شاعري

ڳوڙھن ڳاڙھو ويس

ھن ڪتاب  ۾ وايون، پنجڪڙا، غزل ۽ نظم شامل آھن. تاج بلوچ لکي ٿو: ”جعفر جاني پنھنجي وجداني ۽ تخليقي تجربي سان مجموعي طور پنھنجي ادبي عھد کي متاثر ڪيو آھي. ھن انقلاب ۽ رومانس جي اجتماعي شعور سان، پنھنجي تخليقي عمل ۾ اھو ڪجه ڏنو آھي، جيڪو عالمي يا ملڪي سطح جي مختلف قلمڪارن رضاڪارانہ طور ڏنو آھي. ھو پبلڪ رليشننگ جو شاعر ناھي بلڪہ گدائي ۽ نياز ھمايوني جيان عوامي شاعر آھي. نئين ٽھيءَ ۾ جعفر جاني معتبر شاعر آھي، جنھن نئين عھد يا تخليقي مزاج موجب ڊڪشن ۽ ووڪيبلرٽيءَ جو تُز ۽ اثرائتو استعمال ڪيو آھي. “

  • 0/5.0
  • 10
  • 1
  • 2 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book ڳوڙھن ڳاڙھو ويس
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر جعفر جانيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڳوڙھن ڳاڙھو ويس“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن ۾ وايون، پنجڪڙا، غزل ۽ نظم شامل آھن. تاج بلوچ لکي ٿو:
”جعفر جاني پنھنجي وجداني ۽ تخليقي تجربي سان مجموعي طور پنھنجي ادبي عھد کي متاثر ڪيو آھي. ھن انقلاب ۽ رومانس جي اجتماعي شعور سان، پنھنجي تخليقي عمل ۾ اھو ڪجه ڏنو آھي، جيڪو عالمي يا ملڪي سطح جي مختلف قلمڪارن رضاڪارانہ طور ڏنو آھي. ھو پبلڪ رليشننگ جو شاعر ناھي بلڪہ گدائي ۽ نياز ھمايوني جيان عوامي شاعر آھي. نئين ٽھيءَ ۾ جعفر جاني معتبر شاعر آھي، جنھن نئين عھد يا تخليقي مزاج موجب ڊڪشن ۽ ووڪيبلرٽيءَ جو تُز ۽ اثرائتو استعمال ڪيو آھي. “
ھي ڪتاب 2011ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ٺل پاران ماھوار سوجهري، ڪراچيءَ جي سھڪار سان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي جعفر جانيءَ جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف جعفر جاني
  • ڇپيو ويو 2011
  • ڇپائيندڙ سنڌي ادبي سنگت، ٺل
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 1 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون