر ۽ ظاهري طرح پهلوان قسم جو نوجوان هو پر ان هوندي به آئون کانئس بلڪل مرغوب نه ٿيس. مون دريءَ جو شيشو هيٺ ڪيو.
“ڇا ڳالهه آهي؟” مون معلوم ڪرڻ چاهيو.
“جڏهن اخبار پڙهي ختم ڪرين ته مون کي پڙهڻ لاءِ ڏجانءِ.” هن نهٺائيءَ سان چيو.
“اها ڳالهه ٻڌي مون کان کِل نڪري وئي ۽ مون ئي پنهنجي ٽرڪ پٺيان کڻي موڙي.”

(ليکڪ: نا معلوم)

نيويارڪ ڇڏي ويسٽ پام پهچڻ

مون جھڙا ڪيترائي نوجوان جن جون حالتون مون جهڙيون ئي رهن ٿيون، ڪڏهن نه ڪڏهن مون وانگر نيويارڪ جي البرٽ سپر مارڪيٽ ۾ ٽائين جي ڪائونٽر تي سيلزمئن ٿي ڪم ڪري چڪا هوندا. هن نوڪريءَ ۾ پگھار ته ڪو خاص ناهي پر ان جي سڀ ۾ سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪم ڪو گھڻو محنت جو ناهي ۽ مون جهڙي ماڻهوءَ کي ايترو وقت مليو وڃي جو هو ٻين ڪمن کي ڏسي سگھي ٿو.
شايد توهان معلوم ڪرڻ چاهيندائو ته منهنجو ٻيو ڪم ڪهڙو آهي. اهو آئون توهان کي نه ٻڌائيندس. هونءَ به جيڪا ڳالهه آئون توهان کي ٻڌائڻ وارو آهيان، انجو ان ڪم سان ڪو واسطو نه آهي. هلو سائين ڪنهن حد تائين توهان جي آنڌ مانڌ کي ختم ڪرڻ لاءِ ايترو ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته منهنجو اهو ڪم غيرقانوني هرگز ناهي. جيتوڻيڪ ڪجھه ماڻهن جي نظر ۾... بلڪ ٿي سگھي ٿو ته گھڻن جي نظر ۾ اهو ڪم سماجي خيال کان قابلِ اعتراض هجي.
ٽائين جي هن دڪان جي مئنيجر جي سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته هو ڪنهن به نوجوان کي پنهنجي دڪان ۾ ڪم تي رکڻ وقت هن جي تجربي يا رڪارڊ وغيره ڏي زياده ڌيان نٿو ڏئي. هو فقط اهو ڏسي ٿو ته نوجوان جو قد ڪاٺ، صحت، شڪل صورت، وار ۽ پوشاڪ جو رنگ ڍنگ ڪيئن آهي. هن جي مُرڪ ۽ هن جي ڳالهائڻ جو نمونو ڪيترو موهيندڙ آهي. هتي فقط سٺي صورت، سٺي لباس ۽ ٺاهوڪي جسم جي نوجوانن کي نوڪري ملي سگھي ٿي.
ان جو سبب سنئون سڌو آهي. توهان کي اهو ٻڌي شايد حيرت ٿئي ته ٽائيون گھڻو ڪري عورتون ئي خريد ڪن ٿيون- ڪنهن نه ڪنهن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ...! هڪ سهڻي صورت، سٺي لباس ۽ سٺي ڳالهائڻ وارو نوجوان سيلز مئن نه فقط انهن لاءِ موهه پيدا ڪري ٿو پر هو ڪنهن مرد لاءِ ٽائين جي چونڊ ۾ پڻ هنن جي مدد ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪائونٽر تي اسان جي دڪان جي مئنيجر جهڙو ڪو پوڙهو، سڪل سڙيل بور ماڻهو بيهي رهي ته ايندڙ عورتون ٽائيون خريد ڪرڻ جو ارادو ئي لاهي ڇڏين ۽ ڪاسميٽڪس جي شعبي ۾ وڃي ڪو عطر ڪولون پسند ڪن.
آئون ضرورت وقت هميشه ٽائين جي هن دڪان “ٽائي بار” ۾ ڪيترائي دفعا نوڪري ڪري چڪو آهيان. حالتون بهتر ٿيڻ تي آئون نوڪري ڇڏي به ڏيندو آهيان. ضرورت پوڻ تي وري موٽي ايندو آهيان. منهنجو هر هر هتي اچي شوق سان نوڪري ڪرڻجو هڪ سبب اهو آهي ته هتي منهنجي مطلب جي عورتن سان، منهنجي ملاقات ٿيڻ جا امڪان گھڻا هوندا آهن. يعني مٿاهين طبقي جي اهڙين شادي شده يا ٿوري وڏي عمر جي اهڙين اڪيلين عورتن سان جيڪي سخت بوريت واري زندگي گذاري رهيون آهن ۽ هو دلچسپين جي ڳولا ۾ هونديون آهن...
خير... اهو منهنجو اصل موضوع ناهي. آئون ته توهان کي اهو قصو ٻڌائڻ وارو هوس، جنهن جي شروعات “ٽائي بار” دڪان سان ٿي هئي. ان ڏينهن آئون پنهنجو پاڻ کي تمام گھڻو ۽ تازو توانو محسوس ڪري رهيو هوس جو گذريل رات تمام خوشگوار گذري هئي. هڪ خوبصورت، نوجوان ۽ ٺٺ ٺاٺ واري عورت مون سان رات گذاري هئي. هن جي رفاقت جا اثرات اڃا تائين منهنجي رڳ رڳ ۾ موجود هئا. مون دڪان جي قدِ آدم آرسيءَ ۾ پنهنجو جائزو ورتو ۽ آئون پاڻ کي روز مره کان وڌيڪ بهتر لباس ۾ هلڪو ڦلڪو نظر اچڻ لڳس.
انهي ڏينهن دڪان ۾ گراهڪن جي اچ وڃ ڪجھه وڌيڪ هئي. منجھند ڌاري جڏهن رش ڪجھه گھٽ ٿي ته مون کي ماريا دڪان ۾ گھڙندي نظر آئي. ماريا ڪجھه ائين هلندي هئي ڄڻ ناچ شروع ڪرڻ واري هجي. هاڻ ته هوءَ ورٽن نالي هڪ شاهوڪار ۽ وڏي ڪاروباري ماڻهوءَ جي زال هئي، پر مون هن کي شاديءَ کان اڳ کان سڃاتو ٿي. هن جي عمر ان وقت چاليهن جي لڳ ڀڳ هئي پر سهڻي لباس، رک رکاءُ ۽ ٻين ٺٺ ٺانگرن ڪري هوءَ ننڍي عمر جي لڳي ٿي.
ماريا ان وقت ماڊلنگ جي ميدان ۾ تمام ڪامياب وڃي رهي هئي، جڏهن آئون هن سان پهريون ڀيرو مليو هوس. آئون به ماڊلنگ جي دنيا ۾ پنهنجو ڀاڳ آزمائڻ لاءِ پهتو هوس ۽ هاڻ منهنجي خيال ۾ اهو ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت ناهي ته آئون ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيس. ڪنهن حد تائين ان ۾ منهنجي سستي، آرام طلبي ۽ عيش پرستيءَ جو به دخل هو. ان کان پوءِ مون اداڪاريءَ جي ميدان ۾ به قسمت آزمائي ڪئي پر اتي به ڪهاڻي ڪجھه گھڻي مختلف نه رهي. تنهن هوندي به انهن ٻنهي جاين تي پنهنجي ڪوشش کي مڪمل طور ناڪام نٿو چئي سگھان. گھٽ ۾ گھٽ انهن شعبن ۾ منهنجو ملڻ جلڻ زنده دل ۽ خوبصورت عورتن سان وڌي ويو، جنهن جي عيوض ذهن جي صنم خاني ۾ ڪجھه حسين يادين جو واڌارو ٿي ويو.
ماريا مون کي سحر انگيز ۽ ماحول کي جڳمڳ ڪندڙ مرڪ سان نوازيو. ان مرڪ ماريا کي ماڊلنگ جي دنيا جي ڏاکڙن مان ڪڍي هڪ شاهوڪار ماڻهوءَ جي زال بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن جي مڙس جا مئن هٽن (نيويارڪ) کان نائيڪ تائين فرنيچر جي اعليٰ قسم جا دڪان هئا.
“ڇا حال آهي دوست؟” هوءَ ٻهڪڻ لڳي، “ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي جو هڪ وڏي عرصي بعد ههڙي طرح اوچتو توسان ملاقات ٿي وئي، اڄ ڪلهه تون سيلز مئن آهين؟”
“بس ڪڏهن ڪڏهن ٿي ويندو آهيان.” مون جواب ڏنومانس، “بس زندگي ڪنهن ريت ته گذارڻي ئي آهي.”
“زبردست لڳي رهيو آهين.” ماريا چيو.
“تون به قيامت برپا ڪري رهي آهين.” مون چيومانس.
“ ڪوڙ نه ڳالهاءِ. منهنجو وزن وڌي ويو آهي ۽ وار ڇڻي رهيا آهن. اڄ منجھند جي مانيءَ کانپوءِ ليونارڊو سان منهنجي ملاقات رکيل آهي.” هن ٻڌايو.
ليونارڊو اڄڪلهه جو مشهور “هيئر ڊريسر” آهي، جيڪو دولتمند عورتن جي وارن جي نگهباني ۽ بهتري لاءِ صلاحون ڏئي ٿو. وار ته خبر ناهي بهتر ٿين ٿا يا نه پر هو عورتن جي کل ضرور لاهي ٿو. ان هوندي به عورتن جي هن وٽ ايڏي پيهه پيهان آهي جو هن سان ملڻ لاءِ اڳواٽ وقت وٺڻو پوي ٿو.
ماريا ڳالهه جاري رکندي چيو: “بهرحال توکي هتي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي آهي. مون کي منهنجي مڙس ورٽن لاءِ هڪ ٽاءِ جي چونڊ ۾ ٿوري مدد ڪر . ڇنڇر ڏينهن هن جي سالگره آهي.”
ماريا جي مڙس ورٽن سان منهنجي ملاقات فقط هڪ دفعو هن جي شاديءَ جي موقعي تي ٿي هئي، ان ڪري مون کي ماريا کان پڇڻو نه پيو ته اکين جو رنگ ڪهڙو آهي؟ مون کي ياد نه هو ته مون هن جون اکيون ڏٺيون به هيون يا نه.
“هن جون اکيون تنهنجين اکين جهڙيون صاف آسماني ته نه آهن ڊارلنگ!” هن ٿڌي آهه ڀريندي چيو، “بس ائين سمجھه ته ڪجھه ساوڪ مائل آسماني آهن.”
مون هن کي ٽائيون ڏيکارڻ ۽ صلاحون ڏيڻ شروع ڪيون. بيشمار ٽائيون ڏسڻ بعد آخرڪار منهنجي ئي چوڻ تي هن هڪ ٽاءِ جي چونڊ ڪري ورتي ۽ منهنجو ذري ذري ائين ٿورو مڃڻ لڳي، ڄڻ مون هن کي ڪنهن وڏي آزمائش يا مصيبت مان بچائي ورتو هجي. پوءِ هن چيو: “آئون ٻي بجي تائين واندي آهيان. هل، مان توکي ماني کارايان. هن مارڪيٽ جي مٿان جيڪا ريسٽورنٽ هئي سا اڃا آهي يا بند ٿي چڪي آهي؟”
“نه... ريسٽورنٽ ته موجود آهي.” مون مجبوريءَ جو اظهار ڪندي چيو،“پر آئون هڪ بجي ڌاري واندو ٿي سگھندس.”
“ صحيح آهي. آئون هڪ بجي ڌاري وري اچي وينديس. تيستائين آئون ٻين دڪانن ۾ ليئو پائي ٿي وٺان.” اهو چئي هوءَ رواني ٿي وئي.
گراهڪن جي اچ وڃ لڳي رهي ۽ آئون سندس آڌرڀاءُ ڪرڻ ۽ سٺي طرح پيش اچڻ ۾ مشعول رهيس. منهنجي چپن کي سمجھو ته آرام ئي نه پئي مليو. منهنجو مطلب آهي آئون لڳاتار مرڪندو رهيس. هڪ وڳي ڌاري هڪ ڳاڙهن وارن واري “حشر پيدا ڪندڙ” قسم جي حسينا دڪان ۾ داخل ٿي ۽ ٽائيون ڏسڻ لڳي. هن جا وار ايڏا ته خوبصورت هئا جو اهڙا وار حاصل ڪرڻ لاءِ ماريا شايد ڪنهن جو قتل ڪرڻ لاءِ به راضي ٿي وڃي. رڳو وار نه پر هوءَ مٿي کان پيرن تائين حسن جو مجسمو هئي: “پلي بواءِ” رسالي جهڙا پبلشر ههڙي عورت کان پنهنجي رسالي لاءِ ماڊلنگ ڪرائي بيحد خوش ٿي سگھيا ٿي.
هڪ ٻي گراهڪ مائِي کي فارغ ڪرڻ بعد مون هن جي ويجھو پهچي مرڪڻ جو اوورٽائيم ڪندي چيو: “ڪا ٽاءِ پسند آئي مئڊم؟”
“نه...” هن چاش جهڙي مٺي لهجي ۾ وراڻيو، “آئون در اصل هڪ شوخ رنگ واري ٽاءِ جي ڳولا ۾ آهيان... ڪجھه ٻهڪندڙ رنگن واري...”
مون ڪجھه دٻا کولي هن جي پسندواري قسم جون ٽائيون ٽيبل تي پکيڙيون. هوءَ انهن کي وڏي دلچسپيءَ سان ڏسڻ لڳي. آخرڪار هن هڪ اهڙي تکن رنگن ۽ تجريدي ڊيزائين واري ويڪري ٽاءِ پسند ڪري ورتي، جنهن جهڙي ٽاءِ اونداهي رات ۾ ڪتي کي گھمائڻ لاءِ وٺي وڃڻ وقت به آئون لڳائڻ پسند نه ڪندس. آئون حيران هوس ته هوءَ ڪهڙي گڏهه لاءِ اهڙي ٽاءِ خريد ڪري رهي آهي.
هن کي کولڻ لاءِ مون ظاهري طرح عام لهجي ۾ پڇيو:
“هيءَ ٽاءِ توهان شايد پنهنجي مڙس لاءِ خريد ڪري رهيون آهيو؟”
“پنهنجي ‘مڙس’ لاءِ نه... البت ‘هڪ مڙس’ لاءِ.” هن مرڪندي منهنجي درستي ڪئي. مون محسوس ڪيو ته هوءَ ذري گھٽ مون کي اک ڀڃڻ جي موڊ ۾ هئي. مون کي اندر جي ڳالهه جو اندازو ٿي ويو. انهيءَ مهل مون کي اوچتو احساس ٿيو ته ماريا دڪان ۾ اچي چڪي آهي پر هن منهنجو پاڻ ڏي ڌيان نه ڇڪايو. هوءَ ان ڊگھي ڪائونٽر جي ٻي ڪنڊ وٽ بيٺي رهي ۽ ٽِڪَ ٻڌي هن ڳاڙهن وارن واري عورت کي ڏسڻ لڳي. عجيب ڳالهه اها هئي جو ان وقت هوءَ سونهري گھنڊيدار وارن واري اهڙي وِگ سان هئي جو سندس شڪل مختلف پئي لڳي. خبر ناهي هوءَ ڪٿان اهڙي وگ خريد ڪري آئي هئي. شايد وقت جي مشهور حجام ليونارڊو هن کي في الحال وگ استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي.
انهيءَ وچ ۾ دڪان جو ٻيو سيلزمئن ڊيوٽيءَ لاءِ اچي ويو. مون ڳاڙهن وارن واريءَ جي چونڊيل ٽاءِ کي پئڪ ڪرڻ ۽ پئسا وصول ڪرڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيو. ان بعد اڌ ڏينهن جي وڪري جو حساب مئنيجر کي ڏيئي ماريا سان گڏ دڪان کان ٻاهر نڪتس.
ماريا مون سان گڏ گڏ هلندي هيٺائين آواز ۾ چيو: “ڪهڙو شخص اهڙي خوفناڪ ٽاءِ لڳائڻ پسند ڪندو؟”
“بس اهو ئي هوندو جيڪو پنهنجي سريت کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذوق جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هوندو.” مون خيال ظاهر ڪيو.
“ٿي سگھي ٿو تنهنجو اندازو صحيح هجي ته اها ڇوڪري ان قسم جي هجي پر ان سان گڏ گڏ اها نوڪري پڻ ڪري ٿي.” ماريا چيو.
“تون ان کي سڃاڻين ٿي؟” مون پڇيو.
“سڃاڻانس ته ڪانه ٿي... پر هن کي پهرين به ڏسي چڪي آهيان. شهر جي وچ ۾ منهنجي مڙس جو جيڪو “فرنيچر اسٽور” آهي... هيءَ ڇوڪري اتي جي سيلز اسٽاف ۾ شامل آهي. هڪ طرح جي سيلز گرل ئي آهي.” هن ٻڌايو.
اسان اليڪٽرڪ ڏاڪڻ ذريعي ٽاپ فلور تي پهچي ريسٽورنٽ ۾ وڃي ويٺاسين. ان دوران ماريا سان ڳالهه ٻولهه مان اهو به معلوم ٿيو ته هن جي اڄڪلهه جي فئشن ايبل حجام سان اڃا ملاقات نه ٿي آهي. وگ هن پنهنجي طرفان سوچي خريد ڪري لڳائي آهي.
“مون پئي سوچيو ته شايد ليونارڊو منهنجي وارن بابت ڪا خراب خبر نه ٻڌائي.” هن وضاحت ڪئي.
“توبهه توبهه ماريا...” مون ڪجھه حيرت مان هن ڏي ڏٺو، “تون ته ڪجھه اهڙيءَ طرح جي ڳالهه ڪري رهي آهين ڄڻ ڊاڪٽر توکي ڪئنسر جي مرض ۽ وڌيڪ فقط ڇهه مهينا جيئرو رهڻ جي خبر ٻڌائڻ وارو آهي.”
“آئون اڄڪلهه ڪجھه ائين ئي محسوس ڪري رهي آهيان.” هن جي لهجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي اداسي اچي وئي ۽ سندس منهن تان تازگي ۽ کل ڀوڳ ڄڻ غائب ٿي ويو. مون لاءِ مسئلي جو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه هو.
“گھر جي جنت ۾ طوفان جا آثار نموندار ٿي رهيا آهن ماريا؟” مون مٺي لهجي ۾ چکيو، “لڳي ٿو گھرو زندگي خطري ۾ آهي.”
هن هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين پٺيان وقت وڃائڻ بدران ٿڌو ساهه کڻي چيو، “منهنجو مڙس ورٽن مون کي طلاق ڏيڻ ٿو چاهي.”
“ڇو ؟” مون بي يقيني ۽ حيرت مان پڇيو.
“هو مڃي ته نٿو پر ظاهر آهي ان جو سبب ڪا ٻي عورت هوندي.”
“ورٽن مون کي اهڙو ماڻهو ته نٿو لڳي. هو ته قدامت پسند ۽ روايت پرست قسم جو ماڻهو آهي.” مون چيومانس، “ان قسم جا ماڻهو فقط هڪ شاديءَ تي ئي گذر ڪندا آهن.”
“شايد هو پهرين اهڙو رهيو هجي، پر هاڻ هو بدلجي چڪو آهي. هن ته ورزش لاءِ جيمخاني وڃڻ به شروع ڪري ڏنو آهي. ٽينس کيڏڻ لڳو آهي. پنهنجي ڪپڙي لٽي جو خيال رکڻ لڳو آهي. چڱي خاصي عمر گذارڻ بعد هاڻي وڃي هن کي انهن ڳالهين جو خيال آيو آهي، ان مان ڇا ٿو ظاهر ٿئي؟”
مون هاڻ محسوس ڪيو ته ماريا جي ميڪ اپ جي تهن هيٺ هلڪا گهنج ۽ ذهني ڇڪ جون علامتون ڍڪيل هيون. هن لمحي کن جي ويڳاڻي خاموشي بعد چيو: “مون هن خاطر پنهنجو ڪيريئر قربان ڪري ڇڏيو ۽ هڪ سٺي زال ٿي رهڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي پر ان جو مون کي ڪهڙو ڦل مليو آهي.”
“ٿي سگھي ٿو اهو تنهنجو وهم هجي ته هن جي روزمره جي زندگيءَ ۾ اوچتو آيل تبديلين پٺيان ڪا عورت آهي.” مون چيو.
“ٻيو سبب جيڪو مون کي پهرين کان به وڌيڪ ڊيڄاري ٿو.” هن چيو، “اهو هي آهي ته هن مون سان شادي منهنجي ذهانت کان متاثر ٿي نه ڪئي هئي. هاڻ جيڪڏهن هن جي مون ۾ دلچسپي ختم ٿي چڪي آهي ۽ هو مون کي طلاق ڏيڻ چاهي ٿو ته ان جو مطلب صاف ظاهر آهي ته منهنجي ظاهري خوبصورتي ۽ جسماني ڪشش پوين پساهن ۾ آهي. آئون هڪ جھريل عمارت جيان ٿيندي وڃان.”
“خدا جي واسطي اهي بيڪار ڳالهيون بند ڪر. تون ته پهرين کان به وڌيڪ سهڻي ٿي پئي آهين.” مون چيو... خدا مون کي معاف ڪري... ڪنهن وقت ڪنهن جي دل رکڻ لاءِ ڪيڏو وڏو ڪوڙ ڳالهائڻو پوي ٿو.
“هو سنئون سڌو کڻي چوي ته هن کي مون سان محبت نه رهي آهي... يا هو مون تي کڻي چڙ ڪري... هن جو مون سان سلوڪ خراب رهي ته به آئون ان سلسلي ۾ ڪجھه ڪري سگھان ٿي. پر هو ته مون کي نرميءَ جي مار ڏئي رهيو آهي. هو بيحد ميٺاج ۽ فضيلت سان مون سان ملي ٿو پر هن مون ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني آهي. توکي ته خبر آهي ته آئون هن سان پيار ڪريان ٿي ۽ هن کي هٿن مان وڃائڻ نٿي چاهيان پر مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته آئون ڇا ڪريان.
“جيڪڏهن هو طلاق بابت سنجيدو آهي ته تون ڇا ٿي ڪري سگھين،” مون چيو مانس. “بس ايترو بندوبست ڪري وٺ ته هن جي ڪجھه ملڪيت تنهنجي نالي ٿي وڃي.”
اسان ٻنهي شاديءَ وقت جيڪو معاهدو سائن ڪيو هو، اهو ان جي حساب سان طلاق جي صورت ۾ اسان ٻئي هڪ ٻئي کان ڪو به مطالبو نٿا ڪري سگھون.” هن ٻڌايو.
“ان هوندي به ڪو سٺو وڪيل...” آئون هن کي ان طرح جون دلداريون ڏيندو رهيس. اسان جي ڳالهه ٻولهه بوريت ۽ بيزاريءَ جو رخ اختيار ڪري رهي هئي. مون دل ئي دل ۾ خدا جو شڪر ادا ڪيو ته منهنجي لنچ بريڪ فقط هڪ ڪلاڪ لاءِ هئي.
اوچتو ماريا کي ڄڻ ڪو خيال آيو. هن جي چهري جو پتو يڪدم بدلجي ويو. هن ڄڻ ڪنهن نئين اميد جي سهاري تي ڳالهايو! “ڇنڇر جي ڏينهن شام جو تون ڇا ڪري رهيو آهيان؟”
“تون ڇو پڇي رهي آهين؟”
“مهرباني ڪري ان ڏينهن تون اسان جي گھر ڊنر تي هليو اچ.” هن منٿ ڪندي چيو. “مون پنهنجي مڙس روٽن جي شادي جي سالگره جي سلسلي ۾ خاص ڊنر جو بندوبست ڪيو آهي. پر هو لڳي ٿو آفيس ۾ ئي هوندو. آئون چاهيان ٿي ته تون ان جي اچڻ کان اڳ پهچي وڃ. ڪجھه وقت پاڻ ۾ اڪيلا گذارينداسين. هو اچي ڏسندو ته مون هڪ ٺاهوڪي جوان کي ڊنر تي گھرايو آهي ته هن کي ضرور جھٽڪو لڳندو. هن مون کي گھر جي ڪڪڙ ئي سمجھي رکيو آهي. هن جي دماغ ۾ هوندو ته هاڻ مون کي ڪو به ڍنگ جو مرد لفٽ نه ڪرائيندو. شايد منهنجي مسئلي جي پاڙ به اهائي آهي. آئون چاهيان ٿي، ٻاهرين ڏيک طور ئي سهي.. پر هن جي اها غلط فهمي دور ٿي وڃي.”
“تنهنجو مطلب آهي ته هو حسد ۾ مبتلا ٿئي؟” مون عجيب مونجھاري جي حالت ۾ کانئس پڇيو. “ان سان ڪهڙو فائدو رسندو؟”
“شايد هن کي آئون وڻڻ لڳان. تون هن جي سامهون مون سان چڱيءَ طرح هُجائتو ٿي ڳالهائجان ٻولهائجانءِ.” هن چيو.
هن جي گھريلو ۽ ذاتي مسئلن ۾ پوڻ جو خيال مون کي ڊيڄاري رهيو هو. هن منهنجي گھٻراهٽ کي محسوس ڪندي چيو:
“آئون توکي تنهنجي وقت ڏيڻ جو اجورو چڱي طرح ادا ڪنديس.”
آئون هن جي ان بنا رک رکاءُ واري پيشڪش تي حيران ٿيڻ بنا رهي نه سگھيس. ان جو مطلب هو ته هن کي گذريل سالن جي عرصي ۾ منهنجي ڪم ڪارين جي چڱيءَ طرح ڄاڻ پئجي رهي هئي. تنهن هوندي به مون پنهنجو وقار برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: “هاڻ اهڙي به ڳالهه ناهي. آئون اجورو وٺڻ بنا به پنهنجي هڪ پراڻي ساٿيءَ جي ڪم اچي سگھان ٿو.”
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماريا جي ڪنهن اهڙي عورت سان ملاقات ٿي هجي، جنهن کان مون ڪڏهن ڪجھه پئسا وٺي سندس ڪم سر انجام ڏنو هجي.
“ ان جو مطلب آهي ته تون ضرور ايندين؟” هن خوش ٿيندي چيو.
“وڏي خوشيءَ مان.” مون پنهنجي ناپسند کي لڪائيندي چيو، “پر ڏسجي ته ڪو فائدو به ٿئي ٿو يا نه.”
“فائدو ته پڪ ٿيندو.” هن خوش ٿيندي چيو. هوءَ ڪجھه ائين خوش نظر اچي رهي هئي ڄڻ هن جا سڀ مسئلا حل ٿي ويا هجن. ان وقت مون کي هن تي ترس اچي رهيو هو.
ريسٽورنٽ مان اٿي اسان اليڪٽرڪ ڏاڪڻ ڏي وڃي رهيا هئاسين ته اوچتو ماريا بيهي رهي، منهنجي ٻانهن کي زور ڏيندي هن چيو : “ٿورو هيٺ ته ڏس.”
مون هيٺين ماڙ تي “جوئلري اسٽور” ڏي نظر ڪئي، جيڏانهن هوءَ منهنجو ڌيان ڇڪائي رهي هئي. ان دڪان جي ڪائونٽر تي مون کي اها ئي ڳاڙهن وارن واري “حشر پيدا ڪندڙ” حسينا ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا اسان جي دڪان مان هڪ مسخرن جي پائڻ جهڙي ٽاءِ وٺي وئي هئي. هوءَ سونهري وارن واري هڪ قداور همراهه جي ٻانهن ۾ ٻانهون وجھي، هن سان چهٽي بيٺي هئي.
ماريا راز واري انداز ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو:“ هيءَ ته اها ئي آهي ۽ هن منٽوءَ سان گڏ ڇا پئي ڪري.”
“تون ان شخص کي سڃاڻين؟” مون چيو.
“منهنجي مڙس جي شهر واري جنهن اسٽور تي هيءَ ڇوڪري نوڪري ڪري ٿي اتي منٽو مئنيجر آهي... پر منٽو ته هڪ تمام سهڻي ۽ سلڇڻي عورت جو مڙس آهي. ڇا هي ٻئي...؟” هن جملي کي اڻپورو ئي ڇڏي وڏي خاطريءِ سان چيو. “مون تنهنجي دڪان تي هن لچي عورت کي اهو چوندي ٻڌو هو ته هوءَ اها ٽاءِ هڪ مڙس لاءِ وٺي رهي آهي. پڪ هن جو مطلب اهو ئي مڙس هوندو.” پوءِ هن جي لهجي مان ڪاوڙ ۽ نفرت ظاهر هئي. “تو ڏٺو؟ اهڙا هوندا آهن مرد... ۽ هن خبيث کي اهو به خيال ناهي ته منٽوءَ جي زال پڻ هتي خريداري ڪرڻ اچي ٿي. جيڪڏهن هوءَ هنن ٻنهي کي گڏ ڏسي وٺي ته ...؟”
“شايد هنن ۾ ائين ئي سڌي سادي دوستي هجي. آخر ٻئي هڪ هنڌ گڏ ڪم ڪن ٿا.” مون خيال ظاهر ڪيو.
“هوءَ جنهن نموني سان هن کي چهٽي پئي آهي ان جي باوجود به تنهنجو اهو ئي خيال آهي؟ تنهنجو عقل لاڏاڻو ڪري ويو آهي ڇا؟” ماريا ڪاوڙ مان مون ڏي ڏٺو. هوءَ ڪجھه ائين ڇتي ٿي رهي هئي ڄڻ هن پنهنجي مڙس کي ان قسم جي حرڪت ڪندي ڏسي ورتو هجي. پوءِ هن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: “منٽو ان قسم جو ماڻهو هرگز ناهي جو اهڙي بيهوده ٽاءِ لڳائي، جيڪا هن ڏائڻ ورتي آهي!”
“مون کي يقين آهي ته تون اها ڳالهه منٽوءَ جي زال کي نه وڃي ٻڌائيندينءَ. اسان پڪ سان نٿا چئي سگھون ته...”
“توکي فڪر ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.” هن منهجي ڳالهه ڪاٽيندي چيو، “آئون پنهنجو منهن کڻي بند رکنديس پر هن ماڻهوءَ اڳيان اهو ضرور ظاهر ڪرڻ چاهينديس ته مون هن کي هن وقت ڏسي ورتو آهي. جلدي جلدي مون سان گڏ هيٺ اچ.”
هن منهنجي ٻانهن ۾ پنهنجو هٿ اهڙي مضبوطيءَ سان جھليو جهڙي مضبوطيءَ سان هوءَ ڳاڙهن واري منٽوءَ جو جھلي پئي هلي. اهو ئي منٽو جنهن لاءِ اسان يقين سان سمجھي رهيا هئاسين ته هو هڪ بيوفا آهي. مون کي پاڻ سان وٺي ماريا تکو تکو هيٺ لهي ان ڪائونٽر وٽ پهتي ۽ منٽوءَ جي سامهون اچي هن کي کيڪاريو: “هيلو منٽو! ڇا پنهنجي زال لاءِ ڪو هيرن جو هار پيو وٺين. گھٽ ۾ گھٽ هن کي به ته وٺي اچو ها؟” هن جي لهجي ۾ زهر ڀريل هو.
منٽو ڪجھه به پريشان، بدحواس يا احساس جرم جو شڪار ٿيندو نظر نه آيو. هن وڏي سڪون سان وراڻيو : “نه ... بس ائين ئي جائزو وٺي رهيا هئاسين.” پوءِ هن پاڻ سان گڏ هلندڙ ڳاڙهن وارن واريءَ عورت ڏانهن اشارو ڪري چيو، “توهان جي هن سان ڄاڻ سڃاڻ آهي؟”
“نه... مون کي اهو اعزاز حاصل ناهي.” ماريا ڀڻ ڀڻ واري انداز ۾ ڳالهائيندي چيو.
هن مڙي ڏسڻ جي تڪليف به نه ڪئي ۽ هڪدم اتان اڳتي هلي وئي. آئون هن جي پٺيان هوس. هوءَ بيحد ڪاوڙيل لڳي رهي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن هن جي ڦٽن تي کڻي لوڻ ٻرڪيو هجي. جنهن زماني کان مون هن کي سڃاتو ٿي ان وقت کان اڄ تائين هن جي شخصيت ۽ مزاج ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اچي چڪيون هيون. سچي ڳالهه ته اها هئي ته هن جي چال چلت مون کي ڊيڄاري رهي هئي.
“منٽوءَ جي زال تمام شريف ۽ سادي عورت آهي.” هن رستي تي مون کي ٻڌايو. “هي مردود هن کي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ڏٽا ڏيندو هوندو. آخرڪار هن کي هيءَ ڳالهه ڪونه ڪو ضرور ٻڌائي ته ڇڏيندو پر ان هوندي به هوءَ ڪجھه ڪري نه سگھندي. آئون ان جي جاءِ تي هجان ها ته اهڙي خبيث مڙس کي قتل ڪري ڇڏيان ها.”
آئون ڊنر جي دعوت تي ماريا ۽ ورٽن جي شاندار گھر پهتس ته ماريا تمام خوبصورت لباس ۾ منهنجو انتظار ڪري رهي هئي. هن جا وار به پهرين کان تمام بهتر سهڻا نظر اچي رهيا هئا. شايد اهو ليونارڊو جو ڪمال هو. مون خدا جو شڪر ادا ڪيو ته ماريا ان ڏينهن واري وِگِ اڄ نه پاتي هئي. سندس مڙس ورٽن ڪٿي به نظر نه پئي آيو.
“مون هن کي ڪالهه ئي تاڪيد ڪئي هئي ته گھٽ ۾ گھٽ اڄ هو دير ڪري نه اچي...” ماريا ٻڌايو. “پر هن جا حال اهي آهن جو ٿي سگھي ٿو ته کيس اهو به ياد نه رهيو هجي ته اڄ هن جو برٿ ڊي آهي. ڪجھه عرصي کان هن جو عجيب حال آهي.”
کاڌي جي ٽيبل تمام خوبصورتيءَ سان سجايل هئي. گلدان ۾ گل ۽ شمعدادن ۾ ميڻ بتيون موجود هيون. هوءَ کاڌي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪچن ۾ هلي وئي. مون وڏي واڪي کانئس پڇيو . “تون منهنجي موجودگيءَ بابت پنهنجي مڙس کي ڇا چوندينءَ؟”
“آئون هن کي چونديس ته مارڪيٽ ۾ توسان ملاقات ٿي هئي. اسان منجھند جي ماني گڏ کاڌي ۽ ان موقعي تي مون توکي ڊنر تي اچڻ جي دعوت ڏني هئي. هن کي اهو تاثر به ڏيڻو آهي ته اسان جي ته اڪثر ملاقات ٿيندي رهي ٿي. منهنجي دل چوي ٿي ته منهنجي ان تدبير جا نتيجا تمام سٺا نڪرندا. آئون هن جا تاثرات ڏسڻ لاءِ بي چين آهيان.”
ماريا جو هي انتظار ڪجھه وڌيڪ گھڻو ٿي ويو. تمام گھڻي دير ٿي وڃڻ جي باوجود ورٽن جي اچڻ جا آثار نظر نه آيا. ماريا جي انتظار جي آنڌ مانڌ فضا ۾ هڪ عجيب ڪشيدگي ۽ ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي.
“آخر هو ڇو نه آيو؟” هوءَ ذري ذري چوندي رهي.
“شايد هن کان واقعي وسري ويو هجي ته اڄ هن جو برٿ ڊي آهي.” مون چيو.
“نه. آئون ته چرچو ڪري رهي هيس.هو پنهنجي سالگره جو ڏينهن ڪڏهن به ڀلبو نه آهي.” هن جلديءَ ۾ ٻڌايو ۽ ميز تي رکيل ٽاءِ جي پئڪٽ ڏي ڏٺو.
آهستي آهستي هن جي آنڌ مانڌ ۽ جوش و خروش ۾ ڌيرج ايندي وئي. آخرڪار هن تي هار جو احساس ڇانئجي ويو. ٻن ڪلاڪن بعد بيزاريءَ مان چيو. “هاڻ ته پاڻ کي ماني کائي ڇڏڻ کپي.”
هن ڏڪندڙ هٿن سان ميڻ بتي کي ٻاريو. مون شئمپئن کي گلاسن ۾ اوتيو. جشن جون سڀ شيون موجود هيون پر اسان ائين ماٺ ماٺ ۾ماني کائيندا رهياسين ڄڻ اسان جو ڪو مائٽ مري ويو هجي. اسان وٽ ڳالهائڻ لاءِ هاڻ ڪجھه بچيو به نه هو. مانيءَ بعد ماريا ٻئي ڪمري ۾ بي جان ٿي صوفي تي وڃي ڊَٺي. آئون اخلاقي طور ماريا جي ڪم جو ڪجھه بار هلڪو ڪرڻ لاءِ رڌڻي ۾ وڃي ٿانو! ڌوئڻ لڳس. هن مون کي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي.
ٿانوَ ڌوئڻ بعد مون موڪلائڻ جي ڪئي ته ماريا ڊنل هرڻيءَ وانگر ڇرڪندي چيو :“ نه... نه... خدا جي واسطي نه وڃ.. ڪٿي آئون اڪيلي سر ڪجھه ڪري نه ويهان... سوئر جو اولاد... سوئر جو اولاد!”.
هن خبر ناهي اڃا ڇا ڇا ٿي چوڻ چاهيو پر سڏڪن ۾ هن جو آواز گھٽجي ويو.
اسان شئمپيئن شراب جي سڄي بوتل خالي ڪري ورتي پر ان هوندي به اسان کي ڪو سرور يا ترنگ نه آيو. فقط گھڙيال جي ٽِڪ ٽڪ گھاٽي ماٺ جي دروازي تي ڪڙو هڻندي رهي. انتظار، ماٺ ۽ اندر جو مونجھه ذهن کي پريشان ڪري رهيو هو. اوچتو هن هڪ کوکلو ٽهڪ ڏنو ۽ روئڻهارڪي انداز ۾ چيو: “ڇو نه پاڻ مٿي بيڊروم ۾ هلون. ڪيڏو نه سٺو ٿئي جو هو اچي ته پاڻ کي قابلِ اعتراض حالت ۾ اچي ڏسي.”
هن لمحو ٻه سوچيو ۽ پوءِ ... هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: “تو صحيح ٿي چيو.”
“ان مان فائدي بدران نقصان ٿيندو.” مون چيو.
شئمپيئن شراب مون تي هميشه غنودگي طاري ڪريو ڇڏي. ان رات به آئون شايد ڪجھه دير لاءِ سمهي رهيو هوس. ايتري ۾ دروازو زور سان بند ٿيڻ جي آواز تي ننڊ مان ڀُٽڪي اٿيس. مون ماريا جي مڙس ورٽن کي دروازي وٽ نموندار ٿيندي ڏٺو. هو ٿاٻڙندو اچي رهيو هو ۽ سهاري لاءِ هن در جي چونڪ کي کڻي جھليو. هن جا وار وکريل هئا ۽ نشي ۾ ڌُت نظر اچي رهيو هو. ماريا پنهنجي جاءِ تان اُٿي ۽ باهه جي ڄڀن جهڙين نظرن سان هن کي گھوريندي چيو: “ڪيڏانهن وڃي مئو هئين تون؟”
“ناراض نه ٿي ماريا!” ورٽن ٿاٻڙيل آواز ۾ وراڻيو.“ڪجھه منهنجي آفيس جا ماڻهو سالگره جي خوشيءَ ۾ مون کي پيئڻ پيارڻ لاءِ بار ۾ وٺي ويا هئا. شايد چرچي ڀوڳ ۾ آئون ڪجھه وڌيڪ ئي پي ويو آهيان... ۽ مون کي وقت گذرڻ جو احساس به نه رهيو...”
هو جھومندو اڳيان ائين وڌيو ڄڻ ڄاڻ ته منهن ڀر ڦهڪو ڪيائين. ان وقت ماريا جي نظر هن جي ٽاءِ تي پيئي جيڪا ڍري ٿيڻ ڪري گھنججي هن جي ڳچيءَ ۾ لڙڪي رهي هئي. اها ساڳي تکن رنگن واري ٽرڙي ٽاءِ هئي جيڪا ڳاڙهن وارن واري ڇوڪريءَ خريد ڪئي هئي. ماريا جي ڳلي مان گھٽيل گھٽيل رڙ نڪري وئي. ورٽن منهنجي موجودگيءَ جو ڪو نوٽيس نه ورتو هو. هو ٿاٻرندو بيڊروم جي ڏاڪڻ ڏي ويو.
“آئون واقعي معافي گھرڻ چاهيان ٿو... ان کان اڳ جو آئون ڪري پوان... مون کي مٿي وڃي سمهڻ کپي...” هن ويندي ويندي قسطن ۾ چيو. معافي هن شايد مون کان به ورتي. ماريا خاموشيءَ سان هن کي ڏاڪڻيون چڙهندو ڏسندي رهي ۽ جڏهن هو نظرن کان غائب ٿي ويو ته هوءَ مون ڏي وڌي. هن جي منهن تي موت جهڙو خوف ڇانيل هو. “تو ڪجھه ڏٺو؟” هن سس پس واري انداز ۾ چيو، “تو اها ٽاءِ ڏٺي؟ سوئر جو پٽ مون کي بلڪل احمق سمجھي ٿو...” هن اونهو ساهه کنيو، “ ان جو مطلب اهو ٿيو ته هوءَ ڳاڙهن وارن واري لُچي عورت هيءَ ٽاءِ منٽو لاءِ نه پر منهنجي مڙس ورٽن لاءِ وٺي رهي هئي. هي خبيث هن وقت هن وٽان ئي اچي رهيو آهي ۽ مون کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اسٽور جا ملازم هن کي پيئڻ پيارڻ جي دعوت لاءِ وٺي ويا هئا.
پوءِ هوءَ ڊائننگ روم ۾ وئي ۽ ان ٽاءِ جو پئڪيٽ ميز تان کڻي آئي. جيڪو هن پاڻ پنهنجي مڙس کي تحفي طور ڏيڻ لاءِ رکيو هو. هن ڪاوڙ ۾ ٽاءِ جو پئڪيٽ ڦاڙي ڦٽو ڪيو ۽ دٻيءَ مان ٽاءِ ڪڍي ان کي به ڦاڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جو وس پڄي ها ته ان کي کوندو کوندو ڪري ڇڏي ها، پر هوءَ ان کي ڦاڙڻ ۾ ناڪام رهي. آخر هن ان کي فرش تي پري کڻي اڇلايو .
آئون اهڙي موقعي تي ڀلا ڇا چئي سگھيس ٿي. ڇا ڪري سگھيس ٿي؟ منهنجي سمجھه ۾ ڪجھه به نه آيو. مون چپن ئي چپن ۾ خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه جي کانئس معافي ورتي ۽ چپن ۾ ئي کيس خدا حافظ چئي اتان کسڪي ويس. هن شايد منهنجو آواز به نه ٻڌو هوندو. شايد هن کي منهنجي موجودگيءَ جو احساس به نه رهيو هجي ۽ نه ئي هن کي منهنجي وڃڻ جي خبر پيئي. هوءَ ان وقت ڪاوڙ ۽ جوش ۾، حسد ۽ رقابت جي باهه ۾ سڙي رهي هئي.
مون آخري ديدار وقت ورٽن کي تابوت ۾ ليٽيل ڏٺو ته ان وقت به هو ان ئي سوٽ ۾ هو. هن جي ڳچيءَ ۾ اهڙي ئي سوبر ٽاءِ ٻڌل هئي جهڙي ماريا هن لاءِ ورتي هئي پر هيءَ اها ٽاءِ بهرحال نه هئي. اها ٽاءِ پوليس شاهديءَ طور پاڻ وٽ رکي ڇڏي هئي- جنهن سان ماريا گھوگھو ڏيئي مڙس کي ماريو.
چرچ ۾ ورٽن جي آخري رسمن بعد آئون گھر ڏي ٿي موٽيس ته منٽو منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺو ۽ چيو: “ توهان اهي ئي آهيو نه جنهن کي مون سپر مارڪيٽ ۾ ماريا سان گڏ ڏٺو هو؟”
“توهان صحيح سڃاتو.” مون صاف صاف ٻڌايو مانس.
“ويچاري ماريا...!” هن تسلي ڏيڻ واري لهجي ۾ چيو.
“ويچارو ورٽن... ” مون چيو.
“اسان کي محسوس ته ٿي رهيو هو ته حد کان وڌيڪ حسد ۽ رقابت جي ڪري ماريا جي ذهني توازن ۾ فرق اچي رهيو هو پر اسان ڀلا ڇا ٿي ڪري سگھياسين؟ منهنجي زال هن کي سمجھائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هن جي ذهن ۾ اهو خيال جن وانگر چهٽيو رهيو ته ورٽن هن سان بيوفائي ڪري رهيو آهي. پنهنجي ان وهم جي ڪري هن ورٽن جا اهڙا ته ڪن کائڻ شروع ڪيا جو هن ويچاري جي گھر وڃڻ تي دل نٿي وري. هڪ ٻه دفعو ته هن بيزار ٿي ماريا کي طلاق ڏيڻ جي به ڌمڪي ڏني ته من اهڙي طرح هن جو رويو بدلجي پر اهو طريقو به ڪارگر ثابت نه ٿيو.”
مون هن ڏي بنا اک ڇنڀ جي ڏسندي چيو: “تنهنجو مطلب آهي ته ... نه... ڳاڙهن وارن واري سان ورٽن جو ڪو چڪر نه هو؟”
“ نه... نه ... هرگز نه.” منٽوءَ ڀرپور يقين سان چيو. “توکي اهو خيال ڪيئن آيو؟”
“ ان ڏينهن سپر مارڪيٽ ۾ هن ڳاڙهن رنگن واري هڪ ٽرڙي ٽاءِ خريد ڪئي هئي. هن جي گول مول ڳالهه ڪرڻ مان مون ۽ ماريا اهو تاثر ورتو ته هوءَ اها ٽاءِ پنهنجي شادي شده محبوب لاءِ خريد ڪري رهي آهي. پوءِ ان رات ورٽن اها ٽاءِ ٻڌي گھر پهتو. اهو ئي ڏسي اصل ۾ ماريا هوش حواس وڃائي ويٺي ...”
ماريا جي گھران منهنجي موٽڻ بعد ٿيو هينئن جو ماريا فرش تان پنهنجي اڇلايل ٽاءِ کڻي سڌي مٿي بيڊروم ۾ پهتي، جتي سندس مڙس بي هوشيءَ جي حالت ۾ ستل هو. ماريا پنهنجي آندل ٽاءِ جو ڦندو هن جي ڳچيءَ ۾ وجھي هن کي اهڙو گھٽو ڏنو جو اندر جو ساهه اندر ٻاهر جو ٻاهر.
مون منٽو کي وڌيڪ ٻڌايو، “پهرين ته جوئيلري اسٽور ۾ توکي ۽ ڳاڙهن وارن واريءَ کي هڪ ٻئي سان بي تڪلفانه لڳي بيٺل ڏسي ماريا سمجھيو ته تنهنجو هن سان ڪو چڪر هلي رهيو آهي.”
“اها ته هڪ نا قابلِ يقين ڳالهه آهي. هن سان منهنجي سٺي دوستي ضرور آهي پر ڪو چڪر ناهي. هن جو ته هڪ نوجوان سان مڱڻو ٿي چڪو آهي. در اصل اسان واري اسٽور جي سڄي اسٽاف چرچي طور هڪ منصوبو ٺاهيو ته ورٽن کي ڪا ٽرڙي قسم جي ٽاءِ تحفي ۾ ڏني وڃي. اهڙي ٽاءِ جيڪا هن جي ذوق جي بلڪ خلاف هجي. ۽ پوءِ سڀ گڏجي هن کي اها ٽاءِ ٻڌڻ لاءِ مجبور به ڪنداسين. اهو سڀ ڪجھه فقط چرچي خاطر هو. اهڙي قسم جي ٽاءِ جي ڳولا لاءِ اسان هن ڳاڙهن وارن واري سيلز گرل کي چيو هو...”
ان واقعي کانپوءِ مون ان “ٽاءِ بار” دڪان جي نوڪري ڇڏي ڏني. مون اهو ئي محسوس ڪيو ته هاڻ آئون ڪافي عرصي تائين نيويارڪ ۾ ذهني سڪون سان رهي نه سگھندس. ويسٽ پام جي علائقي مان منهنجي هڪ دوست خط لکيو هو ته آئون اوڏانهن هليو اچان. اتي منهنجي مطلب جون خوشحال عورتون وڏي تعداد ۾ نظر اچن ٿيون.
سو آئون ويسٽ پام علائقي ۾ اچي ويو آهيان... ۽ هتي آئون گھڻو خوش آهيان. وقت تمام سٺو گذري رهيو آهي. هتي جي سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته اڃا تائين مون ڪنهن مرد کي ٽاءِ لڳائيندي نه ڏٺو آهي.

(هن ڪهاڻيءَ بابت ٻه ڳالهيون: عيسائين جا ڪجھه فرقا مئل کي دفن ڪرڻ مهل سوٽ، ڪوٽ، ٽاءِ ۽ جوتا پارائي پوءِ دفن ڪن. “ويسٽ پام” سمنڊ جي ڪناري وارو شهر آهي، جتي موڪلون ملهائڻ لاءِ آمريڪن ۽ ڌاريان اچن ٿا. موسم خوشگوار هجڻ ڪري ڪوٽ سوٽ ٽاءِ بدران رنگين گلن ڦلن واريون بشرٽون پائين ،جيئن هوائي، تهتي يا جاوا، بالي۽ فجي جهڙن ٻيٽن تي. مترجم)

(ليکڪ: نامعلوم)

ملڪورا ٻيٽ تي ٿيل حادثو . . .

مسٽر ايسٽو جهاز جي ٻنوڙي وٽ بيهي سامهون ملڪورا ٻيٽ جي ڪناري ڏي ڏسي رهيو هو. جهاز ۽ ڪناري جي وچ وارو فاصلو آهستي آهستي گھٽجي رهيو هو ۽ ڪناري تي ٺهيل اڇي رنگ جا گھر ۽هوٽلون به نظر اچي رهيون هيون. انهن اڳيان مهاڻن جون مڇيون ڦاسائڻ واريون ڄاريون ڇڪيل رسن تي سڪي رهيون هيون.
جهاز هاڻ ملڪورا ٻيٽ جي ڪناري جي ويجھو اچي چڪو هو. ڪناري تي ماڻهن جا انبوهه هئا، جيڪي پنهنجن ڪم ڪارين ۾ رُڌل هئا ۽ خوش باش نظر اچي رهيا هئا. ملڪورا ٻيٽ جو ڪنارو پنهنجي سائنتيڪي ماحول کان مشهور هو ۽ اتي جا ماڻهو سٻاجھڙا ۽ امن پسند هئا. ڪڏهن به ڪو گوڙ گھمسان نٿي ٿيو، پر هي اسان وارو يار ايسٽو ههڙي ماحول ۾ پهچي به منڌل نظر پئي آيو. هن جي ذهن ۾ هڪ طوفان متل هو. ان سفر ۾ هن جي زال به هن سان گڏ هئي پر لڳو ٿي ته ڄاڻ ته هوءَ ان رشتي جي قيد مان آزاد ٿي. هن جون نگاهون ماڻهن تي هيون پر هن جو ذهن سوچن ۾ وڪوڙيل هو. هو جلد پنهنجي زال مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ وارو هو. هو هن کي قتل ڪرڻ وارو هو؟
پوءِ هن جي زال به اچي هن جي ڀر ۾ بيٺي. جهاز هاڻ لنگر ڪيرائڻ وارو هو. سندس نگاهون ڌڪي تي بيٺل ماڻهن ۾ کتل هيون.
“هو ڏس، سامهون پنهنجو چوڪيدار بيٺو آهي.” هن جي زال رڙ ڪري ٻڌايو.
هن ٻيٽ تي ٺهرايل سندن بنگلي جو هي چوڪيدار هو ۽ جڏهن به هي گھمڻ خاطر هتي ايندا هئا ته چوڪيدار سندن دل وٽان خذمت چاڪري ڪندو هو.
جهاز لنگر ڪيرايو، ڌڪي سان ٻڌجڻ سان چوڪيدار سندس سامان کڻائي رستي جي ٻئي پاسي بيٺل ٽئڪسين مان هڪ ۾ اچي رکيو.
“سائين هن دفعي توهان يڪو ٻن سالن بعد هتي آيا آهيو.” چوڪيدار کين چيو. “توهان ماڻهن کي هتي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي.”
ايسٽوءَ مرڪي چوڪيدار جي پٺي ٺپري، دل ئي دل ۾ سوچيو ته اسان ٻنهي کي گڏ ڏسي توکي خوشي ٿيندي هوندي، باقي جنهن ماڻهوءَ سان نفرت هجي ان مان جلد جان ڇڏائڻ بهتر آهي. نه ته آهستي آهستي زندگي جھنم ٿيو پوي.
اها حقيقت هئي ته هن دولت خاطر شادي ڪئي هئي پر شاديءَ کانپوءِ ايسٽوءَ جي ئي محنت ڪري ان ملڪيت ۾ ڪافي واڌارو آيو هو. پر سندس زال کيس هڪ گھٽ درجي جو ماڻهو سمجھندي هئي. شاديءَ کان ٿورن ڏينهن بعد ئي ظاهر ٿي ويو هو ته هنن جي وچ ۾ زال مڙس وارا ناتا به ڪي نالي ماتر ئي وڃي رهيا آهن. هوءَ ته هن کي پنهنجي برابر به نٿي سمجھي. ماڳهين ڪڏهن ڪڏهن ته هو پاڻ کي نوڪرن جي قطار ۾ بيٺل محسوس ٿو ڪري. سندس هر ڳالهه جي ابتڙ هلڻ کي هوءَ فئشن ٿي سمجھي. نفرت جي اها حد سندس زندگيءَ ۾ زهر ملائي رهي هئي. خبر ناهي هن کي اهو رويو رکڻ مان ڇا ٿي مليو؟ هن جي اذيت پسند طبيعت کي هڪ آسودگي حاصل ٿي ٿي، جڏهن هوءَ ڏسندي هئي ته سندس تعلقات خراب کان خراب ٿيندا وڃن ۽ مڙس کان وڌيڪ صبر نه پيو ٿئي.
ايسٽوءَ اهو ئي سوچيو ته هيستائين جيڪو ٿيو سو ٿي گذريو پر هاڻ هي ڊرامو اڳتي هلي نه سگھندو. زندگي لڳاتار ضد ۽ ساڙ جو مثال بڻجي چڪي هئي. جيڪي ڪجھه هن ڪرڻ چاهيندو ٿي ان جي ابتڙ هن سوچيو ٿي ۽ ائين ڪري ڏيکارڻ ۾ هوءَ هميشه ڪامياب ٿيندي هئي. ڪڏهن ايسٽو پيار وچان کيس ڪو سهڻو ڪوٽ آڻي ڏيندو هو ته هوءَ کيس ساڙڻ لاءِ ٽوڪ طور کلي ان ڪوٽ کي کڻي ڪنڊ پاسي ۾ اڇليندي هئي. اهڙيءَ طرح پنهنجي مڙس کي ڏکوئڻ سان سندس اذيت پسند طبيعت آسودگي محسوس ڪندي هئي، پر هاڻ کيل ختم ٿي چڪو هو. هاڻ ايسٽو پنهنجي ڪارروائي ڪرڻ وارو هو. هن جي ذهن ۾ هڪ ڀلوڙ منصوبو هو.
کيس رڳو هڪ ڊپ هو . اهو هيءُ ته متان هوءَ ملڪورا اچڻ لاءِ راضي نه ٿئي. ڇو ته هو جيڪڏهن هن کي ملڪورا ٻيٽ ڏي هلڻ لاءِ چوندو ته هوءَ برمودا هلڻ لاءِ ضد ڪندي. پر تعجب جي ڳاهه اها ته هن جڏهن کيس ملڪورا هلڻ لاءِ چيو ته هن هڪدم خوشيءَ مان هائوڪار ڪئي. ان ڳالهه تي ايسٽوءَ کي حيرت به لڳي جو شاديءَ کان پوءِ شايد هي پهريون ڀيرو هو جو هن سندس ڳالهه جي ابتڙ ڪم نه ڪيو ۽ انهيءَ رضامندي جي ڪري اڄ هو ٻئي هتي ملڪورا ۾ گڏ هئا ۽ هاڻ باقي ڪم رٿيل منصوبي مطابق تمام سولائيءَ سان ٿيڻو هو.
ٻه سال اڳ جڏهن هو هن ٻيٽ تي ٻن هفتن لاءِ گھمڻ ڦرڻ ۽ آرام لاءِ آيا هئا ته هتي هڪ حادثو ٿيو هو. هي حادثو جابلو علائقي وارن گھرن ۾ ٿيو هو جتي سندن گھر هو. ان حادثي هن جي ذهن ۾ هڪ خيال کي جنم ڏنو هو ۽ هن اهڙو منصوبو ٺاهيو هو جو ڪنهن به صورت هن کي نقصان رسڻ جو انديشو نه هو.
هڪ آمريڪن ڇوڪريءَ کي هن جي دوستن گئلريءَ تان هيٺ ڪِرندي ڏٺو هو- جن جي چوڻ مطابق ڪنهن پارٽيءَ دعوت ۾ هوءَ گھڻو پي وئي هئي ۽ نشي جي حالت ۾ گئلريءَ مان جيئن ئي هيٺ جھڪي ته ڪري پئي هئي. هيٺ ڪنڊائتن جبلن جون قطارو هيون جن ۾ ڪرڻ سان هوءَ ايترو ته چٿرجي وئي هئي جو ڪو به سڃاڻي نٿي سگھيس. پوليس پارٽي هن کي ڳولي ٻاهر ڪڍي آئي هئي ۽ ان موت تي هنن رڳو افسوس ڪيو هو. ٻيو ڪجھه ڪري به ڇا ٿي سگھيا. پڇا ڳاڇا بعد اهو ئي ظاهر ڪيو ويو ته اهو هڪ حادثاتي موت هو ۽ موت جي هڪ سادي سودي رسم ادا ڪرڻ بعد هن کي دفنايو ويو هو.
ان قسم جو جيڪڏهن هڪ ٻيو به حادثو ٿي وڃي ته ڪنهن کي ڪهڙو شڪ ٿي سگھي ٿو. ايسٽوءَ جو اهو منصوبو هو ته زال کي شراب ۾ نشي جون گوريون ملائي کارائڻ بعد هن کي گئلريءَ وٽ وٺي وڃجي جتي هوءَ شراب ۽ گورين جي نشي ڪري پنهنجو پاڻ کي سڌو جھلي نه سگھندي ۽ وڃي هيٺ ڦهڪو ڪندي. پر جي هيٺ ڪرڻ جي نه به ڪيائين ته ٿوري ئي ٿيلهي ڏيڻ سان هيٺ ڪيرائي سگھجيس ٿو ۽ هاڻ جڏهن هر ڳالهه منصوبي موجب پئي ٿي ته کيس ذرو به دير نه ڪرڻ کپي.
چوڪيدار ۽ سندس زال رات جي ماني کارائي پنهنجيڪوارٽر ڏي روانا ٿي ويندا هئا، جيڪو گھر جي هيٺئين حصي ۾ هو. هو وري صبح جو سوير ڪم ڪار لاءِ اچي حاضر ٿيندا هئا. رات جي مانيءَ کانپوءِ ايسٽو ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳو، جيسين چوڪيدار وارا وڃن. ٿوري دير بعد چوڪيدار موڪلائڻ لاءِ آيو. ۽ پوءِ هو هن جي ويندڙ وکن جو آواز ڪا دير ٻڌندو رهيو. هن جي دل جيتوڻيڪ ڏڪي رهي هئي، پر پنهنجو پاڻ کي قابوءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
هاڻ هو سوچي رهيو هو ته فيصلي جو وقت آخرڪار اچي ويجھو ٿيو آهي. هن ڊائننگ روم ۾ وڃي پنهنجي گلاس ۾ وسڪي وڌي ۽ اتان ئي دانهن ڪري زال کان پڇيو: “تولاءِ ڇا آڻيان؟”
“ڪو به هلڪو ڦلڪو شراب.” جوڻس وراڻيو.
هن جي عادت هئي ته سمهڻ کان اڳ هوءَ هڪ گلاس شراب جو پيئندي هئي. ان ڪري هڪ دفعو وري هن کي ڪا رنڊڪ پيش نه آئي ۽ هن گلاس کڻي منجھس پهرين شراب وڌو، پوءِ نشي جون گوريون ملايون. ان ۾ ٿورو اسڪاچ ٻيو به وڌو ۽ مٿان پوءِ سوڍا پڻ. هن اهو ان ڪري ڪيو جو متان گلاس چپن تي رکڻ سان هن کي نشي جي گورين جي خبرپئجي وڃي.
هو ٻئي گلاس کڻي لائونج ۾ آيو. هڪ گلاس زال ڏي وڌايائين جنهن ۾ گوريون مليل هيون.
“چيئرس ڊارلنگ!” هن زال ڏي نهاريندي چيو.
جوڻس گلاس چپن تي رکي سُرڪ ڀري يڪدم پري ڪري چيو: “ڇاهي بوربن آهي؟!”
“نه اسڪاچ آهي. مون پاڻ سان گڏ آندو هو.” هن جواب ڏنو.
“ مون ته پئي سمجيو ته پاڻ کي هتي شايد اسڪاچ وسڪي نه ملي سگھي. بهرحال تو منجھس سوڍا تمام گھٽ ملائي آهي، ان ڪري ٿورو ڪسارو ٿي پيو آهي. ۽ پوءِ هن مرڪندي چيو.
“ هن ۾ ٿوري سوڊا ملائي ايندين؟”
“ ڇو نه.” هن پنهنجو گلاس ميز تي رکندي چيو ۽ زال کان سندس گلاس ورتو.
جڏهن هو ڊرائينگ روم ۾ هليو ويوته سندس زال جو آواز ڪن تي پيس. “ڊارلنگ پاڻ جڏهن موڪلن لاءِ هتي اچون ٿا ته تون ڪجھه وڌيڪ ئي وڻڻ لڳين ٿو. ڇو جو تون دنيا جي غم فڪر کان آزاد ٿي ڪافي کِل مُک ۽ سهڻو نظر اچين ٿو. پاڻ کي ان ريت هوند گھڻو وقت گذارڻ کپي.”
“خيال ته تمان سٺو آهي.” هن اتان ئي جواب ڏنو پر دل ئي دل ۾ چيو بس رڳو هي گلاس پيئڻ جو انتظار ڪر، پوءِ تون موڪلن جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ به جيئري نه رهندينءَ. هن گلاس ۾ ٿوري ٻي سوڍا ملائي ۽ گلاس کڻي لائونج ۾ آيو. سندس زال مرڪي رهي هئي.
“چيئرس ڊارلنگ.” سندس زال چيو.
ايسٽوءَ پنهنجو گلاس وات تي رکيو ۽ هڪ ئي ساهه ۾ گلاس خالي ڪري ڇڏيو. ساعت کن لاءِ هن کي سڄو ڪمرو گول ڦرندي نظر آيو. هن ٻنهي هٿن سان پنهنجي هئٽ کي کڻي جھليو. هن جي بدن ۾ سيوڪاري پئجي وئي.
غاليچي تي هيٺ ڪِرڻ کان اڳ هن جو ساهه جسم جي قيد مان آزاد ٿي ويو.
سندس زال ته کيس ان وقت ئي مرندي ڏسي ورتو هو، جڏهن هو پنهنجو گلاس ميز تي رکي هن جي گلاس ۾ سوڍا وجھڻ لاءِ ٻئي ڪمري ڏي وڌيو هو، سندس زال هن جي گلاس ۾ پوٽيشيم سائنائيڊ جهڙو ڪو زهر ملائي ورتو. هوءَ ڪجھه دير لاءِ ڪرسيءَ تي ماٺ مٺوڙيءَ ۾ ويٺي رهي. پوءِ هوءَ اٿي ۽ مڙس جي لاش کي گلئريءَ تائين ڇڪي هيٺ ڪيرائڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ لڳي! آمريڪي ڇوڪريءَ جو گئلريءَ مان هيٺ ڪري مرڻ جو حادثو هن جي ذهن ۾ به محفوظ هو.

ڍاڪا پهچندي . . .

رات جلدي جلدي گذري رهي هئي. ڍاڪا وڃڻ واري ايڪسپريس گاڏي ٿوري دير لاءِ جمالپور اسٽيشن تي ترسي. انٽر ڪلاس ۾ ڪي گھڻا مسافر نه هئا. سو ڪافي جڳهه خالي هئي ۽ ڪيترائي مسافر سيٽن تي ٽنگون رکي کونگھرا هڻي رهيا هئا. هاڻ گاڏيءَ هلڻ جي تياري ڪئي. انجڻ روائتي سيٽي وڄائي، هن جي سيٽي گهوڙي جي نڙگهٽ مان نڪرندڙ آواز سان گھڻو ملي ٿي. اڌڙوٽ عمر جو هڪ همراهه ڊوڙي اچي دٻي ۾ چڙهيو. هن جي پوشاڪ سادي هئي. اکيون اندر ويٺل ۽ منهن تي زندگيءَ جي سختين جا آثار هيس. هو رات جي سڪون کان بي نياز هو. لڳو ٿي ننڊ جهڙي عياشيءَ کان ته هو ڪڏهن ڪو هٿ ڌوئي ويٺو آهي.
دٻي ۾ ٻه همراهه اڃا به جاڳي رهيا هئا. هڪ نوجوان هو، جنهن جي عمر ويهه ايڪيهه سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندي. نوجوان سان گڏ هڪ عورت هئي، جنهن جي عمر جو اندازو لڳائڻ ممڪن نه هو ڇو جو هوءَ پردي ۾ هئي. جيتوڻيڪ پليٽ فارم جي چونجھي روشنيءَ ۾ هن جو پاسيرو خاڪو ٺهي سگھيو ٿي. نوجوان دريءَ مان ٻاهر نگاهه ڊوڙائي ۽ پوءِ سڪون جو ساهه کڻي دٻي ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. اڌڙوٽ قسم جون نئون آيل همراهه ٿورو پرڀرو وڃي ويٺو. هن جي جاءِ ڪا گھڻو پري نه هئي. هو هن جوڙي کي چٽيءَ طرح ڏسي سگھيو ٿي. هن جو ڌيان هنن ٻنهي ڏي هو. گاڏي هلڻ لڳي. نوجوان سس پس ڪندي پنهنجي ساٿيءَ کي چيو: “اجھو ته سج نڪتو، پاڻ اٺين وڳي تائينڍاڪا پهچي وينداسين.”
عورت لوئيءَ سان پنهنجو منهن چڱيءَ طرح ڍڪيندي چيو : “ پر مون کي ڊپ ٿو لڳي.”
“توکي ڇو ٿو ڊپ لڳي؟ ڍاڪا تمام وڏو شهر آهي. اتي پاڻ کي ڪير به ڳولي نه سگھندو.” نوجوان دلداري ڏيندي چيس.
“ڇا واقعي ائين آهي؟” عورت بي يقينيءَ مان پڇيو.
“ٻيو نه ته وري.” نوجوان ڀروسي سان وراڻيو.
عورت نئين آيل اڌڙوٽ عمر واري همراهه ڏي وري ڏٺو ۽ ٿورو هيسجي وئي. نوجوان محسوس ڪيو ته نئون آيل همراهه جيتوڻيڪ هنن ڏي نهاري رهيو آهي پر ماٺ ۾ ئي آهي ۽ هن جي نگاهن ۾ تجسس يا واحياتپڻو ناهي. نوجوان مرڪيو. هن سوچيو، عورتون فطري طور ڊڄڻيون ٿين ٿيون. پوءِ هن پنهنجو وات عورت جي ڪن اڳيان ڪري چيو : “ڇا تون هن همراهه کان ڊڄين ٿي؟ ڏسين نٿي ته هو ڪيڏو شريف لڳي رهيو آهي.”
عورت وراڻيو: “پر پاڻ ايندڙ اسٽيشن تي لهي پونداسين.” هن جي آواز ۾ ڏڪڻي هئي.
“چري ته نه ٿي آهين. رات جو وقت آهي. پاڻ هن وقت لهي ڪٿي رلندا رهنداسين؟”
“گھڻو رُلڻو نه پوندو. پاڻ ٻي ٽرين رستي ڍاڪا هليا هلنداسين.”
“واهه! رڳو ان ڪري ته هڪ اڌڙوٽ عمر جو ماڻهو توکي ڏسي رهيو آهي. جيڪڏهن تون ائين ئي ڊڄندي رهينءَ ته ڍاڪا ۾ ڪيئن رهي سگھندينءَ؟ اتي ته هزارين ماڻهو رهن ٿا...”
عورت هن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو: “ڇا تو ڏٺو ڪونه ته هو همراهه اسان ڏي ڪيئن ڏسي رهيو هو.”
“ڏسندو ڪري. ٻيا به پيا ڏسندا. تو جهڙي سهڻي عورت ڏي نه ڏسڻ گناهه آهي.” نوجوان، همراهه جي ان جذبي تي تبصرو ڪري خوش ٿيو.
عورت نوجوان جي جواب مان مطمئن ته نه ٿي پر ماٺ ٿي وئي. هن پنهنجو پاڻ کي لوئيءَ ۾ اڃا به چڱيءَ طرح ويڙهي سيڙهي ڇڏيو. هوءَ ڊڄي رهي هئي يا شايد تمام گھڻي شرميلي هئي. نوجوان کي هن جي ماٺ نه وڻي. “تون چپ ڇو آهين. ڪجھه ته ڳالهاءِ ٻولهاءِ؟” عورت ڪجهه نه وراڻيو. هن لوئيءَ مان وري ساڳي ماڻهوءَ ڏي نهاريو. جنهن جو ڌيان لڳاتار هن ڏي ئي هو. نوجوان نيٺ تنگ ٿي چيس: “آئون هن همراهه سان وڃي ٿو ڳالهه ٻولهه ڪريان ته آخر هو اسان ڏي ڇو گھوري رهيو آهي.”
“نه نه، ائين بنهه نه ڪجانءِ.” عورت هن جي ڪرائيءَ ۾ کڻي هٿ وڌو.
نوجوان هن کي اڻٻڌو ڪري، پنهنجي ٻانهن ڇڏائي چيو: “ ترس ته سهي آئون اجھو ٿو اچان.”
هو هن همراهه جي ويجھو اچي ويٺو: “ آئون توهان سان ڪجھه ڳالهائڻ چاهيان ٿو.” نوجوان جي ويجھو اچڻ تي هن کي ٿوري به حيرت نه لڳي. هو فقط ايترو ڪڇيو: “چئو؟” نوجوان کي هن جي ان جي رويي جي اميد نه هئي. هو ڪجھه گھٻرائجي ويو ۽ سندس جوش به ڍرو ٿي ويو. اڌڙوٽ عمر جي همراهه پڇيو: “اها عورت تنهنجي ڇا لڳي؟”
“جي، منهنجي زال آهي.” نوجوان وراڻيو.
“تهنجي شاديءَ کي ڪيترو وقت ٿيو آهي؟”
“فقط ڪي ڏينهن. هوءَ تمام گھڻو شرميلي آهي. ڏسو ته سهي، ڪيئن نه ڪپڙن جي هڙ وانگر وڙهي سڙهي ويٺي آهي. شرم سٺي شيءِ آهي پر گھٽ ۾ گھٽ هن کي مون کان شرم نه ڪرڻ کپي. آئون ڪو هن لاءِ ڌاريو ته نه آهيان.” نوجوان هڪ ئي ڳت ۾ يڪ ساهيءَ چئي ويو.
“واهه جي ٻڌائي. شايد توهان ٻئي هڪ ٻئي کي پهرين کان سڃاڻو ٿا؟ منهنجو مطلب اهو آهي ته شايد توهان عشق جي شادي ڪئي آهي؟” هن همراهه چيو ۽ نوجوان جو منهن شرم کان ڳاڙهو ٿي ويو. هو ان جو جواب ڏئي نه سگھيو. هن هائوڪار ۾ فقط ڪنڌ ڌوڻيو.
ايتري ۾ گاڏي هڪ ٻي اسٽيشن تي اچي ترسي. هتي تمام گھڻا مسافر هئا. هاڻ سج به نڪرڻ وارو هو. مسافر ماکيءَ جي مکين وانگر گاڏيءَ کي چنبڙي ويا. ڏسندي ئي ڏسندي گاڏي ڀرجي وئي. هنن وارو انٽر ڪلاس جو دٻو به فل ٿي ويو. دٻي ۾ جيڪي مسافر ستا پيا هئا انهن کي اٿڻو پيو. مسافرن جي پيهه کان عورت گھٻرائجي وئي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي. جوان اڌڙوٽ عمر جي همراهه کي چيو:“ مون کي هاڻ هلڻ کپي.”
“ها. ضرور، تنهنجي زال ڪجھه پريشان به نظر اچي رهي آهي.”
انجڻ سيٽي هنئي، گاڏي چرڻ لڳي ۽ جلد ئي سندس رفتار تيز ٿي وئي. نوجوان پنهنجي ساٿياڻيءَ کي چيو:
“گھٻرائڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. هو تمام سٺو ماڻهو آهي. هن تمام گهڻي همدرديءَ سان ڳالهيون ڪيون. هڪ دفعو ته دل ۾ آيو ته کيس سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيان.”
عورت بي چينيءَ مان پڇيو: “ڪٿي ٿو ٻڌائي ته نه ڇڏيو؟”
“نه مون ڪجھه به ٻڌايو ناهي، پر جيڪڏهن هن کي ٻڌايو به وڃي ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي. هو تمام گھڻو شريف ماڻهو آهي.”
عورت پريشانيءَ منجھان چيو: “ڇڏ به کڻي ان قصي کي. ماٺ ڪري ويهه.” نوجوان هن کي پريشانيءَ تي حيران ٿيو پر ڪجھه نه ڪڇيائين. ماٺ ۾ ئي بهتري سمجھيائين.
نيٺ گاڏي ڍاڪا پهچي وئي. هيءَ آخري اسٽيشن هئي جتان گاڏيءَ کي وري واپس وڃڻو هو. مسافر پنهنجو پنهنجو سامان ميڙي چونڊي لهڻ لڳا. نوجوان عورت سان گڏ ويٺو رهيو. شايد سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ لهڻ جو ارادو هوس. اڌڙوٽ عمر واري کي به گھڻي تڪڙ نه هئي. هو به ويٺو رهيو. ٿوري دير کانپوءِ گيپ گھٽي، نوجوان دريءَ کان ٻاهر نهاريو. هاڻ هن جي لهڻ جي واري هئي پر ٻاهر ڏسندي ئي هن کان رڙ نڪري وئي: “غضب ٿي ويو.”
عرت سراپجي وئي. “ڇا ڳالهه آهي؟”
نوجوان ڏڪندي چيو: “تنهنجو مڙس پوليس وارن سان گڏ پليٽ فارم تي بيٺو آهي. ”
عورت کي ڏڪڻي ٺي ويئي! “ هاڻ ڇا ٿيندو؟”
نوجوان ڪي گھڙيون سوچيندو رهيو. پوءِ اڌڙوٽ عمر جي ماڻهوءَ ڏي وڌيو، جنهن پڇيس: “ڇا ڳالهه آهي، هيٺ ڇو نٿي لهين؟”
“آئون مصيبت ۾ اچي ڦاٿو آهيان.” نوجوان آهستي چيس.
“ڳالهه ڇا آهي؟”
“مون توسان ڪوڙ ڳالهايو هو. اسان شادي شده نه آهيون پر گھر کان ڀڄي نڪتا آهيون. منهنجي ساٿياڻيءَ جو مڙس پليٽ فارم تي بيٺو آهي.” نوجوان جو آواز ڀرجي آيو هو.“هاڻ ڇا ٿيندو؟ اسان جي مدد ڪر، آئون هٿ ٿو ٻڌانءِ.”
اڌڙوٽ عمر جي همراهه تي نوجوان جي ان راز کولڻ جو ڪو به اثر نه ٿيو. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن کي سڀ ڪجھه پهرين کان معلوم هو. هن آهستي اڳيان وڌي دريءَ کان ٻاهر ڏٺو. پليٽ فارم تي هڪ ڪاري رنگ جو ڊگھو ماڻهو پوليس وارن سان گڏ هڪ هڪ دٻي جي چڪاس ڪري رهيو هو. اڌڙوٽ عمر واري همراهه مرڪندي نوجوان کي چيو: “تون بلڪل خيال نه ڪر. تون ٻاهر هلي بيهه. آئون تنهنجي زال... معاف ڪجانءِ، تنهنجي محبوبا کي وٺي ٿو اچان.”
نوجوان هن جو ٿورو مڃيندي دٻي مان ٻاهر نڪتو ۽ ماڻهن جي پيهه ۾ گم ٿي ويو.
اڌڙوٽ عمر جي همراهه عورت کي چيو : “ اچ ته هاڻ هلون”
عورت هن سان گڏ دٻي مان لٿي بنا ڪنهن رک رکاءُ جي هن سان گڏ گڏ هلڻ لڳي. هوءَ بي حد پرسڪون نظر اچي رهي هئي. ڪجھه وکون هلڻ کانپوءِ هن جو شرم صفا ختم ٿي ويو. اڌڙوٽ عمر واري همراهه سان گڏ هلندي هوءَ خوش به نظر اچي رهي هئي. مسافر چڱا گھٽجي چڪا هئا. هوءَ رڙهي هن جي وڌيڪ ويجھو ٿي: “ڇا تون اڃا به اتي ئي رهين ٿو؟”
اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو هو ته آيا هن همراهه عورت جو آواز ٻڌو يا نه. پر هن ضرور ٻڌو هوندو جوهيڻي آواز ۾هن جواب ڏنو:“ ٻيو ڀلا وڃي به ڪيڏانهن ٿو سگهان.”
عورت پڇيو: “توسان گڏ ٻيو ڪير ٿو رهي؟”
مرد ڪو به جواب نه ڏنو.
هو گيٽ جي ويجھو پهتا. ٽڪيٽ ڪليڪٽر هنن کان ٽڪيٽ گھري. مرد عورت کان سندس ٽڪيٽ جو پڇيو جنهن جي جواب ۾ هن ناڪار ڪئي. مرد پنهنجن کيسن ۾ هٿ وجھي پنهنجي ٽڪيٽ ۽ هڪ ڪرنسي نوٽ ڪڍي ڪليڪٽر جي حوالي ڪيو. ٽڪيٽ ڪليڪٽر هنن کي وڃڻ ڏنو. گيٽ کان ٻاهر نڪري عورت پڇيو :“ گلشن ڪيئن آهي؟”
مرد بيزاريءَ مان وراڻيو: “هوءَ خوش آهي.”
“توسان گڏ ڪير ٿو رهي؟” عورت وري پڇيو.
“ڪير به نه. گلشن پنهنجي پڦيءَ سان گڏ رهي ٿي.”
“واقعي!” عورت مرد سان گڏ هلندي رهي. نوجوان ٻاهر بيٺو هو، پر عورت ان کان بي خبر هئي. هوءَ مرد کان پڇي رهي هئي:“ ڇا گلشن ڪڏهن مون کي ياد ڪيو؟ ڇا هن ڪڏهن مون بابت پڇيو؟” هن جي نڙيءَ ۾ ڳوڙهو ڦاسي پيو. اکين ۾ ڳوڙها تري آيس. هن جواب جو انتظار ڪيو پر جواب نه مليس.
مرد سندس سوال ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. ٻن ٽن وکن بعد هن چيو: “چڱو هاڻ مون کي هلڻ کپي.” هو تمام تکو تکو اڳيان نڪري ويو. هن نوجوان کي ٿورو مڃڻ جو به موقعو نه ڏنو.
ٻئي ڪنهن سواريءِ جي ڳولا ۾ لڳي ويا. نوجوان عورت کي چيو: “جڏهن توهان ٻئي گاڏيءَ مان هيٺ لٿائو ته تنهن جو مڙس ان اڌڙوٽ عمر واري همراهه کي ڏسي وٺي ڀڳو. ڄڻ هن جي ڪنهن جن ڀوت تي نظر پئي هجي. آخر اهو هو ڪير؟”
ڇوڪريءَ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. روئيندي چيائين:
“هن سان آئون پهريون دفعو ڀڳي هيس.”

(ليکڪ: سيد ابوالحسين، بنگلاديش)

ذاتي گھر

مسواڙي گھر ۾ رهڻ جو مطلب ڇا آهي. ان جو احساس هن کي ننڍي لاڪون هو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ کان ڪيترائي سال اڳ هن جي دل ۾ اها سَڌ پيدا ٿي ته جيئن تيئن ڪري پنهنجي اجھي لاءِ هڪ ننڍڙو گھر ضرور ٺهرائجي. هن جي ننڍپڻ جون مڙيئي يادون مسواڙ جي هڪ گھر کان ٻئي مسواڙي گھر ڏي رواني ٿيڻ سان ئي وابسته هيون. اهڙي هر موقعي تي هن جي ماءُ پيءُ جو هڪ ٻئي سان جهيڙو ٿيندو هو. ٻئي ڄڻا ڏينهنجا ڏينهن هڪ ٻئي سان رٺل رهندا هئا، پوءِ گھر مٽائڻ جون تياريون شروع ٿينديون هيون. ڀڄڻ ڀرڻ واريون سڀ شيون خبرداريءَ سان ڌار ڌار پنن ۽ ميرن ڪپڙن ۾ ويڙهي سوڙين ۽ گاديلن جي تهن ۾ رکيون وينديون هيون. ماڻس اڱارن جي سگريءَ کان وٺي ديڳڙي چمچي تائين سڀ ننڍيون وڏيون شيون اخبار جي پنن ۾ ويڙهي سيڙهي، دٻن ۽ پيتين ۾ بند ڪندي هئي. پوءِ سڄو سامان هڪ ڀاڙي جي ٽانگي ۾ ڀريو ويندو هو. هڪڙي ئي ٽانگي ۾ گھر جو سڄو سامان فٽ ڪرڻ به هڪ عجيب مسئلو هو. هلڻ وقت تائين ڪا نه ڪا شيءِ باقي بچي پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪونڊي، ڪڏهن ڪو ڪرو ۽ ڪڏهن ڪو دٻو. هن جي ماءُ انهن شين کي ڪڏهن ٽانگي جي هڪ ڪنڊ ۾ ڦُسڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته ڪڏهن ٻيءَ ۾. ڪڏهن هن کي آچار يا مربي جي ڪنهن پراڻي دٻي مان چاش ڳڙندي نظر ايندي هئي ته اڳڙي ڀور کڻي ڊوڙي وڃي اها اگھندي هئي ۽ سڀ دٻا وري نئينءَ سنئينءَ گھڻي خيال ۽ خبرداريءَ سان سڌا ڪري رکندي هئي.
گھر جو سامان هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين ڍوئڻ وارو ٽانگو ۽ ان جي اڳيان پويان، مٿان هيٺان ٻڌل رسيون، انهن مڙني شين جون يادون هن جي ذهن ۾ ائين تازيون هيون ڄڻ هينئر ڪالهه جي ئي ڳالهه هجي.
نئين مسواڙي گھر ۾ پهچي ڪڏهن ڪجھه ساسرون، ڪڏهن ڏيئي جو لاپ ته ڪڏهن هڪ ٻه شيشي جو گلاس يا دوا جون شيشيون ضرور ڀڳل ملنديون هيون. گھڻو ڪري ڪنهن شيشي يا دٻي جو ڍڪ کلڻ ڪري تيل، سرڪو يا هن جي ماءُ جي هٿن جي ٺهيل چٽڻي ڪپڙن تي ڪري پوندي هئي. اهڙن موقعن مهلن تي هن جو پيءُ پنهنجو پاڻ کي پٽيندي چوندو هو:
“بس وڏي ذليل شيءِ آهي، هيءَ غربت.”
اهي سڀ ڳالهيون هن جي ماءُ پيءُ جي وچ ۾ نوان نوان جھيڙا پيدا ڪنديون رهيون. نئين مسواڙي گهر ۾ آئي اڃا ڪو گھڻو وقت به نه گذرندو هو ته وري ٻئي گھر جي ڳولا جي ضرورت پوندي هين. ان جا به ڪيترائي سبب هئا. ڪڏهن مسواڙ وقت تي نه ڏيڻ ڪري ٿاڻي ۽ ڪورٽن جا چڪر کائڻا پوندا هين ۽ اهڙي موقع تي آخر ۾ هنن جي گھر جون مڙيئي شيون ٻاهر گھٽيءَ ۾ اڇلايون وينديون هيون ۽ گھر بدلائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هوندو هو. ڪڏهن گھر جو مالڪ جاءِ جي مرمت جو بهانو ڪري کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو هو. ڪڏهن هو پاڻ ان گھر ۾ رهڻ جو بهانو ڪري کانئن گھر خالي ڪرائي وٺندو هو ۽ پوءِ وري ساڳيو ٽانگو- ساڳي شين جي ڀڄ ڀور ۽ اهو ئي ماءُ پيءُ جو جھيڙو.
هيستائين هي همراهه شهر جي ذري گھٽ هر پاڙي ۾ رهي چڪا هئا. اڄ به شهر جي جنهن علائقي مان هو لنگھيو ٿي ته کيس ڪانه ڪا پراڻي ياد اکين اڳيان ڦري ٿي ۽ سندس مرحوم پيءُ جا هي جملا سندس ڪنن ۾ ٻريا ٿي: “دنيا ۾ گھر، آخرت ۾ ايمان.”
جڏهن هن 1930ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ته ماءُ پيءُ ٻئي گذاري چڪا هئس. نوڪري ملندي ئي هن فيصلو ڪيو ته جيستائين پنهنجو گھر نٿو ٺاهي، شادي نه ڪندو. سڄا سارا پنج سال هن ڪپڙن جي فقط هڪ جوڙي ۾ گذارو ڪيو. نه سگريٽ پيئڻ جي عادت پاڻ ۾ وڌائين ۽ نه شراب کي هٿ لاٿائين. نه سئنيما تي ٿي ويو ۽ نه ٿيٽر ۾. بيڪار هيڏانهن هوڏانهن رُلڻ پنڻ کان به پاڻ کي بچائيندو هو ته متان ڪٿي ڪاشيءِ وٺڻ تي دل چوي. مطلب ته هڪ ڊگھو عرصو درويش واري زندگي گذاريندو رهيو.
پورن پنجن سالن جي ڀڄ ڊڪ ۽ اڌ بک اڌ ڍءُ جي زندگي گذارڻ بعد وڃي ڪي ٻه هزا رپيا مس بچايائين. هن جهڙي حيثيت واري هڪ سرڪاري ڪاموري لاءِ اها هڪ چڱي خاصي رقم ٿي. ملڻ لاءِ ته هڪ هزار رپين ۾ به گھر ملي ٿي ويو پر اهو ايترو ته ڊٺل ۽ پراڻو ٿي مليو جو منجھس رهڻ ڪنهن خيال کان صحيح نه هو. آخرڪار هن سوچيو ته ڇو نه هڪ ننڍڙو گھر ٺهرايو وڃي. هن سمنڊ جي ڪناري تي، پڪي رستي جي ڀرسان ڪنهن سهڻي جاءِ تي گھر ٺهرائڻ ضروري ٿي سمجھيو. گھر جي اڳيان ڇپر ٽڪرو به ضروري هو. انهن سڀني شرطن تي هڪ ئي وقت فقط ٻه پلاٽ ئي وڪامي رهيا هئا. هڪ جي قيمت ٽي ۽ ٻئي جي ساڍا ٽي هزار رپيه هئي. هونءَ ته هڪ هزار مان ان کان به وڏا پلاٽ ملي سگھيا ٿي پر اهي هن جي دل وٽان نه هئا سو هن اهو ئي سوچيو ته ڪجھه وقت پئسا ڏوڪڙ گڏ ڪيا وڃن.
1937ع ۾ پنهنجي پاڇي ٿيل سڀ رقم جيڪا ان وقت تائين چار هزار رپيا ٿي چڪي هئي کيسي ۾ وجھي گهر مان ٻاهر نڪتو. هن کي پڪ هئي ته پنهنجي پسند کان به سٺو پلاٽ هاڻ انهن پئسن مان وٺي سگھندو. سڀ کان پهرين هو اهو ئي پلاٽ ڏسڻ ويو. جنهن جي قيمت ڪجھه سالاڳ ساڍا ٽي هزار هئي. ان پلاٽ جو اڌ وڪامي چڪو هو. ان تي هڪ بنگلو به ٺهي چڪو هو. پلاٽ جو مالڪ باقي اڌ حصي جا پنج هزار گھريا ٿي.
هاڻ هو ٽن هزار رپين واري پلاٽ تي ويو، جنهن جي مالڪ ان لاءِ ڇهه هزار رپين جي گھر ٿي ڪئي. لاچار ان هزار رپين واري پلاٽ تي پهتو جيڪو هن کي پهرين کان پسند ڪونه هو. ان پلاٽ جي به هاڻ قيمت ساڍا چار هزار رپيا ٿي وئي هئي. سو لاچار ٿي هن سڀ پئسا بئنڪ ۾ موٽائي اچي رکيا. هاڻ هڪ نئين ولولي سان هو پهرين کان به وڌيڪ ڪفايت شعاري سان ڏينهن گذارڻ لڳو. بوٽن ۽ ڪپڙن تي چتيون وڌنديون ويس. هو اهو ئي سوچڻ لڳو ته پرواهه ناهي جي گھر سمنڊ جي ڪناري تي کڻي نه ٺهي سگھي پر شهر جي ڪنهن به علائقي ۾ ٺهي وڃي ته صحيح ٿيندو. مطلب ته پلاٽ وٺي گھر ٺاهڻ. گھر جون شيون وٺڻ ۽ پوءِ شادي ڪري ٻارن وارو ٿيڻ جا منصوبا هن جي اندر ۾ٺهندا رهيا.
جڏهن 1943ع شروع ٿيو ته هن وٽ پنج هزار رپيا گڏ ٿي چڪا هئا. هيڏي ڪنجوسيءَ ۽ ڏکيا ڏينهن گذاريندي به هنوٽ ان کان وڌيڪ پئسا گڏ ٿي نه سگھيا. سبب اهو هو جو هاڻ شين جي قيمت ۾ ڏينهن رات واڌارو ٿي رهيو هو. جنهن پلاٽ جي قيمت پهرين پنج هزار هئي هاڻ ان تي چار گھر ٺهي ويا هئا. پلاٽ جو هڪ ننڍڙو ٽڪرو اڃا باقي بچيل هو. مالڪ ان لاءِ ڇهه هزارٿي گھريا.
شهر اندر پلاٽ وٺڻ جو هاڻ هن خيال به لاهي ڇڏيو. سوچيائين ته شهر کان ٻاهر ئي ڪو هڪ پلاٽ ملي وڃي ته به گذارو ٿي سگھندو. پر پٽ ملي ته ملي ڪٿي؟ آخر سندس ڪفايت شعاري ۽ ڪنجوسي حد تائين پهچي وئي. هن کي نه کائڻ جو شوق رهيو نه پيئڻ جو.بس پئسن گڏ ڪرڻ جو ڀوت سندس مٿان ڏينهن رات سوار هو.
هاڻ هن جي نوڪري به وڏي ٿي وئي هئي. پگھار وڌي چڪو هو. جيتوڻيڪ هر مهيني پهرين کان وڌيڪ پئسا ملڻ لڳس، تڏهن به 1950 تائين هو فقط ساڍا ست هزار رپيا گڏ ڪري سگھيو. ايترن پئسن ۾ پلاٽ ڀور خريد ڪرڻ_ ؟ جنهن ٻڌو ٿي تنهن مٿس کليو ٿي. ايترن پئسن ۾ شهر ۾ گھر ته پري پر ٻهراڙيءَ ۾ ڪا جھوپڙي اڏڻ لاءِ به پٽ ٽڪر ملڻ ڏکيو پئي لڳو. جنهن پلاٽ جو اگھه ڪجھه سال اڳ ٻه هزار هو، هاڻ ان جي ڏهين حصي جي قيمت چاليهه هزار هئي.
پلاٽ خريد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪهڙو چارو هو؟ سو هن پئسا گڏ ڪرڻ جي رفتار اڃا به تکي ڪري ڇڏي. گھر جو نقشو هن جي ذهن ۾ بلڪل چٽو چپاٽو هو. هڪ ولائتي نموني جو ڪاڪوس، هڪ ديسي پڻ، هڪ پنهنجي سمهڻ جو ڪمرو ۽ هڪ مهمانن جي ٽڪڻ لاءِ. هڪ ماني کائڻ جو ڪمرو ۽ هڪ ڊرائينگ روم. گھٽ ۾ گھٽ ٻارن لاءِ هڪ ڌار ڪمرو به ضروري هو. پهرين هيٺ مٿي ٻه ماڙ واري گھر جو سوچي رهيو هو پر هاڻ هڪ ماڙ جي گھر تي ئي خوش هو. ڇو ته ڪافي وڏي عمر ٿي وئي هيس ۽ هاڻ هو ڪجھه ٿڪجي به پيو هو.
1954ع تائين هن وٽ ڏهه هزار رپيا گڏ ٿي چڪا هئا. هو هڪ دفعو وري پلاٽ جي ڳولا ۾ نڪتو. پر هاڻ انهن پئسن ۾ شهر جي آسپاس ته نه البت ٽيهه ميل کن پري ڊٺل ڦٽل زمين تي جاءِ ملڻ جو ئي آسرو هو. هن فيصلو ڪيوته کائڻ پيئڻ ۽ ڪپڙي گنديءَ تي اڃا به سختي ڪري ڪجھه وڌيڪ بچت ڪئي وڃي. هاڻ هن جي خيالن ۾ به ڦيرو اچي چڪو هو. هن کي فقط هڪ ننڍڙي پلاٽ جي ضرورت هئي، جنهن تي هڪ ننڍڙو گھر ٺهرائي سگھجي. پنج ڪمرا نه سهي ٻن ۾ ئي گذارو ٿي ويندو. ديسي ۽ ولائتي ڪاڪوس ته هن جي دماغ مان ڪڏهن کان نڪري چڪا هئا. بس هڪ ٻه ڪمرا ٺهي وڃن ته هو پنهنجي گهر جي ڇت هيٺ رهي سگھي ۽ جيئن ئي گھر ٺهي ته پوءِ ٻيو ڪم- شادي ڪري.
1956 ع ۾ هو نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيو ۽ پينشن ۾ ايترا پئسا مس ٿي مليس جنهن ۾ وڌيڪ بچت ڪرڻ ته ممڪن نه هو. نوڪريءَ جا سڄا سارا ڇويهه سال هن پائي پائي ڪري ڪل ٻارهن هزار روپيا گڏ ڪيا هئا. ايتري گھٽ رقم مان نه شهر اندر نه شهر ٻاهر، نه سمنڊ ڪناري تي نه جبل جي چوٽيءَ تي پلاٽ حاصل ڪرڻ ممڪن هو. دل جي مراد اڄ به ايتري ڏکي هئي جيترو ڇويهه سال اڳ هئي. گھر جي لاءِ پٽ حاصل ڪرڻ جي لڳاتار اون هن کي پنهنجي اصل عمر کان ويهه سال کن وڌيڪ پوڙهو ڪري ڇڏيو هو ۽ هينئر به هن جي ڪنن ۾ سندس پوڙهي پيءُ جا اهي لفظ ٻُري رهيا هئا:
“دنيا ۾ گھر، آخرت ۾ ايمان.”
آخرڪار هو ان نتيجي تي پهتو ته دنيا ۾ گهر ته اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. هاڻ گھٽ ۾ گھٽ هن کي ٻي جهان جو ئي خيال ڪرڻ کپي.
هڪ ڏينهن شام ڌاري هو پلاٽن جي ڳولا ۾ سڄي شهر جي خاڪ ڇاڻي ٿڪجي ٽٽجي موٽي رهيو هو ته هڪ قبرستان تي نظر پيس. هو اندر لنگھي ويو. ڪيڏو پرسڪون ۽ سانتيڪو ماحول هو. بلڪل هن جي خوابن جي گھر جهڙو- سهڻو باغيچو، گل، سائي ڇٻر-جڏهن هن سائي گاهه ۽ ذاتيرن گلن جي وچ ۾ هڪ سنگ مر مر جي قبر ڏٺي ته هن جي دل ئي دل ۾ خيال آيو:ڇو نه مري وڃڻ کانپوءِ ههڙي ئي هڪ خوبصورت قبر کي پنهنجو آرام گاهه ٺاهيو وڃي. آخر هڪ ڏينهن موت ته اچڻو ئي آهي، پوءِ ڇو نه زندگيءَ ۾ ئي هن قبرستان ۾ هڪ قبر لاءِ جاءِ خريد ڪري پنهنجي مرضيءَ موجب هڪ پڪو مقبرو ٺهرائجي؟
قبرستان هڪ ننڍڙي ٽڪريءَ تي، سمنڊ جي بلڪل سامهون هو. شاهه بطوط جي ڊگهن وڻن جي ڇانولي ۾ هميشه جي ننڊ سمهڻ هن تلخ زندگيءَ کان ڇا بهتر ناهي، جتي مٿو لڪائڻ لاءِ هڪ جھوپڙي به نٿي ملي؟
ٻئي ڏينهن هو ڀڄي ڊڪي قبرستان جي کاتي ۾ پهتو. هن پنهنجي قبر لاءِ پٽ خريد ڪرڻ چاهيو ٿي.
جواب مليو: جنهن قبرستان ۾ توهان قبر لاءِ جاءِ گھرو ٿا اتي باقي بچيل خالي پٽ ويڪو ناهي. پر جيڪڏهن توهان چاهيو ته هڪ ٻئي قبرستان ۾ جيڪو پڻ هن وانگر سهڻي هنڌ تي آهي هڪ قبر لاءِ پٽ ويهن هزار رپين ۾ ملي سگھندو.
هن شرم کان ڪنڌ جھڪائي وراڻيو:
“ڇا ان کان ٿورو سستو، منهنجي حيثيت سارو ڪنهن ٻئي هنڌ قبر لاءِ پٽ ملي سگھندو؟”
جايون ته ٻين هنڌن تي به گھڻيون ئي هيون ۽ پندرهن، ٻارهن، اڃا به گھٽ ڏهن هزارن تائين ملي سگھيون ٿي. هو ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو. گھر جي پلاٽ وانگر لڳاتار ڪوششن جي تجربي هن کي اڇت فيصلي لاءِ مجبور ڪيو. هن سوچيو ته اڃا به دير ڪندس ته قبرن جون قيمتون به ايترو چڙهي وينديون جو پاڇي ڪيل سڄي رقم مان ڪٿي به وٺي نه سگهندس. سو قانون جي ڪاروائي سڄي پوري ڪري هن هڪ ٻئي قبرستان ۾ بنا ڏسڻ وائسڻ جي هڪ قبر جيترو پٽ خريد ڪري ورتو. جڏهن هو ان قبرستان ۾ پهتو ته ڏٺائين ته تمام جھريل، ڊٺل ۽ ويران قبرستان هو جنهن جون ڀتيون به ڪلراٺجي ويون هيون. پر ان هوندي به هو خوش هو. هن جي اکين ۾ هڪ عجيب جوت پيدا ٿي ۽ هن رڙ ڪندي چيو:
“واهه واهه! هيءَ ئي هڪ اهڙي جاءِ آهي، جيڪا منهنجي پنهنجي آهي. منهنجي پنهنجي- منهنجي پنهنجي.”
نوڪريءَ وارن ڏينهن ۾ جهڙيءَ طرح هو ڏهاڙي آفيس ويندو هو، هاڻ ان طرح صبح سوير سڌو قبرستان وڃي ٿو. سندس دل زمين جي هڪ ٽڪري خريد ڪرڻ ڪري خوشين سان ڀرجي وئي آهي. هو ان ئي ملڪيت جي احساس ۾ آئيندي جي قبر واري جاءِ تي وڃي ويهي ٿو. هو ان هنڌ تان گاهه گوچر ۽ ڪک پن ٻهاريندو رهي ٿو ۽ چوڌاري گل پوکڻ ۾ سڄو ڏينهن گذاري ٿڪجي ٽٽجي نهايت حسرت ۽ بي صبريءَ مان ان ڏينهن جو انتظار ڪري رهيو آهي، جڏهن هو پنهنجي ذاتي گهر ۾ رهي سگھندو ۽ سو به هميشه هميشه لاءِ.

(ليکڪ: عزيز تسين، ترڪي)

فائدو

پليگايا هڪ اڻ پڙهيل زال هئي.
هن جو اڻ پڙهيل هجڻ مڙس لاءِ اندر ئي اندر پچڻ ۽ سڙڻ جو سبب هو. پليگايا ايتري قدر اڻ پڙهيل هئي جو ڪنهن پني تي صحيح به نٿي ڪري سگھي! هڪ ڏينهن وجھه وٺي مڙس نڪولاوچ هن کي چيو: “گھٽ ۾ گھٽ ايتري ته کڻي تعليم حاصل ڪر جو پنهنجو پاڻ لکي سگھين. تنهنجو نالو هونءَ به لکڻ ۾ سولو آهي.”
“پر ان مان هڙ حاصل ئي ڇا ٿيندو؟” پليگايا جواب ڏنو. “منهنجون ته آڱريون به صحيح طرح نٿيون مُڙن- آئون ڪيئن لکي سگھنديس؟ بهتر اهو آهي ته پنهنجي ٻارن کي ئي پڙهايو ۽ منهنجي پٺ ڇڏي ڏيو.”
نڪولاوچ اهو جواب ٻڌي ماٺ ٿي ويو. هن وٽ پليگايا سان مٿو کپائڻ جو وقت نه هو، پر هن لاءِ هڪ ڪتاب وٺي آيو. هي لکڻ پڙهڻ جو شروعاتي ڪتاب هو ۽ ماڊرن طريقن سان اهڙي نموني لکيل هو جو نئون سيکڙاٽ جلدي ئي سولائيءَ سان ٻولي سکي وڃي. پليگايا ڪتاب کي آڏو ابتو ڪري ڏٺو ۽ پوءِ هڪ پاسي کان کڻي رکيو- اهو ئي سوچي ته هي ڪتاب سندس ٻارن کي ئي ڪم اچي ويندو. ان کانپوءِ هوءَ نڪولاوچ جو ڪوٽ کڻي رفو ڪرڻ ويهي رهي. رفو ڪندي هن کي لڳو جهڙو ڪر ڪوٽ جي اندرين کيسي ۾ ڪا ڪڙڪ پني جهڙي شيءِ هجي. هن سمجيو شايد پئسن جا نوٽ هجن پر پوءِ جڏهن هن هٿ اندر وڌو ته ڏٺو ته هڪ خط آهي. خط خوشبوءِ ۾ ٻڏل هو ۽ تمام سهڻي نموني جي لکڻي ۾ اکر لکيل هئا.
پليگايا جي دل ئي ڀڄي پئي.
“ته اها ڳالهه آهي. جيئن ته آئون هن کي وڻان ڪانه ٿي ان ڪري هي ڪنهن ٻئي هنڌ دل پيو وندرائي ۽ عشق ڪري. ڇا هن مون کي ڪو بيوقوف سمجھيو آهي؟ پر سچ ئي ته آهي. آئون جاهل جو آهيان.”
هوءَ پنهنجين سوچن ۾ ئي گم ٿي وئي. پوءِ هن فيصلو ڪيو :
“آئون پڙهينديس. جڏهن پڙهي لکي ڀڙ ٿي وينديس ته نڪولاوچ مون کي بيوقوف نه ٺاهي سگھندو.”
ان ڏينهن کان پوءِ هن پڙهڻ شروع ڪري ڏنو.
هڪ مهينو گذريو.
ٻيو مهينو گذريو.
۽ پوءِ ٽيون مهينو به گذري ويو. هاڻ هوءَ ايترو قابل ٿي وئي جو هر لکيل شيءِ کي سولائيءَ سان پڙهي سگھي ٿي- هوڏانهن نڪولاوچ پنهنجي منهن خوش هو ته سندس زال جي دل پڙهڻ ۾ لڳي وئي آهي.
هڪ ڏينهن نڪولاوچ جڏهن ڪم تي ويو ته پليگايا کي اوچتو ياد اچي ويو ته اهو خط ته اڃا تائين هن وٽ صندوق ۾ قابو رکيو آهي. هن سوچيو ته اهو خط ڪڍي هاڻ پڙهيو وڃي جيئن هن کي خبر پئجي سگھي ته ڪهڙي ڇوڪري هن جي مڙس کي ڦاسائي کانئس جدا ڪري رهي آهي.
هن خط کولي پڙهڻ شروع ڪيو.
خط ۾ لکيل هو_
“پيارا نڪولاوچ واعدي مطابق ڪتاب روانو ڪري رهي آهيان. مون کي يقين آهي ته ٻن ٽن ڏينهن اندر تنهنجي پياري پياري زال پليگايا هن ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ جاهليت جي دنيا مان نڪري ويندي. نڪولا وچ هن کي سمجھاءِ ته اڻ پڙهيل ماڻهو ڪيڏو ته خراب لڳي ٿو.
“مون کي اميد آهي ته هوءَ هڪ پڙهيل لکيل زال سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندي.”
“تون ڄاڻين ٿو ته پاڻ ماڻهو جاهليت ختم ڪرڻ جي مهم هلائي رهيا آهيون. جنهن ۾ پاڻ کي کپي ته تعليم ڏيڻ جو ڪم پنهنجي پنهنجي گھر کان شروع ڪريون، بس تون پليگايا کي پڙهاءِ.”
نيڪ تمنائن سان،
ماريا بلوفينا.”
خط پڙهي پليگايا جون اکيون آليون ٿي ويون.

(ليکڪ: مائيڪل روشينڪوف، روس)

تائيوان جو سونهري گل

جڏهن ڊاڪٽر چائو هسيانگ منهنجي کاٻي اک جي آپريشن ڪري ماڻڪيءَ جو پردو بدلائي رهيو هو ته ان وقت به آئون پوري طرح هوش ۾ هوس. ڊاڪٽر سئي هني اک جي چوڌاري حصي کي کيرو ڪيو هو. آئون اوزارن جي ڇڻ ڇڻ ۽ ڊاڪٽر چائوءَ جي ڳالهين جو آواز چٽيءَ طرح ٻڌي سگھيس ٿي.
ٽي سال اڳ تائيوان جي جنرل اسپتال ۾ جڏهن مون پنهنجي سڄيل اک جو تپاس ڪرايو ته ان وقت آئون ان اک سان لاچار ئي ڪو ڏسي سگھيس ٿي. تپاس بعد ڊاڪٽر سمجھايو ته اک جي ٻاهرين پردي تي سوڄ چڙهي وئي آهي جنهن سان ساڄي اک تي به اثر ٿي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن آپريشن نه ڪرائيندينءَ ته ٻي اک به خراب ٿي ويندي.
“ٻين جا استعمال ٿيل ٽوال، بوڇڻ ۽ وهنجڻ جاتالاب هن بيماريءَ جي پکڙجڻ جو سبب بڻجن ٿا!” ڊاڪٽر وڌيڪ ٻڌايو.
هي اطلاع مون لاءِ جيتوڻيڪ فائدي وارو هو پر هينئر احتياط کان وڌيڪ علاج ضروري هو.
“آئون فوجي آفيسرن جي اسڪول ۾ ترڻ سيکارڻ جو ماستر آهيان.” مون جواب ڏنومانس.
“ته پوءِ هيءَ بيماري تو تائين پڪ سئمنگ پول ذريعي پهتي آهي!”
آئون ماٺ ۾ رهيس. منهنجي ذهن ۾ جواب لاءِ ڪا ورندي نه هئي.
ذري گھٽ هڪ سال کان پوءِ مون کي خبر پئي ته ڪنهن ٻئي جي اک جي پردي هڻڻ ڪري منهنجي اک جو وڃايل نور ٻيهر اچي سگھي ٿو. پر سوال خرچ پکي کي منهن ڏيڻ جو هو. منهنجي ڪمائي ڪڏهن به ايتري نه ٿي جو ڪجھه پاڇي ڪري سگھان ها.
جڏهن ان ڳالهه جو ذڪر مون زال سان ڪيو، ته هوءَ حساب ڪتاب جي ڪاپي کڻي آئي ۽ چيائين ته ڪيترن ئي سالن جي ڪفايت شعاريءَ کانپوءِ هاڻ هن وٽ پنج سئو ڊالر گڏ ٿي چڪا آهن.
“جيڪڏهن اهي به ٿورا ٿين ته آئون ڪجھه ٻيا به هٿ ڪري وينديس پر توهان اک جو علاج ضرور ڪرايو. توهان مون وانگر نه آهيو. هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو اکين هوندي به انڌو هوندو آهي، پر پڙهيل لکيل ماڻهوءَ لاءِ ٻنهي اکين جو نور ضروري آهي.” هن چيو.
اهي پئسا وٺي مون کي سڪون ٿيو ۽ اک جي پردي جي آپريشن لاءِ ڊاڪٽر وٽ پنهنجو نالو لکرائي آيس. ان کانپوءِ هڪ مهيني بعد هن مون کي فون ڪيو:
“هڪ ڊرائيور ڪار جي حادثي ۾ مري ويو آهي. مرڻ کان اڳ هن پنهنجي زال کي وصيت ڪئي هئي ته هو هن جي جسم جا عضوا ڀلي وڪڻي ڇڏي جيئن ٻارن جي سار سنڀال لاءِ ڪجھه پئسا ٿي پون. ڇا تون اڍائي سئو ڊالر هٿ ڪري سگھندين؟”
اسپتال جي ٻئي خرچ پکي جو حساب ٻه سئو ڊالر ٿي ٿيو. مون هڪدم هائوڪار ڪئي ۽ ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته آئون ٻئي ڏينهن اچي اسپتال ۾ داخل ٿيان.
منهنجا ڀاڳ ڀلا جو مون کي آپريشن جو موقعو ايترو جھٽ ملي ويو، نه ته ماڻهن کي ته ان لاءِ سالن جا سال به انتظار ڪرڻو پوي ٿو.
جڏهن مون کي آپريشن ٿيٽر ڏي وٺي پئي ويا، ته منهنجي ڌيءَ يانگ مون کي ڪن ۾ ڳالهه ٻڌائي:
“امان به اچڻ چاهيو ٿي، پر آپريشن جي تصور هن کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي، ان ڪري هوءَ اچي نٿي سگھي.”
“هن کي چئجان ته هوءَ هتي نه اچي، پر هن کي اهو ضرور چئجانءِ ته آئون بلڪ چاق آهيان ۽ هوءَ ڪنهن به قسم جي اون نه ڪري.” مون وراڻيومانس ۽ منهنجي زال جو اهو ئي پراڻو تصور اڀريو.
آئون اوڻيهن سالن جو هوس جو منهنجي شادي منهنجي ماءُ پيءُ جي مرضيءَ سان ٿي. منهنجو پيءُ ۽ سهرو پاڻ ۾ گھاٽا دوست هئا. هنن اسان جي ڄمڻ کان اڳ ئي واعدا ڪيا هئا ته جيڪڏهن هن کي ڌيءُ ۽ هن کي پٽ ڄائو ته پاڻ ۾ شادي ڪرائيندن. سو ان ريت اسان زال ۽ مڙس جي رشتي ۾ سوگھا ٿي وياسين ۽ هنن پنهنجو انجام پاڙيو.
شاديءَ کان اڳ مون پنهنجي زال کي ڏٺو به نه هو. شاديءَ جي ڏينهن هن کي صندل جي پالڪيءَ ۾ ويهاري اسان جي گھر آندو ويو ۽ خانداني رسمن جي ادائگيءَ کانپوءِ جڏهن آئون بيڊ روم ۾ گھڙيس ۽ سندس گھونگهٽ پري ڪيم ته خوف کان ڪي گھڙيون ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويس. هن جو منهن ماتا جي داغن سان ڀريل هو ۽ نڪ هيڪاندو بي ڊولو هوس. چچڙيل ڀرن جي هيٺان اکين جا ڇپر سُڄيل هئس. جيتوڻيڪ هوءَ اوڻيهن سالن جي هئي پر چاليهن سالن جي لڳي ٿي.
آئون ڊوڙي وڃي ماءُ جي ڪمري ۾ لڪيس ۽ سڄي رات روئيندو رهيس. منهنجي ماءُ مون کي گھڻو ئي سمجھايو ته مون کي پنهنجي قسمت سان نباهه ڪرڻ کپي. سادي شڪل واريون ڇوڪريون گھر ۾ برڪت آڻين ٿيون. پر انهن مڙني ڳالهين سان منهنجي ڏک ۽ فڪر ۾ گھٽتائي نه ٿي.
مون پنهنجي زال سان گڏ رهڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اسڪول ۾ ئي رهڻ لڳس. جڏهن موڪلون ٿيون تڏهن به گهر نه آيس.
چڱو عرصو هيڏانهن هوڏانهن گذاري جڏهن گھر پهتس ته منهنجي زال ان وقت ماني پچائي رهي هئي. هن مون کي ڏسي ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ مرڪڻ لڳي پر آئون ڏسڻ بنا ڀرسان لنگھي ويس.
مانيءَ کان پوءِ منهنجي ماءُ مون کي وري سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي: “پٽ ايڏو ظلم نه ڪر، جيڪڏهن هن جو منهن مو چارو نه آهي ته ڇا ٿي پيو. هن جي دل ته سهڻي آهي!”
“ها، امان، هن جي دل ضرور سهڻي هوندي، تڏهن ته توهان منهنجي شادي هن سان ڪرائي آهي.” مون ٽوڪ طور چيو.
منهنجي ماءُ جو منهن لهي ويو، هن وراڻيو: “تنهنجي زال کي هن گھر ۾ آئي ڇهن مهين کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي، هوءَ صبح کان شام تائين گھر ۽ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي رهي ٿي پر ڪڏهن به هن تنهن جي سلوڪ بابت اُف به نه ڪئي آهي. مون هن کي ڪڏهن روئيندي به نه ڏٺو آهي پر مون کي ڄاڻ آهي ته هوءَ اڪيلائيءَ ۾ هنجون هاريندي رهي ٿي. پٽ! اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو هوءَ شادي شده هوندي به رن زال جي زندگي گذاري رهي آهي؟”
ماءُ جي انهن ڳالهين جو منهنجي دل تي ڪجھه اثر ٿيو ۽ ان کان پوءِ مون پنهنجي زال سان گڏ گھارڻ شروع ڪيو، پر هن جي باري ۾ منهنجي احساسن ۾ ڪو به فرق نه آيو، هن هميشه پنهنجو ڪنڌ جھڪائي آهستي ڳالهايو ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي مون بحث ڪيو ٿي ته جواب ۾ هن مرڪيو ٿي. آئون سوچيندو رهيس ته هيءَ ته بُهه جي هڪ ڳوڻ ٿي. هن جي پنهنجي نه ته ڪا مرضي آهي ۽ نه وري ڪا راءِ.
ان کان پوءِ ٽيهن سالن جي گڏ گھاريل زندگيءَ ۾ آئون شايد ئي ڪو پنهنجي زال کي ڏسي خوش ٿيو هجان يا هن کي پاڻ سان ٻاهر وٺي ويو هجان. منهنجي دل ۾ هر وقت اها خواهش هوندي هئي ته هوءَ مري وڃي ته سٺو، پر ان نفرت جي باوجود آئون ان ڳالهه کان ڀلي ڀت واقف هوس ته هن ۾ پيار ۽ صبر جو غير معمولي جذبو هو. جڏهن شروع شروع ۾ اسان تائيوان آياسين ته منهنجو پگهار تمام ٿورو هو. ان مان مشڪل سان گھر جو کاڌو خوراڪ ۽ مسواڙ ٿيندي هئي. اسان جي ڌيءَ گھڻو ڪري بيمار رهندي هئي ۽ گھر جي خرچ کي منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو. پر منهنجي زال محنت سان پورهيو ڪري ان کوٽ کي پورو ڪيو ٿي. هوءَ گھر جي ڪم ڪار کان واندي ٿي ڪکن مان ويهي ٽوپيون ۽ تونئريون ٺاهيندي هئي. اهڙيءَ طرح ڪجھه نه ڪجھه وڌيڪ ڏوڪڙ ملي ويندا هئا.
جڏهن اسان اُڀرندي ڪناري ڏي بدلي ٿي وياسين ته هوءَ مهاڻن جون ڄاريون مرمت ڪندي هئي- وري اتر ڏي بدلي ٿي ته هن ٿانون تي چِٽ گل ٺاهڻ سکي ورتا.
اسان ڪڏهن به فوجي ڪوارٽرن ۾ نه رهياسين. آئون ان ڳالهه کان پيو ڊڄندو هوس ته ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو ماڻهو منهنجي زال کي ڏسي نه وٺي.
مون کي گھڻو ڪري گهر کان ٻاهر وڃڻ ٿيندو هو پر ڪڏهن به ٻنهي ٻارن يا گھر جي باري ۾ اون نه ٿي. سدائين اهو سڪون هوندو هو ته هوءَ سڄي گھر کي چڱيءَ طرح منهن ڏئي رهي هوندي.
آپريشن کانپوءِ منهنجي ڌيءَ يانگ مون لاءِ ٽرانسسٽر ريڊيو کڻي آئي ۽ اهڙيءَ ريت مون لاءِ ذهني وندر ٿي پيئي، پر ان هوندي به منهنجي سوچ جو وهڪرو پنهنجي زال ڏي هليو ويندو هو. مون کي ڪنهن حد تائين شرمساري به هئي جو مون کيس هيڏانهن اچڻ کان جھل ڪئي هئي.
مون کي ٻڌايو ويو ته ٻن هفتن کانپوءِ منهنجي پٽي کولي ويندي. خوشيءَ کان آئون ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس مون يانگ کي چيو:
“جڏهن آئون چاق ٿي ويندس ته ان نيڪ انسان جي قبر تي ضرور هلندس، جنهن مون کي پنهنجي اک جو پردو ڏنو.”
ڪڏهن ڪڏهن مون کي اهو ڊپ ٿيندو هو ته شايد پردي جو پيوند صحيح نه لڳو هجي! جڏهن ڊاڪٽر چائو منهجي اکين تان پٽي کولي ته مون کي اکيون کولڻ جي همت نه پئي ٿي. آئون ان ٻڏتر جي عالم ۾ سوچي رهيو هوس ته ڊاڪٽر جو آواز آيو:
“ڇا تون ڪجھه ڏسي سگھين ٿو؟”
مون پنهنجون اکيون ڇنڀيون ۽ آهستي وراڻيو: “ها، ڪجھه ڪجھه.”
ڊاڪٽر منهنجي پٺي ٺپري چيو: “صحيح آهي. هڪ هفتي کانپوءِ توکي گھر جي موڪل به ڏني ويندي.”
روز مون کي وڌيڪ چٽو ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو. جنهن ڏينهن مون کي گھر وڃڻو هو ان ڏينهن آئون دري، ڪٻٽ، هنڌ ويندي ڪوپ ساسر به ڏسي سگھيس ٿي.
جڏهن منهنجي ڌيءَ يانگ مونکي وٺڻ آئي ته هن ٻڌايو “گھر اچڻ جي خوشيءَ ۾ امان توهان لاءِ خاص کاڌا تيار ڪري رهي آهي.”
“هوءَ هڪ نيڪ زال ۽ سٺي ماءُ آهي”. مون چيو مانس. ان حقيقت جي مڃوتي مون هن کان اڳ ڪڏهن به نه ڪئي هئي.
سڄي واٽ يانگ چپ رهي، جنهن وقت آئون گھر پهتس ته منهنجي زال رڌڻي مان کاڌي جي ٿالهي کڻي پئي نڪتي. مون تي نظر پوڻ سان هن پنهنجو ڪنڌ کڻي هيٺ جھڪايو:
“توهان اچي ويا!” هن چپن ۾ چيو.
“آئون تنهنجو شڪر گذار آهيان جو منهنجي اکين جو نور واپس ڏيارڻ ۾ تو منهنجي مدد ڪئي.” مون چيو مانس.
هن جلدي ٿالهي کڻي ٽيبل تي رکي، منهن ڀِت ۾ ڪري سڏڪن ۾ چوڻ لڳي: “منهنجي لاءِ توهان جا اهي لفظ تمام وڏي نعمت آهن. مون کي ائين لڳي ٿو ڄڻ منهنجي زندگي سڦل گذري.”
ان ئي وقت يانگ روئندي ڪمري ۾ آئي ۽ ماءُ ڏي نهاري چوڻ لڳي: “امان توهين بابا کي ٻڌايو. بابا کي ضرور ٻڌايو ته کين اک جو پردو توهان ئي ڏنو آهي.”
“مون فقط اهو ڪيو آهي، جيڪو منهنجو فرض هو.” هن جواب ڏنو.
آئون ٽپ ڏئي هن جي ڀرسان بيٺس ۽ کيس ڇڪي منهن پاڻ ڏي ڪري ان جو غور سان جائزو وٺڻ لڳس. هن جي ساڄي اک ائين بي نور هئي جيئن منهنجي کاٻي اک ٿي چڪي هئي.
“سونهري گل!” زندگيءَ ۾ مون پهريون دفعو کيس سندس نالي سان سڏيو، “تو ائين ڇو ڪيو؟” مون هن کي لوڏي پڇيو.
“ ان لاءِ جو توهان منهنجا مڙس آهيو.” هن پنهنجو منهن منهنجي سيني منجهه لڪائيندي چيو.
مون هن کي پنهنجين ٻانهن ۾ سوگھو کڻي جھليو. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سڄي ڪائنات جو حسن منهنجي قدمن ۾ وڇائجي ويو هجي.

(ليکڪ: وانگ يانگ، تائيوان).

بدلو

تکي بلو رنگ جي ڪار علائقي جي سوڙهي بازار مان آهستي آهستي هلندي اچي هڪ دڪان اڳيان بيٺي. ڳري متاري همراهه ڪار ۾ ويٺي ويٺي دڪان ٻاهران ٽنگيل بورڊ پڙهيو.
(ارون هاڪرز اسٽيٽ ايجنٽ.)
۽ پوءِ آهستي آهستي پنهنجي ڪار رستي جي هڪ پاسي پارڪ ڪري پگھر اُگھي دڪان ڏي وڌيو. هو انهيءَ پاڙي ۾ ڌاريون ٿي لڳو. ڄمار ۾چاليهن جي لڳ ڀڳ ٿيندو ۽ ڪپڙي گندي مان پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلڇڻو پئي لڳو. هن جا ڳٽا اُڀريل پر اکيون اندر ويٺل هيون، جن مان مڪاري ظاهر ٿي ٿي.
“ڇا توهان ئي مسٽر هاڪرز آهيو؟” هن دڪان ۾ داخل ٿيندي پڇيو.
“هائو، حڪم ڪريو، آئون ئي ارون هاڪرز آهيان.” اهو چوندي دڪان ۾ موجود پوڙهي همراهه ارون ڏي کيڪار لاءِ هٿ وڌايو. پر اجنبيءَ هن جي وڌايل هٿ ڏي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ دڪان کي غور سان ڏسندي چيو:
“مون کي واٽربري چون ٿا.” اڃا به ڪڙڪيدار آواز ڪندي چيو: “مون کي انهن رسمي کيڪار کڙين ۽ ڳالهين ٻولهين کان چڙ لڳندي آهي. هونءَ به آئون ڪو واندو ماڻهو ناهيان. بس ڪم جي ڳالهه سان ئي واسطو وجھه رکان ٿو.”
“ته مسٽر واٽربري توهان ڇا بابتڳالهه ڪرڻ چاهيو ٿا؟” ارون پنهنجي عينڪ مان گھوريندي پڇيو.
آئون توهان جي پاڙي ۾ گھر وٺڻ چاهيان ٿو- هڪ وڏو گھر.”
“تمام سٺو مسٽر واٽربري. ڇا ڪو گھر توهان جي نظر ۾ آهي، جنهن کي وٺڻ جو توهان کي شوق هجي؟”
“ها شهر کان ٿورو پرٻهرو اتر طرف جيڪو گھر آهي.”
“اهو...ڪمانين ۽ ٿنڀن وارو؟” ارون پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو.
“ها بلڪل اهوئي! جتي ‘گھر ويڪو آهي’ جي تختي لڳل آهي ۽ گڏوگڏ تنهنجي ڪمپنيءَ جو ڏس به.”
ارون جي منهن تي هڪ ڦڪي مرڪ نروار ٿي.
“ها ان جو فائل مون وٽ ئي پيل آهي.”
اهو چئي هو بيزاريءَ مان اٿيو ۽ ڪٻٽ مان فائيل ڪڍي ان مان هڪ ٽائيپ ٿيل پنو واٽر بريءَ ڏي وڌايو. هن ۾ گھر بابت سڄو احوال ڏنل هو. ڏيڍ سئو سال پراڻو گھر، اٺ ڪمرا، تمام وڏو ورانڊو، پٺيان باغيچو جنهن جي وچ ۾ گھاٽا گھاٽا وڻ، وهنجڻ لاءِ وڏي نادي، ٻاهرين پاسي ڪيترائي دڪان ۽ قيمت پنجهتر هزار ڊالر.
واٽر بري گھر جون خاصيتون ۽ قيمت پڙهي رهيو هو ۽ ارون جون نگاهون اهو سڄو وقت هن جي منهن ۾ کتل هيون. واٽر بريءَ منهن مٿي ڪري هڪ دفعو ارون کي وري ڏٺو ته پوڙهي کان ڇرڪ نڪري ويو.
“چئو سائين، ڇا توهان کي اڃا به هن گھر ۾ دلچسپي آهي؟” هن گراهڪ کي توريندي چيو.
“ڇو نه؟”
ارون کي هن همراهه جي جواب تي تعجب سو ضرور لڳو ڇو جو هن کي ان جواب جي اميد نه هئي.
“صحيح آهي، جيڪا توهان جي مرضي. هونءَ اها جاءِ ايتري قيمتي آهي ڪانه جيترو ان جي مالڪياڻي سمجھي ٿي، پر تڏهن به جيڪڏهن توهان چئو ٿا ته آئون مسز گرائمس کي ٻڌائي ٿو وٺان.”
“توهان به عجيب دلال آهيو. گھر آيل گراهڪ کي ڀڄائڻ ٿا چاهيو.” واٽر بريءَ ڪلهن کي لوڏوڏيندي چيو.
“ ڏس سائين! مون کي ڪميشن ته ٻنهي طرفن کان ملي ٿي. پوءِ ڪنهن کي نقصان ڇو رسايان. هونءَ توهان پاڻ غور ڪريو اهو گھر ڪو قلعو ته نه آهي جو ايتري قيمت رکي وڃي. جڏهن کان گھر ٺهيو آهي تڏهن کان نه ان جي ڪا مرمت ڪرائي اٿس نه ڪو رنگ پوچي! ٻاهران گھر جي پيڙهه ٻوڏ ڪري کوکلي ٿي وئي آهي. ڪجھه سالن ۾ ان جون ڪامون به اچي پٽ تي ڪرنديون، ۽ هيٺئين باغيچي وارو حصو ته صفا ڪلر ٿي ويو آهي.”
“ ته پوءِ هن ايتري قيمت ڇو کڻي لڳائي آهي”. واٽربريءَ ڪَڪ ٿيندي پڇيو.
“ ان کي چريائپ ئي چئبو- ڏهه ٻارهن هزار ڊالرن جي عمارت جا پنجهتر هزار- هون!”
“عجيب ڳالهه آهي.” واٽربري چپن ۾ ڀڻڪيو ۽ ڪرسيءَ تي اڌ گابرو ويهندي ارون کي مخاطب ٿيو: “خبر ناهي ڇو مون کي اهو گھر وڻي ويو آهي، پر تنهنجي ڳالهه به صحيح آهي ته ان جي قيمت گھڻي رکي اٿس.”
“منهنجي خيال ۾ ته هوءَ گھڻي قيمت شايد پنهنجين يادين جي گھري رهي آهي، جيڪي ان گھر سان وابسته اٿس. هوءَ چڱي پوڙهي آهي. ٻيو ڪو ڪمائيءَ جو ذريعو نه اٿس. هڪ پٽ هوس جيڪو جواني ۾ ئي قتل ٿي ويو. اهو ئي هن جو سڀ ڪجھه هو.” تفصيل ٻڌائيندي پوڙهو غمگين ٿي ويو.
“اڇا.” واٽربري پولارن ۾ گھوريندي اٿي بيٺو.
“جيڪڏهن آئون پاڻ مالڪياڻيءَ سان ملي گھر جي قيمت گھٽ ڪرڻ لاءِ چوانس ته؟”
ارون ماٺ ۾ رهيو- شايد هن کي واٽر بريءَ جي اها صلاح پسند هئي.
واٽر بريءَ جي ڪار ان سوڙهي بازار مان نڪري ٻاهر ويندڙ ويڪري رستي ڏي رواني ٿي، ڪجھه دير کانپوءِ گرائمس مئنشن جي سامهون وڃي ترسي. هيءَ ڏيڍسئو سال کن پراڻي عمارت ڪڏهن تمام سهڻي رهي هوندي، پر هاڻ جهڙي ڀڙڀانگ، گھر جو باغيچو جھنگ ٿي ويو هو. واٽر بري ان ڊٺل ڦٽل جاءِ کي گھوريندو اڏوهي لڳل ڪاٺ جي در مان اندر گھڙيو. اڃا چند قدم به اڳتي مس وڌيو هوندو جو ڪا ڪاري شيءِ اڏامندي سندس ڪوٽ سان لڳي اڳتي هلي وئي. هن کان ڇرڪ نڪري ويو. پر پوءِ ٻي گھڙيءَ پنهنجي ڊڄڻ تي پاڻ شڪي ٿي ويو. اها ڪاري شيءِ ٻيو ڪجھه نه پر هڪ ٻلي هئي جا ڪنهن وڻ تان ڪرندي ئي کٻڙن ۾ لڪي وئي.
هو هڪ گھڙيءَ لاءِ اتي ئي بيهي رهيو ۽ اوڏانهن ڏسڻ لڳو، جتان ٻليءَ هن جي مٿان ٽپ ڏنو هو. اهو هڪ پراڻو وڻ هو، جنهن جون ڪئين شاخون هيڏانهن هوڏانهن پکڙيون پيون هيون. هن جون نگاهون وڻ جو جائزو وٺندي مٿي ماڙيءَ ڏي کڄي ويون. هو ڪجھه گھڙيون ائين ئي خالي نگاهن سان گھوريندو رهيو، پوءِ هن جي اکين ۾ هڪ عجيب قسم جو خوف ترڻ لڳو ۽ ان سان گڏ سندس پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ هڪ ٿڌو سور محسوس ٿيو ۽ سڄو ڏڪي ويو. واٽر بري تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري هئي. هو ڪا دير پنڊ پهڻ ٿي بيٺو رهيو. پوءِ هڪدم جھڙوڪر هوش ۾ اچي ويو ۽ هڪ سيڪنڊ به وڃائڻ بنا تکو تکو در کان ٻاهر نڪري آيو.
مين روڊ تي پهچي، هڪ دفعو وري هن جا قدم ڄمي ويا. هن مڙي گرائمس مئنشن تي نگاهه وڌي۽ کيسي مان رومال ڪڍي نرڙ تان پگھر اگھيو. ڪجهه لمحن بعد هن پنهنجو هوش سنڀاليو ۽ پنهنجي ڪار ڏي وڌڻ لڳو - پر ڪجهه قدم هلي وري بيهي رهيو ۽ پوءِ خبر ناهي ڇا سوچي هو وري ان گهر ڏي آيو، پر سندس هلڻ جو انداز ڪجھه اهڙو هو ڄڻ هو پنهنجي مرضيءَ سان نه وڃي رهيو هجي پر ڪا غيباڻي طاقت هن کي ان جاءِ ڏي ڇڪي رهي هجي. اندرين عمارت جي دروازي تائين پهچي واٽر بريءَ در کڙڪايو. ڪجھه دير کانپوءِ هڪ ننڍي قد جي اڌڙوٽ عورت دروازو کوليو. هن جا وار نوي سيڪڙو اڇا ٿي چڪا هئا ۽ منهن سڄو گھنجن سان ڀريل هوس.
“توهان شايد واٽربري آهيو؟” هن گھوريندي پڇيو.
“هائو، مئڊم! شايد ارون توهان کي منهنجي اچڻ جو نياپو ڪيو هجي.”
“ها، توهان صحيح سمجھيو، اچو اندر اچو.” اهو چئي هن واٽر بريءَ کي اندر اچڻ جو اشارو ڪيو. اندر چڱي خاصي اوندهه هئي ۽ گرمي نالي ماتر به نه هئي. چڱي پرسڪون ۽ ٿڌي جاءِ هئي. پوڙهيءَ کيس هڪ وڏي ڪمري ۾ اچي ويهاريو، جتي پراڻي زماني جو فرنيچر سجيو رکيو هو ۽ درين تي رنگين پردا ڏنل هئا. هوءَ واٽربريءَ کي هڪ ڪرسيءَ ڏي اشارو ڪري پاڻ آرام ڪرسيءَ تي ڍير ٿي ويئي.
“ها، ته ٻڌايو مسٽر واٽربري آئون توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگھان ٿي.” پوڙهيءَ ڳالهه شروع ڪئي.
“مسز گرائمس مون مسٽر ارون سان توهان جي گھر وٺڻ بابت ڳالهه ٻول ڪئي آهي.”
“مون کي اها خبر پئجي چڪي آهي.” هن جي آواز ۾ تمام گھڻو اعتماد هو.“ارون چريو آهي جو هن توکي منهنجي راءِ بدلڻ لاءِ موڪليو آهي”.
“منهنجو در اصل اهو ارادو نه هو. بس ان بهاني توهان سان ملڻ ٿي چاهيم.” واٽربريءَ عقيدتمنديءَ جوا ظهار ڪندي چيو.
اهو ٻڌي پوڙهيءَ ڪرسيءَ جي پٺ تي پنهنجو ڪنڌ جھڪائي اکيون بند ڪري ڪجھه لمحا ماٺ ۾ سوچڻ لڳي، پوءِ هن ائين ڪڇيو ڄڻ ڪنهن کوهه مان ڳالهائي رهي هجي.
“ڳالهه صاف کليءَ طرح ڪرڻ کپي مسٽر واٽربري. اهو ٻڌايو توهان ڇاٿا چوڻ چاهيو؟”
“مسز گرائمس اڄڪلهه نِت نئين ڊيزائنن وارن گھرن جي مقابلي ۾ هن پراڻي گھر جي قيمت هر صورت ۾ گھٽ هئڻ کپي.” هن عاجزيءَ مان چيو.
“ماٺ اٿانوَ ڀلي”. پوڙهيءَ ڪاوڙ مان چيو. “آئون ان بابت ڪا به ڳالهه ٻڌڻ نٿي چاهيان. توهان کي جيڪڏهن ڪو ماڊرن قسم جو گھر کپي ته پوءِ اهو وڃي وٺو ۽ منهنجو مغز نه کائو.”
“محترما...”
“خدا حافظ مسٽر...”
هوءَ اٿي بيٺي ۽ مُڙي واٽربريءِ کي ڏٺو جيڪو اٿڻ بدران اڃا ڪرسيءَ تي ڄميو پيو هو.
“ڏسو مسز گرائمس توهان جو گھر پراڻو سهي پر پاڙي پتيءَ جي ڪري مون کي هي سودو منظور آهي.”
پوڙهي هن اڻ سوچيل جواب تي ششدر ٿي وئي. هن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته هن جي ههڙي ڀنجوءَ جهڙي گھر کي ڪو پنجهتر هزار ڊالرن ۾ خريد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. هن هڪ دفعو واٽر بريءَ کي گھوري ڏٺو. هو تکا تکا سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو.
“ڇا توهان هوش ۾ آهيو مسٽر واٽر بري.”
پوڙهيءَ کي پنهنجن ڪنن تي اعتبار نه پئي آيو.
“آئون هوش ۾ برابر آهيان. محترما. مون وٽ خاصي دولت آهي ۽ توهان جي ان اگھه ۾ وڪڻڻ ۾ راضي آهيو ته ائين ئي سهي.” واٽر بري پُرسڪون نظر اچي رهيو هو. پوڙهيءَ جا ڏڪندڙ چپ خوشيءَ کان ٽڙي پيا. هڪ لڪل روشني هن جي اکين ۾ ظاهر ٿي ۽ هن ائين وٺي ٽهڪ ڏنو، جيئن ڪو فاتح شڪار جي سيني مٿان چڙهي ويندو آهي. ان ئي وقت اندرين دروازي تي ڪڙو لڳو ۽ پوڙهي موڪلائي اٿي ويئي.
ٿوري دير بعد پوڙهي ڀڻ ڀڻ ڪندي ڪمري ۾ داخل ٿي. “جنهن کي ڏس اهو ڀڳو بيٺو آهي، هتي ڪو رڌو پيو ٺري ڇا.” اهو چئي هوءَ واٽر بريءَ جي سامهون واري ڪرسيءَ تي اچي ويٺي. واٽر بري سگريٽ ڇڪڻ ۾ مشغول هو، هن اچڻ واري همراهه جو نه پڇيو. پوڙهي ڪجھه دير اڀا ساهه کڻندي رهي. پوءِ گھر بابت ٻڌائڻ لڳي.
“اسان جو هي گھر خانداني گھر آهي- اسان جا ابا ڏاڏا سئو سالن کان هن ۾ رهندا اچن پر قدرت کي شايد اهو منظور هو جو هن گھر جا رهواسي آهستي آهستي گھٽجي ويا ۽ هاڻ هڪ منهنجو اڪيلو سِر وڃي بچيو آهي. جڏهن کان هي گھر ٺهيو آهي نه ڪا سندس مرمت ٿي آهي ۽ نه وري ڪو رنگ روغن. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته منهنجي پٽ مائيڪل جي ڄمڻ کان پوءِ هن گھر جو گھڻو حصو ٻوڏ هيٺ اچي ويو هو. پر اسين ان جي به مرمت ڪرائي نه سگھياسين. ارون جو خيال آهي ته ڪجھه عرصي کانپوءِ هي ڪري پوندو، پر ان هوندي به مون کي هن گهر سان تمام گھڻو پيار آهي ڇو ته هن سان منهنجن سٺن ڏينهن جون يادون لاڳو آهن. سمجھو پيا نه منهنجي ڳالهه؟”
“ها، ها، توهين ٻڌائينديون وڃو.”
واٽر بري غور سان ٻڌي رهيو هو.
“مائيڪل جڏهن نون سالن جو ٿيو ته هن جو پيءُ گذاري ويو. هن جي مرڻ کانپوءِ اسان جي ڪٽنب کي پئسي ڏوڪڙ جي سختي ٿي. بس جيئن تيئن ڪري مائيڪل جو نيپاج ٿيندو رهيو پر تڪليفون اسان کي چوڌاري ورائي ويون هيون ۽ اسان بلڪل بي وس ٿي پيا هئاسين.”
واٽر بري هن ڏي همدرديءَ مان نهاريو، پر پوڙهي ڳالهائيندي رهي.
“جيئن تيئن ڪري اسڪول پورو ٿيو ته هو ڪاليج لاءِ شهر ويو. هن جي تعليم جي پورائي هن خاندان جي نئين زندگي هئي. پر هن جون سوچون ڪجھه ٻيون هيون. هن شهر ۾ پڙهڻ سان گڏوگڏ ڪجهه ڪم پورهيو به شروع ڪري ڏنو. مون هن کي ڪيڏو سمجھايو پر هن هرگز نه مڃيو ۽ هن ڪمائڻ شروع ڪري ڏنو، ۽ مون کي باقاعدي خرچ پکو موڪليندو رهيو.”
پوڙهيءَ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن هٿن سان اکين جون ڪنڊون اگھيون ۽ وري چوڻ شروع ڪيو:
“پهرين پهرين ته هو مهينو ڏيڍ ڳوٺ جو چڪر هڻي ويندو هو پر پوءِ ڳوٺ اچڻ ۾ دير ڪرڻ لڳو. ويندي هڪ وقت اهڙو به آيو جو يڪا پنج سال مون هن جو منهن نه ڏٺو. ان هوندي به هو گھر جو خرچ پابنديءَ سان موڪليندو رهيو ۽ اهڙيءَ طرح هن جي جيئري هجڻ جي اميد دل ۾ هئي. پنجن ورهين جي ڊگھي انتظار بعد نيٺ هڪ رات هو اوچتو اچي نڪتو، هو تمام گھڻو ڏٻرو لڳي رهيو هو. ڏاڙهي وڌيل ۽ ڀريل، جسم سڪي ڪنڊا ٿي ويو هوس. هن جي هٿن ۾ هڪ پيتي هئي جنهن کي کڻائڻ لاءِ مون هٿ وڌايو ته مائيڪل منهنجي هٿ کي ٿيلهو ڏئي مون کي اچڻ کان منع ڪري پاڻ مٿي هليو ويو. آئون هن منجھه هي عجيب ڦيرو ڏسي اکيون ڦاڙي سوچيندي رهيس.”
“هن جي ان سلوڪ تي منهنجو هانءَ ٿي ڦاٽو ۽ سڄي رات سمهي نه سگھيس- ٻئي ڏينهن مون کي بازار مان سامان آڻڻ لاءِ اماڻيو. آئون ٻن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ موٽيس ته هن جي پيتي ڪٿي به نظر نه آئي.”
واٽر بري هن جي ڪهاڻي غور سان ٻڌي رهيو هو ۽ پڄاڻيءَ لاءِ بيچين هو. پوڙهيءَ ڳالهه کي جاري رکندي چيو:
“ان ئي رات مون مائيڪل جي ڪمري مان ڪنهن کي ڏاڍيان ڳالهائيندي ٻڌو. ڄڻ ڪو مائيڪل سان وڙهي رهيو هجي. آءٌ حالتن جو جائزو وٺندي جلدي جلدي ڏاڪڻ چڙهيس ته دروازو اندران بند هو. مون ڪنجيءَ واري سوراخ مان ليئو پائي اندر ڏٺو ته هڪ ڳرو متارو مڙس مائيڪل سان وڙهي رهيو هو پر هن جو منهن ڏسي نه سگھيس. هو مائيڪل کي دڙڪا ڏئي رهيو هو..
هوءِ اهو ٻڌائي ماٺ ٿي ويئي. هوءَ هڪ لمحي لاءِ واٽر بريءَ جي خراب ٿيندڙ حالت جو جائزو وٺڻ لڳي، جيڪو اکيون ڦاڙي هن کي گھوري رهيو هو.
“آئون اڃا حالتن کي چڱيءَ طرح سمجھي نه سگھيس.” هن ڳالهه جو سلسلو جاري رکندي چيو، “۽ اهو فيصلو به نه ڪري سگھي هيس ته کڻي دروازو کڙڪايان ته ايتري ۾ بندوق ڇٽڻ جو آواز گونجيو ۽ مائيڪل کي هيٺ فرش تي ڪرندي ڏٺو، ان سان گڏ ئي اجنبي پٺينءَ دريءَ مان ٽپو ڏئي ڀڄي ويو. ڏک ۽ ڪاوڙ مان منهنجو هينئون ٻڏڻ لڳو ۽ آئون اتي ئي ڍير ٿي ڪِري پيس.
“ان ڏک ڀري واقعي کي پنج سال ٿي چڪا آهن. ڪجھه عرصو اڳ پوليس مون کي اطلاع ڪيو ته مائيڪل ۽ ان جو قاتل ڪنهن وڏي ڏوهه ۾ ڦاٿل آهن ۽ انهن ٻنهي هزارين ڊالرن جي چوري ڪئي هئي. پوءِ مائيڪل چوريءَ جو مال کڻي ڀڄي ويو هو ۽ رات جي اونداهيءَ ۾ هتي اچي لڪيو هو ۽ چوريءَ جي پئسن کي ڪنهن اهڙي هنڌ لڪائي ڇڏيو، جنهن جي خبر اڄ تائين مون کي به نه پئي. ٻيو ماڻهو هن جي ڳولا ۾ جڏهن هتي آيو ۽ پنهنجي پتيءَ جي رقم گھريائين ته هن کي خبر پيئي ته پئسا ڪٿي لڪايا ويا آهن ته ان تي هن ڪٺور دل انسان منهنجي ٻچـڙي جو خون ڪري ڇڏيو.”
اهو چئي پوڙهيءَ اکيون بند ڪري ڇڏيون. هڪ ڳوڙهو سندس اکين مان نڪري ڳلن جي گھنجن تان سادا کائي هيٺ ڪريو ۽ سندس ڪپڙن ان کي چهي ورتو. پوڙهي ۽ واٽربري ٻئي خاموش رهيا. ڪجھه گھڙيون هنن اڳيان ائين ئي رڙهي ويون. ان کانپوءِ وري پوڙهيءَ پنهنجا چپ کوليا:
“ڇا توهان ٻڌائي سگھو ٿا مسٽر واٽر بري ته مون ههڙي ڀڳل گھر جي ايڏي ڳري قيمت ڇو رکي آهي؟”
“مون کي خبر ناهي.” هن رکائيءَ مان جواب ڏنو.
“هائو، توهان کي ان جي خبر ڪيئن پوندي. در اصل ان جو هڪ خاص سبب آهي... تمام گھڻي سوچ ويچار کانپوءِ جڏهن آئون پوليس جي طرف کان صفا نراس ٿي ويس ته هو منهنجي پٽ جي قاتل کي جھلي نه سگھندا ته مون هڪ منصوبو سِٽيو ته هن گھر کي وڪڻڻ جو اعلان ڪريان ۽ هن جي قيمت ايتري ته ڳري رکان جو هرڪو ماڻهو وٺي نه سگھي ۽ جيڪو به هن جي قيمت ٻڌي اهو مون کي چريو ئي سمجھي. رڳو منهنجي پٽ جو خوني هي گھر وٺڻ چاهيندو ڇو ته هن کي خبر آهي ته منهنجي پٽ اها ملڪيت هن ڪشادي گھر جي ڪنڊ پاسي ۾ لڪائي رکي آهي.”
اهو چئي هوءَ ٽهڪ ڏيڻ لڳي ۽ کلندي چيو:
“۽ پوءِ توهان اچي ويا منهنجي ڪوڙڪي ۾. ڪيئن واٽر بري! منهنجي پٽ جا خوني... ڪيئن لڳي اٽڪل.”
“پوڙهي رن بَڪ بند ڪر. ڪميڻي آئون توکي هينئر جو هينئر مزو ٿو چکايان. تون سمجھين ٿي ته اهڙي ريت تون مون کي ڦاسائي سگھندينءَ ۽ پاڻ بچي ويندينءَ. آئون توکي به تنهنجي پٽ وٽ پهچائي سگھان ٿو.”
اهو چئي هو ٽپ ڏئي اٿيو ۽ پوڙهيءَ کي کڻي ڳٿر ۾ هٿ وڌو. ان ئي وقت ڪمري ۾ ڪنهن جو آواز ٻُريو.
“واٽر بري پنهنجا هٿ مٿي کڻ. تنهنجو کيل ختم ٿي ويو.”
ڪمري جي دروازي وٽ هڪ انسپيڪٽر ۽ ٻه پوليس وارا بيٺا هئا.
واٽر بري پوليس کي ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ هن پوڙهيءَ جي ڳچيءَ مان هٿ ڪڍي ڇڏيا.
پوڙهي پنهنجي ڳچي مهٽيندي پري ٿي ويئي.

(ليکڪ: هينري سلاسر، آمريڪا)

ثبوت

هوائي جهاز جا دروازا بند ٿي چڪا هئا، ڪئپٽن طرفان مسافرن کي بيلٽ ٻڌڻ ۽ سگريٽ نه ڇڪڻ لاءِ چيو ويو. پيٽر کي هڪ هڪ گهڙي جبل جيڏي لڳي رهي هئي. دل چيس ته جيڪر سندس جهاز چنڊ تي ويندڙ راڪيٽ جيان جھٽ پٽ نيوجرسي پهچي وڃي، جيئن هو پنهنجي پيءُ هيولاڪ کي “پنهنجي پسند” ڏيکاري سگھي، جيڪا هن جي ڀر ۾ اکيون بند ڪري ڪجھه سوچي رهي هئي.
هن جو پيءُ نارمن هيولاڪ، نيوجرسي اسٽيل ڪمپنيءَ جو چيئرمئن هو. پيٽر اڪيلو پٽ هوس، جيڪو ٻاروتڻ ۾ ئي پنهنجي ماءُ جي پيار کان سڪي ويو هو. اهڙيءَ طرح هيولاڪ جي سڄي ملڪيت جو اڪيلو وارث پڻ هو. پيٽر جي معلومات مطابق سندس پيءَ هيولاڪ، سڄي عمر ٻي شاديءَ لاءِ ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي، ڇو جو گھريلو مونجھارن کان ڇٽل رهي هن نيوجرسي اسٽيل ڪمپنيءَ کي مٿاهين درجي تي پهچائڻ چاهيو ٿي. هيولاڪ جيتوڻيڪ ٿوري کهري طبيعت جو ماڻهو هو پر هڪ آزاد آمريڪي معاشري ۾ جتي اولاد گھڻو ڪري ماءُ پيءُ کان باغي رهي ٿو، اتي پيٽر حيرت انگيز حد تائين هيولاڪ جو باادب ۽ چئيوان پٽ هو. هو ڪجھه ڪجھه جذباتي ضرور هو، پر زندگي جي سڀني معاملن ۾ پنهنجي پيءُ جي مرضي ۽ صلاح ضرور وٺندو هو، جنهن تي پاڻ سندس دوست يار هن تان چرچا ڀوڳ ڪندا هئا ۽ هو هنن جي چرچن کي کلي ٽاري ڇڏيندو هو. هو ان ڳالهه تي به دل ۾ نه ڪندو هو ته دوست کيس “عظيم بزدل” جي لقب سان سڏين ٿا.
پيٽر کي ڪڏهن ڪڏهن تعجب به لڳندو هو ته هن جي پيءُ هن تي اهو شرط ڇو وڌو آهي ته هو اهڙي ڇوڪريءَ جي چونڊ ڪري جنهن جا وار ڪارا، اکيون آسماني رنگ جون ۽ قد وچولو ۽ ڪتابي چهرو هجي. هو پنهنجي پيءُ جي ان شرط کي شاديءَ جي معاملي ۾ نظرانداز به نٿي ڪري سگھيو. هن ڄاتو ٿي ته، سندس پيءُ هيولاڪ هن کي دڙڪو ڏنو هو ته جيڪڏهن هن ائين نه ڪيو ته هو پنهنجي سڄي ملڪيت سندس حوالي ڪرڻ بدران ڪنهن يتيم خاني يا فلاحي اداري کي ڏئي ڇڏيندو.
نيوجرسي ايئرپورٽ تي جڏهن هوائي جهاز لٿو ته پيٽر پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريءَ کي آهستي چهنڊڙي هڻي جاڳايو. هن ڀُڻڪندي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. چڱيءَ طرح سجاڳ ٿيندي ئي هن پيٽر جي ان حرڪت تي مرڪيو. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن جي جسم جو ساز وڄي رهيو هجي. ايئرپورٽ تي هن جي پيءُ پيٽر ۽ لوسي لاءِ گاڏي موڪلي ڏني هئي. هو ٻئي اڌڪلاڪ جي ڊرائيونگ بعد وڏن وڏن بنگلن جي انهن قطارن اڳيان لنگھڻ لڳا، جن جي ٻنهي ڪنارن تي پام جا وڻ تمام گھڻي سليقي سان لڳل هئا. آسمان تي ڪڪر کيڏندڙ ٻارن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا ۽ هوا ۾ سوڪڙ ۽ ٿڌڪار هو.
گھر پهچي هن لوسيءَ کي مٿي ماڙيءَ تي موڪليو، ڪجھه دير کانپوءِ سندس پيءُ به آفيس کان گھر پهتو. ٻئي ڄڻا کيڪار سان مليا. هيولاڪ چيو: “ڇا ڳالهه آهي، تمام گھڻو خوش نظر اچي رهيو آهين.”
پيٽر جھٽ جواب ڏنس: “مون اريزونا رياست ۾ هڪ ڇوڪري شاديءَ لاءِ ڳولي آهي، ڪارن وارن، آسماني اکين، وچولي قد ۽ ڪتابي چهري واري.”
هيولاڪ هن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪري پڇڻ لڳو: “پنهنجي ايجنسي ته صحيح طرح ڪم ڪري رهي آهي نه؟”
“بابا، لوسي تمام سٺي طبيعت جي ڇوڪري آهي.”
“ايجنسيءَ وارن حساب ڪتاب ۾ ڪو ڦڏو ته نه ڪيو- منهنجو مطلب آهي ته اتي ماڻهن کي ڏاڍيون شڪايتون هيون.”
“ڊئڊ! ايجنسي ٻيجنسي بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي. لوسيءَ سان ملندائو؟”
هيولاڪ بيزاريءَ مان پڇيو: “خاص اريزونا جي آهي؟”
“جي ها.”
“ريڊ انڊين چوندا آهن ته فلرٽ اريزونا جي ڇوڪريءَ سان ڪجي ۽ شاديءَ لاءِ واشنگٽن هليو وڃجي.” هيولاڪ کلندي چيو.
“ريڊ انڊين بيوقوف ٿيندا آهن.” پيٽر چڙندي چيو.
“هونءَ اريزونا جون ڇوڪريون واقعي بي وفا ٿينديون آهن.” هن جي پيءُ اهو ٻيو وار ڪيو.
“توهان کي ڪهڙي خبر؟”
ايتري ۾ نوڪر اچي ٻڌايو ته پيٽر جو فون آيو آهي. پيٽر ڀر واري ڪمري ۾ فون لاءِ ويو ۽ پنهنجي دوست سان ڳالهائيندو رهيو- جيڪو هن جي خيريت پڇي رهيو هو، پوءِ هن جي دوست اوچتو هن کي اهڙي ڳالهه ٻڌائي جو هو تپرس ۾ پئجي ويو. هن فون کڻي رکيو ۽ هيولاڪ وٽ آيو.
“ڊئڊ- آئون ٿوري دير ۾ اچان ٿو.”
“ڪيڏانهن ٿو وڃين؟”
“فورڊ وٽ، هن جي زال کي هڪ قتل جي ڪيس ۾ جھليو اٿن، هو تمام گھڻو پريشان آهي. آئون پڇاڳاڇا واري آفيسر کي سڃاڻان ٿو. هن کي سفارش ڪري اجھو ٿو موٽان.”
اهو چئي پيٽر مٿي ماڙيءَ تي ويو ۽ لوسيءَ کي ٻڌايائين ته هوءَ اتي ئي رهي ۽ هن جي پيءُ سان اڃا نه ملي.
جنهن وقت هو موٽيو ته شام جا پاڇا وڏا ٿي چڪا هئا، هيولاڪ ڏهاڙيءَ وانگر پنهنجا فائل ڏسي رهيو هو. هيولاڪ هٿ جي اشاري سان هن کي پاڻ وٽ سڏائي هڪ خط ڏنو. هن جلدي جلدي خط کولي پڙهڻ شروع ڪيو، خط ۾ فقط چند سٽون لکيل هيون:
“ڊيئر پيٽر! اتفاق سان تنهنجي پيءُ سان منهنجي ملاقات ٿي وئي. تي سگھي ٿو ته مون کي معاف ڪجانءِ.
“لوسي پئٽريشيا”
“لوسي هلي وئي آهي.” هيولاڪ ماٺ کي ختم ڪندي چيو.
“هي سڀ ڇا آهي؟” پيٽر رڙ ڪئي.
هيولاڪ سگار چپن ۾ جھلي چيو :“ چيم نه ته اريزونا جون ڇوڪريون فلرٽ ڪرڻ لاءِ رڳو صحيح آهن.”
“ڪهڙي ثابتي آهي توهان وٽ؟” پيٽر ٿورو بي ادب ٿي پڇيو.
“آئون پاڻ.” هيولاڪ مرڪيو.
“ توهان پاڻ!” پيٽر جون اکيون ڦاٽي ويون.
“جي هائو، اڻ تجربيڪار ڇوڪرا آئون پاڻ.”
هيولاڪ پنهنجيون اکيون پوريندي چيو. “لوسي پئٽريشيا منهنجي زال جي حيثيت ۾ مون سان گڏ رهي چڪي آهي. جڏهن آئون اريزونا ۾ اسٽيل ڪمپنيءَ جي شاخ قائم ڪرڻ لاءِ ويو هوس ته هن مون کي پنهنجي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي ورتو هو. جڏهن مون کي خبر پيئي ته هوءَ اڌڙوٽ قسم جي مردن سان شادي ڪري هنن جو مال دولت ڦرڻ جو ڌنڌو ٿي ڪري ته مون کيس ڇڏي ڏنو. مون توکان هي واقعو لڪايو هو.”
“سچ ٿا چئو؟”
“هائو. لوسي مون کي زهر ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي مون کي اڳواٽ خبر پئجي وئي هئي”.
پيٽر مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيو. هيولاڪ پڇيو:
“ڪيئن ريڊ انڊين ماڻهو اريزونا جي ڇوڪرين جي باري ۾ سچ ٿا چون يا نه؟”
“اهي ماڻهو حد درجي جا ڄٽ، بيوقوف ۽ جھنگلي آهن.” اهو چئي پيٽر پنهنجو پير زور سان زمين تي هڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. هيولاڪ سگار ميز تي رکي زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳو.

(ليکڪ: سئڪليئر ڊرائيڊن، آمريڪا)

چرچو

“شايو آن فينگ” جي زماني ۾ چين جي ڪنهن شهر ۾ هڪ ارڙهن سالن جو نوجوان “وئي پنگ چو” رهندو هو. هن ننڍي عمر ۾ ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪري ورتي هئي ۽ هاڻ بادشاهه وٽ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ اميدوار هو. انهن ڏينهن ۾ گاديءَ واري شهر ۾ حاڪم وٽ نوڪري ماڻڻ لاءِ امتحان ورتو ويو ٿي جيڪو چڱو ڏکيو هوندو هو. پوءِ جيڪو اميدوار ان ۾ ڪامياب ٿيندو هو ان کي وڏي عهدي تي رکيو ويندو هو. وئي پنگ چوءَ به ان امتحان ۾ حصو وٺڻ جو سوچيو. جڏهن هو سفر تي روانو ٿيڻ لڳو ته سندس زال، جنهن سان مهينو کن اڳ شادي ٿي هيس، تنهن چيو: “تون امتحان ۾ پاس ٿين يا نه، واپس ضرور ورجانءِ يا مون کي پاڻ وٽ گھرائي وٺجانءِ. دنيا جي سڄي دولت کان پنهنجو پيار وڌيڪ قيمتي آهي. ”
وئيءَ کلي چيس: “منهنجي ناپاس ٿيڻ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. باقي تون الڪو نه ڪر، پاڻ سدائين گڏ رهنداسين ۽ پاڻ وٽ دولت جي به کوٽ نه هوندي.”
گاديءَ واري شهر ۾ پهچي وئي پنگ چوءَ امتحان ڏنو ۽ تمام مٿاهين نمبر ۾ پاس ٿيو ۽ هن کي هڪ وڏو عهدو به ملي ويو. هن زال کي ڳوٺان گھرائڻ لاءِ نوڪر کي روانو ڪيو. پنهنجي سوڀ تي هو ايڏو ته خوش هو جو زال کي خط لکڻ مهل چرچي ڪارڻ لکي ڇڏيو:
“هتي آئون تمام گھڻي اڪيلائي محسوس ڪري رهيو آهيان، سو دل کي وندرائڻ لاءِ مون هڪ ڇوڪريءَ کي گھر ۾ ٽڪايو آهي، بس ائين سمجھه ته هوءَ منهنجي محبوبا آهي. جڏهن تون هتي پهچندينءَ ته اسان ٻئي گڏجي تنهنجو آڌرڀاءُ ڪنداسين ۽ سڀ گڏجي مزي سان رهنداسين.”
وئيءَ جي زال خط پڙهي تپرس ۾ پئجي وئي. هن نوڪر کان انت ورتو ته هن ٻڌايس ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. گھر ۾ ته ڪا به عورت ڪانه ٿي رهي. نوجوان زال مڙس جي چرچي کي سمجھي وئي. هن جواب ۾ نياپو موڪليو:
“ٺهيل ٺڪيل گھر هڪدم ڇڏڻ ڏکيو ڪم آهي، ان ڪري مون کي هفتو کن لڳي ويندو. توهان کي پنهنجي محبوبا جو پيار مبارڪ هجي ۽ توهان اهو ڄاڻي خوش ٿيندا ته منهنجي دل به تنهنجي جدائيءَ ۾ ويراڳي پئي هئي ان ڪري مون به هڪ خوبصورت نوجوان مرد سان کڻي ياري رکي ۽ هو مون سان گڏ ئي رهي ٿو. اسان ٻئي گڏ توهان وٽ پهچنداسين.”
وئي پنگ چُو خط پڙهي ڏاڍو لطف ورتو ۽ سمجھي ويو ته هن جي زال سندس چرچي جو بدلو ورتو آهي، پوءِ کليل خط ئي ميز تي ڇڏي پاڻ ڪم ۾ لڳي ويو. ايتري ۾ سندس هڪ دوست اچي نڪتو ۽ ٻئي ڪجھه دير ڳالهيون ڪندا رهيا، پوءِ وُئي چانهه آڻن لاءِ اندر ويو ته سندس دوست جون نظرون وڃي خط تي پيون. هو اهو خط پڙهي وائڙو ٿي ويو ۽ وئي جي موٽڻ تي هن پڇيس: “يار، زال جو هي خط پڙهي تون تِر جيترو به پريشان نظر نٿو اچين؟”
وئيءَ ٽهڪ ڏيندي ٻڌايس، “در اصل منهنجي زال چرچائڻ آهي، هن اهو ڀوڳ طور لکيو آهي.”
پر هن نه ٻڌايس ته پهرين پاڻ به ان قسم جو چرچو ساڻس ڪيو هو. دوست کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ چوڻ لڳو: “ڪمال آهي يار! ڀلا اشراف زالون به ڪڏهن اهڙو چرچو ڪنديون آهن؟”
وُئيءَ گھڻو ئي هن کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر دوست مطمئن نه ٿيو ۽ هن ٻين دوستن تائين به اها خبر پڄائي ڇڏي. ڳالهه ئي ڪجھه اهڙي هئي جنهن ۾ ماڻهن هرو ڀرو کڻي دلچسپي ورتي ۽ ان ۾ لوڻ مرچ وجھي هڪ ٻئي سان ڪندا رهيا. نتيجو اهو ٿيو جو وئي جي زال جو چرچو، افواهه جي شڪل ۾ سڄي شهر ۾ پکڙجي ويو. جنهن به ٻڌو ته ان کي سچ سمجهيو. ڳالهه وڌندي حڪومت جي وڏن آفيسرن جي ڪنن تائين پهچي وئي. هنن وئيءَ کي سڏايو ۽ چيو ته ڪنهن سرڪاري نوڪر يا هن جي زال کي اهڙي ڳالهه نٿي سونهين. وئي هنن کي سمجھائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر آفيسرن هڪ به نه ٻڌي ۽ وئيءَ کي سرڪاري نوڪريءَ مان نڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هڪ خصيص ڀوڳ ڪارڻ ويچاري وئيءَ کي نوڪري تان ئي هٿ ڌوئڻا پيا ۽ هن جو شاندار آئيندو اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويو .

(چيني ڪهاڻي. ليکڪ: نامعلوم)

هوءَ لائونج بار ۾ گھڙي

ڪجھه گھڙيون اها ڇوڪري اتي ئي بيٺي بخاريءَ ۾ ٻرندڙ باهه جا الا ساراهه جوڳين نگاهن سان ڏسندي رهي. پوءِ اندر بار ۾ لنگھي ويئي. هن جِن شراب ۽ ٽانڪ جو آرڊر ڏنو ۽ برف جي ڳوڙهين کي گلاس ۾ وجھي گھمائڻ لڳي. هوءَ وچولي قد جي هڪ پرڪشش ڇوڪري هئي، جنهن کي محبوبا ٺاهڻ جو خيال هر نوجوان جي دل ۾ پيدا ٿي سگھيو ٿي.
جارج ۽ آئون ماٺ ڪيو ويٺا هئاسين. اڃا تائين اسان ٻنهي مان ڪنهن به هن ڇوڪريءَ جي باري ۾ ڪو تبصرو نه ڪيو هو. اسان جون نگاهون هن ڇوڪريءَ تي ڄميل هيون. مون ٽيڏيءَ اک سان جارج ڏي ڏٺو. هن کي اکين مان ڇوڪريءَ لاءِ موه ظاهر ٿي رهيو هو. اسان چڱي دير کان ان ريسٽورنٽ ۾ ويٺل هئاسين. ڇوڪرين جي معاملي ۾ منهنجي بزدلي هاڻي مثالي سمجھي وڃڻ لڳي هئي. در اصل منهنجو نظريو ٻين سڀني کان مختلف هو. منهنجي دل چوندي هئي ته ڇوڪري پاڻ مون لاءِ هڪ ڇڪ محسوس ڪري مون ڏي هلي اچي ۽ مون کي محبوب جي حيثيت سان چونڊي. مون ۾ ايڏي همت به نه هئي جو ڪنهن ڇوڪريءَ سان مخاطب ٿي کيس پاڻ ڏي مائل ڪري سگھان.
ان وقت به ريسٽورنٽ ۾ ويٺو آئون اهو ئي سوچي رهيو هوس ته ڪاش ڪا حور پري اچي ۽ مون کانمتاثر ٿي منهنجو هٿ جھلي منهنجي ٿي وڃي.
ان موضوع تي بار ۾ ايندي ئي جارج سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڏني هيم. جارج مونکي پنهنجين بهترين اٽڪلن سان نوازيندي منهنجي ئي خرچ تي هڪ ٻئي پويان ٽي جام پي چڪو هو ۽ چوٿون هن جي سامهون رکيو هو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا ڇوڪري مون کي پسند اچي وڃي ته کيس ٻڌايان. هو منهنجي ملاقات جي ڪا نه ڪا صورت ضرور ڳولي وٺندو. منهنجيون نظرون دروازي ۾ ئي کتل هيون، جيئن ئي هڪ ڇوڪري اندر گھڙي ته آئون هن کي گھورڻ لڳس.
پوءِ جارج ڏي جھڪي چيومانس: “جارج! هيءَ ڇوڪري بلڪل اڪيلي آهي.”
جارج ڪو به جواب نه ڏيندي شراب جو گلاس کنيو ۽ هڪ ڍُڪ ڀري چَپَ اگھڻ لڳو. هن جون نگاهون گھڙي کن لاءِ به ڇوڪريءَ تان نه پئي کڄيون. منهنجو آواز ٻڌي هن ڇرڪ ڀريو ۽ ڪجھه گھڙين لاءِ هومون کي قهريلي نگاهن سان گھوريندو رهيو، پوءِ اڻ وڻندڙ لهجي ۾ چيو: “مون کي پڪ آهي ته ان ڳالهه جو تو وٽ ڪو ثبوت نه هوندو.”
“ پر جيئن ته هن سان ڪير ناهي.” مون بي وسيءَ مان چيو، “ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ اڪيلي آهي.”
“بيوقوف” جارج تجربيڪار انداز مان ڇوڪريءَ کي گھوريندي چيو “ان اڪيلائيءَ جو ثبوت اهو آهي ته جيڪڏهن هيءَ ڪنهن سان گڏ هجي ها ته پنهنجي لاءِ آرڊر هرگز نه ڏئي ها، سمجھئي”.
مون هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ظاهر آهي ڇوڪرين جي معاملي ۾ ته آءٌ صفا ڇسو هوس، جارج انهن ڳالهين ۾ تمام گھڻو قابل هو. هو سوچڻ ۽ پرکڻ ۾ ئي ماهر هو ۽ ان جو خيال شايد ئي ڪو غلط ثابت ٿيو هجي- گھٽ ۾ گھٽ ڇوڪرين جي باري ۾ سندس خيال ڪڏهن به غلط ثابت ٿيندي نه ڏٺو هو.
“ ان کان علاوه هڪ ڳالهه سوچڻ جوڳي آهي.” جارج رعبدار لهجي ۾ چيو، “ هن ڇوڪريءَ جو اڃا مڱڻو نه ٿيو آهي ۽ نه ئي هيءَ شادي شده آهي.”
“توکي ڪيئن خبر پيئي؟” مون حيرت مان پڇيو.
“هن جي آڱر ۾ ڪا به منڊي ناهي.” جارج ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو.
مون غور سان ڇوڪريءَ ڏي ڏٺو. مون کي تعجب لڳو ته ههڙي سهڻي ڇوڪريءَ کي ڇو اڃا تائين ڪنهن به پنهنجو نه ڪيو آهي- جنهن جو حسن ڏسي دل جو ڌڙڪو بي ترتيب ٿي رهيو هو. منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال پيدا ٿيو. ٿي سگھي ٿو ته هن ڇوڪريءَ طلاق ورتي هجي ۽ هن جي گھر ۾ ٻه چار ٻار به هجن ۽ انهن ٻارن جي ڪري هن سان ڪو شادي ڪرڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي.
مون جڏهن پنهنجي دل جي اڻ تڻ جارج کي ٻڌائي ته هن جي اکين مان ڪاوڙ صاف نظر اچڻ لڳي.“ منهنجو خيال آهي ته تون ان معاملي ۾ پنهنجي زبان بند رکين ته جيڪر چڱو.” هن چيو “آئون شرط لڳائي سگھان ٿو ته هيءَ ڇوڪري ڪنواري آهي ۽ سندس شادي نه ٿي آهي. هن جي عمر ٽيويهن سالنکان مٿي ناهي پر جيڪڏهن تون ان کي گھٽ سمجھين ته وڌ ۾ وڌ پنجويهه کڻي ٿينديس پر مٿي نه ۽ هيءَ ڇوڪري پاڻ ئي ڪمائي پنهنجو خرچ پکو هلائي ٿي.”
آئون ڪنڌ هيٺ ڪري سندس ڳالهيون ماٺ مٺوڙي ۾ ٻڌندو رهيس ۽ ٽيڏيءَ اک سان ڇوڪريءَ کي به ڏسندو رهيس، جنهن سان قرب جي تمنا هاڻي طوفان وانگر منهنجي دل ۾ اٿل پٿل مچائي رهي هئي.
“هيءَ ڇوڪري مردن جي دوستيءَ کي پسند ڪري ٿي.”جارج چئي رهيو هو. “ هن کي شاديءَ ۽ دوستيءَ لاءِ ڪيدرائي دفعا پيشڪش ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ به اهڙن نوجوانن جي کوٽ ناهي، جيڪي هن جي هڪ اشاري تي پنهنجو سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ تي آماده نه هجن.”
ڇوڪريءَ ان ئي مهل ڪنڌ موڙيو ۽ ان ميز ڏي ڏٺو جنهن تي اسان ويٺا هئاسين. ڇوڪريءَ جي چپن تي ڪا به مرڪ ظاهر نه ٿي، شايد هوءَ ان معاملي ۾ ضرورت کان وڌيڪ ئي ذهين هئي. مون هڪ ڳالهه جيتوڻيڪ هن جي اکين مان محسوس ڪري ورتي ته هن جي، ڏسڻ جو نمونو اهڙو هو ڄڻ هوءَ جائزو وٺي رهي هجي ته جيڪي ڪجھه اسان ڏٺو اهو اسان کي وڻيو آهي يا نه؟
“مون کي يقين آهي ته هيءَ ڇوڪري تنهنجي مرداني شڪل صورت کان متاثر ٿي آهي.” جارج چيو ۽ هڪ ئي ڍُڪ ۾ گلاس خالي ڪري چيو. “چڱو پنهنجو گلاس کڻ ۽ خالي ڪري ٻه ٻيا جام وٺي اچ.”
“پر جارج!” مون ضد ڪيو. “آئون هيستائين ڏاڍو خرچ ڪري چڪو آهيان.”
“تنهنجي خيال ۾ منهنجو مٿو ڦريو آهي ڇا؟” جارج اکيون ڪڍيون، “آئون تنهنجي مونجھاري جون ڳنڍيون کولي رهيو آهيان ۽ توکي ته خبر آهي ته شراب بنا آئون بنهه سوچي نٿو سگھان.” هن مونکي سمجھائڻ واري انداز ۾ چيو، “ٻڌ، هي تنهنجي لاءِ هڪ سونهري موقعو آهي. جلدي بار ڏي وڃ ۽ هن سان وڃي ڳالهه ٻولهه ڪر، تون ضرور سوڀارو ٿيندين.”
مون چيو، “ائين چوڻ ته سولو آهي پر ان تي عمل ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، جارج! تو اڳيان اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي ڇو جو تون ڪيترين ئي عوتن سان ملي چڪو آهين. مون لاءِ هي پهريون خوشگوار حادثو ٿيندو. آئون نٿو چاهيان ته هي ڪم هڪ ناخوشگوار نتيجي جي روپ ۾ منهنجي سامهون اچي. مون کي هونءَ تنهنجي راءِ سان اختلاف ناهي ڇو ته تون تجربيڪار آهين ۽ توکي ته هن وقت به ڏهن کان مٿي دوست ڇوڪريون آهن.”
“صحيح آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن ڇوڪريءَ کي تنهنجي لاءِ ڇڏي رهيو آهيان.” جارج وڏي دل سان چيو، “منهنجو گلاس کڻ ۽ بار ڏي هليو وڃ. جيڪڏهن تون ڳالهين ۾ ائين ئي وقت وڃائيندو رهندين ته هيءَ ڇوڪري پنهنجو گلاس خالي ڪري هتان رواني ٿي ويندي ۽ تون افسوس کان هٿ مهٽيندو رهندين.”
“پر جارج هي ته هڪ ڏکيو ڪم آهي.” مون گھٻرائيندي چيو.
“ٻڌ، توکي فقط ايترو ڪرڻو آهي ته ڪنهن طرح هن تي ٿورو شراب هار، ان کانپوءِ هڪدم عاجزيءَ مان هن کان معافي وٺي ڪپڙن ڌئارڻ جي خرچ جي پيشڪش ڪر. ٿي سگھي ٿو ته ڇوڪري ان ڳالهه تي آماده ٿي وڃي ۽ تون پنهنجي گاڏيءَ ۾هن کي گھر تائين ڇڏي اچين. بس پوءِ ٻيو توکي ڇا کپي! رستي تي هوءَ پاڻهي توسان پنهنجو حال اوريندي.”
مون هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. اها ترڪيب ڪجھه دل سان لڳي.
جارج زور ڀريندي چيو، “رستي ۾ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي هن کي کلائڻ جي ڪوشش ڪجانءِ ۽ آئيندي جي ملاقات جو وقت وٺڻ نه وسارجانءِ. چڱو هاڻ اٿ ۽ جلدي وڃي پنهنجي ڪم کي لڳ نه ته سڄي ڄمار افسوس ڪندو رهندين.”
“پر منهنجي وڃڻ کانپوءِ تون اڪيلو ڇا ڪندين؟”
“منهنجي اون نه ڪر، آئون هليو ويندس. منهنجي ڪار به ٻاهر بيٺي آهي. تون پوءِ آفيس موٽڻ تي مون کي سربستو احوال ڏجانءِ. پر آئون وڃڻ کان اڳ هڪ جام اڃا پيئڻ چاهيان ٿو.”
“چڱو ڀلا، آئون تو لاءِ به هڪ جام وٺي ٿو اچان.” موناها ڳالهه به قبول ڪئي مانس.
آئون ڏڪندڙ ٽنگن سان بار ڏي وڌيس. منهنجو هڪ هڪ پير مڻ تور جو لڳي رهيو هو. وک وک تي ٿڙي رهيو هوس. پاڻ سنڀالڻ جا وڏا وس ڪيم پر سوڀارو نه ٿي سگھيس. نگاهون پري ڪرڻ جي باوجود ڇوڪريءَ ۾ کتيون رهيون. آئون هن جي سهڻي نڪ ۽ چلڪندڙ ڳاڙهن چپن جي دل ئي دل ۾ واکاڻ ڪري رهيو هوس ۽ ڪائونٽر ڏي ائين وڌي رهيو هوس، جيئن ڪا چقمقي طاقت مون کي پاڻ ڏي ڇڪي رهي هجي.
جڏهن مون کي احساس ٿيو ته ڪنهن ڇوڪريءَ کي اهڙيءَ طرح گھورڻ غير اخلاقي ڳالهه آهي ته مون نظرون کڻي هيٺ جھڪايون ۽ ٻئي طريقي سان کيس ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. هوءَ مون کي ڪائونٽر جي پويان لڳل آرسيءَ ۾ پڻ نظر اچي رهي هئي، آرسيءَ ۾ اسان جون اکيون چار ٿيون. هن جي چپن تي حواس خطا ڪندڙ مرڪ هئي. منهنجو بدن پگھر ۾ شل ٿي ويو هو، جنهن مان صاف ظاهر هو ته هوءِ منهنجي ارادي کان واقف ٿي چڪي هئي.
مون ٻن گلاسن جو آرڊر ڏنو ۽ بارٽينڊر ان ئي وقت انهن کي ڀري مون ڏي ريڙهيو. هاڻ فيصلي ڪرڻ جو وقت مٿي تي اچي پهتو هو. مون گلاس کنيا ۽ اڇل سان ڇوڪريءَ ڏي مڙيس. ڄڻ هن جي اڳيان لنگھي ٻئي پاسي وڃڻ ٿو چاهيان. ان کان اڳ جو آئون ڄاڻي واڻي هن جي مٿان شراب هاريان، منهنجو پير ترڪي ويو ۽ ڇوڪريءَ جي اسٽول سان وڃي لڳس. ٻنهي گلاسن ۾ جيڪو شراب هو اهو ماڳهين منهنجي مٿان هارجي ويو.
هوءِ ته پسڻ کان بچي وئي پر آئون ان ليمي وانگر ٿي ويس، جنهن کي نپوڙڻ سان رس جا وڏا وڏا ڦڙا ٽمندا آهن، ڪوٽ جي پوئين حصي کان وٺي گوڏن تائين منهنجو سوٽ پُسي ويو.
ڇوڪريءَ هڪ ڊگھو ساهه کنيو ۽ اسٽول تانٽپ ڏيئي هيٺ لٿي. “مون کي افسوس آهي،” هن چيو، “ڇا هي منهنجي ڪري ٿيو؟”
منهنجا ڪن جارج جي ڊگھن ساهن جو آواز ٻڌي رهيا هئا. مون هن جي موجودگيءَ جي احساس مان همت حاصل ڪندي هڪدم چيو: “نه بلڪل نه، ان ۾ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه، ڪڏهن ڪڏهن مون کان اهڙيون بيوقوفيون ٿي وينديون آهن.”
“توهان کي شراب هيڏانهن هوڏانهن هار وير ڪرڻبدران استعمال ڪرڻ کپي، سائين.“بارٽينڊر مرڪندي چيو ۽ رومال مون ڏي وڌائي ڪائونٽر جو تختو مٿي کنيو: “ هتان لنگھي پٺيان وڃ ۽ آرام سان پنهنجن ڪپڙن کي نپوڙي سڪائي وٺ.”
مون ڇوڪريءَ ڏي ڏٺو. هن ائين ڪرڻ لاءِ ڪنڌ ڌوڻيو. مون هڪ چئيوان ٻار وانگر پٺئين پاسي جو رخ ڪيو ۽ ڪپڙا سڪائڻ ۾ لڳي ويس. ڏهن منٽن کانپوءِ آئون بار ۾ واپس آيس ته ڇوڪري اسٽول تي ويٺل نه هئي، مون سوالي نگاهن سان بارٽينڊر ڏي ڏٺو.
“توهان جي وڃڻ کانپوءِ هو توهان جو دوست ڇوڪريءَ وٽ آيو هو. هن کيس سندس گھر تائين ڇڏي اچڻ لاءِ پيشڪش ڪئي، جيڪا ڇوڪريءَ خوشيءَ سان قبول ڪئي. منهنجي خيال ۾ هن وقت ٻئي ڄڻا ڪار ۾ ڇوڪريءَ جي گھر ڏي وڃي رهيا هوندا.”

(ليکڪ: گراهم پين، آسٽريليا).

ڪوڙ ۽ حقيقت

جارج ۽ آئون جڏهن درياء جي ڪناري تي ٻڌل هڪ ڳوٺ ۾ رهيل هئاسين ته شام جا پاڇا ڊگھا ٿي رهيا هئا ۽ سج جا نرم ڪرڻا ڌرتيءَ جي پيشانيءَ تي الوداعي چميون ڏئي رهيا هئا. مسافر خانو بلڪل خالي هو فقط هڪ پوڙهي ماڻهوءَ حقو ويٺي ڇڪيو. جارج ۽ آئون ان پوڙهي جي ڀر ۾ وڃي ويٺاسين. درياءَ جو سير ڪندي جيڪڏهن شام جيوقت توهان ڪنهن اهڙي سراءِ ۾ وڃي نڪرو ته اتي توهان کي ڪيترائي ماڻهو نظر ايندا، جن سان ڪچهري ڪري توهان کي مزو اچي ويندو. جھٽ پٽ توهان سان رلي ملي اهڙيون آکاڻيون ۽ قصا ٻڌائڻ شروع ڪندا جو توهان خوش ٿي ويندا.
هن پوڙهي همراهه کي جڏهن اها خبر پيئي ته اسان هن ڳوٺ ۾ بلڪل نوان آهيون ته هو اهو ٻڌي مرڪيو ۽ اسان کي هن ڳوٺ بابت ٻڌائڻ لڳو. پوڙهي ڳالهائڻ بس ڪيو ته مون مسافرخاني جي ڪمري جو جائزو ورتو ۽ پوءِ اوچتو منهنجي نظر هڪ مٽي لڳل شيشي جي صندوق تي پيئي، جيڪا چلهه واري بخاريءَ جي مٿان رکي هئي، ۽ جنهن جي اندر هڪ سهڻي مڇي تري رهي هئي.
مڇيءَ کي ڏسي مون کي هڪ عجيبخوشيءَ جواحساس ٿيو. هيءَ هڪ تمام وڏي ٽرائوٽ مڇي هئي. پوڙهي منهنجين نگاهن ڏي ڏٺو ۽ مرڪندي چيو:
“ٽرائوٽ مڇي ڪيڏي نه سٺي شيءِ آهي.”
مون ٽرائوٽ مڇيءَ ڏي نهاريندي ئي وراڻيو: “ها سچ پچ ڪيتري نه سهڻي آهي هيءَ.”
جارج وچ مان ڳالهه کي ڪٽنيدي پوڙهي همراهه کان پڇيو: “هن جو وزن ڇاٿو سمجھين ته ڪيترو هوندو.؟”
پوڙهو ٿوري دير سوچي چوڻ لڳو: “ذري گھٽ ارڙهن پائونڊ ڇهه اونس تور ٿيندس.” هن وڌيڪ ٻڌايو: “هن مڇيءَ کي مون سورهن سال اڳ ڦاسايو هو. ڳوٺ جي ڪجھه ماڻهن مون کي ان بابت ٻڌايو هو ته درياءَ ۾ هڪ ٽرائوٽ موجود آهي. مون هنن کي چيو هو ته آئون ان کي ضرور ڦاسائيندس، ۽ پوءِ مون هن کي هڪ ٻي ننڍڙي مڇيءَ سان گڏ پل وٽ ويجھو جھليو هو. ماڻهن کي منهنجي هن ڪارنامي تي تمام گھڻي حيرت ٿي هئي ۽ ههڙي وڏي ۽ سهڻي مڇي ڏسي حيران ٿي ويا هئا. اڄ به توهان کي هيڏي مڇي گھٽ ئي نظر ايندي.” اهو چئي پوڙهو ماٺ ٿي ويو ۽ پوءِ اٿندي چيو: “چڱو هاڻ موڪلايان ٿو.” ۽ هو سراءِ مان ٻاهر نڪري ويو.
هاڻ سراءِ ۾ جارج ۽ آئون وري اڪيلا هئاسين،هڪ دفعو وري اسان جون نگاهون هن مڇيءَ تي ڄمي ويون. هوءَ واقعي هڪ سهڻي ٽرائوٽ مڇي هئي. اسان اڃا ان کي ڏسي رهيا هئاسين ته سامان ڍوئڻوارو هڪ مزور ان سراءِ ۾ گھڙيو ۽ ايندي ئي ٽرائوٽ مڇيءَ جي دٻي وٽ وڃي بيٺو. جارج هن ڏي مخاطب ٿيندي چيو: “هيءَ ٽرائوٽ چڱي وڏي ٿي لڳي.”
هو ماڻهو جارج ڏي مُڙيو ۽ چيائين: “ها! توهان ائين چئي سگھو ٿا. پر سائين جڏهن هيءَ مڇي مون جھلي هئي ته شايد توهان ان وقت هتي نه هئائو؟”
جارج چيو: “اسان اڄ ئي هن ڳوٺ ۾ آيا آهيون.”
هن همراهه مرڪندي چيو: “پوءِ ته واقعي توهان کي ڪهڙي ڄاڻ. اٽڪل پنج سال اڳ مون ان ٽرائوٽ کي ڦاسايو هو. ان وقت هيءَ ايڏي وڏي نه هئي.”
مون ۽ جارج اچرج مان هن ماڻهوءَ ڏي ڏٺو. جارج پوءِ حيرت مان پڇيس: “هن کي توهان ڦاسايو هو؟”
هن همراهه وراڻيو: “ها دوستو! مون هن کي ٻيڙين جي گھاٽ وٽ جھليو هو. مزي جي ڳالهه اها آهي ته مون هن کي ڪينئين (bait)ذريعي ڪنڍيءَ ۾ ڦاسايو هو. اهو شايد آچر جو ڏينهن هو۽ آئون در اصل پاتڪ مڇي ڦاسائڻ لاءِ درياءَ تي ويو هوس. ان وقت منهنجي دل ۾ ٽرائوٽ مڇيءَ جو خواب خيال به نه هو. جڏهن مون ڇڪ محسوس ڪري، ڏوريءَ کي پاڻ ڏي ڇڪيو ته ان ۾ ٽرائوٽ کي ڦٿڪندو ڏسي وائڙو ٿي ويو هوس. هن جو وزن اٽڪل پنجويهه پائونڊ هو. اوچتو هيڏي وڏي مڇي ڦاسڻ تي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي.” اهو چئي هو ماٺ ٿي ويو ۽ پوءِ دروازي وٽ وڃي چوڻ لڳو: “چڱو يارو هاڻ خدا حافظ آئون هلان ٿو.”
جارج ۽ مون شڪي نگاهن سان هڪ ٻئي ڏي ڏسي مرڪيو ۽ وري ٽرائوٽ مڇيءَ ڏي ڌيان ڏنو.
ٿوري دير گذري ته هڪ ٻيو همراهه سراءِ ۾ داخل ٿيو. ڪجھه دير بعد هن اسان کي ٻڌايو ته ڪيئن هن هڪ صبح جو هيءَ مڇي ڦاسائي هئي. هُن هن مڇيءَ کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪنڍيءَ ۾ هڪ اڇي رنگ جي مڇي وڌي هئي. ان کانپوءِ هو به پنهنجين ڳالهين سان اسان کي حيرت ۾ وجھي هليو ويو.
هن جي وڃڻ کانپوءِ هڪ ڳنڀير طبيعت جو اڌڙوٽ عمر جو همراهه مسافر خاني ۾ داخل ٿيو ۽ دريءَ واري ڪنڊ ۾ رکيل ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. آءٌ ۽ جارج پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ گم ان عجيب ٽرائوٽ جي باري ۾ سوچي رهيا هئاسين، جنهن جا اڃا تائين ٽي دعويدار پيدا ٿي چڪا هئا. اوچتو جارج ان اڌڙوٽ قسم جي همراهه ڏي نهاري هن کي چيو: “معاف ڪجو، اسان کي اميد آهي ته توهان اسان پرديسين جي ڳالهه دل ۾ نه ڪندا. در اصل اسان اهو پڇڻ ٿا چاهيون ته توهان هن ٽرائوٽ مڇيءَ کي درياءَ مان ڪيئن ڦاسايو.”
ان ماڻهوءَ حيرت مان چيو: “ڇو؟ توهان کي ڪنهن به نه ٻڌايو آهي ته مون هيءَ ٽرائوٽ مڇي ڪيئن ڦاسائي هئي.”
ٿوري جھٽ لاءِ اسان گھٻرائجي وياسين پر پوءِ مون آهستي چيو: “نه نه، اسان کي ڪنهن ڪجھه نه ٻڌايو آهي پر اسان کي اميد آهي ته هيءَ مڇي توهان ئي ڦاسائي هوندي.”
هن همراهه کلندي وراڻيو: “توهان بلڪل صحيح ٿا چئو، توهان جو خيال بلڪل صحيح آهي ته هيءَ مڇي مون ڦاسائي آهي. ذري گھٽ اڌ ڪلاڪ جي هڻ هڻان کانپوءِ هن مڇيءَ کي مون جھلي ورتو هو. هن کي ڦاسائيندي منهنجو لڪڻ به ڀڄي پيو هو. وڏي مصيبت سان هن مڇيءَ کي مون گھر تائين آندو هو. جڏهن مون هن جو وزن ڪيو ته اٽڪل چوٽيهه پائونڊ ٿيو هو.”
ڪجھه دير بعد هي پوڙهو مڙس به پنهنجي جاءِ تان اٿي ٻاهر هليو ويو. هن جي ٻاهر ويندي ئي اسان کل ۾ ٻڏي وياسين. ڪهڙا ته هي عجيب ماڻهو هئا.
ٿوري دير بعد مسافر خاني جو مالڪ اندر داخل ٿيو. اسان جڏهن کيس ان ٽرائوٽ مڇيءَ بابت ڳالهيون ٻڌايون ته اهي ٻڌي هو ڏاڍو محظوظ ٿيو. “چئبو ته اهي ماڻهو توهان کي ٻڌائي ويا آهن ته اها مڇي هنن جھلي آهي. واهه سائين واهه!” مالڪ هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو. “مزي جي ڳالهه اها ته هنن اها مڇي ڦاسائي پاڻ وٽ رکڻ بدران مون کي ڏئي ويا. ائين نه؟ واهه سائين واهه!” هو وري ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.
ڪجھه دير کانپوءِ هن اسان کي ٽرائوٽ مڇيءَ جي حقيقت ٻڌائي. خبر پئي ته هن پاڻ اها مڇي ڦاسائي هئي.ڪيترا سال اڳ جڏهن هو اڃا ننڍو هو، تڏهن جي ڳالهه آهي. ان مڇيءَ کي ڦاسائڻ ۾ هن کي ڪنهن خاص ڪاريگري يا اٽڪل جو مظاهرو ڪرڻو نه پيو هو. پر هوءَ پاڻهي اچي سندس ڄار ۾ ڦاٿي هئي. ان ڏينهن هو ائين ئي اس ۾ رلي پني اچي درياءَ جي ڪناري تي هڪ وڻ هيٺان ويٺو هو جنهن سان هن ڄاريءَ کي ٻڌو هو. هن ٻڌايو ته هن مڇي ڦاسائڻ تي سڄي ڳوٺ جي ماڻهن هن جي واکاڻ ڪئي هئي ۽ مبارڪ ڏني هئي.
جارج ۽ آئون ان مڇيءَ کي وري غور سان ڏسڻ لڳاسين ته عجيب ٽرائوٽ هئي. اسان جيترو هن کي گھوري ٿي ڏٺو، ايترو ئي اسان کي تعجب ٿي لڳو. جارج ته محو ٿي ويو جو اسٽول ريڙهي ان کي ويجھڙائيءَ کان ڏسڻ لڳو.
پوءِ اوچتو جارج جو پير اسٽول تان ترڪي ويو ۽ هيٺ وڃي ڦهڪو ڪيائين. جارج پاڻ کي بچائڻ لاءِ جھڙو مڇيءَ وارو دٻو جھليو ته اهو به اچي هيٺ ڪريو. آءٌ لُوهه پائي ان دٻي ڏي وڌيس ته متان ههڙي سهڻي مڇيءَ کي ڪجھه ٿي پوي.
پر ان مڇيءَ کي نقصان رسڻو هو سو رسيو. ٽرائوٽ مڇي فرش تي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پکڙجي وئي. حيرت ۽ اچرج جي ڳالهه ٿي! هڪ جيئري مڇي ائين ڀور ڀور ٿي وڃي! پر ڳالهه تڏهن حيرت ۽ اچرج جي لڳي ها جيڪڏهن هيءَ ٽرائوٽ مڇي واقعي جيئري هجي ها. پر هيءَ ته جيئري مڇي نه هئي. هيءَ ٽرائوٽ مڇي ته پلاسٽڪ آف پئرس واري چُن جي ٺهيل هئي!!

(ليکڪ: جيروم ڪي جيروم، آمريڪا)

جنت جي حقيقت

پيني آهستي آهستي ڏاڪڻيون چڙهي پنهنجي ننڍڙي ڪمري ۾ بيڊ جي غير آرامده ڪرسيءَ تي ويهي رهي. “آئون تنگ ٿي پئي آهيان، بيزار ٿي پئي آهيان.” هن ڊگھو ساهه کڻي وڏي آواز ۾ چيو.
مڃڻ کپي ته جنهن اداس حالت ۾ هوءَ رهي ٿي ان ۾ هن جو بيزار ٿيڻ ڪا نرالي ڳالهه نه هئي. هن جو پيءُ سفولڪ هڪ ڏورانهين علائقي “ميگنا” جو پادري هو. هي ننڍڙو ڳوٺڙو هڪ گرجا گھر، پادريءَ جي گھر، ٽپال گھر ۽ شراب خاني کان علاوه ڏهن ٻارهن جھوپڙين جو جھڳٽو هو. اتي هڪ پراڻي زماني جي ٺهيل حويلي به هئي. ان زماني ۾، ٻاهر جي دنيا سان هن ڳوٺ جو واحد رابطو هڪ کٽارو بس هئي، جيڪا هفتي ۾ ٽي دفعا “پاروا” ڳوٺ تائين ويندي هئي، جيڪو پينيءَ جي ڳوٺ “ميگنا” جي مقابلي ۾ وڏو هو، ڇو جو هن ۾ هڪ ريلوي اسٽيشن پڻ هئي. چيو ويندو هو ته خدا جي فضل سان ڊگھي عمر ماڻڻ وارا ڳوٺاڻا هڪ ڏينهن هن اسٽيشن تان گاڏي جھلي لورپول اسٽريٽ پهچڻ جي اميد رکي سگھياٿي.
پينيءَ جو پيءُ پنج سال کن اڳ رنڙ ٿي چڪو هو. هن قسم جي جنس اڄڪلهه گھٽ ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هڪ ننڍي گرجا گھر جو ڪٽر قسم جو پادري جنهن کي هر قسم جي تفريح سان گڏ خدا واسطي جو وير هو، جو خيال هو ته هن جي زال هڪ مثالي عورت هئي- اطاعت گذار، صابر ۽ ڳوٺ جي مالهن جي اڻٿڪ مدد ڪرڻ واري. پنهنجي ڌيءُ پيني کان هن به اها ئي اميد رکي ٿي ته هوءَ به اکيون بند ڪري پنهنجي جنتي ماءُ جي نقش قدم تي هلندي رهي. جان ڇٽڻ جي ڪا صورت نه ڏسي هوءَ ويچاري هر وقت ڪوشش ۾ لڳي رهي ٿي. هر تهوار تي هن گرجا گھر کي سجايو ٿي. مائرن جي عبادت جو اهتمام ڪيو ٿي. پوڙهين عورتن جي ڏک سک ۽ اگھائي سگھائي جو حال احوال وٺڻ لاءِ هنن وٽ پهچي وئي ٿي. گرجا گھر جي نگھباني ڪرڻ واري کي پنهنجو ڪم نه ڪندو ڏسي دڙڪو دامان ڪيو ٿي. باقي خوشين جي هڪ ڇيت به سندس ڪکاڻين گهر ۾ داخل نه ٿي هئي. پادري صاحب عورتن جي هار سينگار کي سخت ناپسند ڪيو ٿي. ان ڪري هيءَ غريب هميشه اوني جورابن ۽ سادي ڪوٽ ۾ ڍڪجيو پئي هلي. سندس ڪوٽ ڪنهن زماني ۾ ضرور نئون هوندو پر هاڻ هن جي حالت ضعيف ٿي رهي هئي. هن وارن کي ڇڪي چوٽي ٺاهي ٿي. ڳهه ڳٺي جي ته ڳالهه ئي ڪرڻ اجائي آهي ڇو ته هن جي پيءُ جي راءِ مطابق اهي شيون سڌو دوزخ جي دروازي تائين پهچائين ٿيون. صبح جي وقت هڪ عورت ٻه ڪلاڪ کن گھر جي ڪم ۾ هن جي مدد ڪئي ٿي پر ماني ٺاهڻ ۽ گھر جو ڪم ڪار هن کي پاڻ ڪرڻو پيو ٿي. ان کان علاوه پنهنجي تڪ ۾ اهي سڀ ڪم به هن کي ڪرڻا پيا ٿي جيڪي عام طور تي هڪ پادريءَ جي زال کي ڪرڻا پوندا آهن. پينيءَ ڪيترائي دفعا آزادي حاصل ڪرڻ جي جهڙي تهڙي ڪوشش ڪئي پر ڪجھه حاصل نه ٿي سگھيس. هن جي پيءُ ڪنهن نه ڪنهن مذهبي ڪتاب جو حوالو ڏيئي ثابت ڪيو ٿي ته هن جون خواهشون ناپاڪ آهن. هو خاص ڪري تذڪره الاولياء جو وڏو مداح هو، جيتوڻيڪ هڪ ساهه ۾ اهو به چوندو هو ته ان ڪتاب جو ايمان ۽ عقيدي سان ڪو واسطو ناهي. البت پنهنجي نفس کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ اهو هڪ مفيد ڪتاب آهي. ماءُ جي موت کان ڪجھه عرصو پوءِ سندن ڳوٺ ميگان ۾ هڪ سرڪس آئي. پينيءَ پنهنجي پيءُ کان سرڪس ڏسڻ جي موڪل گھري. هڪدم جواب مليو: “اهي جيڪي برائيءَ کان مستي حاصل ڪن ٿا، سخت عذاب جا مستحق قرار ڏنا ويندا ۽ برائيءَ کان پلاند بچائڻ وارن کي وڏو ثواب ملندو.” هڪ دفعي ڳوٺ ۾ اها خبر هُلي وئي ته پينيءَ رستو پڇڻ واري هڪ سائيڪل سوار سان ڳالهايو. هن جي پيءُ کي اهو ٻڌي سخت صدمو ٿيو. “جيڪا ڇوڪري دلير ٿئي ٿي اها پنهنجي پيءُ ۽ مڙس جي لاءِ خواريءَ جو سبب بڻجي ٿي ۽ اهي ٻئي هن تي لعنت ڦٽڪار ڪندا.” پينيءَ سخت احتجاج ڪيو ته سائيڪل سوار سان هن جي ڳالهه ٻول نهايت ئي ضرور هئي. جواب مليس ته جيڪڏهن هوءَ پنهنجا افعال نه سڌاريندي ته کيس ڳوٺ ۾ اڪيلي نڪرڻ تي پابندي لڳائي ويندي ۽ ان سان گڏ کيس تذڪره مان حوالو پڙهي ٻڌايو ويو : “جيڪڏهن ڇوڪري حيا جو دامن ڇڏي ڏي ته ان سان سختي ڪريو ڇو جو ائين نه ٿئي ته هوءَ پنهنجي عصمت وڃائي ڇڏي.”
موسيقيءَ جي شوقين پينيءَ گھر ۾ هڪ پيانو رکڻ چاهيو ٿي پر پادري صاحب تذڪره اولياء جي حوالي سان هن کي جواب ۽ وڏي سزا جو حقدار قرار ڏنو. “موسيقي ۽ شراب دل کي لڀائين ٿا پر علم جي محبت انهن سڀني کان اتم ۽ اعليٰ آهي.” هو هر وقت اهڙيون ڳالهيون ڪندو رهيو ٿي جنهن مان لڳو ٿي ته هن کي پنهنجي ڌيءُ جو فڪر ڳاري رهيو آهي. چوندو هو: “ڌيءَ جو فڪر پيءُ جون ننڊون حرام ڪريو ڇڏي پر ڪنهن کي خبر نٿي پوي... عورت وٽ برائي ائين پهچي ٿي جيئن بند ڪپڙن ۾ تٿو ڪپڙي ۾ سوراخ ڪري سڄي وڳي جي ستياناس ڪريو ڇڏي.”
ماءُ جي موت کانپوءِ پنجن سالن تائين هي اذيتون سهندي سهندي هن جي قوتِ برداشت جواب ڏئي رهي هئي. آخر جڏهن هوءَ ويهن سالن جي ٿي ته هن جي پڃري ۾ ڄڻ ڪا دري کلي وئي. ڳوٺ جي حويلي جيڪا سالن کان خالي پئي هئي ان ۾ هاڻ حويليءَ جي مالڪڻ “مسز مين ٽيٽ” اچي آباد ٿي. مسز مين ٽيٽ آمريڪا ۾ پيدا ٿي هئي. هن جو مڙس مشرقي انگلينڊ جي دلدل مان تنگ ٿي سلون هليو ويو هو. مسز مين ٽيٽ پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ حويلي کي مسواڙ تي ڏيڻ لاءِ سلون کان واپس آئي هئي. هيءَ زنده دل، ويس وڳن واري ۽ ماڻهن سان آزاد نموني ڳالهائڻ واري عورت ڀلا پادريءَ کي ڪيئن ٿي پسند اچي سگھي- پر حويليءَ وارن گرجا گھر لاءِ سڀ کان گھڻو چندو ڏنو ٿي. بهرحال هن تذڪره مان ان مفهوم جو هڪ جملو ڳولي ورتو ته مالدار ماڻهن کي ناراض نه ڪرڻ کپي. اهڙيءَ طرح پينيءَ کي هن شاندار عورت سان اٿڻ ويهڻ جي موڪل ملي وئي.
پيني ڪمري ۾ ويٺي پنهنجي بوريت تي ڳوڙها ڳاڙيا ته گھر جو ڪٽيل ڪڙو در تي لڳو. در تي مسز مين ٽيٽ بيٺي هئي، همدرديءَ جا ٻه لفظ ٻڌي پينيءَ حويليءَ جي مالڪڻ اڳيان پنهنجو اندر کولي رکيو. مسز مين ٽيٽ ڏاڍو متاثر ٿي. ڇوڪريءَ کي اونهين نظرن سان ڏسندي هن پينيءَ ۾ اهي نقش ڏسي ورتا، جيڪي سڄي تڪ جي ماڻهن جي ذهن ۾ به نه آيا هوندا. “منهنجي پياري پيني، ڇا توکي احساس به آهي ته تون ٿوري ئي ڪوشش سان ڪيڏي آفت جي حسينا ٿي سگھين ٿي؟”
“ڇڏ مسز مين ٽيٽ توهان ته مون تان چرچا ڪري رهيون آهيو.”
“سچ ته آئون چرچو نه پئي ڪريان. جيڪڏهن پاڻ ڪنهن طرح تنهنجي پيءُ کي مڃائي وٺون ته پوءِ آئون توکي ثابت ڪري ڏيکارينديس.”
ٿوري خبر چار ڪرڻ سان منصوبو تيار ٿي ويو. ايتري ۾ پادري صاحب به اچي نڪتو، جنهن کي ڏسندي مسز مين ٽيٽ چيو:
“سر! ڇا توهان هڪ ڏينهن لاءِ پنهنجي ڌيءَ کي مون سان گڏ هلڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهو؟ مون کي ڀر واري شهر ۾ ڪيترائي ڪم آهن، جيڪڏهن آئون اڪيلي وينديس ته وقت گذارڻ ڏکيو ٿي پوندو. توهان جي مهرباني ٿيندي، جيڪڏهن توهان پنهنجي ڌيءَ کي ڪار ۾ مون سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏيو.”
پادري پهرين مُنجھي پيو پر ڪجھه مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري هن کان موڪل ورتي وئي. آخر اهو ڏينهن به اچي نڪتو. پينيءَ جي خوشي سنڀالڻ سان به نه پئي سنڀالي.
“تنهنجو پيءَ” مسز مين ٽيٽ چيو. “هڪ کڳ جي بلا آهي پر تون ڏسجانءِ ته آئون توکي ان مصيبت کان نجات ڏياري پوءِ ساهه پٽينديس. شهر پهچي توکي مٿي کان پيرن تائين بهترين لباس پارائينديس، ڍنگ سان تنهنجا وار ٺهرائينديس. تون خود پنهنجو پاڻ کي ڏسي حيران ٿي ويندينءَ.”
شهر پهچي ائين ئي ٿيو. بيوٽي پارلر ۽ بوتيڪ شاپ بعد پيني جڏهن آرسيءَ جي سامهون ٿي بيٺي ته هن کي پنهنجين اکين تي يقين نه پئي آيو. “ڇا هيءَ واقعي آئون پاڻ آهيان؟” نئين سڪي جهڙي چمڪ هئي، سندس عڪس ۾. هن کي پنهنجو پاڻ سان چاهت ٿي رهي هئي. نت نون جذبن جو ڄڻ وهڪرو وهي رهيو هو. نون خوابن کي حاصل ڪري هن فيصلو ڪيو ته ماضيءَ جي بي روح ۽ هڻ هڻا واري زندگيءَ مان هر قيمت تي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي، پر ڪيئن؟ اها هڪ وڏي سوال جي نشاني هئي.
اڃا هوءَ انهن خيالن ۾ ٻڏل هئي ته مسز مين ٽيٽ کيس ريسٽورنٽ ۾ ڪجھه کارائڻ لاءِ وٺي آئي. ٽيبل تي رکيل اخبار کي ڏسي هن کي ڪو خيال آيو ۽ مسز مين ٽيٽ کي چيو: “توهان مون لاءِ هيترو ڪجھه ڪري رهيون آهيو، ان ڪري هاڻ وڌيڪ چوندي به مون کي شرم ٿو اچي. خوبصورتيءَ جو ڪهڙو فائدو جيڪڏهن مون کي ڪو ڏسڻ وارو ئي نه هجي. پنهنجي ڳوٺ ميگنا ۾ ته سڄو سڄو سال گذريو وڃي جو ڪو نئون ماڻهو نظر نٿو اچي. ڇا توهان مون کي اخبار ۾ اشتهار ڏيڻ لاءِ پنهنجي حويليءَ جي ائڊريس استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏينديون. جيئن اتي مناسب اميدوارن سان ملاقات ڪري سگھان.” مسز مين ٽيٽ کي هاڻ هن راند ۾ مزو اچي رهيو هو. هوءَ يڪدم رضامند ٿي وئي ۽ ٻنهي گڏجي هي اشتهار تيار ڪيو.
“هڪ نوجوان نينگري، تمام گھڻي سهڻي، بي داغ عصمت، ڳوٺاڻي ماحول ۾ پليل شاديءَ لاءِ گھوٽ جي چونڊ ڪرڻ چاهي ٿي. خواهشمند نوجوان لهه وچڙه ۾ اچن. اميدوار پنهنجي هڪ خوبصورت تصوير ضرور موڪلين. موزون اميدوار کي ڇوڪريءَ جي تصوير به موڪلي ويندي. ائڊريس: مسز “پي” ، ميمنور هائوس، ميگنا. (نوٽ: پادري حضرات رابطي جي زحمت نه ڪن.”).
اشتهار روانو ڪري هن هڪ سهڻي پوز ۾ تصوير ڪڍرائي ۽ پوءِ حويليءَ ۾ اچي نوان ڪپڙا لاهي پراڻا پاتا. مسز مين ٽيٽ ان واعدي تي نوان ڪپڙا رکي ڇڏيا ته جيئن اميدوار سان ملڻ وقت پيني پائي سگھي. ان بعد هوءَ گھر ڏي رواني ٿي.
گھر پهچي پينيءَ پنهنجي منهن تي ساڳي پراڻي اداسي طاري ڪئي ۽ پيءَ کي ٻڌايو ته حويليءَ جي مالڪڻ سان سڄو ڏينهن وڪيلن ۽ گهر خريد ڪرڻ وارن دلالن جي آفيسن ۾ ڌڪا کائي کائي هوءَ سخت بور ٿي آهي.
“پيني توکي اهو سوچڻ نه کپي.” پادريءَ کيس تنبيهه ڪندي چيو. “تون مسز مين ٽيٽ جي مدد ڪري رهي هئينءَ ته نيڪ ماڻهو ڪنهن جي مدد ڪندي بور نه ٿيندا آهن.” پيني مناسب مسڪين منهن ٺاهي پڻس جي نصيحت قبول ڪئي ۽ وڏي صبر سان اشتهار جي جواب ۾ ايندڙ خطن جو انتظار ڪرڻ لڳي.
پينيءَ جي اشتهار جي جواب ۾ ڪيترن ئي قسمن جا خط آيا. ڪجھه خلوص ڀريا، ڪجھه چرچي گھٻي وارا، ڪجهه خطن ۾ لکندڙ همراهن پاڻ کي تمام گھڻو شاهوڪار ٻڌايو هو يا هنن پاڻ کي ايڏو عقلمند ڏيکاريو جو هو جلد امير ٿي ويندا. ڪجھه خطن ۾ شادي شده زندگيءَ جي کٽراڳن ۾ پوڻ بنا موج مزا ڪرڻ جي آس ڏيکاريل هئي. ڪجھه اميدوارن پاڻ کي خوبصورت ۽ خوش طبع ٻڌايو هو ته ڪن فرمانبردار ٿي رهڻ جو واعدو ڪيو هو. پينيءَ کي جڏهن به موقعو ملندو هو ته حويليءَ ۾ وڃي پنهنجي ٽپال کڻي ايندي هئي. هڪ خط هن جو گھڻو ڌيان ڇڪايو.
ڊيئر مس ... پي!
توهان جي اشتهار مون کي عجيب سوچ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. تمام گھٽ ڇوڪريون هونديون، جيڪي بيحد حسين هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ جو حوصلو رکنديون هونديون ۽ انهن ۾ اهڙيون ڇوڪريون ته تمام گھٽ هونديون جيڪي انهي ساهه ۾ پاڻ کي با عصمت سڏائڻ جي همٿ رکنديون هجن ۽ وري جڏهن ان پهلوءَ ڏي نظر ٿي وڃي ته توهان پادري حضرات کان پاسو ٿيون ڪريو ته خيال ٿو اچي ته توهان جو پاڪ ۽ پَوَترپڻو ان کان وڌيڪ نه هوندو، جيترو عورت ذات کي زيب ڏئي ٿو. مون کي تمام گھڻو تجسس ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن توهان ان تجسس کي ختم ڪرڻ جو موقعو عنايت ڪريو ته مون کي بيحد خوشي ٿيندي.
توهان جي ڌيانجو طالب فلپ آرلنگٽن.
تازه قلم: پنهنجي تصوير توهان جي خذمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.
ان خط پينيءَ کي به سوچن ۾ وجھي ڇڏيو. لکڻ وارو پنهنجي باري ۾ لکڻ کان بلڪل خاموش هو، جنهن مان هن جو پنهنجي ذات تي اعتماد هجڻ جو ڏيک مليو ٿي. سندس فوٽوءَ مان خوشدلي ۽ ذهانت ظاهر ٿي ٿي. پينيءَ فقط ان خط جو جواب ڏنو. پنهنجي تصوير سان گڏ هن حويليءَ ۾ اچي ملڻ لاءِ مقرر ڪيل هڪ ڏينهن به لکي موڪليو. فلپ پنهنجي رضامنديءَ جو اطلاع ڏنو. آخر اهو ڏينهن اچي پهتو.
حويليءَ جي شان شوڪت ۽ مانيءَ جي ٽيبل تي مسز مين ٽيٽ جي موجودگيءَ پينيءَ جي سماجي حيثيت ۽ احترام جو هڪ خوشگوار تاثر ڇڏيو. مانيءَ بعد هڪ ٻئي سان ڏيٺ ويٺ ڪرڻ لاءِ کين اڪيلو ڇڏيو ويو. فلپ جو خيال هو ته جيستائين پينيءَ جي حسن جو تعلق هو اشتهار ۾ هرگز مبالغي کان ڪم نه ورتو ويو هو پر هن کي حيرت هئي ته پينيءَ کي گھوٽ ڳولڻ لاءِ اهڙو عجيب طريقو اختيار ڪرڻو ڇو پيو. اهڙي سهڻي ڇوڪريءَ لاءِ مڙس جي ڳولا ته ڪو مسئلو ئي نه هجڻ کپي. ان تي پينيءَ پنهنجي گھريلو حالتن جي وضاحت ڪئي. اهڙي طرح اها ڳالهه به صاف ظاهر ٿي وئي ته هن کي پادرين کان ڇو آر هو. جيئن جيئن ڳالهه اڳتي وڌي هن کي فلپ جو کل چرچي پر همدرديءَ وارو لهجو پسند اچڻ لڳو ۽ هوءَ راضي ٿي وئي ته فلپ سان گڏ گذارڻ واري زندگي موجوده عذاب کان بلڪل مختلف هوندي. ٻن ڪلاڪن جي ملاقات ۾ هوءَ هن جي محبت ۾ گرفتار ٿي چڪي هئي ۽ جيستائين هوءَ محسوس ڪري سگھي ٿي، فلپ جو حال به ڪجھه مختلف نه هو. هاڻ هن فلپ جي سامهون پنهنجو مشڪل بيان ڪيو. “منهنجي عمر ويهه سال آهي، پر آئون پنهنجي پيءُ جي رضامندي بنا شادي نٿي ڪري سگھان. منهنجو پيءُ ڪڏهن به اهڙي ناٺيءَ کي پسند نه ڪندو، جيڪو پادري نه هجي. ڇا ائين ٿي سگھي ٿو ته هن سان ملڻ لاءِ تون پادريءَ جو روپ ڌاري اچين؟”
ان سوال تي فلپ جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪاٽ نموندار ٿيو، جنهن جو هوءَ ڪو مطلب نه ڪڍي سگھي. بهرحال فلپ هن کي يقين ڏياريو ته هو هن جي پيءُ اڳيان پادري ٿي ايندو. پادريءَ کي بيوقوف ٺاهڻ جي منصوبي ۾ هن کي پاڻ سان شامل ٿيندو ڏسي پيني ڏاڍي خوش ٿي. هن کي ائين لڳو ڄڻ هو اڃا به هڪ ٻئي جي ويجھو ٿي ويا آهن. هن پنهنجي پيءُ سان فلپ جو ذڪر ان ريت ڪيو ڄڻ هو مسز مين ٽيٽ جي ڄاڻ سڃاڻ مان هو ۽ حويليءَ ۾ هن سان پينيءَ جي ملاقات اوچتو ٿي وئي. قدرتي ڳالهه آهي ته پينيءَ جو پيءُ بنا پگھار جي بيٺل نوڪرياڻيءَ جو هٿن مان ويندو ڏسي پريشان ته ضرور ٿيو پر مسز مين ٽيٽ دل و جان سان پينيءَ جو پاسو کنيو. هن فلپ جي مثالي پارسائي جون ڏاڍون تعريفون ڪيون ۽ مستقبل ۾ پادريءَ طور هن جي پروموشن جي سٺن امڪانن تي روشني وڌي. آخر پوڙهو پادري نه چاهيندي به نيڪيءَ جي هن پتلي سان ملڻ لاءِ راضي ٿيو ۽ هن پنهنجي تسلي ڪري هنن جو مڱڻو ڪرائڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. ويچاري پينيءَ جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. هن کي خدشو هو ته فلپ ڪا غلطي ڪري ويهندو جنهن مان سڄو پول کلي پوندو. جڏهن هر ڪم منصوبي مطابق پورو ٿيو ته هن جي خوشي ۽ حيرانيءَ جي ڪا حد نه رهي. نوجوان نه فقط ان تڪ جو نالو ٻڌايو جنهن جو پاڻ نائب پادري ظاهر ڪيو هو پر پنهنجي علائقي جي پادريءَ جو نالو پڻ ٻڌايو. ۽ وڌيڪ پڪو ڪرڻ لاءِ هن اهو پڻ چيو ته هن خانداني روايتون قائم رکڻ لاءِ هن شعبي جي چونڊ ڪئي. ڇو ته خاندان ۾ موجود پادري جي عمر نوي سال کان به مٿي هئي. هن ان مقدس پيشي جي اهميت ۽ ان جي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪرڻ جو به اظهار ڪيو. پينيءَ کي چڙ اچي رهي هئي پر هوءَ اهو ڏسي خوش هئي جڏهن فلپ تذڪره اولياء مان حوالا ڏنا تهپوڙهو پادري بي وس ٿي ويو. ان ملاقات جي ڪاميابيءَ جو ئي نتيجو هو جو چند هفتن ۾ هنن جي شادي ٿي وئي. هني مون لاءِ پئرس جي چونڊ ڪئي وئي ڇو ته پيني ڳوٺاڻي ماحول کان سخت تنگ ٿي چڪي هئي، هن جي راءِ ۾ قدرتي نظارن کان وڌيڪ شهر جو گوڙ گھمسان وڌيڪ مزيدار هو. هني مون هڪ طويل ۽ خوشگوار خواب وانگر گذريو. هن جو مڙس نهايت زنده دل شخص هو. بي رنگ، پرهيز گاري وارن سالن پينيءَ ۾ ٻاراڻين ڳالهين لاءِ حرص پيدا ڪري وڌو هو، پر فلپ ڪنهن به شيءِ تي اعتراض نٿي ڪيو. فقط هڪ شيءِ پينيءَ کي ڪڏهن ڪڏهن پريشان ڪري وجھندي هئي. فلپ پاڻ بابت تمام گھٽ ڳالهه ڪئي ٿي. فقط ايترو ٻڌايو هئائين ته روزگار ڪري هو سمرسٽ جي ڳوٺ پوپلٽن ۾ رهڻ لاءِ مجبور هو. جنهن طرح هن ان ڳوٺ جي حويلي ۽ ان جي رهاڪن جو ذڪر ڪيو ان مان پينيءَ اهو نتيجو ڪڍيو ته فلپ انهن ماڻهن جو ايجنٽ هوندو. بهرحال هني مون جو هڪ هڪ لمحو ايترو خوشگوار هو جو پينيءَ کي فلپ جي گھٽ ڳالهائڻ تي غور ڪرڻ جو تمام گھٽ موقعو مليو.
ٻئي ڏينهن صبح جو هن جي اک کلي ته گرجا گھر جا گھنڊ وڄي رهيا هئا ۽ فلپ پلنگ وٽ بيهي پادرين وارو جبو پائي رهيو هو.
“تون هي ڪپڙا ڇو پائي رهيون آهين؟” پينيءَ رڙ ڪري پڇيو.
“منهنجي خيال ۾ ته هڪ ننڍڙي ڳالهه ٻڌائڻ جو وقت اچي ويو آهي، منهنجي جان! جڏهن مون تنهنجو اشتهار ڏٺو ته مون کي فقط تجسس ٿيو هو ۽ مون فقط چرچي ۾ ان ملاقات جي خواهش ڏيکاري هئي. پر جيئن ئي مون توکي ڏٺو ته مون کي پهرين نظر ۾ توسان محبت ٿي وئي. ميگنا جي حويليءَ ۾ گذرڻ واري هر لمحي ان محبت کي مضبوط بڻائي ڇڏيو ۽ مون توکي حاصل ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. جڏهن ايمانداريءَ سان هي ڪم ٺهندي نظر آيو ته مون هيڏانهن هوڏانهن جي ٽيرس گيرس کان ڪم ورتو. هاڻ توکان هن ڳالهه لڪائڻ جي ڪا ضرورت ناهي ته آئون هن علائقي جو واقعي نائب پادري آهيان. اهو صحيح آهي ته توکي دوکو ڏيڻ ۾ مون ڪميڻائيءَ کان ڪم ورتو آهي پر اهو منهنجو تولاءِ سچو پيار هو، جنهن کان آئون مجبور هوس. مون لاءِ ان کان علاوه ٻيو ڪو رستو نه هو ته آئون ڪوڙ کان ڪم وٺان.”
اهو ٻڌندي ئي هوءَ ٽپ ڏيئي بستري تان هيٺ لٿي ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳي: “آئون توکي ڪڏهن به معاف نه ڪنديس. ڪڏهن به معاف نه ڪنديس. توکي ان تي پڇتائڻو پوندو ته تو هڪ مجبور ڇوڪريءَ سان اهڙو نيچ سلوڪ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. آئون تنهنجو ۽ ٻين پادرين جو اهڙو ئي تماشو ڪنديس، جهڙو تو منهنجو ڪيو آهي.”
هو پادرين وارو وڳو پائي چڪو هو. پينيءَ هن کي در کان ٻاهر ڪڍي ڪڙو ڏئي ڇڏيو ۽سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بند رهي. فلپ شام جي مانيءَ تائين پنهنجي موٽڻ جو ڪو اشارو نه ڪيو. آخر هو ماني کڻي دروازي تائين آيو ۽ اهو چئي ڪڙو کڙڪايو: “مون کي سزا ڏيڻ لاءِ توکي جيئرو رهڻ کپي ۽ جيئرو رهڻ لاءِ کاڌو ضروري آهي. توکي مون سان ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، آئون رڳو ماني ڇڏيو پيو وڃان.”
پهرين ته هن پنهنجي لئه رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ صبح کان بک تي هئي. هن نه نيرن ڪئي هئي ۽ نه منجھند جي ماني کاڌي هئي. آخر هن کي بک ايڏو ستايو جو هن سڀ ڪجھه کائي پليٽون صاف ڪري ڇڏيون. پر ان هوندي به سندس ڪاوڙ تي ڪو ڇنڊو نه لڳو. کائڻ کان واندي ٿي باقي شام هن فلپ نالي هڪ خط لکڻ ۾ گذاري، جنهن ۾ مستقبل جو خاڪو ڏنو هئائين. هن ڪيترائي دفعا لکيو ۽ رد ڪيو. آخرڪار هوءَ خط جي مواد سان مطمئن ٿي وئي:

جناب!
هيستائين توهان کي احساس ٿي چڪو هوندو ته توهان جي شرمناڪ سلوڪ جي ڪري آئون بيحد سخت ضرورت کان سواءِ توهان سان ڳالهه ڪرڻ پسند نه ڪنديس. آئون ڪنهن کي هن ظلم بابت نه ٻڌائينديس، جيڪو مون سان ٿيو آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان ماڻهو مون تي ئي ٺٺوليون ڪندا. پر آئون دنيا وارن کي اهو ضرور ٻڌائينديس ته مون کي توسان ڪا محبت ناهي ۽ اهو ته تون ئي مون تي فدا ٿيو هئين ۽ تنهنجي جاءِ تي ڪو ٻيو مرد هجي ها ته اهو به ائين ئي ڪري ها. منهنجي افعالن تي ماڻهو آڱريون کڻندا پر دنيا کي اها به ته ڄاڻ ٿي ويندي ته توهان پنهنجي زندگيءَ جي ساٿيءَ جي ڳولا ۾ ڪهڙو عقلمنديءَ جو ثبوت ڏنو ۽ ائين ڪندي عزت ماب پادرين جي جبن تي ئي ڪجھه ڇنڊا پئجي وڃن ته منهنجي خوشي ٻيڻي ٿي پوندي. زندگيءَ ۾ منهنجو هڪ ئي مقصد آهي ته آئون توکي ايترو ذليل ڪريان، جيترو مون کي ڪيو ويو آهي. اڄ کانپوءِ تنهنجي فقط نالي جي زال ... پيني
هن اهو خط مانيءَ وارن ٿانون سان گڏ رکي ڇڏيو ۽ ٿانون جو خومچو دروازي ٻاهران ريڙهي رکيو. ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن آئي ته ان ۾ چٺي ڍڪيل هئي. پهرين ته هن سوچيو ته بنا پڙهڻ جي ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري دريءَ مان اڇلي ڇڏي پر پوءِ هوءَ ان اميد کي خارج ڪري نه سگھي ته ٿي سگھي ٿو ته سندس مڙس کي افسوس ٿيو هجي ۽ هن ٻاڏائي ٻاڏائي هن کان معافيون گھريون هجن. هن لفافو ڦاڙي پڙهڻ شروع ڪيو.
شاباس! جانِ من! تنهنجو خط پٽڪار جو خوبصورت نمونو آهي. جيڪڏهن تو منهنجي راءِ پڇي هجي ها ته شايد آئون به ان کي وڌيڪ بهتر ٺاهي نه سگھان ها. باقي رهي بدلي واري ڳالهه ته منهنجي جان! ڏٺو ئي ويندو. ٿي سگھي ٿو ته هي سڀ ڪجهه تنهنجي خواهش مطابق نه ٿئي. هينئر به تنهنجو مداح پادري، فلپ
تازه قلم: گارڊن پارٽي جو نه وسارجانءِ.
ان گارڊن پارٽيءَ جو ذڪر فلپ هتي مون وارن ڏينهن ۾ ڪيو هو. فلپ جي هن ڳوٺ جو وڏو ماڻهو کين پنهنجي شاندار گهر ۾ دعوت ڏئي رهيو هو. ان دعوت جو مقصد هو ته ڪنوار کي ڳوٺ جي ماڻهن سان ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي وڃي. خط پڙهي ڪجھه دير ته هوءَ مونجھاري ۾ اچي وئي ته دعوت ۾ وڃجي يا نه. فلپ جي ياد ڏيارڻ تي هن جي دل ته اهو ئي چاهيو ٿي ته دعوت ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏجي. پر ڪجھه سوچي هن فيصلو ڪيو ته هيءَ پارٽيءَ هن جي بدلي وٺڻ واري رٿ لاءِ نئين شروعات ٿي سگھي ٿي. هن سوچي سمجھي دعوت ۾ پائڻ لاءِ وڳي جي چونڊ ڪئي. بدلي وٺڻ جي جوش هن جي حسن ۾ اهي چڻنگون ڀري ڇڏيون جنهن جو تاب جھلڻ مشڪل ٿي پيو. هن سوچيو ته ٺهيل رٿ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته علائقي جي ماڻهن کان ان جھيڙي کي ڳجھو رکيو وڃي، جيڪو هن ۽ فلپ جي وچ ۾ پيدا ٿي پيو آهي. سو ٻئي هڪ ئي وقت دعوت ۾ پهتا. هن کي ڏسي دعوت ۾ ويٺل مرد پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺا. پر هن دل ڌتاريندڙ ادائن سان ويجھو ايندڙ خواهشمند اميرن کي نظرانداز ڪري هڪ اڌڙوٽ عمر جي پادريءَ سان دوستاڻي انداز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ٿوري دير ۾ پيني سمجھي وئي ته پادريءَ کي مڪاني آثار قديمه سان عشق آهي. هن وڏي جوش مان پينيءَ کي ٻڌايو ته پنهنجي علائقي ۾ هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي پراڻي زماني جون ڪيتريون ئي شيون نظر اچن ٿيون، پر ڪنهن کي به انهن ۾ دلچسپي نه آهي جو هن سان گڏ ملي انهن جي کوٽائيءَ جو ڪمڪري سگھي. پيني پنهنجيون وڏيون وڏيون اکيون مٿي کڻي هن ڏي ڏٺو ۽ چيو: “اف جناب! ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي.” پادري ايڏو ته متاثر ٿيو جو هن نائب پادريءَ کي ايڏي مهذب ڪنوار ڳولڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن پينيءَ کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ته ٻئي ڏينهن هوءَ پادريءَ جي گاڏي ۾ پوپلٽن کان ڏهه ميل پري اهي دلچسپ آثار قديمه هلي ڏسي. پيني ڪجھه بناوتي ٻڏ تر بعد هن جي ڳالهه مڃي ورتي. اهڙيءَ طرح سڄي علائقي جي ماڻهن هنن کي گاڏيءَ ۾ گھمندي ڦرندي ڏٺو. پادري صاحب وڏي جوش ۽ خروش سان ڳالهه ٻولهه ڪندو هليو ۽ پيني اهو ظاهر ڪندي رهي ته هوءَ هن شخص جي جادوءَ ۾ گم ٿي وئي آهي. هونءَ ته هن کي ٻين مڙني ڏسي ورتو پر هڪ وڏي امان، مسز ڪوبگلي جي هنن کي ڏسڻ غضب ڪري وڌو. مسز ڪوبگلي جو “فل ٽائيم جاب” هتي جي هُتي ۽ هُتي جي هِتي ڪرڻ هو يعني گلا جو وڏو گھر هئي. گلا ڪرڻ ۽ ٻين جا ڪم ڊاهڻ هن جي دلپسند “هابي” هئي. مسز ڪوبگلي کي هڪ ڌيءَ هئي، جنهن لاءِ هن عرصي کان فلپ تي نظرون ڄمائي رکيون هيون. هاڻ هن کي سڪون ٿي ويو ته هن جي هيري جهڙي ڌيءَ کي ٺڪرائي فلپ ڪريو ته گند جي ڍير تي. پادريِ ۽ پينيءَ کي ائين گڏ گھمندو ڏسي مسز ڪوبگلي نڪ شيڪي “اونهه!” ڪئي. مسز ڪوبگلي جا ڄاڻ سڃاڻ وارا هن جي ان “يڪ لفظي” آواز جو مطلب چڱيءَ طرح سمجهيا ٿي.
ٻئي ڏينهن صبح جو جنهن وقت فلپ پنهنجي ڊيوٽي جي ادائگيءَ لاءِ گھر کان ٻاهر هو ته پادريءَ کي سمرسٽ جي آثار قديمه جو هڪ ڳرو ڪتاب کڻي پينيءَ جي گھر ڏي ويندو ڏٺو ويو. نوس نوس ڪرڻ وارن کان معلوم ٿيو ته معاملو ڪتاب پهچائڻ جو نه بلڪه هو ڪافي دير اتي رهيو. هِتان هُتان مسز ڪوبگلي کي اها به خبر پئجي وئي ته نئون شادي شده جوڙو هڪ ئي بستر تي سمهڻ بدران الڳ الڳ ڪمرن ۾ سمهي ٿو.
ويچاري پادريءَ کي اڃا تائين مسز ڪوبگلي جي ڪرتوتن جي ڪا خبر نه پئي. هو هرهنڌ نائب پادريءَ جي زال جي خوبصورتي، ذهانت ۽ پارسائيءَ جا گڻ ڳائيندو رهيو. هن جي وات مان نڪرندڙ هر لفظ پيني ۽ خود هن تي لڳندڙ الزامن تي ڄڻ تصديق جو ٺپو لڳائي رهيو هو. آخرڪار مسز ڪوبگلي جي صبر جو پيالو اٿلڻ لڳو ۽ هن علائقي جي ڊين کي پادريءَ جي خلاف هڪ ڊگهو خط لکيو. ڊين مسز ڪوبگلي جي ڌنڌن کان واقف هو سو هن پادريءَ سان ملڻ مناسب سمجهيو. پادريءَ پنهنجي صفائيءَ ۾ پينيءَ جي معصوميت جي واکاڻ ايڏي گرم جوشيءَ سان ڪئي جو ڊين کي اها ڳالهه نامناسب لڳي. هن ارادو ڪيو ته مسز فلپ (پينيءَ) سان روبرو ملاقات ڪئي وڃي.
جڏهن هو پينيءَ جي گھر پهتو ته ان وقت چانهه جو وقت هو. پيني جيڪا هاڻ پادري ۽ ان جي آثارِ قديمه وارين ڳالهين مان بيزار ٿي چڪي هئي، تنهن هن جو گرم جوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو. بهرحال ڊين جڏهن وڏي احتياط سان انهن افواهن جي ڳالهه ڪڍي جيڪي مسز ڪوبگلي ذريعي هن تائين پهتا هئا ته پينيءَ ڪجھه اهڙي نموني سان انهن جي ترديد ڪئي جو ڊين کي شڪ ٿي پيو ته پادري دل پشوري ڪري رهيو آهي. ڊين پادريءَ جي جان ڇڏائڻ لاءِ پينيءَ کي چيو ته هن لاءِ آثارِ قديمه جهڙين پراڻين مردار شين ۾ دلچسپي وٺڻ بدران ڌڙڪندڙ زندگيءَ جي نبض تي هٿ رکڻ وڌيڪ بهتر آهي. “واهه سائين واهه! توهان ڪيڏي صحيح ڳالهه ڪئي آهي. آئون توهان سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان. مهرباني ڪري توهان ٻڌائيندا ته زندگيءَ جي ڪهڙين ڳالهين سان توهان کي دلچسپي آهي؟”
“مون کي ته جنگلن ۾ اڏامندڙ ناياب پکين سان دلچسپي آهي. شهر جي گوڙ گھمسان ۾ نظر ئي نٿا اچن.”
پينيءَ خوشيءَ مان مٺيون ڀڪوڙيندي چيو: “منهنجي سڄي عمر نورفوڪ جي جنگلن ۾ گذري پر مون کي ڪڏهن مور به نظر نه آيو. بس قسمت ۾ نه هوندو. جيتوڻيڪ آئون ڪيترائي دفعا جنگلن ۾ سير لاءِ به ويندي رهي آهيان.”
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڳوٺاڻو ڊين پنهنجي اچڻ جو مقصد ئي وساري ويٺو. پنهنجي مقصد پيشي جا فرض وساري هن پينيءَ کي جنگل ۾ پنهنجي پسند وارو علائقو گھمائڻ جي کڻي دعوت ڏني.
“پر ڊين صاحب! آئون توهان سان گڏ هلنديس ته مسز ڪوبگلي ڇا چوندي؟”
ڊين ڪنهن دنيادار شخص جو روپ ڌارڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
“ان پوڙهيءَ کي ڪير ٿو پڇي؟” چانهن جي ٻي ڪوپ ختم ٿيڻ کان اڳ پيني هن جي منٿن اڳيان آڻ مڃي چڪي هئي. اهو فيصلو ٿيو ته جنهن ڏينهن موسم سٺي ٿي ته هو جنگل ڏي نڪري پوندا.
جيتوڻيڪ سير جي لاءِ ڊين جنگل جي هڪ ويران حصي جي چونڊ ڪئي پر مسز ڪوبگلي جي جاسوسن هن کي اتي به ڏسي ورتو. سڄي ڪليسا جي باعزت ماڻهن کي پينيءَ جي جادوءَ اڳيان بي وس ڏسي مسز ڪوبگلي پنهنجي هڪ هوشيار ساهيڙي مسز ڪينون کان مدد گھري. هن ليڊي ڪينون کي يقين ڏياريو ته هن جي معلومات مطابق جنگل ۾ ڊين صاحب جو شوق فقط پرن وارن پکين تائين محدود نه رهيو آهي. “آئون وڌيڪ ڪجھه نه چونديس. تون پاڻ سمجھدار آهين. محترمه ليڊي ڇا تون هن چالاڪ ۽ مڪار کان اسان جي جان نٿي ڇڏايو سگھين. جيڪا اسان جي مقدس پيش وائن جي عاقبت خراب ڪري رهي آهي.”
ليڊي ڪينون هن کي يقين ڏياريو ته هوءَ ان معاملي تي غور ڪندي ۽ هڪدم ڪجھه نه ڪجھه مناسب قدم کڻندي. هوءَ مسز ڪوبگلي کان چڱيءَ طرح واقف هئي سو هن بهتر سمجيو ته پيني سان ملي هن قصي بابت حقيقت معلوم ڪجي.
ٿوري ئي محنت سان هن پينيءَ کان هر ڳالهه پڇي ورتي. ڪاوڙ ڪرڻ بدران هن خوشدليءَ سان کلندي چيو: “منهنجي ٻچڙي تون جيڪي ڪري رهي آهين اهو نهايت آسان ڪم آهي. هي سڙيل پوڙها تنهنجي حسن جي سامهون ڌوڙ مقابلو ڪندا. توسان ملڻ کان اڳ سڄي زندگي ويچارن ڪڏهن ڪنهن سهڻي عورت جي شڪل نه ڏٺي هئي.”
“سواءِ توهان جي شڪل جي.” پينيءَ وچ ۾ ڳالهايو پر ليڊي ڪينون پنهنجي تعريف ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
“نه منهنجي پياري. بدلو وٺڻو آهي ته ڪنهن اهڙي شخص سان بازي ڪجي جيڪو تنهنجي مقابلي جو هجي. “گلاسٽن بري” جو بشپ، جنهن جي پادرين کي تون برغلائيندي رهين ٿي، صحيح معنيٰ ۾ تنهنجو جوڙ آهي. آئون تنهن جي هن سان ملاقات ڪرائينديس. آئون پاڻ بلڪل غير جانبدار رهنديس. آئون جيتوڻيڪ پادرين جي وڏي سردار (بشپ) جو احترام ڪريان ٿي پر تنهنجي مهم جوئي به دلچسپيءَ کان خالي ناهي.”
گلاسٽن بري جو بشپ چڱو خاصو عالم فاضل شخص هو ۽ ان علم ۽ ڄاڻ جي ڪري پروموشن وٺندي وٺندي ايڏي وڏي مذهبي رتبي تي پهتو هو- جيتوڻيڪ طبيعت ۾ حسن پرست ضرور هو. ڪا خاص ڳالهه ته شايد ڪڏهن سامهون نه آئي پر ماڻهو چون ٿا ته بشپ عورتن جي موجودگيءَ ۾ خوش رهي ٿو ۽ اهڙن موقعن تي هن جي ڳالهائڻ جو انداز بيحد نرم ۽ مٺاس وارو ٿيو پوي. ليڊي ڪينون، بشپ سان چڱي واقفيت رکي ٿي. هن بشپ کي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي ۽ چيو: “ڇوڪري دل جي ڪا خراب ناهي، فقط ڪاوڙ ۾ آهي ۽ هن جي ڪاوڙ ڪا اجائي به نه آهي. آئون ته هن کي سمجھائڻ ۾ ناڪام رهي آهيان، شايد ان ڪري به جو آئون هن جو داستان ٻڌي ايڏي ته محظوظ ٿي آهيان جو هن کي دڙڪو دامان ڪرڻ تي دل ئي نٿي چوي. پر، محترم بشپ، مون کي پڪ آهي ته جتي آئون ناڪام رهي آهيان، اتي توهان ضرور ڪامياب ويندائو. جيڪڏهن توهان کي اعتراض نه هجي ته توهان منهنجي ئي گھر ۾ هن سان ملو ۽ پوءِ جيئن بهتر سمجھو ائين کيس هدايت ڪريو.”
پينيءَ کي بشپ سان ملڻ لاءِ دعوت ڏني وئي. حال جي تجربن مان هن جو اعتماد وڌي ويو هو ۽ هن کي يقين هو ته هو بشپ کي به آڱرين تي نچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. پر هن کي اهو ڏسي سخت بيزاري ٿي ته ڪهاڻيءَ جي غمگين حصن کي ٻڌڻ مهل به هو لڳاتار مرڪي رهيو هو. جڏهن هن بشپ ڏي ان خاص ادا سان نگاهون مٿي کڻي نهاريو، جن جو ڪو پادري يا ڊين به تاب جھلي نٿي سگھيو، ته بشپ جواب ۾ کڻي اک ڀڳي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو پيني پنهنجي مطلب کي ڇڏي سڌي سادي انداز ۾ خبر چار ڪرڻ لڳي. هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته سخت ڪاوڙ جي باوجود هن کي فلپ سان محبت آهي. “منهنجي پياري” بشپ نرمي پر ڪجھه کل ڀوڳ واري نموني سان چيو. “آئون نٿو سمجھان ته جنهن رستي تان تون هلي رهي آهين اهو ڪو توکي سڪون مهيا ڪري سگھندو. دنيا اهڙن احمقن سان ڀري پئي آهي، جيڪي توتي دل ۽ جان سان فدا ٿي وڃن پر تون اهڙن احمقن سان محبت نٿي ڪريو سگھين ۽ ڪو به ماڻهو جيڪو عقلمند هجي اهو هي سمجھڻ ۾ غلطي نه ڪندو ته تون اڃا تائين فلپ سان محبت ڪرين ٿي. بيشڪ هن توسان ناقابل معافي دوکو ڪيو آهي ۽ آئون اهو به نه چوندس ته تون ان ڏاڍائيءَ کي درگذر ڪري ڇڏ. آئون اهو فيصلو توتي ڇڏيان ٿو ته توکي ڇا ڪرڻ کپي. پر تون جيڪي ڪجھه ڪرين اهو فقط بدلي وٺڻ بدران پُرسڪون ۽ فائديمند هجي. اهو چوندي هن پينيءَ جو هٿ ٺپريو ۽ چيو، “منهنجي پياري، ان تي غور ڪر ۽ پوءِ مناسب وقت تي مون کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪجانءِ”.
گھر واپس ويندي وقت هن جي وڏائي ڪافور ٿي چڪي هئي، هن کي پهريون دفعو احساس ٿيو ته انتقام ڪيترو به کڻي مضبوط ڇو نه هجي، مڪمل طرح مطمئن نٿو ڪري سگهي. هن کي جيڪڏهن پنهنجي زندگيءَ جو رُخ بدلائڻو آهي ته ان لاءِ مشڪل ۽ عملي فيصلو ڪرڻ کپي. هوءَ ڪنهن قيمت تي هڪ ڳوٺاڻي نائب پادري جي اطاعت گذار زال ٿي رهڻ تي راضي نه هئي، ساڳي وقت پيءُ وٽ موٽي وڃڻ به کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ برابر هو. هن سوچيو ته هن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجن پيرن تي بيهڻ کپي. آخر هن پين کنئي ۽ مسز مين ٽيٽ کي هڪ ڊگھي خط ۾ شاديءَ کانپوءِ جي واقعن جو تفصيلي احوال لکيو:
توهان مون تي ايڏا احسان ڪيا آهن جو هاڻ ڪنهن وڌيڪ احسان لاءِ ڪجهه چوندي به شرم ٿو اچي. پر مون کي لڳي ٿو ته شايد پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ توهان منهنجي مدد ڪري سگهو. ڇا توهان ان سلسلي ۾ مون سان لنڊن اچي ملي سگھو ٿيون؟
توهان جي پيني.
ان ملاقات جو نتيجو اهو نڪتو جو مسز مين ٽيٽ پنهنجي درزيءَ سان ڳالهه ڪري پينيءَ کي هن جي شوروم ۾ ماڊل گرل جي نوڪري وٺرائي ڏني. لنڊن پهچي هن فلپ سان هر قسم جو رابطو ختم ڪري ڇڏيو. پوپلٽن جي رهڻ وارن به هن کي وساري ڇڏيو. فقط مسز ڪوبگلي کي ڪڏهن ڪڏهن هن جو خيال آيو ٿي يا وري فلپ کي. جيتوڻيڪ هن ڪڏهن ان جو اظهار نه ڪيو. پينيءَ جو حسن هن جي مالڪ لاءِ ڪاروباري متاع ثابت ٿيو. جلدي ئي اها ڳالهه کلي وئي ته پينيءَ ۾ لباس سازيءَ جون قدرتي صلاحيتون موجود آهن. هن تکو تکو پنهنجو نالو پيدا ڪيو ۽ ٽن سالن اندر چڱي ڪمائي ڪرڻ لڳي ۽ هاڻ سگھو ئي هن جو مالڪ پنهنجي ڪاروبار ۾ هن کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ وارو هو ته هڪ ڏينهن اوچتو هن کي پنهنجي پيءُ جو ڏکويل خط مليو. هو سخت بيمار هو ۽ شايد مرڻ جي ڪنڌيءَ تي هو:

“تو مون کي ۽ پنهنجي معزز مڙس کي بيحد ڏک پهچايو آهي. پر آئون مرڻ کان اڳ ان تلخيءَ کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو. سو مون کي بيحد خوشي ٿيندي جيڪڏهن تون ٿوري دير لاءِ ئي سهي، پر پنهنجي پراڻي گھر هلي اچ.”
عيسائي محبت سان گڏ،
تنهنجو والد

ٻڏل دل سان هوءَ لورپول اسٽريٽ ويئي. گاڏيءَ ۾ خالي جاءِ ڳوليندي ڳوليندي هن جي نظر هڪ ماڻهوءَ تي پيئي. هن کي پنهنجين اکين تي يقين ئي نه پئي آيو. هن جو مڙس فلپ پادرين واري جبي بدران اوچي لباس ۾ فرسٽ ڪلاس جي دٻي ۾ سوار ٿي رهيو هو. ڪجھه لمحن لاءِ هو ٻئي ڄڻا اکيون ڦاڙي هڪ ٻئي کي گھوري ڏسندا رهيا، پوءِ پينيءَ رڙ ڪئي: “فلپ!”
ان ئي وقت فلپ به زوردار رڙ ڪئي: “پيني! منهنجيجان، تون ته اڃا به وڌيڪ خوبصورت ٿي وئي آهين.”
“پر تنهنجن انهن ڪپڙن جو ڇا ٿيو جيڪي اسان جي وچ ۾ ڀت بڻجي پيا هئا؟”
“مون انهن کي اڏوهيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن مون کي معلوم ٿيو ته آئون هڪ سٺو سائنسدان ٿي سگھان ٿو ته مون گرجا گھر کي باءِ باءِ ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي. هاڻ منهنجي آمدني چڱي وڌي وئي آهي، پر تون ڇا پئي ڪرين؟ تون به ته چڱي سکي ۽ آسودي لڳي رهي آهين.”
“هائو. آئون به هاڻ غريب نه رهي آهيان.” ۽ هن پنهنجي ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي.
“آئون ته هميشه چوندو هوس ته تون بيوقوف هرگز نه آهين.”
“۽ آئون چوندي هيس ته تون وڏو شيطان آهين. خير هاڻ آئون تنهنجي ڪا به ڳالهه دل ۾ نه ڪنديس.” اهو چوندي هو پليٽ فارم تي ئي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائڻ لڳا.
“جناب، پنهنجي زال کي وٺي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو. گاڏي ڇٽڻ واري آهي.” گارڊ رڙ ڪري کين ٻڌايو. ٻئي هڪ ٻئي جو هٿ جھلي گاڏيءَ ۾ چڙهي پيا.

(مٿين ڪهاڻيءَ جو ليکڪ انگلينڊ جي مشهور علمي شخصيت برٽرينڊ رسل آهي. رسل 1872ع ۾ ڄائو. ڪيمبرج مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ اتي ئي ڪجھه عرصو پڙهايو.
رسل جا فلسفي ۽ ادب جا ڪتاب تمام گھڻا آهن. هن عالمي سياست ۾ هڪ ترقي پسند ۽ امن پسند دانشور جي حيثيت ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ دنيا جي نوجوانن جو محبوب اڳواڻ قرار ڏنو ويو. هڪ دلير انسان جي حيثيت سان هن هميشه صداقت جو جھنڊو بلند رکيو.
پنهنجي ڊگھي عمر جي آخري سالن ۾هن افسانا نگاري به ڪئي. بقول هن جي: “مون پنهنجي زندگيءَ جا شروع وارا اسي سال فلسفي کي ڏنا. هاڻ باقي عمر فڪشن لاءِ رکي اٿم.” )

ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي...

ڊورٿيءَ کي ريسٽورنٽ ۾ گھڙندي ئي اندازو ٿي ويو ته هن کي جنهن ماڻهوءَ جي ضرورت آهي اهو ڪهڙو شخص ٿي سگھي ٿو. اهو ڄاڻڻ لاءِ ڪنهن گھڻي هوشياري يا قابليت جي ضرورت نه هئي. ريسٽورنٽ ۾ ان وقت فقط ٻه ئي مرد ويٺل هئا. انهن مان هڪ وڏي عمر جو هو ۽ ماني کائي رهيو هو، جنهن مان ظاهر هو ته هو ڪنهن جو انتظار نه پيو ڪري. ڊورٿي هتي جنهن شخص سان ملڻ آئي هئي، اهو هن جو پهرين جو ڏٺل نه هو پر هن کي گھٽ ۾ گھٽ چڱيءَ طرح معلوم هو ته هو وڏي عمر جو ناهي.
ٻئي همراهه جي عمر پنجٽيهن کان چاليهن ورهين جي وچ ۾ هئي. اهو مضبوط ڪاٺيءَ جو ٺاهوڪو ماڻهو هو. هو اداڪار به ٿي سگهيو ٿي. هڪ اهڙو اداڪار جنهن کي ڪنهن وڏي درجي جي غنڊي يا بدمعاش طور ڪاسٽ ڪرڻ تمام موزون ٿئي ها. عجيب ڳالهه اها هئي جو هن ريسٽورنٽ ۾ ويٺي ڪتاب پڙهيو. ڊورٿيءَ کي گھٽ ۾ گھٽ ان جي اميد نه هئي. هونءَ به ڪتاب هن جي شخصيت سان ميل نٿي کاڌي ۽ ڊورٿي هن جي باري ۾ غائباڻي طور جيڪو ڪجھه معلوم ڪري هن سان ملڻ لاءِ آئي هئي، ان جي روشنيءَ ۾ هن کي ايترو باذوق ماڻهو نه هجڻ کتو ٿي. هن کي ٿورو شڪ ٿيو ته متان هي اهو ماڻهو نه هجي جنهن جي هن کي ضرورت آهي، ان ڪري هن لاءِ پڪ ڪرڻ ضروري هو.
هوءَ هن جي ميز جي ويجھو پهتي ته هن يڪدم پنهنجو مٿو مٿي ڪري ڪتاب بند ڪيو ۽ ڊورٿيءَ جي پڇڻ کان اڳ هن پاڻ ئي ٻڌايو: “مون کي ڪٽلر چون ٿا ۽ توهان پڪ ڊورٿي هونديون. ويهو ويهو، توهان ڇا پيئڻ پسند ڪنديون؟”
“توهان ڇا پيا پيو؟” ڊورٿيءَ ويهندي پڇيو.
“مارٽني.” ڪٽلر نهايت فضيلت سان مرڪندي جواب ڏنو.
“آئون به اهو ئي پيئنديس.”
جيسين ڊرنڪ اچي هو موسم ۽ ٽرئفڪ جي مسئلن بابت ڳالهيون ڪندا رهيا. هن چيو: “توهان پنهنجي ڪار ۾ ته نه آيون آهيو؟”
“نه. مون ڪجھه سفر ٽرين ذريعي باقي ٽئڪسيءَ ۾ ڪيو.” ڊروٿيءَ ٻڌايو.
“چڱو ڪيئي، اڄ جي دور ۾ خاص ڪري ههڙي موسم ۾ ڊگھي ڊرائيونگ ڪرڻ عذاب آهي.” هن چيو.
“آئون هن علائقي ۾ پهرين به ايندي رهي آهيان. بلڪه مون ۽ منهنجي مڙس البرٽ ڪنهن زماني ۾ ته هتي ڪو گھر وٺڻ جي باري ۾ به سوچيو هو. اٽڪل ڏيڍ سال کن اڳ اسان هتي ڪجھه گھر ڏٺا به هئا.”
“جيڪڏهن خريد ڪري وٺو ها ته فائدي ۾ رهو ها. هاڻ ته هتي زمين جون قيمتون آسمان تي پهچي چڪيون آهن.” ڪٽلر چيو.
“اسان نيويارڪ جي خاص علائقي “مئن هٽن” ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو...” ڊروٿيءَ چيو ۽ دل ئي دل ۾ سوچيو:
“۽ اهو سٺو ئي ٿيو، ڇو جو ان ئي وقت اسان جا رستا الڳ الڳ ٿيڻ لڳا هئا. مون کي ان تي به خدا جو شڪر ادا ڪرڻ کپي ته اسان هتي ڪو گھر نه ورتو نه ته ٿئي هيئن ها جو اُن کي خريد ڪرڻ ۾ اڌ يا اڌ کان به وڌيڪ رقم منهنجي شامل ٿئي ها ۽ طلاق ٿيڻ تي ڪانه ڪا اٽڪل ڪري البرٽ مون کان سڄو گھر کسي وٺي ها.”
هو وڌيڪ چند منٽ مهذب ماڻهن وانگر کاڌي پيتي ۽ ٻين هلڪن ڦلڪن عنوانن تي ڳالهائيندا رهيا. پوءِ ويٽر کي ايندو ڏسي ڪٽلر چيو: “بئرو اسان لاءِ ڊرنڪس ته کڻيو پيو اچي، پر منهنجو خيال آهي ته ان کان پوءِ مون کي مانيءَ لاءِ به آرڊر ڏئي ڇڏڻ کپي. هيءَ تمام سٺي ريسٽورنٽ آهي. توهان ڇا کائڻ چاهينديون؟”
“منهنجي خيال ۾ کائڻ کي کڻي ٿا ڇڏيون. آئون هتي گھڻي دير ويهڻ لاءِ نه آئي آهيان.” هن منجھندي چيو، “مون سوچيو هو ته ڊرنڪس جي دوران هاڻ اها ڳالهه ڪري وٺنداسين...” هن جملي کي اڌگابرو ڇڏي ڏنو.
“جنهن لاءِ اصل ۾ هيءَ ملاقات طئي ٿي آهي.” ڪٽلر جملو پورو ڪيو ۽ پوءِ چيو، “صحيح آهي... بلڪل صحيح آهي.”
ڊورٿيءَ کي ان هوندي به اصل موضوع تي ڳالهه ڪندي ڏکيائي ٿي رهي هئي. هن ائين ئي ڪجھه ڳالهائڻ خاطر چيو: “آئون هتي ڪار ۾ ان ڪري نه آيس جو مون وٽ ڪار آهي ئي ڪانه.”
“پر ٽاميءَ ته چيو پئي ته توهان وٽ ڪار به آهي ۽ شهر کان ٻاهر هڪ خوبصورت هَٽِ به آهي، جتي توهان موڪلون ملهائڻ لاءِ هر ويڪ اينڊ تي وينديون رهو ٿيون.” هن چيو. ٽامي رابطي جي ماڻهو جو نالو هو جنهن هنن ٻنهي کي پر پٺ هڪ ٻئي جي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي هئي.
“اهي سڀ شيون منهنجي مڙس البرٽ جون هيون.” ڊورٿيءَ ٻڌايو.
ڪٽلر اونهي سوچ مان سجاڳ ٿيندي ڪنڌ ڌوڻيو. “هاڻ ته توهان هن سان گڏ نه پيون رهو؟”
“نه.” ڊورٿيءَ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، “اسان کي ڌار ٿئي ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن. منهنجو ڪو سامان هن جي گھر ناهي. مون هن جي ڪار جون چاٻيون به واپس ڪري ڇڏيون آهن. چڱو ٿيو جو مون پنهنجوويسٽ اسٽريٽ وارو اپارٽمينٽ ڇڏيو نه هو. مون کي هر وقت اهو وسوسو رهندو هو ته ڪڏهن اوچتو مون کي ان جي ضرورت نه پئجي وڃي... منهنجي سوچ صحيح نڪتي.”
“تنهنجو البرٽ سان گڏ رهڻ جي سلسلي ۾ معاهدو ڇا هو؟”
“معاهدو ته ڪجھه به نه هو. مون ان جي ضرورت محسوس نه ڪئي هئي. هن سان منهنجي دوستي ياريءَ جي شروعات مال دولت جي آڌار تي نه ٿي هئي. منهنجي خيال ۾ ته منهنجي هن سان سچي محبت کڻي نه هئي پر ايترو ضرور هو ته هن کي مون پسند ڪيو ٿي. آئون هن سان گڏ ٽي سال رهيس. پهريان ٻه سال منهنجا ڏاڍا سٺا گذريا. آئون اهو ته نٿي چئي سگھان ته اسان جي چاهت روميو جوليٽ واري هئي پر تنهن هوندي به سٺو وقت گذري رهيو هو. ٽئي سال اسان جا تعلقات خراب ٿيڻ لڳا ۽ مون محسوس ڪيو ته هاڻ جدائي اختيار ڪرڻ ئي بهتر آهي.”
هن پنهنجو گلاس کنيو ۽ اهو ڏسي حيران ٿي وئي ته هوءَ پهرين ئي ان کي خالي ڪري چڪي هئي، پر هن کي ان جو ڪو خاص احساس نه ٿيو. ڪٽلر نهايت تحمل ۽ سڪون سان هن ڏي ڏسي رهيو هو. هو ڄڻ ته وڌيڪ ٻڌڻ جو منتظر هو. لمحي کن جي ماٺ کانپوءِ ڊورٿيءَ چيو، “ ۽ هاڻ هو چوي ٿو ته آئون هن جي ڏهه هزار ڊالرن جي قرضياڻي آهيان.”
“پر تون اها ڳالهه نٿي مڃين؟” ڪٽلر سوال ڪيو.
ڊورٿيءَ انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، “پر هن وٽ هڪ ڪاغذ آهي جنهن تي منهنجي صحيح ٿيل آهي، جنهن مان ڪجھه ائين لڳي ٿو ڄڻ هن مون کي ڏهه هزار ڊالر اڌارا ڏنا آهن. منهنجي نالي تي ڪڍيل هڪ چيڪ به مون ڪئش ڪرايو هو، جيڪو بئنڪ رڪارڊ ۾ موجود آهي پر حقيقت اها آهي ته اها رقم هن مون کي اڌاري نه ڏني هئي. ٿيو ائين هو جو اسان جو هڪ تفريحي سفر تي وڃڻ جو پروگرام ٿيو هو، جنهن جي صلاح به هن پاڻ ئي ڏني هئي. هن سفر جو بندوبست ڪرڻ لاءِ اهو چيڪ مون کي ڏنو هو ۽ اها رقم مون ان ڪم تي خرچ ڪئي هئي. اسان هوائي جهاز ذريعي سنگاپور ۽ پوءِ اتان بالي وغيره ويا هئاسين.”
“واهه واهه!” ڪٽلر ريس ڪندي ڪنڌ لوڏيو. “ڏاڍو مزو آيو هوندانوَ؟”
“ها... ان وقت اسان جا تعلقات سٺا هئا.” هن ڪجھه چڙ مان ڳالهايو.
“هن ڪاغذ جي ڇا ڳالهه آهي؟ توکان هن صحيح ڪيئن ڪرائي ورتي.”
“هن ٽئڪس جي بچت جو ڪو بهانو ڪري مون کان صحيح ڪرائي هئي. مون کي ڳالهه ڪا گھڻي سمجھه ۾ نه آئي پر مون هن تي اعتماد ڪيو ٿي. آئون هميشه اکيون بند ڪري هن جي حڪم تي هر شيءِ تي صحيح ڪري ڇڏيندي هيس. هو چاهي ها ته مون کان ان کان وڌيڪ خطرناڪ شيءِ تي صحيح وٺي سگھيو ٿي. منهنجي سادگي ۽ خلوص ته ڏسو! آئون هن سان گڏ رهندي هيس ته هر شيءِ جو اڌ خرچ پاڻ ڀريندي هيس. آئون هن تي ڪو ٿورو به بار نه هيس. پنهنجي حصي جو سڄو خرچ پکو آئون ادا ڪندي هيس، پر ان سفر جي ڳالهه ئي ڪجھه ٻي هئي. ان جي صلاح هن پاڻ ڏني هئي ۽ اهو هن پنهنجي طرفان مون کي تحفو پيش ڪيو هو. ان جا سڀ خرچ هن پنهنجي طرفان ڏيڻ جي اڳواٽ ڳالهه ڪئي هئي. ڪل خرچ ويهه هزار ڊالر کن ٿيو هو. جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته ان جو به اڌ مون کي ڏيڻو پوندو ته آئون سوچي سمجھي قدم کڻان ها. ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ جي مون ۾ ڪا سگهه نه آهي... ۽ هاڻ هو ٿو چوي ته آئون هن جي ڏهه هزار ڊالرن جي قرضياڻي آهيان. توکي شايد يقين نه اچي ته هن پنهنجي هڪ وڪيل ذريعي نوٽيس موڪلي ڏنو آهي. ٿورو سوچ...! هن قانوني ڪارروائيءَ جي مون کي ڌمڪي ڏني آهي.”
“اها ته تمام گھڻي ڏاڍ مڙسي آهي.” ڪٽلر اونهي سوچ مان ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي، “عام طور جڏهن ڪا عورت ڪنهن مرد سان گڏ ر هي ٿي ته هو هن جا سڀ خرچ پکا ڀري ٿو ۽ جيڪڏهن هو صحيح مرد آهي ته هو هن لاءِ اڃا به وڌيڪ ڪري ٿو. تنهنجي مڙس جو اهو ته واقعي ڪمينپڻو آهي.”
پوءِ هن ڪجھه سوچي چيو: “جيڪڏهن هو عدالت وڃي ٿو ته تون چئي سگھين ٿي ته هن ٽئڪس جي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.”
“آئون ڀلا اهو ڪيئن ٿي چئي سگھان؟ آئون خود ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار هيس. آئون به ان ڏوهه ۾ شريڪ ثابت ٿينديس.”
“ها... اهو به صحيح آهي.“ هن ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي. ڪجھه گھڙين جي ماٺ بعد هن تکائي مان چيو: “آئون هميشه کان پنهنجو بار پاڻ کڻندي اچان ۽ شايد مرڻ تائين کڻندي اچان. ٻاروتڻ کان وٺي مون کي ڪڏهن ڪنهن ڪجھه به نه ڏنو. ڪو هلڪو ڦلڪو... ڪو معمولي تحفو به نه... ويندي هن سوئر جي ڦر جنهن شيءَ کي تحفو سڏيو، ان کان به ڦري ويو. آئون هن سان ملڻ کان اڳ به پنهنجو خرچ پکو پاڻ ئي هلائيندي رهيس ٿي... ۽ هاڻ جڏهن ته آئون هن کان ڌار ٿي چڪي آهيان تڏهن به آئون پنهنجو بار پاڻ کڻي رهي آهيان. آخري دفعو جيڪڏهن مون کي ڪنهن ڪجھه ڏنو هو ته اهو منهنجو انڪل رالف هو، جنهن مون کي نيويارڪ اچڻ لاءِ بس جو ڀاڙو ڏنو هو.ان وقت منهنجي عمر سترهن سال هئي. جيتوڻيڪ انڪل رالف ان کي قرض نه سڏيو هو ۽ مون کان ڪنهن به ڪاغذ ڀور تي صحيح نه ورتي هئي پر مون پنهنجي پهرين ئي ڪمائيءَ مان هن جي رقم ڪڍي هن ڏي مني آرڊر ذريعي واپس ڪئي هئي.”
“تون سورهن سالن جي عمر ۾ نيويارڪ آئي هئينءَ؟”
“هائو... اسڪول مان نڪرڻ سان... ۽ ان وقت کان آئون پاڻ ڪمائي کائي رهي آهيان. خود مختياريءَ جي زندگي گذاري رهي آهيان ۽ پنهنجا سڀ خرچ پاڻ برداشت ڪري رهي آهيان. جيڪڏهن البرٽ مون کي پهرين ٻڌايو هجي ها ته شايد هن تفريحي سفر ۾ به پنهنجو حصو پاڻ ئي ڀريان ها پر ان وقت هن ان کي تحفو چيو هو ۽ هاڻ هو ان جو اڌ حصو وياج سميت گھري ٿو. مون کي در اصل هن جي ان دوکيبازي ۽ ڪميڻپڻي تي چڙ اچي ٿي... پئسو ڪو وڏو مسئلو نه آهي.”
“هو توکان به وياج گھري رهيو آهي؟” ڪٽلر جي لهجي ۾ پنهنجائپ سان گڏ حيرت پڻ هئي.
“هائو... مون جنهن ڪاغذ تي صحيح ڪري ورتي آهي ان ۾ ڪجھه ان ڳالهه جو به ذڪر آهي. چڱو خاصو گھڻو وياج آهي. هن کي اصل ڪاوڙ ان ڳالهه تي آهي ته آئون هن کي ڇو ڇڏي آئي آهيان. شايد هن جي مرضي هئي ته هڪ ڏينهن اهڙو اچي ها جڏهن هو مون کي ڌڪا ڏئي گھر کان ڪڍي ها.”
“منهنجو به اهو ئي خيال آهي.” ڪٽلر هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
“۽ منهنجو خيال هاڻ اهو آهي ته جيڪڏهن ڪي صحيح قسم جا ٻه ڄڻا ٿورو صحيح طريقي سان هن سان وڃي ڳالهه ڪن ته جيڪر هن جو دماغ ٺڪاڻي اچي وڃي.” هن ٿورو تکائيءَ مان چيو.
“۽ اهو ئي ڪم آهي جنهن لاءِ تون هتي آئي آهين.” ڪٽلر چيو ۽ هن لاءِ هڪ ٻي ڊرنڪ جو آرڊر ڏنو. ڊورٿيءَ ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي. ڊرنڪس اچڻ تائين هو خاموش رهيا. ان بعد ڪٽلر چيو:
“صحيح آهي... ٻه ڄڻا وڃي هن سان ڳالهه ڪندا.”
“ڪيترو خرچ ايندو ان ڪم تي؟” ڊورٿيءَ پڇيو.
“پنج سئو ڊالرن ۾ ڪم ٿي ويندو.” ڪٽلر چيو.
“صحيح آهي. مون لاءِ اها رقم ڪا ايڏي گھڻي نه آهي.” هن چيو.
“ڳالهه هي آهي ته جڏهن اسان “ڳالهه” ڪرڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته درحقيقت معاملو “ڳالهه” کان ڪجھه اڳيان وڌيو وڃي.” هن چڱي حد تائين فلسفي واري لهجي ۾ چيو. “ان قسم جي معاملي ۾ ماڻهوءَ تي ٿوروڪجھه اثر وجھڻو پوي ٿو. هن کي يقين ڏيارڻو پوي ٿو ته جيڪڏهن هو سڌو نه ٿيو ته هن کي ڪو جسماني نقصان به پهچي سگھي ٿو ۽ اهو يقين ڏيارڻ لاءِ ضروري آهي ته شروع ۾ ئي هن سان ڪجھه ڪيو وڃي نه ته هو ان کي فقط دڙڪي جي حد تائين ئي سمجي ٿو ۽ ماڳهين ڪاوڙ ۾ اچيو وڃي. هڪدم ته هن کي ڪاوڙ نٿي اچي. جيڪڏهن ٻه ڏٽي مٽي قسم جا پهلوان ڪنهن ويران گھٽيءَ ۾ هن کي ڀت سان لڳائي حڪم ڏين ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي... ته وقتي طور هو ڊڄي ويندو. پر پوءِ هو هن کي ڇڏي ڏيندا. هو گھر هليو ويندو ۽ پوءِ سوچڻ شروع ڪندو. ائين ڪرڻ سان هن کي ضرور ڪاوڙ ايندي.”
“ها تون بلڪل صحيح چوين ٿو.” ڊورٿيءَ ڪجھه سوچي هائوڪار ڪئي. “پر شروع ۾ ئي هن سان ڪجھه اهڙو ڪيو وڃي جنهن کي هو چئن پنجن ڏينهن تائين محسوس ڪندورهي ته پوءِ هن تي ڊپ جو غلبو رهندو. هن ۾ ڪاوڙ اچڻ جي نوبت نه ايندي. تنهنجو مقصد اصل ۾ اهو ئي آهي نه؟”
“ها... منهنجو خيال آهي ته تون صحيح پئي چوين.” هن ڪجھه گھٻرائيندي چيو، “ڇا هو جسماني طرح ٺيڪ ٺاڪ آهي؟” ڪٽلر گلاس مان ڍڪ ڀري چيو.
“ٿورو ٿولهه ڏي مايل آهي.هن جو وزن ويهه پائونڊ کنگھٽ ٿي وڃي ته هو چڱو خاصو سمارٽ لڳي سگھي ٿو.” ڊورٿيءَ ٻڌايو.
“هن کي ڪا دل جي تڪليف ته نه آهي؟”
“نه”
“ورزش ڪري ٿو؟”
“هڪ ڪلب جو ميمبر ته آهي. شروع جي ڏينهن ۾ ته هفتي ۾ چار دفعا ويندو هو، پر هاڻ مهيني ۾ فقط ٻه ڏينهن وڃي ٿو.”
“سڀ اهو ئي ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح جمناسٽڪ ڪلب هلي رهيا آهن. جيڪڏهن سڀ ميمبر روز اچڻ شروع ڪن ته دروازي مان گھڙڻ به ڏکيو ٿي پوي.”
“تون وزرش ڪندو آهين؟”
“ها. مون کي ته عادت ٿي چڪي آهي. هاڻ اهو نه ٻڌائيندس ته مون کي اها عادت ڪٿان پئي.” هن معنيٰ خيز انداز ۾ مُرڪيو.
“آئون پڇنديسانءِ به نه.” ڊورٿيءَ چيو. “پر آئون اندازو لڳائي سگھان ٿي.” هن کي اندازو هو ته ڪٽلر جيل ۾ رهي چڪو آهي. هو جنهن ڌنڌي ۾ هو ان ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن جيل جي نوبت ته اچي سگهي ٿي. جيل ۾ هر هڪ کان زبردستي ورزش ڪرائي وڃي ٿي.
ڪٽلر جي مرڪ وڌيڪ پکڙجي وئي. لمحي کن لاءِ هو هڪ حرڪتي ٻار جيان نظر اچڻ لڳو، پر پوءِ هڪدم سنجيدو ٿي وري ڪاروباري قسم جي ڳالهه ٻولهه ڏي ايندي چوڻ لڳو:
“ توسان ملڻ کان اڳ هو پهرين به شادي شده ته نه هو؟ اسان جنهن شخص لاءِ ڪجھه ڪرڻ وارا هوندا آهيون، ان جي هر طرح جي معلومات وٺڻ ضروري سمجھندا آهيون.”
“هن ڪڏهن ذڪر ته نه ڪيو. هن جي هڪ پهرين جي به شادي ٿيل هجي ها ته ان جو ذڪر ضرور نڪري ها.”
“هو پاڻ سان گڏ ڪو هٿيار... ڪو پستول، ريوالور وغيره ته نٿو رکي؟”
“نه ... نه...” هن جلديءَ ۾ چيو.
“توکي پڪ آهي؟”
هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي ۽ لمحي کن جي خاموشيءَ بعد چيو:
“آئون ٽن سالن کان هن سان گڏ رهي آهيان پر مون ڪڏهن به هن وٽ پستول يا ريوالور نه ڏٺو ۽ نه وري مون کي ان بابت ڪڏهن پڇڻ جو خيال آيو.”
“ڪيترائي ماڻهو ڪونه ڪو هٿيار پاڻ سان کڻي هلن ٿا پر انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ بنا لائسنس جي هوندا آهن، ان ڪري هو ڪنهن سان انهن جي ڳالهه نه ڪندا آهن.”
“مون کي يقين آهي ته هن جي ملڪيت ۾ ڪا به بندوق ناهي. پاڻ سان کڻي هلڻ ته پري جي ڳالهه آهي.” ڊورٿيءَ خاطريءَ واري لهجي ۾ چيو:
“لڳي ٿو ته تنهنجو خيال صحيح هجي پر ان معاملي ۾ ڪا به ڳالهه يقين سان نٿي چئي سگھجي. اسان جهڙن ماڻهن کي اهو ئي فرض ڪرڻو پوي ٿو ته اسان جنهن سان مقابلو ڪرڻ وڃون پيا ان وٽ پستول يا بندوق ضرور هوندي... ۽ اسان کي ان لاءِ تيار رهڻو پوي ٿو.”
ڊورٿيءَ ڪجھه ٻِدِليو ٿيندي تائيد ۾ ڪنڌڌُوڻيو. ڪٽلر نهايت ترسي ترسي چيو : “هاڻ مون کي توکان هڪ تمام ضروري سوال پڇڻو آهي. اهو سوال توکي پنهنجو پاڻ سان به ڪرڻو آهي ۽ ان جو صحيح جواب ڏيڻو آهي. ڇو جو ڪجھه به چئي نٿو سگھجي ته هي معاملو اڳيان ڪيستائين پهچي. تون ڪيتري حد تائين تيار آهين؟”
“مون تنهنجو مطلب نه سمجهيو”. ڊورٿيءَ چيو.
“ڏس نه. ان ڳالهه تي ته پاڻ هڪ ئي راءِ رکون ٿا ته هن معاملي ۾ ٿوري گھڻي مارڪٽ ته ضرور ٿيندي. هن کي ڪجھه موچڙا ته هڻڻا پوندا ۽ گھٽ ۾ گھٽ ٻن هنڌن تي هن کي اهڙا ڌڪ هڻبا جنهن جو سور هو هفتو ڏهه ڏينهن ته ضرور محسوس ڪري. منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه لاءِ پاسراٽيون ڀڃڻ صحيح هوندو.”
“چڱو صحيح آهي.” ڊورٿيءَ ڪجهه اهڙي نموني سان هائوڪار ڪئي ڄڻ هن کان ان بابت اجازت ورتي پئي وڃي ۽ هوءَ اجازت ڏئي رهي هئي.
“جيڪڏهن ڳالهه ايستائين رهي تڏهن به ڪا وڏي ڳالهه نه آهي پر توکي اهو مڃڻو پوندو ته ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه وڌيو به وڃي.”
“ڇا مطلب.”
هن ميز تي ٺونٺيون رکي پنهنجين آڱرين سان اهرام ٺاهيندي چيو:
“منهنجو مطلب آهي هڪ دفعو مارڪٽ شروع ٿي وئي ته پوءِ ڪڏهن به اهو فيصلو اسان جي اختيار ۾ نٿو رهي ته ان کي ڪٿي جھلجي. تشدد هڪ اهڙو پکي آهي جيڪو هڪ دفعو پڃري مان نڪري وڃي ته ان کي وري قابو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ڪجهه به چئي نٿو سگھجي ته اهو سلسلو ڪٿي وڃي بيهي.”
“اوهه!” ڊورٿيءَ ڄڻ ان پهلوءَ تي ڪڏهن سوچيو ئي نه هو.
“مثال طور... هو به جواب ۾ هٿ پير چوري ٿو ته پوءِ اهو سلسلو اسان جي مقرر ڪيل حدن کان اڳتي به وڃي سگھي ٿو. هو موٽ ۾ جيتري وڙهڻ جي ڪوشش ڪندو، اوتري ئي کيس مار پوندي. اسان لاءِ ان کان سواءِ ڪو ٻيو چارو ناهي.”
“مون سمجھيو.” ڊورٿيءَ وراڻيو.
“ان کان علاوه انساني نفسيات جي پهلوءَ کي به نظر ۾رکڻو پوي ٿو. جيڪي ماڻهو هن ڪم لاءِ ويندا انهن جو ته هن مسئلي سان ڪو به جذباتي تعلق نه هوندو، ان ڪري هو نهايت پرسڪون انداز ۾، ٿڌي دماغ سان، ڊيوٽيءَ جي انداز ۾ هي ڪم سرانجام ڏيندا. جذباتيت هنن ۾ هونءَ به نٿي ٿئي.”
“منهنجو اندازو به اهو ئي هو.” ڊورٿيءَ چيو.
ڪٽلر ڳالهه جاري رکندي چيو: “پر اها ڳالهه فقط هڪ حد تائين ئي صحيح آهي ڇو ته اهي ماڻهو به بهرحال انسان آهن. البرٽ جيڪڏهن ڌڪ جو بدلو ڌڪ سان ٿو ڏئي ۽ دوبدو مقابلو ٿو ڪري ته پوءِ منهنجا ماڻهو به ڪاوڙ ۾ اچي سگھن ٿا. اهڙيءَ طرح هنن جو ڪم اڃا به سولو ٿي سگھي ٿو. انهن ماڻهن جو غصو خطرناڪ به ٿئي ٿو. شايد هو البرٽ کي وڌيڪ نقصان پهچائي وجھن جيترو هنن جو ارادو نه هجي.”
ڊورٿيءَ لمحي کن لاءِ سوچيو. پوءِ هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: “ها. اهو آهي ته برابر ممڪن.”
“ان جي نتيجي ۾ هو اسپتال به پهچي سگھي ٿو.” ڪٽلر چيو.
“تنهنجو مطلب آهي... هن جون هڏيون وغيره به ڀڄي سگھن ٿيون؟.” ڊورٿيءَ ڊنل هرڻيءَ جهڙين نگاهن سان ڪٽلر ڏي گھوريو.
“ها... بلڪ ان کان به بدتر ڪا ڳالهه ٿي سگهي ٿي. مثال طور هن جو جيرو يا ڦڦڙ زخمي ٿي سگھي ٿو. ان قسم جا ڪيترائي معاملا منهنجي ذهن ۾ آهن... بلڪه مون کي ڪجھه اهڙن ماڻهن جي باري ۾ به ڄاڻ آهي، جيڪي فقط پيٽ تي ٺونشو لڳڻ سان موت جي جھوليءَ ۾ هليا ويا.”
“واقعي...! اهو ته مون هڪ فلم ۾ به ڏٺو هو.. ڊورٿيءَ تائيد ڪئي، “تو ته مون کي وري نئين سئين سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي.”
“ها... هي معاملا واقعي ان قابل آهن جو انهن جي باري ۾ ڪيترائي دفعا سوچڻ کپي...” ڪٽلر چيو، “ڇو ته انهن ۾ تمام گھڻو اڳتي نڪرندڙ نتيجن لاءِ تيار رهڻو پوي ٿو... ۽ “تمام گھڻو اڳيان تائين” مان منهنجي مراد تمام گھڻو اڳيان تائين ئي آهي. هونءَ ته سئو مان پنجانوي ڪيسن ۾ ائين نٿو ٿئي.”
“پر ٿي به ته سگھي ٿو.” ڊورٿيءَ گھٻرائيندي چيو.
“جي ها... ٿي به سگھي ٿو.” ڪٽلر وراڻيو.
“خدا پناه ۾ رکي...” هن جي بدن ۾ ڄڻ سيوڪاري پئجي وئي ۽ ڇرڪ ڀريندي چيو “هو بيشڪ پڪو سوئر جو ڦر آهي... پر آئون هن کي مارائڻ به نٿي چاهيان. آئون هن کي فقط سبق ڏيڻ چاهيان ٿي پر اهو هرگز نٿي چاهيان ته هن جي باري ۾ ڪا نهايت خوشگوار ياد هميشه لاءِ منهنجي ضمير تي بار ٿي پوي.”
“منهنجو به اهو ئي خيال آهي ته تون ان ڳالهه کي پسند نه ڪندينءَ”.
“پر آئون هن کي ڏهه هزا ر ڊالر به ادا ڪرڻ نٿي چاهيان. هي معاملو ته ڪجھه منجهيل ئي ٿي پيو.”
“معاف ڪجانءِ... آئون هڪ منٽ ۾ ٿو اچان...” ڪٽلر اٿندي چيو. “تيستائين تون ان موضوع تي سوچي وٺ، پوءِ پاڻ ان بابت وڌيڪ ڳالهه ڪنداسين.”
هن جي غير موجودگي ۾ ڊورٿيءَ هن جي ڪتاب کي ابتو سبتو ڪري ڏٺو ۽ پوءِ جيئن جو تيئن رکي ڇڏيو. هوءَ آهستي آهستي پنهنجي ڊرنڪ مان سرڪيون ڀري سوچيندي رهي. ڪٽلر واپس آيو ته ويهندي ئي چيو: “ها.. ته تو ڇا سوچيو؟”
“منهنجو خيال آهي ته تو پنهنجو پاڻ کي پنج سئو ڊالر ڪمائڻ کان محروم ڪري ورتو آهي.” ڊورٿيءَ چيو.
“منهنجو به اهو ئي خيال آهي.” هن کي ڄڻ ان نقصان جو ٿورو به افسوس نه هو.
“آئون هن کي مارائڻ نٿي چاهيان... بلڪه آئون ته هن کي اسپتال به موڪلڻ نٿي چاهيان. آئون ته فقط اهو چاهيان ٿي ته هو ڊڄي وڃي ۽ هن جي ٿوري مارڪٽ به ٿي وڃي ۽ اهو به شايد ان ڪري چاهيان ٿي جو هن وقت آئون سخت ڪاوڙ ۾ آهيان.”
“اها ڪا عجيب ڳالهه ناهي. اهڙين ڳالهين تي ڪنهن کي به ڪاوڙ اچي سگھي ٿي.” هن همدردي ڪندي چيو.
“جڏهن مون کي ڪاوڙ لهي ويندي ته آئون فقط ايترو چاهينديس ته هو پنهنجي ڏهه هزار ڊالرن واري بڪواس کي وساري ڇڏي، خدا پناهه ۾رکي؟ ڏهه هزار ڊالر ته منهنجي سڄي زندگيءَ جي بچت ٿيندي. آئون هن مردود کي ڏيڻ نٿي چاهيان.”
“ڇا مطلب؟”
“حقيقت ۾ هن هي چڪر پئسا هٿ ڪرڻ لاءِ نه پر توکي تنگ ڪرڻ لاءِ رچايو آهي. هي به جذباتي معاملو آهي. تو هن کي ڇڏيو آهي. هن جي انا زخمي ٿي آهي. هن توکي سبق سيکارڻ جو هي رستو ڳوليو آهي. مشڪل اها آهي ته تون هر شيءِ تي خرچ جو اڌ ڏيندي رهين ٿي ان ڪري شايد عدالت ذريعي هو توکان ان تفريحي سفر جو به اڌ خرچ وصول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي.”
“ته اها ڳالهه آهي...!” ڊورٿيءَ جي منهن تي پريشانيءَ جي لهر نمودار ٿي.
ان ئي وقت ڪٽلر هن کي دلداري ڏيڻ جي ڪئي: “پر هن لاءِ به اهو ڪو سولو ڪم ناهي. بهتر ٿيندو ته هن سان عدالت کان ٻاهر ٺاهه ڪيو وڃي. تون هن کي ٻه هزار ڊالر ڏيڻ جي پيشڪش ڪر. منهنجي دل چوي ٿي ته هو ان تي سرچي ويندو.”
“منهنجي ته هن سان ڳالهه ٻولهه ئي بند آهي... ۽ آئون هن سان ڳالهائڻ به نٿي چاهيان. آئون ڀلا هن کي ٻن هزار ڊالرن جي پيشڪش ڪيئن ٿي ڪري سگھان؟”
“هن کي اهو نياپو موڪلڻ لاءِ توکي ڪنهن ٻئي جي خدمت حاصل ڪرڻي پوندي”
“تنهنجو مطلب آهي ڪو وڪيل وغيره...؟” ڊورٿيءَ وضاحت گھري.
“وڪيل جون خدمتون حاصل ڪندينءَ ته ان خرچ ۾ هن جون فيون به شامل ٿي ويندءِ. آئون سوچي رهيو آهيان ته آئون ئي اها خذمت ڏيان. اها پيشڪش کڻي ويندس ته هو انڪار هرگز نه ڪري سگھندو. مون کي زبان سان ڌمڪي ڏيڻ بنا ڪم ڪڍڻ جو طريقو اچي ٿو. هن کي ڪا به ڌمڪي يا دڙڪو نه ڏيندس تڏهن به هو سمجھندو ته مون هن کي چتاءُ ڏنو.”
“يعني ٻن هزار ڊالرن ۾ منهنجي جان ڇٽي ويندي-۽ پنج سئو ڊالر تنهنجي فيءَ جا...؟”
“ آئون ڪا في نه وٺندس. مون کي هن سان فقط ڳالهه ڪرڻي پوندي ۽ ڳالهه ڪرڻ جي آئون ڪا به في نه وٺندو آهيان. آئون ڪو وڪيل نه آهيان. آئون ته فقط هڪ شريف ماڻهو آهيان. جنهن جي گذر سفر جو ذريعو ٻه “پارڪنگ لاٽس” آهن. البت ايترو ضرور آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڏکيو ڪم ڪرايو وٺان.”
“۽ توکي ڪتابن پڙهڻ جو به شوق آهي؟”
“ها... اهو شوق مون کي ننڍپڻ کان آهي.” هن مرڪيو.
“مون سمجهيو ٿي ته اهو شوق به جيل کان شروع ٿيو هو.” ڊورٿيءَ ترسي ترسي جملو پورو ڪيو.
“اتي انسان پڙهيو نٿو سگھي. تمام گھڻو هل هنگامو ٿئي ٿو.”
“مون ته سمجهيو ٿي ته اتي انسان کي سڪون ملي ٿو. تڏهن ڪجھه ماڻهن جيل ۾ رهي دنيا جا مشهور ڪتاب لکيا آهن.”
“ڪجھه خوش نصيبن کي شايد ايترو سڪون ملي ويو هوندو.” هن مرڪندو جواب ڏنو.
لمحي کن جي ماٺ کانپوءِ هن چيو، “مون کي هاڻ اهو سوچيندي شرم ٿو محسوس ٿئي ته آئون تو وٽ ڪهڙي ته ڪم لاءِ آئي هيس.”
“شرم جي ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي؟” هن همٿ افزائي واري انداز ۾ چيو، “هي ته تنهنجي خوددار هجڻ جي نشاني آهي ته تو بليڪ ميل ٿيڻ پسند نه ڪيو. خوددار عورتون مون کي سٺيون لڳنديون آهن.”
ڊورٿيءَ پنهنجي ڳلن تي ڪجھه گرمائش محسوس ڪئي. هو پسنديدگيءَ جي نظرن سان هن ڏي ڏسي رهيوهو. پل ساعت جي خاموشيءَ بعد هن چيو: “تون ڊرنڪ پي وٺ ته آئون توکي تنهنجي گھر ڇڏي اچان.”
“توکي ايڏي تڪليف وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. آئون ريل ۾ هلي وينديس.” هن هيڻي آواز ۾ چيو.
“ڇا توکي مون سان گڏ هلڻ پسند ناهي؟” هن ڊروٿيءَ جي اکين ۾ ليئو پائيندي چيو.
“پسند ته آهي ... پر... ” هوءَ ڪجھه چوندي چوندي ترسي پيئي. هن مرڪي ڏنو ڄڻ سمجھي ويو هجي ته ڊورٿي ڇا ٿي چوڻ چاهي. غير ارادي طور هن به مرڪي ڏنو.
هن ميز ڏي جھڪندي چيو: “مون چيو هو نه ته ڪڏهن ڪڏهن معاملا ان کان به گھڻو اڳ پهچي سگھن ٿا، جتي اسان وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. منهنجي خيال ۾ هاڻ پاڻ کي ماني به هتي کائي وٺڻ کپي. ڇا خيال آهي؟”
ڊورٿيءَ جواب بدران فقط ڪلها لوڏي اقرار ڪيو.
مانيءَ بعد جڏهن هوءَ هن سان گڏ ڪار ۾ رواني ٿي ته ڪار جو رخ هن جي گھر جي بدران ڪٽلر جي گھر ڏي هو ۽ هو ٻئي مستقبل جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.

محفوظ جاءِ

پيٽر وري به پڪ خاطر هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ۽ اهو معلوم ڪري کيس دلجاءِ ٿي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪو به اتي نه هو. سوشل سينٽر جي هن وڏي هال نما ڪمري ۾ هو اڪيلو پاڻ هو.
پيٽر پنهنجي کيسي جي ٻاهران هٿ هڻي سڪون محسوس ڪيو ته چاٻي موجود هئي ۽ پوءِ کيس ۾ هٿ وجھي چاٻي ٻاهر ڪڍي. هن کي يقين هو ته هن “خذمت خلق” جي رفاعي سينٽر جو انچارج مسٽر بومين ڪلاڪ کن کان اڳ هرگز نه موٽندو پر ان هوندي به گھٻراهٽ هن تي حاوي هئي. هن جي دل جو ڌڙڪو وڌڻ لڳو ۽ هٿن جون تريون پگھر کان آليون ٿي ويس.هن کي اهو ڊپ هو ته چوري ڪندي جيڪڏهن بومين کيس ڏسي ورتو ته نه فقط کانئس چاٻيو ڦرجي وينديون پر ٿي سگھي ٿو ته کيس نوڪريءَ مان به ڪڍيو وڃي. هن کي اها به سُڌ هئي ته ڪيترائي بيروزگار سندس نوڪريءَ ۾ اک هڻيو ويٺا آهن. پيٽر جي خيال موجب هن ڌرتيءَ تي ان کان وڌيڪ آسان ۽ آرام واري نوڪري ٻي ڪا ورلي ٿي سگھي ٿي. اهو ئي سبب هو جو هن اهڙي نوڪريءَ کان جدائي اختيار ڪرڻ نٿي چاهي، پر پنهنجي عادت کان به مجبور هو. هو ڇا چوندا آهن ته چور چوريءَ کان وڃي پر هيرا ڦيريءَ کان نه وڃي يا هيريءَ سندس هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي. جيتوڻيڪ بومين کيس پگهار کان علاوه روزانو ڪجھه ڊالر خرچي طور پڻ ڏيندو هو پر پيٽر تنهن هوندي به چندي جي پيٽيءَ مان ڪجھه نه ڪجھه پار ڪري ورتو ٿي.
پيٽر جي هن نوڪريءَ کي اڃا ڪجھه هفتا ڪي مس ٿيا هئا. بومين ترس کائي هن کي اها نوڪري ڏني هئي جو کيس ڪو گھر گھاٽ به نه هو. بومين هن کي رفاعي سينٽر ۾ ٽڪڻ جي موڪل ڏئي، هن جا ڄڻ سڀ مسئلا ختم ڪري ڇڏيا. نه ته ان کان اڳ پيٽر جون راتيون رستن تي گذريون ٿي ۽ ڏينهن بکون ڪاٽڻ کان بچڻ لاءِ ننڍا وڏا ڏوهه ڪندي. ڪڏهن ڪڏهن هن کي ڪنهن بنگلي يا بلڊنگ جي ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ جو ڪم ملي ويو ٿي ته ڪجھه ڏينهن آرام سان گذري ويس ٿي. هن رفاعي سينٽر ۾ به شروع جا ڏينهن هن کي ٻهاريءَ جي ڪم لاءِ رکيو ويو هو. پوءِ مسٽر بومين هن کي ديانتدار ماڻهو سمجھي چندي جي پيتيءَ مان رقم ڪڍڻ ۽ ڳڻڻ جي ذميواري به هن جي حوالي ڪري ڇڏي.
پيٽر آهستي آهستي ڪري چندي جي پيتي کولي. هونءَ ته روزانو رات جو چندي جي پيتي کولي منجھس گڏ ٿيل رقم بومين جي حوالي ڪندو هو پر هينئر هن وقت پيتي کولڻ سان هن جو مقصد ڪجھه ٻيو ئي هو.
پيتيءَ ۾ ڪيترائي سڪا ۽ نوٽ موجود هئا. پيٽر هڪ دفعو وري چئني طرفن جو جائزو ورتو ۽ نوٽن ڏي هٿ وڌايو. پوءِ هڪ نوٽ کي ڏسندي هن جي اکين ۾ روشني اچي وئي. هن جلديءَ ۾ اهو نوٽ کنيو ۽ اکين اڳيان ويجھو جھلي ان جو جائزو ورتو. هن جيڪي سوچيو ان جي ڄڻ پوئيواري ٿي وئي. اهو پنجن يا ڏهن جو نه پر پوري هڪ هزار ڊالر جو نوٽ هو! هن ڦڙتيءَ سان ان نوٽ کي پنهنجي کيسي ۾ وڌو ۽ پيتيءَ کي تالو هڻي ٻاهر نڪري آيو.
هزار ڊالر جو نوٽ کيسي ۾ وجھي هو تکيون تکيون ٻرانگون ڀريندو اتر طرف نڪري ويو. هڪ عجيب خوشيءَ جو احساس هن تي ڇانيل هو. هن سڄي زندگي غربت ۽ مفلسيءَ ۾ گذاري هئي.هن کي جتي وجھه لڳو ٿي اتي چوري يا کيسي ڪٽڻ کان رهيو نٿي پر ڪڏهن به هيڏي وڏي رقم هن جي هٿ ۾ نه آئي هئي. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هڪ هزار ڊالرن جو نوٽ هن جي کسي ۾ موجود هو ۽ هن پاڻ کي ان وقت ڪنهن امير ماڻهوءَ کان گھٽ نه پئي سمجھيو. هزار ڊالر انهن ڏينهن ۾ واقعي وڏي دولت هئي.
پيٽر کي اوچتو پيٽ ۾ وَٽَ محسوس ٿيڻ لڳا. اڃ جي ڪري سندس ڳلي ۾ جھڙيون سُيون چڀڻ لڳيون. ٿورو اڳتي هن کي هڪ ريسٽورنٽ نظر آئي. هو تکيون تکيون وکون کڻي ان ريسٽورنٽ ڏي وڌيو.
پيٽر ريسٽورنٽ ۾ اندر گھڙي هڪ ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. هن کي ويٽر جو انتظار هو پر جڏهن چڱي دير ٿي وئي ته هن کي ڪاوڙ اچڻ لڳي. “شايد منهنجا افعال ڏسي هو سمجھن ٿا ته آئون ڪو لچو لفنگو يا کيسي خالي آهيان ۽ سندن شيءِ کائي ڀڄي ويندس. چرين کي ڪهڙي خبر ته مون وٽ هڪ هزار ڊالرن جو نوٽ آهي.آئون هر شيءِ جي قيمت ادا ڪري سگھان ٿو.” هو دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ سان مخاطب هو ته هڪ کهري آواز هن کي ڊيڄاري وڌو.
“ڇا کپي توکي؟” پيٽر غور سان ڏٺو ته اهو ويٽر نه هو. هن شخص کي هو ريسٽورنٽ ۾ گھڙندي وقت دخل تي ويٺل ڏسي چڪو هو، جيڪو شايد مئنيجر هو. پيٽر وڏي لئه سان چيو: “هن ريسٽورنٽ جو سڀ کان سٺو ۽ مهانگو ڊش کڻي اچ ۽ گڏو گڏ ڪجھه پيئڻ لاءِ پڻ...”
مئنيجر جون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه پئي آيو. هن غور سان پيٽر جو جائزو ورتو. هڪ دفعو وري گراهڪ کي نه کنگھڻ جا تاثر هن جي منهن تي ظاهر ٿيا.
“آئون تنهنجي ڳالهه تي يقين نٿو ڪري سگھان.” هن حقارت سان چيو، “۽ نه وري آئون ڪو اهڙو گڏهه آهيان جو پهرين توکي کاڌو کارايان ۽ پوءِ بل جي وصوليءَ لاءِ ويهي گارگند ڪريان. ان ڪري توکي جيڪڏهن ڪجھه کپي ته پهرين پئسا ٻاهر ڪڍ نه ته هتان گم ٿي وڃ.”
“مون وٽ هڪ هزار ڊالر موجود آهن. تون پنهنجو پاڻ کي سمجھين ڇا ٿو. آئون... آئون توکي به خريد ڪري سگھان ٿو.” پيٽر سخت ڪاوڙ جي عالم ۾ چيو. هن کي مئنيجر جي ان سلوڪ ڪاوڙائي وڌو ۽ جيڪو راز هن دنيا کان لڪائڻ چاهيو ٿي اهو پاڻ ئي کولي رکيائين.
مئنيجر خوفناڪ نظرن سان پيٽر کي گھوري ڏٺو. “جيڪڏهن تو وٽ هڪ لک ڊالر به هجن ته به منهنجي آڱوٺي کي پرواهه آهي. آئون توسان بحث ڪري پنهنجو قيمتي وقت وڃائڻ نٿو چاهيان. ان ڪري تون اک ڇنڀ ۾ هتان غائب ٿي وڃ.” صاف ظاهر هو ته مئنيجر کي پيٽر جي ان ڳالهه تي يقين نه آيو ته هن وٽ ڪو هڪ هزار ڊالر جو نوٽ آهي.
پيٽر جي به سهپ جون حدون ختم ٿي چڪيون هيون. هن کائڻ پيئڻ جي خواهش تي لعنت وڌي ۽ ڪرسيءَ تان اُٿي کڙو ٿيو. هن ميز کي هڪ ٿڌو هنيو ۽ مئنيجر کي قهريلي نگاهن سان ڏسي پنهنجي کيسي مان هزار ڊالر جو نوٽ ڪڍي، مئنيجر جي اکين اڳيان ڦڙڪايو ۽ پوءِ ڦڙتيءَ سان واپس پنهنجي کيسي ۾ وجھي ڇڏيو. “تون پاڻ کي سمجھين ڇا ٿو؟ ڇا دنيا ۾ تون ئي هڪ شاهوڪار ماڻهو آهين، نيچ انسان!” پيٽر جلدي جلدي ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪري آيو. هن کي اطمينان هو ته هن پنهنجي بي عزتيءَ جو بدلو وٺي ڇڏيو. ڪو ٻيو وقت هجي ها ته هو مئنيجر سان وڌيڪ اٽڪي پوي ها. گھٽ ۾ گھٽ هن جو مٿو ته ضرور ڦاڙي ها پر هڪ هزار ڊالرن جي موجودگيءَ ۾ ڪو به خطرو کڻڻ سراسر بيوقوفي هئي جو رقم جو هٿن مان وڃڻ جو انديشو هو.
پيٽر ٻاهر نڪري مئنيجر ۽ ان جي گندي سلوڪ کي پنهنجي ذهن مان ڪڍي هڪ دفعو وري هزار ڊالرن جي نوٽ جي موجودگيءَ جي خوشي پيدا ڪندڙ احساس ۾ مدهوش ٿي ويو.
هاڻ هن کي زوردار احساس ٿي رهيو هو ته ڪنهن به ريت ان نوٽ کي کلو ڪرائڻ کپي. جيڪڏهن هن وٽ ننڍا نوٽ نه آيا ته هو کائڻ پيئڻ کان رهجي ويندو. هن جا حال افعال ڏسي ڪنهن کي به يقين نه ايندو ته هو ورتل شيءِ جي ادائگي ڪري سگھندو. اهو سوچي هن بلاڪ ستين ۾ ٺهيل فرسٽ سٽي بئنڪ ڏي هلڻ شروع ڪيو.
پيٽر بئنڪ جي ويجھو پهتو. بئنڪ جي ٻاهر به ڏاڍي رش هئي. ماڻهو تکا تکا بئنڪ جي اندر ۽ ٻاهر اچي وڃي رهيا هئا. پيٽر ڏٺو ته اتي اچڻ وارو هرهڪ سکيو ستابو ۽ سٺي ويس وڳي ۾ هو. احساس ڪمتريءَ هن کي پنهنجي چنبي ۾ ڦاسائي رکيو . هن کي پنهنجو منهن مهانڊو عجيب شڪي نموني جو لڳو. بهرحال هن پنهنجي اندر ۾ همت پيدا ڪئي ۽ بئنڪ اندر داخل ٿي ويو. هو وات پٽي حيرت مان اندر جو منظر ڏسڻ لڳو. وڏي ۽ ويڪري هال ۾ مختلف ڪائونٽر هئا، جن جي اڳيان بيشمار ماڻهو قطارون ٺاهي نهايت سڪون سان بيٺا هئا. گھڻن تڻن ڪائونٽرن تي پئسي ڏوڪڙن جي ڏي وٺ هلي رهي هئي. ماڻهو هڪ ٻئي سان آهستي آهستي ڳالهائي رهيا هئا پر گوڙ بنهه نه هو. پيٽر جي زندگيءَ ۾ هي پهريون موقعو هو جو ڪنهن بئنڪ ۾ آيو هو. هن کي اوچتو محسوس ٿيو ته بئنڪ ۾ موجود مڙيئي ماڻهو هن ڏي ڏسي رهيا آهن. هو ڌڙڪندڙ دل ۽ ڏڪندڙ قدمن سان هڪ قطار ۾ وڃي بيٺو. هي پئسا مٽي ڏيڻ جو ڪائونٽر هو. پئسا مٽائڻ وارن ماڻهن مان هرهڪ پنهنجا نوٽ اڳيان وڌائي ڪائونٽر تي ويٺل همراهه کي ڏنا ٿي، جنهن ڳڻي گھربل رقم کيس ڏني ٿي. پئسا وٺي اهو ماڻهو قطار مان نڪري ويو ٿي ۽ ان جي پٺيان واري اڳتي وڌي هن جي جاءِ والاري ٿي ۽ پنهنجا نوٽ مٽايا ٿي. اهڙيءَ طرح قطار اڳيان اڳيان وڌي رهي ٿي.
پيٽر به قطار سان گڏ گڏ اڳتي وڌندو رهيو. هاڻ پيٽر جي اڳيان فقط چار ماڻهو هئا. پيٽر جي خوف ۽ گھٻراهٽ کان حالت خراب هئي. هن جون ٽنگون ٿڙڪي رهيون هيون. هو اهو سوچي پريشان ٿي رهيو هو ته ڪائونٽر تي ويٺل همراهه کي جي هن جي حال افعالن مان هن تي شڪ ٿي پوي ۽ هن کان پڇي وٺي ته هيڏي وڏي انگ جو نوٽ ڪٿان آيو ته هو ڪهڙو جواب ڏئي سگھندو؟
پيٽر دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن اهڙي نوبت آئي ته هو هن کي ٻڌائيندو ته هن کي اهو نوٽ واٽ تي مليو. پر نه، اهو ڪو عقلمندي وارو جواب نه آهي. ته پوءِ؟ آئون چوندس ته .... ته هي نوٽ منهنجو پنهنجو آهي ۽ جيڪڏهن هن منهنجو ڌنڌو ڌاڙي پڇي ورتو ته پوءِ؟ پيٽر جي ذهن ۾ سوال اُڀريو ۽ جيڪڏهن مون پنهنجي رفاعي اداري جو نالو ورتو ، جتي آئون نوڪري ڪريان ٿو ته ٿي سگھي ٿو ته هو ان جي انچارج مسٽر بومين کي فون ڪري ۽ منهنجي صحيح جواب نه ڏيڻ تي ٿي سگھي ٿو هو کڻي پوليس کي فون ڪري ۽ هتي ته هونءَ به ڪيترائي پوليس وارا ۽ سيڪيورٽي گارڊ پيا هلن.
“نه. مون کي هتان نڪري وڃڻ کپي.” آخرڪار پيٽر اهو ئي فيصلو ڪيو ۽ قطار مان نڪري آيو. ڪجھه پري پهچي هن پنهنجي اڀساهيءَ کي قابوءَ ۾ آندو. اوچتو هڪ سيڪيورٽي گارڊ هن ڏي وڌيو ۽ نهايت تحمل سال پڇيو:
“ڇا آئون توهان جي ڪا مدد ڪري سگھان ٿو؟”
“نه مهرباني! منهنجو ڪم ٿي ويو آهي.” پيٽر مرڪندي هن کي جواب ڏنو ۽ ٻاهر کُلندڙ دروازي کان نڪري آيو. هو آهستي آهستي هلي رهيو هو. هن جو خيال هو ته جيڪڏهن هو ڊوڙي ڀڄندو ته پوليس وارن جو هن ڏي ڌيان ڇڪجي ويندو ۽ هن کي اجايو جھلي وٺندا. اهڙي طرح هو پنهنجو پاڻ کي عقلمنديءَ تي داد ڏيندو، بئنڪ کان گھڻو پري نڪري آيو.
پيٽر هاڻ ڪٿي ويهي سڪون سان هن وڏي نوٽ کي مٽائڻ ۽ ان کي خرچ ڪرڻ جي پلاننگ ڪرڻ چاهي ٿي. گذريل تلخ تجربي جي بنياد تي هاڻ هن ڪنهن هوٽل يا بار وغيره وڃڻ نٿي چاهيو. اتي هن کي هڪ راندين جي ڪلب جو خيال آيو. پيٽر ڪجھه عرصو اتي صفائيءَ جو ڪم ڪيو هو. ڪلب جي مالڪ هن تي رحم کائي هن کي ڪلب ۾ اچڻ ۽ اتي ويهڻ جي موڪل ڏني هئي.
ڪلب ۾ دستور موجب ڪيتريون ئي رانديون هلي رهيون هيون. پيٽر هڪ خالي ميز تي وڃي ويٺو. پيٽر جي ڀر واري ٽيبل تي چار نوجوان ڇوڪرا ويٺل هئا. پيٽر نوٽ کلو ڪرائڻ جي سوچ ۾ هو ته ڪنهن جي آواز هن کي ڇرڪائي وڌو. انهن چئن ڇوڪرن مان هڪ پڇي رهيو هو:
“هتي ڪهڙي چڪر ۾ اچي نڪتو آهين؟”
بي اختيار پيٽر جي وات مان جواب نڪتو: “ڪجھه دير لاءِ فرحت وٺڻ آيو آهيان.”
جنهن ڇوڪري پيٽر کان سوال ڪيو هو، اهو ڇهه فوٽ ڊگھو ۽ ڳري جسم جو مالڪ هو. هن کي جينز جي پتلون تي آسماني رنگ جو هڪ سوڙهو سئيٽر پاتل هو. مٿي تي خاڪي رنگ جو ٽوپلو هو. ڳالهائيندي هن جو وات چٻو ٿي ٿيو.
“لڳي ٿو ته تون پهريون دفعو ڪنهن ڪلب ۾ آيو آهين” هن پيٽر کي غور سان ڏسندي چيو. “ان ڪري شايد تون پنهنجو ڪوٽ هئنگر ۾ نه ٽنگيو آهي.” ڇوڪرا پيٽر کي شڪي نگاهن سان ڏسي رهيا هئا.
“مون چيو نه ته آئون هتي فقط ٿوري دير لاءِ آيو آهيان.” نه چاهڻ جي باوجود پيٽر کي جواب ڏيڻو پيو.
“تون ڪنهن ٻئي هنڌ به ويهي سگھئين ٿي.” هن دفعي هڪ ٻئي ڇوڪري پيٽر کي گھوريندي چيو، “ تو اسان کي ڊسٽرب ڪيو آهي.”
پيٽر جي بدن ۾ ڄڻ سيوڪاري پئجي وئي. هو سمجھي ويو ته هي ڇوڪرا ساڻس وڙهڻ چاهين ٿا ۽ ان لاءِ هنن کي ڪنهن بهاني ڳولڻ جي ضرورت ناهي. هو تعداد ۾ چار هئا ۽ پيٽر اڪيلو هو پر هو اهڙي سولائيءَ سان آڻ مڃڻ وارو نه هو.
ٽيون ڇوڪرو جيڪو قد ۾ پنهنجن ٻين ساٿين کان ننڍو هو، تنهن پنهنجي چيلهه سان ٻڌل پٽو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ پيٽر اڳيان لوڏڻ لڳو: “ذليل انسان! تنهنجي ايڏي همت جو اسان جي ڀر سان اچي ويهين.”
ڪاوڙ ۽ ڇتو ڪرڻ سان پيٽر جا حواس خطا ٿي ويا. هو به پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي کڙو ٿيو. هٿ وڌائي هن پهرين ئي سٽ سان ڇوڪر کان پٽو کسي کڻي پري اڇلايو.
“ تو مون کي ذليل انسان چيو.” پيٽر ڪاوڙ کان ڏڪي رهيو هو. تون پاڻ ذليل هوندي... آئون تو جهڙن ٽڪي جي بدمعاشن کان چڱيءَ طرح واقف آهيان. آئون جيڪڏهن چاهيان ته توکي ٿڏا هڻي هن ڪلب مان ڪڍي ڇڏيان”. هو چوندو ئي رهيو، “تون مون کي سمجهين ڇا ٿو. هي ڏس!” هن پنهنجي کيسي مان هزار ڊالر جو نوٽ ڪڍي سڀني کي ڏيکاريو. “ آئون توهان جهڙن کان گھڻو بهتر آهيان.”
چوٿون ڇوڪر جيڪو هيستائين ماٺ مٺوڙيءَ ۾ سڄي ڪاروائيءَ جو جائزو وٺي رهيو هو، اٿي پيٽر وٽ آيو. هن جي چپن تي مرڪ هئي. هن دوستاڻي نموني سان پيٽر جي ڪلهن تي هٿ رکي چيو: “هنن چرين جون ڳالهيون دل ۾ نه ڪجانءِ. هي ته ائين ئي توسان چرچا پيا ڪن. توکي چيڙائڻ ٿا چاهين... منهنجي ڀرسان ٿي ويهه!” هن پيٽر جي ڪلهن تي زور ڏئي پنهنجي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهاريو. “جيستائين تنهنجي دل چوي هن ڪرسيءَ تي ويهه. هاڻ ڪير به توکي تنگ نه ڪندو.”
پيٽر هن کي غور سان ڏٺو ۽ ڊگھو ساهه کڻي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. اهو ڇوڪرو هاڻ پيٽر جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو ۽ نهايت ڌيرج سان چيو:
“هي نوٽ تو وٽ ڪٿان آيو؟”
هڪ دفعو وري پيٽر ڪاوڙ ۾ بِرُ ٿي ويو. “هي نوٽ منهنجو آهي. تون ڪير ٿيندو آهين مون کان پڇڻ وارو؟”
“آئون ته ائين ئي توکان پڇي رهيو آهيان. جيڪڏهن تون ناراض ٿو ٿين ته ٺهيو مون پڇڻ جي پچر ڇڏي.”
پيٽر هاڻ هن کي وڌيڪ غور سان جانچيو. ڇوڪر جي منهن تي پنهنجائپ جا تاثرات نظر اچي رهيا هئا. هو پيٽر کي سندس ٽنهي ساٿين کان نرالو لڳو. هن جو منهن مهانڊو به معصوم هو. پيٽر سوچڻ لڳو، هن کي ڪنهن تي ته اعتبار ڪرڻو ئي پوندو نه ته هن نوٽ جو مسئلو اتي ئي رهجي ويندو. هن جي دماغ ۾ هڪ رٿ آئي. هو ڇوڪر ڏي مخاطب ٿيو: “ڇا تون منهنجو هڪ ڪم ڪندين؟ آئون توکي ان جو اجورو ڏيندس.”
“مثال طور ڪهڙو ڪم؟” ڇوڪري جي منهن تي دلچسپيءَ جا تاثر اُڀري آيا. هن جا ٽيئي ساٿي خاموش هئا ۽ هنن جو ڌيان هنن ٻن ڏي هو. پيٽر ڳالهه ٻڌائي: “تون ته ڏسي ئي چڪو آهين ته مون وٽ هڪ هزار ڊالر جي رقم موجود آهي. هيءَ رقم مون وٽ ڪٿان آئي. اهو تنهنجو مسئلو ناهي، جيڪڏهن تون واقعي ان ڪم لاءِ تيار آهين ته مون سان گڏ بئنڪ تي هل ته هلي نوٽ کلو ڪرايون. آئون توکي ان ساٿ ڏيڻ جا پنجاهه ڊالر ڏئي سگھان ٿو.”
هن ڇوڪر جي منهن تي حيرت جا تاثرات نموندار ٿيا. پيٽر جلدي پنهنجي وضاحت ڪندي چيو: “در اصل منهنجو هال ڪجھه اهڙو غريباڻو آهي جو ٿي سگھي ٿو ته بئنڪ وارا شڪ ۾ پئجي وڃن.” پيٽر اهو ٻڌائيندي شرمندو ٿي رهيو هو، “ ته پوءِ ڇا خيال آهي؟” پيٽر ان ڇوڪر کي ماٺ ۾ ڏسي جواب طلب ڪرڻ چاهيو.
“آئون ٿورو پنهنجي ساٿين سان صلاح ڪرڻ چاهيان ٿو.” هو پنهنجن ٽنهي دوستن ڏي اشارو ڪري اُٿيو.
چارئي ڄڻا ڪائونٽر وٽ وڃي پاڻ ۾ صلاح سُولي ڪرڻ لڳا. رکي رکي هو پيٽر ڏي منهن ڪري هن کي غور سان ڏسندا به رهيا. پيٽر هاڻ هنن جي ان طرح جي نهارڻ کان خوف محسوس ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ جيئن ئي هن جي ڇهين حواس خطري جي گھنڊڻي وڄائڻ شروع ڪئي ته هو خبردار ٿي ويو. هن کي يقين ٿي ويو ته هو چارئي ڇوڪرا هن کان پئسا ڦرڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا آهن. ان کان اڳ جو هي ڇوڪرا مونکي هٿين خالي ڪري هتان ڪڍن. مون کي هتان ٽري وڃڻ کپي. هڪ دفعو ٻاهر اچي ويس ته آئون پوءِ پنهنجو بچاءُ پاڻهي چڱيءَ طرح ڪري سگھندس.” پنهنجي ان سوچ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هو لُوه پائي دروازي ڏي وڌيو. پر ان کان اڳ جو هو ٻاهر نڪري وڃي، هڪ ڳرو هٿ پيٽر جي ڳچي ۾ سوگھو ٿي ويو. پيٽر جا قدم ڄمي ويا.”
“ڪيڏانهن پيو ڀڳو وڃين تون؟” هي اهو ڇوڪرو هو جنهن کي پيٽر پنهنجي ڪم لاءِ چيو هو.
“مون پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو آهي. في الحال آئون هن نوٽ کي مَٽائڻ نٿو چاهيان.” پيٽر هن کي ٻڌايو.
“پر اهو ته وعدو ڪري ڀڃڻ ٿيو. تو اسان کي رقم ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو جنهن کي پاڙڻ بنا تون ائين نٿو وڃي سگھين.” ننڍي قد واري ڇوڪر منهن ۾ گھُنڊ پائي سختيءَ سان چيو. هن جي داداگيرن واري لهجي پيٽر کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو.
“اسان توکان زبردستي به پئسا ڦري سگھون ٿا.” هن دفعي ڊگھي قد واري ڇوڪري دڙڪو ڏيندي چيو.
“چڱو ڀلا.” پيٽر سوچي ڪنهن فيصلي تي پهتو. “ پهرين مون کي واش روم وڃڻ ڏيو، رستو ڪهڙي پاسي آهي.”
ڊگھي قد واري ڇوڪري غور سان پيٽر کي ڏٺو. پوءِ واش روم ڏي هٿ سان اشارو ڪيو، “ساڄي هٿ تي هليو وڃ... پر!” هن ڌمڪيءَ واري انداز ۾ پيٽر کي ڏٺو. “اهو نه وسارجانءِ ته اسين تنهنجو انتظار ڪري رهيا آهيون ۽ ها دير به نه ڪجانءِ.”
پيٽر ساڄي پاسي هلندو ويو. ڪاريڊار جي آخر ۾ واش روم هو، جنهن جي دروازي تي وڏن اکرن ۾ واش روم لکيل هو. پيٽر اندر گھڙيو هي هڪ ننڍو واش روم هو. هتي ڪنهن به قسم جي لائيٽ جو انتظام نه هو. البت هڪ دري ضرور هئي جنهن مان سج جي ايندڙ روشني سڄي واش روم کي روشن ڪري رکيو هو. اهو ڏسي پيٽر کي مايوسي ٿي ته دريءَ ۾ لوهه جون شيخون لڳل هيون. پيٽر جو واش روم جي بهاني هتي اچڻ جو اهو ئي مقصد هو ته شايد هتان ڪو اهڙو رستو نڪري اچي، جنهن مان هو ٻاهر نڪري سگھي. پيٽر چئني طرف نظرون ڊوڙايون پر اتي هن کي ڪا به اهڙي شيءِ نظر نه آئي، جنهن کي هو هٿيار طور استعمال ڪري سگھي. هن کي ڇوڪرن کان هر صورت ۾ اهو نوٽ بچائڻو هو. پوءِ هن کي هڪ خيال آيو. هن کيسي مان هزار ڊالر جو نوٽ ڪڍيو. ان کي چئوڻو پنجوڻو ڪري ويڙهي پني جو ننڍڙو ڀور ٺاهيو جيڪو ڏاٺ جي هيٺان دٻائي رکيو. هاڻ پيٽر کي اها پڪ هئي ته نوٽ محفوظ ٿي ويو آهي. اوچتو پيٽر کان ڇرڪ نڪري ويو. واش روم جو دروازو هڪدم اڇل سان کلي ويو. ائين ڄڻ ڪنهن در کي زور سان لت هڻي کوليو هجي. اندر اچڻ وارو اهو ئي ڊگھي قد ۽ آسماني سئيٽر وارو هو.
“ايتري دير کان ڇا ويٺو ڪرين؟” هو پيٽر کي شڪي نگاهن سان ڏسي چوڻ لڳو. پيٽر جي وات ۾ نوٽ هو ان ڪري هو جواب ڏيڻ واري حالت ۾ نه هو. ڊگھي قد وارو ڇوڪرو جيئن ئي اندر گھڙيو، پيٽر هن کي زوردار ڌڪو ڏنو ۽ وٺي ٻاهر ڊوڙ پاتي. ڊگھي ڪاريڊار ۾ هو تکو تکو ڊوڙي رهيو هو پر چند ساعتن بعد ڊگھي قد وارو اچي هن کي چهٽيو ۽ هڪ زوردار لت پيٽر جي چيلهه ۾ هنئي.
“ذليل انسان... اسان سان دوکو ڪري ٿو ڀڄين.”
پيٽر ڪنجھندي زمين تي ڪري پيو. ننڍي قد وارو به اتان اچي نڪتو هو ۽ پيٽر جي مٿي کان بيٺو هو.
“اڙي ڊئوڊ!” ڊگھي قد واري پنهنجي ساٿيءَ جو نالو کنيو، “هن جي تلاشي وٺ.”
ننڍي قد واري به هن جي پيٽ ۾ هڪ زوردار لت هڻي ڪڍي. پيٽر سور کان ٻيڻو ٿي ويو. ڊئوڊ جھڪي هن جي ٻنهي کيسن اندر ڳولا ڪئي ۽ پوءِ زور سان چيو: “هتي ته ڪجھه به نظر نه پيو اچي.” پوءِ پيٽر جا جوتا لهرائي ڏٺا ته متان پيٽر نوٽ کي بوٽن ۾ لڪايو هجي. پر نوٽ اتي به نه مليو.
“نوٽ ڪيڏانهن ويو؟” ڊگھي قد واري ۽ ڊئوڊ جو ڪاوڙ کان هال خراب ٿي رهيو هو. ان کان پهرين جو هو پيٽر کي ماري ماري هڏ گڏ ڀڃنس، هو ٽئي ڄڻا وڙهندا ڪاريڊار جي مين گيٽ وٽ اچي پهتا.
هنن جي ٽئين ساٿيءَ گھٻرائيندي هن کي ٻڌايو: “ٻاهر هال ۾ هڪ پوليس وارو موجود آهي، جيڪو هينئر آيو آهي. هو سڄي ڪلب جي چڪاس ڪري رهيو آهي. شايد هتان به اچي نڪري ان ڪري بهتر آهي ته هتان ڀڄي نڪرجي.” هنن ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي کڻي پٺيان پير ڪيا. ڊئوڊ ۽ ڊگھو ڇوڪرو به ان ئي وقت وٺي ڀڳا. پيٽر جي ته الله ٻڌي. اهي ڇوڪرا شايد ڪنهن ڏوهه ۾ پوليس کي گھربل هئا. ان ڪري اهي ايترا ڊنل هئا.
هنن جي وڃڻ کانپوءِ پيٽر ٿاٻرندي ٿاٻڙندي اٿيو ۽ واپس واش روم ۾ آيو. وات مان موڙي نوٽ ڪڍي کيسي وڌو پوءِ پنهنجي مٿي ۽ منهن کي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا. ڪجھه لمحن بعد جڏهن حواس جاءِ ٿيس ته ٻاهر نڪري آيو. هال ۾ نه اهي چار ڇوڪرا هئا ۽ نه ئي ڪو پوليس وارو. شايد پوليس وارو انهن جي ڪڍ ويو هجي. پيٽر اهو سوچيندو ڪلب کان ٻاهر نڪري آيو.
پيٽر هاڻ ڏکويل جسم سان آهستي آهستي رستي تان هلي رهيو هو. لاشعوري طور هن پنهنجي رفاعي اداري (سوشل سينٽر) ڏي وڌي رهيوهو. ٻنهي بدمعاشن هن جو هڏ هڏ جھوري رکيو هو ۽ هاڻ ته ڄڻ هن جي ذهن تي به ڌنڌ چڙهي ويو هو.
اوچتو پيٽر کان ڇرڪ نڪري ويو. هن کي پنهنجي پٺيان ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن هڪدم مُڙي ڏٺو. هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪو تيزيءَ سان ڪٿي لڪي ويو. ڪير ٿي سگھي ٿو؟ پيٽر جي دل ڌڙڪڻ لڳي. اهو پڪ انهن چئن بدمعاشن مان ڪو هوندو ۽ يقين سان اهو ڊگھي قد وارو هوندو. اهو انهن چئني مان گھڻو جھيڙاڪ هو. پيٽر هاڻ ڊڄي ويو هو. هن جي اندر جو حوصلو ۽ اعتماد ختم ٿي چڪو هو. هو اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجي ويو هو ته هو هنن چئني مان ڪنهن هڪ کي به ڪجھه نٿو ڪري سگھي. باقي هو چاهين ته هن کي موچڙا ضرور هڻي سگھن ٿا.
پيٽر وري مُڙي ڏٺو. هن کي وري محسوس ٿيو ته ڪو هو ضرور جيڪو لڪي ويو. “ڪٿي هي منهنجو وهم ته نه آهي.” پيٽر سوچيو ۽ پوءِ ٻي گھڙيءَ پاڻ ئي پاڻ کي جواب ڏنائين، “اهي ڇوڪرا وهم نه پر حقيقت هئا ۽ حقيقت جي شاهدي منهنجي جسم مان نڪرندڙ سور جونسِيٽون ڏئي رهيون آهن.” هوتکيون تکيون ٻرانگون ڀريندو اڳتي وڌيو. ان نوٽ کي ڪنهن محفوظ جاءِ تي لڪائي رکڻ تمام ضروري هو. مگر ڪٿي؟ ڪهڙي اها جاءِ آهي؟ هو انهن سوالن ۾ مُنجھندو ۽ مٿو کپائيندو اڳتي وڌندو رهيو. پوءِ جيئن ئي هن کي رفاعي اداري جي عمارت نظر آئي ته هن جي دماغ ۾ ڄڻ هڪ چمڪاٽ ٿي ويو. “آئون به ڪيڏو ڇسو ۽ بي عقل آهيان.” پيٽر پنهنجو پاڻ کي چيو، “نوٽ کي لڪائڻ لاءِ چندي جي پيتيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي جاءِ ٿي سگھي ٿي.” اهو ئي هڪ سولو ۽ محفوظ طريقو هو.
پيٽر سينٽر ۾ داخل ٿي وڏي ڪمري ۾ هليو آيو. هال ان وقت به خالي هو. هن هڪ دفعو وري چوڌاري ڏسي دلجاءِ ڪئي ته اتي ڪير به نه هو. هن هڪ دفعو وري چوڌاري ڏسي دلجاءِ ڪئي ته اتي ڪير به نه هو. پوءِ هن کيسي مان هزار ڊالر جو نوٽ ڪڍي ڪجھه لمحن لاءِ ان کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ چندي جي پيتيءَ ۾ وجھي ڇڏيو. پيٽر کي ائين لڳو ڄڻ سندس مٿي تان هڪ وڏو بار لهي ويو. “هاڻ هيءَ رقم آئون رات جو ڪڍي وٺندس ۽ ان کي قابو رکڻ لاءِ تيسين ڪا ترڪيب سمجھه ۾ ضرور اچي ويندي.” هو اهو سوچيندي پيتيءَ وٽ ئي بيٺو هو ته مسٽر بومين جو آواز سندس ڪنن تي پيو.
“هيلو پيٽر! ڇا ٿي رهيو آهي؟”
پيٽرجي هٿن مان ڄڻ ڪبوتر ڇڏائجي ويا. هن مُڙي ڏٺو. بومين آرام سان وکون کڻندو هن ڏي اچي رهيو هو. “خيريت ته آهي، اڄ ايترو جلدي پيتي کولي رهيو آهين؟”
“نه ... نه ته...” پيٽر هٻڪندي وراڻيو، “آئون ته پيتيءَ کي ائين ئي چيڪ ڪري رهيو هوس ته سڀ ڪجھه صحيح آهي يا نه..” پيٽر کي ائين لڳو ڄڻ هن جو ڪو راز فاش ٿي ويو هجي.
بومين پيٽر جي تاثرات تي ڌيان ڏيڻ بدران چوندو رهيو، “اڄ هتي رفاعي سينٽر ۾ ڪجھه مهمان اچي رهيا آهن. آئون اڄ رات انهن سان ئي مشغول هوندس. ان ڪري بهتر ٿيندو ته پاڻ هينئر ئي پيتي کولي حساب ڪري ڇڏيون ۽ توکي به اڄ جي چانهه پاڻيءَ جي خرچي ڏئي ڇڏيان.” پوءِ هن خوشيءَ وچان ٽهڪ ڏيندي چيو، “مون کي اميد آهي ته اڄ گھڻو مال جمع ٿيو هوندو.”
“اڄ جي گذاري لاءِ مون وٽ خرچ پکو آهي.” پيٽر جلدي ۾ ڳالهايو، “چندي جي پيتي سڀاڻي کولينداسين. ايتري جلدي ڪهڙي ڪم جي.” هن هرحال ۾ بومين کي پيتي کولڻ کان منع ڪرڻ چاهي ٿي.
“اوهو! پيٽر...” بومين هن کي شڪي نگاهن سان ڏٺو. “تون اجايو تڪلف کان ڪم وٺي رهيو آهين. مون کي تنهنجي حال جي خبر آهي. ان ڪري آئون توکي تنهنجيحصي جي رقم ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ هونءَ به چندو ته ڪڍڻو ئي آهي. جهڙو سڀاڻي تهڙو اڄ. ڪهڙو فرق ٿو پوي.” بومين جواب وٺڻ وارين نظرن سان پيٽر ڏي ڏٺو، “ڇا خيال آهي پوءِ ڀلا پيتي کوليون؟”
پيٽر وٽ هاڻ ڳالهائڻ لاءِ ڪجھه به نه بچيو هو. هن کي اهو به ڊپ هو ته هو جيڪڏهن پيتي کولڻ لاءِ گھڻي مخالفت ڪندو ته بومين کي شڪ پئجي ويندو. هن ماٺ مٺوڙي ۾ کيسي مان ڪُنجي ڪڍي ڪلف ۾ لڳائي.
پيٽر جون سوچون فقط سوچن جي حد تائين ئي رهيون. هن جا خواب ساڀيان نه ماڻي سگھيا. پيتي کوليندي پيٽر پنهنجي بدقسمتي تي اندر ئي اندر ڪڙهندو رهيو.
بومين پيٽر جي ڀر ۾ ئي بيٺو هو. ان ڪري پيٽر کي هٿن جي صفائي ڏيکارڻ جو به موقعو نه مليو. هن ڪُنجيءَ کي گول گھمايو ۽ ٽَڙڪ جي آواز سان ڪلف کلي ويو. پيٽر ان کي ڪڍي ميز تي رکيو ۽ پيتيءَ جو ڍڪ کوليو.
بومين جون نگاهون پيتيءَ ۾ ئي کتل هيون. سڪن ۽ ننڍن نوٽن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪري بومين هزار ڊالر وارو نوٽ کڻي ورتو. بومين جي نظر چڱي ڪمزور هئي. هن ٿلهن شيشن واري عينڪ لڳائي ٿي. هن نوٽ کي پنهنجي اکين اڳيان جھلي پيٽر کان پڇيو:
“هي گھڻن ڊالرن جو نوٽ آهي؟” (آمريڪي ڊالرن جي نوٽن جي رنگ يا سائيز مان ته خبر ئي نٿي پوي جو سڀ سائي رنگ جا ۽ هڪ ماپ جا ٿين ٿا. انگن مان ئي اندازو لڳائجي ٿو.)
“هڪ هزار ڊالر جو.” پيٽر هڪدم صاف لهجي ۾ ٻڌايو.
“هڪ هزار ڊالر جو!” بومين جي آواز ۾ حيرت ۽ خوشي هئي، “ڪمال آهي...” هن چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪئي، “ماڻهو چندو ڏيڻ ۾ ايڏي سخاوت جو مظاهرو ڪري سگھن ٿا. هي منهنجي زندگيءَ جو پهريون مشاهدو آهي.” بومين خوشيءَ وچان ڳالهائيندو رهيو. پوءِ ڄڻ هن کي ڪو خيال اچي ويو.
“تون ايترو جلدي هڪ ئي نگاهه ۾ ڪيئن سڃاڻي ورتو ته اهو هڪ هزار ڊالرن جو نوٽ آهي؟ اڃا ته نوٽ منهنجي ئي هٿ ۾ هو، مون ته توکي صحيح طرح ڏيکاريو به نه هو.”
پيٽر جي چپن تي هڪ عجيب مرڪ نموندار ٿي. ڄڻ هو پنهنجو پاڻ مان ئي بيزار هجي.
پيٽر کي ماٺ ۾ ڏسي بومين هن کي هڪ دفعو وري مخاطب ٿيو. “تعجب جي ڳالهه آهي! تو نوٽ کي پهرين ئي نظر ۾ ڪيئن سڃاڻي ورتو. جڏهن منهنجي هٿن ۾ منهنجي ويجھو هو ته به ايترو جلد آئون سڃاڻي نه سگھيس. تنهنجي ان صلاحيت تي مون کي تعجب لڳي ٿو.”
هن ڀيري پيٽر جواب ڏيڻ ضروري سمجھيو: “در اصل مون وٽ به هڪ دفعي هزار ڊالر جو نوٽ آيو هو.”
“واقعي؟” بومين اڃا به وڌيڪ حيران ٿي ويو. “پوءِ تو ان نوٽ جو ڇا ڪيو؟”
“ڪجھه به نه.” پيٽر اطمينان سان جواب ڏنو. “اهو نوٽ جتان آيو هو اوڏانهن ئي هليو ويو.” پوءِ هو ڪنڊ ۾ رکيل ٻهارو کڻي صفائي ۾ لڳي ويو.
بومين حيرت مان هن کي ڏسندو رهيو.

(ليکڪ : نامعلوم)

هرفن مولا

مئڪس سان اڃا منهنجي ملاقات نه ٿي هئي پر مون کي لڳو پئي ته آئون هن کي هرگز پسند نه ڪندس. ٻي وڏي جنگ (ورلڊ وار) هينئر هينئر ختم ٿي هئي ۽ پاڻيءَ جي جهازن ۾ تمام گھڻي رش هئي جن ۾ جڳهه حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم ٿي پيو هو. سڄي ڪئبن ملي وڃڻ ته ذري گھٽ ناممڪن ڳالهه هئي. ڪئبن ۾ ليٽڻ لاءِ فقط هڪ برٿ (بسترو) ملڻ به وڏي ڀاڳ جي ڳالهه سمجھي وئي ٿي.
جڏهن مون کي پنهنجي هم سفر جي نالي جي خبر پيئي ته منهنجي پنهنجي دل ٻڏندي محسوس ٿي. “چوڏنهن ڏينهن جو سفر هن ننڍڙي ڪئبن ۾ هن اجنبي ماڻهوءَ سان گڏ ڪيئن گذرندو.” مون دل ۾ سوچيو هو. جيڪڏهن هن جو نالو ئي ٻڌل هجي ها ته به غنيمت ٿئي ها.
جڏهن آئون جهاز تي چڙهيس ته مسٽر مئڪس جو سامان رکجي چڪو هو. هڪ وڏي لوهي ٽرنڪ هئي. ان کان علاوه ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون بئگون هيون جن تي مختلف جڳهين جا ليبل چنبڙيل هئا. مئڪس منهنجي اچڻ کان اڳ پنهنجو سامان کولي جائتو ڪري چڪو هو. باٿ روم خوشبوئن، لوشن ۽ تيل جي شيشين سان سجيل هئي. قصو مختصر هن ريت ته مون کي مئڪس بلڪل پسند نه آيو. آئون ماٺ مٺوڙي ۾ جهاز جي ٽي روم ڏي نڪري پيس ۽ کيسي مان تاش جي پتن جي دٻي ڪڍي “صبر” جي راند کيڏڻ لڳس. اڃا پتن کي ٺاهي رکيم ئي مس ته ڪو اڻ ڄاڻ همراهه مون وٽ اچي منهنجو نالو وٺي پڇڻ لڳو ته ڇا آئون فلاڻو شخص آهيان. مون ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي.
“منهنجو نالو مئڪس آهي.” هن مُرڪيو.
“سٺو، ڏاڍو سٺو، توهان منهنجا هم سفر آهيو.” مون اخلاقي طرح ڪجھه ڳالهايو.
“منهنجي خوش قسمتي آهي. جهاز جي سفر ۾ ڪجھه خبر نٿي پئجيو سگھي ته ڪنهن کي ڪنهن سان گڏ رکيو وڃي. آئون اهو ڏسي خوش ٿيو آهيان ته توهان به انگريز آهيو. جيڪڏهن ڪئبن ۾ هم وطن آهي ته وڏي سهولت رهي ٿي. توهان جو ڇا خيال آهي؟”
“ڇا توهان انگريز آهيو؟” مون اکيون ڇنڀيندي پڇيو.
“بلڪل. بلڪل. ڇا آئون توکي آمريڪن لڳي رهيو آهيان؟”
مسز مئڪس يقين ڏيارڻ لاءِ پنهنجو برٽش پاسپورٽ ڪڍي منهنجياڳيان لوڏيو.
تاجِ برطانيا جي به ڪهڙي ڪهڙي رعيت آهي. ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي. مسٽر مئڪس قد جو بندرو هو. ڪڻڪ رنگو، چپيل نڪ پر وڏيون وڏيون چمڪندڙ اکيون، وار ڪارا ۽ شيدن وانگر گھنڊيدار. هن انگريزي سٺي ڳالهائي ٿي پر صاف ظاهر ٿيو پئي ته هن جي پيدائش ڪنهن ٻئي هنڌ جي هئي.
“توهان ڇا پيئڻ پسند ڪندائو؟” هن مون کي دعوت ڏني.
مون هن ڏي بي يقينيءَ سان ڏٺو، ڄڻ هن جي ان دعوت تي مون کي شڪ هجي.شراب تي اڃا بندش پيل هئي. سوڍا ۽ ليمن اسڪاش ٻئي شيون مون کي سخت ناپسند هيون. پر مسٽر مئڪس مرڪندي پنهنجن کير جهڙن اڇن ڏندن جي نمائش ڪئي:
“وسڪي ۽ سوڍا يا مارٽيني؟ جيڪو وڻئي اهو پي.” اهو چئي هن پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مان ٻه بوتلون ڪڍي ميز تي رکيون. مون مارٽيني پسند ڪئي. هن هڪدم بئري کي سوڍا، ٻه گلاس ۽ برف آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
“توکي شراب جون هي بوتلون ڪٿان مليون؟” مون آهستي پڇيو.
“ٻيون به اٿم. پنهنجن دوستن کي پيارڻ چاهين ته انهن کي به سڏائي سگھين ٿو.”
مئڪس سخت بَڪر قسم جو ماڻهو هو. هو هر وقت بَڪَ ڪندو رهيو ٿي. هو نيو يارڪ ۽ سان فرانسسڪو جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ڊرامن، فلمن ۽ سياست هر شيءِ تي تبصرو ڪندو رهيو ۽ جلد هجائتو ٿي ويو. مون کي مئڪس بلڪل پسند نه آيو. ڳالهين مان بيزار ٿي مون وري پنن جي ٿپي کنئي ۽ پنهنجي دل وندائڻ لڳس.
“ٽِڪ کي چونڪي تي رک.” مسٽر مئڪس مشورو ڏنو.
هاڻ صبر جي راند جيڪا ماڻهو پاڻ وندرائڻ لاءِ اڪيلي سر کيڏي ان ۾ ڪو ٻيو اچي مشورو ڏئي ته ڪهڙي پتي تي ڪهڙو پتو هڻجي ته بيزاري ته ٿيندي. مون تنگ ٿي راند بند ڪري ڇڏي.
“توکي تاش جا ڪرتب ڏيکاريان؟” مئڪس پتن جي ڍڳي کڻندي مون کان پڇيو.
“مون کي انهن هٿ ٺوڪين جادوئي ڪرتبن کان نفرت آهي.” مون جواب ڏنومانس.
ان هوندي به هن ٽي چار ڪرتب ڪري ڏيکاريا. پوءِ مون مانيءَ جو بهانو ڪري کانئس موڪلائڻ جي ڪئي.
“مون پاڻ ٻن لاءِ هڪ ٽيبل اڳواٽ رزروڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.” هن خوش ٿيندي مون کي اطلاع ڏنو.
مطلب ته مئڪس مون کي بنهه پسند نه آيو. هو نه فقط منهنجي ڪمري (ڪئبن) جو ساٿي هو پر روزانو ٽي وقت کاڌو به هن سان گڏ کائڻو پيو ٿي. هن کان جان ڇڏائڻ مشڪل ڪم هو. هاڻ جيڪڏهن آئون پنهنجي گھر ۾ هجان ها ته دروازو هن جي منهن اڳيان بند ڪري ڇڏيان ها. پر هن جهاز تي هو هر جاءِ تي موجود هو. هن کان جان ڇڏائڻ جي ڪا واٽ نه هئي. ٽن ڏينهن ۾ هن سڀني کي دوست بڻائي ورتو. جهاز تي ٿيندڙ سڀني راندين ۾ هن حصو ورتو ٿي. سڀ مقابلا هن ڪرايا ٿي. مقابلي لاءِ انعامن جو انتظام به هن جي ذمي هو. ڪڏهن ڪنسرٽ ٿي رهيو آهي ته ڪڏهن باسڪٽ بال. ڪڏهن ڊراما ترتيب پيو ڏئي ته ڪڏهن فئنسي ڊريس شو ڪرائي رهيو آهي.
جلد ئي مئڪس جو نالو “هرفن مولا” پئجي ويو. ايتري قدر جو ماڻهو کيس منهن تي ان نالي سان سڏڻ لڳا. هن ڪجھه به دل ۾ نٿي ڪيو. بلڪه ان کي پنهنجي تعريف سمجھي خوش ٿي ٿيو. پر سڀ کان گھڻو هن کان مانيءَ جي ٽيبل تي ڪڪ ٿيس ٿي. هو هر وقت جيڪي ايندو هوس ڳالهائيندو رهيو ٿي ۽ هر ڳالهه تي بحث ڪيائين ٿي. هن کي هر شيءِ جي معلومات هئي ۽ بحث ۾ جيستائين ٻي ڌر کي قائل نٿي ڪيو، تيسين هن جي پٺ نٿي ڇڏي. پنهنجي غلطي مڃڻ لاءِ ته هو ڪڏهن تيار ئي نه ٿيندو هو. فقط مسٽر رمزي هڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن هن سان مقابلي ۾ هار نه مڃي هئي.
رمزي آمريڪن سفارتخاني ۾ ڪم ڪيو ٿي ۽ ڪوبي (جپان) ۾ نوڪري ڪيائين ٿي. هو هڪ قداور ۽ ڳري جسم جو ماڻهو هو ۽ ان تي ڪپڙا ايڏا ته سوڙها پاتائين ٿي جو لڳو ٿي ڄاڻ ته ڦاٽا. هو نيويارڪ کان پنهنجي زال کي وٺي واپس جپان ڊيوٽيءَ تي وڃي رهيو هو.
سندس زال مسز رمزي هڪ سهڻي ۽ من موهڻي عورت هئي. هن جي چال چلڳت اعليٰ قسم جي هئي ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سندس وڏو شان هو. مسٽر رمزي جو پگهار ڪو تمام گھڻو هو. هن جي زال سادا ۽ گھٽ قيمت وارا وڳا پاتا ٿي پر هن کي ڪپڙي اوڍڻ جو ڍنگ آيو ٿي. بهرحال جنهن شيءِ مون کي سڀ کان گھڻو متاثر ڪيو اها هن جي انڪساري هئي.
هڪ رات مانيءَ جي ٽيبل تي موتين تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ لڳي. جپانين اهڙا ته هٿرادو موتي ايجاد ڪيا آهن جو اصل ۽ نقل جو فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. بلڪه اصلي موتين جا اگھه ڪِرندا وڃن. مسٽر مئڪس ٻين ڳالهين وانگر موتين جو به ماهر نڪتو. جلد ئي رمزي ۽ مئڪس ۾ موتين تي گرما گرم بحث ٿيڻ لڳو. خبر ناهي رمزي ڪهڙو جملو ٽوڪ طور چيو جو مئڪس کي ڪاوڙ وٺي وئي ۽ ميز تي زور سان ٺونشو هڻي چيو:
“موتين جي باري ۾، جيتري ڄاڻ مون کي آهي اوتري ڪنهن کي به نه آهي. اصل ۾، آئون موتين جي ئي چڪر ۾ جپان وڃي رهيو آهيان. منهنجو ڪاروبار ئي موتين جو آهي.”
ان خبر ٻڌڻ سان چوڌاري ماٺ ٿي وئي. اهو ته سڀني کي اندازو هو ته مئڪس ڪاروباري ماڻهو آهي پر اهو اڄ معلوم ٿيو ته هن جو ڪاروبار هيرن موتين جو آهي.
هو چوندو ويو: “نقلي موتي ته آئون هڪ اک بند ڪري به سڃاڻي سگھان ٿو. هاڻ توهان جي سامهون مسز رمزي ويٺي آهي هن جي ڳچيءَ ۾ پاتل موتين جي هار ۽ ان جي قيمت جو اندازو آئون ئي ڪري سگھان ٿو.”
مسز رمزي ويچاري شرمائجي وئي ۽ انڪساريءَ جي حالت ۾ پنهنجي هار کي پنهنجي فراڪ جي ڳلي ۾ لڪائڻ لڳي. اوچتو رمزي مئڪس کي چئلينج ڪيو:
“جيڪڏهن تون موتين جي باري ۾ ٿورو گھڻو به ڄاڻين ٿو ته هن هار جي قيمت جو اندازو هڻي ٻڌاءِ؟”
“هن هار جي قيمت گھٽ ۾ گھٽ پندرهن هزار ڊالر ٿيندي، جيڪڏهن ففٿ ايونيو جي ڪنهن فئشن ايبل اسٽور مان خريدڪيو ويو آهي ته ان جي قيمت ٽيهه هزار ڊالرن تائين به ٿي سگھي ٿي.” مئڪس اعتماد سان چيو.
“توکي اهو ٻڌي صدمو ٿيندو ته اهو هار منهنجي زال نيويارڪ مان نڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڪل ارڙهن ڊالرن ۾ هڪ عام رواجي دڪان تان خريد ڪيو هو.” رمزي فاتحاڻي مرڪ سان ٻڌايو.
مئڪس جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. هن خاطري واري لهجي ۾ چيو: “هي نه فقط سَچن موتين جو هار آهي پر تمام اعليٰ جنس جي سچن موتين جو آهي.”
“شرط لڳائيندين؟ سؤ سؤ ڊالرن جي ته هي نقلي موتي آهن؟” رمزيءَ چيو.
“شرط لڳائڻ اجائي آهي. مون کي خبر آهي ته هي نقلي موتي آهن. مون خود پنهنجن پئسن سان خريد ڪيوآهي.” مسز رمزيءَ مڙس کي شرط لڳائڻ کان منع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
“جيڪڏهن مون کي هن احمق کان سؤ ڊالر آسانيءَ سان ملي رهيا آهن ته شرط لڳائڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟” رمزي جوش ۾ اچي چيو.
“چڱو مون کي ڀلا هي هار لاهي ڏي. آئون هڪ منٽ ۾ ٻڌائي سگھان ٿو ته هار جي اصل قيمت ڪيتري هوندي. مون کي سؤ ڊالر جي شرط منظور آهي.” مئڪس سنجيدگيءَ سان چيو.
هاڻ مسز رمزي هٻڪڻ لڳي: “اصل ۾ هار جو هُڪُ نه پيو کُلي، توهان منهنجي ڳالهه جو يقين ڪريو، موتي نقلي آهن”.
مون کي شڪ ٿيڻ لڳو ته ڪو نه ڪو راز کلڻ وارو آهي. اوچتو رمزي اٿي بيٺو.
“هُڪ آئون ٿو کوليان.” ۽ پنهنجي زال جي ڳچيءَ مان هار لاهي مئڪس کي ڏنو.
مئڪس کيسي مان بلوري شيشو ڪڍي هار کي غور سان ڏٺو ۽ هڪ سوڀ واري مرڪ هن جي چپن تي تري آئي. هن هار واپس ڪيو ۽ ڪجھه چوڻ وارو هو ته هن جي نظر مسز رمزيءَ تي پيئي. هوءَ ڦِڪي هئڊي ٿي وئي هئي ۽ نهايت رحم ۽ مدد جي گھُر ڪرڻ وارين نگاهن سان مئڪس ڏي ڏسي رهي هئي.
مئڪس ڪجھه چوندي چوندي ماٺ ٿي ويو ۽ پاڻ کي قابوءَ ۾ رکندي اطمينان سان چيو:
“مون کان ڀُل ٿي وئي ۽ آئون دوکو کائي ويٺو آهيان. حقيقت ۾ هي اصلي موتين جو هار نه آهي ۽ بيحد سٺا نقلي موتي آهن. توهان هن جي ارڙهن ڊالر قيمت بلڪل صحيح ڏني آهي.”
اهو چئي هن کيسي مان سؤ ڊالرن جو نوٽ ڪڍي رمزي ڏي وڌايو.
رمزي نوٽ وٺي چيو: “اميد آهي ته هاڻ توکي سٺو سبق ملي ويو هوندو ۽ تون هاڻ هرڳالهه ۾ ٽنگاٽڪائڻ ڇڏي ڏيندين.”
مون غور سان ڏٺو ته مئڪس جا هٿ ڏڪي رهيا هئا.
جهاز تي ان ڳالهه جي ڏاڍي مشهوري ٿي ۽ ويچارو مئڪس سڀني کان منهن لڪائيندو وهليو. “هرفن مولا” تان ماڻهن چڱيون چٿرون ڪيون. مسز رمزي مٿي جي سور جو بهانو ڪري پنهنجي ڪئبن ۾ هلي وئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو آئون شيو ڪري رهيو هوس. مئڪس پنهنجي برٿ تي ليٽي سگريٽ پي رهيو هو ته ڪنهن دروازي جي هيٺان هڪ لفافو ڪئبن اندر سرڪايو. مون جلدي دروازو کولي ٻاهر ليئو پاتو. گھٽيءَ جي ڪنڊ وٽان مسز رمزي پٺيري مُڙي وئي. مون جھڪي لفافو کنيو. ان تي مئڪس جو نالو لکيل هو. مون لفافو مئڪس ڏي وڌايو.
هن لفافو کوليو. ان مانسؤ ڊالرن جا ٻه نوٽ نڪتا. ان سان گڏ ڪو خط يا چٺي نه هئي. مئڪس مرڪڻ لڳو.
مون تعجب مان مئڪس ڏي ڏسي پڇيو:“ مئڪس سچ سڄ ٻڌاءِ ته موتي سچا هئا يا نقلي؟”
“جيڪڏهن منهنجي زال ايڏي سهڻي هجي ها ته آئون هن کي نيويارڪ جهڙي شهر ۾ هڪ سال لاءِ ڇڏي جپان ڪڏهن به نه وڃان ها.” اهو چئي مئڪس سؤ جا ٻه نوٽ پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيا. ان وقت مون محسوس ڪيو ته آئون مسٽر مئڪس کي ايترو به ناپسند نٿو ڪريان.

(ليکڪ: سمرسٽ ماهم)