سرور سيف سنڌ جي ٻھراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جي سونھن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪھاڻيون پڙهي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪھاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالھيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم سنڌي عورت جون آهون ۽ دانھون آهن.
ڪھاڻيون
کير جھڙي ڪاري
- 4.5/5.0
- 68
- 33
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
ارپنا
هيءُ ڪهاڻي ڪتاب،نانءُ ڪيان ٿو پنهنجي ڌيئرن فرزانه شاهين، ريحانه ڪنول ۽ ڊاڪٽرفرحانه رابيل جي، وڏي نياڻيءَکي پڙهائي نه سگهيس ۽ ننڍين کي پڙهايم ته سهي پر شايد ساڻن رَوَش پنهنجي ترقي پسند سوچ جي ابتڙ رکيم. کين منزل تي رسائي نه سگهيم نه منهنجا، نه انهن جا خواب ساڀيان ٿيا!
سرور سيف
پبلشر پاران
اردوءَ جي مشهور ۽ معروف شاعر احمد فراز پنهنجي هڪ نظم جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو هو نہ ہمارے حالات پرانے ہوتے ہیں اور نہ ہی اس طرح کی نظمیں ” “کير جهڙي ڪاري جو پهريون ڇاپو نيل ڪنول پبليڪيشن پاران 1983ع ۾ ڇپايو ويو هو. ليڪن الميو اهو ساڳيو آهي ته اڄ ستٽيهه سال گذرڻ کانپوءِ به نه ته اسان جا حالات پراڻا ٿيا آهن ۽ ۽ نه ئي سرور سيف جي ڪردارن جا دک،درد ۽ پيڙائون هن جديد دور جي باوجود گهٽجي سگهيون آهن. سو سرور سيف جي ڪهاڻين جوقت ۽ حالتن سان مماثلت جيئن جو تيئن برقرار آهي.“کير جهڙي ڪاري” جي نالي سان هي ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾ موجود آهي اهو پهرين ڇاپي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه واڌارن ۽ ترميمن سان ٻيهر توهان جي سامهون “سوغات” پبليڪيشن پنوعاقل طرفان پيش ڪيو پيو وڃي. “کير جهڙي ڪاري” جو هي ٻيو جنم،سوغات پبليڪيشن جي پهرين وک آهي. پهرين وک هميشه انقلابي قدم هوندو آهي. پهرين وک جمود کان بغاوت هوندي آهي. پهرين وک هلچل جي شروعات هوندي آهي ليڪن ان ان سان گڏوگڏ پهرين وک تجربي جي کوٽ سبب ڪجهه ڪمزور ۽ غير متوازن به هوندي آهي. شايد اوڻايون به هجن،نشاندهي ڪندا ته سڌاري جي ڪوشش ڪنداسين ان اميد سان ته سرائيڪي چوڻي “ جا وِک چاوِين، سا وِک اڳتي” جي مصداق “سوغات” پبليڪيشن جون ايندڙ وکون وڌيڪ پختيون ۽ متوازن هونديون!
ساٿ سلامت اوهان جي راين جو اوسيئڙو رهندو.
ڊاڪٽر سجاد سرور
03337138092
drsajjadsarwar@gmail.com
مهاڳ
فن ۽ سماجي ڪارج جو خوبصورت سنگم تي ادب کي عظيم بڻائي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪا تخليق فنائتي نموني سان ۽ موهيندڙ اسٽائيل ۾ لکيل ناهي ته پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائي نه سگهندي ۽ جيڪڏهن ماڻهو اها لکڻي نه پڙهن ته سماج ۾ ان جو ڪوبه ڪارج جُڙي نه سگهندو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪا لکڻي خوبصورت ۽ موهيندڙ لفظن سان ٽمٽار آهي پر پڙهڻ کان پوءِ ڀي مقصد لڳي ٿي ته اها تخليق سهڻن ٽوهن وانگي آهي جيڪي کوڙ پٽن تي وڇايا پيا هوندا آهن.
اڄ جي سنڌي ادب ۾ ان خوبصورت سنگم جيئي کوٽ آهي.سواءِ ٿورڙن ليکڪن جي باقي اديب ۽ پنهنجين لکڻين ۾ يا ته فن اوتي نه ٿا سگهن يا وري شعور جي وهڪري ۾ بي وس ٿي ۽ لفاظي جي جادوگريءَ واري نشي ۾ ادب جو مقصد ئي وساري ٿا ويهن.جيڪي ليکڪ فن کي نظر انداز ٿا ڪن انهن جي ادب ۾ ڇسي نعري بازي رهجيو وڃي. ۽ جن وٽ فن آهي. اهي زندگي کي مٺي زهر ڏيڻ وارين ادبي لکڻين کي فن جي خوبصورت ڪئپسول ۾ بند ڪري پيش ڪن ٿا. ٻنهي قسمن جا اديب ڄڻ ته انڌا اونڌا ويڄ آهن. جن وٽ اسان جي بيمار معاشري جو ڪوبه علاج ڪونهي. اهڙو ادب پئدا ڪرڻ وارا اديب اڳتي هلي جڏهن ڏسندا آهن ته عوام هن کي نه ٿو پڙهي ۽ هنن جا ڪتاب وڪرو نه ٿين ته پوءِ قوم ۽ عوام کي برو ڀلو چوڻ لڳندا آهن.۽ بعد ۾ مايوس ٿي ويهي رهندا آهن. سرور سيف جيڪو نه رڳو ادبي محاذ تي وڙهي رهيو آهي پر سماجي تبديلين لاءِ عملي جدوجهد پڻ سندس آدرش رهي آهي. سو ظاهرآهي ته ادب ۾ سماجي ڪارج، عظيم مقصد ۽ ترقي پسند ادبي قدرن جو گهڻو قائل ٿو ڏسجي. هاڻي هن کي ڪهاڻي جي فن ڏانهن به اوتروئي زور ڏيڻو پوندو. تڏهن ئي وڃي هو سنڌي ڪهاڻي جو ماسٽر ليکڪ ٿي سگهندو.
سرور سيف ۽ ٻين سڀني نون ڪهاڻيڪارن لاءِاهو مسئلو ضرور آهي ته سندن ڪهاڻيون انهيءَ دور ۾ پڙهيون وڃن ٿيون جنهن دور تي جمال ابڙي ۽ ٻين اهڙن ڪهاڻيڪارن جي ڇاپ لڳل آهي. ساڳيو مسئلو نون سنڌي شاعرن لاءِ به آهي. ڇاڪاڻ ته هنن جا پڙهندڙ ڀٽائي ۽ ٻين وڏن شاعرن کي اڳيئي پڙهي چڪا آهن. ان حقيقت جي باوجود نئين ٽهيءَ جي ليکڪن سنڌي ڪهاڻي ۾ شاعري نواڻ آندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪٿي ڪٿي اها نواڻ بي مقصد ۽ جديديت پرستي لڳندي آهي.
سرور سيف سنڌ جي بهراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ ٻهراڙين جي سونهن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪهاڻيون پڙهي مونکي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون ڪن شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪهاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالهيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ادب ۾ فوٽوگرافي ڪا تخليق ناهي.فوٽو گرافي آهي. تخليق جي تقاضا اها ناهي ته جيئن ڪو ڏيک ڏسجي تئين هوبهو چٽي ڇڏجي. اها انڌي حقيقت نگاري آهي. ڇسي ريئلزم يا سوشلسٽ ريئلزم جي تقاضا وري به عظمت ۽ ترقي ڏانهن اڳتي وڌڻ واري انساني ارتقائي،تاريخي ۽ جدلياتي جدوجهد کي تيز ڪرڻ واري ريئلزم هي. حقيقتن کي تاريخي پس منظر ۽ ڪائناتي سچاين جي مدد سان پرکڻ ترقي پسندي آهي. ڪرشن کٽواڻي جي ناول “منهنجي مٺڙي سنڌ” جو مکيه ڪردار “سندر” جيڪو دراصل سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جو مهان دانشور ۽ سماجوادي سوڀوگيانچنداڻي آهي تنهن هڪ جاءِ تي ان حقيقت جي اپٽار ڪئي آهي ته فوٽوگرافي چترڪاري ناهي نقالي آهي. چترڪار تخليقي عمل کانسواءِ فوٽوگرافر هوندو آهي.
سرور سيف جي ڪهاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم سنڌي عورت جون آهون ۽ دانهون آهن. کير جهڙي اڇي خيران کي ڪاري ڪوٺي ڪهاڙيءَ سان ڳترا ڳترا ڪري درياءَ ۾ اڇلايو وڃي ٿو. احمدو ۽ خيران جي ازلي پيار ۽ امر سنجوڳ کي تشدد ۽ نفرت جو ٻک ڪيو وڃي ٿو. جنهن تي ڪهاڻيڪار شديد رد عمل جو اظهار ڪري ٿو. نازان ۽ علي بخش زال مڙس نه پر ڄڻ عاشق معشوق جڏهن پيارڪن ته وقت ٽڪ ٻڌي بيهي رهي. اٿاء جذبن وارين نازڪ تندن ساناڻيل روح ۽ جسم جو ڳانڍاپو ڄڻ زندگيءَ جو مقصد ان کي بي درديءَ سان تباهه ڪرڻ پريت ڪرڻ وارن ٻن روحن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪرڻ جن کي مري وڃڻ تائين گهوريو وڇوڙو ٿو ماري. اهو سڀ انڪري ڇاڪاڻ ته علي بخش وڏيرڪي سماج ۾ پيٽ ڏيڻ واري ڪوڙهه ورتل رسم تان نابري واري ٿو. نازان جي ڀوڳنا مفت ۾ ان جو ڪو جواز ڪونهي.ڇاڪاڻ ته وڏيرڪي سماج ۾ خود عورت جي وجود جي ضرورت بس ايتري ڄڻ رڍ ٻڪري عورتن جو بارٽر ٽريڊ ته مٺيون، ٻه سڱ ڏئي هڪ وٺڻ هڪ سڱ ڏيئي ٻه وٺڻ ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي ڇرڪائيندڙ موضوع سرور سيف ڏنا آهن. البت ڪٿي ڪٿي ڪهاڻيڪار جذبات جي وهڪري ۾ لڙهي ڪردارن جي فطري رد عمل تي پنهنجو رد عمل مڙهي ويو آهي..خاص ڪري “اسان جاڳيا آهيون” ڪهاڻي ۾رهزن مولوءَ ۽ هن جي جاڙيجن ساٿين جو وڏيري خلاف ٿي وڃڻ هڪ ڇلانگ لڳي ٿي. ڄڻ ليکڪ جي خواهشن جي تڪميل هئي پر ڪو رهزن ڌاڙيل جيڪڏهن شخصي تضادن وچان پنهنجي بندوق جي نالي يا ڪهاڙيءَ جو منهن ڪنهن غريب کان ڦيرائي وڏيري ڏانهن ڪري ٿو ان سان ڪنهن سماجي سجاڳي جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي ۽نه وڏيرڪي سرشتي خلاف انکي عوامي حملو تصور ڪري سگهجي ٿو. ٻي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن ڪردار جي ذهن ۾ اهڙي ڪا حيرت ناڪ تبديلي اچي ان لاءِ ضروي آهي ته هن جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۾ ڪوٺوس ڦيرو اچي مولوءَ جي زندگي وڏيرڪي اثر جي دائري ۾گذري رهي آهي ۽ ان دائري ۾ رهي هو ان دائري ۾ رهي هو ان دائري جي ديوارن کي پوڄيندو رهندو انهن ديوار کي ڪيرائڻ لاءِ هن جي ڪنهن ٻئي دائري ۾ اچڻ ضروري آهي.
سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت پنهنجو تاريخي ترقي پسند ڪردار ادا ڪندي شيخ اياز کان اڄ جي نئين شاعر يا ڪهاڻيڪار تائين سڀني جي ادبي پرورش ڪئي آهي. سرور سيف کي پڻ ادب جي سکيا سنگت جي پليٽ فارم تان ملي آهي. انڪري هن ۾ تنقيد جي سهپ جو مادو ادبي نظرين بابت وسيع نظري ۽ مطالعو گهرو ٿيو آهي. تنظيمون فرد به ٺاهينديون آهن. ۽ فرد وري تنظيمن کي وجود پڻ بخشيندا آهن. سرور سيف هڪ ادبي ڪارڪن طور سنڌي ادبي سنگت جي پڻ ڪافي خدمت ڪئي آهي. جنهن سان هن تخليقي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيو آهي.
سرور سيف جون ڪهاڻيون پڙهندڙ جي هٿن ۾ آهن.ادب ۽ تخليقڪارن ٻنهي جو منصف عوام آهي. سنڌي پڙهندڙ ٻين قومن جي پڙهندڙ ۽ ادب دوست ماڻهن جي مقابلي ۾ اڃان پوئتي آهي. اسان کي مطالعي ڪرڻ ۽ ڪتابن پڙهڻ کان زوريءَ پاسي رکيو ويو آهي. مونکي هڪ ڏاهي جي هي لفظ ياد ٿاپون. هن چيو هو نوجوان گهڻو نه پرهي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي سنڌي هئڻ جي نالي سان اوهان کي ٻڌايو ويو آهي ته توهان جي ٻوليءَ جو عظيم شاعر ڀٽائي“امي” هو اڻ پڙهيل هو ۽ سنڌي مسلمان هئڻ جي نالي هن توهان کي يقين آهي ته توهان جو پيغمبر “امي” هو. هاڻي جيڪڏهن پڙهڻ ۽ پرجهڻ کان سواءِ ئي توهان مان عظيم شاعر ۽ پيغمبر پيدا ٿي سگهن ٿا ته پوءِ توهان کي پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ سو واقعي اسان جي سئڪولاجي ۾ ڪجهه جهالت به ڀريل آهي. انڪري ي شايد اڄ سنڌي نوجوان جي زندگي ۾ ڪتاب کي ايتري اهميت نه آهي جيتري سندن گرل فرينڊ کي هوندي آهي. سو اسان جو ريڊر گهڻو پڙهيل ناهي. ڀلا جتي ليکڪ ئي گهڻو پڙهيل ناهن اتي انٽيليجنٽ ريڊر ڪيئن پيدا ٿيندو؟ ان مان هڪڙو فائدو ته ضرور آهي ته اسان جي ڪچين ڦڪين لکڻين کي اسان جو ريڊر سولائيءَ سان عظيم قرار ڏئي ڇڏي ٿو. ۽ هڪ ڪتاب لکي، عظمت جو ٺپو هڻائي اسان به پوئين ڀاڄ شروع ڪيون ٿا. ۽ رورس گيئر ۾ ايڏو تيز ڊوڙون ٿا جو دنيا جو ڪوبه ڪتاب اسان کي ڊڪي پڄي نه ٿو سگهي.ڀٽائي جو رسالو به نه بهرحال جڙتو ۽ ڪاغذي عظمتون ساڻ ڪري اسان پنهنجي سنڌيت واري خول ۾ ته خوش گذاري سگهون ٿا. پر جي حالتن جي ڦير گهير ڪڏهن دنيا جي گهڻن قومي تخليقڪارن وچ ۾ اچي بيهاريو ته پوءِ پنهنجي سموري دانش ڪافور ٿيندي محسوس ٿيندي ۽ شاونزم جي حد تائين پاڻ کي عظيم سمجهڻ واري قوم ان وقت پاڻ کي دنيا جي ڪن اهڙين قديم قومن وچ ۾ محسوس ڪندي جن اڃان ڀٽائي جهڙو شاعر به پئدا نه ڪيو آهي. مان سنڌي قوم جي صلاحتين کان انڪاري ناهيان پر ذهني صلاحيتون ڪتاب ئي مرتبس ڪندا آهن ۽ توهان پاڻ ئي سوچي ڏسو ته توهان جي روزاني زندگي جو ڪيترو سيڪڙو وقت ڪتاب پڙهڻ تي خرچ ٿئي ٿو ۽ توهان جي بجيٽ جو ڪيترو حصو ڪتاب خريدڻ ۽ گهر جي لائبريري تي خرچ ٿي رهيو آهي سنڌ ۾ اسان وٽ ڪي اهڙا به ماڻهو آهن جن جي زندگيءَ جي ڪمائيءَ جو اڌ کان وڌيڪ حصو ڪتابن تي خرچ ٿيل آهي. اهي سڀ پراڻي ٽهيءَ سان واسطو رکندڙ سنڌي ڪردار آهن. ان تي نئين ٽهيءَ جي ليکڪن ۽ دانشورن کي گهرائيءَ سان سوچڻ گهرجي.
انور پيرزادو
سَچَ __ حياتيءَ ڀر جو ڪهاڻيڪار پروفيسر سرور سيف
سنڌي ڪهاڻي کيتر جي صنف ۾ پروفيسر سرور سيف جو تعلق ستر واري ڏهاڪي کان اڀرندڙ ڪهاڻيڪارن ملڪ آگاڻي،شوڪت شورو،زيب سنڌي، نورُ گهلو، رزاق مهر، رسول ميمڻ،بادل جمالي، اخلاق انصاري، ڪيهر شوڪت، ابراهيم خشڪ ۽ سليم ڪورائي واري ٽهيءَ سان جُڙي ٿو، اهي ۽ اهڙا ٻيا به ڪيترائي نالا اڃان آهن، جي سڀ جا سڀ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر کي ترقيءَ پسنديءَ وارن رجحانن سان ارتقا جي هن نئين دور تائين وٺي ويندڙ آهن. انهيءَ سفر ۾ ڪجهه ڪهاڻيڪار وقت ۽ حالات آڌار مستقل طور تي ڪهاڻي سان نڀاءُ نه ڪري سگهيا جن ۾ ابراهيم خشڪ،سانول(امداد حسيني) ڪيلاش (آغا پير محمد) بادل جمالي ۽ سرور سيف وغيره اچي وڃن ٿا. باوجود هن ڳالهه جي سرور سيف بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار آهي. جنهن پنهنجي منفرد موضوعن ،اسٽا.ئيل،۽ ڏانءُ سبب هڪ سگهاري ڪهاڻيڪار واري جيڪا سڃاڻپ پيدا ڪئي ۽ مڃتا ماڻي اڄ به سندس سنڌي ڪهاڻي ۾ اهوئي مرتبو موجود آهي.
پروفيسر سرور سيف جي ادبي سڃاڻپ جا حوالا نثر نگار،مقالا نگار،شاعر ۽ محقق وارا به آهن. جنهن ادب ۾ مسلسل لکڻ سا گڏ لوچڻ ۽ سوچڻ جي ڪرت هٿان نه ڇڏي آهي هو هڪ اهڙو تخليقڪار رهيو آهي جنهن جي عملي ۽ علمي شخصيت جا ڪيترائي ڀرپور حوالا رهيا آهن.هڪ مُدبر، مستقل مزاج طبيعت جو مالڪ ۽ تعليمي ميدان ۾ به چاليهه سالن کان مٿي علمي ۽ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندڙ با شعور،باعمل ماهر تعليم دان طور به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.اهڙن ئي املهه انسانن لئه نامور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي ته “ جنهن ماڻهو جو نصيب ئي سندس تخليق هجي، انهيءَ کان ڀلاوڏو ادب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.”
سچ ته هن حوالي سان پروفيسر سرور سيف واقعي به هڪ اهڙو خوش نصيب تخليقڪار رهيو آهي. جنهن جو فڪر عمل ادب کان وٺي سماجي، تهذيبي،ثقافتي، سياسي ۽ قومي ڌارائن تائين متحرڪ ڪردار جي علامت بڻيل ترقي پسنديءَ وارن لاڙن جو جتي ترجمان آهي اتي تنظيمي طور کان عام فهم واري زندگي ۾ متحرڪ هجڻ سان گڏ اتساهه جو هڪ وڏو مثال ٿي رهيو آهي.اهڙيون لياقتون قدرتي طور تي به تمام ٿورن انسانن کي پلئه پونديون آهن. جن مان سائين سرور سيف به هڪ آهي.
هڪ ڪهاڻيڪار طور تي پروفيسر سرور سيف جي ڪهاڻيءَ واري سفر کي ٻن دورن ۾ورهائي ٿو سگهجي پهريون ستر واري شروعاتي دور کان اوڻويهه سو پنجاسي تائين جنهن دوران ئي هن جو پهرين ڪهاڻي ڪتاب “ کير جهڙي ڪاري” جي ٽائٽل سان سن 1983ع ۾ جڏهن ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين رسيو، هن جي ڪهاڻيڪار واري سڃاڻپ کي اڃان به وڌ غير معمولي طور تي سڃاڻپ ۽ مڃتا ملي. انهيءَ ۾ مجموعي طور تي ست عدد ڪهاڻيون شامل هيون جيڪي پنهنجي گهڙت، ٻوليءَ،منظر ڪشيءَ ۽ موضوعن جي نواڻ سبب ادب ۽ جتي هوا جي تازي جهوٽي جيان اڄ تائين احساس ڏيارن ٿيون اتي سنڌي ادب جون به نمائنده ڪهاڻيون سڏجن ٿيون.
سائين سرور سيف جي ڪهاڻين جو ٻيو دور سن 1985ع کان سن 2000ع تائين ڳڻائي سگهجي ٿو بلڪل ائين جيئن ڊاڪٽر اياز قادري ۽ بادل جمالي ٻن دورن ۾ سنڌي ادب کي جاندار ۽ شاندار ڪهاڻيون ڏنيون آهن، ائين سرور سيف صاحب به پنهنجي ٻئي دور ۾ بهترين ڪهاڻيون تخليق ڪيون آهن. هن جي ٻنهي دورن واريون ڪهاڻيون هاڻي ساڳي پهرين ڪهاڻي ڪتاب “ کير جهڙي ڪاري” جي اشاعت ادب ۾ جتي مڃتا ماڻيندو اتي ادب جي عام قاريءَ سان گڏ نئين ٽهيءَ جو ليکڪ ۽ ايندڙ دور جو ليکڪ به سرور سيف جي ڪهاڻين سندس ڏات ۽ ڏانءُ کان آگاهي حاصل ڪندو. وقت ۽ حالتن جي ور چڙهي ويل هن جي ڪهاڻيڪار واري بنيادي حيٿيت ۽ سڃاڻپ کي مڃتا ملندي . ان ڪري جو ادب ۾ محض خانه پوري ڪندڙ ۽ ڪاپي ڪٽ پيسٽ محققن سرور سيف سميت ڪيترن ئي بنيادي ڪهاڻيڪارن کي ڪهاڻي جي تاريخ ۾ ڪنڊائتو ڪندي جيڪو نا انصافي وارو رويو اختيارڪيوآهي هاڻي انهيءَ جو به ازالو ٿيڻ گهرجي.
آءٌ پروفيسر سرور سيف کي سندس گڏيل ڪهاڻي ڪتاب “کير جهڙي ڪاري” جي اشاعت تي مبارڪباد پيش ڪندي پاڻ لئه به اهو اعزاز ٿو سمجهان ته ڪتاب جي ٽائٽل ڪلاسڪ ڪهاڻي “کير جهڙي ڪاري” جو اردو ۾ سن 2006ع ۾ ترجمي ڪرڻ جو شرف حاصل ڪري چڪو آهيان. اميد رکجي ٿي ته هي ڪتاب هڪ ڀيرو وري سنڌي ادب ۽ ڪهاڻي کيتر ۾ غير معمولي طور تي مڃتا ماڻيندو.
جهانگير عباسي
لاڙڪاڻو
پنهنجي پاران
سنڌسلامت پاران
کير جهڙي ڪاري
سڀ ڪجهه معمول تي اچي ويو هو. ڀيڻين جي جاءِ ڀاڄائين والاري هئي ساڳيا سک ساڳيون خوشيون ۽ پوءِ اڱڻ تي وڌيڪ گل کڙيا هئا. ٻاتا ٻات ٻول ٺري پوندي هئي ڀائيٽا،ڀاڻيجا سدائين ڪڏندي وتندي هئي ڪو رئو ڇڪيندو هوس ڪو چولي پڪڙيندو هوس ڪو چولي کي سٽ ڏيندو هوس.ننڍا پتڪڙا هٿ منهن تي هڻندا هئس. اصل وڇائجي ويندي هئي. ڪوڙ پچاڻي روئندي هئي. مري ويندي هئي ۽ سڀ روئندا هئس مٿان ماسي،پڦي ڪري۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي هئي. سڀ ٽهڪڙن ۾پئجي ويندا هئا هيڏي پڦي هوڏي ماسي، پوري نه پوندي هئي. هنن جون ننڍريون پتڪڙيون ڳالهيون ٻڌي ٽڙي پوندي هئي گلاب جي گل جيان........ ۽پوءِ هيءَ مکڙيءَ مان گل ٿي پئي. سدا بهار گلاب هٿين پيرين ميندڙي جوڀن جو هڳاءُ نچندڙ ڪڏندڙ هرڻي، چيلهه تي پوندڙ ڪارا ناسي وار، پير کڻڻ سان ڇير جو گمان ٿيندو هوس. ڪيڏي نه ڀلي لڳندي هئس ڪائنات، محبتن جا ميڙ، سڀ مٿانئس ٻلهار سڀني جي دادلي ڪيڏي نه خوش هئي پاڻ ٽمٽار تار ۽ تار پاڻي ته ٻوريندو آهي. هڪ ڏينهن دهل شرنايون سندس گهر آيون.ڀيڻس جيئن رات جو هارجي سينگارجي ڀيڻ ڀاڄاين هٿان پيش ڪئي وئي هئي. هن دئوس جي، جيڪو سندس پيءُ کان به وڏو هو،جهريون جهريون چهرو، چچيون سِتُ ڀريون اکيون پوپلو وات،ڊگها وڏا شهپر جهڙو جِنُ، سڀئي سپنا ڀورا ٿي پيس، وڏيون ڍنڍڪران ڏئي رني هئي. ڦسيل هانو سان بابل جي گهر مان تڙي پئي وئي ڄڻ حوا کي جنت مان ڪڍيو پئي ويو.حوا ته کڻي ڪيو هو ڏوهه آدم کي برغلائڻ جو، هن جو ڪهڙو ڏوهه هو، ۽ پوءِ به هن ڪيڏي نه خدمت ڪئي هئي ان پوڙهي جي هر ڳالهه تي جهڻڪون سهندي هئي. ڳالهه ڳالهه تي پوپلي وات مان گارين جي ناڙي، جڏهن ماءُ ڏي ويندي هئي. ته روئي روئي رڄ ڪندي هئي. جيجل جي ڳچيءَ ۾ چنبڙي سڏڪن ۾ پئجي ويندي هئي. ان ويل پڻس ۽ ڀاڻس جن گهر کان ٻاهر نڪري ويندا هئا.پڻس ڳوڙهن سان ڏاڙهي ڀڄائي آٿتون ڏيندو هوس. “ڌي لکڻي جو امر ڪير ٽاري بس جهڙو اٿئي منهنجي ڏاڙهي جي لڄ رکجانءِ”. ۽ ائين ئي پيءُ جي ڏاڙهي کي ڏسي جواني ساڙيندي رهي پاري جهڙي پوڙهي سان ٻڌو هئاسين. مڙسنهس جي خاندان مان پڻس ڏي ڪو پيٽ رهيل هو ۽ پاڻ اهو پيٽ بڻجي ريتن ۽ رواجن جي ڀيٽ چڙهي هئي. اهي ريتون جي ڪالي ديويءَ کان به وڌيڪ رت پياڪ آهن.
۽ هڪ ڏينهن اوچتو دل ديويءَ اڳيان ڪو چنڊ نميو هو ٻري اٿيا هئس جڳ جڳ ستارا پريت جي اڀ تي وڄي اٿيون هيون. من مندر جون گهنڊڙيون پرهه جا پيغام کڻي راتيون ڇير جي ڇڻڪار بڻجي ويو هيون. ٽڙي پيو هيس اندر جو گلاب سپنو جيڪو سترنگي شهزادي جو ڏٺو هئائين مکڙي مان گلاب ٿيندي سو ساڀيا ٿي ويو،وڳيون هئس تن جون مرليون برهه جي بين کڻي ڄڻڪ سڄي ڪائنات سُر ئي سُر ٿي وئي هيس. ساهن ۾ سرهاڻ پکڙجي وئي هئس. نيٺ هڪ ڏينهن جياپي جا سڀ جا سڀ حق لتاڙي نڙيءَ تي ننهن ڏنو ويس پاڻ ڄڻ توڙئون چنڊي ائين لڇي پئي جيئڻ ڄڻ ڪيئن پنڇي جا پر کوهيا ويا هجن. نينهن جا سڀ نشا لهي ويس هڪ مار سان جيڪا سندس ڀائرن هن پوڙهي کوڳ سان ڏني هيس بيدرديءَ سان، ۽ سڄي جسماني اذيت کان وڌ هئس اهو سور ته جن کيس بجو به ڏنو هو اهي کيس لتن ۽ بجن جو نشانو بنائي رهيا هئا. هر ڌڪ دل تي محسوس ڪيو هئائين بي وس اکن سان ڀائرن ڏي نهاريندي رهي هئي ۽ ڪٿي به ڪو رحم جو ترورو رت جي سٽ پيار جي رتي نظر نه آئي هيس.لال ڦيري گل ڦيري ڪرائڻ وارن رتو رت ڪري ڇڏيو هوس. سڄي رات سڏڪندي رهي هئي ۽ پوئين پهر گگهه اوندهه ۾ کيس گهلي ٻه ضلعا اڪاري کيس قهري ڪوٽن ۾ اڇلائي ويا هئس. ڄاتو هئائين پاڻ اهو ڍونڍ هجي جنهن کي حرام ٿي وڃڻ ڪري ل لاهي پريص اڇلائي ڇڏجي ته ڀل ڪتن ڪانون جو کاڄ ٿئي. لهولهان، ساڳيا ادا جن لاءِ سدائين ڳائندي وتندي هئي“ادل منهنجا چوڏهينءَ جا چنڊ دلپند” ۽ اڄ ساڳيا ادا چنڊ جهڙي جهڙي ڀوري ڀيڻ کي ٿوڪاري رهيا هئا ڪاري چئي ڪاري پر پاڻ ته ننهن چوٽي اڇي هئي جهڙي کير،ڪاري ڪيئن تي بدن جي ڪنهن به حصي تي ڪارنهن جو نشان نه هئس. کيس ڌڪي ڪوٽ جي اندر اڇلايو ويو هو. قهري ڪارو ڪوٽ جتي رنگ رنگ جون ڪاريون ويٺيون هيون،هيسيل معصوم گگدام بي وسيءَ جي صليب تي ٽنگيل ۽ ٽياس تي ٽنگيندڙ مون جيئن سندن ابا ادا رات جو نئين ڪاري کي سردار اڳيان پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. بنان ڪڇڻ پڇڻ جي گهلي اڇلائي وئي هئي. هڪ سينگاريل ڪمري ۾ جتي ڀوائتن شهپرن وارو ٿلهو متارو ماڻهو ريشمي هنڌ تي ويٺو هو. اکين مان شعلا پئي نڪتس وڌي پيرين پئي هيس. “سائين سردار” لفظ نڪتا هئس وات مان ۽ پوءِ پهنجو پاڻ کي گهٽيل محسوس ڪيو هئائين. ۽ پاڻ ڪري پئي هئي سردار جي ڪارن پيرن تي انصاف لاءِ پر جتي چوٽيون پنهنجا ڪپين اتي ڪهڙو داد فرياد“ رن ڪتي.....” هڪ دفعو وري وسڪارو ٿي ويو هئس لتن مڪن جو ڪيترو وقت ڌڪبي رهي.اکيون پوري ڇڏيائين بيوس ڪنهن سان روئي ڪير پرچائيس ۽پوءِ پاڻ کي هنڌ تي ليٽيل محسوس ڪيائين جتي سڄي رات لوئبي ۽ کوئبي رهي ننگي ننگپال هٿان ڪارين ڳاڙهين جو مالڪ جنهن کي اٻوجهه ماڻهو پيئرن کان وڌ سمجهندا آهن. ٿڌي ڪوسي ۾ حاضر،جنهن جي جي زبان مان نڪتل اکر ڄڻ قرآن، جنهن کي ميٽڻ ڪفر. جنهن جي خلاف اکر ڪڇڻ وارو ڄڻ مرتد ٿيو واجب القتل ۽ سر لڻجي ويندس هن کي هِن پيءُ وٽ لوئڻ کوٽڻ لاءِ هُن غيرتمند پيءُ جي عين سامهون پهچايو ويو هو. هن سسڪندي هٿ پنهنجي سڄيبُت تي ڦيريو، جتي اڃان تائين ڌڪن جا نشان چٽا هئس. جيڪي هن کاڌا هئا جوانيءَ جي پورالن لمحن جڏهن چوڏس ڦهليل هوندي آهي. اڻ ميي مهڪ ۽ متل هوندي آهي. من ۾ جذبات جي جنگ پر هن کي هر ويل مليا هئا ڏينڀوءَ جا ڏنگ، جن جي سوڄ لهڻ واري ئي ناهيس. ڪوٽ ۾ هن کير جهڙي اڇي کي هر روز ڪاري ڪيو ويو. محافظن هٿان هر رات هن جو جسم لويو ۽۽ کوهيو ويو هو. نياڻي ست قرآن بي حرمتيءَ جو بک بڻجي وئي هئي. جيون جهڙو جنڊ، ڏينهن جو خاناڻو جنڊ پيهندي هئي ۽ جُهرندي رهندي هئي جنڊ مٿان ۽ رات جو جسم جنڊ بڻجي پيسجي رهيو هوس واري وٽي سان وڏي سائين، ننڍي سائين،منشين مڙن، ڪاروان ڪڙن، نوڪرن،چاڪرن هٿان ڄڻ پاڻ ڪتي هئي ۽ هي سڀ بکايل جنسي ڪتا،وڏا ڪتا پيٽ ڀري ننڍن ڪتن لاءِ ڇڏيندا پئي ويس. ۽ ائين ادي ابي وارن جي لڄ بچندي پئي آئي ڪوٽ اندر،ادن پنهنجي ڪاري ڀيڻ ڪتن اڳيان اڇلائي نڪ ڌوتو هو. خيالن جو وهڪرو ويس پئي وڌندو.اڄ سالن پٺيان اکين جي ٻنڌ ٽٽي هئس. کرنڊ لٿا هئس ناسورن مان لڙڪ ٽيپا ٽيپا رت بنجي ڳلن کي پاڙڇا بنائيويس پئي ڌرتيءَ کي آلو ڪندا. شايد ه جا لڙڪ ڌرتيءَ کي ڌوڏي قهري ڪوٽ ڪيري وجهن وري ڪا ڪاري نه ٿئي........
پوءِبه ڪيترا ورهيه نهاريا هئائين پنڌ پيچرا ته من اچن مارو ڀائر ڍوليا ڀائر، پر هوءَ ته ڄڻ ٽيپ ۾ آئي هئي جتي ملاقات جا سڀ دروازا بند هجنس. پڻس سڀني کيس پنهنجي پر ۾ ماري ڇڏيو هو. ان ڏينهن جڏهن ڪڙم مان لوڌجي نڪتي هئي . ان ڏينهن کيس ڪونج جي ڪڻڪ سمجهه ۾ آئي هيس ته ڪيئن ورهه جي وڍ ڪري ولر کان وڇڙجي تڙپيو آهي ۽ هڪ ڏينهن سندس زنجير ڍلا ڪيا ويا ۽ کيس ڏورانهين ڏيهه وڪاڻيو ويو ڀڳڙن مٺ تي بي زبان ڍور جيان اڳ ۾ ادن ابي پيٽ تي وڪيو ڪيو هوس ۽ هاڻي راڄ جي ابي هٿان وڪاڻي وئي دڪن تي جو بک مري وئي هين هن مان ۽ ڪيتريون نيون ڪاريون آيون هين ڪوٽ ۾. ڪوٽ ۾ڪيترا دفعا پيٽ ۾ چر پر ٿي هئس. جيڪر هر ويلي خالي ڪرايو ويو هئس ڪوٽ جي دائي هٿان جنهن جو ڪم ئي هو ڪوٽ ۾ ڪارين وٽ ڪتن جا ڇڏيل نشان ريٽڻ ۽ ڪيترا دفعا جيئري ٿي هئي مري ڪري پوءِ هن ڳوٺ ۾ آئي هئي ملهه ٻڌي ٻانهي بنجي کيس ياد آيا ڀائيٽا ڀاڻيجا جيڪي ساڻس چلولايون ڪندا کيڏندا ڪڏندا هئا. هن آهه ڀري مٿي آسمان ۾ ڏٺوجتي ڪارا ناسي بادل وسڻ جا ويس ڪيون بيٺا هئا. هن جيئن ڏکايل ڄڻ ڄاڻ رنا،ڪيئن هوندا اهي اربيلا هوءَ ڀڻڪي بت تي هٿ لاتائين ته ٻري اٿي. سڄي حياتي کوري ۾ پچندي گذاري هيس چوڏس باهه جا الا هئا. پاڻ ڄڻ آلي ڪاٺي هئي. جيڪا اهستي آهستي ٻرنفي هجي. الائي ڪڏهن ٻري رک ٿيندي پاڻ ننڍي هوندي ريڊيو تان سسئي جا بيتٻڌي چهچي پوندي هئي.
هتي اچي هن ڳوٺ ۾ به هن ڇا ته سٺو هو،سڄو ڏينهن چاڪيءَ جي ڏاند جيان گهاڻي ۾ پئي رهندي هئي ڪاٺيون گاهه جنڊ سڄو ڏينهن ولوڙ پوءِ به لفظ ڪاري ڦرندو هوس چوڌاري ڳالهه ڳالهه تي ڪاري ڄڻ ته مٿس نالو ئي ڪاري بڻجي ويوهوس. هڪ پل به ته سک نه ستي هئي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هئائين بس ڪٽبي رهي هئي لفظ “ڪاري” جي هٿوڙي سان ماٺ گهوريندي رهدي هئي مٿي نيري آڪاس ۾ جتي ڪا وڄ ڪري ساڙي هن سماج کي ڪري پٽ ٿين ڪوٽ جا ڪنگرا شل ڪا ڪاري نه ٿئي. اڄ سندس ايون مينهن وسائي رهيون جيس دکن جي درياءَ ۾ سانوڻي جي اٿلآئي هي. اکين جو ڍورو سڪو ئي نه ٿي.لفظ ماسي سارا سور سامهون آندا هئس. سڀ رشتا ڪوڙ ادا ابا ڪوڙ،ڪير به سندس نه هو، جا ڪڏهن سڀ ڪجهه هئي ادي،امڙ جيڏي ماسي ،پڦي پر هاڻ ڪجهه به نه هئي ڪنهن ڪاڻ صرف ڪاري هئي ڪاري اکين جا ڇپر کڻي مٿي ڏٺائين سڄو آڪاس ڪارن بادلن سان گهيريل هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن سج ليئو پئي پاتو ۽ هيٺ پپل جي گهاٽي وڻ تي ڪا ڪاري ڪوئل ڪوڪي رهي هئي هن جيان.......! .
اسين جاڳيا آهيون
ڪارو ماڻهو ڳاڙهو درياءُ
جسماني طور شادي نه ٿي سگهي ته ڇا ٿيو ڪنهن ملان مولوي نڪاح جا ٻه ٻول نه پڙهايا ته ڇا ٿيو جي تن نه ڳنڍيا ته پا ٿيو من ته ڳنڍيا هئن حضرت عشق جي قاضيءَ هٿان ۽ ائين لڪي ڇپي ملندا رهيا. راتين جو اونداهيءَ جو سهارو وٺندي گگهه اوندهه ۾ جڏهن پريت جي پياس ٻجهائڻ لاءِ وهندا هيا لڳندو هجين ته ڄڻ مٿان نور جي ڇٺ ٿيندي هجين. رهاڻيون ڪندي الائي ڪيترا پل لنگهي ويندا هئن. بنا ڪنهن ڪل جي ۽ پوءِ اوچتي الڪي سان تهمتان ڪو جاڳي نه پوي. خيران ننڊاکئان نيڻ کڻي پير جي هلڪڙي کڙڪي ڪرڻ سواءِ سنڀالي وکان کڻندي ڊيل سمان موٽندي هئي ۽ پاڻ سدائين ڏسندو رهندو هو گهڻي دير تائين پوٺي ڏي ويندڙ پيچري کي جو وصال جو به آ، ته وڇوڙي جو به پوءِ پاڻ به هلندو هو پنهنجي ڪکن ڏي جهونگاريندو گيت گلابي محبت سان سرشار خوشي ۽ غم گاڏڙ ۽ائين وڇڙندي ملندي رهاڻيون ڪندي ۽ ڏک سور سليندي ٻه ٽي سال لنگهي ويا. سڪ جي ڇڪ وقت جي وهڪ ۾ ويئي وڌندي ۽ ائين هڪ رات ٻئي تاڙجي ويا.“ڪارو آن تنهنجي ته..............” هن پري کان ئي خميسي جي رڙ ٻڌي ۽ ڪهاڙين جا چمڪاٽ ڏٺا “ڀڄ جاني” خيران ڏڪندي ڀڻڪيو هو “ نه نه توکي ڪيئن” نه نه ” قسم اٿئي منهنجو سر بچاءِ پنهنجو” ۽ ائين خيران هڪ پاسي لوهه پاتي هئي. احمدو پوءِ پاڻ بچائيندو پنهنجي تبر سان خميسي جا ڌڪ گسائيندو ڀڄي نڪتو هو ۽ وري ڳوٺ ڏي منهن نه ڪيو هئائين ڀريا ٽي سال لنگي ويا هئس،پنهنجي خيران. آستي،امڙ، گلوءَ کان وڇڙي هت هُت لڪندي.
خبر پئي هيس ت خميسي وارن انهيءَ رات ئي خيران کي درياءَ داخل ڪيو هو ۽ هنن ڪنهن به فيصلي ڦرڙي کان ناڪار ڪئي هئي. خميسي ۽ علڻ ڪيتريون ئي ميڙون موٽائي ڇڏيون هيون سندن چوڻ هو ته هو ڪارو ماريندا، ٻيو ڪوبه عيوضو نه وٺندا. ائين احمدو جيڪو لاشڪ راڄ جي روايتن موجب ڪارو هو سو هِت هُت پانهه وٺندو جيئندان گهرندو پاڻ لڪائيندو روئندو هڄندو من اندر جلندو تن اندر پچندو رهيو هو. سڄي سڄي رات ساروڻيون ساريندي گذرنديون هيس ۽ ڏينهن وهمن ۽ ويچارن ڪندي. هر ساعت نانگجو ڏنگ، هر ويلا سڪرات ويلا ۽ هر پهر زهر سمان پيو ڀاسندو هوس. پاڻ هڏڪاٺ واري ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو. اکيون جهڙيون کڏون، ڄاڙين چگهه ڏند نڪري آيا هئس. ٽن سالن ۾ سڄي جواني ڌوپجي وئي هيس ۽ صفا اڇو ٿي ويو هو، جيل ۾ قابو قيدين جيان هتا هُتان ڳوٺ جون خبرون چارون پڇندو هو. جيجل ماءُ جيڪا هڪ رات به ٻاهر وڃڻ نه سهندي هيس. سا روئي روئي اکين جو نور وڃائي چڪي هئي. پڻس راڄ ۽ ڀاڻيجن اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه رهيو هو. سدائين ماٺ، مٿي آسمان ۾ پيو گهوريندو هو، پڦيس ته انهيءَ سال ئي وڃي خيران کي پهتي هئي. احمدو جا سوٽ پنهنجي ليکي چڱن مٺن کي گڏ ڪندا رهيا فيصلي ڪارڻ هڪ کان ٽي سڱ ڀري ڏيڻ لاءِ، هر ڏوهه چٽي ڀرڻ لاءِ هاضر پر خميسو پڙ ڪڍي بيٺو هو. چئي “ نڪ احمدو جي رت سان ڌوئبو” ۽ علڻ پنهنجي ڊگهين مڇن کي وات ۾ چٻاڙيندي امالڪ چي اٿندو هو. “عيوضي ڏيڻ وٺڻ واري جي ته........... ائين وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو ۽ احمدو سسڪندو رهيو هو.هڪ پاسي خيران جي دردناڪ موت جو غم ۽ ٻئي پاسي جيجل جي جهوري ٻچڙن و اونو آستيءَ جو ويچار ۽ پيءُ جو جهرين ڀريل اداس چهرو، روز ڦٿڪندو ۽ ڪڪسندو رهندوهو ويچارن جي ڪاتن سان. ڪاش پاڻ به ا ڏينهن ڪهاڙين جو بک ٿئي ها خيري جيان ته سندس رت به ملي وڃي ها خيران جي پوتر رت سان، ته ڦٽن ها پريت جا ڳاڙها گلاب............”.
سامهون ڌامون ٻيلوهوس، ٻيلي کان ڪوهه پنڌ تي سندس ڳوٺ هو. درياءَ مان ٻه ٻڪ پانيءَ جا پيتائين ۽ انهيءَ سمي اوڪ ڪري الٽي ڪيائين. سمورو پاڻي ٻاهر نڪري آيس لڳس ته درياءَمان پاڻي نه ڄڻ خيران جهڙين نماڻين وينگسين جو رت پيتو هجائين. جيڪي هٿ ٺوڪي غيرت جي آڙ ۾ بي غيرت ڀائرن درياءَ داخل ڪيون آهن هن کي ياد آيو ته هن جي ئي سانڀر ۾ هن جي ڳوٺ جون چار ندوريون درياءَ ڪنڌي آڻي ڪنه ڪپي درياءَ ۾ اڇلايون ويون هيون. انهن جون ڊنل هراسيل ۽ هيسيل اکيون پاڻ به ڏٺيون هئائين. الا ڪيڏو نه درد هو. ڪيڏي نه التجا هئي ڪيڏو نه خوف هو. انهن اکين ۾ پر ڪنهن به ڪٺور کين جيئندان نه ڏنوهو. هون ڀيڻسان نڪ ڌوئڻ وارا ڪير ڪارو ناهي هتي ڪير ڪاري ناهي هتي. جڏهن ماڻهو پاڻ ئي ڪارو هجي ته ٻئي کي ڪهڙو ڏوهه! هو ڪهاڙيءَ جي ڳن جي ٽيڪ تي اٿي بيٺو. درياءَ ۾ چتائي گهورڻ لڳو ڄڻ اجهو خيران درياءَ ما رت ٻڌل چهرو ڪڍي سواگت ڪندي ۽ ڪا ساعت ائين ئي بيٺورهيو. پنڊ پاهڻ ٿيو. پري گدڙن جا اوناڙ لومڙين جا آواز پئي آيا. جيڪس هن جي بيوسيءَ تي ماتم ڪري رهيا هجن. هن درياءَ جي ڪنٺار کي ڇڏيو اڳتي چريو آهستي آهستي مئل ساهه سان ٻيلي جي وچ مان نڪرندڙ پهو ڏيئي هلڻ لڳو.پهي سان چهچ چها اڀري آيا هئا لنون ۽ لاڻن جي هلڪي هلڪي خوشبوءِ سان ساڪڙ، جي سڳنڌ ۽ مکن جي ڀڻ ڀڻ هن جي ذهن کي ڌونڌاڙي ڇڏيو. ڌامون ٻيلي ۾ ڪيڏو سارو جيون گهاريو هئائين. ڪلهي ۾ ڇانگ جي ننڍڙي ڪهاڙي هٿ ۾دکندڙ پليتو. ڌو ٻيلي ۾، راکن کان اک بچائيندو مختلف چوڪڙين ۾ ماکيون لاهيندو وتندو هو. يا وري ٻٻرن جون لامون ڪپي،“ آ ڪو آ، ڪو” ٻڪرين کي سڏيندو يارن دوستن کي سينڍان ڏيندو پيو ٻيلي ۾ ڦرندو هو ۽ سانجهيءَ ويل ڌڻ ڌڻ مان دز اڏائيندو ماکيءَ جي چونئري ڀريو گهر ڏي ورندو هو. گهر پهچڻ شرط ٻڪريون واڙ ۾ واڙي اڪ جا ڇوڏا نم جون ڪاٺيون اچو ته ٻار راند رچايون” جا نعرا هڻندو ۽ پوءِ هر گهر مان ٻار ڇوڪر، ڇوڪريون ننڍڙا وڏڙا نعرا هڻندا ڀڄندا ايندا هئا مٽي اڏائيندا ، واري اڇلائيندا، وڏي گهاٽي بڙ واري ميدان ۾، ۽ انهيءَ ٻيلي ۾ ٻڪرين سان گهمندي چنگ ۽ بوڙينڊي مان طرح طرح جا سر ڪڍندو هو. الا پاڻ ڪيڏو نه چنگ وڄائڻ جو شوقين هو ۽ بوڙينڊو ياد آيس. ڪيڏي نه چاهه مان خيران چيڪي مٽيءَ مان هڪ بوڙينڊو ڏنو هيس. جيسيتائين اهو بوڙينڊو ڀڄي ڀري نه پيوهيس چپن تان نه لاٿو هئائين ڪيڏو نه واس هو خوشبوءِ جو ان ڪيڏي نه مٺي لڳندي هيس مٽي بوڙينڊي جي محبوب ماڻهو هٿان محبوب ڌرتي جي مٽي.
هاڻي باقي هڪ چوڪڙي پار ڪرڻي هيس. اڄ هو وچن ڪري نڪتو هو ته پنهنجي ڳوٺ پنهنجي وستي ضرور ايندو پنهنجي جيجل ماءُ جي هنج ۾ منهن لڪائي ڍاڍيون ڪري روئندو. من جو ميرو پاڻي ڪڍي هانو کي هلڪو ڪندو. پنهنجي آستيءَ سان ملندو. پنهنجي گلوءَ سان ملندو. جنهن کان ته هن جو مهانڊو به وسري ويو هوندو هن جون نياڻيون سڏڪي پونديون هن کي ڏسي ڪيترو ته لوڙيو هو هن جي آڪهه هن ڪارڻ.............
وري من کي خوف ورائي ويس خميسي وارن ڏٺو ته ٻوٽي ٻوٽي ٿي ويندو قاسو وانگيان جيڪو هن جيان ڪارو ڪري ڪٺو هو. جانو وارن پنج ست آرهڙ اڳ ڦري ويس پنهنجي ئي گوشت جا لوٿڙا وڍيل سري ٻوٽيون عضوا، اکيون ٻوٽي نرڙ کي هٿ سان مهٽائين “متان ڀاڙيا! چئيي خوف کان جان ڇڏايائين” ڀل ڪن ٻوٽيون ٻوتيون پوءِ به وڃي خيران سا ملبو نه ڳوٺ وڃبو ضرور وڃبو هن جيئن کان موت ڀلومان وڌيڪ ترسي سگهان. تبر مون کي به آهي ۽ احمدو ٻيلي پار ڪري ڳوٺ ڏي ويندڙ ڳهڻ ورتي جتي سامهون سندس اباڻا ڪک هئا جيجل امڙ هئي آسائتي آستي هئي ٻلڪندڙ گلو هيو سڏڪندڙ نياڻيون هيون. خيران جي ياد هئي ڦهليل آواز هو. حسن جو هڳاءُ هو. خميسي ۽ علڻ جي روپ ۾ موت جو ڪارو ديو هو.
جيئڻ وهه ٿيوم
ذهن جي پردي تي ماضيءَ جي فلم ورندي پئي ويس. جيئن پئي ساروڻيون ساريائين تيئن پئي چاڪ چڪين ۽ پاڻ کي بجلي جي ننگي تار ۾ ڦاٿل پئي محسوس ڪيائين. جتي ويس رت سڪندي ۽ ڇڪيو پئي ويس ساهه جسم مان علڻ سندس مڙس هو. پاڻ مائٽن جي رضا خوشي سان پرڻيا ها. ڪا عشق جي شادي ڪانه هين. ڪو پڇي ڪا نه هين. ڪو ڀڄي ڪا نه آئي هئي علو سان ۽ شادي کانپوءِ علو ايترو ته موهه ڏنو هيس. جو ڀائيندي هئي ڄڻ پاڻ ازل کان ئي عاشق معشوق هئا. جيڪو گهري حاضر ٿورو اداس ٿيندي يا منهن لٿل هوندس ته ڏينهن ۾ الائي ڪيترا ڀيرا ور ور ڪري پيو اچي پڇندس ڇو ملول آهين نازو ڇا هي نازو ۽ ايسيتائين اٻاڻڪ رهندو جيسين پاڻ سُرهي منهن نه مرڪي نه پوندي بس پوءِ ٺري پوندو ٻلهار پيو ٿيندو. پاڻ هڪ جفا ڪش ۽ هٿ پورهيت هو جيڪو به رت پگهر جي پورهئي سان ڪمائيندو نازان جي هٿ اچي ڏيندو نه حساب نه ڪتاب سهڻي هو اڳ ئي هئي ويتر جو ايترو اڻ ميو پيار مليس ته جوڀن جا ست ئي رنگ چوڌس پکڙجي پيس. لال پٽولي ٿي پئي منهن مان ڄڻ رت پئي پئي ٽميس. جيڪا به نئين وَٽَ لهندي ته سڄي ڳوٺ ۾ اڳ ۾ هي کائيندا پنهنجي هٿن مان گرهه ٺاهي پيو کيس کارائيندو علڻ سان گهاريل هر گهڙي هر لمحو سندس اڳيان چٽو پي ڦريس. رات جو دير دير تائين پيا روح رهاڻ ڪندا. ننڊ کي ڀڄائي ڪڍندا. سڪ ڄڻ لهين نه ٿي. پيار جي پياس تهائين وڌ ڪَتي لڙي ويندي هئي چنڊ اوڀر کان اڀري اولهه ۾ لهي ويندو هو. هي پيا جاڳندا هئا. پريت ونڊيندا هئا. ڍير ساريون ڳالهيون ڪندا، آئيندي جا سپنا اُڻيندا. هڪڙا ڊاهي ٻيا ٺاهيندا. هيئن ڪبو، هيئن نه ڪبو، پنهنجي ٻارن جا نالا هي رکبا. هي هي رکبا. پهريان پٽ ڄمندو ، نه پهريائين ڌيءَ ڄمي، هتان جون ڳالهيون هُتان جون ڳالهيون، کوڙ ساتريون ڳالهيون ڪندي وقت جي وري وڃڻ جي ڪا ڪل ئي نه پوندي هين. مٿان جڏهن پکين جي کنڀن ڦڙڪڻ جو آواز، چون چون، چپن جون مٺيون لاتون فضا ۾ ٻرنديون هيون. ڪُڪڙ دس هڻندا هئا. مينهين ڀتارين جا چڙا مڌر موسيقي جو روپ وٺندا هئا ۽ دور ڪنهن فراق جي ڦٽيل جو درديلو گيت ڪنن ۾ سرندو هون. تڏهن ڇرڪ ڀري اٿندا هئا. هڪ ٻئي ڏي مرڪي نهاري اکين ۾ اکيون پائي رات جي ننڍي هجڻ تي ارمان ڪري ۽ پوءِ پاڻ هٿ منهن ڌوئي سانجهڻ تي ويهندي هئي.چپن ۾ ڪومٺڙو گيت به پئي جهونگاريندي ۽ لولا به پئي ٿڦيندي ۽ علو تڙ ڦليل کان واندو ٿي تڙ تڪڙ ۾ مانيءَ جا ٻه گرهه هڻندو. چانهه جا وڏا ڍڪ ڀريندو ڍوڍو رومال ۾ ٻڌندو نازان تي پيار ڀري نظر اڇلائيندو شهر ويندو هو ڪمائڻ ۽ نازان گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ڪيو پراڻن ڪپڙن جي رنڱيل ٽڪرن سان ڀريل ڇٻو کڻي سئي ڌاڳي سان ويهي رلهيون ٺاهيندي ۽ پور پچائيندي قسمين قسمين سهرا لوڪ گيت جهونگاريندي ويندي هٿ به پيو هلندس ته وات به پيو هلندس. روح رچنديون ڳالهيون ڪندي ڪندي مُک تي مٺيون ڏيندي علو پڇي وٺندو هوس.“نازان مان توکي پيارو آهيان” “ڏاڍو” ڀلا ڪيڏو.....“...” جيڏي ڌرتي جيڏو چوڏهينءَ جو چنڊ جيڏو سمنڊ، جيڏي ڏکڻ هير “...” “سچي” “سچي” ۽ پوءِ علو پيار جي ورکا لائي ڏيندو هوس. محبت جا اڪيچار موتي پکڙجي ويندا هئا. ۽ هوريان هوريان چوندو هوس ته “مونکي ڇڏي ته نه ويندينءَ” “ توکي ڇو ڇڏيان، اهڙيون ڪنيون وايون ته نه واريندو ڪر ۽ پوءِ علڻ چوندو هوس ،“ نازان الائي ڇو الائي ڇو ڀئو ٿيندو اٿم ته ڪٿي پنهنجي پيار کي ڪا نظر نه لڳي ڪوئي ڇني نه وٺي مونکان توکي جي تون مون کان ڇڄي وئينءَ جي تون ڌار ٿئينءَ مون کان ته مان تو بن هڪ گهڙيءَ به جي نه سگهندس. مري ويندس مان مري ويندس توريءَ..ائين چوندي نيڻن جا گهاگهر ڇلڪي پوندا هئس. پاڻ به روئي روئي پوندي هئي ۽ ائين اڻ ڄاتي خوف کان هڪ ٻئي کي چنبڙي پوندا هئا. ٻانهن جا مضبوط گهيرا وڌيڪ سوڙها ڪندا هڪ ٻئي ۾ پيهي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته متان ڪو ٽوڙي نه وجهين. نازان کي جيئ پئي ڳالهيون ياد پيون تئين پئي ڏسي علوو جون پيار ڀريون اکڙيون من تي هُري پئي آيس. وٺي پئي رڙ ڪيائين. “علڻ مان تنهنجي ڏوهارڻ آهيان،پاپڻ، پنهنجو پيار لُٽجي ويو هنن چراخن، هنن آدمخورن هٿان، مون هنن ويين جو مقابلو نه ڪيو. مان لوڪ جي بوڪ کان ڊڄي ويس. مون توکي ماريو. وقت جي قهري وڄن اسان جي دلين کي ڦٽي وڌو ۽ اسان جو پيار رواجن جي قهري ڪاريهر نانگن کان ڏنگجي ويو مان تنهنجي موت جو ذميوار آهيان جاني ذميوار آهيان.
علي بخش ۽ نازان هڪ ئي ڪڙم هڪ ئي قبيلي، هڪ ئي ذات جا هئا. علو جو پيءُ اڳ ئي مري چڪو هو. علڻ ڇورو ڇنو چاي جي در ٿي پليو هو. جڏهن چاچي لاءِ کاٽائو پٽ هو ته ڏاڍو ڀلو هو. شادي کانپوءِ جڏهن گهر تڙ وارو ٿيو ته چاچي کي به پوءِ ڪوڙو لڳو. جهڙو ٽوهه چاچنهس ئي نازان جي پيءُ کان نازان جي پيءُ کان نازو جو سنڱ گهريو هو. پنهنجي ڌيءَ ڏني هئائينس وٽي ۾. جيڪا انهن ڏينهن ۾ اڃان ننڍي هئي. ۽ نازان جي شادي وقت ئي انهن جو مڱڻو ٿيو هو. نازان جي ڀاءُ گهرام سان جيڪو نازان کان ٻه اڍائي سال وڏو هو. ۽ پوءِ جڏهن ڇوڪر جوان ٿي ته نازان جي پيءُ ٻانهن جي ڇڪ ڪئي علوجي چاچي کتو جواب ڏنو. چيائين وڃي علو کان سنڱ وٺو ناهي مون وٽ سنڱ ڪهڙو کنيو ٿو کارائي مون کي نازان جي پيءُ چڱا مٺا گڏيا ميڙون ڪيون ڇڪ ڇڪاوت ٿي. مگر هو صفا پڙ ڪڍي بيٺو. صفا بر ڄڻ ڪنهن جو ڏٺل ئي ناهي ۽ پوءِ علو تي زور ڀريو سهري چاچي ڱان سڱ وٺي ڏي يا نازان ي ڇڏ ٻئي سراپجي ويا هئا لڳو هون هنن پيار ونڊيندڙ پکين جي آکيري ۾ ڪنهن ظالم ٻه نالي ڇوڙي هجي. اکين ۾ خوف جا وحشت ڀريا پاڇولا ڀرجي آيا هئن. لڳو هون ان گهڙيءَ ڄڻ پاڻ صدين کان پنڊ پهڻ ٿيل هجن. اک به نه جهپڪيائون پوءِ وس ڪيا هئا علي بخش چاچي سان قرآن مصاف کڻي ويس. پير فقير ميڙيائين.منٿون ايلاز گيسيون گهگراٽيون، مئل پيءُ جا واسطا نياڻيون ميڙ پر چاچنهس ڪورو جواب ڏنس. صفا ڊِٺو ٿي بيٺو نه ڏيندس ٻانهن هڪ ئي ورندي ائين آخر چاچي کان مايوس ٿي نازان جي پيءُ کي منٿائون ٿيو هو. پيٽ پٺي، گهر ناٺي الائي ڇا ڇا آڇيائين پر اڳيان ٺپ جواب، پنهنجو سڳو چاچو ٿو لوڙهئي. مون ڏي ڇو آيو آهين...... پٽ مون کي سنڱ کپي جواڻ جماڻ گهرام لاءِ نه ته هو رستو هو گوءِ. منهنجو پٽ وتي رلندو ۽ تون ڪرين جوءِ سان جولاٽيون،ايڏو ڀڙوو سمجهيو اٿئي ڇا ۽ ائين نازان کي پيءُ ۽ ڀاءُ وٺي آيا هئا رُسائي پنهنجي گهر علو چيو هوس نازان تو بن جي نه سگهندس م0ري ويندس مان....... ۽ پاڻ علو جي ڀريل ڇاتي ڏي نهاريندي رهي هئي اکيون جهڪائي ڪوبه اکر نه وريو هوس وات تي. ڄڻ ڄڀ وڍجي وئي هجيس. هري ڀري گهر کي گونگين جيان ڏسندي رهي ۽ پوءِ ڀاڻس ۽ پڻس ڪاوڙ مان ڇڪي گهلي آيا هئس گهر مان....... گهر جيڪو هن جو پنهنجو هو جيڪو هن کان کسيو پئي ويو بنان ڏوهه گناهه جي ان کانپوءِ علو کي روڪيو ويو هو سندن ڳوٺ اچ کان ۽ وري نه ڳالهايو هئائون پاڻ ............وچ ۾ اچي پيا هين پوءِ وڇوٽ پٽا جيڪي ڪڏهن ملي نٿا سگهن.
نازان ڪيترا دفعا ماءُ کي ايلازي ٿي. پيءُ کي نٿائو ٿي. ڀاءُ کي چيائين اکين مان لڙڪ ڀري موٽ ۾ اهڙيون ورنديون ملنديون هيس جو هيٺ مٿي سڙي کامي ويندي هئي. ڇوري کي.......... سخت کپي. رن تخت نه گهريو هو... پر .......ڀاءُ کان.........مٺواٿس ڀاءُ پيءُ جي ڏاڙهين کي ڇا ڪندي ٻڏين نٿي رن ڪتي، پنهنجا ٿي ٻوڙين اسان جي ستن پيڙهين ۾ ائين نه ٿيو ڇوري چوٽي ڪپي ڇڏيندوسانءِ جي علو جو وري نانءُ کنيو اٿئي. سوئر جي ڌيءَ پڻس ڀونڊو گهروڙي ڏيندوو هوس وٺ ٻڏين نٿين. کاري تان ڀاءُ ٿو لهڻي تون ي علو علو ڪرين.آهي ڪو اسان ڏي ڏوهه چاچا ڀائٽين جو ڏوهه چٽيون ڀريندا آهن. هيءَ جو حق ٿو کائي. ماڻس جو پاسو وٺندي هئي ته اها چوندي هئس ته ڏائڻ ڀاڻين گهوريو آڱوٺي توکي کپي علو پاڻ روئي روئي رئي جي پلوسان ڳوڙها اگهي ڇڏيندي هئي اوڙي پاڙي جون مايون ڌاريون مائٽائڻيون هن کي مونجهو ۽ ملول ڏسي نڪ کي موڙو ڏينديون هيون! مائي ڇوري ته ڏسو،ڇوري ڄڻ هيءَ ئي هڪ پرڻي آهي. پرڻي لاءِ ته ڪي باسون هئائين. خبر هجين ها ته اڳ ئي پرڻائينس ها. مائي مڙس لاءِ ڪيئن پيءُ جي تاوڻي تپايون ويٺي آ، نه ابو امڙ ايندا نه ڀائر ڄڻي ڏيندا . هاڻي اڇي مٿي ۾ ڪا ڦاپل پٽ ڄڻيندي مڙس گهوريا ڀائن تان هڪ ڏاڙهي ڪوڙيو ويو ته ٻيو رنن لاءِ ڪا مڙس کوٽ ۽ ائين گهر پاڙي ۽ سڄي ڳوٺ جون گاريون ويڻ وايون ٻڌندي ٻنهي ڪنن ۽ توڙتائين ويندي هئي پڄرجي. ڄڻ ڦٽي تي لوڻ ۽ مرچ ٻرڪندا هجنس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماڻس ۽ پڻس ويهي سمجهاڻيون ڏيندا هئس. اسان ڏي ڪو لهڻو هون جو تو مورن جهڙي ڌيءَ اڳواٽ ڪاهي ڏني سين. (ڄڻ پاڻ ڪا ٻڪري يا ڳئون هئي. سودي۾ ڪسُ لڳي هئن ۽ هاڻي موٽائي ورتي هجي) وچ ۾ علڻ ڪيترائي جتن ڪيا. چاچي کي، سهري کي، پر ٻنهي پاسي ننهن جا نَوَ ڪوٽ. ڪنهن جو به من نه ڀنو. هن جي ڪوماڻيل مک ڌارا ڏنل اکين ۽ ڪوريل ماس ڏسي اڻڀا وار جنهن کي ڪيترا ماهه تيل به نصيب نه ٿيو هو. اهڙي حالت ڏسي ڪنهن کي به جُهٻو نه آيو هو. رت جا ريلا سڪي ويا هئا. ماڻهو پٿر ٿي پيا. ڪنهن کي به ڪوڻي جهڙي دل جو قدر نه ٿيو. علي بخش جي اهڙي حالت جو جڏهن ڪا ڳوٺ جا مائي اچي حال سڻائيندي هئس.ته سڄي ڏڪي ويندي هئي. پنهنجي بي وسيءَ تي ماتم ڪندي هئي. تن ۾ باهه لڳي ويندي هئي ته متان هن جو ڪوحال بي حال ڏسي ڪوويڻ نه ڪڍي وجهي. ڪنهن سان سور سلي. ڪنهن سان اوري اوري ۽ اٿندي ويهندي گارين ٿڪن بجن ڪري علوجو نالو کڻڻ به ڇڏي ڏنو هئائين. صرف اندر ۾ پئي جهڄندي ۽ کيس ياد ڪندي هئي.
ائين هڪ ڏينهن پڻس ڀاڻس جن ويجهي شهر ۾ علو تي طلاق جو ڪيس ڪيو. ڪيس جو ٻڌي پاڻ ڍرڪي پئي هئي. پيءُ کي رئو لاهي اکين ۾ آب آڻي چيو هئائينس. اهڙو ٽڪو نه لاءِ بابا..... سڄي عمر ويهاري ڇڏ. تنهنجي در تي مري ويندس..... پر طلاق نه وٺراءِ. ڪورٽ نه چاڙهه پر پڻس ۽ ڀاڻس ڪهاڙيون ڏيکاريون هيس....ڇوري جي وڌيڪ بڙ بڙ ڪيئه يا ڪورٽ ۾علو تي بيان نه ڏنئه ته ڳترا ڳترا ڪري درياءَ ۾ اڇلي ڇڏينداسين. تون ئي آ هيءَ هڪ مڙس واري..... اڙي قهر خدا جو ٻين کي به ڌيئرون آهن..........يا مونکي ئي آ هڪ ...ٻين جون ڌيئرون ناهن چڙهيون ڪورٽ تي هي آ هڪري. ڀاڻس شادي نه ڪرڻ سب جڙيو چڙيو وتندو هو. تنهن ڪهاڙي اولاريندي چيو هوس.” وات جي ڏيندوسانءِ ڪهاڙي ڪڃري اڳيان ٿي وات پئي هڻين.....”
۽ ائين پاڻ چڙهي هئي ڪورٽ تي.... پيءُ ڀاءُ جي ڀوءَکان علو تي ڪوڙو بيان ڏئي آئي هئي..... لفظ لفظ وڪيل ياد ڪرايوهوس.......پاڻ هر لفظ اوڳاڇيندي رهي هئي.وهه جيان اکيون ٻوٽي پريان علي بخش پٿر جو بت بڻيو گهورندو رهيو هوس. نماڻيل وساميل اکين سان.... دل مان سمورو پيار اوتجي آيو هيس اکين ۾...... هن جي من چاهيو ڊڪي وڃي علي بخش جي ڳچيءَ لڳي ڍنڍڪرات ڏئي روئي. چنبڙي پئي ۽ وڏي واڪي ڪورٽ ۾ چئي جج کي........ ڪوڙ سڀ ڪوڙ...... جيڪي مون چيو آ ......سڀ سڀ..... علو منهنجو هنئين جو هار.....علو ته صفا سون آ.......نسورو سون آ.... جئين خيال جي اٿل آيس ته چپ لڙڪڻ ۽ پير ڏڪڻ لڳا هئس. . پيرن ۾ پيل پنجوڙ قابو ڪري بيٺا هئس ..اکيون مٿي ڪري علو جي گهرين سڪل ڍنڍ جهرين اکين ۾ نهاريائين. جتي ڄڻ علو جا خاموش نيڻ چئي رهيا هجنس. .....ائين نازو تون به تون به ساٿ ڇڏي وئينءَ....... ايڏو گهرو هو تنهنجو پيار....... نيري آسمان جيڏو چوڏهينءَ چنڊ جهڙو، اٿاهه سمنڊ جيڏو، سڀ ڪوڙ هو تنهنجو صفا ڪوڙي هئينءَ تون....... ۽ پوءِ اجرڪ منهن کي ويڙهي ڇڏيو هئائين.......نه ڪُڇي سگهي هئي نه لڇي سگهي هئي....... تازي ويم ڪيل زائفان جيان ٿڙندي ٿاٻڙندي وچڙندي ڪورٽ مان نڪتي هئي..... بي ساهي بت جيان ڄڻ سڄو رت ڪنهن پي ڇڏيو هجيس. وحشي آدم خور ۽ پاڻ صفا اڪيلي ٿي پئي هئي. پڻس ۽ ڀاڻس کنڀي کڻي گهر پهچايو هوس.... اها سڄي رات پاڻ تڙپي هئي تپ اچي ورايو هوس.... ٻه ٻه سوڙيون مٿان وڌيون هئائونس. ٻه ڏينهن سارا بنان کائڻ پيئڻ جي بخار ۾ لوهه لڳي پئي هئي.... پٽ کوههه ۽ دَبر هيس... علو علو پئي دبريائين. ... اڳيان ڦريس پئي جون نيرون اداس ڍانڍيون اکيون...ڏوراپن سا ڀريل.. پيلو چهرو........ڄڻ چونديون هجن “نازو ڪيڏو پيار هو مانءِ جيڏو چنڊ..... جيڏو آسمان جيڏو ،جيڏي ڌرتي، ۽ ائين هن کي طلاق ملي هئي... پاڻ طلاقڻ ٿي پئي هئي. سڀ رشتا ڪچي ڌاڳي جيان هڪ ئي سٽ ۾ ٽٽي پيا هئس. ڪاغذ جي ٽڪري ڪري.... ٻنهي جي وچ ۾ ٻوڙان ٻوڙ درياءُ وهي هليو هو. ..... جنهن جي پل ڪري پئي هئي هڪ ئي قلم جي رهڙ سان.........
رات چنڊ جي جوڀن ونتي رات هئي...... سڄي رات جاڳي هئي پاڻ.... ڄڻ علو ساڻس ستو پيو هجي. سچي رات ڳالهايو هئائين چنڊ سان.... چنڊ جيڪس علو...... گهري ڪاري ڪڪر چنڊ کي ڪي لمحا لڪائي پئي ڇڏيو ۽ چنڊ اوجهل پئي ٿيو علو جيان.. وري جڏهن ڪڪر مان جان ڇڏائي چنڊ نکري نروار پئي ٿيو ته پاڻ به پئي ڀڻڪيائين من من ڪا راهه کلي وري ملڻ جي... ۽ ڪنهن ويل ڪاري ڪڪر جيان ڪاغذ جو ٽڪرو اڳيان پئي آيس هاڻي ته مان علڻ لاءِ سدا ڪاڻ مري ويس .... ياد آيس علو چوندو هوس نازان جي توکان جدا ٿيس ته جي نه سگهندس..... نه علو تون سدا جيءُ مران مان چنڊي جنهن توتي ڪتي جيان باهيو..... ڪڪڙن دس هنيا ته پيٽ ۾ وڪڙ پيس.... اٿي پڇواڙي ڏي وئي....موٽي آئي ته محسوس ٿيس ڄڻ ڪجهه وڃايو هجائين..... من ۾ مونجهه محسوس ڪيائين ساهه مٺ ۾ هجيس منهن ۾ مُنڊو وجهي منجي تي ويهي رهي پريان ماڻس چاڏي ۾ ڏڌ پئي جهڳيو ۽ سهرو به پئي چيائين ڀاڻس گهرام جو......... گهرام گهوٽ گهوريان نوٽ......لهي آءُ لاري مان.....سهري جي رونگٽ تي ماءُ ڏي تڪيائين جنهن هاڻي هٿن سان لسيءَکي ڇاڇولي جهيرڻي کي پاسي رکي مکڻ جهٻي پئي ڪڍيو. .... ڏانهنس ڏسندي هوريان ڀڻڪي ڏائڻ! پٽ گهوٽ ٿينس... ڌيءَ ڀل ڦاهي چڙهيس اکيون آليون ٿي ويس ۽ ائين اوچتو پاڙي واري مائي راڻي گهر ۾ ٽپي آئي......... مائي ڪا خبر ٻڌو رات مئو ڇورو علي بخش مري ويو....... ويچارو ويٺي ويٺي ڦهڪو کائي ڪري پيو ...ساهه نه تو ڏٺس نه مان ڏٺس!
نازا اوڇنگار ڏني.... وٺي دانهون ڪيائين علو ناهي مئو ....علو ناهي مئو.......علو ماريو ويو آ.. مون ماريو آ علو...... مان آهيان خونڻ.......مان آهيان ڏوهارڻ ..مان ماريو آ علو.. توهان آهيو خوني....... منهنجا مٺا ور...... منهنجا جانب...... منهنجا چنڊ..... ڪڏهن منهن تي پئي هٿ هنيائين..ڪڏهن وارن جون چڳون پئي پٽيائين مٿي ۾ مٽي ۽ ڇار.... چهرو ڀڀوت .... ڪڏهن پيءُ کي گاريون .......ڪڏهن ماءُ کي گاريون........ اکين مان آگ جا اُلا شعلا پئي نڪتس اکين مان آلاپ ورلاپ بند ئي نه پئي ٿيس.........پاڙي اوڙي جا ماڻهو.......مرد مايون اچي ڪٺا ٿيا هئا... ۽ هن جي رڙ پئي پئي.....مان هان پاپڻ....مان هان خونڻ توهان آهيو پاپي توهان آهيو خوني.......
هيڏا هاڃا
تنهنجو اسان جي خوش يا ناخوش هجڻ سان ڪهڙو واسطو نواب صاحب... تون ويٺو شهرن ۾ موجون ڪر ۽ شهري يارن سان ڊاڙون پڄاءِ.”
“پر پيارا ايتري ناراضگي ڇو؟ شهر ٿو رهان ته سو به ڪم سان ظاهر آهي مان به ماڻهو آهيان انڪري دوست بڻائڻا ئي آهن، پر مان ڪو توجهڙن يارن کي وساريو آهي ڇا..........”
“نه ادا تون اسان کي وساريو آهي....15.....16 مهيني اچي منهن ڏيکاريو پيو وڃين. اهو ڪو وڏو عرصو آهي ڇا؟” “...” “بابا مون هٿ ٻڌي معافي ورتي.. ڪاوڙ ڇڏيو اڳتي هر مهيني پيو اچبو هاڻي ٻڌايو ڪو حال احوال ڳوٺ مان وڏي تبديلي پيو ڏسان........ ماشاءَ الله چڱي ترقي ٿي آهي..” ادا زاهد ڳوٺ ۾ واقعي وڏيون تبديليون ٿيون آهن“ پهريون پاڻي پيءُ هلڪو ٿيءُ ته پوءِ ٿا حال احوال ڏيون.”
ڪافي عرصي بعد ڳوٺ آيو آهيان. گهر ۾ ڪي گهڙيون گهاري نوري جي اوطاق تي آيس. سڄي ڳوٺ ۾ منهنجي اچڻ جي خبر پئجي ويئي هئي.ان ڪري ننڍپڻ جا سڀ ساٿي خاوند، عرضو، نهال، نبو، راضن شاهه ۽ ڪرمون نوري وٽ اڳ ۾ ئي اچي سهڙيا هئا.... کين پڪ هئي ته زاهد گهران ٿي ضرور نوري جي اوطاق تي ايندو جيڪا بيٺڪ به هئي ته اوتارو به هئي ته هوٽل به... اڇا اجرا ڪڻڪ جي سهڻن سنگن جهڙا ساٿي پريت جي پيالن سان پر پهتس سڀني وٺي ڀاڪرن ۾ کنيو ملي جلي ماٺ ڪري ويهي رهيا. ڪوبه نه پيو ڳالهائي....... اهو هنن جي احتجاج جو طريقو هو وقت رڙهندو رهيو. همراهه جهڙي ڀت ڄڻ ڪک سنگهي ويو هجين. سانوڻ جي ڪڪرن جيان گجگوڙ ڪندڙ شينهن جهڙا مڙس خاموش نگاهن سان ڇڙو پيا نهارين. آخر ماٺار کي پاڻ ئي ٽوڙڻو پيو پوءِ ککر هڻڻ جي دير هئي همراهه قنڌاري ڏينڀن جيان اٿي پيا. “ تون ايترو نواب ٿي ويو آهين جو ڳوٺ وارن غريب دوستن تي تنهنجي نظر ئي ڪانه ٿي پوي. ٻانهون ٻڌي بخشايومان.... همراهن چيو پهريان تون احوال ڏي.... شهر جا..... تنهنجي تحريڪ ۽ ادبي سنگت ڪيئن پئي هلي. ... کين سارا حال احوال ڏنم تنظيم، ادبي سنگت فنڪشن ماڻهن ۾ سجاڳي ملڪ جي سياسي صورتحال انقلابين جا ڪارناما، آفريڪا ۾ آزاديءَ جون تحريڪون،السلوڊور ۾ آمريڪا جا ظلم، لبنان ۾ رتوڇاڻ فلسطينين جو ڪوس، ايران ۾ خميني جي سوڀ افغانستان ڀارت ۾ خانه جنگي، ڪمپوڊيا جو مسئلو، نڪاراگوا ۾ سامراج جي سازش اهو دور دور ناهي جو ڪير ڪنهن جو استحصال ڪري سگهي. هاڻي مظلوم طبقا ۽ قوتون سجاڳ ٿي رهيون آهن.... هاري مزدور عورتون پنهنجن حقن ۽ قوتن کي سڃاڻڻ شروع ڪيو آهي. هينئر اهو دورپري ناهي جڏهن ڦرلٽ کان آجو امن ۽ خوشحالي جو معاشرو ٺهندو چو طرف بهاريون هونديون هي کيت هي باغ هي ڪارخانا هي مليون توهان جون هونديون. هن ملڪ جي پيڙهيل ۽ پورهيت ماڻهن جون هونديون. جتي راضن شاهه کي هٿ جو پورهيو ڪري کائڻو پوندو پر پيءُ جي مريدن کان ڏن نه وٺندو.”
“پر زاهد صاحب سچ پچ ائين ٿي رهيو آهي يا صرف خيالي پلاءُ پيا پچايو؟” “بلڪل ٿئي پيوشاهه ”مون راضن کي مرڪندي رندي ڏني.
“ها زاهد” سڀني وڏي گنڀيرتا سان چيو پر پنهنجي ڳوٺ ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو آهي..
اها توهان جي فتح آهي دوستو. هن آيل ڦيري ۾ توهان جي محنتن جو رنگ هوندو” “ اسان جي منهن ۾ ڌوڙ فتح ان ڀاڙي نظام جي آ جنهن اسان جا هانوَ ئي کائي ڇڏيا آهن. اوهان شهري انقلابي صرف شهر جي هوٽلن تي چانهه ڪوپن تي انقلاب پيا ڏسو پر ڪجهه ڳوٺ جو حال احوال وٺ ته خبر پويئي انقلاب جي”
ماسترنهال جي اوپري لهجي ۽ تلوار کان به تکن لفظن ڄڻ مغز تي هٿوڙا وهائي ڪڍيا. بلڪ بيهي ٽٽندڙ لفظن ۾ کانئن پڇيم “ ڇا ٿيو آ ساٿي.... ڇا ٿيو آ، ڳوٺ ۾” “ حاضر بابن ٻڌندين ته رڙيون نڪري ويندو... پهران اسان مسڪينن جي چانهه پيءُ نبو نذيران جو ڇا حال آ؟” ننڍپڻ جو پيار ياد آيو، پاسي واري ڳوٺ جي نذيران سان پريت جا پيچ ننڍي هوندي وڍ چونديندي پيا هئا ۽ ان جي يارن کي پروڙ هئي. .
“ماٺ ڪري چانهه پيءُ ته توکي سڀ احوال ڏيون ٿا نذيران جا به گلان جا به نواز جا به ته نٿو جا به”
مان چانهه پيتي ۽ پيالو واپس ڪيو مان ته نبو پڇيو “ ڪنهن جي ٽانگي تي آئين“
ڏتي جي يار ٽانگو ته ڀلو ڌاريو اٿائين همراهه ڪو پئسو هٿ ڪيو آهي گهوڙو به ڀلوڙ هوس ۽ ٽانگو به سينگاريل هوس.” زاهد صاحب اها ته ترقي آهي.” هن وراڻيو “نبو اڳ ۾ زاهد صاحب کي ڏتي جي ترقيءَ جو راز ٻڌاءِ.“ نبو کنگهڪار ڪئي.” زاهد تو اڳ ۾ عورتن جي آزاديءَ جي ڳالهه پئي ڪئي، تو ڏتي جي ڌيءَ ڏٺي هئي بهاران ملوڪڙي ڇوڪري نماڻي ڳوڀ،ڏنو بي غيرت ڀاڙي اها نياڻي ماءُکان چوري ناناڻن گهمائڻ جي بهاني الائي ڪٿي وڪڻي آيو آهي. ستن هزارن ۾ اهو ٽانگو ان ڇوڪري جي رت جي قيمت اٿي ڪيئن ترقي ٿي آهي نه” نبو مون کان دانهن نڪري ويئي” ،“ هيڏو هاڃو ” ، “ترس” خانوندي چيو اچ ته توکي نذيران جو قصو ٻڌايان.
“ تنهن جي نذيران نذيران جي پيءُ ٻي شادي ڪرڻ لاءِ ڏاڏي گلو سان پرڻائي ڇڏي ۽ پاڻ ڏاڏي گلو جي ڏهن سالن جي پوٽي ايمڻان سان پرڻيو آهي. زاهد تون هجين ها ته ٻنهي نياڻين جون رڙيون ٻڌي ڦاٽي مرين ها.” “ اوءِ نذيران” دل ويٺل محسوس ٿي ڏاڏو گلو 70 سالن جو پوڙهو ڪٻو لٺ تي هلندو آهي. نذيران ان جي ڪنوار....!
۽ ٻڌ زاهد نهال چيو “ ڳوٺ واري وڏيري جي پٽ، ڏني جيڪو هنن جو راهڪ هو، ان جي ڌيءَ کي ڇڪيو،ڇوڪريءَ منهن نه ڏنس ته هن کي پوڙهي پيءُ جي سامهون زوري ڪيائين ۽ پوءِ ڏني هن گگدام کي هٿن سان ڪهي لاش مٿان رڙندو مري ويو”ڀوتار زرعي سڌارن جي اعلان سان پنهنجي ڳوٺ وارن ڪڙمين کي ڪڍي زمين سيري ڪري ڇڏي آهي.” سڀ چوندا رهيا مان ٻڌندو رهيس” اسان واري يارراضن کي پيءُ گهران ڪڍي ڇڏيو آهي. جو هن ڀيڻ جو حق بخشائڻ جي مخالفت ڪئي هئي.” “ڳوٺ ۾ ترقي اچي وئي آهي” عرضو آواز ڪڍيو” آمريڪا جي امداد سان ڳوٺ ۾ اسڪول لاءِ ٻه ماڙ عمارت ٺهي آهي. پر نهال ٻار وڻن هيٺان پڙهائي رهيو آهي ۽ عمارت وڏيري ڌڱاڻي خان جي اوطاق ۽ گودام آهي.” ۽ پاڻ وارو جذباتي يار ڏسين ٿو. لطو ڪچهري ۾ آهي تو ته يار ئي وساري ڇڏيا آهن، توتي ڪهڙي ميار شهري بابو، تواسان کي شعور ڏنو. تو اسان کي ظلم سان ٽڪر کائڻ سيکاريو ۽ پوءِ اسان کي واٽ تي ڇڏي وڃي شهر وسايئه اڄ اسان وٽ انقلاب آهي لطو لطو وڏيري کي وچ ڪچهريءَ ۾ للڪاريو هو ته هو هارين کي پورو پورو حق ڏئي، پوءِ انهن هارين ئي وڏيري جي هُشيءَ تي لطو کي پير واهه جي ڪڇ ۾ هميشه لاءِ ڳاڙهو بڻائي سمهاري ڇڏيو هو. ۽ اسان سڀ پوليس کان مارجي ڪٽجي نڪتا آهيون دوست “لطو” مون کان دانهن نڪري ويئي. ڪا گهڙي ٽٻي ۾ پئجي ويس. انقلاب ضرور ايندو، انقلاب ظلم ڪيترو به وڌي پر ان جو انت ضرور ايندو يارو گهٻرائڻ ۽ مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناهي. لطو جي رت سستي ناهي. ان مان گل ڦٽندا، ڳاڙها ريٽا، ظلم مات ڪبو قهري ڪوٽ ڪرندا.امن ۽ سک جي باک ضرور ڦٽندي ظلم جي انتها ظلم جو موت ٿيندو آهي. مان اچي ويو آهيان، مان نه موٽندس ٻڌيون ڪنداسين، ايڪا ڪنداسين ڳوٺ ڳوٺ سجاڳ ڪبو وستيون وستيون جاڳائبيون هلو ته هلي لطو جي لال قبر تي عهد ڪريون.
ٽاڪا ٽٽا
“اڃان تنهنجو ڦٽ ڀريو ناهي، گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن لڳندا”
“سائين ماکي ڦٽ جي نه، پر پنهنجن ٻڄن جي لڳل آهي. پاڻي الائي ڪيترا ڪيس ڪيا هوندا.” هو رڙي اٿيو.
“ٺيڪ آ ترس تنهنجو ٻن ڪلاڪن بعد فيصلو ڪيو ويندو. هي ڪئپسول کائي ڇڏ. ۽ ٽڪي به جيڪا توکي آرام ڏيندي.” ڊاڪٽر هن کي وئبرامائيسن ڪئپسول ۽ ڊائزاپام جي ٽڪي ڏيندي وراڻيو.
مقامي اسپتال جي مردانه وارڊ ۾ھيڏا ھا بستري نمبر 2 تي سمهندي رسول ڪنجهي رهيو هو. اسپتال ۾ ٻوڏ جون خبرون گشت ڪري رهيون هيون. اڄ صبح ئي ريڊئي پاڻي جو وهڪرو 12 لک ڪيوسڪس ٻڌايو هو. ڪچي ۾ ٻوڏ زبردست ڦهليل هئي. بيمارن جي طبع پرسي ڪرڻ وارن جا ڪمپائونڊرن جا ڊريسرن، نرسن ۽پٽيوالن جا منهن لٿل هئا.. هر هڪ پنهنججي منهن اٻاڻڪو هو پريشان چهرا، پريشان خيال، ڄڻ ڪنهن سڪل وڻ جا ڏار، ڄڻ ڪنهن پراڻي قبرستان جو ويران قبرون هر ڪو پنهجي منهن پورالو هر گهڙي فڪرات جا ڪارا ڪڪر هئا جي هر مک تي ترڪي رهيا هئا. هر اک اوجاڳيل هر پنبڻ ڦاٽل نه ڪنهن کي ڪپڙي جي هئي. نه ميڪ اپ جي، مصنوعي ميڪ اپ تي چمڪندڙ چنڊ جهڙا چهرا، چنڊ جي اصل حقيقت وانگر رک لڳي رهيا هئا.
ڊائزاپام رسولي تي اثر ڪيو هو هوپاڻ کي پر سڪون سمجهڻ لڳو. عارضي سڪون جيون جي عارضي جهوٽي وانگيان گهري کن ۾ هن جي سوچن جي ساگر ڦيرو کاڌو. هن جو ذهن کائجي رهيو هو. ائين جيئن سنڌو پائڻ پائيندو آهي. هن جو ذهن ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيو هو. جيئن سنڌو پنهنجي مست ڇولين سان ڪپر ڪيرائيندو آهي. هن جي من ۾ مانڌاڻ هو، جيئن چاڪي جو گهاڻو جيئن ماٽي ۾ جهيرڻو هو. هوسوچي رهيو هو ۽ روئي به رهيو هو. جيئن ڪا پرديس ۾ پرڻيل ڇوري اباڻن لاءِ روئي. جيئن ڪا ولر کان وڇڙيل ڪونج ڪوڪاري.
“ مرشد لال لڄ پال ڪر ڀلايون ڀال، ڀٽ ڌڻي تون رکوالو آهين. پروردگار پت رکجان” هن من ئي من ۾ سڀني پيرن کي ساريو.” راڻيپور وارا رحم ڪجانءِ” ڄڻ سڀ هن جي دانهن تي گڏ ٿي هن جي گهر کي پاڻي کان مٿي ڪري بيهندا. “ تون ڇپر تون ڇانوَ اسان تنهنجو آسرو” اندر ئي اندر ۾ ڀڻڪي رهيو هو. ها روئي رهيو هو ائين جيئن بيڪس، بيوس ۽ مجبور نياڻي نماڻي جيڪا ٻهراڙي ۾ ڪنهن وڻي ۾ ويندي آهي. ۽ اسر ويل جڏهن دليون محبت جا گيت آلاپينديون آهن. تڏهن هوءَ جنڊ پيهي امڙي کي ياد ڪندي آهي ته کيس هن سورن لاءِ ڇو ڄڻيو هو.
هن جي چيٽ تي ڪمپائونڊرڀڄندو آيو “ خير ته آهي ڇالائيءَ پيو ڪوڪين.” سائين سورآ ......... سور. ڏکي پيو اٿم ڪا مرهم مکيو. ڌڻي کي سنڀار ڏاهو ٿي،مڙس ڪيڏو آهين. دل ڏاڍي ڪر. هان وٺ هي ٽڪي سور جهڪو ٿي ويندو. ڪمپائونڊر رامچند هن کي پاڻي جو گلاس ۽ سوساگن جي ٽڪي کارائي. ڏاڍو ٿيان، ها ڏاڍو مڙس آن!! ڳوٺ ۾ سڀ کان ڏاڍو سڀ چوندا آهن. هاٺيڙو جوان آهين. رسولو، پنهنجي ڇاتي ڏسي ٿو ۽ شهپرن کي هٿ ڦيرائي ٿو. ۽ ڀوتارکي ياد ڪري ٿو. ڀوتار هن کي ڳوٺ جو سڀ کان وڏو دلير ۽ ڏاڍو مڙس سڏيندو آهي. رسولا تو جهڙي هاٺي ڪاٺي ته ڪنهن کي ملندي آهي. کيس ڀوتار ڪانڊيري خان جا چيل لفظ ياد پيا پيا هن کي ياد آيو پنهنجو ڇائون ڳوٺ، ڳوٺ جي منڍ ۾ ڇن سان ٻڌل منهن اڳيان ڪانائتي موڙي تي ويٺل ڪانڊيرو خان اسان جو ڀوتار به ڏاڍو حشمت وارو سندس اکين ۾ جلال آهي. مجال آهي جو ساڻس اکيون ملائي ڳالهائي ته ان جو ساهه پي ڇڏي صوبيدار به سندس يار آهي. هن پاڻ تي ڀوتار جي ٻه ٽين سنڌي گهه پنج ڳوڻيون ڪڻڪ تي ٽين ماکي ۽ پنج شيشا تيل جا صوبيدار کي پهچايا هئا. پر سال هوندڙو سندس وانگار تي نه آيو هو. سو کيس صوبيدار کي چئي 110 ۾ هڻائي ڇڏيو هئائين. اڃ پيو اٺن شيخن اندر رڙي، ڪير ساڻس اکيون ملائي. هن کي ڪاليجي ڇورو شاني جو پٽ اڪو ياد آيو. اڪو جڏهن ڪاليج پڙهي سکر ئون ڳوٺ گهمڻ آيو ته ڀوتار جي گهٽي وٽان لنگهندي ڀوتار ڀيڙو ٿيو ۽ سلام عليڪم چئي ڀوتار ڀرسان بيهي رهيو. ڪمدار وڏي اک سان اشارو ڪيو ته هيٺ منجي تي ويهي ته به پٽ تاڻيو بيٺو آهي. ڀوتار کيس ڏٺو ته ڇوري اکيون ملايس. ڇورو پاڻ زورو ڀوتار ڪٿي ٿو سهي سگهيلوڻي کان وٺي هنيائينس چماٽ، بولاٽي کائي وڃي ڪريو پوءِ ڀوتار به ڀنترجي پيو. ڇورو ته ڏڪي پيو. چئي وڏيرا وقت ٿورو اٿئي اسان وڏن آمرن جا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا آهن. تون ڪير آهين ظلم جو وقت ٿورو آهي گذري ويندو. اها چماٽ تنهنجي ڳل تي لڳندي.
“ڀڄ ڀڙوا بڪ تو ڪرين” ڀوتار کيس چيو ۽ ڇورو ڳاڙهين اکين سان ڪچهريءَ تي اک اڇلائيندي ڳوٺ مان نڪري ويوهو.
اوهه! رسولي چيو ته وڏيري ويهي واکاڻ ٿو ڪيان. ماکي ڪهڙي پڳ ٻڌايائين. بس ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ته ڪوڏسي ٿو ڪا سامايل ڇوري ڀيڻيان نمرود ڪالهوڪر جي ڳالهه آهي جوڪموءَ جي ڇوري سان زوري منهن ڪارو ڪري مارائي ڇڏيو هئائين. ويچارو نازو “ مروئان موت ملوڪان شڪار” پڇ پائي وٺي ڀڳو خبر ناهي ڪٿي هوندو.
نازو!! نازو جو ته ايترو ڏوهه هو جو هو ڀوتار جي ڀڙوت ڪرڻ کان انڪاري ٿيو هو! “ڏي خبر رسولا هاڻي آرام اٿيئي” ڊريسر هن وٽ اچي کانئس پڇيو ۽ سندس پٽي ڇوڙي زخم تي مرهم لڳائڻ لڳو. ادا دعا ڪر، ڊريسر ڦٽ صفا ڪري “نيرومائسن” جو پائوڊر ٻرڪي مٿان مرڪيوري مکي آهستي آهستي ڪري پٽي ٻڌي رسولي کان پنج رپيا وٺي رمندو رهيو.
رسولي جي خيالن جو وهڪرو وهڻ لڳو. نا حق ولو سان وڙهيم، نه وڙهان ها، نه ئي اسپتال اچان ها، نه وري الڪو هجي ها، الائي پاڻي ڪيڏا هاڃا ڪيا هوندا.
هن کي ڪوٺو ياد پيو. جنهن کي هن تازو پاٻوهه سان جوڙايو هو. اهو به ته ڪري پيو هوندو. هاءِ الائي منهنجا ٻار ڪٿي هوندا هنن کي مڏ ڪير ٻڌي ڏيندو. هن کي گهر واري ياد پيئي زينو. جنهن هاڻي ويم ڪيو هو. ننڍڙي گُڏي جو الائي ڇا حال هوندو. انو ڪيئن هوندو. هن جي سيني مان سٽ اڀري انو هن جو پيارو پٽ ڪيڏو نه صدورو انو. جڏهن گهر ايندو ابا ابا ڪري چنبڙي ويندو. انو جا ٻاتا ٻول مٺيون ڳالهيون زينو! خدا خير ڪري الائي ڪيئن هوندي. سڪل هڏن جي مٺ ته آهي زينو. هن جي ذهني ساگر ٻئي پاسي کان روڻ ڪئي. مان زور آوري آهيان جو ڀوتار جي چوڻ تي وڃي ولو سان ٻکين پيم. ولو جي رن ڀوتار سان ٺهڻ کان جواب ڏنو هو. ويترجو ولو کي ڪل پيئي ته ڇتو ٿي پيو. چئي وڏيري منهنجي عزت کي تڪيو آ.مان ڪهاڙين سان ڳترا ڳترا ڪندومانس. اسان ڪڏهن هن جي ڪوٽ ڏي تڪيو آ. سڃاڻان ٿو وڏيري جي جوءِ کي ٻني ٻارو اٿس ته ڀئه ڪونهي اسان به پگهر جو پورهيو ڪري پنهنجو ٿا کائون. اهي گانڊو ٻيا اٿس. جيڪي چلم جي گڙ گڙ تي پيا گڙڪندا آهن. جيل ائين ڏسي ڇڏيو آ. مڙس ئي جيل ويندا آهن ڀتين کي به ڪن خبر پئي ڀوتار کي ته گهرايائين مون کي کيس ياد آيو. وڏيري کيس ڀرسان ويهاري ڳاڙهي پني وارو خوشبودار سگريٽ ڇا چئبو اٿس گڊليف پياري سرٻاٽيو هو.“رسولا ڀاءُ تون منهنجو پيارو يار آهين تنهنجو بابو منهنجي بابي جو مٽ يار هو. ڏکي وقت يار ڪم ايندا آهن. هاڻي هينئر ڪر، جو کيس وڏيري ڪن ۾ چيو هو” “ولو ورو ڪري ڏينم، پوءِ ڳالهيون نه ٻولهيون جي ها ته پوءِ پوٺي وارن ٻنهي نمبرن جو راهڪ تون آهين ٺيڪ آ.”
مان به اچي ويس انڌ ۾، ڀوتار جو يار سڏيو هو. ياري نڀائڻ جي پرکا هئي سڌو ويس ولو وٽ. بس پوءِ ياد آيو ته اسپتال ۾ پيوهوس. الائي ڪير کڻائي آيا هئس. ولو کيس وار کان اڳ ۾ منگهوهڻي بي سرت ڪري ڇڏيو هئس. جانب ٻڌايو ته وڏيري ولو کي ٻڌرائي ڇڏيوآهي. “آهه غريبان قهرخدائي.” هنکي پاڻ تي خار آئي کيس ياد آيو ته پر سال جڏهن هو ميلي تي سنگتين سان ويو ته هڪ جاءِ ٿي وڏن ماڻهن جي ميڙ۾ هڪ وڏن وارن سان سهڻي جوان سنڌي ٽوپي ۽ ڀلي ريشمي اجرڪ ويڙهيل تيز تيز ڳالهائي رهيو هو. ڇا چوندا اٿس جيڪو تقرير ڪري رهيو هو. ان وقت ائين سمجهو هو ته ڀوتارن جي گلا ڪري وڏو ڏوهه ڪري رهيو هجي. پر ان جا موتين جهڙا لفظ ياد پيا. منهنجي ديس جا هاريو، پورهيتو! پاڻ ۾ ٻڌي ڪريو. وڏيرا ۽ پيٽ وڏا ڀوتار توهان کي ٽيڪرائي پاڻ ۾ وڙهائي. اوهان جي طاقت وڃائي رهيا آهن. دراصل توهان کي ويڙهائڻ سان ڀوتارن جي ڀوتاري قائم آهي. اٿو ڏاٽا ۽ ڏڦا کڻي پاڻ ۾ڀاڪري پئي هنن ظالمن جو ڪوڪين جو مقابلو ڪيو.” هان ڀيڻسان ڇوڪرئو ڀلا توهان جو سچ. بروبر وڏيرا اسان کي ويڙهائين ٿا. ڊاڪٽر صاحب گهرايو اٿئي. رسيلي آواز خيالن جو بند ڀڃي وڌو. اڇن ڪپڙن ۾ اڇي نرس کيس ڊاڪٽر صاحب جو پيغام ڏنو.
“پاڻي وڌي ويو آ رسولا” اسان توکي موڪل ٿا ڏيون پر لَياني نه ڪجانءِ هي ڪئپسول هر ڇهين ڪلاڪ بعد کائيندو رهجانءِ ۽ جڏهن سور وڌي ته هي ٽڪيون به! خدا نگهبان...! ڊاڪٽر صاحب ڪجهه ايمڪسل ڪئپسول ۽ apc جون گوريون ڏنيون . هو آهستي آهستي ٻاهر نڪتو. هن آزادي جو عارضي ساهه کنيو. جيئن برصغير جي ماڻهن انگريزن کان آزادي ملڻ وقت کنيو هو. پروري اٻاڻڪو ٿي ويو. ڄڻ ڪو هيٺين ڪلاس جو غريب ڪلارڪ هن جي ذهن جي چرخو وري چرڻ لڳو. گڏي، زينو،انو ۽ هن کي پنهنجو گوئر ڏاند “مور پکي” ياد آيو.مون پکي هن وڏيري رونجهي خان کان ٻه مينهون ۽ ٻه هزار ڏيئي ورتو هو. مور پکي سهڻن سڱ وارو ڪڪڙ مور پکي مون سدائين کٽندو رهيو آهي. سواءِ هڪ دفعي جي سوبه هن نورجن واري مٺڙو جي تعويذن سان خدا جي مار پوي انهن ملڙن تي گهرن جا گهر اجاڙي ڇڏيائون. ماڻهن کي ته ڇڏيو پر بي زبان گگدامن کان به نٿا مڙن. هن ۾ ڪجهه قصور سوارن جو به هو. هنن رائي ڪئي هئي. پر الله توهر واري به ته ڊوهه ڪيوهو. جڏهن منهنجا ڏاند ٽاهڙيا ۽ اڃا ٺهي به نه بيٺا ته کڻي الله توهر ڪئي. ويچارو بنگل مور کي نٿ کان ورتيون بيٺو هو. سو پهرين سٽ ۾ چٿجي ويوشڪر جو مور پري ڪري اڇلايس نه ته گاڏڙي هيٺان اچي ها ته جيڪر مري وڃي ها. هن ان گوءِ ۾ جمعدار کي ٻه سو روپين سوڌا ٽي هزار هاريا هئا. مورڀيڻسان مور آ. پياري واري پڙن تي پر جو وٺي ڀڳو ته گاڏين تي ماري ويو. ان وقت هن پنج هزار کٽيا هئا. جن مان ٽي هزار پنهنجي تر۾ ڏنل هئس، جيئي مور جيئي. بس پوءِ خوشيون هيون اکين ۾ خوشي جي جهلڪ پيدا ٿي ۽ پاڻ مرڪي پيو. اجرڪ جي پڳ ٻڌائون. سوار ڪلهن تي پادر لڪڻن تي اڀا هو هوڪيو قادر قلندر مست جا نعرا هڻندو هو روڊ تي پهتو.
ڪجهه سماجي ورڪر ڀت جون ديڳيون ٽرالي ۾ وجهي بند تي وڃي رهيا هئا. هو منٿ ايلاز ڪري ٽريڪٽر ۾ ويٺو ۽ ٽريڪٽر ٽرالي۾ ٽريڪٽر جي رفتار سان سوچيندو رهيو، پنهنجي پتڻ تي لهي هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳو. ڪارڙو پاڻي بند تي ڪوڪراٽ لڳو پيو هو، جيئن ڪنهن ملاکڙي ۾ هل هلاچو. پاڻي جو خوفائتو آواز ائين ڀائنجي رهيو هو. جيئن نيري اڀ تي جهاز جو شور ڳوٺاڻن جا ٻارٻچا ڍڳا، ڌڻ، ڪتا ٻيرين مان لهي رهيا هئا. ڄڻ ته ڪنهن ملڪ جي ورهاڱي تي لڏ پلاڻ هن کي ڪتا ياد پيا. “هيرو ۽ موتي” جن تازو سياري ۾ پنج ست آنڱريا دسيا هئا. هن ٻيڙي ۾ پنهنجي ڳوٺاڻي ڪرمون کي لهندي ڏٺو. “ڏي خبر يارڪرمون ڳوٺ جي” هن واڪو ڪري ڪرمون کان پري کان ئي پڇيو. “ادا ڳوٺ ۾ خير” سڄو ڪري پيو. پاڻي چوٿين سال واري کان به چار ڳراٺيون مٿي آ.” منهنجي گهر جي ڪا خبر چار” ها ادا جوڻين کي مڏ ٺاهي ڏنوهوسين. ان تي هئي. پئي تولاءِ واجهائي.تو وارو ڇوڪر تپي پيو هو. رکي رکي پئي رڙيون ڪيائين. ابا ابا ڪري پيو دانهين. مور هيٺ منهه مان ٻڌو پيو هو. نانگ بلائن جي ڳالهه نه پڇ. وک وک تي لنڊي، کپر، ڪارو ۽ ٻه منهين جا ڦوڪاٽ ٿا ٻڌجن. باقي يار تو وارا ڪتا رئيس پاڻ وٽ گهرائي ورتا.
رسولي جي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي. انو، زينو مان اجهو آيس هن ڀڻڪو ڪيو هن کي ياد ڪتا آيا. جي رئيس گهرائي ورتا هئا. هن مينهن ڏيئي ڪتا ورتا هئا. هاڻي وڏيرو ٿو ڪتا ڏئي؟ ڀيڻسان نمرود جي پڙ پيا. هن ٻيڙي واري کي سڏ ڪيو “اوجمعا او ٻيري وارا” اوچتو بند تي رڙيون پئجي ويون.” روڻ روڻ پئجي وئي واروڪيو خبردار جلدي ڪريو. هو تڪڻ لڳو بند کي ۽ بند جي ٻنهي پاسي.
هل ڀيڻسان سوئر!! وڏو آيو آ پٽ آڪريو بيٺو آ، صوبيدار صاحب پٺي تي لڪڻ هڻندي چيو، “ هل هيڏي روڻ ڏي.” لڪڻ هن زخم تي لڳو ۽ “ گهوڙا ڙي گهوڙا مري ويس.” چئي هيٺ ڪري پيو. سندس زخم تان پٽي لهي ويئي. صوبيدار ٺوڪر هڻندو اڳتي وڌي ويو ۽ ڪلاڪ کان پوءِنظر ڦيرائي ته بند جي ٻنهي پاسن ڏي پاڻي هو. پڪي جي ماڻهن جو روڄ راڙو هو ۽ هو سوچ ساگر ۽ سنڌو جي وچ ۾ بيٺو هو. سندس زخم جا ٽاڪا ٽٽي پيا هئا.
بئنسري کان رائفل تائين
ڇا ته اهي به ڏينهن هئا اڃان بچاءُ بند نه پيو هو. جنهن ڍنڍ جي حسن کي پيرسن ماڻهو جي پوڙهن گهنڃيل جهريل چهري جيان بڻائي ڇڏيو هو. نه هاڻ اها کينجهو هئي نه اهو حسن هو نه اهي چوپاريون هيون. ۽ نه اهو پاڻ هو چوڏس سڃ ئي سڃ هئي. ملوڪ ڪيتري دير تائين بيٺو پنهنجين ننڙين اکين سان ڍنڍ جي تري کي گهوريندو رهيو. اهي به ڏينهڙا هئا جڏهن پاڻ ڪنهن جي به اوڏڙو نه هو، هٿ ۾ بئنسري چپن تي چنگ ۽ هڪ هي به ڏينهن آ جڏهن ڪلهي ۾ رائفل ۽ چيلهه ۾ تمنچو اٿس. اهو به وقت هو جو پاڻ ڀلوڙ ميهار ڪوٺبو هو ۽ هي به وقت آ جو پاڻ ملڪ جو ناميارو ڌاڙيل آهي. ان وقت مينهون اڳ۾ هونديو هيس. ۽ هاڻ پوليس پويان اٿسپاڻ جو ڪنهن پکيءَ کي سير ڏيندو به نه سهي سگهندو هو. تنهن جي ماڻهن جي رت سان راند ڪرڻ شروع ڪئي سا به عجيب ڪٿا هئي ڇا ڇا نه سٺائين پاڻ ڌاڙيل بڻجڻ کان اڳ ۾ گهر ي کاٽ لڳس. واڙي مان ٻه ڀٽاريون چوري ٿي ويس پير کنيائون ٿم تي پهتا پر اڳيان هئا وڏيرن جا خاص ماڻهو سو صفا الي ويا. ۽ پاڻ ڀيلو منهن ڪري اچي وٿاڻ ڀيڙوٿيو هو. اڃان ڀٽاريون دل کان لٿيون ئي نه هئس ته سندس مڱ زينب جنهن سان ننڍي لاڪون مڱيل هو سا ٻئي هنڌ پرڻائي ڇڏيائون. گهڻا مٿا مونا هنيائين قرآن مصاف کنيائين راڄ پاڙي کي دانهن ڏنائين وڏيري ڏي ويو.پير ڏي ويو پر ڪجهه نه وريس. پير ۽ وڏيرو ته خانو جا ڀرجهلو هئا ٻئي اڳ ۾ ئي لبجي ويا هئا. وري جو وڏيري سان تکو مٺو ٿيو ته پوليس هٿان ڪٽرايو ويو ۽ پڻس گهنجهه وڪڻي ڇڏائي آيو هوس. انهيءَ کان پوءِ پاڻ سدائين گم سم پيو شڪارو ڀريندو ۽ ٿڌا ساهه کڻندو هو. بئنسري مان آلاپ ڪڍندو هو. جڏهن زينب جو تصور ايندو هوس ته اکين مان الاپيا نڪرندا هئس. منهن ڳاڙهو ٿي ويندو هوس اڀا ساهي وٺي ويندي هئس مٺيون ڀڪوڙجي وينديو هيس ۽ تيڏي مهل ڀور جي ڳچيءَ تي ڪنڌ لاڙي اکيون پوري ڇڏيندو هو.ڀور جو ڪنڌ ڳوڙهن سان ڀڄي آلو ٿي ويندو هو ۽ ڪا مهل ائين بيٺو رهندوهو. من ۾ وير وٺڻ جا جذبا پيا جاڳندا هئس ۽ منجهي پوندو هو ته ڇا ڪري؟
زينب جو ڦٽ مڙيو ئي مس هئس ته مٿس ٻي ڇپ ڪڙڪي هئي ڳوٺ واري وڏيري هن جي ملوڪ ڀيڻ مريم جي سنگ ڇڪايو اکين ۾ رت ڀرجي آيس. ايڏي گار، مريم ننڍي هوندي کان سندس سوٽ انور سان مڱيل هئي ۽ انور پڻس جي مربي ڀاءُ جيڇڏيل نشاني هو. جو پڻس کي مريم ۽ ملوڪ کان وڌ پيارو هو. پڻس وڏيري کي کتو جواب ڏنو هو ۽ جواب جي ڪجهه ڏينهن پڄاڻان سانجهيءَ ويلي چئن پنجن گهوڙن تي سوار رهزنن سندس گهر تي حملوڪيو هو. پاڻ ان وقت مينهن ڏهي رهيو هو رهزنن پڻس ۽ هن کي ڌڪ هڻي مريم کي کنڀي کنيو. لوڙهه کڻي گهوڙن جي پٺيان گهوڙ جي پٺيان ڊوريو هو ۽ پري پري تائين مريم جون دانهون ڪوڪون ڪنن ۾ پئي سريس ٻه ڏينهن پورا ڊڪ ڊوڙ ڪندا رهيا مريم جي موٽائڻ لاءِ مريم ته موٽي پر مرڙهه جي صورت ۾ مريم ڦاهو کاڌو هو ۽ پاڻ ڪيتري دير ڀيڻ جي مٿان بيٺو رهيو. ڇتين نظرن سان گهوريندو، پوءِ ڊڪپائي بئنسري ۽ چنگ کنيائين. بئنسري کي ٻه ٽڪر ڪري زوم سان پري اڇلائي ڪڍيائين. چنگ کيمروڙي ڀُر ڪري سٽيائين. پاڻ ڊوڙندو ٻيلي ۾ گم ٿي ويوهو. ٻيلي ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي وڃي نازو ڌاڙيل سان مليو هو. هاڻي بئنسري جي جاءِ رائيفل ورتي هئس. چنگ جي جاءِ تمنچي واراري هئس نازو جو ٽولو ڏيهان ڏيهه مشهور هو. ڇا ته پاڻ ڌاڙا هنيائين وارداتون ڪيائين اهي بهادريون ۽ دليون ڏيکاريائين جو نازو ڪا ساعت سراپجي ويندو هو ڪيترا ويرا پوليس سان آمهون سامهون ٿيا پر بازن جيان پوليس کي ٽوٽا چٻائيندا پاڻ ۽ پنهنجي سنگتين کي بچائيندا واءُ ٿي ويندا هئا. هنن جي ٽولي ڪنهن غريب تي هٿ نه کنيو. ڪنهن مسڪين کي نه ڏنڀيو. ڪنهن زائئفان ذات کي نه ستايو. سندن نشانو پيٽ وڏا سيٺيون وڏيرا ۽ رت پياڪ ڪامورا هوندا هئا. اک ڇنڀ ۾ مارو ڪندا ڍيرسارو مال کڻي بازن وانگر جهڙپون ڏيئي ورندا هئا. تاڙ ايڏي تکي جو جتي هٿ پوندن ته مايا سان ڀريو ايندن ٻه ٽي وڏيرا ۽ سيٺيون هنن جي گولين جو بک بڻيا هئا ڪافي ورهيه لنگهيا هئس ڌاڙا هڻندي جيڪو به حصو پتي ملندو هوس ته واٽ ويندي ڪنهن غريب مسڪين يارن زال کي ڏئي ڇڏيندو هو. جتي به ڪنهن ڪنهن غريب تي ڪو قهر ٿيندو ٻڌندو هو جهٽ وڃي اتي ڪڙڪندو هو انهيءَ وچ ۾ ڪيترا ڀيرا ڳوٺ جي ياد آئي هئس پر پهه ڪيل هوس ته هو جڏهن به ڳوٺ ڌاڙو هڻندو ته اهو هن جو آخري ڌاڙو هوندو ۽ اڄ پنهنجن سنگتين کي ساڻ وٺي هو ڳوٺ ڏي ويو هو نيري ٽپهري هئي جو هو اچي کينجهو تي پهتا هئا. ڪا دير اتي بيٺا رهيا. ملوڪ پنهنجي ماضيءَ ۾ ٽٻيون هڻندو رهيو ۽ جڏهن سج هيٺ ڌرتيءَ کي ڀاڪر پائڻ لاءِ پنهنجو رنگ مٽائي نارنگي ڪيو ته ملوڪ گهوڙي کي اڙي هنئي ۽ پاڻ واءُ مينهن ٿيندا اچي ڳوٺ پهتا وڏيري جي اوطاق تي گولين جو مينهن وسائيندا حويلي ۾ داخل ٿيا اڱڻ ۾ وڏيري جون نياڻيون،زالون ۽ٻيون مايون مٿن تي قرآن کنيون خوف کان ڏڪنديون بيٺيون هيون. انهن ۾ نازان به هئي سونهن جي ديوي مريم جو تصور اکين اڳيان ڦري آيس دل ۾ خواهش جاڳيس پر وري پاڻ کي ڇڙٻيائين، متان ڀاڙيا اهو مڙسن جو وڙ نه آهي. اڳتي وڌي ماين جي اڳيان آيو اديون امڙيون ڌيرج ڪيو مان توهان جو اوڏڙو ناهيان. مان وڏيري جهڙو بي غيرت ناهيان جو نياڻين تي هٿ کڻان. ائين چئي ورانڊي ۾ لوهه پاتائين. جتي وڏيرو هنڌن ۾ لڪيو ڇپيو هو سڄا هنڌ وڏيري سميت ٽنگ پروڻ ٿي ويا. گولين جو مينهن وسائيندو ٽپڙ ٽاڙي پئسو پنجو کڻندو پير جي اوطاق تي پهتو. جتي پير صاحب ته مڻين ماس سان ويهاڻي کي ٽيڪ ڏنيون حقي مان دونهان ڪڍي رهيو هو. گهوڙي تي ويٺي ئي رائيفل ڇوڙيائين. “ گهڻا ڏينهن دلالي کاڌءِ دلا مروان” هڪل ڪيائين رائفل ڪم پورو ڪيو هو ۽ ويهاڻن مان ڪارو ڳاڙهو رت ريلا ڪري هيٺ وي هليو. گهوڙو هڪلي زينب جي گهر آيو زينب چلهه جي ڀرسان بيٺي هئي. سامهون ملوڪ کي گهر ۾ گهڙندو ڏسي بت بڻجي وئي. هانوَ وڃي پيرن ۾ ڪريس. ملوڪ رائفل جو سڌو ڪئي ته نظر وڃي وڏي نڪتل پيٽ تي پيس. رائيفل جو نال هيٺ ٿي ويس. انهيءَ پيٽ جي اندر پلجندڙ معصوم جوڪهڙو ڏوهه خود زينب جو ڪهڙو ڏوهه اسان وٽ ته نياڻيون ڍور جي ڪڍ لائبيون ته به هليون وينديون.ذهن پلٽو کاڌس ۽ تئين ئي واپس وريو. ورندي ڇپر ۾ ويٺل زينب جي پيءُ تي نظر پيس. هڪل ڪيائينس “ڌيءَ ڀيڻ کي گارهڪ دفعو ڏبي آ دلا” مڇ کي وات ۾ چٻاڙيندي رائيفل جو وسڪارو لائي ڏنائينس. سڄي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو ڀاڄ پئجي وئي. مايون ٻار هنجن ۾ لڪايون ملوڪ کي ڏسي رهيون هيو. هڪ ملوڪ هو، جيڪو ڪنهن جي به اوڏو نه هو ۽ هڪ ملوڪ هي آ جو رت جي راند ٿو کيڏي....... زينب جي گهر کان ڦرندي ملوڪ پنهنجي گهر ڏي وريو ڀُتي ڇپر اڳيان گهوڙو جهلي ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو جتي انور لٿل منهن سان ونڱيل مينهن جي ڀر ۾ بيٺو هو. واڙي ۾ نه اهي ڪنڍيون هيون، نه ڀوران باقي ٻه چار ڪن هئا ڇڙا هڏا. ٻه ٽي منٽ بيٺو رهيو. چار ئي ڪنڊون چتائي ڏٺائين نه پڻس هو، نه مريم هئي نه ماڻس هئي اکيون آليون ٿي پيس. سامهون کٽ تي انور جي بئنسري پيل ڏٺائين ڊوڙ پائي وڃي بئنسري کنيائين کير جي ڏڌل چونئري وات تي آندائين. اڌ چونئري پي ويو انور جي ڪلهي تي هٿ هڻندو وڃي گهوڙي تي چڙهيو. ڪميت اڙي لڳڻ سان ريل ٿي ڇٽو. پنهنجي سنگتين سان واءُ مينهن هڪ ڪندا ڪوهه لتاڙي آيا. گهاٽي وڏي بڙ جي هيٺان اچي بيٺا. گهوڙن تان ٽپ ڏيئي هيٺ لٿا تيرهينءَ جو چنڊ ڪياڙيءَ مٿان کڙيو بيٺو هو. هن انور جي کنيل بئنسري کي چپن تي لاتو، سڄي ٻيلي ۾ سر ئي سر پکڙجي ويا. جيئن پئي بئنسري مان لهرا ڪڍيائين تئين پئي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهيس. هڪ هٿ ۾ بئنسري جهليائين ٻئي هٿ سان رائيفل ڪلهي مان لاهي بيٺل پاڻيءَ جي ڍوري ۾ اڇلايائين. تمنچو ڪڍي سامهون بيٺل وڻ جي ٿڙ ۾ ڀر ڪري سٽيائين. سنگتي مٿان اچي بيٺس ۽ هي هو جو بئنسري مان ڍاپيو ئي نٿي. ڄڻ ته بئنسريءَ مان سالن جي سڪ پئي لاٿائين.
اسان نه ماريو....
اختر به ٻارن سان گڏ،“ اسان نه ماريو، ڪاري ڪتي ماريو” چوندو تاڙيون وڄائيندو گهر ڏي اچڻ لڳو. رستي ۾ ذهن ۾ اهي ئي ٻول ڦرندا رهيس ۽ جڏهن پنهنجي گهر جي ويجهو پهتو ته پنهنجي در تي ڪيترائي ماڻهو بيٺل ڏٺائين در جي ٽپڻ سان اندر ڀيڻ ۽ ماءُ کي کٽ جي ٻانهين کي چنبڙي روئندي ڏٺائين ننڍڙي ڀيڻ چيس “اخو بابا مري ويو.” بابا مري ويو.” ائين چئي کڻي تاڙي وڄايائين “ اسان نه ماريو ڪاري ڪتي ماريو..........” ماسينهنس کڻي وات تي هٿ رکيس ته “بابلا ڀلا ٻار ائين ناهن چوندا.” ۽ پوءِ گم سم ٿي ويهي رهيو هو، کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته بابا کي ڪنهن ماريو ڪاري ڪتي.....ڪنهن ماڻهو يا الائي ڪنهن ٻئي شئي..... اڄ ٻن سالن کانپوءِ جڏهن مٿي تي ڇولا کڻي گهٽي ۾ پئي هوڪا ڏنائين. تڏهن به کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخرڪار هن ڪهرو ڏوهه ڪيو هو جو هن جي مٺڙي بابي کي ماريو ويو ڪنهن ماريو هو هن جي پياري پيءُ کي..... اڄ جي پڻس نه مري ها ته هو ڇولا نه وڪڻي ها. هن جي جيجل ماءُ سدائين جهرندي ۽ روئندي نه رهي ها ۽ ننڍڙي ڀيڻس سڏڪندي نه رهي ها پاڻ ٻئي درجي مان نه نڪري ها هو خيالن ۾ گم سم جيئن اڳتي وڌيو تيئن اڳيان ڇوڪرن جو انبوهه نظر آيس جي هڪ ڪريل روئندڙ ڇوڪري جي مٿان بيهي تاڙيون وڄائي چئي رهيا هئا.“ اسان نه ماريو ڪاري ڪتي ماريو..........!”
سسڪندڙ آرزو
اوچتو منهنجي ذهن ۾ چمڪاٽ ٿيو. شايد مون هنن نينگرن مان هڪ کي ڪٿي ڏٺو آهي. ۽ مون هنن کان پڇي ئي ورتو جيڪو لسي ڪرمنڊل ۾ وجهرائي رهيو هو. “بابلا ڇا نالو اٿئي” “عطا حسين” وراڻيائين ڇا پڙهندو آهين،سائين ٻه ٽي مهينا ٿيا اٿم، مدرسي ۾ ويٺو آهيان. هونءَ پنج درجا سنڌي پڙهيو آهيان.” ڀلا انگريزي ڇو نه ٿو پڙهين؟”، “غريب آهيان نه سائين ان ڪري.” ائين چوندي مون محسوس ڪيو ته سندس آواز ڀرجي آيو هو. اکين جي ڪنڊ مان ٻه لڙڪ ڳڙي اچي ڳلن تي پيا هئس. انگريزي اسڪول وارن ابي کان پئسا گهريا ٿي ابو ڪٿان آڻي غريب آهيون نه سائين غريب انگريزي تعليم ناهن وٺندا. ائين چوندي ابهم ٻارڙو سڏڪن ۾ پئجي ويو. ان وقت منهنجي ذهن جي ڳڙکي مان هڪ ياد جهاتي پاتي. هن نينگر جون ڪيل منٿون سڏڪا ۽ روئڻ ياد پيوم. ڇا ته رنو هو هي سسڪندڙ ٻار ان ڏينهن. هي اهو ئي ته ساڳيو ٻارڙو آهي. منهنجي اکين اڳيان هو پورو واقعوڦرڻ لڳو. اهو شايد گذريل اپريل جو پهريون هفتو هو هن ئي شهر ۾ مان اڄ جيئن گهمڻ آيو هوس. هن ئي شهر جي هاءِ اسڪول ۾ پنهنجي چترڪار دوست جيڪو اتي ڊرائنگ ماستر آهي. ان سان ملڻ ويو هوس. جتي سندس چتر گهر ۾ ساڻس رهاڻيون ڪندي سندس ٺاهيل نوان شاهڪار ڏسندي ڀت تي فريم ٿيل هڪ ايراني پينٽنگ تي نظر پئي هئي. ننڍڙو پتڪڙو ٻار اداس مغموم پيلو چهرو زرد اداس اکين مان وهي هلندڙ ڳوڙها جيڪي ڳلن تان وهندا پئي نظر آيا. ڇا ته ڪمال هو ايراني مصور جو.هي مصوري اصل فوٽو گرافي هئي. انهن لکين ڪروڙين ٻارڙن جي جيڪي ايشيا لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ گرهه ڳڀي لاءِ پريشان کير جي لاءِ تڙپندڙ جن جي مائرن جون ڇاتيون بک وچان خالي ٺوٺ ٿي ويل هجن. هي فوٽوگرافي هئي. انهن يتيم بي سهارا ٻارڙن جي جن جو ڪو مائٽ نه هوندو آهي. جيڪي هن طبقاتي سماج ۾ چتين لڳل ڪپڙن لاءِ به اتولا هوندا آهن.جي سياري ۽ اونهاري مٿي اگهاڙا پيرين خالي ليڙون لٽن سان سڙندا پچندا وتندا آهن. جيڪي قسمين قسمين بيمارين جو بک بڻجي روزانو موت جي وادي ڏي سفر ڪندا آهن. مون اهو ذڪر ان مصور دوست سان به ڪيو. جنهن ٿڌو شوڪارو ڀريو . هڪ فنڪار کان سواءِ ڀلا ان درد کي ڪير ٻيو وڌيڪ محسوس ڪندو. جنهن جا ٻچا خود ننگا ۽ بکيا هجن. هن اٿي پنهنجي البم مان ايل سلواڊور واري معصوم ٻارڙي جي ورتل تصوير ڏيکاري. پنگلو سنهڙو سڪلڙو ننڍو ٻار ڪنهن گندي ڍير مان ماني جا ٽڪر وغيره ڳولي رهيو هو.
ايل سلواڊور جي پنگلڙي سڪلڙي ٻارڙي جي تصوير ڏسندي اوچتو منهنجي ۽ ان مصور دوست جي نگاهه سامهون اسڪول جي ايف اي جي آفيس ڏانهن وئي. جتي هي معصوم پنهنجي پيءُ سان بيٺو هو. اداس پيلي چهري سان سڏڪندڙ جنهن هر هر ايف اي صاحب کي پتڪڙن هٿن سان ٻانهون پئي ٻڌيون. پيرين پئي پيو داخلا ڏيو. سائين مان غريب آهيان، ايترا پئسا ڪٿان آڻيان پر صاحب ڪو به روح ۾ رحم نه آيو هو. ۽ سخت لهجي ۾ کين چيو هئائين، ڪانهي ڪا داخلا اڳ ۾ ئي رش آهي اسڪول ۾ فرنيچر ڪونهي. ڪٿي ويهاريون پئسا ڏيو ته ڪرسي وغيره جو بندوبست ڪيون هي ڪو ملاڻڪو مدرسو ته ناهي جو هر ڪو......
۽ اسان جي ٻاهر نڪرندي ئي پورهيت پيءُ آلين اکين سان پنهنجي سڏڪندڙ پٽ کي ڀاڪر پائيندو وٺي ويو هو ۽ چوندو پئي ويو ته پٽ هي اسڪول اسان غريبن لاءِ ناهي. هل ته مان تو لاءِ ڪو ٻيو بندوبست ڪيان ٿو ۽ اسان بي وس ٿي انهن کي روڪي به نه سگهياسين ۽ اڄ اهو ساڳيو ئي ٻارڙو منهنجي اڳيان بيٺو هو،مٿي تي ٿالهه هٿ ۾ ڪرمنڊل روحاڻيون مانيون وٺندڙ اکين ۾ سڪل خواب کڻي هلندڙ سڪندڙ آرزو سان.............
اڄ لبن تي ڪا لَهُو جي ڌار آ
واءُ واري مٿان ٿو وراڪا ڏيئي،
ڇو اڏاڻو تتر ڪا ترائي نه تل،
اياز جا گيت من پاتال پيهندا ٿا وڃن
روجهه رمتا ٿا، ڪير ڪنهن کان پڇي
اڀ ڇا کان ڦٽو، وڄ ڪنهن تي کلي.
پاڻ چتا تي ٽنگيو پيو ڀانيان. گهنگهور رات کٽي نٿي اندر ۾ هورا کورا لڳي پيئي اٿم. اجهو رميش به اچي ويو. الائي ڪيڏي بري خبر آ. نواز جي اڪيلي ڀيڻ جنهن کي وڏي ارمانن سان ڏک سک ڪري قرض کڻي ڏاج ڏانوڻ ڏيئي اڳيم سال سهاڳڻ بڻايو هو. ان کي هن جي مڙس ڪاري ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي.
لڳيم ٿو ڪا بڙڇي دل ٽنبجي ويئي اٿم.
سندر سپنا ڀورا ڀورا
ڇپر ڪالهه ڇڏي ويا
ٻئي ڏينهن ٽئين پيرڊ ۾ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ مان سگريٽ دکائي خيال ڏيئي سندس آواز ٻڌندو رهيس “ڀاءُ وڌيڪ تفصيل سان توکي ڪونه ٻڌائبو تون ڪهاڻيڪار آهين مان سمجهان ٿي ته منهنجي دل جي درد کي تون محسوس ڪندين ۽ ڪا ڪهاڻي گهڙي وٺندين خير ڪهاڻي لکين يا ٻيو ڪجهه....”
“ادا مان شروعات کان ئي مطالعي جي تمام ويجهي رهي آهيان. سنڌي ۾ ڇپجندڙ سڀ رسالا ۽ ڪتاب گهرائيندي رهندي آهيان. ايسيتائين جو رات جو ڪتاب نه پڙهان ته ننڊ ئي نه اچي ڏسڻ ۾ ته اها سٺي عادت آهي. پر غليظ ۽ سرڪش سماج ۾ منهنجي ان مطالعي جي عادت مون ڪٽي پپل جي سڪل پن جيان مروڙي اڇلائي ڇڏيو ۽ هاڻي مان سورن جي ساگر ۾ ساهن جا سڙهه پکيڙيو دکن جا دريا جهاڳڻ لڳي آهيان پر ڪنهن ڪناري تي پهچڻ محال ٿي پيو آهي. .” ادل ! منهنجو پيءُ هڪ جذباتي پراڻن خيالن جوماڻهو آهي. هن منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ جي شادي هڪ ئي هنڌ سنڌ جي پراڻي رسم ڏي وٺ تحت ڪرائي. هن جي چونڊ واقعي لاجواب هئي اسان ٻنهي کي سونهن ۽ سوڀيا صورت ۽ سيرت وارا شريڪ حيات مليا منهنجو مڙس ڪراچي جي ملازمت ڪندو هو گهر ۾ مان پنهنجي سهري ۽ سس سان گڏ رهندي هئس منهنجي ڪتاب پڙهڻ تي ڳوٺاڻين ماين منهنجي سس کي ٽوڪڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ سس طرفان مونکي اٿندي ويهندي ويڻ پوڻ شروع ٿيا پيا جنهن کان تنگ ٿي پيم. جڏهن مان پيڪن گهمڻ آيس ۽ ڀاڄائي منهنجي جاءِ تي ويئي ته مون ساري ڪر ڪر کان بابا کي آگاهه ڪيو جنهن لاءِ مان سڄي ڄمار پڇتائيندي رهنديس مهنجي پيءُ ڪاوڙ ۾ اچي ادي کان زوري طلاق لکرائي ورتي ۽ منهنجي مڙس مون کي گهر ويهارڻ ۽ طلاق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو مان هينئر ٽن سالن کان پيءُ جي گهر ۾ ويٺي آهيان منهنجي زندگي مسلسل عذاب آهي ادي گهر چڏي ڏنو آهي ۽ چرس ۽ ڀنگ واپرائڻ لڳو آهي. مان سمجهان ٿي ان سڄي ڪرب جي قصور وار مان آهيان ۽ ان احساس مونکي چريو بنائي ڇڏيو آهي. بابو اڌ رنگ جو مريض ٿي ويو آهي گهر جو چين ڦٽجي ويو آهي. منهنجو پيءُ ڀاءُ مڙس ڀاڄائي ۽خود مان جيئري دوزخ ۾جلي رهيا آهيون مون کي ڪهڙي خبر ته منهنجي ٻن ٻولن سان اهڙي جاڙ ٿيندي ناهيد جي اکين مان لڙڪ وهي آيا ۽ سڏڪن ۾ پئجي ويئي مون اياز جي وائي جا ٻول ٻرندا ٻڌا.
ور ور ڏيندم ڪيترا
اوٺي ڳوٺي وڍ
ڇپر ڪالهه ڇڏي ويا.
کوهيل کنڀ
ٽريڪٽر جي ٽراليءَ ۾ ڪافي سامان سٿجي ويو هو ڳوٺ ۾ گهري ماٺار ڇانيل هئي صرف نبو وارن جي گهر ۾ ڪتي پئي ڀونڪي ڪيترا گهر پالها پيا هئا. ڊٺل ۽ ويران هي سڀ ڪجهه ڇڏي هو ڪاڏي هليا ويندا.
هي گهر جنهن ۾ بانبڙا پاتا هئائين پنڌڙو ڪيو هئائين کيڏيو هو. ڪڏيو هو اهو گهر ڇڏي ويندو هي اسڪول هيءَ مسجد هي سڀ گهر گهٽيون ڪاڏي ڇڏي ويندا. ننڍڙي دماغ ۾ اها ڳالهه ئي نه پئي ويٺس ته کانئن سندن ڳوٺ ڇو پئي ڦريو ويو ڇو پئي سندس وستيون ويران ٿيون. سامهون واڍن جي ڳوٺ ۾ ٽي بلڊوزرپئي وهيا. ساڳيا بلڊوزر هن جي ڳوٺ کي به هڻي تري ڪري ڇڏيندا. کوهيل کنڀن وارو طوطو ته آکيري ۾ به نه پهچي سگهيو هو. هنن جا آکيرا ئي پٽيا ويا الائي ڇا ٿي ويو هي ڪهڙا ماڻهو هئا خاڪي ڪپڙن ۾ ڪاري ناسي ٽوپن ۾ جيڪي ڪالو بڻجي آکيرن مان طوطن کي ڪڍي کنڀ کوهيندا ٿي رهيا. الائي هنن جا آکيرا پٽي هنن جي ڳوٺن ۾ ڇا پئي ٺاهيو ويو. اکيون ڀڄي پيس سڏڪو نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هوس. سامهون ڏٺائين ماڻس گهر جي ڀتين کي چميون پئي ڏنيون ۽ ڍاڍون ڪري پار به پئي ڪڍيائين. ماڻس جي ڍاڍ تي هن کان دانهن نڪري وئي.رڙندو اچي ماءُ کي چنبڙي ڪڏهن ماءُ کي پئي چميائين . ڪڏهن گهر جي ڀتين کي۽ ائين روئندي روئندي ليٽڻ لڳو. گهٽيءَ جي مٽيءَ ۾ مٽي جنهن کيس آخري ڀيرو ڇهيو پئي ۽ چميو پئي.
ست نام
ڪڏهن ائين هياس جو پنهون ڌوتم ڪپڙا
هاڻي ائين ٿياس جو جت نه نينم پاڻ سين
عاشي جا ڪڏهن آشا هئي. شهر جي وڏي سيٺ جي سڪيلڌي سندس پپا شهر ۾ ڪپڙي جي هول سيل جو وڏو واپاري ۽ پئينچ پاڙي جو مکي ڀاڻس رامون کي پنهنجي رائيس مل هئي ماما چاچا سڀ بيٺل هئس شهر جي نجي اسڪول ۾ پڙهندي هئي ذهين ته هئي پر اٿي ويٺي ڪري به سندس سرتين تي داٻو هو هندو مسلمان ڇوڪريون سندس جيڏيون ٿيڻ لاءِ جتن ڪنديون هيون هونئن به کلمک هئي ان ڪري جيڏين سرتين جا ولر گڏ هوندا هئس سهڻي به واهه جي هئي سڀني وصفين ڀوري جهڙي باهه ڊگها ڪڪا وار چيلهه تي اچي پوندا هئس چيريون وڏيون اکيون کاڏي تي ناسي مسو پري لڳندي هئي گهر ۾ کيس جدا هر طرح سينگاريل ۽ سيٽ ٿيل ڪمرو هوندو هئس. مستي سان گذريندي هئي سڄي گهر جي دادلي جيڪو طلبي سو حاضر گهمڻ ڦرڻ جي آزادي قيمتي پرس ۽ مهانگو موبائيل سيٽ هٿ ۾ بس زندگي سکن جو هندورو هئس مئٽرڪ ڪري جيئن ڪاليج ۾ آئي ته محسوس ڪيائين ته ڪو سندس پيچو ٿو ڪري گهر کان ڪاليج، ڪاليج کان گهر صبح شام پهريان ته لنوايائين ڪڏهن ڪڏهن کيس آڏي اک سان ڏسي وٺندي هئي قداور ڪشادي پيشاني سهڻا وصف ڀلو لڳندو هس پر ليکي ۾ ئي نه آندائين. ماڻهن جهڙو ماڻهو ته آهي هون! وقت گذرندو ويو پيڇو جاري رهيو دل ۾ ڪجهه ڪجهه ٿيڻ لڳس. هر کر ماندائپ جنهن ڏيننهن نه نظري ته بي چيني بيتابي محسوس ڪري ۽ پوءِ ننڊ خواهه خواب ۾ بائيڪ وارو ڇوڪرو ۽ ان جا خيال ڪنهن طرح چوڪري چٽ تي سيل جو نمبر لکي ڏانهس اڇلايو اڻ لکي انداز ۾ کڻي ڇاتي ۾ رکيائين ٻه ٽي ڏينهن اڻ تڻ ۾ رهي نمبر ملائي نه ملائي آخر ملائي ويٺي دل جي ڌڪ ڌڪ هلو هلو جا آواز هيءَ چپ سندس آواز رسيلو هو ٻڌندي رهي پاڻ کان اکر به نه اڪليس......... آخر رابطو ٿيو پيچ پيا، ڏينهن جو ميسيج رات جوڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون ڪڏهن هِت هُت ملي به ورتائون شريفاڻو انداز اعتماد اهو سلسلو انٽر جي امتحانن تائين هليو قابو ٿي وئي وس پڄيس ته سهڻي بڻجي لُنڊيون لتاڙي دريا پار وڃي ساهڙ سان ملي ڇوڪرو مسلمان ڇا ڪري جاويد جاويد سندس حواسن تي ڇانئجي ويو نيٺ ليکا چوکا لاهي جاويد سان نڪري پئي جنهن قرآن مصحف تي سر ڏيڻ سميت ڪيئي عهد پيمان ڪيا پير آف چڪر پور پهتا پير سوڍي جي هٿ تي مسلمان ٿي آشا مان عائشه بڻجي جاويد سان نڪاح ڪيائين پٺيان ممڻ متو واويلا ٿي احتجاج پوليس چڱا مَٺا وڏيا ميڊيا انساني حقن جون تنظيمون گهوڙا گهوڙا معاملو ڪورٽ پهتو. ڪورٽ ۾ هڪ پاسي جاويد، جاويد جي برادري چڪورپور جي پير جا گول ٽوپين وارا ڏنڊا بردار ٻئي پاسي سندس مائٽ پيءُ ماءُ ڀائر ماسيون پڦيون جهور پوڙهي ڏاڏي سڀني سڀني ڪنڌ جهڪيل سڀني جون اکيون آليون ۽ هراسيل گاڏي مان لٿي ته ماءُ کيس چنبڙي پئي ڪراڙي ڏاڏي ڍنڍڪران ڏيندي ڀاڪر ۾ڀريس پوليس سڀني کي پري ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. ڪورٽ مائٽن سان ملڻ جي مهلت ڏني پاسي واري روم ۾ موڪليو ماڻس چميون مٺيون ڏنس پيرن تي هٿ هٿن پرن تي چميون ڌيءَ گهر هل پيءُ جي ٽوپي پيرن ٿي سڀ چنبڙي ويس راڻي ڏاهي ٿي. پر هيءَ جهڙي بت ڪورٽ ۾ جاويد جي حق ۾ بيان ڏنائين ته پنهنجي رضا خوشي سان مسلمان ٿي آهي. ڪورٽ پوليس پهري ۾ مڙس موڪلڻ جو حڪم جاري ڪيو ٻاهر نڪتي ته ماءُ ۽ ڏاڏي سندس پييرن ۾ وڇانئجي ليٿڙيون پائيندي ٻاڪارڻ لڳيون. پر هوءَ جهڙوڪر گونگي جاويد سان ڪلهي لڳي وڃي گاڏي ۾ ويٺي.
جاويد کيس شهر ۾ رهايو اٿاهه پيار هر سک هر خوشي ٻارهين مهيني ڌيءَ ڄايس شمل........سحر ٽٽڻ شروع ٿيو شهر کان ڳوٺ پهتي جتي کيس ڪمل چائي عشق ڦشق ٿي ويو جاويد جاويد نه رهيو سڀ ڪم سندس بلي جو ڳوٺاڻي عورت جوڄڻ ورثو لابارا مال جا ڇيڻا گاهه ڪتر، ڀيندي جي پٽائي ڦٽين جو چونڊو سندس سڀ نشا لهي ويا. وري ڳالهه ڳالهه تي ڏيراڻين نڻائن وياڻي ڪِراڙي ڪوٺڻ ڌيءَپڇيس امي ڇوريون مونکي وياڻي جي ڌيءَ ٿيون چون امان تون وياڻي آن ڳوڙها ڳڙي پيس “نه امان مان ته مسلمان آهيان.”
وياڻي! خيالن لڙهندي وئي ٽڪاڻا مندر درٻار سماڌي مٿو ٽيڪڻ رهڙڪي سچو سترام ڪنور ڀڳت سخي بابا وسڻ گهوٽ ساڌ ٻيلو سنت ست سنگ سڀ ڇڏيم پوءِ به وياڻي پوءِ به ڪِراڙي الله اڪبر کيس ياد آيو ته ڪجهه مهينا اڳ ڳوٺ مان سُک کڻي ويا ها حاجنا شاهه حضوري روهڙي پاڻ به ساڻ گڏ وئي هئي سامهون ئي وسڻ گهوٽ جي درٻار هئي دل اڇل کاڌي ته وڃي وسڻ گهوٽ ۽ پارو شاهه سنت جي سماڌي آڏو مٿو ٽيڪي آسيس وٺي......پر يڪدم ٻئي هٿ ڪنن تي رکي نڪ تي آڱر ڦيريائين. جڏهن کيس ٽين ڌيءَ ڄائي ته جاويدٻي شادي جا سانباها ڪيا. “ هن رن به پٽ نه ڄڻيو” تڏهن رت رني هئي جنهن ڪاڻ ابو امان ڇڏيم ڌرم ڇڏيم سک ڇڏي سور پرايم اهو به ان لاءِ رن ٿي ويم چپن ۾ ڀڻڪو ڪيائين. الله الله واهگرو ۽ پوءِ وئي پوڻي پوندي تپ کنگهه سيني جو سور سسڻس غلام شبير سائين کان پاڻي پڙهائي آئي ۽ هٽ تان اسپرو جون گوريون بس اهوعلاج کيس ياد آيو ته جڏهن ٿورو مٿي جوسور ۽ هلڪو بخار يا پيٽ ۾ سور پوندو هوس ته پڻس وڏن مهانگن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريندو هوس ٽيسٽون ايڪسرا الٽرا سائونڊ ۽ اڄ غلام شبير سائين جو پاڻي گڻ شاهه جي مٽي اندر مان ٿڌو شوڪارو نڪس اکين جا بند ڀڄي پيس ساهه وچڙڻ لڳس ڌيڻس پڙهيل پاڻي کڻي چپن تي رکيس جيڪو واڇن مان وهي هليو کٽ جي ٻانهين کي زور ڏئي اٿڻ جي ڪيائين ته سيني جي کاٻي پاسي سور جي سٽ اڀريس دل تي هٿ رکي ڀڻڪي ” هري رام..........رام يام ست نام” ۽ ڪنڌ ڍرڪي پيس.
ماريل ڌيءَ
تاثرات
- جميل سومرو
“محترم سرور سيف اهو ڀاڳوند ماڻهو آهي جنهن سنڌ جهڙي ڌيان طلب سماج ۾ پنهنجو فڪري،سياسي، علمي، ادبي ڪردار ڀرپور نموني نڀايو آهي۽ سرخرو ٿيو آهي. سندس گهڻ رخي شخصيت ۽ فڪري سرواڻي کان اسان جهڙا انيڪ نوجوان اثر وٺندا رهيا آهن هن جو نوجوانن جي ذهني اوسر ۽ مشعاسين جاڳل بردار جو ڪردار رهيو آهي هو سدائين سماج علم ادب انسان ۽ شاگرد دوست جي روپ ۾ نظر آيو آهي. سرور سيف جهڙا تعميري ماڻهو هن ڌرتي تي شل سدائين جنم وٺندا رهن.
- محمد الدين راڄڙي