سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناٽڪ نگار پريم پرڪاش جي ڪوتائن جو مجموعو ”بڙھيا“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
موجوده دور ۾ سنڌي ادب ۾ 'بڙهيا' جديد شاعريءَ جو اهم ترين ڪتاب آهي. غزل جي پاسي ۾ ويھي لکيل ننڍيون ڪوتائون سنڌي ڪوتا ۾ ھڪ تجرباتي اضافي تہ آھي ئي پر اڇوتا اظھار بہ آھن. ھنن ڪوتائن ۾ دوھي جو عوامي ٽچ پڻ ڏنل آھي.
ھي ڪتاب 2020ع ۾ پاٽيدار آفسيٽ احمدآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي موھن ھمٿاڻيءَ جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي