
سنسار وڏو منڊ آ
ھن ڪتاب ۾ گيت، غزل، نظم، آزاد نظم، وايون، پنجڪڙا، ترائيل، بيت ۽ ڏيڍوڻا شامل آھن. مارو جمالي رومانس ۽ فطرت جو شاعر آھي. سندس شاعريءَ ۾ توھان کي سُکن جو ذڪر بہ ملندو تہ ڏکن جو بہ، ڌرتيءَ جو ذڪر بہ ملندو تہ سَرتيءَ جو بہ، سندس شاعريءَ ۾ ڪجه ڳوڙھا بہ آھن تہ مُرڪون ۽ ٽھڪ بہ، سونھن سان شناسائي بہ اٿس تہ اوسيئڙي سان ھم نوائي بہ.