ٻاراڻو ادب

خوشدل شھزادو ۽ ٻيون آکاڻيون

ٻارڙن لاءِ پرڏيھي ادب مان چونڊ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جو مجموعو ”خوشدل شھزادو ۽ ٻيون آکاڻيون“ پيش ڪري رھيا آھيون. ڪتاب جو مترجم حبيب سنائي آھي. اسان وٽ ٻارن لاءِ سٺن ڪھاڻي ڪتابن جي کوٽ آھي. ان کي ذھن ۾ رکي ڪري حبيب سنائيءَ گهڻو عرصو اڳ ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين کي ترجمو ڪيو ھو، جن مان آسڪر وائيلڊ واريون ٻہ ڪھاڻيون تہ ڪافي وقت شايع ٿيون، پر رھيل ڪھاڻين مان ٽي کن گل ڦل رسالي ۾ شايع ٿيون آھن.  ياد رھي تہ آسڪر وائيلڊ جون ان ڍنگ ۾ لکيل نو کن ڪھاڻيون آھن، جن مان ٻہ ھتي ترجمو ڪيون ويون آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 65
  • 15
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book خوشدل شھزادو ۽ ٻيون آکاڻيون

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: خوش دل شھزادو ۽ ٻيون آکاڻيون
مترجم : محمد حبيب سنائي
ٽائيٽل ڊزائين: ذوالفقار علي ابڙو
پبلشر: سنڌ سلامت ڪتاب گھر
جنوري 2022

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ارپنا

ھي پيار پورھيو
ھي پنھنجي ٻارن دانيال مجتبيٰ ۽ اماما
کي ارپيان ٿو.

  سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ٻارڙن لاءِ پرڏيھي ادب مان چونڊ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جو مجموعو ”خوشدل شھزادو ۽ ٻيون آکاڻيون“ پيش ڪري رھيا آھيون. ڪتاب جو مترجم حبيب سنائي آھي.
اسان وٽ ٻارن لاءِ سٺن ڪھاڻي ڪتابن جي کوٽ آھي. ان کي ذھن ۾ رکي ڪري حبيب سنائيءَ گهڻو عرصو اڳ ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين کي ترجمو ڪيو ھو، جن مان آسڪر وائيلڊ واريون ٻہ ڪھاڻيون تہ ڪافي وقت شايع ٿيون، پر رھيل ڪھاڻين مان ٽي کن گل ڦل رسالي ۾ شايع ٿيون آھن. ياد رھي تہ آسڪر وائيلڊ جون ان ڍنگ ۾ لکيل نو کن ڪھاڻيون آھن، جن مان ٻہ ھتي ترجمو ڪيون ويون آھن.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ پبلشنگ اداري ناھي ڇپيو. ٿورائتا آھيون حبيب سنائيءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مترجم پاران

ٻارن کي ڪتاب پڙھڻ لاءِ راغب ڪرڻ ضروري آھي ته ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي آکاڻيون پڙھي ٻڌائجن ۽ اڳتي ھلي کين ڪھاڻي ڪتاب پڙھڻ لاءِ ڏجن. اسان وٽ ٻارن لاءِ سٺن ڪھاڻي ڪتابن جي کوٽ آھي. ان کي ذھن ۾ رکي ڪري ڪافي عرصو اڳ مون ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين کي ترجمو ڪيو ھو، جن مان آسڪر وائيلڊ واريون ٻه ڪھاڻيون ته ڪافي وقت شايع ٿيون، پر رھيل ڪھاڻين مان ٽي کن تازو گل ڦل رسالي ۾ شايع ٿيون آھن.
ياد رھي ته آسڪر وائيلڊ جون ان ڍنگ ۾ لکيل نو کن ڪھاڻيون آھن، جن مان ٻه مون ترجمو ڪيون آھن، ھڪڙي ڪھاڻي انفنٽا جو جنم ڏينھن جو ترجمو سرڳواسي ڪاڪي گرداس واڌواڻي ڪيو ھو، جيڪا مھراڻ ۾ شايع ٿئي ھئي. ممڪن ته وائيلڊ جي ٻين ڪھاڻين جو ماضي ۾ ترجمو ٿيو ھجي.
ان کان پوءِ واريون جيڪي ٽي ڪھاڻيون آھن، سي حقيقت ڪري ابھم ٻارن کي پڙھي ٻڌائڻ لاءِ آھن. اميد ته ھي ڪھاڻيون ٻارن توڙي وڏڙن کي پسند اينديون.

محمد حبيب سنائي
12 جنوري، 2022

خوش دل شهزادو : ليکڪ: آسڪر وائلڊ

يورپ کنڊ جي هڪڙي شهر ۾ وڏن ٿنڀن تي لڳايل خوشدل شهزادي جو مجسمو پريان کان ئي پيو نظر ايندو هو. مجسمي جي هر ٻاهرين حصي کي عمدي سون سان ڍڪيو ويو هو. هن جي اکين ۾ ٻه انتهائي وڻندڙ نيلم هنيا ويا هئا. سندس هٿ ۾ جھليل تلوار جي مٺئي ۾ ڳاڙهو ياقوت به چمڪ ۽ دمڪ وارو هو.
شهر جو هر رهواسي مجسمي کي ڏسيو پيو ٺرندو هو. ميونسپالٽي جو هڪڙو ڪائونسلر، جيڪو پاڻ کي فنڪارانه ذهانت رکندڙ طور مڃرائڻ لاءِ هٿ پير پيو هڻندو هو، سو اڪثر اهو چوندو هو ته ”هيءُ ايترو خوبصورت آهي، جيترو اهو واءِ پرکڻو ڪڪڙ (مرغ بادنما).“ متان ماڻهو کيس بي عمل (جيڪو هو ڪونه هو) هئڻ جو طعنو هڻن، انهيءَ کان اڳ ئي هو وڌيڪ چوندو هو ته ”پر هي ايترو سو ڪارائتو ڪونهي.“
”بابلا اهو ڏس خوشدل شهزادو. توکي ڇو نٿو وڻي؟“ چنڊ لاءِ راڙو ڪندڙ ٻار کي پنهنجي ماءُ ريجھائيندي چئي ٿي، ”ڏسين نٿو ته هيءُ ڪنهن به شيءِ لاءِ روڄ راڙو نٿو ڪري.“
”اهو به چڱو جو ڪوئي ته هن دنيا ۾ خوش خرم آهي.“
هڪڙو مايوس شخص شهزادي جي مجسمي کي تڪيندي ڀڻڪندو وڃي ٿو.
”هيءُ ته ڪنهن فرشتي جھڙو ٿو لڳي.“ ڀر ۾ ٺهيل وڏي گرجا گھر مان نڪرندڙ ٻار، جيڪي تکي رتول رنگ واري جبي ۾ ملبوس ۽ سفيد پيش بند پهريل هوندا هئا، هڪٻئي کي چوندا هئا.
”توهان کي ڪيئن خبر پيئي ته هيءُ فرشتي جھڙو آهي؟ اوهان ڪو فرشتو ڏٺو آهي ڇا؟ “ انهن سان گڏ هلندڙ حسابن جو ماستر ٻارن جو رايو ٻڌي اهو سوال ضرور ڪندو هو.
”نه پر فرشتا اسانجي خوابن ۾ ايندا رهندا آهن.“ ٻار ماستر کي جواب ۾ چوندا هئا. اهو جواب ٻڌي ماستر ٻوٿ کڻي بڇڙو ڪندو هو، هنکي ٻارن جو خواب ڏسڻ به پسند ڪونه هو.
قصو ڪوتاه، هڪڙي رات جو انهيءَ شهر مٿان هڪ ننڍڙي ابابيل پکيءَ جو، مصر ملڪ ڏي ويندي گذر ٿيو. سندس ٻيا مڙيئي ساٿي ڇهه هفتا اڳ ئي مصر اسهي چڪا هئا. پر هي اڃان پوئتي رهيل هو. اصل ۾ هن کي هڪ سرٻوٽي سان پيار ٿي ويو هو، جيڪو کيس گذريل بهار ۾، جڏهن هو هڪ پيلي پتنگ جو پيڇو ڪندي درياءَ ۾ لهي رهيو هو، تڏهن نظر آيو هو. هن جي سنهي چيلهه همراهه کي ايترو ته لڀايو، جو ان لمحي ئي هن جو اسير ٿي ويو. هن کان رهيو نه ٿيو، سو ان کي ٺهه پهه چيائين:
”ڇا آئون تو کي پيار ڪري سگھان ٿو.“ همراه اصل مقصد تي اچڻ لاءِ اتاولو هو. سر به جھڪي پنهنجي راضپي جو اظهار ڪيو. همراهه بود ۾ وٺجي هن جي چوگرد ڦيريون پائيندو رهيو. ۽ گد گد ٿي پاڻي ۾ پرڙا ڦڙڪائي هلڪيون لهرون ٿي پيدا ڪيون. اهوئي هن جي پيار جو ڍنگ هو، جيڪو پورو اونهارو هلندو رهيو.
”اهو ته بيهوده عشق آهي.“ ٻيا ابابيل پاڻ ۾ چڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا. ”هڪڙو ته هن وٽ ڪا رقم ڪونهي، ۽ ٻيو ته سندس مٽ مائٽ به ڳچ آهن. اصل پوري ندي هن جي عزيزن سان ڀري پئي آهي.“ جڏهن سرءَ جو پڙلاءُ پيو، ته ٻيا ابابيل دور ديس ڏي رمندا رهيا.
جڏهن ٻيا وڃي چڪا ته همراهه کي اڪيلائپ اچي ستايو. ۽ تنهن کان علاوه هو پنهنجي پيار مان اچي ٿڪو هو. ”هوءَ محترمه مون سان ڳالهائي ٻولهائي ٺپ ڪانه ٿي.“ هن سوچيو،”آئون سمجھان ٿو ته هوءَ نخريلڻ آهي. ۽ سدائين ڏس ته پئي هوا جي جھونڪي لڳڻ تي گد گد ٿئي ۽ ٺينگ ٽپا ڏئي. شايد گھريلو قسم جي به آهي. پر مونکي ته سفر سان چاهه آهي، سو منهنجي زال به اهڙي هجي، جيڪا سفر سان لڳاءُ رکندي هجي.“
”پياري! مون ساڻ سفر تي اسهي ٿي يا نه؟“ سوچي سوچي همراهه هن کان پڇي ورتو. اهو ٻڌي هو پريشان ٿي پئي. هن کي پنهنجي گھر سان عجيب قسم جو قرب هو.
”چئبو ته تو ٺلهو پئي مونسان اجائي ڏند ٽيڙ ڪئي. چڱو آئون ته وڃان پيو مصر جي اهرامن ڏي. الله واهي.“ اهو چئي ابابيل اڳيان نڪري آيو.
سڄو ڏينهن هو اڏامندو رهيو ۽ رات جي مهل اچي انهيءَ خوشدل شهزادي واري شهر ۾ پهتو هو.
”آئون ڪٿي بسيرو ڪيان. شهر وارن ضرور منهنجو ڪو بندوبست ڪيو هوندو.“ هن دل ۾ سوچيو.
آسپاس نهاريندي، کيس اهو مجسمو نظر آيو.
”مونکي اُتي ئي بسيرو ڪرڻ گھرجي.“ خوشيءَ مان کانئس رڙ نڪري ويئي. ”هائو اها جاءِ چڱي ٿي لڳي. اُتي هوا به تازي پئي لڳندي.“ هو خوشدل شهزادي جي پيرن ۾ اچي ويٺو.
”اڄ ته مون کي سونو ڪمرو سمهڻ لاءِ نصيب ٿيو آهي.“ دل ۾ چئي هو چوڦير جانچڻ لڳو ۽ سمهڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. هن پنهنجو مٿو پنهنجي پرن ۾ اڃان مس لڪايو ئي ڪونه هو ته مٿانس پاڻيءَ جو هڪ وڏو ڦڙو اچي ڪريو. همراهه حيران ٿي ويو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو ته هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي!
”آسمان ته صفا صاف لڳو پيو آهي ۽ ڪڪر به نظر نٿو اچي، تارا به چٽا چمڪي رهيا آهن. پوءِ به برسات پئي پوي. اتر يورپ جي موسم واقعي به هئبتناڪ آهي. هُن مائي کي ته رڳو مينهن جي مند وڻندي هئي. پر ان ۾ ته سندس خودغرضائپ شامل هئي.“
اوچتو وري هڪ ٻيو ڦڙو به اچي مٿس ڪريو.
”هن مجسمي جو ڪهڙو فائدو، جو مينهن کي به روڪي نٿو سگھي.“
هن دل ۾ ويچاريو. ”مونکي ڪا ٻي جاءِ ڳولڻي پوندي.“ ائين هن هتان اڏرڻ جو پهه ڪيو.
پر جيئن ئي هو اڏرڻ تي هو ته هڪ ٽيون ڦڙو به اچي مٿس ڪڙڪيو. ابابيل ترت ئي مٿي نهاريو ۽ ڏٺو ___ ٻڌايو ته هن ڇا ڏٺو؟
خوشدل شهزادي جو اکيون لڙڪن سان ڀريل هيون، ۽ سندس سوني ڳلن تان لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا. چانڊوڪي ۾ هن جو چهرو ايترو ته دلپذير هو، جو ابابيل انهيءَ کي ڏسي ڪري پريشان ٿي ويو.
”تون ڪير آهين؟ “ ابابيل پڇي ورتو.
”آئون خوشدل شهزادو آهيان.“
”پوءِ تون روئين ڇاجي لاءِ پيو؟“ هن امالڪ پڇيو،”مون کي ته پورو پسائي ڇڏيو اٿئي.“
”جڏهن آئون جيئرو هئس ۽ منهنجي دل واقعي به انساني دل هئي.“ مجسمو جواب ۾ چوڻ لڳو،”مون کي خبر ئي نه هوندي هئي ته ڳوڙها ڇا ٿيندا آهن. ڇو ته آئون جنهن شاهي محل ۾ رهندو هوس، اتي ڏکن ۽ اهنجن کي اچڻ جي منع ٿيل هئي. سارو ڏينهن آئون پنهنجي سنگي ساٿين سان باغن ۾ پيو کيڏندو هئس، ۽ جيئن شام ٿيندي هئي ته اسان محل جي وڏي هال ۾ اچي ڀيڙا ٿيندا هئاسون، ۽ پيا نچندا ۽ ڪڏندا هئاسون. باغن جي چوڌاري هڪ وڏي ديوار ڏنل هئي. پر مون ڪڏهن به اها پڇا ئي ڪانه ڪئي ته انهيءَ ديوار جي پويان ڇا آهي؟ ڇو ته مون سان واسطيدار هر شيءِ خوبصورت ۽ وڻندڙ هئي. منهنجا درٻاري مون کي ڪوٺيندا ئي هئا خوشدل شهزادو. ۽ واقعي به آئون هُئس به خوش خرم ۽ خوشدل. ائين خوش خوش زندگي گذاريندي، آئون انهيءَ دنيا مان مري نڪتس. جڏهن هاڻ آئون مري چڪو آهيان ته مون کي شهر جي اُتاهين جاءِ تي لڳائي ڇڏيو اٿن ته جيئن آئون شهر جي هر ڪرب ۽ بڇڙائي کي ڏسي سگھان. جيتوڻيڪ منهنجي هاڻوڪي دل شيهي مان جڙيل آهي، پر پوءِ به آئون روئڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھان.“
”ته ڇا تون سڄي جو سڄو سون مان ٺهيل ڪين آهين، ڇا؟“ ابابيل پنهنجي من ۾ اڀريل سوال زبان حوالي ڪري نه سگھيو.
”تمام پري“ مجسمو پنهنجي دلگذاز آواز ۾ چوڻ لڳو، ”تمام پري هڪ سوڙهي گھٽيءَ ۾ هڪ ننڍڙو گھر آهي، ان جي هڪ دري کليل آهي. ان مان مون کي نظر پيو اچي ته هڪ عورت ميز وٽ ويٺي آهي. سندس منهن سنهو ۽ سڪل آهي. سندس هٿ سخت ۽ ڳاڙها آهن، ۽ سندس آڱرين تي سئي جا نشان هر جاءِ پيا ڏسڻ ۾ اچن. هوءَ درزياڻي آهي. اڄڪلهه هوءَ راڻي صاحبه جي خاص حاضري واري نوڪرياڻي جو وڳو ڀرڻ ۾ رڌل آهي. اهو وڳو خاص طور تي ڪنهن درٻاري جشن ۾ اوڍڻ لاءِ تيار پيو ڪرايو وڃي. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ بستري تي ستل ٻار سخت بيمار آهي. هو بخار ۾ ڪڙهي رهيو آهي ۽ بار بار ماءُ کان نارنگيون طلبي رهيو آهي. پر ماءُ کيس رڳو درياءَ جو پاڻي پياري رهي آهي ۽ هو رڙو رڙ لڳايو ويٺو آهي. اي ننڍڙا ابابيل ڇا تون منهنجي تلوار جي مٺيي ۾ لڳل ياقوت ڪڍي ان مائي کي پهچائي ايندي؟، منهنجا پير ڏسين پيو ته جڪڙيل آهن، ۽ آئون چري پري نٿو سگھان.“
”يار ڳالهه ٻڌي اٿئي. مون کي وڃڻو آهي ملڪ مصر ڏي. اتي منهنجا ساٿي منهنجو انتظار پيا ڪن. هو اُتي پيا نيل ندي تي لهندا ۽ چڙهندا هوندا ۽ ڪنول جي گلن سان ڪچهريون ڪندا هوندا. رات ٿيندي ئي هو وڃي فرعون جي مقبري ۾ سمهندا هوندا. فرعون جي ممي کي دوائون ۽ مصالحو لڳائي محفوظ ڪري اتي رکيو ويو آهي. کيس زرد رنگ جا ڪپڙا پهريل هوندا آهن ۽ سندس ڳچيءَ ۾ زرد سنگريشم جي زنجير پيل هوندي آهي ۽ همراهه جا هٿ سڪل پنن جھڙا بنجي ويل آهن.
”او ابابيل، ننڍڙا ابابيل! ڇا تون مون ساڻ هڪ رات وڌيڪ ترسي نه سگھندين ۽ منهنجو پيغامبر نه ٿيندي؟ هو ٻار ڏاڍو اڃايل آهي ۽ سندس ماءُ ڏاڍي غمگين آهي.“
”پر مون کي ته اهو ڇورا وڻن ئي ڪين؟“ ابابيل چيو، ”گذريل اونهاري جي ئي ڳالهه ٿو ٻڌايان. آئون ندي تي رهيل هوس. اتي مون کي ٻن ڇورن ڏاڍو ستايو ۽ هلاک ڪيو. جيڏي مهل مونتي نظر پوين، مون تي پٿرن جو وسڪارو لايو ڏين. اهو شڪر جو اسان زمين کان ڪافي مٿي پيا اڏرندا آهيون ۽ خانداني طرح به اسان ڪافي ڦڙت هوندا آهيون. ان هوندي به سندن اها ڪار مناسب ته ڪانه ڪوٺبي.“
اهو ٻڌي ڪري خوشدل شهزادو ايترو ته دکي ٿي پيو، جو ابابيل کي پنهنجي چئي تي اچي پشيماني ٿي. ”چڱو ڀلا ٿڌ ته ڪافي زور آهي، پر آئون تو سان گڏ رهي ٿو پوان ۽ تنهنجو پيغام پڄائي ٿو اچان.“
”وڏا وڙ تنهنجا ، ننڍڙا ابابيل.“ شهزادي خوشيءَ مان چيو.
ابابيل شهزادي جي تلوار مان اهو عاليشان قسم جو ياقوت ڪڍيو ۽ پنهنجي چهنب ۾ سوگھو ڪري شهر مٿان اڏامندو هليو.
پهريائين هو هڪ وڏي ديول (گرجا گھر) مٿان اچي لنگھيو. ان ديول ۾ سفيد سنگ مر مر مان ٺاهيل فرشتن جا مجسما هئا. وري هو هڪ محل مٿان اچي گذريو، جتي ناچ گانو زورن تي هو. اڳتي وڌيو ته هڪ بالڪوني ۾ هڪ خوبصورت ڇوڪري پنهجي ساٿي سان قرب ڪچهريون ڪندي نظر آئي. ”ٽمڪندر تار ڪيڏا نه انوکا پيا لڳن.“ همراهه چئي رهيوهو، ”۽ مٺي پيار جي قوت به ڏاڍي عجيب ٿيندي اهي.“ ڇوڪري جواب ۾ چئي ٿي ته ”خدا ڪري ته اهو مون وارو وڳو سرڪاري جشن تائين جڙي راس ٿي ملي. مون کين گلن جو ڀرت ڀرڻ لاءِ چيو آهي....... پر اهي درزياڻيون به ڏاڍيون سست ۽ ڪاهل آهن.“
هو وري درياءَ مٿان اڏرندو هليو. ٻيڙين ۾ بتيون ٻري رهيون هيون. درياءُ اڪري وري هو يهودين جي ويڙهي مٿان اچي گذريو. ڪجھ يهودي پاڻ ۾ ڪنهن وڪري تي ريڙه پيڙه ۾ مگن هُئا ۽ پئسا به ساهمي ۾ توري رهيا هئا. هو آخرڪار پنهنجي منزل مقصود تي پهتو. هو انهيءَ غريب گھر ۾ گھڙي ويو، ۽ اندر جانچڻ لڳو. ٻارڙو بخار ۽ سور ڪري ڦٿڪي رهيو هو، ۽ ان مائي کي سخت ٿڪاوٽ ڪري گھڙي کن لاءِ اک لڳي ويئي هئي. ابابيل اندر گھڙي چوڦير ڦيرا پائڻ لڳو ۽ پنهنجي پرن سان ٻار جي منهن کي هوا هڻڻ لڳو. هوا لڳڻ سان ٻار ۾ ساهه پيو ۽ هلڪي گھيرٽ ۾ اچي ويو.
ڪجھ وقت کانپوءِ ابابيل واپس خوشدل شهزادي وٽ اچي پڳو. پنهنجي ڪارگذاري ٻڌائيندي ابابيل حيرت ۾ اچي چيو ته ”مون کي هيءَ ڳالهه نه ٿي سمجھ ۾ اچي ته هيڏي ساري سردي لڳي پئي آهي، پر آئون پاڻ کي گرم پيو محسوس ڪريان!“
”اهو صرف انهيءَ ڪري آهي جو تو اڄ هڪ نيڪ ڪم ڪيو آهي.“ شهزادي کيس سمجھائيندي چيو. ابابيل سوچ ۾ پئجي ويو، ۽ سوچيندي سوچيندي کيس ننڍ اچي ويئي. اصل ۾ همراهه کي هميشه سوچڻ سان اچي ننڍ ورائيندي هئي.
صبح ٿيو ته هو درياءُ ڏي ويو ۽ تڙ ڪرڻ لڳو. جيئن هو پل پئي اُڪريو ته مٿس هڪ پکي وديا (Ornithology) پڙهائيندڙ جي نظر پئجي ويئي، ۽ امالڪ ان جي وات اهو نڪري ويو ته ”اهڙي سخت سياري ۾ به هتي ابابيل پيو ڦري. واه!“ هو تڪڙو تڪڙو گھر آيو ۽ اچي هڪ ڊگھو خط هڪ مقامي اخبار کي لکيائين. جيتوڻيڪ پڙهندڙ هن جي لفظ بازي کي ايترو سمجھي نه سگھيا، پر باهمي گفتگو ۾ انهيءَ خط ۽ پکي جو ذڪر ضرور ٿي ڪيو ويو.
”اڄ رات آئون مصر ڏي اسرندس.“ ابابيل سفر جو سوچي بود ۾ ڀرجي ويو. هن شهر جون مڙيئي عوامي جايون گھمي ورتيون هيون ۽ ڪافي وقت گرجا گھر جي منارن جي ڳڙکين ۾ ويٺو رهيو. جھرڪيون کيس ڏسي پاڻ ۾ سس پس لايو ويٺيون هيون ۽ حيران هيون ته هي پکي وري هت ڪٿان آيو آهي! هن کي جھرڪين جي حيرانگي مزيدار لڳي.
جيئن شام ٿي ۽ چنڊ چڙهڻ لڳو ته هو واپس خوشدل شهزادي وٽ پهتو. ” ملڪ مصر ۾ ڪو ڪم ڪار هجنئي ته بي ڌڙڪ ٿي چؤُ. چڱو پوءِ آئون ته هلان ٿو.“
”او ننڍڙا ابابيلَ ڇا تون مون ساڻ هڪ رات وڌيڪ نه رهي پوندين؟“
”يار! توکي اڳ ۾ ئي ٻڌايو اٿم ته منهنجو اتي اوسيئڙو هوندو. سڀاڻي مون وارا سنگي نئين آبشار ڏي اسهندا. اُتي دريائي گھوڙو پيو ننڍڙي پن واري گاهه جي ميدان ۾ ڦرندو. تنهن کان پوءِ اتي سماق پٿر جي تخت تي ميمنن (Memnon) ديوتا ويٺل آهي. هو سڄي رات پيو تارن کي تڪيندو آهي. جڏهن صبح وارا تارو کڙندو آهي ته هو جولان ۾ اچي ڪوڪڻ لڳندو آهي، ٿوري دير بعد هو خاموش ٿي ويندو آهي.... ٻپهرن سمي زرد شينهن اُتي پاڻي پيئڻ ايندا آهن. انهن جون اکيون سائي فيروزي جھڙيون آهن. هنن جي گجگوڙ آبشار جي گجگوڙ کان وڌيڪ هوندي آهي.“
”پر اي ابابيل! شهر جي پرين پاسي مون کي هڪ شخص گھر جي مٿئين ڪمري ۾ نظر اچي رهيو آهي. هو جنهن ميز تي جھڪيو ويٺو آهي، سا ڪاڳرن سان سٿي پئي آهي. سندس پاسي ۾ پيل پيالي ۾ سڪل واڱڻائي گل ڪومايل آهن. سندس وار سونهري آهن. هن جا چپ ڏاڙهون جھڙا ڳاڙها ۽ اکيون وڏيون ۽ خوابي آهن. کيس اڄ رات ڪيئن به ڪري ڊرامو مڪمل ڪري اسٽيج ڊائريڪٽر کي صبح جو ڏيڻو آهي. پري سخت سيءَ جي ڪري هو لکي نٿو سگھي. آڳيٺي (آتشدان) ۾ باهه به ڪانهي ۽ بک ڪري به هو بيحال بنجي ويو آهي.“
”چڱو ڀلا، چئين ٿو ته هڪ رات وڌيڪ توسان ترسان ٿو.“ ابابيل چئي ٿو، ”انهيءَ وٽ ڪو ياقوت کڻي وڃان ڇا؟“
”افسوس ته مون وٽ وڌيڪ ڪو ياقوت ڪونهي. البت منهنجي اکين ۾ لڳل نيلم ڏاڍا سهڻا آهي، ۽ هزارين سال اڳ اهي ملڪ هندستان مان هتي آندا ويا هئا. انهن مان هڪڙو ڪڍي وڃي همراه کي ڏئي اچ. جيئن هو ان کي جوهري کي وڪرو ڪري، پنهنجي لاءِ کاڌي توڙي باهه جو بندوبست ڪري سگھي ۽ پوءِ ڊرامو مڪمل ڪري سگھي.“
”او مٺڙا شهزادا، آئون ائين نه ڪري سگھندس، جو توکي انڌو ڪري ڇڏيان.“ ائين چئي ابابيل روئڻ لڳو.
”او ابابيل ڀائڙا! جيئن آئون توکي چوان ٿو، ائين ڪر.“
نيٺ ابابيل شهزادي جي اکين مان نيلم ڪڍيو ۽ چهنب ۾ جھليندو اچي مذڪوره ڊراما لکندڙ جي ڪمري وٽ پهتو. ڪمري ۾ داخل ٿيڻ آسان هو، ڇو ته ڇت ۾ هڪ وڏو سوراخ هو. ابابيل انهيءَ سوراخ مان ڪمري اندر ويو. ڊراما لکندڙ ميز تي پنهنجي ٻانهن ۾ منهن لڪائي جھڪيو ويٺو هو. کيس ڪمري ۾ پکيءَ جي موجودگي توڙي ان جي پرن جي ڦڙڦڙاهٽ به ٻڌڻ ۾ نه آئي. ڪجھ گھڙين بعد هن جڏهن ڀر ۾ ڏٺو ته پيالي ۾ سڪل بنفشي گل جي پنين مٿان هڪ عاليشان نيلم پيل هو.
”واهه. لڳي ٿو ته مهنجا ساراهيندڙ به پيدا ٿي چڪا آهن.“ هن خوشيءَ سان رڙ ڪئي. ”هي ضرور ڪنهن مداح ئي موڪليو اٿم. هون ... هاڻي آئون ڊرامو پورو ڪري وٺندس.“
ٻئي ڏينهن ابابيل سمنڊ جي دڪي ڏي اڏامي ويو. هو گھڻو وقت جھاز جي کوهي تي ويٺو رهيو، ۽ جھازين کي تڪيندو رهيو، جيڪي سفر جي تيارين ۾ مشغول هُئا. ”آئون به مصر پيو وڃان.“ هن رڙ ڪري انهن کي ٻڌائڻ چاهيو، پر ڪنهن به ان تي ڪو ڌيان نه ڏنو. جڏهن چنڊ اڀريو ته هيءُ واپس خوشدل شهزادي وٽ پهتو.
”آئون تو کي خدا حافظ چوڻ آيو آهيان.“ هن ڏکارو ٿي چيو.
”اي مٺا ابابيل! ڇا تون مونسان اڃا هڪ رات وڌيڪ نه ترسي سگھندين؟“
”يار خبر اٿئي سردي وڌنڌي وڃي ۽ ڄاڻ سخت برفباري شروع ٿي ويندي. هوڏانهن ملڪ مصر ۾ سج گرم هوندو. ۽ وڻ ساوا هوندا. ماگر مڇ گپ ۾ سست ٿيو هڪ ٻئي کي تڪيندا هوندا ۽ پاڻ ۾ پيا قرب ونڊيندا هوندا. چڱو پيارا شهزادا، هاڻي مون کي توکان موڪلائڻ گھرجي. آئون توکي مور نه وساري سگھندس. انشاءَالله ايندڙ بهار ۾ واپسيءَ مهل پاڻ سان ٻه خوبصورت جواهر کنيو ايندس. مون وارو ياقوت گلاب جي گل کان وڌيڪ ڳاڙهو هوندو ۽ نيلم به وڏي سمنڊ جيان نيرو هوندو.“
”او ابابيل منهنجي ڳالهه ته ٻڌ! هتان کان ٿورڙو هيٺيان هڪ ماچيس ٺاهيندر ڇوڪري بيٺي آهي. هن کان ماچيس جون تيليون گٽر ۾ ڪري پيون آهن. سو هوءَ ڏاڍو ملول ٿيو اتي بيٺي آهي. جيڪر هوءَ ڪابه رقم گھر ۾ نه کڻي ويندي ته سندس پيءُ کيس موچڙن سان ماري وجھندو. هن جا پير اگھاڙا آهن، ۽ جوراب به اوڍيل نه اٿس. مٿو به اگھاڙو اٿس. مون واري ٻي اک جو نيلم ڪڍي وڃي ان کي ڏي ته جيئن پيءُ جي مار موچڙي کان بچي وڃي.“
”چڱو ڀلا! آئون هڪ رات وڌيڪ رهي ٿو پوان. پر ٻيلي اهو اکين جو نيلم آئون نه ڪڍي سگھندس. ان سان ته تون صفا انڌو بنجي ويندين.“
”او ابابيل! تون ائين ڪر، جيئن توکي آئون ڏَسيان ٿو.“
مجبورن هن شهزادي جي اک مان نيلم ڪڍيو ۽ اڳتي وڌيو. هن ڦيرو ڏئي ڇوڪريءَ جي تريءَ تي اهو پٿر رکيو. ”ڪيڏو نه ڀلو شيشو آهي.“ ڇوڪريءَ نيلم ڏسي خوشيءَ مان رڙ ڪئي ۽ کلندي ڪڏندي گھر رواني ٿي.
ابابيل واپس شهزادي وٽ پهتو ۽ کيس چيائين ته ”هاڻي ته تون صفا انڌو ٿي ويو آهين. سو آئون توکي ڇڏي نه ويندس ۽ هميشه هت رهندس.“
”نه پيارا ابابيل، نه. تون هاڻي ڀلي مصر وڃ.“
”نه هاڻي آئون هتي ئي رهندس.“ ابابيل پختي ارادي سان چيو، ۽ شهزادي جي پيرن ۾ سمهي رهيو.
ٻيو ڏينهن هو شهزادي جي ڪلھي تي ويٺل رهيو، ۽ کيس ديس ديس جا قصا ٻڌائيندو رهيو. هن شهزادي کي پهريان انهن ڳاڙهن ڪانيرو نالي وارن پکين بابت ٻڌايو، جيڪي نيل نديءَ جي ڪناري تي قطارون بنايو بيٺا هوندا هئا ۽ گھڻو ڪري پنهنجي چهنبن ۾ سونهاري مڇي پڪڙيندا هئا. وري هن نرسنگھي Sphinx جو ذڪر ڇيڙيو، جيڪي هن جڳ جيترو قديم آهي ۽ صحرا نشين آهي. وڏي ڳالهه ته هرشيءِ متعلق ڄاڻ رکي ٿو؛ انهن واپارين جو به احوال اوريائين، جيڪي هٿن ۾ عنبر جون تسبيحون کنيو پنهنجي اٺن ساڻ پيا هلندا آهن، وري انهن چنڊ وارين پهاڙين جي بادشاه جو ذڪر ٿيو، جيڪو پاڻ ڪِٺُ ڪارو آهي، ۽ هو هڪ شفاف پر وڏي بلور کي پوڄيندو رهندو آهي؛ ان کانپوءِ هڪ سائي رنگ واري ازدها جو قصو شروع ٿيو، جيڪا پام وڻن ۾ سمهندي آهي ۽ کيس 20 کن پوڄاري ماکيءَ مناري وسيلي خوراڪ ڏيندا آهن؛ ۽ انهن جيتامڙن جو ذڪر ٿيو، جيڪي وڏي پيتي تي چڙهي، درياءُ جو سير سفر پيا ڪندا آهن ۽ سدائين پوپٽن سان جھيڙيندا آهن.
”پيارا ابابيل! اڄ واقعي تو مون کي انوکين ۽ عجيب خلقت جو احوال ڏنو آهي. پر ڳالهه ٻڌي اٿئي ته سڀ کان نرالي جيڪا ڳالهه آهي سا آهي انسان جي تڪليف. بدحالي جھڙي ڪابه ڏند ڪٿا ڪانهي. هاڻي هيئن ڪر جو وڃي منهنجي شهر جو چڪر هڻ ۽ اچي ٻڌاءِ ته اتي ڇا پيو وهي ۽ واپري.
ابابيل وڏي شهر ڏي نڪري ويو. اتي ڏٺائين ته امير ڪبير پنهنجي وڏن ۽ عاليشان گھرن اندر شادمانن ۾ محو هئا. ۽ انهن جي درن تي پنندڙن جي هڪ لمبي قطار اوسيئڙو ڪري رهي هئي. هو اڳتي وڏي اونداهين ڳلين ۾ به ويو ۽ ڏٺائين ته بک کان بدحال ٻارڙا اونداهي ڳلين ۾ تڪيندا پئي رهيا. پل جي هيٺيان ٻه ننڍا نينگر هڪ ٻئي سان چهٽيا پيا هئا ته جيئن سردي کان بچيا رهن ۽ گرم رهن.
”يار بک به اصل ڏاڍي لڳي اٿئون، پر......“ هو پاڻ ۾ چئي رهيا هئا. اوچتو هڪ چوڪيدار اتان اچي لنگھيو ۽ کين ڏسي سختيءَ سان چيائين ته ”هتي نه ويهو، ڀڃي وڃو.“ ۽ هو مينهن ۽ سردي ۾ رلندا رهيا.
ان بعد ابابيل واپس وريو ۽ شهزادي کي پنهنجي سرگرميءَ جو احوال ڏنائين.
”مون تي جيڪا سونا ورق لڳل آهن، سي آهستي آهستي ڪڍندو وڃي اهي غريبن ورهائي اچ. جيئرا اهو پيا سوچيندا آهين ته سون کين اڻ ميون خوشيون مهيا ڪري سگھي ٿو.“
ابابيل شهزادي جي تجويز کي مڃي ورتو ۽ پوءِ هو ورق ورق ڪڍندو ويو ۽ غريبن کي ڏيندو رهيو. سون ختم ٿيڻ سان شهزادي جو مجسمو بي رنگ ۽ بيڪار لڳندو هو. پر ٻئي پاسي سون جي ورقن ملڻ سان غريب غربا سرها ٿيا. انهن جا ٻار ٻهڪڻ لڳا ۽ کين ماني نصيب ٿي ۽ خوش خوش گھٽين ۾ پيا کيڏندا هئا.
جلدي برفبار شروع ٿي ۽ ان بعد پارو پوڻ لڳو. گھٽيون ائين ٿي لڳيون ، ڄڻ چاندي وڇايل هجي. اهي چمڪي ۽ ڌمڪي رهيون هيون، گھرن جي ڇڄهرن مان برفاني قلم شفاف خنجرن وانگر لڙڪي رهيا هئا. هرڪ گرم ڪوٽ پهري، پوءِ ٿي ٻاهر نڪتو. ٻار به گرم ٽوپيون پايو برف تي هلي رهيا هئا.
سخت سرديءَ ۽ برفباريءَ باعث ابابيل به يخ ٿيندو پئي ويو، پر پوءِ به شهر۾ موجود رهيو. کيس شهزادي سان بيحد پيار هو. جڏهن بيڪري واري ڪنهن ڪم يا ٽپڙ لاءِ هيڏي هوڏي ٿيندو هو ته هيءُ وڃي سندس بيڪري ۾ اڇليل روٽيءَ جا ٽڪر کڻي ايندو هو. پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ پرڙا پيو ڦڙڪائيندو هو.
نيٺ کيس اهي پرون پئجي ويا ته هو هن دنيا ۾ ڏينهن ٻن جو مهمان آهي، ۽ جلدي راهه ربانيءَ رمندو. سردي ۽ برفباري کيس نهوڙي وڌو هو. هو جيئن تيئن ڪري شهزادي جي ڪلهي تي اچي ويٺو ۽ سرٻاٽ ڪندي ڇيائين ” پيارا شهزادا. آئون هاڻي وڃان پيو، پنهنجا هٿ مونکي چمڻ ڏي.“
”يار! ڏاڍو ڀلو ٿيو جو تو نيٺ مصر وڃڻ جي فيصلو ڪيوآهي. تو مونسان ڪافي وقت گذاريو آهي. تون مون کي چپن تي چمي ڏي. ڇو ته مون کي به تو سان قرب آهي.“
”پيارا شهزادا، آئون ملڪ مصر نه پيو وڃان.“ آئون ته عدم جي سفر تي پيو اسهان. خبر اٿئي ته موت ننڊ جو ڀاءُ آهي. ڪي نه؟“
ابابيل شهزادي جي چپن کي چمي بس ڪيو ته اوڏي مهل ئي سندس روح پرواز ٿي ويو، ۽ هو اچي شهزادي جي پيرن ۾ ڪريو.
ٺيڪ ساڳئي لمحي مجسمي اندر ڪنهن شيءِ جي ٽڙڪڻ جو هڪ عجيب غريب آواز اڀريو. هائو شهزادي جي شيهي واري دل به ٽٽي پئي هئي. هن ڀيري وارو سيارو به سخت موتمار قسم جو ٿي پيو هو. صبح ٿيو ته شهر جي ميونسپالٽيءَ جو ميئر ۽ ٻيا ڪائونسلر اتان اچي گذريا. جڏهن انهن جي نظر مجمسي تي پئي ته انهن جي واتن مان رڙ نڪري ويئي.
”افسوس ته مجسمو ڏاڍو بي سرو ٿي ويو آهي.“ ميئر چيو.
”برو بر“ ٻين ڪائونسلرن هائوڪار ڪئي. اهي هميشه ميئر جي ڳالهه کي اکين تي رکندا هئا.
”لڙي ڏسو ته سهي! تلوار وارو ياقوت توڙي اکين وارا نيلم گم آهن. ۽ ها سونا ورق به غائب آهن. هن حالت م هيءُ مجسمو ته ڪنهن پينو جو ٿو لڳي.“
”بلڪل صحيح آهي.“
”هو ڏسو مجسمي جي پيرن ۾ مئل پکي پيل آهي.“ ميئر چيو،” پاڻ کي اهو حڪم جاري ڪرڻ گھرجي ته پکين کي هتي مرڻ جي اجازت نه آهي.“ ڪلارڪ بالاعملدار جي تجويز کي نوٽبڪ ۾ لکي ورتو.
جلدي ان مجسمي کي هٽارائي هڪ بٺيءَ حوالي ڪيو ويو. هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي، جنهنجي ايجنڊا جو هڪ اسم اهو هو ته مجسمي جي ڌاتو کي ڪهڙي ڪم آڻجي.
”پاڻ کي هاڻي هڪ ٻيو مجسمو جوڙائڻ گھرجي. اهو مجسمو منهنجو هجي ته ڏاڍو سٺو.“ هڪ ڪائونسلر ايجنڊا جي انهيءَ اسم تي ڳالهائيندي راءِ ڏني.
”نه نه منهنجو هئڻ گھرجي.“ ائين سڀ ڪائونسلر پاڻ ۾ اٽڪي پيا. ۽ جڏهن مون کين آخري ڀيرو ٻڌو ته تڏهن به اهي ائين پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا.
”يار ڳالهه سمجھ ۾ نٿي اچي ته هيءَ ٽٽل دل ڳري ڇو نه ٿي.“ بٺيءَ ۾ ڪم ڪندڙ لوهار چيو.“ چڱو ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيوس.“ ائين اها دل مٽيءَ جي ان ڍير تي اڇلائي ويئي، جتي ابابيل به پيل هو.
”وڃو ۽ ان شهر مان ڪي ٻه قيمتي شيون کڻي اچو.“ خدا تعاليٰ پنهنجي فرشتن کي فرمايو. فرشتا شهر ۾ آيا ۽ اچي اها دل ۽ ابابيل کنيائون.
”واقعي! اوهان اها تمام اعليٰ چونڊ ڪئي آهي.“ خدا تعاليٰ چيو. ”هي ابابيل جنت الفردوس ۾ هرڪنهن لاءِ پيو ڳائيندو، ۽ منهنجي سوني شهر ۾ هي خوشدل شهزادو منهنجي حمد ثنا ڪندو رهندو.“

  خود غرض ديو: ليکڪ: آسڪر وائلڊ

ٻار جڏهن پيشين جو اسڪول مان ورندا هُئا، ته ڏهاڙي رستي واري باغ ۾ اچي کيڏندا هئا. ان باغ جو مالڪ اهو ديو هو.
اهو باغ ڪافي وڏو ۽ وڻندڙ هو. سڄو پٽ سائي ڇٻر سان جھنجھيو پيو هوندو هو. گلن وارا ٻوٽا ڪافي تعداد ۾ هئا. انهن ۾ گل ستارن جيان کڙيل هُئا. باغ ۾ 12 کن شفتالو وڻ هئا، جن ۾ بهار جي مند ۾ گلابي ۽ رتن ٻور نسريو ٿي، ۽ سرءَ ۾ انهيءَ ٻور ميوي جي صورت اختيار ٿي ڪئي. وڻن تي ويٺل پکي ايترا ته سريلا گيت ڳائيندا هئا، جو ٻارڙا راند روڪي، خاموش ٿي اهي ٻڌندا هئا.
”اسان ڪيترو نه مزي ۾ آهيون!“ هو هڪٻئي کي وڏي واڪ چوندا هئا.
اوچتو هڪڙي ڏينهن باغ جو مالڪ ديو موٽي آيو. هو پنهنجي دوست ڪارنش راڪاس وٽ گھمڻ ويو هو. اتي هو ست سال رهي پيو. جڏهن ست سال پورا ٿيا، تڏهن وڃي هنن جو خبرون چارون پوريون ٿيون. ان بعد هن همراهه واپس ورڻ جو فيصلو ڪيو. هو جڏهن باغ ۾ داخل ٿيو ته سندس نظر ٻارن تي پئي.
”اوهان هتي ڇا پيا ڪريو؟“ هن انتهائي ڪڙڪ ۽ کهري لهجي ۾ دانهيندي چيو. اهو ٻڌي ٻار وٺي ڀڳا.
”هيءُ منهنجو باغ آهي“ ديو چيو، ”هرهڪ کي اهو سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته آئون ڪنهنکي به هت راند کيڏڻ نه ڏيندس.“ ان کان پوءِ هن باغ جي چوگرد هڪ وڏي ڀت ٺاهي ورتي ۽ ان جي ٻاهران هيٺيون چتائيندڙ اعلان بورڊ تي لکرائي لڳائي ڇڏيو.
ٽپي ايندڙن کي سخت سزا ملندي.
اهو ديو اصل ۾ خود غرض ديو هو.
هاڻي غريب ٻارن لاءِ راند روند ڪرڻ لاءِ ڪا جاءِ نه بچي هئي. هنن روڊ تي کيڏڻ شروع ڪيو، پر هڪ ته اتي مٽي هُئي، ۽ ٻيو ته سخت پٿر به اتي ڦهليا پيا هئا. کين اتي اهو باغ وارو مزو نه ٿي آيو. جڏهن سندن ڪلاس ختم ٿيندا هئا، ته هو اچي باغ جي ڀت جي چوڌاري ڦيرا پائيندا هئا، ۽ اندرئين عاليشان باغ متعلق ڳالهيون ڪندا هئا.
”اسان باغ ۾ کيڏي ڪيڏو نه خوش ٿيندا هئاسون.“ هو هڪٻئي کي پيا چوندا هئا.
بهار به اچي چڪو هو، پر ملڪ جي وڻن ۾ نه رڳو ٻور، پر پکي پکڻ به گھٽ ٿي نظر آيا. هيڏانهن انهيءَ خود غرض ديو جي باغ ۾ اڃا توڻي سرديءَ جي حڪمراني هئي. پکين لاتيون نٿي لنويون، ڇو ته ٻار موجود نه هئا، ۽ وڻن به ٻور نه جھليو هو. هڪ ڀيرو ڀلجي هڪڙي وڻندڙ گل گاهه مان منهن ڪڍيو، پر جڏهن سندس نظر مذڪوره بورڊ تي پيئي ته هو ٻارن جي ڏک ۾ وٺجي ويو، ۽ واپس گاهه ۾ پاڻ لڪائي ڇڏيائين. اهڙي ماحول ۾ رڳو برف ۽ پارو سُرها هئا.
”بهار هن باغ کي وساري ڇڏيو آهي.“ هنن چيو، ”اسان هاڻي هتي سڄو سال پيا موجون ماڻينداسون.“ برف گاهن کي پنهنجي وجود هيٺ دٻائي ڇڏيو، ۽ پاري وڻن کي چاندي رنگ ڏئي ڇڏيو. ان بعد انهن اتر واري طوفاني هوا کي پاڻ وٽ اچي رهڻ جي ڪوٺ ڏيئي گھرايو. ان کي پشم پهريل هئي. هوءَ سڄو ڏينهن گجگوڙ لڳايو ويٺي هوندي هئي.
”هيءَ واقعي به خوشگوار جاءِ آهي.“ ان چيو،” اسان کي ڳڙي واري مينهن کي به هتي دعوتڻ گھرجي.“ ائين اهو حضرت به اچي وارد ٿيو. هو روزانو ساندهه ٽي ڪلاڪ کن پيو قلعي جي ڇت تي ڪڙڪندو هو. آخرڪار ان ۾ سير وجھي ڇڏيائين. ان بعد هو باغ ۾ تڪڙا تڪڙا ڦيرا پيو پائيندو هو. سندس لباس خاڪي ۽ سندس ساهه برف وانگيان هو.
”سمجھ ۾ نٿو اچي ته هن ڀيري ڇو بهار اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟“ خود غرض ديو دريءَ وٽ بيهي ٻاهر سفيد ۽ يخ باغ کي تڪيندي چون لڳو، ”اميد ته جلد موسم مٽبي.“ پر نڪي بهار آيو ۽ نه ئي اونهاري پنهنجو ديدار ڪرايو. سرءُ واري موسم ۾ ٻين باغن ۾ ته ميوات پيدا ٿي، پر هن باغ ۾ ميون جو نالو نشان نه هو. ” هيءُ خود غرض آهي.“ سرءَ پئي چيو، “انڪري سندس باغ ۾ هميشه سيارو غالب رهندو.“ ٻئي پاسي اتر واري هوا، ڳڙي وارو مينهن، پارو ۽ برف وڻن ٽڻن ۾ نچندا ڪڏندا رهيا.
هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو، جو اهو ديو صبح کان بستري ۾ ليٽيو جاڳي رهيو هو. اوچتو هن ڪجھ وڻندڙ موسيقي وڄندي ٻڌي. کيس اها ايترو ته وڻي، جو هن ائين سمجھيو ته بادشاهه جا درٻاري موسيقار هتان گذرندي واڄٽ وڄائي رهيا آهن. پر حقيقت ۾ هڪڙو ننڍڙو پکي سندس دريءَ ڀر ۾ جھونگاري رهيو هو. پر جيئن ته هن ورهين کان ڪنهن پکي کي ڳائيندي نه ٻڌو هو، سو هن انهيءَ جھونگار کي دنيا جي عظيم ترين موسيقي ڪري ڀانيو. هوڏانهن ڳڙي پنهنجو ناچ بند ڪيو ۽ اتر واري هوا گجگوڙ روڪي ڇڏي ۽ کليل ڳڙکيءَ مان مسحور ڪندڙ خوشبو لنگھي آئي.
”ڀانيان ٿو ته نيٺ بهار اچي ويو آهي.“ ديو ڀڻڪيو ۽ ٽپ ڏيئي کڙو ٿيو. ۽ دريءَ مان ٻاهر نگاهه وڌي.
پر هن ڇا ڏٺو.
هن ڏاڍو عجيب نظارو پسيو. ڀت جي ڪنهن سوراخ مان ٻارڙا داخل ٿيا هئا. ۽ اهي وڻن جي ٿڙن تي ويٺل هئا. جيڪو به وڻ کيس نظر آيو، ان تي ڪونه ڪو ٻار ويٺل هو. وڻ ٻارن کي پاڻ وٽ ڏسي ڪري گد گد پئي ٿيا، ۽ پاڻ کي ٻور سان جھنجھي ڇڏيو هئائون ۽ ڏاڍي پاٻوهه سان پنهنجو ٻانهون ٻارن مٿان لوڏي رهيا هئا. پکي پکڻ به اڏامندا ۽ ترنگ ۾ چون چون لايو ويٺا هئا. گل ڦل به گاهه منجھان نسري ويا هئا ۽ مسڪرائي رهيا هئا. اهو نظارو ڏاڍو دل لڀائيندڙ هو. صرف هڪڙي ڪنڊ ۾ اڃان به سياري وارو ڏيکاءُ هو. باغ جي پرئين ڇيڙي تي هڪ ٻار بيٺو هو. هو وڻ جي ٿڙ تائين نه پئي پهتو، سو رڙ مٿان رڙ لايو بيٺو هو. اهو وڻ برف ۽ پاري سان ڍڪيل هو. ۽ اتر واري هوا مٿائنس گجي رهي هئي.
” ننڍڙا چڙهي وٺ.“ وڻ پئي چيو ۽ هن پنهنجون لامون به هيٺ ڪافي نمايون، پر اهو ٻالڪ ايترو ته ننڍو هو، جو اڃان به چڙهڻ کان قاصر هو. اهو سڀڪجھ ڏسي ديو جي دل کي جھوٻو آيو. ”آئون ڪيترو نه خود غرض آهيان.“ هن چيو. ” هاڻي پتو پيو اٿم ته هتي بهار ڇو نه پئي آيو. آئون ٻار کي وڻ جي چوٽيءَ تي چاڙهيندس. پوءِ وري اها ڀت ڀڃندس. اڄ کان منهنجو باغ ٻارن جي راند روند لاءِ وقف رهندو.“ کيس پنهنجي ڪئي تي پڇتاءُ اچي ٿيو.
هو هيٺ لهي آيو ۽ مهاڙ واري در کي هن آهستگيءَ سان کوليو ۽ باغ ۾ نڪري پيو. ٻارن جي جڏهن هن تي نظر پئي ته هو هراسجي وٺي ڀڳا. ان سمي ئي باغ ۾ وري سياري جي موج ٿي ويئي. البت اهو ننڍو نينگر نه ڀڳو هو. هنن جي اکين ۾ لڙڪ ايترا ته ڀريل هئا، جو هن ديو کي پاڻ وٽ ايندي نه ڏٺو. ديو هن جي پويان اچي بيٺو. ٻار کي نرمائي سان هٿن ۾ کڻي وڻ تي چاڙهيائين. هڪدم وڻ ٻورجي ويو ۽ پکي پکڻ اچي هتي لنوڻ لڳا. ننڍڙي ٻار پنهنجيون ٻانهون ڦهلائي، ديو جي ڳچيءَ ۾ ورائي ڇڏيون ۽ ديو کي هڪ پيار ڀري مٺي ڏني. هوڏانهن ٻين ٻارن اهو نظارو پئي ڏٺو. کين لڳو ته ديو هن ڀيري سخت گير نه آهي. هو ڀڄندا واپس آيا. هنن جي اچڻ سان بهار به باغ ۾ واسو ڪيو. ”هيءُ باغ هاڻي اوهان جو آهي.“ ديو چيو ۽ هو ڀت ڊاهڻ ۾ جنبي ويو. ۽ جڏهن ماڻهو منجھد ويل مارڪيٽ ويندي هتان لانگھائو ٿيا ته کين اهو نظر آيو ته انتهائي پياري باغ ۾ ٻارڙا ديو سان کيڏي ڪڏي رهيا هئا. هو سڄو ڏهاڙو کيڏندا رهيا، شام ٿيندي ئي هو ديو کان موڪلائڻ آيا.
”پر ٻيلي اوهان جو اهو ننڍڙو ساٿي ڪٿي آهي؟“ هن پڇيو، ” جنهن کي مون وڻ تي چاڙهيو هو.“ اهو ٻالڪ ديو کي انڪري زياده عزيز هو، جو ان کيس چميو هو.
”چاچا اسان کي هن جي خبر نه آهي.“ ٻارن وراڻيو، ”سمجھون ٿا ته هو اڳي ئي هتان وڃي چڪو آهي.“
”چڱو ڀلا اوهان انکي چئجائو ته هو خوش رهي ۽ سڀاڻي به هت اچي.“ ديو چيو. پر ٻارن کيس ٻڌايو ته کين ان ٻار متعلق ڪا وڌيڪ ڄاڻ ڪونهي، ڇو ته پهريائين ان کي هنن نه ڏٺو هو. ديو اهو ٻڌي غمگين ٿي ويو.
ان کان پوءِ جڏهن پيشين جو اسڪول بند ٿيندا هئا، ته ٻار سڌو باغ ۾ ايندا هئا، ۽ کيڏڻ ۾ مگن ٿي ويندا هئا. پر اهو ننڍو نينگر، جنهن لاءِ ديو کي اڪير هئي، وري نظر نه آيو. بهرحال ديو هاڻي ٻين ٻارن سان قربائتي نموني پيش ايندو هو. پوءِ به منجھس پنهنجي پهرئين ننڍڙي سنگيءَ لاءِ تانگھ زندهه رهي، ۽ هو ان متعلق پيو ڳالهائيندو هو. ” الائي آئون وري ان ٻار کي ڏسي سگھندس ڪي نه؟“
ائين سال گذرندا رهيا ۽ ديو اچي پوڙهو ۽ نٻل ٿيو. هو هاڻي ٻارن سان کيڏي نٿي سگھيو. سو هيءُ ڪرسيءَ تي ويهي ٻارڙن کي کيڏندي ڏسندو هو ۽ ور ور پيو باغ کي ساراهيندو هو. ”مون وٽ ڏاڍا عاليشان گلڙا آهن.“ هن چيو،“ پر ٻارڙا سڀ کان نيارا ۽ دلپزير گلڙا آهن.“
هڪڙي سياري واري صبح جو، هن ڪپڙا پهريندي ٻاهر ڏٺو ۽ ڏسندو رهجي ويو. اهو واقعي به اچرج جھڙو ڏيک هو. باغ جي پرانهين ڪنڊ ۾ هڪڙو وڻ سفيد ٻور سان جھنجھيل هو. ان جو شاخون سونيون ۽ منجھان چانديءَ جھڙو ميوو لڏي رهيو هو. ان وڻ هيٺيان اهو ٻارڙو، جنهن کي هن سدائين پئي ساريو، بيٺل هو.
هو تڪڙو هيٺ لهي آيو ۽ باغ ڏي وڌڻ لڳو. هو جلديءَ ۾ ٻار وٽ پهچي ويو. ويجھو ٿيندي ئي هن جو چهرو ڪاوڙ ۾ سرخ ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو. ”ڪهڙي درندي توکي گھائيو آهي؟“ ٻار جي هٿ ترين توڙي پيرن تي ننهن جا نشان هئا. ” ڪهڙي ڪاسائي توکي ايذايو آهي؟“ هن دانهن ڪئي. ”ٻڌاءِ ته مان ان جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪريان.“
”نه، هي ته پيار جا زخم آهن.“
”تون پٽڙا ڪير آهين؟“ ديو پڇيو ۽ هو عجيب ڏيا ۾ وٺجي ويو ۽ ٻار آڏو جھڪي ويٺو.
ٻار هن کي ڏسي مسڪرايو ۽ چوڻ لڳو. ”توهان هڪ ڀيري مون کي پنهنجي باغ ۾ کيڏڻ ڏنو هو ۽ اڄ توهان مون ساڻ منهنجي باغ ۾ هلندا، جنهن کي جنت الفردوس سڏيو وڃي ٿو.“
جڏهن پيشين جو ٻار ڊوڙندا آيا ته انهن ڏٺو ته ديو وڻ هيٺان ستو پيو هو، ۽ سڄو سفيد ٻور سان ڍڪيل هو.

ڀاڳ ڀري

ڪنهن زَمانيٖ جِي ڳالِهه آهيٖ ته هڪڙِي ننڍڙِي ڇوڪِرِي هُوندِي هُئِي. جِنهِن جو نالو هو ڀاڳ ڀري. هُوءَ پَنهِنجيٖ ماءُ سان گَــڏُ هِڪِــڙيٖ ٻيلي ڀَرسان رَهَـنـدِي هـُئـِي.
هِـڪَ ڏِيـنـهَـن هـِنَ جيٖ ماءُ کيس چيو، ”تُــنـهِـنـجِـي نانـِي بِيمارُ آهي. تون ڪـُجھُه ڪيڪَ کَــڻــِي وَڃُ، ۽ کيس ڏيـئـِي اَچُ.“
هـِنَ جِي نانـِي ٻـيـليٖ وِچَ ۾ رَهَـندِي هُئـِي.
سو نَـنـڍِڙِي نِينگِـرِي اوڏانهن روانـِي ٿِي. هُوءَ هلندي هلندي جڏهن ٻيلي اندر پهتي، تڏهن اوچتو هڪڙو مڪار بـَگَھـڙَ ٽُپُ ڏيئِي ٻاهِـرِ آيو ۽ چَيائِين، ”ننڍڙي نينگري، تُـنهِنجو نالو ڇا آهي؟“
هـِـنَ ڊِڄِـي ڊِڄِـي پَـنـهِـنـجـو نـالـو ٻُـڌايـو. پوءِ ان مڪار بگھڙ پڇيو، ”تُـون ڪيڏانهن وِڃِي رَهِـي آهين؟“
ڀاڳ ڀريءَ وَراڻِـيـو، ”آئون پَنهِنجي نانِـيءَ کي ڪيڪَ ڏِيَـڻَ پَـئِـي وَڃَـان.“
اِهـو ٻُـڌِي مَـڪَـارَ بَـگھَـڙُ تَمامُ تِـکـو ڊوڙِي نـانـِيءَ جيٖ گھَـرِ ڏانهُن وِيـو. هِـنَ دَرَ تيٖ ٺُـڪِ ٺُـڪِ ڪَـئـِي ته نانـِيءَ پڇيو، ”ڪيرُ آهي؟“
اُنَ تي هِنَ مَڪارَ پَنـهِـنـجو آواز بـَدِلائـيٖ نَـرَمُ ڪَري چَيو، ”آئون ڀاڳ ڀري آهيان.“
نانـيءَ چيو، ”چڱو، پوءِ ڀَليٖ اَندَرِ اچ.“
هُـو ڊوڙِي اندر گِھـڙِيو ۽ نانيءَ کيٖ کائِـي ڇَــڏِيــو. هائو، هُو نانِـيءَ کيٖ سَڄو ڳِـڙِڪـائـيٖ وِيـو.
پوءِ مَڪارَ بَگھَـڙَ نانِـيءَ جي راتِ وارِي ٽوپِـي پاتِـي، ۽ نانـِيءَ جِـي عـينَـڪَ اکِينِ تـيٖ چاڙهيٖ، وَڃِــي نانِـيءَ جيٖ بِـسِـتـِريٖ تي ويـٺـو.
هاڻيٖ ڀـاڳ ڀـري به اَچِـي نانـِيءَ جيٖ گَھـرِ پـهتِـي.
هِـنَ نـانِـيءَ جو دَرُ کُــڙِڪـايو ته مـڪـار بـگھـڙ پـڇـيـو، ”ڪير آهي؟“
هِـنَ چيو، ”آئون ڀاڳ ڀري آهيان ۽ مون توهان جي کائڻ لاءِ ڪجھه ڪيڪ آندا آهن.“
مڪار بگھڙ نرم آواز ۾ چيو، ”مُنـهِنـجِـي مِـٺِـي اندرِ اَچُ.“
ائين ڀاڳ ڀري نانِيءَ جي گھر اندر گھڙي. هن بگھڙ کي ئي پنهنجي ناني ڪري سمجھيو. هـن پنهنجي نانيءَ جي اکين ڏيٖ نهاري پُـڇِـيـو”نانِي! اوهانـجِيُـون اکِيُون ته ڪيڏِيون وَڏِيُــون آهِـن!“
”ان لاءِ ته تـوکيٖ چَڱيٖ نـمـونيٖ ڏِسِـي سَـگھـان، مُنهِنجِـي پـيـاري!“ مڪار بگھڙ چيو.
پوءِ وري ننڍڙيءَ نينگر نانيءَ ڏي ڏِٺو ۽ چَيو، ”ناني! اوهان جا ڪَـنَ ته ڪيڏا وڏا آهن!“
”ان ڪري ته آئون توکي سـٺـي نموني ٻـڌي سـگھـان، منهنجي پياري!“ مڪار بگھڙ چيو.
وري هڪ دفعو ٻِيهَر ننڍڙيءَ نينگر نانيءَ ڏي نهاريو ۽ چيو، ”او ناني! توهانـجـا ڏنـد ته ڪيـڏا وڏا آهن!“
”ان لاءِ ته توکي سُٺيٖ نَمُونيٖ کائـِي سَـگھان، منهنجي پياري!“ اهو چئي بگھڙ نينگريءَ کي کائڻ لاءِ بستري تان ٽپ ڏئي لٿو.
پر اُنَ وَقـت هڪڙي ڪاٺيئر بـگھـڙ جي ڳالهه ٻڌي ورتي ۽ هُـو ڪُـهـاڙِي کـڻـي ڊوڙي انـدر آيـو. اچڻ سان پنهنجي ڪهاڙيءَ سان بگھڙ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. خدا جي قدرت سان ناني اُتان جـِيئـَرِي نِڪِرِي آئِي.
ان کان پوءِ نانِي بِستري تي وَڃـِي ويٺِي ۽ انهن سڀني چانهن ۽ ڪيڪ کاڌا.
ائين مڪار بگھڙ جي پڄاڻي ٿي ۽ انهيءَ سان هيءَ ڪهاڻي به ختم ٿي.

(آڪسفرڊ پريس ۽ جِنِ ڪمپني جي اشتراڪ سان ڇپايل ڪتاب Once upon a time ۾ ڏنل ڪهاڻي Little Red Ridinghood جو آزاد ترجمو.)

جانو ۽ ڦرهين وارو ڪانو

ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙو ڇوڪرو هوندو هو. جنهنجو نالو هو جانو.
هڪڙي ڏينهن جانوءَ جي ماءُ هن کي چيو، ”پـاڻ ڏاڍا غريب ٿي ويا آهيون. پاڻ وٽ هڪ پئسو به نه بچيو آهي. تون پنهنجي ڳئون ڪاهي وڃي مارڪيٽ ۾ کپائي اچ ته جيئن ٻه ٽي ڏوڪڙ ملي پون.“
جانو ڳئون ڪاهي روانو ٿيو. رستي تي کيس هڪ ننڍڙي قد وارو پوڙهو ماڻهوگـڏيـو.
انهيءَ ننڍي پوڙهي ماڻهوءَ کيس چيو، ”مون کي اها ڳئون ڏي ته ان جي بدلي، آئون تو کي جادوءَ وارا ٻج داڻا ڏيان.“
ائين جانوءَ ان کي ڳئون ڏيئي جادو وارا ٻج داڻا ورتا. جڏهن جانو گھر پهتو، تڏهن سندس ماءُ اهو احوال ٻڌي، مٿس ڏاڍي ڪـاوڙي ۽ کيس چيائين، ”مون ڳئون پئسن لاءِ ٿي کپائي. هـي ٻج داڻا ڪهڙي ڪم جا!“
هن انهن جادوئي ٻج داڻن کي دريءَ مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو ۽ سـزا طور جانو کي بکئي پيٽ سمهڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو!
ٻئي ڏينهن صبح جو جانوءَ ننڊ مان سجاڳ ٿي، دريءَ مان ٻاهر نهاريو. هن ڏٺو ته هڪڙو رات وچ ۾ وڏو ڦرهي وارو ڪانو نسري وڃي آسمان تائين رسيو هو.
”مونکي انهيءَ ڪاني تي چڙهڻ گھرجي،“ جانو دل ۾ چيو.
ائين جانو مٿي چڙهندو ويو، چڙهندو ويو ۽ وڃي چوٽيءَ تي پهتو.
ان وڻ جي چوٽيءَ تي جانو کي هڪ ڊگھو رستو ڏسڻ ۾ آيو. ان رستي جي آخر ۾ هن هڪ ديو جو گھر ڏٺو.
”ڏسان ته هن گھر ۾ ڪير ٿو رهي،“ جانو چيو.
ائين جانو ان ديــوَ جيٖ گھـر اندر ويو.
ٿوري وقت کان پوءِ ديو ڦوڪاريندو ۽ گجگوڙ ڪندو آيو:
”فيٖ فِي فو فم! مون کي هڪ ٻار جي رت جي ڌپ پئي اچي، هو مئل هجي يا جيئرو، آئون هن جي جسم جا هڏا پينهِي ان مان پنهنجي لاءِ ماني ٺاهيندس.“
اهو ٻڌي جانو ٻوڙ وغيره رڌڻ واري مشين يعني اووِنِ ۾ لڪي ويو. ۽ ديــو به پنهنجي سـونَ واري ٿيلهي ڀرسان ئي ويهي رهيو. ٿوري وقت کان پوءِ ديو کي ننڊ اچي ويئي. جانو انهيءَ اوون مان ٻاهر نڪتو.
”مون کي اها سون واري ٿيلهي کڻڻ گھرجي،“ هن چيو.
ائين جانوءَ اها سون واري ٿيلهي کنئي ۽ هيٺ لهي آيو.
ان کان پوءِ جانو ۽ سندس ماءُ غريب نه رهيا. اُنهَنِ ان سون مان هڪ ڳئون ورتي ۽ تمام گھڻا کاڌا خريد ڪيا.
وري هڪ ڏينهن جانو دل ۾ چيو، ”مون کي هڪ ڀيرو وري ان وڻ تي چڙهڻ گھرجي.“
ائين هـو ان وڻ تي چڙهندو ويو، چڙهندو ويو ۽ وڃي چوٽيءَ تي پهتو. اڳي وانگر هو ڊگھو روڊ لتاڙي ديو جي گھر اندر گھڙيو. ٿوري دير کانپوءِ اهو ديو ڦوڪاريندو ۽ گجگوڙ ڪندو آيو:
”في فِي فو فم! مون کي هڪ ٻار جي رت جي ڌپ پئي اچي. هو جيئرو هجي يا مئل، آئون هن جي جسم جي هَـڏيـن کي پِيـهِـي ان مان پنهنجي لاءِ ماني ٺاهيندس.“
جانو هن ڀيري به اوون ۾ لڪي ويو. پر اهو ان ڏينهن ڏاڍو گرم لڳو پيو هو! ديو جادوءَ واري ڪـُـڪِــڙِ سميت ڀرسان ئي ويهي رهيو. هن ڪڪڙ کي چيو، ”بيضو لاهه.“ ۽ جادوئي ڪڪڙ سونو بيضو لاهي ڏنو. جھٽ ۾ ديو سمهي پيو ۽ جانو ٻاهر نڪتو.
”مون کي اها ڪڪڙ کڻڻ کپي،“ جانو چيو.
ائين هن جادوئي ڪـڪــڙ کي کنيو ۽ هيٺ لهندو، لهندو اچي زمين تي پهتو.
هاڻي جانو ۽ سندس ماءُ اڃا وڌيڪ شاهوڪار ٿي ويا. جادوئي ڪـڪـڙ انهن کي روزانو سونو بيضو لاهي ڏيندي هئي، جنهن کي وڪڻي، هـُو ڪافي ناڻـو حاصل ڪندا هئا.
وري هڪ ڏهاڙي جانوءَ دل ۾ چيو، ”مون کي وري به ان وڻ تي چڙهڻ گھرجي.“
ائين هو ان وڻ تي چڙهندو ويو، چڙهندو ويو ۽ نيٺ ان جي چوٽيءَ تي وڃي پهتو. جانو ڊگھو روڊ لتاڙي، ديو جي گھر اندر ويو. ديو ڦوڪاريندو ۽ گجگوڙ ڪندو آيو:
”في فِي فو فم! مون کي هڪ ٻار جي رت جي ڌپ پئي اچي. هو جيئرو هجي يا مئل، آئون هن جي جسم جي هڏين کي پِيـهِي ان مان پنهنجي لاءِ ماني ٺاهيندس.“
جانو لڪي ويو. اڳي وانگر ديو به ڀرسان ويهي رهيو. هن ڀيري هن وٽ جادوئي واڄـو هو، جنهن مان سر ٿي نڪتا.
جانو چيو، ”مون کي اهو جادوئي واڄو کڻڻ گھرجي.“
جيئن ئي ديو ننڊ ۾ پيو، جانو اهو واڄو کنيو. پر جانو جو هٿ جيئن ئي ان واڄي تي پيو ته ان وڄڻ شروع ڪيو، ”مدد ڪريو! مدد ڪريو!“
ديو جاڳي پيو ۽ جانو جي پويان ڊوڙڻ لڳو. جانو تڪڙو تڪڙو لهندو ويو ۽ ديو به سندس پويان لڳو آيو. پر جانوءَ هيٺ لهي، جلديءَ ۾ ڪهاڙو کنيو ۽ ڪاني کي وڍي وڌو. نتيجي ۾ اهو ديو زمين تي ڪري پيو ۽ مري ويو.
ائين ديو ۽ ڪهاڻي جي پڄاڻي ٿي.

ادرڪ ماني وارو نينگر

ڪنهن زماني ۾ هڪڙو پوڙهو ماڻهو ۽ هڪڙي پوڙهي عورت رهندا هئا. اهي پهاڙيءَ هيٺان ننڍي پراڻي گھر ۾ اڪيلا رهندا هئا. کين ڪوبه اولاد نه هو.
هڪڙي ڏينهن پوڙهيءَ پنهنجي مڙس کي چيو، ”آئون ادرڪ ۽ اٽي مان هڪ ڇوڪرو ٺاهيان ٿي. ان جي ڪوٽ لاءِ کنڊ جو تهه ٺاهيندس. آئون مصريءَ جي ڳنڍن مان ان جون اکيون ۽ منهن ٺاهينديس. هڪ وڏي قـشـمـش مان، آئون ان جو نڪ جوڙينديس ۽ اکروٽن مان هن لاءِ جوتا جوڙيندس.“
ائين پوڙهي عورت ان جي پيرن جون آڱريون ٺاهيون. پوءِ ان جون ٽنگون ۽ ٻانهون سڌيون ڪيون. ان کي تئي تي رکيو. ان کان پوءِ هن ادرڪ ماني واري ڇوڪري کي کاڌي پچائڻ واري مشين (اوون) ۾ رکيو، ته جيئن اهو پچي تيار ٿئي.
”او، هو!“ هن رڙ ڪئي. ”هاڻي مون وٽ پنهنجو ادرڪ ماني وارو ٻار هوندو.“
پوءِ هوءَ پنهنجي ڪم ڪار ۾ لڳي ويئي. ڪجھه وقت کان پوءِ هوءَ اوون ڏي ويئي.
اوون مان آواز آيو،” مون کي ٻاهر ڪڍو! ٻاهر ڪڍو!“
ان پوڙهي عورت ڊوڙي وڃي اوون جو دروازو کوليو. ان مان ادرڪ ماني وارو ڇوڪرو ٻاهر نڪري آيو. هو پٽ تي ٺينگ ٽپا ڏيندو رهيو. گھر جو در کليل ڏسي، هُـو ٻاهر نڪري ويو ۽ گَھـٽِـيءَ ۾ ڀڄڻ لڳو. پوڙهو ماڻهو ۽ عورت ان جي پويان ڊوڙڻ لڳا. ۽ کيس سڏيندا رهيا:
”اي ادرڪ ماني وارا ڇوڪرا! بيهي رهه. بيهي رهه. مٺا، اسان کان نه ڀڄ.“
”نه!“ ادرڪ ماني واري ڇوڪري چيو. ”آئون نه ايندس ۽ آئون اوهان کان پري ڀڄي ويندس.“
ائين ادرڪ ماني وارو نينگر هنن کان ڀڄي ويو. هو ڊوڙندو ۽ ڊوڙندو رهيو. کيس هڪڙو وڏو ڪتو گڏيو.
ان ڪُتـيٖ کيس چيو، ”بيهه! بيهه! آئون توکي ڏسڻ گھران ٿو. هيڏانهن اچ، ادرڪ ماني وارا نينگر.“
ادرڪ ماني واري نينگر چيو، ”نه! ڪتا، تون مون کي کائڻ ٿو چاهين. آئون پوڙهي مائيءَ ۽ سندس مڙس کان ڀڄي آيو آهيان. تو کان به آئون ڀڄي ويندس.“
ائين ادرڪ ماني وارو نينگر اتان به ڀڄي ويو. وري کيس رستي ۾ هڪ ننڍڙي ٻڪري ملي.
ٻڪريءَ کيس ڏسي چيو، ”بيهه! بيهه! آئون توکي ڏسان. ادرڪ ماني وارا نينگر، هيڏانهن اچ.“
ادرڪ ماني واري نينگر چيو، ”نه! ننڍي ٻڪري، تون مون کي کائڻ ٿي چاهين. آئون پوڙهي مائيءَ ۽ سندس مڙس کان ڀڄي نڪتس. پوءِ آئون وڏي ڪتي کان به ڀڄي آيو آهيان. سو آئون توکان به ڀڄي ويندس.“
ائين ادرڪ ماني وارو نينگر اتان به ڀڄي ويو. هو ڊوڙندو ڊوڙندو اچي درياءَ تي پهتو پر کيس ترڻ نه ٿي آيو. اتي لومڙ به موجود هو.
لومڙ چيو، ”بيهه! بيهه! تون تري نٿو سگھين، پر آئون تري سگھان ٿو. آئون ترندس ۽ تون مون تي چڙهي ويهجان. ادرڪ ماني وارا ڇوڪرا، هيڏانهن اچ ته آئون تنهنجي مدد ڪريان.“
ادرڪ ماني وارو نينگر لومڙ جي ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ هن تي چڙهي ويٺو.
لومڙ چيو، ”ادرڪ ماني وارا نينگر، اجھو اسان دريا ٽپي رهيا آهيون. تون پوڙهي مائيءَ ۽ سندس مڙس کان ڀڄي آئين. تون وڏي ڪتي کان به ڀڄي آئين، ۽ تون ننڍي ٻڪريءَ کان به ڀڄي نڪتين پر تون هاڻي مون کان ڀڄي نه سگھندين! آئون ئي توکي کائيندس.“
اهو چئي لومڙ ان کي کائي هڙپ ڪري ڇڏيو.
ائين ڪهاڻي ختم ٿي.