شاعري

هُدو (Quarantine)

”هُدو“ ۾ ڪيل گهڻي شاعري ”لاڪ ڊائون“ ۽ ”وبا جي ڏينھن ۾“ لکيل آهي.  ادل سومري جو چوڻ آهي تہ: ”رسول ميمڻ جيترو قد ۾ اوچو آهي اوترو ئي سوچ ۾ هيٺ اونھو آهي.“ ادل وڌيڪ لکيو: “اسان رشيد ڀٽيءَ جي انهن لفظن تي سوچيندي فيصلو نہ ڪري سگهندا آهيون تہ ڪھاڻين کي اوليت ڏيون يا سندس شاعريءَ کي. ڇو تہ هن ٻنھي شعبن ۾ ڪاميابيءَ سان لکيو آهي.“

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book هُدو (Quarantine)

حق ۽ واسطا

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ


ڪتاب جو نالو : هُدو (Quarantine)
موضوع : شاعري
ليکڪ : رسول ميمڻ
ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
0307-3157667
سال : 2021ع
ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
ٽنڊوالهيار

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

Hudo (Quarantine)

Writen by : Rasool Memon
Composed by : Khadim Hussain jarwar
Year : 2021
Published by : Digital Publishing House
Tando Allahyar

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نئون ڪتاب ”ھُدو Quarantine“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ڪورونا وبا جي ڏينھن ۾ ڪيل شاعريءَ جو ھي مجموعو نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جو لکيل آهي.
”هُدو“ ۾ ڪيل گهڻي شاعري ”لاڪ ڊائون“ ۽ ”وبا جي ڏينھن ۾“ لکيل آهي. ادل سومري جو چوڻ آهي تہ: ”رسول ميمڻ جيترو قد ۾ اوچو آهي اوترو ئي سوچ ۾ هيٺ اونھو آهي.“ ادل وڌيڪ لکيو: “اسان رشيد ڀٽيءَ جي انهن لفظن تي سوچيندي فيصلو نہ ڪري سگهندا آهيون تہ ڪھاڻين کي اوليت ڏيون يا سندس شاعريءَ کي. ڇو تہ هن ٻنھي شعبن ۾ ڪاميابيءَ سان لکيو آهي.“
ھي ڪتاب اڳ ڪٿي بہ ڇپيو ناھي پر رسول ميمڻ صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو ھيو، جيڪو منھنجي بيمار ھجڻ سبب آنلائين ٿيڻ کان رھجي ويو. افسوس جو ڪتاب ڊاڪٽڙ رسول ميمڻ جي زندگيءَ ۾ آنلائين ڪري نہ سگهياسين ۽ ھو اوچتو ئي وچتو اسان کان موڪلائي ويو. ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خادم حسين جروار ڪئي آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

“اوندهه” جي نالي
جيڪا روشنيءَ جو
تصور آهي.

مهاڳ

شاعري (Poetry) يوناني ٻوليءَ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي (Poiesis) گهڙڻ، ٺاهڻ يا تراشڻ.(1)
شاعري ادب جو اهڙو حصو آهي جنهن ۾ جماليات، موسيقي، رواني (Rhythm) کانسواءِ بحر وزن جو هجڻ ضروري آهي.(3-2)
شاعري جذبن کي اڀاري ٿي. تجنيس حرفي ان کي رواني ڏئي ٿي، ڪافيو ٺهڪندڙ بنائي ٿو. تشبيهاتي سُرُ (Onomatopreia) الاپ ڏئي اثرانگيز ڪري ٿو.(4)
“ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري
هو پري آ پري
هو پري آ پري.”
شيخ اياز جي ان شعر ۾ ڪوئل جو تشبيهاتي سُرُ هڪ الاپ جي صورت ۾ موجود آهي.
شاعري جي اهڙي رواني ۽ لفظن جو جوڙجڪ جو ان مان ساز جهڙو آواز اچي، جادوئي اثر (Incantation) ڇڏي ٿي.(5) ماڻهن جا جذبا اڀاري ٿي. ننڊاکڙو (Hypnatize) ڪري مدهوش (Mesmerize) ڪري ٿي. ماڻهن جي اندر مان ازخود “واهه” نڪري وڃي ٿي. شاعريءَ جو جذبو ڪڏهن ماڻهن کي مذهب طرف وٺي وڃي ٿو. ڪڏهن کين جنگ لاءِ تيار ڪري ٿو ۽ ڪڏهن محبت ۾ مبتلا ڪري ٿو.(6)
شاعريءَ ۾ ابهام (Ambiguity) پڙهندڙن کي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي وجهي ٿي. اهو دنيا جهان کان ڪٽجي ان جي مختلف معنائن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. اهڙي شاعري پڙهندڙ کي ذاتي مسئلن کان پري اهڙي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي جنهن ۾ مختلف نظارا، راحت ۽ مڪان آهن.(7)
تنقيدي ڀوڳ (Irony) ۽ شاعريءَ جا ٻيا جُز ان کي الڳ معنائون ڏين ٿا. استعارا (Metaphores) تشبيهون (Similes) ۽ مجاز (Metonymys) نظر ايندڙ معروضن (Objects) کي ڦيرائي موضوعن (Subjects) ۾ تبديل ڪري وجهن ٿا ۽ ائين تصور (Imagination) کي وسعت بخشين ٿا.
استعارن، تشبيهن ۽ مجازن ۾ فرق اهو آهي ته، استعارو (Metaphore) هڪ شيءِ جو ٻئيءَ شيءِ ڏي اهڙو اشارو آهي جنهن ۾ هڪ شيءِ جون ٻئي شيءِ ۾ ظاهر يا لڪيل هڪجهڙائيون نظر اچن.(8)
“سج ڌرتيءَ ۾ ائين پورجي ويو ڄڻ اوندهه جو ٻج هجي.”
اوندهه جو ٻج نه هوندو آهي پر سج اوندهه جو ٻج هيو جنهن جي دفن ٿيڻ سان اوندهه ڦٽي پئي. اوندهه ڪو ٻوٽو نه آهي پر استعارو نظاري ۽ تصور جو روپ بدلائي ان کي نئين صورت ڏئي ٿو.
تشبيهه (Simile) ۾ ٻن شين کي ڀيٽيو وڃي ٿو. جنهن ۾ “جيئن” ۽ “جهڙو” لفظ استعمال ٿين ٿا.(9) هڪ سادو مثال:
“هو اهڙو حسين هيو جيئن گُل.”
استعاري ۽ تشبيهه ۾ اهو فرق آهي ته، استعاري ۾ هر شيءِ جو ظاهر ۽ باطن ٻئي شيءِ ۾ ڳولهڻ آهي جڏهن ته تشبيهه ڀيٽ ڪرڻ آهي.
مجاز (Metronymy) اهڙو ڳجهه آهي جنهن کي حقيقت ۾ آڻڻ لاءِ ابهام جي رستي تان لنگهڻو پوي ٿو. اهو سڀني کي ساڳي صورت ۾ نه ٿو ملي. هرڪو ان ۾ پنهنجي پهچ آهر معنا ڳولهي لهي ٿو.(10) پوسٽ ماڊرنزم جو بنياد مجاز تي رکيل آهي. سرئيلزم جي دائرن ۾ هر دائري اندر الڳ معنا ۽ ابهام آهي. ڪيوبزم ۽ تجريد جا منجهيل عڪس هر رخ کان الڳ نظارو ڏين ٿا. پڪاسو جي 1911ع ۾ ٺاهيل تصوير “پائيپ ريڪ اينڊ اسٽيل لائيف آن ٽيبل” ۾ لفظ “سمنڊ” سمايل آهي. جڏهن ته اها سمنڊ جي تصوير نه آهي.(11)
شاعريءَ جي تاريخ تمام پراڻي آهي. ان جا اڪريل لفظ سڀ کان پهريون آفريڪا جي غارن ۽ پٿرن تي نظر آيا. مصر ۽ سوڊان مان وهندڙ نيل نديءَ ڪناري اهڙيون لوحون (Tablets) مليو آهن، اهي لوحون عيسا کان ٽي هزار سال اڳ جون آهن ۽ انهن تي اهرامي (Pyramid) رسم الخط اڪريل آهي.(12)
رومانوي شاعريءَ جو سڀ کان اوائلي ذڪر انهن لوحن تي آهي جيڪي دجلا ۽ فرات ڪنارن وچ ۾ ميسوپوٽيميا جي علائقي مان کوٽي ڪڍيون ويون. ان علائقي کي عر (Ur) يا عروق (Uruk) چيو ويندو هيو. اها سميري دور جي رزميا شاعري (Epic) آهي ۽ ڪنڊائتي (Cuniform) رسم الخط ۾ لکيل آهي. اهو رزميا داستان گلگاميش (Gilgamesh) بادشاهه جو آهي. ان رزميا داستان ۾ گلگاميش “عنانا” ديويءَ سان عشق ڪيو ۽ پوءِ علامتي شادي (Symbolic marriage) ڪئي. شاديءَ جو مقصد سٺا تخم پيدا ڪرڻ هيو.(13)
جنهن کان پوءِ هومر جي رزميا شاعري آهي جنهن ۾ “الياڊ” ۽ “اوڊيسي” شامل آهن. هن اهي اوڻويهه کان اوڻٽيهه سال قبل مسيح لکيون.(14)
زرتشت جو ڪتاب “اوِستان” (Avistan) پڻ شاعريءَ جو مثال آهي. رامائڻ ۽ مهاڀارت پڻ رزميا داستان آهن.
چين ۾ ڪنفيوشس جي ترتيب ڏنل شنجنگ (Shinjing) شاعري (11-7-Bc) قديم ڪتابن مان هڪ آهي. اها ٽي سئو پنج شعرن تي مشتمل آهي. ان کي شاهه لطيف جي شاعريءَ جيان ڪچهرين ۾ ڳايو ۽ بيان ڪيو ويندو هيو. چيني لوڪ ادب جو حصو آهي ۽ ماڻهن جي سيني در سيني اڳتي وڌي.(15) يونان جي ليسبوس ٻيٽ تي جنم وٺندڙ شاعرا “سيفو” لڳ ڀڳ ان دور جي آهي.
ارسطوءَ جو ڪتاب پوئيٽڪس (Poetics) پڻ شاعريءَ جي وصف کان ٻاهر نه آهي. ان ۾ اهڙي رزميا شاعري آهي جنهن کي راڳ جي صورت ۾ ڳايو ويندو هيو. ان کانسواءِ ڊراما نگاري پڻ شامل آهي. جنهن ۾ مزاح، الميو، ڪٿارسس (Catharsis) ۽ همرشيا (Hamartia) جا احساس آهن. ارسطوءَ جي پوئيٽڪس جو “اسلام جي سونهري دور” تي گهرو اثر آهي. عباسي دور (800-1400) خاص ڪري هارون رشيد جي خلافت واري وقت کي اسلام جو سونهري دور چيو وڃي ٿو. ادب، سائنس، خطاطي، فلسفو، شاعري، ساز ۽ آواز جي لحاظ کان اهم آهي. ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ مدرسا هيا جتي ڪجهه عالمن حوالي ترجمي جو ڪم هيو. يوناني فلسفي کي عربيءَ جو ويس پارايو ويو.(16)
يورپ اندر جاڳرتا (Renaissance) جي ڏينهن ۾ شاعريءَ روپ بدلائڻ شروع ڪيو. ادب کي تخليق (Creation) ڪوٺيو ويو. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ چيو ويو ته لفظ اظهار جا محتاج آهن، انهن کي قيد ڪري اپاهج بنائي نه ٿو سگهجي. لفظن کي آزاد ڪيو ۽ تصور کي وسعت ڏيو. اهڙن خيالن شاعريءَ جي ساخت بدلائي وڌي. پابند شاعريءَ خلاف تحريڪ شروع ٿي ۽ شاعريءَ کي غير رواجي طريقي لکڻ شروع ڪيو ويو. اهڙي شاعريءَ کي آزاد نظم (Free verse) چيو وڃي ٿو. آزاد نظم لاءِ ڪافيو، تڪبندي، وراڻي، تجنيس حرفي ضروري نه آهن. شاعرن بحر وزن جون حدون ٽوڙي وڌيون. خيالن جي اظهار، تصور ۽ روانيءَ کي فوقيت ڏني. ڪن شاعرن ڪنهن حد تائين ڪافيي کي برقرار رکيو. اهڙي صنف جي مخالفت ڪئي وئي ۽ ڪن راءِ ڏني ته پابند شاعريءَ جا ڪجهه جُز برقرار رکڻ ضروري آهن.(17)
اهڙي تحريڪ تصوريت (Imagism) جي زيراثر هئي. تنهن وقت مشهور شاعر ايزرا پونڊ (Ezra Pound) جي شاعريءَ کي تصوريت جو مثال چيو وڃي ٿو. ان جي شاعريءَ کي گهڻ رخو ۽ هرڪنڊ کان الڳ ڏيک ڏيندڙ ڪوٺيو ويو.(18)
نثري نظم (Prose Poetry) شاعريءَ جي اهڙي صنف آهي جنهن کي پابند يا آزاد شاعريءَ کان الڳ نثراڻي مزاج ۾ لکيو وڃي ٿو پر ان ۾ شاعريءَ جا لوازمات هجڻ ضروري آهن جيئن تصور (Imagery) منظر، فڪر، ربط (Parataxis) رواني ۽ جذبو.(19)
نثراڻي نظم جي تاريخ تي نظر ڪجي ته اها آزاد نظم کان به پراڻي آهي. اهو سترهين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو. جاپاني شاعر ماستو باشو (1694-1644ع) ۾ هائيڪو ۽ نثري نظم لکيا. هن جا نثري نظم تصور، علامت ۽ منظر سان ڀريل آهن.(20)
يورپ اندر نثري نظم اوڻويهين صديءَ ڌاري فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ لکيا ويا. فرانسيسي شاعر گورين (1839-1810ع) کي ان صنف تي ڪمال حاصل آهي. اهو شاعر بيماريءَ سبب ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. ان کان پوءِ بودليئر، رمباڊ، پال ورلن ۽ ملارمي اهڙا شاعر آهن جن نثري نظم کي علامتي انداز ۾ لکيو. انهن شاعرن وٽ شاعري علامت جو روپ ڌاري گهڻ رخي ٿي پوي ٿي.(21) مون ورلن ۽ ملارميءَ جي شاعري فرينچ ٻوليءَ ۾ پڙهي، سمجهه ۾ ته نه آئي پر لفظن جي ربط، رواني ۽ موسيقيت کي دل سان محسوس ڪيو.
سنڌي شاعريءَ جي تاريخ به عالمي شاعريءَ جي تاريخ کان مختلف نه آهي. شاعريءَ جي ارتقا جو ڪرنگهو رزميا شاعري آهي. سنڌي رزميا شاعري به هڪ ڪٿائن، مذهب ۽ رومانوي داستانن تي مشتمل رهي آهي، فرق اهو آهي ته بحرالڪاحل کان ويندي خليج فارس تائين ان شاعريءَ کي تخليقڪارن سميت صفحن ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسان وٽ اها سيني در سيني منتقل ٿيندي مٽيءَ ۾ دفن ٿي وئي. اسين پنهنجي ورثي جي حفاظت نه ڪري سگهياسين. ٿي سگهي ٿو هاڻي به اهڙي برزبان شاعري (Oral Poetry) جو ڪٿي وجود هجي پر اسان جا وسيلا ۽ پهچ ڪمزور آهن. مون ننگرپارڪر جا ڪوي ڏٺا جن وٽ رزميا داستانن ۾ هڪ پوري تاريخ محفوظ آهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سگهڙ جن جي برزبان رزميا شاعريءَ ۾ ماضيءَ جا ڪردار ساهه کڻن ٿا.
منھنجو ارتقا ۾ پختو ايمان آهي، انڪري چئي سگهان ٿو ته سنڌ ۾ لطيف جي شاعريءَ جو ظهور معجزو نه آهي. لطيف کان اڳ سنڌي شاعريءَ جو وڏو سفر طي ٿيل آهي پر اهڙين راهن جا نانءَ نشان ميساريل آهن. پيرن جا نشان مٽجي چڪا آهن. لطيف هڪ جبل جيان سنڌي شاعريءَ ۾ جاءِ والاريو بيٺو آهي. شاعريءَ جي جبل جو ائين اوچتو ظاهر ٿيڻ حيرت ۾ وجهندڙ آهي، ضرور سنڌي شاعري ارتقا جي قدمن تي هلي اهڙو اوج ماڻيو هوندو پر لطيف کان اڳ اهڙو ارتقائي سفر محفوظ نه آهي. اسان جو ماضي کنڊرن کان سواءِ ڪجهه نه آهي. تاريخ، ادب ۽ شاعري حملا آورن هٿان سڙي چڪا آهن. اسين بدنصيب قوم آهيون. اسان کي امن تباهه ڪيو آهي. اسين ڪڻڪ پچائي کائيندڙ ۽ چانور چڳيندڙ قوم آهيون. تاريخ ۾ ٻين قومن جي مقابلي ۾ سکيا ستابا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو اسين ڊانول ۽ امن پسند رهيا آهيون. بکايل قومن اسان کي فتح ڪيو آهي. اسان جي عزت، غيرت، مال متاع، ادب، تاريخ، شاعري ۽ فلسفي کي نيست نابود ڪيو آهي.
شڪر آهي لطيف بچي ويو ۽ ان جي طلسماتي شاعري اسان کي نصيب ٿي.
اسان پنهنجن کي گهٽ ٻاهرن جي راءِ کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهيون. ان وقت جي فارسي زدا تنقيد نگارن لطيف کي عام رواجي ۽ ديهاتي شاعر ڪوٺيو. لطيف کي ماڻهن ڳولهي لڌو. ان هوندي به لطيف جو درجو عام ماڻهوءَ وٽ شاعر کان وڌيڪ پير جو آهي جيڪو پٽ ڏئي ٿو.
عالمي شاعريءَ جي مقابلي ۾ سنڌي شاعريءَ جو سفر ڇڊو (Diluted) آهي. ويهين صديءَ جي وچ تائين اسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سٺا شاعر پيدا ڪيا آهن. سنڌ ۾ فارسيءَ جي زيراثر ٿيل شاعري سنڌي ادب جو حصو نه آهي ڇو جو اها سنڌي گهٽ فارسي شاعري وڌيڪ آهي.
سنڌي مذهب پرست رهيو آهي. اهو ماضيءَ ۾ ڪڏهن به قوم پرست نه رهيو آهي. سنڌ ملڪ جا سنڌي حڪمران سنڌ لاءِ نه، اقتدار لاءِ جنگ وڙهيا آهن.
لڳي ائين ٿو ته تاريخ ۾ پهريون دفعو ويهين صديءَ جي وچ ڌاري قوم کي مذهب تي فوقيت ڏني وئي آهي. شاعري ۽ ادب جو رخ بدلجي پيو آهي. لطيف جي شاعريءَ جو سٽاءُ، طريقو، ٻولي ۽ صنفون نئين انداز ۽ فڪر سان شيخ اياز وٽ ملن ٿا. اهو سنڌ جي نج شاعري (Pure Prose) جو دور آهي جنهن ۾ تجنيس، رواني، ڪافيا، رديف ۽ بحر وزن موجود آهن.
لطيف ۽ شيخ اياز کان پوءِ شاعريءَ جي ڪوهستان ۾ ڪو اهڙو ڪوهه پيما نظر نه ٿو اچي جيڪو انهن ٻن پهاڙن جي چوٽي چڙهي پار پئجي سگهي. ڪيترا شاعر آهن جن کي مڃتا ملي پر اهي اهڙو مقام حاصل نه ڪري سگهيا جيڪو انهن ٻن شاعرن کي آهي.
شاعريءَ ۾ نظريو ڪهڙو به سمايل هجي پر ان سان گڏ جمالياتي عنصر جو هجڻ ضروري آهي. سنڌ جي گهڻي شاعري جمالياتي عنصر کان بغير ٺلهي قومپرستي ۽ نعري بازيءَ ۾ تبديل ٿي پنهنجو معيار برقرار رکي نه سگهي.
سنڌي شاعريءَ تي ٻاهرين شاعريءَ جو اثر ستر واري ڏهاڪي ۾ نظر اچي ٿو، جڏهن سنڌي شاعري مروج روايتن کان جان آجي ڪرڻ لاءِ هٿ هڻي رهي هئي. ان وقت آزاد نظم (Free Prose) لکيو ويو. سنڌ ۾ تصوريت کي متعارف ڪرائيندڙ امداد حسيني آهي جنهن ان وقت منفرد لهجي ۾ آزاد نظم لکيا ۽ کيس مڃتا ملي.
جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ جو گراف ٺاهجي ته ان ۾ دل جي گراف جيان ٽي چوٽيون نظر اينديون. وڏي چوٽي لطيف آهي، ان کان پوءِ ننڍي چوٽي شيخ اياز ۽ ان کان ننڍي چوٽي امداد حسيني.
نثري نظم (Prose Poetry) سنڌ ۾ دير سان متعارف ٿيو آهي. ان ۾ گهڻو ڪري نوجوان شاعرن جو حصو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم کي عروج حاصل آهي. خوبصورت علامتي ۽ تجريدي نثري نظم سرجي رهيا آهن. نوجوانن جي شاعري پڙهي ڪڏهن حيرت ۾ پئجي ويندو آهيان ته اها عالمي شاعريءَ کان ڪنهن به حيثيت ۾ گهٽ نه آهي. اهڙا ڪيترائي نوجوان آهن جن جا نالا نه کڻندس ڇو جو ڪڏهن شاعري پڙهندو هيس ته شاعري وسري ويندي هئي شاعر جو نالو ياد هوندو هيو، هاڻي شاعري پڙهان ٿو ته شاعري ياد رهي ٿي، شاعر جو نالو وسري وڃي ٿو.
مون به شاعري ڪئي آهي، شاعري مون لاءِ ائين آهي جيئن مانيءَ مٿان مٺو کائڻ. انڪري ناول لکي شاعري ڪندو آهيان. ڪهاڻي لکندي جملا شاعريءَ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. منهنجي شاعري گهڻو ڪري نثري نظم ۽ آزاد نظم آهن. پابند شاعري به ڪئي آهي، ”اوشا جي آشا“ کانپوءِ “ساڌ ٻيلي جا گيت” ۽ هاڻي “هُدو”. “هُدو” ۾ ڪيل گهڻي شاعري “لاڪ ڊائون” ۽ “وبا جي ڏينهن ۾ لکيل آهي.


رسول ميمڻ
9 جنوري 2021 ڪراچي

Refrences
1. Poetry
Oxford dictionaries
Oxford university press-2013
2. Poetry
Merriam Webster
Merriam Webster, Inc-2013
3. Poetry Dictionary.com
Dictionary.com, LLC-2013
Poetry the art of rhythmical composition.
4. Assaneo, Maria Florencia et all “The anatomy of onomatopoeia”
PLOS ONE, 6 (127:e 2817) January 1, 2011.
5. Tambiah, S.J
“The Magical power of words”
Man 3 (2): 175-208. 1968
6. Markham, Geller (2015)
“Healing Magic and Evil demons”
De Gruyter Inc. PP. 3-5
7. Mason, David, Allen Bem P (1976)
“The Bystander effect as a function of ambiguity and
emergency character”
The Journal of social Psychology 100:145-146.
8. Ortony, Andrew (1975)
“Why metaphors are necessary and not Just nice”
Educational theory. 25 (1): 45-50
9. “What is Simile”
Funny Similes
Retrieved 2016.
10. Tompkins, Penny, James Lawky.
“Metonymy and Part whole relationship”
Retrieved 19 Dec: 2012.
11. Dirven, Rene (2003).
“Metronymy and metaphor Different mental strategies of
conceptualisation”
P P: 75-112.
12. Ruth Finnegan
“Oral literature in Africa”
Open book Publishers, 2012.
13. Krstoric Jelena, O (2005)
Epic of Gilgamesh Classical and Medieval literature”
Criticism 74- Detroit, M I: Gale.
14. Grazios Barbara (2002)
“Inventing Homer The early reception of Epic.”
Cambridge Universty press P-15
15. Nylan, Michael (2001)
The five “Confucian” Classics.
Yale university press.
16. Hasse, Dag Nikolaus (2014)
“Influence of Arabic and Islamic Philosophy on the latin
west”
Zalta Edward N. (ed)
Standford Encyclopedia of Philosophy.
17. Scott, Clive
Verse libre: The emergence of free verse in France.
1886-1914. Calaredon press Oxford.
18. Sulliran, J.P (1970)
“Ezra Pound”
Penguin Critical Anthologies series.
19. Poetic form: “Prose Poem”
Poet organistion, New York.
Academy of American poets.
20. Frederic, Louis (2002)
“Basho”
Japan Encylopedia. Harvered
Universty press. P-71
21. Vest, James M. (1983)
“A reappraisal of Mauricede
Guerins “Glaucus”
The French review-56 (3): 400-410.

آزاد نظم

---

وبا جي ڏينهن ۾ اُميد جي علامت

بهار جي مُند آهي
جهرڪين آکيرا ٺاهڻ
شروع ڪيا آهن
مان اڱڻ ۾ اُداس
بت بڻيو بيٺو آهيان
سوچيان ٿو
وبائن سڀ ويران ڪري ڇڏيو
ماحول ڪيڏو اُداس آهي
پر
جهرڪيون پُراميد آهن
اهي ايندڙ نسل لاءِ
آکيرا جوڙين ٿيون
مان خاموش بت بنجي
سوچي ئي رهيو هيس
ته هڪ جهرڪي آئي
۽ منهنجي مٿي تي
ڪک رکي هلي وئي

روزگار

ماڻهو جوڳي
آنڊو نانگ آهي
پيٽ پالڻ
نانگ پالڻ آهي
آنڊي جي ڊيگهه
ماڻهوءَ جي قد کان
وڏي آهي
ماڻهو بُک اڳيان بندرو
۽ بک پويان قداور آهي
نڙگهٽ وٽ نانگ
جهپڙ هڻي
گرهه جو شڪار ڪري ٿو
ماڻهو مُرلي وڃائي
پاڻ کي
نڙيءَ کان پڪڙي ٿو

وبا، آذان ۽ نافرماني

خدا جي گهر مان
آواز اچي ٿو
“حي علي الصلوة“
ماڻهو گهرن مان
نه ٿا نڪرن
هيءَ ڪهڙي نافرماني آهي؟
يا آذان نه ڏيو
يا بندن کي اجازت ڏيو
ڇا خدا جي رحمت کان
وبا جو خوف وڌيڪ آهي؟
يا خدا زندگي ۽ موت جو
مالڪ نه رهيو آهي؟

وبا ۽ هفتي جا ڏينهن

ٻڌندا هياسين
ڪڏهن ڪو سومر هيو
ڪو اڱارو هيو
ڪا اربع
۽ خميس هئي
وري جمعي کان پوءِ
ڇنڇر هيو
پر هاڻي
صرف آچر آهي

وبا ۾ بُکايل خواب

بُکايل خواب ۾ ڏسي ٿو
ويران شهرن
تباهه ڳوٺن
وبائن
بلائن
خوشفهميءَ جي ريگستانن
غلطفهميءَ جي نخلستانن
کان پري
اڃان به پري
سنهڙي چيلهه
هوا ۾ جهومندڙ
هٿن پيرن
نچندڙ نازڪ ادائن
کان پري
اڃان به پري
اکڙين جي اشارن
دلربا چپن جي سهارن
۽ حَسين نظارن
کان پري
اڃان به پري
وهندڙ ندين
وسندڙ بوندن
سرسبز جبلن
پهاڙن
گلستانن ۽ ميدانن
کان پري
اڃان به پري
ماني ٿي ورهائجي

موسا درزي ۽ وبا

اي حضرت موسا
وري ڪڏهن نازل ٿيندو
من وسلوا
بک مرن ٿا
روز آڻيندڙ
روز چاڙهيندڙ
پڇي ڏي
رب جي مرضي
عرض ڪري ٿو
موسا درزي

موڪل

چون ٿا
قرنطينا
هدو
چاليهو
چلو
چهلم
سڀ چاليهه ڏينهن جا آهن
پر وري ڪي چون ٿا
زندگي ته چار ڏينهن آهي
پوءِ بقايا ڇٽيهه ڏينهن؟
اهي ضرور
موڪل جا هوندا

فتح جو جشن

اهو ڏينهن پري نه آهي
جڏهن اسان
ڪورونا وائرس کي
شڪست ڏئي
روڊن تي نڪرنداسين
۽ منهن تي چڙهيل ماسڪ لاهي
هوا ۾ اڇلي
فتح جو جشن ملهائينداسين
پوءِ يقين ٿيندو ته
ڌرتيءَ تي موجود سڀ انسان
هڪ قوم آهن
۽ ٻي ڪورونا وائرس جهڙي
بزدل قوم آهي
جيڪا لڪي وار ڪري ٿي

آئينو

اڪيلائيءَ ۾
آئيني جهڙو دوست نه آهي
توهان جي روئڻ تي
دنيا خوش ٿي سگهي ٿي
آئينو گڏ روئندو

توهان جي کلڻ تي
دنيا حسد ڪري سگهي ٿي
آئينو گڏ کلندو

توهان جا وار
وڌي چڪا آهن
چهرو اداس آهي
آئينو ڏک ۾ شريڪ ٿيندو

توهان آئيني کي
اڪيلو ڇڏي سگهو ٿا
آئينو توهان کي
ڪڏهن اڪيلو نه ڇڏيندو

وبا ۾ ڇا ٿي ويو

“هوا”
صحيح رخ سان
هلي پئي
اوچتو ان جو رخ
بدلجي ويو
“اوهه”

وبا جو نظم

ماسڪ ٻڌو
۽ دستانا پايو
ڪير قاتل؟
ڪير مقتول؟
هيءُ شهر آ
ڍڪيل چهرن جو
گمنام وبائن جو
ڏسجن ٿا هر طرف
بي وس انسان
نه تشدد جو ثبوت
نه آڱرين جا نشان

بستر ۽ ڪتاب

مان بستر تي
ٽيڪ ڏئي پڙهندو آهيان
بستر ڪتابن سان
سٿيل هوندو آهي
پڙهندي ننڊ اچي ويندي آهي
پاسو ورائيندو آهيان
ڪو ڪتاب هيٺ ڪرندو آهي
ڪتاب ڪرڻ سان
ڪڏهن رڙ ايندي آهي
ڪڏهن ٽهڪ
ڪڏهن سڏڪو
ڪڏهن دانهن
هڪ ڏينهن مان
پاسو ورائيندس
هڪ ڪتاب ڪرندو
۽ اهو خاموش هوندو

اُداسيءَ جو سبب

دل جي اُداسيءَ جو سبب
شايد ڪا سوچ هئي
واءُ جيئن آئي
۽ ائين گذري وئي
جيئن ڪو محروميءُ جو احساس
ڪو پاروٿو گُل
ڪو وسريل واس
جيئن ڪا اڻپوري اُميد
جيئن اکين جي قبر ۾
دفن ٿيل ديد
ڪا ته ڳالهه هئي
جا لاشعوري مان اُڀري
۽ نراسائيءَ ۾ ٻڏي
ڪو ته خيال هيو
سمنڊ ڪناري وير جيان
موٽي ويو
سوچيان ٿو
خزان ۾ ڇڻيل
منهنجي پن جهڙي پيلاڻ جو
ڪارج ڪهڙو ڪيو؟
شايد اهو اُداس اُڀ ۾
سرءُ جي چنڊ جهڙو هيو
اُداسيءَ جي
وسريل سوچ کي
ڪيئن ڄاڻي سگهجي ٿو
سوچون ڀٽڪندڙ رڍن جو
ڌڻ ته آهن
ڌنار بنا ڄڻ ته آهن
پر مون سڀ سوچون
ساريون آهن
هڪ به اڇي ڪونهي
سڀ رڍون ڪاريون آهن

وقت جي مختصر تاريخ

وقت ڏند ڪٿا آهي
وقت کي وجود نه آهي
وقت نه گذري ٿو
اسين گذرون ٿا
سج اڀرندو نه آهي
ماڻهو اڀرندو آهي
سج لهندو نه آهي
ماڻهوءَ جو پاڇو لهندو آهي
ڪائنات جسم آهي
رت گردش ڪري ٿو
رات ڪاريهر جيان
دنيا جي قبرستان مٿان
لنگهي ٿو
وقت گمنام بادشاهه
جنهن جي ڪنڊن جو تاج پائي
سرشتي جي صليب تي لڙڪيل
زخمي انسان
مٿي منهن ڪري چوي ٿو:
“اي آسمان تنهنجو رنگ
نظر جو دوکو آهي”

اونهاري ۾ سياري جون ڳالهيون

ٿڌي سنگمرمر
توتي پنهنجا چپ رکان
۽ پگهرجي پوان
بيهه برف جهڙي بيوفا
مان اچان
۽ توسان رجان

پر ڪيئن اچان؟
تنهنجي اک ۾ آرهڙ آهي
منهنجي اک ۾ جاڙو
تنهنجي پير ۾ پاتل آهي
منهنجو پير اگهاڙو

هيءُ هبس آهي يا ڪوهيڙو
پٽ تي ائين پيرون
تنهنجي منهن تي
ڄڻ موهيڙو
ڦهليل آهي هر طرف
تنهنجن نيڻن جي ٻاڦ
بادلن جا ديوَ پريون
ٿڌ جا ڪوهه ڪاف

هاڻي عشق جي ارتقا ۾
موسمون بدلجي ويون
دل دوزخ
اکيون جهڙ ٿي پيون
تنهنجي ياد ۾
هن اونهاري
ڳوڙهن پويان ڳوڙهو وسندو
۽ ايندڙ سياري
سانوڻ ايندو

صحيغا

عزرائيل هڪ دفعو
ساهه ڪڍندو آهي
جبرائيل هر هر
ساهه ڪڍي ٿو
هو صحيغي ساڻ اچي ٿو
۽ چئي ٿو
چئو ته
“حقيقت پاڻ ڳولهي ٿي
ڪنهن دونهاٽيل دنيا ۾
انڌا نيڻ کولي ٿي
حقيقت جيڪا ڄائي ناهي
ادراڪ جي منزل ڪائي ناهي
چنڊ نه ڏس
سج نه ڏس
ٻوٽا نه ڏس
ٻج نه ڏس
سڀ اسميت آهي
نه مراد آهي
نه نيت آهي”

هو صحيغي ساڻ اچي ٿو
۽ چئي ٿو
چئو ته
“هن ڪاري رات جي نيڻن ۾
سپنو ڪوئي سچ نه آهي
تعبيرن جي باهه نه آهي
اميدن جو مچ نه آهي
سچ ته ڪوئي سانڊو آهي
ڄڻ بُکايل آنڊو آهي
سچ ۽ ڪوڙ سڳا ڀائر
ساز ٻيا پر ساڳيا سُر”
مان ٻڌان ٿو
۽ مران ٿو

هو صحيغي ساڻ اچي ٿو
۽ چئي ٿو
چئو ته
“هوند جو ڪوئي هنڌ نه آهي
پنهنجا پير ڪٽائي ڇڏ
منزل ناهي پنڌ نه آهي
هو جيڪو آواز اچي ٿو
ڄڻ ته ڪوئي راز کلي ٿو
اڻ هوند جي گونگن لفظن جو
وجود نه ورتل وجودن جو
هتڙي ڪائي هستي ناهي
الف ناهي الستي ناهي”
مان ٻڌان ٿو
۽ مران ٿو

هو صحيغي ساڻ اچي ٿو
۽ چئي ٿو
چئو ته
“خلائون خالي خول ته آهن
عرش سماوي ڪجهه نه آهي
مستطيل ٽڪنڊا گول ته آهن
هي ڪک، هي ڪانا
هيءُ تخليق جو چوزو
هي فلسفي جا آنا
ڪٽيل زبان جا ذائقا
مٺا آهن ڪوڙا آهن
هي سڀ لقاءَ
گونگا آهن
ٻوڙا آهن”
مان ٻڌان ٿو
۽ مران ٿو

هو صحيغي ساڻ اچي ٿو
۽ چئي ٿو
چئو ته
“هيءَ مادي جي ترتيب
۽ سائنس جي ترغيب
ڪنهن مجاز جي دعوا
۽ منڪر جي رد دعوا
هيءُ اندر جو انتشار
بي چيني ۽ خلفشار
سڀ خلل آهن خيال آهن
جو ابن جو جهان نه آهي
سوالن ۾ سئو سوال آهن
موجودگيءَ بنا معدوميت
۽ اندر جي اڏام
ڪيٿارسس جي رات
۽ پيڙائن جي شام
اُميد نه رک
آس نه رک
سمنڊ پيئڻ جي
پياس نه رک”
مان ٻڌان ٿو
۽ مران ٿو

عزرائيل هڪ دفعو
ساهه ڪڍندو آهي
جبرائيل هر هر
ساهه ڪڍي ٿو

سحرانگيز سانجهي

هاڻي هاڻي اولهه ڏي
سج لهي ويو
هائي، من ٻڏي ويو
اوندهه آهن پنک پکيڙيا
روشنين پنهنجا خواب کيڙيا
سج لٿي آ ڪيڏي اداسي
هاريل آهي هر هنڌ ان جي
نيڻن جو رنگ ناسي

هيءَ سانجهي، هيءَ سانت
انڌيارن ۾ ڦهليل
پڙاڏا ڀانت ڀانت
ڏور اچي ٿو ويرانيءَ مان
سانجهيءَ جو سُريلو آذان
اوندهه جا ڪارا گلاب
شفق جو ڳاڙهو گلدان

هيءُ درد، هيءُ دونهون
هيءَ سحرانگيز سانجهي
سُرمئي منجهدار
هيءُ منجهيل مانجهي
واهيرن کان ورن ٿا
اکڙين جي آکيرن ڏي
خوابن جا پکي
پر اي سکي
ان کان اڳ جو ان جي ياد
انڌيرن جي ڌوڙ ۾
لٽجي وڃي
پاڇن جي ڪوهيڙي ۾
مٽجي وڃي
مان ورڻ چاهيان ٿو
اتي
جتي
اهو منظر نه هجي
هيءُ جادو، هيءُ سحر
هي انتر منتر نه هجي

اڻ هوند ۾ هوندس

جڏهن ڳولهيندين
اڻ هوند ۾ هوندس
اهميت جو اندازو
وڃائجڻ کان پوءِ آهي
ماڻهن جي ميلي ۾
توکي هر چهرو
منهنجو نظر ايندو
جڏهن تنهنجو شڪ
جاڳ ۽ ننڊ ۾ فرق نه ڪري
مان خوابن جي علامت هوندس
منهنجين لکڻين جي
سحر ۾ کوئجي
وجود وڃائين
ته مان
تنهنجي تجريد ۾ هوندس
آواز ڏجانءِ جاڳي پوندس
حقيقت ۾ نه ڳولهجانءِ
تصور ۾ هوندس

ٿوري جهاتي پائين ها

اي مائيڪل اينجليو
اي پيغمبرن ۽ شهنشاهن
جا مجسما ساز
توتي آهي فن کي ناز
تنهنجن مجسمن مٿان
ترتيب ڏنل مشڪون
نسون ۽ رڳون
جلال ۽ دٻدٻو
وقار ۽ جذبو
ڪثرتي صحتمند جسم
خدا ۽ نبين جا اسم
مضبوط سٿر
وريل ڏورا
آدم، موسا
مريم، عيسا
سگهارو دائود
تنهنجي هٿوڙي ۽ ڇيڻيءَ ۾
ويٽيڪن جو وجود
پر اي مائيڪل اينجليو
دنيا آهي
غريبن جو ميلو
ڪڏهن ڪنهن بکايل جو
مجسمو ٺاهين ها
ٻاهر نڪري گرجا کان
ٿوري جهاتي پائين ها

هُدو (Quarantine)

اسين سڀ
هُدي ۾ آهيون
اڪيلا
ڇت هيٺان
۽ چئن ڀتين جي وچ ۾

هڪ ڀت تي لکيل آهي
توهان توهم جي
ڄار ۾ ڦاٿل
پريشان پتنگ آهيو
ڪڏهن ڪوتاهين جي
احساس ڪري
توهان کان
پڇتاءَ جو ٽهڪ نڪري وڃي
ته اها
گمراهيءَ جي ڦهلجندڙ
بيماريءَ جي
پهرين علامت هوندي

ٻئي ڀت تي لکيل آهي
توهان مئل آهيو
ڪڏهن سچ جي ڪفن ۾
پاڻ کي ڏسي
توهان کان
حقيقت جو سڏڪو نڪري وڃي
ته اها
ڪوڙ جي ڦهلجندڙ
بيماريءَ جي
پهرين علامت هوندي

ٽئين ڀت تي لکيل آهي
توهان فطرت جا باغي
جنسي مريض آهيو
پنهنجا ڪرتوت ياد ڪري
توهان کان
ضمير جي رڙ نڪري وڃي
ته اها
گناهن جي ڦهلجندڙ بيماريءَ جي
پهرين علامت آهي

چوٿين ڀت تي لکيل آهي
توهان گڏهه جو گوشت کائي
ڏاها ٿي پيا آهيو
محفل ۾
توهان کان
هينگ نڪري وڃي
ته اها
خوشفهميءَ جي
پهرين علامت هوندي

۽ مٿي ڇت تي لکيل آهي
اڻ ڇهيل فطرت کي
پاڪ چپن جي چميءَ ۾
ماحول مرڪي پوي
ته اها
تندرستيءَ جي
پهرين علامت هوندي

اکيون ۽ نوري سال (Eyes and light years)

منهنجيون ٻه اکيون
جيئن
هڪ هجين تون
۽ ٻي هجان مان
ڪڏهن هڪ اک
ٻي اک ڏسي نه سگهي
ٻن اکين جي وچ جي وٿي
ٻن اکين جو فاصلو
منزل پويان منزلون
۽ منزلن جو سلسلو
اڻ کٽ آڪاش جي اڏام
ڪهڪشائن جو سفر
دم قدم شمس ۽ قمر
ڪيڏا ڏکيا آهن ڏيک
لوح وقلم جا
لکيل ليک
ٻن اکين جي ان وٿيءَ ۾
ٻئي جهان آيل آهن
خبر نه آهي ڪيترا
نوري سال سمايل آهن؟

قلم جي قبر

منهنجي قلم کي
پير آهن
هڪ هنڌ رکندو آهيان
ٻئي هنڌ ملندو آهي
ڪاپيءَ ۾ رکندو آهيان
ڪتاب ۾ ملندو آهي
ڪڏهن ٽيبل تي پنڌ ڪري
ڪرسيءَ تي ويهندو آهي
قلم کي آڱريون آهن
ٻانهون، ڪلها
مٿو ۽ مغز
شعور جي ڌارا
لفظ لفظ
ان جي پيرن جا نشان
مس جهڙو روح
ان ۾ روان
۽ قبر آهي ڊسٽ بن

غريبن جو خواب

شهر جون ڀتيون
هيون اٽي جون ٺهيل
۽ ڇتيون
چانورن سان ڀريل
دالين جو
وسي رهيو هيو مينهن
۽ نلڪن مان
اچي رهيو هيو گيهه
مٿان ميوي جهڙو چنڊ
ستارا آسمان ۾
ڄڻ هاريل کنڊ
هر اڱڻ تي پوکيل سبزيون
وڻن ۾ لڙڪندڙ
ڪيڪ، چاڪليٽ، کٽمٺڙا ۽
ٻيون شيون
رستن تي پيل
مصالحا ۽ ماس
اسٽور هيا کليل
۽ اسٽور وارا اداس

ڌاڳا

اسين
ڌاڳن سان ٻڌل آهيون
۽ ڌاڳا
وقت سان ڇڏن ٿا

سڀ کان پهريون
اور جو ڌاڳو
گرڀ جي دنيا
هڪ دور جو ڌاڳو

پوءِ وک کڻون ٿا
۽ ڌاڳن سان ڌرتيءَ کي
ويڙهجي وڃون ٿا

جڏهن جنس جاڳي ٿي
ڪنهن ڌاڳي سان
جڙجي وڃون ٿا

ڪو وفائن جو ڌاڳو
ڪو جفائن جو ڌاڳو

تن من ڪائي تند ٽٽي ٿي
ڌاڳو ڌاڳو عمر کٽي ٿي

ماڻهو نيٺ ته پوڙهو ٿئي ٿو
پنهنجي ڍلي چمڙيءَ ۾
ڪيڏو سوڙهو ٿئي ٿو

دنيا آهي ڌاڳن جو ميلو
ڌاڳن بنا
ماڻهو اڪيلو

پر ڪيڏا آهن ڪچا ڌاڳا
ويساهه جا ڌاڳا
ساهه جا ڌاڳا

غربت، شرافت ۽ ڪاروبار

شهر جي روڊن تي گهمندي
ڄڻ سڀ فقير
منهنجي کيسي ۾ پيل آهن
نوٽ ڪڍان ٿو ته
هر نوٽ سان گڏ
هڪ فقير کيسي مان نڪري
سامهون اچي ٿو
پليٽ ۾ رکيل مانيءَ مان
ڳڀو ڀڃي
ٻوڙ ۾ ٻوڙڻ وقت
پيالي جو منهن
بکايل جي وات جهڙو
ٿي وڃي ٿو
ٽيبل تي رکيل چانهه لڳي ٿي
بيمار جي جسم جهڙي گرم
مزدور جي هٿن جهڙي
سخت جوئر جي ماني
ڪير به نه ٿو کائي
هرڪو پسند ڪري ٿو
محبوبا جي هٿن جهڙي نرم
ڪڻڪ جي ماني
شهر ۾ امير ڪن ٿا
ڪينچين جو ڪاروبار
۽ شريف نياز ۾ نوڙي
کيسن ڪٽڻ جو روزگار

نجهه (Nothingness)

مون اکيون بند ڪري
تصور ۾
پاڻ سان بحث ڪيو
“خدا آهي يا نه؟”
آواز آيو
“خدا بحث سان
حاصل ڪري
نٿو سگهجي”
مان تصور ۾
خدا وٽ پهتس
۽ عرض ڪيو
“مان آهيان يا نه؟”
آواز آيو
“پاڻ” بحث سان
حاصل ڪري نه ٿو سگهجي
مون اکيون کولي ڏٺو
نه هيو
نه مان هيس

خالي هٿ

انسان جي هٿ ۾
پنجن آڱرين کانسواءِ
ڪجهه نه آهي

چيچ
انا آهي
جيڪا ان جي سوچ جيان
ننڍي آهي

ٻاچ
خواهش آهي
جيڪا اميدن ۽ آسرن جي
وچ تي
ڪڏهن ننڍي آهي
ڪڏهن وڏي آهي

وچين
لالچ آهي
جيڪا شڪر نه ڪندڙ جي
حسرتن جيان
ڊگهي آهي

اشهد
موهه آهي
جيڪا پيار آهي
عشق آهي
عقيدو آهي

۽ پوءِ
آڱوٺو آهي

ويساهه گهاتي

جيئرو آهيان
اهو مئل جو خواب آهي

جاڳندس ته
مئل هوندس
اهو جيئري جو خواب هوندو

عشق جو ڪارو جادو

آخري دفعو
موڪلائڻ مهل
منهنجي ڪلهي تي رهجي ويو
تنهنجو وار

هڪ ڏينهن
وار ساڙيو ته
تون حاضر ٿينءَ

وري
موڪلائڻ مهل
تنهنجي ڪلهي تي رهجي ويو
منهنجو وار

هڪ ڏينهن
وار ساڙيندينءَ ته
مان حاضر ٿيندس

انگورن جو رس

قلم منهن جي
ڪانهي ڀريل
ڪائي ڪاري مس
ڀريل آهي ان ۾
ڪارن انگورن جي رَسُ

اچو غريب جي پيٽ جي باهه چوري ڪيون

غريب جو پيٽ
دوزخ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي
اچ پروميٿيس
اتان باهه چوري ڪيون
۽ ايوانن کي ڏيون
هن نظام کي
هنن حڪمرانن کي
هنن بي ايمان
انسان نما حيوانن کي
ساڙيون ڀسم ڪيون
پوءِ ڀل غريب جي پيٽ جي
باهه وسائڻ جي ڏوهه ۾
ڇو نه ڪنهن جبل جي
چوٽيءَ تي
پٿر سان ٻڌا وڃون
ڏينهن جو جڏهن
سامراج جون ڳجهون
اسان جو جيرو کائينديون
ته پڪ سان رات جو
اهو باغيءَ جيان
وري پيدا ٿي پوندو

خوردبين منهنجي محبوبا

توبن مان نابين
اي منهنجي خوردبين
تنهنجي اکين سان
اکيون ملائي
توکي ڏسان ٿو
تنهنجين اکين جا
اڻ ڏٺل نظارا
غيب جا منظر سارا
منجهيل سوالن جا
منتظر جواب
آهن تنهنجين اکين ۾
ڪي نوان خواب
جيوگهرڙا ۽ ناسور
ڦتڪندڙ جراثيم ۽ سور
توبن منهنجي محبوبا
نور نابين، نظر بيڪار
عشق منهنجو رزق
اکيون تنهنجون روزگار

چون ٿا

دنيا امتحان آهي
اهڙو امتحان
جنهن ۾ پاس ٿيڻ لئي
ڪاپي ڪرڻ ضروري آهي
آسمانن کي ڪاپي ڪرڻ
ستارن کي ڪاپي ڪرڻ
صحيفن کي ڪاپي ڪرڻ
پيشوائن کي ڪاپي ڪرڻ
ملائن کي ڪاپي ڪرڻ
ڪو به هڪ حرف
ذهن تي زور ڏئي
لکڻو نه آهي
نه ته
امتحان ۾ فيل ٿيندا

مُلهه

پنجن هزارن جو
هڪ نارنگي نوٽ
ڄڻ آدم جيان آهي
جنهن جي اولاد جو ملهه
هڪ هزار جي
پنجن سرمئي نوٽن مان
سئو جي
پنجاهه ڳاڙهن نوٽن ۾
تبديل ٿي
پنجاهه جي
سئو نيرن نوٽن مان ڦري
ڏهن جي
پنج سئو ساون نوٽن ۾ ورهائجي
هڪ روپئي کان هيٺ ڪرندو
ڄڻ مختلف رنگن، نسلن
قومين، مذهبن، فرقن
کان ٿيندو
پئسي برابر به نه ٿو رهي

محبوبا، جيون ساٿي ۽ موت

ماڻهوءَ من ۾
ڏک جو ٻج
چوڏهن سال دفن رهي ٿو
جڏهن ڦٽي ٿو
ويهين ورهه
اتي اچي ٿي
هڪ ماکيءَ جي مک

ٽيهن سالن ۾
گونچ ڪڍي ٿو
اندر وڍي ٿو
پوءِ ڪري ٿي دل جو ئي
هڪ ڀنڀوري

چاليهين سال
پاڻ روئي ٿو
ڏک جو ٻوٽو
ڳوڙها ڳوڙها
پاڻي پاڻي
سيراب ٿئي ٿو
سٺ سالن ۾ گل ڪڍي ٿو
وقت سان گڏ
پوءِ اچي ٿو
هڪ پوپٽ

هُن کي جيئڻو آهي

جڏهن مئو
ته هن کان سواءِ
سڀ روئي رهيا هيا
هو پاڻ کي دفن ڪندڙن ۾
پاڻ شامل هيو
قبر مٿان
آخري دعا وقت
پوئين صف ۾
پنهنجي قبر تي
هٿ کڻي بيٺل هيو
هو هاڻي به جيئرو آهي
۽ وري مرڻ چاهي ٿو
ڇو جو کيس جيئڻو آهي

اڻ کٽ موٽ (Infinite regress)

دل تنهنجي وجود جو ٻج آهي
ڦٽيو ته
تنهنجي وجود جو ٻج ٿي
وري ڦٽندس
ڇو جو
دل تنهنجي وجود جو ٻج آهي
ڦٽيو ته
وري....
وري....
وري....
تون بقا
مان بقا جو سبب

وقت جو بوتو (Effigy of time)

اي ڪاري علم جا فلسفي
حال جا ڀوپا
اچ
وقت جو بوتو ٺاهي
ان ۾
ٽي سئو پنجهٺ سيون هڻي
يادن جي قبرستان ۾
دفنائي اچون
شل حياتيءَ جو هڪ سال
ماضيءَ کان آجا ٿيون

کڻو الم

دفن ڪرڻ کان اڳ
ڪفن ڏيڻ کان اڳ
لاشن جا ڪپڙا لاهيو ۽
ڌوئي پايو
ڪپڙا جن ۾ ڇيهه آهن
گولين جا پيهه آهن
رت ٻڏل رنگين
سيني وٽ سوراخ
سند سند ۾ سنگين
جا بارود جي بوءِ
ڦهليل هر سوءِ
ڪلهن وٽان ڪٽيل
ويڻين وٽان وٽيل
ظلم اڃان جاري آهي
رڃ آهي
واري آهي
پٽ تان کڻو اهو الم
هلو هلو قدم قدم

وقت ۽ گهڙيال

وقت
دوکو نه ڏيندو آهي
گهڙيال
دوکو ڏيندا آهن
ڪڏهن وقت
گهڙيال جيان خراب
ڪڏهن وقت
گهڙيال جيان صحيح
ڪڏهن ڪانٽا
ڪوڙ جيان اڳتي
ڪڏهن ڪانٽا
سچ جيان پوئتي
ڪڏهن ڪانٽا
منافق جيان کوٽا
ڪڏهن ڪانٽا
مڪر ڪندا آهن
ڌڪ هڻ هلي پوندا آهن
۽ ڪڏهن گهڙيال
دل جيان ڊهي
ماري وجهندو آهي

رات

اوندهه ۾ ڏيئو ٻارڻ
فطرت سان بغاوت آهي
پکي ڏيئو نه ٻاريندا آهن
واهيرن ڏي ورندا آهن
جانور سوير سمهندا آهن
گدڙ اونائيندا آهن
ته سج اڀرندو آهي
وڻ ابتو ساهه کڻندا آهن
جيت لالٽين کڻي
سوراخن کان ٻاهر
نه نڪرندا آهن
چٻرو ۽ ٻلي
اوندهه جا عاشق آهن
نوريئڙو حافظ آهي
چنڊ کي رات چمڪائيندي آهي
ڏيئو، هٿ بتي، لالٽين
بلب، ٽيوب لائيٽ، سيور
سج جون ٺٺوليون آهن
ڏينهن جو ننڊ ڪرڻ کان
بهتر آهي
ماڻهو خواب ۾ ٻڏي مري

حياتيءَ جي ٽجوڙي

منهنجي حياتيءَ جي ٽجوڙي ۾
وقت نه بچيو
مون وقت کي
ڪنهن سخيءَ جيان خرچ ڪيو
ٽجوڙيءَ ۾ پيل وقت
نوٽن جيان رنگين هيو
ننڍي هوندي
ان جو رنگ ميرو هيو
پوءِ اڇو
جوانيءَ ۾ ڳاڙهو
پوءِ گلابي
اڌ وهيءَ ۾ نارنگي
پوءِ نيرو
پوڙهائپ ۾ پير پائڻ سان
ان جو رنگ آسماني هيو
پوءِ خاڪي
۽ هاڻي
حياتيءَ جي ويران ٽجوڙيءَ ۾
هڪ ڪارو نوٽ بچيو آهي

يادون

دماغ
سوچن جو مانارو آهي
سوچون اڏامي
ماضيءَ جي مرجهايل باغ مان
يادون گڏ ڪن ٿيون
۽ جڏهن اسين
يادن کي چکڻ چاهيون ٿا
ته سوچون
ڏنگي وجهن ٿيون

سچ جي ساخت

اي گيليلو
تون جيڪو زهر نه پيتو
سو منهنجي
مس ڪپڙيءَ ۾ آهي
مون ڪاغذن تي سچ لکي
سڀ لفظ ماري وڌا

اميدن جا بلب

مون اڳيان راهه ۾
روشن هيا
ڪيترائي مختلف رنگن وارا
اميدن جا بلب
بلب وسامي رهيا هيا
۽ ٻري رهيا هيا
ڳاڙها ساوا
اڇا هيڊا
واڱڻائي نيرا
مون ڪنڌ ورائي
پوئتي ڏٺو
هڪ ڪارو بلب
وسامي رهيو هيو
الائي
ٻري رهيو هيو

انسان جو حافظو

انسان جو حافظو
چار ڏينهن آهي

پهرين ڏينهن
“هائي هائي”

ٻئي ڏينهن
“هئي هئي”

ٽئين ڏينهن
“هو هو”

چوٿين ڏينهن
“ها ها”

پينسل ۽ سانچو

زندگيءَ جهڙي
ست انچ ڊگهي پينسل
روزگار جي
اڌ انچ سانچي ۾ رڳڙجي
ختم ٿي وئي

محنت جي سلي ۾
پينسل سان ليڪيل
رڳا عڪس ئي عڪس هيا
افسوس
انهن عڪسن کي ميسارڻ لاءِ
ڀرسان پيل
وقت جي هڪ انچ جو رٻڙ
ڪافي هيو

نئون ڏينهن

هر ڏينهن
تازي ڄاول ٻار جيان
پاڪ هوندو آهي
اميدن سان ڀريل
خوشين سان ڀريل
گناهن کان پاڪ
خطائن کان پاڪ
پوءِ اسين ڏينهن کي
خراب ڪندا آهيون
پنهنجين مايوسين سان
ڪوتاهين سان

سڀاڻي وري
هڪ نئون ڏينهن ڄمڻ وارو آهي
ڇا اها
خوشيءَ جي ڳالهه نه آهي
ته اهو ڏينهن
تازي ڄاول ٻار جيان
پاڪ هوندو

اڪيلائيءَ جي ساخت

اي سانت
ڪمري ۾ اچ
۽ لفظ ميڙي وڃ
لفظ جيڪي
ڪمري ۾ ڦهليل شين تي
گهمن ٿا

اچ ۽
اکرن جي لڪيرن
لفظن جي ٽٻڪن کي صاف ڪر

اي سانت مون مٿان
منهنجو نالو ميسار
جيئن مٽجي وڃان
۽ ڪمرو صاف ٿي وڃي

سوچون آزاد آهن

رنگ هڻو
داغ نه هڻو
بم هڻو
دماغ نه هڻو

مڙهيو نه فڪر کي
ماڻهن مٿان
جو ماڻهو مري
ماڻهوءَ مٿان

ڀريو نه هاڻي
ڪا دماغن ۾ هوا
نفرت جو آهي
نه درمل نه دوا

ڇڏيو ڇڏيو
انسان کي آزاد ڇڏيو
سڏيو سڏيو
انسان کي آزاد سڏيو


بند ڪيو بند ڪيو
اها سوچن جي بمباري
اها غلاميءَ جي وچڙندڙ
وائرس بيماري

اسان لئي اسان جا
دماغ ئي ڪافي
اسان جي شفا
۽ اسان جا شافي

ڪتابن جي عالمي ڏينهن تي دعا

اي رب حياتي ڏي
جيئن دنيا جا سڀ ڪتاب
پڙهي وٺان
ڇو جو حياتي گهٽ آهي
۽ ڪتاب گهڻا
جيڪڏهن دعا قبول پوي
ته امر ٿي ويندس
ڇو جو
منهنجو ايمان آهي
ڪائنات کٽي ويندي
ڪتاب ڪڏهن نه کٽندا

عمارتن جو جهنگ

شهر ۾
وڃائجي ويل پکيءَ
ماڻهوءَ کان
جهنگ جو رستو پڇيو
ماڻهوءَ چيو
“اي پکي
شهر کان وڏو جهنگ
ڪهڙو آهي؟”

وسري ويل بادشاهه جي ٽڪلي

منهنجي ذهن ۾ آهن
ڳاڙهي ڪپڙي ۾ ويڙهيل
ڪاغذن جون ڳٺڙيون
مان ڳٺڙين جون ڳنڍيون
کوليان ٿو
۽ بند ڪيان ٿو
وڃائجي ويل
زندگيءَ جو دستاويز ڳولهڻ لاءِ
جنهن دستاويز تي لڳل آهي
وقت جي وسري ويل
ڪنهن بادشاهه جي ٽڪلي

اڄ ۽ رڃ

تو اڳيان رڃ
رڃ نه آهي
ڇو جو توکي
اڄ نه آهي

ٻه وڻ

انساني جسم ۾
ٻه وڻ آهن
هڪڙو زندگيءَ جو وڻ
جيڪو شريان (Artries) جو آهي
ان جون پاڙون
دل ۾ کپيل آهن

ٻيو ڏاهپ جو وڻ
جيڪو نسن (Nerves) جو آهي
جنهن جون پاڙون
دماغ ۾ کپيل آهن

انهن وڻن جا ڏار
جسم ۾ڦهليل آهن
جن ۾ زندگيءَ جا پن
۽ اميدن جا گل ڦٽن ٿا



(مرڪزي خيال ورتل)

مذهب ۽ سائنس

مذهب
اهڙو جواب آهي
جنهن جو ڪو
سوال نه آهي

سائنس
اهڙو سوال آهي
جنهن جو ڪو
جواب نه آهي

روميءَ جو ترجمو ٿيل

روح هڪ آهي
جسم هزار آهن
هرڪو ائين چوي ٿو
“مان، مان آهيان.”
پر
ڪو ائين نه ٿو چوي
“مان، تون آهيان”

آس ۽ نراس

آس ۽ نراس
هڪ سڪي جا
ٻه پاسا آهن

ڪنهن ان آس ۾
جهاز ٺاهيو ته
اهو آسمان ۾ اڏرندو

ڪنهن ان نراس ۾
پيرا شوٽ ٺاهي ته
جهاز تباهه ٿيندو ۽
پيراشوٽ ڪم ايندي




(مرڪزي خيال ورتل)

ڏات

ڪڏهن اکر اوکا
پري لفظن لام
ڪڏهن جملا جام
ڪڏهن سٽ نه سرجي

ڏاهپ جو پنڌ

جبل تي
چڙهڻ کان اڳ
واديءَ مان
گذرڻو پوي ٿو
وادي سمجهه جو
پنڌ آهي ۽ جبل
سمجهه جو مقام

دردن جو ڪاروبار

اي سکن جا سرمائيدار
دردن جا وياج خور
جيڪر مان
ڏهه ڏک تو وٽ
گروي رکي
هڪ خوشي
اوڌر وٺي سگهان

آهون آهون

هيکل من، رات انڌيري
آهي اندر ۾ اڻ تڻ اڻ تڻ

وڄ کلي ٿي، بادل روئن
ڌرتي ڳوڙها، ڪڻ ڪڻ ڪڻ ڪڻ

واءُ اتر جي، پن ڏڪن ٿا
وحشت ٻولي، وڻ وڻ وڻ وڻ

پتو پتو، لڙڪ ڪرن ٿا
زرد موسم جي ڇڻ ڇڻ ڇڻ ڇڻ

ويران واٽون، اچ اوسيئڙو
هر گهڙي آ، ڳڻ ڳڻ ڳڻ ڳڻ

اندر اسان جو آهون آهون
در اسان وٽ، گهڻ گهڻ گهڻ گهڻ

چنڊ چمي ٿو، رات ڳورهاري
ڀل ستارا، ڄڻ ڄڻ ڄڻ ڄڻ

سانت جي رڙ

شور جي خاموشيءَ ۾
آواز
اڏري ويا

لفظ
ڦاٽي پيا
سانت جي رڙ ۾
زبان ٻوڙي ٿي
ڪن گونگا ٿيا

اپاهجن جي دنيا

ڀڳل ٻانهن واري
ڪرسيءَ تي ويهي
ڪو منڊو ماڻهو
ڪنهن ڪاڻي جي
انڌي اک ۾ پيل
ڪک ڳولهي رهيو هيو
ڪک ڪنهن گونگي جيان لڪيل هيو
ان ڪک کي ٻاهر ائين ڪڍيو
جيئن ٻوڙي کي ڪن کان
پڪڙي ٻاهر ڪڍيو هجي

اچو اکيون بند ڪري مئلن جي تعريف ڪيون

هو سٺو هيو
ڇو جو مرڻ وقت
سندس ٻئي اکيون
بند هيون

هوءَ سٺي هئي
ڇو جو مرڻ وقت
سندس ٻئي اکيون
کليل هيون

هو خراب نه هيو
ڇو جو مرڻ وقت
سندس کٻي اک بند ۽
سڄي اک کليل هئي

هوءَ خراب نه هئي
ڇو جو مرڻ وقت
سندس سڄي اک بند ۽
کٻي اک کليل هئي

هو دل جا کوٽا نه هيا
ڇو جو مرڻ وقت
کين اکين تي
پٽي ٻڌل هئي

شل نصيب ٿئي

شل ڏسان انگورن ۽ مورن جا خواب
مون کي مڌ پيئڻ ۽ نچڻ نصيب ٿئي

مدهوشي، آوارگي ۽ ويران راهون
ياد جو پوڻ ۽ نچڻ نصيب ٿئي

چپن جي ٿڌ ۽ پوهه جو پارو
مچ جو مچڻ ۽ نچڻ نصيب ٿئي

اکين جو خمار، سرمستي ۽ موج
ننڊ جو اچڻ ۽ نچڻ نصيب ٿئي

يادن جو دونهون ۽ تصور جي باهه
پيار ۾ پچڻ ۽ نچڻ نصيب ٿئي

تنهنجون اکيون ۽ منهنجي ديد
ڏسڻ سان مرڻ ۽ نچڻ نصيب ٿئي

بوتل جي ڳچي ۽ محبوب جي چيلهه
هٿن ۾ هجڻ ۽ نچڻ نصيب ٿئي

حياتيءَ جو توهم

هن وٽ
پراڻو پينڊيولم وارو
گهڙيال آهي
جيڪو چاٻيءَ تي هلندو آهي
هو گهڙيال جي دري کولي
چاٻي ڏئي
کاڌو ان ۾ رکندو آهي
وقت کاڌي ۾ جذب ٿي
سندس حياتيءَ ۾
اضافو ڪندو آهي

ٽهڪ

جيڪا وقت ۽ مون
اک ٻوٽ کيڏي
اها راند جاري آهي
مان لڪيس
وقت ڳولهيو
ڳولهي نه سگهيو
ان هار مڃي
پوءِ مان ٻاهر نڪري
ان سامهون آيس
۽ ٽهڪ ڏنا

هاڻي وقت لڪيل آهي
مان ڳولهيان ٿو
ڳولهي نه سگهيس
هار مڃي
انتظار آهي
وقت ڪڏهن ٿو سامهون اچي
ٽهڪ ڏي

تون ڪتاب آهين

توکي سنڀالڻ ائين آهي
جيئن پراڻي ڦاٽل ڪتاب جا
ورق سنڀالڻ
جيئن ورق وڃائجي
ڪتاب کي
بي معنا ڪري سگهي ٿو
ائين تنهنجو وجود وڃائجي
منهنجو مفهوم
بدلائي سگهي ٿو

نرواڻ

دل
وجود جو ٻج آهي
ڦٽي تنهنجو وڻ ٿيندس
۽
وري تنهنجي وڻ ۾
ٻج

وقت ۽ انصاف

هاڻي هاڻي
عدالت ثابت ڪيو آهي ته
عيسوي سن غلط آهي
هلندڙ وقت جي تاريخ کان
عيسا ويهه سال پوءِ مصلوب ٿيو
انڪري اسان جي عمر
ويهه سال ننڍي ٿي چڪي آهي
ججن حڪم ڪيو آهي ته
گذريل ويهن سالن ۾
جيڪي مري چڪا آهن
انهن کي جيئرو ڪيو وڃي
جيڪي ڄاوا آهن
انهن کي واپس موڪليو وڃي

پر ويهه سال پهريون
اهي پاڻ به جج نه هيا
مقدمو هلائڻ لاءِ
مئل ججن کي
جيئرو ڪرڻو پوندو

تنهنجي حافظي ۾

تنهنجي حافظي ۾
ڪيئن هوندس؟
اڌ ڊٿل هوندس
اڌ ٺهيل هوندس
ڪٻاڙ خاني جي ڪنڊ ۾
ائين بي جان پيل هوندس
جيئن پلاسٽڪ جو پراڻو
مرڪندڙ گڏو
ڪو زنگ لڳل زنجير
ڪو اوزار مڏو
فائونٽين پين سان لکيل
مينهن جي بوندن سان ميساريل
وهي ويل، مس جي ڳوڙهن جيان
خشڪ ٿيل تخليق جو نشان
ڪو بي مقصد ويچار
ڪو لفظن جو زيان
ٽمڪندو هوندس
اجهامندو هوندس
ان ستاري جيان
جيڪو ڪهڪشائن ۾
ڳڻيو نه ويو آهي
فنا ٿئي ته
عرش کان ڄڻيو نه ويو آهي
پر شايد تنهنجي تصور جي اوندهه ۾
يادن جي ٺريل باهه ۾
چڻنگ جيان دکندو هوندس
وسامندو هوندس
ٻرندو هوندس

رواني ٿيڻ کان اڳ

رواني ٿيڻ کان اڳ
اڻ ويڙهيل بستري تي
رهجي ويل چهري جا گهنج
چادر جا نه هيا
اڌ وهاڻي جي آلاڻ جو سبب
ڳوڙها نه هيا
پڇتاءُ هيو
جيڪو اڪيلائي جي ڀاڪر ۾
برف جيان رجي ويو

رواني ٿيڻ کان اڳ
موڪلائڻو هيو
پنهنجين اکين کان
هڪ ڀاڪر ڀتين کي پائڻو هيو
لاهي رکڻو هيو خالي فريم
جنهن ۾ رهندو هيس

رواني ٿيڻ کان اڳ
ڏسڻو هيو ان واچ ۾ وقت
جيڪا پنجاهه سال اڳتي هئي
پر آئون ويهه سال
پوئتي رهجي ويس

رواني ٿيڻ کان اڳ
رستي تان ويڙهڻا هيا
وکريل وجود جا ورق
مون زندگيءَ جو پراڻو ڪتاب
ڪڏهن احتياط سان نه اٿلايو

رواني ٿيڻ کان اڳ
گريبان جو بٽڻ ٽاڪڻو هيو
تنهنجي زلف جي ڌاڳي سان
بيشڪ فقير جو هٿيار
ٽوپي ڏيڻ واري سئي آهي

امرتا

جيڪڏهن مرڻ کان پوءِ
منهنجون اکيون اتي دفن ٿين
جتي هوءَ رني ۽ نرگس جا ڦول ڦٽيا

ڪَنَ اتي دفن ٿين
جتي آوازن جي رُڃ ۾
سندس چَپَ ڀٽڪيا

نڪ اتي دفن ٿئي
جتي سندس ساهه
يادن جا گُل بڻيا

زبان اتي دفن ٿئي
جتي کيس ذائقا چکي
امر ٿيا

آڱريون اتي دفن ٿين
جتي سرءُ جي واءُ
سندس ڳل ڇُهيا

ته پوءِ هوءَ منهنجن
پنجن حواسن ۾ جيئري رهندي
۽ مان ڇهين حواس ۾

مُرڪ ۽ زندگي

جڏهن توسان ملي
مرڪندي نڪتس ته
رستن تي مرڪندو هلندو ويس

منهنجي مرڪ ڏسي
پوڙهي عورت سمجهيو
اڃان حسين آهي
۽ مرڪي ڪنڌ پري ڪيو

منهنجي مرڪ ڏسي
مسجد جي در تي بيٺل
ملان سوچيو
اڄ جمعي جي اجتماع ۾
مون واعظ سٺو ڪيو

منهجي مرڪ ڏسي
هڪ فقير ويجهو آيو
ان سوچيو
رحمدل آهي ۽ هٿ جهليو

منهنجي مرڪ ڏسي
پريان هڪ لطيفو ٻڌائيندڙ
اهو سوچيو ته
مون لطيفو ٻڌي ورتو

منهنجي مرڪ ڏسي
هجوم ۾ بيٺل هڪ ڳنڍي ڇوڙ
اهو سمجهي ڀڳو ته
مون کيس ڏسي ورتو

منهنجي مرڪ ڏسي
هڪ بخيل جو منهن
شايد حسد ۾ ڪاراٽجي ويو

منهنجي مرڪ ڏسي
هڪ بکايل ڊانول سمجهيو
۽ پنهنجي پيٽ تي
حسرت سان هٿ ڦيريو

پر توسان ملي مرڪندي نڪتس
ته رستن تي مرڪندو هلندو ويس
ڪنهن ڪيئن سمجهيو
ڪنهن ڪيئن سمجهيو

لاادراڪي (Agnostic)

اسر جو ملان اذان ڏئي ٿو
مان اٿي شعر لکان ٿو
اي رب معاف ڪجانءِ
ڪڏهن توکي مڃيو
ڪڏهن انڪار ڪيو
تون آهين ته مون کي
لاادراڪي جي ڏوهه ۾
جنت ۽ دوزخ جي وچ تي رکجانءِ
مان اتي ٻه وڻ پوکيندس
هڪ جو ڪؤڙو ميوو مان کائيندس
ٻئي جو مٺو ميوو
تون کائجانءِ

لهواريون

“انا” کي ڦيرايو
انا ئي هوندي

ڦيرائڻ سان “درد” جي معنيٰ
بدلجي نه ويندي

“پاپ” پاپ ئي هوندو آهي
ڦيرائڻ سان ثواب نه ٿيندو
معنائون نه بدلايو
“سادا” ماڻهو
“اداس“ ٿي ويندا

نظم

ڏينهن کي جيئري رکڻ لاءِ
نظم لکڻ ضرروي آهي

صبح ٿيو
روشني پکڙجي وئي
هن انڌارن جي دنيا ۾
روشني رُڃ آهي
جنهن سهڪائي ماريو

منجهند جي تيز اُس
جسم ٻه اڌ ڪيو
منهنجو وجود اولهه
۽ پاڇو اوڀر ٿي ويو

رات آئي
هڪ بي مقصد ڏينهن
اوندهه ۾ دفن ٿي ويو

ڏينهن جي مرڻ جو سبب
منهنجو نظم لکڻ نه هيو

هاڻي

هاڻي پيار متاثر نه ٿو ڪري
پيار لامحدود ملڪ هيو
جنهن جي سرحدن کي ڳولهي لڌو
۽ جلاوطن ٿيس

هاڻي حسن متاثر نه ٿو ڪري
حسن فلسفي جو ويس پائي
سونهن جي نمڪين ذائقي سان
وجود ۾ وڃي خارج ٿي چڪو

هاڻي ادب متاثر نه ٿو ڪري
سڀ تجريدون، علامتن ۾ ڍلجي
سريئلزم جي خوابن ۾
سحر انگيزيءَ جو روپ ڌاري
وجود وڃائي ويٺيون

هاڻي خوشبوءِ متاثر نه ٿي ڪري
بي نفس دنيا ۾
حواسن جو ناس پتو
بدحواسيءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويو

هاڻي هو متاثر نه ٿو ڪري
شايد هُو هيو ئي ڪونه
هو وهم هيو
هو گمان هيو
هو آٿتا هيو يا پليسبو

گمان

مان پنهنجي موت تي
پاڻ سان تعزيت ڪرڻ
تڏي تي پهتس ته
اڪيلو سامهون ويٺل هيس

مون تعزيت ڪئي ته
سامهون ويٺل نظم ٻڌايو
“مان پهاڙن پويان لهندڙ
اڌ نارنگي سج کي ڏسي
چيلهه تائين پورجي ويندو آهيان
رات ٿيندي آهي ته
چنڊ سان نڪرندو آهيان
افسوس ان رات چنڊ نه نڪتو
۽ ڌرتيءَ ۾ دفن ٿي ويس”

پوءِ دعا پڙهڻ قبر تي وياسين
هن وڇوڙي جو مرثيو پڙهيو
۽ مون بيوفائي جو نوحو
رواني ٿيڻ وقت
مون ڪنڌ ورائي سوچيو
اها قبر ڪنهن جي هئي؟