سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نـامور جـرمـن محقق ارنيسٽ ٽرمپ جي انگريزي ڪتاب A Grammar of Sindhi Language جي سنڌي ٻوليءَ بابت لکيل ڀاڱي جو ترجمو (سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ اپلوڊ ڪري رھيا آھيون، جيڪو ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ ڪيو آهي. ڪتاب جي ايڊيٽنگ ۽ اُلٿو Transliteration ڊاڪٽر فھميده حسين ۽ وليرام ولڀ ڪئي آهي.
هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي تحقيق ڪندڙ شاگردن ۽ عالمن سان گڏ سنڌي گرامر پڙهائيندڙ استادن لاءِ بہ ڪارائتو ڪتاب آهي. ھي ڪتاب سنڌي گرام جي ابتدائي ٻن ڪتابن مان ھڪ آھي، جنھن ۾ سنڌي گرامر جي سنسڪرت – پراڪرت ۽ ٻين ھندستاني ٻولين جي گرامر سان ڀيٽا ڪئي وئي آھي.
هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ اينڊوومنٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف هيريٽيج آف سنڌ جي گڏيل سھڪار سان 2011ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي