شاعري

ھوا جو ڏينھن

عاجز ميرواھيءَ جي شاعريءَ ۾ اھي سڀ شاعراڻيون خوبيون موجود آھن جيڪي ھڪ شاعر جي شاعري توڙي شعور ۾ ھجڻ کپن. ھن مذھب تي بہ لکيو آھي تہ ديس تي بہ، ھن موجودہ زماني جي ڪٺورتائن ۽ انساني جنگ وجدال تي بہ لکيو آھي تہ رومانس تي پڻ لکيو آھي. عاجز مزاحمتي شاعري بہ ڪئي آھي تہ فطرتي حسن تي پڻ لکيو آھي. 

Title Cover of book ھوا جو ڏينھن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر عاجز ميرواھيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”ھوا جو ڏينھن“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
عاجز ميرواھيءَ جي شاعريءَ ۾ اھي سڀ شاعراڻيون خوبيون موجود آھن جيڪي ھڪ شاعر جي شاعري توڙي شعور ۾ ھجڻ کپن. ھن مذھب تي بہ لکيو آھي تہ ديس تي بہ، ھن موجودہ زماني جي ڪٺورتائن ۽ انساني جنگ وجدال تي بہ لکيو آھي تہ رومانس تي پڻ لکيو آھي. عاجز مزاحمتي شاعري بہ ڪئي آھي تہ فطرتي حسن تي پڻ لکيو آھي.  
ھي ڪتاب 2008ع ۾ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي