سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران عوامي شاعر دادن فقير جي شاعريءَ تي ٻڌل مجموعو ”دادن فقير جو ڪلام“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو مرتب ڪندڙ علي گل کوسو آھي.
دادن فقير جي ڪلام تي نظر وجهڻ سان خبر پوندي تہ ان ۾ درياح جھڙي رواني، سمنڊ جھڙي گھرائي ۽ جبل جيڏي حوصلہ افزائيءَ آھي. سندس ڪلام ۾ فصاحت، بلاغت، سلاست جدت، تشبيھن، استعارن ، تجنيسن ۽ نصيحتن جا خزانا کوھ ۽ کاڻيون آھن.
ھي ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي