شاعري

دل جي صلاح

مانجهي زرداري جي شاعريءَ جي ٻولي نج ٻھراڙيءَ واري آھي. سندس شاعريءَ ۾ جيتري نفاست آھي اوتري ئي رومانويت ۽ انقلابيت پڻ اٿس. ھن تڪلف بجاءِ سولي انداز ۾ پنھنجي احساسن ۽ جذبن کي قلمبند ڪيو آھي. ھن قافيي ۽ رديف سان نڀائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آھي.

Title Cover of book دل جي صلاح

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر مانجهي زرداريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”دل جي صلاح“ اوهان اڳيان پيش آهي.
مانجهي زرداري جي شاعريءَ جي ٻولي نج ٻھراڙيءَ واري آھي. سندس شاعريءَ ۾ جيتري نفاست آھي اوتري ئي رومانويت ۽ انقلابيت پڻ اٿس. ھن تڪلف بجاءِ سولي انداز ۾ پنھنجي احساسن ۽ جذبن کي قلمبند ڪيو آھي. ھن قافيي ۽ رديف سان نڀائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آھي.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ عابد زرداري پاران دعا پرنٽرز ڪراچي وٽان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي