ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 48
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book گلدستو

ڪتاب جا حق ۽ واسطا

ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪا وٽ محفوظ آهن.

ڪتاب جو نالو: گلدستو
موضوع: مضمون نويسي
ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ 2766564-0333
ڪمپوزنگ: جميل پيرزادو 6078034-0344
ٽائيٽل ڊيزائين: امين سولنگي 3020869-0315
تعداد: هڪ هزار (1000)
ڇپائيندڙ: انور خان ڏيپلائي ميمڻ
پبلشر: محمد موسيٰ ڏيپلائي اڪيڊمي حيدرآباد
ڇپيندڙ: ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي 0300-0815982
قيمت: 400 رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

اسٽاڪسٽ

ماسٽر اينڊ ماسٽرز (ميريز گرلز اسڪول جي سامهون)، ڀٽائي بُڪ هائوس، محمد علي بُڪ هائوس، فيضان بُڪ هائوس، پاڪستان بڪ هائوس، ڪاٺياواڙ، ڪراچي، فريدي بُڪ هائوس ڪراچي، يونيورسل بُڪ ڊيپو، ڪنگ پن هائوس (پريس ڪلب حيدرآباد)، ڀاڻومل ويجهو دائودپوٽه لائبريري سنڌ ميوزيم حيدرآباد، سنهري بُڪ لينڊ حيدرآباد، ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي، اسٽار فوٽواسٽيٽ ويجهو خير ايجنسي قاسم آباد.
نوٽ: ڪتاب نه ملڻ جي صورت ۾ هيٺين نمبرن تي رابطو ڪيو
2707678-0333 / 2766564-0333

ارپنا

ارپيان ٿي، پنهنجو هيءُ محنت ۽ مشقت وارو دِل گهريو پورهيو پنهنجي انهي پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي، جيڪي منهنجون تحريرون ذوق ۽ شوق سان پڙهن ٿا، مون کي ايس ايم ايس ڪن ٿا. فونون ڪري پڇن ٿا ته، “مئڊم توهان جو ايندڙ ڪتاب ڪهڙو آهي ۽ ڪڏهن ايندو؟ اسان کي انتظار آهي.” جيستائين منهنجي پڙهڻ وارن جو اُتساهه قائم آهي، آئون انشاء الله تعاليٰ لکندي رهنديس. خدا پاڪ شال انهن کي پنهنجي علمي ۽ ادبي سفر ۾ ڪاميابيون عطا ڪري.
۽ ارپيان ٿي هيءُ ڪتاب انهن کي به، جن هميشه منهنجي هن علمي مشن ۾ رُڪاوٽون وڌيون آهن ۽ مون کي لکڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي ٻيا نه، پر اسان جا پنهنجا عالم ۽ استاد آهن. خدا پاڪ کين هدايت ڏئي، آئون شاهه صاحب چواڻيءَ ته،
جبل ماري جَکَ، جو اوڏو اچي آريچن کي،
توڻي لَڪَن لَکَ، سڀ لنگهنديس سِڪَ سين.

(5-8 ديسي)

جانِبَ! تُون جيڏو، آهين شانَ شعورَ سين،
مون تي ڪَرِ منهنجا پرين، توهه تُسي تيڏو،
ايءُ ڪامل!ڪَمُ ڪيڏو، جيئن نوازينيم نگاههَ سين.
(2-1 بروو سنڌي)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو مضمون نويسيءَ تي لکيل ڪتاب ”گلدستو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جيڪو علمي، ادبي، اخلاقي، اصلاحي، سماجي ۽ لطيفي مضمونن جو گلدستو آھي ۽ پي سي ايس جي امتحانن ۽ هائر ڪلاسن لاءِ ڪارآمد آھي.
ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2016ع ۾ ٻيو ڇاپو 2019ع ۾ محمد محمد موسىٰ ڏيپلائي ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون پروين موسيٰ ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي لکيل مضمونن جو مجموعو، “گلدستو” جي عنوان سان هڪ مسودي جي شڪل ۾ منهنجي سامهون آهي.
هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ هن منهنجي چونڊ ڇو ڪئي؟ ان جو جواب ته هوءَ پاڻ ئي بهتر ڏئي سگهي ٿي پر مان پاڻ کي خوشقسمت ٿي ڀانيان ته اسان جي نوجوان نسل اڳيان ان بهاني منهنجي تحرير به گذرندي، ان موقعي فراهم ڪرڻ لاءِ مان پروين موسيٰ جي ٿورائتي آهيان.
ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا “مضمون نويسيءَ جو تعارف”، “سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي” ۽ “نصاب ۾ مضمون نويسي جي اهميت” جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بهترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي.
هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پهاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقه موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن، مضمونن جو هيءُ مجموعو، پيار جو پورهيو ۽ تحقيقي ڪم جو هڪ سهڻو مثال آهي پر هتي وضاحت ان ڳالهه جي ڪرڻي آهي ته مضمون نگاري آهي ڇا؟ اهو محض ڪنهن به موضوع تي ڪنهن شخص جو مخصوص اظهارِ بيان آهي، يا وري مضمون نگاريءَ لاءِ ڪي بنيادي اصول به متعين ڪيل آهن.
ڪنهن به موضوع تي قلم کڻڻ سان لکندڙ جي ذهن ۾ جيڪا به سوچ اچي ٿي، تنهن کي هڪ متوازن طريقي، مخصوص نهج سان موضوع تي قائم رهندي، پنهنجي ذاتي راءِ ۽ استدلال سان سينگاري پڙهندڙن آڏو رکڻ کي ئي “مضمون نگاري” چئجي ٿو، مضمون نويسيءَ جي خصوصيت اها آهي ته ان جو سرجيندڙ ان ۾ پنهنجي راءِ ضرور شامل ڪري ٿو، جيستائين هو ائين نه ٿو ڪري، تيستائين ڪنهن به مضمون کي لکندڙ جي ذاتي راءِ جو مظهر تسليم نٿو ڪري سگهجي.
هتي اها حقيقت به ذهن نشين ڪرڻ جهڙي آهي ته مضمون سرجڻ ۾، سندس تخليقڪار جي شخصيت جي وڏي اهميت آهي، ڇو ته هر تحرير پنهنجي سرجڻهار جي شخصيت جو عڪس ٿئي ٿي، پروين موسيٰ جي هن ڪتاب مان سندس نيڪ نيتي، شاگردن لاءِ محبت ۽ محنت نمايان آهي پر اها به خبر پوي ٿي ته سندس جو مطالعو، مشاهدو ۽ موضوع کي بيان ڪرڻ جي سگهه اعليٰ درجي جا آهن، مضمون جي هر هڪ عنوان کي هن تمام وڻندڙ نموني مثال ڏئي سهڻائيءَ سان سمجهايو آهي.
زيرِ مطالعه ڪتاب کي، هاڻي پڙهندڙ انهن سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ رکي پڙهندا ته يقيناً کين لاڀ ملندو، هيءُ ڪتاب ان ڪري به سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو ٿيندو، جو اسان وٽ مضمون نگار ته گهڻي تعداد ۾ موجود آهن ۽ سندن تحريرون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڳولهڻ سان ملي وينديون، پر ان سلسلي ۾ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ايترو گهڻو ناهي. ان ڪري ان سلسلي ۾ ورتل هر ڪوشش قابل تعريف آهي. ڊاڪٽر پروين موسيٰ پنهنجي هن ڪاوش لاءِ جس لهڻي. هوءَ پنهنجي تحرير ۽ گفتگو ۾ نهايت پرجوش ۽ سنجيده نظر اچي ٿي ۽ اڳتي به گهڻو ڪجهه لکڻ چاهي ٿي، ان لاءِ سندس همت افزائي ضروري آهي. اميد ته پڙهندڙ، خاص طور تي شاگرد هن ڪتاب مان گهڻو فائدو حاصل ڪندا.

مهتاب اڪبر راشدي
ڪراچي، سنڌ

ٻاريو اجهائين

پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مختلف موضوعن تي آڌاريل مضمونن جو مجموعو ضرور آهي، پر هن ڪتاب ۾ پروين جي ڪوشش اها به آهي ته پڙهڻ سان گڏ مضمون نويسيءَ جو هُنر به سکي وٺو، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي جي اول ترين ڄاڻايل خوبي اها آهي ته هيءُ ڪارائتن موضوعن تي علمي، ادبي، اخلاقي، اصلاحي ۽ تحقيقي مواد مهيا ڪري ٿو، پروين جو “ادبي مضمونن جو هيءُ مجموعو، جنهن ۾ جابجا اخلاقي، اصلاحي ۽ نصيحت جا موتي وکريل آهن. درسي ضرورت مطابق هوندي به هر عام ۽ خاص لاءِ ڪارائتو ٿيندو. جنهن ۾ ٻيا ڪافي متفرقه موضوع به شامل آهن، جن ۾ انساني جذبا، سوچون، اخلاقي قدر ۽ ڪيترائي دنياوي موضوع اچي وڃن ٿا.
پروين موسيٰ مضمون نويسيءَ کي Creative Writing سڏي ٿي، سندس هيءُ سڄو ڪتاب به هڪ اهڙو تخليقي عمل آهي، جنهن جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ جو بنياد تحقيقي هوندي به اهڙي خوبصورتيءَ سان ان جو تاڃي پيٽو اُڻيو ويو آهي، جو هر باب لڳي ٿو ته هڪ اهڙو مضمون آهي، جيڪو تخليقي عمل جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو آهي. پر پروين موسيٰ ڪيترن ئي پڙهيل ڪتابن جو نچوڙ پنهنجي تخليقي عمل سان پيش ڪيو آهي. پروين موسيٰ جو هيءُ وکر ادبي، علمي ۽ موضوع جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اهم ڪتاب آهي.
پروين موسيٰ جي اهڙن ڪتابن جو لکڻ، سندس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان بي انتها چاهه کي ظاهر ڪري ٿو. سندس اهو پنڌ ڪو سولو ناهي. خاص طرح هڪ خاتون جي اهڙي جاکوڙ لاءِ شاهه صاحب جي سٽن سان ئي اُن جي اُپٽار ڪري سگهجي ٿي.
ٻاريو اُجهائين، پرين اُجاهيو ٻارين،
مون کي ٿا مارين، لُئا لهارين جا

پروين موسيٰ جي اندر مان نڪتل اونهي جذبي هيٺ لکيل سندس هي طبعزاد لکڻيون علم، ادب ۽ سکيا جي ميدان ۾ مستقل قدرن جون امين آهن.


حميد سنڌي

پُڇن سي پسن

ڀيڻ، ڊاڪٽر پروين موسيٰ جو فون آيو چيائين ته “ادا الطاف منهنجي ڪتابن ۾ ڪيترن وڏن ليکڪن جا مهاڳ لکيل آهن پر توهان جي لکيل ٻن اکرن جي وڏي ڪمي پئي محسوس ڪيان. مون کي هن ڪتاب تي لکي ڏيو، چيو مانس، ته “ادي ڪو سفر نامو وغيره آهي ڇا؟ ورندي ڏنائين ته “ادا سفر نامو ته ڪونهي پر جيڪڏهن لکان ته الائي توهان جهڙو سفر نامو لکي سگهنديس يا نه “مون چيومانس. نه ادي “توفهان بلڪل لکي ويندو” هيترا سارا ڪتاب لکيا اٿو ته سفر نامو به سٺو لکي ويندا. مون کي خوشي ٿيندي توهان سفر نامو ضرور لکنديون، مون همٿايو مانس.
پروين سان منهنجي پهرين ملاقات سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿي. ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊين فئڪلٽي آف آرٽس، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ مون کي گهرايو هو. پروين انهيءَ وقت ڊاڪٽر نور جي گائيڊينس ۾ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي هئي. هن مون کي پنهنجا ڇپيل ڪتاب گفٽ ڪيا ۽ مون کي خاص چيائين، ته، ادا الطاف!، انهي ۾ مون توهان جي ڪتابن تي تبصرا لکيا آهن. ضرور پڙهجو، ڏٺم ته پورو هڪ مڪمل باب ڏنل هو. جنهن ۾ “بندر بازاريون”، “سمونڊ جي سيوين”، “وايون وڻجارن جون”، “جت جر وهي ٿو جال”، دنگيءَ منجهه دريا، “ڪراچي کان لپڇمجيگم تائين” ۽ ٻين منهنجي ڪتابن تي هن واقعي اونهو analysis ڏنو هو. يونيورسٽيءَ واريءَ انهي ملاقات ۾ سڀن سان سٺي علمي ۽ ادبي ڪچهري ٿي. گڏ فوٽوز به نڪتا. پروين مون کي گهر اچڻ جي لاءِ به گهڻي قدر صلاح ڪئي. سندس گهر وارو انور خان انجنيئر آهي. هو به ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو آهي. سندس موجب ته “هو توهان سان ملاقات ڪري خوش ٿيندو” پر اتفاق ته وڃي ڪونه سگهيس. بهرحال فون تي هنن سان ڳالهائڻ ٿيندو رهي ٿو. سندس ڀاءُ اقبال احمد نيول ڪموڊور جي وفات آڪٽوبر 2015ع ۾ ٿي مون پنهنجي ڪتاب جو انتساب اقبال احمد جي نالي ڪيو آهي. هو ڏاڍو لائق ۽ محبتي ماڻهو هو.
آفتاب احمد سندس وڏو ڀاءُ اهي ساڻس منهنجي سٺي ملاقات رهي آهي. آفتاب پيٽارين پڻ آهي ته سي ايس ايس ڪري ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ ۾ ويو ۽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. سندس سڃاڻپ بيورو ڪريسيءَ کانسواءِ هڪ اديب ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ به آهي هُن جا گذريل چند سالن ۾ چار ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون ڳچ عرصي کان لکندو اچي.
هن ادب شناس ڪٽنب ۾ پروين مستقل پنجويهن سالن کان سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي لکندي پئي اچي، سندس ڪتاب دير سان ڇپجڻ شروع ٿيا. 2004ع ۾ پهريون ڪتاب “سنڌي ادب جو جائزو” شايع ٿيس. جو چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ۽ ڪميشن لاءِ پڙهندڙن کي ڏاڍو لاڀائتو ٿيو. هيستائين ڏهه کن ڪتاب ڇپجي چڪا اٿس جن جا موضوع تحقيق، تنقيد، سوانح مضمون نويسي، لطيف شناسي آهن ته ٻاراڻي ادب لاءِ پڻ ڪتاب ۽ مضمون لکيا اٿس. ڪيترن ئي ڪتابن تي کيس انعام ملي چڪا آهن.
موجوده ڪتاب گلدستو مضمون نويسيءَ جي مد ۾ سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت ماڻيندو. مون کي هنن مضمونن ۾ جيڪا خاص ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي اُها اها ته هن اهو ڪم وڏيءَ محنت، محبت، عقيدت ۽ دلجمئيءَ سان ڪيو اهي. جنهن لاءِ کيس جَس هجي. هوءَ درس وتدريس جي پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل آهي. قلم ۽ علم سان سندس ناتو ۽ ادب سان اهو محبت جو سفر جاري ۽ ساري آهي. اميد آهي ته پروين پنهنجو ادبي پورهيو جاري رکندي. رب پاڪ کيس وڏي حياتي تندرستيءَ صحت ڏئي سندس لاءِ شاهه لطيف جي بيت مطابق اهو چوندس ته:
پڇن سي پَسَنِ، جڏهن تڏهن پِرين کي
ڏورينديون ڏِسن، اڱڻ عَجيبَن جا.

(7-1 حسيني)

الطاف شيخ
ڪراچي

ڪاميابيءَ جي رکو ٿا آرزو

ڪاميابيءَ جي رکو ٿا آرزو،
آرزو سان گڏ وڌايو جستجو،
جُستجو سان خاص قرباني ملي ٿي،
“لن تنالوُا البرَ حَتيٰ تُنِفقوا.”

(استاد بخاري)

هر انسان جي زندگيءَ جو ڪونه ڪو مقصد ضرور هوندو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي هُو محنت ۽ جدوجهد ڪندو آهي. جڏهن ڪوبه فرد پنهنجي ذهني ۽ دِلي لاڙي مطابق پنهنجي زندگيءَ جو هڪ رستو چونڊي ٿو ته اڳيان هلي انهيءَ کي حاصل ڪرڻ جي خواهش سندس حياتيءَ جي اولين ترجيح هجي ٿي ۽ انهيءَ لاءِ ئي هو هر دم جستجو ڪندڙ ۽ ڪوشش ڪندڙ رهي ٿو ۽ چاهي ٿو ته کيس انهيءَ ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني نصيب ٿيئي. ۽ اها يقيناً تڏهن ملندي آهي جڏهن هُو پاڻ کي انهيءَ رستي ۾ وڇائي ڇڏيندو آهي. انساني حياتي هڪ امتحان طور آهي، جنهن ۾ محدود وقت ۾ لامحدود محنت ڪري پنهنجو نصب العين حاصل ڪرڻو آهي.
اڄ جو شاگرد مستقبل جو معمار آهي. هن مقابلي جي دور ۾ کيس وڏين تڪليفن مان گذرڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪري کيس گهرجي ته هو پاڻ ۾ اڳواڻيءَ واريون صلاحيتون پيدا ڪري. منجهس علمي صلاحيتون ۽ قربانيءَ جو جذبو هئڻ تمام ضروري آهي. هڪٻئي جي مدد، قوميت جو جذبو، مثبت سوچ، استادن ۽ وڏن جي عزت ۽ فرمانبرداريءَ جي بدولت عام شاگرد پڻ اوج تي پهچندا آهن.
نيڪ نيتي، وقت جي پابندي، محنت ۽ دُعائن سان مشڪلون آسان ٿين ٿيون. منهنجو پنهنجي هن ڪتاب معرفت پڙهندڙ شاگردن کي اهو پيغام آهي ته هُو همٿ، حوصلي ۽ اميد سان اڳيان وڌن، ڪڏهن به اهو نه سوچين ته قسمت ئي خراب آهي يا ڪنهن مدد ئي ڪانه ڪئي وغيره وغيره. توهان تي ڪابه مشڪل اچي، امتحان ۾ مارڪون گهٽ اچن يا خدانخواسته فيل ٿيو، توهان کي همٿ ناهي هارڻي. بقول شاعر ته:
اي رات جا راهي، همت ڪر،
صبح جو تارو ڏسجي ٿو،
سفر مشڪل ڪٽجي وَيو!
منزل مقصود حاصل ٿي سگهي ٿو.

هاڻي توهان کي هن ڪتاب جو تفصيل ڄاڻائڻ کان اڳ اهو ٻڌائڻ ضروري ٿي سمجهان ته مون پنهنجي ادبي سفر جي 27 سالن ۾ جيڪو ڪم شاگردن لاءِ ڪيو آهي. انهيءَ مون کي خوشي به گهڻي ڏني آهي ته مون کي پنهنجي شاگردن کان موٽ به سٺي ملي آهي. 1980ع کان وٺي ادبي ميدان ۾ ڪهاڻيون ۽ ڪجهه مضمون لکيم جي ڪجهه اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا پر مون کي اهو ڪڏهن به خيال نه آيو ته انهن کي سهيڙي مڪمل ڪتاب شايع ڪرايان. باقاعدي جيڪو منهنجو پهريون ڪتاب ڇپيو، سو روشني پبليڪيشن 2004ع ۾ ڇپايو ۽ اهو ڪتاب مون ٻن رجسٽرن جي صورت ۾ پنهنجي ڀاءُ راشد موسيٰ جي لاءِ PCS جي امتحان لاءِ لکيو هو ۽ هن امتحان پاس به ڪيو پر ڪئناڊا اميگريشن ٿيڻ سبب اوڏي هليو ويو ۽ مون کي خاص چيائين ته”آپا” انهيءَ کي ڪتابي صورت ۾ ضرور آڻجو. اهو ڪتاب “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات” جي عنوان سان مشهور ٿيو ۽ ٻارهن سالن تائين اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود هو. انهيءَ ڪتاب کي ڊاڪٽر الانا صاحب گهڻو واکاڻيو ۽ خاص طور مون کي ٽيليفون تي مبارڪباد ڏنائين ۽ منهنجي ٻئي ڪتاب “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس” جي مهاڳ ۾ لکيائين ته:
“پروين صاحبه جو پهريون ڪتاب “سنڌي ادب جو ادبي جائزو” معلوماتي ڪتاب آهي، جو سنڌي ادب جي اُستادن، شاگردن ۽ عام پڙهندڙن کان سواءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي طرفان ٿيندڙ چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن لاءِ هڪ بهترين ڪتاب طور پسند ڪيو ويو آهي.”
اتفاق سان انهيءَ ڪتاب جي ڪمپوزنگ محفوظ رهي نه سگهي ۽ ٻيو ڇاپو شايع ڪونه ٿيو. هاڻي وري انهيءَ کي وڌائي ۽ سنواري ٻيهر ڪمپوز ڪرائي آڻبو، بهرحال مون کي ڪاليج ۾ پڻ نين ايندڙ ليڪچررس کان خبر پوندي هئي ته اُهي منهنجو اِهُو ڪتاب پڙهي ڪميشن ۾ appear ٿيون ۽ سنڌيءَ جو ليڪچررشپ جو exam: پاس ڪيائون. سيد سهيل اڪبر شاهه سيڪريٽري ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ مون کي خط ۾ لکيو ته “توهان جي ڪتاب جي موجوده وقت گهڻي ضرورت هئي ۽ انهيءَ جو ڇپجڻ هڪ وقتائتو قدم آهي. توهان شاگردن جي ڀلائيءَ لاءِ اهم قدم کنيو آهي.”
اهڙين ٻين ڪيترين ٽيليفونس ۽ خطن مون ۾ لکڻ جواُتساهه وڌايو۽ مون ٻه ڪتاب “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس” ۽ “وکر سو وهاءِ” (مضمون نويسي) لکيا جيڪي هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، مونو گراف اينڊ ٽيڪسٽ بُڪ رائيٽنگ طور منظور ڪري HEC پاران 2008ع ۽ 2011ع ۾ شايع ڪيا. پر تحقيق اهي ڪتاب شاگردن تائين نه پهتا جو اهي هيڪ جي پاليسيءَ مطابق محدود مقدار ۾ ڇپيا ۽ ملڪ جي چند يونيورسٽين ۽ لائبريرين ۾ ويا پر مارڪيٽائيز نه ٿيا، پوءِ مون HEC کان تحريري اجازت نامو حاصل ڪري “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس” روشني پبليڪيشن کان2015ع ۾ شايع ڪرايو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ نثر جي صنفن ۽ اهم ادبي ۽ علمي ڪتابن جو تفصيلي تحقيقي ۽تنقيدي جائزو ڏنل آهي.
انهيءَ سان گڏ 2012ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي (سنڌي) ۾ ڊگري حاصل ڪيم، انهيءَ دوران پڻ منهنجا سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان پنج ڪتاب تيار ٿيا جي 2007ع، 2009ع جي عرصي ۾ شايع ٿيا.
2015ع ۾ سي ايس ايس جو نصاب تبديل ٿيو ۽ ائڊورٽائيز ڊان اخبار ۾ پڙهيم جا ائڊوانسڊ پبلشرز لاهور وارن طرفان هئي، کين سنڌيءَ جي 2015ع جي نئين نصاب مطابق ڪتاب گهربو هو، مون ساڻن ڳالهايو ۽ کين پنهنجا ڇپيل ڪتاب موڪليا جي کين گهڻو پسند آيا ۽ مون کي بار بار چيائون، ته توهان اسان کي ڪتاب لکي ڏيو، اسين جلدي شايع ڪنداسين جوامتحان ويجهو آهي. مون به همٿ ڪري کين ٻن ٽن مهينن ۾ ڪتاب لکي ڪمپوز ڪرائي Email ڪيو جو انهن واقعي جلدي شايع ڪيو. اهو ڪتاب، “سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو” جي عنوان سان آهي ۽ آئون سمجهان ٿي ته سنڌ ۾ موجوده وقت ڪو به اهڙو ڪتاب موجود ڪونهي جنهن ۾ ايڏو مواد هڪ اهم امتحان لاءِ هڪ هنڌ ڏنو ويو هجي. آئون پاڻ CSS Comex اڪيڊمي حيدرآباد ۾ سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندي آهيان ته اولڊ ڪيمپس ۾ پڻ يونيورسٽيءَ طرفان ٿيندڙ ڪلاسن ۾ معلوم ڪيم ته شاگردن وٽ اڄ ڪلهه منهنجو ڪتاب ئي پڙهايو وڃي پيو ۽ کين تمام سولائيءَ سان نصاب سمجهه ۾ اچي پيو. انهيءَ ڪتاب جو نئون ڇاپو اڃان به بهتر آڻبو ڪجهه ليکڪ ۽ ڪتاب ذڪر کان رهجي ويا هئا، جن تي به هاڻي ڪم مڪمل ڪيو آهي. اهڙن ليکڪن ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، انور ڪاڪا، نصير سومرو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر جبار جوڻيجو، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر ادل سومرو، ف.م. لاشاري، منگهارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ٻيا آهن، جن جو احوال مون پنهنجي 2016ع ۾ ڇپيل ڪتاب “پلئه پايو سچ” ۾ به ڏنو آهي، پر انشاء الله “سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو” جو ٻيو ڇاپو وڌيڪ اضافن سان هوندو.
هاڻي توهان کي موجوده ڪتاب جي باري ۾ ڄاڻ ڏيان ٿي. مان بنيادي طور مضمون نگار آهيان ۽ مضمون لکڻ پسند اٿم. انهيءَ ڪري هن ڪتاب کي گهڻي شوق سان تيار ڪيو اٿم. هن ڪتاب ۾ 60 کن مضمون آهن جن مان گهڻا اهي آهن جيڪي پي سي ايس ۽ ايم اي، جي امتحانن ۾ آيا آهن پر جيئن ته سنڌي زبان ۾ مضمون نويسيءَ تي ڪتابن جي اڻاٺ سبب شاگرد اڪثر مضمونن ۾ گهٽ مارڪون کڻن ٿا، خاص طور پي سي ايس ۾ ته 50 مارڪن جو هڪ مڪمل پيپر ئي مضمون متعلق آهي ته باقي جنرل سنڌي جي 100 مارڪن جي پيپر ۾ پڻ 20 مارڪن جو مضمون آهي. تنهن ڪري هن ڪتاب ۾ خاص طور پي سي ايس جي مضمونن جي موضوعن جو خيال ڪيو اٿم. ساڳيءَ ريت ايم اي سنڌيءَ جي فائينل ايئر ۾ هڪ پيپر سئو مارڪن جو فقط مضمون متعلق آهي. مضمون نويسي (creative writing) ڏکيو پر دلچسپ مشغلو آهي. جيڪڏهن شاگرد انهيءَ تي ٿوري توجهه ڏين ۽ شوق رکن ته اهو کين بلڪل مشڪل نه لڳندو. سڀ کان پهرين انهيءَ موضوع تي مڪمل معلومات هجڻ گهرجي. ۽ پوءِ ئي لکڻ شروع ڪجي. هن ڪتاب ۾ خاص طور 20 مضمون لطيف شناسيءَ جي باري ۾ آهن لطيف شناسيءَ جي ويهن مضمونن کان سواءِ ٻين مضمونن جا موضوع علمي، ادبي، سماجي، اخلاقي ۽ اصلاحي آهن. ڪي مضمون پهاڪن ۽ چوڻين جي حوالي سان به ڏنا اٿم، جيئن “سچ ته بيٺو نچ” “اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني” ۽ ٻيا ملڪ جون معاشي حالتون، سنڌ جا ڪي اهم مسئلا، سنڌ جي تهذيب تمدن هنر ۽ ثقافت جي اُپٽار، سان گڏ علم جي موضوع تي پڻ خاص طور قلم کنيو اٿم جو اهو ئي سنڌ جو توڙي پاڪستان جو اهم مسئلو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ٻٽي تعليمي معيار سبب شاگرد طبقو جنهن پريشانيءَ کي منهن ٿو ڏئي اهو فقط ۽ فقط اُهو پاڻ ٿو ڄاڻي ۽ سندس والدين ۽ ڪي دِل گهريا استاد پڻ سندن اهو درد دِل سان محسوس ڪن ٿا. جنهن ۾ آئون پڻ شامل آهيان. هن ڪتاب جا مضمون خاص طور امتحاني پيپرن جي حوالي سان آهن جن ۾ ڪيترن ئي سوالن جا جواب پڻ آهن، انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب هر پڙهندڙ جي لاءِ لاڀائتو ٿيندو.
منهنجو هن ڪتاب لکڻ جو خاص مقصد آهي ته پنهنجي شاگردن کي مضمون لکڻ جو ڏانءُ سيکاريان ۽ سندن لاءِ هيءُ ڪتاب ڪارائتو ٿئي. هُو پنهنجي امتحاني مرحلن ۾ بي حساب ڪاميابي ماڻين، منهنجون انهي لاءِ دِلي دعائون آهن ۽ خدا پاڪ منهنجي اها محنت ضرور صاب وجهندو. (آمين)

جا سنهو نه سِکِي، سا مَر رنڍائي روڙي،
سُٽ تنين جو سڦرو، وياترازيءَ توري،
ٿلهي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سان وڙُ ٿيو.
(سر ڪاپائتي 26-1)

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
A-03 ڏيپلائي ڪالوني، فيز II حيدرآباد
03332766564

مضمون ڇا آھي؟

مضمون ڇا آھي؟ ۽ سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي
مضمون نويسيءَ جي اھميت اجاگر ڪرڻ کان اڳ ۾ اھو ڄاڻڻ ضروري آھي ته مضمون ڇا آھي؟ ھڪ ليکڪ جي چوڻ مطابق:
“The Word Essay means an effort” لفظ Essai فرانسيسي زبان جو آھي. جنھن جي معنيٰ آھي “ڪوشش ڪرڻ” مضمون جي صنف کي عالمن ھن ريت واضح ڪيو آھي.
It is an effort, to express, the essayists intellectual, and emotional reaction to an idea.
عام طور مضمون ھڪ مناسب، ڊيگھه واري نثر جي تحرير آھي، جنھن ۾ ليکڪ ڪنھن به موضوع کي پنھنجي پسند ۽ مطالعي و مشاھدي سان بيان ڪندو آھي. جنھن ۾ موضوع بيشڪ تاريخي، سوانحي، سماجي، ادبي يا فلسفيانھ ھجي. پرمضمون نگار جي خيالن ۽ سوچن جو عڪس سندس تحرير ۾ چٽو ڏسبو آھي. سندس علمي ۽ ادبي قابليت سندس تحريرن مان بکندي آھي. حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جن “آفتاب ادب” ۾ مضمون نويسيءَ لاءِ لکن ٿا. “مضمون کي اردو ۾ انشا پردازي چوندا آھن. انشا پردازي مضمون نويسيءَ جي اھڙي قابليت ۽ لياقت کي چئبو آھي، جو صرف، نحو، فصاحت ۽بلاغت ۾ بلڪل ڪامل ۽ مڪمل ھجي. مضمون جنھن به مطلب لاءِ لکيل ھجي، ان جو ھر پھلو نظر ۾ رکجي، لفظ اھڙا ته ڪم آندل ھجن، جي ڪنن کي سريلا ۽ رسيلا لڳن ۽ زبان تي تڪڙا ۽ ھلڪا ھجن. بد آواز ۽ ڳرا لفظ ڪم نه آڻجن مضمون ھڪ گلدستي گاھه پيو ڄاڻجي، ته لفظ ان جا رنگين گل مضمون ڄڻ جوھريءَ جو دوڪان ھجي، ته لفظ ان جا جواھر ۽ ھيرا، مضمون آسمان ھجي، ته لفظ ان جا چمڪندڙ تارا، مضمون جيتريقدر رنگين ھجي، اوتريقدر شيرين. ٻولي بازاري نه ھجي بلڪ ادبي.” (“آفتاب ادب” صفحھ 117 ۽ 119).
ڏٺو وڃي ته دنيا جي سڀني ٻولين جي علم و ادب جي خزاني ۾ مضمون جي صنف جي تمام گھڻي اھميت رھي آھي، ۽ خاص طور ٻوليءَ ۽ لغت جي استعمال ۽ موضوع جي چٽائيءَ کي مضمون نويسي لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. ھڪ پرڏيھي ليکڪ مضمون کي ھن ريت سمجھايو آھي.
The Essay fills. So large place in modern literature and is so attractive a form of composition that attention must necessarily be given to it in any course of literary study.
مضمون جي صنف سکي ھوندي به ڏکي آھي، مضمون صرف ذاتيءَ راءِ جو اظھار نه آھي، ليکڪ جو فڪر ڪلام، مشاھدو، بياني قوت جو ڍنگ مضمون کي ھڪ ادبي حيثيت عطا ڪندا آھن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مطابق “مضمون ھڪ اھڙي ليک کي چئجي ٿو. جنھن ۾ ليکڪ نثر ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري ۽ خيالات ھڪ ئي موضوع سان لاڳاپيل ھجن، معنيٰ ته مضمون نويسيءَ جو تعلق سڌو سنئون نثر نويسيءَ سان آھي ۽ مضمون نگار لاءِ نثر نويسيءَ جي اصولن ۽ ڄاڻ جو مطالعو ضروري آھي ۽ گڏوگڏ سندس مطالعو ۽ مشاھدو به وسيع پئماني جو ھئڻ ضروري آھي. ته جيئن سندس موضوع جي گرفت مضبوط ھجي سنڌي نثر جي باري ۾ اوائلي ڪتاب جن جو تفصيلي مطالعو سنڌي نثر جي بينادي ڄاڻ جي خبر ڏئي ٿو. انھن ۾ “ھدايت الانشاءَ” ھڪ مشھور ڪتاب آھي.
“ھدايت الانشاءَ” ڪتاب ۾ حاجي ھدايت لله مشتاق (مٽياريءَ وارو) سنڌي نثر کي واضح ڪندي لکي ٿو تھ: “سڀ ڪنھن فن جي عبارت جو شان جدا آھي. جيستائين ان جا اصطلاح ۽ متعلق نه ڄاڻبا، تيسين تائين موچاري ڳالھه چئي نه سگھبي، اگرچ نثر جمال جي منھن کان سون وانگر آھي ۽ نظم حسن ۾ گوھر. سون ۽ گوھر ڌار به زينت ڪن ٿا. جڏھن پاڻ ۾ گڏبا ته ڪھڙو نه جنسار ڪندا”؟ (صفحو نمبر 6 “ھدايت الانشا”).
ھدايت الانشا ڪتاب نثر نويسيءَ ۽ خاص خطوط نويسيءَ جي موضوع تي لکيل آھي. جيڪو 1312ھجريءَ ۾ لکيو ويو. انشا پردازيءَ جي اصولن تي لکيل ھيءَ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ جلد ئي ناياب ٿي ويو. پنجن بابن ۽ چار سئو ٽيتاليھه صفحن جو ھي انشا پردازيءَ جي جواھرن جو چونڊيل ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ جي شعرن سان سجايل آھي. 1956ع ۾ غلام محمد شاھواڻي ۽ سيد باز محمد شاھ جي تعاون سان سنڌي ادبي بورڊ ھن ڪتاب کي ٻيھر ڇپايو.
مضمون نويسيءَ جي ارتقا ۽ دنياوي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات:
مضمون نويسيءَ جي صنف فرانس کان شروع ٿي، دنياوي ادب جو پھريون مضمون فرانسيسي اديب مان ٿيسز لکيو. لارڊ فرانسز بيڪن (1561-1626ع) بھترين فلسفيانھ مضمون 1577ع کان 1621ع تائين لکيا، جيڪي “بيڪنز ايسيز” سان مشھور ٿيا. اھو ڪتاب لارڊ بيڪن جي حياتيءَ ۾ به بار بار ڇپيو ۽ جنھن جي ڪري کيس “انگريزي افلاطون” ڪري سڏيو ويو اصل ڪتاب انگريزيءَ ۾ آھي ۽ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آھي. ھي ڪتاب مضمون نويسيءَ جي دنيا ۾ ھڪ انقلاب ثابت ٿيو. سنڌيءَ ۾ ھن جو ترجمو مرزا قليچ بيگ “مقالات الحڪمت” جي نالي سان ڪيو. جيڪو سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ به پھريون مضمونن جو مجموعو آھي. انگريزي ادب ۾ ڊرائيڊن، ايڊيسن، جانسن، گولڊ سمٿ، ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور مضمون نگار ٿي گذريا آھن ۽ ڪافي جڳ مشھور مضمون ۽ مضمونن جا مجموعا دنياوي ادب ۾ متعارف ٿيا. جيئن ڪارلائل جو ‘Past & Present’ رسڪن جو ‘Wild, Olive’ ليمب جو ‘Essay of Elia’ ۽ ميٿيو آرنلڊ جو ‘Culture and Anarchy’ ۽ ٻين ڪيترن مشھور و معروف مضمونن کي سنڌي عالمن ۽ اديبن مطالعو ڪيو ته کين سنڌي ادب ۾ ترجمي سان گڏ طبعزاد مضمون لکڻ جو خيال ٿيو. جنھن ۾ اردو ادب جي مضمون نويسي به اھم آھي. اردو ادب ۾ به مضمون نويسيءَ جي شروعات تقريبا 19 صديءَ جي اڌ ۾ ٿي سر سيد احمد خان (1817-1889ع) جا مضمون اردوءَ ۾ اوائلي مضمون نويسيءَ ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. سندن “تھذيب اخلاق” اردو انشا پردازيءَ ۾ پيڙھه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو. محمد حسين آزاد جو “نيرنگ خيال” ۾ مختلف ۽ منفرد طرز تحرير جا مضمون ملن ٿا. انھيءَ کان علاوه شروع دور ۾ عبدالحليم شر ۽ ڊاڪٽر وزير آغا جا مضمون انگريزي ادب جي گولڊ سمٿ ۽ ايڊيسن جي نموني وانگر لکيل آھن.
اردو ادب جي جن مضمون نگارن جو سنڌي علم و ادب تي اثر ٿيو تن جا نالا ھي آھن: علامھ سيد سليمان ندوي، خواجھ حسن نظامي، ڊپٽي نذير احمد، منشي پريم چند، مولوي عبدالحق، (باباءِ اردو) مرزا فرحت لله بيگ ۽ ڪجهه ٻيا ليکڪ اچي وڃن ٿا. انگريزي ۽ اردو کان سواءِ دنيا جي ٻين ٻولين جي مضمون نويسيءَ جو فن پڻ سنڌي ادب تي اثر انداز ٿيو. جيئن عربي فارسي، بنگالي، ھندي وغيره برصغير جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ مذھبي ڇڪتاڻ جي اثرن به موضوع جي لحاظ کان مضمون نويسيءَ تي پنھنجا اثر مرتب ڪيا، شروع دؤر جي اخلاقي ۽ ناصحانھ مضمونن کان پوءِ مختلف موضوعن جا مضمون لکيا ويا.

سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر ۽ سنڌي صحافت جو ساٿ
انگريزن جي دؤر ۾ جڏھن سنڌي الف ب ٺھي مڪمل ٿي ۽ جيئن ئي سنڌي ادب ڇپيل صورت ۾ آيو ته مضمون نويسيءَ جي صنف کي صحافت جي ساٿ سان تمام گھڻي ترقي ملي. انگريز عملدارن، سنڌي ۽ ھندو اديبن۽ عالمن جي گڏيل ڪاوشن سان ڪيترائي علمي ۽ ادبي فن پارا نه صرف ترجمو ٿيا بلڪ تخليق پڻ ٿيا. اھم ڪتابن جي ترجمن تي انعام پڻ آڇيا ويا. حڪومتي سرپرستيءَ سبب ليکڪن کي لکڻ جو اتساھه مليو. شروعاتي دؤر جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن “معين السلام” 1816ع، “سنڌ سڌار” 1866ع، “پرڀات” 1891ع، “جوت” 1894ع ۽ “سرسوتي” 1894ع “اخبار تعليم” 1902ع، “ڀارت واسي” 1905ع، “روح رھاڻ” 1920ع، “ھيت الامين” 1918ع، “الوحيد” 1920ع ۽ الجامع” رسالو حڪيم فتح محمد سيوھاڻي ۽ “بھار اخلاق” ۽ “مسلمان” محمد ھاشم مخلص جي رسالن ۽ اخبارن سنڌي مضمون نويسيءَ کي موثر نموني سان مٿي آندو. انھن اخبارن جا ايڊيٽر ۽ منتظم به ليکڪ ھئا تن ڪيترن ئي مضمونن کي مجموعن جي شڪل ۾ پڻ آندو جيئن سرسوتيءَ جا مضمون “ھيري جون ڪڻيون” ۽ جوت اخبار جا مضمون “گل ڦل” (ٻھ حصا)۾ شايع ٿيا. انھي کان سواءِ تحفئھ احباب، مسافر، معاون، آفتاب، نورالسلام، توحيد، الڪاشف، مسلمان اخبارن کانسواءِ بولچند راجپال جي “سنڌو” مخزن به مضمونن ۽ مقالن کي گھڻي ترقي ڏياري. ڊي جي ڪاليج جي “مسلني” مخزن جا ليکڪ چيتن ماڙيوالا، ڀمڀاڻي، ۽ رام پنجواڻي ھئا ته ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندڙ اھم ليکڪ ساڌو ھيرانند، پرمانند ميوارام، نارائڻ داس ملڪاڻي، ڪشچند عزيز، لالچند امر ڏنو مل، منوتولارام، ڄيٺمل پرسرام، منگھا رام ملڪاڻي، ديوان ڏيارام، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ٻيا شامل ھئا. جن مسلمان سنڌي اديبن، ھن ڏس ۾ قلم جون ڪاوشون سرانجام ڏنيون انھن ۾ مرزا قليچ بيگ، عثمان علي انصاري، خانبھادر محمد صديق ميمڻ، محمد ھاشم مخلص، عثمان ڏيپلائي، مولوي دين محمد وفائي، شمس الدين بلبل، حڪيم فتح محمد سيوھاڻي، علي خان ابڙو، شيخ عبدلله “عبد” ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو، پير علي محمد راشدي، محمد صديق “مسافر”، مير محمد نظاماڻي، مرزا صادق علي بيگ، الھبچايو يار محمد سمون، عطا حسين شاھه موسوي، ۽ ڪيترن جا نالا اچي وڃن ٿا. شروعاتي دؤر ۾ جيڪي مضمونن جا مجموعا مشھور ٿيا انھن ۾ “گل ڦل”، “ادبي ائينو”، “ادبي غنچو”، “ڳوٺاڻي چھر”، “سدا گلاب”، “ادبي گلشن” (ٽي ڀاڱا)، “ورق”، “درس عمل”، “ادبي انتخاب”، چڻنگون”، “ڦلن مٺ”، “ويچار”، اناردانھ”، “چونڊ سنڌي نثر، نظم” ۽ “ڪچ ڪوڏيون”، شامل آھن.

ورھاڱي کان پوءِ مضمون نويسيءَ جي ترقي:
ورھاڱي کان پوءِ ھن نثري صنف ڪينئن ترقيءَ جون منزلون ماڻيون. ڪافي موضوعن تي لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بنيا، پر ڇپيل مجموعن جو تعداد البت گھٽ رھيو، اھي جيڪڏھن ڪتابي صورت ۾ آندا وڃن ته نه صرف ھن ادبي صنف جو بھترين مواد ڪٺو ٿي وڃي بلڪ شاگردن ۽ محققن کي تحقيقي ڪم ۾ به سٺي مدد ملي. ورھاڱي کان پوءِ مضمونن جي موضوعن ۾ تمام گھڻي وسعت آئي تعليمي سوانحي، تاريخي، مذھبي ۽ معلوماتي مضمونن کان سواءِ، سياست، سير و سياحت، ۽ سائنس جھڙن موضوعن تي به سنڌيءَ ۾ مضمون لکيا ويا ۽ ٻيا به ڪيترائي متفرقھ عنوان زير موضوع رھيا آھن. ورھاڱي کان پوءِ جن اخبارن ۽ رسالن سنڌي مضمونن ۽ مقالن کي ترقي ڏياري انھن ۾ عبرت. ھلال پاڪستان ڪراچي، سنڌ نيوز، آفتاب، مھراڻ، ڪاوش، صداقت، پيغام، عبرت مئگزين، پارس، ڪينجھر، آرسي، نئون نياپو، سنڌ سجاڳ، سھڻي، سوجھرو، اديون، سگھڙين سٿ، سنڌي ادب، ۽ خاص طور نئين زندگي، ٽھ ماھي مھراڻ ۽ ٻيا ڪجهه تحقيقي جنرل اچي وڃن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ڪافي مضمونن ۽ مقالن جي ڪتابن جو جائزو ڏنو ويو آھي، پر ڪجهه ڪتابن جو جائزو طوالت سبب نه اچي سگھيو آھي، جيڪي به مضمون جي صنف ۾ اھم ڪتاب آھن، جيئن “ڪچ ڪوڏيون”، عطا حسين شاھه موسوي، “ڪک ھيٺان لک، ڪريم ڏنو راجپر، “رند ۽ پنڌ”، پير علي محمد شاھه راشدي، “نقش عمل” محمد اسماعيل عرساڻي، “مضامين خليل” ابراھيم خليل، “مقالات قاسمي” علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي، ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب آھن. سنڌي ادب جي مقالاتي ادب ۾ اعليٰ علمي معيار جون محققانھ ٿيسز ۽ ايم اي فائنل جا لکيل مونوگراف تمام اھم آھن. مشھور ليکڪن جن جي اثرائتين لکڻين سنڌي نثر جي تحقيقي ميدان کي سيراب ڪيو ۽ گڏوگڏ مضمون نويسيءَ کي ھٿي ڏياري انھن ۾ لطف لله بدوي، مولائي شيدائي، علامھ آءِ.آءِ. قاضي، داڪٽر دائود پوٽو، احسان بدوي، غلام محمد گرامي، محمد اسماعيل عرساڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، غلام محمد شاھواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محمد ابراھيم جويو، ڊاڪٽر اياز قادري، عطا حسين شاھه موسوي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر حبيب لله مرزا، ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، پروفيسر علي نواز جتوئي، پروفيسر عطا محمد حامي، ڪلياڻ آڏواڻي، شمس الدين بلبل، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڊاڪٽر ابراھيم خليل، ڪريم ڏنو راجپر، محمد بخش مجنون، سائين جي.ايم. سيد، حيدربخش جتوئي، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر ملڪ نديم، ڊاڪٽر ھدايت پريم، ڊاڪٽر قاضي خادم، امداد حسيني، عبدالقيوم صائب، ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر، بدر ابڙو۽ ٻيا ليکڪ ڳڻائي سگھجن ٿا.
عورت ليکڪائن ۾ جن شخصيتن سنڌي مضمون نويسي ۽ مقالا نويسيءَ جو مان مٿانھون ڪيو. انھن ۾ خانم خديجھ دائود پوٽو، خيرالنسا جعفري، ڊاڪٽر درشھوار سيد، نورالھديٰ شاھ، تنوير جوڻيجو، نذير ناز، زبيده ميتلو، رشيده راڄپر، مھتاب محبوب، ڊاڪٽر قمرجھان مرزا، ڊاڪٽر ثريا سوز، ڊاڪٽر نور افروز خواجھ، ڊاڪٽر فھميده حسين، آپا شمس عباسي، حسن بانو سومرو، فيروزه سمون، عطيھ دائود، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر تھمينھ مفتي، ڊاڪٽر ام ڪلثوم، ۽ ٻيا نالااچي وڃن ٿا. سنڌي صحافت سنڌي نثر ۾ مضمون نويسي ۽ مقالا نويسيءَ کي ترقي ڏيارڻ ۾ ھميشھ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترائي بھترين مقالا و مضمون صحافتي ساٿ سان سنڌي ادب جو حصو بنيا آھن.

مقالو ڇا آھي؟
تحقيقي انداز ۽ فني ڇنڊڇاڻ سان، نثر ۾ لکيل ليک، کي مقالو چئبو آھي. جيئن عام طور تي مضمون ليکڪ جو، ڪنھن به خارجي موضوع تي، اظھار راءِ آھي، ته مقالو پنھنجي موضوع جو اصولي ۽ عملي تجزيو آھي. جنھن ۾ فني ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک سان گڏوگڏ تحقيق ۽ تنقيد جو حق ادا ٿيندو آھي. اھا تنقيد غير جانبدار، علمي ۽ تحقيقي ھئڻ گھرجي، تحقيق جو پيمانو مستند ۽ اعليٰ ھئڻ سان علمي ۽ ادبي معيار اوچو ٿيندو آھي. مقالي جي ٻولي گھڻي پر تڪلف ھئڻ سان مقالو خشڪ ۽ دقيق ٿي ويندو آھي. مقالي جو اھم مقصد تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ ھوندو آھي. جنھن ۾ مضبوط دليلن سان موقف جي چٽائي اھميت رکي ٿي.

مضمون ۽ مقالي ۾ فرق:
مضمون ۽ مقالي ۾ بنيادي طور ڪافي فرق آھي مقالي ۾ منطقي استدلال ۽ سائينٽيفڪ طريقي سان موضوع کي ثابت ڪري پيش ڪبو آھي، جن ڪتابن جا حوالا ورتا ويندا آھن، انھنجي حاشيھ آرائي ڪئي ويندي آھي، يا ڪتاب جي آخر ۾ يا فٽ نوٽ ۾ اھي حوالا يا ريفرنسز ڄاڻايا ويندا آھن. مقالو ڌيان ۽ چڪاس سان ڪيل اھا تحقيق آھي، جنھن مان معيار جي بلنديءَ سان گڏ محقق جي علمي استعداد پڻ جھلڪندي آھي. انھيءَ جي برعڪس مضمون ۾ ليکڪ جو شخصي عڪس واضح ڏسڻ ۾ ايندو آھي، ۽ مضمون سندس ذاتي اظھار خيال ھئڻ سبب ذاتي ڄاڻ ۽ مشاھدي جي قوت تي منحصر ھوندو آھي. انگريزي ليکڪ مانٽين پنھنجين مضمونن جي تحريرن کي سندس پنھنجي چترڪاري سڏيو آھي “اھڙيءَ ريت منگھارام ملڪاڻي صاحب جن به ساڳين ئي لفظن ۾ مضمون جي صنف کي بيان ڪيو آھي. لکن ٿا تھ”ناٽڪ ۽ ناول زندگيءَ جو آئينو آھن، شعر ۽ مضمون شخصيت جو آئينو آھن، جيئن ناول يا ناٽڪ ادب جون غير شخصي ۽ خار جي (Objective) شاخون آھن. ته نظم ۽مضمون شخصي يا داخلي (Subjective) شاخ آھن. (صھ 183).
مضمون جي موضوعن جي لحاظ کان ڏسبو ته منجھس تمام گھڻي وسعت آھي. باقي طوالت کان جيڪڏھن جانچبو ته وڌ ۾ وڌ ويھه ياٽيھه صفحا ڊيگھه ھئڻ گھرجي، شروع دؤر جو ديوان ڪوڙيمل جو “پڪو پھھ” (جيڪو زناني تعليم جي فائدي جي باري ۾ ھو) ھڪ ڊگھو مضمون شمار ٿئي ٿو. مضمون ۾ سنجيدگيءَ جو عنصر غالب ھئڻ ضروري نه آھي، ليکڪ لاءِ صرف پنھنجي سرسري راءِ آسان نموني سان ڏيئي، مقصد سمجھائڻ مؤثر طريقو آھي، منجھس طنز ومزاح جو دخل پڻ ٿي سگھي ٿو. مضمون جو انداز بيان و انداز فڪر۽ موضوع سان مطابقت ئي اھم نقطا آھن، جڏھن ته مقالي ۾ علمي و ادبي بحث، ٺوس و دقيق ڳوڙھا نقطا ۽ جامع معلومات اھميت رکن ٿا. مضمون نويسيءَ ۾ ٻوليءَ جي شيريني رواني رنگيني، پختگي ۽ عام فھم ھئڻ ضروري آھي. مضمون نگار جي سمجھه و ادراڪ، مضمون جي موضوع جي وضاحت ۽ Presention ئي مضمون جي علمي و ادبي اھميت کي اجاگر ڪن ٿا. مقالو يعني (Research Article) وزنائتن دليلن سان تحقيق جو ڀنڊار آھي ته مضمون شخصي راءِ جو سرسري اظھار آھي.
مقالي ۽ مضمون جي فرق کي واضح ڪندي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جن لکن ٿا تھ”ادب ۾ تخصيص ٿيڻ کان پوءِ مضمون، تحقيقي مقالي کان ھن ريت ڌار ليکيو ويو، جو ھن ۾ تحقيقي ۽ علمي انداز اختيار ڪرڻ بدران فقط عام دلچسپيءَ جا، موضوع آندا ويا، مثال طور علم حيوانات جو ماھر “ڪونج” بابت ڪو ليک لکي ٿو ۽ان ۾ پکيءَ جي خاندان بابت مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيئي، ان بابت معلومات گڏ ڪري، ته اھو ليک تحقيقي مقالو ليکيوويندو، ان جي برعڪس، ڪونج تي ادبي انداز مان لکي ته اھو مضمون شمار ٿيندو” .
بعض اوقات مقالي ۾ آيل معلومات مدلل ته ھوندي آھي، پر مددي ڪتابن جي باقاعده تفصيل نه ھوندي آھي، تنھن ھوندي به اھو ليک پنھنجي ڪارائتي معلومات ۽ علمي انداز سبب مقالاتي ادب جو حصو شمار ٿيندو آھي.

مضمون ۽ مقالي جي علمي و ادبي اھميت:
دنياوي ادب ۾ به مضمون ۽ مقالي جي صنف کي ھميشھ اھميت رھي آھي، سنڌي علم و ادب جي نثر واري ڀاڱي ۾ شروعاتي وقت کان مضمون نويسيءَ کي خاص مقام حاصل رھيو آھي. ورھاڱي کان اڳ به ڪافي مضمونن جا مجموعا ڇپيا ۽ ڪيترائي مضمون، اخبارن ۽ رسالن جي زينت بنيا ۽ ڪجهه مقالا پڻ لکيا ويا.
مضمون نويسيءَ يا مقالا نگاري لاءِ جديد تحقيق مطابق ضروري آھي ته ترتيب مطابق کيس ٽن حصن ۾ ورھائي لکيو وڃي، جنھن ۾ پھرين موضوع جو تعارف ٻئي حصي ۾ موضوع کي مثالن سان سمجھايو وڃي، ته ٽئي حصي ۾ سڄيءَ ڄاڻ جو نچوڙ پيش ڪيو وڃي. جيڪي به ليک سوچيل سمجھيل رٿا تحت ترتيب ڏنا ويندا آھن. اھي ڪارائتا ۽ پر اثر ليکيا ويندا آھن. جڏھن سنڌي سڄاڻ عالمن لکيل علم و ادب کي محققانھ انداز سان پرکڻ شروع ڪيو تڏھن تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب ادب جو حصو بنيا. 1875ع ۾ “ميزان الشعر” سيد فاضل شاھه لکيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تجزياتي انداز سان شاھه جي ڪلام تي تنقيدي نظر وجھي، “مقدمئھ لطيفي” جھڙو اھم مقدمو تصنيف ڪيو. جنھن جي جواب ۾ محمد بخش واصف تنقيدي ۽ تحقيقي انداز سان “شرح لطيفي” لکيو. انھيءَ کان سواءِ ڪاڪي ڀيرومل جو “لطيفي سير” لالچند جو “سونھارو سچل”، “شاھاڻو شاھ” مرزا قليچ بيگ جو “علم و ادب”، “احوال شاھه عبداللطيف”، “انشاءَ سنڌي”، سانگيءَ جو “لطائف لطيفي” لطف لله بدويءَ جو “تذڪره لطيفي” (ھن ۾ شاعري جي فن ۽ شاعرانھ قوتن جي تفصيلي بيان سان گڏ مختلف شاعرن جي سوانح ۽ شاعريءَ جو احوال آھي) دين محمد وفائي، جو “لطف الطيف” علامھ آءِ آءِ قاضي جو شاھھ، لطيف ۽ ان جو فن” انھيءَ کان سواءِ “تنقيد نگاري” احسان بدوي، “شاھه سچل سامي” محمد ابراھيم جويو “ ڪنزالطيف” ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، “ادبي تنقيد جا اصول”، مراد علي مرزا “سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج”، ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو، “سنڌ جي تاريخ” (ٻھ ڀاڱا) مولوي نور محمد نظاماڻي “ علم السان ۽ سنڌي زبان”، پروفيسر علي نواز جتوئي، “لساني جاگرافي”، “سنڌي ٻولي جو بڻ بنياد” ڊاڪٽر غلام علي الانا، “اترادي ٻولي”، ڊاڪٽر ھدايت پريم، “ادب ۽ تنقيد” شيخ محمد ابراھيم خليل “بيت، سٽا ۽ اوسر” ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، “ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ”، ڊاڪٽر فھميده حسين “سنڌي ڊراما جي ارتقائي تاريخ”، مير محمد نظاماڻي ۽ ٻيا انيڪ تحقيقي ڪتاب سنڌي نثر ۾ لکيا ويا آھن. ڪيتريون ئي ٿيسز ۽ مونو گراف يونيورسٽين جي سنڌي شعبن جي طرفان منظور ٿي ڇپجي چڪا آھن، جن ۾ “سنڌي ناٽڪ جي تاريخ” ڊاڪٽر محمد يوسف، “سنڌي غزل جي اوسر” (ھيءَ ضخيم ٿيسز ٻن حصن تي مشتمل آھي، ) ڊاڪٽر اياز قادري “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، “سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ”، ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگھيو “خيرپور جي ميرن جو علم و ادب ۾ حصو” ڊاڪٽر عطا محمد حامي، “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ”، ڊاڪٽر غلام علي الانا، “سنڌي مرثيھ نويسي” غلام رسول بلوچ، افسانو آزاديءَ کان اڳ، رانجھن خان ميمڻ “سنڌي گيت، .تاج جويو”، افسانھ نويسيءَ جي اوسر” ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۽ ٻيا تحقيقي ڪتاب شامل آھي. انھيءَ کان سواءِ به اسان جا ڪيترائي محقق تحقيقي ڪم ۾ سرگرم عمل آھن، جن جون ڪاوشون سنڌي علم و ادب لاءِ ھڪ عظيم سرمايو آھن. سنڌي علم و ادب ۾ ادبي تاريخن جو مقام تحقيقي ڪتابن ۾ ھميشھ اوچو رھيو آھي، سنڌي بولي ۽ ادب جي تاريخن ۾ ڪاڪي ڀيرومل، خانبھادر محمد صديق ميمڻ، منگھارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، داڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جا لکيل ڪتاب اھم آھن. ھيءَ سڀ ادب ۽ ٻوليءَ جون تاريخون سنڌي ٻولي ۽ علم و ادب جي موضوعن جو بيان آھن گڏ شاعرن ۽ نثر نويسن جي سوانح ۽ علمي و ادبي خدمتن تي روشني وجھندڙ ھنن تحقيقي ڪتابن ۾ تحقيق سان گڏ تنقيدي تجزيو پڻ شامل آھي. اھي ڪتاب، مقالا تي ادب جو اھم حصو آھن.

مضمون نويسي ۽ مقالا نگاريءَ جي ترقي:
مضمون نويسي ۽ مقالي جي صنف بتدريج ترقيءَ ڏي گامزن آھي، سنڌي علم ادب ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مضمون مختلف موضوعن تي لکيا ويا آھن. جن ۾ تعليمي، سوانحي، تاريخي مذھبي، معلوماتي مضمونن سميت قوميت، سياست، سير و سياحت، ادب ۽ ٻيا گھڻا متفرقھ عنوان زير موضوع رھيا آھن. اھڙي ريت ثقافتي مضمون ثقافت جو، سياسي مضمون سياست جو، تاريخي مضمون تاريخ جو، ادبي مضمون ادب جو، ھڪ اڻ ٽٽ حصو بنيا آھن، وقت جي وڇوٽيءَ سان اھي سڀ ليک خوبخود تاريخ جو ھڪ باب ٿي ويندا آھن. جيئن مثال طور غلام محمد گراميءَ جو مشھور مقالو “مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ ان جا رجحانات” شمشير الحيدريءَ جو “سنڌي شاعريءَ جو اڀياس” ۽ “سنڌي آزاد نظم جي اوسر، تنوير عباسيءَ جو مقالو “جديد سنڌي شاعري”، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو “سنڌي ۽ ھندي شاعريءَ جو لاڳاپو”، ڊاڪٽر دائود پوٽي جو “سنڌي شاعر ۽ سندس شعر”. عبدالجبار جوڻيجو جن جا “سنڌ ۾ ھندي شاعري”، “شاھه جي رسالي ۾ آيل ڌارئين ڪلام جي تحقيق”، “ڪبت نثر آھي يا نظم” غلام علي الانا جو “سومرن جي دؤر ۾ سنڌي شاعري” پيرزادي انور جو “ڀٽائي جي ترقي پسندي”، علي نواز جتوئي جو “ڀٽ ڌڻي جو ڀيد ڀاري” ۽ ٻيا انيڪ مقالا شاعري جي تاريخ ۾ اھم جڳھه والارين ٿا ۽ شاعريءَ جي تاريخ جو ھڪ اڻ ٽٽ حصو آھن. سنڌي مقالي جي صنف کي ترقي ڏيارڻ ۽ تحقيق جي پئماني جو معيار بلند ڪرڻ ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن جو تعاون پڻ خاص حيثيت رکي ٿو. جن ۾ M.A فائنل ۾ مونوگراف جي اختيار کان علاوه پي.ايڇ.ڊي جون تحقيقي ٿيسز پڻ خاص درجو رکن ٿيون جيڪي سڄاڻ عالمن جي رھنمائيءَ ۽نگراني ۾ تڪميل جي مرحلن مان گذرن ٿيون، انھيءَ کان سواءِ مختلف تحقيقي جرنل جيئن، “نئين زندگي”، “سھ ماھي مھراڻ” ۽ “ڪينجھر”، “سنڌي ادب”، “ڪلاچي”، وغيره ۾ به ڪيترائي تحقيقي ليک ڇپبا رھندا آھن.
مضمون ۽ مقالي جي ترقيءَ ۾ مختلف ڪانفرنسون ۽ ادبي سئمينار اھميت رکن ٿا. 1975ع ۽ 1988ع جون بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنسون ۽ مختلف گڏجاڻين ۽ علمي و ادبي محفلن ۾ پڙھيل مضمون ۽ مقالا ھن صنف جي ترقيءَ ۾ معاون ثابت ٿيا آھن. تازو ھينئر ھندوستان ۽ سنڌ ۾ ادبي ڪانفرنسون ٿيون آھن جنھن ۾ ڪافي اديبن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي آھي، ھندوستان ۾ سنڌي ادب جي تحقيق تي ڪافي ڪم ٿيو آھي. جنھن ۾ خاص طور لطيفيات، لسانيات، ۽ لوڪ ادب جو ڪم قابل ذڪر آھي. انھن محققن ۾ ڊاڪٽر ارجن “شاد” ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، ھري موٽواڻي، وشنو ڀاٽيا، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر سنتنداس جھانگياڻي، ڊاڪٽر پرس جيسارام گدواڻي، ڊاڪٽر موھن لال شرما، ڪماري رڪمڻي، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا.
موجوده دؤر ۾ ھند ۽ سنڌ ۾ سنڌي علم و ادب جي مختلف موضوعن تي تمام تحقيقي ڇنڊڇاڻ سان بھترين مقالا لکيا وڃن ٿا. جن مان ڪجهه مجموعن جو ھن ڪتاب ۾ جائزو ڏنو ويو آھي، ته ڪجهه جو مختصرا ذڪر ڪيو ويو آھي. مضمون جي صنف بظاھر سکي آھي، پر تحقيق مشڪل پڻ آھي، مضمون ھڪ صفحي جو ھجي يا ويھن يا ٽيھن صفحن جو پر منجھس لکيل مواد ئي فنڪار جي فنڪارانھ حيثيت ظاھر ڪري ٿو، مضمون نويسيءَ جي اصولن تي دنياوي ادب ۾ ڪافي ڪتاب لکيا ويا آھن، جن ۾ مضمون جي لکڻ جي طريقي، طوالت، قسمن ۽ علم ادب ۾ حيثيت ۽ ٻين ڪيترن رخن کي بيان ڪيو ويو آھي، مضمونن جي قسمن ۾ شخصي، بيانيھ، تنقيدي، ادارتي، اخلاقي و اصلاحي، سائسني، سياسي و سماجي ۽ تاريخي مضمون ھوندا آھن.
سنڌي علم و ادب ۾ مٿين سڀني موضوعن تي مضمون لکيا ويا آھن، شخصي يعني سوانح نگاريءَ تي تمام گھڻا مضمونن جا مجموعا آھن. ورھاڱي کان اڳ ئي سوانحي مضمونن Biographical Essays جو رواج شروع ٿي ويو ھو.
خاڪا نگاريءَ تي به ڪجهه ڪتاب لکيا ويا آھن. مضمونن ۽ مقالن جي ترقيءَ ۾ سھڻا و موزون موضوعات به اھم آھن، جيئن ته ادب ھلندڙ وقت جي ڌارا سان گڏ ھلندو آھي انھيءَ لحاظ کان سنڌي علم و ادب جي نثر واري ڀاڱي ۾ جيڪڏھن مضمون نويسيءَ جي صنف کي شروع کان آخر تائين ڏسبو ته موضوعن ۾ تمام سٺي تبديلي نظر ايندي، شروع دؤر جي مضمون نويسيءَ ۾ ڏند ڪٿائون، آکاڻيون، ٽوٽڪا ۽ عام ننڍيون ننڍيون حڪايتون به شامل ھيون پر وقت جي وڇوٽيءَ سان ۽ بين الاقوامي ادب جي اڀياس سان سنڌي مضمون نويسي به ترقيءَ ڏي مائل ٿي. مضمون جي ٽيڪنڪ ۾ سڌارا آيا آھن ته موضوعن ۾ به وڏي تبديلي آئي آھي. انھيءَ تي ڊاڪٽر نواز علي شوق “ھٻڪار” ۾ لکن ٿا تھ: “مضمون ٽيڪنڪ ۽ مواد جي لحاظ کان تمام وسيع ۽ ھمھ گير آھي، جنھن ۾ مختلف احساسات ۽ نطريات کنڊريا پيا ھوندا آھن. ان ۾ ڪيترائي معنيٰ ۽ مقصد جا ماڻڪ لڪل ھوندا آھن. (صفحو 14).
جيئن ته ليکڪ جا احساسات ۽ نظريات مضمون تي حاوي آھن ته اھڙي ريت زمان، ۽ ماحول جي تبديلي به ليکڪن جي نظرين تي اثر انداز ٿيندي آھي، انھيءَ سان موضوعن ۾ به وسعت ايندي آھي.


مضمون ادبي طور ھڪ خاص حيثيت رکندڙ صنف آھي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اھا اھميت ڄاڻائيندي لکن ٿا تھ: “مضمون نويسي نثري ادب ۾ ھڪ اھم صنف آھي، اھميت جي لحاظ کان مضمون (Essay) افساني (Short Story)، مقالي (Research Article) يا ڪنھن به نثري صنف کان گھٽ ناھي پر اڪثر ٻولين ۾ مضمونن جي ذخيرو گھٽ آھي. سنڌي زبان ۾ تحقيقي مقالا گھڻا لکيا ويا آھن ۽ مضمون گھٽ، تڏھن به جيڪي صاحبِ طرز مضمون نگار آھن، سي نشانبر آھن” .
سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ بيشڪ ڪجهه تبديلي آئي آھي ۽ ورھاڱي کان پوءِ مقالو وڌيڪ لکجڻ ۾ آيو آھي، پر ھروڀرو ايئن به ڪونھي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ جيڪڏھن لکيل مضمونن کي يڪجا ڪري ڇپايو وڃي ته ھوند گھڻائي ڪتاب مرتب ٿي وڃن، پر ھن وقت مضمونن جي ڇپيل مجموعن جو تعداد مقالي جي صنف جي نسبتا البت گھٽ آھي. اسانوٽ مضمون نويسيءَ ۾ ٻوليءَ تي به ھميشه کان توجه رھي آھي. شروع دؤر جي ھندو ۽ مسلمان اديبن به سنڌيءَ ۾ عربي فارسي، ھندي ۽ سنسڪرت جا غير ضروري لفظ استعمال نه ڪيا آھن بلڪھ صرف اھي لفظ استعمال ٿيل آھن، جيڪي انھيءَ وقت رائج ھئا. (سواءِ چند ليکڪن جي) ھلندڙ دؤر ۾ به مضمون نويسيءَ ۾ اردو ۽ انگريزيءَ جو استعمال ڪجهه حد تائين آھي پر جيڪڏھن انھن جا متبادل سنڌي لفظ گڏوگڏ ڏنا وڃن ته اھو ٻوليءَ جي ترقيءَ و ترويج لاءِ به ضروري آھي ۽ گڏوگڏ ھر طبقي جي قاريءَ لاءِ پڻ مفيد آھي. اوائلي مضمون نگارن ۾ شمس الدين بلبل اھو نثر نويس ھو، جنھن فارسي لفظن کان سنڌي نثر کي ازاد ڪرائڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو ۽ سليس سنڌي نثر سان مضمونن جي صنف کي ڪامياب ڪيو، سندس تحريرن ۾ سنڌي سماج ۽ معاشري جي مسئلن جي عڪاسي ھئي “آفتاب” سکر “الحق” سکر ۽ “معاون” ڪراچي سندس مشھور اخبارون ھيون. بلبل جا فلسفيانھ مضمون سنڌ ۾ تمام گھڻا مقبول ٿيا. دين محمد وفائي جي اخبار “الوحيد” محمد ھاشم مخلص جي “مسلمان” حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جو رسالو (الجامع) ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جن “عبرت” تحت ڪيترائي مضمون سنڌي نثر جي جھوليءَ ۾ وڌا. ھي شروع دؤر جا مضمون، مضمون نويسيءَ جي ميدان ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا. جن جا موضوع گھڻي قدر سياسي، مذھبي، قومي ۽ اخلاقي آھن. محمد عثمان ڏيپلائي 500 کان وڌيڪ مضمون لکيا جن ۾ خاص طور انھيءَ وقت جي ڇپيل ڪتابن جي تنقيدي ۽ تعريفي جائزي تي مشتمل مضمون اھم آھن. جن ڪتابن تي تبصرا ۽ جائزا ڏنائون انھن ۾ “جھان آرا”، “آفتاب ادب”، “بلو کوکر”، “گل ڦل”، “راسيلاس”، “سنڌ جو سفر”، “سنڌي ٻولي جي تاريخ”، “سون ورنيون دليون”، “شرم ٻوٽي”، “ھدايت الانشاء”، “خورشيد”، “عشق نه آھي راند” آھن.
سنڌي نثر جي مضمونن ۽ مقالن جي خالي تفصيل جيڪڏھن ڏبي ته گھڻائي جلد مرتب ٿي ويندا. ھتي مختصرا ڪجهه مشھور مضمونن، مقالن ۽ انھن جي مجموعن جو ذڪر ڪجي ٿي. شروع دؤر جي مضمونن ۾ “پڪو پھھ”، “سانوڻي”، “سنڌ ۽ ھند جا ھنر”، “ٿر جو سئر”، “سارنگ سانوڻ لايا”، “سامي ۽ دلپت”، “ڪامل رھنما”، “سنسڪرت ۽ ديوناگريءَ بابت ويچار”، “سنڌي ٻوليءَ جي عربي آئيوٽا”، “سفر يا سير ڪرڻ”، “مياڻي جي جنگ”، “سنڌي نثر جي اوسر”، “سنڌي ساھت جي اڄوڪي حالت”، “حڪومت جي ڪماليت ۽ زواليت”، “گنجي ٽڪر جو سير”، “سنڌ جي ادبي تاريخ”، “علم ادب ۽ زبان”، “شاعر جي ضرورت” ۽ ٻيا انيڪ مضمون ۽ مقالا ادب جي سونھن بنيا اوائلي دؤر جي مضمونن جي ڪتابن ۾ عموما مشھور و معروف لکتن کي مرتب ڪري ھڪ ئي ڪتاب ۾ ڇپائڻ جو رواج عام ٿيو، پوءِ ڪجهه مضمونن جا مجموعا ھڪ ئي ليکڪ جا لکيل به شايع ٿيا. مضمون جي ڪجهه ڪتابن جي تفصيل ھيٺ ڏجي ٿي.
مقالات الحڪمت (ترجمو ٿيل مضمونن جو مجموعو) 1877ع ۾ شايع ٿيو. پھريون سنڌي طبعزاد مضمونن جو مجموعو (جنھن ۾ جوت، سرسوتي، اخبار تعليم ۽ پرڀات جا مضمون شامل ھئا). “چونڊ سنڌي نظم و نثر” جي عنوان سان 1907ع ۾ ڇپيو. انھيءَ کان پوءِ گلدستو 1922ع، گلزار نثر 1929ع. (ھي مجموعوڪاڪي ڀيرومل ترتيب ڏنو ھو. ھن ۾ چاليھه مضمون و مقالا مذھبي اخلاقي تعليمي ۽ سوانحي آھن ۽ آخر ۾ مضمون نويسيءَ جي باري ۾ ھدايتون پڻ ڏنل آھن). “جو ھر نثر” 1931ع منگھارام واسواڻي، ادبي تحفھ 1932ع (مرتب) محمد صديق ميمڻ، سنڌي نظم ۽ نثر 1940ع (مرتب): علامھ دائود پوٽو. “ويچار” 1944ع لال سنگھه آجواڻي، ادبي گلشن (ٽي ڀاڱا) 1945ع، نارائڻ داس ملڪاڻي، “انتخاب نثر”، “چونڊ نظم ۽ نثر”، غلام محمد شاھواڻي “چونڊ سنڌي نثر نظم” آغا تاج محمد خان، “گلزار نثر نظم” (ٻھ ڀاڱا)، محمد صديق مسافر “ثمر حيات” 1948ع، پروفيسر عطا محمد حامي “گل ڦل” ٻھ ڀاڱا 1935ع ۽ 1936ع پر مانند ميوارام، “ڳوٺاڻي چھر” 1929ع “انار دانھ” 1940ع، نارائڻ داس ملڪاڻي، “پنگتي انقلاب” 1939ع ديوان واڌو مل گنگارام، “چڻگون” 1940ع، تيرٿ وسنت، “ورق” 1940ع گوبند ڀاٽيھ، “ادبي آئينو” (انعام يافتھ مجموعو) 1941ع ڪشنچند عزيز، “سير ڪوھستان” 1942ع الھبچايو يار محمد سمون، “ڪلاڪار جي دنيا” 1947ع، پروفيسر خوشي رام، “ڪچ ڪوڏيون” 1950ع عطا حسين شاھه موسوي، “سنڌي سٻاجھڙا” 1956ع اسماعيل عرساڻي، ڪک ھيٺيان لک” 1962ع ڪريم ڏنو راڄپر، ۽ ٻيا به ڪافي ڪتاب ڇپيا آھن.

حصو پهريون: لطيف شناسي

---

اَوَل اللهُ عَليِم

اَوَل، اللهُ، عَليِم، اعليٰ، عالمَ جو ڌڻي،
قادِرُ پنهنجي قُدرتَ سين، قائم آهِه قَديم،
والي، واحد، وَحدهُ، رازِقُ رَب، رحِيمُ،
سو ساراهِه سچو ڌڻِي، چئِي حَمدُ حَڪِيمُ.
ڪري پاڻُ ڪرِيمُ، جوڙوُن جوڙَ جهانَ جِي.

(ڪلياڻ، 1-1)

سُر ڪلياڻ جي مٿئين بيت مطابق حق هيڪڙو آهي ۽ ڪائنات حق جو ظهور آهي ۽ هر هڪ شيءِ ۾ ذاتِ الاهيءَ جو جلوو ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شاهه لطيف جو ڪلام وحدانيت جي فلسفي جي اپٽار آهي. الله تعاليٰ جي ذات عظيم تر آهي، جنهن جي ڪبريائيءَ جو بيان ڪرڻ انسان جي وَس جي ڳالهه نه آهي. جيڪڏهن فقط انسان پنهنجي پيدائش تي ئي غور ڪري ته سندس لاءِ وڏي حيرت جو مقام آهي. قرآن پاڪ ۾ اندازاً ٽيهن کان به وڌيڪ دفعا انسان جي پيدائش جو ذڪر ۽ ان تي تدبر ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته “توهين پنهنجي پيدائش تي غور ڪيو ۽ ڪيئن ٿا چئو ته رب پاڪ توهان کي ٻيهر زنده نه ڪندؤ؟” جيڪي به انسان دنيا ۾ ڌڻيءَ سڳوري جي هيڪڙائيءَ تي مڪمل يقين رکن ٿا، سي چڱيءَ پر ڄاڻن ٿا ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪوبه مالڪ ڪونهي. اهو ئي اعليٰ عالم جو مالڪ ۽ خالق آهي. هو ئي هن زمين، آسمان ۽ مڪمل ڪائنات کي هلائڻ وارو آهي ۽ محمد مصطفيٰ صه الله تعاليٰ جو آخري نبي آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
وَحدَهُ لاشريڪَ لَهُ، جَن اُتوسين ايمانَ،
تن مَڃِيو مُحمَد ڪَارِڻي، قلبَ ساڻُ لِسان،
اوءِ فائقَ ۾ فَرمانَ، اَو تَڙِ ڪنهن نه اوِليا.

(ڪلياڻ، 1-7)
الله جل جلاله هڪ آهي ۽ هو لاشريڪ آهي. اهي جيڪي ايمان آڻين ٿا ۽ حضور قلب سان اقرار ڪري محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کي نجات جو وسيلو ۽ ڪارڻي ڄاڻن ٿا، انهن جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ حڪم آهي ته، “ڪڏهن به گمراهه نه ٿيا ۽ نه ئي ڪڏهن اُبتي رستي ڏانهن مڙيا.” ڏٺو وڃي ته هڪ ئي هستي آهي جا ڪائنات جي عظيم ڪارخاني کي هلائي رهي آهي. بغير ڪنهن رڪاوٽ جي اهو ئي جيئري کي مئل ۽ مئلن کي زنده ڪرڻ وارو، بيمارن کي صحت ڏيڻ وارو حاڪمن جو حاڪم آهي. سندس ڪبريائي بيان ڪرڻ انساني طاقت کان مٿي آهي. فرمان آهي ته سڄيءَ دنيا جا وڻ قلم ٿي وڃن ۽ سمنڊ مس ۾ تبديل ٿي وڃن ته به الاهي ذڪر جي وڏائي بيان ٿي نه سگهندي. اهو ئي ڪريم ڪارساز آهي جو جهان جون جوڙون جوڙي ٿو. رب پاڪ سان ٻانهن جو رشتو ته روحن جي وچن “قالو بليٰ” کان شروع ٿيئي ٿو ۽ اهو مالڪ ۽ ٻانهي جو ازل کان ناتو آهي. هُن آدم کي پنهنجي صورت مطابق خلقيو آهي. “خلق آدم عليٰ صورتہٖ” ۽ کيس خلقي ڪل ڪائنات کي وٽس جهڪايائين فقط شيطان انڪاري ٿيو ۽ اهو ئي انسان جو وڏي ۾ وڏو دشمن ٿيو. حيلن بهانن سان کيس هر دم حياتيءَ ۾ هر کائيندو ۽ گمراهه ڪندو اچي پر انهن کي، جيڪي سندس چوڻ تي اچن ٿا.
سر ڪلياڻ ۾ وحدانيت جي اُپٽار سان گڏ عشق جي انتها جو بيان آهي، جنهن جو پهريون درجو نفس جي پاڪائيءَ سان گڏ سچ ئي سچ آهي ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته:
آگي ڪِيا آڳَهيِن، نِسورو ئي نُورُ،
“لاخَوفَ عَلَيَهُم وَلاهُم يَحزنوُن” سَچَنِ ڪونهي سُور،
موليٰ ڪيو مَعمُور، انگ ازل ۾ اُنَ جو.

(ڪلياڻ، 1-9)

قرآن پاڪ جي سورة البقره ۾ پنج ڇهه دفعا اها آيت آيل آهي ته “لاخوف عليهُم ولا هُم يحزنون” “نه انهن کي خوف هوندو ۽ نه ئي هو ڪو ڏک ڏسندا.” ۽ انهن جون خاصيتون اهي ئي ڄاڻايل آهن، جيڪي شاهه لطيف ٿو اسان کي ٻڌائي جيڪي پنهنجي رب جي رستي ۾ سچا آهن، مال ميڙيندڙ نه پر ڌڻيءَ جي رستي ۾ خرچ ڪندڙ آهن ۽ نيڪوڪار آهن، هدايت وٺندڙ سڌي ۽ سچي رستي وارا آهن. اهي ئي آهن جيڪي الا الله سين اورين ٿا ۽ ٻيائيءَ کي ٻک نٿا وجهن، شاهه لطيف بار بار شرڪ کي پليو آهي هن صوفي شاعر سالڪ کي شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جون منزلون درجي به درجي سهڻائيءَ سان سمجهايون آهن.
وَحدَهُ جي وَڍِيا، الآ اللهَ سين اوِريِن،
هنيوُن حِقيقَت گڏِيو، طريقَت توريِن،
معرِفَتَ جي ماٺِ سِين، ڏيساندُر ڏورِين،
سُکِ نَه سُتا ڪڏهِين، ويِهي نه ووِڙين،
ڪُلهنِئُون ڪوِريِن، عاشق عبداللطيف چي.

(ڪلياڻ، 1-10)
سالڪ کي جڏهن اندروني مشڪلاتن تي ڪُلي ضابطو ٿو حاصل ٿي وڃي، تڏهن ئي سندس ڪاميابيءَ جي شروعات ٿي ٿئي. دنيا ۽ دنيا جون رعنائيون، رنگينيون، مڪر، فريب، سالڪ جي لاءِ رستي جون رڪاوٽون آهن. ان جي باوجود به جڏهن هو سڀني طرفن کان مضبوط ٿي پنهنجي نفس جي وسوسن ۽ گمراهيءَ تي حاوي ٿو ٿي وڃي، تڏهن ئي سچي طالب جيان عشق جي منزل تي ٿو پهچي، اها منزل سوريءَ سيڄ آهي ۽ مرڻ مشاهدو آهي، قريب جي ڪاتي ڀل ته سندس هڏ چم چيري، پر اهو چيرجڻ ۽ وڍجڻ عاشق جي لاءِ عين راحت آهي. هو پنهنجي انگ الله ڪارڻ ٿو وڍي، دل جي خوشيءَ سان ۽ روح جي راحت لاءِ خود ئي ڪلهِنئون ڪوري ٿو ڏي، بلڪه انهيءَ کان به هڪ درجو وڌي وڃي ٿو، کيس انهيءَ ڪُسجڻ ۾ جيڪا راحت ملي ٿي، سا تڏهن ملي ٿي، جڏهن محبوب جا هٿ سندس ڪنڌ تي موجود هجن، هو مڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪُسجڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪري، جنهن جي بهاني سان ڪا ويرم وڌيڪ لڳي ۽ پرينءَ جا هٿ مُڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪُهڻ وقت ڪجهه دير وڌيڪ سندس ويجهو هجن شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
ڪاتي تِکي مَ ٿيئي، مَرُ مُنيائي هوءِ،
مانَ وِرمَن توءِ، مُون پِريان جا هَٿَڙا.

(ڪلياڻ، 2-12)
شاهه موجب ته: سپرين جا ڏنل ڏيهاڻي ڏنڀ، ڪُهڻ، سوريءَ چاڙهڻ، وَڍَ وجهڻ، سڀ عين عبادت آهن. اُهي ئي آهن جيڪي ٻُڪي ٻاجهه جي به ڏين ٿا. ڏکندو ڏور ڪن ٿا ۽ طبيب ٿي درد جو دارون ٿين ٿا. شل کين ٻاجهه پئي. شاهه لطيف جو سڄو ڪلام صوفياڻو ۽ روحانيت سان پُر آهي ۽ انهيءَ ۾ اخلاقي ۽ عاشقاڻو موضوع موجود آهي. هن آدرشي عاشق جو عشق اعليٰ درجي جو آهي. جيڏانهن به نهاري ٿو ته سڄڻ سامهون آهي، سندس موجب محبوب جي مهر سان ئي حياتي آهي. اها ئي ابتدا آهي ۽ اها ئي انتها:
حبيبَن هيڪارَ، مَنجهان مِهرَ سڏ ڪِيو،
سو مون سَڀِ ڄمارَ، اورڻُ اهو ئِي ٿِيو.

(ڪلياڻ، 3-14)

تان مَڃ مُحمّد ڪارڻِي

جکري جِهو جوانُ، ڏسان ڪو نه ڏيهه ۾،
مُهڙ مِڙني، مُرسلين، سَرسُ سندسُ شانُ،
فَڪانَ قابَ قوسين او اَدنيٰ، ايءُ مُيسَرُ مَڪانُ،
ايءُ آگي جو احسانُ، جنهن هادي ميِڙِيَم هَهِڙو.

(بلاول. 2-10)
جڏهن پوريءَ دنيا تي جهالت، مايوسي ۽ ڪفر جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ۽ انسان حرص، هٻڇ، لالچ، دشمني ۽ بي حسيءَ جي ڪُن ۾ ڪريل هو تڏهن ڌڻيءَ سڳوري کي مٿس گهڻي ڪهل آئي ۽ هن پنهنجي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کي شمس الضحيٰ، بدرالدّجيٰ، صدرالعليٰ ۽ نورالهديٰ، جهڙين ۽ ٻين انيڪ خوبين سان معمور ڪري موڪليو. غير مهذب ۽ ڪريل اخلاقي قوتن جي خاتمي لاءِ رحمت اللعالمين جن اخلاق جا علمبردار ٿي آيا. ڪائنات تخليق ڪرڻ کان اڳ ڪائنات جي خالق نور جي خزاني کي تخليق ڪيو ته جيئن هر شيءِ ۾ خالق جو مظهر نظر اچي. عاشقاڻي رسول جي عقيدي مطابق اهو نور جو سوجهرو ٻيو ڪجهه به ڪونهي فقط خدا جو نور “نور من نورالله” نبي نورِ مجسم محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن آهن. جن جو سوجهرو تارن ڪتين کي تائب ٿو ڪري ته سج ۽ چنڊ سندن جلوي اڳيان جهڪا آهن. جانب جو جمال سڀني کان سرس آهي. پاڻ روشن دليل يعني قرآن پاڪ کڻي آيا ۽ عرب جي اڻ سڌريل ۽ ضدي قوم کي پنهنجي اعليٰ اخلاقي وصفن سان پنهنجو ڪري ڇڏيائون. اهو احسان ڌڻيءَ سڳوري جو مڃيندي ڀٽ ڌڻي شڪر گذار آهي. سندن موجب ته، ڌڻيءَ جا وڏا ڪرم آهن جنهن ههڙو هادي مهربان هن دنيا جي تاريڪين کي ختم ڪرڻ لاءِ عطا ڪيو.
شاهه جي رسالي ۾ ڪيترين جڳهين تي قرآني آيتن ۽ حديثن جي مثالن سان اهڙا اشارا موجود آهن. جن مان خبر پوي ٿي ته هُن فرضن، سنتن ۽ واجبن ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ته توبهه جي تسبيح پڙهڻ ۽ نفس کي مارڻ سان گڏ صوفين جون منزلون ڄاڻايون آهن. ايمان جي قُوت، شريعت ۾ ڪامل ٿيڻ، توبهه کي رسڻ، طريقت ۾ ڪامل ٿيڻ، زهد سان حقيقت حاصل ڪرڻ ۽ عبادتن سان معرفت جي مقام تي پهچڻ. اهي سڀ درجا تڏهن حاصل ٿيندا، جڏهن محمد مصطفيٰ صه جي سنتن جي تابعداري الله پاڪ جي حڪمن سان گڏ ڪبي. ڇو جو پاڻ جيڪي فرمايائون اهو ته خود ڌڻيءَ سڳوري فرمايو.
ترجمو: “۽ نڪي پنهنجي نفس جي سڌ (مرضيءَ) مان هو ڳالهائيندو آهي. اها ته فقط هڪ وحي آهي جا مٿس نازل ڪئي ويئي آهي.” (سورت النجم 27، رڪوع 1، آيت 3)
هو ته پنهنجي رب کي ايترو ته ويجهو هو جو سندن وچ ۾ ٻن ڪمانين جيترو فاصلو بچيو “فڪان قاب قوسين” اهڙي هاديءَ جي هدايت ئي ڇوٽڪارو آهي. ڀٽ ڌڻيءَ جي نظر ۾ آخرت ان جي آجي آهي، جنهن مٺي محمد صه جن کي ڪارڻي ۽ وسيلو ڄاڻي سندن ڏنل تعليم تي عمل ڪيو.
وحدَهُ لاشَريڪَ لَہُ جان ٿو چَئين اِيئن،
تان مَڃُ مُحمدَ ڪارڻي، نر تُون منجهان نينهن،
تان تون وڃيو ڪيئن، نايين سِرُ ٻين کي.

(سر ڪلياڻ، 1-5)
جن محمد مصطفيٰ صه کي دل جي گهراين سان مڃيو انهن سچن لاءِ ڪو سور ڪونهي، ڪو صدمو ڪونهي “لاخوف عليهم ولاهُم يحزنون” (سورة البقره) ترجمو: “نه آهي انهن کي ڪو خوف ۽ نه ئي انهن کي ڪو ڏک رسندو”، دنيا ۾ هر ماڻهو اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هن دنيا جي حياتي وقتي آهي ۽ هڪ ڏينهن مقرر آهي، جنهن تي هر ڪنهن کي موت جو ذائقو ضرور چکڻو آهي ۽ هن حياتيءَ جو حساب ڪتاب پڻ هڪ مقرر ڏينهن “يوم الحساب” تي هر هڪ کي ڏيڻو آهي ۽ اتي شفيع المذنبين ۽ رحمت اللعالمين پنهنجي امت کي بخشائيندو مؤمنين تي الله جو اهو وڏو احسان ۽ ڪرم آهي جو کين ههڙي هاديءَ جي حمايت حاصل ٿيندي. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته،
آسَرو آهي، مون کي هوتَ حبيبَ جو،
جان جان اوڏا ڪَرَها، پَهچان تان ڪاهي.
مون کي هوت حبيب جو، شفاعَتَ جا شفيعَ جِي، تنهن ۾ ڦيرُ هَڏهِين ناهي، مون کي هوتَ حبيبَ جو.

(سر بلاول، وائي 2)
اهو به فرمايو اٿن ته “ڪاري سا قيام سنئين، هوت جنهن جو حامي”، سو تحقيق انهن جي لاءِ ڪاري قيامت به سهنجي آهي جن جا ساٿي رسول اڪرم جن آهن.
ڍَڪَ ڍَڪيندو، مُون نَه ڇڏيندو، شفيع شافعُ سُپرين،
انڌا اونڌا، اَکُڙيا، سَڀَ نِباهِي نيندو،
شفيعُ، شافِعُ سُپرين.
اُتي عَبدالُلطيفُ جو، هادِي هَٿُ جَهلِيندو،
شفيع شافِعُ سُپرين.

(بلاول، وائي 4)

سختي شهادت جي نسورو ئي ناز

سُورهيه مرين سوڀَ کي، ته دل جا وَهَم وِسارِ،
هَڻُ ڀالا، وڙهُه ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مٿان تيغَ تَرارِ، مارِ تَه مَتارو ٿِين.

(سر ڪيڏارو، 5-5)
دنيا جي قومن جي تاريخن کي جيڪڏهن ڌيان سان پڙهبو ته خبر پوندي، ته زوال پذير قومن تي جيڪڏهن ڌڻيءَ سڳوري جي مهر ٿيڻي هوندي آهي ته انهيءَ قوم جو ضمير ضرور سجاڳ ٿيندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ پوئتي پيل ۽ مظلوم سماج ۾ حق ۽ باطل سامهون ٿيندا آهن. ظلم جي حد ٿيڻ تي مظلوم سر کي ڪفن سان ٻڌي حق جي ڳولها ۾ سرگرم ٿيندا آهن ۽ اهڙيءَ حالت ۾ سندن اها ڳولها، اهو پنڌ، اها بيقراري وڃي شهادت تي دنگ ڪندي آهي. شهيدن جي رت سان رنڱيل حق ۽ سچ جي تاريخ امر هجي ٿي ۽ قومن جا اڳواڻ ۽ مهندار پنهنجي عظيم فڪر سان، پنهنجيءَ قوم ۾ نئون روح ڦوڪڻ لاءِ ۽ کين سجاڳ ڪرڻ لاءِ اهڙين عظيم قربانين، خير ۽ شر جي واقعن ۽ رُڪ وهندين راندين کي پنهنجين تحريرن، تقريرن ۽ شاعرين ۾ ورجائيندا رهندا آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، هڪ باشعور ۽ حساس شاعر هو. سندس شاعري جنهن دور ۾ اُسري اهو دور سنڌ جي حوالي سان هڪ مظلوم دور هو. ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ ڦرلٽ جي گهاڻي ۾ سنڌ جو محڪوم طبقو پيڙهجي رهيو هو. انهيءَ هيڻي حال کي ڏسندي ڀٽ ڌڻيءَ اذيت ۽ پيڙا مان گذرندي، پنهنجي سڄي ڪلام ۾ قوم کي همٿ ۽ اڳيان وڌڻ جا سبق ڏنا. هُن کين وهمن ۽ وسوسن مان نڪرڻ ۽ جنگ جوٽي محڪوميءَ مان ٻاهر اچڻ لاءِ اُتساهيو. هُو تاريخ جو ڄاڻو هو. سندس دور ۾ مذهبي طور وحدت الوجود، وحدت الشهود ۽ ڀڳتي تحريڪون هلندڙ هيون پاڻ وحدت الوجود جي نظريي جو حامي، شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي فڪر ۽ فلسفي جو قائل هو. شاهه عنايت جي شهادت مٿس گهڻو اثر ڪيو پاڻ انهيءَ وقت جوان هو. سنڌ جي مشڪل حالتن ۽ ڏکين گهڙين ۾ هن انقلابي شاعر تاريخي واقعن جي ورجاءَ سان جيڪو به شعر پنهنجي قوم کي آڇيو اهو هُن يقيناً وڏي جذبي، ولولي ۽ سوچ سان پيش ڪيو آهي.
سندس ڪلام ۾ سُر ڪيڏاري جو بيان مزاحمتي ۽ انقلابي شاعريءَ جو اول ۽ آخر آهي. هن سُر جي هر هِڪِ سِٽَ لونءَ ڪانڊاريندڙ ۽ احساس مٽائيندڙ آهي. شاهه صاحب فقط شاعر نه هو. هو هڪ ئي وقت عظيم فلاسافر ۽ انسان دوست انقلابي اڳواڻ هو. هن سچي مؤمن کي چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته حياتيءَ جو حسن دنيا جو جاهه و جلال نه پر حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ تي آهي. سوَين سور ۽ سختيون سهي، سچ ۽ حق جي راهه ۾ سر ڪٽائڻ جي حسين عليه السلام جي قربانيءَ هن حساس شاعر کي گهڻو متاثر ڪيو، پاڻ ڪربلا معليٰ جي زيارت لاءِ پڻ سنڀري نڪتو، پر مريدن جي چوڻ تي ڀٽ نه ڇڏيائين واپس اچي ڪارو ويس ڪري امامن جي شهادت کي ياد ڪندي سر ڪيڏارو چيائين ۽ امام عالي مقام جي بارگاهه ۾ پنهنجي شاعريءَ جو نذرانو پيش ڪيائين. شاهه سائينءَ جيڪي به تاريخي واقعا ۽ داستان پيش ڪيا آهن اهي مڪمل شروع کان آخر تائين نه آهن، پر هيءُ واحد تاريخي واقعو آهي، جو پاڻ شروع کان آخر تائين بيان ڪيو اٿائون. سر ڪيڏارو جي شروعات هن بيت کان ٿئي ٿي:
ڏِٺو مُحَرمُ ماهَه، سَنڪو شَهِزاَدن ٿِيو،
ڄاڻي هيڪُ اللهُ، وَڻَندِيُون جو ڪَري.

(ڪيڏارو. 1-1)
محرم جو مهينو جنهن ۾ جهيڙو جهٽو حرام آهي. سو شهزادن لاءِ ڳڻتيءَ ۽ شهادت جو پروانو ٿي الاهي امر سان آيو. امام حسين عليه الالسلام جي مديني مان اُسهڻ کان وٺي ڪربلا جي ميدان ۾ پڙاءُ ڪرڻ، پنهنجي عزيزن ۽ ساٿين سان گڏ شهيد ٿيڻ جي هن دلسوز داستان کي ڪيترن نثر نويسن، واقعه نويسن ۽ شاعرن هيستائين بيان ڪيو آهي پر شاهه عبداللطيف جي بيان جو سوز ئي ٻيو آهي. هو پاڻ حيران آهي ته نبيءَ جي پياري، بيبيءَ فاطمه جي دُلاري، علي المرتضيٰ جي دلبر شهزادي کي رب سائينءَ هيءَ تڪليف ڪيئن سهائي، تڏهن بي اختيار ٿي چوي ٿو ته:
سَختي شهادتَ جِي، نسورو ئي نازُ،
رِندَ پَروُڙينِ رازُ، قَضِيي ڪرِبَلا جو.

(1-11)
هيءُ ته عشق اِلاهيءَ جو اسرار هو. جڏهن امام عالي مقام جو سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ٿيو ۽ سندن پاڪ رت سان اها واريءَ واري سر زمين رنڱجي ويئي، تڏهن ئي اسلام هميشه لاءِ قائم ۽ دائم ٿي ويو. ڪربلا جي انهيءَ واقعي سچائي جو بنياد مضبوط ڪيو ۽ حق تي ابدي فتح حاصل ٿي. مديني کان مڪي پهچڻ ۽ اُتي ظالم يزيد جو جهيڙو لائڻ ۽ فتنا پيدا ڪرڻ ۽ اُتان ڪوفين جي خطن تي سفر لاءِ نڪرڻ ۽ مسلم بن عقيل (سندن سڳو سوٽ جنهن کي نمائندو بنائي ڪوفي موڪليو هئائون) جي شهادت جي خبر ٻڌڻ ۽ ڪوفي کان ڪنارو ڪري سٺ ستر ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڪربلا ۾ قيام ڪرڻ ۽ پوري قافلي جون سختيون سهڻ ۽ امام موليٰ جي عزيزن ۽ ساٿين جو هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيڻ، فرات نديءَ جو پاڻي يزيدين پاران بند ٿيڻ ۽ امام سائينءَ جي قلم ڪيل سر جي دلسوز بيان سميت هر هڪ لمحي کي شاهه صاحب هڪ ماهر فوٽوگرافر ۽ منظرنگار جيان اثرائتو پيش ڪيو آهي. شاهه جو سُر ڪيڏارو پڙهندي/ٻڌندي ماڻهوءَ تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اکين مان بوندون بس نٿيون ڪن. امامن جي سفر جون صعوبتون، بي سرو ساماني هوندي به اڏول عزم ۽ استقلال، همٿون ۽ حوصلا، جانثارن جا ترين تي رکيل سرن جا نذرانا، هڪ عظيم آدرش لاءِ رت ۾ رڱيل جوانن جا جسم، ساٿين جو سر فدا ڪرڻ کي عين عبادت ۽ هڪ وڏو اعزاز ۽ شرف سمجهڻ هڪ اهڙو مثال آهي، جو تاريخ جي پنن ۾ اڄ تائين ٻيو ڪوبه نٿو ملي. هن دردناڪ تاريخي واقعي جي بيان ۾ شاهه لطيف انتهائي اعليٰ احساس وارن جذبن سان معمور ٿو ڏسجي. سندن همٿ کي داد ڏيندي چوي ٿو ته:
ڪَربَلاَ جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙيائوُن،
جهيڙو يزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙيائوُن،
مُنهن نه موڙِيائوُن، پَسِي تاءُ تَرارَ جو.

(ڪيڏارو. 2-4)
عشق جي انتها کي مڃتا ڏيندي فرمائي ٿو ته:
ڪامِل ڪَرَبلاَ ۾، اهِل بيتَ آيا،
ماري مِصرين سين، تَنِ ڪافَر ڪَنبايا،
سچ ڪِه بيبي ڄايا، هِهڙا سُورهيه سُپِرين.

(ڪيڏارو، 2-5)
امام حسين سورهيه سردار کي شاهه لطيف جابجا مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته عظيم آهي اها ماءُ جنهن ههڙي شير کي جنميو، فرمائي ٿو ته:
ڏاڙهي رَتَ رَتياس، ڏَندَ ته ڏاڙهونءَ گُلِ جِئن،
چوڏهينءَ ماهَه چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تنهن سُورِهيه کي شاباس، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.

(ڪيڏارو، 5-9)
ڪوفين وچ الله وجهي کين خط لکي گهرايو ته اسين تابع تنهنجا ۽ تون اسان جو شاهه پر سندن ڦري وڃڻ قهر هو. هو يزيد جا حمايتي ٿي آل عليءَ جو پاڻي به بند ٿا ڪن. شاهه سندن حال تي حيف ٿو چئي:
جَنَين جهيڙيو ڪالَ، علَيءَ جي اولاد سِين،
هَئي تنَين جي حال، جي جَماتي يزيدَ جا.

(ڪيڏارو، 4-3)
لطيف سائين اُن ڳجهه کي پلي ٿو جا رت جي ريڳاڙن ۾ لت پت ٿيل راجائن جي جَسدَنِ کي ويجهو ٿي اچي:
اَکيوُن ڪَڍُ مَ ڳجَهڙي، تارا تان مَ کاءُ،
ٻيو نه پَسين پَٽَ ۾، ريڳَڙِيارو راءُ،
جِيري جنهن جُوانَ جي، لڳا نَوَ سئو گهاءَ،
راتِ جنهن جي ماءُ، روئي، پَرنِيو رَبَ کي.

(ڪيڏارو، 6-7)

ڳِجِهڙيَن جو راتو ڏينهان رِڻَ ۾ روئڻ، دُلدُلن جو امامن جي عشق ۾ رَتن پيرن سان ڪڪوريءَ ڪربلا ۾ سَٽون ڏيڻ، پکين جو پاڻ پڇاڙڻ، اُڀن ۾ مَلڪَن جا ڏک ڪرڻ، گهرن ۾ ماڻهن جا ماتام ڪرڻ، جهنگن ۾ مروئين جو روڄ راڙو ڪرڻ، مطلب ته زمين ۽ آسمان ۾ ماتم ئي ماتم آهي ۽ انهيءَ ماتم جو جن کي احساس نه آهي. شاهه لطيف اهڙن بي حِسَن لاءِ ڪابه گنجائش نٿو رکي هو چئي ٿو ته جن کي حسن، حسين سان محبت نه آهي آلِ عليءَ لاءِ دل ۾ درد ۽ سوز نه آهي انهن کي شل ڌڻي پاڪ بخش ئي نه ڪري، فرمائي ٿو ته:
حَسَنَ ميرَ حُسينَ جو، جَنِ نه هِينئڙي جارُ،
خالِقِ رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرهِيندو تِن کي.

(ڪيڏارو 6-15)
بي شڪ امام حسين عليه السلام جن موت کي شهادت سان شڪست ڏيئي، زندگيءَ کي زندگي بخشي ۽ پنهنجي ناني مبارڪ ۽ پيءُ ۽ ماءُ جو نالو روشن ڪيو. شاهه سائينءَ چواڻيءَ ته “پيءُ ڏاڏاڻا پاڻ، سيد سڀ ملهايا”. شاهه لطيف سُر ڪيڏاري معرفت حضرت امام حسين عليه السلام کي محبت سان مڃتا ڏني آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي قوم ۽ پنهنجي ديس واسين کي هميشه لاءِ حال توڙي مستقبل لاءِ ماضيءَ جي هن عظيم تاريخي قربانيءَ مان سبق سکڻ جو ڏس ڏنو آهي. هن ڄاڻايو آهي ته گهوٽن ۽ گهوڙن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا آهن. اهي گهوٽ اڻموٽ آهن جن جون ونيون کين جنگ جي ميدان ۾ معرڪو ماري اچڻ لاءِ موڪلين ٿيون ۽ لڄي ٿيون ٿين جي کين پٺ ۾ گهاءُ آهن. اهي بهادر جن جي ريت ئي هڻڻ، هڪلڻ ۽ ٻيلي سارڻ آهي سي ئي رُڪ وهنديءَ راند ۾ ڪامياب آهن. اهڙن ملڪ ۽ قوم جي ننگَ تان ساهه صدقو ڪرڻ وارن جي ونين لاءِ چوي ٿو ته:
مُنهن مَٿانهان جَن جا، سي پِٽيو ڪَڍنِ پارَ،
جيڏيون! هِن جونجهارَ، اُجاري اڇا ڪِيا.

(ڪيڏارو، 3-14)

شاهه لطيف پنهنجي سماج ۾ ڏاهپ، همت، جرئت ۽ بهادريءَ جهڙن نيڪ گڻن کي ڏسڻ چاهيو کيس خبر هئي ته هاڪاري خوبين سان سينگاريل قوم ۾ اعتبار ۽ اعتماد جي طاقت وڌندي آهي ۽ هو پاڻ ڀرا ٿيندا آهن. اهڙيءَ ريت سڄي قوم پنهنجي قوت جي ٻَلَ تي وڌندي رهندي. هن عوام جي اندر ۾ جهاتي پاتي ۽ سندن دِلي جذبن کي پر وڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، سندن وسوسن، وهمن، خوفن، خدشن ۽ ڏکن ڏهنجن جي کين پوري ڄاڻ هئي. انهيءَ ڪري هن عام لهجي ۾ عظيم بيان جي اظهار سان نج سنڌي ٻوليءَ ۾ اعليٰ فني اسلوب ۽ شعور سان شاعريءَ جو سمنڊ پلٽيو جنهن جا مقصد خاص طور سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جا گَسَ هئا.

سَڀِيئي سُبحانَ جي ڪَرِ حوالي ڪَمَ

سَڀِيئي سُبحانَ جي ڪَر حوالي ڪَمَ،
ٿِي تَحقيق تَسليم ۾، لاهي غَم وَهمَ،
قادِرُ ساڻِ ڪَرمَ، حاصِل ڪَري حاجَ تو.

(سريراگ، 4-2)
شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي توڪل ۽ يقين کي گهڻي اهميت ڏني آهي. هو ڪٿي ڪٿي تقدير پرست ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر ايئن به آهي ته شاهه تقدير سان گڏ تدبير جو پڻ خواهان آهي. اهو هڪ ڊگهو بحث آهي ته شاهه صاحب تقدير جو قائل هو يا تدبير جو؟ ڏٺو وڃي ته شاهه سائينءَ وٽ ويسلو ٿي ويهڻ عيب هو، انهيءَ ڪري هُن محنت، جدوجهد ۽ ڪوشش کي همٿايو آهي، پر انهيءَ سان گڏ مايوسيءَ ۽ نااميديءَ کان بچاءُ لاءِ هن توڪل کي تُرهو ڄاڻايو آهي. ڇو جو انسان تحقيق اُتاولو ۽ جلد باز آهي، سندس خمير اهڙيءَ مٽيءَ مان جڙيل آهي، جنهن ۾ صبر ۽ شڪر جو مادو گهٽ آهي، هو هر وقت پاڻ پچارڻ ۾ پورو آهي. هو رب جي رضا جي بجاءِ پنهنجي راضپي کي وڏي اهميت ڏيندڙ ۽ ڊگهيون ڊگهيون دعائون گهرندڙ آهي. شاهه صاحب کيس مڪمل اعتبار، يقين ۽ توڪل جو سبق ڏنو آهي.
سر سريراڳ جي چوٿين داستان جو هيءَ ٻيو نمبر بيت ڄاڻائي ٿو ته وهم ۽ وِسوِسا، اجايا ويچار ۽ انديشا ڪنهن به ڪم جي شروعات کي خراب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. جڏهن سڀ رب پاڪ جي هٿ ۾ آهي ۽ ان ئي پنهنجي ٻانهن کي پوري قوت ڏني آهي ته هو سمنڊ سيوين عميقن مان سپون سوجهين، تڏهن هو پنهنجي محبوب مالڪ تي مڪمل ڀروسو رکن. يقين جي قوت هڪ ايڏي وڏي شڪتي آهي، جنهن سان جبلن کي جهوري سگهجي ٿو، آسمانن جي وسعتن تي پهچي سگهجي ٿو. فقط شرط آهي ته پنهنجو پاڻ جي قوت سان گڏ شل انهيءَ ڪريم جي ڪرمن جي پالوٽ مٿانس هجي. سچا ٻانها اهي غواص آهن جي پاتارن ۾ پيهي ماڻڪ ٿا ميڙين. شاهه لطيف سمجهائي ٿو ته، تدبيرون تڏهن ناڪام ٿينديون آهن، جڏهن تقدير جو حڪم نه هوندو آهي. اسين ڪيترو به خود کي ڏوهه ڏيون يا نصيب تي روڄ راڙو ڪريون، پر اهو جو ڪجهه اسين چاهيون ٿا جيڪڏهن نصيب ۾ لکيل نه هوندو ته بلڪل نه ٿيندو، فرمائي ٿو ته:
لِکِيو جو نِراڙ، سو انگُ ڪِياڙيءَ نه ٿِئي،
پاڙيو ويٺي پار، جيڪين لالنَ لِکيو لوحَ ۾.

(معذوري، 5-8)
انسان عالم الغيب نه آهي ۽ نه ئي سندس سمجهه ڪامل آهي کيس اها خبر نه آهي ته سندس لاءِ ڇا برو آهي ۽ ڇا چڱو؟ قرآن پاڪ ۾ سورة البقره سيپاري سيقول ۾ آهي ته، ترجمو: “۽ عجب ڪونهي هڪ شيءِ توهان کي بري لڳي ۽ اها توهان جي حق ۾ ڀلي هجي ۽ عجب ڪونهي ته هڪ شيءِ توهان کي ڀلي لڳي ۽ اها نقصانڪار هجي توهان لاءِ، انهن ڳالهين کي الله بهتر ڄاڻي ٿو”.
ڪوششن ۽ محنتن جي باوجود به جيڪڏهن اسان جي مرضيءَ مطابق ڪو ڪم نٿو ٿئي ته اسين عام طور تي ته اهو ئي چوندا آهيون ته “اسان جي ته دعا ئي نٿي لڳي” يا “الله تعاليٰ اسان تي نظر ئي نٿو رکي” پر حقيقت ۾ ان ريت نه آهي؟ انهيءَ ڪم جي نتيجي جي خبر نه هئڻ ڪري اسين انهيءَ لاءِ ڪوشان هوندا آهيون. ممڪن آهي اهو ڪم اسان لاءِ بهتر نه به هجي انساني، طاقتون، تدبيرون ۽ سمجهه انهيءَ رب العالمين جي اڳيان ڪجهه ڪونهي، ڪل ڪائنات جي خالق ۽ پنهنجي ٻانهي کي ستر مائرن جي محبت کان به وڌيڪ ڀائيندڙ ۽ سڀ قدرت رکندڙ کي اسان جي بهتريءَ جي وڌيڪ خبر آهي. انهيءَ ڪري ڀروسو ۽ توڪل لازمي آهي.
صاحِبَ تُنهنجي صاحبي، عَجَبِ ڏٺي سُون،
پَن ٻوڙيِن پاتال ۾، پَهڻَ تارِين تُون،
جيڪَر اَچين مُون، تَه ميريائي مانُ لَهان.

(ڏهر، 2-19)
شاهه لطيف جي شاعري ايڏي ته عظيم حيثيت رکندڙ شاعري آهي جو سندس هِڪِ هِڪِ لفظ ۽ هِڪِ هِڪِ بيت کي جڏهن وَرَ ور ڏيئي پڙهبو، ٻڌبو، جهونگاربو ته نيون نيون معنائون پيون نڪرنديون سندس شاعريءَ ۾ اهڙي روحاني قوت آهي ڄڻ هر هڪ ماڻهو جي اندرجو آواز آهي. خاص طور مٿي ڄاڻايل سر سريراڳ جي بيت جي حوالي سان جيڪڏهن وڌيڪ تفصيل ۾ وڃبو ته معلوم ٿيندو ته هيءَ دنيا هڪ سامونڊي سفر آهي، جنهن ۾ چؤطرف خطرائي خطرا آهن، ملاح، ناکئا، معلم/سالڪ، روحاني رهبر هر دؤر جي ضرورت آهن. سونهي کان سواءِ هيءُ سمنڊ اُڪرڻ محال آهي. حضرت علي ڪرم الله وجه جو قول آهي ته “توڪل حڪمت جو قلعو آهي، اِلاهي توفيق ۽ سڀ کان عمدي نعمت آهي ۽ خدا تي توڪل تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن پورو پورو يقين هجي.” خود خدا جي رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن توڪل کي اسلام جو بنياد قرار ڏنو آهي. مطلب ته يقين جي قوت انسان جي وڏي ۾ وڏي طاقت آهي ۽ کيس پنهنجي پاڻ تي ۽ پنهنجي رب تي مڪمل ڀروسو هئڻ گهرجي ته کيس ڪابه تڪليف، الاهي امر کان سواءِ نٿي پهچي ۽ سندس لاءِ پنهنجي نفس جو محاسبو ڪرڻ لازمي آهي، ڇو جو ذري ذري جو رب پاڪ وٽ حساب آهي، جيڪي اسين پوکيندا آهيون، اهو ئي لڻيندا آهيون. انسان جي طبع ۾ لالچ، خودغرضي، بي همٿي، ڪوڙ ۽ ٻيون انيڪ خرابيون فقط انهيءَ ڪري پيدا ٿينديون آهن جو وٽس يقين جي قوت جي ڪمي هوندي آهي. انهيءَ ڪري هو ڀروسو نه ڪندو آهي جيئن چوندا آهن ته “هر شيءِ جي قيمت هوندي آهي، تيئن انسان جي قيمت ان جون خوبيون ۽ چڱا اخلاق آهن” سو انساني خوبين جي هن اعليٰ وصف کي پنهنجو ڪرڻ سان اسان ڪيترين بيمارين ۽ مصيبتن کان بچي سگهون ٿا. ڪوڙ ۽ ڪائي ڪچ کان پري رهي سچ ۽ سونهن جو وکر وهايون ۽ اهو اسان تڏهن ڪري سگهون ٿا جڏهن وڌ ۾ وڏ نيڪيون ڪريون نه نيڪي ڪندڙ ماڻهوءَ جي دل ويران جاءِ جيان آهي فقط اهو نه آهي ته نيڪين جي آڌار تي آخرت ۾ مرتبو ملندو آخرت ته الاهي پري آهي، نيڪيون ته هتي ئي پڌري پٽ پيون آهن، پوکبا گل ته گل ئي ملندا، ڪنڊا پوکي گلن جي آس ڪرڻ اٻوجهائي آهي ۽ جڏهن اسين الله تعاليٰ ۾ رحمت ۽ بخشش جي آس رکون ٿا ته پوءِ اسان کي يقيناً انهن کي مايوس نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي اسان ۾ اميد رکن. پاڻ کان ننڍن ۽ ضرورتمندن جي ضرورت جو خيال رکڻ ۽ ٻين جي ڏکن کي سمجهڻ ئي احساس هوندو آهي ۽ نيڪيءَ جو صلو بلڪل يقيناً نيڪيءَ سان ئي ملندو آهي ۽ اها تڏهن ٿيندي جڏهن دل ۾ رحم ۽ پنهنجي پالڻهار لاءِ پيار ۽ يقين هوندو ته هو اسان کي ڏسي رهيو آهي ۽ ان وٽ انصاف آهي. باقي جيڪڏهن اسان جي اخلاقي قدرن جي عمارت جو بنياد ڪمزور آهي اها مضبوط ٿيڻ مشڪل آهي ته پوءِ وڏين ڪوششن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سچيءَ دل سان اسين انساني عظمت کي ڇهڻ چاهيون ٿا ته، مولانا جلال الدين روميءَ جي چوڻ جيان ته، “انسانيت لاءِ نفرت جي بجاءِ دلين ۾ محبتون آباد ڪريو” تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ شاهه لطيف به ساڳي وائي وات آندي آهي، فرمائي ٿو ته:
محبت جن جي من، تن تشنگي تار،
پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اڃ اٿيار،
پنهون پاڻ پيار، ته اڃ سين اڃ اجهائيان.

انسان اهو آهي جنهن جي ذات مان ٻين کي فائدو ٿئي مظلوم جي تڪليف ته ڪي پل هجي ٿي، پر ظالم هميشه مصيبت ۾ هوندو آهي. ماڻهو اُتاولو ٿي پنهنجي حصي کان وڌيڪ کڻڻ لاءِ سرگردان ڇو ٿو هجي؟ ڇو جو هن جو مَنُ پنهنجي رب تي اعتبار، توڪل ۽ ڀروسي کان پري هوندو آهي. هُن کي فقط حال ۽ مستقبل جي پرواهه هجي ٿي. پنهنجي پالڻهار تي توڪل رکي جيڪڏهن سچيءَ دل ۽ صفائيءَ سان دين ۽ دنيا جي وهنوار ۾ هلي ته هو جيڪي چاهيندو رب کيس نيڪ نيتيءَ سبب نوازيندو. مشهور ڏاهو خليل جبران چوي ٿو ته “چڱائيءَ جو ڏس ڏيڻ ۽ برائيءَ کان نه روڪڻ انساني، قومي ۽ خدائي ڏوهه آهي. “هر ڪو پاڻ ڄاڻي” چئي پاڻ کي ضمير، قوم ۽ خدا جو ڏوهاري ٿيڻ کان بچايو.” سو اسان تي فرض آهي ته پنهنجي ڏاهي مفڪر شاهه لطيف جي سڏ کي دل جي ڪنن سان ٻڌون جنهن اسان کي چڱائيءَ جا ڏس ڏنا آهن ۽ برائيءَ کان روڪيو آهي ۽ سندس ڪلام کي فقط زباني، ڪلامي استعمال نه ڪيون، پر هينين سان هنڊائي عام ڪريون ۽ عمل ڪريون. هُن اسان کي کُلي نموني سمجهايو آهي ته وهم وسوسا، خوف ۽ خطرا، مصلحتون ۽ مونجهارا فقط ۽ فقط ماڻهو کي ڀنڀلائڻ، ڊيڄارڻ ۽ مقصد تان هٽائڻ لاءِ هوندا آهن. انهيءَ ڪري گهتون گوهيون ڇڏي. لڪ ۽ لنگهه لنگهبا. پنهنجي پالڻهار تي مڪمل ڀروسو ڪري اعليٰ مقصد جي تانگهه طلب ۾ آڻڻ سان ئي زندگيءَ جو اجهاڳ سفر شان سان جهاڳي سگهجي ٿو.

هُو چَوَنِئي تُون مَ چَؤُ واتان وَرائي يا مِٺڙا ٻول اُتم ٻول

هُو چَوَنِئي تُون مَ چَـؤُ، واتان وَرائي،
اَڳ اَڳرائي جو ڪري، خَطا سو کائي،
پاندَ ۾ پائي، وَيو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِين.

(8- 17، يمن ڪلياڻ )
اخلاقيات ۾، وڏن اسان کي جيڪي سهڻا سبق سيکاريا آهن، انهن موجب ماٺ ۾ سلامتي آهي، بلڪه جيڪڏهن ڪير ڪاوڙ مان توهان کي ڪجهه چوي ته به ورندي نه ڏيڻ ئي فائديمند آهي. ماٺ پيغمبرن جو ورثو، نيڪن جي ڏات ۽ نيڪ گڻن جي بلنديءَ سان گڏ خدائي حڪم آهي.
بي بي مريم عليها السلام کي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيدائش مهل حڪم ٿيو، ته “ٽي ڏينهن ماٺ ره” ۽ سندن بجاءِ رب پاڪ جي حڪم سان عيسيٰ عليه السلام پنهنجي قوم کي جواب ڏنو، عيسيٰ عليه السلام جو ڳالهائڻ هڪ معجزو هو، پر حضرت مريم جو ٽي ڏينهن نه ڳالهائڻ چپ جو روزو هو. حضرت زڪريا عليه السلام کي به يحيٰ عليه السلام جي پيدائش جي خوشخبريءَ سان گڏ ٽي ڏينهن خاموشيءَ جي روزي رکڻ جو حڪم مليو. آڳاٽي زماني ۾ چپ جو روزو هڪ احسن عمل ۽ خاص عبادت طور رکيو ويندو هو.
عام طور به اسين ڏسنداسين ته ماٺ ۾ وڏي برڪت ۽ خوبي آهي. چوڻي آهي ته “جيڪي منجهه ماٺ، سو ڪڇڻ مان ڪونه ٿئي” ڪجهه ماڻهو ڪاوڙيل، جذباتي طبيعت جا ۽ ننڍيءَ ننڍيءَ ڳالهه تي مشتعل ٿي ويندا آهن، ڪجهه جي زبانن ۾ ڌڻيءَ پاڪ، بي صبري، بي شڪري، طعني خوري ۽ غيبت جو عنصر رکيو هوندو آهي. اهڙن کي ورندي ڏيڻ يا ساڻن، بحث ۾ اچڻ ۾ پنهنجي عزت ۽ جان کي جوکو هوندو آهي. انهيءَ ڪري شاهه سائين صبر ۽ ماٺ جي تلقين ڪندي، خاص چون ٿا ته، “هو چونئي” پر: “تون م چئو”، اهو ئي صبر، سهپ ۽ برداشت جو درجو آهي. خدا پاڪ بصير، عليم ۽ خبير سڀ ڏسندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. جيڪو اڳرائي ڪري ٿو انهيءَ کي ئي نقصان پهچائي سزا ڏئي ٿو. صبر واري جو صبر مٿس ضرور ڪري ٿو. بي صبر ۽ بي شڪر ماڻهو، ڪيني ۽ حَسدَ جهڙين برين لعنتن ۾ گهيريل هوندو آهي. حسد لاءِ حديث پاڪ آهي ته “حسد انسان کي ايئن کائيندو آهي، جيئن باهه ڪاٺين کي.” حاسد يا رقيب خود سڙي ٿو. کيس ڪيني جي ڪري ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئي، پر اها به حقيقت آهي ته حاسد جو نقصان محسود کي ضرور ٿئي ٿو. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اهڙن شخصن کان پاسو ڪيو وڃي. بي صبر، وات هڻندڙ، طعنن جي تيرن سان ٻين جي دلين کي مجروح ڪندڙن جي هر قول و فعل تي انسانيت لڄي هوندي آهي. انهيءَ سبب کان دنيا جي سڀني مذهبن ۾ ماٺ کي سلامتي قرار ڏنو ويو آهي. سهڻي سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته “ٿور کائڪ، ٿورو ڳالهائو، گهڻو ساڱائيندڙ، ڪڏهن به مصيبت ۾ نه پوندو.” ماٺ جو عمل سوچي سمجهي ٿو ڪيو وڃي جو تڪليف ده ۽ انساني ضبط جي قوت جو هڪ وڏو امتحان آهي. بعض اوقات اهڙيون حالتون به هونديون آهن جو اسين سؤ سيڪڙو حق بجانب هوندي به ڳالهائڻ کان احتراز ڪندا آهيون. صرف انهيءَ لاءِ ته جيئن جهڳڙو ٽري وڃي يا ڪٿي ڪٿي مجبوريءَ کان به چپ هجون ٿا، جو ڪو داد فرياد ڪرڻ وارو ڪو نه هوندو آهي. انهيءَ وقت جي خاموشي ايئن آهي جيئن “مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ” پر اها به ڪاميابي جي ضمانت ٿيندي آهي.
صبر جو ڦل مٺو هوندي به دين ۾ ڪجهه حالتن ۾ ڳالهائڻ لاءِ حڪم ڏنل آهي ۽ خاص طور ظالم حاڪم اڳيان، سچ چوڻ جهاد آهي. ڪڏهن ڪڏهن خاموشيءَ جي ڪري ايئن به ٿيندو آهي، جو ماڻهو بي سبب دٻجي وڃي ٿو ۽ ڪجهه عجيب حالتون پيدا ٿي وينديون آهن ۽ ڪجهه حالتن ۾ گهڻي خاموشي ڪوڙ، منافقي ۽ بزدليءَ ۾ به هوندي آهي. انهيءَ نڪتي تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي ته ماٺ جو معيار ڇا آهي؟ ۽ پوءِ ان کي ئي پنهنجو ڪرڻ کپي. ڪنهن ڪنهن وقت جيون ۾ اهڙو سمو به اچي ٿو، جو اسان کي پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪرڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي، ته پوءِ اعتدال ۽ محبت ميٺ سان پنهنجو پاڻ جي بچاءُ ۾ ڪجهه نه ڪجهه تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن.
ڏٺو وڃي ته زبان ئي آهي، جيڪا ماڻهو کي اعليٰ کان اعليٰ مقام ڏياري ٿي ۽ اهائي زبان آهي جيڪا کيس هيٺ کان هيٺ ڪرائي ٿي. ساڳي زبان اس ۾ ويهاري ساڳي زبان ڇانو ۾ ويهاري. اها ئي زبان کٽ تي ويهاري اها ئي زبان پٽ تي ويهاري. پوءِ جيڪڏهن زبان بادشاهي آهي ۽ زبان بي حيائي پڻ آهي ته پوءِ اسين ڇو نٿا غور ڪري سوچي سمجهي ڳالهايون؟ ڪنهن کي به پنهنجي قول ۽ فعل سان ايذاءَ ۽ اهنج نه رسايون. “زبان ننڍڙي پر وهه جي ڳنڍڙي” آهي. زهر به آهي ته امرت پڻ. انهيءَ جي استعمال تي سڄو دارومدار آهي. اهو به ماڻهوءَ جي وس آهي. صرف عقل، سمجهه، سهپ ۽ صبر سان دنيا ۾ هلڻ کپي. دليون رنجائڻ واري طعني خور، غصه ور، جهڳڙالو، منافق ۽ گلاخور کان هرڪو پاسو ڪري ٿو. انهيءَ ڪري جو اهڙي قسم جي ماڻهن جي زبان ضابطي ۾ نٿي هجي. “جيترو قاعدو تيترو فائدو” وانگر هر هڪ قول ۽ فعل ۾ اعتدال تمام لازمي امر آهي. تلوار جو گهاءُ ته ڀرجي سگهي ٿو، پر زبان جو زخم ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي. سنگت ۾ يا آس پاس واري ڪنهن به شخص کي زبان تي قابو نه هجي يا سندس مزاج برهم هجي ته ان کان پاسو ڪرڻ بهتر آهي. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو.
ويٺي جَنين وٽ ڏکندو ڏاڍو ٿِئي،
سا مجلس ئي مَٽِ، جي حاصلُ هوءِ هزار جو.

(8- 25، يمن ڪلياڻ)
اهڙا گهڻ ڳالهائو (وندرائيندڙ) دوست ئي گهوريا جن مان ڪو مقصد حاصل نه ٿئي گهڻي ڳالهائڻ سان دل سخت ٿي وڃي ٿو، جيڪو مؤمن جي لاءِ وڏو نقصان ۽ سانحو آهي. دلين جو سخت ٿيڻ ئي رب کان دوري آهي. گهڻو ڳالهائڻ، دل آزاري ۽ جهيڙي جو باعث به هوندو آهي. اسان وٽ گهڻن کي نه وقت جي قدر ۽ نه ئي کين نفس جي محاسبي جو فڪر آهي. جيڪڏهن اسين دنيا ۾ قلب جو اطمينان چاهيون ٿا ته خاموشي اختيار ڪريون، جيڪا آخرت جو به ڇوٽڪارو آهي.
چوڻي آهي ته، “عادت عضوو آهي.” ۽ ماڻهوءَ ۾ ننڍپڻ کان پيل عادتون ڪڏهن به نه نڪرنديون آهن جنهن به شخص جي عادت ٻين کي ايذائڻ، منافقت ڪرڻ، طنزن جا تير وسائڻ جي هوندي. اهو ڪڏهن به ڪو نه سڌرندو جيستائين امر الاهيءَ سان سندس ڪا رهنمائي نه ٿئي، اهڙا شخص سڀنن جا ناپسنديده رهندا آهن. سندن سڄڻ گهٽ ۽ دشمن گهڻا هوندا آهن. اهڙيءَ ريت گهڻو ڳالهائڻ به هڪ عادت آهي. انهيءَ ڪري سياڻن چيو آهي ته “ڄڀ جي ترڪڻ کان پيرن سان ترڪڻ چڱو آهي.” معنيٰ ته گهٽ ڳالهائڻ ئي نعمت آهي.
ٿورو ۽ احسن ڳالهائيندڙ انسان، برداشت، صبر، ۽ سمجهه جي مڻيا سان واڳيل هوندو آهي. هو هڪ اهڙي گهڙي وانگر هوندو آهي جيڪو پاڻ کي خود ئي ڇانو ۾ رکائيندو آهي. هر طرف سندس نيڪي پکڙجي ٿي ۽ هن دنيا مان وڃڻ کانپوءِ به هن جا ڳُڻ پيا ڳائبا آهن. اهڙا شخص نه فقط گناهن کان بچن ٿا، پر مخلوق جي دل آزاريءَ کان به بچيل هوندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اهم ۽ قديم چوڻي آهي ته “جيترا وات ايتريون ڳالهيون” انهيءَ تي غور ڪرڻ گهرجي ته سياڻن جي اها چوڻي ڪيئن وجود ۾ آئي؟ جڏهن هڪڙي ئي ڳالهه مختلف ماڻهو مختلف ڍنگ ۽ رنگ سان اهڙيءَ ريت بيان ڪندا آهن، جو ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي وڃي. تڏهن اها چوڻي صحيح ثابت ٿئي ٿي ته “جيترا وات اوتريون ڳالهيون.” ڇو جو هر ڪنهن جي زبان پنهنجي آهي. ڪجهه الله جا نيڪ بندا ڪا به ڳالهه ٻڌندا آهن ته انهيءَ کي وڌائڻ جي بجاءِ بيان ڪرڻ کان به لنوائيندا آهن ته متان سندن زبان گلا و غيبت جو موجب ٿئي ۽ ڪجهه اها ڳالهه مختصر بيان ڪندا آهن ته جيئن ڊيگهه نه ٿئي ۽ قصو نه وڌي. پر ڪي اهڙا شاهينگ، مرچ مصالحن جا شوقين، فتني ۽ فساد جا اڳواڻ انهيءَ ئي بيان کي ايترو ته وڌائي ۽ ڦٽائي ڦهلائيندا آهن جو هڪ معمولي ڳالهه قطعي نئون رخ اختيار ڪري فتني جو موجب ٿي ويندي آهي. رسول صه جن فرمايو آهي ته “ماڻهوءَ جي ڪوڙي هئڻ لاءِ ايتروئي ڪافي آهي ته هو ٻڌل ٻڌايل ڳالهه کي بيان ڪري.” اهڙين حرڪتن سان ئي نفاق پوي ٿو. مسلمان پنهنجي مسلمان ڀاءُ جو دشمن ٿئي ٿو.
بد زبانيون قتلن جو موجب ٿين ٿيون. بدزبانين سبب گهر برباد ٿي، طلاقون ٿي وينديون آهن. جهيڙن سان سڄي زندگيءَ لاءِ ويڇا قائم ٿي، ماڻهو هڪٻئي سا قطع تعلق ڪري ڇڏيندا آهن. انهيءَ ڪري گرميءَ ۽ جهيڙن مهل جواب يا ورندي ڏيڻ سان هيڪاري جهيڙو وڌي ويندو آهي. شاهه سائين موجب ته،
سُڻي ويڻَ ڪَنن سين، ورائجِ مَ وَرِي،
هاديءَ جي هِدايتَ جي، آهي اِيءَ ڳَـري،
تنِ سچي سَاهه سَري، جَن ماريو مَنُ مَاٺ سين.

بي سمجهن ۽ بددماغن جي بد زبانيءَ تي ورندي ڏيڻ ۽ واتئون ورائڻ سان نه صرف فتنو ۽ فساد وڌي ٿو بلڪه وڏي بدامني ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري ماٺ ئي بهترين حل آهي. ماٺ، بندگي، روحاني راهه ۽ انسان جي اندر جو جلوو ۽ جمال آهي. ماٺ آتما کي اوڏو ٿي آڻي، لفظ ڳالهائڻ ويڇو آهن ۽ جڏهن دليون نه مليل هجن ته لفظ وڌيڪ وڏي دوري آهن. شاهه سائين بلڪل بجا فرمايو آهي ته:
“هُو چَوَنِئي تُون مَ چَؤُ واتان ورائي”.

حَيف تنين هوءِ جن وطن وساريو / يا سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري

وطن جي حُب ايمان جي نشاني آهي، وطن جي حُب آزاديءَ جو سريلو گيت آهي، وطن جي حُب انساني ضمير جو آواز آهي، اهو وطن ئي آهي جنهن جي هنجهه ۾ ماڻهو پلي نپني وڏو ٿيئي ٿو. جتي جي هنڌن ماڳن ۽ ماڻهن سان سندس يادون وابسطه هجن ٿيون. هو حياتيءَ جي لاهن چاڙهن سبب ڀلي پنهنجي وطن کان پري به ٿيئي پر سندس دل ۽ دماغ هر وقت پنهنجي وطن وڃڻ لاءِ واجهائيندو. جنهن انسان کي پنهنجي وطن سان محبت نه آهي اهو نڪ نرڄو ۽ بي حس آهي. تڏهن ته شاهه سائين چوي ٿو ته؛ “حيف تنين هوءِ جن وطن وساريو”. يا “سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري.”
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي لافاني شاعر پنهنجي سڄي رسالي ۾ سنڌ جي عظيم نياڻيءَ مارئيءَ جي وطن سان محبت کي مڃتا ڏيندي هڪ مڪمل سُر “سُر مارئي” جي نالي سان رکي مارئيءَ جي ملير جي محبت کي مڃيو آهي.
مَحَلين ماندِي مارُئي، ڏِٺِيم مُنهن مَلُورُ،
اَڻَڀا سَڻَڀا نَه ڪَري، سُونهن وِڃايَس سُورَ،
پِيَسِ لوهَه، لَطيف چي، لٿس ڪَوڏ، ڪَپُور،
چِتَ جَنِين جا چُور، سي مَکي مَرَڪُ نه ڪَندِيُون.

(4- 7، مارئي)
آخر عمر بادشاهه مارئيءَ جي عزم ۽ استقلال اڳيان آڻ مڃي، کيس وطن واپس موڪليو.
ڪيترائي مثال اهڙا ملندا، جن ۾ ماڻهن پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون، سي رائيگان نه ويون ۽ سندن نالا تاريخ ۾ امر ٿي ويا. اهي ملڪ هميشه لاءِ غلاميءَ جي طوقن کان آزاد ٿيا. پر ڪي مثال اهڙن بدنامن جا به دنيا ۾ ظاهر ٿيا آهن، جن پئسي تي هرکجي ۽ وڪامجي ملڪن ۽ قومن جا ڪنڌَ جُهڪائي، انهن کي غلام ڪيو. انهيءَ غلاميءَ ۽ آزاديءَ جي پاڻ پتوڙيندڙ سرزمينن جا داستانَ جيڪڏهن لکڻ ويهجن ته ڪتابن جا ڪتاب لکجي وڃن. غدارن جو نالو هميشه لاءِ حقارت ۽ ذلت سان سڏبو آهي. جيئن، “جعفر ازبنگال، صادق از دکن، ننگ ملت، ننگ دين، ننگ وطن”.
حضرت يوسف عليه السلام پنهنجي وطن (ڪنعان) کان پري ٿي، جڏهن مصر جو بادشاهه ٿو ٿئي تڏهن به کيس مصر جي بادشاهيءَ کان ڪنعان جي فقيري ڀلي ٿي لڳي، وطن جي مٽيءَ ۾ ربَّ پاڪ ڪا اهڙي خوشبو رکي آهي، جو جتي به انسان هوندو آهي، اتي کيس پنهنجي وطن لاءِ ڪشش محسوس ٿيندي آهي. پنهنجي وطن کان سوين ميل پري ماڻهوءَ جي اندر جا احساس ڇا هوندا آهن؟ اهو نقشو شاعرن تمام سهڻو چٽيو آهي ۽ خاص طور شاهه صاحب مارئيءَ جي روپ ۾ وطن جي حب کي اونچو مقام ڏيئي اَمَر ڪيو آهي. ماروئڙن وٽ پيل مينهن جي بوند به شاهه صاحب لاءِ خوشيءَ جو باعث آهي. سنگهارن جي سک کي طلبيندڙ شاعر پٽن ۾ ان جي ارزان هئڻ جون دعائون ٿو گهري، سارنگ کي پارت ٿو ڪري ته “وطن وسائيج ته سنگهارن سک ٿئي” هو وطن وساريندڙن کي هٺ ڦٺِ ڪندي، ڄاڻائي ٿو ته هي ايماني جذبو تمام اتم آهي.
جيڪڏهن گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته؛ اها ڌرتي جنهن تي انسان پَلِي نِپني وڏو ٿو ٿئي، جتي سندس جيئندان جا گَسَ ٿا گهڙجن، جتي جو پاڻي سندس جسم ۾ رت ٿي ٿو ڊوڙي، جنهن وطن جي هنج ۾ هن پنهنجو ٻالڪپڻ ۽ جواني گذاريا هجن، جنهن سان سندس ڪيتريون ئي حسين يادون وابسته هجن ۽ پوءِ ڪنهن مجبوريءَ سان جيڪڏهن هو پري ٿئي ٿو ته ڄڻ سندس لاءِ آزمائش جو وقت اچي ٿو وڃي ۽ وري جڏهن وطن جا وڻ اکين ڏسي، پنهنجي ماروئڙن سان ٿو ملي، تڏهن ئي سندس سرير کي صحيح نموني شڪتي ۽ آسيس ٿي ملي.
سنڌ ڌرتيءَ تي رهندي، سنڌ جي مٽيءَ سان سچو رهڻ ۽ پنهنجي ملڪ پاڪستان سان وفادار رهڻ اسان جو بنيادي فرض هئڻ گهرجي، پر اسان مان ڪجهه منفي سوچ رکندڙ ايئن به چوندا آهن ته هن ديس اسان کي ڇا ڏنو آهي؟ ٻين ملڪن ۾ هي سک آهن يا فلاڻي ديس ۾ فلاڻيون الاڻيون سهولتون آهن. ها برابر! پر اسان هِنَ ديس کي ڇا ڏنو؟ ڇا اسين پنهنجا فرض ادا ڪري رهيا آهيون؟ ڇا حق ڇڪڻ کان اڳ ۾ اسان پنهنجو محاسبو ڪيو آهي؟ من ۾ مفتي ويهاري ضمير جي آواز تي لبيڪ چئي عملي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙا ڪم ڪيا آهن، جيڪي ديس جي لاءِ ڪارائتا به هجن ۽ اسين بنا ڪنهن نالي، ڏيکاءُ يا ڪنهن رياءُ ۽ لالچ جي ڪريون. ڇا اسان وطن جي محبت جي هن بي بها جذبي کي صرف اندر ۾ رکيو آهي؟ وطن ۽ وطن واسي ته اسان کان عملي مدد ٿا گهرن. هن عملي وايومنڊل جي ڪائنات ۾ هر ڪم جو واسطو عمل سان آهي. صرف دلي ۽ زباني محبت سان اسين وطن جا وارث ڪو نه سڏائينداسين، بلڪه ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ سان ئي هن ڌرتيءَ کي ڪامياب و ڪامران ڪري دنيا ۾ ڪنڌ کڻي سگهنداسين.
وطن جي حب ته انقلاب جو سريلو گيت آهي. هيءَ مقدس محبت ته محبوب جي مُرڪ جي معصوميت ۽ گلاب جي مهڪڻ جهڙي ۽ هر شيطاني جذبي کان عاري آهي. پوءِ اسان ڇو پنهنجي ملڪ کي نفرتن، نفاقن، عصيبتن، فرقن ۽ ٽولن ۾ ورهايو آهي؟ لسانيت، علاقائيت، فرقيواريت ڇو ملڪ جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي؟ ڇا اسان عملي طور چڱا انسان ٿيڻ جي ڪوشش نٿا ڪري سگهون؟ اچو ته سڀ نفرتون ۽ ويڇا وساري هڪ ٿي ثابت ڪريون ته سنڌ ڌرتي اسان جي آهي ۽ هي سڄو ملڪ اسان جو آهي ۽ وطن جي محبت ايمان جي نشاني آهي. اسين سڀ مسلمان آهيون، اسلام ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ايمان کي حاصل آهي. ايمان جي سلامتيءَ خاطر وطن کي ڇڏڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي. رسول پاڪ ﷺ جن مديني هجرت مهل، مڪي شريف ڏي منهن مبارڪ ڪري فرمايو ته “اي مڪه جيڪڏهن هجرت لاءِ خدا جو حڪم نه هجي ها ۽ ڪافر مون کي نه ستائين ها، ته هرگز توکي نه ڇڏيان ها. تون مون کي ڏاڍو پيارو آهين” حضور سرور ڪائنات جن جي دل ۾ وطن جي محبت موجزن هئي، پر اسلام جي پکيڙڻ لاءِ هجرت ڪرڻ خدا پاڪ جي حڪم مطابق ضروري هئي. هن مثال مان اسلام ۾ وطن جي محبت جي جذبي جي خبر پوي ٿي. اها حقيقت آهي ته محبتن جي وڌڻ ۾ دوريون به خاص اهميت رکن ٿيون. جيترو وطن کان پري ٿبو، ايتروئي وطن جي حب من ۾ اتپن ٿيندي.
وطن جي حُبّ جي شروعات انهيءَ هنڌ کان ٿئي ٿي، جتي ماڻهو جنم وٺي ٿو، جنهن ۾ اهو پاڙو، ڳوٺ، شهر صوبو ۽ ملڪ اچي وڃن ٿا. سنڌ ۾ رهندي سنڌ جي محبت ڪَرَ کنئي بيٺي هوندي، پر جڏهن ملڪ کان ٻاهر وڃبو ته اسان جي سڃاڻپ پاڪستان هوندو. انهيءَ مهل علاقائي سڃاڻپ کان وڌيڪ قدر ملڪي شناخت جو هوندو آهي. ۽ جيڪڏهن ٻاهر پاڪستانين کي گهٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ته اندر ۾ شديد ڏک جو احساس ٿيندو آهي ۽ دل چاهيندي آهي ته پاڪستان جو نالو پوريءَ دنيا ۾ شانَ ۽ مانَ سان ورتو وڃي.
وطن جي آزاديءَ جي طلب رکندڙ سرفروش، سر ڏيئي سرهو ٿيڻ جو جذبو رکندڙ جڏهن اهو چوندا آهن ته “گدڙ جي سؤ سالن جي زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي حياتي بهتر آهي.” تڏهن هو ذاتي مفاد وساري، قومي مفاد کي ترجيح ڏيئي، ملڪ ۽ قوم لاءِ دل، جان ۽ مال قربان ڪندا آهن. پوءِ اهڙيون ئي قومون سربلنديءَ سان سرفراز ٿينديون آهن.
سُورِهِيه! مَرين سوڀَ کي، ته دِل جا وَهَمَ سَڀ وِسار،
هَڻُ ڀالا وِڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍالَ مَ ڍارِ،
مٿان تيغ ترارِ، مارِ ته مَتارو ٿِيين.

(5- 5، ڪيڏارو)
اها وطن جي هنج آهي جنهن ۾ اسين محفوظ رهي روشن مستقبل جون اميدون اکين ۾ وسايون ٿا. جنهن ۾ اسان جا سپنا ساڀيان پائين ٿا. انهيءَ جي لاءِ هر قرباني ڏيڻ جي همت اسان جي وڏي ننڍي کي خود ۾ پيدا ڪري. وطن جي هر شيءِ کي مقدس ۽ مٿانهون سمجهي مانائتو ڪرڻو آهي. واقعي وطن هڪ اهڙي روشني آهي جنهن جي چوگرد ڪئين سچا پروانا حياتيون ڏيڻ لاءِ آتا آهن. هي لاشڪ هڪ اعليٰ ۽ اتم جذبو ۽ اهم فطري عمل آهي ۽ انهيءَ جذبي سان سرشارن جي ئي دنيا ۾ عزت هُجي ٿي. کين محبت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. شيخ عبدالحليم جوش صاحب فرمائي ٿو ته:
وقار قوم جو، اسان جي ولولن جي دام ۾،
وطن جي آبرو، اسان جي ڪوششن جي جام ۾،
ملي اسان کي منزل مراد، گام گام ۾،
عمل جي راهه ۾ اوهين اڃا به تيز تر هلو!
اچو اچو، اي ساٿيو، وڌو وڌو اي دوستو!

مُفتي مَنجهه وِهارِ ته قاضِيءَ ڪانيارو نه ٿِيين

اَڻ چَوندنِ مَ چَؤُ، چُوندِن چَيو وِسارِ،
اٺ ئي پَهَرَ ادب سين، پَرِ اِهائي پارِ،
پايو منهن مُونَنِ ۾، غَربتَ ساڻُ گُذارِ،
مُفتِي منجهه وِهارِ، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿِيِين.

(8-23، يمن ڪلياڻ)
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو هڪ هڪ لفظ ڄڻ املهه موتي ۽ هڪ هڪ سٽ لاجواب، جنهن ۾ عميق معنيٰ سمايل آهي. سچ پچ ته من ئي انسان جو سونهون ۽ من ئي قاضي آهي. من جي قاضيءَ يعني “بيدار ضمير”. کان وڌيڪ ڪو به منصف ۽ مفتي نه آهي. چوندا آهن ته، “قاضي ويٺو آهي قلب ۾ ٻين کان ڇا پڇجي” ضمير جو آواز، انساني اندر ۽ ايمان جو آواز آهي. اهو هڪ اهڙو عظيم گيان ۽ ڌيان آهي. جنهن سان پاپ ۽ اگيان کي شڪست ڏيئي سگهجي ٿي، پر فقط هڪڙو شرط آهي ته نيڪ نيتي ۽ اندر جي سچائيءَ سان من جي سجاڳيءَ ۽ آواز تي ڌيان ڌري لبيڪ چئي. بيداريءَ سان حق ۽ باطل جي پروڙ ڪجي، باضمير انسان جو هر قول، فعل ۽ فيصلو انصاف جي ڪسوٽيءَ تحت هوندو آهي. وٽس ڪا به ندامت ۽ شرمساري ڪر نه کڻندي آهي. اها ضمير جي پڪار آهي جنهن جي اثر هيٺ ڪيل نيڪ فيصلا ماڻهن جي دلين کي اندر جو اطمينان عطا ڪندا آهن. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ موجب ته، “وويڪ جي واڻي شمشير جوهر کان به تيز آهي.”
جيئن ته انساني طبيعت ٻن قوتن ملڪوتي ۽ بهيمي يعني حيوانيءَ جي اثر هيٺ آهي ۽ مٿس جيڪڏهن پهرين قوت غالب آهي ته هو “فوق البشر” يعني “ڪامل انسان” آهي ۽ اهو فوق البشر، جنهن پنهنجي نفس کي ماري مات ڪري پنهنجي وجود جو ورق ورائي پاڻ کي ڪامل انسان بنايو آهي. تنهن کي بشري عارضن جي فنا ٿيڻ کانپوءِ جيڪو ڪماليت جو درجو عطا ٿئي ٿو ان جو سبب ئي اندر جي بيداري آهي، جيڪا کيس ڪانيارو ٿيڻ کان بچائي، هڪ خاص مقام تي پهچائي ٿي. حضرت داتا گنج بخش علي هجويريءَ موجب ته:
“الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن ٻانهي تي ڀلائيءَ جو ارادو فرمائي ٿو، تڏهن کيس پنهنجي نفس جا عيب ڏيکاري ٿو.” 1
اهڙيءَ طرح منصفانه مزاج رکندڙ شخص جو يقين آهي ته “وڃائي وجود تهان پوءِ تڪبير چوڻ” سان ئي هو اصلي عدالت ۾ اگهبو، من جي موتي کي سچائيءَ سان جرڪائڻ جو عمل ڏکيو ۽ اڙانگو ضرور آهي. اها شعوري ڪوشش هر ڪنهن جي وس جي ناهي. پر ته به هن دنيا ۾ ڪيترائي ارادن جا اٽل، عزم ۽ همت جا پيڪر پيا آهن جن لاءِ “ڇپر ڇاڙڪي” آهي. هو سچ جي واٽ جي ڳولها ڪندي سک سان نٿا سمهن. هو مقصدي واٽ کي ترجيح ڏيندي لبيڪ چئي اڙانگن رستن تي ٿا هلن.
سکن واري سڌ، متان ڪا مُون سين ڪري،
اندر جنين اڌ، ڏُونگر سي ڏورينديون.

قلب ۾ جهاتي پائي پنهنجو محاسبو ڪرڻ وارن اهڙن ڪاپڙين جي هن ڪلجڳ ۾ ڪمي ڪانهي پر ڪئين بي ضمير سندن رستن ۾ رڪاوٽون وجهي، پٿر ۽ ڪنڊا وڇائي کين طرح طرح جون مشڪلاتون ٿا ڏين. اهي حيوان سچ ۽ انصاف جي واٽ جا ويري آهن، پر سچ هميشه کان امر رهيو آهي ۽ رهندو. ضمير جي اَمُلهه ۽ اثرائتي آواز جي بدولت سقراط زهر جو پيالو پيتو، حضرت حسين عليه السلام سر ڏيئي سرهو ٿيو ۽ اهڙا گهڻائي گهوٽ اڻ موٽ هن دنيا ۾ ٿي گذريا، جن مقصدي واٽ تي هلڻ لاءِ تَنَ، مَنَ ۽ ڌَنَ قربان ڪيا. اها روشني کين مَنَ جي سچائيءَ، سجاڳيءَ، غور ۽ فڪر جي سبب نصيب ٿي. واقعي “جڏهن اسين پنهنجي اندر جي ديوتا جي ڳالهه مڃيون ٿا تڏهن اسان جي خيال، وچن ۽ ڪرم Thought, word, Dead ۾ پويترتا اچي ٿي. تڏهن ئي اسان کي روشني ملي ٿي.”
دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ انسان کي جيڪا مهان ۽ عظيم شڪتي محسوس ٿي. هن انهيءَ کي ئي پنهنجو خدا تسليم ڪيو، پر اڳيان هلي سندس رهنمائيءَ لاءِ گهڻائي رهبر، رهنما، ڏاها، عالم، پيغمبر ۽ پيامبر آيا، جن کين الاهي روشني عطا ڪئي. ڪيترائي مذهب وجود ۾ آيا. جيئن: اسلام، هندو ازم، عيسائيت، يهوديت، چيني ڌرم، سک ڌرم، ٻڌ ازم وغيره.
سڀني مذهبن جي تعليم ۽ تحقيق کانپوءِ انسان انهيءَ نتيجي تي پهتو ته بيشڪ ڪا ڪائناتي قوت آهي. جيڪا هر هنڌ حاضر ۽ ناظر آهي. جنهن کي ڀل “خدا”، “ايشور” يا “گاڊ” جو نالو ڏيون، پر حقيقت ۾ اها قوت انسان کان مٿي ۽ سڄيءَ دنيا جو سرشتو هلائيندڙ آهي. ۽ تحقيق اها قوت انسان جي اندر پڻ موجود آهي. صرف ڌيان، گيان، سوچ ۽ نيڪ نيتيءَ جي ڳولها سان کيس لهي سگهندو آهي. مَنَ جي عدالت جو حساب ڪتاب ڪري پاڻ کي پرکي کيس پائڻو آهي. اسلام موجب ته الله تعاليٰ ساهه جي رڳن کان ويجهو آهي. هو دلين جا حال ڄاڻندڙ آهي ۽ اندر جي صفائي ۽ پليتائي پرکيندڙ آهي. انساني نفس شيطاني قوتن سان گڏ اعليٰ بشري خصوصيتن سان نوازيل آهي. هندو مذهب موجب، ايشور “نرگڻ” به آهي ته “سگڻ” به آهي، ايشور کي ڏسي نٿا سگهون پر چاهيون ته ڏسي سگهون ٿا. يعني “جيڪڏهن دل کوٽي آهي ته عذر گهڻا” جي مصداق اهو سڄو دل جو حساب ڪتاب آهي.
هتي ته “دوست جو ديرو دل ۾ آهي نائي نيڻ نهارڻ جي” قوت پيدا ڪرڻي آهي. ايشور جي وڏي ۾ وڏي رچنا/ تخليق انسان آهي ۽ انسان جي وڏي ۾ وڏي رچنا پرارٿنا يعني عبادت آهي. دنيا ۾ ڪيترائي مذهبي ڪتاب آهن جن جو مول متو عبادت ۽ ڀلائيءَ ڏي راغب ڪري ٿو. خاص طور قرآن پاڪ، بائيبل، ويد، پراڻ، اپشند، رامائڻ، مها ڀارت، گيتا، ڌمپڊ، ڪلپ سوتر، ٽين ڪمانڊمينٽس، گروگرنٿ، تاڻو تيه چنگ، زينڊ اويستا، بوڪ آف اسپرنگ ۽ آٽم وغيره. سڀني جي فلاسافي سچ، سونهن، اندر جي صفائي، دان ۽ ديا تي ٻَڌل آهي، جنهن ۾ رهي سماج کي روحانيت بخشڻي آهي ۽ سڀ عبادتون پالڻهار جي گڻن ڳائڻ سان گڏ اهو ٿيون ڄاڻائين ته هُو هر هنڌ حاضر ناظر هئڻ سان گڏ انساني اندر ۾ شامل آهي. اندر جو آواز ڪن ڏيئي سوجهڻ سان سندس جلوو سامهون ايندو. شاهه ڀٽائي انهيءَ نقطي کي هن ريت ٿو واضح ڪري،
هوتُ تُنهنجي هَنج ۾، پُڇين ڪوهُه پَهِي،
“وَفِيۡ اَنفُسِکُم اَفَلَا تُبصِرُونَ”، سُوجهي ڪَرِ سَهِي،
ڪڏهن ڪا نَه وَهِي، هوتُ ڳولهڻ هَٽَ تي.

(5-12، سسئي آبري)
پنهنجي اندر ۾ ڳولها ڪري محبوب کي لهڻ لاءِ غور و فڪر ئي وڏو مقام آهي. “افلا تبصرون” يعني ڇا توهان نٿا ڏسو؟ مطلب ته اها بصارت کپي جيڪا عام جي ڏسڻ جي نه آهي هتي ته سوجهڻو آهي. ڪائنات جي مطالعي ۽ مشاهدي کان اڳ ۾ پنهنجو مطالعو ۽ مشاهدو ڪرڻو آهي. پاڻ کي فتح ڪري. آتما کي سڃاڻڻ يا انساني اندر جو اڀياس، مطلوب کي طالب جي ويجهو آڻي، اندر جا ڪٽ ڌوئي کيس پاڪ صاف ڪري ٿو.
دُودُ دل تان دُور ڪري، ڪَرِ ساڄَنَ صفائي،
“مَنۡ لَّا شَيۡخَ لَہُ فَشَيۡخُہُ الشَّيطانُ” ان رِيءَ اونداهي.

(2-4، ديسي)
اندر جو آواز صرف روحاني سجاڳيءَ لاءِ نه، پر حياتيءَ جي هر مسئلي ۽ هر پريشانيءَ جو نبيرو ڪندڙ آهي جنهن ۾ اسين ٻين سان اها هلت ڪنداسين جيڪا اسين پاڻ لاءِ بهتر سمجهنداسين. پوءِ ئي اسان جو ضمير سجاڳ شمار ٿيندو. قلب جي آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسڻ سان ئي روح مطمئن هوندو آهي. هڪ بزرگ موجب “سڪون سان سمهڻ لاءِ نرم وهاڻو نه پر سجاڳ ضمير گهرجي” سچ جي حمايت، غلط ۽ صحيح جي پرک ۽ ضمير جي ندا کي لبيڪ چئي سهڻ جي جرئت، هئڻ ئي انسانيت جي عظمت آهي.

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي

گذريل ٽِن چئن صدين دوران سنڌ جيڪڏهن ڪو وڏو ماڻهو پيدا ڪيو آهي ته اهو فقط ۽ فقط “شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح” آهي. جنهن جي پنهنجي حياتيءَ جو احوال ۽ سندس شاعريءَ جو رسالو مڪمل طور اهو ڄاڻائي ٿو ته شاهه لطيف خود هڪ سمجهو، سجاڳ ۽ سُڄاڻ شخص هو ۽ هن پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ واسين کي پڻ اهو ئي سُجاڳيءَ جو سڏ ڏنو آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪوبه بيت ڪابه وائي اهڙِي نه ملندي جنهن ۾ مايوسي، بي همتي ۽ حياتيءَ کان بيزاري ملي.
اڄ جي دؤر ۾ ماڻهن جا وسيلا وڌيڪ هوندي به انهن جا حال هيڻا ۽ سور ٻيڻا آهن. جسماني ۽ ذهني بيماريون کين نهوڙي وڌيڪ مسئلن جي اونهي غار ڏي ڌِڪي رهيون آهن. انهيءَ ڪري هر دور جيان هن دور ۾ پڻ فقط شاهه جو رسالو ئي آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ سان مَن ۾ مثبت خيال ۽ سوچون اينديون آهن. دل خدا ڏي راغب ٿيندي ۽ حياتيءَ کي صحيح گهارڻ لاءِ همٿ ۽ قوت ايندي آهي. شاهه صاحب واحد شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ انساني حياتيءَ جي اڻ مُلهه قدرن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. سندس ڪلام انساني حياتيءَ جو مڪمل اڀياس آهي. هو پنهنجي پيارن کي بار بار سمجهائي ٿو ته “غافل غفلت ڇوڙ”، “سلطاني سهاڳ ننڊون ڪنَدي نه ملي”، “جن وڃايو حال، حيف تنين جي حال تي”، يا “ننڊ نه ڪجي ناکئا” هو ڄاڻائي ٿو ته زندگي چرپر ۽ سُجاڳيءَ جو نالو آهي. هلڻ ۾ سوڀ آهي ته ويهڻ ۾ هار آهي. ماڻڪ موتي انهن کي ملندا جيڪي سمنڊ سيويندا.
سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
چلڙ جي چُوئين، تن سانئوٽا ۽ سپون.

شاهه جو رسالو سُجاڳي ۽ سچائيءَ جي عالمي پڌرنامو آهي. جنهن ۾ جهالت ۽ ڪوڙ جي خلاف ڪيترائي روشن سج چمڪندي ۽ چلڪندي نظر پيا اچن. شاهه لطيف انسان جي منزل مقصود ڏانهن وڌڻ جو پهريون ڏاڪو سُجاڳي ٻڌايو آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايو آهي جڏهن جاڳ ٿيندي ته اهڙو وَکر حاصل ٿيندو جيڪو هميشه ڪم ايندو ۽ ڪڏهن به ضايع نه ٿيندو.
فرمائي ٿو ته:
وَکر سووِ وِهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿيئي.
شاهه لطيف ان ڪهڙي وَکر ڏانهن اشارو ڪيو آهي؟ جيڪو پئي پراڻو نه ٿيندو ته اهو وَکر آهي، وطن دوستي، انسان دوستي، عوام دوستي اهو وَکر آهي غلاميءَ کان نفرت، آزاديءَ سان پيار، ڏاڍ آڏو نه جُهڪڻ، اصولن تي اَٽل ٿي بيهڻ، مقصد لاءِ لڳاتار پاڻ پتوڙڻ، سچ جو ساٿاري بڻجڻ، اهو وَکر آهي نيڪيءَ جي ڳولها، بديءَ کان بُڇان، اهو وَکر آهي جهالت جي پاڙ پٽڻ ۽ علم کي عام ڪرڻ. انهيءَ جي لاءِ هن پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾ محبت ۽ پيار جو لازوال سبق ڏيندي ماڻهوءَ جي مَنَ کي محنت لاءِ اُتساهيو آهي. سندس اهو ئي چوڻ آهي ته ننڊ نڀاڳ آهي ۽ سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملندو. پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن هنڌن تي هُن ديني توڙِي دنياوي طور غفلتن کان پليو آهي، ڇو ته آرام ۽ عيش جي ترجيح نفس کي گمراهيءَ ڏي موڙِي ٿي. نفس کي مارڻ ئي “جهادِ اڪبر” آهي. هو مقصدي حياتيءَ کي اهميت ڏيندي ماڻهوءَ کي اڻ ورچائيءَ ڏي موڙي ٿو. سندس نظر ۾ وقت جو قدر ئي انساني معراج آهي. چوي ٿو ته:
جڏهن ستيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،
تڏهن تنين کي، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو.

رب کي ريجهائڻ جو ذريعو به ڪشالن، محنتن ۽ تڪليفن سان ڀرپور هجي ٿو، جڏهن قبول پوي، راتين جا رڪوع، قيام ۽ ذڪر هر ڪنهن جي وَسَ جي ڳالهه نه آهي قرآن پاڪ ۾ ڄاڻايل آهي ته:
“انَّ الۡقُرآنَ لِفَجۡرِ مشهوداً”
ترجمو: بيشڪ فجر جو پڙهيل قرآن پاڪ حاضر ۽ پسند ڪيو ويو آهي. بنيادي طور نه فقط اسلام پر هر مذهب ۾ عبادتن ۽ رياضتن لاءِ نفس ڪُشي محنت، جدوجهد ۽ اوجاڳن کي اهميت آهي. هڪ سُٺي انسان ٿيڻ لاءِ اهم وصف قرباني ۽ مقصد لاءِ پنهنجو پاڻ کي تج ڪرڻ آهي. جنهن جي لاءِ هر وقت چوڪس ۽ سُجاڳ رهڻو آهي، متان اوندهه ٿي وڃي ۽ پرينءَ جو پير لهي نه سگهجي، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪرڻي آهي. اها ڪاهه هر ڪنهن کي ڪرڻي آهي، چاهي اهو شاگرد هجي يا استاد، ڪڙمي ڪاسبي هجي يا مزدور، ڪامورو هجي يا سياستدان، طالب هجي يا مطلوب، محبوب هجي يا معشوق مطلب ته حياتيءَ کي مثبت نموني گهارڻ لاءِ ماڻهوءَ کي محبت مَن ۾ پائي محنت ۽ مستقبل مزاجيءَ سان منزل مقصود ڏانهن وڌڻو آهي، مقصد ۽ محبوب انهيءَ کي ملندا، جيڪي رندن روئندا، لامحدود عشق جي ڪماليت ۾ بي خود ٿيڻ سان ئي رستو آسان ٿو ٿئي.
مٿي اڳ ۾ ڄاڻايو اٿم ته شاهه صاحب جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به ڪنهن به هنڌ ڪابه مايوسي، بي همتي ۽ بيزاري نٿي ملي. جڏهن انسان ۾ اهڙا ناڪاري جذبا پروان چڙهندا آهن، تڏهن هو آهستي آهستي وِساڻيل اُجهاميل ۽ نيستو ٿيندو ويندو آهي. هو آزاديءَ کان غلاميءَ ڏي، اصولن کان بي اصوليءَ ڏي، سچ کان ڪوڙ ڏي مڙڻ لڳندو آهي. جتان ئي سندس زوال جو پهريون ڏاڪو شروع ٿيئي ٿو. غلاميءَ کي ننديندي سنڌ جو ڏاهو حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي مضمون “ڪمال ۽ زوال” ۾ لکي ٿو ته، “اهڙيون قومون جن ۾ همٿ ۽ محنت ناهي، انهن جا مرد عورتن جهڙا ۽ عورتون جنازن جهڙيون هونديون آهن ۽ آخرڪار اهي قومون غلام ٿين ٿيون”. آزاديون پڌري پٽ مشڪلاتن سان مهاڏا اٽڪائي ملن ٿيون. هن جهان جو جنسار ۽ سنسار جو سينگار ۽ انساني عظمت جو معراج محنت ئي آهي ۽ ڀٽ ڌڻي پڻ اسان کي اها ئي تلقين ٿو ڪري.
ٿڪيا ئي ٿرٿيلهه، چڙهه چڪيائي چوٽئين،
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀو مڙيئي ڀيل،
اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.

شاهه لطيف پنهنجي وقت ۾ سنڌ کي ڏکين حالتن مان لنگهندي ڏٺو هو. کيس قنڌارين جي ڪرتوتن، ارغونن ۽ ترغانن جي هانءُ ۾ هٿ وجهڻ وارن قهري ظلمن جي ڀليءَ ڀت خبر هئي. ان ڪري هُن غيرن جي غلاميءَ کي پليندي آزاديءَ جا، سنڌ تان سر ساهه صدقو ڪرڻ جا سبق ڏنا. سور ۽ سختيون سهي سچ ۽ ساڻيهه لاءِ سُجاڳ رهڻ جو حڪم ڏنو. مارئيءَ جي ملير لاءِ محبت معرفت سنڌ واسين کي سنڌ سان سچي رهڻ لاءِ سُجاڳ ڪيائين. جُنگ جوانن ابڙن کي ۽ دودن دليرن کي ڳائي همٿ ۽ بهادريءَ جو مانُ مٿانهون ڪيائين.
ارڻ ٻڌي ابڙي، رِڻ ۾ رُڪ رئي،
تيغن تاءُ تِکو گهڻو، سگهي ڪونه سهي،
رَبّ هب لي اُمتي، چڙهئو ڄام چئي،
سمي سام کنئي، سرڻين جو سک ٿيو.

سورهيائي سجاڳيءَ جو اهڃاڻ آهي، صدين کان اها وصف سنڌ واسين وٽ هڪ لازوال خوبي سڏي وڃي ٿي. سورهيه سرويچ ملڪن جو مان ۽ شان هوندا آهن. مٿن صديون فخر ۽ ناز ٿيندو رهندو آهي، شاهه لطيف سنڌي مردن ۽ عورتن کي سورهيائيءَ جا سبق ڏيندي ڄاڻائي ٿو ته، “اهي گهوٽ اڻ موٽ آهن، جن کي سندن ونيون جنگ جي ميدانن ۾ پڻ پارت ڪري ٿيون موڪلين ته کين پٺيءَ تي گهاءُ نه لڳل هجن، هُو بزدلي بي همتي ۽ بي غيرتيءَ جو باعث نه بڻجن. سندن واتان ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.

شاهه سائينءَ موجب حياتيءَ کي غفلت ۾ نه گهاريو، “مقصد نه ماڻڻ معنيٰ زندگي ضايع ڪرڻ” زندگي ربّ پاڪ جي امانت آهي، جيڪا فقط هڪ دفعو ئي عطا ٿئي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ پيو وڙهي، ڪائنات جو ذرو ذرو رب پاڪ جي قائم ڪيل هن ڪائنات ۾ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهي. ماکيءَ جي معمولي مک پڻ گهڻيءَ محنت کانپوءِ ماکيءَ جهڙي شفاياب خوراڪ تيار ڪري ٿي، جنهن ۾ انسان ذات لاءِ شفا آهي. مک جي اورچائي، ڪوشش ۽ جفاڪشيءَ جي صلي ۾ تيار ٿيل ماکيءَ جو ڌڻي سڳوري قرآن پاڪ جي چوڏهين سيپاري رُبما جي سورة “نحل” ۾ ذڪر ڪيو آهي حڪمِ خدا ونديءَ سان ڪيل سندس محنت کي ڌڻيءَ سڳوري پسند ڪيو آهي.

جڏهن سڄيءَ دنيا ۾ جن، ملائڪ، پکي پکڻ، جيت جانور پنهنجي پنهنجي ڪمن ۾ رُڌل آهن، تڏهن انسان ته سڀني کان مٿانهين مخلوق آهي، هُن کي ته بلڪل اهو ويچار ڪرڻ گهرجي، ته سندس حياتيءَ جو ڪارڻ ڇا آهي؟ فقط مقرر ڪي سال حياتي جنهن جي مسئلن لاءِ هُو هر دم فڪرمند آهي، سا اصل نه آهي، اصل آهي، حياتيءَ جو مقصد، جو سمجهه، سجاڳيءَ، ڪامل يقين جي قوت، نيڪ نيتي، اورچائي ۽ محنت جي اٿاهه قوت سان ئي ماڻڻ ممڪن آهي.
“سي پنهون ڪوهه پڇن جي سنجهي رهن سُمهي”، “ستي نه سرندياءِ ڪر پچار پرينءَ جي”، “ستي سڄڻ نه مِلن آهي ايءَ کري”، “ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو.”، “ڪاهي وڃئو ناکئا ڪريو بري تي بڇ”، “جاڳڻ منجهان جس آهي جن کي”، “ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري، جاڳو جاڙيجا سما سک مَ سمهو”، “ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناکئا”، “جاڳڻ جشن جن کي”، سک نه ساري رات، “جاڳيان سي واڳيا، طالب پهتا توڙ”، ويٺين نه آهي وراڪو، ستين نه آهي سنڱ”، “راتيون جاڳن جي سي آئون ڪندي سيڻ”، مطلب ته شاهه جي رسالي ۾ انيڪ بيت اهڙا ملندا جن کي باريڪ نظر سان جانچبو ته اهي فقط ۽ فقط غفلت کان بچاءُ ۽ سجاڳيءَ جا سبق آهن. لطيف سائينءَ جي فڪر جو محور ترقيءَ جي راهه آهي، هن جي رسالي جو اکر اکر حقيقي ڪاميابي ماڻڻ جا گس پنڌ ڏيندڙ آهي، حياتيءَ لاءِ اُتساهيندڙ ۽ همٿ ڏيرائيندڙ آهي، جنهن تي غور ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ سان هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ حياتيءَ جي هر هڪ پل تي آسانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، شرط اهو آهي ته اهو عملي انسان هجي. شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جو محور ئي اهو آهي ته:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿيئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

الا! جُنگِ جِيئَن

الا! جُنگ جِيئَن، جَنِين اَجهي گهارِيان،
شالَ مَ سُڪِي وِيرِي، جئان پِي پِيَنِ،
مرَڪَڻُ اَکڙِيَنِ، تو ڏِٺي مون سُکُ ٿئي.

(بلاول-3-2)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي انساني اعليٰ قدرن جي ترجماني ڪندي زندگيءَ جي هر ان رويي کي همٿايو آهي، جنهن سان انسان ذات کي فائدو پهچي. هو انهن سخي جوانن جي حياتيءَ جو طالبو آهي. جن جي آسري حياتي گهارجي. شل اهي وِيئريون يعني ننڍيون کُهيون به آباد هجن جن مان ايندڙ ويندڙ پاڻي پي اُڃ اجهائين. اهي مَرَڪڻا مرد فخر لائق آهن جن کي ڏٺي اکيون ٺرن، هو سچن سخين کي مڃتا ٿو ڏئي. کيس چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته سخاوت جو جذبو ايمان جي نشاني آهي ۽ سخين کي ڌڻيءَ سڳوري بي حد پسند ڪيو آهي. فرمايل آهي ته، “اِنَ الله جَوادُ يُحِبُ الجَواد” ترجمو “بيشڪ خدا پاڪ سخي آهي ۽ سخين کي پسند ڪندڙ آهي.” سخاوت اعليٰ انساني خوبي ۽ خدائي صفت آهي. هيءُ اُتم جذبو پيغمبرن، نبين ۽ ولين کانسواءِ ڪجهه سچن ۽ نيڪ انسانن جو ورثو آهي. ڏاتار ته ڏيندڙ آهي. اُن ۽ گهرندڙ جي وچ ۾ وسيلو فقط اها “گهرج” آهي. جيڪا گهرندڙ گهري ٿو. ڏاتار ته چاهي ٿو ته کانئس گهريو وڃي، پر جڏهن بندو کيس ڇڏي سکڻن درن جو سوالي ٿو ٿئي، تڏهن هو پاڻان ڏک ٿو ڪري، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
ڏاتارَ ڏُک ڪَيا، پاڻان مٿي مَڱڻين،
“مُون دَر ڇڏيو، مَڱڻا! مَڱيِن، ڪوهُه ٻيا،
تَڏهِن تو پِئا، وِچان وِلها ڏِينهڙا”.

(سر پرڀاتي، 1-13)
خالي ڏينهن انهن کي ئي نصيب ٿيندا جي ڏاتار کي ڇڏي دَرِ دَرِ پنندا. سخاوت ۾ انسانيت جي سونهن سمايل آهي. جاني يا مالي طور ڪنهن به انسان جي لاءِ بغير غرض جي ڪم اچڻ ۽ بي ريا خدمت ڪرڻ به سخاوت آهي. بنا ڪنهن اجوري جي ٻين کي علم عطا ڪرڻ به سخاوت آهي، کوهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ، خدا پاڪ جي ڏنل رزق مان ٻين کي کارائڻ، مدد ڪرڻ، مطلب خلق خدائيءَ جي هر طرح هڙئون ۽ وڙئون ڪم اچڻ سخاوت جا درجا آهن. انهيءَ ڪري شاهه صاحب اِن اڻ ملهه جذبي کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي مڃتا ڏيندي بُخل کي ناپسند ڪيو آهي.
“الا جنگ جِيئَن” مان شاهه سائينءَ جي مراد تمام وڏي ڄمار آهي، ڪيترائي سال، سوين سال يعني شل سندن ڄمار کُٽي ئي نه ۽ سندن نه کٽندڙ حياتي ئي هن ڌرتيءَ جي مخلوق جي خوشي، سڪون ۽ آسائش آهي. اهڙا سخي اُن کوهه جيان آهن جو سخت گرميءَ ۾ اڃايلن جي اُڃ پنهنجي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ سان ٿو اُجهائي اهڙي کوهي جيڪا واٽهڙن لاءِ خدائي نعمت ۽ رحمت آهي، سا شل ڪڏهن به نه سُڪي ائين ئي سخي مرد پنهنجي ڪٽنب لاءِ، قبيلي لاءِ ۽ سڄيءَ قوم لاءِ ڪارائتا آهن ۽ شل ڌڻي پاڪ منجهن برڪت وجهي ۽ سندس اها ئي دُعا آهي ته اهڙن جُنگ جوانن جي سخاوتن سان سنڌ جي سرزمين سُکي ۽ ستابي هجي. ڀٽ ڌڻيءَ ڪيترن هنڌن تي سنڌ جي سخي ڏاتارن کي مانُ ڏنو آهي. جادم جکرو ته سندس نظر ۾ سخاوت جو صاحب هو. ڄڻ سنڌ جو حاتم هو. سمن جي هن سرتاج کي ته هو مخاطب ئي ٿيئي ٿو نه، “سماتو سر ڇٽ، نات پاڳارا پُرس ٻيا”، شاهه لطيف جي نظر ۾ سرداريءَ جي قابل ۽ پڳ جي قابل فقط سمو سخي سردار آهي کيس ئي پڳ سونهي، سمي جهڙو ڪو ٻيو ڪونهي فرمائي ٿو ته:
جَکرو جَس کَرو، ٻيا سڀ اَنِيرا،
جئائين جُڙيو جَکرو، تِئائين نَه ٻِيا،
مِٽي تنهن ماڳا، اَصلُ هُئي ايتَرِي.

(سر بلاول، 2-4)
لس ٻيلي جي حاڪم سپڙ سخيءَ کي شاهه سائين ڌڻيءَ سڳوري سان تمثيل ٿو ڏئي. ڌڻي اهڙو سخي آهي جو وٽس ڪوبه حساب ڪتاب ڪونهي ته ڪير ڪيترو ٿو لهي؟ سپڙ سخيءَ مڱڻهار کي سئو گهوڙا انعام ۾ ڏيئي ڇڏيا، سندس هاڪ ماڳين مشهور هئي. ڀٽ ڌڻي کيس شاندار نموني مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته:
ڏات نه آهي ذات تي، جو وَهي سو لهي،
آريُون اَٻوجهن جُون، سپڙ ڄامُ سَهي،
جو راءُ وَٽِ راتِ رهي، تنهن جُکي تان نَه ٿيئي.

(پرڀاتي. 1-10)
ابڙو سردار سخاوت جو سائين ۽ واعدي جو سچو هو ۽ سخين جي اها هڪ اضافي خوبي آهي ته هو واعدو وفا ڪندا آهن. سو هُن به واعدي مطابق هندوستاني لشڪر سان منهن مقابل ٿي سومرين جي حفاظت ۾ سر قربان ڪيو. عزتن جي حفاظت، سنڌ جي حفاظت ۽ واعدي وفائيءَ تي سر ڏيڻ وارا اهي تاريخي مثال آهن. جن کي شاهه صاحب امر ڪري بيان ڪيو آهي.
سَرڻِيَنَ جي سُکَ لئه، سامَ کَنئي سَردارَ،
جي آيون ابڙي جي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏيِنديوُن سُومريون.

(سر بلاول، 1-14)
راجا راءِ ڏياچ ڪاٺياواڙ جي چوڙا سما خاندان جي ڇهين بادشاهه 1103ع کانپوءِ گرنار تي حڪومت ڪئي. هن سخي سردار وڏي اُتساهه سان سر ڪلهن تان ڪوري ٻيجل کي ڏيندي اهو چيو ته، “تون انيراءِ سان منهنجي سِرَ جو وچن ڪري آيو آهين. متان ٻيجل پنهنجي واعدي ۾ ڪوجهو ٿئين، هي هڪ سر ته ڇا پر جي ڪروڙين سِرَ هجن ته به تنهنجيءَ تند تنوار ۽ واعدي اڳيان ڪجهه ناهن”.
مَٿي اُتي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُون ڪَپارَ،
ته واريو واريو وڍيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ،
ته پُڻ تَندُ تنوارَ، مُونهان مٿانهون مَڱڻا.

(سر سورٺ، 3-14)
راءِ ڏياچ جهڙي سخيءَ کي ٻيجل آزمايو، سخين لاءِ سوال موٽائڻ مهڻو آهي، هُو سِر ڏيندڙ سوال تي به پريشان نٿو ٿيئي، پر وريو وريو کيس چوي ٿو ته “جي ڪم اچيئي ڪپار ته ويهه ڀيرا وڍي ڏيئين” ۽ کيس اهو به ڏک آهي ته جيڪڏهن ٻيجل کانئس ڪا اهڙي شيءِ گهري ها، جا وٽس نه هجي ها ۽ هو نه ڏيئي سگهي ها، ته ڏاتارن تي هميشه لاءِ ٽِڪو اچي وڃي ها. شاهه صاحب سندس زباني اهو هن ريت ٿو سُڻائي،
سوجيءَ مڱڻهَارَ مَ هوءِ، جنهن تو مَٿِي سِرَ سَٺو ڪِيو،
جو مُون مُل مُور نه سَپَجي، تان جي سو گِهُريوءِ،
ته جُڳان جُڳ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي

(سورٺ، 3-8)
راءِ ڏياچ انهيءَ تي خوش آهي ته ٻيجل کانئس سِر گهريو ۽ هِن خسيس ڪنڌ کي ته ڪرٽ ۾ هڻي مان هميشه لاءِ سخين ۽ ڏاتارن جي قطار ۾ مانائتو ٿيندس، پر جيڪڏهن ان کان به وڌ ڪا شيءِ اهڙي گهري ها، جا مون راجا جي به وَس ۾ نه هجي ها ۽ آئون ناڪار ڪيان ها ته هميشه لاءِ سخين کي ٽڪو اچي وڃي ها. ڪيڏي نه سهڻي فلاسافي آهي؟ سخاوت جي آزمائش ۾ پورو لهڻ ۽ واعدو وفا ڪري اطمينان محسوس ڪرڻ ۽ شاهه صاحب جو ان کي اهڙي شان سان بيان ڪرڻ.
سمن جي دور جي وڪيئي ڏاتار جي ڳالهه ڪندا آهن ته سندس در تان ڪڏهن به سوالي خالي نه موٽيو. کيس آزمائڻ لاءِ لاکي جي چوڻ تي سُمنگ چارڻ کانئس بي مُندائتا پيرون گهريا. هو ڍڪرجي ويو جو پيرون جي مُند ڪونه هئي ۽ چارڻ کي موٽائڻ سندس لاءِ مهڻو هو، پر سندس مينهن ماڻڪي الائي ڪٿان پيرون جو ڇُڳو کڻي آئي جو وڪيي سمنگ کي ڏنو پر کيس سندس ڪُمندائتي سوال تي ڏک ضرور ٿيو ۽ پاراتو ڏيندي چيائين ته:
ڪُمند ۾ اهڙا گهرين، تون ڏاتارن کان ڏان،
وٺ چارڻ ڪوڙهيا، وڪيئي ڏنئي ڏان.

مٿين ڳالهه مشهور آهي ۽ اهو به چون ٿا ته سخي وڪيئي جي ايئن چوڻ سان چارڻ کي ڪوڙهه جي بيماري ٿي پيئي جيڪو پوءِ وڪيئي جي دعا سان ٺيڪ ٿيو پر سندس نرڙ تي ٽڪو قائم رهيو. سخين کي آزمائڻ نه کپي. هو وڏيءَ دل وارا هوندا آهن. پاڻ کي تڪليف ڏيئي ٻئي جي ڪم اچڻ ئي سندن ريت ۽ روايت آهي. اهڙا ئي سچار، بي خوف هجن ٿا، جن جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ آهي، “لا خوف عليهم ولا هم يحزنون” (سورة البقره) رسول پاڪ جن سخاوت کي گهڻو پسند ڪندا هئا ۽ پاڻ ڪڏهن به ڪنهن سائل کي خالي هٿ ڪونه موٽايائون. هڪ دفعي جنگ ۾ وٽن بني طئي قبيلي جا ماڻهو جنگي قيدي ٿي آيا انهن ۾ حاتم طائيءَ جي ڌيءَ هئي. جڏهن اُها سامهون پيش ٿي ته چيائين، “يا رسول الله! منهنجو والد غريبن ۽ مسڪينن جي پر گهور لهندو هو ۽ کين کاڌو کارائيندو هو”، پاڻ فرمايائون ته، “بيشڪ اهي مؤمنن جون خوبيون آهن تون سخيءَ جي ڌيءَ آهين ۽ هاڻي آزاد آهين.” ۽ سندس ڀاءُ کي به پاڻ سڳورن آزاد ڪيو. جنهن تي سڄو بني طئي جو قبيلو مسلمان ٿي ويو.
مطلب ته سخاوت هڪ اعليٰ اخلاقي قدر آهي. جنهن کان اڄ جي دور ۾ اسين بلڪل وانجهيل آهيون. اسين اڄ اعليٰ تعليم حاصل ڪريون ٿا ۽ اعليٰ عهدا حاصل ڪرڻ، اعليٰ اسٽيٽس واري حياتي گذارڻ جا جتن ڪرڻ ۾ پورا آهيون.پر اهو نٿا سوچيون ته زندگي ٺڪر جي ٿانوَ مثل آهي. اسان اڄ آهيون صبح نه هونداسين، ڇو نه اهڙا ڪم ڪري وڃون، جنهن سان ڪنهن کي ڪو فائدو رسي. ڪو اهڙو قائم رهندڙ چڱو ڪم ڪري وڃون جنهن سان انسانيت کي ڪا اُٻيل اچي. سخاوت اخلاقن کي سونهن ڏئي ٿي. محبت کي ڇڪي ٿي، بخل ۽ بغض کان بچائي ٿي. هڪ اهڙي عمدي اخلاقي خصلت آهي جا ماڻهوءَ جي شرافت، بزرگيءَ ۽ بلنديءَ جو باعث بڻبي آهي. جنهن سان ماڻهو ماڻهن ۾ محبوب ۽ محمود آهي. ڪن سٺن ۽ سچن جي صدقي ئي هن سنسار ۾ سونهن ۽ سٺائي پيدا ٿيندي رهندي آهي.
شاهه صاحب هڪ آدرشي انسان هو هن ڪامل بزرگ جي حياتيءَ جو بيان پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته سندس طبع نيڪ نيت ۽ چڱين خاصيتن واري هئي انهيءَ ڪري هن پنهنجي ڪلام وسيلي نيڪين جي پرچار ڪئي آهي ۽ نيڪين کي ساراهيو آهي فرمائي ٿو ته:
جَکِرا جيين شالَ، تُنهنجو ڪَنين مَدومَ سُڻان،
جِيئن تو اَچي، ڪالَ، نالائِقَ نَوازِيا.

(سر بلاول، 2-2)

الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن

چئي چنيسر ڄامَ سين، ليلا! لکاءِ مَ توُن،
ايءُ ڪانڌ ڪنهن جو نه ٿئي، نه ڪاموُن نه توُن،
رُوندِيوُن ڏِٺيوُن مُون، اِن دَرَ مٿي دادليون.

(ليلا چنيسر، 2-18)
مٿيون بيت شاهه صاحب جي سُر ليلا چنيسر جي داستان ٻئي ۾ ارڙهون نمبر بيت (رسالو شاهواڻي) آهي. سر ليلا چنيسر ۾ پڻ سُر ڪاموڏ جيان نياز ۽ نئڙت ڌارڻ جو سبق ڏنل آهي پر هن سُر ۾ خاص طور خطا ٿيڻ ۽ پوءِ جي شدت واري پڇتاءُ بعد مالڪ طرفان مهر جي نظر ٿيڻ جي موضوع کي بيان ڪيو ويو آهي. ليلا چنيسر جو تاريخي واقعو سنڌ جي ڪيترن سگهڙن ۽ شاعرن بيان ڪيو آهي پر لطيفي بيان جي ڳالهه ئي نرالي آهي. شاهه صاحب جو سڄو ڪلام سڪ ۽ سوز، وندر ۽ ورونهن، سچائي ۽ سخاوت، تصوف ۽ وحدانيت، امن ۽ انسانيت جي اپٽار آهي. سندس شاعري سونهن ۽ سچ جي نشانبر آهي سو هن واقعي کي به امر حيثيت ڏئي ڇڏي اٿس. انساني محبت ۽ نفسيات جي ڪيفيتن کي هن پنهنجي اعليٰ شاعراڻي شعور سان هڪ ماهر مصور جيان چٽيو آهي. ليلا جا ايلاز ۽ منٿون، چنيسر جو ڏيهان ڏيهه ڏهڪار، عشق ۽ محبت، درد ۽ فراق، رسڻ ۽ پرچڻ، کلڻ ۽ روئڻ جا سڀ منظر پڙهندڙن جي اکين اڳيان واضح ٿي اچي بيهن ٿا. چنيسر جو ليلا سان ايڏو اٿاهه پيار ۽ ايتري چري چاهت جو کيس ڪا خبر ئي نه پئي ته ڇا پيو وهي واپري ۽ جڏهن ريساڻو راجا سجاڳ ٿو ٿئي تڏهن ليلا کي ڏهاڳ جو ڏنءُ ڏيندي دير ئي نٿو ڪري.
در حقيقت دنيا جي سمورن فسادن جي جڙ لالچ آهي. اها لالچ ئي آهي جا حضرت آدم ۽ بي بي حوا کي ان وڻ جي ويجهو وٺي ويئي جنهن جو کين اهو حڪم هو ته “لاتقربا هذه الشجرة”، “هن وڻ جي ويجها نه وڃجو” پر دائمي حياتيءَ جي خواهش کانئن اهو ڪم ڪرايو جو کين هميشه لاءِ پنهنجي رب وٽ اهو نافرمانيءَ جو داغ کڻڻو پيو. اهڙيون خواهشون جن ۾ لالچ سمايل هجي هميشه هيٺانهين درجي تي پهچائينديون آهن، جڏهن ڪا خواهش شدت اختيار ڪري جنون جي حد تائين پهچي وڃي، تڏهن ان جو انجام هميشه ناڪاري ئي ٿيندو آهي. ليلا هارَ تي هرکجي، چنيسر جي چاهت ۾ ايترو ته چري ٿي وئي، جو کيس اها خبر ئي ڪانه پيئي ته سندس اها انڌي لالچ ۽ انڌي محبت کانئس ڪانڌ قربان ڪرائيندي ۽ هيڏي وڏي هاڃي کيس پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. هوءَ فقط ليلائيندي رهي. ڏٺو وڃي ته لالچ هميشه خواهش مان جنم وٺندي آهي ۽ خواهش کي قابو رکڻ ۾ وڏو ڪم انسان جو نفس ئي ادا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن هو نفس جي گهوڙي کي قابو رکي ۽ ضرورت ۽ خواهش ۾ فرق کي ڄاڻي ته ڪڏهن به ساڻس اهي هاڃا نه ٿين جن کان پوءِ پڇتاءُ سندس مقدر بڻجي. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته “زندگيءَ کي ضرورت تائين محدود رکو ۽ ضرورت فقيرن جي به پوري ٿيندي آهي ۽ خواهشون بادشاهن جون به رهجي وينديون آهن” ۽ اهو به فرمايو اٿن ته “ڪوشش ڪريو ته توهان دنيا ۾ رهو ۽ دنيا توهان ۾ نه رهي، ڇو ته ٻيڙي جڏهن پاڻيءَ تي رهندي آهي، ته اها ترندي رهندي آهي ۽ جڏهن پاڻي ٻيڙيءَ ۾ اچي ويندو آهي ته اها ٻڏي ويندي آهي”.
خواهشون رکڻ عيب ڪونهي پر بي جا ۽ غلط خواهشون حياتيءَ جو سڪون وڃائينديون آهن ۽ پوءِ انسان کي بري ۽ ڀلي ۾ تميز نٿي رهي ۽ شين جي محبت جڏهن دل ۾ وسي ويندي آهي، تڏهن انهيءَ دل جو مالڪ اتان لڏي ويندو آهي، پوءِ فقط اميدن ۽ لاحاصل خواهشن کي ممڪنات ۾ بدلائڻ جا ڀَوَ هوندا آهن، سو ليلا پڻ لالچ ۽ نفساني خواهش سبب نافرمانيءَ جي مرتڪب ٿي. سچيءَ محبت جو جذبو پاڪ ۽ شفاف آهي جيئن ڌڻي سڳوري کي پنهنجي محبت ۾ شراڪت جو جذبو پسند ڪونهي هو سڀ ڪجهه معاف ڪري ٿو، پر شرڪ کي معاف نٿو ڪري، تيئن دنياوي طور پڻ محبت ۾ ٻيائي محبتين وٽ معافيءَ جوڳو عمل نه آهي، سو شاهه صاحب پڻ شرڪ ۽ ٻيائيءَ کان روڪي ٿو. کيس چڱيءَ پر خبر آهي ته ڪانڌ کي وڏائي ۽ ڪبريائي پسند ڪونهي فرمائي ٿو ته،
چنيسر سين چاءُ، متان ڪا مُنڌ ڪري،
ڪانڌ ڪنهن جو نه وڻي گيرَب ۽ گاءُ،
جي ٿِڙي ٿورڙياءِ ته دوسِ دَسائي داسِڙو.

(ليلا چنيسر 3-2)
سچي محبت بي عيب آهي جا ليلا کي نصيب هئي پر هُن انهيءَ ۾ ٻيائي ڪئي سو سندس سٽاڻي سردار کي پسند نه پيئي ڀانيائين ته حيلو ٿي ڪريان هار پائي پاڻ کي وڌيڪ وڻائينديس پر ان هار ئي کيس هلڪو ڪيو. شاهه لطيف ليلا جي واتان سندس اهو ڏک هن ريت بيان ڪيو آهي فرمائي ٿو ته،
وڏيري هُياس، چنيسر جي رَاڄَ ۾،
دُهليِن دَمامِين، نقُرين ٿي پلپل پُڇياسِ،
هُيس دادِلي دوسنِ جي، کَڻِي هارَ هَلڪِي ڪَياس،
تِهان پوءِ ٿِياسِ، ڪانِيارِي ڪَانڌَ جِي.

(ليلا چنيسر، 2-5)
ليلا جي واتان عيبن جا اعتراف آهن ۽ پڇتاءُ جي پيڙا آهي ڏٺو وڃي ته آزي نيزاري ۽ التجا ٻانهي جو هٿيار هئڻ گهرجي، پاڻ پڏائڻ ۽ سينو ساهڻ شيطاني رستو آهي جنهن سان ڪئي ڪمائي ڪُٽ ٿي ٿي وڃي. ليلا ڪيڏي نه مانائتي هئي؟ هاڻي کيس مڪمل احساس آهي ته اها وڏيرائپ نه سندس ڏات هئي ۽ نه سندس ڏانءُ هو. اها ته فقط دوس داسڙي جي مهرباني هئي. سندس واتان ڀٽ ڌڻي ماضيءَ جا ڏک ٿو سارائي،
الا اڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيُون ڏُک ڏسن،
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

(ليلا چنيسر، 2-6)
هتي ليلا، ڪريم جي ڪيل ڪرمن کي ياد ڪندي اهو مڃي ٿي ته مون خود کي “عقلِ ڪل” سمجهيو. عام طور ڏاهپ مان مراد عقل ۽ سمجهه جي ورتي ويندي آهي ۽ ڀورائي اهڃاڻ آهي بي عقليءَ جو، پر هن بيت ۾ اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته “ڏاهي مَ ٿيان” يعني “شل مون کي عقل ئي نه هجي” اهڙو گفتو شاهه صاحب پنهنجي هن سُورميءَ کان ڪيئن چورايو آهي؟ جڏهن ته عقل ۽ سمجهه ته خدائي نعمت ۽ هڪ وڏو عطيو آهي ۽ اهو اعليٰ عطيو ته پيغمبرن ۽ نيڪن جو ورثو آهي پوءِ ان کي ڇو نِنديو ويو آهي؟ غور ڪرڻ سان واضح ٿئي ٿو ته هيءُ اهو عقل ۽ ڏاهپ ڪانهي جا پيغمبري سمجهه ۽ ڏاهپ آهي، بلڪه هيءَ ڏاهپ اها آهي جنهن کانپوءِ انسان پاڻ کي “عقلِ ڪل” ۽ خودمختيار سمجهندو آهي ۽ اتان ئي نفس جي گمراهي شروع ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن ليلا کي به چنيسر راجا جي دل تان لاٿو. هتي “ڀورائيءَ” مان مراد ها سادگي ۽ نهٺائي آهي، جنهن ۾ بندي جو عاجزيءَ سان محبوب کي مانائتو ڪرڻ ۽ پنهنجي “خودي” ۽ “پاڻ پڻي” کي ختم ڪرڻ آهي. مطلب ته ڀورائي بي عقلي هوندي به عقل آهي ۽ بي سمجهائي هوندي به سمجهه ۽ ڏاهپ آهي، جنهن ۾ ڪريم جا ڪروڙين ڪرم ٿين ٿا ۽ انهيءَ جي ابتڙ ڏاهپ ئي اهو شيطاني فخر آهي، جيڪو هميشه لاءِ هيٺانهين تي لعنتي ڪرائي پهچائي ٿو ۽ انهيءَ کان پوءِ فقط ۽ فقط پڇتاءُ ۽ آزيون ۽ نيزاريون ٿيون بچن، سي به شل قبول پون. آزين ۽ نيزارين کان پوءِ ليلائڻ ۽ منٿن کان پوءِ به نڌر کي نوازڻ هُن غفار الذنوب جو ڪم آهي، جتي فقط ڪيرت ڪرڻي آهي ۽ رحمت مان مايوس به نه ٿيڻو آهي “لاتقنطو من رحمت الله” يعني الله تعاليٰ جي رحمت مان مايوس نه ٿيو. هُن مالڪ کي، دل جي صفائي گهرجي ۽ هو داسڙو ته دليون ٿو پرکي ان ڪري شاهه صاحب چوي ٿو ته:
جي ليِلائي نَه لهِين ته پُڻ ليلائج،
آسَرمَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.

(ليلا چنيسر، 2-21)
شاهه صاحب جي هن سڄي سُر ۾ اها هدايت آهي ته لالچ کان بچو، هٺ، فخر ۽ غرور کان پاسو ڪيو. پنهنجي پاڻ کان ٿيل غلطين کي دل سان مڃي، پاند غريبيءَ گڏي، معافيءَ جا طالبو ٿيو ۽ سچيءَ دل جي اها معافي جنهن ۾ خوديءَ جو ڪوڙو ڀرم نه هجي ضرور قبول ٿيندي، سچيءَ محبت جو قدر ڪيو محبتن جا قدردارن ڪڏهن به ڏکيا ڪونه ٿيندا آهن. ليلا تي چنيسر جا وڏا وڙ، وڏا قرب ۽ وڏيون عنايتون ۽ عطائون هيون. پر هڪ معمولي هيري تي هرکجي هيڏي بي بها دل واري ناياب هيري کي هٿان وڃايائين سو پيار ئي دنيا جي اصل حقيقت آهي، سچي پيار جو قدر ڪرڻ ۽ ان جي پرک ڪرڻ لاءِ صاف ضمير ۽ خالص دل ئي ڪسوٽي آهي. اخلاص، نياز ۽ ٻانهپ جي ٻولي هر هڪ ماڻهوءَ جي دل جيتڻ جو هٿيار آهي ۽ ان سان ئي هن زمين تي محبتون ۽ دلين ۾ وسعتون پيدا ٿينديون رهنديون.

شاهه لطيف جو پيغام

سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا کي وڌائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي جيارڻ ۾ سنڌ جي صوفين ۽ شاعرن جو وڏو هٿ آهي. انهي سڀني صوفين ۽ باڪمال بزرگن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪردار سوايو آهي، شاهه لطيف هڪ آدرشي انسان هو ۽ هُن پنهنجي شاعريءَ معرفت انسان ذات کي آدرشي جيون جيئڻ جا گس ڏسيا آهن، سندس شاعري هڪ مڪمل رسالي جي صورت ۾ اڄ اسان وٽ محفوظ آهي، جنهن کي “شاهه جو رسالو” سڏيو وڃي ٿو، “رسالو” لفظ، “رسل” مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، “پيغام” شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ وسيلي اسان کي ڪهڙو پيغام ڏنو آهي؟ ڇا اسان سندس ڏنل پيغام کي پروڙي ان تي عمل ڪيو آهي؟ ۽ اهو ئي هِن دور ۾ غور جو مقام آهي.
شاهه لطيف فقط شاعر نه هو، بلڪه هُو سنڌ جو هڪ عظيم مفڪر ۽ دانشور هو، جنهن جي دل ۾ هن ڌرتيءَ جو درد سمايل هو. کيس سنڌ جي ذري ذري سان محبت هئي، انهيءَ ئي ڪري هُن ڌرتيءَ واسين کي محبت ۽ ڀائيچاري جا سبق ڏنا. سندس شاعري سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ نه، پر پوريءَ دنيا لاءِ جدوجهد، امن ۽ سجاڳيءَ جو سڏ آهي. فرمائي ٿو ته:
سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوس! مٺا دِلدارَ عَالم سَڀِ آبادِ ڪرين.

(سارنگ. 4-12)
پوري عالم لاءِ دعاڳو هن عظيم انسان جو پيغام محبت آهي، هن ڄاڻايو آهي ته دوست جو ديرو دِل ۾ آهي ۽ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي مَنَ مان ڪِٽِ ڪڍي ان کي ڌوئي صاف ۽ پاڪ ڪري پوءِ اڳيان وڌڻو آهي، محبت جي آفاقي جذبي سان ٽمٽار دل ئي انسانيت آهي، دل جي صفائيءَ لاءِ شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترائي نصيحت ڀريا نڪتا ڏسيا آهن. پنهنجي پاڻ جي حساب ڪتاب تي زور ڏنو آهي، انساني اصلاح لاءِ سندس هي سٽون ئي ڪافي آهن.
جان پيهي ڏٺم پاڻ ۾، ڪري رُوحَ رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ سَسُئي تان سور هُئا.

(سسئي آبري 3-7)
انسان اشرف المخلوقات جي لازوال رتبي جو روادار تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سندس خيال ۽ عمل ٻين انسانن لاءِ به فائديمند هجن. لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
هو چونيئي تون ۾َ چئو، واتان ورائي.
شاهه لطيف صبر، سخاوت، سچ ۽ ماٺ کي پسند ڪندي، همٿ ۽ بهادريءَ جا سبق ڏنا آهن. اخوت ۽ پيار جا پيغام پيش ڪيا آهن.
هُو ابوبن آدهم جيان الله جي بندن کي پيار ڪرڻ جو قائل آهي، پوريءَ انسانيت جو ڀلو چاهيندڙ آهي، کين ٻڌيءَ ۽ محبت جو سبق ڏيندي چوي ٿو ته:
وَڳر ڪيو وَتَنِ پِرتِ، نه ڇِنَنِ پاڻ ۾،
پَسو پَکيئڙن ماڻهِنئان مِيٺ گهڻُو.

(ڏهر 4-5)
لطيف جي شاعري روايتي شاعري نه آهي، سندس سڃاڻپ ئي اها آهي ته هُو مختلف ۽ انفرادي سوچ جو شاعر آهي، هُن جو ڪائناتي مطالعو، مشاهدو، وسيع النظري، ڪشاده دِلي، اوچي سوچ، شاعريءَ جي گهرائي، ڪماليت جي وسعتن تي آهي. تنگ نظري، مفاد پرستي ۽ منافقت تي ڇوهه ڇَنڊيندي هو فقط ۽ فقط پيار جا پيغام ٿوسڻائي. انهيءَ پريت جي پرچار سبب ئي ته هو انسانيت جو علمبردار پيامبر سڏيو ويو آهي، لطيف جو فن ۽ فڪر “محبت پائي من ۾ رنڊن روڙڻ جو” آهي. “چائت پائي چتَ ۾، سنهي ڪتڻ” کي پسند نٿو ڪري، وٽس دل جو درجو اُتم آهي، کيس اها چڱيءَ پر پروڙ هئي ته سنڌ ڌرتيءَ کي امن، محبت ۽ رواداريءَ جي ضرورت آهي، جڏهن انتهاپسنديون ۽ دهشتگرديون ديرو ٿيون ڄمائين، تڏهن “سنڌ مٿي سُڪار” لاءِ سندس پُڪار سنڌ واسين کي سڏي ٿي. پر اهو علم هوندي به اسين عمل کان وانجهيل آهيون ۽ اڄ جيڪي غير يقيني حالتون اسان جي آس پاس موجود آهن، انهيءَ جو سبب اهو ئي آهي ته اڃا اسان لطيف جي پيغام کي صحيح پروڙيو نه آهي ۽ جي ٿورو گهڻو سمجهيو آهي ته عمل نه هئڻ برابر آهي ۽ بي عمل ۽ بي تحرڪ زندگي ته ظاهر آهي بيڪار ئي آهي. جڏهن اسان وٽ زندگي گذارڻ جو سولو ۽ آسان دستاويز شاهه جي رسالي جي صورت ۾ موجود آهي ته پوءِ ڇو نٿا ڌيان ڌريون؟ ۽ سندس ڏنل پيغام کي اندر ۾ اوتي عمل ڪيون؟ اهو وڏي فڪر جو مقام آهي شاهه جي فن ۽ فڪر جو اونهو اڀياس ئي آهي جو سنڌ واسين جي حياتيءَ کي سنئين دڳ تي لائي سگهي ٿو.
شاهه جو رسالو پڙهڻ، پروڙڻ ۽ ان کي عام ڪرڻ جي شروعات پنهنجي پنهنجي گهرن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، مڪتبن، مدرسن، محفلن، سيمينارن، شادين غمين ۽ ٻين هر موقعن ۽ هنڌن تي ڪريون. هر محفل جي شروعات شاهه صاحب جي بيت ۽ سمجهاڻيءَ سان ڪريون، ميڊيا معرفت شاهه جو پيغام عام ڪريون. سندس مثبت سوچ کي جڏهن سنڌي سماج چڱيءَ پر سمجهي ويندو، تڏهن ئي سنڌي قوم ۾ هڪ وڏي تبديلي ايندي لطيف جو پيغام انسانيت آهي. سندس رسالو حقيقي رهبر ۽ سونهون آهي. ۽ ان جي سمجهڻ سان نئين نسل ۾ انسانيت جو واسو پيدا ٿيندو ته لطيف شناسي منجهن پيار ۽ محبت جا اڻ ملهه جذبا وکيريندي. هو هر دور جو ڪيميا گر شاعر آهي. سندس پيغام هر دور لاءِ محبت ۽ فقط محبت آهي.

شاهه جي مقبوليت جا اهم سبب

ساري راتِ سُبحان، جاڳي جَن يادِ ڪَيو،
اُن جي عبداللطيف چي، مِٽيءَ لَڌو مانِ،
ڪوڙيين ڪَن سلامُ، آڳهه اچيو اُنِ جي.

(سريراڳ، 2-2)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي شاعرن جو سرتاج شاعر آهي. پوريءَ دنيا ۾ سندس نالو هنڌين ماڳين مشهور آهي. بلڪه سنڌ جي سڃاڻپ ئي شاهه سان آهي. سندس ڪلام نه فقط سنڌ واسين ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پر پوريءَ دنيا لاءِ هڪ عظيم سرمايو آهي. هيءَ شاعري هڪ اهڙو اڻ کٽ خزانو آهي. جنهن جي مقبوليت ۽ معروفيت ۾ اڄ صديون گذرڻ کان پوءِ به تِر جيتري به ڪمي نه ٿي آهي. شاهه سائينءَ زندگيءَ جي بي انت سمنڊ جي پاتار ۾ پيهي فاني شين مان لافاني ۽ وقتي ڳالهين مان آفاقي ۽ ازلي حقيقتون سامهون آنديون آهن ۽ انهيءَ جي ڪري ئي اڄ سندس شعر جي تجليءَ سان سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻولي چلڪي ۽ چمڪي رهي آهي. هتي اهو نڪتو غور طلب آهي ته سنڌ خطو ته ڪيترن نالي وارن شاعرن سان سينگاريل آهي. پوءِ آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو شاهه لطيف جي شاعريءَ جو تراڙو سڀني شاعرن کان ڳرو آهي؟ پوريءَ دنيا جي ڪيترن عالمن ۽ محققن پڻ لطيف شناسيءَ تي ڪم ڪيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ سڀ کان وڌيڪ جيڪو لکيو ويو آهي اهو شاهه لطيف جي بابت ئي آهي، آخر سندس ايڏي مقبوليت جا ڪهڙا سبب آهن؟ ڏٺو وڃي ته اهو هڪ تمام تفصيل طلب موضوع آهي، جيڪو هڪ مختصر مقالي/ مضمون ۾ آڻڻ مشڪل آهي پر ته به هن مضمون معرفت آئون پڙهندڙن جي خدمت ۾ ڪي نڪتا پيش ڪيان ٿي، جن سان کين اها خبر پوندي ته لطيفي فن جي مقبوليت جا ڪهڙا اهم سبب آهن.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي مقبوليت جا سبب:
(1) شاهه عبداللطيف جي شاعري عوامي شاعري آهي، جنهن ۾ لوڪ جي جيوت جا عڪس چٽا موجود آهن.
(2) لطيف جو پيغام محبت جو پيغام آهي.
(3) مجازي عشق سان سلهاڙيل حقيقي عشق ۾ فنا ٿيڻ جي آفاقي شاعري آهي.
(4) شاهه لطيف جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي لغت جو خزانو آهي.
(5) شاهه جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جو ذڪر تمام سهڻائيءَ سان موجود آهي.
(6) شاهه سنڌ جي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ سماجي قدرن جي اپٽار ڪئي آهي.
(7) لطيف جي شاعريءَ ۾ موسيقيت آهي.
(8) لطيف انسان دوست شاعر آهي.
(9) شاعراڻيون خوبيون بي مثال آهن.
(10) لطيف نيڪ نيت بزرگ هو تڏهن ئي سندس مٽيءَ مانُ لڌو ۽ اڄ ڪيترائي عالم، فاضل، پڙهيل، اڻ پڙهيل، غريب ۽ امير سندس در تي سلامي آهن.
1. شاهه جي شاعري عوامي آهي ۽ پوري عوام جي اندر جو آواز آهي. شاهه لطيف پنهنجي دور جي مُروج شاعري جنهن ۾ قصيده گوئي ۽ عيب جوئي به شامل هئي کان پرهيز ڪئي، هن صوفي بزرگ ڪائنات جي هر شيءِ ۾ بهتريءَ جو عڪس ڳولهيو هن جي آئيڊيالاجي ڪائناتي آهي. هن هر عام کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو هر معمولي کان معمولي شيءِ کي به نظرانداز نه ڪيو. سئيءَ جهڙي معمولي شيءِ جنهن ڏي ڪنهن به شاعر جو خيال جيڪر نه وڃي ان کي به شاهه لطيف اوچو مقام ڏنو. سُئي جا پاڻ اُگهاڙي آهي، پر ڪروڙين، اربين انسانن جي شرافت، پاڪدامني ۽ پردي جي امين ٿي اُگهاڙن جي اوگهڙ ٿي ڍڪي، تنهن جي حيثيت شاهه صاحب وٽ بادشاهيءَ کان به وڌيڪ آهي ۽ ابر (سئيءَ) جي وصفن کي سمجهڻ لاءِ سندن موجب هڪ زندگي ڪافي نه آهي فرمائي ٿو ته:
پاڇاهي نَه پاڙِيان، سرتيوُن سُئيءَ ساڻُ،
ڍَڪي اُگهاڙن کي، ڪِين ڍَڪيائِين پاڻ
ٻِيهر ڄاپِي ڄاَڻِ، ابِرَ جي اوصافَ کي.

(مارئي، 7-14)
عوامي ٻولي، عوام جا رسم ۽ رواج سندن خواهشون، ڪرتون، محبتون، نفرتون، مطلب ته هُن هر جذبو، ڄاڻايو آهي. سندس شاعري سنڌي قوم جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جيان تحليل ٿيل آهي، هو پنهنجي موقعن مهلن، مرڻن، پرڻن هر هنڌ تي شاهه جي شاعريءَ کي جهونگارين ٿا. شاهه جا بيت پڙهي دُعائون گهرن ٿا، شاهه جي شاعري ميڙن ۽ محفلن ۽ ٻين هنڌن تي ڳائين ٿا. مطلب ته سنڌي قوم شاهه لطيف کان تمام گهڻي متاثر آهي. خاص طور سنڌ جي وڏي آبادي يعني عام ماڻهن وٽ شاهه جي بيتن جو واهپو وڌيڪ آهي. ته پڙهيلن وٽ وري پنهنجي حساب سان شاهه جي شاعريءَ جي هڪ خاص حيثيت قائم آهي.
2. لطيف جو پيغام محبت آهي. ڀٽ ڌڻي هڪ امن پسند انسان هو. سندس ڪلام ڄڻ ته قرآن پاڪ جو تفسير آهي. سندس ئي لفظن ۾ ته، “جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين” هو محبت جي جذبي سان هر هنڌ سرشار نظر اچي ٿو، عشق جي اُمنگن جو ترجمان ٿو ڏسڻ ۾ اچي. سندس ڪلام جي ڪماليت جو وهڪرو وڏو آهي. مارئيءَ جي ملير لاءِ محبت پنهنجي قوم ۽ ملڪ سان محبت تي اُتساهي ٿي. وٽس محبت جو تصور آفاقي آهي. انسانيت سان محبت لطيف جي هر بيت، هر سِٽَ مان پسجي پيئي. استنبول، چين، سمر قند، بيڪانير ۽ ڍٽ جهڙن هنڌن سان گڏ سڄيءَ سنڌ لاءِ، ۽ پوري عالم لاءِ خوشحاليءَ جون دعائون ٿو گهري. انسانذات کي پيار، محبت ۽ ماڻهپي جا سبق سيکاريندي کين پکين جي پريت جا مثال ٿو سمجهائي.
وَڳرَ ڪيو وَتنِ پِرتِ نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،
پَسو پِکيئڙَن ماڻهنِئان ميٺ گهڻو .

(ڏهر، 4-5)
3. مجازي عشق/ حقيقي عشق ۾ فنا ٿيل آفاقي شاعري. شاهه صاحب کي جوانيءَ ۾ ئي مجازي عشق جي چپيٽ لڳي ۽ هو عشق جي منزلن تي رچي ريٽو ٿيو. سندس شاعريءَ ۾ اهي جلوا چڱيءَ طرح نمايان آهن، عشق مٿس اهڙو غلبو ڪيو جو هو محو ٿي ويندو هو ۽ بِرهه جي باهه ۾ پچڻ بعد حقيقي عشق جو سفر شروع ٿيس. ايئن مجازي عشق مان لنگهي حقيقي عشق تائين پهچڻ ۾ هن اهڙي ته شاعريءَ جي پلٽ پلٽان ڪئي جو سڄي سنڌ سيراب ٿي ويئي. هن جو عشق آدرشي آهي. اهو عشق فقط پنهنجي پالڻهار سان نه آهي، پر سندس ٺاهيل سڄيءَ ڪائنات سان آهي، ڪائنات جي ذري ذري سان آهي. ان عشق ۾ جڳ جي خوشي ۽ خوشحاليءَ جي طلب آهي، هي اهڙو عشق آهي، جنهن ۾ پنهنجي هستيءَ کي نابود ڪرڻو آهي، هتي پنهنجي زندگيءَ جي تِرَ جيتري به حيثيت ناهي هتي ته نياز، نئڙت ۽ نماڻائي هٿيار آهي. هٺ، تڪبر، وڏائي ۽ دنيا جي لوڀ وارو عشق وڪائو عشق آهي. شاهه وارو عشق ان جي ابتڙ آهي. ان آڪري عشق ۾ ڪو ترهو ڪونهي هي اهو عشق آهي، جنهن ۾ عاشق پنهنجو پاڻَ کي پاڻَ سان نه کڻن.
نَه ڪِي کڻَن پاڻ سِين، نه ڪو ساڻُن پاڻُ،
اهڙا جَنِ اَهڃاڻَ، آئُون نه جِيئَندي اُنِ ري.

(رامڪلي، 1-31)
پرينءَ کي پسڻ جي اُڪيرَ اها آهي، جنهن ۾ دنيا قيد خانو لڳي. عشق ۾ سُوري چڙهڻ سر قربان ڪرڻ ئي حقيقي عشق جي منزل آهي، چوي ٿو ته:
عِشق نَه آهي راندِ، ته ڪِي ڪَنِس ڳَڀرُو،
جِيءَ جَسي ۽ جان جي، ڀَڃي جو هيڪاند،
سِسِي نيزي پانِد، اُڇِل ته اَڌَ ٿِيئي.

(يمن ڪلياڻ، 6-19)
شاهه صاحب جو سارو رسالو عشق ئي عشق آهي. سندس ڪلام جو فڪري بنياد ئي عشق ٿو ڏسجي ۽ سندس عبادت به عشق آهي. اهلِ تصوف جي منزلن موجب حقيقي طالب به اهو آهي. جو عشق جي آرزوءَ ۾ فنا ٿي پنهنجي آخري منزل تي پهچي ٿو، تڏهن هن وٽ سڀن طرف محبوب ئي محبوب آهي هو هُن جو عاشق پڻ آهي ته معشوق پڻ. شاهه سائين هر دم پنهنجي پرينءَ ڏي متوجه رهڻ کي ترجيح ڏيندي چوي ٿو:
هَٿنَ سِين هاجَ ڪَر، نيڻَنِ سين نِهارِ،
اُڀا اڱڻان پارِ، پَسُ پنهنجا سُپرين.

(سُر آسا، 4-6)
4. شاهه جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي لغت جو خزانو آهي. شاهه صاحب جي شاعريءَ جي مقبوليت جو هڪ سبب اهو به آهي، ته سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي گهڻن علائقن جا ڪردار آهن، هُن انهن ڪردارن جو اونهو اڀياس ڪيو آهي. سندن واتان چوايل شاعريءَ ۾ شاهه صاحب انهيءَ هنڌ ۽ مڪان جي ٻوليءَ، ماحول ۽ سماج جي مجموعي نفسيات کي نظر ۾ رکيو آهي. انهن جي زندگي ۽ واقعن کي بيان ڪرڻ مهل هو پاڻ انهن ۾ پيهي ويو آهي، جڏهن لطيف مارئي بڻجي عمر کي ايلاز ٿو ڪري، جڏهن پنهنجي ٿر واسين جي ياد ۾ ڳچ ٿو ڳاري، تڏهن ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ لطيف ٿر جو اڻ ٽُٽِ حصو آهي. ٿر جي ٻولي سندس هر بيت جو حصو ٿيل نظر اچي ٿي. ساڳيءَ ريت هُن ٻين ڪردارن جي علائقن جي ٻوليءَ جو استعمال اهڙو ئي سهڻو ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، ان کي عالمن لاڙي ٻولي ڪوٺيو آهي، پر ڏٺو وڃي ته رسالي جي ٻوليءَ ۾ وڏي وسعت آهي. ان ۾ ايترو عظيم سنڌي لغت جو خزانو موجود آهي، جو اها ڪنهن هڪ طبعي ڀاڱي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي نه، پر سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن جو ميلاپ آهي. شاهه صاحب سڄي سنڌ گهميو ۽ سنڌ کان ٻاهر ويو سندس حافظو ۽ مشاهدو مضبوط هو. هن هر لهجي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موقعي جي مناسبت سان آندو، ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو ته:
“هن سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن، جهڙوڪ: اترادي، وچولي، لاڙي، ٿري، ڍاٽڪي، پارڪري، ماڃري، کارائي، منڇري، دريائي، ڪوهستاني جي ڪاڇي واري لهجي کان سواءِ لاسي، جدگالي ۽ فراقي لهجن کان سواءِ، ميواڙي، مارواڙي، جيسلميري ۽ ڪڇي ٻولين جي لغوي خزاني کي به پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو. شاهه صاحب ان ساري ٻوليءَ جي خزاني کي سنواريو، سڌاريو، ان ۾ نواڻ آندي ۽ سنڌي زبان کي هر لحاظ کان وسيع، مائيدار ۽ شاهوڪار بڻايو.”
مطلب ته شاهه لطيف جي ٻوليءَ ۾ وسعت آهي، تنهن ڪري سندس ڪلام لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي. سڄي شاعري عميق، مائيدار خيالن ۽ معنيٰ دار لفظن جو خزانو آهي ۽ گڏوگڏ شاعراڻين خوبين وزن، قافيو، محاڪات، مصوري، تخيل ۽ حسن سان ڀرپور آهي. کين عربي، فارسي ۽ علم عروض جي ته مڪمل ڄاڻ هئي پر گڏ جدت، جوش، فصاحت، بلاغت، سلاست، تشبيهون، استعارا ۽ لطافت سندس شاعريءَ جو مَرَڪ آهن.
5. تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جو ذڪر: سنڌ جا لوڪ رومانوي داستان شاهه جي رسالي جو شان آهن. سهڻيءَ جي سچي سڪ، سسئيءَ جا سور ۽ سوز، ليلا جي لوچ پوڇ، مومل جو ماندو ٿيڻ، مارئيءَ جي محبت، نوريءَ جي نئڙت ۽ سورٺ جي قربانيءَ کي شاهه لطيف مانائتو ڪيو آهي. اهي رائج قصا ۽ داستان کانئن اڳ به سنڌ جي سگهڙن ۽ شاعرن ڳائي وڄائي پيش ڪيا هئا پر شاهه لطيف انهن کي اهڙي ته سوز ۽ سهڻائيءَ سان بيان ڪيو آهي، جو اهي مڪمل طور لافاني حيثيت اختيار ڪري ويا آهن. ان کانسواءِ مورڙي جي بهادري، ڏاهپ، سمن ۽ سومرن جي دور جي سخي سردارن کي مڃتا ڏيڻ، ڪربلا جي واقعي کي بيان ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم واقعن کي شاهه صاحب امر ڪري ڇڏيو آهي.
6. سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي اپٽار: جي حوالي سان جيڪڏهن شاهه جي رسالي کي ڏسبو ته صدين جي سنڌ جو ثقافتي چِٽ چِٽيل نظر ايندو. سندس شاعري سنڌي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ سنڌ واسين جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي عين بين تصوير چٽيل آهي. انساني زندگيءَ جون ضروري اهم شيون جيڪي تهذيب تمدن ۽ ثقافت جي دائري ۾ اچن ٿيون، جيئن کاڌ خوراڪ، لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون ۽ رواج، روحاني ترقي، نسلن جي ارتقائي تاريخ، ٻوليون، مذهب، جاگرافيائي حالتون، معاشي حالتون، تاريخي ورثا، مذهبي قدر ۽ ڀروسا ان سان گڏ ملڪن ۽ قومن جون سماجي، معاشي ۽ علمي حالتون ۽ فن لطيف ئي قومن جي ثقافت ۽ تهذيب جي اپٽار ڪن ٿيون.
شاهه لطيف جي شاعري انهن سمورين حالتن جو هڪ اونهو اڀياس آهي. جيڪڏهن فقط اهو چئجي ته شاهه جو رسالو سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو دستاويز آهي ته بلڪل بجا ٿيندو. هن سنڌ ڌرتيءَ جي هر طبقي، هر ڳوٺ، وستيءَ واهڻ، مُندن موسمن، دريائن، سمنڊن، ساهوارن، ماڻهن جي روين، حالتن ۽ ڪمن ڪارين جو مڪمل جائزو ڏنو آهي. جيئن:
(1) سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سراڻ سين،
(2) اڄ آڳڙيا آئيا، رُڪ ڪريندا پڌرو،
(3) هلو ته هلون ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن،
(4) سر سانداڻ ڪري، پُڇج گهر لوهار جو،
(5) سڙهه سنوان، لاڄو نوان، مهاڻا سندن مير،
(6) سر ۾ سڃڻ ناهه ڪي، موٽ مَ مڱڻهار
(7) جَتا! شالَ! جيو، جيو! تا جاڙون ڪيو.
مٿي ڄاڻايل حوالن مان اهو اندازو ڪرڻ مشڪل ڪونهي ته شاهه صاحب وٽ لوهار، ڪوري، مهاڻا، مڱڻهار، جَتَ مطلب ڪو به عام ڪرت وارو شخص عام ڪونهي بلڪه مهاڻي کي مير ڪوٺيندي هو فخر ٿو محسوس ڪري ته ڪوري وٽس محبت ۽ عظمت جو اهڃاڻ آهي. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي ماڻهن کي پنهنجي لهجي سان ئي پنهنجو ڪيو آهي. کين احساس ڪمتريءَ مان ڪڍيو آهي. ساڳيءَ ريت هن سر زمين جي ريتن رسمن سان به کيس وڏي محبت آهي.
(1) سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون.
(2) مون ماروءَ سين، لڌيون لوئيءَ ۾ لانئون.
(3) پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،
(4) ڪيچين آئون نه ڪَڙي، ڪنهن ڏکيءَ ڏانوڻ ڏانيو،
(5) ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نير وٽي،
شاديءَ جي رسمن ۾ سڳڙا ٻانهن ۾ ٻڌَڻ، لانئون ڏيڻ، ڍڪڻ مٿي پير ڏيڻ، جنگي جوڌن جي شهادت تي عورتن جا ڪارا ماتمي ڪپڙا رنڱائڻ، اهي سڀ هتان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ رسمن جا ذڪر آهن. ساڳيءَ ريت لباس جا ذڪر پڻ هر هنڌ نظر اچن ٿا. لاک رتيون لوئيون، کنهبيون کٿيون، چندنن وارا چوٽا، گلابي گلن جهڙا اميزادين جا ويس، سونا ڪُرَڪَننِ ۾، ڳِچيَن ۾ ڳاڙها هار ۽ ٻيون ريتون رسمون ذڪر ڪيل آهن. ٿر جي کاڌ خوراڪ کي مارئيءَ جي واتان هن ريت ٿو بيان ڪري.
کاڄ کٿيرن سفرو، سڱر ۽ سائون،
سا ڪيئن کائي کارڪون،
جهه کي ڏوُنرا ڏيج ڏنائون.

ان کان سواءِ مينهون، اٺ، گهوڙا، ٻڪريون، گابا، ڇيلڙا ۽ ٻئي مال کي بيان ڪندي سنڌ کي سکيو ستابو بيان ڪيو اٿائين، ڪيترن هٿن جي هنر جي اوزارن ۽ انهن ڪرتن کي پسند ڪندي سنڌي سماج کي مانائتو شانائتو ڪري اڳيان آندو اٿن، جيئن “پچائي پهاڻ، جن رساڻيو رُڪ کي”، “ويٺو تُن تنيس مک ڏيهاڻي مَڪُڙي”، “سر سنداڻ ڪري، پڇج گهر لوهار جو”، “چوري چنگ ٻنگ لهي، حبيبن هنيون”، “ڪچو ڏيج ڪلال کي، مہ تي موٽائي”، “وڃن مَ وينجهار، پاڻيٺ جي پَرَ کڻا”، ۽ اهڙا انيڪ بيت آهن جيڪي اها شاهدي ٿا ڏين، ته شاهه صاحب سنڌ جي چپي چپي جو ته واقف هو پر هتان جي تهذيب ۽ ثقافت جي حوالي سان هن ملڪ جي ڪنهن به حصي کي نه وساريو آهي، رسالو پڙهندڙ کي نه فقط سنڌ جي ماضي ۽ حال سان واقفيت ٿئي ٿي، پر کيس گهڻو سرور ۽ لذت ٿي حاصل ٿئي ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي تي خوشي ۽ اطمينان ٿو محسوس ٿئي انهيءَ ۾ فقط هڪڙو شرط آهي ته شاهه کي ان ريت پڙهجي جنهن ريت پڙهڻ اسان تي حق آهي.
7. لطيف جي شاعريءَ جي موسيقيت: شاهه صاحب جي شاعريءَ جي ٻين خوبين سان گڏ هڪ اهم خوبي موسيقيءَ جي آهي. سندس شاعريءَ جي لفظن ۾ هڪ اهڙو ترنم ۽ جادو آهي، جيڪو ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ هيءَ شاعري موسيقيءَ جي لئي تي مرتب ٿي آهي. هِڪ هِڪ بيت، هڪ هڪ وائي اهڙي آهي، جنهن کي ڳائي ۽ جهونگاري سگهجي ٿو. شاهه صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ موسيقيءَ جي مختلف راڳن ۽ سازن جي مڪمل پروڙ رکندڙ هو. راڳ سندس جيءَ جو جياپو هو. ان ڪري هُن هڪ راڳ جي اداري جو قيام عمل ۾ آندو. موسيقيءَ جي هند ۽ سنڌ جي جملي اڳين سلسلن کي سهيڙي هُن هڪ نئين راڳ جي روايت کي قائم ڪيو جو هڪ ٽولي جي صورت ۾ ۽ عوامي آلاپن جي اثرائتي انداز ۾ اڀريو ۽ جمع رات تي اڄ تائين ڀٽ تي راڳ جي محفل فقير ڪندا اچن. ان کان سواءِ هن “دنبورو” ساز ايجاد ڪيو. جيڪا سندس منفرد ايجاد شمار ٿئي ٿي. اهو نئون خيال ۽ نئين ايجاد سنڌي فن جي عظمت ٿي نمايان ٿيو. نه فقط راڳ ۽ ساز جي حوالي سان پر لفظن جي ترنم جي لحاظ کان سندس شاعريءَ جي هِڪ هِڪ لفظ ۾ سنگيت جو تال ۽ ترنم آهي.
8. لطيف جي انسان دوستي: شاهه عبداللطيف انسان دوست شاعر شمار ٿئي ٿو. سندس ڪلام ڏيهه توڻي پرڏيهه پڙهندڙن وٽ اهو ثابت ڪيو آهي، ته هن شاعر جي شاعريءَ ۾ انسانن لاءِ محبت ۽ پيار جا سبق آهن هو پرت ڇنڻ کان پلي ٿو. شاهه جي رسالي ۾ انسان ذات جي ڀلائي ۽ انسان ذات جي زندگيءَ سان لاڳاپيل هر ڳالهه تمام خوبصورت ۽ آسان نموني تمثيلن سان موجود آهي. خاص طور هو سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏو نفسيات دان هو. تنهن ڪري کين پنهنجي ماحول مطابق وڙ سان هلڻ جو تاڪيد ڪيو اٿن، عورت جي عزت کي اهميت ڏيندي کيس پاڻ ڀرو ڏيکاريو اٿن. انسان شناسيءَ لاءِ انسان دوستيءَ واري اک ڌارڻ تي زور ڏيندي فرمائي ٿو ته:
سُرمون سُفيدِيءَ جو، جَڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏِٺي تِنِ اڇائي عالم جي.

شاهه جو رسالو انسان دوستيءَ جو سڏ آهي. انسان جون داخلي ۽ خارجي ڪيفيتون. فطرت جا اسرار، پاڻ کي سڃاڻڻ، ٻين جي لاءِ ڀلائي ڪرڻ، نفس اماره کي ضابطي ۾ آڻڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نُڪتا آهن، جي سندس ڪلام ۾ واضح طور پسي سگهجن ٿا.
9. شاعراڻيون خوبيون: شاهه جي شاعريءَ جون شاعراڻيون خوبيون بي شمار آهن. جيڪي مٿي تفصيل طور ڄاڻايون ويون آهن، پر خاص طور شاعراڻي شعور جي حوالي سان ڪي خاصيتون اهڙيون آهن، جن جي سبب ڪري لطيف سڀني کان مٿانهون شاعر ٿي اڀريو، سندس شاعري معنوي، ادبي ۽ لساني خوبين جو هڪ اونهو ساگر آهي. هن جو فن ۽ فڪر نه فقط سندس دور جون پر موجوده دور جون به سڀئي گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سندس شعر سنجيدو، سوادي ۽ سڪ ڀريو آهي. سندس منفرد شاعري اندروني مطلب جي لحاظ کان ڳوڙهين معنائن سان معمور آهي. جنهن ۾ آزادي، انسان دوستي ۽ وطن دوستيءَ جا اونچا تصور موجود آهن ۽ اهو سڀ هن سادگيءَ، سچائيءَ ۽ وڏي جذبي ۽ جوش سان بيان ڪيو آهي. ڪيتريون ئي تشبيهون، استعارا، تجنيسون، محاڪات، فصاحت، بلاغت، نزاڪت، اونهائي، رنگينيون ۽ رعنائيون سندن شاعريءَ ۾ ملن ٿيون. ڪو اهڙو مضمون ۽ موضوع ڪونهي، جو سندس شاعريءَ ۾ نه آيو هجي. سندس فڪر جو پرواز اعليٰ درجي جو آهي. هن وٽ هر خيال جديد ۽ نئون آهي. جدت جي انهيءَ انفراديت سندس ڪلام کي ٻين شاعرن کان ممتاز رکيو آهي. ان کان سواءِ موسيقيت ۽ غنائيت جي اثر انگيزي لاجواب ۽ ٻوليءَ جو استعمال وسعت وارو آهي. هڪ لحاظ کان شاهه جو رسالو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ضخيم انسائيڪلوپيڊيا آهي. جنهن جي دلڪشي ۽ سهڻائي اڄ صدين کانپوءِ به قائم آهي.
10. نيڪ نيتي ۽ بزرگيءَ جا ڪمال: لطيف سائين هڪ نيڪ نيت بزرگ شخص هو، جنهن جي قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي هئي سندس سڄي حياتي هڪ کليو ڪتاب آهي. جيڪو به احوال ميسر ٿي سگهيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطيف جهڙو هو پاڻ عظمت وارو اهڙي ئي سندس شاعري آهي ۽ ائين ئي سندس پيغام عظيم، آفاقي ۽ ڪائناتي آهي، هو پاڻ سڄيءَ دنيا لاءِ دعاڳو آهي ته اڄ سندس دَرَ تي ڪيترائي سوالي دعائون گهري کيس ياد ڪري رهيا آهن ۽ الله در ٻاڏائي رهيا آهن ته، “يا رب! هن نيڪ بزرگ جي نيڪين صدقي اسان جون مشڪلون معاف ڪر” ۽ سندن عرض اگهجن پيا. شاهه جي رسالي جي مقبول ٿيڻ ۽ قائم دائم رهڻ جو اهو به هڪ سبب آهي ته هيءَ شاعري دل سان ۽ نيڪ نيتيءَ سان سرجيل آهي ۽ چڱائي هميشه قائم رهندي آهي، نيڪين کي وڏو درجو حاصل آهي ۽ اهي دلين جا درجا آهن جيڪي وڌندڙ ۽ قائم دائم رهندڙ آهن. هيءَ مٽي مانائتي ۽ شانائتي آهي ۽ شاهه جي نگري شاد ۽ آباد رهندي. محققن ۽ پارکن وٽ شاهه جي شاعريءَ جا نوان نوان گوشا روز نمودار ٿيندا ۽ لطيف شناسي وڌندي ۽ ويجهندي رهندي. (انشاءَ الله تعاليٰ)

شاهه جي ڪلام ۾ جدوجهد

پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏَهِن تَڏهن پِرينءَ کي،
ڏورِينديُون ڏِسَن، اَڱڻَ عجيبَن جا.

(7-1، حسيني)
همت، عزم ۽ جدوجهد واري، شاهه صاحب جي هن بيت موجب، باعمل ۽ اڻ ورچ انسان، مسلسل ۽ لاڳيتين ڪوششن سان نيٺ ته منزل مقصود حاصل ڪري ٿو.
شاهه ڀٽائي هڪ بي مثل شاعر هئڻ سان گڏ، هڪ ڪامل ۽ ڏاهو انسان هو. سندس ڪلام ۾ صاف ۽ سڌن لفظن ۾، ته گڏ تمثيلن ۽ علامتن جي اوٽ ۾، انساني زندگيءَ جي هر رخ جي مڪمل عڪاسي آهي. عملي زندگي ئي انساني حياتيءَ جو بنيادي حصو آهي. عمل کانسواءِ هن حياتي جي ڪا به وقعت ڪونهي. شاهه لطيف وٽ ڪمزور، ساده دل، بي وس پر باهمت ۽ باعمل انسانن جي لاءِ جيڪو احساس آهي. سو سندس شاعريءَ ۾ تمام اثرائتو چٽيل آهي. منڊي مورڙي جي سمجهه، سياڻپ ۽ همت ۾، بيوسيءَ جي باوجود مارئيءَ جي عزم ۽ استقلال ۾، سهڻيءَ جي ساده دليءَ ۽ جستجو جي جذبي ۾ ته خاص طور سسئي جي جدوجهد ۾، پاڻ اهڙا ته منظر پيش ڪيا اٿن جو عقل انساني اڄ ڏينهن تائين سندن ڪلام جي حيرت ۾ غلطان آهي. شاهه سائينءَ جا بيان ڪيل لوڪ ڪردار کانئن اڳ به قائم ۽ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو حصو هئا. پر ڀٽ ڌڻيءَ کين موتين جهڙن پُراثر لفظن ۽ سچن جذبن سان اهڙي ته اثرائتي نموني پيش ڪيو آهي، جو نه فقط اهي ڪردار امر ٿي ويا آهن پر انهن جي صداقتن جا جذبا هميشه لاءِ قائم ۽ دائم رهجي ويا آهن.
سسئيءَ جي تمثيل کي پنجن سرن ۾ لاڳيتو بيان ڪندي، پاڻ ڪٿي کيس ساراهي ٿو، ته ڪٿي کيس تنبيهون ۽ فهمائشون ٿو ڪري ته ڪڏهن کيس همتائيندي، لازوال مڃتا ٿو ڏئي.
“پڇن سي پسن” مان سندن مراد آهي ته جستجو، ڳولها ۽ اڻ ورڇ محنت ۽ “پسڻ” جو درجو آهي. اها حاصلات، عجيبن جي اڱڻ تي اهي ئي پهچنديون، جن جو “ڏورڻ” جو عمل هڪ ئي نقطي يعني “پرين پسڻ” جي گرد گهمندو، جڏهن سندن مقصد سچو هوندو ته واٽ پاڻيهي ملي ويندي. سسئيءَ کي ڪيترن ئي هنڌن تي اهڙيون هدايتون ڪيون اٿن جيئن:
“پيرين پنڌ وسار هل هينئين سين هوت ڏي.” “تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي”، “اول ۽ آخر آ هلڻ منهنجو هوت ڏي”، “ٿڪيائي ٿر ٿيلهه چڙهه چڪيائي چوٽئين”، “ويٺي ور نه پون ستي نه ملن سپرين”، “ستي نه سرندياءِ ڪر پچار پرينءَ جي”، پير پٽائي ڪونئرا، ڏونگر مٿي ڏي”، “ڏورڻ منجهان ڏس پونديئه هوت جو” ۽ ٻيا ڪيترائي بيت هن ڏس ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا.
شاهه ڀٽائي فقط تنبيهون ۽ هدايتون نٿو ڪري ۽ نه ئي هو سمجهائڻ ۾ سخت ناصح وارو رويو اختيار ٿو ڪري، بلڪه شاهه صاحب ته تڪليفن کانپوءِ مليل مانَ، شانَ ۽ حاصلات کي املهه ڪري ٿو ڄاڻائي. وٽس حياتيءَ جي جدوجهد جا مقصد ۽ مليل حاصلات کليل ڪتاب وانگر آهن جڏهن مادي حياتيءَ جون هدايتون ۽ سمجهاڻيون ٿو ڏئي، تڏهن روحاني ۽ ابدي سڪون جا يقين به ٿو ڏياري. موت کي ماري مات ڪندڙ مقصدي حيات کي “حياتِ جاودان”، ٿو سڏي. فرمائي ٿو ته:
“ثمر جن نه ساڻ هوت حمايتي تن جو، ” ڏوريندن کان ڏور پرين پرانهون نه ٿيئي”، “جو تون ڏورئين ڏور، سو سدا آهي ساڻ تو”، “سوري آ سينگار اصل عاشقن جو”، ڏک سکن جي سونهن گهوريا ڏک سکن ريءَ، “منجهي هوند مياس پر سورن کڻي سونهون ڪيو.”
مطلب ته سڀني ڪوششن جو حاصل ضرور ملي ٿو. ايئن نه آهي ته ماڻهوءَ جون محنتون رائيگان ٿي ٿيون وڃن. بيشڪ اسان وٽ ظاهري اسباب نه هجن ته به نيڪ مقصدن ۽ سچاين جي لاءِ هوت حمايتي ٿي منزل تي پهچائيندو. عمل، جدوجهد ۽ قربانيءَ جون اعليٰ وصفون ئي عاشقن جي زندگي بامعنيٰ ٿيون بنائين. اڻ ورچ انسان ئي سماج جي سونهن آهن، ڏٺو وڃي ته فقط هڪ فرد جي سستي ۽ نااهلي به سماج لاءِ سخت هاڃيڪار آهي. حياتيءَ جي هر هڪ رخ کي جانچيو وڃي ته چاهي اهو عبادت هجي يا علم جي حاصلات، سياست هجي يا سماج سڌارڪ جا ڪم، رهبري هجي يا مزدوري، هر هڪ عمل سچائيءَ ۽ اخلاص سان گڏ، محنت جو محتاج آهي، جنهن جي لاءِ هميشه کان ڏاهن ۽ سڄاڻن سمجهايو آهي.
شاهه ڀٽائيءَ جي پياري فقير تمر کي سندس وڏن ننڍپڻ ۾ شاهه سائينءَ جي حوالي ڪيو هو. تمر فقير شاهه صاحب جي زير سايه رهيو، ان ڪري کيس شاعريءَ سان شغف هو. هو گنج جي ڪاتبن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ جو ٿورو نمونو مليو آهي، مٿس شاهه جو گهڻو اثر آهي. هُن جدوجهد ۽ مسلسل محنت کي هن ريت مڃتا ڏني آهي.
گنگا ڀيٽي گومتي، سامي سير ٿيا،
ويراڳي واحد لاءِ، ڪنهن جنهن پهه پيا،
مٿي تيرٿ تمر جي، او واڪيندا ويا،
تن ڪاڇوٽين ڪيا، هڻي گس هنگلاج ڏي.(1)

مقصدي ۽ اڙانگا رستا اهي اختيار ڪندا آهن جن جي لاءِ سوري سيج ۽ مرڻ مشاهدو هوندو آهي. جن وٽ “ويجهو وڃ مَ واٽ ڪهج ڪواٽ ڏي” جو رستوئي سنئون رستو آهي. سسئيءَ جي اختيار ڪيل “ڪُواٽ” (پنهون لاءِ پنڌ) ڏکيو هوندي به سندس متاع حيات آهي، انهيءَ ڪري ان رستي تي ايندڙن کي به پلي ٿي ته متان منهنجي محبوب تي ڏمرڪن، سسئي جي واتان سندس اهو جذبو شاهه سائين هن ريت ٿو بيان ڪري.
سَرتِيون سُڄي سُڃَ، متان ڪا مُون سين هَلي،
پاڻي ناهِه، پَنڌُ گهڻو، اڳِيان رائو رُڳي رُڃَ
مَڇَڻُ مري اُڃ، ڪا ڏِئي پاراتو پرينءَ کي.
(1-8، حسيني)
زماني جي انڌي تقليد ڪندڙ عام ماڻهن جي بجاءِ سمجهو ۽ سڄاڻ حياتي گهارڻ لاءِ هڪ چونڊيل واٽ اختيار ڪندا آهن. بقول ڀٽ ڌڻي “لهوارو لوڪ وهي تون اوچو وهه اڀار” اها شعوري ۽ چونڊيل واٽ، اڙانگي هئڻ سان گڏ ڪيترين ئي مشڪلاتن ۽ تڪليفن سان سينگاريل هوندي آهي ۽ اهو مستحڪم رستو ربَّ جي ئي منشا مطابق هوندو آهي. ڇو جو باري تعاليٰ عام جي عبرت ۽ غور فڪر لاءِ پنهنجي خاص ٻانهن ذريعي اهي مثال قائم ڪرڻ چاهيندو آهي، جيئن ته ارادن جون مضبوطيون ۽ بلنديون چوڻ سان يا ذڪر ڪرڻ سان ڪو نه ملنديون آهن. “نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون” وانگر مقصد ۽ حاصلات به هِن هُن تي ڪم رکڻ سان ڪو نه ٿا ملن. اهي اوچا رستا ۽ اڙانگيون واٽون پار ڪرڻ لاءِ محنت ۽ مستقل مزاجي اختيار ڪرڻ اهم آهي. ان سان ئي انساني بقا ۽ جٽا قائم رهندي. فرمائي ٿو ته:
هِتان کَـڻي هُتِ جن رکيو سي رَسيُون،
ساڄن، سُونهن، سُرت، وکان ئي ويجهو گهڻو.

(2-2، سسئي آبري)
شاهه سائين ته رڳو پڇا ڪرڻ کي به عبث ٿو ڄاڻي، ويهڻ کان هلڻ کي ترجيح ڏيندي چوي ٿو ته:
ويهُه مَ وساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جي،
نِرمل نِهاري، هلندِن تان هٿِ ڪيو.

(9-1، سسئي آبري)
يا
هَلُ ته هيڪاندي ٿِئين، ويهي وجهه مَ وير،
توڙي لَهين نه پير، ته پڻ راحتَ رِڙِهَڻَ ۾.

رڙهڻ ۾ راحت يعني ڪوشش، همت ۽ محنت جي تلقين ئي شاهه جو پيغام آهي. هن دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا امر انسان ٿي گذريا آهن جن جون مڪمل حياتيون مقصديت ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ جي خدمت ۾ صرف ٿيون. سندن نالا تاريخ جي سون ورنن ورقن ۾ هميشه لاءِ قائم رهجي ويا آهن. اهڙن املهه ماڻڪن مشڪلاتن جا منهن ڏٺا ۽ ناڪاميون ماڻڻ کانپوءِ ڪاميابيءَ ڏي گامزن ٿيا، پر ڪڏهن به ڪو نه گهٻرايا، ڇو ته ناڪاميون ئي ڪاميابيءَ جو نشان آهن.
انگريزي ۾ چوڻي آهي ته:
Do not be afraid of your first failure because it is your first step towards.
هن دنيا ۾ هر شخص کي پنهنجي عملي ڪار گذاريءَ سان رهڻو آهي. سڄي ڪائنات جيڪا گل گلزار لڳي ٿي، سا صرف عملي طور جدوجهد جي سبب سان ٿي آهي. رب پاڪ هر شخص کي سندس ذهني ۽ جسماني قوتن کان ڪم وٺڻ لاءِ موقعا مهيا ڪري ٿو ۽ اهو هر ڪنهن جي پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ محنتن و رياضتن تي منحصر آهي ته هو پنهنجو پاڻ مان، وقت مان ۽ پنهنجي ماحول مان ڪيترو ٿو پرائي.
ڪنهن به ميدان ۾ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ سالها سال وڏن ڪشالن جي ضرورت به هجي ٿي. صحيح رهنمائي، سمجهه ۽ ڌيرج، سان گڏ جهد مسلسل ئي منزل جي حاصلات کي سهل ٿي بنائي. ڪو به ماڻهو يا ڪا به قوم تيستائين سر بلنديءَ سان همڪنار نٿي ٿئي، جيستائين هو پنهنجي پاڻ کي تج ڪري، سختيون سهائي، خداداد صلاحيتون اڳيان نٿي آڻي. زندگي ته تبديليءَ جي پيغام سان گڏ ئي انقلاب جو گس آهي انهي انقلاب کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ شاهه سائين هن ريت حڪم ڏنو آهي.
اڃا تون اُواٽ، واٽان پاسي ويسَرِي،
سونهين ٿيءُ سواٽ، ته منجهانُ دِلِ دَڳ لَهِين.

(6-9، ڪوهياري)
هن ڪائنات جي انساني ترقي يافته ڊوڙ جو سڄو عمل “پڇڻ”، “ڏورڻ” ۽ “پسڻ” جي روش جي چوگرد گهمي ٿو. هيءَ سڄي ترقي انهيءَ ئي نظريي مطابق ٿي آهي. شاهه سائينءَ کي خبر هئي ته، “ويٺن تان واري ورندي آهي.” “ترت تار اهي لنگهنديون جن جي اڪنڊ سچي هوندي.” هن دنيا جي هيءَ جديد ترقي، جيئن گهريلو آسائشن کان وٺي جنگي سازو سامان جي جديد ٽيڪنالاجيءَ تائين، جيڪي اڳ ۾ ممڪن نه هو سو هاڻي ممڪن آهي، جيڪو هن وقت ناممڪن آهي، سو يقينًا ايندڙ وقت ۾ ممڪن هوندو. صرف ۽ صرف مٿئين فلسفي جي ڪري. معنيٰ ته اسان لاءِ اهوئي اهم آهي ته اسين مستقبل لاءِ پر اميد ۽ حال ۾ محنت ڪندڙ هجون. ڏورڻ ۽ پسڻ جي فلسفي تي غور ڪندي جستجو جاري رکون. بقول شاهه سائين:
جَبَل ماري جَکَ، جو آڏو آريچَنِ کي،
توڻي لَڪَن لَکَ، سڀ لنگهندِيَسِ سِڪَ سين.

(5-8، ديسي)
اهڙو معاشرو ئي مهذب ۽ ترقي يافته سڏائڻ جي لائق آهي جنهن ۾ ڏکن، مفلسين ۽ جهالتن جون پاڙون پٽجي وڃن، جنهن ۾ تتيءَ ٿڌيءَ ويهڻ عبث هجي. هر ڪو ذي نفس مقصدي منزل لاءِ ڪاهيندڙ هجي. جتي باشعور فرد سجاڳ ٿي، ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هجن. جتي ماڻهو آزاديءَ جي نعمتن سان مالا مال هجن. جتي خودمختياريون ۽ خوشحاليون ڪر کڻي اچن ۽ رستن جون رڪاوٽون بي معنيٰ ۽ بي حيثيت ٿي وڃن. جتي هر فرد مقرر، چونڊيل مقصدي رستن ڏي همٿائيندڙ هجي ۽ اُتي محنتون مرادون ماڻين.
ڪنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَن،
آڱر آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ،
ويندي ڏانهن پِريَن، جتي جاتِ نه پائيان.

(3-10، معذوري)
شاهه سائينءَ اهڙن ئي سفرن ۽ ڪشالن جي هدايت ڪئي آهي سسئيءَ کي هڪ ئي وک ۾ پنڌ ڪرڻ جي تلقين ڪندي ڄاڻائين ٿا ته ڇوهه مان ڪاهي وڃ ته سفر ساعت ۾ پورو ٿئي. اهوئي همت ۽ جرئت جو لازوال طريقو آهي.
سؤُ ڪوهَه ڪري سَڀَڪا، تُون، کُهي کَـڻج وِکَ،
تاڻِج منجهان تِکَ، ته پَنڌُ پاسي ڀر نبري،

(9-9، سسئي آبري)
اڳيان سسئيءَ جي اڙانگي سفر کي هن ريت ٿا مڃتا ڏين:
کُهِي جا کَـنيائِين، وِکَ تنهين ويجهي ڪَئِي،
ڇِڪيءَ ڇِنائين، پَنڌ مِڙوئي پَٻَ جو.

(9-8، سسئي آبري)
انساني ڪوششن ۽ مسلسل ڪوششن کي هن دنيا ۾ ئي صلو ملي ٿو. وڏن انسانن جي “جيون چرتر” (حياتيءَ جو احوال) پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته اڻ ٿڪ محنتون ۽ رياضتون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون آهن. اسان کي هر دم دعاڳو رهڻ گهرجي ته اسان جون محنتون ڪامل ۽ هٺ کان پاڪ هجن. جيڪي ڌڻيءَ در اگهجن، انهيءَ لاءِ اسان کي ڀٽ ڌڻي هيءَ دعا ٿو ڄاڻائي:
جانِبَ! تُون جيڏو، اَهين شانَ شَعورَ سين،
مون تي ڪَرِ منهنجا پِرين! توهه تُسي تيڏو،
ايءَ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو، جئن نوازيم نگاهَ سين.
(2-1، سر بروو سنڌي)

شاهه جو صوفياڻو ڪلام/ شاعريءَ ۾ تصوف

وَڃِين ڇو وَڻڪار، هِتِ نه ڳولِين هوتَ کي،
لِڪو ڪِينَ، لطيفُ چي، ٻاروچو ٻئي پار،
ٿيءُ ستي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوست جو.

(سسئي آبري، 3-11)
شاهه لطيف جو نالو سنڌ جي هڪ اهم صوفي شاعر جي حيثيت سان هنڌين ماڳين مشهور آهي. سندس دؤر ۾ نفس جي پاڪائيءَ لاءِ هلندڙ صوفي سلسلن ۾ سهروردي، قادري، نقش بندي ۽ چشتي مشهور سلسلا هئا. پاڻ قادري طريقي جي بزرگن مان هو جن وٽ اندر جي پاڪائيءَ ۽ روحاني پاڪيزگيءَ جو ذريعو سماع هيو. هن وحدت الوجود جي نظريي کي پسند ڪندي مذهبي ڪٽرپڻي کي سخت ننديو. وٽس هندو ۽ مسلمان ۾ ڪوبه ويڇو ڪونه هو. سندس درس انسانيت لاءِ ۽ ڪل خلق لاءِ هو. پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ نيڪ خواهشن ۽ خاص خوبين جي پرچار ڪئي اٿن، سندس صوفياڻي شاعري منزل تي پهچڻ جو سڏ آهي.
جيڪڏهن لطيفي بيتن تي غور ڪبو، ته معلوم ٿيندو ته ڀٽ ڌڻي سڀ کان پهرين اندر اجارڻ تي زور ٿو ڏئي ۽ گڏوگڏ اهائي ٿو هدايت ڪري ته محبوب توکان پري نه آهي، فقط پنهنجي پاڻ کي سندس راهه تي ثابت قدم رک ته هو توکي وصل جو پيالو پياري. سندن موجب ته جيڪي هڪ ئي واحد ڌڻيءَ لاءِ رات ڏينهن هڪ ٿا ڪن هِت هُت پرين کي نٿا ڳولهين. بلڪه اهو ٿا ڄاڻن ته پوريءَ ڪائنات جو وجود ۽ سندن پنهنجو وجود ڌڻيءَ سڳوري جو مظهر آهي هُو ٻاروچو ٻي پار ڪٿي لڪل نه آهي، بلڪه دوست جو ديرو ته سندن اندر موجود آهي، اهو غور ڪندا، تڏهن ئي کين راهه سُجهندي، قران پاڪ ۾ آهي ته “ونحن اقرب اليه من حبل الوريد” (ترجمو) ۽ پوءِ “اسان توکي ساهه جي رڳن کان به ويجها آهيون”. شاهه لطيف پڻ اها ئي وائي وات آندي آهي. هو دنيا جي عظيم مفڪرن مان هو، هن حياتيءَ جي نظام تي، ڪائنات تي، زمين ۽ آسمان تي وڏو غور ڪيو ۽ پوريءَ دنيا کي انهيءَ جي اصل رنگ سان پرکيو. اهو تفڪر ۽ تدبر سان سمجهيائين ۽ اسان کي سمجهايائين ته، زندگي ڇا آهي؟ موت ڇا آهي؟ انسان جي حقيقت ڇا آهي؟ سندس هن دنيا ۾ ڪهڙو مقام آهي؟ کيس ڪيئن حياتي گهارڻ گهرجي؟ انهن ۽ ٻين ڪيترن اهڙن سوالن تي هن سنڌ جي ڏاهي غور ۽ فڪر ڪيو، انهيءَ کان پوءِ اسان کي ٻڌايو ته محبوب پري ناهي فقط ۽ فقط انسان کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي کيس لهڻو آهي. جڏهن هو ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي ته پوءِ پري ڇا لاءِ وڃجي؟
تصوف شاهه لطيف جي شاعريءَ جو خزانو آهي. جنهن موجب هن عمل تي زور ڀريو آهي ۽ اندر اُجارڻ تي آماده ڪيو آهي. سندس نظر ۾ محبوب جو جلوو پسڻ ئي وحدت جو اعليٰ مقام آهي.
“جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون”
تصوف جو موضوع تمام وسيع موضوع آهي، پر مختصراً اهو چونداسين ته تصوف معنيٰ قلب ۾ هڪ نئين قسم جي روحاني تڙپ، صوفين وٽ ڪائنات “عالم اڪبر” آهي ۽ انسان “عالم اصغر” ۽ ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه موجود آهي، تنهن جو اختصار خود انسان ۾ موجود آهي. انسان پنهنجي الاهي اصل کي سڃاڻي حق ۾ حل ٿي سگهي ٿو ۽ جڏهن هو انهيءَ منزل تي پهچي ٿو، تڏهن کيس هر صورت مان حق ئي حق پسبو آهي. ٻين لفظن ۾ هڪ مشهور حديث موجب ته “جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو”. شاهه لطيف انهيءَ کي هن ريت ٿو بيان ڪري:
پُنهوُن ٿِيس پاڻيهي، وِيو سَسئيءَ جو سِينگارُ،
مَنُ عَرَفَ نَفسَہَ فَقَد عَرَفَ رَبّہُ، اِهو ئي اُچار،
جو وِندرَ ۾ واپارُ، سو سودو سَرِيس هِتهَيِن.

(سسئي آبري، 5-5)
“سچو صوفي اهو آهي جو ڪدر (ميراڻ) کي ڇڏي ڏئي” صفا جي معنيٰ ئي آهي روشن ۽ ظاهر. مٿي اڳ ۾ ئي ڄاڻايو اٿم ته تصوف هڪ وسيع مطلب وارو موضوع آهي “حقيقي تصوف مذهب جو روح، اخلاق جي جان ۽ ايمان جو ڪمال آهي ۽ جنهن جو بنياد شريعت آهي” صوفياڻو تصور هر مذهب جو حصو رهيو آهي. اسلامي تصوف جي شروعات رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زندگيءَ جو نمونو شمار ٿئي ٿي. سندن حياتي تزڪيه تفس ۽ تصفيه قلب جو اعليٰ مثال رهي. ان کان پوءِ چار ئي خليفا جنهن ۾ خاص طور حضرت علي رضه ته تصوف جا سرچشما هئا. هو نفس سان جهاد ڪندڙ هئا. کانئن پوءِ “عشره مبشره” ۽ پوءِ “اصحاب صفه” (اصحاب صفه چبوتري، صفه جي ويجهو ويهڻ وارا اصحاب جيڪي تمام گهڻا عبادت گذار هئا) مٿيون دور تصوف جو پهريون دور آهي ۽ ٻيو دور تابعين جو يعني 34 هجريءَ کان شمار ٿئي ٿو. جنهن ۾ ٻه اهم هستيون حضرت اويس قرني ۽ حضرت حسن بصري رحه اچن ٿا ۽ ٽيون دؤر تبع تابعين 151هه کان 350هه تائين صوفي ابو هاشم بي بي رابعه بصري، حضرت ذالنون مصري، بايزيد، بسطامي، جنيد بغدادي، داتا گنج بخش، حسين بن منصور حلاج، حضرت ابوبڪر شبلي اچي وڃن ٿا. متاخرين جي دور ۾ شيخ علي بن عثمان حلاجي، حضرت امام غزالي، شيخ محي الدين ابن اڪبر، حضرت مولانا جلال الدين رومي، امام ابوالقاسم القيثري (رسالي قثيريه جو مالڪ) حضرت ابوالعباس محمد شفائي ۽ ٻيا آهن. (داتا گنج بخش جو ڪتاب “ڪشف المحجوب” اهلِ طريقت وارن وٽ تصوف جو ماخذ قرار ڏنل آهي. مٿين ترتيب سندن انهيءَ ڪتاب مان ورتل آهي)
مطلب ته ننڍي کنڊ ۾ اسلام جي انهن عالمن جو وڏو چرچو هو. شاهه لطيف مولانا روميءَ کان گهڻو متاثر هو ۽ پاڻ سان گڏ روميءَ جي مثنوي رکندو هو. پاڻ ساڳئي رنگ ۾ رنڱيل وحدت الوجودي سلسلي جو شاعر شمار ٿئي ٿو. پاڻ تصوف جي ترقيءَ جي چئني منزلن کي پنهنجي ڪلام ۾ اشارن طور توڙي واضح نموني ڄاڻايو اٿن.
ساري سک سبق، شريعَتَ سَندو سُهڻي،
طريقَتان تِکو وَهي، حَقيِقتَ جو حَق،
معرفَتَ مَرَڪ، اصل عاشِقَنِ جو.

(سهڻي، 3-10)
شريعت بنا اڳتي وڌڻ شاهه صاحب موجب محال آهي. انهيءَ پهرين منزل کي وضاحت ڏيندي چون ٿا ته،
وحَدهُ لا شَرِيڪَ لَہُ، چَئِي چَوَندو آءُ،
فَرضَ، واجبَ سُنتون، تنيوءِ تَرڪُ مَ پاءِ،
توبهه سَندِي تَسبِيح، پَڙهَڻ ساڻِ پُڄاءِ،
نانگا پنهنجِي نفسَ کي، ڪا سنئين راههَ سُونهاءِ،
ته سَندِي دوزخ، باهِه، تو اوِڏيائي نه اَچي.

(ڪلياڻ، 1-4)
شاهه صاحب موجب، طريقت جو طريقو نفس کي ماري ان مان لالچ لوڀ ڪڍي گمراهيءَ کان بچڻ آهي. جنهن لاءِ طالب کي پنهنجي طلب کي مخفي رکي مطلوب ٿي منزل تي رسڻو آهي. مولا کي ملڻ لاءِ ڪروڙين رستا آهن. جيترا روح ايترا رستا. پر جيستائين پنهنجو پاڻ کي فنا نه ڪبو، تيستائين عشق الاهي جو مچ ازخود نه ٻرندو. ان ڪري اهڙي ديدار جي تڙپ پيدا ٿئي جو هر شيءِ ۾ حق جو جلوو نظر اچي.
تَن تَسبيح مَنِ مڻيوُ، دِل دنبورو جَنِ،
سي ستائي سُونهن، نِنڊَ عِبادتَ جَنِ جي.

سالڪ جڏهن حقيقت جي منزل لاءِ پير ٿو ڌري، تڏهن هو پنهنجي پاڻ کي ٿو سڃاڻي سندس اڳيان سڀ حقيقتون ظاهر ٿي پون ٿيون. محبوب ۽ سندس وچ جو ويڇو گهٽجي ٿو. شاهه لطيف مطابق ته سچا سالڪ پنهنجي وجود جو ورق ورائي، سِسِي نيزي پاند اڇلي، سوريءَ سورانگهڻ لاءِ هڪيا تڪيا ويٺا آهن. کين دلدار جو ديدار گهرجي هو بنا ڪنهن وسيلي جي نينهن جو نالو وٺي پرينءَ جي پار پهچن ٿا.
پُڇن جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهار،
تُر هَو تَنِين بارُ، عِشقُ جَنين کي آڪَرو.

(سر سهڻي، 1-31)
معرفت جو سرمو جنهن جي اثر سان اکيون حقيقي حسن بنا ڪجهه به نٿيون ڏسن، سالڪ جي آخري ۽ اهم منزل آهي. هتي الاهي اسرارن ۽ علمن جي بارش آهي، شروع ۾ جا ڪثرت هئي سا وحدت ۾ تبديل ٿي ويئي اصل شيءِ اها هڪ آهي، باقي سڀ انهيءَ هڪ سان ئي جڙيل آهي. فرمائي ٿو.
پَڙاڏو سوئي سڏُ، وَرَ وائيءَ جو جي لَهين،
هُئا اَڳهَين گَڏ، ٻڌڻ ۾ ٻَه ٿيا.

(ڪلياڻ، 1-22)
شاهه لطيف جي سڄي ڪلام ۾ تصوف جي سڀني مسئلن کي سهڻائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. تصوف جا سڀ سلسلا ڌڻيءَ در جي رستي جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ پنهنجي رب جي وحدانيت جي گواهي ڏين ٿا. شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جي جدا جدا منزلن، قضا ۽ قدر، رضا ۽ تسليم، تجلي ۽ بيخوديءَ جا ڪيترائي اشارا شاهه جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا.
تصوف جي منزلن، طلب، عشق، معرفت، استغنا، توحيد، حيرت ۽ فنا جي حوالي سان سالڪ کي پاڻ کي فنا ڪري بقا ۾ سمائڻ جي تلقين ڪيل آهي. سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ خاص طور قرآني آيتن ۽ حديثن سان سينگاريل آهن يا ٻين لفظن ۾ سندن اهي بيت قرآني آيتن جيان دنيا ۽ آخرت جي رازن کي کولي بيان ڪن ٿا. شروع جي پنجن سُرن ۾ تصوف جي اصولن، حڪمن ۽ رڪنن جو مڪمل اڀياس آهي ۽ سر ڪيڏارو تائين اهي سالڪ ذڪر ڪيل آهن. جيڪي تصوف جي تعليم تي عمل ڪن ٿا ۽ آخر ۾ سر آسا سندن سڄيءَ تعليم جو نچوڙ آهي. سندس سڄي رسالي جو پيغام ڪنهن خاص طبقي ۽ مذهب لاءِ نه، پر پوريءَ انسانذات لاءِ آهي، جنهن کي جيترو به پڙهبو ۽ پروڙبو ايترو مَنِ شانت ٿيندو، دِل مان نراسائي نڪرندي ۽ ماڻهو ماڻهپي ڏي موٽندو.

شاهه جي شاعريءَ ۾ خوديءَ جو فلسفو

پيهي جان پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِهاڻِ،
ته نَڪو ڏُونگَرُ ڏيهَه ۾، نَڪا ڪيچِين ڪاڻ،
پُنهون ٿِيَس پاڻ، سَـسُئي تان سُـور هئا.

(5-2، سسئي آبري)
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه موجب طريقت جي راهه تي هلندڙ سالڪ جي مشڪل تڏهن آسان ٿي پوي ٿي. جڏهن کيس معلوم ٿي ٿو وڃي ته رب تعاليٰ جو جلوو سندس پنهنجي اندر ۾ ئي موجود آهي. مٿئين بيت موجب ته، جڏهن مون پنهنجي اندر ۾ جهاتي پاتي ۽ پنهنجو پاڻ سان روح رهاڻ ڪئي، تان ئي خبر پيم ته نڪو ڪو جبل آهي ۽ نه ئي مون کي ڪا ڪيچين جي غرض آهي، جيسين سسئي هئيس (پاڻ کي الڳ ٿي ڀانيم) تيسين ته وڇوڙي مون کي نهوڙي ڇڏيو هو، پر جڏهن پنهنجو وجود وڃايم، تڏهن پاڻ ئي پنهون ٿي پيس. حقيقت ۾ شاهه صاحب قرآن پاڪ جي حوالي موجب ئي اها وضاحت ڪري ٿو ته “ڌڻي سڳورو ته انسان کي ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي ۽ هن آدم کي پنهنجي صورت موجب خلقيو آهي”. کيس دل سان خالق تسليم ڪرڻ ۽ دل ۾ آيل ٻيائيءَ کي شڪست ڏيڻ لاءِ بندي جي سڄي ڳولها ۽ جستجو تڏهن صاب پوندي جڏهن کيس هر شيءِ ۾ ڌڻي ڏسڻ ۾ ايندو جيئن “مَا رَاَيۡتُ شَيۡئًا اِلاّ وَ رَاَيۡتُ اللهَ” يعني ڪا اهڙي شيءِ نه ڏٺم جنهن ۾ مالڪ جو جلوو ۽ جمال نه ڏٺم. شاهه صاحب وٽ يقين جي قوت جي اهميت ۽ ٻيائيءَ کان بچاءُ جو حڪم هن ريت پڻ آهي. سر آسا ۾ فرمائين ٿا ته:
“آئون” سين اُنَ پار، ڪَڏهن تان ڪو نَه ٿيو،
“اِنَّ الله وِتۡـرٌ يُحِبُّ الۡوِتۡرَ”، نيئِي ٻـيائِــيءَ ٻارِ،
هيڪڙائي وٽ هارِ، هنجون جي، “هُئَڻ” جون.

(1-2، آسا)
سسئي کي به اهي ئي نصيحتون ۽ هدايتون ڏيندي سمجهائين ٿا ته “سوئي کڻيو ساڻ، سوئي ڏورئينءِ سسئي”، “وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولهين هوت کي” يا “پنڌ ۾ ڪر پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار” مطلب ته هيڪڙائيءَ کي دل سان تسليم ڪرڻ کانپوءِ، سڀ ڀرم ۽ وسوسا جڏهن انساني دل ۽ دماغ مان نڪري ٿا وڃن ۽ هڪوار، خوديءَ کي ترڪ ڪري، هُو محبوب کي ويجهو ٿو ٿئي تڏهن ئي کيس سچو سک سري ٿو. پوءِ وٽس دنيا جي هر شيءِ هيچ آهي. سچل سائين به ساڳي ئي صدا ٿو هڻي:
پُنهون پُنهون ٿي ڪريان، آئون پڻ پُنهون پاڻ،
اديون ٿِيَس اُڄاڻ، جو ڪِينَ پروڙيم پاڻ کي.
(سچل سرمست)
صوفي بزرگن، نيڪن ۽ ولين هميشه کان اندر کي اجارڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ تي زور ڀريو آهي. وٽن زندگيءَ جو رستو طريقت مان ئي روحانيت جي اعليٰ منزلن ڏانهن وڃي ٿو. پر سڄي سفر ۾ يقين جي قوت، ٻيائيءَ جي ٻک کان بچائي ٿي. اها ئي اصل پراڻ آهي، هن عظيم طاقت سان ماڻهو پاڻپي مان نڪري، خدا شناسيءَ ڏي مڙي. پوءِ ئي اعليٰ اسرار پروڙي ٿو. “اپنشد” ۾ آهي ته:
“Self knowing is God Knowing”
خود شناسي ئي انساني زندگيءَ جو حاصل ۽ معراج آهي، جنهن سان هو اندر سان اوري، پنهنجي محاسبي سان نيڪيءَ ڏي مڙي ٿو. هن رستي ۾ اسان جو من ئي اسان جو سڄڻ آهي ته اهو ئي اسان جو دشمن آهي. من جيڪڏهن مثبت آهي ته سنئين رستي تي مڙي ٿو ته پوءِ نيڪ ارادا ۽ عزم سفر کي آسان ڪن ٿا. پر جيڪڏهن انساني من يا اندر تي خوف وخطرا ياڀئو ۽ گمان غالب ٿي ٿا پون، ته پوءِ هو چنتائن جي وس ٿي مقصدن کان هٽي ٿو وڃي. انهيءَ ڪري پنهنجو پاڻ ۾ پيهي، پاڻ کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جتن ڪرڻ کپن. مَنَ کي ڳولهي ڦولهي، ماري مڃائي، پنهنجي وس ڪرڻ يا جيتڻ لاءِ مايا ۽ ڪايا جي موهه مان نڪري، اندر جي اکين سان پسي خوديءَ کي رستي مان هٽائڻ جي قوت پيدا ڪرڻي آهي.
من جي طاقت ماڻهوءَ جو مڪمل وشواس ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آهي جيڪا عبادتن، رياضتن ۽ همتن سان پيدا ٿئي ٿي، جنهن سان پهاڙن کي سوري سگهجي ٿو ته پٿرن کي تاري سگهجي ٿو. سچي ۽ نيڪ نيتيءَ جي بندگيءَ کي جڏهن ڪماليت جو دامن نصيب ٿئي ٿو، ته نه فقط اها بندي کي ڪيترين پريشانين مان ڪڍي کيس صحيح دڳ تي لائي ٿي پر تڏهن محبوب ۽ محب جي وچ وارو پردو هٽي، طلبيندڙ جو اندر آئينو ٿي ٿو وڃي ۽ کيس يقين ٿو اچي وڃي ته “دوست جو ديرو ته دل ۾ آهي”، اهو ئي رستو طالب ۽ مطلوب جي وچ ۾ اڻ ٽٽندڙ ڳنڍ آهي.
هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇين ڪوهه پرياڻ؟
“وَنَحۡنُ اَقۡرَبُ اِليۡہِ مِنۡ حَبۡلِ الۡوَرِيۡدِ”، تنهنجو تونهِين ساڻ،
پــنــهــنــجــو آهــي پـــاڻ، آڏو عــجيــبــن کــي.
(5-13، سسئي آبري)
شاهه صاحب طالب ۽ مطلوب جي وچ جي پردي ۽ اٽڪ جي سببن کي هن ريت کولي بيان ڪيو آهي.
پاڻُ مَ کَڻِجُ پاڻَ سين، وَسيلا وِسارِ،
لُـڙُ لنگهائي، سُوهَـڻي! پِرتِ وِجَهندَيِئي پارِ،
سي تُرتُ لنگَهنديُون تارِ، اُڪنڊَ آڳَهُه جَنِ سِين.

(1-26، سهڻي)
هتي “پاڻ” مان مراد خود کي “عقل ڪل” ۽ ڏاهو سمجهڻ ۽ پنهنجن وسيلن، سمجهه ۽ عقل تي ڀروسو رکڻ جي آهي. شاهه سائين اهڙيءَ ڏاهپ کي ننديو آهي. فرمائين ٿا ته:
الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُکَ ڏِسَنِ،
مون سين مُون پِريَن، ڀورائيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا.

(2-6، ليليٰ چنيسر)
ڏاهپ ئي ته غلطين جو گهر آهي جنهن ۾ وسيلن جو اعتبار ۽ سمجهه جو هٺ شامل آهي. شيخ اياز، شاهه سائينءَ جي فڪري نظريي جي پرچار ڪندي، ڏاهپ جي فلاسافيءَ لاءِ چوي ٿو ته:
ڀورائيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا تو، ڏاهپَ سارا ڏَنڀَ،
اندرِ ٻاهرِ تون ئي آهين، کوهيان ٿو مان کَنڀَ.

(شيخ اياز)
عقل ۽ ڏاهپ سان جيڪو شيطاني هٺ ٿو نصيب ٿئي، اهو ئي محبوب کان دوري آهي جو وصال جي واٽ به وڃائي ٿو. اها انا ۽ خودي وسيلن جي وچ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي سالڪ کي گهرجي ته اهڙن وسيلن کي وٿ نه سمجهي. بلڪه وسيلي لاءِ ڌڻيءَ در طالبو رهي.
شاهه صاحب مومل جي واتان اها مام هن ريت سمجهائي آهي:
مُون گهر اچِي جي ٿئي، مَينڌَرو مِهماڻُ،
آڻي جهوڪِيان آڳ ۾، ڄيري وجهان ڄاڻُ،
تــاڻي تَــنُــورنِ ۾، ڀــيري هــڻــان ڀــاڻ،
پيڪن، سوڌو پاڻ، گَهر تَــڙُ گهوريان پِرَ تان.

(6-13، سر مومل راڻو)
جيئن ته هيءَ دنيا نفساني خواهشن جو ڪن آهي جنهن ۾ ڦاسڻ ۽ ڦٿڪڻ کانپوءِ پاڻ بچائڻ نهايت مشڪل آهي. هتي ته “پيو جو پاتار سو ڪيئن پسڻ کان پالهو رهي” وانگر آهي، پر وري به اهو “پرو” يا رستو پالڻهار سيکاريندو اهوئي اسان جي ارادن جي قوتن کي مضبوطي ڏيئي اڪاري پار ڪندو. هو راهه ۾ رَسي، وسيلو ٿي ۽ پاڻ ئي ڀليلن جو رهبر ٿيندو صرف اسان جي سچي سڪ مشروط آهي.
هيڪَرَ هُئڻُ ڇَڏِ، تَه اوڏِي ٿِيين عَجِيبَ کي”

(5-11، سسئي آبري)
جڏهن سڀ وهم ۽ گمان تڙي ڪڍي ٿا ڇڏجن، ۽ انهن جي هٽڻ کانپوءِ سچي سالڪ لاءِ ڪثرت وحدت ٿي وڃي ٿي، تڏهن عقل ۽ عرفان ڪا حيثيت نٿا رکن ۽ ڪل جهان ۾ فقط پرينءَ جو جلوو پسڻ ۾ اچي ٿو.
مُنهن مِحرابُ پرينءَ جو، جامِـعُ سَڀ جِـهَانُ،
اُڏامــي اُتِ ويـــو، عـــقـــل ۽ عِـــرفـــانُ،
سَــڀــوئي سُـبحانُ، ڪاڏي وڃي نِيتِيان.

(5-5، رامڪلي)

شاهه جي شاعريءَ ۾ اخلاقي قدر ۽ روحاني درس

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جو نالو عظيم شاعر جي طور مڃيل آهي. هو سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو مانائتو ۽ شانائتو شاعر هو، جنهن جي شاعريءَ ۾ نه فقط سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ پر پوري عالم لاءِ امن، سک ۽ شانتيءَ جا سڏ آهن. سندس شاعري سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ صحيفو ۽ الهامي معجزو مڃي وڃي ٿي. هن انساني حياتيءَ جي هر رخ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اُجاگر ڪيو آهي. سندس بيت پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان دل ۾ نيڪ جذبا پروان چڙهن ٿا ۽ ماڻهوءَ جي عزم ۽ ارادي ۾ مثبت تبديلي اچي ٿي ۽ ايئن شاهه صاحب جي شاعريءَ جي پڙهڻ، ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ سان اسان جي سماجي اوسر ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جا جهجها رُخ آهن جن ۾ هڪ خاص رُخ اعليٰ انساني قدرن جي اپٽار آهي، هن انسانيت جي علمبردار شاعر کي ڀليءَ ڀت خبر هئي ته انسان ڇا آهي؟ ان جي ڪائنات ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ هُو هِن دنيا جي احسن ترين مخلوق هوندي به ڇوهيٺانهين ڏي مُڙي ٿو؟ کيس ڪهڙن انساني قدرن جي پورائو ڪرڻ گهرجي، جن وسيلي هُو پنهنجي اشرف المخلوقات جو لقب برقرار رکي سگهي. شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ وسيلي انسان ۽ انسانيت جي لاڳاپي کي سهڻائيءَ سان واضح ڪيو آهي. هن اسان کي اهي قدر ۽ وسيلا ڏسيا آهن، جن معرفت اسين الله تعاليٰ جي پيدا ڪيل ٻيءَ سڀ مخلوق کان اوچو درجو حاصل ڪيون. هن سماج ۾ ڏٺو وڃي ته انسان قدرت جي خوبصورت ترين تخليق آهي ۽ عقل الاهيءَ جي نعمت سبب کيس سڀني مخلوقن تي مٿانهين حيثيت حاصل آهي. هو هر پل سوچيندڙ ۽ انهيءَ سوچ کي عملي جامو پهرائيندڙ آهي. پٿر جي شروعاتي دور کان اڄ تائين جاکوڙيندڙ رهيو آهي. انهيءَ ڪري ئي هو پنهنجي پاڻ ۾ هڪ اهڙي ڪائنات آهي. جنهن ۾ هزارين سالن جون تهذيبون، تمدن، علم ۽ هنر سمايل آهن.
انسان جڏهن هن دنيا ۾ قدم رکيو انهيءَ وقت کان وٺي هُن پنهنجي وجود کي مڃائڻ جي جنگ جاري رکي آهي. هُن جڏهن پنهنجو پاڻ تي ۽ هن ڪائنات تي غور ڪيو تڏهن مٿس اها حقيقت کُلي، ته سندس بقا تڏهن ئي قائم رهي سگهي ٿي، جڏهن هُو انسانيت جو احترام ڪري ۽ اهو ئي انسان ۽ انسانيت جو رشتو آهي. اهو انسانيت جي احترام جو جذبو ئي آهي، جنهن سان “حيوانيت” ۽ “انسانيت” ۾ امتياز قائم ٿيئي ٿو.
هن دنيا ۾ ڪيترائي پيغمبر، نبي، ولي ۽ نيڪ انسان وقت به وقت انسانذات جي سڌاري جا پيغام ڏيڻ آيا آهن. جن کين انسانيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ اُتساهيو آهي ۽ کيس پنهنجو اعليٰ هئڻ جو شرف سمجهايو آهي. الله تعاليٰ جي اهڙن نيڪ ٻانهن ۾ سنڌ جي سرزمين جو ڪامل ولي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ شامل آهي. جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي صاف ۽ سڌن لفظن ۾، ته تمثيلن ۽ علامتن جي اوٽ ۾ انساني زندگيءَ کي سٺي نموني گهارڻ جا پيغام ڏنا آهن، شاهه جي شاعريءَ جو تت ۽ ست اعليٰ انساني اخلاقي قدرن جي اُپٽار آهي وٽس انساني قدرن ۾ خاص اهميت چڱن اخلاقن جي آهي. چڱا اخلاق تحقيق هڪ روشن گهر جيئن آهن، جي ماڻهوءَ جي مَنَ کي اوجر ڏين ٿا ۽ بد اخلاقيون هڪ اونداهي گهر مثل آهن جنهن ۾ ڪابه باک نٿي ڦٽي. شاهه سائين کي چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته ماڻهو ته مٽيءَ جي مُٺ آهي ۽ سندس ماڻهپوئي کيس ملائڪن کان مٿانهون مقام عطا ڪري ٿو. اهي نيڪ گُڻ جيڪي انسان جي شخصيت جي تعمير ڪن، سي شاهه صاحب بار بار پنهنجي شاعريءَ ۾ ورجايا آهن. جيئن ٻڌي، محبت، وطن دوستي، همت، بهادري، شجاعت، عزم جي پختگي، قرباني، فرض شناسي، پيار، رحمدلي، قناعت، شفقت، عدل و انصاف، همدردي، مهمان نوازي، سچ، سادگي، نهٺائي، پاڪيزگي، بردباري، ايمانداري، شرم و حيا، سخاوت، غيرت، امن پسندي، قرباني، نيڪ نيتي، عبادت، علميت مطلب ته انيڪ اهڙين خوبين جن سان هڪ انسان هن زمين جو هڪ ڪار آمد فرد هجي، تن کي ذڪر ڪيو اٿن ۽ ان جي ابتڙ جيڪي اَوَگُڻ آهن انهن کي نِندِيو اٿن ۽ ايئن شاهه صاحب ماڻهپي جا سبق ڏنا آهن، هُن ان ڏِسَ ۾ فهمائشون ڪيون آهن ته برملا کُليو اظهار پڻ ڪيو آهي. سچ کي سڌو رستو ڄاڻائيندي ڪوڙ ۽ ڪپت کان پاسو ڪندي تنبيهه ڪئي اٿن ته،
“جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه مَ تني وٽ”
(سرسريراڳ)
سندس نظر ۾ بي ايماني، بي انصافي، بي حيائي، بزدلي، بخيلي، بي همتي، بي رحمي، انساني حياتيءَ لاءِ بي انتها هاڃيڪار آهن. هو سُستي ڪاهلي، ناشڪري، بي صبري، تڪبر، فخر، نفرت، مايوسي، ناميدي، لالچ، ٺڳي ۽ ٻين ڪيترين بي اخلاقين کي سماج لاءِ نقصانڪار ٿو ڄاڻائي سندس موجب هر چڱو گُڻ انساني عظمت جو اهڃاڻ آهي ۽ هر برو عمل ۽ بداخلاقي، شيطاني قوتن جو عڪس آهي.
انسانيت جي هن علمبردار وٽ آجپي، آزادي ۽ انسان دوستيءَ جو وڏو قدر آهي تڏهن ئي ته چوي ٿو ته:
وڳر ڪيو وتن پِرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماَڻهنِئان ميٺ گهڻُو.

(ڏهر-4-5)
شاهه صاحب جو فڪر تمام مٿانهون آهي، هن جي شاعريءَ جو محور انسان ۽ انسان ذات آهي هُو اُن انسان کي اُتم ٿو ڄاڻي، جو وطن دوست ۽ انسان دوست آهي ۽ جيڪو ان ريت نه آهي ۽ انهن خوبين کان محروم آهي، سواڻاسو ۽ بد بخت آهي.
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين هوءِ، جن وطن وساريو.

انساني ارادي جي قوت جي مضبوطي ۽ همت شاهه صاحب وٽ گهڻي اهميت رکندڙ آهي. سسئي سندس شاعريءَ جو اهم ڪردار آهي، جنهن جي معرفت هن جستجو، همت ۽ سجاڳيءَ جا سڏ ڏنا آهن.
جڏهن سُتيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،
تڏهن تنين کي، ساٿ ستي ئي ڇڏيو.

ساڳيءَ ريت ٻين ڪيترن سُرن ۾ سندس اهو ئي پيغام آهي ته همٿ ڪيو، بهادريءَ سان اڳيان اچو، سر ڪيڏارو ۾ فرمائي ٿو ته:
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم سڀ وسار،
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ تَرار، مار ته متارو ٿيئن.

“تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه”، “گهڙيا سي چڙهيا”، “ويٺن ناههِ وراڪو”، “ستا اٿي جاڳ”، “ڪاهي وڃئو ناکئا”، “سُتي نه سرند ياءِ”، “ڏورج ڏيئو هٿ ڪري”، “ٿڪيائي ٿر ٿيلهه، چڙهه چڪيا ئي چوٽيئن”، “ويٺي وَرَ نه ملن سُتي نه ملن سپرين” ۽ ٻيا سوين بيت اها ثابتي ٿا ڏين، ته شاهه صاحب جي شاعري همت، شجاعت، بهادري، عزم ۽ ارادي جي پختگي، قرباني، غيرت، فرض شناسي ۽ وطن دوستيءَ جو اهڃاڻ آهي ۽ اهي اهڙا اعليٰ انساني قدر آهن، جن سان انسان مانائتو ۽ شانائتو جيون جيئي ٿو. شاهه لطيف ذاتي طور هڪ نرم دل، نهٺو، شفيق ۽ همٿ ڀريو ماڻهو هيو. هن وٽ پيار ۽ محبت جي آفاقي جذبي جو وڏو قدر هو. سندس ڪلام ۾ اهڙا ڪيترائي بيت ملن ٿا، جن ۾ آفاقي، الهامي ۽ مجازي محبت جا سڏ ڏنل آهن.
ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
منهنجو جيءُ جڙي، سپريان سوگهو ڪيو.

(يمن ڪلياڻ، 2-5)
عشق جنين کي آڪرو، ترهو مٿي تن،
جي ساهڙ کي سڪن، تنين جر جنڊ ٿيئي.

شاهه صاحب ڄاڻائي ٿو ته دوست جو ديرو ته دِل ۾ آهي فقط من جي مفتيءَ معرفت پنهنجو پاڻ اهو اندر ۾ ڳولهڻو آهي، مَنَ مان ڪٽ ڪڍي ان کي ڌوئي پاڪ ۽ صاف ڪري اڳيان وڌڻو آهي. دنياوي ڏاهپ ڪجهه ڪونهي اصل ته دل جي صفائي کپي، ليلا جو پنهنجي لالچ تي پشيمان هئڻ هن ريت ٿو بيان ڪري:
الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سين مون پرين ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا

نوريءَ جي نهٺائي ۽ سادگي وٽس مانائتي آهي، کيس ساراهيندي چوي ٿو ته:
گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
انين جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.

بهادري وٽس غيرت ۽ قومن جو شان ۽ مان آهي. بزدل ۽ ڪانئر کي هو قوم ۽ ملڪ لاءِ برباديءَ جو سبب سمجهي ٿو. سورهيه مردن جي ونين واتان چورايو اٿس ته:
ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.

(سُر ڪيڏارو)
گيدي، بزدل، ڊڄڻو انسان ٻين به ڪيترين خامين سان ڀرپور هجي ٿو، شاهه صاحب انهيءَ ڪري سخي ابڙن بهادرن ۽ سورهين کي ساراهي سنڌي قوم کي سورهيائيءَ جا سبق ڏنا آهن، جادم جکرو سمن جو سخي سردار ۽ راءِ ڏياچ چوڙا سما خاندان جو بادشاهه جنهن ٻيجل جي تند تنوار تي وڏي شوق سان سر قربان ڪيو. جنهن کي شاهه صاحب واکاڻيو آهي، اهڙيءَ ريت شاهه صاحب ڪيترن ئي هنڌن تي غيرت، سخاوت، وطن دوستي، سادگي، محبت ۽ مجاز جا مثال ڏيئي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ شاهڪار رسالي کي تخليق ڪري پنهنجي قوم کي انساني قدرن سان شناسائي ڪرائي آهي، بد اخلاقين ۽ براين کان بچڻ جا گُر ڏسيا آهن. صبر جهڙي پيغمبري صفت کي ڳايو آهي. بي همٿي ۽ بزدليءَ کان بچاءُ جي ڄاڻ ڏني آهي. لالچ کي ننديو آهي. غيرت ۽ خودداريءَ سان جيون گذارڻ کي اهميت ڏيندي آزاديءَ جو سبق ڏنو آهي، چڱائين جي اپٽار ڪئي آهي. “ڏمر کي ڏولائو” سڏيندي، “نمي کمي نهارڻ جي” تلقين ڪئي آهي. سندس اهو ئي مؤقف آهي ته “هُو چو نيئي تون مَ چئو واتان ورائي”، کم کمندن کٽيو هارايو هوڙن” يا “چپ سين جي چون ادب ڪجي ان جو”.
انساني اخلاقي قدرن سان گڏ شاهه صاحب سنڌي قوم ۽ سماج جي معاشي ۽ ثقافتي قدرن کي پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت ڏني آهي. سندس نظر ۾ جيڪا قوم پنهنجي ماضيءَ کي وساري ٿي ويهي اها هميشه غيرن جي پوئواري ڪندي ۽ ايئن آهستي آهستي هُن جون جڙون پنهنجي ڌرتيءَ تان ڪٽجي وينديون، انهيءَ ڪري پنهنجي شاندار ماضيءَ جي اوٽ ۾ شاهه صاحب سنڌ واسين کي سماجي حالتن مطابق سندن تهذيبي معاشي، مذهبي، علمي ۽ ثقافتي قدر ڄاڻايا آهن. هن جي ڪلام ۾ انيڪ اهڙا بيت ملن ٿا، جن مان خبر پوي ٿي ته سنڌي قوم هڪ اعليٰ تهذيبي ورثي جي وارث آهي، جنهن جو پري پري ملڪن سان وڻج واپار هلندڙ هو، هتي جون رسمون رواج، اٿيون ويٺيون اهي ثقافتي قدر آهن، جن سان هتان جي ماڻهن جو مان مٿانهون آهي، علمي ۽ مذهبي طور هي امن پسند ماڻهو پڙهيل ۽ محنتي آهن ۽ ايئن شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ وسيلي انساني اخلاقي خوبين کي ڳائي ۽ خامين کي برو ڄاڻائي پنهنجي پڙهندڙ کي پيغام ڏنو آهي ته توهان بهترين انسان ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي اعليٰ انساني صفتن سان معمور ڪيو. ته توهان هڪ خوشحال ۽ آسودي سماج کي ٺاهي سگهندؤ، جتي امن ۽ ڀائيچارو هوندو، جتي معاشي حالتون بهتر هونديون، جتي ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ چور بازاري نه هوندي، جتي ڪير ڪنهن جا حق غصب نه ڪندو ۽ نيڪ عملن ۽ نيڪ نيتن سان رب پاڪ جو ڪرم نصيب ٿيندو، سڄيءَ سنڌ سان گڏ هو پوري عالم لاءِ دعاڳو آهي.
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،
دوس! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

شاهه جي رسالي ۾ غَم جو فلسفو

سَکر سي ئي ڏيِنهن، جي مُون گهاريا بَندَ ۾،
وَسايَم وَڏڦڙا، مَٿي ماڙِين مينهن،
واجهاڻيس وِصال کي، ٿِيس تِهوارُون تيئن،
نِيرُ منهنجي نِينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.

(سر مارئي، 11-8)
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ غم جو فلسفو، ٻين شاعرن کان منفرد ۽ مختلف آهي. هو سورن ۽ سوز جي ڳالهه وڏي دانائيءَ سان ٿو ڪري. وٽس درد ۽ سور جي فلسفي جي منزلن جو معيار ئي نرالو آهي. سندس ڪيترائي سُر انهيءَ درد جي منزل تي آڌاريل آهن. سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ، سسئيءَ جا پنجئي سُر، سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ خاص طور حسيني. سُر ڪيڏارو، کاهوڙي ۽ مارئيءَ جا انيڪ بيت اها شاهدي ٿا ڏين ته ڏکن سان انساني سيرت ٿي گهڙجي ۽ ڏک ئي آهن جيڪي کيس ابدي خوشي عطا ڪن ٿا. ڏٺو وڃي ته ڏک ۽ سک زندگيءَ جا ٻه اهم رخ آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي ابتڙ هوندي به حياتيءَ ۾ هر ڪنهن سان گڏ گڏ آهن. ڏکن ۽ ڏولاون، صبر ۽ تڪليف کان پوءِ مليل خوشيءَ بعد سک بي معنيٰ ٿي ويندو آهي ۽ لڳندو آهي ته ڄڻ اهي ڏک نعمت هئا جن سان محبوب مهربان ٿيو ۽ هُن قرب سان ڪوٺي پنهنجو ڪيو آهي.
مارئيءَ جي واتان شاهه لطيف چورائي ٿو ته “اهي ڏينهن سٺا هئا جيڪي مون بَندَ ۾ ڪٽيا. منهنجي اکين مان وڏڦڙي مينهن جيئن لڙڪ لڙيا پئي ۽ جيئن جيئن وصال لاءِ واجهايم پئي تيئن تيئن پرزا پرزا ٿيندي ويس منهنجي انهيءَ محبت قيد جي زنجيرن کي به ڌوئي پوئي اڇو ڪري ڇڏيو”.
ڏک انساني روح کي مادي زنجيرن مان آجو ٿو ڪري ۽ جڏهن سندس اندر محبوب جو نوراني جلوو ٿو پسي ۽ سندس دل نور سان منور ٿي ٿيئي تڏهن ئي کيس سچو سک ٿو سري. ڏکن جي اندروني لذت جو احساس سندس اندر کي اجاري ٿو ڇڏي ۽ محبوب جي پنهنجي ڪرڻ سان سندس رياضتن، محنتن ۽ جداين جا سڀ سور ختم ٿي ٿا وڃن.ڌڻيءَ جي وصال لاءِ روئندڙ اکيون انهن نفساني خواهشن جي زنجيرن کي ڀورا ڀورا ڪري ٿيون ڇڏين ۽ اهي ڏکن جا ڏينهن امر ٿي ٿا وڃن. سندس نظر ۾ ته،
اَگهي اَگهائِي، رَنجُ پريان کي رَسيو،
چَکَيم چڱائِي، سورانگهي سُوريءَ تان.

(ڪلياڻ-2-1)
شاهه لطيف هڪ دردمند دل رکندڙ دانشور هو. سندس احساس واري دل درد ۽ غم جي عظيم عڪاس آهي. هن سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن جي پيڙاءُ کي پنهنجي اندر ۾ اوتي عام تائين آندو. پاڻ پنهنجي ماڻهن کي سندن ئي سورن معرفت سڌو رستو سمجهايائين. هو سورن مان آجپي جا ڏَسَ ڏيڻ بجاءِ انهن کي جهوليءَ پائي جهلڻ جي تلقين پيو ڪري فرمائي ٿو ته:
اَچو تَه سُورن واريوُن ڪَيوُن سُور پَچارَ،
ڪَنِين گهڻا ڪَنِين ٿورا، ڪانهي ڏُکن ڌار،
ڏِنا جي ڏاتارَ، سي مُون جهوليءَ پائي جَهليا.

شاهه صاحب پاڻ دنيا جي آزمائشن مان لنگهيو ۽ انهي جي حقيقتن ۽ نتيجن تي غور ڪيائين ۽ کيس دين جي به وڏي ڄاڻ هئي، کيس اها مڪمل خبر هئي ته ڏک ئي آهن، جيڪي ابدي سک جو نشان آهن ۽ اهي ڏک ڏولاوا نبين ۽ اوليائن تي پڻ آيا. پر انهن تي همٿ ۽ صبر سان پورو لهڻ ئي انساني حياتيءَ جي معراج آهي. پاڻ پنهنجي مشاهدي جي ڏات سان ٻڌايو اٿن ته:
سُکن کان شاباس، ڏَهه ڏَهه ڀيرا ڏُکن کي،
مُنجهي هوندَ مُياس، پر سورن کڻي سونهون ڪيو.

سورن کي سونهون بنائيندي هو چئي ٿو ته، سکن کان به وڌيڪ ڏک اَڻَ مُلهه آهن جيڪي پرين در اگهجن ٿا. ڏٺو وڃي ته سکن تي ته سڄڻ پڻ ساڙ کائيندا آهن ۽ ڏکن تي دشمن پڻ دل ۾ درد ۽ احساس رکن ٿا، ان ڪري سکن ۾ ڪڏهن به اُتاولو نه ٿجي. جان ۽ جسم ۾ استقامت جو مادو صرف ڏکن سهڻ بعد ئي حاصل ٿيندو آهي. شاهه جي نظر ۾ عشق درد آهي ۽ درد ۾ روح جي لذت آهي ۽ اها ئي تن ۽ من جي دوا ۽ دارون آهي ۽ اها ئي سچي راحت آهي جا اندر جي خوشيءَ تي دارومدار رکي ٿي.
سؤ سُکن ڏيئي وَرهه وِهايمَ هيڪڙو،
مون کي تنهن نِيئي، پير ڏيکاريو پِرين جو.

مطلب ته ڀٽ ڌڻيءَ وٽ پرين تائين پهچڻ جو رستو ڏکن جي پيچري کي پار ڪري پوءِ ئي اچي ٿو. شاهه لطيف پنهنجي ڪردار سسئي کي سچي عشق جي تمثيل ڪري پيش ڪيو آهي. سکن کي تج ڪري هڪ عورت ذات ڏکن ۽ ڏولاون کي ترجيح ٿي ڏئي ۽ اهڙا ڏک، سور ۽ سوز جو ڪنهن مرد جي مجال نه آهي ته هٿ وجهي، جبلن جي لاهين چاڙهين ۽ مسلسل ڪشالن جي هن تاريخي داستان ۾ ڏک ئي ڏک آهن، مقصد پويان فنا جي مقام تي پهچڻ ۾ آفرين آهي هڪ عورت جي حوصلي ۽ همت کي، جا سرتين کي به پلي ٿي ته هن اڙانگي سفر تي مون سان گڏ نه اچو، متان ڪَڪَ ٿي منهنجي پنهونءَ کي ڪو پاراتو ڏيئي وجهو ۽ اهو به چوي ٿي ته:
سُکن واري سَڌَ، مَتان ڪا مُون سان ڪَري،
اَندرَ جَنِين اَڌَ، ڏوُنگر سي ڏورينديوُن.

(سسئي آبري)
سسئيءَ جا سڀيئي سر سچيءَ سڪ ۽ محبوب جي جدائيءَ جي ورلاپن جو بيان آهن.ڏونگرن کي ڏورڻ جي شڪتي انهن دِلين کي ئي نصيب ٿيندي، جيڪي اندر سڪ ۽ سوز ۾ وڍيل هوندا، جن کي پرينءَ جي پچار ۾ فرقت جو فيض ملندو سندن سورن ۽ سڪ جو سڳو سدائين تمنا ۽ تلاش ۾ رهي ٿو. سسئيءَ جبلن جي پنڌن پيچرن کان واقف ڪونه هئي ۽ سندس سچيءَ سڪ ئي کيس اهو رستو ڏيکاريو هوءَ سِڪَ ۽ سوز ۾ پچي جڏهن راس ٿي، تڏهن فنا ٿي بقا ماڻيائين، سندس سورن کي مڃيندي شاهه صاحب چوي ٿو ته:
ويٺي وَرَ نه پُون، سُتي نَه مِلنَ سُپرين،
جي مٿي رندن روُن، ساڄن مِلي تَنِ کي.

الاهي قرب جو به حقدار اهو ٿيندو جو سندس واٽ تي پاڻ کي ولوڙيندو. شاهه صاحب وٽ سور، سوز ۽ درد جي ڳالهه وڏي ولولي سان آهي. درد جو فلسفو تصوف جي حوالي سان هڪ تمام تفصيلي موضوع آهي. سنڌ جي صوفي شاعرن وٽ درد ۽ سوز جو ذڪر وڏي پئماني تي ملي ٿو ۽ شاهه صاحب انهي ۾ سوايو ڪردار ادا ڪيو آهي. هو سنئون سڌو سوز سان ئي چوي ٿو. جيئن هيٺيون بيت ڏسو ته ڪيئن نه ٻن سٽن ۾ سسئيءَ جي سڄيءَ حياتيءَ جو درد آميز نقشو ٿو چٽي.
سِر جِي تان سُورَ، سامائِي تان سُکَ ويا،
اهي ٻيئي پُور، مُون نماڻيءَ نَصيب ٿيا.

(حسيني 10-17)
۽ اهو به چوي ٿو ته:
سُورَن سانڍِياس، پُورَن پَالي آهيان،
سُکن جي سَيد چَئي، پُکي نه پياس،
جيڪس آئون هُياس، گري گوندر ول جي.

(حسيني 10-16)
شاهه صاحب جي غم جي فلسفي لاءِ جيئن آئون مٿي ڄاڻائي آئي آهيان ته اهو غم جو فلسفو هُن وٽ بلڪل منفرد ۽ نرالو آهي، هو ڏکن کان پوءِ سکن کي به ترجيح نٿو ڏئي پر اندر پچي، ڌوپجي راس ٿيڻ کي مانائتو ٿو سمجهي، اهو ئي محب سان ميل آهي ۽ ان جو اعليٰ درجو اهو آهي ته، “پنهون ٿيس پاڻ، سسئيءَ تان سورهئا”، يا “وجود ئي وڻڪار”، “آريءَ جي آ هُکُ مون رهنما راهه ٿيو” يا “ڪنهن پر روئان پرينءَ کي اندر ناهي اُساٽ”، سندس اندر ۾ ڏک پيهي وڃڻ بعد هوءَ پنهنجي جان، جسم ۽ روح سميت ڏک جو هڪ اڻ ٽٽندڙ حصو آهي. سندس وجود جو سور سهڻ جو سفر ايترو ته عام کان مختلف آهي جو کيس فراق کان پوءِ وصال جي به تمنا نه آهي. جڏهن ته ڏکن جي شروعات ۾ هوءَ پاڻ کي پلي ٿي ته کانئس ڪهڙيون غلطيون ٿيون، کيس نڀاڳي ننڊ ڇو آئي؟ ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن کيس ڇو ايڏا ڏک ڏنا؟ قسمت ساڻس ائين ڇو ڪيو؟ هوءَ آيل ڏکن تي ڏونگرن کي ڏوراپا ٿي ڏي، پير پٿون ٿا ٿينس، تڏهن کانئن دِلاسا ٿي گهري پر جڏهن انهن سورن ۽ سختين کيس سوز، فراق ۽ عشق جي اُساٽ ۾ رچائي ريٽو ڪيو تڏهن اهي سختيون ۽ سور ساڻس گڏ هوندي به بي حيثيت ٿي ويا. هوءَ پاڻ پنهون ٿي ويئي سندس طلب شانت ٿي ويئي اهو ئي غم جو فلسفو شاهه صاحب وٽ آهي. ڀٽ ڌڻيءَ وٽ ڏک سکن جي سونهن آهن جن جي سبب ئي محبوب ڪوٺي پنهنجو ٿو ڪري ۽ پنهنجي پياري محب جي ڏنل ڏکن کي ظاهر به ڪونهي ڪرڻو اهي سور سيني سان لڳائبا، تڏهن ئي پرين پسبو فرمائي ٿو،
جَن کي دَورُ دَردَ جو، سبق سور پڙهن،
فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،
پَنو سو پَڙهَن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.

(يمن ڪلياڻ، 5-17)
جيڪي وري وري ورجائي سورن جو سبق پڙهن ٿا. اهي ئي پرين پسن ٿا. شاهه سائين توحيد جي عقيدي کي بنياد ڄاڻائيندي شرڪ کان بچڻ جي تنبيهه ڪئي آهي. سندس موجب غم ئي اتان شروع ٿيندو جتان ٻيائي شروع ٿيندي. صوفين جي چوڻ مطابق پنهنجي وجود کي حقيقي نه سمجهڻ گهرجي. حضرت جنيد بغداديءَ موجب ته، “صوفي پنهنجي ذات کان فاني ٿي الله تعاليٰ جي ذات ۾ گم ٿي بقا حاصل ڪندو آهي”. ساڳيءَ ريت شاهه صاحب پڻ اهو ئي فنا جو فلسفو ڏنو آهي. سندن موجب ته، “پاڻ کي فنا ڪري حق جي ذات جو قرب حاصل ڪر ۽ وجود وسارڻ ئي محبوب حقيقيءَ جو وصال آهي” حقيقي عشق جي رستي جون تڪليفون، سختيون ۽ سورئي راحت جو موجب آهن. سپريان جي سور جو ذڪر ڪرڻ به نه جڳائي شاهه فرمائي ٿو ته،
جي تو سِڪڻ سِکيو ته ڪاتيءَ پئي مَ ڪَنجههُ،
سُپريان جي سُورَ جو، ماڙهُن ڏِجي نه منجهه،
اندر ايءُ اَهنجُ، سانڍِج سُکائون ڪري.

(ڪلياڻ، 2-14)
نه فقط ذڪر ڪرڻ جڳائي پر اهو سور اندر ۾ سانڍڻو آهي ۽ ان اهنج ۾ پچي راس ٿيڻو آهي. نڪو ڪاتيءَ پئي ڪُنجهڻو ۽ ڪُرِ آهي ۽ نڪو ماڻهن کي منجهه ڏيڻو آهي، مطلب ته نِهائينءَ جيئن نِينهن کي پچائڻو آهي سارو ڏينهن سڙي به ٻاهر ٻاڦ ناهي ڪڍڻي، هن ڌڻيءَ در جڏهن اهو صبر جو درجو اگهجي ٿو، تڏهن ئي سڪوت سلام ٿئي ٿو. لطيف سائين فرمائي ٿو ته،
پَرَ ۾ پڇيائُون، عِشقَ جي اسبابَ کي،
دارونُ هن درد جو ڏاڍو ڏَسيائُون،
آخِرُ وَالعصَر، جو ايهين اُتائُون،
تِنهان پوءِ آئُون، سِڪان ٿي سَلامَ کي.

(ڪلياڻ، 3-8)
سورة “والعصر” قران پاڪ جي 30 سيپاري جي 3 آيتن جي سورة آهي ۽ قرآن پاڪ جي ترتيب مطابق 103 نمبر سورة آهي، جنهن جو ترجمو آهي ته، “زماني جو قسم ته انسان نقصان ۾ آهي. پر اهي، جن الله تي ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ حق جي تلقين ۽ صبر جو تاڪيد ڪندا رهيا”. يعني صابرين نقصان کان بچيل آهي ۽ سچ ڳالهائيندڙ ۽ حق ۽ سچ جي مدد ڪندڙ ئي ڪامياب آهي.
شاهه لطيف سوره والعصر جي آخر يعني “وتواصوبالصبر” جي تاڪيد کي دل سان ۽ سچي جذبي سان تسليم ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي. عام طور تڪليفن ۾ ماڻهوءَ جي واويلا وڌي ويندي آهي. پر هيءُ غم جو فلسفو ڄاڻائي ٿو ته غم جو هٿيار ئي صبر آهي، غم کي غم سان مارڻو آهي، غم جي اندر لهي وڃڻو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جي حوالي ڪرڻو آهي، جنهن ڏنو آهي ۽ لاهيندو به اهو ئي ڏاتار، ڀلي ڪپي ڪوري پر اصل عاشق اَجَل سامهان هوندا. هو پوئتي نه هٽندا.
پَاٻوهيو پُڇن، ڪِٿي هَٿِ حَبيبَ جو،
نيزي هِيٺان نِينهَن جي، پاسي پاڻُ نه ڪَن،
عاشِق اَجل سامهان، اوُنچي ڳاٽ اَچن،
ڪُسڻ قرب جَن، مرَڻ تن مشاهدو!

(سر ڪلياڻ، 3-16)

شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت

سنڌ جي سرزمين کي اهو فخر حاصل آهي ته ان مان لطيف سائينءَ جهڙي عظيم ڏاهي مفڪر جنم ورتو. هو هڪ اهڙو باڪمال شاعر هو جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ جي چپي چپي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي. هتان جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تمدن جي اُپٽار ڪئي آهي. پنهنجي شاعريءَ کي عام ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب عورت ذات کي مرڪزي ڪردار طور چونڊيو. پاڻ عورت جي عظمت جو قائل هو. سندس نظر ۾ عورت انسان جي پهرين عظيم درسگاهه آهي. ان ڪري جيڪڏهن کيس آدرش بڻائبو ته قوم ۾ آدرش پرچاري جو عمل قيامت تائين هلندو رهندو، انهيءَ ڪري کيس نازڪ ۽ ڪمزور سمجهي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
ڏٺو وڃي ته عورت صدين کان اڻ برابري ۽ ناانصافيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ رهي آهي. عورت کي تمثيل بڻائي شاهه لطيف سماج ۾ انقلاب آڻڻ چاهيو. هن ڄاڻو شخص کي چڱيءَ پر خبر هئي ته هن معاشري ۾ جيڪڏهن تبديلي آڻڻي آهي ته عورت کي مٿانهون درجو عطا ڪرڻو پوندو.
انسانيت جي علمبردار شاهه لطيف، عورت کي بحيثيت انسانذات عشق ۽ وندر جو ذريعو نه پر همت، بهادري، جدوجهد، جستجو ۽ ۽ انساني جذبن ۽ احساسن جو ترجمان ڄاڻايو آهي. شاهه صاحب عورت جي نفسيات جو ماهر هو. هن پنهنجي شاعريءَ جي زنانن ڪردارن ذريعي انڪشاف ڪيو آهي ته زندگي طلب جو نالو آهي. زندگي جدوجهد ۽ جستجو جو عُنوان آهي. زندگي جبر ۽ ڏاڍ کان آزادي حاصل ڪرڻ جو پيغام آهي ۽ ان عشق جو نالو آهي، جنهن سان حياتيءَ جا سمورا هاڪاري رخ ظاهر ٿين ٿا. لطيف مارئي بڻجي وطن پرستيءَ جو جذبو ٿي جاڳائي. مومل بڻجي مصلحتن جي مام ٿو پروڙي، سهڻيءَ جي سچي عشق کي مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته،
عشق جنين کي آڪرو، ترهو مٿي تِن
جي ساهڙ کي سِڪن، تنين جَرِ جنڊَ ٿئي

سسئيءَ جا ڏک ڏاکڙا سهڻ ۽ منزل مقصود پويان ڪاهي پوڻ جي جدوجهد کي شاهه لطيف امر بڻائي ڇڏيو. شاهه جي رسالي ۾ سسئيءَ جي باري ۾ سڄا سارا پنج سُر آهن. پُنهون لاءِ سندس لوڇ پوڇ ۽ ڪشالن ڪڍڻ کي همٿائيندي وري به اڳيان وڌڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو ته،
ويٺي وَر نه پُون، سُتي نه ملن سُپرين،
جي مٿي رَندن رون، ساڄن ملي تِنِ کي.

مارئيءَ جي حب الوطني ۽ ساڻيهه جي سڪ کي شاهه لطيف وطن پرستيءَ جو اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو آهي تڏهن ته چوي ٿو ته “حيف تنين هوءِ وطن جن وساريو” هُو ليلا جي لالچ کي نندي ٿو ۽ نوريءَ جي نِهٺائيءَ کي واکاڻي ٿو ته سهڻي من موهڻي سورٺ جو پنهنجي وَرَ جي واعدي پاڙڻ ۾ ساهه صدقو ڪرڻ کي ساراهي ٿو. مطلب ته شاهه صاحب عورت جي جذبن جو قدردان آهي، نه فقط ستن سورمين جي معرفت، پر هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻين پڻ عورتن جو ذڪر ڪيو آهي. سُر سارنگ جون سُڪار لاءِ آسائتيون عورتون، سُر سامونڊيءَ جون وڻجاريون، سُر ڪاپائتيءَ جون ڪتڻ واريون، سُر ڪيڏارو جون عظيم بهادرعورتون مطلب ته شاهه لطيف عورت ذات جي احساسن کي اعليٰ درجي تي بيان ڪيو آهي. هُن پنهنجي سُورمين جا سور، درد ۽ سوز اهڙي ته انساني فلسفي سان پيش ڪيا آهن جو ڄڻ ته ڪائنات جو محورئي عورت ٿي پيئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ پيش ڪيل عورتون سادگي، سونهن، سچائي، عشق، جدوجهد ۽ جستجو سان گڏ سنڌي سماج جي شانائتي، اوسر جون امين آهن. اهي طالب نه پر مطلوب آهن جن جو مقصد عظيم منزل مقصود تي پهچڻ آهي.
هئه ٿو وڃي هوت، آئون ڪي اڳڀري ٿيان،
متان چوي بلوچ، ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو.

شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت جو فڪر هڪ نظر

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر جو نصرپوري بزرگ، عالم ۽ شاعر شاهه عنايت رضوي، شاهه لطيف جو هم عصر شاعر سڏجي ٿو. جڏهن شاهه لطيف شاعري شروع ڪئي، ان وقت شاهه عنايت جي عمر پنجاهه سال هئي، سندن فن ۽ فڪر جو لطيفي فن تي اثر آهي. شاهه عنايت رسالي کي سرن سان ترتيب ڏيئي جوڙڻ جو رواج وڌو جو کانئن پوءِ ڀٽائيءَ اوج تي آندو. شاهه عبداللطيف جي ولادت 1102هه/1689ع ۾ ٿي، کانئن اڳ جيڪي شاعر ٿي گذريا جن جو ڪلام معيار ۽ مقدار جي لحاظ کان اهميت جوڳو آهي ۽ انهن جا ڪجهه بيت شاهه لطيف جي گنج ۾ پڻ ملن ٿا. اهي ميون عيسو هالائي، ميون عنايت نصرپوري ۽ احسان فقير لانگاهه هالائي آهن. انهن بزرگ شاعرن جو ڪلام شاهه جي رسالي ۾ شامل ٿي وڃڻ ڄاڻائي ٿو ته هو آڳاٽا ۽ شاهه صاحب جا وڏا همعصر آهن. ميين شاهه عنايت (1120-1125هه) ڌاري وفات ڪئي. اندازي مطابق شاهه لطيف جي عمر انهيءَ وقت 24 سال هئي. ميين عنايت جا پنجاهه کان مٿي بيت شاهه لطيف جي رسالي جي پراڻن نسخن ۾ اچي ويا. انهيءَ مان اهو به گمان ڪري سگهجي ٿو ته سندن بيتن ۽ لطيفي بيتن ۾ ڪافي حد تائين هڪجهڙائي آهي. فن ۽ فڪر جو تخيل، لفظن جي اُڻت، بيتن جو گهاڙيٽو، ڪجهه هنڌن تي ساڳيو ملي ٿو، جنهن سبب ڪري اهي سهيڙيندڙن کي لطيفي بيت معلوم ٿيا آهن. جي پوءِ تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ سان الڳ ڪيا ويا آهن. ميين شاهه عنايت جو ڪلام اعليٰ معيار جو آهي، سندس رسالو شروعاتي رسالن مان هڪ آهي جنهن ۾ 22 سُر موجود آهن. جي ڪلياڻ، جمن، کنڀات، سري راڳ، رامڪلي، مارئي، پرڀات، ڌناسري، جيسري، پورب، ليلا، آسا، ڪاپائتي، ڏهر، مومل راڻو، بلاول، ديسي، سورٺ، سارنگ، توڏي، ڪاموڏ ۽ ڪارائيڙو آهن. جن مان چند کان سواءِ ٻيا شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ موجود آهن. کانئن اڳ شاهه لطيف جو تڙ ڏاڏو شاهه ڪريم سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر موجود هو جن جي ڪلام ۽ فڪر جو اثر پڻ ميين عنايت جي ڪلام تي آهي ۽ شاهه لطيف به اها ساڳي واٽ ورتي پر پنهنجو هڪ الڳ اسلوب پڻ آندو، جنهن کين شاعرن جو سرتاج بڻايو. جا شاهوڪاري شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آهي سا ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام ۾ نه ملندي. هتي موضوع جي حوالي سان شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف جي بيتن جي هڪجهڙائي، فن ۽ فڪر ۽ ساڳئي نقطئه نظر جي ڀيٽ لاءِ چند بيت مثال طور پيش ڪجن ٿا.

شاهه عنايت:
رنڍا جن سين روڙيا، محبت پائي مَنَ ۾،
شاهه لطيف:
محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن.

شاهه عنايت:
تتيءَ ڪوسيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
اٿ سسئي ٻڌ سندرو، تنهنجو پنڌ پرانهون آهه،
ڪانهي ان اوندهه، جن ڏٺو پير پنهونءَ جو.
شاهه لطيف:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿيئي اوندهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

شاهه عنايت:
اڻ چوندن ڪِيم چو، چوندن چيو وسار،
اٺيئي پهر ’عنات‘ چئي، پر اها ئي پار،
پايو منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مفتي منجهه ويهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿيين.

شاهه لطيف:
اَڻ چوندنِ مَ چَئوُ، چُوندِن چَيو وسار،
اٺ ئي پهر ادب سين، پَرِ اها ئي پار،
پايو منهن مُونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مُفتي مَنجهه ويهار، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿيين.

(8-23 يمن ڪلياڻ)
شاهه عنايت:
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر جوڳي پار،
شاهه لطيف:
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر جوڳي ڪي پار.

شاهه عنايت:
گلبدن جون گوجريون، ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل مان، واسينگ ويڙهيائون،
انهم پر ’عنات‘ چئي، راڻو رانيائون،
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو گل گجريءَ گڏيو.

شاهه لطيف:
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها! هو هميش،
پسيو سونهن سيد چي، نينهن اچن ٿا نيش،
لالن جي لبيس، اَتَڻَ اَکَرُ نَه اُڄهي.

(سر مومل راڻو، 3-1)
مٿين بيت ۾ مومل جي مجاز، حسن ۽ ناز، هار ۽ سينگار جو ٻنهي شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي.
شاهه عنايت سان شاهه لطيف جون ملاقاتون ۽ صحبتون هيون، پاڻ کانئن متاثر هو ۽ سندن بيت جهونگاريندو هو. شاهه عنايت نه فقط شاعراڻي ذوق کي اوچو مقام عطا ڪيو پر شاعراڻي سنگت جو پڻ بنياد وڌو. شاهه صاحب کي هن بزرگ ۽ درويش لاءِ وڏي محبت هئي، پاڻ هن جهانديده شاعر جي صحبت مان فيض حاصل ڪيائون. سندن فڪر ۽ تخيل به ساڳيو آهي. شاهه عنايت پنهنجو تخلص “عنات” استعمال ڪيو آهي. کين شاهه جي همعصر هئڻ سبب اها مشهوري نه ملي سگهي جا ملڻ کپندي هئي ته به سندن نالو سنڌي شاعريءَ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن ڏس ۾ وڏي تحقيق ڪئي ۽ شاهه عنايت جي ڪلام کي سهيڙي شايع ڪرايو. ڊاڪٽر بلوچ موجب ته “هو ننڍي لاڪون راڳ ٻڌڻ جو به شوقين هو” راڳ ۽ ساز سندن شاعريءَ کي اوج ڏنو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سندس ڪلام “ميون شاهه عنايت جو ڪلام” جي عنوان سان ڇپايو آهي. مقدمي ۾ صفحي نمبر 90 تي لکيو آهي ته: “مئين شاهه عنايت قالب گهڙيا، ته ڀٽائي صاحب اهي سوڌي سنواري ڀريا، مئين شاهه عنايت ديوارون کنيون ته ڀٽائيءَ عمارتون اڏيون، ۽ مئين شاهه صورتون ايجاد ڪيون ته ڀٽائي صاحب اهي روح ڦوڪي جاڳايون. ميون شاهه عنايت ڄڻ ڀٽائي صاحب جي آمد لاءِ اڳواڻ بڻجي آيو.”
مئين عنايت جي ڪلام ۾ بيتن سان گڏ وايون پڻ آهن. جن جو معيار اعليٰ آهي. سندس ڪلام ۾ توحيد، تصوف، اخلاق، نيم تاريخي داستانن ۽ ثقافتي اهڃاڻن جا عڪس موجود آهن. وٽس موضوعن جي وسعت آهي. ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان شاهه عنايت شاهوڪار شاعر آهي. سندس شاعري پنهنجي دور تي به اثر انگيز هئي ته کانئن پوءِ جي شاعرن تي به اهو اثر رهيو جن ۾ شاهه لطيف جي حوالي سان چئي سگهون ٿا ته شاهه صاحب جي ڪلام تي پنهنجي دور جي هن بزرگ شاعر جي فن ۽ فڪر جو اثر واضح آهي.

حصو ٻيون: متفرقه موضوعن تي مضمونَ

---

علم ڇا آهي؟ ان جي افاديت

موجوده وقت پاڪستان ۾ تعليم جو معيار ڪهڙو آهي؟ ايندڙ نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ والدين ۽ استادن ۽ خود شاگردن جي ڪهڙي جوابداري آهي؟ ڇا اسان وٽ علم حاصل ڪرڻ يا تعليم يافته ٿيڻ جا اهي قدر آهن، جيڪي اڳئين وقت ۾ هئا؟ يا اسان جا وڏا اسان کان صحيح معنيٰ ۾ تعليم يافته هئا ۽اسين فقط ڊگري هولڊر آهيون. اچو ته اها ڇنڊ ڇاڻ ڪريون ته تعليم جو مقصد ۽ اڄ جي نسل وٽ انهيءَ مقصد جي اهميت ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جا ڪهڙا اپاءَ آهن؟ ڪتابن جي افاديت ڇا آهي؟ ۽ معياري مطالعو ڪهڙيءَ ريت شخصيت کي اُجاري انساني اخلاقي قدرن جي واڌاري جو باعث بڻجي ٿو.
علم جي فضيلت قرآن پاڪ جي پهرئين لفظ “اقرا” يعني “پڙهه” مان صاف ظاهر آهي ۽ خدا پاڪ جي موڪليل آخري رسول ڪيترن هنڌن تي علم جي اهميت ۽ فضيلت ڄاڻائي آهي. فرمائين ٿا ته،
“علم عبادت کان افضل آهي”. (حديث پاڪ)
علم انساني آزادي ۽ پيار جو واحد سرچشمو آهي، جنهن مان عالم ۽ علم حاصل ڪندڙ مستقبل جا پانڌيئڙا فيضياب ته ٿيندا آهن، پر پوري سماج ۾ نور جي سوجهري جيان علم جي بدولت روشني ٿيندي آهي.
موجوده تعليم جي معيار جي جڏهن ڳالهه ڪريون ٿا ته هڪ نظر اسان کي پويان ڏسڻو به ضرور پوندو. انگريز دور کان اڳ اسان وٽ عربي، فارسي ۽ ٻيون علائقائي ٻوليون هلندڙ هيون، جن ۾ مختلف فنن ۽ علمن جي ڄاڻ شاگردن کي ڏني ويندي هئي.
موجوده تعليمي نظريي ۽ ان جي اصولن کي سمجهڻ لاءِ جديد تعليمي سرشتو سمجهڻو پوندو، جيڪو هن جديد دور جي پيداوار آهي. انگريزن جي دور کان ئي انگريزي تعليم اسان وٽ رائج ٿي آهي، انهيءَ نئين تعليمي سلسلي ۾ انگريزي ٻوليءَ جي اهميت اُتم آهي، انهيءَ کانپوءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا مضمون آهن ته گڏوگڏ شاگردن کي اردو، سنڌي، اسلاميات، تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيا مضمون پڙهايا وڃن ٿا، جيڪي سڀ پنهنجي پنهنجي طور تي اهم آهن. پر پوءِ به ڏٺو وڃي ته اڄ اسان تعليم جي معيار کي انهيءَ بلنديءَ تائين پهچائي نه سگهيا آهيون، جتي ان کي هئڻ کپي. آخر انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟ حقيقت ۾ ته انهيءَ مسئلي جي هئڻ جا ڪيترائي سبب آهن، پر مختصرًا ايئن چونداسين ته آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ به پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي بيچيني ۽ غيرموافق علمي حالتون رهيون آهن، جن جو اثر نئين نسل تي پيو آهي. نه فقط علمي طور پر سندن تربيت ۾ پڻ اسان کان ڪوتاهيون ٿيون آهن. تعليم ۽ تربيت ٻه الڳ لفظ هوندي به هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. تعليم بغير تربيت ۽ تربيت بغير تعليم اڌوري آهي. اڄ تعليمي نظام جي تبديليءَ جي اشد ضرورت آهي. فرسوده نصابي ڪتاب، ناقص امتحاني سرشتو، استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ ويڇا، والدين جو اولاد سان رويو، مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا گڏجي هن نظام کي متاثر ڪري رهيا آهن. اسان جي وڏن تمام مشڪل حالتن ۾ علم حاصل ڪيو. هو علم جا مينار هئا، اسان جي نئين نسل کي به اڄ علم جي حاصلات لاءِ وڌيڪ سهوليتون ميسر آهن. قدرت کين اعليٰ ۽ روشن دماغ عطا ڪيا آهن، سو انشاءَ الله هُو ضرور اڳيان ايندا ۽ اچي رهيا آهن، پر اها به حقيقت آهي ته هيءُ مقابلي جو دور آهي. ڪالهه آباديءَ جو تناسب ايترو وسيع نه هو، جيترو اڄ آهي. موجوده وقت جي شاگرد کي، نرسري ڪلاس کان پوسٽ گريجوئيشن تائين وڏين مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، ته به هو محنت ڪري رهيو آهي. اهڙين ڏکين حالتن ۾ پنهنجي ايندڙ نسل جي حوصلي ۽ همٿ لاءِ ۽ کين بي راهه رويءَ کان بچائڻ لاءِ، والدين ۽ استادن کي گهُرجي ته هُو کين سهڻي نموني سان همٿائين ۽ سندن مڪمل طور مدد ڪن، پنهنجي قابليت ۽ تجربي جي قوت جي بنياد تي ايندڙ نسل کي عقلمنديءَ سان پنهنجي ويجهو ڪن.
عقل انساني الاهي سوغات آهي. عقل ۽ علم جي ميلاپ سان عملي قوت پيدا ٿئي ٿي ۽انهن ٽنهي جي گڏجڻ سان ڪاميابي حاصل نه ٿيڻ ناممڪن آهي. انهيءَ ڪري حياتيءَ ۾ اصل ڪمال عقل سان علم ۽ عمل کي جمع ڪرڻ آهي. حضرت علي رضي الله جو قول آهي ته،
“اي نوجوانؤ! ادب جي ذريعي پنهنجي عزت ۽ علم جي ذريعي پنهنجي دين جو تحفظ ڪريو”.
انساني ترقيءَ جو راز، لاڳاتار عمل ۽ وري وري عمل ڪرڻ ۾ لڪيل آهي. ڪم ڪرڻ سان غلطي ۽ غلطيءَ سان تجربو ۽ تجربي سان عقل ايندو آهي. هڪ عالم جي چوڻ مطابق ته،
“بلند مرتبو حاصل ڪرڻ لاءِ فڪرمند نه ٿيءُ البت صحيح ڪم ڪرڻ جو فڪر ڪر، انهيءَ تي به تشويش نه ڪر ته ڪو توکي سڃاڻي ڪونه ٿو، پر پاڻ کي لائق بنائڻ جي جستجو ۾ لڳو رهه”.
حقيقت ۾ اها ئي تعليم جي مقصديت آهي. جيستائين علم جي مقصد يعني “ڄاڻ” کي وڌائڻ جي سگهه پاڻ ۾ پيدا ڪونه ڪبي، تيستائين ماڻهو اهو مرتبو حاصل نه ڪري سگهندو، جيڪا هن جي خواهش هوندي يا جيڪو کيس ڪو باعزت مقام عطا ڪري. ۽ اهڙي اعليٰ رتبي ۽ منصب کي حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍپڻ کان ئي ٻار جي صحيح تعليم ۽ تربيت تي توجهه ڏيڻ ضروري آهي. قديم يونان جو ڏاهو، فلسفي، سائنسدان ۽ عظيم مفڪر ارسطو (ارسطاطاليس) ننڍپڻ جي علم جي اهميت تي لکي ٿو ته،
جو شخص علم حاصل ڪرڻ ۾ ننڍپڻ جا ٿورا ورهيه خرچ نٿو ڪري، ان کي سڄي عمر جي جهل جون سختيون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون”.
اهو علم ۽ عقل ئي آهي، جنهن جي بدولت انسان کي “اشرف المخلوق” جو لقب مليو ۽ هُو ڪماليت جي انتهائي درجي تي پهتو ۽ اهو علم ئي آهي، جنهن جي وسعت سان ماڻهو فراخ دل ۽ روشن خيال ٿو ٿئي ۽ ان جي ٿورائي جهالت سان گڏ ذهني تعصب ٿي پيدا ڪري. اڄ اسان جي دنيا ته علم جي دنيا آهي، پر اسين دانش کان محروم آهيون. اسين زندهه رهڻ جي علم کان وڌيڪ مار ڌاڙ ۽ امن کان وڌيڪ جنگ جو علم ڄاڻون ٿا. سچو علم اهو آهي، جنهن مان ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ۽ انسان کي پنهنجي منزل مقصود جي ڄاڻ پوي. علامه آءِ آءِ قاضيءَ چواڻي ته “هيءُ سجاڳيءَ جو زمانو آهي، اڳي چوندا هئا ته “تن درست ته من درست” پر هاڻي چون ٿا ته “من درست ته تن درست”، سو صحيح علم مان ئي سُٺا انسان اسان اڳيان ايندا”.
صدين ۾ ٿيو به هڪڙو ديده ور پيدا ته ڇا ٿي پيو؟
اسان جي ڏيهه کي، ڏهن هزارن جي ضرورت آ،
نوان سقراط، افلاطون پيو استاد پيدا ڪر،
زماني کي نڪورن شاهڪارن جي ضرورت آ.
(استاد بخاري)
ملڪ ۽ قوم ۾ سڌارو تڏهن ايندو، جڏهن علم جي نور کي عام ڪيو ويندو. علم کي خرچ ڪرڻ سان ئي علم وڌي ٿو ۽ علم زندگيءَ جي علامت ۽ ان جي دلڪشي سڀني انسانن جي گڏيل ميراث آهي. نه ان جي ڪا حد مقرر آهي ۽ نه ئي اها ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي جاگير آهي. علم وارو ستڙ ۽ سالم ته عالم جي اعليٰ مقام تائين پهتل هجي ٿو، علم لاءِ دين ۾ دُعائون گهرڻ ۽ عمل ڪرڻ جي تلقين ڪيل آهي. قرآن پاڪ ۾ فرمايل آهي ته،
علم عمل کان سواءِ بيڪار آهي ۽ عمل کي هٿي ڏيڻ ۾ وري ڪارگر قوت مطالعي جي آهي. مطالعو صرف پڙهڻ جو نالو نه آهي، پر سمجهڻ ۽ پرکڻ، پروڙڻ ۽ عمل جو نالو آهي. دنيا جي وڏن وڏن ماڻهن مطالعي جي قوت سان پنهنجي عزت ۽ شان، عقل ۽ سمجهه، علم ۽ عمل ۾ نه فقط اضافو ڪيو، پر سندن ذات مان پڻ انيڪ ماڻهو فيضياب ٿيا. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته،
پچائي پهاڻُ، جَنِ رساڻيو رُڪ کي،
تنين سندو ڄاڻُ، آهي آڳڙين کي.

چوندا آهن ته “پڙهڻ آهي رُڪ جا چڻا چٻڻ” سو پڙهڻ لکڻ تمام محنت جو، دماغي ۽ پهاڙن کي ٽُڪڻ جي برابر ڪم آهي. ان جي اهميت ۽ ڄاڻ پڻ انهن ڪامياب ماڻهن کي آهي، جن اهي محنتون ڪيون. دنيا ترقي پسند ۽ عملي تبديليءَ جي آهي. مان مٿي به شاگردن کي اهو ڄاڻائي آئي آهيان ته اڄ جيڪي دنيا جون حالتون آهن، سي ڪلهه ڪونه هيون ۽ سڀاڻي جيڪي تبديليون اينديون، انهيءَ کان اسان جي اڄ واري دنيا مختلف هوندي، سو دنيا بلڪل عملي ڪارگذاري آهي. ماڻهوءَ جو اعتبار لفظن ۾ نه، پر عمل ۾ قائم ٿيندو آهي ۽ هر عمدو ڪم پهرين شروع ۾ ناممڪن ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر ڪم ۾ گهڙڻ ۽ محنت سان اهو آسان ٿي ويندو آهي. سو شاگردن لاءِ اها ڳالهه اهم آهي ته هو علم حاصل ڪري ان تي عمل ڪن. علم ڏيڻ، پکيڙڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ آهي. شاگرد ۽ استاد جهاد جي رتبي تي فائز آهن. جهڙيءَ ريت شاگرد جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ ۾ محبت ۽ محنت جو جذبو ۽ استاد جي عزت، علم تي توجهه ڏيڻ ضروري آهي، تهڙيءَ ئي ريت عالم ۽ استاد لاءِ علم ڏيڻ جو شوق، پنهنجي شاگردن سان محبت، بي لوث خدمت جو جذبو اهم آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ريت غرور ۽ فخر کي جاءِ حاصل ڪونهي. امام غزاليءَ موجب ته،
علم وارو ماڻهو جڏهن پاڻ کي “پڙهيل” سمجهندو آهي، تڏهن ايئن ڀائيندو آهي ته “اڻپڙهيل” جانورن وانگر آهن، انهيءَ ڪري تڪبر مٿس غالب اچي ويندو آهي. تڪبر جي غالب پوڻ جي نشاني هيءَ آهي جو مُتڪبر علم وارو عوام مان خدمت، ادب، مانَ ۽ وڏائي ملڻ جي اميد رکندو آهي”.
انساني شخصيت جي سنورجڻ، سڌرڻ ۽ ڪامل ٿيڻ ۾ سٺي ۽ معياري مطالعي جو وڏو حصو آهي. مطالعو ڪتابي هجي يا ڪائناتي، سمجهه، ساڃاهه، ادراڪ ۽ شعور سان گڏ انسان کي مڪمل بنائڻ جو وسيلو آهي. پر هتي اسين ڪتابي مطالعي جو ذڪر ڪنداسين.
ڪتاب دنيا جي عظيم ترين سوغات آهن. “ڪتاب” لفظ اچارڻ يا ٻُڌڻ سان ماڻهوءَ جي دل تي هڪدم علم ۽ حلم، فڪر ۽ تدبر، تجربي ۽ محنت جو اثر ٿئي ٿو. پروفيسر غلام مصطفيٰ چوي ٿو ته،
“ڪتاب فقط ورقن ۽ پنن جو ميڙ نه آهي، پر اهو انسان جي فڪر و خوض ۽ دل جي احساس جو راز آهي. لفظ مصنف جي روحاني طاقت آهن زباني لفظ کان لکيل لفظ معتبر آهن ۽ سڄي دنيا جي ملڪيت آهن”.
جڳ مشهور اديب شيڪسپيئر چوي ٿو ته،
“سٺا ڪتاب سُٺا ماڻهو پيدا ڪن ٿا. برڪت وارا ماڻهو اهي آهن، جن اول اول ڪتابن جو علم ايجاد ڪيو”.
معياري ۽ غيرمعياري ڪتابن ۾ وڏو فرق آهي. جان ملٽن جهڙو مفڪر هِنَ ڏس ۾ فرمائي ٿو ته،
“جهڙيءَ طرح دوستن جي انتخاب جو معاملو نهايت اهم آهي، تيئن ڪتابن جو انتخاب ڪرڻ به ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. هڪڙي مصنف جو املهه خون آهي سندس عمدو ڪتاب”.
دنيا ڪيترن ئي عظيم مصنفن جي عظيم تصنيفات سان سنواريل آهي، جيڪي لکن ۽ ڪروڙن ماڻهن جي حياتين کي سڌارين ٿا ته اها به حقيقت آهي ته ڪيترائي فضول ڪتاب به ڇپجن ٿا، جن جو غيرمعياري مطالعو وهمن ۽ وسوسن ۽ برن خيالن کي ويجهو آڻي ٿو. سُٺن ڪتابن جي پذيرائي نئينءَ ۽ نڪوريءَ مثبت ڄاڻ جي وڌائڻ لاءِ ڪوششون مطالعي جي معيار کي بهتر بنائڻ ۾ معاون آهن.
اوهام جو جهل جو اوندهه آ،
تحقيق ۽ تعليم جون لاٽون ڪريون،
پنهنجي پويان ۽ اڳيان گجگاهه آ،
تجويز ۽ ترتيب سان واٽون ڪريون.

اڄ جو دور ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو آهي، جنهن ۾ جديد ۽ پراڻي نصابي تعليم ۾ وڏو فرق آهي. وقت جي رفتار سان گڏ هلڻ ئي هر دور جي اهم ضرورت هجي ٿي، پر ڪتابن جي اهميت هر دور ۾ ساڳي رهي آهي. وقت ثابت ڪيو آهي ته ادب هميشه ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي، عوام الناس کي شعور بخشڻ سان گڏ انساني تهذيب جي سڌرڻ ۽ معيار ۾ اضافو ڪيو آهي. ڪتابن جا ڪيترائي قسم آهن، پر انهن سڀني قسمن ۾ علمي، ادبي، سائنسي، تاريخي ۽ ٻين اهم موضوعن جا ڪتاب معياري شامل ٿيندا. ڪتابن کي جمع ڪري، ڪتب خانن/ لائبريرين ۾ رکيو وڃي ٿو، جتي انهن جي مناسب سار سنڀال ٿيندي آهي. لائبريريون علمي ۽ ادبي گهر آهن، جن جهڙو سڪون آور ۽ لاڀ ڏيندڙ ڪو به هنڌ ٿي نٿو سگهي. جن جي حفاظت ۽ نگهداشت سان علم ۽ ادب کي هٿي ملي ٿي. اڄ ڪتبخانن مان چوريون، انهن کي لڳل باهيون ۽ علم دشمنيون جڏهن پسجن ٿيون، تڏهن دل ڏکي ٿي. جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن بهترين نادر قلمي نسخن ۽ ڪتابن جي وڏي بي قدري ٿي، ڪيترا اهم ڪتاب برٽش لائبريريءَ ۾ موجود آهن، جيڪي هتي نه آهن. ساڳيءَ ريت پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ڪجهه واقعا لائبريرين کي باهه ڏيڻ جا ٿيا آهن. “باهه نه ساڙي علم کي” جي غزل ۾ تنوير عباسي لکي ٿو ته،
ويري ماري جک، آڏو منهنجي علم کي،
ساڙن ٿا جيڪي، پوي تن جي منهن ۾ رک،
محبت جن جي مَنَ ۾، تن جا ڪَک به لَکَ،
ڪاريءَ وارا ڪَکَ، ويري تنهنجي پاند ۾.
(تنوير عباسي)
هن ماده پرست دنيا ۾ دنياوي علم سان گڏ ديني علم جي گهرج تمام اهم آهي. قرآن پاڪ معنيٰ سان پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ حياتيءَ جي مقصديت کي مقرر ڪري ٿو ته روحاني طور ماڻهو مضبوط به ٿئي ٿو. مذهبي طور اسين رُڪنن جي ادائگيءَ ۾ ڪيترا به پابند هجون، پر اصل ڳالهه روح جي سچائيءَ جي آهي.
روحانيت عبادتن ۾ رياضتن کان وڌيڪ اندر جي پاڪائي ۽ ضمير جو آواز آهي. اخلاقي طور روحانيت سان چڱو فڪر پيدا ٿئي ٿو ۽ صالح عمل وڌي ٿو. علامه اقبال صاحب چوي ٿو ته، “اسان وسيلن ۽ ذريعن يعني عبادتن ۽ ارڪانن کي اهميت ڏني آهي، پر مقصدِ اعليٰ کان منهن موڙيو آهي”.
هتي شاعرِ مشرق جو مقصد انسان جي تخليق جي بنيادي سبب يعني ڪائنات جي مطالعي کي اهميت ڏيڻ جو آهي. حقيقت ۾ انهيءَ سان ئي روحانيت جو درجو وڌندو ۽ مذهب جو مطلب مڪمل ٿيندو.
اخلاقيات جو فلسفو ۽ عمل انساني ڪردار ۽ چڱائي جي گرد گهمي ٿو.
“Ethics is a moral philosophy which deals with moral values and theories of conduct and goodness.”
“goodness” يعني نيڪيءَ ۽ چڱائيءَ جي قوت جي سڃاڻپ اها آهي ته اهو ڪم جنهن کي ڪرڻ کان پوءِ ضمير ۽ روح مطمئن هجن، هڪ لمحو به پڇتاءَ جو احساس نه ٿئي.
انسان هن زمين تي ڪائنات جي باشعور ۽ جوابدار هستي آهي. کيس ئي خبر آهي ته موجوده وقت هُو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. دنيا ۾ هو نمايان حيثيت رکي ٿو ۽ پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان نت نيون ايجادون دنيا ۾ آڻي ٿو ۽ سندس ترقي ڏينهن ڏينهن وڌندڙ ۽ حيران ڪُن آهن ته ٻئي طرف هو تمام هيٺانهين طرف وڃي رهيو آهي. ذليل ۽ پست خيالن ۾ مبتلا آهي. پنهنجي رب طرفان مليل “شرف” جي لقب جي انحرافي ڪري رهيو آهي. سندس اخلاقي ڪمزورين ۽ قانون شڪنين سبب هو زوال پذير آهي، جنهن جو حل آهي “علم جي حڪومت” پر اهو علم جو ماديت کان وڌيڪ “روحانيت” جي ترقيءَ ۾ وڏو ساٿ ڏئي، جنهن سان خودشناسيءَ جي ڄاڻ پوي ۽ ماڻهو نيڪ نيت ۽ نيڪ دل ٿئي ۽ مڪمل طور کيس هڪ رب ۾ يقين قائم هجي. ۽ کيس اهو به يقين هجي ته موت اَوَس اچڻو آهي ۽ موت جو ڪارائتو هجڻ انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن حياتيءَ کي ڪارگر ڪٽيو وڃي ۽ اهو فقط نيڪ عملن ۽ نيڪ نيتن سان ٿي سگهي ٿو. هيءَ دنيا فاني آهي، پر چڱن جون چڱايون لافاني آهن ۽ چڱائيءَ جو معيار ذات پات ۽ حسب نسب تي ڪانهي، بلڪ اهو اندر جو اخلاص آهي، هتي ته “جيڪو وهي سو لهي” جيئن عملي دنيا طور پهرين اندر اُجاري ۽ روح کي پاڪ ڪري، شرڪ کان توبهه ڪريو. انسانن اڳيان مددن ۽ برڪتن جي حاصل ٿيڻ لاءِ جهڪڻ جي بجاءِ هن خالقِ حقيقيءَ جي اڳيان جهڪو نه ته انهيءَ کان پري ٿي ويندا، پر خود انسانيت سان پڻ انهيءَ عمل سان بيوفائي ڪندا. ماڻهو ماڻهوءَ جي مدد بلڪل ڪري ٿو، دنيا ۾ هڪ ٻئي جو ماڻهو ئي وسيلو آهي، پر هُو “اختيار ڪل” نه آهي. مڪمل طور فقط هڪ ڌڻي سڳورو آهي، جنهن کان مدد گهرجي. نماز جي هر رڪعت ۾ “سورة الفاتحہ” مقرر آهي ۽ ان ۾ اها ئي دُعا آهي ته،
اِيَّاڪَ نَعۡبُدُ وَ اِيَّاڪَ نَسۡتَعِيۡنُ
ترجمو:اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.
سو علم ۽ عمل ۾ مضبوط ٿيڻ سان اخلاق جي عمارت سماج ۾ روحاني ۽ عملي طور مضبوط ٿيندي.
ٿيو ايئن آهي ته اسان وٽ نماز پڙهي وڃي ٿي، پر ان جي روح کي نٿو سمجهيو وڃي. نماز جي قرائت تي غور ۽ فڪر، خشوع ۽ خضوع ۽ توجهه سان پڙهڻ تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي ته ساڳيءَ ريت مذهب جي ٻين ارڪانن نماز، روزي، زڪوات ۽ حج جي اصل مقصد ۽ روح کان ڪيترا ماڻهو بي خبر آهن ۽ جيڪڏهن دنياوي علم آهي ته ان ۾ فقط ڪاغذي ڊگريون ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ جو پروانو سمجهي علم حاصل ڪيو ٿو وڃي، حالانڪه ان جي مقصديت تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. اخلاقي تعليم ۽ روحانيت جي پرچار سان اسين نه فقط پنهنجي قوم ۽ ملڪ ۾ پر، پوريءَ دنيا ۾ پڻ مانائتا ٿي سگهون ٿا.
ڏٺو وڃي ته اڄ انسانذات جديد ترقيءَ جي اثر هيٺ دٻيل آهي. سندس روح رڙيون ٿو ڪري پر کيس آئيندي جو ڪو به اونو ڪونهي. هُو اندر جي آواز کي دٻائيندو مَنِ ماني ڪندو اڳيان وڌندو ٿو رهي. حالانڪه تقدير سندس ئي هٿن ۾ آهي، پر سندس تدبيرون لاحاصل آهن. هو دائمي حاصلات کان غافل ۽ اڻ ڄاڻ ٿيندو پيو وڃي. اڄ ڪيترائي ملڪ هڪ ٻئي جون سرحدون ڦٻائڻ، نيوڪليئر توانائيءَ جي ذخيرن کي وڌائڻ ۽ طاقتور ٿيڻ جي شوق ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. مهلڪ ۽ موتمار هٿيارن جي ڊوڙ ۾ تيز تر ڊوڙي رهيا آهن. توانائين جي استعمال تي لاڳو قاعدا قانون انسانيت جي قتلِ عام کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندا نظر پيا اچن. پوريءَ دنيا جي آباديءَ جي واڌاري سبب مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پيو آهي. گُهٽ ۽ ٻوسٽ جو راڄ آهي. انهيءَ سڄيءَ تڪليف ۽ مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ فقط هڪ ئي حل آهي. اهو آهي ايندڙ نسل جي اخلاقي، مذهبي ۽ علمي طور اعليٰ تربيت ته جيئن هو روحاني طور مضبوط ٿين. اهو مسئلو نه فقط غور طلب آهي، پر گهڻي دلي جذبي سان انهيءَ تي عملي اپاءَ وٺڻ گهرجن، ڇوته جڏهن انسانيت ليڪو لتاڙي بدامني ۽ بداخلاقيءَ جون حدون پار ڪندي آهي، تڏهن مٿس امر الاهيءَ جي ڏمر سان مصيبتون ۽ آفتون نازل ٿينديون آهن.
ايجاد ۽ تدبير تي مغرور آهي،
سامان ۽ تعمير تي مسرور آهي،
طوفان ۽ ڀونچال ٿا ٻوڙن مارن،
انسان اڃا ڪيترو مجبور آهي.

ڪٺور انسان اهو نٿو سوچي ته اهو وقت ڪڏهن به، ڪنهن به وقت ۽ ڪيڏيءَ مهل مٿس اچي سگهي ٿو. جزا سزا ۽ قيامت جو ڏينهن بلڪل موجود آهي، ليڪن اها به حقيقت آهي ته بداخلاقين ۽ براين جي سزا هِن دنيا ۾ پڻ ملي ٿي. اڄ جي غيرمحفوظ دور ۾ اسين جوهري هٿيارن سان ته ڀلي ليس آهيون، پر اخلاقي طور ڄامڙا آهيون. ڪو وقت هو، جو ماڻهو جهنگلي جانورن، جنن ۽ ڀوتن کان ڊڄندو هو. پر اڄ جو ماڻهو ته ماڻهوءَ کان ٿو ڪنبي ۽ لرزي. بقول استاد بخاريءَ جي ته
هن دور ۾ ڪهڙو رهيو حيوان جو ڊپ،
ڪنهن جِنَ، مَلَڪَ، ديو ۽ شيطانَ جو ڊپ،
الله کان انسان نه ٿو پيو لرزي،
انسان کي کائي ويو انسان جو ڊَپ.

دنيا جي اهڙين ڏکين حالتن ۾ اچو ته اسان اهڙي حڪمت عملي تيار ڪريون، جنهن ۾ محبت جو ڦهلاءُ ۽ امن جي ترغيب هجي. ويڇن لاءِ ڌڪار ۽ ڏاڍائيءَ ۽ افراتفريءَ خلاف سڏ هجي. اچو ته سڀ گڏجي انساني بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ ڪوششون ڪريون. سڀني انسانن کي برابر سمجهون.
حقن جي ڇڪڻ کان اڳ پنهنجي فرضن جي پورائيءَ تي توجهه ڏيون. سوين منزله عمارتون کڙيون ڪرڻ سان اسين آسمانن جي بلندين کي ڇُهي نه سگهنداسين، بلڪه آسمانن جي وسعتن ۾ اسان جي جڳهه تڏهن پيدا ٿيندي، جڏهن اسين هن زمين جي ذري ذري سان پيار ڪنداسين. هن ڌرتيءَ تي اسان جي حياتي رب جي ڏنل امانت آهي، جيڪا هو پنهنجي مرضيءَ ۽ مختياريءَ سان ڪڏهن به واپس کڻي سگهي ٿو. پوءِ جڏهن اسان کي خود جي پَلَ جي به پڪ ڪونهي، ته هيڏا ٺٺ ٽانگر ڇو؟ هيڏيون ڪلفتون ۽ ويڇا ڇو؟ هيتريون بي حيائيون ۽ بداخلاقيون ڇو؟ فقط ۽ فقط ان ڪري جو اسين علمي ۽ روحاني طور مضبوط نه آهيون. جهالت جو انڌيرو، مايوسي، برائي، نيستي، ناڪامي ۽ نامرادي آهي. علم جي روشني اندر جو سوجهرو ۽ نور آهي.
هتي علم مان مراد فقط ڪاغذي ڊگريون ڪونهي، بلڪه باقاعده طور شعور، سمجهه، ايمانداري ۽ حب الوطني آهي. اهڙو علم جنهن ۾ هر ننڍو يا وڏو شخصي فائدي کان قومي فائدي کي ترجيح ڏيندڙ هجي. اهڙو علم، جيڪو خدا جي معرفت جو ذريعو هجي. اهڙو علم جو انساني اخلاقيات جو بنياد هجي.
انهيءَ جي لاءِ والدين، استادن، اديبن، عالمن، شاعرن ۽ ٻين ڪيترن مختلف علم ۽ فن جي ماهرن ۽ اڳواڻن جو اهو فرض آهي ته هو ملڪ ۽ قوم جي بهتر مستقبل يعني نوجوان نسل جي ترقيءَ تي سوچ ويچار ڪن. سندن ديني، علمي، هنري ۽ شخصي تعليم ۽ تربيت لاءِ اُپاءَ وٺن، خاص طور ادب جي وسيلي شاگردن کي معياري مطالعي جي طرف راغب ڪيو وڃي ۽ ادب جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ اڄ جي مؤثر ذريعي ميڊيا معرفت مهم هلائي وڃي ته جيئن ادب جي افاديت ۽ اهميت هن ڪمپيوٽر دور ۾ پڻ زور شور سان قائم رهي. جيستائين چڱو ادب ڇپبو رهبو، تيستائين انسانيت جو مستقبل اونداهو نه رهندو، سو سهل پسنديءَ مان ٻارن کي ڪڍي، زندگيءَ جي حاصلات جو معيار مطالعي ۽ محنت کي مقرر ڪرڻ گهرجي. محنت ئي مشڪلن جو حل ۽ محنت ئي حياتيءَ جو معراج آهي. شاعر چوي ٿو ته،
خلقت سُڏڪي گهرندي آهي،
صحت، دولت، شهرت عظمت،
قدرت مُرڪي چوندي آهي،
محڻت، محنت، محنت، محنت.

(استاد بخاري)

علم خرچ ڪرڻ سان وڌي ٿو / وکر سو وهاءِ

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿيئي.
ويچيندي ولات ۾. ذور ٿئي نه ضاءِ.
سا ڪاهڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي اُبهين.

(2-3 سريراڳ)
علم جي معنيٰ آهي “ڄاڻ” يعني (Knowledge)، معلومات، سگهه ۽ هن ڄاڻ جي طاقت (Power) تمام مضبوط آهي. علم جي روشني جڏهن انساني دل ۽ دماغ کي منور ڪري ٿي تڏهن هو “فوق البشر” جو رتبو حاصل ڪري ٿو، سالڪن جو چوڻ آهي ته “علم” اهڙي شيءِ آهي جنهن جي اهميت ڪڏهن به ختم نٿي ٿئي ۽ علم جو واپار نه کٽندو ۽ نه ئي پراڻو ٿيندو. علم هڪ اهڙي شڪتي ۽ طاقت آهي جنهن جي کپائڻ سان ان ۾ وڌيڪ واڌارو ٿئي ٿو. هن اڻ کٽ خزاني ۾ ڪڏهن به کوٽ نٿي ٿئي، شاهه سائين هن اعليٰ وکر جي اهميت ۽ افاديت هن ريت بيان ڪئي آهي، انهيءَ مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته علم ۽ عقل جي ڪا تور نٿي ڪري سگهجي ليڪن علم ۽ عقل يا دانشمنديءَ جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. علم سان سمجهه وڌي ٿي، انهيءَ جو ڪارگر استعمال عالم لاءِ ڪارائتو ۽ علم ڏيڻ سندس لاءِ جاري رهندڙ صدقو آهي انهيءَ ڪري اهو خرچ ڪرڻ تمام وڏي نيڪي ۽ ان جو اجر ۽ ثواب بي حساب آهي. انساني زندگيءَ جي بي انت بحر کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ علم ئي اهم سهارو ۽ ساٿي آهي، اهو علم ئي آهي جنهن اڄ انسان کي آسمان جي گردش، سج ۽ چنڊ جو ڪمال ۽ زوال ۽ تارن جو حساب ڄاڻايو آهي. سڄو فلڪي نظام سمجهڻ ۽ ڪائنات جا اسرار ڄاڻڻ ئي اڄ جي انسان جي ڪوشش آهي. هو آسمانن تي اڏامي ٿو ۽ سمنڊن جي پاتال ۾ وڃي پهتو آهي. اهو سڀ ڄاڻ جو ڪرشمو آهي. اڄ جي تيز تر ترقي، جهاز، راڪيٽ، ميزائل، ٽي وي، ڪمپيوٽر، مطلب ته سڀ جديد ايجادون علم جو ئي صلو آهن جنهن کي عام ڪرڻ سان ئي معلوماتن ۾ اضافو ٿيو آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته “اقراءَ” معنيٰ “پڙهه” ۽ اڳيان سورة علق ۾ واضح ڄاڻايل آهي ته، “تنهنجي رب توکي قلم جي ذريعي علم سيکاريو”. علم جو قلم سان ساٿ اڻ ٽٽ آهي. قلم علم جو پاسبان ۽ قلم جهالت خلاف جستجو ۽ جنگ آهي ۽ اها ئي جنگ انساني زندگيءَ جي ڪاميابي آهي. اڻ ڄاڻائي ۽ غفلت واري زندگي بي علمي ۽ بي سمجهيءَ سان گڏ نابودي ۽ نيستي آهي.
پڙهو علم ۽ پڻ سکو هنر و حڪمت،
اوهين پاڻ ۽ قوم کي پڻ سڌاريو.

هيءَ قوم تڏهن سڌرندي جڏهن اسين علم کي عام ڪنداسين، هنر ۽ حڪمت علم جو ئي حصو آهن. علم جي الاهي نور سان انساني ڪردار جا گل ڦل ٽڙي انسانيت جي تعمير ڪن ٿا ۽ قومن جون تقديرون جاڳي اٿن ٿيون. علم جي الاهي ادراڪ جي قدر ڪرڻ جهالت خلاف سجاڳي آڻڻ سان تعليم عام ٿيندي. پاڪستان ۾ هر پاڪستانيءَ جو فرض هئڻ گهرجي ته هو علم جي راهه ۾ اجتماعي مدد ڪري، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن، تعليمي ادارن کي سياست ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ ڪاپي ڪلچر کان پاڪ ڪيو وڃي. شاگردن جي لاءِ ضروري آهي ته هو محنت سان علم حاصل ڪن ۽ استاد پنهنجا فرض صحيح سرانجام ڏين.
حڪومت کي تعليم جي بجٽ کي وڌائي، ڪتابن کي عام ڪري. ڪاغذ ۽ اسٽيشنري کي سستو ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر شخص ڪتاب خريد ڪري سگهي. پبلڪ لائبريرين جو قيام عمل ۾ آڻڻ سان گڏ علمي ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون وڃن. هر پڙهيل لکيل شخص تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو، ته هو علم جي خرچ ڪرڻ ۾ بخل نه ڪري، بلڪه علم جي خدمت ڪندڙن جي حڪومت ۽ عام طبقي طرفان پذيرائي ٿيڻ کپي. جيڪا هڪ زنده ۽ باشعور قوم جي سڃاڻپ آهي. پنهنجن عالمن، اڪابرن، استادن، سالڪن، سائنسدانن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ مذهبي اڳواڻن کي نه صرف مان ۽ شان ڏنو وڃي پر سندن مشن ۾ ساڻن پورو پورو ساٿ ڏنو وڃي. انهيءَ تعاون سان ئي علم عام ٿيندو ۽ وڌندو ويجهندو علم کان محرومي وڏي بدبختي آهي ۽ جيڪا قوم جاهل آهي، اها ڪڏهن به سرخرو ٿي نٿي سگهي. اسان کي گهرجي ته پاڻ علم حاصل ڪريون ۽ علم کي پکيڙيون. ايندڙ نسل لاءِ هينئر ئي سوچڻ جو وقت آهي. کين تعليم يافته بڻائڻ سان گڏ صحيح سمجهه ۽ شعور عطا ڪرڻ، نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق، چڱي ۽ بري جي تميز سيکارڻ اسان جو ئي ڪم آهي ته جيئن هن ڌرتيءَ تي امن، پيار ۽ انصاف جي فضا هميشه لاءِ قائم ٿي وڃي.

موجوده دور ۾ سائنسي علمن جي اهميت

انساني زندگيءَ جو سفر غارن، جبلن، جهنگلن ۽ وادين کان شروع ٿي گهرن، پاڙن، ڳوٺن، شهرن، ملڪن ۽ کنڊن کان وڌي چنڊ تي پهچڻ تائين ٿي چڪو آهي. اهو سڄو سفر سائنسي مشاهدن، تجربن ۽ ايجادن جي آڌار تي طئي ٿي رهيو آهي. ڪلهه جو غارن جي ٻِرن جو انسان اڄ کلي آسمان هيٺ پرواز ڪري ٿو.
انسان، سائنسي جستجو، ڏاهپ ۽ دانائيءَ سان فطرت جا راز کولي ويڇا ويجها ڪري، ڏورانهيون ڏور ڪري، فاصلا مٽائي سڄيءَ دنيا کي هڪ گلوبل وليج بڻائي منڊل مچائي ڇڏيا آهن، اهي ڪوششون ۽ انهن جا نتيجا جديد دنيا جي سائنسي ترقيءَ جو عڪس آهن. اها اڳيان وڌڻ جي جستجو ۽ ڪامياب ڪوششون ئي جدت آهي. جديد دنيا جي انسان جان کي جفا ڏني آهي. سندس اوج و ڪمال ۽ بلند ارادن ئي هن دنيا کي نيون نيون ترقيءَ جون راهون عطا ڪيون آهن. اڄ هر ماڻهو، هر گهر، هر ملڪ انهن نين سائنسي کوجنائن جا سک ماڻي ٿو. ماڻهوءَ جي ڏاهپ ۽ سمجهه اهي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جو انساني عقل به حيران آهي. بقول شاعر:
او ڏاها! تنهنجي ڏاهپ جو پڙاڏو.
هوا ۾، هير ۾، اوٿر ۾ آهي،
اٿيو رائين کان، راويءَ کان گذريو،
سڄي سنسار ۾، گهر گهر ۾ آهي.

جديد دنيا جو جلوو سائنس جي آئيني مان چمڪاٽ ڪندي نظر اچي ٿو. ڌرتيءَ کان چنڊ، چنڊ کان مارس تائين پهچڻ جون ڪوششون صرف ڪافي نه آهن بلڪه سائنس جي انيڪ دلفريب ايجادن، انساني عقل ۽ شعور جا پردا کولي هن دنيا کي جديد ترين دؤر ۾ داخل ڪيو آهي. ڪائنات جا رستا ۽ رمزون معلوم ڪرڻ ۾ انسانيت جي مدد ڪئي آهي.
چوڏهن صديون اڳ قرآن پاڪ ئي سائنس جي اهميت جو اقرار ڪيو ۽ ڄاڻايو ته “اي انسانو توهين غور و فڪر ڪريو توهين ڪائنات تي نظر ڦيرايو”. اها سوچ ۽ فڪر جي دعوت ئي سائنس جي وضاحت آهي. ڇو جو بنيادي طور سائنس عقل ۽ غور و فڪر جو علم آهي ۽ اڄ جنهن قوم به سائنس جي اهميت کي سڃاتو اها تهذيب يافته ۽ ترقي پسند قوم آهي ۽ جن هن جادوئي ترقيءَ کان منهن موڙيو اهي زوال پذير آهن.
سائنس جي علمي ترقي هن وقت ڪامياب رفتار سان اڳيان گامزن آهي. ميڊيڪل سائنس جي ترقيءَ تي نظر وجهبي ته حيرت ٿيندي. انساني جسم جي پيوندڪاري، کان وٺي جسم جي هر عضوي جي لاءِ الڳ الڳ Specialist موجود آهن. سائنس ته انڌن کي اکيون، ٻوڙن کي ڪن، لولن ۽ منڊن کي ٽنگون عطا ڪيون آهن. معمولي آپريشن کان، دماغ، دل، اکين ۽ هر عضوي جي سرجرين ۾ ڪمال حاصل ڪيا آهن. ڪمپيوٽر سائنس جي لاجواب ترقيءَ سبب اڄ جا نوجوان گهر ويٺي پوريءَ دنيا سان علمي رابطي ۾ ڳنڍيل آهن. زرعي ترقي ۽ ٽيوب ويل کان جديد سائنسي سهولتن تائين تمام وڏي نئين تبديلي آئي آهي. سائنس نه فقط انساني روحاني عقيدي ۾ مضبوطي آندي آهي پر هن جديد دور جي وڌندڙ آباديءَ جي باوجود به هر سهوليت مثلاً: بجلي، پاڻي، مواصلات ۽ رهائش سان گڏ ڪيترائي سک اڳيان آندا آهن.
هاڻي انسان جو کڄندڙ هر قدم سائنسي ايجادن جا نقش چٽي ٿو جنهن سان هيءَ دنيا جديد ٿئي ٿي پر ايڪانيت مان ڪل جي نڪرڻ جو فسلفو، سائنسي علم جي ذريعي سمجهڻ اڄ جي جديد دنيا جو مقصد بڻجي چڪو آهي.
هن جديد دور ۾ سائنس جي وڌندڙ رفتار سان اڄ جو نوجوان نئين سوچ ۽ نئين عزم سان اڳتي گامزن آهن. ڪلهه جو نوجوان گرجا گهرن جي قاتل صليبن تي لٽڪيل هو ۽ حڪمرانن جي ظلمن جي ور چڙهيل قربانيءَ جو گهيٽو هو، پر اڄ جديد دور جو جوان پنهنجي وڏن جي سپنن جي ساڀيان ماڻي رهيو آهي. اڄ سندس راهون آزاد آهن، هو سفري صعوبتن کان گهٻرايل نه آهي. سندس لاءِ علم جي ڄاڻ جو سمنڊ ۽ آگهيءَ جون واٽون واجهه وجهي رهيون آهن. کيس پوريءَ دنيا جي معلومات ڪمپيوٽر ۾ انٽرنيٽ ذريعي حاصل ٿئي ٿي. کيس مڪمل خبر آهي ته دنيا ۾ سٺو يا برو ڇا وهي واپري رهيو آهي؟ انٽرنيٽ، ڪيبل، موبائل، فيڪس ۽ ٻين ڪيترين ئي سهولتن کيس دنيا ۾ ڪاميابيون عطا ڪرڻ سان گڏ اعليٰ معيار جي بين الاقوامي علمي لهه وچڙ سان لاڳاپيل رکيو آهي.
پوئين چير ڦاڙ واري سماج جي دهشتگردي ۽ ڏاڍ مڙسيءَ واري جهالت ۾ پيسجندڙ انسان جي حالت هاڻي گهڻي بهتر آهي. ارتقا، تبديلي ۽ اٿل پٿل، ڪائنات جو اصول آهي. صبح جا ڪرڻا نئين اميد، نئين خيال، نئين سوچ ۽ اتساهه جي جذبي سان انسان کي آگهي ٿا ڏين ته جيستائين جرائت، اميد ۽ امنگون انساني فطرت ۾ قائم آهن، تيستائين اهو اڳيان وڌندو رهندو ۽ ڪاميابيون ماڻيندو رهندو. سندس طاقت، سمجهه ۽ همت ڏينهون ڏينهن اڳيان آهن. انهيءَ ڪري اڄ جي سائنسي دؤر جي نوجوانن جا عزم ۽ حوصلا قيامت خيز آهن.
انسان جي عظمت کي، مڃون ٿا سو مڃون ٿا،
ڌرتي کان هلي چنڊ وڃون ٿا سو وڃون ٿا،
تحقيق جي مضبوط هٿوڙي سان ٽڪوري،
وهمن جا ٺلها ٺاٺ، ڀڃون ٿا سو ڀڃون ٿا.

اسان کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته سائنس جي ترقي ايندڙ نسل جي طاقت ۽ سندن لاءِ سک ۽ آزاديءَ جو پروانو آهي. اسان کي عزم ڪرڻ گهرجي ته نئين نسل کي جديد سائنسي علمن سان روشناس ڪرايون. نوجوان نسل کي اڳيان آڻڻ والدين ۽ استادن جو ڪم آهي. اسان کي فرسوده خيالات ترڪ ڪري ايندڙ نسل کي نيون راهون، ۽ نئين روشني ڏيڻ لاءِ اڳيان وڌڻو آهي.

ڪمپيوٽر سائنس ٽيڪنالاجي ۽ سنڌي ٻولي

اسان جي هر قدم تي هڪ نئين دنيا جو نقشو آ،
اسين تخليق جي قوت جو اعليٰ شاهڪار آهيون،
ڪو ٻڌندو يا نه، ليڪن وقت جي هڪڙي پڪار آهيون.
ڪو ڏسندو يا نه، پر اوندهه ۾ روشن مدار آهيون.
موجوده دؤر ڪمپيوٽر سائنس ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر آهي، جنهن ۾ نين نين ايجادن دنيا کي ڪيترائي سُک عطا ڪيا آهن. هر شيءِ جي هاڪاري ۽ ناڪاري رخن جي جاچ جڏهن ڪئي وڃي ٿي، تڏهن فائدا ۽ نقصان چٽا ٿي سامهان اچن ٿا. موجوده دؤر جي جائزي ۾ فائدن جو پُڙ ڳرو آهي.
اڄ جي شاگرد کي هڪ وڏي امتحان کي سر ڪرڻو ٿو پوي. هي ويهڻ جو وقت نه آهي. بين الاقوامي طور دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ لاءِ محنت درڪار رهي ٿي. سائنسي تعليم ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي پوريءَ دنيا ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي. ميڊيڪل سائنس ۽ انجنيئرنگ کان سواءِ مختلف ٻين نون شعبن ۾ سائنس نيون نيون راهون ۽ رستا هموار ڪيا آهن. اڄ جي دور ۾ هر شيءِ ۾ روز بروز جلدي تبديلي اچي ٿي. انهيءَ جدت ۽ نواڻ جو ڪارڻ سائنس جي برق رفتار، رفتار آهي. جنهن اڄ جي سڀيتا ۽ ماحول کي گرمائي ڇڏيو آهي. مختلف نمونن سان صنعتي، زرعي ۽ گهريلو استعمال جي سامانن جي آسائش سان گڏ علم جي ترقي شامل آهن (جنهن ۾ ميڊيڪل سائنس ۽ ٻيا علم اچي وڃن ٿا) ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڄڻ جديد دؤر هلڻ جي بجاءِ ڊوڙي رهيو آهي. انهيءَ ۾ ڪمال انساني عقل ۽ سمجهه جو آهي. جنهن ڌڻيءَ جي ڏنل دماغي قوت ۽ اڻٿڪ محنت سان هن ڪائنات کي تسخير ڪيو.

بيشڪ اهي انساني ڪوششون ئي آهن جن حضرت انسان جي زندگيءَ کي آسان ڪيو، انهيءَ ۾ سائنس جون جديد ايجادون وڌيڪ اهميت جون حامل آهن. هي مضمون جيئن ته ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر جو آهي ته پهرين اچو ته اهو ڄاڻون ته ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر ڇا آهي؟
ٽيڪنالاجي سائنس جو هڪ حصو آهي، جنهن جي تعريف هن ريت ڪري سگهجي ٿي.
Technology is a study or use of the mechanical arts and applied sciences collectively
ٽيڪنالاجي جديد حياتيءَ جو هڪ مکيه حصو آهي. جنهن جا انيڪ فائدا ۽ ڪجهه نقصان پڻ آهن. هن جي ذريعي صنعتي انقلاب اچن ٿا ته وري اهو به آهي ته سپر پاور بڻجڻ جو شوق ۽ نيوڪليئر بم ٺاهڻ سان انسانذات کي ختم به ڪيو وڃي پيو.
ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي ايندڙ تبديلين سان سماج جي ثقافت تي به وڏو اثر پوي ٿو. هيءُ هڪ اهڙي قسم جو جادو آهي جيڪڏهن ان کي مثبت نموني انساني ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته تمام واکاڻ جوڳو آهي. پر جيڪڏهن هن کي ضابطي ۾ نه رکيو ويو ته وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. ساڳيءَ ريت ڪمپيوٽر يعني Information Technology جا گهڻي ڀاڱي وڏا فائدا آهن. هن دؤر جي هيءَ جديد ٽيڪنالاجي پوريءَ دنيا ۾ مڪمل طور رائج آهي. اڄ عام وڻج واپار کان وٺي تعليم، بئنڪنگ ۽ ميديڪل سائنس سان گڏ حڪومتي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪم ۾ ڪمپيوٽر هڪ اهم ضرورت ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ هن ايجاد جي باقاعده شروعات 1920ع جي ڏهاڪي کان ٿي. اڄ پوري ملڪ ۾ ميڊيا، صنعتي ترقي ۽ ٻين شعبن ۾ هن ايجاد انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. بجليءَ تي هلندڙ هيءَ حيرت انگيز ايجاد ٽيليويزن ۽ ٽائيپ رائيٽر کي ملائي ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ ڪمپيوٽر، ڪي بورڊ ۽ ليزر پرنٽر اهم حصا آهن. اڄڪلهه انگريزيءَ کانسواءِ ٻين ٻولين جا “ڪي بورڊ” به عام جام آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽر جي ڪارگر استعمال لاءِ ڪوششون عمل ۾ آنديون ويون آهن ۽ ڪجهه وڌيڪ ڪم پڻ ٿي رهيو اهي. سنڌيءَ ۾ ڪمپوزنگ به هاڻي آسان ٿي چڪي آهي. ڪمپيوٽر فانٽن ۽ سافٽ ويئر تي انفرادي طور به ڪم ٿئي پيو. پر پوريءَ دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مواصلاتي گهرجن کي نظر ۾ رکندي اڃا به سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر جي ترقيءَ جون ڪوششون جاري آهن. ڏٺو وڃي ته انساني ترقيءَ جي رفتار ڪمپيوٽر تيز ڪري ڇڏي آهي.
ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ به نيڪ مقصد هئڻ گهرجن، اهڙا ڪم جيڪي مثبت ۽ ماڻهن جي فائدي لاءِ هجن، ٽيڪنالاجيءَ جو صنفي استعمال انسانيت لاءِ انتهائي هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو.
ڪمپيوٽر جي جديد ايجاد زندگيءَ جي ڪاروهنوار ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. انٽرنيٽ پرڏيهه تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند شاگردن لاءِ ته هڪ وڏو ذريعو آهي. دنيا گلوبل اسٽيج ٿي وئي آهي، ڪمپيوٽر جي سکيا اڄ پاڪستان ۾ عام جام آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اعليٰ ڪوالٽيءَ جا ڪمپيوٽر ۽ عملو حڪومت طرفا مهيا ڪيو ويو آهي. شهرن جي تعليمي ادارن ۾ ڪيترائي شاگرد هن ايجاد جو سک ماڻي پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ڪارائتو ڪم ڪري رهيا آهن، ضرورت آهي ته حڪومتي سهڪار سان ڳوٺن جي علمي ادارن ۾ به ڪمپيوٽر جي سکيا جا جوڳا بندوبست ڪيا وڃن، ته جيئن ڳوٺن جا شاگرد هن انمول ڄاڻ مان لاڀ حاصل ڪري دنيا جي برابر ٿي سگهن.

معياري مطالعو ماڻهوءَ جي ماڻهپي جو اهڃاڻ آهي.

انسانذات ڇا آهي؟ سندس وجود جي ڪائنات ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت هن جي ذات هن دنيا ۾ اعليٰ حيثيت ۽ اهميت ماڻي سگهي ٿي؟ ڇا اخلاقي قدرن ۽ مذهبي ماپن سان گڏ ڪو ٻيو اهڙو ذريعو آهي، جنهن سان سندس ذات جي تڪميل ٿئي، ته انهيءَ لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪتابن جو مطالعو ۽ خاص طور معياري ڪتابن جو مطالعو هڪ اهڙو ذريعو آهي، جيڪو انسانيت جي سهڻائيءَ سان تڪميل ۾ معاون آهي، جنهن جو اهم ترين مثال مذهبي ڪتاب آهن ۽ اهڙي ئي ريت دنيا جي ڏاهن، رهبرن، رهنمائن، شاعرن، اديبن ۽ عالمن جون ڪارآمد تصنيفات آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي مَنَ کي ڌوئي اڇو اجرو ڪن ٿيون. هاڻي مطالعو ڇا آهي ۽ ان سان ڪيئن انسان جي بقا قائم آهي؟ انهيءَ لاءِ اسان اهو چونداسين، ته جهالت جي ڪارن ڪڪرن کي ختم ڪرڻ لاءِ علم جي روشني نور وانگر پکڙجي ڪتابن جو حصو ٿئي ٿي تڏهن اهي ڪتاب صحيح نموني پڙهڻ، پرجهڻ، پروڙڻ ۽ علم جي گهري سمنڊ مان چمڪدار ۽ انمول هيرا چونڊڻ ئي مطالعو آهي.
اعليٰ صلاحيتن سان نوازيل انساني دماغ کي خدا پاڪ ڪائنات جا راز و رمزون ۽ عظيم اسرار سمجهايا، جن کي ڏاهن، سڄاڻن، شاعرن ۽ قلمڪارن سهڻن لفظن جو ويس پارائي قلمبند ڪيو، ته جيئن ايندڙ نسلون سندن سوچن جي سمنڊ جون سرڪيون ڀري علم ۽ آگاهيءَ جي اڃ اجهائينديون رهن. انهن پاڪ ۽ نيڪ سوچن جي ڪتابي علم جو. پڙهڻ ۽ پروڙڻ ئي مطالعو آهي. مطالعو سمجهه، ساڃاهه ۽ ادراڪ ۽ شعور جو نالو آهي. مطالعو ڪتابي هجي يا ڪائناتي انسان کي مڪمل بنائڻ جو ذريعو آهي.
قدرت جي دانائيءَ تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ دنياوي زندگيءَ کي صحيح رخ ڏانهن موڙڻ لاءِ مطالعو ئي ڪم اچي ٿو. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سڀ ڪتاب اسان کي صحيح دڳ تي لائين ٿا؟ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اهو فرق معلوم ڪجي. علم ادب جي ٻن شاخن نثر ۽ نظم ۾ ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي صنفون آهن جن تي ڪتاب لکيا ويا آهن. روزانه جون اخبارون ۽ رسالا به معلوماتي مطالعي جو قسم آهن.
حقيقت اها آهي ته معياري ڪتاب ئي مطالعي لاءِ ڪارگر هوندا آهن جن مان ئي ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو. باقي فضول ۽ غير ڪارآمد ڪتاب پڙهڻ وقت جو زيان آهي. معياري مطالعو خاص اهميت رکي ٿو پر انهيءَ سان گڏ ان مان پرائڻ ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ وڌيڪ اهم آهي. صحتمند علم و ادب جو مطالعو انسان جي اندر مان وسوسا ڪڍي، هن جي ويساهه کي ڦٽندڙ باکن ۾ اڀرندڙ سويرن جيان پختو بنائي ٿو. اهڙيءَ ريت نت نوان رستا ۽ راهون هموار ٿين ٿيون. انهيءَ جي برعڪس غلط ۽ بي راهه رويءَ ڏي مائل ڪندڙ ڪتابن جو مطالعو ماڻهوءَ کي پستيءَ ڏي ڌڪي ٿو. انهيءَ ڪري سٺي ڪتابي مطالعي جي سج جو تاب ڪڏهن به جهڪو ٿيڻو نه آهي. عمدا ۽ چڱا ڪتاب بهترين دوست آهن جيڪي ڪڏهن به جدا نه ٿا ٿين. اهي ئي سچا رهبر ۽ رهنما آهن. مذهبي ڪتابن کي ڏسنداسين ته جيئن، قرآن پاڪ ۽ حديثن جا ڪتاب، انجيل ۽ زبور، ۽ ٻيا مذهبي ڪتاب جهڙيءَ ريت پنهنجي پوئلڳن کي رهنمائي عطا ڪن ٿا. ان ريت ڇا ڪو ٻيو ذريعو ڪري سگهيو آهي؟ قرآن پاڪ جو جيترو گهڻي ۾ گهڻو مطالعو ۽ غور و فڪر ڪبو ايتروئي سمجهه ۽ عقل جا در کلندا ويندا.
اڄ جيڪڏهن دنيا جي ڏاهن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ رهنمائن جون تعليمات ڪتابن جي شڪل ۾ نه موجود هجن ها ته نه مطالعي جو وجود هجي ها، نه ئي دنيا جو هي رنگ ڍنگ هجي ها. انهيءَ لحاظ کان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب واقعي وڏي نعمت آهن. جن مان اسان کي قومن جي ڪمال، زوال، تهذيب ۽ تمدن جي خبر پوي ٿي. جاگرافيءَ جي صورت ۾ مطالعي سان ڌرتيءَ ۽ ڪائنات جي رازن جي پروڙ پوي ٿي. تاريخ جي مطالعي سان انسان پنهنجي ماضيءَ کان باخبر ٿئي ٿو. سائنسي ڪتابن جي مطالعي سان جستجو ۽ تحقيق جو جذبو وڌي ٿو ۽ جديد ڄاڻ سان گڏ، نون انڪشافن جو پتو پوي ٿو. طب جي ڪتابن مان انسان ذات جي خدمت ٿئي ٿي. ادبي ڪتابن جي مطالعي سان انسان جي سمجهه ۽ شعور ۾ اضافو ٿئي ٿو. ڪتاب اڪيلائيءَ ۽ ڏک و سک جا ساٿي آهن. جيڪي قيمتي معلومات ڏيئي علم ۾ ته اضافو ڪن ٿا پر انسان کي برائين کان چڱائين طرف، ڪوڙ کان سچ طرف، جنگ کان امن طرف ۽ نفرت کان پيار طرف آڻين ٿا. مطالعو ڪرڻ سان مئل دليون جيئريون ٿي پون ٿيون. مطالعو سوچ ۽ فڪر جي ميدان کي وسعت بخشي ٿو. پاڪ ۽ عمدن ڪتابن جو مطالعو ئي علم آهي جو زنگ آلود ذهنن کي مهٽي، رڳڙي، اڇو اجرو ڪري ٿو.
مطالعو صرف پڙهڻ جو نالو نه آهي پر سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ جو نالو آهي. علم سان گڏ عمل جو نالو آهي. مطالعو حال بابت اميد، ماضيءَ بابت ويساهه ۽ مستقبل بابت اتساهه(Inspiration) آشڪار ڪري ٿو. دنيا جا جيڪي به وڏا ماڻهو رهيا آهن انهن سڀني جي ڄاڻ ۾ نمايان حصو مطالعي ۽ مشاهدي جو رهيو آهي. اسان لاءِ ضروري آهي ته پاڻ ۾ معياري مطالعي جو ذوق ۽ شوق قائم رکندا اچون. انهيءَ منجهان مليل تعليم تي عمل ڪريون ۽ هر وقت پنهنجي علم جي واڌاري جي دُعا خدا جي حڪم مطابق گهرون.
وَ قُلۡ رَّبِّ زِدۡنِىۡ عِپلۡپمًا (1)
ترجمو: ۽ چؤ ته “اي منهنجا رب! منهنجو علم وڌاءِ.”

سنڌ جي تعليم جو معيار، ڪاپي ڪلچر ۽ تباهي؟

علم معنيٰ ڄاڻ، معلومات، سگهه، شعور ۽ اهو فهم جيڪو اسان کي صحيح دڳ تي لائي. جيئن زمين جي سرسبز ٿيڻ لاءِ آسماني بارشن جي ضرورت اهم آهي. اهڙيءَ ريت انساني ذهن لاءِ علم جي سوجهري جي ضرورت هر نقطئه نظر کان اهم آهي. علم هڪ لازوال دولت ۽ انسان جي اندر جو سوجهرو آهي. هن ڄاڻ جي سمنڊ جو ڪو به انت ڪونهي. سڄيءَ دنيا جي ترقيءَ جو دارو مدار علم جي وسعت تي آهي. ۽ تعليم حاصل ڪرڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي، چاهي اها عورت هجي يا مرد. “تعليم سڀن لاءِ” جو سلوگن ته اسان جي ملڪ ۾ هلي ٿو پر ڇا انهيءَ تي غور ڪيون ٿا ته اها تعليم اسان جو ملڪ هر صوبي ۾، هر شهر ۾، هر ڳوٺ ۾ ۽ هر وستيءَ واهڻ ۾ مهيا ڪري رهيو آهي؟ جڏهن علم ڪوڙ ۽ سچ، نيڪي ۽ بدي، گناهه ۽ ثواب، سونهن ۽ ڪوجهائپ، ترقي ۽ تنزلي، حيوانيت ۽ انسانيت جا فرق سمجهائي ٿو ته ڇا اها تعليم اهڙيءَ ريت اسان جي ايندڙ نسل کي ملي رهي آهي. جو هو اهي فرق سمجهي ۽ انهيءَ تي عمل ڪري ماڻهپي جي قدر و قيمت کان واقف ٿين، پنهنجي حياتي به سڌارين ته ايندڙ نسلن لاءِ به ڪارائتا ٿين؟ ڪنهن به قوم ۽ ملڪ جي ترقي جڏهن تعليم سان ئي ممڪن آهي، تڏهن ڇا سنڌ ڌرتيءَ جي تعليمي معيار جي لاءِ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته سنڌ واسي پنهنجي ايندڙ نسل جي تعليمي معيار کان مطمئن آهن؟
مان سمجهان ٿي ته بلڪل نه، هن دؤر ۾ اڪثر والدين پنهنجي اولاد جي تعليمي معيار جي لاءِ فڪرمند آهن، هو چاهين ٿا ته سندن ٻار جديد سهوليتن سان واڳيل تعليم حاصل ڪن. هو دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلن. کين هن اليڪٽرانڪ دؤر ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ذريعي پاڙهيو وڃي. اڄ جي دؤر ۾ جڏهن بيروزگاري، سفارشي ماحول ۽ ڪرپشن ملڪ جو وايو منڊل ڦيرائي ڇڏيو آهي تڏهن گهڻا سرنديءَ وارا ته چاهين ٿا ته سندن ذهين اولاد هتي ضايع ٿيڻ جي بجاءِ ٻاهرين ملڪ پڙهي، جتي تعليم سان گڏ روزگار پڻ موجود آهي. ته تعليم پڻ معياري آهي، پر انهيءَ لاءِ وڏي ناڻي جي گهرج آهي ۽ اهڙن ٻارن جو بنياد گهڻو مضبوط هئڻ به ضروري آهي. ان ڪري حيثيت وارا والدين پنهنجي ٻارن کي شروع کان مهانگن اسڪولن ۾ وڏين فين ۽ ٽيوشنن سان تعليم ڏيارين ٿا ته جيئن سندن ٻار هر مضمون ۾ ڀڙ ٿين ۽ کين انهيءَ لاءِ ڪيترو به خرچ ڪرڻو پوي اهو خرچ هُو ڪن. موجوده وقت سنڌ جي وڏن شهرن جي وڏن اسڪولن مان ڪيترائي شاگرد ڪيريئر ڪائونسلرز ۽ مختلف ادارن ذريعي ٻاهر تعليم لاءِ وڃي رهيا آهن. آخر ڇو؟ ڇا اسان کين اهڙو ماحول ملڪي ليول تي مهيا ڪري نه ڏيئي رهيا آهيون؟ جواب ملندو ته ها بلڪل! اسان جي گورنمينٽ جي ادارن جو حال پورو سورو آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، بيورو آف ڪريڪيولم طرفان پراڻا ڇپيل ڪتاب جيڪي ڪنهن به حالت ۾ موجوده وقت سان اپ ڊيٽ ڪونه آهن، حيدرآباد، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص جي مئٽرڪ ۽ انٽر جي امتحاني بورڊن جو به حال ڪو بهتر ڪونهي. امتحاني طريقيڪار ۾ گهڻيون ڪوششون وٺڻ جي باوجود ڪا به بهتري خاص نظر نٿي اچي، اهو ئي “فائيو ايئرز” جي پيپرز Solve ڪرڻ وارو طريقو، اهو ئي ساڳيو پيپر وٺڻ جو طريقو، جنهن ۾ ڪيترن هنڌن تي پيپرز آئوٽ ٿي وڃن ٿا ۽ ساڳيءَ ريت پيپرز چيڪ ڪرڻ وارن استادن کي سينٽرل اسيسمينٽ ۾ 40 ڪاپيون هڪ ڏينهن ۾ چيڪ ڪرڻيون آهن جيڪي معياري طور چيڪ نٿيون ٿي سگهن ۽ ان کانپوءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي استادن جي يونينن جي هر هنڌ مداخلت موجود آهي امتحاني سينٽرز جي ٻاهران بيٺل پوليس اهلڪار، شاگردن جا والدين، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا ملازم مطلب ته ڄڻ سڀ انهيءَ امتحاني شو ۾ هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن. ڪنهن به قسم جي ڪا به ايمانداري ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿي اچي. اهي ٽيمون، اهي ڇاپا؟ ايترو خرچ امتحاني طريقي تي؟ انهيءَ کان بهتر آهي ته شاگردن جو نصاب ايترو ته مشڪل ڪري ڇڏجي جو هُو ڀلي ڪتاب ڏسي امتحان ڏين پر پوءِ به پاس ته ڪري ڏيکارين! ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪتابن جي بجاءِ ٻاهرين ملڪن جيان سڀ تعليم انٽر نيٽ تي ڪري ڇڏجي ته وڏي بهتري اچي سگهي ٿي پر اهو سڀ شهرن ۾ ممڪن آهي، ٻهراڙين ۾ مشڪل به ٿي سگهي ٿو. اسان جي وڏي آبادي ٻهراڙين ۾ آهي، جتي جي تعليم جي ٻيڙي بلڪل ٻڏل آهي. فقط نوان اسڪول کولڻ ۽ عملو رکڻ حل نه آهي. سول سوسائٽي، والدين ۽ استادن جو گڏيل سهڪار هجي تڏهن ئي هن ڏس ۾ ڪو ٻوٽو ٻري سگهي ٿو. ملڪ ۾ امن امان جو مسئلو پڻ تعليم جي عام ڪرڻ سان ڪجهه حد تائين حل ٿي سگهي ٿو. سماجي ادارن (NGOs) کي پڻ هن ڏس ۾ هنگامي بنيادن تي جوڳا اُپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي. تعليم هڪ قومي فرض آهي ۽ ان جي نظام جي بهتري حڪومت جي اهم ذميواري آهي. اڄڪلهه جي حالتن موجب ملڪي بجيٽ ۾ پڻ تعليم جي ڏس ۾ جهجهو پئسو رکيو وڃي پيو پر ان جي صحيح استعمال تي ڌيان ڌريو وڃي.
پاڪستان جي ٻين صوبن جي نسبت سنڌ جي تعليم جو معيار ڪافي گهٽ آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي تعليمي معيار جي ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن، اهو ڪو هڪ ڏينهن ۾ هيٺ نه لٿو آهي پر آهستي آهستي ايئن ٿيندو رهيو آهي. جنهن ۾ اسڪول ايجوڪيشن کان يونيورسٽيءَ جي سطح تائين اسان کي ڪيترائي اهڙا خال ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي ڀرجڻ ناممڪن ته نه، پر مشڪل ضرور آهن. اسان جي تعليم جو طبقاتي نظام آهي جيڪو ڪجهه حد تائين پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ پڻ آهي پر سنڌ ۾ اهو ڪجهه سرس حد تائين آهي، اسڪول ايجوڪيشن کان ئي گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز ۾ اسڪول ورهايل آهن. هاڻي ڪيترن وڏن شهرن ۾ مختلف ماڻهن، جماعتن ۽ ادارن طرفان پرائيويٽ اسڪولن جو هڪ نه کٽندڙ ڄار آهي، جنهن ۾ پڻ درجابندي ٿيل آهي. هڪڙا تمام هاءِ ليول جا اسڪول آهن جن ۾ داخلا لاءِ پڻ وڏي مئرٽ ۽ وڏي سفارش درڪار آهي. جن جون فيسون ڪنهن متوسط طبقي جي گهرو خرچ برابر آهن ۽ ٻئي نمبر تي اهي اسڪول آهن جن جا ڪيترائي يونٽ مختلف شهرن ۾ ڪم ڪن پيا ۽ انهن جون فيسون به چڱيون خاصيون آهن ۽ اهي به نالي چڙهيا اسڪول آهن. ٽئين نمبر تي پرائيويٽ اسڪولن جو اهو درجو آهي، جن جون فيسون ڪجهه حد تائين مناسب آهن پر نه پڙهائيءَ جو معيار آهي ۽ نه ئي اسڪولن جون عمارتون اهڙيون هجن ٿيون، جن کي اسڪول لاءِ معياري قرار ڏجي ته استاد پڻ محدود پگهار تي مقرر آهن جي اڪثر وڌيڪ پگهار لاءِ اسڪول تبديل ڪندڙ پڻ آهن. اهڙن اسڪولن جو انگ سنڌ ۾ تمام گهڻو آهي جن ۾ ٻارن جو وڏو طبقو پڙهي ٿو، ڇو جو اهي گهڻي شهري آباديءَ جي پهچ مطابق آهن. هاڻي اسان گورنمينٽ اسڪولن جي ڳالهه ڪنداسين ته هيڪاري هانءُ سڙي ويندو. گورنمينٽ اسڪولن جو وڏو انگ پاڪستان ۾ موجود آهي، پر انهن جي تعليمي معيار جي لاءِ افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته مناسب نه آهي. سنڌ ۾ پڻ حڪومت هر وڏي شهر سميت ڪيترن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ انيڪ اسڪول کوليا آهن جن جي نه صحيح پرگهور ٿيئي ٿي ۽ نه ئي اُتي ڪي قابل استاد آهن، پر عمارتون گهڻي ڀاڱي سٺيون ۽ جهجهيون موجود آهن، جو اسان جي آفيسرن جو گهڻو زور سول ورڪ تي آهي. اصل ضرورت آهي ته سڀني معاملن کي ڏٺو وڃي، سٺا استاد، سٺن پگهارن تي هجن، مانيٽرنگ ٽيمون هجن، ٻارن جي حاضري يقيني بڻائجي ۽ ڪتاب انهن جي معيار مطابق هجن. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پڻ هن ڏس ۾ ڪو صحيح ڪم نه پيو ڪري، اسان جو فرسوده نصاب ۽ ڪتابن جي بوڇاڙ، هن جديد دور ۾ ٻارن کي ڪجهه ڏيئي ڪونه سگهندي. (نصابي ڪتابن جي معيار تي ته هڪ الڳ مقالو هئڻ گهرجي.هن هڪ مختصر مضمون ۾ انهيءَ جي وضاحت نٿي ٿي سگهي.) نصابي ڪميٽين جا ماهر اهڙا شخص رکيا وڃن ٿا جيڪي پاڻ به جديد وقت سان گڏ هلي سگهڻ جي قابل نه آهن. پوين چند ڏهاڪن کان ڏسنداسين ته سنڌ جي وڏ وزارت تي پڻ موجود رهندڙن هن ڏس ۾ ڪو ڏيئو نه ٻاريو. تعليم کاتي جي وزيرن ۽ تعليم جي سيڪريٽرين تعليم جي تباهيءَ کي تسليم پڻ ڪيو آهي ۽ ڪجهه بهتريءَ جون به دعوائون ڪيون آهن، تعليمي ايمرجنسيون لڳائڻ يا بايو ميٽرڪ کي عمل ۾ آڻڻ سان بيشڪ ڪجهه فائدا ٿيا آهن. پر اهڙو ڪو خاص ٻوٽو ڪونه ٻريو آهي، انهيءَ ڪري جو هتي هيٺان کان مٿي تائين سياسي مداخلت، ڪرپشن، اقربا پروري ۽ بدديانتيءَ جو راڄ آهي. جائز ڪمن ۾ دير ۽ غيرضروري ۽ ناجائز ڪم جلدي ٿي وڃن ٿا، پر پوئين دؤر ۾ ڪيترائي استاد سياسي طور ڀرتي ٿيا. ۽ ڪيترائي تعليمي آفيسرز جيئن ڊي اي او، اي ڊي اوز ۽ ريجنل ڊائريڪٽرز سفارشن ۽ سياسي مداخلتن سبب ڀرتي ۽ ٽرانسفرز ڪيا وڃن ٿا.
نور سنڌي 31 مئي 2017ع جي عبرت اخبار ۾ لکيو آهي ته: “سنڌ ۾ رپورٽ موجب 46480 گورنمينٽ اسڪول آهن، جن مان تقريباً ساڍا ڇهه هزار اسڪول بند آهن. ضلعي دادو ۾ 186، بدين ۾ 277، گهوٽڪي ۾ 139، حيدرآباد ۾ 30، جيڪب آباد ۾ 76، ڪراچيءَ ۾ 20، ڪشمور ۾ 291، خيرپور ميرس ۾ 337، لاڙڪاڻي ۾ 17، ميرپورخاص ۾ 359، مٽياري ۾ 81، نوشهروفيروز ۾ 210 ۽ ٻين ضلعن ۾ پڻ ڪيئي اسڪول بند آهن. بايو ميٽرڪ ذريعن موجب سنڌ ۾ تقريباً 6304 اهڙا استاد آهن جيڪي ڊيوٽي نه پيا ڪن. 5126 کان وڌيڪ استادن جو ڪو ڏس پتو ئي نه آهي ته هو ڪٿي آهن؟
مٿين رپورٽ تازي آيل آهي، هاڻي جي ڏسجي ته انهيءَ کان اڳ حالت ان کان به جري هئي، ڇو جو اسان وٽ گذريل چاليهن سالن کان هڪ پلاننگ تحت سنڌ جي تعليم کي ٻئي درجي جو ڪرڻ جون ڪوششون عمل ۾ اينديون رهيون آهن. يونيورسٽين ۾ مختلف تنظيمن وسيلي پڙهائيءَ جي عمل جي تڏا ويڙهه ڪرائي ويئي. ساڳيءَ ريت ڪاليج ايجوڪيشن ۾ پڻ تنظيمي ۽ سياسي مداخلت جو عمل دخل رهيو. اسڪول ايجوڪيشن ۾ ٻاهرين ملڪن جون امداد گهڻيون شامل رهيون آهن، جنهن ڪري پئسو وڌيڪ رهيو آهي، پر استعمال صحيح نه رهيو آهي، رڳو ماسترن ۽ ماسترياڻين جي ڀرتيءَ تي زور آهي ۽ اسڪولن جي عمارتن جي ڪنسٽرڪشن تي ڌيان وڌيڪ آهي. جڏهن ته وڻن جي ڇانون هيٺ به تعليم حاصل ڪري اسان جي وڏن ملڪ جي وڏي خدمت ڪئي ۽ هو پنهنجي علمي ۽ شخصي ڪردار جا مثال ڇڏي ويا.
سنڌ جي تعليم جو معيار جو ماضيءَ ۾ هو اهو اڄ نه آهي، جڏهن ته اُنهيءَ دؤر ۾ اهي سهوليتون نه هيون جي موجوده وقت ۾ موجود آهن، ها! پر ايترو ضرور آهي ته جديد دؤر مقابلي جو دؤر آهي، اڄ هر گهر جو ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪيترائي سنڌي ٻاهرين ملڪن ۾ ذاتي خرچ تي يا اسڪالرشپس تي اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪا آهن ۽ ڪري رهيا آهن، جن ۾ نياڻين جو انگ به شامل آهي. ۽ ڪيترائي سنڌي ڊاڪٽرز، انجنيئرز، بيورو ڪريٽس، بئريسٽرز، ٻين فليڊس جا ماهر ملڪ ۾ توڙي ٻاهر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. يقيناً سندن تعليم جي انهن مرحلن ۾ انفرادي طور ذاتي محنت ۽ شوق سان گڏ، والدين جي همٿ افزائي دُعائون ۽ قابل استادن جي رهنمائي شامل آهي، پر اڃان به وڏين ڪوششن جي ضرورت آهي. اهڙن قابل شاگردن ۾ اسان کي اضافو آڻڻو آهي ۽ سؤ سيڪڙو شاندار شاگرد سنڌ مان پيدا ڪرڻا آهن، جن سان هن ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا کي چار چنڊ لڳي وڃن ۽ سنڌ واسي پوريءَ دنيا ۾ اعليٰ تعليم يافته ٿي سڃاتا وڃن. انهيءَ لاءِ انفرادي ڪوششن سان گڏ اجتماعي ڪوششن جي وڌيڪ ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ حڪومت معرفت علمي معيار کي پوريءَ سنڌ ۾ وڌائڻو پوندو. پوءِ ئي اسين فخر سان چئي سگهنداسين ته تباهيءَ جي ڪناري تي پهتل سنڌ جي تعليم کي اسان عروج تي پهچايو. تعليمي ترقيءَ جي لاءِ چند تجويزون هيٺ پيش ڪجن ٿيون.
(1) اڄ جو شاگرد وڏي مقابلي جي فضا ۾ ساهه کڻي رهيو آهي. کيس همٿائڻ تمام ضروري آهي مختلف مدن ۾ کين اسڪالرشپون ۽ انعام ڏيڻ گهرجن.
(2) سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ تعليمي فرق کي جيترو ٿي سگهي مٽائي هِڪَ ڪَرو ڪيو وڃي.
(3) تعليمي نصاب کي تمام بهتر نموني سان تبديل ڪيو وڃي، پوريءَ دنيا جي ادارن کان ته اسين پري آهيون پر پنهنجي ملڪ جي صوبن جي برابر به اسان جو نصاب ڪانهي. پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جو تعليمي نصاب وقت سان گڏ هلندڙ آهي.
(4) پوريءَ دنيا ۾ ڪئمبرج سسٽم تعليمي طريقو آهي، جنهن سان شاگردن جو انگريزيءَ جو معيار بلند ٿو ٿيئي ۽ ٻيا سائنس جا مضمون پڻ معياري طور سيکاريا وڃن ٿا، جيڪڏهن اهو غور ڪيو وڃي ته گورنمينٽ پنهنجي ادارن ۾ ڪئمبريج سسٽم کي فروغ ڏئي ته شايد ڪيترا والدين پرائيويٽ اسڪولن جي ڳاٽي ڀڳين فيسن مان نڪري اچن.
(5) انهيءَ سان ڪاپي ڪلچر تي مڪمل ڪنٽرول ٿي ويندو ۽ شاگردن ۾ هڪ مقابلي جي فضا قائم ٿيندي.
(6) استادن جي پگهارن ۽ سهوليتن تي ته ڌيان ڏنو وڃي پر انهن جو تعلق والدين سان به مڪمل طور هئڻ گهرجي.
(7) شروعاتي تعليم کان شاگردن ۾ ريسرچ جو لاڙو وڌائجي ته جيئن ايندڙ دؤر ۾ هُو تعليم جي ميدان ۾ ڪارآمد شاگرد ٿين.
(8) اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سياسي مداخلت کي روڪيو وڃي ۽ شاگردن کي بهترين ليباريٽريون ۽ آمد رفت جون سهولتون ڏنيون وڃن.
(9) قابل شاگردن جي والدين کي به وڏي فوقيت ڏيڻ گهرجي. جو هو پنهنجي اولاد جي لاءِ “سجاڳ” آهن، انهيءَ سان ٻين کي به هن ڏس ۾ ريس ٿيندي.
(10) قابل استادن کي ساراهيو وڃي.
(11) شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم لاءِ برابر جا موقعا ڏنا وڃن.
(12) ملڪ ۾ پڙهيل ڳڙهيل گريجوئيٽس جون باقاعدي رجسٽرڊ تنظيمون هجن جن کي آهستي آهستي روزگارن تي لڳايو وڃي.
(13) ملڪ ۾ يا ٻاهرين ملڪن ۾ پاس ٿيل گريجوئيٽس کي روزگار مهيا ڪري ڏيڻ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ٿيڻ گهرجي.
(14) ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي بهتريءَ لاءِ پڻ اهم قدم کنيا وڃن.
(15) صوبي ۾ نصاب جي تبديليءَ کي هر پنجن سالن کان پوءِ يقيني بڻايو وڃي. (سنڌ بورڊ جي فرسٽ ايئر ڪلاس جي اردو سليس جي ڪتاب کي اڄ پنجيتاليهه سال ٿيا آهن تبديل نه ٿيو آهي، اهڙا ٻيا به سبجيڪٽ ضرور هوندا پر مون کي ذاتي تجربي طور انهيءَ سبجيڪٽ جي خبر آهي. “ههڙا هاڃا ٿا ٿين بري هن ڀنڀور ۾”)
(16) ڳوٺن ۾ تعليمي شعور پيدا ڪيو وڃي، وڏيرن ۽ ڀوتارن طرفان بند ٿيل اسڪول کولايا وڃن. زناني تعليم جي اهميت کي اُجاگر ڪيو وڃي، نياڻين جي تعليم عام ٿيندي تڏهن ئي نئون نسل سڌريل ۽ تعليم يافته پروان چڙهندو.
هيءُ هڪ وڏو مشن آهي جنهن ۾ نيڪ نيت، هڏڏوکي، سچار ۽ وڏي جگر وارا مانجهي مڙس ميدان ۾ گهرجن جي سنڌ جي تقدير بدلائي ڇڏين.

سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بڻياد

سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ۽ ارتقا معلوم ڪرڻ لاءِ اڄ جي دور ۾ لسانياتي پرک ڪجي ٿي ۽ تحريري طور اهو رڪارڊ محفوظ ڪيو وڃي ٿو، ڪنهن به ٻوليءَ جي قدامت (Antiquity) جي باري ۾ ڄاڻ ليڪيسڪو سٽيڪٽس (Lexi costaties) يا گلٽڪرانالاجي (Glottochronology) علم جي ذريعي ملي سگهي ٿي ته لفظن جون عمريون ڪيتريون پراڻيون آهن، جتان ٻوليءَ جي بڻ بنياد ڄاڻڻ ۾ هٿي ملي سگهي ٿي لکتن کان سواءِ ڪتبن (Inscriptions) مان پڻ اها مدد ملندي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد لاءِ اسان اهو ئي چوندا آهيون ته سنڌي ٻولي قديم آهي ۽ موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي کوٽائيءَ ۾ مليل مهرن ۽ ان مٿي اُڪريل لفظن مان ان جي قدامت ملي ٿي پر درحقيقت انهيءَ تي تمام گهڻي ڪم جي ضرورت آهي هيءَ ٻولي ڪيتري قديم آهي ۽ ڪهڙين ٻولين مان ڦٽي نڪتي؟ انهيءَ تي ڪم ٿيو پڻ آهي ۽ ٿي رهيو آهي هن ڏس ۾ جن محققن ۽ عالمن ڪوششون ورتيون آهن انهن ۾ خاص طور جيڪي نالا نشانبر آهن سي ڊاڪٽر ٽرمپ، ڪاڪو ڀيرو مل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر فهميده حسين آهن.
ڊاڪٽر ٽرمپ جڏهن 1872ع ۾ The Grammar of Sindhi Language ڇپايو ان ۾ هن اهو نظريو ڏنو ته، سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آهي يعني سنڌي ٻولي سنسڪرت مان پالي، شوز سيني، اپڀرنش ۽ وراچڊ اپڀرنش جي معرفت يارهين صديءَ عيسويءَ ڌاري هاڻوڪي صورت ورتي ۽ اهو نظريو ڳچ عرصو هليو جنهن کي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پڻ پنهنجي ڪتاب “سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ” (1956ع) ۾ هٿي ڏني ۽ صفحي نمبر 8 تي لکيو ته، “سنسڪرت مان پالي ۽ ٻيون پراڪرت ٻوليون پيدا ٿيون، جي پوءِ ڦري سنڌي هندي ۽ گجراتي وغيره ٿيون” ۽ اهو به چيائين ته، “سنڌي سنڪرت جي لائق ڌيءَ آهي سنڌي ۽ سنسڪرت جي صوتي ۽ صرفي هڪ جهڙائي ثابت ٿي ڪري ته سنڌي سنسڪرت جي شاخ آهي”.
ڀيرومل صاحب جي انهيءَ بيان کان پوءِ 1959ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ مقالي ۾ انهيءَ جي خلاف بيان ڏنو سندن مطابق ته، “سنڌي ٻولي بنيادي طور سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل نه آهي بلڪه سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي”. اهڙيءَ ريت وري هڪ نئين تحقيق لاءِ ميدان هموار ٿيو، ڊاڪٽر صاحب اهو به چيو ته، سنڌي اوائيلي آريه ٻوليءَ مان نڪتي آهي ان کان اڳ جا سنڌ ۾ ٻولي هئي ساشايد سامي صفت هئي، ڇو ته سنڌ جي پراڻي تمدن ۾ سمير ۽ بابل جي تمدن وارين ٻولين ۽ سامي صفت ٻولين جا ڪي اجزا پڻ شامل آهن.
ٽرمپ صاحب، ديوان ڀيرو مل ۽ ڊاڪٽر نبي بخش کان پوءِ سراج ميمڻ 1962ع ۾ پنهنجو نظريو سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد مطابق جيڪو ڏنو سو وڏي سوچ ويچار ۽ کوجنا کان پوءِ ڏنائين (اهو علمي بحث ٽماهي مهراڻ جي پرچن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش ۽ سراج صاحب جي وچ ۾ هليو).
سراج صاحب جي خيال مطابق، “سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڄائي نه پر ان کان پهرين جي آهي ۽ سنسڪرت سنڌيءَ جي ڄائي آهي”.
انهيءَ کان پوءِ سراج ميمڻ جو ڪتاب “سنڌي ٻولي”، ڇپيو جنهن ۾ اهو نڪتو واضح ٿيو هو، ۽ هن گهڻن مثالن ۽ دليلن سان پنهنجو موقف بيان ڪيو آهي. هندستان مان ليليٰ رامچنداڻيءَ جو مقالو، “سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس” شايع ٿيو جنهن ۾ پڻ انهيءَ موضوع تي ٽيڪا ٽپڻي ڪيل آهي پر ڪوبه حتمي نتيجو ڏنل ڪونهي، پر فيسر علي نواز حاجن جتوئي هن ڏس ۾ ڪتاب، “سنڌي صحيفو” 1962ع ۾ لکيو ۽ پوءِ سندس مقالو، “علم لسان ۽ سنڌي زبان” ڇپيو جيڪو پڻ هن ڏس ۾ اهم آهي پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي پنهنجي ڪتاب A History of Sindhi literature ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي کوجنا بابت لکيو آهي.
ان کان سواءِ جيرام داس دولت رام، پروفيسر محبوب علي چنا، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻين هن ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي، خاص طور الانا صاحب جو ڪتاب “سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد” هن سلسلي ۾ اهم ڪڙي آهي جيڪو 1974ع ۾ شايع ٿيو. پوپٽي هيرا ننداڻي “ڀاشا شاستر” نالي ڪتاب 1960ع ۾ لکيو ته، “سنڌي سنسڪرت مان نڪتل نه آهي پر سنڌي ۽ سنسڪرت ٻنهي جو بنياد ساڳيو آهي ٻنهي جو سر چشمو سنڌو ماٿر جي اصل آريائي ٻولي آهي”. (ص-265)
ڊاڪٽر الانا صاحب سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ۾ انهيءَ نتيجي تي پهتل آهي ته، “سنڌي ٻولي ڪنهن به سامي صفت ٻوليءَ مان ڦُٽي نه نڪتي آهي، سنڌي ٻولي بنيادي طور غير آريائي زبان آهي، جنهن کي سئندو ٻولي يعني سنڌي ٻولي چئي سگهجي ٿو”.
فنس ۽ روسي ماهرن جي راءِ موجب دراوڙي ٻولين ۽ موهن جي دڙي جي قديم ٻوليءَ ۾ هڪجهڙائي آهي، تنهن ڪري ايئن چئبو ته دراوڙي ٻولين جي موهن جي دڙي جي ٻوليءَ سان ڪا نسبت آهي ۽ اهو به چيو اٿن ته سنڌي ٻولي آرين جي اچڻ کان اڳ موهن جي دڙي واري قديم تهذيب جي ٻولي هئي اها سنسڪرت جي شاخ نه آهي پر سنڌي سنسڪرت ۽ لهندا ٽنهي جو اصل بنياد قديم پراڪرت جي هڪ ئي لهجي يعني اڌيچيه لهجي جو هڪ محاورو وراچڊ اپڀرنش آهي.
مطلب ته الانا صاحب سنڌي ٻوليءَ کي غير آريائي زبان ۽ سئندو ٻولي يعني سنڌي ٻولي سڏيو آهي، جا بنيادي طور توراني خاندان جي ٻولين خاندان سان واسطو رکي ٿي. ساڳيءَ ريت ڊاڪٽر فهميده حسين پڻ 25 مارچ 2009ع تي هڪ ليڪچر ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ اها ساڳي ڳالهه ورجائي ته، “سئنڌوئي اها ٻولي آهي، جنهن مان سنڌو ماٿريءَ جون سڀ ٻوليون ڦٽي نڪتيون آهن، سنڌي به انهن مان هڪ آهي سئنڌوئي سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ آهي”. موجوده دور ۾ ڏيهي ۽ پر ڏيهي عالم هن ڏس ۾ تحقيق ڪري رهيا آهن، اميد آهي ته اڃا به وڌيڪ ڪي نوان گس ظاهر ٿيندا.

زبان قوم جو آئيندو آهي. يا جنهن زبان ۾ ماءُ ڏني لولي سا زنده رهندي

ڪا به، ٻولي انساني خيالن، سوچن ۽ جذبن جي زبان، هئڻ سان گڏ ثقافت، واپار، تعليم ۽ روزگار جو اهم ذريعو هوندي آهي. انسان جو پوريءَ دنيا جي انسانن، چرندن، پرندن ۽ جانورن سان سٻنڌ، ٻوليءَ سان سلهاڙيل آهي. هر ٻولي پنهنجي پنهنجي ملڪ، علائقي يا تر جي نمائندگي ڪندڙ هجي ٿي. جنهن سان انهيءَ جڳهه جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. ڪنهن به قوم جي ٻوليءَ جو مطالعو معنيٰ ان قوم، ان ملڪ، ان ملڪ جي ماڻهن، معاشري، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو مطالعو آهي. دنيا ۾ تقريباً ست هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ انهن جا ڪيترائي لهجا آهن. لساني ماهرن موجب ته انهن ٻولين ڳالهائيندڙن جي لهجن مان سندن علائقي جي سڃاڻپ ٿيندي آهي يعني ته فلاڻو ماڻهو فلاڻي علائقي سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ سان ان علائقي جي، انهيءَ ملڪ جي ثقافت جي به خبر پوي ٿي. مطلب ته زبان قوم جو آئيندو آهي. ڪنهن به قوم جو زنده رهڻ ۽ شناخت انهيءَ قوم جي ٻوليءَ جي زنده هئڻ تي دارو مدار رکي ٿي.
دنيا ۾ الائي ڪيتريون ٻوليون هر سال ختم ٿي وينديون آهن يا ٻين لفظن ۾ انهن ٻولين جو موت ٿي ويندو آهي. انهيءَ جو سبب انهيءَ ٻوليءَ کي نه واپرائڻ آهي ۽ انهيءَ ٻوليءَ جا اصل وارث غلام ٿي وڃڻ يا قدرتي آفتن جي اثر هيٺ ان هنڌ جو زوال اچڻ آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي سبب آهن پر جيستائين ڪنهن ٻوليءَ کي ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ، ۽ وڻج واپار ۽ ٻين تمدني ذريعن ۾ استعمال ڪرڻ موجود هجي ٿو. تيستائين انهيءَ ٻوليءَ جوآئيندو مضبوط هجي ٿو. دنيا جي هر زبان انهيءَ زبان جي ڳالهائيندڙن يعني قوم جو آئيندو آهي. جيستائين انهيءَ قوم جون نسلون انهيءَ ٻوليءَ کي جيارينديون پيون، تيستائين اها ٻولي قائم ۽ دائم رهندي.
سنڌي ٻولي هڪ بڻائتي ۽ قديم شاندار ماضي رکندڙ سدا حيات ٻولي آهي، پر افسوس هن ٻوليءَ سان پاڪستان ٺهڻ بعد گهڻائي ڪلور ٿيا آهن. پاڪستان جي علائقائي ٻولين ۾ سڀ کان وڌيڪ علمي ۽ ادبي خزانو سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي پر ڏينهون ڏينهن هن مٺڙي ٻوليءَ جي پڙهندڙن ۾ نوجوان نسل جو ڳاڻيٽو گهٽجي رهيو آهي. جڏهن ته آباديءَ جي لحاظ کان سنڌ جي آباديءَ ۾ سٺو اضافو ٿيو آهي پر سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ وارن ۾ ڪمي اچي رهي آهي. هن پياري مادري ٻوليءَ ۾ اهو ڇو ٿي رهيو آهي؟ ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ڇا اڄ اسان جو حال به هندستان جهڙو ٿيڻ وڃي رهيوآهي. جتي سنڌي ٻولي آئيني حيثيت هوندي به لکجڻ، پڙهجڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ گهٽجي رهي آهي ۽ ڪي محدود پراڻا ليکڪ ۽ شاعر بچيا آهن جي اُتي سنڌيءَ کي جيارڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. ڇا اسان وٽ به ان ريت ٿيندو جو جنهن ٻوليءَ ۾ ماءُ لولي ڏني آهي، اها زنده ئي نه رهندي؟ اهو سوچڻ ۽ غور فڪر جو هنڌ آهي، اسان ڪهڙا اُپاءُ وٺون جو سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت مضبوط ٿيئي؟
سڀ کان پهريان ته اهو ڏسڻ گهرجي ته ڇا سنڌي ٻولي سنڌ صوبي ۾ تعليمي طور مڪمل رائج آهي يا نه؟ ٻيو ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ لاءِ ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن پيا؟ جيستائين سنڌ صوبي جو هر هڪ سنڌي، سنڌي ٻولي پڙهي لکي نه سگهندو ۽ علمي طور هن ٻوليءَ جي صحيح ڄاڻ نه رکندو تيستائين اها صحيح نموني پکڙجي نه سگهندي. دنيا جي هر ٻار جو بنيادي لساني حق آهي ته کيس مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي. گڏيل قومن جي چارٽر ۾ اهو ڄاڻايل به آهي. هاڻي سنڌ جي تعليم جي حوالي سان ڏسنداسين ته وڏو سنڌي طبقو ڳوٺن ۾ رهندڙ آهي جو بنيادي پرائمري تعليم کان به محروم آهي. روز ڪيترائي اسڪول کوليا وڃن ٿا، ڪيترائي ٻاهرين ملڪن کان به فنڊ ورتا وڃن ٿا ۽ سنڌ حڪومت پڻ تعليم جي مَدَ ۾ بجيٽ کي وڌايو آهي، پر پرائمري اسڪولن جو حال پورو سارو آهي.ا سڪولن ۾ ٻارن جي تعليم تي توجهه ڪانهي. گهوسٽ اسڪول ۽ ماستر ماسترياڻيون اڄ به موجود آهن. شهرن جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي. خاص طور ڪراچيءَ جي گهڻن اسڪولن ۾ جتي ڪيترائي سنڌي ٻار موجود آهن ۽ نه ئي ڳالهائي ٿي وڃي. شهري سنڌي ٻار اسڪولن ۾ انگريزي ۽ اردو ٿا ڳالهائين ۽ پڙهن، اڪثر گهرن ۾ پڻ والدين ٻارن سان انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ٿا ڳالهائين ته جيئن کين اسڪول ۾ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ دشواري نه ٿيئي ۽ ڳوٺن جي اسڪولن ۾ تعليم ئي معياري ڪونهي ته ٻولي ڪٿان جيئندي. هاڻي اچون ڪاليجن تي ته انهن جو حال پڻ ساڳيو آهي. ڪيترن ڪاليجن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا استاد ئي گهٽ آهن. ۽ خاص طور يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن ۾ شاگردن تي پهرين سال ۾ اردو سليس ۽ ٻئي سال ۾ سنڌي ڪمپلسري رکي وئي آهي. جڏهن ته اردو ميڊيم ٻارن کي ٻيئي سال اردو ڪمپلسري يعني “گلزار اردو” پڙهائي وڃي ٿي. ساڳيءَ ريت نائين ۽ ڏهين ۾ به آهي. سنڌي ميڊيم ٻار نائين ۾ سنڌي ۽ ڏهين ۾ اردو سليس کڻن ٿا. چار سالن ۾ سنڌي شاگرد فقط ٻه سال سنڌي پڙهن ٿا ۽ اڳيان اهي جڏهن پنهنجي ڪنهن ڪيريئر ۾ چونڊجڻ کان پوءِ چٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن لاءِ تياري ڪن ٿا تڏهن چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ۾ سنڌيءَ جو نصاب سندن مٿي مٿان لنگهي ٿو وڃي. نائين ۽ ٻارهين ۾ پڙهيل سنڌيءَ کان پوءِ هو ايم اي ليول جي سنڌي پي سي ايس ۽ سي ايس ايس ۾ ڪيئن ڏئي سگهندا. معنيٰ ته اسان غلط تعليمي نصاب جي طريقيڪار سان پنهنجي شاگردن لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي پڙهڻ ۽ لکڻ جا رستا روڪي ڇڏيا آهن. بي اي جو سنڌي نصاب تمام مختصر آهي. باقي يونيورسٽين کي ڏسنداسين ته اهو به عجيب نظارو ڏسڻ ۾ ايندو. سڀني يونيورسٽين ۾ جتي جتي سنڌي شعبا موجود آهن. اتي گهڻي ڀاڱي استادن جي پاڻ ۾ مقابلي واري فضا قائم آهي. جيڪا انهن يونيورسٽين جي ٻين شعبن ۾ ڏسڻ ۾ نٿي اچي. سنڌي استادن جي ذاتي عناد ۽ رنجشن ۾ اڪثر شاگردن جو پڙهائيءَ کان ئي روح کٽو ٿي وڃي پيو، ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون به مڪمل ڪري نه سگهندا آهن. ڪا به صحيح گائيڊ لائين نٿي ڏني وڃي. انهيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته پرائمريءَ کان يونيورسٽيءَ تائين سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جا گَسَ بند ٿيل آهن. سنڌي ٻوليءَ کي اسان غير مادري زبان وارن لاءِ سيڪنڊ لئنگويج طور سيکارڻ لاءِ ڪيترا به طريقا اختيار ڪيون پر پهرين اسان کي پنهنجي سنڌي ٻارن جي اندر ۾ سنڌيءَ کي اوتڻو پوندو. جيجل ماءُ جي ٻوليءَ جي لاءِ محبت پيدا ڪرڻي پوندي. اها تڏهن ٿيندي جڏهن ٻار ننڍي لاڪون ان کي پڙهندو، لکندو، سمجهندو ۽ منجهس ٻوليءَ جي لاءِ فطري محبت جو جذبو پروان چڙهندو ۽ سندس آسپاس اها پنهنجي وڏي وقار ۽ دٻدٻي سان موجود هوندي. چند گذارشون آهن جن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ قائم دائم رهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
1- سڀ کان پهرين ته موجوده وقت پنهنجي مائرن، ڀينرن ۽ ٻين گهر جي عورتن کي اها ترغيب ڏني وڃي ته هو پنهنجي اولاد سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائين، ۽ ٻوليءَ جي عظمت ۽ اهميت پاڻ به سمجهن ۽ اولاد کي به سمجهائين. ٻارن کي ننڊ ۾ سمهارڻ مهل کين سنڌي ٻوليءَ جون ڪهاڻيون ٻڌائين ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ دعائون ۽ لوليون ڏين. گهر ۾ سنڌي اخبارون ۽ رسالا گهرائي انهن کي پڙهڻ لاءِ آماده ڪن، جيڪڏهن اسڪولن ۾ صحيح طور نٿي پڙهائي وڃي ته ذاتي ڪوششون وٺي به ٻارن کي سنڌي ٻولي سيکاري وڃي جيئن ٻار اسان جو آئيندو آهي تيئن ئي ٻولي به اسان جو آئيندو آهي. ٻنهي جي واڌ ويجهه تي گڏ گڏ ڌيان ڏيڻ گهرجي.
2- خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائڻ واري مسئلي کي سنڌ حڪومت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي ۽ هر گهٽيءَ ۽ پاڙي ۾ کُليل انگريزي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پاڙهڻ يقيني بڻايو وڃي.
3- گورنمينٽ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي نصاب کي پڙهڻ لاءِ دلچسپ ۽ آسان بنائجي.
4- غير مادري زبان وارن کي سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ دلچسپ انداز ۾ ٻولي سکيا طريقي سان پڙهايو وڃي ته جيئن سندن شوق وڌي. آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽن ذريعي پڻ ان ڪم کي هٿي ڏجي.
5- ٻولين کي پڙهائڻ لاءِ ورڪشاپ ڪرايا ويندا آهن. سنڌي استادن کي اهڙي سکيا ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ ماهرن ذريعي ٻوليءَ جي سٽاءُ ۽ ساخت سمجهائي وڃي ۽ ٻولي سکيا پروگرامن ۾ ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ عملي طور پابنديءَ سان ڪوششون ڪيون وڃن.
6- سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ ان کي رابطي جي ذريعي ۾ عام جام آڻجي جيئن آفيسن جي لکپڙهه ۽ خط و ڪتابت، شهرن ۾ لڳل سائين بورڊ (جن ۾ اڪثر هِجِي جون غلطيون هونديون آهن) اخبارن، رسالن ۽ نصابي ڪتابن (خاص طور سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن ۾) غلطين تي ڌيان ڌريو وڃي ته معياري ڪتاب شاگردن ۽ پڙهندڙن تائين پهچن. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪيو وڃي. ايف بي تي سنڌي ٻوليءَ ۾ آيل غلطين تي توجهه ڇڪرائي وڃي. عام جڳهين شادين مرادين، غمين، مشاعرن، ادبي محفلن ۽ سيمينارن ۾ سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته اردو ۽ انگريزيءَ بدران نج سنڌي لفظن جي واهپي کي وڌائين ته جيئن ڪيترائي لفظ جيڪي ختم ٿي رهيا آهن اهي قائم رهن.
7- يونيورسٽين جي استادن کي گذارش آهي ته سنڌي شاگردن کي سنڌيءَ ۾ ماسٽرز، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ۾ همٿائين ۽ سندن جوڳي مدد ڪن. باقي هر ڪو شاگرد پاڻ وڃي ڪري اهو سوچيندا ته پوءِ توهان جو تجربو ۽ پيغمبري پيشو ڪيڏانهن ويو؟
8- علمي ۽ادبي سنڌي ڪتابن جي پٺڀرائي ٿيڻ گهرجي. انهن جي لکجڻ، ڇپجڻ ۽ وڪجڻ جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ هئڻ ضروري آهي. جو ٻولي ۽ ادب جو پاڻ ۾ وڏو سٻنڌ آهي. ٻنهي جو سماج جي ترقيءَ ۾ هٿ آهي.
سنڌي قوم هڪ ذهين ۽ سمجهدار قوم آهي جنهن ۾ ترقي حاصل ڪرڻ جي جستجو پڻ آهي، اسان جا ڪيترائي جوان ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي قوم جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن ته سنڌ اندر پڻ ڪوششون ٿين پيون هيءُ هڪ اهم قومي مسئلو آهي جنهن ۾ سستي ڪرڻ وڏو گناهه آهي. ساڃاهه وندن، اديبن، عالمن، مفڪرن، شاعرن، استادن، شاگردن ۽ والدين کي هن ٻوليءَ جي وڌائڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ اُپائڻ تي عمل ڪرڻ گهرجي.

سنڌي ادب ۾ سنڌي سماج جي هر دؤر جي تاريخ سمايل آهي

سنڌي ادب سنڌي قوم جي احساسن، ويچارن، رسمن، رواجن، سمجهه، سياڻپ، علم، عقل، شجاعت، بهادري ۽ ٻين انيڪ خوبين کي ڄاڻائي ٿو. ادب انساني سرگرمين ۽ عملن مان سڀ کان اثر انداز ٿيندڙ عمل آهي. جيئن ته اديب/ شاعر سماج جي معاملن مان جڏهن گذري ٿو يا سندس محسوسات عام ماڻهن کان وڌيڪ هئڻ سبب محسوس ڪري ٿو، تڏهن سندس ذهن انهن سماجي تبديلين، روين ۽ انساني اٿي ويٺين کي تمام اونهي مشاهدي سان پروڙي ٿو. انهيءَ ڪري اديب ۽ سماج گڏجي ئي ادب تخليق ڪن ٿا. ادب کي سماج جي پيداوار ۽ سماج جي هر دؤر جي تاريخ چئي سگهون ٿا.
ادب جي اوسر ٻوليءَ وسيلي ٿئي ٿي. ٻولي انساني اظهار جو ذريعو هئڻ سان گڏ ثقافتي ڪارڪردگيءَ جو حصو پڻ آهي. جا سماجي گروهن جي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سان وڌي ۽ ويجهي ٿي. لکڻ جو فن ٻوليءَ سان ئي لاڳاپيل آهي، ٻولي ئي آهي جنهن جي ذريعي ڪو شاعر يا اديب پنهنجي تحرير ۾ حُسن پيدا ڪري ٿو. ۽ ان ۾ هوُ ڪاميابي تڏهن ماڻي ٿو جڏهن ٻوليءَ جي سهڻي استعمال سان گڏ اهو ليکڪ پنهنجي سماج سان ڪميٽيڊ هجي، ڇو جو ٻوليءَ جي جيتري قومي، علمي اهميت آهي ايتري ئي سماجي ۽ ادبي اهميت آهي، سماجن جي وڌڻ ويجهڻ، سڌرڻ ۽ سنورجڻ ۾ ادب جو وڏو هٿ آهي. ادب جي تخليق سان سماج ۾ وڏي هاڪاري تبديلي ايندي آهي “ادب” عربي ٻوليءَ جي لفظ “مادبة” مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ مهمان نوازي آهي. جا سهڻي اخلاق جو حصو آهي. اڳتي هلي ادب جو لفظ تهذيب ۽ اخلاق جي معنيٰ سان گڏ ٻوليءَ ۾ شائستگي، فضيلت، فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ سادگيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو. سنڌي ادب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن سان گڏ سنڌي سماج جي هر دؤر جو عڪس چٽو موجود آهي. شاهه لطيف فرمائي ٿو ته:
جيڪين ڏٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏيين،
گهر وَرَن سان هوند، گهڻين گهوري ڇڏيا.
سنڌي ادب ۾ سنڌي قوم جي تهذيب ۽ تمدن جي صدين جي تاريخ سمايل آهي. جا سنڌي ادب جي نثر ۽ نظم ۾ چڱيءَ پر پسي سگهجي ٿي. دنيا جي هر ادب جيان سنڌي ادب پڻ نثر ۽ نظم ۾ ورهايل آهي. نظم يعني شاعريءَ جا شروعاتي اهڃاڻ، سومرن جي دؤر جي ڳيچن، ڳاهن ۽ گنانن معرفت ملن ٿا. بيت جي صنف پڻ دوهي، سورٺي ۽ سورٺي دوهي جي صورت ۾ ملي ٿي. سنڌي بيت کي شاهه ڪريم، قاضي قاضن، خواجه محمد زمان، شاهه عبداللطيف، شاهه عنايت، سچل سائين، بيدل، بيڪس، کان موجوده دؤر تائين جي ڪيترن شاعرن جيئن، بيوس، اياز، تنوير عباسي، شمشمير الحيدري، استاد بخاري، گدائي، احمد ملاح، ادل سومرو، اياز گل ۽ ٻين ڪيترن لکيو، پر جيڪا هن صنف کي ترقي نصيب ٿي، اها ڪلهوڙن جي دؤر جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي معرفت ٿي. بيت، گيت، وائي، ڪافي، غزل، دوها، قطعا، چوسٽا، نظم، آزاد نظم، نثراڻو نظم، هائيڪا، ترائيل، ٽه سٽا، سانيٽ، سنگيت، ڊراما ۽ ٻيون صنفون خاص طور لوڪ ادب جون سينگار، مدح، مناجات، معجزا، مناقبا، لوڪ گيت وغيره سنڌي ادب جي نظمي حصي جو شان آهن. ساڳيءَ ريت نثر جي حصي ۾ ڏند ڪٿائون، آکاڻيون، ناول، ناٽڪ، مضمون، مقالا، سفرناما، ڪهاڻيون، سوانح عمريون، آتم ڪهاڻيون، خاڪا، سفرناما، انٽرويوز، تقريرون، ساروڻيون، خط ۽ ڊائريون آهن جن ۾ هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ ڪتاب لکيا ويا آهن.
سنڌي نثر ۾ تاريخ، تنقيد، تحقيق، لسانيات، لطيفيات، لغت ۽ ٻين موضوعن تي پڻ ڪافي ڪم ٿيو آهي جنهن ۾ وڏو مقدار معياري ڪتابن جو شامل آهي.
سچو اديب يا شاعر پنهنجي دور جو ترجمان هجي ٿو. سندس قلم جي گرفت پنهنجي سماج جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي هوندي آهي. اسان جي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن مختلف دؤرن جي حوالي سان، سنڌ جي حالتن ۾ جيڪي نياءُ انياءُ ٿيندي ڏٺا وڏي واڪي بيان ڪيا، هُو نه هٻڪيا نه ڊڄيا. کين مختلف مارشلائي دؤرن ۾ دٻائڻ ۽ چپ ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. اخبارن ۽ رسالن جا ڊڪليئريشن ڪينسل ڪيا ويا. سندن ڪتاب ضبط ڪيا ويا. هُو وڏي مالي نقصان ۽ نظربندين بعد پڻ وڏي حوصلي سان پنهنجي مؤقف ۽ اصولن تي اٽل رهيا. اهڙن ليکڪن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا دين محمد وفائي، ڄيٺمل پرسرام، فتح محمد سيوهاڻي، سراج ميمڻ، سائين جي. ايم. سيد، شيخ اياز، امر جليل، نجم عباسي، طارق اشرف، عبدالواحد آريسر، ابراهيم منشي، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻيا جن جيل وڃڻ قبول ڪيو پر حق جي آواز کي بلند ڪرڻ کان ڪونه مُڙيا. سڀ کان پهرين ته سنڌي سماج جي حالتن جي عين بين تصوير “شاهه جو رسالو” شمار ڪنداسين. هن عظيم شاعر پنهنجي فن ذريعي هن قوم کي نه فقط حال پر ماضيءَ جي ڄاڻ ڏني ته مستقبل جي آگاهي عطا ڪيائين. سندس قومي، انقلابي، صوفياڻي رنگ ۾ رنڱيل آفاقي شاعري وطن دوستي، انسان دوستي، ۽ محبت جو محرڪ آهي.
انهيءَ کان پوءِ جيڪڏهن سنڌ جي جديد شاعرن جي سرتاج شيخ اياز جي شاعريءَ کي پروڙينداسين ته سندس هر بيت، هر غزل، هر نظم، هر وائي، هر گيت، سنڌ جو آواز آهي. سنڌي سماج جي مسئلن کي ڳايو اٿس ته قوميت جي احساس ۾ قوم کي رنڱيو اٿس. گڏ محبت ۽ مجاز جا رومانوي گيت پڻ هن سڻايا آهن. سنڌ سان واسطو رکندڙ هر هڪ شيءِ کي اُتم ڄاڻايو اٿائين، تڏهن ته چيائين ته:
1- او ڌرتي ماءُ تنهنجي کهه، منهنجون اکيون،
2- ڳوڙها ڳاڙ نه سنڌڙي، وري ورندو واءُ،
3- سنڌڙي تنهنجو ساهه، جرڪيو منهنجي جيءَ ۾.
مطلب ته اياز جي سڄي شاعري قومي انقلاب جو آواز آهي، هن سنڌ جي مسئلن کي سمجهيو ۽ سنڌي قوم جو آواز ٿي بيٺو. سماج جون غير برابريءَ واريون اقتصادي حالتون، طبقاتي ڪشمڪش کي جنم ڏينديون آهن ۽ اديب انهن کي گهرائيءَ سان محسوس ڪندو آهي. ظالمن جي مخالفت ۽ مظلومن جي مدد جديد علم ۽ ادب جو عام رجحان آهي. شيخ اياز پاڪستان ۽ هندوستان جو ورهاڱو ڏٺو، ته سنڌ جي وسيلن تي اسلام جي نالي تي قبضا ٿيندي ڏٺائين، 4 مارچ، ٺوڙهي ڦاٽڪ ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا واقعا جي سنڌ جي حقن جي لاءِ اصولي جنگ هئا، انهن جو هُو عيني شاهد هو. هن ڏکين وقتن کي سنڌ تي محسوس ڪيو ۽ پنهنجي دِلي جذبن جو اظهار ان ريت ڪيائين جو سندس شاعري امر ٿي ويئي. ساڳيءَ ريت استاد بخاري، تنوير عباسي، امداد حسيني، غفار تبسم ۽ ٻيا ڪيترا اسان جا شاعر آهن جن هن ڌرتيءَ جي سکن ۽ ڏکن، محرومين ۽ محبتن، ترقيءَ ۽ تنزليءَ کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. سندن وقتائتو آواز جهر جهنگ ۾ مشهور ٿي ويو.
ڪيترائي سنڌي ناٽڪ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان پيش ٿيا آهن جن ۾ سنڌ جي حالتن جي عڪاسي نظر اچي ٿي، پر ميڊيا تي پيش ٿيندڙ هن نثري صنف ۾ ڪٿي ڪٿي مبالغه آرائي پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي جو ڊرامو ڪمرشلائيز ٿيندڙ آهي. سنڌي ادب جون ڪيتريون ڪهاڻيون ڏسنداسين ته انهن ۾ سنڌي قوم جي سوچن، وهمن، وسوسن، ڏکن، سکن، ريتن رسمن ۽ خيالن جا عڪس ملندا. لوڪ ڪهاڻيون سنڌي قوم جي شجاعت، محبت، سياڻپ، سمجهه، بلند خيالي ۽ ذهني لاڙي جي ڄاڻ ڏين ٿيون. جن مان نه فقط عشق ۽ اُلفت جا داستان ملن ٿا پر گڏوگڏ سنڌي لغت جي وسعت جي به ڄاڻ ملي ٿي. انهن ۾ ڪيترائي ادبي ۽ اخلاقي نقطا ڄاڻايل آهن سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا، اصطلاح ۽ چوڻيون هڪ اڻ ملهه خزانو آهن. جي سنڌ جي سچائيءَ ۽ صداقت واريءَ حياتيءَ جي ترجماني ڪن ٿا. جيئن مثال طور:
ڏکڻ مينهن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي،

ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، جي هڻي ته جهوري.

هڪ مڪمل ادبي ۽ آسودي زبان ۾ پهاڪا هئڻ لازمي امر آهي. مطلب ته لوڪ ادب سماجي حقيقتن کي وائکو ٿو ڪري ۽ عوام جي جذبن، احساسن ۽ امنگن جي واضح تصوير آهي. سنڌي لوڪ ادب جا عنوان تمام وسيع آهن، جن جو مثال دنيا جي علم ۽ ادب ۾ ملڻ مشڪل آهي.
ڏور ڏٺ ڳولڻ، آهن ڪم سپورن جا،
هنر ۾ حرفت گهڻي، تنهن وڌ دراها،
سينگار سياڻپ ٿو گهري، ڪي هجن ڳولاوا،
معجزا نبين جا ٿيا، ڪرامتون اولياء.

مطلب ته ادب ۾ لوڪ ادب ماڻڪ موتيءَ مثل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش چواڻيءَ ته: “ اهي پٺيءَ اگهاڙا، پيرن پيادا، جڏهن سادن خيالن جي بلنديءَ ۾ صاف سينن مان املهه ماڻڪ هاريندا، تڏهن سڀ دنگ رهجي ويندا.”
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

اسان جا اهي سگهڙ، سگهڙائپ جي فن جون روايتون پنهنجن سينن ۾ کڻي مدفون ٿي ويا آهن، پر وري به سندن پونئيرن وٽ ڪي قدر اثاثو آهي جو موجوده وقت پڻ ڪجهه پڙاڏا ٻڌجن پيا.
پهرين سنڌي اخبار “معين الاسلام” 1861ع هئي جنهن کان پوءِ هيستائين انيڪ اخبارون نڪتيون آهن، جن ۾ الوحيد، ڪاوش، عبرت، هلال پاڪستان، صداقت، سوڀ ۽ ٻيون آهن، جن ۾ وقت به وقت مختلف مضمونن ۽ ادارين معرفت سنڌ جي مسئلن طرف ڌيان ڇڪايو ويندو آهي. مضمون ۽ڪالم اخبارن جي جان آهن ۽ اخبارن ۽ رسالن معرفت ڪيترا ناول، سفرناما، آتم ڪهاڻيون قسط وار شايع ٿيون آهن ته اهي ڪتاب الڳ پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. سنڌي ادب ۾ زينت، سانگهڙ، پڙاڏو سوئي سڏ، همه اوست، موئن جو دڙو ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ناول ڇپيا آهن جن سنڌ جي تاريخي دؤرن کي شاندار نموني پيش ڪيو آهي ته سماجي حياتيءَ جي عين بين تصوير ڏني آهي. ڪيترائي ڪهاڻين جا مجموعا جيئن، سفيد وحشي، پشو پاشا، بلو دادا، آب حيات، نسيم کرل جون ڪهاڻيون، علي بابا جون ڪهاڻيون، ڪيڏارو، دل جي دنيا، تاريخ جو ڪفن ۽ ٻيا ڪتاب آهن جن جي لکندڙن پنهنجو رت ۽ ست ڏيئي سنڌي ادب کي هڪ مستقل صورت عطا ڪئي آهي. سنڌي سفرنامو ورهاڱي کان پوءِ باقاعدي لکجڻ ۾ آيو ۽ خوب لکيو ويو. الطاف شيخ کان ماهتاب محبوب، فهميده حسين ۽ ٻين تائين شاندار سفرناما لکيا ويا آهن جن ۾ اڪثر ٻاهرين دنيا جي سنڌ جي حالتن سان ڀيٽ پڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. مطلب ته لکندڙن سنڌ کي وساريو نه آهي. بهترين آتم ڪهاڻيون ۽ سوانح عمريون، جيل ڊائريون ۽ ٻيا ڪتاب سنڌي ادب جو شانُ آهن. جن مان اهم ايوارڊ يافته ڪتابن کي اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي ته اسان جي قوم جي اديبن، عالمن ۽ شاعرن جا ويچار سڄيءَ دنيا تائين پهچن. حاصل مطلب ته سنڌي ادب سنڌي سماج جي حالتن جي مڪمل تصوير آهي ۽ هلندڙ وقت ۾ به نوان لکندڙ وزنائتو لکي رهيا آهن ۽ هيءُ سفر جاري ۽ ساري آهي.

لطيف ۽ سچل جي ڪلام ۾ انسان شناسي

هن جڳ ۾ انسان فرد واحد بذات خود ڪجهه به نه آهي، جيڪي ڪجهه آهي، اهو آهي، “انسانيت جو واسو”. جو هن سماج جي لاءِ ۽ انسان ذات جي ڀليءَ اوسر لاءِ اهميت جوڳو آهي. دنيا ۾ هيستائين جيڪي به پيغمبر، ولي، نبي، دانشور، مفڪر، اديب، شاعر، آيا آهن سي سڀ ڄڻ هن دنيا جي سماجن لاءِ سماج سڌارڪ ٿي انساني برابريءَ کي قائم رکڻ جو پيغام کڻي آيا آهن ۽ انهن وقت به وقت پنهنجي پنهنجي نموني هڪ بهترين سماج جي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. انساني حقن جي سجاڳيءَ لاءِ مسلسل جدوجهدون ڪيون آهن ۽ جنهن جي لاءِ کين وڏيون تڪليفون پڻ وٺڻيون پيون. پر هو همٿ ۽ دلجمئيءَ سان پنهنجي اصولن تي قائم رهيا. اهڙن سماجي مفڪرن ۽ ماهرن ۾ سنڌ جي صوفي شاعرن جو وڏو حصو آهي، خاص طور هتي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جو ذڪر ڪجي ٿو، جن سنڌي سماج ۾ اڻ برابري ۽ استحصالي حالتن بابت شعور ڏنو.
لطيف سائين انسانيت جو علمبردار شاعر چئجي ته به بجا ٿيندو. سندس سڄي شاعري انسانيت جي شاعري آهي، جنهن جي هر لفظ ۾ انسان دوستي، جدوجهد ۽ خوشحاليءَ جا خواب ۽ امن جا پيغام آهن. سکن جي آرزوءَ سان گڏ ڏکن لاءِ بيزاري نه پر ڏکن کي ئي سکن جي اچڻ جو ڪارڻ ڄاڻايل آهي. هن وٽ سڄيءَ سنڌ لاءِ ته بي حساب پيار آهي، پر پوري عالم لاءِ نيڪ خواهشون ۽ سکن جي چاهنا آهي، چوي ٿو ته،
سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
(سارنگ 4-6)
سندس شاعري ڪنهن هڪ دؤر ۽ هڪ ماحول جي نه پر سنڌ جي تاريخ جي هر دؤر جو احاطو ڪيل ۽ هتان جي پَل پَل جي ڄاڻ ڏيندڙ آهي. هيءُ همه گير انسانيت جو پيام سنڌ جي هر باشندي ۾ بلا امتياز ۽ رنگ نسل جي مقبول آهي. لطيف جو جنم جنهن تاريخي دؤر ۾ ٿيو اهو جاگيرداراڻي نظام جو دؤر هو. پاڻ سنڌ جي پراڻي اوج واري تهذيب ۽ ثقافت جو نه فقط ڄاڻو هو پر خوشحال سنڌ جي ماضيءَ جي کيس ڀليءَ ڀت خبر هئي، هن پنهنجي دؤر جي ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف ۽ ٻٽي طبقاتي نظام خلاف آواز اٿاريو. ماڻهن جي سورن کي سهندو ڏسڻ سندس لاءِ محال هو. هو اقتداري قوتن کان ڊڄندڙ نه هو. وٽس ڌن، دولت، اقتدار، طاقت، شان و شوڪت ۽ دٻدٻي کان وڌيڪ ماڻهپي ۽ انسانيت جي اهميت هئي. هو غير انساني روين ۽ استحصالي هٿڪنڊن کي نه صرف نفرت جوڳو ٿو قرار ڏئي پر هڪ درجو اڃا به وڌي کين بددعائون ٿو ڏئي، جو سندس نظر ۾ انسانيت دشمن انسان کي هن ڌرتيءَ تي هئڻ ۽ رهڻ جو ڪو به حق حاصل نه هئڻ گهرجي. اهڙي ماڻهن جو جيئڻ، هن زمين تي رهندڙن لاءِ هاڃيڪار آهي. فرمائي ٿو ته:
جن مهانگي لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
پنجن مان پندرهن ٿيا، ايئن ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان، شال موذي سڀ مرن،
وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چي سڀن، آهي آسرو تنهنجو.

(سر سارنگ 4-16)
لطيف جي سڄي شاعري انساني قدرن ۽ حقن جي پرچار آهي. وٽس انساني ترقيءَ لاءِ دعائون آهن. هُو انهن غريبن، ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جو ساٿي آهي، جي “آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏيهاڻي”، هُو نه امير امراءُ آهن ۽ نه ئي وڏو مال متاع رکندڙ آهن. لطيف سائينءَ جو. آواز پورهيتن جي سگهه آهي. لطيف کي خبر هئي ته ڀاڳ تي ڀاڙي ويهڻ وارا ويهي رهندا آهن، ان ڪري کين اڳيان وڌڻ جي ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات جي ڄاڻ ڏيڻ وقت جو تقاضو سمجهيائين. هن پنهنجي قومي، مزاحمتي، صوفياڻي ۽ انقلابي شاعريءَ ۾ سڄيءَ انسانيت لاءِ اها پڪار ڏني ته بديءَ تي بڇ ڪريو، نيڪيءَ جي تلاش ڪريو، انسان دوست ٿيئو، عوام دوست ٿيئو، ڏاڍ آڏو نه جهڪو، آزاديءَ سان پيار ڪيو ۽ هڪ ٿيئو.
وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

هُو ماڻهنئان چوي ٿو ڪنهن خاص قوم يا ملڪ جي لاءِ نٿو چوي. هُو فقط سنڌ جي ڳالهه نٿو ڪري، ڪُل عالم جي ڳالهه ٿو ڪري. هو هندو ۽ مسلم، عيسائي مطلب ڪنهن به مذهب جي ڳالهه نٿو ڪري. سندس مذهب فقط انسانيت آهي، لطيف هڪ ڪامل انسان ٿيڻ جو ڏس ٿو ڏئي، اهڙو ڪامل انسان، جنهن جي هر سوچ ۽ هر خيال ۾ انساني خوشحاليءَ جي چنتا هجي ۽ عملي طور عمل پيرا پڻ هجي. اهو ڪامل انسان، اگهن جي مدد ڪندڙ، بُکين ۽ بي پهچن جو ٻانهن ٻيلي هجي. سندس هر رويو هر عمل سچيءَ محبت جي جذبي سان سرشار هجي. اهڙو ڪامل انسان ئي انسان دوست آهي. بي ريا ۽ بي لالچي، اهڙن لاءِ چوي ٿو ته:
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي کڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ريءَ.

شاهه سائين صوفي بزرگ هو، صوفي ازم جو اهم متوئي انسان دوستي آهي. اهڙي انسان دوستي جنهن ۾ توهان مان ڪنهن کي به اهنج نه پهچي. بلڪه سڀني لاءِ لاءِ دعاڳو هجو. سُڪار جو گهرجائو هيءُ عظيم شاعر ڏيهه تان ڏک ۽ ڏولاوا لهڻ جو تمنا ئي آهي.
بَرَ وٺا، ٿَرَ وٺا، وٺي ڪَڇَ ڪنار،
پونياڙيءَ پٽن تي، ڏس! نايائُون نارَ،
سٻاجهي سَتارَ، لاٿا ڏرتَ ڏيهه تان.

(سارنگ 1-15)
پوري ڏيهه تان ڏک لهڻ، پوري عالم لاءِ آباد ٿيڻ جون دعائون گهرڻ ۽ ان جي صدقي سنڌ جي ستابي ٿيڻ جون دعائون گهرڻ. اها ئي سندس انسانيت لاءِ سچائي هئي. هو مذهبي پيشوائن جي روپ ۾ ٺڳن جي ٽولي کي چڱيءَ پر سڃاڻي ٿو ۽ سندن لاءِ چوي ٿو ته:
اورائين اوڄون ڪري، منجهايا مُلن،
سي پرينئون پاسي ٿيا، ٿا ڳهه ڳهه ڳالهيون ڪن،
ساهان اوڏا سپرين، لوچيو تان نه لهن،
دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن مٺن جئن.

(يمن ڪلياڻ-5)
ايئن به چوي ٿو ته:
گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي،
ڦٽل او ڦوڳي، جنين شڪم سانڍيا.

انسان جي لاءِ، انسانيت جي ڀلي لاءِ اهم جذبو پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ سان پيار جو جذبو آهي. جو ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان سچو ڪونهي، اهو پوءِ دنيا جي ڪنهن به سر زمين تي سچائيءَ سان رهي ڪونه سگهندو. شاهه لطيف انهيءَ لاءِ وڏي واڪي سمجهايو آهي ته:
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين هوءِ، وطن جن وساريو.

هن آدرشي انسان وٽ انسان دوستيءَ جو معيار سچ آهي. ڪوڙ ۽ ڪپت کان کيس نفرت آهي. سندس موجب ته، عشق ۾ سچائي گهرجي چاهي اهو عشق دين جو هجي يا دنيا جو، علم جو هجي يا عبادت جو، عشق الاهي هجي يا مجازي پر همٿ سان ۽ سچائيءَ سان ڪاهي وڃڻو آهي. سهڻيءَ کي تلقين ڪندي چوي ٿو ته:
عشق جنين کي آڪَرو، تُرهو مٿي تن،
جي ساهڙ کي سڪن، تنين جر جنڊ ٿيئي.

(سر سهڻي، 1-32)
همٿ ۽ جدوجهد، انساني ترقيءَ جا اهم اهڃاڻ آهن. لطيف سائينءَ موجب ته:
جبل ماري جَکَ، جو اوڏو آريچَنِ کي،
توڻي لَڪَن لَکَ، سڀ لنگهنديس سِڪَ سين.

(ديسي، 5-8)
ڏورڻ، پسڻ ۽ جستجو اهو ئي فلسفو آهي انساني زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو، ويٺن تان واري ورندي. اهڙو سماج ئي اڳيان وڌنڌو ۽ مهذب سڏرائيندو جتي ڏکن، مفلسين ۽ جهالتن جون پاڙون پٽجي وڃن. شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جا بجا اهڙيون هدايتون ڪيون آهن ۽ سڄيءَ دنيا جي لاءِ دعائون گهريون ۽ انسان ذات کي هاڪاري روين لاءِ همٿايو آهي.
شاهه لطيف جيان ئي اسان جي ٻي اهم شاعر حضرت سچل سرمست جو ذڪر هتي ڪنداسين، جنهن جيڪو اظهاريو اهوسچ ئي سچ ٿي آيو. هُو سنڌي زبان جو هڪ اعليٰ پايي جو صوفي شاعر آهي. هن جيڪي جرئت، همٿ ۽ بي باڪيءَ سان پنهنجي شاعريءَ معرفت حق شناسيءَ جا سبق ڏنا سي سنڌي ادب ۽ قوم لاءِ هڪ اڻ مُلهه سرمايو آهن. هو انسان جي انفرادي حيثيت کي امر ۽ اعليٰ بنائڻ جو سبق ٿو ڏئي. سچل سائين حق جو طالبو، حق جو پارکو ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو سبق ڏيڻ سان گڏ خودشناس، خدا شناس ۽ انسان شناس آهي.
خود شناس و خود شناس و خود شناس،
دو پرڪن از خويشتن اين عبدي لباس.

هو ظاهر ظهور پاڻ سڃاڻڻ يعني “پرڀو سڃاڻڻ” تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو. سندس موجب ته پهرين پاڻ کي سڃاڻو، جڏهن انسان پاڻ کي سڃاڻي ٿو تڏهن کيس انساني قوتن، خيالن ۽ شيطاني غلبن جي ڄاڻ پوي ٿي، پوءِ ئي دنيا کي به سمجهي سگهي ٿو ۽ ٻين کي ڪاراهه سُجهائي سگهي ٿو. انساني زندگيءَ ۾ نفس جو ضابطو ئي سندس اصل امتحان آهي. دنيا جا وڏا انسان جيڪي به ٿي گذريا آهن انهن سڀني نيڪ خيالن ۽ سوچن ۽ نيڪ عملن کي حياتيءَ ۾ ترجيح ڏني آهي، جن سان ڪل ڪائنات ۾ ڀلايون ۽ ڀال ٿين. سچل سائينءَ جو شمار پڻ اهڙن نيڪ انسانن ۾ ٿئي ٿو. هن بي باڪيءَ ۽ رنديءَ جي عالم ۾ صوفياڻي شاعري پيش ڪئي آهي. اها درد و سوز، فراق ۽ جدائيءَ جو اثر انگيز بيان ته آهي ئي آهي، پر ان ۾ هُن انسان شناسيءَ جو ڳوڙهو اڀياس پيش ڪيو آهي. جنهن جو وڏو ثبوت انهيءَ پيشڪش ۾ جرائت مندانه سچائيءَ جي انتها آهي. سندس فلسفو ۽ فڪر تصوف سان ٽمٽار آهي، ۽ هو انسان سان محبت جو قائل ۽ ساڻس ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف آواز آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي ته، “سچل سرمست رحه انسان جي عظمت جو پرچارڪ ۽ حامي هو، اهو ئي سبب آهي جو انسانيت کي ڇيهو رسائيندڙ رسمن ۽ رواجن خلاف بغاوت جو اعلان ڪندي، هن ڀير تي ڏونڪو هڻي جنگ جو اعلان ڪيو، انسانن کي پاڻ سڃاڻڻ وارو سبق ڏيندي غلامي ۽ ٻانهپ واري ذلت ڀري زندگي کان ڇوٽڪارو ڏياري کين عظمت ڏياري.”
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو،
پاڻ بيگانو مول نه ڄاڻين، آهين يار يگانو،
وهم “سچل” ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهانو.
سچل جو فڪر خوديءَ کي ماري پنهنجي نفس کي سڃاڻڻ جو آهي. هو سهڻائيءَ سان پنهنجي رب کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪري ٿو ۽ ڄاڻائي ٿو ته اهو ئي حق جي وحدت جو وجود آهي. پروفيسر عطا محمد حامي چوي ٿو ته:
سو سچل سرمست صوفي، سنڌ جو سردار هو،
وقت جو منصور بيشڪ، مرد منصبدار هو.
سربسر ثابت ڪيو، جنهن حق جي وحدت جو وجود،
جنهن صفا ٽوڙي ڇڏيو، باطل جي رسمن جو نمود.
(حامي)
سچل سائينءَ، ڀٽائي صاحب جي سندن لاءِ ڪيل پيشنگوئي ته “جيڪو ڪنو اسان چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هيءُ نينگر لاهيندو” جو عملي ثبوت ڏنو. کلي عام تصوف جي فلسفي جي پچار ڪئي ۽ حق جو هوڪو ڏنو. سندس شاعريءَ ۾ عشق حقيقي جا جلوا آهن، مٿس شيخ فريد الدين عطار ۽ شمس تبريز جي فلسفي جو اثر آهي. فارسي شاعريءَ ۾ شيخ فريد کان گهڻو متاثر آهي. ان ڪري سچل سرمست کي “سنڌ جو عطار” سڏيو وڃي ٿو.
هي عظيم سماجي مفڪر، مذهبي فرقه پرستي ۽ دشمنيءَ جي ظاهر ظهور خلاف هو. وٽس هندوئن ۽ مسلمانن ۾ ڪو به ويڇو نه هو، چوي ٿو:
رام رحيم هِڪوهڪ سمجهين، موج محبت ماڻين،
ڪافر مومن گبر نصارو غير گمان نه آڻين،
خلق الانسان عليٰ صورت ٻول اهو ڄاڻين.

شاهه عبداللطيف جو ڪلام سچل سائينءَ کان اڳ جو آهي جو يقيناً وٽس پهتو. ان ڪري لازمي آهي ته سندس فڪر تي لطيف سائينءَ جو اثر ٿيو پر ته به سچل جي شاعريءَ جو جداگانه انداز آهي ۽ هن بيتن کان سواءِ ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل، مداحون، مرثيا، مناجاتون، قطعا، رباعيون، ڪبت ۽ جهولڻا چيا. گڏ گهڙوليءَ جي صنف جو موجد پڻ آهي. سندس شاعري سنڌيءَ سان گڏ، اردو، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ ملي ٿي، سچل جي سنڌي شاعريءَ کي پهرين عثمان علي انصاري جمع ڪري “سچل جو رسالو” جي عنوان سان شايع ڪرايو، سندس ڪلام سُرن ۾ ترتيب ڏنل آهي.
انسانيت جو آواز ٿي سچل جي شاعريءَ ڪيترن هندن کي مسلمانن جي ويجهو آندو. مذهب جي ظاهري نمونن ملڪ ۾ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو هو. هوانسانيت جي اصل مقصد کان هٽي ويا هئا. پنهنجي حق جي هوڪن سان، سچل ڄاڻايو ته مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا آهن. عشق وارا عمل کي اوڏا اچن اهو ئي رستو آهي، محبتن ونڊڻ جو. هو سر سارنگ وسيلي سڀني جي لاءِ موليٰ جي مهر مڱي ٿو.
پورب سندي پار جا، ڪڪر ڪارونڀار،
وڄن ۽ وڄڻ سان، چڙهن ٿا چوڌار،
اُڀي کي آبيندي، لڌئون سنڌڙيءَ سار،
ساوا ٿيا سنگهار، موليٰ سنديءَ مهر سان.

مطلب ته حضرت سچل سرمست ۽ لطيف سائينءَ جو ڪلام انسانيت جي ڀلائيءَ ۽انسان شناسيءَ جي اُپٽار سان ٽمٽار آهي، هوٻئي تصوف جي راهه جا راهي رهيا. جيئن ته، صوفي با عمل ۽ برسر روزگار مجاهد هوندو آهي ۽ نه ئي هو نذرانا قبول ڪندو آهي. بلڪه سندن فقير پورهيو ڪري صوفي خانقاهون هلائيندا آهن. شاهه جا فقير ڪراڙ ڍنڍ جي پاڻيءَ تي پوکي ڪري زمين آباد ڪندا هئا ۽ سچل سرمست درازن جي درگاهه جو مهتمم هو ۽ اڄ درازن جي درگاهه کي اهو اعزاز حاصل آهي، جو پنهنجي خليفي جي نالي تي مشهور آهي. هنن صوفي بزرگ شاعرن انسان دوستي، ڀائيچاري ۽ تشدد کان بچاءَ جي تعليم ڏني ۽ پاڻ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ اهي مثال قائم ڪيائون.

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ پنهنجي تحرير جي آئيني ۾

مرزا صاحب جي پيءُ جو نالو فريدون بيگ ۽ ناني جو نالو “خسرو بيگ” هو، سندن وڏا جارجيا يا گرجستان جي گادي واري هنڌ تفلس جا ويٺل هئا، مرزا صاحب جن جو والد گرجستان مان لڏي سنڌ ۾ ميرن وٽ اچي رهائش پذير ٿيو ۽ اسلام قبول ڪيائين. مرزا صاحب جو ننڍپڻ سائينداد جي ٽنڊي ۽ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ گذريو، پاڻ پنهنجي ٻن وڏن ڀائرن سان گڏ پڙهڻ ويندا هئا. سندن بنيادي تعليم حيدرآباد جي هئي، آخوند محمد شفيع سندن استاد هو، مرزا صاحب ستن ڀائرن ۾ عمر جي لحاظ کان ٽيون نمبر هئا. مرزا فريدون کي اولاد جي تعليم جو گهڻو اونو هو. انهيءَ ڪري سندس سڄو اولاد تعليم يافته ٿيو ۽ اعليٰ عهدن تي رسيو.
مرزا صاحب بمبئي يونيورسٽي مان بي اي ڪئي ۽ ان کان پوءِ ايل ايل بي ڪيائين، کين عربي، فارسي، سنڌي، انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين تي عبور حاصل هو. نوڪريءَ جي لحاظ کان پاڻ مختيارڪار ٿي سنڌ ۾ مختلف جڳهين تي رهيو ۽ ان کان پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي 1910ع ۾ پينشن ورتائون. ڪامورڪي زندگي ۾ پاڻ ڪيترائي اسڪول ۽ مڪتب کولايائون ۽ سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪيترائي انصاف وارا اهم ڪم ڪيائون. سندن حلقهءِ احباب تمام وسيع هو ۽ مشهور شخصيتن ۽ معززين سان سندن اٿڻ ويهڻ هو، جن جو ذڪر سندن سوانح عمري “سائو پن يا ڪارو پنو” ۾ لکيل آهي. مرزا صاحب فخر ۽ غرور کان پاسو ڪندڙ، حليم، طبع ۽ نيڪ سوچ رکندڙ شخص هئا. کين پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن به پهلوءَ تي فخر نه هو. سواءِ علم و ادب جي خدمت جي ۽ انهيءَ ۾ ئي خوشي ۽ سڪون محسوس ڪندا هئا. پاڻ گهڻو لکندڙ پڙهندڙ عالم هئا. کين خدا غضب جو حافظو ڏنو هو. خود پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي باري ۾ پنهنجي سوانح ۾ لکيو اٿن ته “اکين سان ڏسي، دل ۾ پڙهندو آهيان ۽ تمام تڪڙو پڙهندو آهيان مگر ڌيان سان پڙهندو ۽ چڱن عمدن ڀاڱن تي نشان ڪندو آهيان.”
مرزا صاحب جن وٽ بهترين ترين ڪتابن جو ناياب ذخيرو عمدي ڪتب خاني جي صورت ۾ موجود هو. تڏهن به انڪساري کان چون ٿا ته:
ڪنهن علم کان پڻ قليچ محروم نه ٿيو،
نڪتو نه رهيو، جو ان کي مفهوم نه ٿيو،
ستر کي قريب پهتو، تڏهن ان کي،
معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو.

(صفحو 141، سائو پن يا ڪارو پنو)
سنڌي ادب جي نثر توڙي نظم جي ڀاڱي ۾ جيڪڏهن مرزا قليچ بيگ جن جي خدمتن تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته هيءُ بزرگ علم و ادب جي فن ۾ يڪتا هو. هتي سندن نثر نويسيءَ جي خدمتن تي روشني وڌي وڃي ٿي. سندن لکيل تحريرون نثر نويسيءَ جو اعليٰ مثال آهن. مرزا صاحب جن سلاست جا سائين هئا. پاڻ سنڌي ادب کي اعليٰ ترجمو ٿيل ۽ طبعزاد ناول، ناٽڪ، مضمون و مقالا ڏنا اٿن. قصا ۽ ڪهاڻيون هجن يا فلسفو، لطيفيات هجي يا لغت سندن طرز تحرير نج سنڌي ۽ عام فهم ٻوليءَ سان سينگاريل آهي. سنڌي مضمون نويسيءَ جي معيار کي بلند ڪرڻ ۾ سندن وڏو هٿ آهي. وٽن نثر جي دلڪشي، رواني ۽ ٻوليءَ جي وسعت آهي، پهاڪن، چوڻين ۽ شعرن جي استعمال سندن مضمونن کي اعليٰ مقام عطا ڪيو آهي.
سندن لکيل شعرن جو تعداد ٻاويهه هزار کان به وڌيڪ آهي، . ڪل چار سؤ کن ڪتاب هر موضوع تي لکيائون، جيئن فلسفو، حڪمت، ناٽڪ، ناول، مضمون، مذهب، تعليم وغيره.
مرزا صاحب جن ننڍپڻ کان ئي شعر چوندا هئا ۽ سڄي عمر لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريائون. ريٽائرمينٽ کان پوءِ واري وقت ۾ سندن لکڻ پڙهڻ عروج تي هو. گڏوگڏ سندن خيال آخري عمر ۾ زماني جي بي ثباتيءَ ۽خدا جي قدرت نسبت تمام اثر انگيز ٿي ويا هئا. موت کي هڪ اٽل حقيقت سمجهي ان جو انتظار ڪيائون. نفس مطمئنه طور پنهنجي قبر حياتيءَ ۾ ئي ٺهرائي ڇڏي هئائون، ۽ موت جي ياد ۾ پنهنجي محاسبي سان گڏ رحمت خداونديءَ کان مايوس نه آهن لکن ٿا ته:
واريءَ کان به وڌ، گناه جو ڪيا هئا مون،
آواز ٿيو غيبي، ته غم نه کاءُ قليچ،
لائق ڪيا پنهنجا تو، اسين پنهنجا ٿا ڪريون.

(صفحو 134، سائو پن يا ڪارو پنو)
مرزا صاحب جن سنڌي علم و ادب ۾ جهجها ڪتاب لکيا، هتي سندن ڪتابن جو مڪمل تفصيل ڏيڻ جي بجاءِ ڪجهه مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

انگريزي ۾ لکيل ڪتاب:
سنڌ جي تاريخ (2 جلد) شاهه ڀٽائيءَ جو احوال، مرزا خسرو بيگ جي سوانح عمري، علم عروض فارسي، ڪيميائي سعادت.

سنڌي ڪتاب:
خصائص القرآن، سيرت النبي، راهه نجات، تهذيب الاخلاق، مقالات الحڪمت، تحقيق المالڪين، عالم ارواح، ڪرامات الااولياء، اخلاق المعصومين، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي شعر جي تاريخ، سنڌ جي جاگرافي، قديم سنڌ، چچ نامو سنڌي، ثابت علي شاهه جو احوال، تقريرون ۽ تحريرون، جوانيءَ جو اڪسير، اخلاق النساءِ، صحت النساء، هدايت النسوان وغيره.
ناٽڪ، ناول ۽ قصي جي صنف ۾ زينت، دلا رام، عجيب طلسم، وامق ۽ عذرا، خورشيد، نورجهان، شيخ چلي، شڪنتلا، بڪاولي، نيم طبيب ۽ نيم ملان، حرڪت مان برڪت وغيره لکيائون.
لطيفيات ۾ لکيل ڪتابن ۾ “شاهه ڀٽائيءَ جو احوال”، “مومل راڻي جي شرح” ۽ رسالي جي ڪن ٻين سرن جي شرح به شامل آهي. پاڻ “شاهه جو رسالو” ترتيب ڏنائون ۽ “لغات الطيفي” لکيائون.
مرزا صاحب جن مترجم جي حيثيت سان ڪافي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. جيڪي مختلف موضوعن تي هئا، جيئن توريت يا “قديم عهدنامو” “انجيل يا نئون عهدنامو” گليور جوسئر ۽ سفر، “رابنسن ڪروسو” “ٽي گهر”، “گلزار ۽ گلنار”، “جمشيد ۽ حميده”، “شاهه ايليا”، “نيڪي ۽ بدي”، “حسنا ۽ دلدار”، “گلن جي ٽوڪري”، “فيروز دل افروز”، “باغ ۽ باغباني”، “تهذيب الاخلاق”، “مقالات الحڪمت، انڪوائري آفيسر، .غلاميءَ مٿان چاڙهو” وغيره.
شاعريءَ ۾ سندس ڪتابن ۾ .ديوان قليچ”، “موتين جي دٻلي” (ٻه ڀاڱا) “چندن هار” (ٻه ڀاڱا) “املهه ماڻڪ” (ٻه ڀاڱا)، مشهور آهن. مرزا صاحب قادر الڪلام شاعر هو. غزل جي صنف کي سانگيءَ ۽ قليچ گهڻي ترقي ڏيرائي.
مرزا قليچ بيگ جا سنڌي نثر ۾ لکيل ڪتاب جيڪڏهن جانچبا ته معلوم ٿيندو ته پهريون سنڌي افسانو “شريف بيگم” پهريون سنڌي طبعزاد ناول “دلارام” ۽ پهريون مضمونن جو مجموعو (ترجمو) “مقالات الحڪمت” پاڻ لکيائون. انگريزيءَ جي مشهور ڪتابن کي خاص طور شيڪسپيئر جي ناولن ۽ ڊرامن کي سليس سنڌيءَ ۾ آڻڻ سندن ئي ڪارنامو هو. سندن دؤر ۾ هندو اديبن ۽ عالمن جي گهڻائي هئي، ان ڪري ڪجهه ليکڪن جي تحريرن ۾ هندي ۽ سنسڪرت جي لفظن جو استعمال به شامل هو پر مرزا صاحب واحد سنڌي عالم هو، جنهن ان وقت سنڌي ٻوليءَ کي خالص ۽ نج سنڌيءَ جي حيثيت سان متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندن طبعزاد يا ترجمو ٿيل ڪتاب نج سنڌي ٻوليءَ جا شاهڪار آهن. انهيءَ ڪري کين “سنڌي نثر جو ابو” سڏيندا آهن.
ناولن ۾ مرزا صاحب جي ناول “زينت” کي هڪ خاص درجو حاصل آهي. هيءُ ناول سنڌي سماج جي سچي عڪاسي ڪندڙ هڪ طبعزاد ناول آهي. ناول “زينت” نه صرف موضوع جي لحاظ کان پر فني طور به هڪ اعليٰ پايي جو ناول آهي. هن ناول کي سنڌي ادب جي ڪلاسيڪل ناول هئڻ جو درجو حاصل آهي (هيءُ ناول قسطوار ناٽڪ جي صورت ۾ ٻه دفعا پاڪستان ٽيليويزن تان پيش ٿي چڪو آهي) 1890ع جي گهريلو ماحول ۽ معاشري کي پيش ڪندڙ ناول زينت انهيءَ دؤر جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو بيان پڻ آهي. هن ڪلاسيڪل ناول ۾ نه صرف سنڌي عوام سان انگريزن جو رويو ۽ سنڌين جون سوچون ۽ ويچار پيش ٿيل آهن پر اڄ کان تقريبن سوا سؤ سال اڳ لکيل زينت ۾ سهڻي نموني حقيقت نگاريءَ کي پيش ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ جي چوڻ مطابق ته “هن ناول جا ڪردار مستقل مزاج، برجستا ۽ ارادي جا پڪا ۽ محب وطن آهن. انگريزن جي لالچن سببان ڏنل نوڪريءَ کي غلامي ٿا سمجهن.”
ناول “زينت” فن، فڪر، موضوع، گفتگو، طرز تحرير، فطرت نگاري، سيرت نگاري ۽ ڪردار نگاري جي لحاظ کان اهم ناول آهي. جنهن ۾ مرزا صاحب جي زندگيءَ جو عڪس پڻ شامل آهي.
مرزا صاحب جن انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي ڄاڻ سبب دنياوي علم و ادب مان چڱيءَ طرح فيض ياب هئا. انهيءَ سبب ڪري سندن لکتن جو معيار اوچو رهيو. نثر نويسيءَ جي معيار ۽ خط و ڪتابت جي فن کي سمجهائڻ لاءِ سندن ڪتاب “انشاء سنڌي” هڪ بي نظير ڪتاب آهي.
مرزاقليچ بيگ سنڌي ادب جي پهرين شخصيت آهن، جن سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي صنف کي دنياوي ادب جي معرفت متعارف ڪرايو. سندن ترجمو ٿيل مضمونن جا ڪتاب “مقالات الحڪمت” ۽ “تهذيب الاخلاق” گهڻا مشهور آهن. “تهذيب الاخلاق” ۽ “مقالات الحڪمت” انساني جذبن، سوچن، امنگن، خيالن ۽ ويچارن جي نمائندگي ڪن ٿا. هنن ڪتابن جا موضوع انساني اخلاقي اڀياس جي گرد گهمن ٿا. جن ۾ نيڪي، احسانمندي، فرض شناسي، خدا شناسي، خود خيالي، مغروري، لالچ، بي جا اسراف، علميت، ضعيفائي، ڏک سک ۽ ٻين موضوعن کي ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان سواءِ پاڻ “فرائض الانسان” ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن ۾ نون موضوعن تي طبعزاد يا ترجمي جي حيثيت ۾ مضمون ڏنا اٿن. سندن تحريرن جو مجموعو “تقريرون ۽ تحريرون” سنڌي ادبي بورڊ وارن 1970ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ سندن تحريرون مختلف موضوعن جو احاطو ڪن ٿيون، جيئن “سنڌي شعر” شعر جو شرف ۽ شان، “اسلامي تعليم نامو” “صوفين جي ديوانگي ۽ مجذوبي حالت”، “اسلام جا ٽيهتر فرقا”، “جسماني ورزش”، “عالمگير مذهب” “انسان جا محافظ”، “موت کان پوءِ حياتي”، “اسلام ۾ علم جي ڳولا” وغيره اچي وڃن ٿا. هنن تحريرن ۾ ڪجهه مختلف ادبي ميڙن ۾ ڪيل تقريرون پڻ شامل آهن.
“احوال شاهه عبداللطيف” مرزا صاحب جن پهرين انگريزيءَ ۾ 1887ع ۾ پوءِ 1897ع ۾ سنڌيءَ ۾ لکيو، هن ڪتاب جو بنيادي مواد بيشڪ سانگيءَ جي ڪتاب “لطائف لطيفيءَ” تي آڌاريل آهي پر هن ڪتاب ۾ تحقيق ۽ تنقيد سان لکيل شاعري ۽ شعر جي فن تي ليک اهم آهن. ڏهن بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ڇهه باب شاهه سائين جن جي سوانح جو بيان آهن ۽ باقي بابن ۾ شعر جي خاصيت، شعر جو قسم ۽ شعر جي ماهيت وغيره ڏنل آهن.
مرزا صاحب جي لکيل ڪتاب “علم ادب” 1913ع جا ليک ادب جي مکيه خاصيتن کي بيان ڪن ٿا. مطلب ته مرزا صاحب جن ڪيترن اهم موضوعن تي بهترين مقالا ۽ مضمون لکيا آهن. جن مان ڪجهه ڇپيل آهن ته ڪجهه مواد اڃا تائين اڻ ڇپيل حالت ۾ آهي. سندن لکڻ جي رفتار کي ڪير به رسي نه سگهيو. پاڻ سنڌيءَ ۾ ڪتابن جي کوٽ کي دل سان محسوس ڪندي بي حساب ترجمو ۽ طبعزاد ڪتاب لکيائون. عربي، فارسي، اردو، بنگالي ۽ انگريزيءَ مان ناياب ۽ نادر ڪتابن جا ترجما سليس سنڌي ۾ ڪيائون. سندن ذوق ۽ شوق جو اهو عالم هو جو آخري عمر ۾ سراسري هر سال 10 ڪتاب لکيائون. اڄ ڏينهن تائين سنڌي علم و ادب ۾ ڪو به ليکڪ مرزا صاحب جن جيترا ڪتاب لکي نه سگهيو آهي.
مرزا صاحب کي ذاتي طور حڪمت، فلسفي، اخلاق ۽ مذهب جا ڪتاب پسند هئا. کين عربي ۽ فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. پاڻ فارسيءَ ۾ شاعري ۽ نثر لکيائون. سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جي زوال تي کين گهڻو ڏک هو، جنهن جو ذڪر سندن سوانح ۾ پڻ آهي. پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ “سائو پن ڪارو پنو” ۾ اهو اظهار ڪندي لکيو اٿن:
“فارسي ۽ عربيءَ جي زواليت ڏسي به ارمان کائيندو آهيان ۽ ناني ۽ بابي جي اڳوڻي صحبت ياد ڪري روئندو آهيان، ٻيا ته خير، پر خود عزيزن ۽ اولادن مان به ڪو پوري فارسي نٿو ڄاڻي، خبر ناهي ته منهنجي هيترن عمدن فارسي ڪتابن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟” (صه-131)
مرزا صاحب جن نه فقط لکڻ کي ترجيح ڏني پر پاڻ مطالعي کي به گهڻو پسند ڪندڙ هئا ۽ دنيا جي ڪيترن اهم موضوعن جي ناياب ڪتابن کي پڙهيائون. ساڳيءَ ئي آتم ڪهاڻيءَ ۾ اهو هن ريت لکيو اٿن ته:
“چڱن ڪتابن پڙهڻ سان علمي مايو وڌي ٿو ۽ چڱن ڪتابن لکڻ سان ٻين ماڻهن کي فائدو رسائڻ جو وجهه ملي ٿو اها به هڪڙي خيرات ۽ زڪواة آهي.” (ص-123) اهو به چيائون ته:
سنگتي رک ڪتاب ڌارا ڪونه،
جو ڪري ماٺ تو سان ڳالهائي،
ڪهڙي به حالت به تنهنجي هوئي پر هُو،
نه ڪڏهن رنج ٿيئي نه رنجائي.

اهو سندن لکڻ پڙهڻ جو شوق ايترو ته عظيم هيو جو آخري عمر تائين به ان کي جاري رکيائين، جڏهن ٽيهه سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ پينشن ورتائين تڏهن سندن عمر 55 سال هئي پر گوشئه نشينيءَ ۽ خلوت کي ترجيح ڏيندي گهڻو وقت لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاريندا هئا. انهيءَ ۾ ئي کين فرحت حاصل ٿيندي هئي سندن موجب ته:
ڪنڊ قناعت جي لڌي جنهن نه، لڌو تنهن ڪي ڪين،
گوشو خلوت جو ڏٺو جنهن نه، ڏٺو تنهن ڪي ڪين.

(ص-65)
حاصل مطلب ته مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو هڪ تمام وڏو نانءُ ٿي گذريو آهي. سندن شاعري توڙي نثر اعليٰ درجي جا آهن. خاص طور نثر ۾ سندن ڪتابن جو انگ گهڻو آهي. سنڌي ادب جي ڪافي صنفن ۾ سندن ڪم پهرين ملي ٿو. جيئن ناٽڪ، ناول، مضمون، آتم ڪهاڻي، ڊائري، لطيفيات ۽ ٻيا آهن. سندن ادبي خدمتون سنڌي ادب جي اُفق تي هميشه چمڪنديون رهنديون.

ٿر جو ڪوئلو/ ٿر جو ڪارو سون

ٿر باراني علائقي کان پري ايراضيءَ ۽ پکيڙ جي لحاظ کان هڪ وڏو علائقو آهي. جنهن کي پهرين فقط هڪ ضلعو “ٿرپارڪر” چوندا هئا. جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص هو، هاڻي ميرپورخاص ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر آهي، جنهن ۾ عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ضلعا آهن. ٿرپارڪر ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر مٺي آهي، ان کان سواءِ ٻيا تعلقا جيئن ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ننگر وغيره آهن. ٿر جي علائقي کي رب پاڪ معدني دولتن سان مالا مال ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص طور لوڻ، گرينائيٽ، ڪوئلو ۽ ٻيون معدني دولتون آهن. عام طور ٿر جي رهواسين جو گذران مينهن جي پاڻيءَ تي آهي. جيڪڏهن برسات ڀلي پوي ته سڄو سال ٿرين وٽ اناج صحيح هوندو ۽ سندن مال مويشي به خوش هوندا ۽ جي نه پوي ته ڏڪار ئي ڏڪار پوءِ ويچارن ٿرين جا حال هيڻا ٿيو پون ۽ جي مال مريو وڃي ڏڪار سبب ته سندن سور ٻيڻا ٿيو وڃن باقي ٿر مينهن جو ڀرجهلو پڻ آهي. ڪيترو به مينهن پوي خبر نه پوندي. بلڪه گاهه گلزاريون ٿي ويندا آهن. ان ڪري چوندا آهن ته “وٺو ته ٿر نه ته آهي بر.” سو ٿر وسڻ وڏي نعمت آهي.
ٿر جي معدني ذخيرن ۾ خاص طور ڪوئلي جي اهميت تمام گهڻي آهي جو هتي ڪوئلي جا اهڙا ذخيرا موجود آهن جن مان گهڻي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ اهي ذخيرا ڳچ عرصو ملڪ جي بجلي پيداوار ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. 1992ع ۾ جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان ۽ آمريڪي جيالاجيڪل سروي پاران گڏجي ڪيل کوجنا ۾ اها خبر پئي ته هن هنڌ گهڻي تعداد ۾ ڪوئلو موجود آهي. پر انهيءَ تي ڪم باقائدي 2008ع کان شروع ٿيو. 2010ع کان مختلف ماهرن انهيءَ جي باري ۾ اخبارن ۾ پڻ لکيو جن ۾ خاص طور آبپاشي ماهر ادريس راجپوت جا 9 جنوري، 22 اپريل ۽ 6 جون 2010ع جا ڪاوش جا ڪالم اهميت جوڳا آهن. 400 کان 650 فٽ زمين هيٺان ڪوئلي کي ٻاهر آڻي پوءِ ان مان بجلي پيدا ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم هو ۽ انهيءَ لاءِ حڪومت سيڙپڪار ڳوليا جن مان ڪجهه ڪمپنين سان اهو معاهدو پڻ ٿيو. مٿين روايتي طريقي کان سواءِ هڪ ٻيو طريقو جنهن ذريعي زمين مان ڪوئلو ٻاهر ڪڍڻ جي بجاءِ جديد ٽيڪنالاجي زير زمين گئس پيداوار (Under Ground Coal Gasification) تي پڻ ڪم ڪرڻ جو رٿيو ويو جنهن موجب کوٽائي ڪري ڪوئلو ٻاهر ڪڍڻ جي بجاءِ زمين اندر ئي ان کي ٻاري گهربل گئس جنهن کي (Syn gas, Sythetic natural Gas) چيو وڃي ٿو ڪڍي ساڳئي مقصد لاءِ استعمال ڪئي وڃي. مطلب ته ٻنهي ٽيڪنالاجين ذريعي ڪم جي رٿ ڪئي ويئي. هڪ ۾ ڪوئلو ٻاهر آڻي ٻارڻ ۽ ٻئي ۾ زير زمين ڪوئلو ٻاري گئس ٻاهر آڻي ٻارڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ.
جيئن ته هيءُ ڪم تمام خرچ طلب ۽ وڏن ماهرن جي نگرانيءَ ۾ ٿيڻ جوڳو آهي ۽ ٿر جو علائقو موسم رهائش ۽ سفري سهوليتن جي اڻاٺ سبب شروع کان شهري آبادين کان هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو. ان کان سواءِ هن ڪوئلي جي ڪڍڻ جو خرچ به وڌيڪ آهي ته ايتري وڏي پراجيڪٽ تي ڄاڻو ۽ تربيت يافته ماڻهو هئڻ پڻ ضروري آهن. سو کاڻين جي کوٽائيءَ جا سيڙپڪار جيستائين مِلن، ملڪ جي نامور سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ وفاقي حڪومت جي پلاننگ ڪميشن کان هڪ پراجيڪٽ منظور ڪرائي شروع ۾ ننڍي پئماني تي تجرباتي طور پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ (PCSIR) جي مدد سان هن ڪم جي شروعات ڪئي، جنهن جو هڪ ننڍو تجربو ڪراچيءَ ۾ موجود يونٽ فيول ريسرچ سينٽر (FRC) ۾ ڪيو ويو. جنهن وسيلي هڪ کڏ ۾ ڪوئلي کي پوري ان کي زمين هيٺ ٻاري بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو پوءِ پلاننگ ڪميشن کان پئسا ملندي ئي اسلام ڪوٽ کان اُتر طرف ڳوٺ ٻانڀڻيو ڀيل ڀرسان شروع ۾ 30 ڊرل هڻي تجربو ڪيو ويو، جيڪو ڪامياب ٿيو ۽ ايئن ڪامياب تجربن کان پوءِ باقاعدي مڪمل پلانٽ هنيو ويو آهي. انهيءَ دوران ڪجهه سيڙپڪارن پنهنجي دلچسپي ڏيکاري پر خاص طور اينگرو ڪمپنيءَ ڪم شروع ڪيو آهي. ٻين ڪمپنين جا معاهدا ٿيل آهن جن جو ڪم به جلدي شروع ٿيندو. اينگرو وارن جي چوڻ مطابق ته 2018ع تائين بجليءَ جي پيداوار جا امڪان مضبوط آهن. هن وقت تائين خرچ تقريباً ٽي ارب کان به وڌيڪ ٿي چڪو آهي جنهن ۾ شروعاتي تجربن تي ٿيل خرچ ۽ مشينرين جون فٽنگز ۽ عملي جي پگهارن جي خرچ کان پوءِ تقريباً 10 ميگاواٽ بجلي ٺهڻ جي قابليت هن پراجيڪٽ حاصل ڪري ڇڏي آهي، جا سندن موجب ته، ٿر جي علائقي جي گهرج لاءِ ڪافي آهي.
هن سڄي مرحلي مان اُڪرڻ لاءِ وڏي کپت گهرجي، تڏهن ئي اُپت ٿيندي. اهو ناڻو مهيا ٿيڻ مشڪل پيو لڳي، جو هن قسم جي ڪم لاءِ وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، حيسڪو (واپڊا) ۽ ٻين ادارن جو تعاون گهرجي پر اهو ٿيندو نظر نه پيو اچي. جڏهن کان يعني 1992ع کان ڪوئلي جي انهن اهم ذخيرن جي ڄاڻ پيئي آهي، تڏهن کان اهو قصو سياست جي وَرِ چڙهيل آهي. هن وقت تائين ٿرپارڪر مان ڪوئلي جا 3 وڏا ذخيرا مليا آهن. جن ۾ ڪوئلي جو مقدار هڪ کرب ٽن کان به وڌيڪ آهي ۽ اهو علائقو ڏهه هزار چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. 1993ع ۾ يو-ايس-جي-ايس 87 ارب ٽن ڪوئلو هٿ ڪيو، هاڻي اهو ذخيرو وڌي ويو آهي. سنڌ سرڪار ته “ٿر ڪول اٿارٽي”، يو ايس جي ايس طرفان بجلي گهر ٺاهڻ وغيره جون رٿون ڪيون آهن پر تڏهن به عملي ڪم گهٽ ٿيو آهي. هن ڪوئلي جي هيٺان چيني مٽي ۽ گرينائيٽ جا وڏا ذخيرا پڻ موجود آهن. پر اصل ڳالهه آهي ته اهو سڀ ڪجهه اسان کي ملي سگهي. پوري پاڪستان ۾ هن وقت ڪوئلي جا 27 هنڌن تي ذخيرا موجود آهن. جن مان ڇهه هنڌ فقط سنڌ ۾ آهن پر انهن ڇهن هنڌن جي ذخيرن جي پيداوار باقي 21 ذخيرن کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن انهيءَ کي استعمال ۾ آندو وڃي ته سنڌ مان ملندڙ ڪوئلو پاڪستان جي روزاني مجموعي پيداوار جو 42 سيڪڙو آهي ۽ هيءُ ڪوئلو سوين سالن تائين ملڪ جي بجليءَ جي ٻارڻ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو.
“لاکڙا” (دادو) “ڪارنهن” (اسلام ڪوٽ) ۽ ٻين هنڌن تان مليل ڪوئلي جي مقدار سان گڏ معيار به اعليٰ آهي. مجموعي طور هن قومي پراجيڪٽ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي عوام جي ڀلائيءَ تي غور ڪرڻ گهرجي، ماهر، سماجي اڳواڻ، اديب، صحافي، استاد، شاگرد ۽ ٻين سڀنن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار سچائيءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي. سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي هڪ موقف تي هلي ڪوششون وٺڻ گهرجن. هن ڪوئلي جي کوٽائي ٿر جي عوام لاءِ هڪ وڏو امتحان آهي، کين بظاهر ڪو فائدو نه آهي سواءِ وقتي اُجرت تي ڪم ملڻ جي. پر سندن سماجي زندگيءَ تي ماحولياتي اثر پوندو. کوٽائيءَ سبب سندن گهر ۽ زمينون انهيءَ علائقي ۾ اچڻ سبب لڏپلاڻ ڪرڻ ۽ صحيح معاوضو نه ملڻ يا ٻين لفظن ۾ ٿر جي فطري وسيلن جي تباهه ٿيڻ جو امڪان پڻ آهي، جو ڪوئلي جي کوٽائي ۽ ان مان بجلي ٺاهڻ جو عمل ماحوليات تي خراب اثر وجهندو آهي. انهن سڀني مسئلن تي ويچار ضروري آهي ۽ متاثرين جي مڪمل مدد ٿيڻ گهرجي. عوام جي فائدي لاءِ ٿيل ڪم عوام جي نقصان ۾ نه هئڻ گهرجي.
اها به حقيقت آهي، ته جديد دؤر ۾ توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين به ڪيترن ذريعن تي توجهه ڏني پئي وڃي، جيئن پاڻي، هوا ۽ سج مان پڻ بجلي ٺاهي سگهجي ٿي، فقط سنڌ ۾ ئي جيڪڏهن سامونڊي پٽيءَ تي هوا مان ٺهندڙ بجليءَ جا پلانٽ لڳائي فائدو ورتوو ڃي ته هن ڏس ۾ سٺي موٽ ملي سگهي ٿي. 64 سيڪڙو ملڪ جي بجلي تيل، گئس ۽ ڪوئلي مان هن وقت پيدا ٿي رهي آهي جا مهانگي پڻ پوي ٿي ۽ ان ڪري ملڪ توانائيءَ جي بحران مان سالن کان نڪري نه سگهيو آهي. سنڌ موسم جي لحاظ کان گرم صوبو آهي، جتي اسان وٽ چمڪدار سج جي روشني سٺي شمسي توانائي ڏيئي سگهي ٿي. هلندڙ وقت ۾ انهيءَ تي ڪم هلي رهيو آهي. سنڌ جي ڪيترن وڏن شهرن ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ پڻ سولر سسٽم ذريعي بجلي پيدا ڪري گهرو استعمال ۾ سهوليت پيدا ڪئي ويئي آهي. انهيءَ سسٽم ۾ بيٽريءَ جو استعمال لازمي آهي جنهن جي ڪري اڄڪلهه سنڌ ۾ تمام بهترين بيٽريون مختلف ڪمپنين جون اچي رهيون آهن ۽ گهرو استعمال ۾ عوام انهيءَ کي ترجيح ڏيئي واپڊا جي ڳاٽي ڀڳي بل مان ڪجهه حد تائين ڇوٽڪارو حاصل ڪري رهيو آهي. شمسي توانائيءَ واري انرجي گهٽ قيمت ۾ پڻ پوي ٿي. ان کان سواءِ شمسي توانائيءَ جا پلانٽ ٿوري عرصي ۾ لڳن ٿا ۽ جلدي انهن جي قيمت نڪري اچي ٿي. هوا مان بجلي ٺاهڻ، سولر سسٽم ذريعي بجلي ٺاهڻ، پاڻيءَ مان بجلي ٺاهڻ، ڪچري مان بجلي ٺاهڻ ۽ گئس ۽ ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ سڀ طريقا پاڪستان ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا ڇو جو هيءُ ملڪ خدا جي وڏين وڏين نعمتن سان نوازيل آهي، جتي سڀ سهوليتون موجود آهن، پر اسان جي سنڌ حڪومت کي خاص طور پنهنجي لاءِ وڌيڪ سچائيءَ جي ضرورت آهي. جنهن صوبي کي خدا پاڪ انهن سڀني سهوليتن سان مالا مال ڪيو آهي انهيءَ جي باوجود هن صوبي جو عوام 10 کان 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ برداشت ڪري رهيو آهي ۽ بي سبب جا بل ڀري رهيو آهي، سکن کان وانجهيل هن صوبي جي سربراهن کي سوچڻو پوندو ته: خدا اس قوم کی حالت نہیں بدلتا، نہ ہو جس کو خیال خود اپنی حالت کے بدلنے کا . سو اهو سڀ دل جي سچائي ۽ همٿ جو سوال آهي. ٿر جي ڪوئلي کي به سياست جي ور چڙهڻ کان بچائي هن ڪاري سون کي گهٽ خرچ سان سٺي استعمال ۾ آڻي، سنڌ کي سرسبز ۽ سکيو ڪرڻ گهرجي.

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾زندگيءَ جا نوان نظريا

ويهين صديءَ جي عالمي شهرت يافته شاعر/نثرنگار شيخ اياز مبارڪ علي، غلام حسين شيخ جي گهر ۾ 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪري، اڳيان هلي بي اي، ايل ايل بي ڪري سکر ۾ وڪالت جي پرئڪٽس ڪيائين. سندن شمار سکر جي مشهور وڪيلن ۾ ٿيو. شيخ اياز 1976ع ۾ سنڌيونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر مقرر ٿيو ۽ چار سالن جي مقرر مدي تائين رهيو. 1997ع تي دل جي تڪليف سبب ڪراچي مڊ ايسٽ اسپتال ۾ داخل ٿيو ۽ 28 ڊسمبر تي وفات ڪيائين. کين ڀٽ شاهه تي رکيو ويو آهي.
علمي ۽ ادبي طور شيخ اياز جون خدمتون سنڌي شاعري ۽ نثر لاءِ بي مثال آهن. سندن ڇپيل ڪتاب جو تعداد 50 کان مٿي آهي. (48 ڪتاب ڊاڪٽر عبدالجبار “شيخ اياز- هڪ مطالعو” ۾ ڄاڻايا آهن، انهيءَ کان پوءِ به ڪجهه شايع ٿيا آهن.) اردو ڪتابن ۾ “رساله شاهه عبداللطيف”، “بوئي گل ناله دل”، “نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پَتي” سنڌي شاعريءَ ۾ “ڀؤنر ڀري آڪاس”، “ڪلهي پاتم ڪينرو”، جهڙ نيڻان نه لهي”، “سانجهي سمنڊ سپون”، “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي”، “ڪپر ٿو ڪُن ڪري”، “لڙيوسج لڪن ۾، “پتڻ ٿو پور ڪري”، “پن ڇڻ پڄاڻان” ۽ ٻيا آهن. نثر جي ڪتابن ۾ “سفيد وحشي”، “پنهل کان پوءِ”، “جڳ مڙيوئي سپنو”، “ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون”، “ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر” (4 حصا)، “ساهيوال جيل جي ڊائري” ۽ نثراڻي نظم ۾ “پتڻ ٿو پور ڪري”، “واٽون ڦلن ڇانيون”، “گهاٽ مٿان گهنگهور گهٿا ۾” ۽ “اُٿي اور الله سين” آهن.
“پاڪستان رائيٽرز گلڊ”، “هلالِ امتياز”، “ستاره امتياز” ۽ ٻين ڪيترن اعزازن ۽ تمغن سان نوازيل سنڌ ڌرتيءَ جي هن سگهاري شاعر جي شاعريءَ توڙي شخصيت تي مختلف رايا آهن. ڪڏهن کين “ٿنڪر، فلاسافر ۽ سياسي ڪارڪن” (1) سڏيو ويو ته ڪڏهن کين “فيض کان پوءِ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شاعر” (2) ڪوٺيو ويو. ته ڪنهن کين “يگانو، منفرد، خاموش، تيز فهم ۽ مسڪراهٽ ڀريو ماڻهو” (3) چيو. مطلب ته اياز صاحب جي شاعريءَ، نثر ۽ شخصيت تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ لکجي رهيو آهي، جنهن ۾ ذاتي طور طبع جي باري ۾ ڪجهه ماڻهن جا ناڪاري ريمارڪ پڻ ملن ٿا. بقول عبدالجبار جي ته “اياز جو وي.سي ٿيڻ (نوڪري ڪرڻ) هڪ طعنو بنجي پيو، جن ڍڪ منشي ٿيڻ قبول ڪيو ٿي، انهن به عجيب غريب طعنا ڏنا”. (4)
شيخ صاحب جي طبيعت جي باري ۾ جمال ابڙو صاحب لکي ٿو ته، “شيخ صاحب جو وقت تمام قيمتي هو ۽ هو اجائي گپ شپ ڪانه ڪندو هو ۽ نڪي پسند ڪندوهو. مان سندس تمام گهڻي عزت ڪندو هئس ۽ هن کي به مون لاءِ ڪافي عزت هئي، انهيءَ کان وڌيڪ ڇا گهرجي، تقاضائون ۽ توقعات گهٽ رکجن ته تمام سٺو ٿئي ۽ تعلقات پروان چڙهن ٿا”. (5)
جمال ابڙو اهو به لکي ٿو ته، “شيخ اياز جا دوست تمام محدود هئا. مان پاڻ کي ان ۾ شامل نٿو سمجهان. محمد ابراهيم جويو ساڻن علمي سطح تي ويجهو هو. مٿن روبرو تنقيد ڪندو هو ۽ اختلاف به، ربانيءَ سان به ڪافي حجائتو هو”. (6)
ذاتي تنقيد يا تعريف کان بالاتر شيخ اياز صاحب هڪ قوم پرست ۽ انقلابي شاعر هو، جنهن جي شاعراڻه اسلوب ۾ جديد ۽ قديم فن جو ميلاپ آهي. سندس شاعريءَ جي تاثر، جدت ۽ نُدرت کان انڪار ناممڪن آهي. ساڳيءَ ريت نثري تحريرون پڻ تمام اثرائتيون آهن. سندس لکيل آخري ڪتاب “اُٿي اور الله سين” جي باري ۾ مختلف رايا آهن. هن ڪتاب ۾ شيخ اياز جي طبيعت ۾ مزاج جي تبديليءَ جو اثر نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته نثري نظم جي حساب سان پڻ فني طور هيءُ ڪتاب تمام منفرد حيثيت وارو آهي.
اُٿي اور الله سين: مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 1998ع ۾ شايع ڪيو. 268 صفحن جي هن دُعائيه ڪتاب ۾ شيخ اياز لکي ٿو ته،
“هي دُعائون اسلامي دنيا جو پهريون مثال آهن، جيڪي نثري نظم ۾ لکيون ويون آهن. هي منهنجي اندر جو آواز آهن، جيڪي مان سنڌ جي نوجوانن اڳيان پيش ٿو ڪيان ته هو دورِ جديد کي نظر ۾ رکي، ان کي ويجها ٿي ڏسن”. (7)
مهاڳ جي آخر ۾ هڪ فارسي شعر ڏنل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته “درويش جو تحفو ساوا پن آهي، بي نواهن کي ڇا ڪندو، اهي هن وٽ اڳ ئي آهن”.
حالانڪه 1962ع ۾ “ڀؤنر ڀري آڪاس”جي مقدمي ۾ لکيو اٿن ته “هيءُ ڪتاب نه برگ سبز آهي، نه تحفهءِ درويش ۽ نه ئي هي بينوا لاءِ آهي، هيءُ ڪوئل جي ڪوڪ آهي”. (8)
مطلب ته وقت سان گڏ انساني مزاج ۾ وڏو فرق اچي ٿو. شيخ صاحب جي شروع دور جي شاعري/نثر کان آخر تائين مختلف لاها چاڙها ڏسجن ٿا، جيڪي هر شاعر/نثرنگار جي تحريرن ۾ هوندا آهن، (پر “اُٿي اور الله سين” ۾ شيخ اياز جي طبيعت ۾ آيل وڏي تبديليءَ تي ڪجهه بحث مختلف ڪتابن ۾ آيو آهي ۽ انهيءَ جي باري ۾ تفصيل ۽ مون پنهنجي راءِ اياز صاحب جي چيل جملن جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب “وکر سو وِهاءِ” ۾ ڏني آهي.)
“اُٿي اور الله سين” جو شروع جو حصو يارهين صفحي کان 30 صفحي تائين ٻن سٽن جي دُعائيه بيتن تي مشتمل آهي ۽ انهيءَ کانپوءِ نثراڻي نظم جي نموني سان لکيل دُعائون آهن ۽ هر دُعا جي شروعات يارب! سان ڪيل آهي ۽ مختلف موضوعن جون هي دعائون ڄاڻائين ٿيون ته انساني حياتي قلزم اندر قطرو آهي، بلڪه انهيءَ کان به بي وقعت، هيءُ سڀ فتح، هٺ، غرور، دنياوي لذتن ۽ آسائشن لاءِ ورتل ڪوششون بي معنيٰ ۽ بي مقصد آهن. ڏات ۽ ڏانءُ صرف ۽ صرف هڪ الله جي دين آهي. هنن دُعائن ۾ نادانين تي ندامتون آهن ته زندگيءَ جي اسرارن ۽ رازن کي پروڙڻ لاءِ علم سمجهه، ڏاهپ، رحمت ۽ حڪمت عطا ٿيڻ جا سوال آهن. رهنمايون ۽ رحمتون گهريل آهن، ته پوريءَ ڌرتيءَ تان جنگ و جدل ختم ٿيڻ جون منتون ڪيل آهن. ڪل عالم جي ڀلائيءَ سان گڏ ذاتي اصلاح لاءِ ٻاڏايل آهي.
اهي پراثر دعائون روبرو گفتگو يعني (Conversation) جي نموني تي آهن، جن ۾ ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته قاري اياز صاحب سان گڏ ڌڻيءَ در سربسجود ۽ سندس التفات جو منتظر آهي. دنيا جي مشهور پيغمبرن، ولين، ليکڪن، شاعرن، ڏاهن ۽ دانشورن جي چوڻين/ قولن سان متفق ٿيندي، ليکڪ لبيڪ چئي انهن چوڻين کي نثراڻي نظم سان سجائي پيش ڪيو آهي. تاريخ جي فاتح، ڪردارن، رهبرن ۽ رهنمائن مان جن جا مثال ڏنا ويا آهن، انهن ۾ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ، چارئي خليفا، حضرت امام حسن، امام حسين، امام جعفر صادق، امام احمد بن حنبل، جنيد بغدادي، خواجه حسن بصري، شيخ ابوالحسن علي هجويري، جلال الدين رومي، بيبي رابعه بصري، منصور حلاج، شيخ ابوعلي سينا، امير خسرو، ابن سينا، ابن رشد، سرمد، ابوريحان بيروني، امام رازي، ابونصر فارابي، محمد بن يحييٰ، محمد بن زڪريا، ارسطو، افلاطون، عمرخيام، غالب، سنڌ جي سرموڙ مفڪر، شاعرن شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين جي چوڻين کي ورجائي، ليکڪ انهن سان متفق ٿي، ڌڻيءَ در التجائون ڪيون آهن.
نثراڻي نظم ۾ موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان هيءُ ڪتاب بلڪل الڳ ۽ اثرانگيز انداز جو آهي ته آهنگ ۽ ايڪانيت سبب به هيءَ هڪ اهم تصنيف آهي.
يارب!
منهنجي شاعريءَ کي اها خوشبو ڏي،
جو ان کي ڏسي دنيا جا سارا گل حيران ٿي وڃن،
يارب! منهنجا معبود! مان هر ڪنهن کي معاف ٿو ڪيان
جن مون کي غصو ڏياريو آهي،
۽ جن مون کي نقصان پهچايو آهي،
تون ڪنهن به انسان کي
منهنجي ڪري سزا نه ڏي
منهنجي پيار کي آفاقي بناءِ
منهنجي خون ۾ قابيل جي عنصر کي ختم ڪر
مون کي پنهنجو رحم وديعت ڪر
پنهنجي اخلاق جي بيک ڏي.
مان تنهنجو گناه گار بندو آهيان
تون خطاپوش به آهين
عطا بخش به آهين
مون کي معاف فرماءِ
۽ پنهنجي عطا کان محروم نه ڪر
يارب!....
مطلب ته اهڙين انيڪ دعائن سان ليکڪ جو مقصد فقط ۽ فقط هڪ نيڪ ۽ ڪامل انسان ٿيڻ جي تمنا آهي. نه هيءَ آتم ڪهاڻي آهي ۽ نه ئي هي ڊائريءَ جا ورق آهن، پر ته به هن منفرد ۽ مختلف انداز جي تحرير ۾ ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ ذاتي خيالن، ويچارن ۽ زندگيءَ جي تجربن جي نثر ۽ نظم ۾
آتم ڪٿا آهي، جنهن کي شعوري طور نثري نظم ۾ جوڙي، هن صديءَ جي مهان شاعر/ اديب پنهنجي لاشعور کي اڳيان آندو آهي. هن پنهنجو اندر اهڙيءَ ريت اوتيو آهي، جو هڪ معصوم، بي ضرر، سچو، کرو ۽ پوريءَ دنيا سان مخلص اياز سامهون آيو آهي، جنهنجي هر لفظ، هر سِٽَ ۽ هر ورق ۾ “حياتِ جاودان” جو پيام آهي.

حوالا:
(1) حميده کهڙو ڊاڪٽر: “روزانه ڪاوش” 1998-1-29 بحواله “شيخ اياز: هڪ مطالعو” شيخ اياز چيئر، 1999ع- ص- 5
(2) جميل الدين عالي: “روزانه ڪاوش” 1998-1-24 بحواله “شيخ اياز- هڪ مطالعو”شيخ اياز چيئر، 1999ع- ص- 5
(3) ابڙو جمال: “ٿوهر ۾ ڳاڙها گل (آتم ڪٿا)، نيوفيلڊس پبليڪيشن، ص- 85
(4) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: “شيخ اياز- هڪ مطالعو”، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، 1999ع، ص- 37
(5) ابڙو جمال: “ٿوهر ۾ ڳاڙها گل (آتم ڪٿا)، نيوفيلڊس پبليڪيشن، ص- 92
(6) ايضًا، ص- 81
(7) اياز شيخ: “اُٿي اور الله سين”، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور 1998ع (مقدمو)
(8) اياز شيخ: “ڀؤنر ڀري آڪاس”، رائيٽرس گلڊ ڪراچي، 1962ع (مقدمو)

ڪلهوڙن جو دور سُنهري دور

سياسي پس منظر: مغلن جي دور حڪومت ۾ ڪلهوڙن پنهنجي طاقت جو بنياد رکيو. آدم شاهه ڪلهوڙي جي پيري مريدي هن دور ۾ مشهور هئي، جنهن تي خان خانان کانئس دعا ڪرائي ۽ پوءِ سنڌ فتح ڪري آدم شاهه ڪلهوڙي کي جاگيرون عطا ڪيائين. ميان يار محمد ڪلهوڙي دهليءَ جي حاڪم فرخ سير سان سازش ڪري شاهه عنايت جي سر جو سودو ڪيو ۽ شاهه عنايت کي شهيد ڪرائي سنڌ جي حڪومت حاصل ڪيائين. يار محمد جي وفات 1718ع ۾ ٿي ۽ پوءِ سندس پٽ نور محمد ڪلهوڙو تخت نشين ٿيو ۽ حيدرآباد کي گاديءَ جو هنڌ بنايائين ڪلهوڙن جي حڪومت سنڌ ۾ 64 سال هلي. 1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو ۽ شڪارپور ۽ سکر کي قنڌار سان ملايو. 1753ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ ۽ پوءِ مدد خان سنڌ تي حملا ڪري ڦرلٽ ڪئي ۽ رت جون نديون وهائي سنڌ جو سڪون تباهه ڪيو. تاريخي طور سنڌ هميشه ڌارين جي حملن جي زد ۾ رهي آهي ۽ ان کي نڌڻڪو سمجهي عربن کان وٺي هن دور جي غاصبن تائين هميشه سڀني سالم ڳڙڪائڻ چاهيو آهي. ڇو جو سنڌ سونهاري زرخير ۽ سائي ستابي آهي ۽ معدني دولتن سان مالا مال آهي. شاهه ڀٽائي ڪلهوڙن جي دور جو پهريون سجاڳ شاعر هو جنهن کي ماضيءَ جي پوري ڄاڻ هئي سنڌ تي ٿيل ظلمن کان پوريءَ ريت واقف هو. ان ڪري هميشه سنڌ ۽ سنڌ واسين کي دعائون ڏنائين.
سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

اها سندن دعا هئي جو ڪلهوڙن جي دور ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي ۽ سنڌ جون سرحدون وسيع ٿيون. هي دور سنڌي ادب جو ترقيءَ سان مالامال ۽ سونهري دور ڪوٺيو وڃي ٿو. هن دور ۾ ڪيترائي عالم ۽ شاعر هئا جن سنڌي علم ۽ ادب جو نالو روشن ڪيو.

مذهبي ادب:
مخدوم ابوالحسن ٺٽوي: وڏو عالم ٿي گذريو آهي، هن عربي رسم الخط ۾ ڪجهه اضافا ڪري سنڌي رسم الخط ٺاهي، جنهن کي “ابوالحسن جي سنڌي” چوندا آهن. هيءَ پهرين سنڌي رسم الخط هئي. مخدوم صاحب جو “مقدمة الصلوات” نماز جي باري ۾ منظوم ڪتاب آهي. جيڪو هن دور جو اهم ڪتاب شمار ٿئي ٿو.
چوٿون رڪوع سجدي ۾ ڪرڻ ويرم ڪا،
قدر تسبيح هيڪڙي، توڙي ٽي ڀيرا.

مخدوم ضياءُالدين: مشهور عالم هو. هن بزرگ به الف اشباع جي مطابق ڪتاب لکيا آهن، سي به اسلام جي تعليم تي مشتمل آهن. وضو ۽ نماز جي مسئلن تي لکيو اٿن. سندس ڪتابن کي “مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي” سڏيو وڃي ٿو. سندن شعر اسلامي تعليم تي مشتمل آهي.
پهريون پهر فرض ٿو ٿئي بعد بلاغت،
ايءُ ڪلمو آهي نبي، اُتي جو صاحب آهي شفاعت.
هن دور ۾ ڪئين عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن سان سنڌي ادب جرڪيو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1690ع – 1761ع): مشهور عالم هو. پاڻ مذهبي ڪتاب نظمي ويس ۾ لکيا اٿس. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ لکيائين. “زاد الفقير، “ “قوت العاشقين، “ “فرائض السلام” مشهور ڪتاب آهن. هن دور جي عالمن ۾ مولوي محمد حسين، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، قاضي عبدالڪريم، ميوعيسو ۽ مخدوم عبدالله، مخدوم سليمان، مخدوم عبدالرحيم گروهڙي مشهور آهن.
مخدوم عبدالرحيم گروهڙي: جن جي شھادت 1778ع ۾ ٿي. پاڻ الف اشباع جي نموني سان ڪئين بيت چيائين. سندن شاعري صوفيانه ۽ مذهبي آهي، پر سندن ڪجهه نثري مقولا ملن ٿا.
1- ڪافر ڪفر کان اُڪار، ڪارو گڏهه ڌوئي اُجار،
2- ٻه پهاڄون پرچاءِ، ٺلهو مهرلو گهڙاءِ، وڏو کوهڙو کڻاءِ،
3- رزق ڪنهن پر اچي، جيئن مينهڙو وسي.

مخدوم عبدالرحيم گروهڙي گهڻو ڪري “ڪبت” جي صورت جي شاعري ڪئي، سندن وحدانيت تي ڪجهه ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.
لا الله الا الله آهي هيڪڙو، جو موڙ مڙني جوءِ،
سڃاڻڻ ۾ آن سندي عقل عاجز هوءِ،
سڀن ڌران تنهن سري، ان ريءَ نه سري ڪوءِ.

شاهه عنايت رضوي: نصرپوري بزرگ وڏو عالم ۽ بهترين شاعر لکيو وڃي ٿو. شاهه لطيف جو همعصر چئي سگهجي ٿو. جڏهن شاهه سائين شاعري شروع ڪئي، ان وقت شاهه عنايت وڏي عمر جو هو. شاهه ڀٽائيءَ ۽ شاهه عنايت جي شعر ۾ هڪجهڙائي پڻ آهي. رسالي کي سرن سان ترتيب ڏئي جوڙڻ جو رواج شاهه عنايت کانپوءِ پيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي: شاهه سائين جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج ڪونهي. ڪلهوڙن جو دور کي سونهري دور سڏجڻ جو اهم سبب هن دور ۾ شاهه جو ڪلام آهي، جنهن جو ڪو ثاني ڪونهي ۽ اڄ تائين هن شاعريءَ جهڙو اعلي فڪر سنڌ جي ڪنهن به شاعر نه ڏنو آهي ۽ نه ئي فن جي لحاظ کان ٻيو ڪوبه شاعر هيستائين پيدا ٿيو آهي. شاهه جو رسالو سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ مشعل راهه ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مان آهي، نج سنڌي ٻولي، سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جو اعليٰ شاهڪار آهي. تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جي شاعري، تصوف جي اپٽار، اخلاقي نصيحتون ۽ ڪئين زندگيءَ جا سچا قدر سندس ڪلام ۾ سمايل آهن.
پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار مَ تون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو توکي لڳي.

خواجه محمد زمان (لنواريءَ وارو): سنڌي بيت جو عظيم شاعر هو. شاهه ڀٽائي کي ساڻن تمام گهڻي عقيدت هئي. خواجه زمان جي شاعريءَ جو موضوع تصوف آهي. خواجه زمان جا بيت فڪر جي گهرائيءَ ۽ نج سنڌيءَ جي ڪري وڻندڙ ۽ من موهيندڙ آهن.
نڪي اوڏو اک، کي نڪي نظران ڏور،
وڃان ايئن وهلور، جيئن ڏٺو اڻ ڏيٺ ۾.

پلپل پوءِ پچار، ملڪ ۾ ميثاق جي،
ڪک پن ڪن اقرار، اسين ٻانها تون ڌڻي.

صوفين صاف ڪئو، ڌوئي ورق وجود جو،
تڏهن تَنِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

مٿين شاعرن کانسواءِ روحل فقير، جلال کٽي، صاحبڏنو فاروقي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جي شاعري هن دور ۾ ملي ٿي. ڪلهوڙن جي دور ۾ وائي ۽ ڪافيءَ جي فن ترقي ڪئي. شاهه لطيف جي وائيءَ جو نمونو هن ريت آهي. سر سارنگ جي داستان پهرين جي هيءَ وائي آهي.
منهنجي سيد سار لهندو، مون کي آه اميد الله ۾،
سجدي پئي سپرينءَ، زاريون زور ڪريندو،
اُمت ڪارڻ احمد اُت، پرمل پاڪ پنندو،
صورڌڪاءُ ٿيندو، اکيون سڀ سج ڪڍندو،
ميڙو ٿيندو مومنين، اُت محمد مير ملهندو،
نفسا نفسي سڀڪو ڪري، داتا در ڊوڙندو،
مهت ڏيندس مولو، اُت بديون بخشائيندو.

مولود، مداح، مناجات ۽ معجزا:
مخدوم عبدلرؤف ڀٽي ڪلهوڙن جي دور ۾ مولودن جي حوالي سان اهم شاعر سڏيو وڃي ٿو. هن دور ۾ جمن چارڻ جي مداح مشهور آهي ۽ سرفراز ڪلهوڙو مداح جي مشهور شاعرن مان آهي.
آهيان ڏڏ غمن گڏ، سچا سڏ سڻج تون،
ڀلا ڄام! هن غلام، سندا سوال سڻج تون.

(ميان سرفراز ڪلهوڙو)
هن دور ۾ معجزا پڻ ملن ٿا. روحل فقير ۽ صاحبڏنو فاروقي ڪلهوڙن جي دور جا اهم صوفي شاعر ٿي گذريا آهن. تمر فقير ۽ مدن ڀڳت جو ڪلام پڻ ملي ٿو.
محبت مٺو ٿوڪ، ميون ۾ مدن چئي،
ڇا ڄاڻي لوڪ، قدران ڪيميا جو.

(مدن ڀڳت)
ڪلهوڙن جي دور ۾ غزل جي شاعري پڻ شروع ٿي جنهن ۾ مرزا تقي، حافظ تقي، ميان ڇتن ۽ نور محمد خسته جا نالا ذڪر جوڳا آهن.
تحقيقي جائزو:
(1) ڪلهوڙن جي دور جي جائزي مان خبر پوي ٿي ته هيءُ دور وقت جي لحاظ کان صرف چوهٺ سال هو پر ادب جي لحاظ کان مالا مال دور چئي سگهون ٿا.
(2) سنڌي شاعريءَ کي عروج مليو.
(3) مشهور شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن جي شاعريءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ کي وسعت ملي.
(4) ڪلهوڙن جي دور ۾ بيت ۾ واڌ ٿي ۽ منجهس هندي صنف سينگار جو اضافو ٿيو. سينگار جي صنف کي اڳيان سگهڙن عروج تي آندو.
(5) “مقدمة الصلواة” ابو الحسن جو مذهبي نظم جو شاهڪار آهي.
(6) “ابوالحسن جي سنڌي صورتخطي”، تيار ٿي جنهن ۾ عربي ۽ فارسيءَ کان سواءِ ٺيٺ سنڌي لفظن لاءِ نيون صورتون اختيار ڪيون ويون.
(7) وائيءَ جي صنف وجود ۾ آئي. ٺيٺ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي ويئي.
(8) طويل نظم جو بنياد پيو.
(9) لوڪ شاعريءَ جون ڪافي صنفون مولود، مدح، مناقبا معجزا مشهور ٿيا.
(10) سنڌي عروضي شاعري غزل جو بنياد پيو.
(11) مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي بيتن ۾ سنڌي نثر جو نمونو ملي ٿو.
(12) شاعريءَ ۾ رسالي جوڙڻ جو ۽ سرن جي نالن رکڻ جو رواج پيو.
(13) عبدالخالق، محمد ابراهيم ڀٽي، مخدوم ابوالحسن، محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي وارن مذهبي نقطا سمجهائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا. مڪمل سنڌي ڪتابن لکڻ جو رواج پيو.
(14) واقعاتي ۽ رزميه شاعري پڻ ملي ٿي.

سچل جي شاعريءَ ۾ سرمستي/ شاعريءَ جون خوبيون

ميان عبدالوهاب ولد ميان صلاح الدين ولد ميان صاحبڏنو فاروقي عرف سچل سرمست هڪ بي باڪ صوفي شاعر جي حيثيت ۾ مشهور آهي. اصل نالو عبدالوهاب پر پيار جو نالو “سچل” ۽ سنڌي شاعريءَ جو حقيقي سچل بڻجي پيو. سندن حسب نسب حضرت عمر فاروق رضه سان وڃي ملي ٿو. سندن وڏا محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا هئا. سچل فقير فاروقي ننڍ پڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويو هو ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم ڏاڏي کان پوءِ آخوند عبدالله کان ورتائين پوءِ پنهنجي مرشد ميان عبدالحق جي زير اثر تربيت ورتائين سچل سرمست جي شاعري سنڌي ادب ۾ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان پختي، اثرائتي ۽ عشق جي بلنديءَ واري آهي. پاڻ “انا الحق” جو نعرو هڻي صوفيانه نڪتن کي کولي واضح ڪيو اٿن. سندن تخلص “سچو” ۽ “سچل” آهي، جنهن جو شاعريءَ تي گهرو اثر آهي.
سچل جو ڪلام بي باڪي ۽ رنديءَ جو مظهر آهي. جيڪي حقيقتون کانئن اڳ شاهه ڪريم، مينين عنايت ۽ شاهه ڀٽائيءَ ڍڪي بيان ڪيون آهن، سي سچل سائين کولي ظاهر ڪيون آهن، شاهه صاحب عاشقن کي راز لڪائڻ جي تلقين ڪئي آهي.
نينهن نهائين کان سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

سچل ماٺ کي پسند نٿو ڪري عشق جي اڻ تڻ کيس ظاهر ڪرڻ تي ٿي اڪسائي.
ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر.
انهيءَ وائيءَ ور سمجهي ڪو “سچو” چوي.

شاهه سائين مذهب ۽ شريعت اڳيان ڪجهه نٿو ڪڇي، صرف ايترو ظاهر ٿو ڪري ته خالي عبادتن مان ڪجهه ڪونه حاصل ٿيندو، دل مان ڪٽ کي ڪڍي ڌوئي پاڪ ڪجي ته معرفت حاصل ٿيئي پر ان ۾ نماز ۽ روزي تي تنقيد ڪونهي.
نمازون روزا ايءُ پڻ چڱو ڪم،
اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

۽ سچل کليو صاف ۽ برملا چوي ٿو ته،
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
شيخيءَ پيريءَ بزرگيءَ بيحد ڀلايا،
ڪي نمازون نوڙي پڙهن ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا عمل وارا عشق کي.

(سچل)
سچل جي شاعري واضح ۽ دل کي چڀندڙ آهي، عشق جي آلاپن ۾ سچل سرمست پنهنجي سڄي قادر الڪلامي جو زور صرف ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي رسالي ۾ ٻين سرن کان سواءِ “هير” جو به ذڪر ڪيو اٿن ۽ سندس ڪلام ۾ “سر پورب”، “سر سارنگ” ۽ “سر جوگ” جا بيت به شامل آهن. شاهه سائينءَ جن سچل کي ڏسي فرمايو ته “جيڪو ڪنو اسان چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هيءُ نينگر لاهيندو” “ڍڪ لاهڻ” معنيٰ “راز کولڻ” ڍڪ لاهڻ محاورو آهي. ڍڪ ڏيڻ، معنيٰ ڪنهن جي ڳالهه کي ڍڪڻ، شاهه سائين جيڪي راز ڍڪي رکيا هئا ۽ ڪونه کوليا هئا، اهي سچل کولي ظاهر ڪيا، عشق الاهيءَ جي ستي پي سچل بي خود ٿو ٿي وڃي.
“پاڻ پنهون مان آهيان ڙي ڀينر ڀلي ناهيان”.

پاڻ سچائيءَ جي صراحيءَ مان ٽٻي ڏيئي دليرانه انداز ۾ چيو اٿن، “جان پروڙيم پاڻ کي، تان پاڻ پنهون آهيان”. سچل پنهنجي محبوب کي اصلي رنگ ۽ روپ ۾ ظاهر ڪري ٿو ۽ سڄو وقت سندس پوڄا ۽ پيار ۾ غرق آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو ته،
وڃين ڇو وڻڪار هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
ناڻي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.

سچل سائين فرمائي ٿو ته،
“جان پروڙيم پاڻ کي، تان پاڻ پنهون آهيان”!

سچل سائين فارسي ڪلام ۾ تصوف تي گهڻو پڙهيو هو، شيخ عطار ۽ شيخ شمس الدين تبريزي کي روحاني مرشد ڪري مڃيو هئائون ۽ هو قرآن شريف، فقه، فارسي ۽ عربيءَ جو عالم هو. سندس فارسي ڪلام “ديوان آشڪارا” مير مراد علي خان ڇپرايو، “راز نامو ۽ رهبر نامو” فارسي ڪلام آهي. “قتل نامو” “گداز نامو” ۽ “تارا نامو” محبت جي باريڪيءَ کي کولي ٿا بيان ڪن. سچل جي رسالي ۾ بيتن سان گڏ ڏوهيڙا، ٽيهه اکريون، ڪافيون ۽ جهولڻا آهن.
پاڻ پنهنجي وقت جو سچو صوفي بزرگ ۽ وڏو عالم هو تاريخ کي پڙهيو هئائون، سندس صوفيانه ڪلام ايترو ته بي باڪيءَ جو مظهر آهي، جو مذهبي حلقن ۾ زبردست انجش، پيدا ٿي ۽ مٿس ڪافر هئڻ جون فتوائون جاري ٿي ويون. سچل سائين تصوف جي نشي ۾ مست هو، وٽس هڪ طرف رنديءَ و مستيءَ جو دريا موجزن آهي. ته ٻئي طرف درد جون داستانون آهن. درد، سوز ۽ جرائت سان چيل ڪلام جڏهن موج مستيءَ ۾ تنبوري تي ڳائيندو هو ته مٿي جا وار کڙا ٿي ويندا هئس ۽ اکين مان آب جاري ٿي ويندو هوس.
الله الله ڇوڪرين ۽ پاڻ ئي الله ڄاڻ،
سچو سائين هڪڙو ناهي ٻيو گمان.

سچل سائين نظريه وحدت الوجود جو شاهه سائين وانگر حامي هو. سندن چوڻ مطابق هر هنڌ حق آهي ۽ ڪائنات جي هر شئي خدا جي وجود جو حصو آهي. ذات حقيقيءَ کي سڃاڻڻ لاءِ عشق ضروري آهي، حق تائين پهچڻ لاءِ ظاهري علم ناقص آهي، تڏهن چون ٿا “قاضي ساڙ ڪتابان ڪون” پاڻ حسين بن حلاج کان گهڻو متاثر ٿيل هو، سندس نظريي”اناالحق” کي گهڻو ڳاتو اٿن.
سچل مجازي عشق کي حقيقي عشق تائين پهچڻ جو رستو سمجهي ٿو، ان منزل کي طئي ڪرڻ کان پوءِ هر طرف محبوب آهي. طالب پاڻ مطلوب ٿو ٿي وڃي، “هت هت آهي، صورت منهنجي، ٺاهه نه ڪو پيو ٺاهيان”.هيءُ سنڌي غزل جو پختو شاعر هو ۽ ڪافيءَ کي به عروج تي پهچايو هئائون، سندس ڪلام گهڻي تعداد ۾ آهي، جنهن مان ڳچ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، سندن وفات 1829ع ۾ درازن ۾ ٿي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.

ادب ۾ تنقيد جو معيار

ادب ۾ تنقيد جي اهميت اُتم آهي. ادبي تاريخ شاهد آهي ته ڪيترائي ادبي فن پارا فقط تنقيد جي ڇنڊڇاڻ جي ڪري مشهور ٿيا آهن. تنقيد جو عمل بيش بها تصنيفات جي مشڪل، مبهم ۽ ناقابل فهم حصن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. تنقيد سان ادب جي چڱاين ۽ براين جي تفريق سبب بهتر کان بهتر لکڻ جو رجحان عمل ۾ اچي ٿو، جنهن سان ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج جو رستو پڻ ويڪرو ٿئي ٿو ۽ ادب جي ترجماني بهتر طور ٿئي ٿي ته ادبي ذوق جي تربيت پڻ ٿئي ٿي.
تنقيد جو عمل ڪيئن شروع ٿيو؟ ان جي لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته مغرب جي ادب ۾ تنقيد جو فن قديم آهي، خاص طور يونان هن فن جي شروعات لاءِ اهم شمار ٿئي ٿو. يوناني ارسطاطاليس، رسيا ڪرٽينس، ارسطو، ۽ افلاطون ادبي تنقيد جا اصول مقرر ڪيا. (ارسطو عيسيٰ عليه السلام کان ٽي سؤ سال اڳ جنم ورتو) انهيءَ کان پوءِ ٿيوفراسطس روم جي سيسرو، لانجائينس، هوريس، ڪوٽين ٽيلن، پيٽراڪ، ڊانٽي، فرانس ۽ جرمنيءَ جي اسڪاليجز، روسيو، انگلينڊ جي ڊرائيڊن، جان پوپ، بن جانسن، ايڊيسن، ڊاڪٽر سيموئل جانسن، ڪولرج، ورڊس ورٿ، ميٿيوآرنلڊ، شيلي، لارڊ بائرن ۽ ٻين گهڻن ادبي تنقيد ۾ سڌارا آندا ۽ نوان بهتر اصول پڻ قائم ڪيا. ان کان سواءِ اورنگ بيبٽ، ڪنيٿ بڪ، ليزلي فيڊر، جيمس سمٿ، رچرڊسن، فرائڊ، هيري جيمس، اليگزينڊر پوپ، ڊاڪٽر جانسن، ورڊس ورٿ، ڪولرج، ڪارل مارڪس، ٽي ايس ايلٽ، ڪرسٽافر ڪاڊويل ۽ ٻين اوڻويهين ۽ ويهين صديءَ ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ نوان نظريا ڏنا. حقيقت ۾ يورپ جي قديم تنقيدنگاريءَ جي طريقن (جن ۾ شخصي تنقيد جو سخت رويو شامل هو) جي نقصن ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ئي ادبي تنقيد جي اصولن ۾ نواڻ آئي. اهڙين تنقيدن سبب ڪيترائي اديب ۽ شاعر گمناميءَ جي اوڙاهه ۾ گم ٿي ويا. انگريزي ادب جي جان ڪيٽس تي بي جا تنقيد سبب جوانيءَ واري موت ۽ لارڊ ٽيني سن جو ڏهه سال لکڻ کان هٿ جهلڻ ۽ ٻيا واقعا شخصي تنقيد جي رويي جي مذمت ڪن ٿا.
تنقيدي ادب جا اصول ادب جي تاريخ جي هر دور ۾ ڪجهه نه ڪجهه تبديل ٿيندا رهيا آهن ۽ مختلف ٻولين ۾، مختلف وقتن ۾ ليکڪن تنقيد جي تشريح ۽ معنيٰ ڪئي آهي، پر مجموعي طور انهن ۾ ڪجهه اختلافن جي باوجود به گهڻيون هڪ جهڙائيون آهن، جن مطابق نقاد جا ڪجهه فرض ۽ جوابداريون پڻ مقرر ڪيا ويا آهن.
ادبي تنقيد جو عمل، نقاد جا فرض ۽ جوابداريون:
ادب ۾ تنقيد (Criticism) جو رجحان ڪيئن آيو ۽ تنقيد جي تعريف ڇا آهي؟ نقاد (Critic) جون ڪهڙيون جوابداريون آهن ۽ هُو ڪهڙيءَ ريت ڪنهن فن پاري جي صحيح پرک ۽ پروڙ ڪري تنقيدي عمل جو پورائو ڪري ٿو؟ انهيءَ جي ڄاڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين لفظ “تنقيد” جي وضاحت ڪجي.
“تنقيد” جي وصف ماهرن هن ريت بيان ڪئي آهي:
“ادبي تنقيد مان مراد اهڙي پرک، جيڪا ڪنهن به تصنيف جون اوڻايون/چڱايون الڳ الڳ ڪري سهڻائيءَ سان ڄاڻائي، تنقيد جو لفظ تبصري ۽ نڪته چينيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو.” (1)
انسائيڪلوپيڊيا ۾ ادبي تنقيد (Criticism) کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
“Literary Criticism a discipline concerned with a range of enquries about literature, that have tended to fall into three broad categories philosophical, descriptive and evalative. criticism asks, what literature is, what it does what it’s worth”? (2)
ڏٺو وڃي ته تنقيد جو عمل سچ ۽ ڪوڙ جي پرک حق ۽ باطل جي فرق پروڙڻ جو آهي، پر اصطلاحي طور ڪنهن به فن (بعض جڳهه تي ذاتيات) جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ آهي يعني تنقيد جي فن سان ٻين جي قولن، تحريرن، ۽ عملن جو منصفانه تجزيو ڪري فيصلو ڏجي ٿو، جنهن ۾ ادبي تنقيد جو خاص مقصد ادب جي عظمت ۽ سچائيءَ کي پرکي ۽ پروڙي، انهيءَ ادبي فنپاري جي گهرائيءَ ۾ وڃي ان مان بي بها موتي چونڊي اچڻ آهي. اها به حقيقت آهي ته،
“ادب جي تخليق وانگر ادب جي تنقيد هڪ انفرادي حيثيت رکندڙ ادبي عمل آهي.” (2)
يعني اهو عمل جيڪو ڪنهن فن پاري جي مڪمل حيثيت ڄاڻائي، ان ڪتاب جي اصل جوهر جي شرح ڪري ته فن جي حيثيت سان ان ۾ ڪهڙيون خوبيون ۽ خاميون آهن ۽ اهو بحث جو انداز، تعريف، هجو، خوشامد، تعصب ۽ ٻين ذاتي عنادن کان پري هئڻ سان گڏ سائنسي نموني سان غيرجانبدارانه تحقيق/ڇنڊڇاڻ تي مبني هجي، معنيٰ ته اها چٽائي بلڪل ٿئي ٿي ته،
“تنقيد هڪ سائنسي علم آهي ۽ ادب جي بحث کي تحقيقي ۽ تجرباتي سائنس جي دائري ۾ شامل ڪرڻ ئي تنقيد آهي.” (3)
تنقيد ۽ تحقيق جو پاڻ ۾ وڏو تعلق آهي. انهيءَ ڪري ادبي تاريخن ۾ انهيءَ موضوع کي گڏ ئي بيان ڪيو وڃي ٿو، پر وري به ٻنهي جون حدون گڏ هوندي به الڳ آهن.
ادب ۾ تنقيد ڪندڙ کي نقاد (Critic) سڏيو وڃي ٿو. هڪ نقاد اديب، عالم، شاعر ۽ محقق ٿي سگهي ٿو، پر حقيقت ۾ نقاد جو هڪ الڳ مزاج هوندو آهي، هُو هڪ محتسب به آهي ته تخيلق ڪار پڻ.
بعض جي راءِ موجب ته جيڪي ماڻهوادب ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ کان محروم ٿيندا آهن، سي دل جي باهه ڪڍڻ لاءِ تنقيدنگاريءَ جي عمل ۾ ٽپي پوندا آهن ته جيئن ڪنهن جو پٽڪو لاهي، کيس گهٽ ثابت ڪري، پاڻ کي اونچو مقام ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن، پر ڏٺو وڃي ته اها راءِ منفي رويي جي نشاندهي ڪري ٿي. حالانڪه ادبي تنقيد ڪو معمولي ڪم نه آهي بشرطيڪ اها صحيح اصولن مطابق ڪئي وڃي.
ادبي تنقيد مثبت ۽ منفي نموني جي قسمن جي ٿئي ٿي.
مثبت تنقيد: اها تنقيد ادبي فن پاري جي باري ۾ هوندي آهي، جنهن ۾ انهيءَ تصنيف جو سرسري ۽ گهرو مطالعو ٻئي شامل هجن ٿا. جيئن انهيءَ لکڻيءَ جي عظمت تائين پهچي سگهجي. مثبت تنقيد جي خاص طور عملي هئڻ سبب فن ۽ فنڪار ٻنهي جي اهميت وڌي ويندي آهي.

منفي تنقيد:
هن قسم جي تنقيد ۾ شخصي تنقيد تي گهڻو زور هوندو آهي. اهڙي تنقيد متعصبانه رويي ۽ خودغرضيءَ جو شڪار هجي ٿي. بيجا شخصي تنقيد جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن چڱا ليکڪ به اها شهرت، عظمت ۽ مقام حاصل ڪري ڪونه سگهندا آهن، جنهن جا هُو مستحق هوندا آهن. نظرياتي تنقيد کان علاوه جمالياتي تنقيد، نفسياتي تنقيد، اخلاقي تنقيد، مذهبي تنقيد، سماجياتي تنقيد ۽ ڪجهه ٻيا قسم پڻ آهن. تنقيد جي رويي کي مثبت نموني سان نڀائڻ لاءِ نقاد جي لاءِ چند اصول پڻ مقرر ٿيل آهن، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
1- نقاد کي پنهنجي فن سان انصاف ڪرڻ لاءِ وسيع ترين ادبي مطالعو، ادب جو حقيقي شوق، قديم ۽ جديد تنقيدي روين جي ڄاڻ، ادبي تاريخ تي عبور، ادب جي مختلف صنفن جي اصطلاحن تي گرفت، وسيع القلبي ۽ وسيع النظري سان گڏ پنهنجي مقصد کي سهڻي ۽ منظم نموني سان پيش ڪرڻ جو ڏانءُ هئڻ گهرجي.
2- جيئن ته هر نئين تصنيف انفرادي/ جداگانه حيثيت رکندڙ ۽ نئين پيداوار هجي ٿي (سواءِ نقل ۽ ترجمي جي) ۽ انهيءَ ڪري نقاد لاءِ ضروري آهي ته هو انهيءَ تصنيف ۾ چڱايون ڳولهي بنسبت براين جي. براين کي نظرانداز نه ڪري، بلڪه احسن طريقي سان ڄاڻائي. سٺي خداداد ۽ تخليقي صلاحيت رکندڙ ذهين نقاد جي اها پهرين صفت آهي ۽ کيس تقابلي (Comparasion) کان پڻ بچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر شخص جو تحرير جو انداز بلڪل جداگانه، آزاد ۽ ٻئي شخص کان مختلف هجي ٿو. ان کان سواءِ هر تحرير پنهنجي پنهنجي دور جي دستاويز هوندي آهي، ان ڪري مصنف جي ذات، ماحول، تصنيفات ۽ ان دور جو مطالعو به نقاد لاءِ ضروري آهي.
3- نقاد جي جوابدارين ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته هو شائسته ۽ مهذب ٻولي استعمال ڪري، ڇوجو تنقيد جو فن ادب جو حصو آهي ۽ادب ۾ تهذيب يافته هئڻ پهريون شرط آهي. تعصب، خودغرضي، ذاتي عناد ۽ شخصي تنقيد کان پاسو ڪري، انهيءَ فن کي اونداهيءَ مان روشنيءَ ۾ آڻڻ سان هو ان فن پاري جو صحيح ترجمان شمار ٿيندو. يعني سولي نموني سان عام کي سمجهائڻ وارو رهبر ٿيندو. جنهن سان عوام پڻ ان تصنيف ڏانهن متوجهه ٿيندو.
نقاد جو فرض آهي ته هو ليکڪ جي لکيل مواد ۾ لفظن، جملن ۽ پيراگرافن ۾ ربط، مقصديت ۽ مطلب کي چڱيءَ ريت پروڙي، معنيٰ ۽ لفظن جي هم آهنگيءَ تي توجهه ڏئي. ٻوليءَ جي استعمال کي خصوصي توجهه سان ڏسي.
نقاد جي گهرجن ۾ اهم اها به آهي ته هو جنهن ڪتاب جو تنقيدي جائزو ڏيئي رهيو آهي ته اهو ضرور ڏسي ته اهو ڪتاب جنهن صنف سان تعلق رکي ٿو، ان صنف جون خوبيون انهيءَ ڪتاب ۾ آهن يا نه.
سٺو نقاد حساس، ذهين، سمجهو ۽ سڄاڻ هجي ٿو، هو هر تاثر کي شيشي جي عڪس وانگر جهٽي، چٽو ڪري پيش ڪري ٿو. سندس علميت، ادبي ذوق، ڄاڻ ۽ شخصيت پڻ سندس تنقيد مان پڌري هوندي آهي، باقي سندس راءِ سان ٻين عالمن، محققن، اديبن ۽ قارئين جو متفق هئڻ ضروري نه آهي، جهڙيءَ ريت پڙهندڙ ڪابه راءِ قائم ڪرڻ ۾ آزاد آهي، اهڙيءَ ريت نقاد به ڪنهن تحريري مواد کي مستند ۽ غيرمستند سڏي سگهي ٿو، شرط فقط اهو آهي ته وٽس مضبوط دليل هجن ۽ هو سائنٽيفڪ طريقي سان پنهنجي تنقيد کي Justify ڪري سگهي ته پوءِ ته سندس راءِ وزنائتي ٿي قائم به رهي ٿي ته مشهور به ٿئي ٿي. معنيٰ ته، “نقاد جو علمي ۽ ادبي طور ڄاڻو هئڻ ضروري آهي، تڏهن ئي هُو ڪنهن به ادبي فن پاري جي تخليق جا زاويا سمجهندي ۽ سمجهائيندي پنهنجي علمي ڄاڻ جي پڙهندڙن سان حصي رسي ڪندو. (4)

سنڌي ادب ۾ تنقيد جي ارتقا ۽ اوسر

“سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل تنقيد جي ڪتابن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪڙا اصولي تنقيد جا ڪتاب يا مضمون وغيره ۽ ٻيا عملي تنقيد جا ڪتاب ۽ مضمون مقالا وغيره. ان کان سواءِ تحقيق جي لحاظ کان لکيل ڪتابن کي به مٿين ٻنهي قسمن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. اهڙا مضمون، مقالا ۽ ڪتاب، جن ۾ نثر يا نظم جي ڪنهن صنف جي فني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ اصول ۽ قاعدا قانون بيان ڪيا ويا هجن، يا ڪنهن فن پاري جو اصولي تجزيو ڪرڻ لاءِ ماڻ ماپا بيان ڪيا ويا هجن، تن کي اصولي تنقيد جي دائري ۾ آڻبو. جڏهن ته ٻيا ڪي اهڙا مضمون، مقالا ۽ ڪتاب، جن ۾ نثر ۽ نظم جي ڪتابن، افسانن، ناولن، ڊرامن ۽ مضمونن تي تنقيدي خيال کان لکيو ويو هجي ۽ مڪمل نموني ڇنڊڇاڻ ۽ پرک ڪري انهن جو ملهه ڪٿڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هجي ته انهن کي عملي تنقيد جي دائري ۾ آڻبو”. (5)
سنڌي ادب ۾ تنقيدي رويي جا اشارا ڊاڪٽر فهميده حسين موجب، “نائين ۽ ڏهين صديءَ جي زماني ۾ هڪ شاعر ڪويراج شيکر جي هڪ ڊزن کن لکيل عروض، ادب تاريخ ۽ تنقيد جي ڪتابن مان ملن ٿا”. (6)
ان کان پوءِ مولوي ابوالحسن ڏاهري، مير علي شيرقانع ٺٽوي، محمد ابراهيم خليل ٺٽوي، سيد ثابت علي شاهه ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ ڪجهه تنقيدي اشارا ملن ٿا. باقاعده طور اصولي تنقيد جو پهريون ڪتاب سيد فاضل محمد شاهه جو “ميزان شعر” 1875ع شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ علم عروض جي قاعدن ۽ ضابطن جي ڄاڻ ڏنل آهي. ساڳيءَ ريت خطوط نويسيءَ جي موضوع تي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو “انشاءِ سنڌي” ۽ ان کان اڳ “هدايت الانشاء” حاجي هدايت الله مشتاق جو خط و ڪتابت جي فن جي اصولن ۽ مثالن تي مشتمل ملي ٿو.
اڳيان هلي ڪافي ڪتاب تنقيدي نموني مطابق لکيا ويا، جن ۾ موضوع جي ڇنڊڇاڻ احسن طريقي سان ٿيل آهي، جن ۾ ورهاڱي کان اڳ “احوال شاهه عبداللطيف”، “ساميءَ جا سلوڪ”، “علم ادب”، “شاهاڻو شاهه”، “سونهارو سچل”، “لطيفي سير”، “مقدمهءِ لطيفي”، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي جو مقدمو، جيڪو باقاعده تجزياتي (Analytical) نموني لکيل آهي ۽ انهيءَ تي ٿيل بحث سان سنڌي ادب ۾ تنقيدي روين ۾ وڏي تبديلي آئي) “قربِ قليچ”، “سنڌ جي ادبي تاريخ”، “تذڪره لطفي”، “شاهه جون سورميون”، “سنڌي شعر جي ڪسوٽي” لکيا ويا.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ تنقيدي ادب ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. سڀ کان پهرين 1949ع ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل “ادب ۽ تنقيد” نالي سان اهم ڪتاب لکيو، ان کان پوءِ “ادبي اصول”، “لطف اللطيف”، “شاهه لطيف ۽ ان جو فن”، “تنقيد ۽ تنقيد نگاري”، “سنڌي نثر جي تاريخ” (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، “سنڌي نثر جي تاريخ” (منگهارام ملڪاڻي)، “انڌا اونڌا ويڄ”، “سنڌي غزل جو تجزيو”، “تنقيدون”، “ادب جا فڪري محرڪ”، “ادبي اهڃاڻ”، “ادبي شناس”، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” (3 جلد)، “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو”، وريا واهرو”، “شاهه لطيف جي شاعري”، “مضمون ۽ مقالا”، “ادبي اوسر”، “سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر”، “سنڌي گيت”، “شاهه سچل سامي”، “ويچار”، “ادبي تنقيد جا اصول”، “تنقيدنگاري ارتقائي جائزو”، “ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ”، “شعور، شاعر، شاعري”، “سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس” ۽ ٻيا چند ڪتاب اصولي ۽ عملي تنقيد جا مظهر آهن ۽ خاص طور سنڌي ٻولي ۽ ادب تي ڪيل تحقيق ۾ هند ۽ سنڌ جي يونيورسٽين مان ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا، تنقيد جي مَدَ ۾ اهم آهن. سنڌي ادب جي تنقيدنگارن ۾ چند اهم نالا هن ريت آهن: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، سيد اسدالله شاهه، ڊاڪٽر دائودپوٽو، مولانا دين محمد وفائي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، لطف الله بدوي، پروفيسر محبوب علي چنا، رحميداد مولائي شيدائي، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، غلام محمد شاهواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر عطامحمد حامي، غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، ڪملا ڪيسواڻي، لڇمڻ خوبچند، علي نواز جتوئي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، محمد عمر چنڊ، پروفيسر محرم خان، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نورافروز خواجه، ڊاڪٽر سحرامداد، ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر خورشيد عباسي، جڳديش لڇاڻي، لعل پشپ، بدر ابڙو ۽ ٻين ڪيترن تنقيد ۽ تحقيق ۾ ڪم ڪيو آهي.

حوالا:
(1) فيروز اللغات، فيروز سنز لميٽڊ لاهور، 1971ع، ص 216.
(2) “Literary Sketch” The new Encyclopadia Britanica 15th edition, p-397.
(3) مراد علي مرزا: “ادبي تنقيد جا اصول”، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1989ع، ص89.
(4) سيد محي الدين زور “روح تنقيد” عصري مطبوعات ڪراچي، 1964ع، ص 128.
(5) عرساڻي شمس الدين، “فن شخصيت ۽ انداز”، ڪتابي دنيا اشاعتاڻه اوسر، 2003- ص 95.
(6) ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر: “ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ”، سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي، 1997ع، ص 102.
(7) ايضاً: ص 95.

سوانح عمريون قومن جي تاريخ آهن

سوانح حيات جو احوال فردن جي زندگيءَ جي تاريخ آهي ۽ انسان ذات جي سوانح جو لکت ۾ ترتيب ڏنل سرمايو تاريخي حيثيت رکي ٿو ته به تاريخ ۽ سوانح ۾ واضح فرق آهي. تاريخ جو بنياد واقعن تي ۽ سوانح حيات جو بنياد احساسن ۽ جذبن تي هوندو آهي. پر ڪنهن به فرد جو سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان لکيل دلچسپ احوال اڳيان هلي نه فقط ادبي تاريخ ۾ حيثيت ماڻي ٿو، بلڪه مرزا قليچ صاحب جي لفظن ۾ ته، “ڪنهن ملڪ يا قوم جي تاريخ ان جي مهندارن جي سوانح عمرين جو مجموعو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ان وقت جي واقفيت ۽ ايندڙ وقت جي هدايت ملي سگهي ٿي”. (1)
سوانح نگاري ڇا آهي ۽ ادب ۾ ان جي ڪهڙي اهميت آهي، انهيءَ لاءِ اچو ته ڏسون ته ماهرن هن ادبي صنف جي وضاحت ڪهڙيءَ ريت ڪئي آهي؟
Biography: The history of the life and character of an other person a life history of an object, biographical writings in general, or as a department of literature.” (2)
ڪارلائل موجب ته:
Biography is the only true history.
“سوانح” لفظ “سانحه” جو جمع آهي، جنهن جو مطلب واقعو يا حادثو آهي ۽ “سوانح عمري” ڪنهن شخص جي زندگيءَ جو حال احوال آهي ته “سوانح نگار” اهو واقعه نويس يا حال احوال لکندڙ آهي. مطلب ته سوانح ذاتي واقعن ۽ احوالن تي مشتمل تحرير آهي، جنهن ۾ سوانح عمري،
آتم ڪهاڻي، خاڪا، روزنامچا اچي وڃن ٿا. سوانح عمري ۽ خاڪو ڪنهن به شخص جي باري ۾ لکيا وڃن ٿا، جڏهن ته آتم ڪهاڻي خط ۽ ڊائريءَ جو لکندڙ پنهنجي ذات جي باري ۾ احوال لکندو آهي. آتم ڪهاڻيءَ جي صنف پڻ سوانح عمري جيان ادب ۾ مقبول ترين آهي، جنهن جي وصف هن ريت آيل آهي:
“Auto biography: Biography or memories of a person’s life written by himself”. (3)
آتم ڪهاڻي حقيقت ۾ فقط فرد واحد جي پنهنجي ڪٿا ڪانهي، بلڪه اها انهيءَ دور جي پڻ ڪٿا آهي، جنهن دور ۾ اها آتم ڪهاڻي لکي ويئي. جارج برنارڊشاهه سؤ سيڪڙو صحيح چوي ٿو ته:
“The man who writes about himself and his own time is the only man who writes about all people and all times”.
اسان اهو بلڪل چئي سگهون ٿا ته، آتم ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، مذهبي، معاشي، علمي ۽ادبي حالتن جون دستاويز آهن، جن سان حال ۾ ماضيءَ کان متعارف ٿي مختلف ماڳن، مڪانن، ماڻهن ۽ ملڪن جي معلومات ملي ٿي ته پڙهندڙ کي اها به خبر پوي ٿي ته اهڙن معروف ماڻهن پنهنجي حياتيءَ جو هڪ هڪ پل ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت همت، حوصلي، محنت ۽ اعليٰ سڀاءَ جي خاصيتن سان گهاريو آهي. تڏهن ئي اڄ هو “Legend” آهن ۽ اهڙي احوال پڙهڻ کان پوءِ هُو پاڻ به وڏو انسان ٿيڻ جا جتن ڪري ٿو.
سوانحي ادب پڙهڻ سان قومن جي اڳواڻن، رهبرن، رهنمائن، مهندارن، عالمن، اديبن، شاعرن، استادن، بلڪه ڪيترن ئي طبقن جي اهم شخصيتن جي گڻن ۽ خاصيتن جي خبر پوي ٿي. اهڙن قومي هيروز جو احوال عام جي رهنمائي ۽ ترقيءَ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿو. فقط مذهبي لحاظ کان ئي ڏسنداسين ته پيغمبرن، اوليائن، درويشن، بزرگن جي باري ۾ لکيل احوال کي پڙهڻ کان پوءِ دل ۾ نه فقط عقيدت، عزت ۽ محبت جا جذبا ۽ احساس پيدا ٿيندا آهن، پر دلي طور تي مَنُ مثبت لاڙن ڏي موٽ کائيندو آهي.
حضرت آدم عليه السلام کان محمد مصطفيٰ ﷺ تائين ڪيترن پيغمبرن جيئن حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ، حضرت يوسف، حضرت دائود، حضرت لقمان ۽ ٻين نبين جو احوال قرآن پاڪ ۾ قصص الانبياء طور رهنمائي ڪري ٿو ته اهڙا احوال ڪتابن معرفت تفصيلي پهتا آهن. اهڙيءَ ريت هن دنيا ۾ گهڻا ئي اڳواڻ، روحاني رهبر، فلاسفر، شاعر ۽ مفڪر آيا آهن، جن جي تعليم ۽ فرمانن جي باري ۾ سوانحي احوال لکيا ويا آهن. اهڙن مثالي انسانن جي باري ۾ پڙهڻ سان ڄاڻ پوي ٿي ته ڪي گڻ منجهن طبعي هئا ته ڪي هنن همت ۽ محنت سان پيدا ڪيا. اهو همت ۽ محنت وارو احوال ۽ خاصيتون پڙهڻ عام خلق جي لاءِ فائديمند آهي. اهڙين شخصيتن جون جڏهن آتم ڪهاڻيون/ خودنوشت سوانح پڙهجن ٿيون ته انساني حياتي وڌيڪ اُتساهيندڙ، هرکائيندڙ ۽ محنت و عظمت جو ميدان لڳي ٿي. آتم ڪهاڻي انساني اندر جو آواز ۽ کليل راز آهي. هيءُ هڪ اهڙو ڳجهه آهي، جنهن کي هرهڪ جي اڳيان زباني بيان ڪرڻ جي بجاءِ جيڪڏهن لکڻ وارو سچائي، ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ سان علمي ۽ ادبي انداز ۾ تحريري طور پيش ڪري ٿو ته ادبي خزاني ۾ هڪ اهم اضافو ٿئي ٿو ۽ اهو فقط لکڻ واري جي حيثيت، مرتبي، سمجهه، ڏات، ڏانءُ ۽ سچائيءَ تي مشتمل آهي. نثري صنف سوانح نگاريءَ جو هيءُ رخ پوري دنيا جي ادب ۾ مڃيل آهي. دنيا جي انيڪ رهبرن، رهنمائن، سياستدانن، سماجي ڪارڪنن، عالمن، شاعرن، اديبن ۽ ٻين ميدانن جي قومي هيروز جون آتم ڪهاڻيون اڄ ڏينهن تائين نه فقط انهن ملڪن ۾، پر ترجمي جي صورت ۾ به پوريءَ دنيا ۾ پڙهيون وڃن ٿيون.
آتم ڪهاڻي ڪامياب اها شمار ٿيندي، جنهن ۾ تصنّع کان پاڪ سچوپچو احوال پيش ڪيل هجي ٿو. پاڻ پڏائڻ، مصنوعيت، هلڪڙائي يا بلڪل عام نموني سان لکيل ڪٿا ۾ ڪابه دلچسپي نه هوندي آهي. اسلوبِ بيان ۾ اديبانه انداز هئڻ ضروري آهي. پنهنجي باري ۾ سچ لکڻ، خود جا عيب ثواب کولي، عام جي اڳيان پيش ڪرڻ. دل گردي جو ڪم آهي، پر فقط سچائي ۽ واقعات نگاري به سوانح جا اهم حصا نه آهن، تحرير ۾ جاذبيت، سلاست، رواني، بيانِ فڪر ۽ فن جو ڳانڍاپو ۽ انساني خاصيتن جي اپٽار اهم آهن. شروع دور جي سوانح ۾ هيرو مافوق الفطرت معلوم ٿيندو هو، پر اڄ جي جديد ادبي لاڙن مطابق هڪ عام پر خاصيتن واري انسان جي خوبين توڙي خامين ٻنهي کي توري تڪي سهڻائيءَ سان پيش ڪرڻو آهي، تڏهن ئي اها سوانح مستند هئڻ سان گڏ ادب ۾ پڻ درجو حاصل ڪري ٿي. ڪي سوانح ۽ آتم ڪهاڻيون دنيا ۾ تمام متاثر ڪُن رهيون آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته،
“برٽينڊرسل جي سوانح حيات دنيا جي بهترين ۽ عظيم ترين ڪتابن مان آهي. هن شخص جي معصوميت، سچائي، انسان دوستي ۽ بي تڪلفي کيس هن صديءَ جو هڪ مڃيل نامور ڏاهو ۽ سڄاڻ ڄاڻائي ٿي”. (4)

سنڌي نثر جون سوانح عمريون:
آتم ڪهاڻيون/ خاڪا/ روزنامچا/ خط
“سنڌي ادب ۾ سوانحي احوال جي ابتدا اوڻيهين صديءَ کان ٿي آهي. انهيءَ کان اڳ مير علي شير قانع ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ٻين عالمن جي فارسي، عربي ۽ سنڌي ڪتابن ۾ شخصيتن جي سوانح جا احوال ملن ٿا. مير قانع ۽ پوءِ محمد ابراهيم خليل “مقالات الشعراءِ” ۽ “تڪمله مقالات” ۾ شاعرن جون سوانح عمريون لکيون”. (5)
انگريز دور ۾ سوانحي ادب جي باقاعده شروعات ٿي، جنهن ۾ هن دور جي اهم ليکڪن جيئن ديوان ڪوڙومل، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، لطف الله بدوي، لال چند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، شمس العلماء دائودپوٽو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، محمد صديق مسافر، خانبهادر محمد صديق ميمڻ ۽ ٻين هن ڏِسَ ۾ لکيو آهي، شروع ۾ چند سوانحي مضمون لکيا ويا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا، پوءِ ته هڪدم سوانح تي مشتمل ڪتاب لکجڻ ۾ آيا. اهڙن لکيل سوانحي مضمونن کي ترتيب ڏئي شايع ڪيو ويو ته مختلف ٻولين مان پڻ سوانح جا مضمون ۽ ڪتاب ترجمو ڪيا ويا. اڳيان هلي 1947ع کان پوءِ ته هن صنف تمام گهڻي ترقي ڪئي. آتم ڪهاڻي لکڻ جو رواج مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪهاڻي “سائو پن يا ڪارو پنو” تان شروع ٿيو ۽ موجوده وقت سنڌي ادب ۾ ڪافي آتم ڪهاڻيون موجود آهن.
سنڌي ادب ۾ سوانحي تذڪرن، خاڪن ۽ آتم ڪهاڻين تي مشتمل چند اهم ڪتاب هن ريت آهن: “لطائفِ لطيفي” مير عبدالحسين سانگي (فارسيءَ ۾ لکيل هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو موجود آهي)، “جواهر الانسان”، “امام غزالي”، “حضرت سليمان عليه السلام”، “مولانا جلال الدين رومي”، “خان بهادر حسن علي آفندي جي سوانح حيات”، “شاهه ڀٽائيءَ جو احوال”، “قديم سنڌ ۽ ان جا ماڻهو”، “سنڌ جا ستارا”، “حالاتِ اولياء”، تاريخ محمدي”، “يوسف ۽ زُليخا” مرزا قليچ بيگ، “قربِ قليچ”، “سڄاڻ زالون” محمد صديق مسافر، “آريه ناري چرتر”، “ڀڳتن جون ساکيون”، “ساميءَ جا سلوڪ”، “مهاتمائن جا درشن” ڪوڙومل چندنمل کلناڻي، “شاهاڻو شاهه”، “سچل سونهارو”، “حضرت محمد رسول الله” لالچند امرڏنومل، “يوسف مصري”، “ڪرست جي پيروي”، “سندباد سيلاني” پرمانند ميوارام، “گوتم ٻڌ”، “ميران ٻائي”، “سنڌي سونهارا”، “پيغمبر اسلام” ڄيٺمل پرسرام، “لنواريءَ جا لال” ڊاڪٽر گربخشاڻي، “سنڌ جو سيلاني”، “مرزا قليچ بيگ جي حياتي”، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، “حيات النبي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، “حياتِ سعدي”، “فاروقِ اعظم” مخدوم محمد صالح ڀٽي، “شاهه عبدالڪريم بلڙائيءَ جو احوال” ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، “اسان جو پيارو رسول” محمد بخش واصف، “سنڌ جي ادبي تاريخ” خانبهادر محمد صديق ميمڻ، “رسول پاڪ”، “خلفاءِ راشدين” غلام محمد شهواڻي، “سائين قطب شاهه” جهامنداس ڀاٽيه، “تذڪره لطفي” لطف الله بدوي، “ترخان نامو” سيد ميرمحمد جادل ٺٽوي (مترجم) ميرزا عباس علي بيگ، “انسانيت جو سرتاج” ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو، “بدري اصحاب” ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، “مشاهيرِ اسلام”،
مولوي عبدالرحيم مگسي، “دربارِ قلندر” عنايت الله ڀٽي، “قومي اڳواڻ”
ايم آرمائيداساڻي، “سانگهڙ جا سٻاجهڙا” سردار محمد بخش ناريجو، “حضرت ابوبڪر صديق” مولوي عبدالخالق خليق مورائي، “رشي ڏيارام گدومل جو جيون چرتر” پروفيسر شيوارام، “عزيز شخص ۽ عالم” پوپٽي هيراننداڻي، “شاهه-سچل سامي” محمد ابراهيم جويو، “بلوچن جا بحري ڪارناما” رحيمداد مولائي شيدائي، “کهڙن جا مخدوم” پروفيسر عطامحمد حامي، “يادِ رفتگان” مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، “جديد سياست جا نَوَ رتن”، “جنب گذاريم جن سين” سائين جي ايم سيد، “تذڪره مشاهيرِ سنڌ” (ٽي جلد) مولانا دين محمد وفائي، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون”، “هو ڏوٿي، هو ڏينهن” پير حسام الدين راشدي، “تذڪره شهباز”، “گهڙيون گهاريم جن سين” ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، “عالمن جو آفتاب” (سهيڙيندڙ) خانم خديجه دائودپوٽو، “مسڪين جهان خان کوسو” محمد بخش مجنون، “مائوزي تنگ” رسول بخش پليجو، “غالب”، پروفيسر ايم مجيب، “وطن جي آزاديءَ جو امام” (تاج محمد امروٽيءَ جي سوانح) سيد محمود شاهه بخاري، “سوانح حيات قاضي علي اڪبر درازي” علي مردان، “جهڙا گل گلاب جا”، غلام رباني آگرو، “سورداس (مترجم) گورڌن محبوباڻي، “پريم تنهنجا پار” (فاضل راهوءَ جي سوانح) عبدالله ملاح، “اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ” جي-الانا، “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ” ڊاڪٽر غلام علي الانا، (ڊاڪٽر الانا جي هن پي ايڇ ڊي جي مقالي ۾ لاڙ جي عالمن، مشاهيرن، اديبن، شاعرن جو سوانحي احوال ڏنل آهي). “محمد ايوب کهڙو جرئت مندانه سياسي زندگي” ڊاڪٽر حميده کهڙو (مترجم منصور قادر جوڻيجو)، “سڄاڻ جون سمرتيون” (منگهارام ملڪاڻيءَ جو سوانحي احوال)، ريٽا شهاڻي، “سڄڻن لڌي سار” (قاضي فيض محمد جي سوانح) “گلاب هڪڙو”، “ڀلا ڀونءَ نه وسرن” ماڻڪ ملاح، “هڪ سؤ سنڌي سپوت” ميمڻ عبدالغفور سنڌي، “غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر” ڊاڪٽر قاضي خادم، “زندگي کليل ڪتاب” (انٽرويو، ڪالم، يادگيريون) ماڻڪ ملاح، “شهيد انا الحق حسين بن منصور حلاج” غفار ڀٽو، جيءَ جهروڪا (خاڪا) ماهتاب محبوب، “مخدوم نوح سرور جا سهيوڳي” پروفيسر محبوب علي چنا، “ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا”، “واٽ ويندي”، “ڏيئا تيل ڦليل جا”، “وتايو فقير” علي احمد بروهي، “ڪارا منهن موچارا منهن” (خاڪا) “اکين ڏٺو ڪنن ٻُڌو”، “پڇاڻو”، “يادگيريون”، ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر، “لاڙڪاڻو امر شخصيتون” عبدالستار ڀٽي، “چارلس نيپيئر کان ميان محمد سومري تائين” مومن بلو، “فن، شخصيت ۽ انداز (خاڪا) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، “اسين مسافر پيار جا” (خاڪا) ڊاڪٽر ادل سومرو، “ڇو، ڇا ۽ ڪيئن” عبدالقادر جوڻيجو، “خيرپور جي ميرن جو سنڌ جي سياست ۽ ثقافت ۾ حصو” ڊاڪٽر عطامحمد حامي، “سون برابر سڳڙا، “سامي ساگر بوند ۾” ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙو، “پورب ڄائي”، (بينظير ڀٽو جي سوانحي ڪٿا) (مترجم) نظاماڻي، “تاريخ جا اڏيندڙ (مترجم) محمد بخش سومرو، سدا ساوا پن” (مترجم) ولي رام ولڀ، “سنڌ جا شهيد” لطيف سنڌي، “هڪڙو پيارو ماڻهو”، قاضي منظرحيات، “شڪارپور سونهن جو شهر” خليل مورياڻي، “سنڌ جا عوامي ڪردار” دادا سنڌي، “شڪليون”، (خاڪا) عبدالقادر جوڻيجو، “لاڙڪاڻو صدين کان” ڊاڪٽر بشير احمد شاد، “ضلعو نوابشاهه تاريخي شهر ۽ شخصيتون”، “ايڇ ايم خوجا: هڪ مثالي استاد” ڊاڪٽر حامد علي خانائي، “سنڌ جا عظيم ويڄ” ڊاڪٽر اديب انقلابي، “شڪارپور صدين کان” ڊاڪٽر عبدالخالق راز، “ويا سي وينجهار” غلام محمد گرامي، “تاريخ جون بدنام عورتون” (ترجمو) علي اظهار، “نواب سر غيبي خان چانڊيو” حڪيم خليفو عبدالحميد خان چانڊيو، “لفظ ڳالهائين ٿا” سيد اڪبر، “بوستان”، “گلستان” (شيخ سعدي) مترجم: محمد قاسم سومرو، “ڇا ته شخص هو” عبدالواحد آريسر، “سهڻو پاڻ سڏائي ويا” نصير مرزا، “صوفي شاهه عنايت شهيد”، “نجم عباسي: فن ۽ شخصيت” يوسف سنڌي، “وتايو فقير” عبدالقادر منگي، “تاريخ سجاول” عزيز جعفراڻي، “محمد سومار شيخ: هڪ مطالعو”، “ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو”، “شيخ اياز: هڪ مطالعو”، “تنوير عباسي: هڪ مطالعو”، “ڊاڪٽر سنديلو: هڪ مطالعو”، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، “سيد سمن سرڪار” محمد سومار، “سنڌ جو امير” اختر عباسي، “مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ” محبوب علي چنا، “يادن جا ديرا کوسن جا پيرا” نظام الدين کوسو، “آديسي اُٿي ويا” ڊاڪٽر نواز علي شوق، “همايون نامو” احمد خان آصف، “سردار بهادر محمد بخش” علي اڪبر درازي، “مرد مومن” عنايت الله زنگيجو، “علامه آءِ آءِ قاضي”، “حضرت بهاءُالدين” پروفيسر علي نواز جتوئي، “خليفو ميان صوبدار”، “قاضي احمد دمائي” سائين بخش جوڻيجو، “سنڌ جو سيد” محمد امين کوسو، “جي ايم سيد” قمر ڀٽي، “جي ايم سيد” عبدالواحد آريسر، “جي ايم سيد ڊاڪٽر دُرشهوار سيد جي نظر ۾” ڊاڪٽر درشهوار، “پير بادشاهه” عبدالعزيز، “عمر بن محمد دائودپوٽو” غلام مصطفيٰ دادوي، “خان محمد پنهور” ناصر پنهور، “سنڌ جو سورمو مولانا تاج محمد امروٽي” عبدالرحمٰن جتوئي، “سرها گل سنڌ جا” عابد لغاري، “حضرت عثمان مروندي” علي نواز شاهه، “خدايار ميان سرفراز” مرزا عباس علي بيگ، “ٻري جن ٻاري” خان محمد پنهور، “شهيد الله بخش سومرو، آزاد قاضي، “آواز جي دنيا جا ساٿي عرف ماڻهو ميگهه ملهار” جعفر علي خاصخيلي، “آڪاش کان وڏو ڌرتيءَ جو شاعر”، “باهيون بيراڳين جون”، “سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ” تاج جويو، “حضرت سچل سرمست” خوش خيرمحمد هيسباڻي”، “منهن تنين مشعل” ڊاڪٽر تنوير عباسي، “پسي تنهنجي تجلي” (لاڙ جي اديبن جو ذڪر) يوسف سنڌي، “سانگي ڪي ساريام” شيخ عبدالرزاق، “ڏونگر جن ڏوريا”، “ماءُ کاهوڙي هليا (خاڪا) “نوان چار درويش” ناز سنائي، “ماڻڪ موتي لال” ايوب انصاري، “موتي جي مهراڻ جا” فيروز احمد، “هوندا سي حيات” کٽياڻ مولابخش، “جوڳيئڙا جهان ۾” (مشاهير دادو) محمد امين مگسي، “سنڌي سرواڻ” لعل لطيفي، “عظيم سنڌي انسان” ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، “سنڌي ٻوليءَ جا محقق” ڊاڪٽر هدايت پريم، “سدا سوئيتا ڪاپڙي” (علڻ فقير جي سوانح)، “جيجي” (سوانح زرينه بلوچ)، “سپريان سندي ڳالهڙي” (محمد يوسف جي سوانح) ممتاز مرزا، “ڏٺم، ٻُڌم، پڙهيم، لکيم” شهيد سومرو، “هڪڙو پيارو ماڻهو” (قاضي عبدالحئي قائل جي سوانح) قاضي منظرحيات، “مارو جي ملير جا” خادم حسين چانڊيو، “شهدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر” سيد گل محمد شاهه رضوي، “تذڪره مخدومانِ هالا” مخدوم جميل الزمان، “ميان غلام شاهه ڪلهوڙو- سنڌ جو شاهجهان” اسلم عباسي، “مٺڙا مارو” ڊاڪٽر دادمحمد خادم بروهي، “عالمن جو آفتاب: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شخصيت ۽ علمي خدمتون”، “انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي: محمد عثمان ڏيپلائي”، ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم”، “موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح”، “سٻاجهو ساڃهه وند محمد ابراهيم جويو” (سهيڙيندڙ) تاج جويو، “پرين جي پچار” محمد موسيٰ ڀٽو، “ڏونگر نيٺ ڏرن” رنڌير سنگهه/ارمان شيخ ۽ ٻيا سوانحي ڪتاب آهن.
آتم ڪهاڻين ۽ يادگيرين ۾ “يادگيريون” سيٺ نائون مل (مترجم) حنيف صديقي، “سائو پن يا ڪارو پنو” مرزا قليچ بيگ، “سر سلطان محمد شاهه پرنس آغا خان” (مترجم) خواجه محبوب علي هاشم، “يادِ رفتگان”، “منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني” سائين جي ايم سيد، “پنهل کان پوءِ جڳ مڙيوئي سپنو” شيخ اياز، “منهنجي مختصر ڪهاڻي” ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، “اهي ڏينهن اهي شينهن” پير علي محمد راشدي، “منازلِ مسافر” محمد صديق مسافر، “منهنجو ننڍپڻ” مخدوم طالب الموليٰ، “ڪيئي ڪتاب” رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، “سکر سي ئي ڏينهن” محمد اسماعيل عرساڻي، “منهنجي ڪهاڻي” لعل بن يوسف، “سنڌ جو سفر” (لطف الله سورتيءَ جي خودنوشت سوانح) مترجم قادربخش نظاماڻي، “ڏک سکن جي سونهن” تاجل بيوس، “منهنجو سفر” قاضي فيض محمد، “ڏسي ڏوهه اکين سان”، “اونهي ڳالهه اسرار جي”، “ٿوهر ۾ ڳاڙها گل” ۽ “ايندو نه وري هي وڻجارو”، “مر پيا مينهن وسن” جمال ابڙو، “مان ڏوهي هان” عزيز ڀنگوار، “اڳي ايئن هياس” فضل احمد بچاڻي، “آئيني جي اڳيان” (سترنهن ساهتڪارن جي جيون جا تعارف، جيڪي هنن خود لکيا آهن) سهيڙيندڙ: فيروز ميمڻ، “ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪ مسافر” (چار ڀاڱا عنوان جي ڪجهه فرق سان آهن) شيخ اياز، “ساروڻيون” دادا گرداس واڌواڻي، “آخري پنا” هري موٽواڻي، “چولو منهنجو چڪ ۾” هري دلگير، “منهنجي ماضيءَ جا چند ورق” پير عالي شاهه، “سيئي سڪان ساريان” سيد اظهر گيلاني، “تان ڪي ڏونگر ڏوريان” محمد صديق ميمڻ، “بک عشق ادب” موهن ڪلپنا، “اسان زنده رهنداسين” ليليٰ خالد (ترجمو) زيب سنڌي، “منهنجي ڪهاڻي” جواهر لال نهرو (ترجمو) رتن ملڪاڻي، “اسين جيئرا آهيون” (ترجمو) محمود مغل، “گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي” (ترجمو) ڊاڪٽر اياز قادري، “سنڌڙي منهنجي جندڙي” گوبند مالهي، “منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق” پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، “ڪجهه ٻُڌايم ڪجهه لڪايم” ڪيرت ٻاٻاڻي، “وهي کاتي جا پنا” لڇمڻ ڪومل، “ڪيئن وساريان ويڙهيچن”، “منهنجي پيشي جا گل و خار” وينا شرنگي، “گهنڊ ڄاڻ وڳو” “ٻپهريءَ جا ٻه پل” ريٽا شهاڻي، “ڳالهيون پيٽ ورن ۾”، ڊاڪٽر شمس عباسي، “تاريخ جو وساريل ورق” غلام فاطمه شيخياڻي، “منهنجو سورج مکي” شبنم گل، “مجاز”، “ديپڪ ۽ ملهار” ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، “دنيا جون مشهور آتم ڪهاڻيون” ميمڻ عبدالغفور سنڌي، “هوچي منہ جي آتم ڪهاڻي” (ترجمو) رسول بخش پليجو، “ڏٺم اڻ ڏٺل”، “سوچون هڪ سچار جون” ڊاڪٽر نجم عباسي، “منهنجي آتم ڪهاڻي” (جرمن اڳواڻ ايڊولف هٽلر جي آتم ڪٿا) مترجم حسين بادشاهه، “سلطانه بيگم عرف داستانِ غم” حافظ حيات شاهه، “منهنجي يادن جون ريکائون” محمد ملوڪ اُنڙ، “منهنجون يادون منهنجو ننڍپڻ” پروانو سيوهاڻي، “اوشو جي آتم ڪهاڻي” (مترجم) فياض لطيف ۽ ٻيون آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن.
سوانحي ڪتابن ۾ ڪلاسيڪل شاعرن جي حياتيءَ ۽ فن تي چڱو ڪم ٿيو آهي، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح، فن ۽ فڪر تي ڪافي ڪتاب لکيا ويا آهن. ادبي تاريخن ۽ تذڪرن ۾ سوانح جي باري ۾ اهم احوال ملي ٿو. ايم.فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا هن ڏس ۾ اهم آهن، جيئن: “مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثر نويس” مرزا حبيب الله، “اوڻويهين صديءَ جا نثر نويس” ميمڻ عبدالغفور سنڌي ۽ ٻيون ٿيسز آهن. ازانسواءِ مختلف ادبي، سياسي، سماجي ۽ علمي شخصيتن جي باري ۾ سوانحي نمبر/خاص ايڊيشن پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ “سهڻي” مخزن طرفان امر جليل، نسيم کرل ۽ شيخ اياز نمبر، ٽه ماهي مهراڻ طرفان سوانح نمبر، شاعر نمبر، گرامي نمبر، شيخ اياز نمبر ۽ ٻيا آهن. پرک جو طارق عالم نمبر، سرتيون جو “انٽرويو نمبر” بينظير ڀٽو نمبر ۽ ٻيا سوانحي ايڊيشن آهن.
سنڌي ادب ۾ ڊائريون به لکيل ملن ٿيون ۽ ڪجهه ترجمو ٿيل ڊائريون پڻ شايع ٿيون آهن، جن ۾ سڀ کان پهرين ته مرزا قليچ بيگ جو نالو شانَ سان کڻي سگهجي ٿو. هن مشهور و معروف عالم نثر جي گهڻين صنفن ۾ سڀ کان پهرين لکيو آهي، جنهن ۾ ڊائري پڻ اچي ٿي. مرزا صاحب جي آتم ڪهاڻيءَ جا آخري پنا ڊائريءَ جي احوال تي مشتمل آهن. کين روزنامچي/ڊائري لکڻ جي مستقل عادت هئي. اهڙيءَ ريت اڳيان هلي ٻين ليکڪن پڻ سوانح جي هن صنف ۾ لکيو آهي، پر اسان وٽ ڇپيل ڊائرين جو تعداد ڪافي گهٽ آهي، جن ۾ چند هن ريت آهن: “چين جي ڊائري” پير علي محمد راشدي، “ساهيوال جيل جي ڊائري” شيخ اياز، “جيل ۾ ٻاويهه مهينا”، جيل گهاريم جن سين” طارق اشرف، “قيدياڻيءَ جي ڊائري”، اختر بلوچ، “1990ع جي ڊائري” ايم.اي عالماڻي، “ظفر حسن جي ڊائري”، ظفر حسن، “ڪوٽ لکپت جو قيدي” رسول بخش پليجو، “اسان جيئن جيئي ڪوئي” عبدالواحد آريسر، “قيد جي ڪهاڻي” ناز سنائي، “ڄامشوري کي آخري ڀاڪر” ح، خ، “جنين لوهه لڱن ۾” (چي گويرا جي ڊائريءَ جو ترجمو) يوسف سنڌي، “پل صراط” دودو مهيري ۽ ٻيون چند ڊائريون آهن.
خطوط نويسي سوانحي ادب ۾ تمام حيثيت رکي ٿي. اڄ جي نفسانفسيءَ جي عالم ۽ خاص طور اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تيز رفتار ترقيءَ جي ڪري ٽيليفون، فيڪس، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سبب خطن لکڻ جي رجحان ۾ ڪمي اچي ويئي آهي، تڏهن به علمي ۽ ادبي طور خطن جي پنهنجي اهميت آهي. سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام، علامه دائودپوٽو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، جي ايم سيد، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، شيخ عبدالمجيد، شيخ اياز، ميران محمد شاهه، پروفيسر پوپٽي ۽ ٻين ڪيترن جا لکيل خط موجود آهن. ڇپيل ڪتابن ۾ “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي”، “خط انٽرويو ۽ تقريرون” شيخ اياز، “سير ۽ سفر” (سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي سفر جي احوال تي مشتمل خطن جو مجموعو) “رهاڻ” (سيد ميران محمد شاهه جا جي ايم سيد ڏي خط)، “ساهڙ جا سينگار” (علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا جي.ايم سيد ڏانهن خط)، “خط ۽ مضمون” (پير علي محمد راشديءَ جا جي.ايم.سيد ڏانهن خط) “واڄٽ ويراڳين جا” (محمد امين کوسي جا جي.ايم.سيد ڏانهن خط) “سڄڻن جا سنيها” (جمال الدين مومن ڏي لکيل اديبن ۽ دوستن جا خط) ۽ ٻيا چند خطن جا مجموعا آهن. اهڙيءَ طرح سوانحي ادب ۾ آتم ڪهاڻيون، سوانح عمريون، خاڪا ۽ روزنامچا ۽ خط اڄ ڏينهن تائين لکجي ۽ ڇپجي رهيا آهن، جن سان روزبروز وقت جي حساب سان ادبي تاريخ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.

ورتل حوالا:
(1) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، “سائو پن يا ڪارو پنو”، سنڌي ادبي بورڊ 1965ع، ص 13.
(2) Dictionary of the New English Language p-158.
(3) Ibid p 115.
(4) ڊاڪٽر تنوير عباسي: “مون کي اڳتي وڃڻو آهي” (سفرنامو) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، پهرين ڇاپو 2000ع.
(5) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” (ٽيون جلد) سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2003ع، ص114.

ترقي پسند تحريڪ ادب ۾ نئون روح ڦوڪي ان کي پرواز عطا ڪئي

ادب ڇا آهي؟ ۽ سنڌي ادب ۾ ترقي پسندي ڪڏهن کان شمار ٿي؟ مختصراً ادب جي وضاحت هن ريت آهي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي “ادب” جي لاءِ چوي ٿو ته: “ادب عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ طعام جي دعوت يا مهمانيءَ جو کاڌو، آهي” عرب مهمان نوازيءَ کي حُسنِ اخلاق سمجهندا آهن. تنهن ڪري ادب آهستي آهستي تهذيب ۽ حُسنِ اخلاق جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو ۽ ادب اها اخلاقي قابليت پڻ آهي جا ماڻهوءَ کي هر هڪ ناشائسته ڳالهه کان روڪي. “علوم الادب” انهيءَ علم کي چيو ويندو آهي. جنهن جي ذريعي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ تحريري غلطين ۽ لغزشن کان بچجي. ميٿيو آرنلڊ، “ادب کي انساني زندگيءَ جي تفسير سڏيو آهي.” افلاطون جي تشريح موجب “ادب اهو آهي جنهن مان اخلاق ۽ صداقت جي نشر و نما ٿئي.” صداقت ظاهر ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ داخلي ۽ ٻيو خارجي يعني ٻاهريون، جو ادب جو سڀ کان بهترين نمونو آهي.
علم ادب کان سواءِ جيڪي ٻيا ڪتاب آهن، تن جو مقصد معلومات پيش ڪرڻ آهي، تاريخ، جاگرافي، سائنس ۽ ٻين موضوعن جا ڪتاب فقط معلومات پيش ڪن ٿا. ان ۾ مصنف جي شخصيت جو ڪو به واسطو ناهي هوندو. انهيءَ جي ابتڙ ادبي ڪتابن ۾ جيڪا حقيقت هجي ٿي سا مصنف جي ذاتي مشاهدي ۽ تجربي جو نچوڙ هجي ٿي. جنهن ۾ اثر انگيزي ۽ دل ۽ دماغ کي ڇڪڻ جي قوت موجود هجي ٿي. جيئن شاهه لطيف سر سهڻيءَ ۾ فرمائي ٿو ته:
جيڪي ڏٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏين،
گهر ورن سان، هوند گهڻين گهوري ڇڏيا.

شاهه سائين ٻڌائي نٿو ته هُن ڇا ڏٺو آهي؟ پر ڄڻ ته سڀ ڪجهه هڪ مڪمل تاثر سان ڄاڻائي پيو. انهيءَ ڪري اهو اديب ۽ اهو شاعر ئي آهي، جنهن جا احساس ۽ خيال شدت اختيار ڪري حياتيءَ جي حقيقتن سان پڙهندڙ کي واقف ڪرائين ٿا. ۽ انهيءَ تخيل جي پرواز پڻ ان پڙهندڙ کي دِلي مسرتن ۽ دماغي بلندين ڏي وٺي ويندي آهي.
اديب جي خوشي سندس تحرير مان نمايان آهي ته سندس ڏک پڻ ڪاغذ جي ڪينواس مان ڇوليون ڏيندو نظر ايندو آهي. سندس تخليق جي قوت جڏهن عروج تي هجي ٿي ۽ سندس خيال مواد جي شڪل وٺي پنهنجي وقت جي رائج خيالن سان ظاهر ٿئي ٿو ۽ هُن کي بهتر نموني اڳيان آڻي ٿو تڏهن هڪ اعليٰ تخليق پيدا ٿئي ٿي. ڪنهن به عظيم آرٽ لاءِ اعليٰ خيال ۽ سگهارو تخليقي جذبو تمام ضروري آهن تڏهن ئي زندگيءَ سان سلهاڙيل ادب زندگيءَ کي پنهنجو فن ڏيندو آهي. زندگيءَ جي سمورين قوتن، محبتن، مسرتن، ذوق، ڏک ۽ سک جو ترجمان ادب ئي آهي. چڱو ادب هر دؤر ۾، هر حال ۾، هر ملڪ ۾ پيدا ٿيندو رهيو آهي ۽ ان جي لڳاتار اوسر ٿيندي رهندي آهي ۽ انيڪ تبديليون پڻ اينديون رهنديون آهن. جيئن زندگي چر پر جو نالو آهي، تيئن ادب پڻ ڪڏهن بيٺل نه رهيو آهي. منجهس وقت سان گڏ مختلف لاڙا ۽ تبديليون هميشه ايندا رهيا آهن. سي دنيا جي ٻين ادبن جيان سنڌي ادب ۾ پڻ آيا آهن.
سنڌي ادب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهم سرمايو ۽ ترقي يافته ادب شمار ٿئي ٿو. حالتن مطابق ان ۾ لاهيون چاڙهيون فطري طور آيون آهن ڇو ته ادب ڪا آسماني شئي ڪانهي، جنهن ۾ وقت گذارڻ سان ڪا به تبديلي نه اچي. انهيءَ ڪري جيئن دنيا جي ٻين ملڪن جي ترقي يافته ادب ۾ اظهار جي انداز ۾ تجربا ٿيا آهن ۽ نوان لاڙا متعارف ٿيا آهن، تيئن سنڌي ادب ۾ پڻ ٽيڪنيڪي ۽ نظرياتي لاڙا ايندا رهيا آهن. جن مان ڪي ڪامياب ٿيا آهن ته ڪي وڌي ويجهي نه سگهيا آهن. هيءَ سرگرمي انسان جي ذهني ۽ فڪري سرگرمي آهي جا ڪاغذن تي سنواري ۽ سڌاري ڪتابي صورت ۾ آڻي پڙهندڙن جي اڳيان آندي وڃي ٿي. پوءِ جيڪڏهن پڙهندڙن ڪنهن نئين تجربي کي مڪمل طور پنهنجو نه ڪيو آهي ته پوءِ ليکڪ جو اهو تجربو وڌي ڪا جڳهه والاري نه سگهندو آهي. ڇو جو ادب جو اهم ڪارج اثر انگيزي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پڙهندڙ جي اندر جي دنيا ۾ تبديليءَ جو عمل ظاهر ٿيئي. “ادب براءِ ادب” يا “ادب براءِ زندگيءَ” وارا ٻه نظريا تنقيد نگارن وٽ هميشه بحث جو محرڪ رهيا آهن. جنهن ۾ پهرين مطابق ادب اهو آهي جنهن ۾ جماليات هجي ۽ هڪ فن وانگر ان مان انساني روح لطف حاصل ڪري ڇو جو ادب لطيف فن آهي.
انهيءَ راءِ سان هڪ طبقو متفق آهي، جڏهن ته ٻئي موجب ادب اهو آهي، جيڪو فطرت، سماجي حقيقتن ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي نه فقط نمايان ڪري پر انسان کي انهيءَ جو حل پڻ عطا ڪري، اهو ئي ادب براءِ زندگي آهي. ترقي پسند اديبن ادب کي فقط فنڪارانه هنرمنديءَ سان واڳيل ڏسڻ جي بجاءِ ان کي زندگيءَ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ سان ڳنڍڻ جو ڪم سرانجام ڏنو ۽ روايتي جماليات کي جنهن ۾ حسن جي محدود توريل تڪيل تشريح ۽ رواجي معيار هئا ان کي چئلينج ڪيو. سندن موجب ظاهري حُسن جي بجاءِ باطني قالب جي سونهن کي ادب جو حصو بڻائجي. انهيءَ لاءِ هنن عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۽ احساسن کي سهڻائيءَ سان قلمبند ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ زندگيءَ جي حقيقت نگاريءَ کي اڳيان آندو ۽ زندگيءَ جا سهڻا ۽ ڪوجها ٻيئي پاسا ڏيکارڻ کي اهميت ڏني. مطلب ته ادب کي سماج جو آئينو ۽ زندگيءَ جي تنقيد جو نالو ڏنو. هر طريقي سان زندگيءَ جي ننڍ وڏاين، ڏکن سکن، غريبي اميري، علمي بي علمي، خوبصورتي بدصورتي، حيثيت بي حيثيتي، هر رُخ تي روشني وجهڻ کي اهميت ڏني.
سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو نظريو ڊاڪٽر جبار چواڻيءَ ته “انجمن ترقي پسند منصفين” جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ آيو” جو سنڌي اديبن تي اردو ادب جا گهڻا ثر هئا. انهيءَ کان اڳ مختلف رجحانات هئا. ڊاڪٽر اسحاق سميجي موجب ته “ترقي پسند فڪر جا نظرياتي بنياد هڪ حوالي سان اوڻهوين صديءَ جي سڀ کان سگهاري تحريڪ رومانويت جي رد عمل ۾ جاچي سگهجن ٿا.” اهو به چيو اٿس ته، “ترقي پسند سوچ ادب کي انسان جي نج سماجي سرگرمي سمجهي ٿي. جنهن جو واسطو شعوري فڪري ۽ تخليقي بصيرت سان آهي.” هن سوچ جي نمائندن جو خيال آهي ته ادب جو ڪم خواص جي بجاءِ عوام جي زندگين جي ترجماني ۽ تبديلي هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته خواص ٻين جي رت ۽ پگهر تي پلجي ٿو، عوام رت ۽ پگهر وهائڻ جو ڪم ڪري ٿو. نثر توڙي نظم ۾ اهڙي ٻولي ڪتب آڻڻ کپي، جيڪا ڀرپور اظهار سان گڏ پڙهندڙن جي اڪثريت لاءِ سمجهه ۾ ايندڙ ۽ ابلاغ جي اهل هجي.” هاڻي اچو ته ڏسون سنڌي ادب ۾ اهڙي نموني جا نظريا ڪڏهن کان آيا آهن. ڀلي ٻاهرين ملڪن جي پوئواري ڪندي اسان چئون ته، مارڪسي فڪر جا سمورا پوئلڳ ادب کي انساني سماج جي ارتقا لاءِ بنيادي عنصر ليکين ٿا ۽ ادب سماج جي ارتقا، فڪر ۽ خيال جو بنيادي ڪردار آهي. اهي نظريا ڪي گهڻا پراڻا ڪونه آهن. سئو يا ڏيڍ سئو سال ٿيا آهن پر منهنجي نظر ۾ ته، سنڌي ادب ته شروع واري دؤر کان ئي ترقي پسند ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ترقي پسند تحريڪ ته پوءِ آئي آهي. شاهه لطيف جو رسالو کڻي ڏسون (اسان وٽ پهرين نظم موجود آهي، نثر انگريز دؤر کان باقاعدي عام ٿيو آهي) ته اهو ترقي پسنديءَ جو بنيادي اهڃاڻ آهي. شاهه لطيف ته مهاڻن کي مير ٿو ڪوٺي، هو ته سماج جي جذبن ۽ احساسن جو ترجمان آهي. وٽس زوريءَ مڙهيل رشتا زنجيرون ۽ رڪاوٽون آهن. هو عوام جو شاعر ۽ عوام جي هر جذبي جو قدردان آهي. سندس ٻولي سنڌ جي چپي چپي ۾ توڙي ٻاهر رهندڙ هر سنڌي ڄاڻندڙ سمجهي ٿو. هو جديديت، مابعد جديديت، سوشلزم، ڪميونزم جي پرچار نٿو ڪري. هي ته سڀ پوءِ جا لاڙا آهن. ترقي پسندي شروع کان اسان وٽ ادب ۾ شاهه جي رسالي وسيلي موجود آهي. ها ايئن ضرور آهي ته انگريز دؤر ۾ جڏهن نثر عام ٿيو ۽ ڪجهه منظوم صنفون جيئن غزل، گيت، ترائيل، سانيٽ وغيره ٻين ٻولين مان آيون ته اسان وٽ ادب ۾ ڪجهه تبديلي آئي. جنهن ۾ ترقي پسند تحريڪ وري جو ادب کي زندگيءَ ڏي موڙيو ته سنڌي ادب پڻ نثر جي حوالي سان ان مان فائدو ورتو. باقي ادب ترقي پسند يا رجعت پسند نه هوندو آهي. ادب وهندڙ ڌارا آهي، جنهن ۾ تبديليون وقت سان اينديون رهنديون آهن. سنڌي ادب جا اديب ۽ شاعر پڙهيل ڳڙهيل ۽ ترقي يافته سوچ جا مالڪ آهن. هڪ نئين شي کي پنهنجو به ڪن ٿا ته پراڻيءَ ويل کي ورائي واپس پڻ آڻين ٿا. اسان جي ڪيترن شاعرن شاعريءَ ۾ تمام سهڻا تجربا ڪيا آهن. سنڌ جي مختلف دورن جي ڏکين حالتن تي جا شاعري سنڌيءَ م سرجي آهي اها ترقي پسنديءَ جو اعليٰ مثال آهي. جا مزاحمتي ادب، انقلابي ادب ۽ وطن دوست ادب جو هڪ جاندار مثال آهي. جنهن ۾ شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، احمد ملاح، حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، استاد بخاري، امداد حسيني، ادل سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر آهن. اياز چوي ٿو:
مان تو کي گيت ڏيان اي ڌرتي!
تون مون تي زنجير وجهين.

نياز همايوني چوي ٿو ته:
اي وطن منهنجا وطن، پاڪ پيارا وطن، تون لک لهين،
تنهنجا ويرانا به ٿا مون کي وڻن، تون لک لهين.
اهو به چوي ٿو ته :
سنڌڙي منهنجي ماءُ، او منهنجي جيجل تو تان گهور ٿيان،
شال نه ٿيان غدار سندءِ، ڀل ڊاڪو ٿيان يا چور ٿيان.
اهڙا ڪيترائي مثال ملندا جن ۾ پنهنجي ماڻهن سان، پنهنجي سماج سان، سچي رهڻ لاءِ آڀاريو ويو آهي. حياتيءَ جون کليون حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن. نثر ۾ پڻ اهڙا انيڪ مثال ملن ٿا. مضمون، ڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما خاص طور هن ڏس ۾ اهم آهن. پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، جمال ابڙو، حميد سنڌي، نسيم کرل، امر جليل، آگرو صاحب، اياز قادري، سراج ميمڻ، محمد عثمان ڏيپلائي، نجم عباسي، ۽ ٻين ڪيترن ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ اهڙي نثري ادب کي وڌايو، جنهن ۾ سرمائيدارن، زميندارن، جاگيردارن ۽ مذهبي ٺيڪيدارن جي ظلمن کي وائکو ڪيو. عورت ۽ مرد جي بحيثيت انسان جي برابري واريءَ حيثيت جي تصور کي هٿي ڏني. شروع دؤر جي اهڙن اديبن ۾ شيخ اياز، گوبند پنجابي، اياز قادري، سڳن آهوجا، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، شيخ عبدالستار ۽ ٻين غريبن جي بدحالي اقتصادي ڦرلٽ، هندو مسلم ٻڌي، انگريز حڪومت خلاف نفرت (مثال طور سفيد وحشي ڪهاڻي شيخ اياز جي هن ڏس ۾ اهم آهي ۽ گلي سدارنگاڻيءَ جو ناول، اتحاد ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ناول ۽ ٻيا ڪتاب آهن) ورهاڱي کان پوءِ ترقي پسند تحريڪ معرفت سماجي حقيقت نگاريءَ جي لاڙي هڪ منظم شڪل اختيار ڪئي، ڪهاڻين، ناٽڪن ۽ ناولن جي موضوعن ۾ پڻ تبديلي آئي. هند ۾ جيڪو ادب سرجيو سو حالتن تحت ڳچ سال پاڪستان مشڪل سان پهچي سگهيو پئي، پر جيڪو هتي مليو ٿي، ان جي موضوعن ۾ ورهاڱي جي حالتن جا شديد ڏک ۽ سنڌ ڇڏڻ ۽ وڇوڙي جي ذڪر موجود آهي، سنڌ ۾ گهاريل خوشگوار يادن ۽ سماج ۾ آيل تبديلين تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۾ سرجيل ادب ۾ پڻ وڏي تبديلي آئي. هتي پڻ ادب ۾ نوان لاڙا متعارف ٿيا جن مان ڪي قائم رهيا ته ڪي جلدي ختم به ٿي ويا. اهڙن نون لاڙن ۾ ڪلاسيڪيت، وجوديت، رومانويت، حقيقت پسندي، جديديت ما بعد جديديت، علامت نگاري، سريليزم ۽ ٻيا آهن. پر وري به سنڌي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سماج جي اندر جو ڏٺو، محسوس ڪيو. انهن پنهنجي آس پاس مان ادب کي تخليق ڪيو. ادبي تنقيد جي اسان وٽ کوٽ رهي آهي. جيڪڏهن انهيءَ کي اڃان پڻ سائنسي بنيادن تي علمي، عملي، فڪري ۽ فني طور سان پنهنجو ڪيو وڃي ته سنڌي ادب دنيا جي ترقي يافته ادب جي برابر آڻي سگهجي ٿو. ڪو وقت هو جو اسان وٽ بلو دادا، (اياز قادري) پشو پاشا (جمال ابڙو)، طوفان جي تمنا (نجم عباسي) جڏهن مان نه هوندس (امر جليل) سانگهڙ (محمد عثمان ڏيپلائي) همه اوست (آغا سليم) پڙاڏو سوئي سڏ (سراج ميمڻ) ۽ ٻيا ناول ۽ ڪهاڻين جا مجموعا ڇپيا جي انساني احساسن ۽ عملن جي عمده تصوير ۽ سماجي حقيقتن جي نقاب ڪشائي آهن. پر وقت سان گڏ موجوده دؤر ۾ اصل نقاد نه رهيا آهن ۽ فيس بڪ ۽ ميڊيا معرفت اجائي واهه واهه، لڳي ٿو ته لکڻ وارن کان قلم کسي ڇڏيا آهن ۽ نه لکندڙ ئي اڳيان اڳيان آهن. ادب ترقي يافته هوندي به جامد ٿيڻ ڏي وڃڻ جا امڪان آهن پر بهرحال ترقي پسند تحريڪ سنڌي نثر ۽ نظم کي ورهاڱي جي وقت يا ڪجهه وقت پوءِ نون خيالن سان روشناس ضرور ڪرايو.

سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي ڪهاڻي

دنيا ۾ ڪيتريون ئي تهذيبون آباد ۽ برباد ٿيون آهن. جڳن کان آباد هن جَڳَ ۾ انيڪ تهذيبن جي ترقيءَ ۽ برباديءَ جا داستان سمايل آهن. مشهور تهذيبن ۾ مصري تهذيب، سميري تهذيب، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ چند ٻيون اهم شمار ٿين ٿيون. موضوع جي حوالي سان سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ تمدن تي ڪجهه ويچار پيش ڪجن ٿا.
سنڌ ڌرتي قديم سڌريل تهذيب جا اهڃاڻ پيش ڪندڙ آهي، موهن جو دڙو، آمريءَ جو دڙو، هڙپا، ڪاهوءَ جو دڙو، رني ڪوٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ڦٽل نشان اهو ثابت ٿا ڪن ته سنڌو ماٿريءَ جا رهاڪو پڙهيل لکيل هئا ۽ سندن تهذيب سڌريل ۽ شهري هئي. تهذيبي سڃاڻپ ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻي، اٿ ويهه، اوڍڻ پهرڻ، اڏيل گهرن، کاڌ خوراڪ، وندر ورنهن ۽ ٻولين وسيلي هوندي آهي. مطلب ته روايتي هنرمندي، سماجي دستور، ريتون رسمون، ڏڻ ڏهاڙا ۽ آرٽ ئي آهن جي ڪنهن قوم جي تهذيب ۽ تمدن جي ڪهاڻي ٻڌائين ٿا. “موهن جو دڙو” سنڌي تهذيب ۽ تمدن جي ڪهاڻي ڄاڻائيندڙ هڪ اهم آثار آهي پنج هزار ورهين کان به وڌيڪ عرصي جو هيءُ عظيم اهڃاڻ سنڌو ماٿري جو شان ۽ مانُ آهي، جنهن تي سنڌي قوم کي فخر آهي. موهن جو دڙو مان مليل ٻڌ ڌرم جي آثارن، پٿرن ۽ مٽيءَ مان ٺاهيل مورتين، اجرڪ جي چٽساليءَ جو وڳو يا چادر پهريل بوتو يا ناچڻيءَ جي مورتي جنهن کي عاج جا چوڙا پاتل، ان کان سواءِ ڪئين مهرون، دلا، مٽ، ماٽيون، ديڳڙا، ڪنڀارڪي ڪم جا چٽسالي ٿيل ٿانو، ڇريون، زيور ۽ ٻيا سامان هن شهر جي رهاڪن جي سڌريل حياتيءَ جو بيان ڄاڻائين ٿا ۽ اها خبر ڏين ٿا ته، اهي سنڌ واسي محنتي، پڙهيل، ڳڙهيل ۽ آرٽ جي فن جا ماهر هئا. سندن هنرمندي، شهري اڏاوت مان ملي ٿي، جنهن جا اهڃاڻ باقاعدي اڄ به موجود آهن. سندن ڪمرن جي اڏاوت لاءِ ٺهيل نالين جا سسٽم، ان پيهڻ جا جنڊ، سٽ ڪتڻ جا آڏاڻا، ۽ بيا ڪيترا سامان آهن جن مان سندن هنرمندي، ڪاريگري، پورهئي جو جذبو ۽ عملي محنت ظاهر آهي.
سنڌو ماٿري جا اهي رهواسي صاف سٿرا، شاهوڪار، فلاحي ۽ منظم سماج جا اڏيندڙ هئا. جن باقاعدي رٿابنديءَ سان هن شهر کي اڏيو. هيءُ شهر ڇو تباهه ٿيو يا ٻيا اهڙا آثار پڻ ڇو ختم ٿيا آهن؟ انهيءَ جا ڪي حتمي سبب ته نٿا ملن، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته جڏهن به ڪي پراڻا ڦٽل پر تهذيب يافته آثار تباهه ٿيل مليا آهن ته انهن جي خاتمي ۾ قدرتي آفتن يعني ٻوڏ، طوفان، يا درياهه جو رخ مڙڻ باعث لڙهڻ، يا ڪا خطرناڪ وبا ٿي هجي، جنهن تي اهو آباد ملڪ اجڙيو هجي ۽ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن وڏيءَ ملڪي قوت انهيءَ سڻڀي هنڌ کي ڳڙڪائڻ لاءِ ان مٿي حملو ڪيو هجي جنهن سبب اها تهذيب تباهه ٿي آهي.
موهن جي دڙي جي سنڌو ماٿر جي تهذيب اوچتي 1922ع ۾ ظاهر ٿي جڏهن راڪلداس بئنر جي قديم آثارن واري کاتي جو سپرنٽينڊنٽ بهاولپور ۽ بيڪانير مان ٿيندو مهراڻ يا هاڪڙي جا سڪل ٻيٽ ڳولهيندو، سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ لاڙڪاڻي جي پاسي دڙي جي آس پاس کيس ڳوٺ جي عام ماڻهن ڪي ٺڪر جي ٿانون يا ٻين لڌل شين جا ٽڪرا ڏنا، جنهن مان کيس اندازو ٿيو ته هتي ڪا قديم ترين تهذيب مدفون آهي. بئنرجي اُتي کوٽائي ڪرائي، کيس چڱيون اهم شيون مليون، جيڪي هُن آرڪيالاجيڪل کاتي جي ڊائريڪٽر سرجان مارشل کي موڪليون جنهن انهن جا فوٽوز مختلف اخبارن ۾ شايع ڪرايا ۽ پوريءَ دنيا جو ڌيان ڇڪرايو. ان کان پوءِ ئي وڌيڪ کوٽائي شروع ٿي. هن 1922ع ۾ ئي هڪ هزار مزورن سان اهو ڪم شروع ڪيو ۽ اسان کي پنهنجي هن قديم ورثي جي آگاهي ڏني. هن وقت تائين اندازاً 33 ايڪڙ زمين جي کوٽائي ٿي آهي. حڪومت دڙي کي وڌيڪ ايراضي الاٽ ڪئي آهي پر اڃا تائين ڪوبه وڌيڪ خاطر خواه ڪم نه ٿيو آهي. درحقيقت اسان جي ملڪ ۾ ايترا مسئلا هٿراڌو پيدا ڪيا وڃن ٿا جو اصل ڪم تان ڌيان هٽايو وڃي ٿو، هن معدني ملڪ ۾ ڪيترائي ذخيرا ڪوئلي، گئس ۽ ٻين اهم شين جا آهن جيڪڏهن انهن کي صحيح نموني کوٽائي استعمال ڪيو وڃي ته ڪَرَ پاڪستان پنهنجي بجليءَ جي پيداوار ۾ تمام سهڻائيءَ سان خود ڪفيل ٿي وڃي. ساڳيءَ ريت هن ملڪ تي رب پاڪ جون وڏيون مهربانيون آهن جيڪڏهن هن زمين کي صحيح استعمال ڪيو وڃي ته زراعت ۾ اسان نه فقط پاڻ ڀرا ٿيون پر ٻاهرين ملڪ جو ناڻو به ڪمائي سگهون ٿا. ساڳيءَ ريت آرڪيالاجيءَ جي کاتي ۽ حڪومت جي صحيح تعاون سان هن پراجيڪٽ کي توڙي ٻين تهذيبي ورثن کي نه فقط سنڀاليو وڃي پر انهيءَ جي باري ۾ وڌيڪ ڪم کي اهميت ڏئي دنيا کي ڄاڻايو وڃي ته اسين ڪيتري اعليٰ تمدن جا مالڪ آهيون. پر اسان بدقسمتيءَ سان موهن جي دڙي توڻي ٻين قديم آثارن تي ڪي سهوليتون ئي نه پيدا ڪري سگهيا آهيون جو ٻين ملڪن جو عوام توڻي پاڪستاني ماڻهو انهن اهم تاريخي ورثن مان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهن.
موهن جي دڙي مان نڪتل مهرن تي اُڪريل لفظن کي پڙهڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ اڄ به ڪم ٿي رهيو آهي. واشنگٽن يونيورسٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر جي مدد سان ڪيل نئين تحقيق مطابق ته “سنڌو سڀيتا جي انڊس اسڪرپٽس ۾ اهڙيون شمارياتي خصوصيتون آهن جيڪي فطري ٻولين سان ٺهڪندڙ آهن” ڏٺو وڃي ته هنن آثارن کي جيڪڏهن وڌيڪ احتياط ۽ وڏي سهڪار سان کوٽايو وڃي ته سنڌو سڀيتا جي ٻوليءَ جي ڄاڻ ۾ آسانيون پيدا ٿينديون ۽ اهو هن جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر ۾ ممڪن پڻ آهي.
اسان قديم تهذيب ۽ تمدن جا وارث آهيون پر اڄ به پنهنجي هن ورثي کي بچائڻ لاءِ پريشان آهيون جو وسيلا گهٽ آهن ۽ حڪومت جي مدد جي وڏي ضرورت آهي. ٻاهرين ملڪن جي سهڪار ۽ وڏي ناڻي جي مدد سان اهو پراجيڪٽ عمل ۾ آڻي سگهجي ٿو ته جيئن ڌرتيءَ جي قدامت جي صحيح ڄاڻ پوي. موجوده وقت به هزارين سالن جي اجرڪ جو ڪپڙو شانَ ۽ مانَ سان استعمال ٿئي ٿو ۽ هنري ڪم جيئن جنڊيءَ جو، ڪاٺ جو واڍڪو، لوهارڪو، مٽيءَ جو ڪنڀارڪو ۽ ٻيا ڪيترائي هنر آهن جن کي زنده رکڻ جون ڪوششون جاري ۽ ساري آهن. اڄ به سوسي، اجرڪ، سنڌي ٽوپي، موٺڙو، لونگي، ۽ ٻيا ثقافتي ويس وساريا نه ويا آهن. اڄ به سهرا، لوليون، ڳيچ، ڳاتا وڃن ٿا ۽ سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جون ڪوششون قائم ڪيون وڃن پيون.
سنڌو سڀيتا جي ثقافت جو پرچار ڪو هڪ ڏينهن يا هڪ هفتو ملهائڻ سان وڌي ويجهي نٿو سگهي. ها انهيءَ سان اسان ٻين کي ياد ضرور ڪرائي سگهون ٿا ته اسان وٽ ثقافت زنده آهي، پر جيتري اسان جي تهذيب قديم آهي ۽ جيترو سنڌي ماڻهو ذهين، باشعور ۽ باصلاحيت آهن ايترو انهن جي لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي ماضيءَ تي غور ڪن ۽ انهيءَ جي بچاءُ لاءِ عملي اپاءُ عمل ۾ آڻين. اهو فرض اسان جي سول سوسائٽي، بيورو ڪريسي، حڪومت ۽ اديبن، عالمن، شاعرن، شاگردن ۽ استادن، فنڪارن، ڪاريگرن ۽ ٻين پنهنجي پنهنجي شعبي جي ماهرن معرفت ٿي سگهي ٿو. دنيا ۾ ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي، ناممڪن تڏهن آهي، جڏهن اسان وٽ ناڪاري سوچ آهي. اسان کي وڏيءَ همت ۽ بهادريءَ سان پنهنجي قومي ورثن، هنرن، هنرمندن، علم ۽ ادب جي حفاظت لاءِ اڳيان اچڻو پوندو.
مٿي اڳ ۾ ڄاڻائي آئي آهيان ته سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو قديم تهذيبن جي دؤر جي تهذيب رکندڙ آهن. هن ترقي يافته تهذيب مان مليل شين مٿي جيڪي لکت جون نشانيون موجود آهن سي باوجود ڪوشش جي اڃا تائين پڙهجي نه سگهيون آهن پر ان ڏس ۾ اهو ضرور سمجهيو ويو آهي ته “اها هڪ مڪمل ٻولي آهي.” جنهن کي سميري تامل، ڏکڻ هندوستان جي دراوڙي ٻولي (جيڪا انڊو يورپين ٻولين جي خاندان جي سڀ کان پراڻي ميمبر ٻولي آهي)، انهن سڀني ٻولين جي حوالي سان موهن جي دڙي جي ٻوليءَ تي تحقيق جاري آهي. انشاء الله جڏهن ان جا ڪي واضح نتيجا سامهون آيا ته هن ڏس ۾ ٻيون پڻ کوجنائون عمل ۾ اينديون جن سان تهذيبي قدامت تي وڌيڪ روشني پئجي سگهندي.

سنڌ جا صوفي شاعر/ سنڌي ادب ۾ تصوف جو عنصر

سنڌ صدين کان صوفين، ولين ۽ سنتن جي سر زمين رهي آهي. تصوف جي تعليم انهن عظيم صوفين جو وطيرو رهي آهي. تصوف جي خيالن ۽ ان جي مشاهدن تي جڏهن غور ڪيو وڃي ٿو ته خبر پوي ٿي ته انساني تاريخ ۾ جتي ڪٿي به تصوف جا خيال جڏهن به پيدا ٿيا آهن، اتي انهن جي بنيادي صورت گهڻو ڪري هڪجهڙي رهي آهي، اندر جي بيچيني، حق جي ڳولها، رياضت، عبادت، ترڪ دنيا ۽ ٻيا عمل سڀني مذهبن ۾ ساڳيا رهيا آهن. صوفي گهٽ کائڻ، گهٽ ڳالهائڻ، گهٽ واپرائڻ کي ترجيح ڏيندڙ الله تعاليٰ جا اهي نيڪ ٻانها آهن، جن جي حياتي دنياوي حياتيءَ کان مختلف هجي ٿي. ٻين لفظن ۾ صوفيت يا تصوف انسان ذات جي اخلاقي ۽ قلبي تطهير جي اها تحريڪ ۽ اهو فڪر آهي، جنهن هميشه دنيا جي اندر استحصالي فڪر ۽ نظامن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ انهيءَ فڪر جو محرڪ انسانيت ۽ محبت رهيو آهي. سنڌي ماڻهوءَ جو مزاج صبر، سهپ ۽ توڪل وارو رهيو آهي، جنهن ڪري اسان جي بزرگن تي صوفياڻي تحريڪن جا وڏا اثر ٿيا. تصوف سان سنڌ جي ماڻهن جي واقفيت اصلاح جي نظريي سان ٿي پر ته به ان کي قبول ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ جو سبب سندن مزاج جي نهٺائي آهي. سنڌ ۾ تاريخي طور سهروردي، قادري، چشتي، نقشبندي، صوفي سلسلا ۽ طريقا رائج رهيا آهن. جن جي اثر هيٺ ئي هتان جا صوفياءِ ڪرام فڪري نسبت رکن ٿا.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي شريعت جو پابند، بي تعصب صوفي، انسان ذات جو ڀلو چاهيندڙ هو. تصوف جا مول متا سندن رسالي ۾ جا بجا موتين جيان پکڙيل نظر اچن ٿا. هو شريعت جي حڪمن جي بجا آوري صاف دلي سان ڪرڻ کي پسند ڪندي چوي ٿو:
ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ،
محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،
ان پر ٿي اچ ته، سودو ٿييئي سڦرو.

طريقت جي راهه ۾ طالب کي پنهنجو پاڻ کي تج ڪري، نفس ماري پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻو آهي. تنهن لاءِ ڀٽ ڌڻي چوي ٿو ته:
پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻهين محبوب،
پاڻهين خلقي خوب، پاڻهين طالب تن جو.

شاهه لطيف اويسي طريقي جو پوئلڳ هو. هن صوفيءَ بزرگ جو راڳ سان دلي ربط هو ۽ ان کي پنهنجي جيءَ جو جياپو ڄاڻايو اٿن. سندس شعر ۾ الهامي شاعريءَ جون خوبيون آهن. هو پرينءَ کي ئي حق جو جلوو ٿو ڄاڻي.
سهسين سج اڀرن، چوراسي چنڊن،
يا الله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانيان.

حضرت شاهه عبداللطيف کان اڳ سندن تڙ ڏاڏو شاهه ڪريم به ساڳئي، مسلڪ جو هو سندن سنڌي بيت “بيان العارفين في تنبيهه الغافلين” ڪتاب ۾ آيل آهن. اهو ڪتاب فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. شاهه ڪريم جو هر هڪ بيت ايئن ٿو لڳي ڄڻ ساڳي ٻولي شاهه سائينءَ واري آهي پر جيئن ته سندن بيت ٿوري تعداد ۾ آهن، پر فڪر ۽ خيال ساڳيو آهي. چوي ٿو ته:
سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿئي اکيئون ڌار،
ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهن.

منهنجو سڄڻ/ محبوب اکين کان فقط هڪ پل به جيڪڏهن ڌار ٿيئي ته ڄڻ سڄي ڄمار نه ڏٺم. شاهه لطيف ته انسان کي هڪ لمحو به غافل ٿيڻ کان روڪيندي چوي ٿو ته:
هٿن سين هاج ڪر، نيڻن سين نهار،
اُڀا اڱڻا پار، پس پنهنجا سپرين.

اهي اکيون دل جون اکيون آهن جن جي غفلت صوفيءَ جي نظر ۾ مقصد تان هٽائي ٿي.
قاضي قادن سنڌ جي اهم صوفي شاعر پڻ ڪتابي علم جي بجاءِ اندر اجارڻ تي زور ڏنو آهي. فرمائي ٿو ته:
جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري.

قاضي صاحب جو ڪلام تصوف جي سنڌي شاعريءَ ۾ بنياد قرار ڏنو وڃي ٿو. پاڻ شاهه ڪريم کان اڳ جو شاعر هو. سندس ڪلام پهرين “شاهه ڪريم جي ملفوظات” ۾ ستن بيتن جي صورت ۾ موجود هو. پوءِ هيرو ٺڪر کي هندوستان جي هرياڻه ڳوٺ مان چڱو شعر مليو جو روشني پبليڪيشن قاضي قادن جو ڪلام جي عنوان سان شايع ڪرايو آهي. قاضي قادن جو سڄو ڪلام تصوف ۽ وحدانيت جي اپٽار آهي.
حضرت خواجه محمد زمان سنڌ جي ناميارن صوفي بزرگن مان نقشبندي طريقي جو بزرگ هو. بدين ضلعي ۾ لنواري سندس ڳوٺ آهي. سندن حياتيءَ جو گهڻو احوال “مرغوب احباب” ڪتاب ۾ آيل آهي. خواجه زمان جي سڄي حياتي الله جي عبادت ۽ ماڻهن کي فيض ڏيڻ ۾ گذري. شاهه عبداللطيف جون ساڻن ملاقاتون ٿيون، پاڻ کانئن متاثر هئا ۽ سندن شان ۾ ڪي بيت به چيائون. جن ۾ هڪ بيت خاص مشهور آهي ته:
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي، ڪري نه سگهان ڪا ڳالهڙي.

خواجه زمان جو ڪلام ڳاڻيٽي ۾ گهٽ آهي پر تمام پراثر آهي. هن صوفي بزرگ وٽ تصوف جو معيار فقط ئي فقط دل جي صفائي آهي. خواجه صاحب جا 84 سنڌي بيت سندن بصيرت جو اعليٰ نمونو آهن. هنن بيتن ۾ روحاني ۽ معنوي طور عشق الاهيءَ جا ٽمٽار خزانا موجود آهن.
صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تڏهن تن ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

مطلب ته صوفي هن دنيا ۾ تڏهن ئي صوفي شمار ٿيندو، جڏهن سندس دل محبوب ڏي راغب هوندي. هُو مڪمل محبوب جي منشا مطابق حياتي گهاريندڙ ۽ سندس لاءِ ئي تڙپندڙ ۽ دنيا کي قيد سمجهندڙ هوندو. پوءِ حياتيءَ ۾ ئي پرينءَ کي پسندو. اڳيان فرمائي ٿو ته:
پريان جي پچار ۾، اچي جن آرام،
دنيا تن کي دام، پڇن موسم موت جي.

جيڪي حق جي جلوي جو ذائقو هڪ دفعو چکي ٿا وٺن انهن لاءِ ته پوءِ هيءَ حياتي قيد آهي. هُو ته محبوب جي پچار سان آرامي آهن ۽ ان وٽ وڃڻ لاءِ ئي آتا آهن، کين موت کان ڪو به خوف ڪونهي، بلڪه موت ته محبوب سان ملڻ جو وسيلو آهي. هُو ان جي هر دم پڇا ڪندڙ آهن. خواجه زمان جو هڪ هڪ بيت سچي عشق جو آلاپ آهي.
نڪي اوڏو اک کي، نڪي نظران ڏور،
وڃان ايئن وهلور، جيئن ڏٺو اڻ ڏيٺ ۾.

دنيا ۾ رهندي، هن قيد ۾ وقت ڪاٽيندي محبوب ويجهو ناهي. پر جي دل ان ڏي مڪمل مائل آهي ته نظرن کان پري به ناهي پر ٻنهي صورتن ۾ آئون پريشان آهيان، ڇو جو، ڄڻ ڏٺم پر نه ڏسڻ جيئن، يعني سڪ پوري نه ٿي ۽ تشنگي قائم آهي.
هتي تصوف جا ڪيترائي درجا هڪ ئي بيت ۾ سمايل آهن. صوفين وٽ جيڪي منزلون آهن انهن جا درجا مقرر آهن. عبادتن، رياضتن ۽ مجاهدن کان پوءِ جڏهن درويش ڪنهن منزل تي پهچن ٿا تڏهن سندن لاءِ ڇپر (جبل) ڇاڙڪي (ٻه پرهه) آهي. بس هيءُ جهان ڇڏڻ ۽ هُو جهان به گهوري ڇڏڻ لاءِ آتا آهن، جي کين فقط ۽ فقط پلڪ پريان ساڻ سري. تصوف جو رستو سنڌ جي صوفي بزرگن، سهڻائيءَ سان سنڌ واسين کي سمجهايو ۽ هتي جي ماحول مطابق سندن ئي درس و تدريس ۽ صحبتن مان اهي سلسلا قائم رهيا. قاضي قادن، شاهه ڪريم، مخدوم نوح، شاهه لطف الله قادري، شاهه لطيف، شاهه عنايت نصرپوري، خواجه محمد زمان، شاهه عنايت شهيد، سچل سرمست، حمل فقير ۽ ٻيا آهن جن سڀني جو تفصيل سان ذڪر هن مضمون ۾ ڪرڻ سان مضمون طويل ٿي ويندو. چند اهم شاعرن جي شاعريءَ ۽ فڪر تي ڪجهه روشن وجهجي ٿي. مٿي مختصراً قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ خواجه محمد زمان جي بيتن کي پيش ڪيو اٿم. هن سلسلي جو هڪ اهم صوفي بزرگ شاعر شاهه لطف الله قادري آهي، هو پنهنجي وقت جو هڪ ڪامل ولي ۽ بلند پايه شاعر هو. سنڌ جي صوفي شاعرن ۾ سندس نالو اهم آهي. شاهه لطف الله جو سڄو ڪلام عارفاڻي فڪر جي لحاظ کان تصوف جو خزانو آهي. معنوي نڪات ۽ رمز سان ڀرپور آهي. شاهه لطف الله جو ڪلام ڳاڻيٽي ۾ وڌيڪ آهي، جنهن کي رسالي جي صورت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سهيڙي تحقيق ۽ تصحيح ڪري شايع ڪرايو. شاهه لطف الله جو ڪلام شاهه ڪريم ۽ مئين عنايت جي وچ واري دؤر جو آهي ۽ شاهه لطيف جو جنم کانئن پوءِ جو آهي، پاڻ سندن شاعريءَ کان متاثر پڻ آهي. شاهه لطف الله فرمائي ٿو ته:
عقل اوت اوڇو ٿيو، ڪاجا ڏسي پت،
پسيو پر پرينءَ جي، منجهيو وڃي مت،
نه ڪو ڳاچ نه ڳت، حيرت هنيو سڀ ڪو.

تصوف تي فارسيءَ ۾ سندن ٻه مشهور ڪتاب “تحفة المساڪين” ۽ “منهاج المعرفه” آهن. سندس ڪلام ۾ پڻ صوفين جو ساڳيو اسلوب قائم آهي، جنهن ۾ پرين کي سمجهڻ ۽ پسڻ لاءِ ظاهري عقل جي ڪا به اهميت ڪانهي. فقط اندر جي اوجر کپي.
شاهه عنايت رضوي مغلن جي آخري دؤر ۽ ڪلهوڙن جي شروع واري دؤر جو شاعر شمار ٿئي ٿو. شاهه ڪريم ۽ لطف الله قادريءَ کان پوءِ مئين شاهه عنايت جو ڪلام تعداد ۾ وڌيڪ آهي، جو 469 بيتن ۽ 42 واين تي مشتمل آهي. هن نصرپوري بزرگ جو احوال “تحفة الڪرام” ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ ڏنو آهي. شاهه عنايت پنهنجي هم عصرن ۾ وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو. پاڻ “عنات” تخلص طور ڪم آندو اٿن. شاهه عنايت جي شاعري مڪمل رسالي جي صورت ۾ آهي. سُرن ۾ رسالي جوڙڻ جو رواج شاهه عنايت وڌو، جنهن کي پوءِ لطيف عروج تي پهچايو. شاهه عنايت رضويءَ جي شهرت کي شاهه ڀٽائيءَ جي هم عنصر هجڻ سان نقصان پهتو، هُو جيڪڏهن ٻئي ڪنهن دؤر ۾ هجي ها ته شاعريءَ جو امام سڏجي ها. سندس ڪيترا بيت شاهه جي رسالي جي بيتن ۾ ملي جلي ويا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن ڏس ۾ وڏي تحقيق ۽ تصحيح کان پوءِ سندن رسالو ترتيب ڏئي شايع ڪرايو. سندس ڪلام تصوف سان ٽمٽار آهي. حسن، عشق، فراق، هجر ۽ وصال جي بيانن سان گڏ سندس تخيل، فڪر ۽ طرز بيان اعليٰ درجي جو آهي. سُر ڪلياڻ ۾ شاهه عنايت الست جي اقرار بابت چوي ٿو ته:
الست ارواحن کي، جڏهن جاڳايو جبار،
رڙهي رهبر رسيا، سي سُل مون نبي يار،
مُلڪين فلڪين پڌرا، آگي ڪيا اظهار،
ساڪن ڪيا ستار، اوڏا سي ’عنات‘ چئي.

هن صوفي شاعر جي بيتن ۾ معنويت جي فلسفي جي اوچي اپٽار آهي. سهڻيءَ جي واتان چورائي ٿو ته:
گهڙڻ منهنجي وس، مڙڻ هٿ ٻين جي،
ساهڙ سڪندين جي، مڇڻ پوءِ عڪس،
تن جو باب نه بس، پرين جنهن جو پارَ ۾.

صوفي شاهه عنايت شهيد 1656ع ۾ پيدا ٿيو، 1718ع ۾ وفات ڪيائين، هو تصوف جو ڄاڻو پر انقلابي شاعر هو. ظلم جي خلاف سينه سپر ڪري بيٺو. غريبن جو دوست ۽ جاگيردارن جو دشمن هو، انهيءَ ڪري گهري سازش سٽي کين حڪومتي گورنر جي چرچ تي شهيد ڪرايو ويو. شاهه عنايت جي شهادت وقت شاهه عبداللطيف جي عمر 28 سال هئي. صوفي شاهه عنايت جو ڪلام هٿ نه آيو آهي پر ڪي بيت اهڙا آهن جن کي محققن شاهه عنايت شهيد سان منسوب ڪيو آهي، جن ۾ هڪ بيت هن ريت آهي:
هلڻ مون تي حق ٿيو، پهچڻ پنهونءَ وس،
آري عنايت چوي، لوڙي آئون لهنديس،
اُتي نهارينديس، جيڏيون پنهنجي جت کي.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي هڪ وڏو بزرگ شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن دين جي رستي ۾ جهاد ڪيو. سندس ڪارنامو مهاديو جي مڙهيءَ کي ڊاهڻ وارو آهي، جنهن مقابلي ۾ پاڻ 1778ع ۾ شهيد ٿيو. هو پهرين ظاهر پرست عالم هو، مخدوم خواجه محمد زمان جي صحبت کيس رنڱي ڇڏيو. فقهي جي ماهر هن شاعر جا سنڌي بيت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايت آهن.
پڄاڻان پرين، هنيون ڪڄاڙو کاءِ،
ڪلهي پايو ڪينرو، ڳڻن پريان جاڳاءِ.

سندس گهڻي شاعري “ڪبت” جي صورت جي آهي. سندس وحدانيت جي ڪلام مان هيٺيون بيت پيش ڪجي ٿو.
لالھَ الاالله آهي هيڪڙو، جو موڙ مڙني جوءِ،
سڃاڻڻ ۾ آن سندي، عقل عاجز هوءِ،
سڀن ڌاران تنهن سري، ان ري نه سري ڪوءِ.

ان کان سواءِ سندن هيءُ بيت پڻ مشهور آهي.
عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.

سچل سرمست تصوف جي شاعريءَ جو هڪ اهم نالو آهي. ميان عبدالوهاب ولد ميان صلاح الدين ولد ميان صاحبڏنو فاروقي “سچل”، جي نالي سان سنڌي شاعريءَ جو حقيقي سچل بڻجي پيو. سندس وڏا محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا هئا. سچل فاروقي ننڍيءَ عمر ۾ يتيم ٿي ويو هو. پنهنجي مرشد عبدالحق جي اثر هيٺ تربيت ورتائين. سچل سرمست فن ۽ فڪر ۽ عشق جي بلنديءَ واري شاعري ڪئي. سندس سڄو ڪلام بي باڪي ۽ رنديءَ جو مظهر آهي. سچل جي ڪلام ۾ درد جو درياءُ سمايل آهي، ته تصوف جي رواني به آهي. عام طور تصوف لاءِ ڪي ماڻهو اهو به چوندا آهن ته تصوف رهبانيت سيکاري ٿو، بي عملي ۽ زندگيءَ کان فراريت سيکاري ٿو. ظلم ۽ جبر سان مهاڏو اٽڪائي حق کسڻ جي بجاءِ، تقدير پرستي ۽ ظلم کي رب جي رضا سمجهي ان تي راضي رهڻ جي تعليم ٿو ڏئي، پر جي درازان جي هن صوفي بزرگ جي ڏنل تعليم کي سندس شاعريءَ جي ڳوڙهي مطالعي سان سمجهيو وڃي، ته خبر پوندي ته تصوف تي اهڙا اعتراض انهن ڪيا جن سنڌ جي صوفي بزرگن جي شاعريءَ جو ڳوڙهو مطالعو نه ڪيو آهي. سچل جو هر شعر، هر مصرعو، هر اکر احتجاج آهي. هُو “انا الحق” جو نعرو بلند و بالا نموني سان هڻي ٿو. وٽس لِڪَ لباس ڪانهي، تڏهن ته مٿس ڪفر جون فتوائون لڳيون پر هو بي خوديءَ ۾ پيو شعر چوندو هو، اکين مان آب جاري ٿي ويندو هئس ۽ مٿي جا وار کڙا ٿي ويندا هئس، سندس زبان ۾ بيتن جو سمنڊ پيو پلٽبو هو.
1- جان پروڙيم پاڻ کي، تان پاڻ پنهون آهيان،
2- نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار،
3- الله الله ڇوڪرين، پاڻ ئي الله ڄاڻ.
4- هِتِ هُتِ آهي صورت منهنجي ٺاهه نه ڪو ٻيو ٺاهيان.
5- پاڻ پنهون آهيان، ڙي ڀينر ڀلي ناهيان.
6- صورت سڀ سبحان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.
7- عاشق ڏسڻ آيو، محبوب گل سنياسي.
8- آهيان آئون اسرار، جيڏيون مون کي ڪير ٿيون ڀانيون.
9- سچو سو فقير، جو حد لاحد لنگهي وڃي.
10- مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.
مطلب ته سچل سائينءَ جي شاعري تصوف جو خزانو ۽ عشق جو آلاپ آهي. جيڪي راز شاهه سائينءَ ڍڪي چيا، سچل انهيءَ تان ڍڪ لاهي کولي پيش ڪيا. عشق الاهيءَ جي ستي پي سچل بي خود ٿو ٿي وڃي تڏهن چوي ٿو ته:
ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر،
انهيءَ وائيءَ وَر سمجهي ڪو “سچو” چوي.
سچل سائينءَ جو فارسي ڪلام گهڻو آهي. فارسي شاعريءَ ۾ تصوف جي شاعريءَ جا خزانا آهن. مولانا رومي، شيخ عطار، شمس الدين تبريزي ۽ ٻين جي ڪلام جو مٿن اثر هو. پاڻ حسين بن منصور الحلاج کان گهڻو متاثر هو. تڏهن ته چيائين ته: “قاضي ساڙ ڪتابان ڪون”سندس نظريي “انا الحق” کي هٿي ڏنائين، سچل موجب ته حقيقي عشق تائين پهچڻ ۽ ان منزل کي طئي ڪرڻ کان پوءِ هر طرف محبوب کيس سامهون آهي ۽ هو پاڻ طالب آهي ته پاڻ ئي مطلوب. وٽس عشق وڏي وٿ آهي. هن درد ۽ سوز جا سڀ رنگ اختيار ڪيا آهن. هو وجداني ڪيفيت ۽ مخصوص جرائتمندانه انداز ۾ شاعري ڪري ويو جا سنڌي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. اثر، ٻولي ۽ موضوعن جي حوالي سان وٽس گوناگونيت ته آهي پر تصوف جي تنوار اُتم آهي.
عاشق ڏسڻ آيو، محبوب گل سنياسي،
عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي.

حمل فقير سنڌ جو مشهور شاعر 1810ع ۾ خيرپور ۾ پيدا ٿيو. هُو مشهور عوامي ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سڪرنڊ ۾ سندس مدرسو هو پاڻ استاد جي حيثيت ۾ درس و تدريس سان لاڳاپيل حياتي گذاريائين. وحدت جي ديواني، توحيد جي شمع جي پرواني، حمل کي الاهي عشق جو سوز حاصل هو. نعتون تمام بهترين چيائين ته سندس ٻي شاعريءَ ۾ پڻ عشق جو اثر گهڻو آهي. هن درويش جو ڪلام سوزو گداز جو اعليٰ نمونو آهي. سنڌي توڙي سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪئي اٿائين، ”ڪليات حمل”جي نالي سان سندس سنڌي ڪلام کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادبي بورڊ مان تحقيق سان سهيڙي شايع ڪرايو.
سِڪَ مڙيئي سور، سُور به سِر جيا سِڪ مون،
صبر سِڪَ وِڃايو، ماٺ نه اچي مُور،
دانهُون درد فراق جُون، ڏيهه ٻجهن ٿيون ڏُور،
’حمل‘ هي ڪلور، جو ساڄن سڻي ڪينڪي.

يا هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان، ڪنهن سان ڳرهيان ڳالهه،
سانڍڻ سِڪَ سڄڻ جي، مشڪل آهه محال،
اندر ۾ اُڌما ڏيئي، ويسند ناهي هڪ وال،
حمل هيءُ احوال، ڪنهن پر پهچي پرينءَ کي.

حمل جي سڪ سوائي آهي هو سڄڻ سوا هڪ پل به گهارڻ نٿو چاهي، اهو ئي عشق جو اعليٰ درجو آهي ۽ اهو ئي صوفياڻو فڪر آهي. اسان جا ٻيا پڻ انيڪ شاعر ٿي گذريا آهن جي حڪومتي نظام جي پيداوار نه بلڪه پنهنجي تر جا، پنهنجي سماج جا، سدا بهار ۽ انوکا شخص هئا. مست الست فقير هئا، جن جي پنهنجي ڪائنات هوندي به هو دنيا کان بي خبر نه هئا. سنڌ سر زمين جي سورن ۽ سياسي لاهين چاڙهن جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ هئا. هنن بري تي بڇ جا سبق ڏنا، پنهنجي نهٺيءَ عوام کي اڳيان وڌڻ جا گس ڏنا. ڪڏهن تصوف جي اوٽ ۾ ته ڪڏهن برملا بغاوت ڪندي کليو اظهار ڪيائون، پر گهڻي ڀاڱي هنن صوفي بزرگن جو مول متو محبت، اخوت، رواداري ۽ پنهنجائپ سان دليون کٽڻ جو هو. ميون عيسو هالائي، احسان فقير، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، ميان صاحبڏنو فاروقي، تمر فقير، روحل فقير، مراد فقير، نانڪ يوسف، سامي، خوش خير محمد، خليفو نبي بخش، صوفي صادق فقير، قادر بخش بيدل، مصري شاهه، رکيل فقير ۽ ٻيا ڪيترا بزرگ شاعر ٿي گذريا آهن جن جي شاعريءَ ۾ تصوف جا رنگ ملن ٿا ۽ هو سنڌ جي صوفياڻي ۽ فڪري وحدت جا پيروڪار آهن. هن سنڌ سونهاريءَ صوفين جي سر زمين تي سندن فڪر جا روشن رُخ هميشه روشن رهندا.

سنڌ جا قديم هنر ۽ ان جو بچاءُ ۽ ترقي لاءِ تجويزون

هُنر وارو هُجي، دنيا سڄي دولت ئي دولت آ،
هوا، سورج، مٽي، پاڻي، وڏي قدرت جي نعمت آ،
فقط سهڻا گل گلابي، ستارا، چنڊ ئي ناهن،
جَبلَ، جَرَ، جهَنگَ سڀ سُهڻا، رڳو صورت ئي صورت آ.

(استاد بخاري)
“هنر” لفظ جي معنيٰ عام طور هٿ جو پورهيو ئي آهي. جنهن ۾ هن مشيني دؤر ۾ مشين تي ٺهيل هنر به شامل آهن يعني انساني هٿن ۽ سندس ئي هٿن سان استعمال ڪيل جديد مشينن جي ميلاپ سان ٺهيل پر هٿ جا هنر “هنر” شمار ٿين ٿا. سنڌ جي ڌرتي صدين کان هنر ۽ هنرمندن جي سر زمين رهي آهي. هتي جي محنت ڪشن هميشه پنهنجي هٿن کان ۽ دماغ کان مثبت فائدا وٺي پنهنجي اهميت دنيا ۾ مڃرائي آهي. قديم تهذيبي ۽ تمدني خطي جي وارث هن سرزمين انيڪ هنر دنيا ۾ متعارف ڪرايا آهن، جن جهڙا دنيا جي ٻئي ڪنهن خطي ۾ ڏسڻ ۾ نٿا اچن. سهڻيءَ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
“علم وزير آهي ته هنر بادشاهه”

سو هنرمند ڪڏهن به بک نه مرندو، هو بادشاهه آهي سندس “حرڪت ۾ برڪت آهي” يا ٻين لفظن ۾ “ڪک هيٺان لک لڪيو پيو آهي” پر هنر به بنا سکڻ جي نٿو اچي، انهيءَ ڪم ۾ سکيا ۽ صبر ضروري آهي. رهبري ۽ ڄاڻ کان سواءِ ڪوبه ماڻهو پنهنجي فن ۾ طاق ٿي نٿو سگهي ۽ سکڻ لاءِ شوق، وقت، جستجو ۽ محنت مشروط آهن. باقي اهو چوڻ ته اسان جي قسمت خراب آهي يا تقدير ساٿ نه ڏنو يا ڪنهن مدد ئي ڪانه ڪئي ته اهو ٿيو انگل ڪرڻ. استاد بخاري انهيءَ تي چوي ٿو ته:
يا ته ڪوشش جو عمل ڪامل نه هو،
يا ته پورهيو پيار سان شامل نه هو،
نيڪ نيت، هوش، همت شرط هو،
مرد سامهون ڪو به ڪم مشڪل نه هو.

(استاد بخاري)
هنر جي دنيا جي هر خطي ۾ عزت آهي. سنڌ خطو اهڙن ئي باحيثيت ملڪن مان آهي جنهن جا هنرمند پنهنجو ٺاهيل قيمتي ڪپڙو ۽ ٻيو سامان ولايت ويچيندا هئا ۽ اُتان ماڻڪ موتي لعل وکر ۾ آڻيندا هئا. هتي جو جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جو ڪم، سونارڪو ڪم، سئيءَ سڳي جو ڀرت، ڪانن جو ٺاهيل سامان، واڻ واڻڻ جو هنر، پوچ جو هنر، رَليءَ جو هنر، چم جو هنر، مٽيءَ جا چٽيل ٿانوَ، موتين جا پوچ، لوهارڪو ڪم، واڍڪي ڪم ۾ ڪاٺ جي سامان تي نقش نگاري. اجرڪون، کيس، لونگيون، سنڌي ٽوپيون ۽ ٻيا انيڪ هنر آهن جن جو مثال پوريءَ دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. هتي جا ڪوري، رنگريز، لوهار، ڪنڀار، سونارا، قديم دؤر کان مشهور آهن. شاهه لطيف سائين ته پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي هر هنرمند کي مڃتا ڏني آهي. سندس نظر ۾ اهو سماج ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي جو پنهنجي پورهيت هٿن کي اهميت نٿو ڏئي. سندن موجب ته محنت ئي عظمت آهي ته محنت ئي امن، ڏاهپ، طاقت، اختيار، سک ۽ سڪار آهي. هر معاشري جي خوشحالي معاشي حالتن جي ترقيءَ جي آڌار تي آهي، تڏهن ته چوي ٿو ته:
“پچائي پهاڻ جن رساڻيو رُڪ کي.”
“سر سنداڻ ڪري پڇج گهر لوهار جو.”
“ڪچو ڏيج ڪلال کي منهن تي موٽائي.”

۽ اهڙا ٻيا انيڪ بيت آهن جن ذريعي هن عظيم شاعر قوم جي هنرمندن کي مڃتا ڏيندي. کين همٿايو آهي ۽ هنر کي هٿن جي عظيم قوت قرار ڏنوآهي. ٻڌ دؤر ۾ لوهارڪي هنر وڏي ترقي ڪئي. انهيءَ دؤر ۾ ڀالن، تراڙين ۽ ڪهاڙين وغيره سان گڏ ڪوڏرون، پاڪيون ۽ وڍڪٽ جو سامان ويندي سنهڙين شين تائين تيار ٿيندو هو.
لوهار جو ذڪر شاهه صاحب گهڻن هنڌن تي ڪيو آهي. کيس “آڳڙيو” ڪوٺيو آهي. فرمائي ٿو ته:
ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
مترڪن منهن ڪڍيا، سانڌاڻيون سهڪن،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.

لوهارڪو ڌنڌو سنڌ ۾ تمام قديم آهي، جنهن جو ذڪر نه فقط ويدن ۾ آهي پر موئن جي دڙي مان مليل سامان ۾ پڻ ڪهاڙين جا ٻه سادا ڳن مليا آهن.
هيءَ سنڌ ته انمول هنرن سان سينگاريل آهي. هتي ته ڪپهه تمام جهجهي ٿيندي هئي ۽ ان لاءِ ڪيئن ائٽ هوندا هئا جتي مرد ۽ عورتون سنهو سُٽ چرخن تي ڪتيندا هئا. هتان جو ڪپڙو پوريءَ دنيا ۾ مشهور هو، خاص طور ململ جو ڪپڙو ته ايترو نرم ۽ نفيس هو جو هنڌين مُلڪين ان جي هاڪ هوندي هئي جيئن شاهه چيو آهي ته:
ململ مان ماءِ، جي سکيون تن سون ڪيو.
سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪپڙي اُڻڻ جا آڏاڻا هوندا هئا، ٺٽو ۽ سيوهڻ ته انهيءَ جا خاص مرڪز هئا. نصرپور جي ڪاريگرن جو اُڻيل ڪپڙو نزاڪت ۽ نفاست ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. نصرپوري کيس، لُنگيون، سوسيون، گربيون، ڪناويز، ۽ ٻيا ڪپڙا پنهنجو مٽ پاڻ هئا. هن ڏِسَ ۾ سکر، روهڙي ۽ شڪارپور به گهٽ نه هئا.
سنڌ جي قديم هنرن ۾ ڪاشيءَ جو هنر پڻ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. موئن جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي، آمري، ڀنڀور، برهمڻ آباد ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تان اڻ لڀ زيور، قيمتي ٿانو، ٺڪر جا ۽ گڏ ڪاشيءَ جي ٿانون جا ٽڪرا پڻ مليا آهن. هيءُ هنر سنڌ جو آڳاٽو هنر آهي جو هن وقت به ٺٽو، سيوهڻ، بلڙي شاهه ڪريم، نصرپور ۽ هالا ۾ عروج تي آهي. ڪاشيءَ جو ڪم عام پينٽ ۽ مصوريءَ کان مختلف آهي. هيءُ چٽسالي مٽيءَ جي ٿانون تي ڪئي ويندي آهي. ۽ اهي ٿانو خاص چيڪي مٽيءَ مان جوڙيا وڃن ٿا. ۽ اها چيڪي مٽي درياهه جي ريٽ واري هنڌ تان حاصل ٿيندي آهي. ڪاشيگر انهي مٽيءَ کي سٽي ڪُٽي حوض ۾ پسائي ڇڏيندا آهن، جيڪا ڳچ وقت پسيل هوندي آهي. ان کان پوءِ ان مان ننڍا چاڻا ٺاهيا ويندا آهن ۽ جي انهيءَ مان ٿانو ٺاهڻا هوندا آهن ته ڪاشيگر اهي چَڪَ تي ٺاهيندو آهي. جيڪڏهن سرون ٺاهڻيون هونديون آهن ته پوءِ انهيءَ چاڻي کي قالب وسيلي ٺاهي ٺپڻيءَ سان لسو ڪيووڃي ٿو. ٿانون ۾ ڪٽليون، ڪوپ، جڳ، ساسرون، رانديڪا، گلدان ۽ گلدستا ۽ ٻيون شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. ڪاشيءَ جا رنگ ڌاتو آهن جيڪي جنگشاهي ۽ ٻين پاسن جي جبلن مان ملن ٿا. ٿانون، سرن ۽ ٻين شين تي ڪاشيءَ جا گل ٻوٽا ڪڍڻ کان اڳ استر ڏبو آهي جنهن کي ڪاشيگر چقمق جي پٿر مان جوڙيندا آهن ۽ انهيءَ جو رنگ ميرانجهڙو ٿيندو آهي. ان کان پوءِ ڪاغذ تي ٺهيل نقش رکي، ان جي مٿان نيرو رنگ ڇٽيندا آهن ته ٿانو يا سِرَ تي اُن جو خاڪو نڪري ايندو آهي. پوءِ ان خاڪي ۾ ترتيب سان رنگ ڀريا ويندا آهن. انهيءَ ۾ سنهو پيٺل شيشي جو سفوف به استعمال ڪبو آهي ۽ پوءِ مٿان وري ٻئي مصالحي جو تهه پڻ ڏبو آهي. ته جيئن پچڻ وقت رنگن کي پکڙجڻ کان روڪي ۽ چمڪ پيدا ڪري. ڪاشيءَ جو هنر تمام نفيس ۽ محنت وارو ڪم آهي. هي سنڌ جو هڪ تمام ملهائتو هنر آهي جو دنيا ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اسان وٽ مسجدن ۽ درگاهن تي پڻ ڪاشيءَ جي ڪم جون سرون لڳل آهن جي قديم مسجدن ۽ درگاهن تي به ڏسڻ ۾ اچن پيون. موجوده وقت پڻ ڪيترائي شوقين پنهنجي گهرن کي انهيءَ سونهن سان سجائيندا نظر اچن ٿا. ته ڪيترين سرڪاري عمارتن جيئن يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ ريسٽ هائوسن جي عمارتي سونهن ۾ ڪاشيءَ جي پٿر جو ڪمال آهي.
سنڌ ۾ ٺهيل چمڙي جون شيون تمام مضبوط ۽ ڪارائتيون هونديون هيون، هتي جو عمدو چمڙو يورپ پڻ موڪليو ويندو هو، عرب ۽ ايران کي به موڪليو ويندو هو. هتي چمڙي رنڱڻ جا ڪيترائي مڪان ۽ ڪاريگر هوندا هئا. هتي جي چوپائي مال جي وڏي هاڪ هئي، هي مالوند ماڻهو پنهنجي مال جي سٺي پرگهور ڪندا آهن. جنهن جي ڪري سندن ٻڪريون، ڍڳيون، مينهون، کير ته بي حساب ڏين پر قرباني ۽ خيرات طور ڪسجندڙ جانورن جي کُرن کان وٺي سڱن تائين هر شيءِ ڪمائتي ٿيندي آهي. خاص طور چمڙي جي ته ڳالهه ئي نرالي آهي.
سنڌ سازو آواز ۽ موسيقي معرفت وڏي مقبوليت ماڻي آهي، هتي جي مشهور سازن ۾ يڪتارو، چنگ، بوڙينڊو، نڙ، بينون، ناد، نقيلون، دهل، سرندا ۽ ٻيا ڪيترا ساز آهن جي هنڌين ماڳين مشهور آهن، جن کي فنڪار سهڻو سجائي ۽ سينگاري وڏين وڏين محفلن ۾ آڻيندا آهن. سندن ڳائڻ وڄائڻ سان گڏ انهن سازن جي سونهن ۽ سوڀيا پڻ ڏسڻ وٽان هوندي آهي. هتان جي اوطاقن ۾ لوڪ رس رهاڻيون، ڏاهپ جا گفتا، سگهڙن جي هنر پائي ڏسڻ وٽان آهي. سنڌ جا ڪاتب اعليٰ درجي جا ۽ محنتي هئا جن ڪيترائي اهم قلمي نسخا سهڻيءَ ڪتابت سان پيش ڪيا. انهيءَ وقت ۾ پرنٽنگ پريسون ايجاد نه ٿيون هيون. شاهه لطيف جو “گنج” يعني شاهه جو رسالو جڏهن ڏسجي ٿو ته ڪاتبن جي محنت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي يا آخوندن جا لکيل قرآن پاڪ ۽ انهن جا سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل ترجما هٿ اکرن جو اعليٰ مثال آهن.
مطلب ته هنر ۽ حرفت ۾ سنڌ مالا مال رهي. روزمره جي استعمال جي معمولي شين جي لاءِ ڪيل هٿن جي محنت ۽ سونهن تي غور ڪنداسين ته اچرج ٿيندي جيئن سهڻا اڳٺ ٺاهڻ، وارن جون حسين سڳيون ٺاهڻ يا مڻين جي پوچ مان هار ٺاهڻ يا گهوٽ جا موڙ ۽ ڪنوار جا “اکيا” (اکيو منهن جي سائيز جو ڀريل ڪپڙو آهي جو ڪنوار کي ونواهه جي رسم مهل ٻڌايو ويندو آهي) ٻانهوٽا يا ڪنڍيءَ جو ڪم يعني آر جو ڀرت جنهن ۾ عورتن جون پائڻ جون چادرون ۽ ٽوپيون، مفلر ۽ ٻيون شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. آر جون چادرون، ڇهون ۽ ميز پوش تمام سهڻا ٺاهيا ويندا آهن. ان کان سواءِ ڪيترائي سنڌي ڀرتن جا نمونا جيئن کچ جو ڀرت، ٽُڪ جو ڀرت، ٽڪون ٽانڪڻ، هرمچ جو ڀرت، رِلين تي ٽُڪ سان گڏ ستارن ۽ ڀرت جا نمونا، اجرڪن جي ٻن پڙن جي وچ ۾ لڳل کيلڻون، (اڄڪلهه ته ٻن پاٽن واري اجرڪ کي درزي وچ ۾ سيبو ڏيئي، جوڙي ٿا ڇڏين) ٻن پُڙن جي وچ ۾ هٿ سان کيلڻ جو جوڙ پيلي ڌاڳي سان ڀرت نموني سئيءَ سان لڳايو ويندو هو جو اڄ به ڪجهه هنڌن تي رائج آهي. ان کان سواءِ رلين جون تمام خوبصورت ڊزائينون ۽ ٽُڪ جي ڪم سان ڀريل چادر سيٽ ۽ عورتن جا جوڙا، چنريءَ جا روا، لاک لڳل لوئيون، ٻانڌڻيون، ڪنجريون، گج، ٽونئر ڀريل جتيون ۽ دٻڪيون، پنج صوفيون چنيون (هي ٿر جي پاسي رائج آهن جنهن مٿي هٿ جو ڪم ٿيل هجي ٿو، هڪ پنج صوفيءَ چنيءَ ۾ پنجن رنگن جي ريشم سان جام ڀرت ۽ سوين سنها شيشا لڳل هجن ٿا، انهيءَ ۾ ڪنوار جي رخصتي ڪرائي ويندي آهي. هيءَ خاص شاديءَ جي نکيٽي جي چادر آهي جا ڏيپلائي قوم ۾ خاص طور استعمال ٿيندي آهي). اهڙن ٻين ڪيترن ڀرتن جو رواج سنڌ جي مختلف علائقن ۾ زور شور سان اڄ به آهي. فقط مٿي جون ٽوپيون ڏسنداسين ته 200 کان 5000 هزار تائين ڪم ٿيل ملن ٿيون. ايترو ته هٿ جو نفيس ڪم آهي جو ڏسي اکيون دنگ رهجي وڃن ٿيون.
اهڙن سهڻن هنرن جو هن دؤر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڇا اسان پنهنجي قديم هنرن جي هن ثقافتي ورثي کان وانجهجهي رهيا آهيون؟ اهو غور ۽ فڪر جو مقام آهي. اڄ ڪيترائي هنرمند هٿ جهلي ويٺا آهن. وڌندڙ مهنگائيءَ سندن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هنرمند کي ايترو اُجورو نٿو ملي جو هو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو گذران سولائيءَ سان ڪري سگهي. جڏهن ته هاڻي گهڻا هنر ننڍين ننڍين مشينن تي پڻ منتقل ٿي ويا آهن. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته حڪومت پنهنجي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي قديم هنرن جي بچاءَ جي لاءِ ڪي اُپاءُ وٺي. اسان جي هنرمند عورتن توڙي مردن کي مختلف هنڌن تي اهڙا ڊسپلي سينٽر ۽ هنري گهر قائم ڪري ڏنا وڃن جتي هو سکيا پڻ ڏين ۽ پنهنجو فن پڻ عام ڪن ته جيئن اهي سنڌ جي قديم هنرمنديءَ جون روايتون قائم رهن. ملڪ جي ڪيترين اڻ پڙهيل هنرمند ڀينرن ۽ مائرن کي ان ريت روزگار ملي ويندو ته حڪومت اهو سامان ايڪسپورٽ ڪري ناڻو ڪمائي سگهندي. جيڪڏهن اسان کي فن ۽ مهارت جو هيءُ سفر قائم رکڻو آهي ته پوءِ پنهنجي ڪاريگرن کي بچائڻو پوندو ۽ ڪاريگريءَ کي پڻ. هيرن جي کاڻ جيان هن سنڌ جي هر اڻ ملهه هيري جهڙي فن کي مڃتا ڏيڻي پوندي. ته جيئن سينه به سينه هلندڙ هي هٿ جا هنر قائم دائم هجن. فقط ۽ فقط جديد ورڪشاپ، تجربيگاهون، ۽ خام مواد جو پورائو، ته قابل استاد ۽ معياري ڄاڻ مهيا ڪئي وڃي ته جيئن ووڪيشنل اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙيون سکيائون ڏيئي سگهجن. حڪومت کي هنر ۽ هنرمندن جي بچاءَ لاءِ ترت اُپاءُ وٺڻ گهرجن.

اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني

سهڻيءَ سنڌي ٻوليءَ جي مٿئين پهاڪي ۾ وڏي معنيٰ لڪيل آهي، چاندي ۽ سون جا زيور عام طور تي عورتون عام جام پائينديون آهن ۽ ان کي سونهن ۽ سوڀيا جو اهڃاڻ سمجهي واپرايو ويندو آهي ۽ خاص طور سون جي زيورن جي ته ڳالهه ئي نرالي هوندي آهي. پر جيئن ته ڪن هڪ نرم ۽ نازڪ عضوو آهي. ان ۾ زيور جو پيل مستقل ٻوجهه انهيءَ ڪن جي سوراخ ۾ ڇيد ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڪن جي پاپڙي ٻه اڌ ٿي ويندي آهي، جنهن کان پوءِ يا ته ان کي ٽانڪو لڳايو ويندو آهي يا ته زيور پائڻ تان ئي هٿ کنيو ويندو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ اهو چيو ويو ته “اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.” يعني سون جو ڪن جو زيور ڪيترو به سٺو پر جيڪڏهن اهو نقصانڪار آهي ته گهوريو، وڃي سک ڀري، ڪن ته ڪونه ٽوڙائبا.
بظاهر ته اهو پهاڪو نصيحت جي نموني ڪن جي سوني زيور جي مثال طور ڏنو ويو آهي پر تحقيق انهيءَ ۾ اندروني طور وڏي معنيٰ لڪيل آهي. جيڪڏهن ظاهري مطلب جي برعڪس اندروني معنيٰ طور ڏسنداسين ته ڏاهن جي چوڻ موجب ته اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪيو جنهن مان نقصان ٿيئي، چاهي اهو ظاهر ظهور ڪيترو به وڻندڙ ۽ سٺو هجي، پر جي انهيءَ مان نقصان ٿيڻو آهي ته ڪچيءَ ۾ ئي هٿ کڻو. هيءَ پهاڪو ڪيترائي مطلب پنهنجي اندر ۾ رکي ٿو.
انساني حياتي نه فقط خوشين جي سيج آهي ۽ نه ئي فقط ڪنڊن جو وڇاڻ. هيءَ حياتي ته انسان جي آزمائشي آهي، جنهن ۾ کيس چند سالن ۾ شيڪسپيئر وارا ست ڪردار ادا ڪري واپس وڃڻو آهي.هاڻي جڏهن حياتي آهي ئي مختصر، ته پوءِ اجاين خسارن ۾ ڇو پئجي، ڇو لالچ ڪري پنهنجي پاڻ لاءِ تڪليفون پيدا ڪجن، دنيا ۾ سڄي فساد جي جَڙِ يعني لالچ جو انساني دل ۽ دماغ ۾ پروان چڙهڻ آهي. اسان ڏسنداسين ته آدم عليھ السلام کي پڻ شيطان اهو چئي ورغلايو ته “هن وڻ کي ويجها وڃو ۽ ان مان کائو ته دائمي حياتي جيئندا” جڏهن ته کيس رب پاڪ جو حڪم هو ته “لاتقربا هـٰذا الشجرة” ترجمو آهي ته، ”هن وڻ جي ويجها نه وڃجو” پر جيئن ته انسان خطا جو گهر آهي ۽ لالچ سندس وطيرو آهي. سو حضرت آدم عليھ السلام خطا ڪار ٿي پيو ۽ سالن جو پڇتاءُ سندس حصي ۾ آيو ۽ بي حساب دعائون گهريائين جو رب پاڪ کيس معاف ڪيو. ساڳيءَ ريت انسان پڻ آدم جو اولاد آهي. سندس مٽي ۽ رت ۾ پڻ لالچ ۽ هٻڇ ڀريل آهي. هُو اڳيان وڌڻ جي جستجو ۾ ڪُڌا ڪم پڻ ڪري ٿو ۽ اعتدال مان نڪري پوي ٿو، جتان ئي سندس تباهيءَ جي منزل شروع ٿيئي ٿي.
اڄ جو نوجوان گهڻي کان گهڻو ڪمائڻ ۽ گهڻو واپرائڻ تي شوق رکندڙ آهي جڏهن ته کيس پڻ چڱيءَ پر خبر آهي ته انهيءَ گهڻي ڪمائڻ جي شوق ۾ يقيناً هو غلط ڪم ڪندو ۽ اهڙو بي بقا پئسو ڪمائيندو جنهن جي ڪمائڻ جي کيس بعد ۾ خوشي به ڪونه هوندي. نه سندس اولاد اڳيان هلي سپوٽ ٿيندو ۽ نه ئي هو بيمارين کان آجو هوندو. پوءِ لالچ ڪري اهو پئسو/سون ڇو جمع ڪري جو سندس پنهنجو پيٽ جو اولاد به سک نه ڏسي سگهي ۽ نه ئي پاڻ حياتيءَ جو آخري وقت سکيو ڪٽي سگهي. جيڪي والدين فقط پئسي جي ڊوڙ تي توجهه ڏيندا آهن، اهي انتهائي غلط روايت کي وڌائي رهيا آهن. پئسو جيڪڏهن سُک ڏئي ها ته اڄ دنيا جو هر امير ماڻهو بهترين صحت جو مالڪ ۽ ٽينشن فري هجي ها. پئسو بلڪل ضروري آهي پر انهيءَ جي ڪمائڻ وارا هٿ، ديش ڀڳتي ۽ ايمانداريءَ سان ڀريل هئڻ ضروري آهن. ڇو جو غلط پئسو غلط استعمال ٿو سيکاري ۽ پوءِ نوجوان سگريٽ، چرس، شراب ۽ مختلف نشن ۾ وٺجي ٿا وڃن ته نيون نيون گاڏيون کڻي آواره گرديون ٿا ڪن. اتان ئي والدين جون ننڊون ڦٽڻ شروع ٿينديون آهن. ۽ اهو سڀ لالچ جو نتيجو آهي. “لالچ بري بلا” انهيءَ ڪري ئي چوندا آهن، ۽ ايئن به چوندا آهن ته “ٿوري کٽئي گهڻي برڪت” يا “ڪم خرچ بالا نشين” سو اسان کي گهرجي ته ڌڻيءَ جيڪو ڏنو آهي سو کمي کائون ۽ اسراف کان بچون، گهڻي هٻڇ ۽ لالچ کان پاسو ڪري پاڻ کان هيٺ وارن تي نظر رکون.
اڄ دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن مان انيڪ انسان انتهائي غربت جي حياتي گذاري رهيا آهن، شاهوڪار طبقي جي گهڻن خرچن سبب ناانصافي ۽ اڻ برابريءَ واري صورتحال پوريءَ دنيا ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ اسان ٻين جي مسئلن کي اهميت نٿا ڏيون، ڇو جو خود غرضيءَ سڀني کي پنهنجي ڄار ۾ اهڙو ته جڪڙي ڇڏيو آهي، جو نه دوست دوست جو رهيو آهي ۽ نه اولاد والدين جو، نه استاد شاگرد جو، فقط ۽ فقط پئسي جو ڪاروهنوار وڌيل آهي. غرضن جو بازار گرم آهي.اسان جي پياري سنڌي ٻوليءَ ۾ انيڪ اهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون ملن ٿيون جي حياتيءَ جي صحيح رُخن جو تعين ڪن ٿيون. شرط فقط اهو آهي ته انهن کي هينئين سان هنڊائجي. اهي پهاڪا ۽ چوڻيون اسان جي وڏن جي حياتين جا آزمودا ۽ سندن تجربن جا نچوڙ آهن. ڪيڏو نه وڏو سبق آهي. مٿئين پهاڪي ۾، ته سون جهڙي قيمتي شيءِ به گهوري يعني قربان ٿي، جي ان مان پنهنجي ذات کي نقصان آهي. انهيءَ ڪري هميشه اهو سوچڻ گهرجي ته ڪڏهن به جذباتي ٿي لالچ وارا فيصلا نه ڪجن، بلڪه ٿڌي دماغ سان گهڻي سوچ ويچار سان، اهي ڪم ڪجن، جن سان ڪاميابي به پلئه پوي ۽ نقصان به نه ٿيئي. ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي وڏن جي تجربن مان سکڻو پوندو، مطالعي کي معياري بنائڻو پوندو، پنهنجي پاڻ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، پنهنجي غلطين مان سبق سکڻو ۽ انهن کي تسليم ڪرڻو پوندو. جڏهن اسان پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ واري عمل ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته ڄڻ اسان پنهنجي پاڻ تي فتح حاصل ڪئي، پوءِ اسان جا ڪيل فيصلا لالچ ۽ خود غرضيءَ کان پر ڀرا هوندا. انهيءَ سڄي عمل ۾ ٻه ڳالهيون تمام اهم آهن، هڪ ته پنهنجي دماغ کي ٿڌو رکڻ يعني ڪاوڙ تي ضابطو ۽ ٻيو زبان جو سهڻو استعمال.
ڪاوڙ ڪرڻ هڪ بڇڙي عادت آهي جا عام طور گهٽ سَهُو ماڻهن ۾ وڌيڪ ٿيئي ٿي، سندن مرضيءَ خلاف ڪو ڪم ٿيو ته هُو هڪدم مڇرجي ويندا آهن. شاهه لطيف فرمائي ٿو ته:
نمي کمي نهار تون، ڏمر ڏولائو،
ٿيئي سڻائو جي، اُڀيين ان پير تي.

ڏمر/ ڪاوڙ کي شاهه لطيف ڏولائو يعني نقصانڪار سڏيو آهي. ۽ اها تمام بري عادت آهي جيڪا ماڻهوءَ کي خود ئي ناس ڪري ٿي، انهيءَ ڪري هميشه ان کان پاسو ڪجي. ڪوشش ڪجي ته لالچ کان بچجي. اهڙا حياتيءَ جا ٽارگيٽ نه رکجن جو نه فقط ماڻهو ماڻهن ۾ خوار ۽ خراب ٿيئي پر پنهنجي پاڻ لاءِ به تڪليفون پيدا ڪري. ساڳيءَ ريت زبان تي ضابطو به هڪ اهم اصول آهي، حياتيءَ کي سٺي گهارڻ جو، جيڪڏهن انهيءَ تي عمل نٿو ڪيو وڃي ته به ماڻهو خساري ۾ ٿو اچي، انهيءَ جو سبب پڻ اهو آهي ته جيڪي ماڻهو بدزبان هجن ٿا انهن ۾ سهپ جو مادو گهٽ ٿو هجي ۽ کين فقط پنهنجي ذات ۽ انا سان دلچسپي هجي ٿي، هو محدود سوچ جا مالڪ ٿي پنهنجي ڳالهه تي اڙيل هوندا آهن، عام طور مايوس، نا اميد، حالتن کان بيزار، ماڻهو چڙ چڙا هجن ٿا ۽ پنهنجي گهٽ برداشت سبب بدزباني ڪري ٻين جون دليون رنجائين ٿا. انهيءَ ڪري جيترو به ڳالهائجي، احسن ڳالهائجي. الله پاڪ کان سواءِ ڪنهن ۾ به اميد نه رکجي. هتي به ساڳيو ئي مطلب آهي ته جيستائين ماڻهو ٻين ۾ اميد نه رکندو، ڪمن جي لالچ نه رکندو تيستائين سندس تعلقات ٻين سان سٺا رهندا ۽ هو پنهنجي دوستن ۽ واسطيدارن کان محروم نه ٿيندو. ڇو جو خواهشن جو بنا سبب وڌائڻ ۽ انهن جو پورائو نه ٿيڻ، انسان ۾ برداشت ۽ سهپ کي ختم ڪندو آهي، جتان ئي پوءِ زندگيءَ جو سڪون ختم ٿي وڃي ٿو. ۽ روين ۾ لچڪ ختم ٿي وڃي ٿي. رشتن ۾ توازن تڏهن قائم رهندو جڏهن ٻين ۾ مڪملتا ڏسڻ کان اڳ اسان پاڻ ۾ انهيءَ کي ڏسڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
اچو ته گڏجي عهد ڪريون ته اسين لالچ ۽ هٻڇ کان بچي پاڻ تي ڀاڙڻ سکون، جنهن سان ضمير جو سڪون به حاصل ٿيئي ۽ تباهه و برباد ٿيڻ کان پڻ بچون. اسان کي رب پاڪ وڏيءَ دلي ۽ دماغي قوت سان نوازيو آهي. طاقت جي گهٽتائي عيب ڪونهي پر ارادي جي قوت جي ڪمي هڪ وڏو عيب آهي. پنهنجي سٺن اخلاقن سان پنهنجي ايمان کي ڪامل بڻايون. اسان جو ڪردار ئي اسان جي تقدير آهي جو اسان کي پنهنجي تدبير سان ترتيب ڏيڻو آهي.

اَنِّ آهي ته ايمان آهي

هن دنيا ۾ جيئڻ جي جياپي لاءِ اسين اَنَ جا محتاج آهيون، انهيءَ ڪري ئي چوندا آهن ته “اَنِ آهي ته ايمان آهي” سنسار جي سڄي تگ ودو ۽ ڪوششون رزق جي ڳولها لاءِ آهن. بک، بدحالي، هيڻائي ۽ نيستي هئڻ ڪري بک جي ڪري ڪڌا ڪرتوت به عمل ۾ اچن ٿا. اها به چوڻي اهي ته “بک بچڙو ٽول دانا ديوانا ڪري” بک ۾ نيڪن ۽ ڏاهن جي سمجهه به موڪلائي وڃي ٿي ۽ هو غلط ڪمن جا مرتڪب ٿي ويندا آهن، اهو صرف بدحالي ۽ بک جي ڪري، معنيٰ ته ايمان جي سلامتيءَ جي نشاني يعني اَنَ لاءِ ڪوشش، جستجو ۽ محنت جي ضرورت آهي.
هر ذي نفس کي رزق ڏيندڙ هو. رزاق “ماڪوڙيءَ کي ڪڻ ۽ هاٿيءَ کي مڻ” ڏيندڙ آهي. سندس قدرت کان عبث ڪونهي ته هو گهر ويٺي انسان کي رزق نه ڏئي. آسمان مان “من و سلويٰ” آخر ڪنهن لاٿو؟ اهو رب رحيم هر شيءِ تي قادر هئڻ جي باوجود، انسان کي رزق آسمان مان ڇو نٿو موڪلي؟ زمين تي مهيا ڇو ٿو ڪري؟ سڄي جڳ کي خلقيندڙ پالڻهار وٽ ته ڪنهن شيءِ جي کوٽ ناهي. هو چاهي ته جبل اَنَ جا ٺاهي، ماکيءَ ۽ کير جون نهرون جاري ڪري. ليڪن هو چاهي ٿو ته جيئن سندس قدرت جي ڪارسازي هلندڙ ۽ جاري ساري آهي تيئن انسان به محنت ۾ مشغول رهي ۽ محنت جي عظمت سان سلطاني سهاڳ ماڻي، جدوجهد، چرپر ۽ ڪوششن ۾ جيڪو اهم جذبو ڪارفرما آهي سو آهي دل جي مضبوطيءَ جو، جيئن،
“سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ”
ڪڏهن ڪڏهن طاقتور انسان به مقصدن ۾ حائل رڪاوٽن تي ڊڄي ارادن کان هٽي پري ٿي ويندا آهن پر ڪي ناتوان به سهڻيءَ وانگيان ارادي جا اٽل هئڻ سان نيٺ وڃي توڙ رسندا آهن اهڙيءَ ريت مشڪلاتون خود ئي حل ٿي ۽ رڪاوٽون راهه مان هٽي وڃن ٿيون، معنيٰ ته مهلون ۽ مشڪلون محنت جو مرڪ آهن، حيلي سان وسيلو پيدا ٿي ڌڻي ئي واهر ڪري ٿو. انهيءَ تي شاهه سائين فرمائي ٿو ته:
مَ رُو، مَ رڙ، مَ ڪي هنجون هار،
اٿي هن اونداهيءَ ۾، ٻارڻ ڪو ٻار،
آڙ جي هن آزارَ ۾ حيلا ڪر هزار،
ته پاڻيهي پالڻهار، واهر ڪنديئي وچ ۾

(11-11، سر مارئي)
هٿ پير هڻڻ سان قومون ويل وقت ورائي اوج ۽ ڪمال حاصل ڪنديون آهن. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جپان ۽ جرمنيءَ ۾ وڏي تباهي آندي پر انهن قومن کي صد آفرين آهي جو هو صرف شانائتي ماضيءَ تي اڪتفا ڪري ڪونه ويٺا. پنهنجي هيڻي حال جو احساس ڪري مستقبل جي ايتري ته زبردست پلاننگ ڪيائون جو شاندار صنعتي ۽ زرعي ترقي حاصل ڪري اڄ اهي ملڪ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿين ٿا. اسان کي انهيءَ مان سبق سکڻ ڪرڻ گهرجي. اسين عظيم تهذيب يافته خطن جا والي ۽ وارث آهيون. جنهن جا قديم آثار شاهد آهن. پر هاڻي اسان جي عظمت ماضيءَ کي مانائتو بيان ڪرڻ ۾ نه پر حال کي مضبوط بڻائي شاندار مستقبل لاءِ اڳيان وڌڻ ۾ آهي. جنهن لاءِ شرط صرف محنت جو سچو جذبو آهي.
انهيءَ محنت جي جذبي جي سنڌي قوم کي سخت ضرورت آهي. شاندار ماضي انهيءَ جي ضمانت ڪانهي ته اسان جو مستقبل به شاندار هوندو. مستقبل اسان جي حال سان ٿو ٺهي ۽ حال کي مضبوط بنائڻ ۽ اڳيان جو سوچڻ ۽ رٿون رٿڻ اسان جو فرض آهي. وقت ۽ وير ڪنهن جو به انتظار نٿا ڪن. وقت هلندڙ شيءِ آهي جنهن کي روڪي نٿو سگهجي. ائين نه ٿئي ته وقت کي اسين واريءَ وانگر هٿن جي وٿين مان وڃائي ويهون ۽ ترقي پذير قوم سڏايون. اڃا وقت ويو نه آهي ۽ سجاڳيءَ جي ضرورت آهي. اچو ته گڏجي عهد ڪريون ته عملي طور محنت ڪري. پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ ڪاميابي حاصل ڪريون، هاڻي تقدير کي ڏوهه ڏيڻ جي بجاءِ تدبير تي ڀاڙڻو آهي.

ٻه ته ٻارهن- يا ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي

“ٻه ته ٻارهن”، يا “ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي” انهيءَ نموني جون چوڻيون صرف چوڻيون نه آهن، پر تحقيق ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي. ٻڌي معنيٰ، “اتفاق”، جنهن جو ضد “نااتفاقي” آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ناانفاقيءَ سان گهر، پاڙا، خاندان، قومون ۽ ملڪ به ناس ٿي ويندا آهن جڏهن ٻڌي، محبت ۽ اتفاق و اتحاد جا جذبا اتم ۽ اعليٰ ٿي ماڻهن ۾ پروان چڙهندا آهن ته پوءِ هو هڪ اهڙي قوت ٿي وڃن ٿا، جن کي ڪڏهن به فنا نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي منجهن تفرقو ٿو پکيڙي سگهجي. انهيءَ ڪري ٻن ڄڻن جي ٻڌيءَ کي ٻارهن سان ڀيٽ ڏني ويئي آهي. اڪيلو انسان وري به اڪيلو ئي رهندو. چوندا آهن “اڪيلو ته وڻ به بچڙو” يا “اڪيلو نه روئندي سونهي نه کلندي سونهي” مطلب ته هيءَ دنيا ماڻهن جو مجموعو آهي جنهن ۾ هر هڪ ماڻهوءَ کي ٻئي جي ضرورت پئي سگهي ٿي. ڪو به ماڻهو جيڪڏهن هن ريت ٿو سوچي ته مون کي ڪنهن جي پرواهه ڪانهي ته هو غلطيءَ تي آهي. خاندانن جو مثال ئي وٺنداسين. جيڪڏهن منجهن محبت آهي ته هو سرکڻي اجتماعي موقعن مهلن تي هلن ٿا ۽ وٽن ٻيا به ڪٽنبن جا ڪٽنب اچي جمع ٿين ٿا پر جڪڏهن ڪو اڪيلو آهي ته سندس پاس خاطري ڪرڻ وارا به جلدي کانئن هٽي ويندا آهن.
جهنگن ۾ جانورن جون قطارون، زمين تي ماڪوڙين ۽ جيتن جون قطارون مينهن جي ڦڙن جو متحد ٿي ڪڪرن مان نڪرڻ، پکين جو ولر ٿي، آسمان تي اڏامڻ ڪائناتي اتحاد جا مثال آهن. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو:
وَڳــرُ ڪيو وَتَنِ، پِرت نه ڇِنن پاڻ ۾،
پسو پَکِيئَڙن، ماڙُهِنئان ميٺُ گهڻو،

(4-5، ڏهر)
اتحاد ۽ ايڪو، جانورن، جيتن ۽ پکين کان وٺي انسان تائين مڃائي ٿو. “زورآور جو ستين ويهين سؤ” جي مصداق هميشه طاقت ۽ زور جو پلئه ڀاري هوندو آهي. ايڪو، اتفاق ۽ جهجهن جي طاقت هر دور ۾ اڳري رهي ناممڪن کي ممڪن بنائين ٿا. “جهجهن جو کنيو ڇپر به کڄيو وڃي”. معنيٰ ته گهڻا ڄڻا گڏجي جبل جيڏيءَ ڳريءَ شيءِ کي به هٽائي سگهن ٿا. يعني هڪ کان ٻه ۽ ٻن کان ٻارهن سان ئي ايڪو ۽ اتحاد قائم ٿئي ٿو. تاريخ شاهد آهي ته مسلمانن جيڪي به ڪاميابيون ماڻيون، سي اتفاق ۽ اتحاد سان ۽ دنيا جون سوين قومون به قومن جي گڏيل اتحاد سبب ڪامياب ۽ زور آور قوتون شمار ٿيون آهن. مسلمانن کي ته خاص حڪم آهي ته “جڏهن توهان ۾ نفاق ٿئي پاڻ ۾ وڙهڻ جي بجاءِ خدا سان رجوع ڪريو”.
جڏهن خدا هڪ آهي قرآن هڪ آهي ته پوءِ مسلمان فرقا فرقا ڇو آهن؟ اهي فرقه بنديون ۽ ذات پات جا فرق، اسان کي آهستي آهستي ڪمزور ڪري ڇڏيندا. اتحاد جي وسيلي سان مضبوط ٿيڻ ۾ به ترتيب جي ضرورت آهي. صرف جماعتون ٺاهڻ ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائڻ حل ڪونهي. سچي نيت، محبت ۽ تنظيمي صلاحيتن سان ئي ترقيون ممڪن آهن.
“جيترو قاعدو تيترو فائدو” جي مصداق حد کان وڌيڪ ڪنهن به ڪم ۾ وڌي وڃڻ نه گهرجي. برابري ۽ وڏن جي عزت ۽ لحاظ سان گڏ ننڍن کي پيار ۽ شفقت ڏيڻ ۽ گڏ کڻي هلڻ سان ئي تنظيمون ڪامياب ٿينديون آهن. باقي جيڪڏهن هرڪو پاڻ کي، “تيس مارخان” پيو سمجهندو ته مضبوط تنظيمن کي به نقصان رسندو آهي.
ڪوشش ۽ قربانيءَ جون وصفون ئي سچن عاشقن کي بامقصد ۽ باعمل زندگي عطا ٿيون ڪن. اصل عاشقن جو شيوو وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ آهي.
مُحَبَّتَ جي ميدانَ ۾، سِرَ جو ڪَـرِ مَ سانگُ،
سُوريءَ سُپرينءَ جي، چَڙهه ته ٿينِين چانگُ،
عِشقُ آهي نانگُ، خبر کاڌَنِ کي پَوي.

(6-17، يمن ڪلياڻ)
جڏهن دنيا جون مختلف قومون، نسل، رنگ ۽ روپ جي امتياز کان عاري ٿي، هڪ هنڌ “ لَپبَّپيۡکَ ۩ لَپبَّپيۡکَ “ جي صدا تي گڏ ٿين ٿيون، تڏهن سندن مقصد مشترڪ هوندو آهي. اها مقصديت سڄيءَ دنيا جي مسلمانن جي قوَّت آهي، جنهن جي برڪت سان قومن جون زندگيون، زنده جاويد آهن.
خالق سان عشق، مخلوق جي عشق جو وسيلو هئڻ ڪري، جنهن کي به مخلوق سان عشق آهي اهوئي اتحاد ۽ ايڪو قائم ڪندو. حقيقت ۾ ٻڌي ايتري ته اهم آهي جو خدا جي رسول روزي ۽ نماز کان به وڌيڪ ٻڌيءَ کي اهم ڄاڻايو آهي. ريگستان جي عربي قوم، محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن جي سڏ تي لبيڪ چئي، ۽ ٻه ته ٻارنهن تي عمل پيرا ٿي دنيا جي ڪافي ملڪن تي اسلام جو جهنڊو بلند ڪيو، ڪئين فارسي، رومي، ترڪي، حبشي، سوڊاني، ايراني، ايشيائي ۽ نه ڄاڻ ڪيترا انسان سندن سڏ تي اسلام جي نور سان منور ٿيا.
اها ئي مسلمان قوم هاڻي فرقن ۾ تبديل ٿي ويئي آهي. ڪيترن شيطانن منجهن (Devied and Ruled) جي اصول هيٺ نفاق وجهي کين ويڙهائي اصل مقصد کان هٽائي ڇڏڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. کين گهڻيون لالچون ڏيئي، منجهن تعصب ۽ تڪرار جون پاڙون پختيون ڪري مذهب جي نالي تي خون جون نديون وهايون ويون آهن. سياست سان فقهن ۽ فرقن جون قطارون ٺاهي، اقتدار ۽ ڪرسيءَ جي حرص تحت اختلافن کي وڌايو ۽ ايمان کي وڪرو ڪيو ويو آهي. سطحي سوچن، ڪم علمي ۽ عملي ڪوتاهين سان اختلافن کي وڌيڪ هوا ملي آهي ۽ ماڻهو خواهشن جا معبود ٿي نفاق جي ڄار ۾ ڦاسي پيا آهن، جنهن سان مسلمان ملڪن جي سالميت خطري ۾ اچي وڃڻ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي. انهيءَ ڪري هن اهم جذبي جي قوت کي سمجهڻ ۽ اتحاد ۽ اتفاق کي عام ڪرڻ تمام ضروري آهي. ٻڌي حق جي اها اذان آهي، جنهن سان باطل جي قوت خود ئي فنا ٿي وڃي ٿي. ڪو به دنيا جو نظام، ڪو به ميدان هجي چاهي، سياست، علم، مذهب يا معاشي و معاشرتي ترقي هجي ٻڌيءَ کانسواءِ ممڪن ناهي.
جيڪڏهن الله ۽ ان جي رسول جي حڪمن تي عمل ڪبو ته گمراهي ڪوهون پري هوندي. ڀٽ ڌڻي اهڙن سچن جوڳين لاءِ جيڪي ڪل ڪائنات جي فائدي لاءِ ٿا سوچين. فرمائي ٿو.
جُزُ وِڃايو جوڳيين، ڪُلُ سين آهين ڪَمُ،
آسَڻُ جَنِ عَدَم، آئون نه جيئندِي اُنِ رِي.

(1-35، رامڪلي)

سچ ته بيٺو نچ

“سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ” يا “سچ جي ٻيڙي لُڏي، پر ڪڏهن نه ٻُڏي” جهڙيون چوڻيون سچ جهڙيءَ عظيم صفت کي مڃتا ڏيڻ لاءِ عمل ۾ آيون آهن. پوريءَ دنيا جي مذهبن، آسماني ڪتابن، پيغمبرن، ولين ۽ نيڪ انسانن سچ ڳالهائڻ جي تلقين ڪئي آهي. سچ جي اعليٰ عمل سان قومن جي تقدير بدلجي وڃي ٿي. سچ بهادري ۽ ڪوڙ بزدلي ۽ مايوسي آهي. سچ جي املهه موتيءَ جي جرڪڻ سان ئي هن دنيا کي روشني ملي آهي.
سچ چوڻ جان جو جوکو هوندي به تاريخ شاهد آهي ته جن حق ۽ سچ لاءِ سر جو سانگو لاهي، سچ جو ساٿ ڏيئي، جرائت سان جانيون قربان ڪيون، سي هميشه لاءِ ڪامياب ۽ ڪامران ٿي، تاريخ جي سونن ورقن ۾ امر ٿي ويا.
پَتنگَنِ پَهُه ڪيو، مِڙيا مَٿي مَچَ،
پَسي لهس نه لِچئا، سڙيا مَٿي سَچَ،
سَندا ڳِچين ڳَـچَ، وِيچارن وِڃَائيا.

(3-16، يمن ڪلياڻ)
دين اسلام ۾ مقرر اخلاقي قدر، جن تي رسول پاڪ صه پاڻ عمل ڪيو ۽ عمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي. انهن ۾ سچ جو مقام سڀني کان بلند آهي. سچارن لاءِ الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته:
لَا خَپوۡف۔ عَپلَپيۡپهِمۡ وَلَا هُپمۡ يَپحۡپزَنُپوۡنَ ) (سورة البقره)
ترجمو: نه آهي انهن جي لاءِ ڪوبه خوف ۽ نه ئي هو ڪو ڏک ڏسندا.
اهو به حڪم آهي ته، “سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو.” سچار جو مقام اعليٰ ۽ رتبو بلند آهي.
سچ ۽ ڪوڙ هڪ ئي تصوير جا ٻه رخ آهن. سچ سهڻو آهي ته ڪوڙ ڪوجهو، سچ عزت آهي ته ڪوڙ بي عزتي ۽ ذلت. سماج جو ڪو به فرد جيڪڏهن هڪ دفعو ڪوڙ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ٿو ته پوءِ ڪوڙ کيس هميشه لاءِ ٻين جي سامهون خوار ۽ خراب ڪري ٿو. اهو به سچ آهي ته ڪوڙ انسان کي خوشي ۽ وقتي سک مهيا ڪري ٿو، پر ڪوڙ جون پاڙون دائمي طور ڪمزور هونديون آهن. ڪوڙ هڪ اهڙو مٺو زهر آهي جو جنهن به ان جو مزو چکيو ته اهو کيس وقتي خوشي ڏيئي، دائمي طور تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو ۽ ٻيون انيڪ اخلاقي خرابيون منجهس صرف هڪ ڪوڙ جي ڪري پروان چڙهنديون. ان جي برعڪس سچ ماڻهوءَ کي ڪرداري طور مضبوط ڪري. مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي جرائت عطا ڪري ٿو. درحقيقت هن دنيا جي سڄي سونهن سچ ۾ ئي پوشيده آهي.
يورپ جي دانا مارڪ ٽوئين جي قول مطابق “سچائي دنيا جي سڀ کان قيمتي شيءِ آهي.”
منصور جو “انا الحق” جو نعرو ۽ سوريءَ سيج چڙهڻ – سقراط جو زهر جو پيالو پي سچ کي امر ڪري ڇڏڻ، حسين عليه السلام جو سچ ۽ حق تي ساهه ڏيڻ جهڙا معرڪا هميشه لاءِ سچ کي قائم ۽ دائم رکي ويا.
حضرت عبدالقادر جيلاني سفر ۾ پنهنجا سڀ دينار ڦورن کي ڏيڻ مهل ڪيترو نه سٺو جملو فرمايو ته:
“منهنجي ماءُ چيو آهي، ته هميشه سچ ڳالهائج ڇو جو مون کي الله ڏسي رهيو آهي.”
جيڪڏهن اسان صرف اهو احساس رکون ته اسان کي ڪل ڪائنات جو مالڪ هر وقت نظر ۾ رکي پيو ۽ اسان زندگيءَ جي هر پل جي حساب ڪتاب ۽ سوال و جواب جا پابند آهيون ته جزا ۽ سزا جو خوف ۽ يقين جي قوت اسان کي سچ ڳالهائڻ لاءِ آماده ڪندي.
سدائين ٿو سَرَهو، گُذاري سَچارُ،
سدا آهي، ڪوڙ خراب ۽ خُوارُ.

اسان جي مذهب ۾ سچ ڳالهائڻ کي فرض قرار ڏنو ويو آهي. ظالم حاڪم جي اڳيان سچ چوڻ عين عبادت آهي. حق ۽ سچ جي هميشه فتح ۽ ڪوڙ جي شڪست آهي. عام چوڻي آهي ته “سچا سونهن سچن کي” سچار ماڻهن جي سنگت نيڪن ۽ سچن سان هوندي ۽ ڪوڙي جي ڊوڙ کڏ تائين هوندي. يعني هو ظاهر ۽ پڌرو ضرور ٿيندو، سندس دوست احباب به گهٽجي ويندا ۽ سماج ۾ باعزت مقام حاصل ڪري نه سگهندو. ڀٽ ڌڻي سچن کي هنجن سان ۽ ڪوڙن کي ٻگهن پکين سان هن ريت ڀيٽيو آهي:
هَنجنِ سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نِهاريين،
ٻَگهن سين ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين.

(1-7، ڪارايل)
جُڳن کان سچائي انساني سماج جي اها خاصيت آهي جنهن کان انڪار ۽ فرار هر دور ۾ ناممڪن آهي. سچائي ماڻهوءَ کي مونجهاري ۽ فساد کان بچائي ٿي انهيءَ جي ابتڙ ڪُوڙ، پريشانيون ۽ برائيون وڌائيندڙ ۽ کيس هميشه انسان کي ٻين جي نظر ۾ ڪيرائيندڙ رهيو آهي. سماج جي اهم برائين ۾ ڪوڙ هڪ لعنت طور شمار ٿئي ٿو جيڪڏهن اسان کي صاف سٿرو معاشرو تشڪيل ڏيڻو آهي ته ڪوڙ جي عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو. ڪوڙ جي قوت وقتي فائدي لاءِ طاقتور هوندي به ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ آهي. سچ ايمان جو سوجهرو ۽ ازلي نور جي جهلڪ، طائوسي تخت ۽ چڱائيءَ جي علامت آهي. سچ، سونهن، انصاف. ضمير جو آواز ۽، حقيقت شناسي آهي.
خليل جبران چوي ٿو ته: “حسن انسان جي چهري ۾ نه آهي. اهو ته دل جو نور آهي”
جي ڪرشنا مورتي موجب: “جنهن سچ، چڱائي ۽ سونهن کي سڃاتو تنهن سڀ ڪجهه ڄاتو.”
ڪنفيوشس چوي ٿو ته سچ ۽ سٺائي اها جيڪا ٻين جي ڪتب اچي.
امرتا پريتم “اندر جي آواز کي سچ ۽ سٺائي جو آواز سڏيو آهي”
جان ڪيٽس سونهن کي سچائي ۽ سچائيءَ کي سونهن قرار ڏنو آهي.
Beauty is truth, truth beauty. That is all.
Ye know on earth, and all ye need to know.
هڪ مفڪر لکي ٿو ته:
The purpose of life is to rise, to the state of goodness.
ڏات ڌڻين موجب سچ ۾ وشواس معنيٰ ايشور ۾ وشواس انهيءَ ڪري ئي سقراط چوي ٿو:
“سڀ چڱا ڪم سٺائيءَ جي گيان جي ڪري ٿين ٿا، سڀ برا ڪم سٺائيءَ جي اگيان جي ڪري ٿين ٿا”.
اسان جيترو به ڏاهن ۽ اڪابرن جا قول ۽ سندن سوانح عمريون پڙهي ۽ انهن جي زندگيءَ جو اونهو اڀياس ڪنداسين، ته اسان کي معلوم ٿيندو ته هنن جون زندگيون سچ ۽ سٺائيءَ تي ٻڌل هيون. تڏهن ئي هو هن ڌرتيءَ کي سرڳ سمان بنائڻ لاءِ ڪوشان هئا. بائيبل ۾ لکيل آهي ته:
Ye Shall know the truth and the truth shall set ye free. (1)
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪرشنامورتي، پئگورس، سقراط، ارسطو، پلئٽو، رؤسو، والٽيئر، ڪانت، ڪارل مارڪس، گوئٽي، ڪارل پاپر، سرلزيسن، گرد جيف، جلال دين رومي، سعدي، حافظ، ڪنفيوشس، لائوزي، ايزرا، شاهه ڀٽائي، سچل سائين، مهاتما گانڌي، علامه اقبال، قائداعظم محمد علي جناح ۽ نه ڄاڻ ڪيترا فلاسافر، شاعر، ولي، بزرگ ۽ رهنما سڀ انهيءَ موقف جا هئا ته زندگيءَ جو بنياد سچ ۽ صرف سچ آهي. سچ جي سوجهري کانسواءِ ڪجهه نه آهي.
بيشڪ سچ هڪ تمام وڏي ايماني قُوَّت ۽ قلبي قرار هئڻ سان گڏ انسانيت جو سرمايو ۽ اخلاقي گڻن جو سرتاج آهي. قرباني، طلب ۽ ڪڙو هئڻ جي باوجود سچ جو ميوو مٺو ۽ فرحت بخش آهي. جيستائين دنيا قائم آهي سچ قائم هوندو ۽ سچارن کي مانُ ۽ شانُ ملندو. ڪوڙ نيٺ ته خوار ۽ خراب ٿيندو.
شاهه صاحب موجب:
مانَ پُڇنيئي سُپرين، چِت ۾ چيتاريج،
ڪَڍي ڪائي ڪَچَ کي، ڪوڙُ مَ ڪَمائيج،
وڻج وهائيج، سڀ سودو سچ جو.

انسان جي بقا جو راز انسانيت جي احترام ۾ آهي

انسان ڇا آهي؟ سندس وجود جي ڪائنات ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ ڌڻيءَ سڳوري کيس ٻيءَ مخلوق کان ممتاز حيثيت ۽ اعليٰ شرف ڇو عطا ڪيو آهي؟ “حيوانيت” ۽ “انسانيت”۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ڇا انسان پنهنجو اعليٰ شرف قبول ڪري نڀايو آهي؟ جيڪڏهن هو ڪل ڪائنات جي مخلوقن ۾ اعزازي حيثيت رکي ٿو ته ان جو سبب ڇا آهي؟
انهن سوالن جا جواب گهڻا تفصيل طلب آهن پر مختصرًا ايترو چئي سگهجي ٿو ته، ربَّ پاڪ جي پيدا ڪيل هن احسن مخلوق کي ڌڻيءَ سڳوري ڪائنات جي وجود جو سبب ڄاڻايو آهي، کيس عقل / سمجهه جا انيڪ خزانا ڏيئي، هن زمين جو والي ۽ وارث ڪري فرمايو آهي ته:
“بيشڪ اسان هُنَ (انسان) کي اعليٰ کان اعليٰ درجي تي بنايو ۽ کيس ادنيٰ درجي تي رکيوسين.” (سورة التّين، سيپارو 30)
هاڻي هتي وڏي غور جو مقام آهي ته اهو انسان اشرف المخلوق جيڪو اعليٰ درجي تي رکيل آهي، سو جڏهن نفساني خواهشن جي ڄار ۾ ڦاسي ٿو، تڏهن حيوانيت جو مرتڪب ٿي، پنهنجي درجي تان ڪري، بي وقعت ٿي وڃي ٿو.
مٿانهون هر زماني ۾ فقط يزدان هوندو آ،
سدائين پنهنجي عادت ۾ ڪريل شيطان هوندو آ،
ڪٿي اعليٰ ڪٿي ادنيٰ، ڪڏهن نوري ڪڏهن ناري،
عظيم انسان هوندو آ، خسيس انسان هوندو آ.

لفظ “انسانيت” انساني نيڪ گڻن جي مڪمل تصوير آهي. ڪردار جون اعليٰ خوبيون، جن ۾ خاص طور پيار، محبت، رحم دلي، نيڪي، سادگي، شرافت، سچائي، قناعت، همدردي، عدل ۽ انصاف، صبر ۽ شڪر، عزم ۽ استقلال، امانت داري، مهمان نوازي، شجاعت، بهادري ۽ ٻيون خاصيتون کيس مٿانهين درجي تي پهچائين ٿيون. مٿين نيڪ گڻن ۽ عملن جو هي گڏيل گلدستو “انسانيت” سڏجي ٿو، جنهن جي هر گل جو واس وڻندڙ آهي.
جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو ۾ مٿيون خوبيون نه آهن بلڪه ان جي بجاءِ، ڪوڙ ڪپت، ٺڳي، دولاب، خود غرضي ۽ ظالميت سندس وطيرو آهي ته هو انسان جي بجاءِ حيوان ۽ سندس وجود انسانذات لاءِ تڪليف جو باعث آهي. دنيا جا سڀ مذهب چڱائين ۽ نيڪين جي پرچار ڪندڙ آهن. اهي سڀ مذهب الڳ الڳ آهن، جيڪي انسانن کي الڳ الڳ فرقن ۾ ته ورهائين ٿا پر انهن سڀني مذهبن جون فلاسافيون کين ڳنڍين ٿيون. ڪنهن به مذهب ۾ نفرت جي سکيا شامل نه آهي. بلڪه انهن ۾ ته پيار، محبت، امن، آتشيءَ جا پيغام آهن، جيڪي فقط ۽ فقط ڳنڍڻ ۽ جوڙڻ سيکارين ٿا، ته پوءِ اڄ جيڪا بک، افلاس، بيماري، بدحالي، انسانيت کي جڪڙي بيٺي آهي ان جو سبب ڇا آهي؟ دنيا جي ڇهه سؤ ڪروڙ کان به وڏي انگ جي آدم مان هر پنجن انسانن تي هڪ انسان بکيو ڇو ٿو گهاري؟ ڪيترائي انسان پيڙائن ۽ عذابن سببان اجل جو شڪار ٿا ٿين. صرف انهيءَ ڪري جو ماڻهن مذهبن کي مفادن تحت استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هنن جي انساني جامي مان نڪري وڃڻ ڪري، فرقابنديون، تعصب، ذاتي مفاد ۽ خود غرضيون چؤطرف ڇانيل آهن. خاڪ مان پيدا ٿيل انسان، انسانيت جي شرف کي سمجهندي به عمل پيرا ٿيڻ کان لنوائي ٿو. کيس ڪئين نصيحتون ملن ٿيون، پر هو ڌيان نٿو ڌري.
انسانيت جي خدمت خدا جي خدمت آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو آهي ته “جڏهن تون پنهنجي انسان ڀاءُ کي پيار نٿو ڪرين، جنهن کي تو ڏٺو آهي، ته تون اڻ ڏٺي خدا کي ڪيئن ٿو پيار ڪري سگهين.”
چوندا آهن ته پيار سان ئي پيار پيدا ٿئي ٿو. دل ڏيئي دل وٺڻي آهي. رب پاڪ به پنهنجي عبادت ۾ ذڪر کي افضل ۽ ياد کي مشروط ڄاڻايو آهي. پوءِ انسان جيڪڏهن انسانيت جي ڀلي ۽ هن ڪائنات جي سک، ڌرتيءَ جي چين ۽ امن لاءِ، انسانذات کي پيار ڪري، خدمت ڪري ۽ هڪٻئي کي ڪم اچي ته يقينًا سچي ۽ سهڻي جيون جو مزو ماڻيندو. سندس دل صحيح طور تي روحانيت ڏي پڻ راغب ٿيندي. ڏٺو وڃي ته ديني عبادتون ته ايمان جي اجارڻ لاءِ آهن، پر انسانيت جي گڻن کي اپنائڻ سان اندر اجري اوجل ٿو ٿئي. هڪ حديث پاڪ آهي ته:
خَيۡرُ الپنَّپاسِ مَپنۡ يَّپپنۡپپفَپعُ الپنَّپاسَ
ترجمو: توهان ۾ چڱو اهو آهي، جيڪو ٻين لاءِ فائديمند ۽ ڀلائيءَ وارو آهي.
انسانيت جي ڪم ايندڙ، نيڪ قول و فعل وارا ڪم جاري رهندڙ صدقي وانگر هميشه قائم رهندڙ آهن.
هڪ انگريزي چوڻي آهي ته:
“Virtue is its own” or “It is always time to do good.”
نيڪيءَ جو ڪو به وقت مقرر نه آهي. انسانيت جي ڪم اچڻ عبادت کان افضل ۽ هن دنيا جي وڏي ۾ وڏي خدمت آهي. جڏهن “هيءَ دنيا مانجهانديءَ جو ماڳ” آهي، “رات ٿوري ۽ ساٺ گهڻا” آهن ته پوءِ اسين ڇو هتي هميشه رهڻ جو ٿا سوچيون؟ زندگيءَ ۾ کٽراڳ وڌائي بي چينيون ۽ ڪلفتون ٿا حاصل ڪيون.
اڄ ماڻهو ڪوڙي مانَ ۽ شانَ لاءِ لَکين ٿو لٽائي، ۽ اهي لَکَ ڪمائڻ لاءِ ناجائز وسيلا ٿو ڪتب آڻي. اهڙيءَ ريت نيڪيءَ ۽ بديءَ جا تفاوت لتاڙيندي هو اڳيان وڌندو ٿو وڃي. جَــرَ تي ڦوٽو جيئن جهڙي جيون کي دائمي بنائڻ ٿو چاهي. ظاهري بقا جي جوش ۾ هو فنا جي فلسفي تي نٿو سوچي. قلزم اندر قطري جي حيثيت هوندي به هو پاڻ ۾ سمنڊ سمائڻ ٿو چاهي. آخر ايئن ڇو آهي؟
شيخ اياز حياتيءَ جي حقيقت کي سلطان باهوءَ سان مخاطب ٿيندي، هن چوسٽي ۾ هن ريت سمجهايو آهي.
باهُو، ڪاهُوءَ تي بيهان، يا مان هڙپا ۾، هُو،
هر شي آهه فنا جي زد ۾ فرق ڏسان ڇا ۾، هُو،
انسان حقيقت ڪهڙي؟ قطرو دريا ۾، هُو،
ڪهڙي معنيٰ رکندو آهي، ذرو صحرا ۾، هُو.
لَکُ به آهي ڪَکَ برابر، سڀ لئه موت پڄاڻان، هُو،
پوءِ حياتيءَ کان ڇا آهي، آنءُ اهو ڪي ڄاڻان، هُو،
پوئين ننڊ جڏهن تو ايندي، هوندءِ ڪونه وهاڻان هُو،
ڪيڏي ڀينگ لڳن ٿا سارا، ڌرتيءَ هيٺان ڀاڻان هُو.

حقيقت ۾ فاني انسان جي بقا فقط ۽ فقط انسانيت جي جذبي جي بچاءَ ۾ آهي. اسان کي گهرجي ته انسانيت جي بقا ۽ هن سنسار جي سونهن کي قائم رکڻ لاءِ امن، محبت ۽ پيار جي جيون جي ترغيب پکيڙي، پنهنجن کي آماده ڪريون ته سچيءَ زندگيءَ جو مزو پيار، رحم ۽ خدمت ۾ آهي. ديا ۽ فراخدليءَ جي شروعات پنهنجي گهر ۽ آسپاس کان ڪري انهيءَ عمل کي ڪائناتي بنايون. هيءَ ڌرتي هڪ ملڪ مثل ۽ سڄي دنيا هڪ ڪٽنب آهي. سڀ انسان ڀائر آهن. پوءِ هيءُ ملڪن جون سرحدون ڦٻائڻ لاءِ بهانا بازيون ۽ هيءُ انساني تباهه ڪاريءَ لاءِ پيدا ڪيل سازو سامان ڇو آهن؟ ڇا اسين انسانيت تي رحم نٿا ڪري سگهون يا اسان جو اندر وارو انسان مري ويو آهي؟ امن و امان کي قائم رکڻ جي آڙ ۾ بدامنيون وڌي رهيون آهن؟ ڏٺو وڃي ته انسانيت جي سک ۽ چين لاءِ اڃان به ڏيهي توڙي پرڏيهي طور وڏين عملي ڪوششن جي ضرورت آهي. جنهن ۾ جنگين کي ٻنجو ڏيئي، ائٽمي توانائيءَ جي اجائي ڊوڙ تي غور ڪرڻ گهرجي، ته جيئن نڪوريون فضائون اسان جو استقبال ڪن.
نه جنگين جا ڀونچال ڀُونءِ کي بَڇِيو،
نه ٽئنڪن جي مَلبي ۾ دَٻجي وڃو،
مشينن جي دونهين کان اڳتي وَڌو،
نڪورين فضائن ۾ نِڪري وڃو.

جمهوريت: پاڪستان جي جمهوري نظام جي حوالي سان شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد جو جائزو

جمهوريت ڇا آهي؟ ۽ ڪيئن وڌي ويجهي ٿي؟ جمهوري سرشتي کي قائم ڪرڻ، وڌائڻ ۽ آمريت جي تسلط کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙين قربانين، محنتن ۽ جدوجهدن جي ضرورت آهي؟ اهو هڪ الڳ بحث آهي پر هتي شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ جاني قربانيءَ کي آمراڻي حاڪميت مان نجات جي تناظر ۾ توري جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اهو ئي نتيجو نڪري ٿو ته جمهوريت جو قيام ئي آمريت کان انتقام آهي. پوريءَ دنيا ۾ جمهوريت کان وڌيڪ بهتر حڪمرانيءَ جو تصور اڄ ڏينهن تائين قائم نه ٿيو آهي ڇو جو جمهوريت، نظام کان وڌيڪ قدرن جو نالو آهي. اهڙا قدر جيڪي ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو پيدا ڪن، اهڙا قدر جيڪي انسان کي انسانيت جي عزت ڪرڻ سيکارين. اهڙا قدر جيڪي محدود قسم جي جمهوري تصورن کان مٿانهان هجن، جن ۾ هر باشعور ماڻهو مَنَ ۾ مفتي ويهاري، پنهنجي ئي احتسابي عدالت، ۾ کڙو هجي ۽ هٿ ٺوڪيل هٿرادو هٿڪنڊن کان آجو ٿي، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي طوفان کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان پاسو نه ڪري. ايشيا جي ترقي پذير خطي پاڪستان ۾ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڀٽو خاندان جون قربانيون ۽ جانين جا نذرانا تاريخ ۾ سنهري حرفن سان سجيل رهندا، جنهن ۾ خاص طور شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد سئو هزار دفعا واکاڻ جوڳي آهي. سنڌ جي هن سون ورني سوڍيءَ پنهنجي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جو ڦڙو ڦڙو پاڪستان جي ڌرتيءَ کي جمهوريت جي سلاميءَ ۾ ڏنو. هر پل مٿس هن ملڪ جو ٻچو ٻچو ناز ڪندو رهندو.
محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي جدوجهد جي ڪهاڻي سر شاهنواز ڀٽو کان شروع ٿيئي ٿي. سندس ڏاڏو انگريز دؤر جو هڪ وڏو ڄاڻو ۽ مدبر شخص هو، جنهن “سنڌ مدرسة السلام” مان قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ تعليم حاصل ڪئي هئي، محمد علي شيخ لکي ٿو ته:
“سر شاهنواز قائداعظم محمد علي جناح جو ويجهو دوست پڻ هو. 1913ع ۾ هن باقاعده سياست جي ابتدا ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي عام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. 1919ع ۾ ايڪٽيهن سالن جي عمر ۾ هو دهليءَ جي امپيريل ليجيسٽل ڪائونسل جي چونڊ ۾ منتخب ٿيو. پوءِ لاڙڪاڻي جي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو. سنڌ صوبي جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري مسئلي کان وٺي پاڪستان جي آزاد ٿيڻ تائين سندس خدمتون لاجواب رهيون” (شيخ: 2007، 19)
ساڳيءَ ريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو (بينظير صاحبه جو والد) ايشيا جو هڪ مڃيل سياستدان، پوريءَ دنيا جي مسئلن تي نظر رکندڙ پاڪستان جو هڪ ڪرشمه ساز ليڊر هو. هو هڪ ڏاهو ۽ سچيت سياسي رهنما هو. سندس ڄاڻ، ذهانت، حاضر جوابي، تقرير ۽تحرير جي شعله بياني ۽ انگريزي زبان تي عبور کي دنيا جي وڏين وڏين شخصيتن مڃتا ڏني آهي. آمريڪا جي ڪئليفورنيا ۽ آڪسفورڊ جي تعليم يافته هن جاگيردار سياستدان، مٿانهين طبقي سان تعلق رکندي به عام عوام جي ڏکن ۽ سورن کي دل سان سمجهيو. هن “روٽي ڪپڙا اور مڪان” جو فقط نعرو نه هنيو پر بي گهرن کي اجها اڏي ڏنا ته هارين نارين کي مالڪاڻه حق عطا ڪيا. ملڪ کي بهتر آئين ڏنو ۽ جمهوريت جي ڍانچي کي مضبوط بنياد فراهم ڪيو. ڀٽو صاحب 1967ع ۾ مرڪزيت پسند “پاڪستان پيپلز پارٽي” جو بنياد رکيو ۽ جنهن جي اڳواڻي به چيئرمين جي حيثيت سان هُن پاڻ ڪئي. انساني حقن لاءِ جاکوڙيندي پنهنجي قوم کي هُن جمهوريت جي حقيقي مفهوم سان آشنا ڪيو. اقتدار جون واڳون ڏکئي دؤر ۾ سنڀاليندي به هن انهيءَ مشڪل وقت کي ڪاميابيءَ سان هلايو پر 4 اپريل 1979ع تي پاڪستان جي عوام سان گڏ، پوريءَ دنيا هڪ نه يقين ايندڙ خبر نشر ٿيندي ٻُڌي ته ڀٽو صاحب جي آواز کي هميشه لاءِ دٻائي، کيس شهيد ڪيو ويو. اهڙو آواز ختم ڪيو ويو جيڪو عوام جي طاقت هو ۽ پاڪستاني عوام جنهن جي طاقت هئي.
ديو مالائي ڪردار بڻيل ڀٽو خاندان جي نياڻيءَ شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوري جدوجهد جا انيڪ بيان آهن. هُن پنهنجي سياسي اختلافن کي انڌن انتقامن ۾ بدلائڻ بدران جمهوري سرشتي کي ملڪ ۾ مضبوط بنائڻ کي ئي بهتر ڄاتو. اصولن ۽ نظرين کي اوليت ڏني. عوامي حقن جي بحالي، آئين جي پاسداري، ملڪ جي مضبوطي ۽ عوام کي سياسي، سماجي ۽ مالي طور پاڻ ڀرو بنائن سندس مشن هو. جنهن جي لاءِ هن قيد و بند جون صعوبتون سٺيون، پنهنجيءَ امڙ کي حال کان بي حال ٿيندي ڏٺو. ظلمن ۽ جبرن کي منهن ڏنائين ته بدلي ۾ کيس جوان ڀائرن جا لاش تحفي طور مليا. پنهنجي وَرَ جي 8 سال قيد جي سزا دوران رياستي ڏاڍ کي اڪيلي سر منهن ڏنائين سندس مضبوط ارادن ۾ ڪو به لوڏو ڪونه آيو. انهيءَ جاه و جلال جو سبب فقط اهو هو ته هوءَ بي ڊپي ۽ بي خوف اڳواڻ هئي، جنهن جي خاندان جي خون جا نشان ڪال ڪوٺڙين کان ڦاسي گهاٽن تائين، ڪراچيءَ جي ڪلفٽن جي روڊن کان راولپنڊيءَ جي رستن تائين عام ۽ خاص کي چٽا پسجڻ ۾ اچن پيا. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد جيئان مضبوط اعصاب، نڊر فطرت ۽ سياسي سمجهه سان نوازيل هئي. اصولن جي جنگ کي اهميت ڏيندي هوءَ مصلحت پسنديءَ واريءَ سياست کان بالا تر رهي جيڪا خوبي سندس والد ۾ هئي جنهن کي عام طور بزدل ماڻهو جذباتي پڻو به سڏين ٿا. طارق اسماعيل هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
“ڀٽو صاحب مصلحت پسند نه هئڻ ڪري خود کي خود ماري وڌو ۽ ان کي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ گهربو هو. حقيقت ۾ کيس ڪير به ماري نه سگهي ها جيڪڏهن هُو پنهنجو پاڻ دشمن نه ٿيئي ها. قوم کي هُن جي ضرورت هئي ۽ قومن جي تاريخ ۾ اهڙا گوهر نامدار پيدا ڪونه ٿيندا آهن. هو هن قوم جي لاءِ قدرت جو هڪ الاهي تحفو ۽ وڏي نعمت هو” (طارق: 2008، 19)
ڏٺو وڃي ته ادبي يا سياسي تنقيد نگار کڻي ڪجهه به چون پر حقيقت اها آهي ته جن جي لاءِ “سختي شهادت جي نسورو ئي ناز” آهي اهي دلين جا سوداگر ڪروڙين عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ آهن. سي حياتيءَ جي بچائڻ وارين ظاهري تدبيرن جي بجاءِ موت کي مات ڪندڙ رهيا آهن. وٽن شينهن واري هڪ ڏينهن جي جيئڻ جي حيثيت ظاهري سؤ سالن جي زندگيءَ کان بهتر هئي.
شهيد راڻيءَ جي جمهوري سفر تي هڪ نظر وجهڻ کان اڳ سندس شروعاتي سياسي تربيت کي ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. هوءَ هڪ اعليٰ تعليم يافته، باهمت، باڪردار، بااخلاق ۽ باشعور خاتون هئي، سندس شخصي وصفن کيس سنڌ ۽ پاڪستان سان گڏ ايشيا جي سڃاڻپ بنائي ڇڏيو. پاڻ ننڍپڻ کان ئي ذهين، سلڇڻي، مطالعي جي شوقين ۽ شانائتي سڀاءُ جي مالڪ هئي. ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ جي علمي دؤر کان ئي سياست ۾ پير پاتائين. آڪسفورڊ ۾ يونين جي پريزيڊنٽ هئڻ سان گڏ کيس ڪيترن ئي ادارن ۽ يونيورسٽين مان ايوارڊ ۽ شيلڊون مڃتا طور مليا. ڪئمبرج مان “ڊاڪٽر آف لا” جي اعزازي ڊگري ته انساني حقن لاءِ ڪيل جدوجهد جي مڃتا طور، کيس گڏيل قومن طرفان انساني حقن جو ايوارڊ ڏنو ويو. ڀٽو صاحب سندس تربيت شاگرديءَ جي زماني کان ئي ڪرڻ شروع ڪئي هئي. پاڻ سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندي طور شرڪت لاءِ جڏهن ويو تڏهن محترمه کي هارورڊ مان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گهرايائين. اهڙيءَ ريت شمله معاهدي 1972ع کان وٺي مختلف آمريڪا ۽ يورپ جي دورن ۾ هو اڪثر کيس پاڻ سان گڏ رکندو هو. جڏهن هوءَ تعليم مڪمل ڪري جون 1977ع ۾ وطن واپس وري ته جلد ئي سندس ڏکن جا ڏينهن شروع ٿي ويا. جنرل ضياءُ ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو ۽ ايئن ڀٽو صاحب جي گرفتاريءَ کان سياسي قتل تائين هن گهڻو ڀوڳيو. لنڊن ۾ جلاوطنيءَ دوران پنهنجي ساٿين ناهيد خان، بشير رياض، ياسمين ۽ ٻين سان گڏ هُن پنهنجي ساٿين جو هڪ اعتبار جوڳو ٽولو ٺاهي، پاڪستان جي آمراڻين حالتن خلاف جمهوري جدوجهد جي باقاعده شروعات ڪئي. جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن کي پاڪستان جي حالتن کان باخبر رکڻ اهم هو. هو سڀ ساٿي گڏجي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ملڪي حالتن تي ويچاري خط پٽ لکي اهم ملڪن سان رابطي ۾ رهندا هئا.
آمريت جي خلاف هلايل هن تحريڪ کان پوءِ جڏهن کيس جلاوطنيءَ کان پوءِ پهريون دفعو ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ملي، تڏهن لکين ماڻهن جو جذباتي جلوس سندس آجيان لاءِ لاهور جي موچي گيٽ جي چوڌاري گڏ ٿي ويو، جو ڪلاڪن جي پنڌ کان پوءِ هوءَ مينار پاڪستان تي پهتي. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي عوامي لاڳاپي واري سفر کي جاري رکيو. 14 آگسٽ 1983ع تي ايم. آر. ڊي جي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ جي شروعات پئي، انهيءَ زماني ۾ محترمه صاحبه نظربند هئي. پر هن انهيءَ تحريڪ جو ساٿ ڏنو. هن دؤر ۾ کيس وري هڪ وڏي ڏک کي منهن ڏيڻو پيو. سندس اڙٻنگ، اڏول ۽ دادلو ڀاءُ مير شاهنواز ڀٽو دوکي سان ماريو ويو. فرانس ۾ ڪانز جي سامونڊي ڪناري ڀاءُ جا آندل سنڌڙي انب کائيندي ۽ چرچا ڪندي کيس ڪا به خبر نه هئي ته هيءُ ڀاءُ کانئس ايترو جلدي وڇڙايو ويندو. جڏهن شاهنواز جو مڙهه کڻائي ڳڙهي خدابخش پهتي تڏهن کيس وري نظربند ڪيو ويو. محترمه جي سياسي سفر ۾ ڪيترائي سانحا ٿيا پر سندس عزم فولادي هو جو کيس اڳيان ئي اڳيان وڌڻ لاءِ همٿائيندو هو.
ڊسمبر 1987ع تي بينظير ڀٽو جي جناب آصف علي زرداريءَ سان ڪراچيءَ ۾ شادي ٿي. 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءُ جي C-130 جهاز جي ڪريش ٿيڻ سان ملڪ جي صدر ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏ پنجٽيهه اعليٰ عملدار اجل جو شڪار ٿي ويا.،
21 سيپٽمبر 1988ع تي لياريءَ جي ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ ننڍڙي “بلاول” جي جنم کان پوءِ هُن چونڊ مهم جو باقاعده آغاز ڪيو، کيس ڀرپور موٽ ملي. ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ، هن سورميءَ جو سرير سرڳ کان، آزاد جيون جا سنيها هن سهڻيءَ سر زمين جي واسين لاءِ کڻي آيو هجي. ملڪ چؤطرف “جيئي ڀٽو” جي نعرن سان گونجي رهيو هو.
ڊسمبر 1988ع تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان جي چونڊيل پهرين عورت وزيراعظم مقرر ٿي. ترت ئي هن ملڪي معيشيت جي مضبوطيءَ ۽ نئين جوڙجڪ لاءِ ڪوششون عمل ۾ آنديون. تعليم ۽ صحت جي بجيٽ کي ملڪي بجيٽ ۾ فوقيت ڏياري. هارين نارين ۽ پورهيتن جي سکن لاءِ سڌارا آندا، عورتن جي ڀلائيءَ جا قانون پاس ڪرايا. ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪ جو وقار بلند ڪيو. انيڪ ملڪن سان پاڪستان جا ناتا مضبوط ٿيا. آمريڪا جي قديم هال ۾ 7جون تي تقرير ڪندي چيائين ته:
“اسان اڄ آزاديءَ جو جشن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. اڄ اسان جمهوريت جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. آمريت کان سخت انتقام وٺڻ جمهوريت جو قيام آهي، ۽ ان لاءِ تاريخ جو فيصلو ئي صحيح ثابت ٿيندو.”
وري ملڪ جي حالتن ڦيرو کاڌو ۽ مقرر مدي پوري ڪرڻ کان اڳ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ صدر اسحاق خان هن چونڊيل جمهوري حڪومت کي ختم ڪيو. نئين حڪومت مٿس وري پابنديون مڙهيون. مٿس جڙتو الزامن جي وارو وار ٿي ويئي ته به هُن ملڪ ۾ نين ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو ورتو پر سازشون ڪري آءِ جي آءِ کي ڪامياب ڪرائي کيس ملڪي سياست مان ڌڪي اقتدار ميان نواز شريف کي ڏنو ويو. بينظير ڀٽو هڪ سمجهدار سياستدان هئي. هن اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ هڪ ڪامياب ڪردار ادا ڪري جمهوريت جي قدرن کي اونچو مقام ڏنو. سندس تاريخي لفظ هئا ته:
“مان نئين انتظاميه جي آجيان ٿي ڪريان ۽ ان کي مخالف ڌر طرفان تعاون جو يقين ٿي ڏياريان، ان شرط سان ته ان جون اختيار ڪيل حڪمت عمليون پاڪستان جي فائدي مطابق هونديون.” (شيخ: 2007، 238)
صدر غلام اسحاق خان ۽ نواز شريف جي اختلافن سبب انهيءَ حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ملڪ ۾ ٻيهر چونڊون ٿيون ۽ اهڙيءَ ريت پيپلز پارٽيءَ انهن چونڊن ۾ اڪثريتي ڪاميابي ماڻي ۽ هوءَ ٻيهر 1993ع ۾ وزيراعظم بڻي ۽ وري مَنَ سان ملڪ جي خدمت ڪرڻ ۾ جُنبي ويئي. هن دؤر ۾ پاڪستان جي مالي ۽ سماجي حالتن ۾ وڏي تبديلي هئي. محترمه کي ملڪ ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي. ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو راڄ هيو. ڳوٺن ۾ ڌاڙيل فيڪٽر ۽ شهرن ۾ بم ڌماڪن، منشيات ۽ گولين سان پروڻ ٿيل انساني جانن جي سانحن سندس ننڊون ڦٽائي ڇڏيون. ملڪ کي وڏي ٻاهرين ناڻي جي، سولن شرطن سان حاصل ڪرڻ جي ضرورت هئي. هن وڏيءَ جدوجهد سان بين الاقوامي تعلقات نئين سر ٺاهيا ۽ اڃا ڪجهه ئي عرصو مَسَ گذريو ته هڪ وار وري قدرت سندس لاءِ آزمائش ۽ امتحان جو در کولي ڇڏيو. سندس حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هن جي موڀيءَ ڀاءُ کي پنهنجي ئي جنم ڀوميءَ جي روڊن ۽ رستن تي بيدرديءَ سان 20 سيپٽمبر1996ع تي گولين جو کاڄ بڻايو ويو. هوءَ پيرين اگهاڙي لڙڪ لاڙيندي مڊ ايسٽ جي ڪاريڊورز ۾ جوان ڀاءُ جي لاش تي بيٺي رهي. سندس حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو کيڏ کيڏيو ويو. محترم شيخ صاحب “بينظير ڀٽو جدوجهد جي ڪهاڻي” ۾ 263 صفحي تي لکيو آهي ته:
“صدر لغاري چيو جيڪڏهن فوج اچي منهنجي مٿي تي بندوق رکي ۽ چوي ته بينظير جي حڪومت ختم ڪر ۽ ڀلي ڌرتي اٿلي پوي ته به مان اهو ڪُڌو ڪم ڪڏهن نه ڪندس، هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي ۽ مان ٻروچ آهيان ۽ مان پنهنجي ڀيڻ سان ايڏو ڌوڪو ۽ ڏاڍ ڪري ڪونه سگهندس.”
ليکڪ موجب ته، “سندس اندر جي ٻولي ٻي هئي هن انهيءَ بينظير جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي جنهن کي هو پنهنجي ڀيڻ سڏيندو هو. هن اهو ڪم طاقتور اسٽيبلشمينٽ جي ميڇ تي ڪيو هو. کيس اهو وجهه تڏهن مليو جڏهن سندس لاهنگ ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي جهنگ يا ڪنهن ٻيلي جي وچ ۾ نه، پر ڪراچيءَ جهڙي عظيم شهر ۾، ڌاڙيلن نه پر ملڪ جي پوليس شهيد ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي راز سان جو ڀرئي ترئي هن شهر ۾ ان قتل جو پار پتو اڄ تائين ناهي ملي سگهيو.” (شيخ: 2007ع، 263)
اهو واقعو ڪيئن ٿيو ۽ ان پٺيان ڪنهن جو هٿ هو؟ اهي حقيقتون اڄ تائين چٽيون ٿي سامهون نه آيون آهن پر دراصل اهو سڄو کيل سندس حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ کيڏيو ويو. سندس ئي پارٽيءَ جي ميمبر ۽صدر فاروق لغاريءَ بدنظمي ۽ انتشار جا الزام هڻي 5 نومبر تي هن جي چونڊيل حڪومت جو خاتمو آندو. ان کان پوءِ ٻيهر مخالفتون ۽ احتساب شروع ٿي ويا. نين چونڊن ۾ ميان نواز شريف کي آندو ويو ۽ ان کي تمام گهڻا اختيار ڏنا ويا. پر اڳيان هلي هُن ۽ فوج ۾ ڇڪتاڻ سبب 12 آڪٽوبر 1999ع تي فوج ملڪ جو انتظام سنڀاليو، جيڪو هڪ ڊگهو عرصو رهيو ته به محترمه جي مقبوليت ۾ تِرَ جيتري به ڪَمي ڪانه ٿي. کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ ڪوششون به ٿيون. جيئن ته محترمه سان ڪروڙن جي عوام گڏ هئي. انهيءَ ڪري هن جمهوريت جي جيئندان لاءِ پنهنجي حياتيءَ کي لاحق خطرن کان مڪمل واقفيت هوندي به ڪَنَ ٽار ڪئي.
18 آڪٽوبر 2007ع تي سندس آجياڻي جلوس تي وڏو حملو ٿيو هوءَ اٺن سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ وطن واپس وري هئي، کيس “ويٺن تان واري ٿي وري” جي اصول جي ڄاڻ هئي. ۽ محترمه کي شايد اها به پَڪَ هئي ته وٽس وقت ٿورو آهي، وقت جي قدر ۽ قيمت کان واقف هئڻ ڪري هن وٽ هڪ هڪ پل ملهائتو هو. تڏهن ئي جمهوريت جي سرواڻ ۽ لکين دلين جي ترجمان هن بي ڊپيءَ ۽ بي خوف اڳواڻ فرمايو ته:
“منهنجا هم وطن ساٿيو! موت جي ڌمڪين جي باوجود مان آمريت آڏو سر نه جهڪائينديس ۽ ان خلاف جدوجهد جي قيادت ڪنديس. منهنجو ۽ توهان جو ملڪ خطري ۾ آهي. مان پنهنجي ملڪ جي عظيم عوام کي اڪيلو نٿي ڇڏڻ چاهيان، ڇو نه منهنجي جان هلي وڃي.”
واقعي اهي لفظ سندس آخري لفظ هئا. 27 ڊسمبر 2007ع تي پنجاب جي اهم شهر راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ پاڪستان جي جمهوري سفر جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ لکين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ دستي بمن ۽ گولين سان هڪ عورت تي حملو ڪيو ويو. ميڊيا معرفت هن نه اعتبار جوڳيءَ خبر تي پوري ملڪ ۾ ڪهرام مچي ويو ايئن لڳو ڄڻ هندوستان ۽ پاڪستان جو ورهاڱو ٿيو هجي، ڄڻ ڪا ڪاري قيامت آئي هجي. اهڙي شهادت سنڌ جي هن سورميءَ جي حصي ۾ نصيب ٿي، جنهن پوريءَ دنيا کي سڪتي ۾وجهي ڇڏيو. سندس شهادت جو سور سهڻ کان مٿي هو. هر هڪ ماڻهو، هر هنڌ، گهٽين ۽ گسن ۾ روئيندي ۽ ٻاڪاريندي ڏٺو ويو. سورنهن ڪروڙ عوام جي اُمنگن جو ڏيئو پَلَ ۾ اُجهامي ويو.
هوءَ اڄ به زنده آهي ۽ زنده رهندي، ڪروڙين پاڪستانين جي دلين ۾ پنهنجي ڪارڪنن جي جوش ۽ خروش ۾، پنهنجي لکيل تحريرن ۽ تقريرن ۾، پاڪستان ۾ قائم ٿيل جمهوريت جي جدوجهد ۾، سندس نالو هميشه روشن رهندو. جنهن جيئندان جا سڀ رستا فقط ۽ فقط قربانين تي مشتمل هجن، اها آدرشي حياتي ئي “مقصد حيات” جي تعبير هوندي آهي. محترمه شهيد بينظير ڀٽو ڪارائتي موت ڏي هلڻ واري “حيات جاودان” جي مشن ۾ جاني قرباني ڏيئي، پاڪستان سان گڏ پوريءَ دنيا جي جمهوريت جي تاريخ ۾ مڃتا ماڻي آهي.

حوالا:
1- شيخ محمد علي: “بينظير ڀٽو جدوجهد جي ڪهاڻي” سنڌيڪا اڪيڊمي، 2007ع، ص-19
2- طارق اسماعيل: “ڀٽو بچ جاتي اگر” طاهر سنز اردو بازار لاهور، 2008ع، ص-192
3- شيخ محمد علي: “بينظير ڀٽو جدوجهد جي ڪهاڻي” سنڌيڪا اڪيڊمي، 2007ع، ص-238
4- ساڳيو حوالو ص-263

مذهبي نفرتون قومن کي تباهه ڪن ٿيون

“قوم” هڪ سمنڊ مثل آهي، ان جا ماڻهو سمنڊ جا ڦڙا آهن. جيڪڏهن ڪنهن قوم جي ماڻهن ۾ نفاق هوندو ته اهي ماڻهو سڏبا، پر جي اتفاق ۽ ٻڌي هوندي ته اها قوم، قوم سڏائيندي. قومن جي ترقي ۽ خوشحالي، قومي ٻڌيءَ تي دارومدار رکي ٿي. قومن جا اتحاد طاقتور دشمنن کي به ڍيري ڪري رکندا آهن. قومن جي ٻڌي ۽ يڪجهتي لاءِ، حوصلو، همت، محبت، قومي غيرت، مسلسل جدوجهد ۽ ايڪو لازمي آهي.
قوم ماڻهن جو فقط ميڙ نه آهي، پر قومن کي پنهنجي تهذيب، ثفافت ۽ تاريخي ورثا هوندا آهن. انهن جي پنهنجي هڪ منفرد سڃاڻپ هوندي آهي. قومي ٻڌي هڪ اهڙو اُتم عمل آهي، جنهن جي رهنمائي ۽ جدوجهد انهن قومن جا اڳواڻ ۽ ساڃهوند رهبر شخص پنهنجي ماڻهن جي مدد سان ڪندا آهن. جنهن ۾ سڄيءَ قوم جي هر طبقي جي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ سان ئي قوميت جي ترقيءَ جون راهمون هموار ٿينديون آهن. عربستان جي جنگجو قوم خدا جي رسول جي اطاعت سان جڏهن متحد ٿي تڏهن صرف ٽيهن سالن جي عرصي ۾ رومين، فارسين، ترڪين، حبشين، سوڊانين ۽ ڪيترين ئي قومن کي جهڪائي اسلام جو جهنڊو سربلند ڪيو. اهو صرف ٻڌيءَ جي طاقت جو ڪمال هو.
قومن جا اڳواڻ ذمه داريءَ سان پنهنجي جدوجهد جو رخ ظلمن جي خلاف ۽ حقن جي حاصلات طرف موڙيندا آهن. پاڪستان جي تاريخ کي ڏسنداسين ته 1947ع کان اڳ گڏيل هندوستان ۾ مسمان قوم کي نه پنهنجي مذهب جي آزادي هئي نه ئي هو صحيح نموني سان اسلامي ثقافت ۽ تهذيب کي زنده رکي سگهيا ٿي. هڪ گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو غير يقيني ماحول هو، جنهن ۾ مسلمان اڳواڻن ۽ رهبرن قائداعظم محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ ۾ اتحاد، مسلسل جدوجهد، محنت ۽ قربانين جي صدقي آزادي حاصل ڪئي.
هميشه غلام اهي قومون ٿينديون آهن جن ٻڌيءَ جي عظيم قوت کي نه سمجهيو ۽ نه تاريخ مان سبق حاصل ڪيو ۽ نه ئي پاڻ ۾ جدوجهد ۽ ٻڌيءَ جي وصفن کي پيدا ڪري وڌايو ۽ جڏهن جڏهن قومون ظلمن جي گهاڻن ۾ پيڙاهڻيون ۽ تباهه و برباد ٿيون آهن ته صرف ۽ صرف پنهنجين شانِ بي نيازيءَ وارين عادتن يعني سستي، ڪاهلي، لاعلمي، نفاق ۽ پنهنجي ئي قوم واسين کي تباهه ڪرڻ جي ڪري.
جيڪڏهن سنڌ جي حالتن تي نظر ڊوڙائينداسين ته معلوم ٿيندو ته سنڌي قوم هميشه کان بهادر، حوصله مند ۽ سمجهو رهي آهي، پر جڏهن به هن قوم غفلت ڪئي ۽ عملي سجاڳيءَ کان منهن موڙيو، تڏهن ڪيترائي مغل، ارغون، ترخان ۽ انگريز هتي غاصب ٿي آيا آهن. مشهور چوڻيءَ موجب ته “ميرن کي گهر مان لڳي”، جيڪڏهن ميرن جي حڪومت ۾ ٻڌي هجي ها ته سنڌ انگريزن جي هٿ ۾ نه اچي ها. گڏوگڏ ميرن جي درويش صفتي ۽ سياسي بصيرت جي ڪَميءَ سنڌ جي لاءِ تباهيءَ ۽ زوال جا رستا کولي ڇڏيا. اڄ به سنڌ جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ امن امان جي صورتحال آهي، جنهن ۾ وڌندڙ آباديءَ جي اهم مسئلي کان علاوه ٻيا ڪيترائي سبب آهن. ڇا اسين پنهنجي اندر ۾ ليئو پائي ڏسون ٿا ته ڌاڙيل فيڪٽر، جاگيردارن ۽ وڏيرن سنڌ کي ڪيترو نقصان ڏنو آهي؟ روز اخبارن ۾ خبرون اچن ٿيون ته فلاڻي ڳوٺ تي ڌاڙيلن جي چڙهائي، لٽ مار، بي گناهه خون، عورتن ۽ ٻارن جون ذلت آميز بي عزتيون ۽ قتل و اغوا ٿين ٿا.
مذهب توڙي قوم جو نالو ٻوڙيائون،
باهيون ڏنائون، ٻار ڪوڪلا ڪيائون.

قومن جي ترقيءَ ۽ تعمير جو حل مسلسل جدوجهد، علم جي حاصلات ۽ ٻڌيءَ ۾ آهي. قومي ٻڌي قومن جي سڀني طبقن کي گڏ کڻي هلڻ ۾ آهي اڄ اسان وٽ پڙهيلن جو پليٽ فارم الڳ آهي ته هاري تحريڪ الڳ آهي. سياستدان الڳ آهن ته استاد الڳ آهن. هئڻ ايئن گهرجي ته ذات برادري جي طبقاتي فرق مان نجات حاصل ڪري پڙهيلن، اڻ پڙهيلن، ڳوٺاڻن ۽ شهرين جو هڪ گڏيل پليٽ فارم ٺاهجي، ڪا به جدوجهد چاهي اها بين الاقوامي هجي يا قومي، جيستائين ايڪي، اتحاد ۽ حوصلي و هوش سان نه هوندي ڪامياب نه ٿي سگهندي. هر جدوجهد ظلمن جي خلاف ۽ حقن جي حاصلات لاءِ هئڻ سان گڏ نفاق ۽ انتشار کان پاڪ هوندي، تڏهن ڪامياب ٿيندي آهي. جنهن ۾ مشڪلون اچن پر برداشت سان گڏ حوصلو ۽ ولولو قائم هجي.
هي ضروري ناهي، هر هر زلزلو پيدا ڪجي،
قوم ۾ ليڪن، مسلسل ولولو پيدا ڪجي،
مشڪلاتون اينديون رهنديون، پر ٻڌو مُشڪل ڪُشا!
هر قدم تي هوش سان گڏ، حوصلو پيدا ڪجي.

جڏهن هر قوم جا هاري ناري، ڪڙمي، ڪاسبي، قانوندان، صحافي، استاد ۽ دانشور هڪ هوندا، تڏهن ئي اها اڳيان وڌندي. سنڌي سماج جي گهٽ ترقي يافته هئڻ جي اهم سببن ۾ هڪ سبب وڏين قومي جدوجهدن جو نه هجڻ آهي. اسان جي سڄيءَ قوم کي ضرورت آهي سچن جاکوڙين، سورهيه سرويچن ۽ سمجهدار سڄاڻن جي، جيڪي منظم نموني سان قوم جي اڳواڻي ڪن ۽ مفادن کان پري ٿي هوش ۽ سمجهه کان ڪم وٺن. اهڙا اڳواڻ جن لاءِ بي ڌڙڪ چئي سگهجي ته:
جو قوم جياري، اهو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو،
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو.

جنگ جوٽي، سِرُ ڏيئي سرهو ٿيڻ قومن جو مانُ آهي. دودي سومري جي دليريءَ جو داستان تاريخ ۾ اڄ ڏينهن تائين قائم هئڻ سان گڏ “دودو” نالو سنڌ ڌرتيءَ تي بهادري ۽ شجاعت جو اهڃاڻ آهي، جنهن پنهنجي قوم جي نياڻيءَ کي دهليءَ جي دربار ۾ موڪلڻ پسند نه ڪيو. جواب ڏنائين ته:
“ گولي ويندي گجرين، ته چوندا ٻاگهي دودي ڀيڻ”
نياڻي سياڻيءَ جو حيا، پنهنجيءَ قوم جي عورتن جي عزتن کي سر ساهه کان مٿي سمجهڻ ۽ عزت لاءِ تخت و تاج قربان ڪرڻ جي هيءَ ريت دلير ابڙي پاڻ سر ڏيئي نڀائي.
ستيون جي سُومَريون، سي تو ڀَلي آنديون ڀاڳ،
راڻيون جي روپا جون، هي محل تَنين جا ماڳَ،
جي سر سلامت ڀاڳَ، ته سام نه ڏيندو اَبڙو.

قومي غيرت جا اهي اعليٰ مثال ئي سنڌ جون روايتون رهيا آهن. قومي غيرت ئي قومن جي ٻڌيءَ جي وڏي ۾ وڏي قوّت آهي. جيڪڏهن سنڌ ڏانهن ڪير ميريءَ اک سان نهاري ته ان جون اکيون ڪڍي ڇڏڻ گهرجن. جيڪڏهن پاڪستان جي سلامتيءَ کي خطرو هجي ته سڄي قوم گڏجي حفاظت لاءِ محاذ قائم ڪري ۽ عالم اسلام جي لاءِ سازشون ٿين ته سڀني مسلمانن کي گڏجي خداپاڪ جي ڏسيل واٽ مطابق مسلمانن جي مدد ڪرڻ گهرجي.
ٻڌيءَ ۾ برڪت ۽ نااتفاقي ۾ بدبختي آهي. ايمان، عدل، انصاف ۽ اتحاد ئي آزاديءَ جي فضا کي هموار ڪن ٿا.
“ٻڌي” ۽ “ايڪو” مختصر لفظ هوندي به تمام مضبوط آهن. انفرادي نيڪ عمل ۽ سوچون ويچار، جڏهن اجتماعيت ۾ تبديل ٿين ٿا تڏهن ئي قومون سينو سپر ڪري شيهي جي ڀت ٿي دشمنن جي اڳيان بيهنديون آهن. قومي جذبو انساني فطرت جو حصو آهي. پر جڏهن اهو اتم هوندو آهي ته اها قوم شانائتي هوندي آهي. تاريخ شاهد آهي ته عياش، ظالم، ۽ بدڪردار قومون عاد، فرعون ۽ نمرود جي قومن جيان تباهه ٿي ويون.
قومي ٻڌيءَ لاءِ هر دور ۾ ڏاهن، اديبن، عالمن ۽ شاعرن قوم کي سجاڳ ڪيو آهي کين ايڪي ۽ اتحاد جا سڏ ڏنا آهن. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو.
وَڳر ڪيو وَتَنِ، پِرت نه ڇِنن پاڻ ۾،
پسو پَکيئَــڙن ماڻنهئان ميٺ گهڻو.

(4-5، ڏهر)
ساڳيءَ ريت شيخ اياز پڻ قوم کي سجاڳيءَ جو سڏ ٿو ڏئي:
ڏِسُ ته گڏجي هو پَکي سڀ ڪئن نه ڍوري تي لهن ٿا،
ڪو حَسد تن ۾ نه آهي، ڪئن نه هڪٻئي کي سَهَنِ ٿا.

(شيخ اياز)
هندوستان جي شاعر نارائڻ شيام قومي ٻڌيءَ جو سبق هن ريت ڏنو آهي:
ڏسو پکين جا ڏانو،
هڪٻئي مٿان اڏامندي،
ڪيئن سي ڪَنِ ٿا ڇانو.

(نارائڻ شيام)
مٿين مثالن مان هيءَ حقيقت چڱيءَ طرح چٽي ٿي سامهون آئي آهي ته قومي ٻڌي نالو آهي، قوم جي اتفاق، محبت، همت، حوصلي، جدوجهد ۽ سجاڳيءَ جو. قومي ٻڌي نالو آهي، قوم جي هر هڪ فرد جي غيرت ۽ قربانيءَ جي جذبي جو. قومي ٻڌيءَ سان ماڻيل خودمختياري ئي قومن جي خوداعتمادي آهي. خودمختياري ۽ آزادي هر انسان جو ازلي حق هئڻ سان گڏ ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ضمانت پڻ آهي.

زندگيءَ جو مقصد

وقت جي ويٺي لِکي مُون واردات،
لِکُ اصول، استاد، ڀڻڪيو مشڪلات.
“عزم جي سامهون، جُهڪيو آفت پوي،
ڏينهن کي روڪيندي، ناهي ڪا به رات”.

عام طور چوندا آهن ته، “دنيا ڪَنڊن جو وڇاڻ آهي” پر حقيقت ۾ هيءُ آزمائش جو گهر هڪ اهڙو اسٽيج آهي، جتي هر شخص پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري عدم ڏي راهي ٿي وڃي ٿو. جنم کان مرڻ تائين جو زندگيءَ جو هيءُ ڪٺن سفر مشڪلاتن جي باوجود فقط عزم، حوصلي ۽ همت سان انڌيري مان روشنيءَ ڏي منتقل ٿي ويندڙ آهي، جنهن ڪري ئي حياتي حَسين ۽ هرکائيندڙ لڳي ٿي.
جيون ڇا آهي؟ ان کي ڪيئن گذارجي؟ هيءُ هڪ اهڙو فلسفو آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ دفتر گهرجن. جيون جيئڻ جو فلسفو ڄاڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو معلوم ڪجي ته فلاسافي ڇا آهي؟ فلاسافي آهي:
“Philosophy philo- love+ sophia= knowledge- love for knowledge”.
دادا هولارام هنس جي وضاحت مطابق، “ڄاڻ ۽ ڏاهپ جو هيءُ سفر (metaphysics) روحانيت(logic)، شعور، فهم ۽ ذهن جي ڪارائتي ڪتب آڻڻ جي ڪوشش يعني علم منطق (Ethics) اخلاقيات (politics) سياست (Aesthetics) ڪلا، ساهت ۽ سونهن تي ٻڌل آهي ۽ فلاسافر معنيٰ ڏاهو، رهبر، اڳواڻ، جيڪو سچ، سونهن ۽ سٺائيءَ جي پر چار ڪري.”
دنيا جي سڀني مذهبي اڳواڻن، سالڪن، ڏاهن، رهبرن، رهنمائن، عالمن، نيڪيءَ جي پرچار ڪندي، اهو ڄاڻايو آهي ته حياتي آهي پيار ونڊڻ، هڪٻئي جي ڪم اچڻ، من جو محاسبو ڪرڻ، روحانيت جي حاصلات ۽ دنياوي وهنوار ۾ سچائي ۽ سٺائيءَ جو عمل اختيار ڪرڻ ۾. دنيا جا وڏا انسان، نيڪ ويچارن جي شڪتيءَ جي ٻل تي ئي ناممڪن کي ممڪن بنائي مهانتا ماڻيندا رهيا آهن. سٺا ويچار ۽ عمل سندن وڏي ۾ وڏي پونجي هوندي آهي.
خراب سوچون ۽ اَوَگڻ نه رڳو هڪ انسان جي حياتي برباد ٿا ڪن، پر ساڻس لاڳاپيل ڪيترن ئي شخصيتن کي اهو عذاب ڀوڳڻو ٿو پوي. اهڙيءَ ريت چؤطرف اوندهه اونڌڪار جووايومنڊل راڄ ڪرڻ شروع ٿو ڪري ۽ دنيا جنجال ٿي وڃڻ سبب ان ۾ جيئڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. بقول شاعر ته:
کُٽي ويو تيل، وٽ ويئي سڪي آهي،
رڳو ڦڙڪا هڻي، ڦٿڪڻ ڏُکيو آهي،
نه مهينن جي، نه هفتن جي وِٿي آهي،
اڄوڪي ڏينهن ۾ جيئڻ ڏُکيو آهي.

اڄ جي دنيا هونئن به ماده پرست يعنيMaterialism جي رجحان واري آهي. هن Consumerism يعني (گهڻو ۽ گهڻو واپرائڻ) واري دور ۾ ماڻهن جا زندگيءَ جا قدر ۽ ماپا بدلجي ويا آهن. اڄ ملڪي معيشت جو احساس مفقود ۽ ذاتي ملڪيتن کي وڌائڻ جا رجحان وڌندڙ آهن. ۽ نيوڪليئر جي طاقت حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ هر ملڪ هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جون ڪوششون وڌيڪ ڪري پيو، جنهن ڪري عام ماڻهو گهڻا عذاب ڀوڳي ذهني پريشانين جي آماجگاهه ٿي ويو آهي، هر هنڌ مهانگائي، وڻج، واپار ۽ ٻين ڪيترن معاملن ۾ انساني اَوَگُڻ وڌڻ سبب جيون جو جياپو انتهائي ڏکيو ۽ پيچيده ٿي ويو آهي. ڪيتريون ئي مهلڪ بيماريون، ميڊيڪل سائنس جي هيڏي وڏيءَ ترقيءَ جي باوجود منهن ڪڍي رهيون آهن. شگر، بلڊپريشر ۽ هارٽ اٽيڪ جي عام جام ٿي وڃڻ، انساني سريرن کي کوکلو ۽ نيستو ڪري ڇڏيو آهي. انهن سڀني مسئلن جو حل آهي ته جيون جيئڻ جي متن تي غور ڪري اهڙي حياتي گهارجي جنهن ۾ روحانيت جو دخل وڌيڪ هجي سڀ ڪم پنهنجي هٿ ۾ نه کڻجن. ايشور جي اِڇا يعني رب جي رضا کانسواءِ پن به نٿو چُري. اسان کي اهو ئي ملندو، جيڪي اسان جي نصيب ۾ لکيل هوندو ۽ جيڪا اسان محنت يا ڪوشش ڪئي هوندي.
سٺيءَ حياتي گهارڻ جا ڪجهه اصول مقرر ڪرڻ هر ماڻهوءَ لاءِ ضروري آهن، جنهن لاءِ چند سونهري متا هن ريت آهن:
(1) سٺائيءَ کانسواءِ انسان تڇ آهي (2) اميد قائم ڪرڻ انسان جو آئيندو مضبوط بنائي ٿي. (3) ڏکن کانسواءِ به سکن ۾ هر وقت ڌڻيءَ در ٻاڏائجي ته اصل ڏک ويجها ڪو نه ايندا (4) زندگيءَ کي حقيقت ۽ موت کي اڻ ٽر حقيقت سمجهڻ گهرجي (5) جيڪو علم جي راهه ۾ هلندو اهو سدا ڪامياب رهندو. (6) جيڪا هلت اسين پاڻ لاءِ بهتر نٿا سمجهون ان کي ٻين لاءِ بهتر نه سمجهون (7) سڪون ڳولها سان نه پر اندر جي شانت رهڻ سان ملندو آهي. (8) مفتي من ۾ ويهاري پنهنجي اندر جو اڀياس هر وقت ڪريون خود شناسي ئي خدا شناسي آهي ۽ يقين جي قوت ئي انسانن لاءِ اٽل قوت آهي. (9) انسانيت جي خدمت ايمان جي مضبوطي آهي. (10) “عقل انساني”، الٰهي سوغات آهي. جنهن ۾ علم اضافو ڪري ٿو. علم جي حاصلات کي ممڪن بنائڻ ئي جيون جو جياپو آهي. (11) نيڪ ڪاريه مستقل ڪرڻ سان حياتيءَ جي سچي خوشي ملندي رهندي. (12) رحم دلي، خيرات ۽ ايمان کانسواءِ انسان حيوان مثل آهي. (13) سکي اهو آهي جنهن کي مطمئن رهڻ جو فن اچي ٿو. (14) هر انسان ۾ خدائي طاقتن جو حصو آهي هو پاڻ پنهنجو دوست آهي پاڻ پنهنجو دشمن جيڪڏهن ٻين کي رستو ڏيکاريندو ته خدا کيس رستو ڏيکاريندو. اهو ئي خوش رهندو جنهن جو محبوب ڌڻي تعاليٰ آهي.
حقيقت ۾ جيڪڏهن هن حياتيءَ کي عارضي سمجهي، ڪارائتا ڪاريه سرانجام ڏجن ۽ جيون جي فلسفي تي دل جي سچاين سان غور ڪجي ته پوءِ ئي مقصدي زندگي ماڻي سگهبي. مقصدي حياتي ئي موت کي مات ڪندڙ آهي، سادگي، روحانيت، مناسب ۽ متوازن غذا، ورزش، ڪنهن جائز ۽ نيڪ ڪم ۾ وقت گذارڻ، ڏيڻ وٺڻ ۾ مثبت رخن تي هلڻ، ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازيءَ کان بچڻ، خوش مزاجي ۽ قربانيءَ جا جذبا خود ۾ پيدا ڪرڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي خوبيون ملائي، هڪ سٺي حياتي گذاري سگهجي ٿي.
اهو سوچڻ گهرجي ته وقت هميشه ساڳيو نه هوندو آهي. رات کانپوءِ روشني ضرور ڦٽڻي آهي. دنيا ۾ ڪجهه به ناممڪن نه آهي، حالتون ڪڏهن به بدلجي سگهجن ٿيون. انساني زندگيءَ جي ننڍن ننڍن مسئلن کان عالمي دنيا جي مسئلن تائين ڏٺو وڃي ته تبديلي ناگريز رهي آهي. اڄ پوريءَ دنيا جون اهي حالتون نه آهن جيڪي سؤ سال اڳ يا ڪجهه صديون اڳ ۾ هيون. انهيءَ ڪري حياتي جي مسئلن ۽ چنتائن کي خود تي حاوي ڪرڻ جي بجاءِ حياتيءَ تي حاوي ٿي وڃجي ۽ جيون جيئڻ جي فن کي سمجهجي ۽ اهو ڄاڻجي ته “Hope sustains the world” يعني دنيا اميد تي قائم آهي ۽ مايوسي ڪفر آهي. دنياوي روڳ ۽ تڪليفون هر ڪنهن انسان تي اچن ٿا. چوڻي آهي ته “ڪي آهن ڌن دکي، ڪي آهن تن دکي، ته ڪي آهن من دکي” معنيٰ ته جڏهن هر ڪنهن کي ڪو نه ڪو روڳ سندس حالتن ۽ حيثيت مطابق لڳل ئي آهي ته پوءِ زندگيءَ جي آزمائش تي گهٻرائڻ ڇاجو، آس ۽ نراس جو مقابلو ته ڪرڻوئي آهي، يقين جي قوت يعني وشواس، پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ، پورهئي کي مهان ڪاريه سمجهڻ ۽ نيڪيءَ کي پکيڙڻ سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا ۽ هڪ سڦل حياتي آجيان ڪندي جنهن جي آخرت به چڱي هوندي. هن انگريزي چوڻيءَ مطابق:
“A fair death honours the whole life”
“اڳياڙي به تنهن جي سرهي جنهن جي پڇاڙي” وانگر حياتي گذارڻ بلڪل هڪ فن آهي. اهڙو جيون جيئڻ گهرجي، جيڪو موت کي مات ڏئي ۽ اهوئي لافاني آهي.
مَرڻان اڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿين نه ماتِ،
جيئَڻان اڳي جي جيئا، هوندا سي حيات.

(4-7، سر معذوري)

سنڌي ثقافت جو تحفظ ۽ ان جي بچاءُ جا حل

سنڌي ڌرتي عظيم تهذيبي ورثي جي وارث آهي. هتان جي تهذيب، ثقافت ۽ رسم و رواج صديون پراڻا آهن. ثقافت ماڻهوءَ جو روح آهي ته ٻولي ۽ تهذيب آهي، جنهن سان ڪو ماڻهو پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري ٿو. هر قوم جي ٻوليءَ جو علم، ادب، قديم آثار، هنر ۽ فن ان قوم جي ثقافت آهن. ثقافتي عمل ڪو هڪ اڌ ڏينهن ۾ جڙي راس نٿو ٿئي، پر اها صدين جي محنت ۽ محبت آهي جا انهيءَ کي سڃاڻپ ٿي ڏئي. موجوده دؤر ۾ سنڌي ثقافت جو هڪ خاص مخصوص ڏينهن “ايڪتا جو ڏينهن” جي حوالي سان ملهايو وڃي پيو جو هاڻي هڪ هفتي تي محيط آهي ۽ مهينو ڊسمبر جو ئي مقرر آهي. جنهن ۾ ننڍا وڏا، پوڙها پڪا، ٻار ٻچا، جوان، مرد، عورتون، اجرڪون، ٽوپيون، کيس، پڳون پائي سنڌ جي سڀني وڏن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڏي ذوق ۽ شوق سان ملهائيندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ڪيتري ئي شاعري هن ڏس ۾ ڪئي ويئي آهي. ڪيترائي نوان گيت انهيءَ موضوع تي ميدان ۾ آيا آهن ته ٻيون پڻ انيڪ تحريرون هن موضوع تي لکيون ويون آهن جن جا ڪتاب جيڪَر تيار ٿي وڃن ۽ سنڌي لوڪ گيتن، همرچو، جمالو ۽ ٻين تي جهمريون هڻندڙ جوان پريس ڪلبن ۽ ميڊيا جي ادارن تي ۽ مختلف فنڪشن ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ کي ميڊيا وسيلي عروج ڏنو ويو آهي ته جيئن اسان جي تهذيب ۽ ثقافت پوريءَ دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺي وڃي ۽ ايڪي ۽ اتحاد جي منظر نگاري هر هنڌ ڪئي وڃي ٿي. جنهن سان اهو ڏهاڙو قومي ثقافتي عيد ۾ تبديل ٿي ويو آهي. موجوده وقت اهو ثقافتي ڏهاڙو آمريڪا، برطانيه، ڪئناڊا، دبئي، مطلب ته انيڪ ملڪن ۾ ملهايو پيو وڃي. جنهن سان نه فقط سڄي سنڌ ثقافتي رنگن ۾ جرڪندڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿي پر پوريءَ دنيا ۾ سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ محبت نمايان ڏسجي پيئي. ڪجهه دانشورن موجب ته اهو ثقافتي انقلاب آهي. انهيءَ ذريعي سنڌ ۾ انقلابي ڪم ٿيڻ گهرجن. عاجز جمالي آچر 4 ڊسمبر 2016ع جي عبرت ۾ لکيو آهي ته، “هر سال جي سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي ملهائڻ کي انقلابي ڏينهن ۾ تبديل ڪجي جيئن مثال طور اهو اعلان ڪجي ته ايندڙ 2017ع جو ثقافتي ڏينهن سنڌ جي تعليم جي حوالي سان ملهايو ويندو ۽ انهي لاءِ پورو سال تعليم جو سال ڪري ملهائجي ۽ 2017ع جي ڊسمبر ۾ ڏسجي ته هن ڏس ۾ ڪيتري ترقي ٿي آهي. جنهن ۾ سنڌ جي تعليمي بهتريءَ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرگرميون عمل ۾ آڻجن، بند ٿيل اسڪول کولرائڻ، غريب ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ، سڄو سال ثقافتي سرگرميون، هنر جون نمائشون، سنڌي تهذيب بابت اسٽال، سنڌي موسيقيءَ جا مقابلا ۽ ٻيون لاڳاپيل سرگرميون اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪجن. ۽ آخر ۾ ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي ٿيل ترقيءَ تي نظر وجهجي، اهڙيءَ ريت هر سال ثقافتي سال ڪنهن نه ڪنهن وڏي مقصد سان منسوب ڪجي، جيئن صحت جو سال، راندين جوسال، زراعت جو سال وغيره. حاصل مطلب ته ثقافت کي جاڳرتا سان جوڙڻ ضروري آهي.” عاجز جمالي صاحب جي سوچ ۽ پيش ڪيل آئيڊيا جو قدر ڪجي هن ڪارائتي ڳالهه ٻڌائي آهي. جيئن ته چڱي ڪم ۾ بدنيت ماڻهو رڪاوٽون وجهي ان چڱي ڪم کي منفي نموني تي هلائڻ جي ڪوشش به ڪندا آهن. ان کان بچجي باقي ثقافتي ڏينهن اسان جي قوم ۾ جاڳرتا ۽ شعور آڻي ۽ کين سنڌي هئڻ جو فخر عطا ڪري سو هڪ ڏينهن لاءِ نه پر سڄي زندگيءَ لاءِ ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته مقصد حل ٿيو پر ڪيترا اهڙا ناڪاري سوچ رکندڙ ماڻهو به آهن جي ثقافت جي بهاني ڪاروبار ڪري رهيا آهن. هو فقط انهيءَ عمل کي ناچ گاني ۽ سستي شهرت طور استعمال ڪن ٿا. ميڊيا ذريعي مشهوري ماڻڻ چاهين ٿا.
در حقيقت اسان جا قديم ماڳ تباهه ٿي رهيا آهن، موئن جي دڙي تي فخر ته ڪريون ٿا پر اسان جو هيءُ قديم ورثو جيڪڏهن ڪنهن يورپي ملڪ ۾ هجي ها ته ڇا ته ان جي حفاظت ٿئي ها! پر اڄ انهيءَ دڙي جي حالت جَري ٿي رهي آهي. ٻيا به ڪيترا قديم آثار جيئن ڪاهوءَ جو دڙو، آمريءَ جا آثار، رني ڪوٽ، عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد جا قلعا، ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو، شاهجهاني ۽ ٺٽي جون مسجدون، مڪليءَ جا قديم آثار، ٿر جو ڪارونجهر، مارئيءَ جو کوهه، سنڌ جي صوفي بزرگن جون درگاهون ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا هنڌ آهن جي اسان جي ثقافت جو اهڃاڻ آهن. ڇا انهن سڀني جي صحيح سنڀال ٿي رهي آهي؟ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات جو کاتو انهيءَ کي ڪيتري قدر سنڀالي رهيو آهي؟ ڇا انهن هنڌن کي ان قابل بنايو ويو آهي جو غير ملڪي سياحن جي اچڻ جي قابل هجي. اتي ڪي ريسٽ هائوس ۽ سهوليتون رکيون ويون آهن؟ ته اسان کي جواب ملندو نه بلڪل نه! اسان ته فقط موئن جو دڙو تي هڪ ايئرپورٽ ٺاهيو جيڪو به تباهه حال ٿي رهيو آهي.ڪو وقت هو اسان وٽ ڪيترا نه وڏا وڏا انجنيئر ۽ ڪاريگر هئا جن صديون اڳ ڪيترا وڏا ۽ ڪشادا پڪا گهر ٺاهيا. اڄ موئن جي دڙي جي تهذيبي ورثي جي باري ۾ پڙهجي ٿو يا ڏسجي ٿو ته حيرت ٿي ٿئي.
موجوده وقت يعني پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان وٽ سنڌ ثقافت کاتو قائم ٿيو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ ميوزم ۽ ٻيا ادارا قائم ٿيا آهن. جن ۾ قلمي ڪتاب، ناياب آثار قديمه جون شيون، سنڌ جي قديم ۽ جديد هنرن جا نمونا ۽ ٻيون آرٽ سان لاڳاپيل شيون جمع ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻن، آثارن، ماڳن، مڪانن جا منظر فلم ۽ فوٽا، مشهور ساز، رڪارڊ جمع ڪري رکيا ويا آهن ته ڪيترن وڏن فنڪارن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سندن جي نالي تي ڪارنرس ۽ گئلريون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ايترو ته سٺو بڻايو ويو آهي جو دشمنن جا تاڪ لڳي ويا ۽ دشمنيءَ ۾ ڪي سال اڳ هتي باهه لڳڻ جو واقعو پڻ رونما ٿيو جنهن تي اديبن، عالمن ۽ شاعرن وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب “سج تريءَ هيٺان”۾ ڇپيل ڪيڏارو داستان ٽيون ۾ سنڌالاجيءَ ۾ ڪتابن، ڪيٽلاگن ۽ قلمي نسخن جي سڙڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته
رسالو سڙندو ڏسي، مُرڪيو ڀٽ جو گهوٽ،
سڙي نه سگهندي سنڌڙي، چڙهندي ويندي چوٽ،
ڳڀرو ڳاڙها گهوٽ، جنهن لاءِ سر صدقي ڪندا.
(تنوير عباسي)
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب مقالي “انسان، زبان ۽ ثقافت” ۾ لکيو آهي ته، “سنڌي ثقافت جو مطالعو فقط آثار قديمه جو مطالعو نه آهي ۽ صرف تعميرات جو فن، ڪئليگرافي، اجرڪ سازي، ڇر، ڪاشي ۽ جنڊيءَ جي ڪم جو اڀياس نه آهي، پر سنڌي ثقافت جو مطالعو سنڌي زبان جو مطالعو آهي. سنڌي ثقافت سنڌي زبان جي مرهون منت آهي. سنڌي ثقافت جو مطالعو، شاهه لطيف، سچل، سامي، شاهه عنايت، سانگي، قليچ ۽ جديد ادب جو مطالعو آهي.”
جيڪڏهن مٿئين جملن تي غور ڪجي ته اهو سؤ سيڪڙو صحيح لڳي ٿو. ڇو جو جيستائين اسان جيءَ قوم کي ۽ خاص طور قوم جي نوجوانن ۽ ننڍڙن کي اها آگاهي ڪونه هوندي ته اسان جي ٻوليءَ جا عالم اديب، شاعر ۽ سڄاڻ ڪير آهن؟ ۽ انهن ڪيئن هن ٻوليءَ کي جيئارڻ لاءِ پنهنجون حياتيون ڏنيون ۽ ڪهڙيءَ ريت سنڌي سماج کي پنهنجي قوم ۽ وطن سان، محبت جا ۽ پيار جا گيت ڏسيا؟ تيستائين ايندڙ نسل اهو هڪ اڌ ڏينهن يا هفتو بيشڪ ملهائيندو پيو پر انهيءَ پلان جي روح کان بي خبر هوندو. بيشڪ اهو هڪ عزم آهي، هڪ وچن آهي، پنهنجا درد ۽ غم وساري خوشين ۾ جهومڻ جو ڏينهن آهي. قومن جي زنده وجود جي وستار جو ڏينهن آهي. محبت ٻڌي ۽ اتفاق جي وچن جو ڏينهن آهي. جنهن جي اڄ جي دور ۾ وڏي ضرورت پڻ آهي، پر انهيءَ کي اهڙي روح سان ملهائجي جنهن ۾ خود نما ئي ۽ شوبازيءَ جي بدران تعصب ۽ نفرت کان مٿانهون ٿي وڏيءَ دل سان ويڇن کي وساري هڪ ٻئي جي سنڀال لهڻي آهي. اها به حقيقت آهي ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ ون يونٽ قائم ٿيڻ، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن سان ٿيل عقوبتون، 4 مارچ جو واقعو، ٺوڙهي ڦاٽڪ ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا آهن جن مان خبر پيئي آهي ته رياستي سطح تي سنڌ سان بي واجبيون ٿيون آهن جن جو اظهار اديبن، عالمن ۽ شاعرن پنهنجي تحريرن ۾ ته ڪيو آهي پر هڪ پليٽ فارم تي اچڻ لاءِ پڙهيلن ۽ اڻ پڙهيلن کي، ڳوٺاڻن ۽ شهرين کي ميڊيا معرفت هڪ ٿيڻ جي هن سڏ ۾ جيڪو محبت جو اظهار ٿيو آهي اهو مڃڻ مراد آهي. پر وري به ساڳي ڳالهه ورجائينديس ته انهيءَ کي محدود سوچ سان محدود نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي مختلف اخبارن ۾ ۽ ٽي وي چئنلن کي انهيءَ ۾ مقابلي جي فضا پيدا ڪرڻ گهرجي. بلڪه اهو سوچڻ گهرجي ته اتفاق سان هڪ ڌارين ٻولي ڳالهائيندڙ اينڪر پرسن ڪامران خان جي اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ جي سنڌي ٽوپيءَ پائڻ تان ڪيل چٿر سنڌي قوم کي متحد ٿيڻ جو هڪ نئون گس ڏنو جو سڄي سنڌ ٽوپيون ۽ اجرڪون پائي ميدان ۾ اچي ويئي. اها ڪنهن جي شخصي گهٽتائي نه هئي پر اها سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي بيعزتي شمار ٿي ۽ انهيءَ تي هڪ جذباتي انقلاب آيو آهي. هاڻي ضروري آهي ته پنهنجا ويڇا وساري تهذيب ۽ ثقافت جي اصل روح کان واقف ٿي سنڌ مان سماجي برائين جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏجي اڳيان اچون. صوفي ازم، ڀائيچاري ۽ امن کي وڌائي سنڌ کي مڪمل امن جي ڌرتي بنائي هڪ اعليٰ ۽ عظيم تهذيب جو وارث ثابت ڪيون. فقط لفظن جي جمع پونجي خرچ ڪرڻ بجاءِ، تحقيق هڪ ٿي، سنڌ جي ثقافت جا بنياد مضبوط ڪريون. پنهنجي ثقافتي لباسن کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مقرر ڪرايون. ٻوليءَ کي قومي حيثيت ڏيارائي سنڌ کي سڃاڻپ عطا ڪريون. اهو وچن ورجائڻ اسان سڀني جو فرض ۽ اسان تي قرض آهي.
سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان! ڇا لکي ڇا لکان!

افسانوي ادب ۾ سنڌي سماج جو عڪس

“ادب” لفظ پنهنجي اندر هڪ وڏي وسيع معنيٰ رکي ٿو. ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن ادب جي تشريح مختلف انداز سان ڪئي آهي. جنهن کي جيڪڏهن تفصيلي بيان ڪجي ته فقط لفظ “ادب” جي وضاحت ۾ ئي ڪيترا ڪتاب لکجي وڃن. مختصراً اهو چئجي ته ادب انساني زندگيءَ جي تفسير آهي ۽ هر ملڪ ۽ قوم جي ادب ۾ انهيءَ قوم جي سماجي حقيقتن جو اولڙو پسجي ٿو. اديب ۽ شاعر ڪنهن ۾ قوم جي سماج جا ترجمان آهن. انهن جي اها ترجماني ڪيتري قدر اثرائتي ۽ حقيقتن تي مبني آهي. اها ڄاڻ انهيءَ سماج جي ادب پڙهڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ پوندي آهي. ادب ئي آهي جنهن جي وسيلي انسان کي ڪنهن به خطي جي تاريخ، جاگرافي، تهذيب، رسمن رواجن، ٻولي ۽ ماحول جي خبر پوي ٿي. ادب سماج جي حالتن جو مڪمل شاهد آهي، جو اهو ماڻهن جي خواهشن، دلي امنگن، عقيدن، ڀرمن، وسوسن، محبتن، نفرتن، ڏکن، سکن، مطلب ته حياتيءَ جي مڙني لاڙن چاڙهن جي معلومات ڏئي ٿو. يا ٻين لفظن ۾ ته ادب انساني سماجي شعور جو اهڃاڻ آهي، جنهن مان انهيءَ ملڪ ۽ قوم واسين جي ذهني ۽ اخلاقي معيار جي ڄاڻ ملي ٿي.
اديب جي اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي خيالن کي اخلاقي معيار ڏي راغب رکي ۽ پنهنجو ذهن هاڪاري رويي وارو رکي پنهنجي قوم جو رهبر ۽ رهنما هئڻ جو حق ادا ڪري. هو روز مره جي زندگيءَ جي واقعن جي عڪاسي اهڙي ته پُر اثر بيان ڪري جو پڙهندڙ انهيءَ جي سحر کي تسليم ڪن.
هر سماج جون گهرجون الڳ هوندي به هر سماج ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي، سا آهي “انسانيت” ۽ “انساني قدر” جيڪي دنيا ۾ هر هنڌ مشترڪ آهن. جن موجب هر چڱائي ادب جو حصو هئڻ گهرجي ۽ جنهن ادب ۾ انهيءَ ڳالهه کي اهميت نه آهي ته پوءِ اهو ادب باشعور قوم جو ادب شمار ئي نٿو ٿي سگهي.
سنڌ خطو صدين جي تهذيب ۽ تمدن جو وارث ۽ اعليٰ ثقافتي قدر رکندڙ خطو آهي، جنهن جي سنڌي ٻولي قديم ۽ بڻائتي ٻولي آهي. هن ٻوليءَ جو علم ادب هڪ وڏي تاريخ رکي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ نثر ۽ نظم جا خزانا موجود آهن. نظمي صنفن جا ڪيترائي رسالا، ديوان ۽ شاعريءَ جا ڪتاب موجود آهن، ته نثر ۾ ڪيترائي ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ٻين نثري صنفن تي هزارين ڪتاب موجود آهن. سنڌي نثر جي باقاعدي لکجڻ ۽ ڇپجڻ جي شروعات انگريز دؤر کان ٿي، سنڌي ڪهاڻي پڻ انهيءَ ئي دؤر ۾ سرجي، شروع واري دؤر ۾ آکاڻي نما ڪهاڻيون ڇپيون، جيئن “راءِ ڏياچ ۽ سورٺ”، “سڌا تورو ڪڌا تورو”، يا “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” جي 1855ع تائين شايع ٿيون پر جديد ڪهاڻي، آکاڻي نما ڪهاڻيءَ کان هڪ مختلف ۽ جدا شئي شمار ٿئي ٿي. ادبي تاريخن موجب پهرين جديد سنڌي ڪهاڻي 1914ع ۾ “شريف بيگم” نالي سان آهي، جنهن کي شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ لکيو. هيءَ ڪهاڻي جديد فڪر کي نمايان ڪري ٿي، جنهن ۾ هڪ ڪردار ميان محمد امين جو آهي جو اخبار ۾ ڪم ڪندڙ آهي ۽ غربت ۽ مفلسيءَ جو شڪار هوندي به هو ڪڏهن به همت نٿو هاري ۽ آخرڪار پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿو ٿي وڃي. ان کان پوءِ ٻيا افسانا لکيا ويا جيئن لطف الله بدويءَ جو “غربت” (جنهن ۾ اسڪول ماستر جي زندگيءَ جو نقشو چٽيل آهي) “خوفناڪ بدلو” (هن ۾ زمينداري ظلم جو ذڪر آهي) مرزا نادر بيگ جون ڪهاڻيون “موهني”، موهنيءَ جي فتح ۽ ٻيون (گهريلو ماحول جو نقشو چٽين ٿيون) امر لعل هنڱوراڻيءَ جي “ادو عبدالرحمان” (يونيسڪو طرفان بهترين ڪهاڻين جي چونڊي ۾ شامل ٿيل ڪهاڻي جا گهرو حالتن تي آهي.) عثمان انصاريءَ جي ڪهاڻي “ململ جو چولو” (عورت جي صبر ۽ وفاداريءَ جي بيان تي آهي) شيخ اياز جي ڪهاڻي “سفيد وحشي” (انگريزن کان نفرت جو اظهار آهي) گوبند مالهيءَ جي “هاري حقدار” (سماج ۾ هاريءَ جي ڪردار کي اُڀارڻ جي باري ۾ آهي) اهڙيون ٻيون پڻ ڪهاڻيون ورهاڱي کان اڳ لکيون ويون، جن جو مقدار گهٽ آهي، پر اهي انهيءَ وقت جي ماحول ۾ مختلف سماجي ۽ سياسي حالتن جو اولڙو آهن.
ورهاڱي بعد سنڌي ادب ۾ وڏي تبديلي آئي، مختلف سياسي اقتصادي ۽ تمدني حالتن ملڪ جي ادب تي وڏو اثر ڪيو. نون رجحانن ۽ جديد فڪر جو اثر سنڌي ڪهاڻيءَ تي ورهاڱي کان پوءِ وڌيڪ آيو. ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ٻين ٻولين جي ادب جو به اثر هو. سو ورهاڱي کان پوءِ پڻ قائم رهيو، سنڌي اديبن جي فڪر جي اوسر ٿي، سندن تحريرن جا موضوع تبديل ٿيا، ورهاڱي سبب ٿيل هاڃا، لڏپلاڻ جون تڪليفون، معاشي تنگيون، علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش، عورتن تي رسمن ۽ رواجن جي اوٽ ۾ ٿيل ظلم، ۽ ٻيا مسئلا ادب جا موضوع بڻيا. سنڌي ٻولي ۽ ادب تي پيل پابنديون، ون يونٽ جو قائم ٿيڻ، سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت گهٽجڻ، ملڪ جون مارشلا ئي حالتون ۽ ٻيا اهڙا واقعا هئا جن ادب ۾ احتجاج آندو. ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مزاحمتي ادب جو حصو بڻيون، اصلاحي ۽ رومانوي ادب جي جڳهه تي قومي ۽ مزاحمتي ادب جاءِ ورتي، هندوستان ۾ ترقي پسند تحريڪ جي شروعات به افساني کي جديد فڪر ڏنو. مطلب ته مختلف تحريڪون ۽ عالمي ادب ۾ آيل لاڙا جيئن حقيقت پسندي، جدت، ترقي پسندي، سنڌي ادب جو حصو ٿيا، جنهن موجب زندگيءَ جي بنيادي مسئلن تي توجهه ڏني ويئي، بک، غريبي، هيڻائي، غلامي ۽ تعليم جي ڪمي ۽ ٻيا مسئلا ادب جو حصو بڻيا. 1947ع کان پوءِ جو افسانو ترقي يافته ۽ ٻاهرين ملڪن جي ادب سان مقابلو ڪرڻ جي قابل ٿي ويو. ڪيتريون بهترين ڪهاڻيون ادب جو حصو بڻيون آهن. معياري سنڌي افسانا هن دؤر ۾ جيڪي لکيا ويا انهن ۾ شيخ اياز جا افسانا، “سفيد وحشي” (هيءَ ڪهاڻي ورهاڱي کان اڳ جي آهي) “نظيران”، “مشير نامو” جمال ابڙو جا “پيراڻي” “مان مرد”، “بدتميز” “پشو پاشا” “شاهه جو ڦر”، “سينڌ”. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا “نڀاڳي مريدياڻي”، “مرشد جي ڏاڙهي”، “وهابيءَ جي سزا” “زماني جي گردش”. امر جليل جا “ڪپيل ٻانهن جو وارث”، “جڏهن مان نه هوندس”، “تاريخ جو ڪفن”، “سرد لاش جو سفر”، “اروڙ جو مست” “پل صراط”، “راهون جدا جدا”، “سوجهرو”، “دل جي دنيا”. نسيم کرل جا “پهرين مراد”، “ڪافر”، “ڪچو رنگ”، “چوٽيهون در”. حميد سنڌيءَ جا “سيمي”، “اداس واديون”، “واچوڙن ۾ لاٽ”. نجم عباسيءَ جا “رانديڪو”، “خالق ڏني جو موت”، “سبق جن سيکاريو”، “رشتا ناتا” “حادثا”، “پيٽ، دل ۽ پيار”، “رازو”، “ڌاڙيل جو جنم”. غلام رباني آگرو جا “پن ٻوڙين پاتال ۾”، “هوندا سي حيات”، ”شيدو ڌاڙيل”، ”آب حيات”. سوڀو گيانچنداڻيءَ جا “نيٺ بهار ايندو”، “آکيري جو ٽٽڻ”. سراج الحق ميمڻ جا “ٻهڻي”، “اي درد هلي آ”، “اٺون ماڻهو”، “سونو هار”، زينت چنا جو “مٺي”. ماهتاب محبوب جا “سريت”، “مٺي مراد”، “پرهه کان پهرين”، سندري اتم چنداڻيءَ جا “شڪست”، “ڀوري”، تارا مير چنداڻيءَ جو “ڀاونا” پوپٽي هيراننداڻيءَ جا “مون تو کي پيار ڪيو هو”، “منهنجي ناني”. ثميره زرين جا “وطن”، “آءٌ اها ئي مارئي”. بشير مورياڻيءَ جا “چُهڙي” “اڇي پڳ مَ پس”. شيخ حفيظ جو “امان مان اسڪول نه ويندس.” غلام نبي مغل جا “واچوڙن ۾ لاٽ” “بيگار ڪئمپ” “سٺ ستر اسي”، تنوير جوڻيجو جو “عيبن هاڻي”. خير النساءِ جعفريءَ جو “پيڙا جو پڙلاءُ”، فهميده حسين جو “ڪارو ڪير هو” نور الهديٰ شاهه جا، “گورڪن”، “ڪربلا”، ڊاڪٽر ريحانه نظير جو “مس ۽ موبائيل”، علي بابا جا “اسين ماڻهو”، “چنڊ ۽ ماني”، اياز قادريءَ جا “بلو دادا”، “مان انسان آهيان”، شوڪت حسين شورو جو “اوپرو ماڻهو” رزاق سهتو جو “ڪارنهن”، ظفر حسن جو “رهيل قرض”، آغا سليم جا “چنڊ جا تمنائي”، “ڌرتي روشن آهي” ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا لکيا ويا آهن. جيڪي سنڌي سماج جي هر هڪ دؤر جي سٺي ترجماني ڪندڙ آهن. انهن افسانن جا موضوع سرمائيدارن، جاگيردارن، هٿان ٿيندڙ اٻوجهن تي ظلم. سنڌ جون سياسي حالتون، شاگرد تحريڪون، غريبي ۽ اميريءَ جو تصادم، ملن ۽ وڏيرن هٿان انڌن عقيدن تحت ڦرجڻ، پيري مرشديءَ جي ڄار خلاف جنگ، تعليم جي ڪمي، عورت ذات جي حقن جو استحصال ۽ قومي فڪر سان گڏ معاشري ۾ موجود ڪيترين ئي براين تي ڪهاڻيڪارن قلم کنيو آهي. انهن افسانن ۾ سنڌي قوم جي قوميت، ثقافت، ۽ تهذيب کي به نمايان ڪيو ويو آهي. جيئن “ناچڻي” نجم عباسي ۽ “سنڌو وهندو رهيو” قبول ابڙو، “ڪپيل ٻانهن جو وارث” امر جليل “ڌرتيءَ ڌڪاڻا، علي بابا، “منهنجو من ڀنڀور” نور الهديٰ شاهه ۽ ٻيا افسانا آهن.
سنڌي افساني ۾ 1950ع کان پوءِ انقلابي، قومي ۽ آدرشي رخ ظاهر ٿيا آهن. سماج تي تنقيد به آهي ته ڪجهه حد تائين مسئلن جي حل لاءِ اشارا پڻ ڏنل آهن. سنجيدگي پڻ آهي ته ڪجهه افسانن ۾ عريانيت جو رجحان پڻ آهي. تنقيد، طنز و مزاح پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اصلاحي ۽ نصيحتي افسانا پڻ موجود آهن. سماجي ۽ سياسي فڪر سان گڏ، گهرو حالتن جا نقش پڻ چٽا آهن ته رومانويت جا عڪس پڻ آهن. حقيقت نگاريءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن تي پڻ سٺي توجهه ڏنل آهي. موجوده وقت رسول ميمڻ، انور ڪاڪا، شبنم گل، شگفته شاهه، رضيه کوکر، تهمينه مفتي، وينا شرنگي، ڪملا گوڪلاڻي، اندرا شبنم، ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا نگار سنڌي ادب ۾ لکي رهيا آهن جن جي افسانن جا مجموعا پڻ شايع ٿيا آهن. سنڌي افسانوي ادب اڄ به پنهنجي آب و تاب سان قائم ۽ سماج جي ترجماني ڪندڙ آهي.

امن جي اهميت

جَهنَّمَ کان شُعاعي جنگ بدتر آ،
نظارو امن جو جنَّت کان بهتر آ،
اَڏا جنگين جا ذهنن مان پيا پَٽجن،
کُلي ويو امن جو هر دل ۾ دفتر آ.

“امن” سک ۽ سڪون جي دور جو نالو آهي. امن، سونهن آهي سنسار جي، جان آهي جنسار جي. “امن” ايمان جي سلامتي آهي. هي هڪ اهڙو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ۾ تمام گهڻي گهرائيءَ سان گڏ گهر، پاڙي، قوم ۽ ملڪ جي ترقيءَ جو راز سمايل آهي. دنيا جي تاريخ تي ڌيان ڌربو ته معلوم ٿيندو ته امن ئي آهي جنهن سان هر دور ۾ انساني ترقين جون راهون هموار رهيون آهن. امن جي ابتڙ، “بدامني”، انتشار ۽ برائيءَ سان گڏ اخلاقي قدرن جي پائمالي آهي. بدامني، ڏاڍ، ناانصافي ۽ غيربرابريءَ جو نالو آهي.
ڪو وقت هو جڏهن دنيا ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي بازار گرم هئي. “جيڪو ڏاڍو سو گابو”، جو اصول رائج هو. هاڻي به ظلم ۽ ناانصافي ٿئي ٿي پر انهيءَ کي روڪڻ جا اپاءُ ڪيا ٿا وڃن.
جو ظلم ڪندڙ آهي، اهو آ شيطان،
جو ظلم سهي، ڪين ڪُڇي سو حيوان،
جو امن ڏئي، امن گُهـري، امن وٺي،
هــن دور جــو انــســان، اهــو آ انــســان.

(استاد بخاري)
انساني ارتقا جي شروع دور ۾ قاعدا قانون نه ٺهيا هئا، ان ڪري انسانن جهنگلن وارن قانونن کي پنهنجو ڪيو. اڳيان هلي علم جي نور سان منجهن سمجهه آئي. پيغمبر، نبي ۽ ٻيا ڪيترائي ڏاها انسان اڳيان آيا، جن سندن رهبري ڪري، کين پنهنجي حقن ۽ فرضن جي ڄاڻ ڏني. قاعدا قانون ٺهيا ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ جون ڪوششون ٿيون. وري به مقصدي ۽ مفاد پرست انسانن پنهنجين لالچن ۽ خود غرضين جي سبب وڏن جي ڏنل سبقن کي هر دور ۾ وساريو. حضرت محمد صه جن کان اڳ عرب جي ريگستانن ۾ بي حساب غير انساني رسمون رائج هيون. جن جو انت رسول پاڪ صه جي تعليم ۽ قرآن جي نور سان آيو. پوريءَ دنيا ۾ هي نيڪ پيغام پکڙيو. اڄ دنيا جي چڱي حصي ۾ اسلام جي روشني ڦهليل آهي.
تاريخ شاهد آهي ته هر دور ۾ چڱن، مصلحن، مبلغن، نبين ۽ ولين انساني زندگيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون سرانجام ڏنيون آهن. هر مذهب ۾ انهيءَ جامثال موجود آهن ۽ اهڙن نيڪن کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪندي ۽ سندن تعليمات کي عام ڪيو وڃي ٿو. بنيادي طور الله پاڪ انسان کي اعليٰ کان اعليٰ ٺاهيو آهي، پر انهن مان جن کي گمراهي پلئه پئي، تن تباهيون پکيڙيون. پر ڏٺو وڃي ته بدامني ڦهلائيندڙ، انسانيت جا قاتل، جيئن فرعون، يزيد، هٽلر، هلاڪو، چنگيز خان ۽ ٻيا انساني تهذيب جي تاريخ ۾ ڪڏهن به سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪيا ويا، بلڪه تاريخ جي ورقن ۾ نفرت ۽ ڌڪار سندن مقدر رهي آهي.
اڄ جي دور ۾ اقوام متحده جو قيام، عالمي امن ڪوششون، امن مارچ ۽ امن جا ڏينهن ۽ امن ڪانفرنسون انهيءَ جو اهڃاڻ آهن ته اڄ جي دنيا امن پسند ۽ جنگ جي نقصانن ۽ تباهيءَ کان پوريءَ ريت واقف آهي. پوريءَ دنيا ۾ جنگ کي ڌڪاري، امن جي پرچار ٿي ڪئي وڃي. هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي تباهيءَ کي اڄ به ڏک سان ذڪر ڪيو ٿو وڃي. ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ڌماڪي، ٻين تباهين ۽ بمن جي بربادين سان گڏ مختلف ملڪن جي پاڻ ۾ جنگين کي بين الاقوامي طور غير انساني ڪمن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. بيشڪ هر ملڪ پنهنجي سربلندي، سرفرازي ۽ حفاظت لاءِ ائٽمي توانائيءَ کي اهميت ڏئي ٿو ۽ پاڪستان به ائٽمي توانائيءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، پر دلي طور سڀ سڌريل انسان انسانيت لاءِ دل ۾ درد رکندي، هن دور جي ائٽمي تباهه ڪارين کي پوريءَ ريت نندين ٿا. هو امن چاهين ٿا ۽ امن سان ئي رهڻ گهرن ٿا. جوشيلا هوندي به هوش مند آهن ۽ پوريءَ ڪائنات جي لاءِ ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمان موجب دعاڳو آهن ته:
سائينم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌُ سُڪار،
دوست مِٺا دِلدارَ! عالَمُ سَڀُ آباد ڪرين.

(4-12، سارنگ)
اچو ته اسين گڏجي عهد ڪريون ته اسان کي نئين نسل جي روشن ڏيئن کي سهڻي سوجهري ۽ محنت سان منور ڪرڻو آهي. کين ساڃهه، سڃاڻپ ۽ انسانيت جو تقدس عطا ڪري، هن لطيف جي ڌرتيءَ کي سڪون ۽ آرام جو هندورو بنائڻو آهي هنن نوجوانن کي امن جي جهنڊي جو علمبردار ۽ پاسبان بنائي، سندن هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب ڏيڻا آهن. ڏاڍ جي خلاف کين هوشيار ڪري پنهنجيءَ حفاظت جي سمجهه ڏيئي، هن مادي ترقيءَ جي ڊوڙ واريءَ دنيا ۾، جنگ جي هولناڪين ۽ ناحق کان نفرت ڏيارڻي آهي.
اُجهايو جنگ ناحق جي، پيمبر ٿيو،
کَــڻو گيتا جا ۽ قُرآن جا گُــفتا،
ڀٽائي ۽ بخاريءَ کي گهرائي چئو؛
ٻُڌايو امن عاليشان جا گفتا.

اسلام جي روشنيءَ ۾ عورتن جا حق ۽ سنڌي عورت جي سماجي حيثيت

عورت جي ذريعي ئي انساني نسل جي بقا ۽ واڌ ويجهه آهي. ۽ هوءَ گهر جي ايڪائيءَ جو هڪ اهم حصو آهي. سندس حفاظت ۽ ايندڙ نسل جي با حفاظت تعليم ۽ تربيت لاءِ گهر کي اولين اهميت آهي جو زال ۽ مرد گڏيل تعاون سان نڪاح کان پوءِ ٺاهين ٿا. سنڌي ٻولي ۽ ادب جو مهان ليکڪ ڪاڪو ڀيرو مل سندس اهم ڪتاب، “قديم سنڌ”، جي صفحي نمبر 251 تي لکي ٿو ته:
“گهر سڀيتا جو اوائيلي مارڳ ۽ پنگتي جوڙجڪ جو مرڪز آهي ۽ گهر جو بنياد پرڻي جي رسم تي آهي. تنهن ڪري سڀني سڌريل قومن ۾ پرڻي يا نڪاح جو بنياد نڪاح يا وهانءَ تي ٻڌو ويندو آهي.”
معنيٰ ته عورت جي سماجي حيثيت جو تعين سندس گهر کان شروع ٿيئي ٿو، جتان سندس انفرادي ۽ خانداني حيثيت واضح ٿيئي ٿي. هڪ ڌيءَ، ماءُ، ڀيڻ، ننهن، سَسُ، زال ۽ ٻين گهرو حيثيتن جي عهدن ۾ سندس سڃاڻپ ٿيئي ٿي. جيڪڏهن شروع واري دؤر کان ڏسون ٿا ته سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو اها پروڙ ٿو ڏئي ته هن سماج جي مسلم توڙي هندو، شهري توڙي ڳوٺاڻي، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل عورت گهڻي ڀاڱي ذهني ۽ جسماني غلاميءَ جو شڪار رهي آهي. سماجي ترتيب ۽ تنظيم ۾ سندس فرضن ۽ جوابدارين جي فهرست ته ڊگهي آهي پر کيس مليل قانوني ۽ مذهبي حقن کي رسمن، رواجن ۽ هٿ ٺوڪين روايتن تحت ضبط ڪيو ٿو وڃي. سندس ڪيترائي حق غصب ڪيا وڃن ٿا. جيئن پسند جي شريڪ حيات جي چونڊ جو حق نه هئڻ، نڪاح نامي جي اختيارن ۽ حق مهر جو تحفظ نه هئڻ، مردن جي گهڻين شادين سان عورتن جي حقن جي نفي ٿيڻ، ننڍيءَ عمر جي بي جوڙ شادي، پئسي تي عورت جو وڪرو، پيٽ لکي ڏيڻ، ادلي بدلي جي شادي، بي جا ڏاج جي رسم، حق بخشرائڻ، ڪاروڪاري، مطلقه يا بيوه جي حيثيت گهٽ هئڻ، خون جي عيوض بدلي ۾ عورت ڏيڻ ۽ مختلف طريقن سان کيس ڪمتر ڪري بي پهچ ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو وڏو سبب وٽن علم جي ڪمي، پنهنجي حقن جي ڄاڻ جو فقدان ۽ خاص طور کيس مليل مذهبي ۽ قانوني تحفظ جي معلومات نه هئڻ آهي. مٿيون فرسوده رسمون سنڌي سماج جي عورت جي تحقير ۽ تذليل جو سبب آهن. کيس نه وراثت ۾ حصو ملي ٿو نه ئي معاشي طور مضبوط رکيو وڃي ٿو. ڪيترن هنڌن تي کيس “نڀاڳو”، “منحوس”، ۽ “ڪمتر” چئي ۽ سمجهائي بي حيثيت ۽ بي پهچ ڪيو وڃي ٿو.جنهن جي ڪري ڪيتريون عورتون هيسيل ۽ دٻيل محروميءَ واري حياتي گهارڻ تي مجبور هجن ٿيون. سنڌ جو وڏيرڪو، جاگيرداري ۽ قبيلائي نظام، معاشي پسماندگي، ذات پات جا فرق ۽ صحيح طور مذهبي ۽ قانوني ڄاڻ نه هئڻ سنڌي عورت جي محروميءَ جا اهم سبب آهن. اڄ اسان وٽ قرآن ۽ حديث کان مٿي رسمن ۽ ريتن جي اهميت آهي. قانون ۽ قائدا پڻ شنواين جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن. گهرو طور هوءَ بااختيار هئڻ جي بدران بي اختيار آهي. ڪيترن ئي هنڌن تي کيس گهر مان نڪرڻ جي آزادي مهيا ڪونهي ته روزگار ڪمائڻ، مذهبي معاملن ۾ شموليت، سياسي عمل ۾ شرڪت، علمي طور مضبوط هئڻ، گهرو ۽ ٻاهرين تشدد کان بچاءُ ۽ ٻيا ڪيترائي معاملا آهن جن جي نه هئڻ ڪري عورتون محڪوم آهن. سماجي رسمن ۽ قانونن ۽ مذهب کي ڪجهه اهڙيءَ ريت پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڏکي طريقي سان جوڙيو ويو آهي جو اهڙا قانون جيڪي عورت جي حياتيءَ جي رُخن جو تعين ڪن ٿا ۽ سندس بقا، ترقي ۽ آزاديءَ جو خاڪو ٺاهين ٿا. انهن کي غلط سلط ڳنڍي سنڍي هن مرداڻي سماج ۾ عورتن کي هيٺانهين تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان اڳ پڻ عورتن جي حيثيت ڪڏهن بهتر ته ڪڏهن بد ترين رهي آهي. موهن جي دڙي جي رهواسين (Mothergoddess) يا ماءُ ديويءَ جي پوڄا ڪئي. ويدڪ دؤر ۾ عورتون سماجي رسمن ۾ شامل هونديون هيون، ته برهمڻ دؤر ۾ مٿن تعليم جا دروازا بند هئا، ته آريا دؤر ۾ پٽ نه ڄڻيندڙ ماءُ کي نڀاڳو تصور ڪيو ويندو هو. ۽ مرد جي مرڻ تي سندس عورت کي مردي جي لاش سان گڏ چکيا تي چڙهي جيئرو سڙڻو پوندو هو. عورتن کي پنهنجي عصمت پروريءَ جي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ باهه مان لنگهڻو پوندو هو. مطلب ته ستيءَ جي رسم، ڪم سنيءَ جي شادي ۽ ٻيون قبيح رسمون پڻ انهن دؤرن ۾ قائم هيون.
93هجريءَ ۾ محمد بن قاسم الثقفي سنڌ فتح ڪئي ۽ ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان پهرين اسلام مذهب آيو. جنهن سان سنڌ جي تهذيبي ۽ تمدني حالتن ۾ وڏو ڦيرو آيو. مسلمان عورتن جي سماجي حيثيت ڪجهه بهتر ٿيڻ لڳي، پر اڳيان هلي انهيءَ ۾ پڻ ڏار پوڻ شروع ٿيا. جو جاگيرداري نظام ۾ عورت جي حيثيت ملڪيت جي هوندي آهي.
سندس انا، خودداري، خودي ۽ بنيادي حق ڪا به حيثيت نٿا رکن، اهڙا هٿ ٺوڪيا قدر پيدا ڪيا ويندا آهن جن سان ڪنهن به حالت ۾ عورت هيٺانهين واري حياتي گهاري، انهيءَ ڪري پردي جي رواج کي پڻ اهميت ملي. جو هندوستان ۾ ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر کان شروع ٿيو پر سومرن ۽ سمن جي دؤر جي عورتن جا تاريخي ڪردار همت، جرائت، بهادري، وفاداري، عقلمندي ۽ حب الوطنيءَ جي شاهدي ڏين ٿا. ٻاگهل ٻائي، تارا ٻائي، ننگر سومري جي مڱيندي ڪويل يا لوڪ داستانن جون سورميون جن کي شاهه عبداللطيف ۽ ٻين سنڌي شاعريءَ وسيلي لازوال اهميت ڏيئي امر ڪري ڇڏيو. ڄاڻائين ٿا ته هتان جي عورت سمجهه، حيا، بردباري، عشق ۽ قربانيءَ جو پيڪر آهي. تاريخي طور جيڪڏهن پوئين ٻن ٽن صدين جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو سنڌي سماج جي عورت علمي طور جڏهن به ڪاميابي ماڻي آهي تڏهن هوءَ ذهني، دلي ۽ مالي طور پڻ مضبوط ٿي آهي.
اسلام دنيا جو واحد مذهب آهي، جنهن عورت کي وڌڻ ۽ ويجهڻ جا سهڻا گس ڏنا آهن. نياڻيءَ جي ڄمڻ کي خوشخبري ڄاڻائيندي مسلمانن کي تلقين ڪئي وئي آهي ته ان کي خواري ۽ بڇڙي خبر نه ڄاڻو. رسول پاڪ صلي الله عليھ وسلم جن پنهنجي نياڻيءَ حضرت فاطمه رضه جن جي اچڻ تي اٿي بيهي سندس استقبال ڪندا هئا ۽ سندس هٿ کي چمي کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندا هئا. پاڻ ڪريم جن عورت جي خوشبوءَ کي دنيا جي بهترين خوشبو ۽ ماءُ جي خدمت کي افضل خدمت ۽ نياڻيءَ جي ڄمڻ تي خوشي ڪندڙن ۽ سٺي تربيت ڪندڙن کي جنت جون خوشخبريون ڏنيون آهن. فرمايو اٿن ته،
“سڀ کان چڱي نيڪي آهي پنهنجي نياڻيءَ سان نهايت پيار واري هلت ڪرڻ.”
“ڇوڪرين جي پرورش تعليم ۽ تربيت هڪ امتحان آهي، جيڪو ان ۾ صحيح رهيو سو ڪامياب ٿيو.”
“جنهن پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪئي، ان جنت حاصل ڪئي.”
“دنيا جي نفعي بخش شين ۾ نيڪ ۽ سٺي عورت کان وڌيڪ بهتر ڪا به ٻي شيءِ ڪانهي.”
ڇا اسان پنهنجي دين اسلام مطابق ۽ پياري رسول جي حڪم تي عمل ڪري پنهنجي گهرن ۾ اهڙي هلت هلون ٿا؟
اسان وٽ ته اسلام کي فقط ان نظر سان ڏٺو ٿو وڃي ته مرد کي چار شادين جي موڪل آهي يا هُو جڏهن چاهي ته ٽي لفظ طلاق جا منهن مان ادا ڪري ۽ عورت کي گهر مان بيدخل ڪري، ڇا عورت کي اهو حق ناهي ته هوءَ پنهنجي قدر، عزت ۽ اهميت جي ڄاڻو هجي؟ کيس اها خبر هئڻ گهرجي ته نڪاح نامي تي ڪيل صحيح ۾ کيس ڪهڙا اختيار مليل آهن. جهڙيءَ ريت مرد کي حق حاصل آهي ته هُو ناپسنديده شاديءَ کي طلاق وسيلي ختم ڪري ساڳيءَ ريت اسلام ۾ عورت کي پڻ اهو حق قانوني طور حاصل آهي ته هوءَ ناپسنديده شاديءَ مان علحدگي حاصل ڪري، “عورت قانون اور معاشره” ڪتاب ۾ سميعه خاور 85 صفحي تي لکيو آهي ته:
“پاڪستان ۾ قانوني طور ڇپيل نڪاح نامي جي 18 نمبر خاني ۾ عورتن کي طلاق ڏيڻ/ وٺڻ جو اهو حق حاصل آهي جو مردن کي مليل آهي. عورت نڪاح نامي ۾ مليل اهو حق پاڻ وٽ نٿي رکي، ته پوءِ کيس طلاق لاءِ عدالتن جا چڪر بلڪل ڪاٽڻا ٿا پون. ٻيءَ صورت ۾ هوءَ حاصل ٿيل/ تفويض ٿيل حق هيٺ فقط مرد کي تحريري طور نوٽيس ڏيئي، يونين ڪائونسل کي اطلاع ڪري ته 90 ڏينهن اندر آزاد ٿي سگهي ٿي.”
ساڳيءَ ريت اسلام حق مهر ذريعي عورت کي مالي تحفظ ڏنو آهي. جنهن ۾ “حق مهر مؤجل” جيڪو ترت ادا ڪيو ويندو آهي. لکرائڻ گهرجي پر سنڌي سماج ۾ هميشه شاديءَ مهل مثبت سوچ ئي هوندي آهي ۽ ويساهه جا وسوڙيل سنڌي اهو چوندا آهن ته، “اسان کي ڪا طلاق ٿوري وٺڻي آهي.” انهيءَ ڪري نه نڪاح نامي جي شقن تي غور ڪندا آهن. ۽ نه ئي حق مهر وڌيڪ لکائيندا آهن. بلڪه اهو چوندا آهن ته، “ماڻهو ڇا چوندا؟ حق مهر وڌيڪ لکائين ٿا نيت ۾ کوٽ اٿن يا لالچي آهن.” حالانڪه ايئن ناهي هوندو. وقت جي ڪا به خبر ڪانه ٿي پوي، هيءُ نفسا نفسيءَ جو دور آهي. طلاق بيشڪ رب پاڪ وٽ حلال ٿيل ڪمن ۾ ناپسنديده ۽ مڪروه فعل آهي پر جيڪي حق ڌڻيءَ سڳوري اسلام معرفت عورت کي ڏنا آهن، سي سنڌي سماج پنهنجي نياڻين، ڀينرن، ڀاڻيجين، ڀائيٽين، مطلب ته عورتن کي اهي حق ڇو نٿو ڏئي؟ ملڪيت ۾ وراثت جو نياڻي، زال، ماءُ، ڀيڻ، سڀني عورتن جو حصي جي تناسب سان حق آهي، پر اسان وٽ هڪ مُدي خارج رواج يعني ڏاج ڏيئي ان ۾ ئي نياڻيءَ جو حصو پاري کيس روانو ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ڏاج جي ڪا به قانوني ۽ مذهبي حيثيت ڪونهي. بلڪه اهو عورت جي انا جو استحصال آهي ته کيس سامان جي ريپرز ۾ ويڙهي ڏنو وڃي، اهو پڻ پئسي تي وڪرو ٿيڻ جو ٻيو روپ آهي. باقي جيڪو اسلام ملڪيت جي وراثت جو حق ڏنو آهي انهيءَ تي معاشري جي مردن خاص طور پيئرن ۽ ڀائرن کي غور ڪرڻ گهرجي.
مٿي آئون ڄاڻائي آئي آهيان ته اسان وٽ مرد اسلام جو حوالو جڏهن به ڏيندا آهن تڏهن پنهنجي فائدي ۾ چار شادين جو جواز پيش ڪندا آهن. بئريسٽر رشيده پٽيل پاڪستان جي اهم قانوندان ڪتاب “پاڪستاني عورت کي سماجي اور قانوني حيثيت” ۾ صفحي نمبر 193 تي لکيو آهي ته:
“ازدواج عائلي قوانين جي باري ۾ ڪميشن جي رپورٽ سابق چيف جسٽس ميان عبدالرشيد 1956ع ۾ پيش ڪئي، جنهن ۾ گهڻين زالن جي مسئلي تي بحث ٿيو. ۽ ڪميشن اهو حڪم قرار ڏنو ته قرآن ڪريم جي فقط هڪ آيت زالن جي تعداد جي سوال سان واسطو رکي ٿي ۽ هيءَ آيت يتيم ڇوڪرين ۽ بيوه عورتن جي مشڪلن کي ختم ڪرڻ لاءِ نازل ٿي ته جيئن انهن سان سماجي طور انصاف ٿيئي. (جنگين ۾ مسلمانن جي شهيد ٿيڻ جي ڪري عورتن جي تحفظ جا مسئلا درپيش آيا) ان ڪري قرآن پاڪ هڪ کان وڌيڪ شادين ڪرڻ جي اجازت ڏني پر گڏ انصاف جو شرط عائد ڪيو.”معنيٰ ته مردن جي گهڻين شادين سان عورتن جي حق تلفي ٿيئي ٿي. اها شادين جي اجازت واري آيت سورة النساء جي 3 نمبر آيت آهي جنهن ۾ اهو صاف فرمايل آهي ته:
فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً
(ترجمو) پوءِ جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته انصاف ٿي نه سگهندو ته هڪ پرڻجو.”
ڏٺو وڃي ته عورتن سان هر انهيءَ هنڌ بيواجبي ٿيندي آهي، جڏهن مرد هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري ٿو.
اڄ جي دؤر جي سنڌي ڳوٺاڻي عورت تعليم کان محروم ۽ مرد جي هٿ هيٺ هوندي به گهرو معاشيات ۾ مڪمل ڪردار ادا ڪري ٿي. فصلن جي پوکائيءَ کان لڻائيءَ تائين، هٿ جي هنرن ۾، گهرو جانورن جي سنڀال ۽ ٻين ڪيترن ڪمن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري پورهيو ڪري ٿي پر ته به مالي طور گهڻي ڪمزور ۽ جسماني ۽ ذهني طور مار موچڙي ۽ تشدد ۾ وقت گذاري ٿي. شهري سنڌي عورت گهڻي ڀاڱي علمي طور مضبوط، مالي طور پڻ ڪجهه بهتر آهي، پر سندس حياتي خوف، دهشت ۽ پريشانيءَ واري پڻ آهي. هوءَ نوڪري ڪندڙ آهي ته مٿس ٻٽي جوابداري آهي گهر، ٻار ۽ گڏ نوڪريءَ جي ذمه داري سنڀالڻ ۽ ڪڏهن حالتن سبب هوءَ ذهني ۽ جسماني دٻاءُ ۾ به آهي، کيس پنهنجي وِت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. اولاد جي تعليم ۽ تربيت جو اونو پڻ رکڻو پوي ٿو پر وري به مالي طور ڪجهه پاڻ ڀري هئڻ سان ۽ تعليم يافته هئڻ سان هوءَ زندگيءَ کي مثبت نموني منهن ڏيندڙ آهي.
عورت جي حيثيت کي بلند ڪرڻ ۾ سندس گهر جي مردن سان گڏ عورتن جو به ساٿ ضروري آهي ڇو جو ڪوبه اڪيلو ماڻهو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي “ٻه ته ٻارهن” جي چواڻيءَ جيڪڏهن هن قومي مسئلي تي سڀ ويچار ڪن ۽ عملي طور مدد ڪن ته پوءِ ئي سنڌي سماج ترقي يافته سماجن ۾ شمار ٿي سگهندو. اهڙو سماج ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندو آهي جنهن جي اڌ آبادي انساني بنيادي حقن کان محروم هجي. عورتون ملڪي آباديءَ جو اڌ حصو آهن. انهيءَ ۾ وري عورتن جو وڏو انگ ڳوٺن جي آباديءَ تي به مشتمل آهي. جيڪڏهن اسان ڌيءَ جي ڄمڻ کي ڪمتر ۽ منحوس سمجهيو ۽ پٽ جي اولاد تي فخر ۽ تڪبر ڪيو ۽ حياتيءَ جي حاصلات ۾ ڌين، زالن ۽ مائرن، ڀينرن کان وڌيڪ حق پٽن، مڙسن ۽ ڀائرن کي ڏنا ۽ عورتن کي ذهني ۽ جسماني دٻاءُ ۾ رکيو ته يقيناً اسين دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ جي قابل نه ٿينداسين. ايندڙ نسل جا معصوم ٻار جن هنجن ۾ پروان چڙهن اهي مائرون بي وقعت ۽ بي حيثيت هجن ته اسين ڪيئن اميد رکي سگهون ٿا ته اسان جي سماج ۾ عورت عزت يافته آهي؟ يا اسان پنهنجي دين جي مڪمل پوئواري ڪئي آهي.؟

سي پيڪ منصوبو

سي پيڪ منصوبو ڇا آهي؟ انهيءَ سان پاڪستان ۽ سنڌ کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟ اهو موضوع هڪ جامع سروري لهڻي ۽ هڪ مختصر مضمون ۾ اهو احوال آڻڻ ڪجهه حد تائين مشڪل آهي.
پاڪستان کي آزاد ٿئي اڄ مني صدي ٿي چڪي آهي، جڏهن هي ملڪ آزاد ٿيو، تڏهن مڪمل طور نه غريب هو ۽ نه ئي اڄ به غريب آهي، قدرت هن ملڪ کي زرعي، معدني وسيلن سان ته مالا مال ڪيو آهي پر هن ڌرتيءَ کي ايترا ته سٺا دماغ ڏنا آهن، جيڪڏهن انهن کان صحيح ڪم ورتو وڃي ۽ هو پاڻ کي ملڪ ۽ قوم لاءِ وقف ڪن ته ڪابه مشڪل ڪونهي جو پاڪستان دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿي نه سگهي.
پر بدقسمتي سان اسان جي اڳواڻن گهرو انتشار ۽ وڳوڙن تي صحيح توجهه ڪونه ڏني آهي ۽ نه ئي ٻاهرين پاليسين کي مضبوط ڪيائون، هتي ته هر شيءِ ڏينهون ڏينهن ڪرپشن ۽ سياست جي ور چڙهندي پئي وڃي.ڪو وقت هو جن ملڪن کي اسان قرض ڏنو، اڄ اهي ايترا ته آسودا ٿي ويا آهن جو اسان انهن جي اڳيان هيڻا ٿا چڪا آهيون، پاڪستان ۾ هر ايندڙ نئين گورنمينٽ پوين دور ۾ شروع ڪيل ڪمن کي ختم ڪندي رهندي آهي، اهڙيءَ طرح سان ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿيڻ کان اڳ سياست جي ور چڙهي نقصان سان ٽٽي ويندا آهن ۽ گهڻن ترقيءَ جي منصوبن مان ماڻهن فقط انفرادي فائدا ورتا آهن، قوم جي لاءِ سوچڻ ۽ ان جي ترقيءَ تي توجهه ڏيڻ يا پنهنجي قوم جي ڏنل ٽئڪس جي پئسي کي حلال ڪرڻ، واريون ڳالهيون ڳالهيون ئي رهجي وينديون آهن.
موجوده وقت ملڪ ۾ سي پيڪ منصوبي جي هاڪار متل آهي، ڄڻ ائين ٿو لڳي ته پاڪ چائنا دوستي ۽ سي پيڪ منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ سان هتي کير جون نديون وهنديون، پر حقيقت اها آهي ته هر ملڪ پنهنجو فائدو ئي ڏسي ٿو، چين هڪ ترقي يافته ملڪ آهي، هن ملڪ جي قوم محنتي ۽ پنهنجي ڪم سان وفادار آهي، هن پنهنجي پاڙيسري ٻين ملڪن جيئن ڀارت، بنگلاديش ۽ ٻين سان به ترقيءَ جا ڪي معاهدا ڪيا آهن، ۽ پاڪستان سان به چين جا تعلقات سٺا ئي رهيا آهن. پر هو پنهنجي فائدي کي ترجيح ڏيندڙ آهن.
موجوده وقت ڪيل ترقيءَ جو منصوبو جنهن کي سي پيڪ جو نالو ڏنو وڃي پيو 30 سالن جو معاهدو آهي جنهن جا سڀ نقطا اڃان سامهون ڪونه آيا اهن ته ڪهڙن ڪهڙن ڪمن تي پاڪستان ۽ چين جو سهڪار رهندو، بظاهر هن معاهدي ۾ روڊ رستا، تجارتي مرڪز ۽ سامونڊي سهولتون ڏيڻ وٺڻ شامل آهن پر جيئن ته رياستن جي وچ ۾ جيڪي لاڳاپا عمل ۾ اچن ٿا انهن ۾ انهن خطن جي سيڪيورٽي جي خاص اهميت هجي ٿي هاڻي هن منصوبي تحت اسان ڪيترا محفوظ آهيون؟ ۽ ڪيترا ترقي يافته ٿينداسين؟ اهو اڳيان وقت فيصلو ڪندو ۽ پاڪستان جون سياسي حڪمت عمليون پڻ اڳيان خود ئي ظاهر ٿينديون.
انگريز دور ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ئي هئي جا هن خطي جي غلاميءَ جو ڪارڻ بڻي بيشڪ انگريز حڪومت گڏيل هندستان ۾ سڌارا به آندا پر مجموعي طور هنن واپار لاءِ ڪوٺيون قائم ڪري هتي ريلوي لائينون ۽ روڊ وڇائي ملڪ تي مڪمل قبضو ڪري سئو سال حڪومت ڪئي، سي پيڪ منصوبي ذريعي ڪجهه خوف ۽ خدشا اقتصادي ماهرن، سول سوسائٽي ۽ ٻين ساڃهاوندن طرفان ٻڌڻ ۾ اچن پيا، سندن موجب ته هنن زميني منصوبن جي ڪري ملڪ ۾ ٻاهريان ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ايندا ۽ ڌاري آبادي وڌي ويندي، جنهن ۾ خاص طور سنڌ خطو ته آهي ئي پناهه گيرن جي پناهه گاهه اهڙيءَ ريت اصل مالڪ ته اقليت ۾ اچي ويندا، کين اهي حق ملي ڪونه سگهندا، جيڪي ملڻ گهرجن، هتان جي زمين پڻ محدود ٿي ويندي اڳ ۾ ئي بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي ٽائون ۽ ذوالفقار آباد ٽائون جهڙن مستقبل جي منصوبن سان اربن روپين جي زمين ٽڪن تي نيلام ٿي چڪي آهي، سي پيڪ جي ذريعي نوان نوان انڊسٽريل زون ٺهندا، نوان شهر اڏبا جن تي چيني قوم جي سيڪيورٽي هوندي. اهي مڪمل سندن ئي ضابطي ۾ هوندا، چينين جو اچڻ بنا ويزا جي هوندو، اهي ٽئڪس فري هئڻ سان پنهنجي آبادڪاري هتي وڌائيندا، ڇا اسان ڪراچي جي حالتن تي غور ڪري اهو هڪ پل لاءِ سوچيون ٿا؟ ته هن خطي ۾ ڌارين جي آبادڪاري وڌڻ سان سڄي خطي جي حالت ڪراچي وانگر ٿيندي جتي اڄ به عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ هڪ وڏو مسئلو آهي.
بهرحال هر عروج کي زوال ۽ هر زوال کي عروج ضرور آهي، ان ڪري سڀني ڳالهين ۾ فقط خرابيون به نٿيون ڳولهي سگهجن، ممڪن آهي نون نون منصوبن سان ملڪ جي معاشي ۽ سماجي حالتن ۾ ڪو سودمند ڦيرو به اچي. حڪومت، حزب اختلاف، قوم پرست ڌريون ۽ ٻيا سڀ هن منصوبي جي فائدن کي بيان ڪري رهيا آهن، ممڪن آهي جڏهن سي پيڪ جا سڀ معاهدا مڪمل طور ظاهر ٿين ۽ عمل ۾ اچن ته ڪي ڏور رس فائدا به سامهان اچن. وقتي طور ڏيهي ماڻهن کي روزگار به ملندو، هن ملڪ جي سياسي حڪومتن جي رسا ڪشي واري جنگ غريب عوام کان نه فقط روزگار کسيو آهي پر انهن جا حال هيڻا ۽ سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، اهي فقط دهل وڄائي ووٽن ڏيڻ ۾ پورا آهن، ٻي کين ڪابه خبر ڪانهي ته، “ادو مئو، ادي ڄائي اسين اوتري جا اوترا”، ڪهڙي حڪومت اچي اها کين ڪي فائدا نٿي ڏئي، ممڪن آهي، سي پيڪ منصوبو ملڪ جي بيروزگاري دور ڪرڻ ۽ وسيلن کي وڌائڻ ۾ مددگار ٿيئي، بهرحال اميد تي ته دنيا قائم ئي آهي.

ٻاراڻو ادب

ٻار آئيندي جو ابو آهي هن ڪائنات جي سونهن فقط ۽ فقط معصوم ٻارن جي مُرڪن شرارتن ۽ کلندڙ چهرن سان آهي، کين مايوسين مان ڪڍڻ ۽ علم ۽ ادب ڏي مائل ڪرڻ هر هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ عالم ۽ اديب جو مشن هئڻ گهرجي، ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي هڪ خاص حيثيت هجي ٿي جڏهن ٻار جيڪي مستقبل جا معمار آهن اهو ادب پڙهن ٿا ته کين نه فقط ڄاڻ ملي ٿي پر سندن دلچسپي پڻ وڌي ٿي ۽ هو اڳتي هلي سٺا اديب ۽ شاعر پڻ ٿين ٿا. ترقي يافته ملڪن ۾ خاص طور وڏن وڏن اديبن، ٻاراڻي ادب کي اهميت ڏئي سندن عمر ۽ ذهني صلاحيت مطابق بهترين ٻاراڻو ادب تخليق ڪيو آهي، جنهن ۾ سندن علمي سکيا پڻ ٿيندي رهندي آهي.
گڏيل هندوستان ۾ انگريز دور کان يعني 1853ع ۾ سنڌي - عربي رسم الخط ٺهڻ کان پوءِ ڪي ڪتاب خاص اهميت جوڳا ڇپيا، جن ۾ 1854ع ۾ غلام حسين قريشيءَ جو “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” 1855ع ۾ سيد ميران محمد شاهه جو، “سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو” جن سان ئي نثر ۾ ٻاراڻي ادب جي شروعات ٿي، هن دور ۾ ٻين جن ليکڪن لکيو انهن ۾ ديوان ننديرام مير چنداڻي جو “باب نامو” پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو، ان کان سواءِ ڪيولرام سلامت راءِ، آخوند عبدالرحيم، ڏيارام گدومل، ڪوڙو مل چندن مل، اڌا رام ٿانور داس ۽ ٻين جو، ڪم ملي ٿو، ننديرام سيوهاڻي جو، “ايسپ جون آکاڻيون”، منشي اڌارام جو “طوطو مينا”، ڪيولرام سلامت راءِ جو ڪهاڻين جو مجموعو، “سوکڙي”، ڪوڙو مل جو “ٻاراڻيون آکاڻيون”، ڀيرو مل مهر چند جو ڪتاب “نو بهار” هڪ بهترين تصنيف آهي ته ڪشنچند بيوس جي قومي جذبي ۽ اخلاقي قدرن سان سينگاريل شاعري، “شيرين شعر” ٻاراڻي ادب ۾ هڪ اعليٰ مثال آهي.
محمد صديق مسافر جا، “ڦلداني” ۽ “سون” ڪتاب ٻاراڻي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا، ان کانسواءِ منگترام واسواڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، جمع خان غريب، پرسرام ضياءَ، پرمانند ميوارام ۽ ٻين جو ڪم آهي، هندستان ۾ پوءِ جي دور ۾ هوند راج دکايل، هري دلگير، شيام جئسنگهائي، موتي پرڪاش، ڪلاپرڪاش، ڊاڪٽر هوندراج ٻلواڻي، ريٽا شاهاڻي ۽ ٻين ڪم ڪيو آهي.
سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب 1947ع کان اڳ لکيو ويو آهي ۽ اڄ به لکجي رهيو آهي، اسان جا ڪيترائي وڏا ليکڪ هن ڏس ۾ هٿ ونڊائي رهيا آهن، جن ۾ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو نالو اهم آهي، جنهن ٻاراڻي ادب ۾ بهترين ڪتاب جيئن “پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون”، “عجيب طلسم”، “لباخان درزي ۽ خليفو ڪهنگ، “جاڙا ڀائر”، “نيلو پکي”، “ٽي ديويا راڪاس”، “شيطان جي ناني” ۽ ٻيا ڪتاب لکيا، کانئن پوءِ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن ٻارن لاءِ آکاڻيون، ناول ۽ قصا لکيا ته شاعري به ڪئي ۽ ڪافي ماهوار رسالا پڻ ٻارن جا نڪرندڙ رهيا آهن، جيئن “گلستان” مقبول “ساٿي” اختر حسين سمون “گلزار سنڌي رسالو”، احسان لغاري، “گلڙا”، بشير ساگر، “روشن دنيا”، مير شاهنواز ٽالپر، “سنگتي”، خالد ڀٽي، “گل ڦل”، سنڌي ادبي بورڊ، “ٻارن جي سنگت”، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيا ڪجهه ماهوار، ٽه ماهي ۽ ڇهه ماهي رسالا آهن.
سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منظم طريقي سان گڏيل ڪوششون ته عمل ۾ ڪونه آيون آهن پر انفرادي طور ڪيترن ئي ليکڪن هن ڏس ۾ ڪوششون سرانجام ڏنيون آهن، جن ۾ مٿي مرزا قليچ جي ڪاوشن جي ڄاڻ ڏني وئي آهي، ان کان سواءِ اسان جي ٻين ڪيترن ئي اديبن جو پورهيو شامل آهي، جن ۾ “بلبل”، گرداس واڌواڻي، “سندباد ۽ هندباد”، محمد نواز بيگ، “ڌرتيءَ جا گل”، منظور ظفر، “سڀان جا ٻيجل”، سوسن مرزا، “سوني زنجير”، حميد سنڌي، “قيمتي ڪهاڻي”، ميمڻ عبدالمجيد، “مهاڻو ۽ جن”، بشير احمد ڀٽي، “گل بانو”، سليم هالائي، “شيخ چلي”، محمد بخش جوهر، “سونو ڪڪڙ”، اياز پاٽولي، “روشن تارا”، محمد عثمان ڏيپلائي، “اميدن جو آشيانو”، اعجاز حسين، “روشن تارا گيت ۽ ٻول”، محمد ابراهيم جويو، “رمون پيٽي”، اڪبر جسڪاڻي، “ٽم ٽم ٽانڊاڻا”، مختيار ملڪ، “مکڙين مالها”، ذوالفقار سيال، “ٻاراڻا گيت”، “استاد بخاري”، “پوپٽ رنگ، رنگيلا”، “جيجل جي هنج ۾”، خالد آزاد وگهيو، “ٻارن جون آکاڻيون”، الطاف شيخ، “مهڪار”، خليل عارف سومرو، “منهنجي ديس جا ٻار”، ذوالفقار سيال، “پتلين جو تماشو”، “روز ٽڙن رابيل”، ادل سومرو، “سنڌين لاءِ آکاڻيون”، مرزا مراد علي، “ٻار سنڌي ڪهاڻي”، وليرام ولڀ، “ٻارن لاءِ چونڊ آکاڻيون”، تنوير جوڻيجو، “اخلاقي قدر”، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، “ڪوڏ ۽ سپون”، نياز پنهور، “ڪرڻا ڪرڻا”، مقصود گل، “ماريه ميز لائبريري”، عابده گهانگهرو، “بيتن واري ناني”، اڪبر جسڪاڻي، “عقلمند ڪوئا”، دانيال طارق ۽ ٻيا به ڪافي ڪتاب آهن.
سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ۾ خاص طور اياز پاٽولي، پير مظهر الحق عرف ماماموجي (عبرت جو ٻارن جو صفحو سنڀاليندڙ) معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر ادل سومرو، تاج جويو، خالد آزاد، نجمه پنهور، غلام سرور لاکو، آغا تاج محمد، غلام مصطفيٰ سولنگي، سليم چنا، دادا سنڌي، فدا سرهيو، الطاف سومرو، عزيز ڪنگراڻي، ظفر عباسي، وليرام ولڀ، جمن احمداڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪم ڪيو آهي.
ورهاڱي کانپوءِ 1973ع تائين ڪل 127 سنڌي ٻاراڻا ڪتاب ڇپيا، جي گلشن ادب ٽنڊو محمد خان سنڌي ادبي بورڊ، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس ۽ ٻين ادارن شايع ڪيا، ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ ٻيا به ڪجهه ڪتاب شايع ڪيا لئنگويج اٿارٽي ۽ ڪلچر کاتي طرفان پڻ ڪجهه ڪتاب شايع ٿيا آهن.
هاڻي انهن ڇپيل ڪتابن جو معيار ڪهڙو آهي؟ ڇا انهيءَ سان هن موجوده جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ سنڌي ٻارن کي ڪجهه هڙ حاصل ٿي رهيو آهي؟ سندن ذهني، علمي، ديني ۽ ادبي اوسر ٿي رهي آهي؟ اهو سوچڻ گهرجي ۽ انهيءَ تي باقاعدي سيمينارن ڪرائڻ جي ضرورت آهي، هڪ مڪمل نيٽ ورڪ سان ٻاراڻي ادب جي لاءِ اجتماعي ڪوششون وٺڻ گهرجن، اسان وٽ سائنسي سوچ کي فروغ ڏيڻ وارن ٻاراڻي ادب جي ڪتابن جي کوٽ آهي، يا ديني معلومات لاءِ پڻ ڪتابن جي اهم ضرورت آهي، اردو ادب ۾ اشفاق احمد صاحب، “قصص الانبياءَ” جي عنوان سان 40 ننڍا ڪتاب ٻاراڻي ادب لاءِ لکيا آهن، ڇا اسان پنهنجي نئين نسل کي دين سان واقفيت ڏيرائڻ لاءِ انهي نموني جا ڪتاب نٿا آڻي سگهون.
سنڌي ادب جي ٻاراڻي ادب ۾ شاعريءَ جي ڪتابن جو انگ وڌيڪ آهي، نثر ۾ مختصر ڪتاب آهن، جن ۾ پڻ سائنسي ۽ علمي سوچ جي کوٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، هلندڙ دور ۾ زميني حقيقتن تي مشتمل ۽ موجوده وقت سان ٺهڪندڙ ڪهاڻين ۽ ٽاولن جي ضرورت آهي، علمي طور سٺن معلوماتي مضمونن جي پڻ. منهنجي مضمونن جي ڪتاب، “اخلاقي قدر”، نشينل بُڪ فائونڊيشن جي ٻاراڻي ادب جي مقابلي ۾ ميرٽ سرٽيفڪيٽ کنيو آهي، اخلاقي سماجي ۽ قومي ڄاڻ تي مشتمل ليکن جي اڄ وڏي ضرورت آهي.
انهي تي توجهه ڏيڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ نسل جي علمي ۽ فڪري تربيت سهڻائيءَ سان عمل ۾ اچي.

عورتن جي لکڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال/ عورتن جو ادب جي واڌاري ۾ حصو

سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ عورتن جو ڪيترو حصو آهي؛ يا اُن جي شروعات ڪٿان کان ٿي؟ ۽ موجوده وقت تائين ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ سندن معاونت ڪهڙي پد تي پهتل آهي.انهيءَ جو تفصيلي جائزو ڏيڻ کان اڳ پهرين مختصر اها وضاحت ڪنديس ته ٻولي ڇا کي سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جي واڌ ويجهه ڪهڙيءَ ريت عمل ۾ اچي ٿي؟ ادب ۽ ٻوليءَ جو ڪهڙو ڳانڍاپو آهي.؟
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ٻوليءَ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:
“ٻولي، اهڙن لفظي ۽ معنادار آوازن کي چئبو آهي جن جي وسيلي هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻئي هم زبان ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙن کي پنهنجو مطلب پوريءَ طرح سمجهائي”.(1)
مطلب ته ٻولي لفظ “ٻول” يعني ٻولڻ، ڳالهائڻ جي معنيٰ ۾ وٺي سگهجي ٿو ۽ اهي لفظ يا ٻول بامقصد ۽ بامعنيٰ هئڻ گهرجن .ٻولي، انساني ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.دنيا جي مختلف سماجن ۾ مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون هر ڪا ٻولي پنهنجي سماج جي معرفت ترقي ڪندي آهي.ڪنهن به سماج جي مهذب هئڻ جي تصوير ان سماج ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين جي ادب ۾ ڏسي سگهجي ٿي ۽ اهو ادب ئي آهي، جنهن جي تخليق سان هر سماج ۾ هڪ مثبت تبديلي اچي ٿي. ادب فقط انساني حياتيءَ جو آئينو نه آهي پر اهو “لطيف فن” قومن جي تهذيب ۽ ترقيءَ جو اهڃاڻ آهي.ٻوليءَ جي اوسر ڪنهن به سماج ۾ ادب کان سواءِ نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو ادب ٻوليءَ کان سواءِ جڙي ۽ وڌي ويجهي سگهي ٿو.اهي ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. پر عام ٻوليءَ کان ادبي ٻولي مختلف هجي ٿي. لکندڙ پنهنجي تحرير۾ ڪاميابي تڏهن ماڻي ٿو، جڏهن هو ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ڪري پنهنجي تحرير ۽ تقرير کي وزنائتو ڪري پيش ڪري، سهڻن ۽ مناسب لفظن جي استعمال سان ئي سندس تحرير ۾ لطافت، نزاڪت، فڪريپختگي ۽تاثر قائم ٿيندو آهي.
سنڌي ٻولي هڪ قديم ۽ شاهوڪار، علمي، ادبي ٻولي آهي.جنهن ۾اعليٰ درجي جون خوبيون موجودآهن.سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو وڏو خزانو موجود آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هزارن جي ڳاڻيٽي ۾علمي ۽ ادبي تصنيفون موجود آهن. ادبي ڪتابن ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب ججهي مقدار ۾ موجود آهن. ٻوليءَ جي هن ترقيءَ جي سفر ۾ مردن سان گڏ ڪيترين عورتن پڻ پاڻ ملهايو آهي. ڏٺو وڃي ته ٻوليءَ جي ارتقا ۾ عورت جو اهم ڪردار رهيو آهي، اها عورت ئي ان جي امين آهي. اها ماءُ جي هنج ئي آهي جتان ٻارڙو ٻوليءَ جي شروعات ڪري ٿو. گهرو ماحول ۾عورتن وٽ ايترا انيڪ لفظ، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن جيڪي عام ڪاروباري، وهنواري يا ڪتابي ٻوليءَ ۾ گھٽ استعمال ٿيل هجن ٿا.
سنڌي عورتاڻي ادب جي شروعات سومرن جي دور کان ٿئي ٿي، مائي مرکان شيخڻ جا ڳيچ هن ڏس ۾ اهميت رکن ٿا. سندس تعلق بدين ضلعي سان هو ۽ وفات 1300ع ڌاري ٿي. سندس ڪلام پنهنجي مرشد شيخ قرهيل ڀانڊاريءَ جي واکاڻ ۾ چيل آهي. مغليه دور جي مائي ساران، سمن جي دور جي جادل جتڻي، ڪلهوڙن ۽ ٽالپر دور جي مائي نيامت (نعمت) ۽ نماڻو فقير ۽ پوءِ مائي غلام فاطمه جا نالا اهم آهن. مائي نعمت، شاهه لطيف جي ڪلام جي شيدائي هئي. کيس ڳچ ڪلام زباني ياد هو سندس هٿ اکر لکيل شاهه جي رسالي جو نسخو، جيڪو هن 28 جمادالثاني سن 1270 هه بمطابق 28 مارچ 1845ع تي ڪنهن قديم نسخي تان اُتاري پورو ڪيو هو، مستند نسخن ۾ شمار ٿيو، ڪنهن عورت جي تحرير جو اهو پهريون نمونو آهي، اُن نسخي جي آخر ۾ مائي نعمت جي ذاتي شاعريءَ جو نمونو به ڏنل آهي جو نثر ۽ نظم جو ميلاپ آهي. علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو هن ڏس ۾ لکي ٿوته:
“مائي نعمت جو هٿ اکر لکيل نسخو نهايت خوشخط صحيح ۽ سنهري جدولن سان آهي، مائي صاحبه ڪمال ڪيو آهي. اهڙيون عورتون سنڌ ۾ گھڻيون ٿي گذريون هونديون، جن ٻيا ڪتاب لکيا هوندا، پر افسوس جو انهن جا نالا اسان تائين نه پهتا آهن.” (2)
هتي هيءُ نڪتو توجهه طلب آهي ته “شاهه جو رسالو” جيڪو اڄ به سنڌي لغت جي اڻ کُٽ کاڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو خزانو شمار ٿئي ٿو. انهيءَ کي صديون اڳ هڪ عورت ايتري سهڻائيءَ سان سمجهيو، ياد ڪيو ۽ مڪمل نسخو لکيو جو ان گمان کي رد ڪري نٿو سگهجي ته ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور ۾ عورتون لکڻ پڙهڻ ڄاڻنديون هيون، ڇو جو ميرن جي دور جي علمي ۽ ادبي حالت مضبوط هئي، مير صاحبان علم جا قدردان ۽ادب پرور هئا.گل حسن ڪربلائي هن دور جي زناني علمي ذوق بابت لکي ٿو ته:
“سنڌ جي ٽالپر شهزادين وٽ علمي ذوق ۽ شوق هو، وٽن نادر ڪتاب مطالعي هيٺ هوندا هئا.” (3)
ميرن جي حرمن جي عورتن کي ڏسندي ڏسندي عام عورتن ۾ پڻ لکڻ پڙهڻ جو چاهه وڌيو ۽ ڇوڪريون، ڇوڪرن سان گڏ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ علم حاصل ڪنديون هيون. ٽالپر دور ۾ عورتن جي تعليم جي سجاڳي ۽ سندن پڙهيل ڳڙهيل هئڻ باوجود سندن ڪا تصنيف موجود نه رهي آهي انهيءَ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، اهو به قوي امڪان ٿي سگهي ٿو ته انگريز حڪومت جي قائم ٿيڻ ۽ اڳيان هلي ننڍي کنڊ جي ورهاڱيسان ڪيترائي ذاتيڪتب خانا تباهه ٿي ويا هوندا جنهن جي ڪري ان دور جي عورتن جا ادبي نمونا موجود نه رهي سگهيا آهن.
انگريزن جي اچڻ سان سنڌ ۾ نئون تعليمي سرشتو قائم ٿيو هو، يعني اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ٿيون، انگريزي تعليم کي فروغ ڏنو ويو، ان سان گڏ سنڌيءَ کي پڻ وڏي اهميت ملي. 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الف.ب مقرر ٿيڻ سان ٻوليءَ جي ترقي ۾ اضافو ٿيو ۽ علم ۾ واڌ ويجهه ٿي، ان دور ۾ ڇاپخانا قائم ٿيا، سنڌي صحافت سان ٻوليءَ ۽ نثر جي واڌاري جون راهون هموار ٿيون. مضمون نويسيءَ کي اخبارن ۽رسالن وسيلي ابتدا ۾ ئي اوج مليو، ته ناول جي صنف به وڏي ترقي ماڻي .هن دور جو وڏو نالو شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو آهي. جن جي معياري تصنيفن سبب کيس “سنڌي نثر جو ابو” سڏيو وڃي ٿو.ان کان سواءِ هن دور ۾ ڪيترن وڏن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جيئن ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، شمس الدين بلبل، دين محمد وفائي، مير عبدالحسين سانگي ۽ ٻين ڪيترن عالمن ۽ اديبن سان گڏ عورتن پڻ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي.شاعريءَ ۾ مائي غلامه فاطمه لال(1925_1865) مونس هالائي (جنم 1910ع)، ڀڳواني داسي، راما ٻائي، ڪملا ڪيسواڻي، گوپي هنڱوراڻي، سندري ٽلهراماڻي ۽ ٻين جا نالا ملن ٿا، مائي غلام فاطمه جي ڪلام۾ پختگي آهي پر سندس ڪلام محققن کي گهٽ مليو آهي.
انگريز دور ۾ ڪملا ڪيسواڻيءَ جو نالو شاعره ۽ نقاد طور مشهور آهي. سندس مزاحيه نظم گوگڙن جي باري ۾ مقبول ٿيو، کيس ٻوليءَ تي دسترس هئي. هن “سنڌي شعر جي ڪسوٽي” عنوان سان هڪ تنقيدي مقالو 1946ع ۾ لکيوهو.جو ساڳئي عنوان واري ڪتاب ۾ شايع ٿيو، پنهنجي پيءُ پروفيسر ڪيسواڻيءَ سان گڏ هُن ليکراج ڪشنچند عزيز، بيدل، سچل، روحل ۽ بيڪس جي شاعريءَ جو تقابلي اڀياس ڪري، ٻوليءَ جي حوالي سان سنڌي شاعريءَ ۾ سنسڪرت، عربي ۽ فارسي ٻولين جي لفظن جي استعمال تي آواز اٿاريو، صفحي نمبر 116 تيلکي ٿي ته:
“سنڌي ٻولي جيترو ٿي سگهي اوترو نج صورت ۾ هجي ته بهتر آهي، گهڻا سنسڪرت يا عربي لفظ سنڌي نظم ۾ استعمال ڪرڻ سنڌيءَ جي سڀاويڪ صورت کي بگاڙڻ جو هڪ ڪارگر ذريعو آهي.ديوان عزيز جي پهرئين ڀاڱي ۾ عربي ۽ فارسي ججهي وزن ۾ ٻُرڪيل آهي”.(4)
هي اهو دور هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن ۽ هندن ۾سياسي حالتن سبب ويڇا وڌيا هئا ۽ ان جو اثر ادب تي پڻ پيوهو.هڪ اهڙو لاڙو پيدا ٿيو جو مسلمانن پنهنجي لکڻين ۾ عربي ۽ فارسي لفظ وڌايا ۽ هندن وري سنسڪرت لفظن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو ۽ اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جي صورتحال بگڙجڻ لڳي. مولانا دين محمد وفائي پهريون عالم هو جنهن پنهنجي اخبار وسيلي انهيءَ اهم نڪتي کي کنيو. کين لعلچند امر ڏني مل ۽ڄيٺمل پرسرام جوساٿ حاصل ٿيو جن جا ليک “ڀارت واسي” اخبار ۾ پڻ آيا، جيڪي “سنڌي ٻوليءَ تي مارو ۽ سنڌي ٻوليءَ سان انڌير” ۽ ٻين عنوانن سان هئا. سنڌي ٻوليءَ جي خير خواهن کي نج سنڌي ٻوليءَ۾ لکڻ لاءِ اپيلون ڪيون ويون.هن دور ۾ ٻولي جي بچاءَ واري ت تحريڪ ذريعي اخبارن ۾ بحث مباحثا ڇپـيا جنهن سان سنڌي ٻوليءَجي ذاتي حيثيت کي مڃتا ملي ۽ لکندڙن ۽پڙهندڙن ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ لاءِ هڪ محبت ۽ فخر جو جذبو جاڳيو.
ورهاڱي کان اڳ گُلي سدارنگاڻي پهرين سنڌي عورت هئي، جنهن تخليقي ادب ۾ طبعزاد ڪتاب لکيا، هن ڪماري ڪرپالاڻي جي نالي سان پهريون ناول 1938ع ۾ “گورا” جي عنوان سان سنڌي ٻوليءَ ۾ترجمو ڪيو.جيڪو رابندر ناٿ ٽئگور جي ناول تان ڪيو هئائين. ان کان سواءِ “جواهر لعل نهرؤَ جا ڌيءَ ڏانهن خط” انگريزيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾1936ع ۾ ترجمو ڪيائين.شاديءَ کان پوءِ هن گلي سدارنگاڻيءَ جي نالي سان “اتحاد” ناول طبعزاد لکيو، جو موضوع، مواد ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪامياب آهي اهو ناول سنڌي مسلم اتحاد جو سڏ هو، ان سان گڏ انهيءَ ناول جي ڪاميابيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي استعمال جو ڪمال به آهي، ان ناول بابت سنڌي ٻوليءَجي هڪ وڏي محقق منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي ته:
“هن ناول جي عبارت ۾ هندي ۽ فارسيءَ جو وڻندڙ اتحاد رکيل آهي.” (5)
ملڪاڻي صاحب جو مٿيون جملو گليءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي لاجواب خدمت کي ڪسو ڪري رهيو آهي. اتحاد ناول جي غور سان اڀياس بعد اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته هيءُ ناول ٻوليءَ جي لحاظ کان هڪ جاندار ناول آهي جنهن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ هندي لفظ آهن ته فارسي لفظ نه هئڻ برابرآهن. فاضل ليکڪا بيشڪ انگريزي ميڊيم ۾ پڙهيل هئي پرکيس سنڌيءَ ٻوليءَ تي عبور هو، ٽئگور جي ناول “گورا” جيڪو قوميت جي باري ۾ هو تنهن منجهس پنهنجي قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ فخر جو جذبو جاڳايو، جنهن جو اظهار “اتحاد” ناول جي مهاڳ ۾ پڻ ڪيو اٿس.هن سوچي سمجهي نج سنڌي ٻولي استعمال ڪئي آهي.1941ع ۾ لکيل اتحاد ناول جي ٻولي هيٺينءَ ريت آهي، گُلي لکي ٿي ته:
“آشا سٻاجهي هئي، پر همت ڀري، ڄاڻ هيس ته هوڏي ۽ مورکن سان پنهنجي اندر جو اظهار ڪرڻ ٿيندو. “رڃ ۾ ٻج ڇٽڻ”، “ صبر جن جو سير تير نه گسي تن جو” اهو ئي وشواس سندس شڪتي هو، سندس ظاهري ماٺيڻي پر مرڪندڙ مکڙي مان ائين پيو لڳندو هو ته کيس يقين آهي ته ڪنهن نه ڪنهن سڳوري ڏينهن کيس ضرور هن پڃري مان پر پکيڙڻ جي آزادي ملندي. “ماندي ٿي نه مارئي، الله اوڏو آهي، سئو ورهين جا ڏکڙا هڪڙي لحظي ۾ لاهي”! اهڙيئي اميد تي آشا پيئي تڳندي هئي هوءَ ڄڻ ته ڪنهن اڻ سڃاتل سونهين لاءِ سيڙي ويٺي هئي.(6)
“گورا” ۽ “اتحاد” کان پوءِ هن ليکڪا ٻه ٻيا ناول “ آخرين انقلاب” ۽ “ساڌنا جو سپنو” لکيا . هوءَ گلستان مخزن جي ايڊيٽر پڻ هئي.کيس ڏسندي ڪيتريون عورتون ادب جي ميدان ۾ آيون. اخبارن ۾ سندن مضمون ۽ ڪهاڻيون ڇپجڻ لڳيون ته ناول جهڙيءَ ڏکيءَ صنف ۾ پڻ لکيائون .سيتا ديويءَ جو “سروجا” چندر آڏواڻيءَ جو “پريم جيون”، اندراهيمراجاڻيءَ جا “ڪانتا”، ”ٻه دليون” ۽ ٻيا ناول ميدان ۾ آيا. مائي واساڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو “مائي واساڻيءَ جون ڪهاڻيون” 1947ع ۾ شايع ٿيو، عورتن هن دور ۾ مضمون، خط ۽ ڪتابن جا مهاڳ لکيا. پهريون خط 1890ع جو لکيل ملي ٿو جو هڪ گهرو خط آهي جو ريٽا شهاڻيءَ جي ڏاڏيءَ وشني ٻائيءَ جو آهي ۽ اهي 8 خط آهن. ريٽا موجب ته :
“انهيءَ خط ۾ سنڌي ٻولي ساڳي اڄ جي سنڌي پيئي لڳي. جڏهن ته انهن خطن کي هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي”.(7)
مطلب ته انگريز دور ۾ سنڌي عورتن ڪهاڻيون، ناول، مضمون، مقالا، مهاڳ ۽ خط لکيا ۽ شاعري پڻ موجود آهي. وٽن سنڌي ٻوليءَ جو استعمال شانائتو رهيو. ڪي لفظ ٻين ٻولين جا پڻ ڪجهه ليکڪائن وٽ ملن ٿا پر مجموعي طور سنڌي ٻوليءَ جو واهپو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان جيئن ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ ڦيرو آيو، تيئن ماڻهن جي سوچ ويچار جي تبديليءَ جو اثر ادب تي پڻ ٿيو، غير سنڌين جي اچڻ ۽ هندوئن جي هتان لڏي وڃڻ سان اردو ٻولي ۽ ماحول جو اثر سنڌي ادب تي پوڻ لڳو. سنڌ جي وڏن شهرن جي گهرن ۾ اردو ٻولي ڳالهائجڻ لڳي ۽ ڪيترائي اردو رسالا ۽ اخبارون سندن گهرن ۾ اچڻ لڳا، پر پوءِ جلد ئي سجاڳيءَ جي لهر شروع ٿي، سنڌي ادبي بورڊ جو قيام عمل ۾ آيو. ون يونٽ خلاف تحريڪون شروع ٿيون. پنهنجي سڃاڻپ جو شعور وڌيو، عورتن جي نڪرندڙ رسالن کان سواءِ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ عورتون لکڻ لڳيون. عورتن جي طرفان نڪرندڙ رسالن ۾ “مارئي” (1957ع: بيگم زينت عبدالله چنا)، “اديون” (1965ع: بيگم خانم خديجه دائود پوٽو)، “سوجهرو” (1972ع گلبانو سلطانه) شايع ٿيڻ لڳا. ان کان سواءِ ماهوار “نئين زندگي، ” سنڌي ادبي بورڊ جوٽه ماهي “مهراڻ” طارق اشرف جو “سهڻي” ۽ ٻيا رسالا شايع ٿيندا رهيا، جن ۾ عورتون لکڻ لڳيون. جيڪڏهن انهن عورتن مان هرهڪ جو ذڪر ڪجي ته هڪ ڊگهي فهرست تيار ڪري سگهجي ٿي.انهن عورتن ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.سندن ڪهاڻين جا مجموعا، ناول، آتم ڪهاڻيون، سفر ناما، سوانح عمريون، ڊائريون ۽ شاعري جا ڪتاب ملن ٿا.
ورهاڱي کان پوءِ نور شاهين پهرين شاعره آهي، جنهن جو شاعريءَ جو مجموعو “رُس مَ رُسڻ گهوريو” 1968ع ۾ شايع ٿيو. هوءَ ڪلاسيڪل شاعريءَ کان متاثر هئي. سندس شاعري ٻوليءَ جي لحاظ کان ميٺاج واري ۽ پخته آهي. چوي ٿي ته:
راڻي ۾ هئي ڪاڻ، جو بيهي نه سگهيو ڪين،
تکا هئا ڪيٻاڻ، برهه سندي بيراڳ ۾.

(نور شاهين)
نور شاهين کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي شاعرائن جي شاعريءَ جي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. هيٺ ڪجهه مثال ڏجن ٿا ته جيئن موضوع ۽ مواد سان گڏ خاص طور ٻوليءَ جون خاصيتون پسي سگهجن.
شاعريءَ ۾ ڪتب آندل لفظ، استعارا، تشبيهون، علامتون ۽ ٻيون سڀ فني ضرورتون ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽ وسعت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هجن ٿيون.
ماهين هيسباڻيءَ جو فقط هڪ شعري مجموعو “تون” ڇپيل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ لفظن جو سهڻو استعمال سندس فن جي پختگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. هيٺين چؤسٽي ۾ هن شاعريءَ جي اهميت هن ريت بيان ڪئي آهي.
شاعريءَ کي زندگي ارپي ڇڏيم،
زندگيءَ کي عاشقي ارپي ڇڏيم،
عشق کان ناهي اُتم ڪا ذات ٻي،
عاشقيءَ کي بندگي ارپي ڇڏيم.(8)

جيئن ته شاعري ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالهه چوڻ جو هنر آهي.جنهن جي لاءِ بهترين خيال سان گڏ ٻوليءَ جو رس چَس ۽ بيان جي رواني ضروري آهي. نئين ٽهيءَ جي شاعره پشپاولڀ “روح جاڪنول”۾ چوي ٿي ته:
من جي تند تند تنواري ٿي،
جسم جي رڳ رڳ پڪاري ٿي،
سنڌ منهنجي روح ۾ آهي،
هن جي مٽي منهنجو سندور آهي.
هن جي ٻولي ماءُ جي مٺي لولي آهي

ٻيجل، ڪنور، چندر، ڀڳونتي، سرمد، جمن، عابده، سخيراڻي، منهنجو آواز آهن.(9)
موجوده دور ۾ جيڪي نيون شاعرائون آيون آهن انهن ۾ سيما عباسيءَجو نالو پڻ اهم آهي. سندس شاعريءَجو نمونو هن ريت آهي:
راهه جا پٿر ٻهاريا، مون ته پنبڻين سان پرين،
تنهنجو رستو ڪا وڏي کاهي هئي توکان سوا،
لفط ساڻا ٿي پيا ۽ ڳهر نيڻن ۾ لٿي،
حال هيڻا ٿي پيا، او شاعري توکان سواءِ. (10)

مٿي ڄاڻايل چند مختصر مثالن مان پڻ اها وضاحت ضرور ٿي آهي ته عورتن جي شاعريءَ ۾ سادگي، سلاست ۽سنڌي ٻوليءَ جي سهڻن لفظن جو استعمال شانائتو آهي. ورهاڱي کان پوءِ عورتن جي لکيل نثر کي جيڪڏهن ڏسبو ته هند ۽ سنڌ ۾ عورتن جو ادبي ڪم وڏي پيماني تي ملي ٿو، انيڪ ڪتاب مختلف صنفن ۾ لکيل ملن ٿا، جن مان ڪيترن ڪتابن کي ايوارڊ پڻ مليا آهن.
ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن به تخليق جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ٿي ته ان لاءِ ماهرن هيٺين نڪتن کي ذهن ۾ رکڻ ضروري قرار ڏنو آهي.اسلوبِ بيان، لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي بيهڪ، اصطلاح، استعارا، پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، تشبيهون، علامتون، تجنيسون، سلاست، بلاغت، فصاحت ۽ ٻيون خوبيون شامل آهن. مٿي ڄاڻايل خاصيتن مطابق تحقيق کان پوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته، اسان وٽ سنڌ توڙي هند جي ليکڪائن پنهنجي تحريرن ۾ اعليٰ ادبي زبان آڻڻ لاءِ نوان نوان لفظ، ترڪيبون ۽ بامعنيٰ اصطلاح، تشبيهون، استعارا ۽ محاورا ڪم آندا آهن، پر جتي جتي اهو استعمال نٿو ڏسڻ ۾ اچي، اتي ڄڻ سندن تحرير سنڌي ٻوليءَ کان اوپري ٿي بيٺي آهي. هيٺ چند مثال پيش ڪجن ٿا ته جيئن ليکڪائن جي لکيل نثر جي پرک ٿي سگهي.پوپٽي هيراننداڻي لکي ٿي ته:
“تڏهن مان ڄڻ ڇيهون ڇيهون ٿي پيس، جيئن ريشمي ڪپڙن کي پٿر تي سٽپو آهي ته ليڙون ليڙون ٿي پوندو آهي تيئن منهنجو من ڇڄي تندون تارون ٿي پيو”.(11)
مٿين حوالي ۾ خيال جي بلنديءَ سان گڏ هم قافيه لفظن جو شانائتو استعمال ۽ تجنيسحرفيءَ جي سونهن وڻندڙ آهي.
ورهاڱي کان پوءِ بادام ناتوان جو نالو اسان وٽ آڳاٽي نثر نگار عورتن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس لکيل نثر ۾ ٻوليءَ جو استعمال ڪڏهن عام فهم ۽ سليس آهي ته ڪنهن وقت دقيق ٻولي پڻ ڪتب آندي اٿس. هيٺ ساڳيءَ ليکڪا جي نثر جا ٻه مثال سندس ٻن مختلف ڪتابن مان پيش ڪجن ٿا.”خوش خصلت خاتون” ڪتاب ۾ صفحي نمبر 69 تي لکيو اٿس ته:
“قدرت الاهي، انسان ذات کي ڏيکاري ٿي ته دنيا ۾ خوشي ۽ غم لازم وملزوم آهن. هميشه نه خوشي رهندي ۽ نه ئي غم رهندو.”(12)
ڪتاب “شڪستهءِ زندگي” جي صفحي نمبر 175 تي لکي ٿي ته:
“جذبات هڪ بيخود سرمايو آهي، جنهن کي ادا ٿيڻ بغير آرام نه ايندو آهي دک جو ٻيو نالو سانت آهي، خاموش آنسو گونگي آهه!(13)
پهريون حوالو عام فهم ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ته ٻيو ڪي قدر منجهيل ۽ ڏکيو آهي.
ماهتاب محبوب جو نالو سنڌي جي صف اول جي ليکڪائن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هوءَ اڌ صديءَ کان لکندي اچي.هن طنزيه، مزاحيه ۽ سنجيده هر هڪ لکڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي فطري انداز کي اهميت ڏني آهي. سندس فقط ٻن ڪتابن “لهر لهر زندگي” ۽ “مٺي مراد” ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو جائزو وٺجي ٿو ته حيرت ٿئي ٿي تههن ڪيڏي نه شاندار نموني سان پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ گفتارن کي ٻوليءَ جو حصو بنائي ڪهاڻيءَ جي صف ۾ آندو آهي.جيئن:
“مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو”؛ “ڪٿي ڍور سڃا ڪٿي چور سڃا”؛ “ڪريان ٿي ڪيهه مڙندا ٽيهه”؛”پيرن مان لاهي منهن تي هڻڻ”؛”لکيو لوڙڻ”؛”ديرو ڄمائڻ” وغيره.
ماهتاب محبوب جي نثر مان ٻوليءَ جي حوالي سان چند مثال پيش ڪريان ٿي ته جيئن پڙهندڙن کي سندس فن ۾ ٻوليءَ جي استعمال بابت ڄاڻ پئي سگهي.
ڪتاب “لهر لهر زندگي”۾ صفحي نمبر 22 تي لکي ٿي ته:
“ماڻهو ٽپتائي هو، تنهن ڪري پوليس کاتي ۾ کڄي ويو، حرفت سان زمينون ذرڙيون خريد ڪري، هن ايڏي ملڪيت ميڙي جو ڍوءَ ۾ ڪکيون پئي ڦاٽس، مرڳو شجرو ئي وڃي ناميارن نوابن سان جوڙيائين ۽ نواب اختر حسين سڏجڻ لڳو”(14)
ماهتاب محبوب نه فقط صاف سنئين سڌي ۽ بامحاوره ٻوليءَ ۾ لکيو آهي پر هُن پنهنجي اسلوب بيان ۾ طنزيه، مزاحيه توڻي سنجيده مطلب ته هر نموني ۾ فطري انداز کي اهميت ڏني آهي، ڪهاڻي “مٺي مراد” ۾ لکي ٿي ته:
“هوءَ پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب ڀائيندي، هر وقت ٿڌا ساهه ڀري ان گهڙي کي پئي پٽيندي هئي جڏهن هن ساڻس پيچ پاتو هو....هڪ وار وري ڳاڙهو گهوٽ ٿيو هو، جيتر پُٺ پڌري ٿئي، تيتر هن جو مڙهه مقام اڃان رولڙي ۾ هُو”.(15)
ماهتاب جي فن ۾ ٻوليءَ جي اصطلاحي جزن جو استعمال وڻندڙ آهي، ڊاڪٽر ارجن شاد هن ڏس ۾ چوي ٿو ته:
“ڪهاڻين مان پهاڪن جي ڊڪشنري جوڙڻ ڪمال جي ڳالهه ڪانهي، ڪمال اهو آهي ته اهي ڪاريگريءَ سان استعمال ڪيا وڃن .ماهتاب انهن جو استعمال فنڪاريءَ سان ڪيو آهي”.(16)
هن سلسلي ۾ سندس ڪهاڻي “رهيل جانچ” اهم آهي ۽ موضوع جي حوالي سان نسيم کرل جي ڪهاڻي “چوٽيهون در”جيان پوليس جي ناروا رويي بابت آهي، “رهيل جانچ” ڪهاڻيءَ ۾ هڪ بيواه عورت پنهنجي مڙس جي قتل کان پوءِ پيءَ وٽ رهي سلائي ڪري پنهنجا ٻچا پاريندي آهي پر اها واحد ڪمائيءَ جو ذريعو سلائي مشين جڏهن چوري ٿئي ٿي تڏهن سندس پوڙهو پيءُ پوليس ۾ رپورٽ لکائڻ وڃي ٿو ۽ ساڻس جا جُٺ اتي ٿئي ٿي، ان کي ليکڪا اثرائتو بيان ڪيو آهي .آخرڪار پوڙهو ڪيس تان ئي هٿ کڻندي پوليس وارن کي چوي ٿو ته: “ابا رب الائي ڪهڙي ڳالهين ۾ راضي، شل حقون به رکي نا حقون به، جن اسان سان ڪئي آهي، مولا انهن جون برباديون آڻيندو، رڌيون ڪنيون لاهيندو.”
جواب ملندو اٿس ته “اڙي ڀوڪ! اهي رنون ئي يارن پويان مڙس مارائينديون آهن سڀاڻي ٻچا ڳچيءَ ۾ وجھي، مشين واري يار ڪڍ هلي وينديءِ تڏهن اک کلنديءِ . اهو ٻڌڻ سان هن جو هنياءُ کاڄي ويو، رت سڙي، منهن تي دانگي گهمائي ويس، هو مٿو جهلي پٽ تي ويهي رهيو”. (17)
مشين جي چوري ته ويئي ويچاري کي وسري پوليس هيڪاري سندس ناٺيءَ جي ٿيل پراڻي قتل جي “رهيل جانچ” ۾سندس ڌيءَ کي جيل داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.مطلب ته اها ڪهاڻي موضوع ۽ مواد کان سواءِ ٻوليءَ جي عمدگيءَ جو عليٰمثال آهي.
ساڳيءَ ريت سندس سفر ناما، ناول، مضمون، خاڪا، خط ۽ ٻيو نثر سنڌي ٻوليءَ جي سونهن جو اثرائتو عڪس چٽين ٿا. ماهتاب جا ڪهاڻين سميت مختلف صنفن تي ڪل14 ڪتاب ڇپيل آهن جيئن “اندر جنين اڃ”، ”خواب خوشبو ڇوڪري”، ”ورهاڱي جو ورجاءُ”، ”مٺي مراد”، ”پل صراط”، ”لهرلهرزندگي”، ”راهون چنڊ ستارا” ۽ ٻيا نثر جي پختگيءَ جو مثال آهن.
ثميره زرين جي لکڻين ۾ ڪٿي نج سنڌي ٻوليءَ جا جنسار آهن ته ڪٿي ڪٿي هُن اردو ٻوليءَ جي لفظن جو غير ضروري واهپو پڻ آندو آهي. جيئن روشن ڇانورو، ڪتاب ۾ 36 ۽ 84 صفحن تي لفظ، خنڪي، مرمين، سرگوشي، سنسني، نڪ ۾ دم، ساڪت وجامد جهڙا لفظ ڪتب آنداآهن.
سندس فن ۾ نج سنڌي لفظ پڻ آهن. جيئن، لوساٽيل، اوجهڙ، جهاڳڻ، جهٻو، تاڃي پيٽو، هوائن ۾ هٻڪارون، ڏکن ۾ ڏنجهه، اونهي ۾ اسرار ۽ ٻيا مثال آهن. سندس افسانوي مجموعن “گيت اڃايل مورن جا”، “روشن ڇانورو” ۽ “آءُ اهائي مارئي” ۾ 37 ڪهاڻيون آهن، جن مان پروس ٿيم پراڻ، آءُ اها ئي مارئي، وڏيري، مومل، غيرت، سوريءَ سزا وار ۽ پلئه پايو سچ، ٻوليءَ جي حوالي سان لاجواب آهن.
ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي ٻوليءَ تي عبور رکندڙ محقق ۽ ليکڪا آهي، سندس لکيل نثر مختلف صنفن جيئن ڪهاڻي، سفرنامي ۽ مضمونن، مقالن ۾ ٻوليءَ جي پختگيءَ جو مثال آهي.
نورالهديٰ شاهه اردو ۽ انگريزي ادب جي اثر هيٺ پنهنجي فن جي شروعات ڪئي پر جڏهن هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ته خوب ۽ اثرائتو لکيو. سندس لکيل ڪهاڻين، ناٽڪن ۽ ناول ۾ لطيف ۽ وزنائتي ٻولي آهي جا سندس فني شعور جي ساک ڏي ٿي.
خيرالنساءَ جعفري، رشيده حجاب، ثميراه زرين، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، تنوير جوڻيجو، ڊاڪٽر پروين موسيٰ(راقم الحروف) ۽ ٻين ڪيترين ڀينرن سنڌي نثر ۾ ٻوليءَ جي استعمال کي اهميت ڏياري آهي
نه فقط ڪهاڻيون، ناول، ناٽڪ، سفرناما، مضمون ۽ مقالا پر اسان وٽ علمي ۽ ادبي خطن لکڻ جو پڻ سٺو رجحان رهيو آهي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر درشهوار سيد، مهتاب اڪبر راشدي، ليليٰ بانو، جيجي زرينه، اختر بلوچ، سحر امداد، ماهتاب محبوب، ثريا سوز ۽ ٻين ڪيترين ليکڪائن خط لکيا آهن. جيڪي ادبي تاريخ ۾ خطوط نويسيءَ جي ارتقا جي حوالي سان ڳڻڻ جوڳا شمار ٿيندا جن ۾ پڻ سنڌي ليکڪائن ٻولي جي استعمال ۾ مهارت جو ثبوت ڏنو آهي.

نتيجو:
عورتن جي تحريرن جيهن مختصر اڀياس مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ عورتن به مَردن سان ڪلهوڪلهي سان ملائي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. سندن سماجي، علمي ۽ ادبي حيثيت تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف رهي آهي. باهمت ۽ باشعور عورتن پنهنجي تخليقي ۽ تحقيقي صلاحيتن سان سنڌي ادب جي نه رڳو خدمت ڪئي آهي. پر ان سان گڏوگڏ هنن سنڌي ٻوليءَ کي جياريو آهي ۽ وسعت ڏيڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل ۾ ڇپيل، جون 2017)

حوالا:
1. سيوهاڻي، حڪيم فتح محمد “آفتاب ادب” سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1974ع، ڇاپو ٽيون، ص3.
2. دائود پوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، “مضمون ۽ مقالا”، ڀٽ شاه، ثقافتي مرڪز، حيدرآباد ڀٽ شاهه 1978ع.، ص، 198.
3. ڪربلائي، گل حسن، مقالو: سنڌ جي شهزادين جو علمي شوق، “نئينزندگي” مخزن پاڪستان پبليڪيشن اسلام آباد، نومبر 1954ع، ص 151.
4. ڪيسواڻي، ڪملا، “سنڌي شعر جي ڪسوٽي”، بمبئي، هندوستان، 1946ع، ص 116.
5. ملڪاڻي، منگهارام “سنڌي نثر جي تاريخ”روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع، ص 104.
6. سدارنگاڻي، گُلي، ”اتحاد” هيرانند پريس ڪراچي، 1941ع، ص 2.
7. شهاڻي ريٽا، ”جيون ۽ ساهت” سورن ڪلا پرنٽرز، 2001ع، ص، 08
8. هيسباڻي، ماهين، ”تون” نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع، ص 45.
9. پشپا ولڀ، ”بند اکين ۾ آسمان”مارئي پبليڪيشن ڪراچي، 2010ع، ص 32.
10. عباسي سيما، “لفظن ڀوڳيو آ بنواس” منزل پبليڪيشن ڪراچي، 2005ع، ص48.
11. هيراننداڻيپوپٽي، ”زندگي نه ڪويتا نهڪهاڻي”سرڪيولربلڊنگ، حيدرآباد، 1981ع، ص 19.
12. بادام ناتوان، ”خوش خصلت خاتون”سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد1971ع ص69.
13. بادام ناتوان”شڪستهءِ زندگي” بشير احمد سنز، ڪراچي، 1974ع، ص175.
14. ماهتاب محبوب، ”لهر لهر زندگي”، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1985ع، ص22.
15. ماهتاب محبوب، ”مٺي مراد”، نيوفيلڊس پبليڪشن، حيدرآباد، 1979ع، ص150
16. ارجن شاد:ماهتاب محبوب، ”اندر جنين اڃ”، نيوفيلڊس پبليڪشن، حيدرآباد، 1995ع، ص113.
17. ماهتاب محبوب، ”لهر لهر زندگي”، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1985ع، ص21.

ويهين صديءَ ڇاڇا ڏنو/ ايڪهين صديءَ جون تقاضائون

اچو اينديءَ صدي جي آجيان ڪريون،
نشانبر امن – عالم جو نشان ڪريون،
هٽايون ايٽمي آڙاهه، ڌرتيءَ تان،
جهنم گم ڪريون، جنت عيان ڪريون.

(استاد بخاري)
اسان کي پنهنجن وڏن ويهين صديءَ جي دؤر ۾ داخل ڪيو ۽ اسين ايندڙ نسل کي جديد ۽ چمڪندڙ دؤر ۾ داخل ڪنداسين، هر ايندڙ وقت نيون روشنيون ۽ نيون امنگون کڻي ايندو آهي. اها حقيقت آهي ته هر نئين وقت جا قدر ۽ اوليتون الڳ الڳ هوندا آهن. اڄ پوريءَ دنيا جي آبادي 7 ارب کان به مٿي پهچي چڪي آهي، جيڪا سئو سال اڳ صرف 2 ارب هئي، ڏٺو وڃي ته هن هيڏي آباديءَ جي وڏي انگ جي جياپي (Survival) لاءِ سائنس جي حڪمت عمليءَ ئي ترقي آندي آهي.
اڳيان سنسار ايڪيهين اچي ٿي پيئي،
ڏسون ٿا ڪامپيوٽر تي هلي ٿي پيئي،
دڳن تي نرڳ، سرڳ آهن، سجايا ويا،
عجب آهي پچي ٿي، ته به نچي ٿي پيئي.


(استاد بخاري)
بيشڪ هن ترقي يافته دؤر ۾ ڪجهه گراوٽون آهن. سکن سان گڏ ڪجهه ڏک به آهن پر مجموعي طور زندگي آسان ۽ سهل آهي، موجوده دؤر ۾ رهڻ کانپوءِ اسين بجليءَ جي بغير زندگي گهارڻ جو تصور نٿا ڪري سگهون. اڄ ترقيءَ کان تفريح تائين، سائنس جي ترقي ئي زندگيءَ جو روشن رخ آهي. گهريلو آسائشن کان وٺي، زراعت، صنعت، تعليم ۽ ملڪ جي هر شعبي ۾ جيڪا به ترقي ٿي آهي سا بجليءَ جي سبب ئي ٿي آهي ۽ توانائي موجوده دؤر ۾ اڳيان وڌڻ جي لاءِ هڪ اهم سيڙهي آهي. اها سائنس جي اڳيان وڌڻ جي رفتار هلندڙ صديءَ ۾ اڃان به وڌندي رهندي. جيڪي ماڻهو معراج جي واقعي تي شڪ ڪندا آهن انهن جي منهن ٽوڙ جواب لاءِ اڄ جا مواصلاتي ذريعا ئي سهڻو جواب آهن.
اڄ جي انسان سمنڊن جي پاتال ۾ وڃي زمين جي اسرارن کي ڦولهيو آهي ته خلا ۾ پهچي ڪائنات جي رازن کي پروڙيو آهي. چنڊ تي قدم رکندي ته سندس عظمت مسلم مڃي ويئي آهي. انساني محنت، سمجهه ۽ عظمت جي اڳيان ملائڪ حيران ۽ شيطان پريشان آهن. غارن جي زماني جو وهمي ۽ وسوسي جو شڪار انسان اڄ سائنس جي حيرت ناڪ ڪاميابين جو سرواڻ آهي. سندس شان ۾ ڪينئين تحسين جوڳا اعتراف موجود آهن.
انسان کي هجي چنڊ جي تسخير مبارڪ،
۽ اشرفِ مخلوق جي توقير مبارڪ،
هي چنڊ نه آ نور، نئون کنڊڪو آ،
تاريخ کي تحقيق جي تنوير مبارڪ.

(استاد بخاري)
انساني عظمت جو اعتراف ته رب پاڪ شروع ڏينهن کان ڪيو آهي ۽ کيس پنهنجي پسنديده ترين احسن مخلوق ڄاڻايو آهي. پر خود حضرت انسان کي پنهنجي قوت، طاقت، سمجهه، عقل ۽ ڄاڻ جو ادراڪ وقت گذرڻ سان ٿيو آهي، جڏهن جڏهن هن ڪامياب تجربا ڪيا تڏهن تڏهن کيس معلوم ٿيو ته سندس منزل اڃان به گهڻو اڳيان آهي.
هي ڪنهن جو خلائن ۾ کُتو آهه عَلم،
هي ڪنهن جا ادب ساڻ چميا چنڊَ قدم،
هي اشرفِ مخلوق ۽ هي اَحسنِ تقويم،
انسان آ، انسان جي عظمت جو قسم.

(استاد بخاري)
موجوده دؤر سائنس جي ايجادن ۽ نئين ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر آهي. ڪالهه جيڪي ناممڪن هو اڄ اهو ممڪن آهي ۽ ايندڙ وقت انهيءَ کان به حيرت انگيز هوندو. ڪارل مارڪس موجب “جڏهن جڏهن ٽيڪنالاجيءَ ۾ تبديلي اچي ٿي تڏهن تڏهن انسان جي تهذيب ۽ علم ۾ ڦيرو اچي ٿو.” ڪالن رسيل سائنسدان جديد ٽيڪنالاجيءَ جو حامي هوندي به انهيءَ جي خوفناڪ هولناڪيءَ کان خوفزده هئڻ سبب چوي ٿو ته “ٽيڪنالاجي تيستائين عمدو ذريعو آهي. جيستائين اها انسان جي ڀلي ۽ بهبود لاءِ ڪتب اچي ٿو.”
هن جادوئي ترقيءَ مان جڏهن بي حساب سک آهن ته ڪجهه پريشانيون به متوقع آهن. نئين صديءَ جي ڪرشمن جو بنياد سائنسي علمن جي ترقيءَ تي آهي پر چوندا آهن ته هر شيءِ جي گهڻائي نقصانڪار به ٿي سگهي ٿي. جيستائين ان کي ضابطي ۾ نه رکيو وڃي.
هلندڙ صدي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي صدي آهي، جنهن ۾ انسان ذات، جهالت، غريبي، براين ۽ بک جي خلاف جڏهن سينو سپر ڪري بيٺو آهي. تڏهن هن اهڙا بم به برپا ڪيا آهن جيڪي انسان ذات کي مڪمل طور ختم ڪري سگهن ٿا. سپر پاور ٿيڻ جو جنون هر ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي ۽ هر ملڪ پنهنجي عوام جي ڀلائيءَ جي ڪمن تي رکيل بجيٽ کان به گهڻي وڌيڪ بجيٽ ائٽمي توانائيءَ تي صرف ٿو ڪري. انهيءَ ڪري انسان ذات جي اڪثريت، مالي، جسماني ۽ ذهني طور ڏکين حالتن مان لنگهي رهي آهي. هر ملڪ پنهنجي ائٽمي طاقت کي وڌائڻ جي شوق ۾ ملڪي اندروني حالتن کان منهن موڙي اڳيان وڌڻ ۾ رڌل آهي.
هيءَ نفسانفسي، هي اقتدار ۽ ترقيءَ جي ڊوڙ بيشڪ وقت جي ضرورت آهي. ليڪن هن صديءَ ۾ سائنسي ترقيءَ سان گڏ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ سڌاري لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن جن ۾ انساني بنيادي حقن کي اهميت ڏيڻ تمام ضروري آهي. اسين پُر اميد آهيون ته ايندڙ وقت يقيناً انهيءَ کان به وڌيڪ ڪامياب و ڪامران هوندو، جنهن ۾ نئون نسل سماج جي بيهڪ ۾ پيدا ٿيل افراتفري، گهٽ ٻوسٽ ۽ ڏاڍائيءَ خلاف پوريءَ دنيا کي ندا ڏيندو. مواصلاتي ذريعن جي ترقيءَ سبب اڄ پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٿيندڙ ظلم کي بين الاقوامي ميڊيا جي معرفت پڌرو ڪيو وڃي ٿو. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيل بي انصافيون ۽ ظلم وائکا ٿي رهيا آهن ۽ مٿن احتجاج ٿي رهيو آهي. ظالم کي شرمنده ۽ نادم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. مظلومن جي واهر ڪندي. ظالمن جي لاءِ سزائون پيون تجويز ڪيون وڃن. ميڊيا جي خوف ۽ دٻاءُ سبب هاڻي ظلمن کي لڪائڻ محال آهي. هاڻي عام ۽ بي پهچ ماڻهو به مختلف تنظيمن جي معرفت انٽرنيشنل امن جي ادارن تائين پهچ رکن ٿا. انهيءَ جديد طريقي سان هيڻي کي همت ملي آهي.
ويهين صديءَ انسان کي خوشحالي، سڪون ۽ ڄاڻ سان گڏ صحت ڏيئي مهلڪ مرضن مان نجات ڏني. هن صديءَ تاريخ ۾ ترقي يافته دؤر جي حيثيت سان سڏائڻ جي لائق آهي، جنهن ٽيليفون، ٽيلي ويزن، وائر ليس، ڪمپيوٽر، فيڪس ۽ ٻيون انيڪ سائنسي ايجادون ڏيئي ثابت ڪيو آهي ته هيءُ جدوجهد ۽ ترقيءَ جو دؤر هو.
هاڻي هلندڙ ايڪيهين صدي نوان رستا روشن ڪندي ۽ ايندڙ وقت انهيءَ کان به گهڻيون خوشيون و خوشحاليون کڻي ايندو ۽ نئون نسل نوان سفر طئي ڪري پنهنجن سپنن جي ساڀيان پائيندو. ايڪويهين صديءَ جي اهم تقاضا اها آهي ته اسان جا ترقيءَ ڏي وڌندڙ قدم انساني اخلاقي قدرن جي معيار مطابق هجن جنهن ۾ سڀ کان گهڻو ڀلو انسان ذات جي سکن، سهنجن ۽ حقن جي حفاظت جو هئڻ گهرجي، ائين نه ٿئي ته هن برقي سائنسي ترقيءَ ۾ اسان وقتي سُک ته حاصل ڪيون پر ماڻهپي جي معيار تان ڪري وڃون، تعليم، صحت ۽ انساني حقن جي حفاظت قدرتي وسيلن جي حفاظت ۽ بين الاقوامي ڀائيچارو ايندڙ وقت جي تقاضا آهي.

سَنگُ تاري، ڪُسنگ ٻوڙي

هيءُ هڪ مشهور پهاڪو آهي ته “سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي” معنيٰ ته چڱيءَ صحبت ۾ فائدو ۽ بريءَ صحبت مان نقصان حاصل ٿئي ٿو.
هن وِشال جيون کي گهارڻ ۾ ماڻهوءَ تي ڪئين لاهيون چاڙهيون اچن ٿيون. هو نئن به هن حيوان ناطق يعني انسان کي پنهنجي دل جو حال اورڻ لاءِ ڪنهن پر خلوص، وفادار ۽ همدرد ساٿيءَ جي ضرورت رهي ٿي، جنهن جي ڪلهي تي مٿو رکي هو پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ۽ ڏک سک اوري سگهي. انساني فطرت مطابق، سندس مٽي محبت جي جذبي مان ڳوهيل آهي ان ڪري هو چاهي ٿو ته ساڻس محبت ڪئي وڃي ۽ هو پاڻ به ڪنهن سان محبت ڪري. دوستيءَ جو رشتو انهيءَ محبت جو هڪ روپ آهي، هر ماڻهو پنهنجي ڪنهن هم مزاج، هم خيال ۽ هم ڪردار سان دوستي ڪندو آهي، دوستي پائيدار به تڏهن ٿيندي آهي جڏهن منجهس هم خيالي ۽ وفاداري مشروط هجي. هي هڪ روحاني رشتو آهي جيڪو دنيا جي وجود ۾ اچڻ سان ئي قائم ٿيو آهي. گهڻن سان دوستي دوستي نه آهي بلڪه ميل ميلاپ ۽ خوش مزاجيءَ جو هڪ حصو آهي، ماڻهو ماڻهوءَ جو کاڄ آهي انهيءَ ڪري ميل ميلاپ ۽ اچ وڃون ته قائم هونديون آهن پر دوستي فقط ڪجهه خاص شخصن سان ئي هوندي آهي.
شاهه ڀٽائيءَ، دوستيءَ جي معيار کي هن ريت واضح ڪيو آهي، فرمائين ٿا ته:
دِلِ جو دِلبَرُ هيڪڙو، گهڻا تان نه ڪِجَنِ،
دِلِ ڀي ڏِجي هِڪَ کي، توڙي سَوَ سِڪَنِ،
سي چِلوِلا چئجن، جي دَرَ دَرَ لائين دوسِتي.
(3-7، بروو سنڌي)
هاڻي ڏسجي ته دوستيءَ جو معيار ڇا آهي؟ ڪهڙيءَ ريت سنگ تاري ٿو ۽ ڪسنگ ٻوڙي ٿو؟ سٺو سنگتي ڪير ٿو سڏائي؟ سنڌي ٻوليءَ ۾ سنگت يا دوستيءَ جي باري ۾ ڏاهن ۽ سياڻن ڪافي چوڻيون ۽ پهاڪا تمام ڪارائتا بيان ڪيا آهن. جن مان اندازو ٿئي ٿو ۽ رهنمائي ٿئي ٿي ته ڪهڙن سان سنگت رکڻ گهرجي؟ اها به حقيقت آهي ته سنگت جو اثر ماڻهوءَ تي تمام گهڻو ٿيندو آهي. چوندا آهن ته “گدري کي ڏسي گدرو رنگ پڪڙيندو آهي”. يا “جهڙو سنگ تهڙو رنگ”، وانگر چڱي يا بري دوستيءَ جا اثر ماڻهوءَ تي ضرور ٿيندا آهن.
سٺو ۽ شانائتو دوست، اهو آهي جيڪو پنهنجي جيس مان هجي، يعني صحبت ڪجي، پنهنجي جيس سان دوستي گهڻو ڪري هم عمري، هم مزاجي، هم اخلاقي ته هوندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ماڻهو دوکو به کائي وڃي ٿو. انهيءَ لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ماڻهو جي من جي ۽ ڪاٺيءَ جي اندر جي خاوند کي خبر بعض اوقات ماڻهن تي ايڏا ته بصر جي کلن وانگر تهه چڙهيل هوندا آهن جو کوٽي ۽ کري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهندي اهي. شاهه سائين اهڙن لاءِ فرمائي ٿو ته:
صورت گهڻو سهڻا، ٽاڻا سندن ٽوهه،
ريلو ڏيئي روح، جو کائي سو کامي مري.

ڪڏهن ڪڏهن سنگت جي ساٿ کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ ماڻهو مصلحتاً برائيءَ تي دوستن کي ڪجهه نه چوندا آهن. کڻي جو هو ساڻن برين عادتن ۾ شامل نه به هجن پر ظاهر آهي ماڻهو پنهنجي ساٿ ۽ سنگت سان ئي سڃاتو ويندو آهي ۽ “هيريي جي هير ته ٽنگ ڀڳي به نه لهندي” آهي بيشڪ کڻي چئجي ته “يار جي ياريءَ سان ڪم سندس فعلن سان ڪهڙو ڪم” پر ائين نه آهي. ڪسنگتيءَ جو هر فعل نقصانڪار ئي هوندو آهي ۽ ڪُسنگتين جي سنگت هميشه ٻوڙيندي آهي.
ڄَٽُ سندي دوستي، ڪَکَنِ سندي باهه،
اول ڪري سوجهرو، پوءِ ڪري اوندهه.

نادان، نه سمجهندڙ ۽ هوڏي دوست کان ته دانا دشمن ڀلو، جنهن جي دشمنيءَ ۾ پڻ ڪارائتي تنبيهه ۽ سندس عقل ۽ سمجهه سبب ڪي لاڀ ملي ٿو. هن بيت موجب ته:
بيوقوفُ بازار ۾ دوست نه کڻج ساڻ،
پهرين ڪُٽائي پاڻ، پوءِ لهي سار سنگت جي.

سو ڪوڙو، بيوقوف ۽ نادان دوست ته انهي سج وانگر آهي، جيڪو اڀرندي نه تانءُ ڪندو سو لهندي ڪهڙي ڪندو. اهڙي مان ڪڏهن به هڙ حاصل ناهي ٿيندو. بهتر آهي ته کانئس پاسو ڪجي.
هيءَ زندگي هڪ سج ٻه پاڇا آهي، ماڻهو ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ وقت سدائين ساڳيو نه آهي، دوست اهو جيڪو مهل ملهائي، چوندا آهن ڪم پوي ته ڪل پوي بي وفا دوست جو مثال ائين آهي جيئن ڍنڍ جو پکي ڪڏهن هن ڪپ تي ڪڏهن هن ڪپ تي شاهه ڪريم سچن ۽ ڪوڙن دوستن جي فرق کي هن ريت بيان ڪيو آهي.
ورسا سُڃي ويڙهه، جنهن ۾ سڄڻ هيڪڙو،
سو ماڳ ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪُماڙ هئين.

سنگتي معنيٰ ساهه ڏيڻ وارو هي اعتبار جو هڪ عظيم رشتو آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اڄڪلهه عام طور ماڻهو جلدي هڪٻئي مان تنگ ٿي ٿا وڃن. جنهن جو وڏو سبب ماده پرستيءَ جو وڌندڙ رجحان آهي. نوان محبتي مليا ته پراڻا قرب وارا هڪدم دل تان لهي ويا، سو “اکين لڳا لونگ جعفر ويا وسري” ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي اسان ڪنهن تي اعتبار ڪري کيس مان ڏيئي مٿانهون ڪندا آهيون، اهو ئي اسان جي رستي جي رڪاوٽ بنبو آهي، تڏهن ڏک ٿيندو آهي ته اهڙي بي وڙي انسان سان وڙ ڇو ڪيوسين. مٿس اثر ئي ڪونه ٿيو. هو احسانمند ٿيڻ جي بجاءِ الٽو گلي پئجي ويو. اهو ائين ٿيو ڄڻ “چڱائيءَ کي چار ڳڻي هڻجن موچڙا”.
اهڙو فقط اهڙين حالتن ۾ ٿيندو آهي جڏهن هڪ دوست ڪنهن اعليٰ مقام تي پهچي وري اقتدار تان لهي ويندو آهي ۽ کانئس ننڍيءَ حيثيت وارا دوست ڪم لٿي کانپوءِ کيس سڃاڻندا به ڪونهي. ان ڪري ئي سياڻن جو چوڻ آهي ته دوستي اهڙو رشتو آهي، “جيڪو لڳي ته لک ٽٽي ته ٽڪو نه لهي”.

فتنو قتل کان وڌيڪ هاڃيڪار آهي

وَڳر ڪيو وتن پِرت نه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،
پَسو پَکِيئڙن، ماڻهنئان ميٺُ گهڻو.

(4-5، ڏهر)
ڪيترو نه پر معنيٰ ۽ مقصدي بيت آهي؟ آفاقي محبت جي هن مثالي بيت مان اسان کي سبق سکڻ کپي.
فتنو، نفاق، اتفاق ۽ اتحاد جا ضد آهن. نفاق هڪ شيطاني ۽ تباهه ڪن قوت آهي ۽ شيطان انسان جو ازل کان دشمن آهي. نفاق جي معنيٰ ڦوٽ، انتشار ۽ نفاق جو انجام قتل ۽ غارت گيري، جا هڪ فرد کان شروع ٿي قبيلن ۽ قومن جي تباهيءَ تي ختم ٿئي ٿي. هڪ شخص جو قتل يعني انساني جان کي، مارڻ هڪ وڏو گناهه آهي ۽ جيڪڏهن مقتول بي گناهه هوندو آهي ته ٻيڻو گناهه ٿئي ٿو، پر فتنو ۽ نفاق ته قومن ۽ قبيلن کي ٿا ختم ڪن. تڏهن اهو چيو وڃي ٿو ته فتنو قتل کان وڌيڪ هاڃيڪار آهي.” فتني ۾ ڪيترائي اخلاقي اَوَگُڻ اچي وڃن ٿا. خاص طور ڪوڙ، گلا، غيبت، جيڪي هر فساد جي جڙ آهن. هڪ شخص جيڪا ڳالهه يا واقعو هجي ئي نه ۽ ان کي ڪوڙو ٺاهي وڌائي ۽ غيبتون ڪري وڳوڙ ۽ فساد پکيڙي، مذهب کي فرقن ۾ منجهائي ته انهيءَ سان گهر، قبيلا، قومون ۽ ملڪ ناس ته بلڪل ٿيندا. فسادي انسان ئي فتني ۽ نفاق جا باني آهن.
مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي. ايمان جي تقاضا موجب هر مسلمان ٻئي مسلمان جو خيال رکي ۽ دين اسلام جي تعليم تي عمل ڪري ڌڻي سڳورو فرمائي ٿو ته “جيڪڏهن توهان ۾ نفاق پيدا ٿئي ته پاڻ ۾ وڙهڻ جي بجاءِ خدا پاڪ ڏانهن رجوع ڪريو ته جيئن توهان ۾ اتحاد پيدا ٿئي”.
اتفاق، پيار ۽ محبت، آفاقي ۽ انسانيت جا امين جذبا آهن. جن سان عداوتون ختم ٿي، مظلوم ۽ مصيبت زده قومون غلاميءَ مان آزاد ٿين ٿيون، فتح ۽ ڪامراني سندن قدم چمي ٿي. اهو جذبو ڪائناتي مثالن مان سمجهائڻ لاءِ ڀٽ ڌڻيءَ تلقين ڪئي آهي ته پکين جي محبت مان سبق سکو، ولر ڪري به گڏجي ٿا هلن. آسمان جي بلندين ۾ حملا ڪري هڪٻئي کي نٿا ڪيرائين، بلڪه محبت جا پيامبر ٿي ٽولا ٽولا ٿي گڏجي پيار سان ٿا هلن. آدم جي اولاد کي هن مثالي محبت مان سکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هو لالچ ۽ هٻچ جي ڦندي ۾ ڦاسي پنهنجي ئي ڀاءُ کي ڦرڻ، دٻائڻ ۽ هيسائڻ کان نٿو مڙي. پر کيس قتل ڪندي به سندس دل ۾ رتيءَ جيترو رحم ڪونهي. هو فتنن ۽ فسادن سان قومن کي قبيلائي جنگين ۾ وجهي فنا ڪندو ٿو اچي. اهو فقط ان ڪري جو انسان اخلاقي قدرن کان ڪري هيٺ پاتال ۾ اچي ويو آهي. جيڪي به اخلاقي گڻ جن جي مذهب تاڪيد ڪئي آهي، انهيءَ تي جيڪڏهن مؤمن ٿي عمل ڪيو وڃي ته هن دنيا مان فتني ۽ فساد جي پاڙ پٽجي ويندي.
منافق پوريءَ انسانيت لاءِ هاڃيڪار ٿئي ٿو، نااتفاقيءَ سبب ماڻهو نه فقط هڪٻئي جو ماس پٽين ٿا پر زر زن ۽ زمين جي جهيڙن تي قبيلن جا قبيلا رت جون نديون ٿا وهائين. صرف نفساني هَوَسَ ماڻهوءَ کي جهالت جي ڪارن ڪوٽن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي ۽ اخلاقيات جا سڀ سبق ميٽجي ويا آهن. گهرن، پاڙن، ملڪن ۽ قومن مان ٻڌي نڪري وئي آهي.
منافق جي وڏي خامي آهي ته هو ٻڌل ٻڌايل ڳالهه کي بغير تصديق جي وڌائيندو آهي. اهڙيءَ ريت ٻڌل ٻڌايل ڳالهيون وڌي ويجهي جڏهن وڻ ٿي وينديون آهن، تڏهن ماڻهو پنهنجي مزاج مطابق ملاوٽ ڪري تباهيون آڻيندا آهن.
اتفاق، ٻڌي ۽ اتحاد مختصر هوندي به پُر معنيٰ، جامع ۽ مڪمل لفظ آهن. چوندا آهن ٻه ته ٻارهن يا ٻڌي ۾ طاقت آهي، جيڪڏهن مسلمانن ۾ ٻڌي هوندي ته هو گڏجي گذاريندا ۽ مسلمان ملڪ به پاڻ ۾ محبت سان هلندا جنهن سان دنيا ۾ اسلام کي تقويت ملندي. پيار، همدردي، اتفاق ۽ اتحاد جا گل آهن ۽ نفاق انهن گلن کي ڇاڻي ٿو ڇڏي. اتفاق اوندهه ۾ سوجهرو، هيڻن جو سهارو ۽ بي وسيلن جو آسرو آهي. جو قومن جو مان هئڻ سان گڏ قومن مان بزدلي، بي حيائي، بي غيرتي، بداخلاقي ۽ غلاميءَ کي ختم ٿو ڪري ۽ نفاق ۽ فتنو قتل ۽ غارت گيريءَ جو عنوان ۽ هاڃيڪار آهي.

وٺو ته ٿر، نه ته آهي بر / وسڪارو

بَرَ وَٺا ٿَرَ وَٺا، وَٺو جَيسرُ مِيرُ،
آگَمَ ڪري آئيُون، پائر ڀري پيرَ،
لاٿائون لطيف چئي، وانڍين مٿان وِيرَ،
سَرها ڪَيائون سيرَ، سَرهَيَون سنگهارِيون ٿيون.

(1-27، سارنگ)
جڏهن ڌڻي سڳورو ٿر جي تتل واريءَ تي مينهن وسائي، پنهنجي رحمت جي ڪڪر سان هن ٽڪري کي گل و گلزار ڪندو آهي تڏهن ته ريگستانن جي رونق حيران ڪن هوندي آهي. ريگستاني علائقن جي خوشحاليءَ جو دارومدار مينهن جي نعمت تي آهي. مينهن مهل هتي ماڻهو ته ماڻهو پر جيت جڻ ۽ مال به مست هوندا آهن. ٿڌيءَ هوا ۽ ساوڪ جي سونهن ايتري ته دلپذير هجي ٿي، جو انساني فطرت هن حسن تي حيران آهي. انهيءَ ڪري عام طور چوڻي آهي ته “وٺو ته ٿر نه ته آهي بر”
ٿر وسڻ وڏي نعمت انهيءَ ڪري آهي جو، هن ريگستان ۾ پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي جو تمام گهڻو قدر آهي. پلر جي پالوٽ لاءِ سڪندڙ ٿري دراصل باراني علائقن ۾ تمام مشڪل حالتن ۾ ويندا آهن. ٿر ۾ سندن گذران بارشن جي پاڻيءَ تي هوندو آهي. ٿر ۾ مينهن پوڻ سان نڪي مڇرن جو آزار ٿئي نه ئي روڊ رستا خراب ٿين، نه ئي گٽر اٿلن ۽ نه ئي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ مشينون لڳن. بلڪه ٿر مينهن جو جهلو آهي. ڏڪار جا ماريل ٿري، لڪ لوساٽيل، ڏکايل، بکايل ڪيترائي هٿ جا پورهيا ڪري حلال رزق ڪمائيندا آهن. کين اجرت به شهرن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ ملندي آهي پر وري به وطن جي مٽيءَ جي محبت جا ماريل ٿر ڇڏڻ لاءِ راضي ڪونه هوندا آهن. جڏهن ڏڪار سبب سڄو علائقو بيابان جو ڏيک ڏيندو آهي. مال مرڻ ۽ فصل سڪي وڃڻ سبب ماڻهو مفلس ۽ بي حال ٿي ويندا آهن. تڏهن وڏيءَ مشڪل سان هو پنهنجي وطن کي ڇڏي باراني علائقي ڏانهن ڪمائڻ ويندا آهن.
ٿر باراني علائقن کان پري، ايراضي ۾ پکيڙ جي لحاظ کان هڪ وڏو علائقو آهي. هن علائقي ۾ ڳوٺ هڪٻئي کان گهڻي مفاصلي تي آهن. آمدورفت جي مشڪلاتن سان گڏ مالي مشڪلاتن ۾ به هي علائقو گهيريل هوندو آهي. ٿرين جو گذران زميني پوک ۽ مال جي پيدائش تي هوندو آهي ۽ ڏڪار جي ڪري اها پيدائش به بند ٿي ويندي آهي ۽ مال مرڻ لڳندو آهي ۽ هو وسڪاري ۾ آسمان ۾ اکيون وجهي ابر آسري هوندا آهن. جڏهن ٿر جي تپندڙ واريءَ تي رب پاڪ جي رحمت وسندي آهي ته ڄڻ ملڪ ڪشمير ٿي ويندو آهي. ٿرين جا منهن مرڪڻ ۽ ذخيره اندوزن جا مهانڊا جهڪا ٿيڻ لڳندا آهن. اهڙن موذين لاءِ شاهه سائين فرمائي ٿو.
حُڪم ٿيو بادَلَ کي، ته سارنگ ساٺَ ڪَجنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آيون، ٽَهه ٽَهه مِينهن ٽِمنِ،
جن مَهانگي لَهي ٿي ميڙيو، سي ٿا هَٿَ هَڻَنِ،
پَنجَنِ منجهان پندرهن ٿيا، ايئن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪاريا ڏيهنِ مان، شل مُوذي سَڀُ مَرَنِ.

سنڌ جي ٿر، اڇڙي ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهتان جي مارو ماڻهن جو سڄو دارومدار برسات جي پاڻيءَ تي آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ٿر ڏڪار جي لپيٽ ۾ آهي، ڏڪار کي ٽارڻ ۽ مينهن پوڻ لاءِ ٿري “مينهن ميلو” پڻ ملهائيندا آهن. جنهن ۾ لنگر نياز ڪيو ويندو آهي. جنهن کي “مينهن ماني”، ڪوٺيندا آهن. برسات لاءِ گڏيل دعائن جو سلسلو پڻ ٿيندو آهي. مسلمان برسات لاءِ “نماز استسقا” جي نالي تي ٻه رڪعتون نفل نماز پڙهي دعا گهرندا آهن ته هندو مذهب جا ماڻهو پنهنجي حساب سان جنتر منتر پڙهندا آهن. برسات پوڻ بعد پنهنجا هر ڪاهي ٻنيو ن کيڙي خوشيءَ وچان همرچا، ۽ ٻيا لوڪ گيت ڳائي دل وندرائن ٿا. برسات لاڳيتو ۽ گهڻي پوڻ سان ٿر ۾ ڪو به نقصان نه ٿيندو آهي، پر اهو ضرور ٿيندو آهي ته سيءُ وڌي ويندو آهي ۽ اُسا نگري نه ٿيڻ ڪري چوپايو مال، بُک مرڻ لڳندو آهي. تڏهن ٻانگون ڏيئي برسات بند ٿيڻ جون دعائون گهريون وينديون آهن، گيهه، تيل، ۽ گاسليٽ ماپڻ واريون ٽپريون پاڻيءَ سان ڀري زمين تي هاريندا آهن. ان جو مطلب ته هاڻي برسات مان ڍاپجي ويا آهيون، سو اها بند ٿيڻ گهرجي.
برسات پوڻ جي اڳڪٿي موسميات کاتي جيان خود ٿري به سهڻي نموني ڪندا آهن. کين خبر پئجي ويندي آهي ته مينهن ڪهڙي پاسي کان پيو اچي ۽ هلڪو پوندو يا جهجهو. هو مينهن کي ماپڻ جا ماهر آهن جو سندن اکيون مينهن لاءِ ئي آسائتيون هجن ٿيون.
هيلوڪي سال وسڪاري خوب ملهايو آهي، ملير جي مهڪ سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي وئي آهي. هن 2017 جي وسڪاري کي “ٻائي لُڏڻ” وارو وسڪارو چون ٿا. هي وسڪارو لڳ ڀڳ 25 سالن کان پوءِ ٿيو آهي. ٿر جون باهه جهڙيون تتل ڀٽون ساوڪ ۾ لڪي ويون آهن، سڄو ٿر سرهو ٿي ويو آهي، پوريءَ سنڌ مان انيڪ ماڻهو ٿر گهمڻ ويا آهن. هيڪاري سوشل ميڊيا ۽ موبائلن جي فوٽوگرافيءَ ۽ سيفلين ته مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڪارونجهر، ڀالوا، ڏيپلو ۽ ٻين هنڌن جي اهڙي ته سونهن ظاهر ڪئي آهي جا ڄڻ ته خود ٿر جي رهواسين کان به اوجهل هُئي.
شاهه چواڻي ته:
اڄ پُڻ اُتر پار ڏي تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنڀايا، سرها ٿيا سنگهار،
اڄ پڻ منهنجي يارَ، وسڻ جا ويسَ ڪيا.

ان ڪري اها چوڻي مشهور آهي ته: “وٺو ته ٿر، نه ته آهي بر”

ليکڪا جي ڇپيل ڪتابن جو تعارف: ادارو

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپاڪر جي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ 1958ع ۾ جنم ورتو، سندس والد سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي نوڪريءَ سانگي رهيو، ان ڪري سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي، مٺي، ٺٽي، ماتلي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي. 1973ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ 1975ع ۾ انٽر ميڊيئٽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ استاد طور سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر رهي پرجلد ئي نوڪريءَ کي خير باد چئي انگريزي ادب ۾ 1983ع ۾ ايم اي ڪيائين ۽ 1988ع ۾ ايم اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري 1991ع کان ليڪچر طور ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص-ايم بي اينڊ جي ايف گرلز ڪاليج حيدرآباد، کان پوءِ موجوده وقت نذرٿ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور درس و تدريس جا فرض سر انجام ڏيئي رهي آهي. 2012ع ۾ “ليکڪائن جو حصو: تحقيقي اڀياس، 1985ع تائين”، آهي جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي ليکڪائن جي نثري ڪم کي فوڪس ڪيو ويو آهي، ادبي زندگيءَ ۾ سندن پهريون افسانو “چري” جي عنوان سان ۽ ٻيو “ماءُ جو دلاسو” (خليل جبران جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو)1980ع ۾ شايع ٿيا ۽ پوءِ مضمون پڻ لکيائين اهي چند مضمون ۽ ڪهاڻيون لکڻ کان پوءِ ترت ئي سندس لاڙو تحقيق جي ميدان ڏي مُڙي ويو. سندن لکيل ادب باقائدي ڇپجڻ شروع ٿيو. 2004ع کان سندس مڪمل ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا آهن جن ۾، (1) “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات”، روشني پبليڪيشن، 2004ع (2) “سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس”، هائرايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2008ع. ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن 2015ع (3) “اُٿي رائو ريل”، 2008ع. (4) “آديسين ادب آهي اکڙين ۾”، (لطيفيات)، 2007ع ۽ ٻيو ڇاپو 2009ع). (5) “سون ورنيون سوڍيون” (ڪهاڻيون)، ترتيب ۽ تحقيق، 2009ع. (6) “اخلاقي قدر” (ٻاراڻو ادب)، 2010ع. ٻيو ڇاپو 2016ع (7) “وکر سو وهاءِ”، (مضمون نويسي)، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2011ع شايع ڪيا آهن. ان کانسواءِ “سنڌي ادب تحققي ۽ تنقيدي مطالعو”، ائڊوانس پبليشر لاهور 2015ع ۽ عالم سڀ آباد ڪرين، (لطيف شناسي) 2016ع، پلئه پايو سچ 2016ع ۾ سندن ايندڙ ڪتابن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون نثري ادب ۾ خدمتون، “جي پارکو پارس جا” (لطيفيات)، “ماڻڪ موتي لعل” (مضمون ۽ مقالا)، “مفتي منجهه ويهار” (آتم ڪهاڻي) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، ليکڪا جا سوين مضمون ۽ مقالا روزاني اخبارن، ماهوار مخزنن ۽ ريسرچ جرنلس ۾ ڇپيا آهن. جيئن روزاني عبرت، سوڀ، ڪاوش، سنگت سروپا، نئين زندگي، سوجهرو، ادبي تحقيق، سنڌي ٻولي، ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون ۽ ٻيا مخزن آهن. سنڌي ادبي سنگت ۽ ناري سنگت طرفان عورتن بابت تحقيقي ڪم ڪرڻ تي کين ايوارڊ ڏنو ويو سندن ڪتابن کي ايڇ اي سي تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ ڪيش ايوارڊ ڏنا آهن ته، “اٿي رائو ريل”، کي سنڌي ادبي سنگت پاران 2008ع جي بهترين تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي ۽ “اخلاقي قدر” ڪتاب کي نيشنل بڪ فائونڊيشن پاران ٻاراڻي ادب جي ڪتاب طور مئرٽ سرٽيفيڪيٽ مليل آهي. ڊاڪٽر پروين موجوده وقت پڻ پنهنجي تدريسي ۽ گهرو جوابدارين جي باوجود مختلف سيمينارن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ مختلف تحقيقي ۽ تنقيدي ليک لکندڙ آهي، جيڪي وقت به وقت شايع ٿي رهيا آهن سندن ڪتابن جو مختصر احوال هيٺين ريت آهي.
1- سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات: ڪتاب روشني پبليڪيشن 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي، ليکڪا جو هيءَ پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي شاگرد طبقي مان گهڻي پذيرائي ملي خاص طور مقابلي جي امتحانن لاءِ تيار ڪيل هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ ادبي دور جي ارتقائي جائزي سان گڏ مشهور شاعرن جيئن قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي شاعريءَ تي روشني وڌي ويئي آهي، ته ٻئي حصي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي احوال سان گڏ نثر ۽ نظم جي مشهور صنفن تي روشني وڌل آهي. مشهور نثر نويسن جي احوال سان گڏ سنڌي مضمون نويسيءَ ۽ صحافتي ترقيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي. ٽيون حصو لطيفي مضمونن ۽ گرامر تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ، “اکر منجهه الف” جي عنوان سان سندن وڏي ڀاءُ ۽ نامياري ليکڪ سنڌ حڪومت جي سابق سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفتاب احمد ميمڻ لکيو آهي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي راءِ ڏنل آهي، 272 صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب ليکڪا پنهنجي والد مرحوم محمد موسيٰ ميمڻ جي نالي ڪيو آهي ۽ سندن ئي نالي تي هن پبليڪيشن جو ادارو محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي پڻ قائم ڪيو آهي ۽ انهيءَ اداري مان هيستائين سندن چار ڪتاب شايع ٿيا آهن.
2- سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس: ڪتاب جي مسودي کي “هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد”2005ع ۾ مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم طور منظور ڪيو ۽ 2008ع ۾ ايڇ اي سي هي ڪتاب اسلام آباد مان ايڇ اي سي جي پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جون 500 ڪاپيون پهرين ڇاپي ۾ شايع ٿيون جيڪي اداري پاران پاڪستان جي مختلف تعليمي ادارن ۽ لائبريرين کي موڪليون ويون ۽ 100 ڪتاب ليکڪا کي اعزازي ڪاپين طور ڏنا ويا ۽ سهڻي ڪاغذ ۽ ٽائيٽل سان شايع ٿيل هن ڪتاب جو ISBN 969-417-104-0 آهي. ليکڪا هيءُ ڪتاب پنهنجي والده غلام فاطمه کي ارپيو آهي. سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس ۾ مروج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهن.
سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس ڪتاب نثر جي اهم صنفن جيئن مضمون، مقالا، سفر ناما، ناول، افسانا ۽ ڊرامن جي ڄاڻ ڏنل آهي. 404 صفحن جي هن ڪتاب ۾ نثر جي هر صنف تي تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دعائيه ڪلمات لکيا آهن جن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته، “سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ ليکڪا مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي”. مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ۽ هن ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ قرار ڏنو آهي، جو هائر ڪلاسن جي شاگردن کان سواءِ علم ادب جي عام مطالعي ۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ ان لاءِ گهربل مواد جون گهر جون مهيا ڪري ٿو. ڪتاب جي سائيز 30x20/8 آهي ۽ انٽرنيٽ تي ايڇ اي سي جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هيل تائين اهو فقط ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۽ ٻين اهم لائبريرين ۾ موجود هو جتان شاگرد طبقو مستفيض ٿي رهيو آهي. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو تازو هيڪ جي اجازت سان 2015ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو شايع ڪيو آهي.
3- آديسين ادب آهي اکڙين ۾: ڪتاب لطيف شناسيءَ تي ميمڻ پروين موسيٰ جو ترتيب ۽ تحقيق طور تيار ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب 2008ع ۾ پهريون ڇاپو ۽ 2009ع ۾ ٻيو ڇاپو، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي طرفان ڇپيو آهي، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 150 صفحا آهن ۽ 150 رپيا قيمت آهي، بلو رنگ جي ٽائيٽل سان شاهه صاحب جي روضي جو عڪس ڏنل آهي ۽ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪا جي تصوير ۽ سندن تعارف موجود آهي، هن ڪتاب جو عنوان شاهه صاحب جي رسالي مان سُررامڪليءَ جي بيت مان ورتل آهي، پروين موسيٰ جي هن ڪتاب جو موضوع بلڪل منفرد ۽ نئون آهي، ان کان اڳ هن ڏس ۾ ڪوبه ڪم ٿيل نه هو انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب گهڻو ڪامياب ويو. هن ڪتاب ۾ ليکڪا شاهه صاحب جا اهي بيت داستانن ۽ سرن جي حوالي سميت پيش ڪيا آهن جن بيتن مان سنڌي ادب جي ڪتابن جا عنوان چونڊيل آهن جيئن مثال طور پڙاڏوسوئي سڏ (ناول) اندر جنين اڌ (سفر نامو) اهڙيءَ ريت شاهه صاحب جي بيتن مان چونڊيل بيتن تي مشتمل سنڌي ادب جي ڪتابن جي موضوع وار تفصيل ۽ گڏ اهي بيت ڏنل آهن، جن جو وچور ٽي سئو تائين آهي، جيڪي شاعري، ناٽڪن، ناولن، افسانوي مجموعن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ متفرقه موضوعن تي مشتمل آهن. ڪتاب جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر نورافروز خواجه طرفان ٻه اکر ۽ مهاڳ لکيل آهن. جن هن ڪتاب جي ڪاوش کي ڪارائتو ۽ علمي افاديت وارو قرار ڏنو آهي ۽ جنهن سان شاهه صاحب جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ ظاهر ٿيو آهي. خاص طور محمد ابراهيم جويو صاحب ڪتاب جي موضوع، مواد، ڪمپوزنگ ۽ بيتن تي لڳل اعرابن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، هن ڪتاب جي ارپنا انهن آديسين جي نالي آهي، جيڪي لطيفي فن ۽ فڪر جو ذوق ۽ شوق رکندڙ ۽ هن ڏِسَ ۾ راهون روشن ڪندڙ آهن. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾”، جو ٻيو ڇاپو 2009 جي آخر ۾ گري رنگ ۾ ڇپيو. جنهن ۾ پڻ شاهه صاحب جي روضي جو عڪس ڏنل آهي ۽ موجوده وقت اهو ڇاپو ختم ٿي چڪو آهي.
4- اٿي رائوريل (تنقيد ۽ تحقيق): پروين موسيٰ ميمڻ جو هي ڪتاب محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي پاران 2008ع ۾ شايع ٿيو پيلي رنگ جي ٽائيٽل سان هن ڪتاب جي پوئين ڪور تي ليکڪا جو تعارف ۽ تصوير موجود آهي. اٿي رائوريل، جو عنوان شاهه لطيف جي شاعريءَ مان سر سسئي آبري جي داستان 8 مان 13 نمبر بيت، “ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه چڪيائي چوٽئين”، جي بيت مان ورتل آهي. ڪتاب جا موضوع سنڌي ٻولي، ادب ترجما، تنقيد ۽ ليطيفيات آهن خاص طور سنڌي ادب جي اهم موضوعن جيئن سنڌي ٻولي، نثر جي اهميت، سنڌي نثر جون اهم صنفون ناول، ناٽڪ، افسانا، سفر ناما، سوانح نگاري، لطيفيات ترجما نگاري، ادب ۾ ترجمي جي اهميت، تنقيد جو عمل، نقاد جون جوابداريون، مضمون نويسي / مقالا نگاري ۽ ٻيا اهم موضوع شامل آهن، هيءُ ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو: (ٻولي، ادب، نثر ۽ نظم) ٻيو ڀاڱو (نثر جون اهم صنفون، تحقيقي جائزو) ٽيون ڀاڱو (ترجما، تنقيد ۽ لطيفيات) ڀاڱو چوٿون (سوانحي، علمي ۽ ادبي مضمون) آهن جن ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ شيخ اياز جي خدمتن تي روشني وڌل آهي، هن ڪتاب جي سروق جي اندرين صفحن تي ليکڪا جي ڪتابن تي عالمن ۽ اديبن جا رايا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر الانا، پروفيسر آفاق صديقي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ماهتاب محبوب، مظهر جميل، مظهر الحق صديقي، حميد سنڌي، ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ ٻين جا رايا آهن. هيءُ مختصر ڪتاب مواد ۾ گهاٽو ۽ لاڀائتو آهي، سنڌي ادبي سنگت پاران “اٿي رائو ريل”، کي 2008ع جي بهترين تنقيد ۽ تحقيق جي ڪتاب طور ايوارڊ ڏنو ويو.
5- سون ورنيون سوڍيون: جي ترتيب ۽ تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ آهي. هي ڪتاب محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، الرزاق پرنٽنگ ايجنسيءَ کان 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، 242 صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نانءُ خوبصورت تصوير جي هيٺان ليکڪا لکيو آهي ته، “ورسي وطن ڄائيون”، جهونجهارن جوانن جيان، ڌرتيءَ ماءُ کي رت جو ريج ڏيندڙ سنڌ جي عظيم نياڻيءَ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي نانءُ، “سون ورنيون سوڍيون” ڪتاب موضوع جي حوالي سان ڪهاڻين تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌي ليکڪائن جا (1932ع کان 2008ع) تائين جا افسانا شامل آهن، جيسي ڪڏواڻي، پوپٽي رامچند هيرا اننداڻي، سندري اتم چنداڻي، تارا مير چنداڻي، ايشوري جوتواڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽا شهاڻي، وينا شرنگي، ڪملا گوڪلاڻي، اندراشبنم، بيگم زينت عبدلله چنا، ثميره زرين، خيرالنساء جعفري، تنوير جوڻيجو، ماهتاب محبوب، فهميده حسين، نورالهديٰ شاهه، سحر امداد، تبسم ماهتاب قريشي ۽ ٻين جون ڪهاڻيون آهن، ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ “سنڌي ادب جي هڪ قابل استاد ۽ اديبه” جي عنوان سان لکيو آهي، ڊاڪٽر شمس الدين هن ڪتاب جي ڪهاڻين کي معياري چونڊ قرار ڏنو آهي ۽ ليکڪا موجب ته هنن ڪهاڻين ۾ سنڌي عورت جون سوچون، ويچار، عزم، ارادا، ننڍيون ننڍيون خواهشون، مانائتي جيون جيئڻ جا آدرش شامل آهن ته سنڌي قوم جي مزاج، تاريخ، تهذيب، معاشرت ۽ ماحول جي نمائندگي پڻ آهي، هن ڪتاب ۾ پروين موسيٰ طرفان، “ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون”، عنوان سان تحقيقي مقالو پڻ شامل آهي، جيڪو سندن پي ايڇ ڊي جي ڪم جي مطابق آهي، سندن انهيءَ تحقيقي ڪم جي حوالي سان ئي اهو ڪتاب ترتيب جي عمل ۾ آيو. ڪتاب جو ٽائيٽل اجرڪ جي ثقافتي رنگ سان آهي، جنهن ۾ سنڌ جي نقشي اندرانهن ڪهاڻيڪارائن جون تصويرون ۽ هيٺ سندن ڪتابن جا عڪس آهن. ڪتاب جو عنوان شاهه جي رسالي جي، سُر مومل راڻو جي داستان 3 مان ورتل آهي. عورت ڪهاڻيڪارائن جي ڪهاڻين جو سنڌ توڙي هند ۾ هيءُ پهريون مجموعو شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي خطن جي ليکڪائن جي نمائندگي ٿي آهي جو هند ۾ پڻ گهڻو پسند ڪيو ويو آهي.
6- وَکر سو وهاءِ: هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ طبعزاد مضمونن جو مجموعو 2011ع ۾ ڇپيو آهي. 4-149-969-978- ISBN هن ڪتاب جو نمبر آهي، “مونو گراف اينڊ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم مطابق 2006ع جي ائڊور ٽائيز تحت ليکڪا هيءُ مسودو ايڇ اي سي کي موڪليو جتان اهو ماهرن جي راءِ کان پوءِ مختلف مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ منظور ٿيو. پهرين ڇاپي جي اشاعت 500 ڪاپين جي ٿي آهي، ڪتاب جو پنو تمام سهڻو ۽ ٽائيٽل ديده زيب آهي جنهن ۾ لائبريريءَ جو ڏيک ڏنل آهي جيئن عنوان مطابق، وکر سو وهاءِ يعني علم پرائڻ جي تلقين آهي، هن ڪتاب ۾ علم جي افاديت تي سترنهن مضمون آهن ۽ عنوان شاهه صاحب جي سر سريراڳ جي داستان 3 ۽ بيت نمبر 2 “وَکر سو وِهاءِ”، جو پئي پُراڻو نه ٿئي”، مان ورتل آهي، ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي گهر ڀاتين ورانور خان پٽن يا سررضا، محمد مجتبيٰ ۽ نياڻيءَ ڊاڪٽر ثمر ۽ ڏوهٽن محمد مير ۽ محمد وليءَ جي نالي آهي”.
مضمونن جي هن ڪتاب جو مهاڳ مهتاب اڪبر راشديءَ لکيو آهي، حميد سنڌي، مظهرالحق صديقي ۽ ڊاڪٽر ادل سومرو جا ليک ڪتاب جي باري ۾ شامل آهن ۽ شروع ۾ ليکڪا پاران مضمون نويسيءَ جي اهميت ۽ افاديت تي روشني وڌل آهي. وکر سو وهاءِ، ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو (تعليم) آهي جنهن ۾ 17 مضمون ۽ 4 موضوعن تي علمي بحث مباحثا آهن ۽ ٻيو ڀاڱو (ادب) آهي جنهن ۾ لوڪ ادب شاعري، نثر ۾ ليکڪائن جو حصو ۽ ٻيا موضوع آهن ٽيون ڀاڱو (لطيفيات) آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي بيتن جي سٽن تي مشتمل ڏهه مضمون آهن. جيئن، “ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا” يا “جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن” وغيره چوٿون ڀاڱون پهاڪن، چوڻين ۽ قولن تي مشتمل مضمونن جو آهي، جيئن “سچ ته بيٺو نچ” “صبر جن جو سير تيرنه گُسي تن جو”، ۽ ٻيا مضمون آهن. پنجون ڀاڱون سوانحي مضمونن جو آهي جنهن ۾ شاهه ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين شخصيتن تي مضمون آهن ۽ ڇهين ڀاڱي ۾ متفرقه موضوعن تي جيئن، “جيون گهارڻ جو فلسفو”، “محبت ۽ نفرت” ۽ ٻيا عنوان آهن مجموعي طور هيءُ مضمونن جو مجموعو 216 صفحن جو آهي، ڪتاب جي سائيز 30x20/8 آهي، ڪتاب جي آخر ۾ مروج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهي، “وکر سو وهاءِ” مضمون نويسيءَ جي موضوع تي موجوده دور ۾ هڪ بلڪل منفرد ۽ وڻندڙ مضمونن جو مجموعو آهي جو سنڌي ادب ۾ مضمونن جي ڪتابن جي اڻاٺ هئڻ سبب هڪ بهترين اضافو شمار ٿي رهيو آهي.
7- اخلاقي قدر (مضمونن جو گلدستو): ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ٻاراڻي ادب لاءِ مضمونن جو گلدستو آهي، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ طرفان 2010ع ۾ ڇاپيو ويو، 72 صفحن جي هن ڪتاب جو، ٽائيٽل اجرڪ جي ڦلڙين سان سجيل آهي. جڏهن ته ڪتاب تي ليکڪا جو فوٽو ۽ سندس اڳ ڇپيل ڇهن ڪتابن جا عڪس ڏنل آهن، هيءُ مختصر ڪتاب نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد، طرفان ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ ۽ فروغ لاءِ اخبار ۾ ڏنل هڪ اشتهار جي بنياد تي انعامي مقابلي لاءِ موڪليو ويو، جتان ليکڪا کي ميرٽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو، هن ڪتاب ۾ پيش لفظ ۽ ماهراڻي راءِ، ولي رام ولڀ ۽ يوسف سنڌيءَ طرفان لکيل آهي، جن اخلاقي قدر ڪتاب کي نه فقط شاگردن پر استادن ۽ والدين جي لاءِ به اهم قرار ڏنو آهي، هن ڪتاب ۾ جن موضوعن تي مختصر مضمون آهن جي هڪ طويل مضمون جو حصو آهن. انهن ۾ دوستي، حُسن اخلاق، سادگي، سچ، امن، اميد، علم، ڪتاب، روحانيت ۽ ٻيا موضوع آهن.
هيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي کوٽ جي پورائي ۾ مفيد ثابت ٿيو آهي. جنهن جو ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن شايع ڪيو آهي ۽ مهاڳ سليم چنا لکيو آهي.
8- سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو: تحقيقي اڀياس (1985ع تائين) پي ايڇ ڊي جو مقالو: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو مٿئين موضوع تي تحقيقي مقالو، 2012ع ۾ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو، پي ايڇ ڊي جي لاءِ منظور ڪيو آهي، جيڪو ڊاڪٽر نورافروز خواجه جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيو، هن تحقيق ۾ نو باب ڏنل آهن، آخر ۾ مڪمل تحقيقي نتيجا ببليو گرافي ۽ ضميمو موجود آهن، هيءُ ضخيم مقالو 475 صفحن تي مشتمل آهي، باب پهريون (الف) نثر آهي جنهن ۾ نثر جي وصف، قسم ۽ نثر جي ترقيءَ لاءِ گهربل خاصيتن تي بحث ڪيل آهي، باب پهريون جي (ب) ۾ نثر جي ابتدا ۽ اوسر مختلف تاريخي دورن جي حوالي سان سنڌي نثر جي ٿيل ترقي ۽ اوائلي نثر کان موجوده دور تائين آيل تبديليون ۽ ٿيل ترقيءَ جو جائز و شامل آهي، باب ٻيو سنڌي عورت جي سماجي حيثيت ۽ تعليم جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ عورتن جي سماجي حيثيت ۽ تعليمي پس منظر ۽ موجوده علمي صورتحال جو تحقيقي جائزو ڏنل آهي، هن تحقيق جو ٽيون باب 1947ع کان اڳ جي ليکڪائن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصو آهي، جنهن ۾ تعليم يافته عورتن جي ادب ۾ شموليت جي حوالي سان انهيءَ دور جي زناني تعليم جو تفصيلي جائزو ڏنل آهي، انهيءَ کان سواءِ 1947ع کان اڳ جي ليکڪائن جيئن سيتا ديوي، گلي سدار نگاڻي، چندرا آڏواڻي ۽ ٻين جي فن جي تحقيقي جائزي سان گڏ هن دور جي چند اهم ناولن جيئن، “سروجا”، “اتحاد”، “پريم جيون” ۽ ٻين ناولن جو تنقيدي اڀياس شامل آهي، چوٿون باب 1947ع کان پوءِ جي ليکڪائن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصي جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ اهم ناٽڪ، ناول، افسانوي مجموعا جائزي هيٺ آهن جن ۾ سيلاب زندگيءَ جو، پريت پراڻي، ريت نرالي، حياتي هوتن ريءَ، ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ، لهر لهر زندگي، ڪربلا، ۽ ٻيا ڪتاب اڀياس هيٺ آندا ويا آهن، سنڌ ۽ هند جي اهم ليکڪائن جي فن جي هن اڀياس ۾ پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽاشهاڻي، ماهتاب محبوب، نورالهديٰ شاهه، ۽ ٻين ڪيترين ليکڪائن جي ڪم جو تجزيو ڪيو ويو آهي، پنجون باب ٻين نثري صنفن ۾ عورتن جي مڪمل ڪم جي ڄاڻ ڏئي ٿو جنهن ۾ مضمون، مقالا، خط، سوانح عُمريون، آتم ڪهاڻيون، خاڪا، روزنامچا ۽ سفرناما شامل آهن. باب ڇهون نثر جي مٿين ڪم جي موضوعن ۽ مواد جي اڀياس تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سماج ۾ عورتن کي درپيش مسئلن جا موضوع، قومي مقصدن جا موضوع، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو موضوع، سماجي مسئلن جا ٻيا متفرقه موضوع شامل آهن، هن باب ۾ وقت سان آيل نثر ۾ موضوعن جي تبديلي ۽ مواد جي موضوع سان مطابقت تي پڻ بحث خاص طور ڪيو ويو آهي، باب ستون نثر ۾ ڪتب آندل ٻوليءَ جي معيار جو اڀياس آهي، هن باب ۾ نثر جو اسلوب بيان، لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي بيهڪ، علامتون، پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، نثر ۾ تجنيسِ حرفيءَ جو استعمال، نج سنڌي لفظن جي استعمال جي اهميت ۽ ٻين ٻولين جي غير ضروري لفظن کان بچاءُ، ٻولي بچاءُ هلچل ۽ خاص طور عورتن جي استعمال ڪيل نثر جي فصاحت، بلاغت ۽ سلاست کي پڻ پرکيو ويو آهي، باب اٺون فن ۽ فڪر جي عنوان سان اهم ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي حيثيت سان گڏ سندن فن جي فڪري ۽ تنقيدي اڀياس جي ڄاڻ ڏئي ٿو، هن باب جي شروع ۾ فن ۽ فڪر جي باهمي تعلق جي وضاحت ڪيل آهي، باب نائون موضوع تي لاڳاپيل شخصيتن جا رايا رٿون جي عنوان سان آهي جنهن ۾، تعليمي ماهر دادي ليليٰ وتي، حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نورافروز خواجه ۽ نور الهديٰ شاهه جا انٽرويوز آهن جن سان موضوع جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيل آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ تحقيقي مقالو پنهنجي موضوع جي حوالي سان منفرد آهي، هن موضوع تي هيل تائين ڪو به ذڪر جوڳو ڪم ٿيل نه هو. محققا ڪيترن سالن کان سنڌي نثر جي موضوع تي ڪم ڪندي محسوس ڪيو ته سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو ڪم وڏي انداز ۾ موجود آهي پر تحقيق عورتن جي ڪم کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ڪوبه اهڙو مڪمل ڪتاب نٿو ملي، جنهن ۾ ليکڪائن جي نثر جي ڪم تي ڪا روشني وڌل هجي، معنيٰ ته ليکڪائن جي نثري ادب ۾ خدمتن کي مؤرخن ۽ نقادن طرفان اهڙي ريت نه آندو ويو هو جهڙيءَ ريت آڻڻ گهربو هو. جڏهن ته سنڌي عورتون سنڌي نثر ۾ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ کان لکي رهيون آهن. انهيءَ ڪري هن تحقيقي مقالي ۾ تمام سهڻائيءَ سان سندن ڪم جو اڀياس ڏنل آهي، جنهن ۾ خاص طور 1985ع تائين جي ڇپيل ڪتابن جو احاطو ڪيو ويو آهي، هي مقالو ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهي.
9- سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ): ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو مٿئين عنوان وارو ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ طور شمار ٿئي ٿو. ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي ڀاءُ ڪموڊور اقبال احمد ميمڻ جي نانءُ آهي. 400 صفحن جي هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر ۽ نظم جي اهم موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي. جيئن ٻولي، ٻوليءَ جي قدامت ۽ لهجا، ٻولي بابت عالمن جا نظريا، سنڌي ادب جي ابتدا، لوڪ ادب، لوڪ شاعري جون چند اهم صنفون (سهرو، جمالو، لولي، مورو)، ادبي دؤور (عربن جي دور کان موجوده دور تائين) ڪلاسيڪل شاعر (قاضي قادن کان ساميءَ تائين) قديم سنڌي شاعريءَ جون صنفون (سورٺو، دوهو، بيت، وائي، ڪافي) جديد دور جا سنڌي شاعر (عبدالڪريم گدائي، ملاح، طالب الموليٰ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ ٻيا) جديد دور جون شاعري جون صنفون (غزل، نظم، آزاد نظم، هائيڪو، گيت)، جديد دور جا نثر نگار (ڀيرومل، مرزا صاحب، دائودپوٽو، نبي بخش، ڏيپلائي ۽ ٻيا) جديد نثري ادب (ناول، افسانو، ناٽڪ، سفر نامو)، (چند اهم افسانوي مجموعن جو جائزو (سفيد وحشي، پشو پاشا، بلو دادا، آبِ حيات، دل جي دنيا، چوٽيهون در ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن) ڊرامن جا ڪتاب تنقيدي جائزو (شهزادو بهرام، انڪوائري آفيسر، آخري رات، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۽ ٻيا، سفر ناما تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو) سفر يورپ جي ڊائري، سير ۽ سفر، منهنجو ساگر منهنجو ساحل، ڏوري ڏوري ڏيهه، سرهي سرهي سار) ان کان سواءِ چند اهم تحقيقي ڪتابن جو تنقيدي جائزو به هن ڪتاب ۾ شامل آهي. جيئن پيغام لطيف، مقدمهءِ لطيفي، شاهه لطيف جي شاعري، ڪتاب جي آخر ۾ ليکڪا جو تعارف ۽ سندس ڇپيل ڪتابن جو تفصيل ڏنل آهي. هي ڪتاب سهڻي ثقافتي ٽائيٽل ڪور سان لاهور پنجاب جي هڪ وڏي اشاعتي اداري ائڊاوانسڊ پبليشرز 2015ع جي نومبر ۾ شايع ڪيو آهي، هن ڪتاب تي وفا موليٰ بخش (عبرت) ثمينه ميمڻ (ڪاوش) ۾ پنهنجا ويچار لکيا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ۽ ماهين هيسباڻيءَ جا تاثر لکيل آهن، جي ايندڙ ڇاپي ۾ شايع ٿيندا.
10- عالم سڀ آباد ڪرين: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ڪتاب لطيف شناسيءَ جي موضوع تي مضمونن تي مشتمل آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر سارنگ جي بيت،
سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

مان ورتل عنوان عالم سڀ آباد ڪرين، تي مبني آهي، ڪتاب جي ٽائيٽل تي شاهه لطيف جي روضي جو عڪس آهي، هن ڪتاب ۾ 21 مضمون آهن، جن جا عنوان پڻ شاهه لطيف جي بيتن مان ورتل آهن ۽ انهن عنوانن کي کولي سمجهايو ويو آهي، جيئن “سڙيا مٿي سچ”، “نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو”، “مٽيءَ لڌو مان” ۽ ٻيا آهن، هنن مضمونن جا عنوان نه فقط وسيع معنيٰ رکن ٿا پر منجهن مواد کي ليکڪا ڪمال ڪاريگريءَ سان نڀايو آهي، “عالم سڀ آباد ڪرين”، جو مهاڳ امداد حسيني لکيو آهي ته الطاف شيخ، وينا شرنگي ۽ ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاهه ۽ سليم چنا تاثرات لکيا آهن، 144 صفحن جو هيءُ ڪتاب تخليقي مضمونن سان سجايل آهي، جنهن ۾ لطيف شناسيءَ جا گوناگون رنگ موجود آهن، هن ڪتاب تي علي نواز آريسر (عبرت) ۽ زاهده تاج ابڙو (سوڀ) ۾ تبصرا لکيا آهن ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ماهراڻي راءِ “ڪچ ڪوڏيون” ۾ شايع ٿي آهي.
11- پلئه پايو سچ: ليکڪا جو تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي 240 صفحن جو ڪتاب 2016ع جي ڊسمبر ۾، سنڌ راڻي پبليڪيشن ميرون رنگ جي ٽائيٽل ڪور سان شايع ڪيو آهي، ڪتاب جي ارپنا ليکڪا جي ڀاءُ آفتاب احمد ميمڻ جي نانءُ آهي، ته ڪتاب ۾ انمول ادبي هيرو آفتاب احمد ميمڻ، “سنڌي زبان جو مکيه سرمايو”، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، “ڊاڪٽر پروين کي جس هجي”، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو “ويٺي وڙولي”، ماهين هيسباڻيءَ جا ويچار ليکڪا جي فن جي باري ۾ ڏنل آهن، هن ڪتاب ۾ 28 ريسرچ آرٽيڪل ۽ 10 تخليقي مضمون ڏنل آهن، آخر ۾ مروج طريقي مطابق بلبيو گرافي ۽ ليکڪا جي ڪتابن جو تعارف ۽ سندس سي وي ڏنل آهي، ڪتاب جي ٽائيٽل جي بيڪ ڪور تي مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ۽ اندرين ليف تي ماهتاب محبوب، حميد سنڌي، ڊاڪٽر نور افروز خواجا ۽ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جا رايا پڻ ڏنل آهن، هن ڪتاب ۾ آيل موضوعن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون، نثر ۾ اسلوب جي اهميت، سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو، ڪتاب قومن جي طاقت، وقار ۽ وجود جو اهڃاڻ آهن، سنڌ سرزمين محبت آهي ۽ ٻيا موضوع آهن، ڪتاب جو عنوان شاهه لطيف جي سر سريراڳ جي چوٿين داستان جي چوڏهين نمبر بيت مان ورتل آهي.
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.

12- سنڌي ادب MCQ’s: سنڌي ادب MCQ’s معروضي سوالن ۽ حل ڪيل جوابن تي مشتمل ليکڪا جو ڪتاب ايم اي، ايم فل جي انٽري ٽيسٽ، سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن کانسواءِ ليڪچرز شپ جي Vivoce جي لاءِ وڏي پئماني تي معلومات مهيا ڪندڙ ڪتاب آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ هن ڪتاب کي عام هلندڙ نموني جي بجاءِ مختلف ۽ نئين انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ڪتاب کي 15 بابن ۾ ورهايو ويو آهي، موضوع وارا اها ورهاست ڪئي وئي آهي، خاص ڪي باب سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي حوالي سان آهن ته بيتن جي سڃاڻپ، بيت جي سٽ مڪمل ڪرڻ، لطيف شناسي، پهريون ڪير؟، سن، ڄم ۽ وفات، ڪتابن جا عنوان موضوع ۽ ليکڪ، سنڌي صحافت، شاعري ۽ ٻين موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي ته هڪ باب تفصيلي سوالن ۽ جوابن تي مشتمل پڻ آهي ته آخري باب ۾ پهاڪا ۽ اصطلاح پڻ ڏنا ويا آهن. هن کان اڳ ايم سي ڪيوز تي ڪوبه اهڙو ڪتاب موجود نه آهي 300 کان مٿي صفحا آهن ۽ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي ۽ ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي جي تعاون سان هيءَ ڪتاب ڇپجي جولاءِ 2017ع ۾ پڌرو ٿيو آهي.
13- گلدستو (مضمون نويسي): علمي، ادبي، اخلاقي، اصلاحي، سماجي ۽ لطيفي مضمون جو ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ ڪتاب ترتيب مطابق سندن تيرهون نمبر ڪتاب آهي، بنيادي طور پاڻ مضمون نگاري ۽ مقالا نگاريءَ ڏي شغف رکندڙ آهي، مضمون نويسيءَ تي هن کان اڳ سندن ٽي ڪتاب اخلاقي قدر، وکر سو وهاءِ ۽ علام سڀ آباد ڪرين مڃت اماڻي چڪا آهن، مضمون نويسيءَ جي صنف تي سندن هي ڪتاب خاص پي سي ايس جي لاءِ تيار ڪيل آهي، پي سي ايس جي امتحان ۾ هڪ پيپر خاص مضمون جي باري ۾ 50 مارڪن جو اچي ٿو ته جنرل سنڌيءَ جي پيپر ۾ پڻ 20 مارڪن جو مضمون هجي ٿو، مطلب ته 70 مارڪن جو فقط مضمون آهي، ڪل پي سي ايس جي سنڌي 150 نمبرز جي آهي، جنهن ۾ 70 مارڪون فقط مضمون نويسيءَ تي آهن ته ايم اي فائينل ۾ 100 مارڪن جو هڪ مڪمل پيپر مضمون تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ خاص طور انهيءَ حوالي سان اهم موضوعن تي مضمون ڏنا ويا آهن، جي لطيف شناسي ۽ ادبي تاريخ سان گڏ ٻين موضوعن جو احاطو ڪن ٿا، هيءُ ڪتاب 60 طويل مضمونن تي مشتمل آهي. جو انشاءَ الله پڙهندڙ شاگردن لاءِ فائديمند ٿيندو.

تعارف / CV

نالو: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
جنم تاريخ: 20 نومبر، 1958ع ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر.
عهدو: ايسوسيئيٽ پروفيسر نذرٿ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، حيدرآباد.
مستقل ايڊريس: A-03 ڏيپلائي ڪالوني نزد راجپوتانا اسپتال حيدرآباد
اي ميل: parweenmoosa2018@gmail.com
فون نمبر:0333-2766564
علمي لياقتون: ايم اي انگريزي ادب
ايم اي سنڌي ادب (گولڊ ميڊلسٽ)
پي ايڇ ڊي. يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.
تحقيقي مقالي سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو، تحقيقي اڀياس
جو موضوع: (1985ع تائين)
تدريسي تجربو: اٺاويهه سال

ڇپيل ڪتاب:
1. “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات” روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004ع.
2. “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس”، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد 2008ع، ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن 2015ع.
3. “اٿي رائو ريل” (تحقيق تنقيد) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد، 2008ع.
4. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” (لطيفيات) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، 2008ع، ٻيو ڇاپو 2009ع.
5. “سون ورنيون سوڍيون” (ڪهاڻيون ترتيب ) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 2009ع
6. “اخلاقي قدر” (ٻاراڻو ادب) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد، 2010ع، ٻيو ڇاپو سنڌ راڻي پبليڪيشن 2016ع
7. “وکر سو وهاءِ” (مضمون ۽ مقالا) هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد 2011ع.
8. سنڌي ادب (تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو) ائبدانسڊ پبلشرز لاهور 2015.
9. عالم سڀ آباد ڪرين، سنڌ راڻي پبليڪيشن 2016ع.
10. پلئه پايو سچ، سنڌ راڻي پبليڪيشن 2016ع.
11. “سنڌي ادب” (ايم سي ڪيوز” ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد، 2017ع
12. “گلدستو” مضمونن جو مجموعو 2017ع

اڻ ڇپيل ڪتاب
1. “جي پارکو پارس جا” (لطيفيات)
2. “ملهه مهانگا سپرين” (سوانح)
3. “مفتي منجهه ويهار ” (آتم ڪهاڻي)
4. “هلڻ منهنجو هوت ڏي” (حرمين شريف جي زيارتن تي مبني سفر نامو)
5. “محبت پائي من ۾” (مضمون ۽ مقالا)
6. “سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جو حصو” تحقيقي اڀياس، (پي ايڇ ڊي جو مقالو) (1985ع تائين)

اعزاز ۽ ايوارڊ:
1. سرٽيفڪيٽ اڪيڊمڪ بحث مباحثي جي مقابلي ۾ رُڪنيت تي بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان 2004ع ۾
2. بيسٽ ڪمپيئر شيلڊ، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان 2007ع.
3. هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد طرفان مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم طور ڪتابن “سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس” 2015ع ۽ “وکر سو وهاءِ” 2006ع جي اسڪيم ۾ منظور ٿيڻ تي تعريفي خط ۽ ڪيش ايوارڊ.
4. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ انٽرنيشنل ڪانفرنس 2009-03-03 تي شموليت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان اعزازي سرٽيفڪيٽ.
5. ڪئنيڊين ايسوسيئيشن ۽ جيجل سنڌ (جس) ريسورس سينٽر جي اشتراڪ سان بين الاقوامي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ نقد انعام ۽ سرٽيفڪيٽ 2008ع.
6. پهرين قومي مضمون نويسيءَ جي مقابلي بعنوان “جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد”، ۾ شموليت تي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران اعزازي سرٽيفڪيٽ، 2010ع.
7. ساڳئي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ اردو ٻولي ۾ مضمون لکڻ تي اعزازي سرٽيفڪيٽ.
8. نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاران ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي ڪتاب تي مقابلي ۾ “اخلاقي قدر” ڪتاب تي ٻيو انعام ۽ تعريفي خط ۽ سرٽيفڪيٽ.
9. سنڌي ادبي سنگت پاران “اٿي رائو ريل” ڪتاب کي 2009ع جي بهترين تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتاب طور منظور ٿيڻ تي 07 جولاءِ 2010 ع تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ خيرالنساءِ جعفري ايوارڊ جي شيلڊ.
10. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ۽ ناري سنگت جي طرفان “راهه بينظير ڀٽو” ايوارڊ شيلڊ عورتن جي ڪم جي باري ۾ ڊاڪٽريٽ جي مقالي تي مڃتا طور 2013 ۾ ڏني ويئي.
ميمبر شپ
1. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن 2. سنڌي اردو ادبي فائونڊيشن.3 ناري سنگت .4سنڌي ادبي سنگت

ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا
1. “شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جون لطيفيات ۾ خدمتون” قليچ انٽرنيشنل ڪانفرنس آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو. 3-4 آڪٽوبر 2009ع
2. “محمد عثمان ڏيپلائي جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون قومي ادبي ڪانفرنس 12 ڊسمبر، 2009ع وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي.
3. “سنڌ سرزمين محبت آهي” جيجل (جس) پاران سيمينار، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2009ع.
4. خيرالنسا جعفريءَ جون ادبي خدمتون “ناري پبليڪشن پاران ملهايل شام ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي 31 مارچ 2010ع.
5. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي 2 روزه ڪانفرنس 9/8 مارچ 2011ع تي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ مقالو بعنوان، “ڇاپخانن جي کوٽ ۽ ڇپيل تخليقي ادب جي معيار ۽ مقدار جو تحقيقي جائزو”.
6. “محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي انعام يافته تصنيفات جو تحقيقي جائزو” 8 فيبروري 2015ع تي ڏيپلائي صاحب جي ورسيءَ جي موقعي تي لئنگويج اٿارٽيءَ ۾ پڙهيل مقالو.
7. “علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ طرفان ٻولي ڪورس ورڪشاپ/سيمينار ايم ايس سي جي لاءِ 2016-3-28 کان 2016-3-30 تائين مارچ 2017ع ۾ ليڪچرز ڏنا ويا.
8. “محمد عثمان ڏيپلائي جي ناٽڪ نويسيءَ ۾ سماج جي سڌاري جو پيغام 8 فيبروري 2016ع تي ورسيءَ تقريب ۾ پڙهيل مقالو.
9. “عبدالحئي پليجو جون سنڌي سفر نامي ۾ خدمتون”، ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد 2016ع
10. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان لطيف شناسيءَ جي حوالي سان اپريل 2016ع تي ليڪچر ڏنو.
11. ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان فيبروري 2017ع کان مئي 2017ع تائين لطيف شناسيءَ جو ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” سامعين کي 8 پروگرامن آڪٽوبر 2015ع کان اپريل 2016ع تائين قسطوار تفصيل سان ٻڌايو ويو، (لنڪ/ انٽرنيٽ تي موجود)
12. مهراڻ ٽي وي تان “صبح مهراڻ. ۽ “بنت حوا” پروگرامن 31 مئي ۽ 25 مارچ 2016ع تي پنهنجا ويچار ونڊيا ويا ۽ آواز چئنل کي 2017ع جي مئي ۾ انٽرويو ڏنو.
13. “محمد عثمان ڏيپلائي” جو شاعريءَ جو شوق ۽ ذوق” مقالو ورسي تقريب 8 فيبروري 2017ع تي پڙهيو.
اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مواد
(جاکوڙ پيغام احمد، ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون، نئين زندگي، سروپا، سنڌي ٻولي، بلاول تحقيقي جرنل، ڪارونجهر، ادبي تحقيق، ڪلاچي، سوجهرو، سنڌي ادب، سنگت ادبي مخزن، روزاني عبرت، ڪاوش، ،سوڀ ۽ ٻين مخزنن۽ اخبارن ۾ ڇپيل مواد)
1. “چري” ڪهاڻي “چانڊوڪي” مخرن ميرپورخاص 1980ع
2. “ماءُ جو دلاسو” خليل جبران جي ڪهاڻي (ترجمو) پارس ماهوار مخزن ميرپورخاص 1982ع.
3. “شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ ۾ انساني اخلاقي قدر”، ابن رشد گرلز ڪاليج مخزن، 1998ع.
4. شاهه جو فلسفو ڪاليج منحزن 2000ع.
5. ذاتي انٽرويو، سورٺ ادبي مخزن ميرپورخاص عبرت پبليڪيشن حيدرآباد 2005ع.
6. “مرزا قليچ بيگ ۽ ادب جون خدمتون” هفتيوار سنڌو ڊائجيسٽ 27 فيبروري 2006ع
7. “ڀٽائيءَ جي طفيل” سوجهرو ايڊيٽر تاج بلوچ جنوري 2009ع ڪراچي.
8. “ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻي ڪارائون” ڪلاچي تحقيقي جرنل ڊسمبر 2009ع ايڊيٽر پروفيسر سليم ميمڻ، شاهه عبدالطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
9. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون“ادبي تحقيق” ريسرچ جرنل سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي براءِ آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪراچي 10/2009ع.
10. “سون ورني سوڍي شهيد محترمه بينظير ڀٽو”، روزاني عبرت، مئي 2005ع.
11. “محمد عثمان ڏيپلائي”، “سنڌي ٻولي” تحقيقي جرنل” جلد ڇهون شمارو ٻيو، اپريل، جون 2013ع جون، سنڌي ٻولي اٿارٽي حيدرآباد، 2013ع
12. “سنڌ سرزمين محبت آهي” (مضمون) (2010/2009) ترتيب ڪامران يوسف زئي سورج پرنٽرز، حيدرآباد.
13. ساڳيون مضمون “سنگت ادبي مخزن” ايڊيٽر، يوسف سنڌي حيدرآباد، 2011ع.
14. “جي هينئڙي منجهه هُرن” (يادگيريون) نواءِ سروش مخزن ابن رشد، گرلز ڪاليج ميرپورخاص، 2009ع.
15. ترجمي جي فن جو تعارف: اهميت، افاديت ۽ سنڌي نثر ۾ ترجما نگاري “ڪارونجهر” (تحقيقي جرنل) ايڊيٽر ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي، ڊسمبر 2010ع.
16. “مفتي منجهه ويهار”جاکوڙ، ايڊيٽر محمد هنڱورو، ساڃهه ويلفيئر ٿرپارڪر، آگسٽ 2010ع.
17. “ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا” “پيغام احمد”، حاجي احمد ملاح اڪيڊمي بدين، مارچ 2011ع.
18. “شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو پيغام فن ۽ رسالو هڪ نظر هفتيوار عبرت مئگزين 2011ع
19. “شاهه لطيف تي ٿيل سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪم جو جائزو”، هفتيوار عبرت مئگزين 2011ع.
20. “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون سنڌي لوڪ ادب ۾ خدمتون”، هفتيوار عبرت مئگزين 2011ع
21. “شهيد راڻيءَ جي جمهوريت لاءِ ڪيل ڪوششون” روزاني عبرت. 27 ڊسمبر 2010ع.
22. شهيد راڻيءَ محترمه بينظير ڀٽو جي زندگيءَ تي هڪ نظر “ماهوار اڳواڻ مخزن” ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي” جنوري- فيبروري 2012ع.
23. “معياري مطالعو انسان کي مڪمل بنائي ٿو”. ماهوار “جاکوڙ” ايڊيٽر، محمد هنڱورجو، مٺي، مئي 2011ع.
24. “ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ماهوار” “پيغام احمد” حاجي احمد ملاح اڪيڊمي بدين، آگسٽ 2011ع.
25. “جو وڙ جڙي جن سين” ڊاڪٽر غلام علي الانا اڻ ٿڪ انسان (مرتب) محمد عثمان منگي، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد 2011ع.
26. “اڌ صديءَ کان مسلسل لکندڙ هڪ تاريخ ساز شخصيت”، اڻ ٿڪ انسان (مرتب) محمد عثمان منگي، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد، 2011ع.
27. “ترجما نگاريءَ جي ادبي اهميت”، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 2/2013ع.
28. “محمد عثمان ڏيپلائي”، سنڌي ٻولي تحققي جرنل، جلد ڇهون، شمارو ٻيو سنڌي لئنگويج اٿارٽي اپريل، جون 2013ع
29. “حيف تنين هوءِ” (لطيف شناسي) سوڀ سبڊي مئگزين، اپريل 2014ع.
30. “محمد ابراهيم جويو سان ٿيل هڪ ملاقات جو احوال”، ٽه ماهي مهراڻ، ابراهيم جويو خاص نمبر، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 3/4-2014.
31. “پورهئي ۾ عظمت آهي”. (لطيف شناسي) روزاني ڪاوش، اڱارو آڪٽوبر 2014ع.
32. “تون ڇپر تون ڇانو” ماهوار سرتيون ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو مارچ 2014ع.
33. “مهراڻ ڏيپلائي نمبر هڪ نظر” ڪاوش مئگزين، جولاءِ 2014ع.
34. “مفتي منجهه ويهار” (آتم ڪٿا جو باب ) سروپا ماهوار مخزن، ايڊيٽر، ميمڻ روشن تبسم انفارميشن آفيسر ڪراچي.
35. “لطيف شناسي” ماهوار پيغام احمد، مولوي حاجي احمد ملاح، اڪيڊمي، بدين، سيپٽمبر 2014ع.
36. “مشڪ کٿوري مڻ ڊاڪٽر نورافروز جي فن جو جائزو، سرتيون، ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، جون - آگسٽ 2014ع.
37. سنڌي نثر جي واڌري لاءِ م-ع ڏيپلائيءَ جون خدمتون (ناول امڙ جائزو) ٽه ماهي مهراڻ ڏيپلائي خاص نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 01/2014ع.
38. “پورهئي هٿ سڪار” ماهوار “پيغام احمد” ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح بدين، ڪڙي نمبر 40 نومبر 2014ع.
39. “سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو” ماهوار مخزن سروپا ايڊيٽر روشن ميمڻ، شمارو نمبر 01 جنوري 2015ع. ڪراچي.
40. “ڊاڪٽر غلام علي الانا جون مقالا تي ادب ۾” خدمتون”، بلاول ڇهه ماهي تحقيقي جرنل، شمارو نائون، ايڊيٽر، نذير احمد زرداري نوابشاهه جنوري 2015ع.
41. “استاد قوم جا معمار آهن”، ماهوار پيغام احمد ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح ڪڙي نمبر، 48 مارچ 2015ع.
42. “ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا” (لطيف شناسي) روزاني عبرت اڱارو 24 فيبروري 2015ع.
43. “هو چونيئي تون مَ چئو واتان ورائي” (لطيف شناسي) عبرت 18 فيبروري 2014ع.
44. سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو (ٻه حصا) روزاني عبرت 27 ۽ 28 فيبروري 2015ع.
45. “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي” روزاني عبرت 01 مارچ 2015ع.
46. “پورهئي هٿ سڪار تو وس آهن هٿڙا” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 4 مارچ 2015ع.
47. “جو وڙ جڙي جن سين سو وڙسي ئي ڪن” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 13/14 مارچ 2015ع.
48. “سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورتن جو حصو” روزاني عبرت 8 مارچ 2015ع.
49. “اسين سڪون جن کي سي تان اسين پاڻ” (لطيف شناسي) سوڀ مئگزين، آچر 15 مارچ 2015ع.
50. “ادب زندگيءَ جو آئينو ۽ عڪس آهي” سوڀ سنڊي مئگزين، آچر 29 مارچ 2015ع.
51. “مطالعي سان قومن جي ڪمال ۽ زوال جي خبر پوي ٿي” سوڀ سنڊي مئگزين، آچر 22 مارچ 2015ع.
52. “سنڌي نثر ۾ ترجما نگاري” روزاني عبرت سومر 30 مارچ 2015ع.
53. “سڙيا مٿي سچ” روزاني عبرت 2 اپريل 2015ع.
54. “جيون گهارڻ جو فلسفو” روزاني عبرت 6 اپريل 2015ع.
55. “قومي ٻڌي ۽ سنڌي قوم” روزاني عبرت، 8 اپريل 2015ع.
56. “پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سورهئا” سوڀ سنڊي مئگزين 12 اپريل 2015ع.
57. “ڪتاب ۽ ڪتب خانا اڻ ملهه خزانا آهن” سوڀ سنڌي مئگزين، 19 اپريل 2015.
58. “سنڌي ڪهاڻي ۾ عورتن جي شموليت جو جائزو”ٽه ماهي ڪچ ڪوڏيون، ايڊيٽر انعام علي ڪٻر خيرپور، اپريل- جون 2015ع.
59. “ڪمپيوٽر سائنس جي افاديت” سنڌ راڻي ماهوار مخزن ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي اپريل 2015ع.
60. “سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۾ رڪاوٽون” روزاني عبرت 23 اپريل 2015ع.
61. رسول پاڪ بحيثيت معلم روزاني عبرت، 12 اپريل 2015.
62. “تعليم جي تباهي جا ڪارڻ” (تعليمي مضمون) روزاني عبرت 23 اپريل 2015ع.
63. “جديد ٽيڪنالاجي وقت جي اهم ضرورت” سوڀ سنڊي مئگزين 26 اپريل 2015ع.
64. “حيف تنين هوءِ وطن جن وساريو” روزاني عبرت 25 اپريل 2015ع.
65. “اٿي هن اونداهيءَ ۾ ٻارڻ ڪو ٻار” روزاني عبرت 28 اپريل 2015ع.
66. “مفتي منجهه ويهار ته قاضيءَ ڪاڻيارونه ٿين” روزاني عبرت، 4 مئي 2015ع.
67. “هنري تعليم” (تعليمي مضمون) روزاني عبرت، 7 مئي، 2015ع.
68. “انسان ۽ انسانيت ۽ مذهبن جون فلاسافيون” روزاني عبرت، 10 مئي 2015ع.
69. “سي چلولا چئجن جي در در لائين دوستي” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 15 مئي 2015ع.
70. “سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري” سوڀ سنڊي مئگزين 7 مئي 2015ع.
71. “سنڌ سرزمين محبت آهي” روزاني عبرت 22/21 مئي(ٻه حصا)2015ع.
72. “جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن” روزاني عبرت 27 مئي 2015ع.
73. “انساني زندگيءَ جا قدر” سوڀ سنڊي مئگزين 24 مئي 2014ع.
74. “سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو جائزو” روزاني عبرت 01 جون 2015ع.
75. “جديد دنيا ۾ سائنسي علمن جي ترقي” 4/6 (ٻه حصا) روزاني عبرت جون 2015ع.
76. “علم لازوال دولت آهي” (تعليمي صفحو) روزاني عبرت 11 جون 2015ع.
77. “نمي کمي نهار تون ڏمر ڏولائو” روزاني عبرت 11 جون 2015ع.
78. “ناڻي جو زيان ۽ پاڪستاني قوم ” روزاني عبرت، 16 جون 2015ع.
79. “آفتاب ميمڻ هڪ گهڻ رخي شخصيت” روزاني عبرت 19 جون 2015ع.
80. “شهيد راڻيءَ جو جنم ڏينهن” روزاني عبرت 21 جون 2015ع.
81. “شهيد راڻيءَ جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل عظيم قرباني” سنڊي سوڀ مئگزين سوڀ 21 جون 2015ع.
82. “حضرت سچل سرمست رح روزاني عبرت 3 جولاءِ 2015ع.
83. “مهربان محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو” روزاني عبرت 11 جولاءِ 2015ع.
84. “جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه سجود” روزاني عبرت 13 جولاءِ 2015ع.
85. “سنڌ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار نسيم کرل” عبرت 14 جولاءِ 2015ع.
86. “پرت نه ڇنن پاڻ ۾” روزاني عبرت 21 جولاءِ 2015ع.
87. “سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ شموليت” ماهوار سرتيون، اپريل- مئي 2015ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
88. “محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي نثر جو اهم ليکڪ”ماهوار، “پيغام احمد”، ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح بدين جولاءِ 2015ع.
89. “سنڌي شعر جي ابتدا روزاني عبرت ¾ (ٻه حصا) آگسٽ 2015ع.
90. “ادب فن لطيف آهي” روزاني عبرت (تعليمي صفحو) 6 آگسٽ 2015ع.
91. سنڌي نثر جي ابتدائي ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششون روزاني عبرت 17 آگسٽ، 2015ع
92. “ننڍي کنڊ جو ناميارو اديب، ليکراج ڪشنچند عزيز” روزاني عبرت، 19 آگسٽ 2015ع.
93. تاريخ ساز شخصيت قاضي عبدالمجيد عابد روزاني عبرت، 27 آگسٽ 2015ع.
94. نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت روزاني عبرت، 3 سيپٽمبر، 2015ع.
95. نثر ۾ اثر انگيزيءَ جو ذريعو اسلوب بيان روزاني عبرت 8 سيپٽمبر 2015ع.
96. “سنڌي بيت جي اوسر”، عبرت 25 سيپٽمبر 2015ع
97. “استاد ۽ قوم” روزاني عبرت پهرين آڪٽوبر 2015ع
98. “مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ”، روزاني عبرت 4 آڪٽوبر 2015ع
99. “شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ”، روزاني عبرت 7 آڪٽوبر 2015ع
100. “سنڌي ٻوليءَ جي قدامت”، عبرت 8 نومبر 2015ع
101. “پسي لهس نه لچئا”، سوڀ سنڊي مئگزين 8 نومبر 2015ع
102. علامه محمد اقبال رح روزاني عبرت 9 نومبر 2015ع
103. “سنڌ جون رومانوي داستانون”، سوڀ سنڊي مئگزين 22 نومبر 2015ع
104. “قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي” روزاني عبرت، 10 سيپٽمبر 2015ع.
105. سنڌي بيت جي اوسر، عبرت 25 سيپٽمبر 2015ع.
106. “استاد ۽ قوم” روزاني عبرت پهرين آڪٽوبر 2015ع،
107. مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ، روزاني عبرت 4 آڪٽوبر 2015ع.
108. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، عبرت 7 آڪٽوبر 2015ع.
109. “پسي لهس نه لچئا”، سوڀ سنڊي مئگزين 8 نومبر 2015ع
110. علامه محمد اقبال روزاني عبرت 9 نومبر 2015ع
111. “سنڌ جون رومانوي داستانو”، سوڀ سنڊي مئگزين 22 نومبر 2015ع
112. “شاگردن جي زندگيءَ جو مقصد” روزاني عبرت 2015ع
113. “شاهه جو فن، رسالو ۽ پيغام” گلشن لاڙ ڊسمبر 2015ع
114. “سنڌي ٻوليءَ جي قدامت” سوڀ سنڊي مئگزين 26 ڊسمبر 2015ع
115. “شاگرد جي زندگيءَ جو مقصد”، روزاني عبرت نومبر 2017ع
116. “شاهه جو فن، رسالو ۽ پيغام”، گلشن لاڙ ڊسمبر 2017ع.
117. “سنڌي ٻوليءَ جي قدامت”، سوڀ سنڊي مئگزين 26 ڊسمبر 2015ع
118. “اخلاقيات ۽ قدر” روزاني سنڌ ايڪسپريس، 9 ڊسمبر 2015ع)
119. “دلير نياڻي، شهيد بينظير ڀٽو”، سوڀ سنڊي مئگزين 27 ڊسمبر 2015ع
120. “سون ورني سوڍي”، ماهوار سروپا مئگزين، ايڊيٽر روشن ميمڻ، ڊسمبر 2015ع
121. “والدين ۽ اولاد جو رشتو”، سنڌ ايڪسپريس 9 جنوري 2016ع
122. ”سونهن ۽ سچ جو شاعر”، استاد بخاري روزاني عبرت 16 جنوري 2016ع
123. “استاد ۽ شاگرد” روزاني سنڌ ايڪسپريس 17 جنوري 2016ع
124. سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري، سوڀ مئگزين 2 جنوري 2016ع
125. ”سائين جي ايم سيد عظيم مفڪر”، عبرت 17 جنوري 2016ع
126. “دوستي”، روزاني سنڌ ايڪسپريس 23 جنوري 2016ع
127. “ڊاڪٽر فهميده حسين جون علمي ۽ ادبي خدمتون” گلشن لاڙ ماهوار مئگزين ڊسمبر 2016ع
128. “گيت جي سئو ساله تاريخ” ماهوار ريکائون ايڊيٽر رحمت پيرزادو، جنوري 2016ع
129. “شيخ اياز جي منظوم ڊرامن جو جائزو” ڪچ ڪوڏريون ٽه ماهي مئگزين جنوري مارچ چيف ايڊيٽر نصر الله ڪٻر 2016ع
130. “حسن اخلاق”، روزاني سنڌ ايڪسپريس 8 فيبروري 2016ع
131. “ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه لطيف جو فڪري پارکو” روزاني عبرت 10 فيبروري 2016ع
132. لاڙ جي فطرت جهڙو شاعر مولوي حاجي احمد ملاح روزاني عوامي آواز 14 فيبروري 2016ع
133. “معاشي قدر”، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 20 فيبروري 2016ع.
134. “سفر نامن جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو، روزاني عبرت 19 فيبروري 2016ع
135. “تصوف ۽ وحدانيت جو شاعر” قاضي قادن سوڀ سنڊي مئگزين 28 فيبروري 2016ع
136. ڌرتيءَ جو رهنما شاعر شيخ اياز روزاني عبرت 2 مارچ 2016ع
137. “مولوي حاجي احمد ملاح”، گلشن لاڙ ماهوار مئگزين مارچ 2016ع
138. “سادگي ۽ ڪفايت شعاري” روزاني سنڌ ايڪسپريس 15 مارچ 2016ع
139. “حب الوطني، روزاني سنڌ ايڪسپريس 19 مارچ 2016ع
140. “سنڌي سفرناما”، سوڀ سنڊي مئگزين 13 مارچ 2016ع
141. “سنڌ جي سياست جو تڪراري ڪردار، پير علي محمد راشدي، عوامي آواز مئگزين 13 مارچ 2016ع
142. ڪتاب ۽ ڪتب خان اَمُلهه خزانا آهن، ماهوار سنڌ راڻي مئگزين اپريل 2016ع
143. “عدل ۽ انصاف” روزاني سنڌ ايڪسپريس 12 اپريل 2016ع
144. “سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو” جو جائزو وفا مولا بخش سوڀ 13 اپريل
145. سچ، روزاني سنڌ ايڪسپريس 9 اپريل 2016ع
146. “رهجي ويل منظر جو خالق، طارق عالم ابڙو”، روزاني عبرت 10 اپريل 2016ع
147. مير عبدالحسين سانگيءَ جون لطيفيات ۾ خدمتون، روزاني جيجل 12 اپريل 2016ع
148. “عورتن جي تعليم” روزاني عبرت 14 اپريل 2016ع
149. “لالچ ۽ حرص”، روزاني سنڌ ايڪسپريس 23 اپريل 2016ع
150. “سکو قدر ڪتاب جو”، روزاني عبرت، 23 اپريل 2016ع
151. “معياري مطالعو”، سوڀ سنڊي مئگزين 24 اپريل 2016ع
152. “سنڌ جو سائين جيئي سدائين”، روزاني عبرت 25 اپريل 2016ع
153. ڪاوش ۾ انٽرويو پروفائيل 26 اپريل 2016ع
154. “علم ڇا آهي” روزاني عبرت 28 اپريل 2016ع
155. “شاهه ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ عورت جي عظمت” ماهوار همسري ايڊيٽر زاهده ابڙو، مئي 2016ع
156. سنڌي ادب جائزو ڪاوش مئگزين 27 مارچ 2016ع
157. “ادبي تنقيد ارتقاءِ اوسر” (2 حصا) عبرت 9 ۽ 10 مئي 2016ع
158. “تعليم جي اهميت” روزاني عبرت 12 مئي 2016ع
159. “اخلاقي قدر” جائزو عبرت 24 مئي ۽ ڪاوش 14 جون 2016ع
160. “آغا سليم ۽ سندس ناول” همه اوست، روزاني عبرت 27 مئي 2016ع
161. “سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم” روزاني عبرت 2 جون 2016ع
162. “ڪري پاڻ ڪريم” (لطيف شناسي) روزاني عبرت، 7 جون، 2016ع
163. “نايو نيڻ نهار” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 10 جون 2016ع
164. “جنهن هادي ميڙيم ههڙو” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 15 جون 2016ع
165. “سورهيه مرين سوڀ کي” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 17 جون 2016ع
166. “سنڌي نثر ۾ آفتاب احمد ميمڻ جون خدمتون”، روزاني عبرت 18 جون 2016ع
167. واڪا ڪندي ووءِ صديون تو لاءِ سنڌڙي” سوڀ سنڊي مئگزين 21 جون 2016ع
168. “الا جنگ جين” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 6 جولاءِ 2016ع
169. “جي ڀاينين جوڳي ٿيان”، (لطيف شناسي) روزاني عبرت 9 جولاءِ 2016ع
170. “نثري نظم شيخ اياز جي ڪتاب جو جائزو” روزاني عبرت 2 حصا 26 ۽ 27 جولاءِ 2016ع)
171. سنڌي ادب ۾ اول درجي جو ڪهاڻيڪار نسيم کرل” روزاني عبرت 14 جولاءِ 2016ع
172. “سنڌي ادب جو سرموڙ ڪهاڻيڪار علي بابا” روزاني عبرت 10 آگسٽ 2016ع
173. شاهه جو رسالو مقصديت ۽ پيعام” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 17 آگسٽ 2016ع
174. “سڙيا مٿي سچ” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 24 آگسٽ، 2016ع
175. “شاهه لطيف جي ڪلام جون فني خوبيون” روزاني عبرت 26 آگسٽ 2016ع
176. قاضي عبدالمجيد عابد، صحافت سياست ۽ ادب جو وڏو نانءُ روزاني عبرت 27 آگسٽ 2016ع
177. “سنڌي غزل جي ارتقا ۽ اوسر”، روزاني عبرت 30 آگسٽ 2016ع
178. “نير منهنجي نينهن اُجاري اڇو ڪيو” روزاني عبرت (ٻه حصا) 21 ۽ 22 سيپٽمبر 2016ع
179. “سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي”، روزاني عبرت 28 سيپٽمبر 2016ع
180. شاهه ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت روزاني عبرت سيپٽمبر 2016ع
181. “جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو” روزاني عبرت سيپٽمبر 2016ع
182. “رونديون ڏٺيون مون ان در تي دادليون” روزاني عبرت 9 آڪٽوبر 2016ع
183. “سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم” سنڌ راڻي مئگزين آگسٽ سيپٽمبر 2016ع
184. علم ادب ۽ صحافت جو وڏو نانءُ پير حسام الدين راشدي”، روزاني عبرت 21 آڪٽوبر 2016ع
185. “عالم سڀ آباد ڪرين” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 24 آڪٽوبر 2016ع
186. “شاهه لطيف جو پيغام محبت آهي” روزاني عبرت 30 آڪٽوبر 2016ع
187. “ادب زندگي جو آئينو ۽ عڪس”، سوڀ سنڊي مئگزين 11 سيپٽمبر 2016ع
188. “خودشناسي ۽ شاهه عبداللطيف” سوڀ سنڊي مئگزين 11 سيپٽمبر 2016ع
189. “شاهه لطيف ۽ عورت جي عظمت” روزاني عبرت آڪٽوبر 2016ع
190. “شاهه جي شاعري شاعري ۾ سجاڳي جو سڏ” روزاني عبرت 13 نومبر 2016ع
191. “شاهه جو ميلو” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 22 نومبر 2016ع
192. “مٽيءَ لڌو مان” (لطيف شناسي) تخيل ٽه ماهي جرنل، شمارو نمبر 3 جولاءِ-سيپٽمبر 2016، چيف ايڊيٽر سڪندر ملاح، مارئي اڪيڊمي حيدرآباد
193. “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جا معاشي ۽ ثقافتي قدر”، روزاني عبرت 11 ڊسمبر 2016ع
194. “دادي ليليٰ وتي تلسي داس هرچنداڻي”، روزاني عبرت 20 ڊسمبر 2016ع
195. “سڙيا مٿي سچ”، جيئي لطيف مئگزين ڪڙي نمبر 10 سال نومبر 2016ع
196. “شهيد محترمه بينظير ڀٽو” سنڌ راڻي مئگزين، ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، ڊسمبر 2016ع
197. “مٽيءَ لڌو مان”، سوڀ سنڊي مئگزين 18 ڊسمبر 2016ع
198. “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تهذيب ۽ تاريخي داستانن جو ذڪر سوڀ مئگزين 26 ڊسمبر 2016ع
199. “مخدوم امين فهيم پيغام هڪ جائزو” ٽه ماهي مهراڻ ڊسمبر 2016ع
200. “شهيد بينظير ڀٽو جي تاريخي جدوجهد جو جائزو” روزاني عبرت 27 ڊسمبر 2016ع
201. “مضمون نويسي / مقالا نگاريءَ جو تحقيقي جائزو”، روزاني عبرت (3، 5، 6) (3 حصا) فيبروري 2017ع
202. “سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم”، سنڌ راڻي مئگزين آگسٽ/سيپٽمبر 2016ع
203. “جي ڀانئين جوڳي ٿيان”، سوڀ سنڊي مئگزين 1 جنوري 2017ع
204. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دعائيه شاعري سوڀ سنڊي مئگزين 19 فيبروري 2017ع
205. ادب ۽ تاريخ کي زندگي ارپيندڙ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي”، روزاني عبرت 11 فيبروري 2017ع.
206. (1908ع 1981ع محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون روزاني عبرت فيبروري2017ع،
207. “عورتاڻي ادب ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو تحقيقي جائزو” 6-7-13 مارچ (3 قسطون) عبرت 2017ع.
208. “جمهوريت ۽ عوام”، روزاني عبرت 21 مارچ 2017ع.
209. “قاضي ويٺو آهي قلب ۾” روزاني عبرت 30 مارچ 2017ع
210. “عالم سڀ آباد ڪرين”، ڊاڪٽر پروين جي ڪتاب تي تبصرو علي نواز آريسر عبرت (ساڳيو تبصرو ٽماهي تخيل ڊسمبر 2016ع)
211. “صوف صحت جو ضامن ميوو” “ماهوار پيغام محبت”، چيف ايڊيٽر نظام عباسي مارچ –اپريل 2017ع)
212. “جديد دورڪي سنڌي عورت”، ماهوار اطراف چيف ايڊيٽر محمد شام، مارچ 2017ع
213. “مفتي منجهه ويهار”، (پروين موسيٰ جي اڻ ڇپيل آتم ڪهاڻي جو هڪ باب) سرتيون يادگيريون نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو (جلد 27 جنوري –نومبر 2016ع
214. ڊاڪٽر پروين موسيٰ سان ڳالهه ٻولهه ٽه ماهي ڪچ ڪوڏيون جلد ٻيو- پرچو جولاءِ –سيپٽمبر 2016ع
215. ڪتابن سان شوق قائم رکڻ جي ضرورت آهي روزاني عبرت آچر 23 اپريل 2017ع
216. “فلاسافي جيون جيئڻ جي تحقيقي نظر” روزاني عبرت 8 مئي 2017ع
217. باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي”، روزاني عبرت 20 مئي 2017ع
218. “نظم، نثراڻو نظم ۽ آزاد نظم”، روزاني عبرت 23 مئي 2017ع
219. “ميون جو بادشاهه ميوو انب”، ماهوار پيغام صحت جون 2017ع
220. ذهني صحت ۽ وٽامن ڊي جو استعمال، ماهوار پيغام صحت جون 2017ع
221. محمد عثمان ڏيپلائي جي فن جو جائزو، روزاني عبرت 13 جون 2017ع
222. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو، سنڌي ٻولي مخزن ڇهه ماهي جنوري، جون 2017ع سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
223. ڊاڪٽر گربخشاڻي جون علمي ۽ ادبي خدمتون هفتيوار “هند واسي” هندوستان ايڊيٽر شوڀالالچنداڻي مارچ 2017ع
224. “منگهارام ملڪاڻي جو فن”، هفتيوار “هندو واسي” هندوستان ايڊيٽر شوڀا لال چنداڻي فيبروري 2017ع
225. محمد عثمان ڏيپلائي ادب جو ناميارو نانءُ، عبرت 13 جون 2017ع مرزا “قليچ ۽ لطيف شناسي”، روزاني عبرت 7 جولاءِ 2017ع