شاعري

اک نماڻي ڪجل سُڏڪا

”اک نماڻي ڪجل سُڏڪا“ علي عاجز شر جي شاعراڻن موضوعن ۽ سنڌي جديد غزل جي بي پناھ فني ۽ فڪري خوبين جو خاصو خزانو پڻ آھي، جنھن جي الڳ چمڪ ۽ پائيداري آھي. علي عاجز نہ رڳو پراڻن غزليہ موضوعن کي نئين رنگ سان نھاريو آھي بلڪہ عزل جا نوان سِٽاءَ ۽ رديف بہ پيش ڪري سنڌي جديد غزل پڙھڻ جي عشاقن لاءِ سوکڙي آندي آھي.

Title Cover of book اک نماڻي ڪجل سُڏڪا

سنڌ سلامت پاران:

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران اڀرندڙ شاعر علي عاجز شر  جو شعري مجموعو ”اک نماڻي ڪجل سُڏڪا“  اوهان اڳيان حاضر آهي. 
”اک نماڻي ڪجل سُڏڪا“ علي عاجز شر جي شاعراڻن موضوعن ۽ سنڌي جديد غزل جي بي پناھ فني ۽ فڪري خوبين جو خاصو خزانو پڻ آھي، جنھن جي الڳ چمڪ ۽ پائيداري آھي. علي عاجز نہ رڳو پراڻن غزليہ موضوعن کي نئين رنگ سان نھاريو آھي بلڪہ عزل جا نوان سِٽاءَ ۽ رديف بہ پيش ڪري سنڌي جديد غزل پڙھڻ جي عشاقن لاءِ سوکڙي آندي آھي.
ھي ڪتاب 2018ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنمبر پاران ڇپايو ويو.. ٿورائتا آھيون علي عاجز شر جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ رکڻ جي اجازت ڏني ۽ مھربانيون سعيد سومري جون جنھن پي ڊي ايف ڪاپي موڪلي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com