شاعري

آس جا ڪک

ڪنعيو ماندو 1995ع کان شاعري ڪندو پيو اچي، ھي سندس شاعريءَ جو ڇپيل پھريون مجموعو آھي. ھو سادن لفظن ۾ ڀرپور ۽ اثرائتو اظھار ٿو ڪري. ماندو غزل ۾ پختا قافيا ۽ رديف ڪتب آڻي ٿو. سندس غزلن ۾ رومانس لياڪا پائي ٿو. 

Title Cover of book آس جا ڪک

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  ھند جي شاعر ڪنعيو ماندو جي غزلن جو مجموعو ”آس جا ڪک“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڪنعيو ماندو 1995ع کان شاعري ڪندو پيو اچي، ھي سندس شاعريءَ جو ڇپيل پھريون مجموعو آھي. ھو سادن لفظن ۾ ڀرپور ۽ اثرائتو اظھار ٿو ڪري. ماندو غزل ۾ پختا قافيا ۽ رديف ڪتب آڻي ٿو. سندس غزلن ۾ رومانس لياڪا پائي ٿو.
هي ڪتاب لڪشمي پبليڪيشن، ڀوپال پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي کيمن يو مولاڻيءَ جي سھڪار سان پيش آھي . 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي