تصوف

پکين جي پارليامينٽ

منطق الطير ۾ خواجہ فريد الدين عطار، تمثيل طور پکين جي روپ ۾ انساني جذبن ۽ حقيقتن جو اظھار ڪيو آھي ۽ ھڪ افساني جي شڪل ۾ انساني زندگيءَ جا عام واقعا بيان ڪيا آھن. منطق الطير جي 64 بيانن ۾ ڪُل 4600 بيت آھن. منڍ وارا 600 کن بيت رب جي واکاڻ، رسول صہ جن جي نعت، خليفن جي مدح تي مشتمل آھن. ان کان پوءِ اصل قصو شروع ٿئي ٿو. 

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پکين جي پارليامينٽ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران عظيم صوفي بزرگ ۽ شاعر شيخ فريد الدين عطار جي مشھور فارسي ڪتاب ”منطق الطير“ جو سنڌي ترجمو ”پکين جي پارليامينٽ“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار غلام حسين جلباڻي آھي.
منطق الطير ۾ خواجہ فريد الدين عطار، تمثيل طور پکين جي روپ ۾ انساني جذبن ۽ حقيقتن جو اظھار ڪيو آھي ۽ ھڪ افساني جي شڪل ۾ انساني زندگيءَ جا عام واقعا بيان ڪيا آھن. منطق الطير جي 64 بيانن ۾ ڪُل 4600 بيت آھن. منڍ وارا 600 کن بيت رب جي واکاڻ، رسول صہ جن جي نعت، خليفن جي مدح تي مشتمل آھن. ان کان پوءِ اصل قصو شروع ٿئي ٿو. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1959ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جڏھن تہ ڇھون ڇاپو 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جيڪو وتايي جي گهر جي سھڪار سان ھتي شيئر ڪجي ٿو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ديباچو

خواجه فريدالدين عطار رح جو ڪتاب ”منطق الطير“ فارسي ادب ۾ تصوف تي مشهور مثنوي آهي. ان جا ڪن ٻولين ۾ ترجما به موجود آهن.
تصوف جي راهه ۾ هيءُ هڪ روشن قنديل آهي ۽ عطار جي اندر جو آئينو آهي. زهد ۽ تقويٰ جي بيان سان ڀريل ”منطق الطير“ دل ۽ خيالن جي پاڪيزگيءَ لاءِ هڪ ڪسوٽي آهي. نفس ۽ شيطان جي دوکيبازين کي سڃاڻن لاءِ هڪ اکين اڏو لکيل دفتر آهي. خوش فهمي ۽ خوش اعتقاديءَ جي مرض لاءِ هڪ لا جواب نسخو آهي. مطلب ته بيمار دلين لاءِ هڪ اڪسير ۽ روح لاءِ هڪ معجون ۽ دائمي رهاڻ آهي.
پکين جي تمثيل ۾ خواجه عطاررح، سالڪ جي پنهنجي مالڪ جي وصال لاءِ سفر ۽ ان جي دشوارين جو لفظن ۾ نقش چٽيو آهي.
تقريباً ٽي سال اڳ هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادبي بورڊ کي شايع ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو ويو هو. مان بورڊ جو شڪرگذار آهيان جنهن ڪتاب کي منظور ڪري شايع ڪيو آهي.
”منطق الطير“ جيئن ته يونيورسٽي ۽ ڪاليج جي نصاب ۾ آهي تنهن ڪري ان جو سنڌي ترجمو سنڌي شاگردن لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيندو. علاوه ان جي هن ڪتاب ۾ عام جي فائدي ۽ دلچسپيءَ جو به جهجهو سامان موجود آهي. صوفي مزاج وارن لاءِ ته هيءُ هڪ وڃايل وٿ آهي ۽ حڪمت ۽ دانائيءَ جي کاڻ جو هڪ بي بها لعل آهي. عطار جو فلسفو مقبول عام و خاص آهي.
ترجمي جي عبارت نهايت سليس ۽ سلوڻي آهي ۽ هن قصي کي جنهن پيرائي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. سو ڏاڍو دلڪش ۽ موهيندڙ آهي. ”پکين جي پارليامينٽ“ اصل ڪتاب جو اختصار آهي، جنهن ۾ معنيٰ ۽ مفهوم کي شگفته عبارت ۾ پيش ڪرڻ کي لفظي ترجمي کان زياده اهميت ڏني ويئي آهي.
مان پنهنجي محترم دوست ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب صدر شعبهء فارسي سنڌ يونيورسٽيءَ جو گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن تڪليف وٺي هن ساري ترجمي کي نظر مان ڪڍيو ۽ ان ۾ ٿيل غلطين کي درست ڪيو. وآخر دعوانا ان الحمدلله رب العالمين.


غلام حسين جلباڻي
صدر شعبهء عربي، سنڌ يونيورسٽي
20- نومبر 1962ع
حيدرآباد، سنڌ
(پاڪستان)

شيخ فريدالدين عطار

شيخ فريدالدين عطار، نيشاپور جي قريب ڪدڪن ڳوٺ ۾ شعبان مهيني ۾، سن 513 هجري مطابق 1119 عيسوي ۾ ڄائو. سندس اصلي نالو محمد بن ابراهيم هو ۽ فريدالدين محض هڪ تعظيمي لقب هوس. ڪجهه وقت لاءِ هو پنهنجي پيءُ جو پسارڪو (عطر فروشيءَ) ڌنڌو ڪندو رهيو، جنهن سبب هو عطار سڏجڻ لڳو ۽ جنهن کي هن بعد ۾ پنهنجو شاعرانو لقب ڪري اختيار ڪيو.
هيءَ هڪ تسليم شده حقيقت آهي ته هو ان زماني جي طب کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ انهيءَ علم ۾ شيخ مجدالدين بغدادي سندس استاد هو، جو سلطان محمد خوارزم شاهه جو خاص طبيب هو. شيخ هر روز پنهنجي پسارڪي دڪان (داروخانه) ۾ بيمارن جو علاج پاڻ ڪندو هو ۽ انهن مان گهڻن کي دوا بالڪل مفت ڏيندو هو. پنهنجي ڪتاب خسرو نامه ۾ فرمائي ٿو:

بدارو خانه پانصد شخص بودند،
که در هر روز نبضم ميمودند.

شيخ عطار، پنهنجي پسارڪي ڌنڌي وقت به طريقت جي راهه تي گامزن ۽ حقيقت جي رستي تي روان ۽ دوان هو، جيئن جو هو پاڻ چوي ٿو ته مون ”مصيبت نامه“ ۽ ”الاهي نامه“ ٻئي پنهنجي دڪان تي لکيا:

مصيبت نامه کاند وه جهانست،
الاهي نامه کا سرار عيانست،
بدارو خانه کردم هر دو آغاز؛
چگويم زود رستم زين و آن باز.

هڪڙي ڏينهن هو جيئن پنهنجي دوستن سان گڏ پنهنجي سينگاريل دڪان تي ويٺـو هو، تيئن هڪ درويش، پينو فقير جي لباس ۾ وٽس لنگهي آيو. عطار، هن کي ڪجهه خير ڏنو ۽ هو اهو وٺي ويندو رهيو، ۽ ٿورڙي دير مس گذري ته هو وري واپس موٽي اچي سندس دڪان کي گهڻي انتظار ۽ غم سان ڏسڻ لڳو ۽ هڪڙو ڊگهو ساهه کڻي روئي ڏنو. عطار، هن جي ان روش کان خفي ٿي وري به ڪجهه خيرات ڏيئي کيس موٽي وڃڻ لاءِ چيو. حقيقت ۾ درويش جو هن دنيا جي بي ثباتي ۽ انساني زندگيءَ جي بيبقائيءَ تي روئي رهيو هو، تنهن ڳالهه کي عطار سمجهي نه سگهيو. اُن تي درويش چيس ته مون کي هن دنيا ۾ سواءِ هنن ڦاٽلن ڪپڙن جي ٻيو ڪجهه به نه آهي، جو کڻي مون کي وڌيڪ رهڻ لاءِ هرکائي، ۽ اهوئي ته سبب آهي جو مان موت لاءِ هر وقت تيار ۽ تڪڙو آهيان. اڙي عطار، مان ته تنهنجي حال تي افسوس کائي رهيو آهيان، ڇا لاءِ جو ڏسان ٿو ته توکي هن فاني دنيا جون لذتون ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيون لڳن ٿيون.
نوجوان دڪاندار، ان درويش جي نصيحت کان ايترو ته متاثر ٿيو جو ان کي جواب ۾ چيائين ته دنيا کي درويشن جيان، سواءِ ڪنهن رنج جي ڇڏڻ لاءِ بالڪل تيار آهيان ۽ ائين چئي هن هڪدم دنيا جي ڌنڌن کي خيرباد ڪندي، پنهنجي دڪان کي لٽڻ لاءِ عام اجازت ڏني. اهو شخص جو ڪنهن وقت لکاپتي هو، تنهن وٽ هينئر هڪ دمڙي به ڪانه رهي. هو پوءِ ان درويش سان ملي ويو، جو هن کي شيخ الشيوخ رڪن الدين وٽ وٺي آيو، جنهن کيس روحاني حقيقتن جي علم کان آگاهه ڪيو.
ان کان پوءِ هو صوفي فلسفي جي اڀياس ڪرڻ ۾ گهڻو مشغول ٿي ويو ۽ عارفن ۽ سالڪن جا ڪيترائي ڪتاب نظر مان ڪڍي، هوشيار ۽ ڀڙ ٿي نڪتو ۽ وڏن وڏن صوفين جي صحبت ۾ رهي ڪافي فائدو پرايو. سندس نثر خواهه نظم ۾ ايترو ته اثر آهي جو ٻئي ڪنهن به بزرگ جي ڪلام ۾ نظر نٿو اچي ۽ انهيءَ ڪري ارباب حل و عقد سندس ڪلام کي ”تازيانه اهل سلوڪ“ جو نالو ڏنو آهي. مولانا جلال الدين روميرح ان کي ”حقيقت“ جو منهن ۽ سنائيءَ کي ان منهن جون ٻه اکيون سڏيو آهي ۽ چوي ٿو ته مان انهن ٻنهي جو پيرو سندن نقش تي هلي رهيو آهيان:

عطار روي بود و سنائي دو چشم او،
ما از پئي سنائي و عطار ميرويم.

عطار پنهجي ساري ڄمار، عبادت، غور و فڪر ۾ صرف ڪئي ۽ هو في الواقع هڪ مڪمل صوفي هو. هن صوفي استادن جون چوڻيون، قول ۽ اقوال، اشعار، نصيحتون ۽ اخلاقي گفتا گڏ ڪيا ۽ انهيءَ ڪم ۾ هن پورا اڻيتاليهه (39) سال صرف ڪيا.
هو، سلطان سنجر جي زماني ۾ رهندو هو، جنهن جو زمانو ادب ۽ حڪمت جي لحاظ کان گهڻو روشن هو. گهميو به گهڻوئي هو ۽ مصر، شام، هندستان ۽ ترڪستان مان ٿي واپس پنهنجي ڳوٺ اچي زندگي جا باقي ڏينهن گذارڻ لڳو ۽ آخر ۾ سن 627 هجري مطابق 1230 عيسوي جڏهن سندس عمر 114 ورهيه هئي. · شادياخ ڳوٺ ۾ تاتارين جي هٿان شهيد ٿي ويو، جن نيشاپور ۾ عام قتل و غارت ڪئي هئي!
دنيا ۾ ان جي مرغوبات کي ترڪ ڪري شيخ حج روانو ٿيو ۽ اتان موٽڻ بعد سخت زهديه زندگي بسر ڪرڻ لڳو ۽ تصوف متعلق ڪتابن لکڻ ۾ پاڻ کي رنڀائي ڇڏيو، انهن مان ڪي نثر ۾ آهن جن مان ”تذڪرة اوليا“ نهايت ئي عمدي ۽ قيمتي تصنيف آهي. سندس گهڻا ڪتاب نظم ۾ آهن، جن مان ”پندنامه“ ۽ ”منطق الطير“ سڀني کان زياده مشهور آهن. پهريون مڪتبن ۾ ۽ ٻيو يونيورسٽين ۾ عام طور تي پڙهايا وڃن ٿا. پهرين ڪتاب جو تعلق جيتوڻيڪ اخلاقيات سان آهي مگر ڏاڍو وندرائيندڙ ۽ ڪارآمد نصيحتن سان ڀريل آهي.
منطق الطير هڪ تمثيلي نظم آهي ۽ منجهس 4600 بيت آهن. ساروئي ڪتاب دلچسپ ڳالهين سان پر آهي، جنهن ۾ صوفين جي زندگي ۽ سندن عقيدن جو مڪمل جائزو ورتو ويو آهي. هيءُ ڪتاب سنين ۽ شيعن وٽ عام مقبول آهي ۽ منجهس ڪيترين جڳهن تي اخلاقي ڪهاڻين ۽ پاڪيزه خيالن جو اظهار ڪيل آهي. آخر ۾ ستن وادين جو ذڪر آهي جن مان پکين (سالڪن ۽ صوفين) کي پار لنگهي پنهنجي بادشاهه ’سيمرغ‘ (الله تعاليٰ) ڏانهن وڃڻو پوي ٿو.
نظم جو قصي وارو حصو بيت نمبر 596 کان پکين جي ميڙ سان شروع ٿئي ٿو، جن مان تيرهن قسمن جي پکين کي نکيڙي، الڳ الڳ بيان ڪيو ويو آهي. مصنف جي خيال موجب پکي، جمهوري نظام کان تنگ اچي هڪ بادشاهه لاءِ بي تاب ٿي پيا. هدهد جنهن حضرت سليمان جي بيابان ۾ رهنمائي ڪئي هئي ۽ هن حقيقت کان پوريءَ طرح باخبر هو ته هڪ بادشاهه ۾ ڪهڙين لياقتن جو هئڻ ضروري آهي، تنهن کي پکين عرض ڪيو ته هو انهيءَ ڏس ۾ سندن رهنمائي ڪري ۽ ٻڌائي ته هو ڪنهن کي پنهنجو بادشاه منتخب ڪن.
هدهد انهن کي مشورو ڏنو ته ”سيمرغ“ کي پنهنجو بادشاهه مقرر ڪن جو ڪوهه قاف جبل ۾ رهي ٿو؛ پر جيئن ته اوڏانهن ويندڙ رستو گهڻو ڊگهو ۽ پرخطر هو، تنهن ڪري ڪيترن پکين اوڏانهن وڃڻ کان معذرت ڏيکاري. انهن مان ڪي ٿورا روانا ٿيا ۽ جڏهن سيمرغ جي درٻار وٽ اچي پهتا، تڏهن انهن جو تعداد به گهٽجي وڃي ٽيهه بيـٺو. هي سفر سَٽيل، پَرَ ڀڳل، بکيا ۽ اُڃيا نيٺ وڃي پنهنجي بادشاهه سيمرغ جي درٻار اندر باريابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر اتي پهچي جو کڻي ڏسن ته مار هو سندس حاضريءَ ۾ پنهنجيون ذاتيون ئي وڃائي ويٺا آهن ۽ اهي خود سيمرغ آهن ۽ هو خود هي ٽيهه پکي ۽ انهيءَ کي ڳولي لهڻ ۾ هنن پاڻ کي ڳولي لڌو آهي.
هن رنگين پيرائي ۾ شاعر، انساني روح جي تلاش جو نقشو چٽيو آهي، جڏهن اهو الوهيت ۾ محو ٿي وڃي ٿو. نظم ۾ سندس ٻيا ڪتاب هي آهن: (1) الاهي نامه، (2) اسرارنامه، (3) مصيبت نامه، (4) بلبل نامه، (5) مختار نامه (6) گل و هرمز وغيره. شيخ عطار ”خسرو نامه“ ۾ پنهنجي بعض مثنوين جو نالو وٺي فرمائي ٿو:

مصيبت نامه زاد رهروان است
الــٰــهي نامه گنج خسروان است
جهان معرفت اسرار نامه است
بهشت اهل دل مختار نامه است؛
مقامات طيور · ما چنان است
که مرغ عشق را معراج جان است

شيخ فريدالدين هڪ عظيم مصنف هو. فقط سندس شعر 120000 بيتن تي مشتمل آهي. چون ٿا ته سندس ڪتابن جو تعداد قرآن پاڪ جي سورتن مطابق 114 هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هي بيان مبالغي کان خالي نه آهي ته به هن حقيقت جو هڪ پڌرو ثبوت ضرور آهي ته سندس تصنيفن جو تعداد جهجهو هو.

_______________
· شادياخ، نيشاپور جي جنوب مشرق ۾ هڪڙو شهر آهي.
· مقامات صيور مان مراد منطق الطير آهي

پکين جو ميڙ

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي دفعي ساري جهان جا پکي، ظاهر خواه لڪل، اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا ۽ مڙي صلاح ڪرڻ لڳا ته هن وقت دنيا ۾ ڪوبه شهر بادشاهه کان خالي ڪونهي. خبر نه آهي ته ڇو اسان جو ئي هڪ اهڙو ملڪ وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ بادشاهه آهي ئي ڪونه. اسين هينئر بادشاهه بغير وڌيڪ پنهنجي بادشاهه جي ڳولا ڪريون، ڇاڪاڻ ته بادشاهه کان سواءِ ملڪي ڪاروبار ساروئي ڊانوان ڊول ٿيو وڃي. بس پوءِ سڀيئي هڪ هنڌ ملي پنهنجي بادشاهه جي ڳولا ۾ لڳي ويا.

هدهد جي تقرير ۽ سيمرغ جي تعريف

هدهد، جنهن جي جسم تي (ڳچيءَ ۾) طريقت جو چوغو پيل ۽ مٿي تي حقيقت جو تاج رکيل هو ۽ جو گهڻو ڏاهو ۽ (رستي جو) واقفڪار هو ۽ هر چڱائي ۽ مٺائي کان خوب باخبر هو، تنهن پنهنجي غمگين دل ۽ بيقراريءَ سان سندن وچ ۾ اچي کين مخاطب ٿي چوڻ لڳو.
”اي پرندو! هن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مان خدائي درٻار جو قاصد ۽ غيب جو ڄاڻو آهيان. ان جي درٻار جي مون کي پوري خبر آهي ۽ مان پيدائشي رازدان آهيان. ڀلا جنهن جي چهنب ۾ بسم الله هجي ته پوءِ هو رازن جو ڄاڻندڙ ڪيئن نه هوندو؟ 1 مان ڏکن ۽ ڏولاون ۾ ڏينهن گذاريان ٿو، مون سان ڪنهن جو سروڪار ڪونهي؛ نه مخلوق سان منهنجو ڪو تعلق ۽ نه وري مخلوق جو مون سان ڪو واسطو. آءٌ پنهنجي بادشاهه جي عشق ۾ ايترو ته گرفتار آهيان جو دنيا جي ڪا خبر ئي ڪانهيم (جو سپاهين کان بالڪل بي پرواهه آهيان). مان پنهنجي فهم فراست سان پاڻيءَ طرف رهنمائي ڪريان ٿو. 2 (پاڻي ڏيکاريان ٿو) ۽ ان کان سواءِ ٻيا به ڪئين راز رکان ٿو!
توهان خود خيال ڪريو ته جنهن حضرت سليمان سان گفتگو ڪئي سو سندس ساري لشڪر کان وڌيڪ مرتبي وارو نه هوندو؟ ڏسو ته جڏهن ڪڏهن ڪوبه ان جي ملڪ مان گم ٿي ٿيو، تڏهن هن ان جي ڪا پڇا ئي ڪانه ٿي ڪئي؛ ليڪن جڏهن مان سندس ملڪ کان هڪ گهڙي غائب رهيس، تڏهن منهنجي ڳولا لاءِ هرطرف متلاشي روانا ڪيائين. هن جو مون بغير گهڙي صبر نه ڪرڻ ئي مون لاءِ ڪافي فخر جي ڳالهه آهي. مان ان جو خط کڻي واپس جواب وٺي آيس ۽ اهڙي طرح ان جو همراز به بڻيس. سچ پچ جنهن کي پيغمبر چاهيندو هجي، تنهن جو سِر تي ڇٽ خوب سونهي ٿو، جنهن جو ذڪر خود خدا تعاليٰ (قرآن شريف ۾) ڀلائي سان ڪيو، تنهن جي پرواز جي دنيا جي ويجهو ڪهڙو پکي وڃي سگهي ٿو!
مون ڪيترائي سال درياءَ ۽ خشڪيءَ جو سفر ڪيو آهي؛ نهايت گهڻو گهميو ڦريو آهيان ۽ ڪيتريون ئي واديون، پهاڙ ۽ برپٽ جهاڳيا آهن ۽ حضرت سليمان جي فوج ڪشيءَ وقت ساريءَ دنيا جو چڪر لڳايو آهي نه فقط ايترو پر مان خود حضرت سليمان سان سفر ۾ گڏ رهيو آهيان، ۽ پوري جهان کي ماپي ورتو آهي.
انهيءَ ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونهي ته مان پنهنجي بادشاهه کي چڱيءَ پر ڄاڻان ٿو، ليڪن اڪيلو وڃي نٿو سگهان جو ايتري قوت ڪانه اٿم. جيڪڏهن توهين سڀ مون سان گڏجي هلندا ته يقيناً انهيءَ جي درگاهه کي هلي رسندا. توهان پنهنجي خوديءَ کان پاڻ کي آزاد ڪريو، آخرڪار شبهات جي ڄار ۾ ڪيترو ڦاٿل رهندا؟ جنهن به پنهنجو ناتو اُن سان جوڙيو تنهن جي جان خودبخود خوديءَ کان آزاد ٿي ويئي، پنهنجي محبوب جي راهه ۾ هو نيڪيءَ ۽ بديءَ کان آزاد به ٿي ويو (بي ميارو ٿي پيو). توهان پنهنجيون جانيون قربان ڪريو، ۽ انهيءَ جي رستي تي قدم رکو ۽ سندس عشق ۾ ٽمٽار ٿي (نچندا) هلي سندس درگاهه آڏو سِرُ جهڪايو.
بيشڪ اسان جو هڪ بادشاهه آهي جو ڪوهه قاف جبل جي پـٺيان رهي ٿو. انهيءَ جو نالو سيمرغ آهي، ۽ اهو سڀني پکين جو سردار آهي. هو اسان کي بلڪل ويجهو آهي، مگر افسوس جو اسين کانئس گهڻو پري پهچي ويا آهيون. ان جو آکيرو هڪ وڏي ۽ اونچي وڻ تي آهي ۽ سندس نالو به سڀ ڪنهن زبان تي اچي نٿو سگهي (جنهن جي وصف کان زبان گنگي آهي). هو هزار پردن اندر ڍڪيل آهي ۽ سندس مقام، روشني ۽ اونداهيءَ کان ازحد مٿي آهي. ٻنهي جهانن ۾ اهڙو ڪو آهي ئي ڪونه جو ان جو ديدار ڪري سگهي. هو هڪ بيپرواهه بادشاهه آهي ۽ پنهنجي ڪمال عزت ۾ محو آهي. سندس رهائش تائين ڪنهن جي رسائي ٿي نه ٿي سگهي ۽ نه وري علم ۽ عقل کي ئي اتي ڪو گذر آهي. نه اسان ان تائين پهچي سگهون ٿا ۽ نه وري ان کان سواءِ رهي ئي سگهون ٿا (ان بغير نهايت پريشان ٿا رهون). اڪيچار مخلوق مٿس ديواني ۽ عاشق آهي.
هاڻي جڏهن ان جي وصف بيان ڪرڻ کان خود پاڪ روح به عاجز آهن، تڏهن ڀلا عقل کي ان جي سمجهڻ جي ڪهڙي طاقت؟ عقل ۽ روح واقعي پريشان ۽ حيران آهن ۽ ٻنهي اکين هوندي به انڌا ۽ بي نور آهن. نه ڪنهن ڏاهي ئي ان جو ڪمال ڏٺو ۽ نه وري ڪنهن بينائي ان جو جمال پسيو. سندس ڪمال جي ادراڪ ۾ دنيا کي ڪا واٽ ئي نه هٿ آئي ۽ نه وري ڏاهپ (عقل) ۽ بينائيءَ کي، (جي ان در پئي رهيا) ڪو پروئي پيو.
جيڪڏهن تون ان جي ) جمال ۽ ڪمال کي ادراڪ ڪرڻ لاءِ، کڻي ساري مخلوق ڪٿي به ڪرين ته به ان جو مجموعي غور ۽ فڪر هڪ مٺ خيال برابر آهي. هر خيال هن راهه کي ڪيئن طئي ڪري سگهي ٿو؟ تون مڇيءَ کان چنڊ کي ڪيئن ٿو پڪڙي سگهين؟ (يعني ته تون بلڪل هيـٺاهينءَ ۾ پيو آهين سو ان بلنديءَ کي ڪيئن ٿو پهچي سگهين؟). هن هنڌ هزارين مٿا هڪ کينهوڙي مثل آهن ۽ هتي شور ۽ غل کان سواءِ ٻيو ڪجهه آهي ئي ڪونه. گهڻائي بحر ۽ بر هن رستي ۾ حائل آهن ۽ تنهنجو هي گمان ته رستو ڇوٽو آهي بالڪل بيجا آهي. هن رستي کي طئي ڪرڻ لاءِ نهايت دلير دل هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته رستو ڊگهو آهي ۽ ٻيو ته اڳيان سمنڊ گهڻو اونهو ۽ گوڙيلو (موجزن) آهي. مناسب آهي ته اسين اوڏانهن حيرانيءَ ۽ سرگردانيءَ جي حالت ۾ وڃون، ۽ ان جي راهه ۾ روئندا ۽ کلندا هلون. جيڪڏهن ان جو ڪو ڏس پتو پئجي ويو ته بهتر، ٻيءَ حالت ۾ ان بغير حياتي گذارڻ بيشرمي (۽ معيوب) آهي.
اي انسان تون جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ عاشق آهين ته هيءُ جان قربان ڪر، محبوب کان سواءِ هيءَ جان ڪهڙي ڪم جي! هن رستي ۾ غير معمولي جوانمردي درڪار آهي ۽ هن درگاهه ۾ جان صدقو ڪرڻ جڳائي. مجاهدن وانگر پنهنجي جان کان هٿ ڌوئڻ گهرجي ته جيئن ڪارآمد سپاهي سڏجي سگهجي. محبوب کان سواءِ هن جان جو ڪو ملهه ئي ڪونهي، تنهنڪري بهادرن جيان پنهنجي پياري جان قربان ڪر. سچ پچ جي تون بهادرن جيان پنهنجي جان قربان ڪندين ته ياد رک ته تنهنجو محبوب به تنهنجي مٿان گهور ويندو، ۽ جڏهن تون پنهنجي جان محبوب تان فدا ڪندين، تڏهن پوءِ ڪيتريون ئي جانيون توکي ان جي موٽ ۾ ملي وينديون.

________
1 هدهد جي چهنب عربيءَ جي حرف ”ب“ وانگر آهي جو بسم الله جو پهريون حرف آهي ۽ هن جو آواز به قريب قريب بسم الله جهڙو آهي.
2 هدهد لاءِ هيءُ مشهور آهي ته ان کي هيءَ خبر پوي ٿي ته فلاڻي يا فلاڻي هنڌ پاڻي جي سطح کان ڪيترو هيٺ آهي.

سيمرغ جي خبر جي پڌرائي

هاڻي مان توهان کي پنهنجي بادشاهه سيمرغ بابت ڪجهه مثال طور ٻڌايان ٿو، هيءَ هڪ عجيب ڳالهه آهي جنهن کي ڪن لائي ٻڌو:
هڪ دفعي جڏهن شروع شروع ۾ سيمرغ آڌيءَ رات جو چين ملڪ مٿان پرواز ڪري رهيو هو، تڏهن اوچتو سندس پَرن مان هڪ پَر ڪري پيو، جنهن سببان هن ملڪ ۾ شور ۽ غل مچي ويو. هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي خيال موجب ان (پر) جو نقشو چٽيو، جنهن ڪنهن ان کي ڏٺو تنهن ان جو الڳ الڳ خاڪو ورتو. هي پر اڃا تائين چين جي عجائب خاني ۾ موجود آهي، اهوئي ته سبب آهي جو حديث شريف ۾ آيل آهي ته ”علم جي تلاش ڪريو پوءِ کڻي اهو (پري) چين ۾ ڇو نه هجي.“ جيڪڏهن ان پر جو نقش ظاهر نه ٿئي ها ته هي سارو هل هنگامو جهان ۾ هجي ئي نه ها. سڀيئي جانيون ان جي پر جو نقش آهن. ان جي وصف جو نه منڍ آهي نه ڇيڙو. مناسب ائين آهي ته زياده ڳالهه ٻولهه نه ڪريون ۽ مقصد جي ڪڍ پئون. اوهان مان جيڪي همت ڀريا پهلوان آهن سي هن رستي تي هلڻ جي تياري ڪن ۽ پنهنجا قدم ان تي رکن.
هدهد جي هن دل پذير تقرير مٿن ڏاڍو اثر ڪيو، ايتريقدر جو هو سڀيئي پنهنجي بادشاهه کي ڏسڻ لاءِ بيقرار ٿي پيا. انهيءَ جي شوق سندن دلين کي ڦٽي وڌو ۽ انهن مان هرهڪ انتهائي بي صبريءَ جو مظاهرو ڪرڻ لڳو. رستي تي هلڻ جو پڪو پهه ڪري اڳتي وڌيا. ان جا عاشق ۽ پنهنجين جانين جا ويري ٿي پيا؛ پر ڇاڪاڻ ته سندن بادشاهه سيمرغ ڏانهن ويندڙ رستو ڏورانهون ۽ ڏور ۽ تڪليف سان ڀرپور هو، تنهن ڪري هر هڪ اوڏانهن وڃڻ کان دل هڻڻ ۽ تڪليف محسوس ڪرڻ لڳو. جيتوڻيڪ رستي طئي ڪرڻ جي قابليت ته سڀني ۾ هئي، مگر تنهن هوندي به هرهڪ جدا جدا (ڪونه ڪو) عذر پيش ڪرڻ لڳو.
اي انسان تون پنهنجي جان کي جلاءِ ۽ اندر جي پکيءَ کي انهيءَ ڪم ۾ لاءِ، ته جيئن الله تعاليٰ توکي سچي ۽ دائمي خوشي عطا ڪري.

پکين جا عذر پيش ڪرڻ ۽ هدهد جا جواب ڏيڻ

بلبل جو عذر

اول اول عاشق بلبل آئي؛ جا پنهنجي ڪمال عشق ۾ مدهوش هئي، ۽ جنهن جي هر آواز ۾ هڪ خاص معنيٰ رکيل هئي، ۽ هر معنيٰ اندر رازن جو جهان ڀريل (سمايل) هو. معنائن جي رازن متعلق نعرو ٿي هنيائين ۽ پنهنجي ڪلام سان سڀني پکين جون زبانون بند ٿي ڪيائين. اتي چوڻ لڳي ته مون تي عشق جا اسرار ختم ٿيا، مان ساري رات عشق جي ڳالهه پئي اوريان. هتي حضرت دائود مثل ڪو تجربيڪار ۽ ڄاڻو ڪونه آهي ته جيئن عشق جو زيور مان ان کي کولي ٻڌايان. بينسري جو آواز خود منهنجي گفتا آهي ۽ چنگ جو باريڪ سر به منهنجي ئي بيقراريءَ جي فرياد کان آهي، باغ ۽ باغيچا به منهنجي ڪري ئي شور ۽ غل سان ڀريل آهن، ۽ عاشقن جي دلين ۾ جوش ۽ تاب به مون ئي پيدا ڪيو آهي؛ مان هرگهڙيءَ نئين لات لنوان ٿي، ۽ هر پلڪ نئون ۽ نرالو آواز ۽ سر ڪڍان ٿي. جڏهن عشق مون تي غلبو پائي ٿو، تڏهن درياءَ مثل منهنجي دل ڇوليون هڻي ٿي جنهن به منهنجي جوش کي ڏٺو سو پاڻ کي جهلي نه سگهيو ۽ اختيار سندس هٿان ويندو رهيو. ٻڌندڙ جيتوڻيڪ هوشيار به هو، مگر تنهن هوندي به بيتاب ۽ مست ٿي پيو. جڏهن سارو سال اهڙو ڪونه ٿي ڏسان جنهن سان پنهنجو راز سليان تڏهن ماٺ ٿي رهان ۽ ڪنهن کي به پنهنجو منجهه نه ٿي ڏيان. وري جڏهن منهنجو محبوب بهار پنهنجي مشڪ جي خوشبوءِ سان دنيا کي معطر ڪندو ۽ ڀريندو آهي تڏهن مان خوشيءَ وچان ان سان مشغول ٿي وڃان ٿي۽ پنهنجون مشڪلاتن سندس روبرو حل ڪريان ٿي. هو جڏهن وري گم ٿي ويندو آهي تڏهن هيءَ شوريده بلبل (يعني مان) به گهٽ ٻوليندي آهي. اهوئي ته سبب آهي جو دنيا ۾ منهنجي راز کان ڪوبه واقف ٿي نٿو سگهي. ها، بلبل (منهنجي) جي راز کي گل خوب ڄاڻي ٿو. مان گل جي عشق ۾ ايترو ته گرفتار ۽گم آهيان جو پنهنجي وجود جي ئي ڪا ڪل ڪانهيم. گل جي عشق جو سودا مون لاءِ (منهنجي سر ۾) ڪافي آهي، ۽ منهنجو مطلوب خوشنما گل منهنجي لاءِ بس آهي. ويچاري بلبل سيمرغ جو تاب ڪٿي ٿي جهلي سگهي؟ ان لاءِ گل جو عشق ئي گهڻو آهي. ڀلا جڏهن منهنجي محبوب ۾ سوين (سؤ) پن آهن تڏهن منهنجي سامان جي ڪا ڪمي؟ گل جڏهن هڪ محبوب جي طرح ظاهر ٿيندو (مکڙيءَ کان ٻاهر نڪرندو) آهي، تڏهن اهو خوشيءَ کان منهنجي اڳيان مشڪندو آهي. سچ پچ جڏهن هو پردي (مکڙي) جي اندران نڪري ٻاهر ايندو آهي تڏهن منهنجي منهن کي ڏسي مشڪي ڏيندو آهي. تون پاڻ ڄاڻ ته بلبل هڪ رات (لاءِ) به اهڙي مشڪندڙ لب جي عشق کان ڪٿي ٿي صبر ڪري سگهي! ٻيلي مون کان هي ڪشالا ڪڍيا ڪونه ٿيندا، سيمرغ تائين پهچڻ مون نٻل ۽ هيڻيءَ جو ڪم نه آهي، مان گل ۾ ئي فنا آهيان ۽ ٻيو ڪجهه نه ٿي ڄاڻان.

هدهد جو بلبل کي جواب

اڙي ظاهري صورت ۾ اڙيل بلبل! هن کان زياده عشق ۾ ناز ۽ فخر نه ڪر. ڏسين نٿي ته گل جي چهري تنهنجي اڳيان ڪيترا نه اڪيچار ڪنڊا وڇايا آهن ۽ پنهنجو ڪم سنئون ڪري تنهنجو ڪم اونڌو ڪيو اٿس. گل ڪيترو به حسين ۽ جميل ڇو نه هجي، مگر ان جو هي حسن ۽ جمال هڪ هفتي جو مهمان آهي (۽ پوءِ ويندو رهندو). ياد رک ته ان شيءِ جو عشق زوال پذير آهي، تنهن کان ڪاملن کي رنج ۽ ملال رسي ٿو.گل جي کلمک ڪيترو به کڻي توکي پاڻ ڏانهن ڇڪي، مگر تڏهن به اها سدائين توکي ڏکن ۽ دردن ۾ رکندي (روڄ ۽ راڙي ۾ مبتلا ڪندي). گل کي ڇڏي ڏي ڇا لاءِ جو هو هرنوبهار ۾ توتي کلي (ٺٺولي ڪري) ٿو، مگر تون بيشرم آهين ۽ سمجهين نٿي. جيڪڏهن توکي اکين ۾ واقعي شرم هجي ها ته ان ڏانهن ڪاوڙ ۽ غصي کان سواءِ نه نهارين ها؛ مگر تو وانگر جو بيشرم هوندو تنهن کي ان ڳالهه جو ڪٿي لحاظ ٿيندو؛ تنهن ڪري توکي لائق آهي ته تون بي بقا شيءِ کي ترڪ ڪري لازوال عشق جي طالب ٿين. اجهو مان توکي هڪ ڪهاڻي ٻڌايان ٿو، جنهن کي تون خيال ڏيئي ٻڌ ۽ هنئين سان هنڊاءِ.


ڪهاڻي

هڪڙي بادشاهه کي هڪ چنڊ جهڙي ڌيءَ هئي، جا دل سان چاهيندڙ عاشقن سان ڀريل دنيا رکندي هئي (ساري دنيا مٿس مست هئي). ان جي نيم خواب (اڌوري ننڊ واري) اک، سدائين مست رهندي هئي، تنهنڪري فتنو ته هميشه بيدار هوندو هو (يعني هر وقت فتنو برپا هو). سندس ڳل ڪافور جيان سفيد، ۽ سندس وار مشڪ مثل ڪارا هئا ۽ ان جي چپن کان نهايت چمڪيدار لعل جا چپ به خشڪ هئا (سرخ شراب سان تر ٿيل چپن جي ڪري لعل پٿر به خشڪ يعني شرمسار هو). جيڪڏهن ان جي جمال جو ڪو ذرو ظاهر ٿي پوي ها ته عقل به پنهنجي بي عقلي کان بدنام هجي ها ۽ جيڪڏهن کنڊ ان جي چپن جي ذائقي کي سڃاڻي ها ته شرم کان سُسي ڳري وڃي ها.
اتفاق سان واٽ تي هڪ فقير جي نظر ان چمڪندڙ چنڊ تي پئجي ويئي. هن غريب کي هٿ ۾ فقط هڪ ماني هئي، جنهن تي ٻوڙ به پيل ڪونه هو (يعني ڏاڍو مسڪين هو). جڏهن سندس نظر ان چنڊ جي منهن تي پئي تڏهن ماني سندس هٿ مان ڪِري وڃي پَٽ تي پيئي ۽ هوءَ سندس اڳيان باهه جيان لنگهي ويئي ۽ مٿس مشڪندي ۽ کلندي هلي ويئي. فقير جڏهن ان کي (پاڻ تي) ائين کلندو ڏٺو، تڏهن پاڻ پنهنجي خون ۾ غرق ٿي ويو. ويچارو فقط اڌ ماني ۽ اڌ جان جو مالڪ هو (گهڻو ڪمزور هو) ۽ انهن ٻنهي ان هڪڙيءَ گهڙيءَ ۾ پاڪ (خالي) ٿي ويو. نه رات جو آرام هوس ۽ نه ڏينهن جو سڪون. روڄ ۽ اندر جي سوز کان ٻڙڪ به ٻاهر نٿي ڪڍيائين. جڏهن انهيءَ شهزاديءَ جو مشڪڻ ياد ڪندو هو، تڏهن بهار جي ڪڪر جيان اکين مان نار وهائيندو هو. مطلب ته غريب ستن سالن تائين ان جي عشق ۾ ڦيٽون کائيندو رهيو ۽ انهيءَ جي گهٽيءَ ۾ ڪتن سان گڏ گذر ڪندو رهيو. عشق آهي مشڪ سو ڀلا ڪٿي ٿو لڪي. نينگريءَ جي سڀني ٻانهن ۽ غلامن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئجي ويئي جن گڏجي هي ارادو ڪيو ته انهيءَ فقير جي سر کي شمع وانگر ڪاٽي ڇڏجي. رحمدل نينگريءَ ڳجهه ڳوهه ۾ ان کي پاڻ وٽ گهرائي سمجهايو ته: تو جهڙي بينوا جو مون جهڙي شهزاديءَ سان ڪيئن ٿو ميلاپ ٿي سگهي؟ تون هي خيال ڇڏي ڏي. منهنجا خادم توکي ختم ڪرڻ گهرن ٿا، لهاذا ڀڄي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي در تي وڌيڪ نه ترس ۽ اٿي هليو وڃ. فقير مسڪين جواب ۾ عرض ڪيو ته مان ته انهيءَ ڏينهن کان ئي پنهنجي جان تان هٿ ڌوئي ڇڏيو آهي، جنهن ڏينهن کان توکي ڏسي موهجي پيس. مون جهڙي بيقرار (۽ پريشان حال) جون هزار جانيون توتان هر وقت قربان! جڏهن مون کي تنهنجا غلام بي گناهه قتل ڪندا، تڏهن مهرباني ڪري منهنجي هڪڙي سوال جو جواب ته ڏي، جنهن وقت تو منهنجو سر رائگان قلم پئي ڪيو، تنهن وقت ڪهڙيءَ ڳالهه سببان تون مون تي پي کلينءَ؟ نينگري وراڻي ڏني ته: مون توکي نهايت ئي بي سمجهه ۽ نادان ڏٺو ۽ انهيءَ ڪري ئي توتي پي کليس. تنهنجي مٿي ۽ منهن تي کلڻ (ٺٺول ڪرڻ) روا آهي، ليڪن تنهنجي روبرو کلڻ (محبت جو اظهار ڪرڻ) صحيح نه آهي. ائين چئي هوءَ دونهي مثل سندس آڏو ويندي رهي ۽ جو ڪجهه هو سو حقيقت ۾ ڪجهه به نه هو.

طوطيءَ جو عذر

ان کان پوءِ طوطي پنهنجي سونهري طوق، ۽ پنهنجي مٺي وات ۽ زردي مائل لباس ۾ ملبوس ٿي ٻاهر آئي. سندس دٻدٻي ۽ شان اڳيان باز به هڪ مڇر مثل هو، ۽ هرطرف ساوڪ ئي ساوڪ ڇانئي پئي هئي. پنهنجي گفتگو ۾ مٺا ٻول ٻوليندي ۽ خوشي ۽ لذت وچان پرهه ڦٽي ڏيکاريندي اچي چوڻ لڳي ته: ڏسو مون جهڙيءَ لاءِ هر پٿر دل، ڪس ۽ ناڪس لوهي پڃرو بنائي ٿو، جنهن قيدخاني ۾ مان گهڙي ويئي آهيان ۽ آب حيات جي آرزوءَ ۾ ڳري ويئي آهيان. پکين جي مان خضر آهيان ۽ انهيءَ ڪري ئي سبزپوش آهيان ته جيئن آب حيات پي سگهان. سيمرغ جي پَرَ جو تاب مان ڪٿي ٿي جهلي سگهان! مون لاءِ آبحيات جي چشمي جو هڪ ڍڪ ئي ڪافي آهي. آبِ حيات جي راهه ۾ مون مستن جيان جان ڏني آهي (سِرُ رکيو آهي) ۽ انهيءَ ئي جي ڳولا ۾ هر جڳهه وڃان ٿي؛ ڇاڪاڻ ته منهنجي وجود کي آب حيات سان نسبت آهي (منهنجو وجود آبِ حيات سببان آهي)، انهيءَ ڪري عبادت ۾ مون کي بادشاهي حاصل آهي.

هدهد جو جواب

اي حقيقي دولت کان محروم طوطي، جوانمرد اهو هرگز نه آهي جو محبوب مٿان قربان نه وڃي ۽ سِر جو سانگو ڪري، تنهنجي جان تڏهن ئي ڪارآمد ٿيندي، جڏهن ڪا ساعت دوست جي (ملڻ جي) قابل ٿيندي. تون پنهنجي جان (جي دوستيءَ) لاءِ آب حيات چاهين ٿي، سچ پچ تو ۾ مغز نه آهي، پر کل آهي (بي عقل آهين). جڏهن تون پنهنجي جان محبوب مٿان قربان ڪندينءَ تڏهن ئي تون صحيح معنيٰ ۾ عاشق سڏبينءَ، ۽ محبوب جي راهه ۾ جوانمردن جيان جان گهوريندڙن مان ٿيندينءَ. سڪندر ڪيتريون نه تڪليفون ۽ مشقتون برداشت ڪيون مگر تنهن هوندي به هو آب حيات جي شوق ۾ مري ويو. جيڪڏهن سختيءَ سهڻ ۾ تون مون وانگر ٿيڻ چاهين ٿي ته پوءِ توکي پنهنجي جان سان هن راهه ۾ کيڏڻ گهرجي. بيجا خواهش ۽ حرص کي ڇڏي ڏي ته جيئن ڪنهن جي (هٿ جي) محتاج نه ٿين. جڏهن ڏسين ٿي ته ان جي تلاش تولاءِ لازمي ۽ ضروري آهي، تڏهن پوءِ دنيا ۾ تو جهڙي ٻي ڪا ذليل ڪانهي. تنهنجي عمر اَجائي (فضوليات ۾) گذري ويئي ۽ تنهنجي زندگي جو قافلو پيچيدگين ۾ اڙجي ويو. ڏاهي ٿي ۽ ڪو سبق سک ۽ هي ڳالهه ٻڌ.

هڪ ديواني جي ڳالهه

هڪڙي وڏي مرتبي واري ديواني کي حضرت خضر عليه السلام چيو ته هيءُ مناسب آهي ته : تون منهنجو يار ٿي رهين. ان جواب ۾ چيو ته: سائين منهنجو ڪم توکان ٿي نه سگهندو. تو ڪافي عرصي تائين آب حيات پيتو آهي ته جيئن گهڻي عمر ماڻين. منهنجي حالت وري ان جي بالڪل برعڪس آهي، مان ته چاهيان ٿو ته جان کان جدا هجان، ڇا لاءِ جو محبوب بغير، جان جو ڪو فائدو؟ تون جان جي حفاظت ۾ لڳل آهين ۽ مان پنهنجي جان کان ئي تنگ. بهتر ائين آهي ته جئين پکي ڦاهي کان پري رهن ٿا، تيئن اسين به هڪٻئي کان پري رهون.

مور جو عذر

ان بعد خوبصورت مور آيو، جنهن جي هرهڪ پَرَ تي سوَ نه بلڪ هزار نقش هئا ۽ جنهن ڪنوار وانگر پنهنجو جلوو پئي ڏيکاريو. چوڻ لڳو ته: جنهن وقت غيبي نقاش منهنجو نقش پئي ورتو تنهن وقت چيائين جي هٿن جون آڱريون وڍجي ويون. مان جيتوڻيڪ پکين جو جبرائيل آهيان، ليڪن تقدير جي طرفان مون کي هڪ برو واقعو پيش آيو. ڳالهه هيءَ آهي ته انهيءَ يار (نانگ) جي سنگت مون کي خون ۾ اُڇلايو ۽ عدن بهشت مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو. اتفاق سان هو (ڪمينو) منهنجو يار بڻجي ويو تان جو مان اتان تڙجي ٻاهر (آيس ۽) اچي خواريءَ ۾ پيس. هاڻي جڏهن قدرت منهنجي جلوي جي جڳهه بدلائي تڏهن منهنجوئي پير مون لاءِ قيد بنجي ويو. ارادو ته هي اٿم ته ڪو رهبر رهنمائي ڪري هن اونداهيءَ مان ڪڍي آڻي بهشت پهچائي. مان اهو ته پکي نه آهيان (مون ۾ ايتري قابليت نه آهي) جو اڪيلي سر بادشاهه تائين پهچي وڃان. مون لاءِ ته دربان تائين پهچڻ ئي ڪافي آهي. ڀلا ٻڌاءِ ته سيمرغ کي منهنجي ڪهڙي پرواهه؟ مون لاءِ ته يار! فردوس اعلي آرام گاهه بس آهي. دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا تمنا اٿم ته اها ته وري موٽي بهشت وڃان (دنيا ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم نه اٿم ته بهشت وري مون کي جاءِ ڏئي).


هدهد جو جواب

اڙي مور، ٻيلي تون رستي کان گهڻو گمراهه آهين. جنهن شخص کي بادشاهه جي گهر جي گهرج آهي تنهن کي جڳائي ته ان جي ويجهو وڃي؛ ڇا لاءِ جو بادشاهه جو گهر ان بهشت کان گهڻو ڀلو آهي. نفس جو گهر ته هڪ هوس سان ڀريل بهشت آهي (بهشت جي تمنا به هڪ نفسانيت آهي) ۽ دل جو گهر صدق ۽ سچائي جي جاءِ آهي، تنهن ڪري تون نفس پرستي ڇڏي سچائيءَ جي راهه اختيار ڪر. حضرت حق هڪ وڏو بادشاهه آهي جنهن جي مقابلي ۾ بهشت هڪ ننڍو ڦڙو آهي، جنهن وٽ درياءَ آهي تنهن جي آڏو هڪ ڦڙي جي ڪهڙي وقعت؟ جو ڪجهه درياءَ کان سواءِ آهي اهو سڀ خام خيال ۽ سودا آهي. جڏهن درياء تائين رسائي ٿي سگهي ٿي تڏهن پوءِ ماڪ طرف ڇو ڊوڙجي؟ (درياءَ کي ڇڏي هڪڙي قطري جو پوئلڳ ٿيڻ ڪيتري نه حماقت آهي). ڀلا جو ماڻهو پنهنجو راز خود سج سان سلي سگهي ٿو سو هڪ ذري سان ڪيئن گذر ڪندو؟ اهو جو ڪُل ٿيو تنهن جو جز سان ڪهڙو واسطو؟ ۽ اهو جو جان ٿيو تنهنجو عضوي سان ڪهڙو تعلق؟ جيڪڏهن تون ڪامل شخص آهين ته ڪل کي ڏس ڪل جي طلب ڪر، ڪل رهه ۽ ڪل ٿي ۽ ڪل اختيار ڪر. هاڻي مان نصيحت خاطر توکي هڪ آکاڻي ٻڌايان ٿو.

استاد ۽ شاگرد جي آکاڻي

هڪ دفعي ڪنهن شاگرد پنهنجي استاد کان سوال پڇيو ته حضرت آدم عليه السلام، بهشت کان ٻاهر ڇو تڙيو (ڪڍيو) ويو. استاد ٻڌايس ته حضرت آدم وڏي شان واري شخصيت هئي ۽ جڏهن بهشت ۾ داخل ٿيو (سر جهڪايو) تڏهن هڪڙو غيبي آواز آيس ته خبردار توکي بهشت هر طرح (سؤ طرح) سان بند ڪيو (ڦاسائي ڇڏيو) آهي، ۽ جو شخص هنن ٻنهي جهانن ۾ اسان کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ شيء آڏو سر جهڪائيندو سو اسان جي نزديڪ ڪمينو ۽ هيچ هوندو. اسان ان جو صفايو ڪري ڇڏينداسون، پوءِ کڻي هو ڪهڙو به ڊنگ ڇو نه هجي؛ ڇالاءِ جو دوست کان سواءِ ڪنهن ٻئي وٽ هٿ ٽنگڻ روا نه آهي. محبوب جي اڳيان هزار جانيون ڇا آهن؟ (ڪجهه به نه آهن). ان بغير هيءَ جان ڪهڙي ڪم جي؟ جو ڪوئي حقيقي محبوب کي ڇڏي ڪنهن ٻيءَ شيءِ طرف لاڙو ڪندو ۽ ساڻس لنوَ لائيندو ته اهو رسوا ۽ برباد ڪيو ويندو، پوءِ کڻي حضرت آدم ئي ڇو نه هجي! ڇا توکي هيءَ سڌ نه آهي ته بهشت وارن جي حق ۾ هيءَ خبر آئي آهي ته پهرين شيءِ جا انهن کي (کائڻ ڪاڻ) ڏني ويندي سا جگر هوندو، ڇاڪاڻ ته اهل جنت راز جا لائق نه هئا (هوندا) تنهن ڪري هو نئين سر جگر کائڻ شروع ڪندا.

بدڪ جو عذر

بدڪ نهايت صفائيءَ ۽ پاڪائيءَ سان اڇي اجري ٿي سفيد (بهترين) لباس پهري پاڻيءَ کان ٻاهر آئي ۽ مجمعي اندر اچي چوڻ لڳي ته ڀانيان ٿي ته ٻنهي جهانن ۾ مون کان زياده پاڪيزه ۽ شان وارو ٻيو ڪونهي. مان هر گهڙي تازو غسل ڪريان ٿي ۽ پنهنجو مصلو پاڻيءَ تي وڇايان ٿي. مون وانگر ڪوبه پاڻيءَ تي بيهي نٿو سگهي، منهنجي ڪرامتن ۾ اڃا به ڪو شڪ؟ مان پنهنجي پاڪ راءِ سبب پکين ۾ زاهد (شمار) آهيان ۽ منهنجو ڪپڙو ۽ جان هميشه پاڪ رهن ٿا. پاڻيءَ بغير هن دنيا ۾ رهي نٿي سگهان جو منهنجو اصلي وطن پاڻي ئي رهيو آهي. مان جيتوڻيڪ پنهنجي دل ۾ ساري دنيا جو غم رکان ٿي، مگر تنهن هوندي به ان کي دل تان ڌوئي ڇڏيو اٿم؛ ڇالاءِ جو پاڻي مون وٽ هروقت موجود آهي. منهنجي ندي پاڻيءَ سان هميشه ڀري رهي ٿي، سو خشڪيءَ ۾ پنهنجو ڪم ڀلا ڪيئن ڪري سگهنديس؟ جڏهن منهنجو ڪم ئي پاڻيءَ سان آهي تڏهن پوءِ ان کان ڪناره ڪشي ڪرڻ سراسر ناداني آهي. ڏسو نٿا ته دنيا ۾ سڀ شيءِ جو جياپو پاڻي (سبب) آهي، پوءِ پاڻيءَ کان مان ڪيئن هٿ ڌوئان؟ جيڪڏهن مان سيمرغ تائين پهچي نٿي سگهان ته پوءِ اهو ڪو ضروري ڪونهي ته ان خاطر وتان واديون طئي ڪندي؟ جنهن جو ڪامل قبلو پاڻي آهي، اهو سيمرغ وٽ پنهنجي مراد ڪٿي ٿوماڻي سگهي؟ ڀلا منهن جي جان کي هڪ چڻنگ ئي جلائي ٿي ڇڏي، سا باهه جي درياءَ مان (جو سيمرغ جي راهه ۾ واقع آهي) ڪٿي ٿي لنگهي سگهي؟

هدهد جو جواب

اڙي ڳهيلي بدڪ، تون ته پاڻيءَ ۾ ئي مگن آهين، مگر پاڻي ته تنهنجي چوڌاري تپي رهيو آهي ۽ تنهنجي خوبي ته ان اندر زائل ٿي ويئي آهي ۽ ان جي هڪڙي قطري ئي تنهنجي رونق مٽائي ڇڏي آهي، پاڻي ته ان شخص لاءِ آهي جنهن جو منهن ميرو آهي. تو جيڪڏهن اڃان به پنهنجو منهن نه ڌوتو آهي ته پوءِ پاڻيءَ جي تلاش ڪر. آخر ڪيترو وقت صاف پاڻيءَ جي طرح هر گندي جو منهن ڏسندي رهندينءَ؟ چڱو هي ڳالهه جا مان سلي رهيو آهيان تنهن کي ڌيان ڏيئي ٻڌ.

هڪ ديواني جي ڳالهه

هڪڙي ماڻهوءَ هڪ ديواني کان پڇيو ته: هي ٻئي جهان پنهنجن هيترن سارن خيالن سان آخر آهن ڪهڙي شيءِ؟ هن جواب ۾ چيوته هي ٻئي جهان، مٿاهون ۽ هيٺاهون، هڪ پاڻيءَ جو ڦڙو آهن ۽ بس. شروعات ۾ به هيءُ ئي پاڻيءَ جو ڦڙو هو (جو ظاهر ٿيو) ۽ هاڻي به هن سنسار ۾ هي سمورو نقش و نگار به محض اهو هڪڙو آهي ۽ نه وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ؛ مگر قابل غور ڳالهه هيءَ آهي ته هر اها بنا (جاءِ) جا پاڻيءَ تي کڙي (ٺاهي) ڪئي ويندي سا لازماً برباد ٿيندي، پوءِکڻي اها لوهي ئي ڇو نه هجي. لوهه کان ته ڪابه شيءِ زياده مضبوط ڪانهي، مگر اهو به پاڻيءَ اندر فنا ٿي وڃي ٿو، جنهن شيءِ جو بنياد پاڻيءَ تي هوندو سا هڪ خواب مثل آهي، پوءِ ڀلي ساري لوهي ئي ڇو نه هجي. پاڻيءَ کي ته جيئن معلوم آهي ته ڪو جٽاءُ يا پائداري آهي ئي ڪانه؛ تنهن ڪري ڪوبه بنياد مٿس مستحڪم ٿي (بيهي) نه ٿو سگهي؛ مگر افسوس جو ماڻهو هن حقيقت کي سمجهن ئي ڪونه ٿا.

چڪور جو عذر

چڪور کي به صبر نه آيو سو به سرڪشي ۽ سرمستيءَ ۾، خوشيءَ وچان ٽلندو پنهنجي کاڻ کان ٻاهر آيو. سندس چهنب ڳاڙهي، پوشاڪ ڳاڙهي ۽ اکيون خون کان جوش زن هيون. ڪنهن مهل پهاڙ جي چوٽين تي پئي اڏاڻو ته ڪنهن مهل انهن جي چوڌاري ڦيريون پئي کاڌائين. اچڻ سان چوڻ لڳو ته: مان کاڻين اندر گهڻو گهميو آهيان ۽ ڪيترن ئي موتين جي مٿن تي پهتو آهيان. جبلن جي وچ ۽ چوٽيءَ تي رهائش ڪئي اٿم، ۽ جيترو ٿي سگهيم تيترو موتين جي پئي حفاظت ڪيم. موتيءَ جي عشق منهنجي دل ۾ باهه لڳائي ڇڏي آهي ۽ سچ پچ ته منهنجي لاءِ هيءَ باهه نهايت ئي سٺو ڦل آهي (ان کان وڌيڪ مون کي ڪجهه به نه گهرجي). انهيءَ جي گرمي جڏهن پنهنجو مٿو مٿي ڪري ٿي، تڏهن پٿرين کي منهنجي دل ۾ خون بنائي ڇڏي ٿي. هيءُ ان جو ڪهڙو نه عجيب اثر آهي جو پٿر به بنا دير خون بڻجيو وڃي. مان پٿر ۽ باهه جي وچ ۾ پيو آهيان، بيڪار هڪ طرف ته پريشان ٻئي طرف. گرمي ۽ تپش ۾ پٿريون کائي دل (کي) باهه سان ڀريا ٿو·!
اي منهنجا ساٿيو، توهان پنهنجون اکيون به ته کوليو ۽ منهنجي کاڌي ۽ آرام (ننڊ) کي به ته ڏسو. سڄو وقت پٿرن تي پيو آهيان، ۽ پٿرئي کائيندو رهان ٿو، مون سان جنگ (جهيڙو) ڪرڻ اجائي آهي. موتين جي عشق مون کي پهاڙ سان ٻڌي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي منهنجي دل زخمن سان چور چور آهي، جو شخص موتين کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ شيءِ سان پيار رکي ٿو تنهنجي سلطنت جلدي ويندي هلي، باقي موتين جي بادشاهي ته سدائين پائيدار آهي، جو ان جي جان هر وقت پهاڙ سان ڳنڍيل آهي (رهي ٿي). مان پهاڙن جي ڪسوٽي آهيان ۽ موتين جي ڳولا ۾ هميشه سرگردان، گهڙي پلڪ به ان جي چوٽين بغير رهي نٿو سگهان. اتي هميشه موتي رهن ٿا، تنهنڪري مان انهن جي تلاش ۾ لڳو رهان ٿو.
حقيقت هيءَ آهي ته مون موتيءَ مثل ڪو جوهر ڏٺو ئي ڪونهي ۽ نه وري موتيءَ کان زياده قيمتي ڪنهن ٻئي جوهرکي ڏٺو اٿم. سيمرغ جو رستو ڏاڍو ڏکيو آهي، هوڏانهن منهنجي حالت هيءَ آهي جو منهنجا پير سدائين پٿر تي پيا آهن ته موتي دل ۾ پيا آهن. مان اطمينان سان ان کي ڪٿي ٿو پهچي سگهان! جڏهن منهنجو هٿ مٿي تي ۽ پير مٽيءَ ۾ آهن؟ باهه جي طرح پٿر کان منهن هرگز نه موڙيندس، يا مرندس يا هٿ ۾ موتي آڻيندس. منهنجي لاءِ چڱو آهي ته (موتي پيدا ڪريان) منهنجا موتي نڪري نروار ٿين، ڇالاءِ جو جنهن وٽ موتي (جوهر) نه آهن سو آدمي ڪهڙي ڪم جو؟

هدهد جو جواب

اڙي چريا چڪور، تنهنجو رنگ برابر جوهر جهڙو خوشنما آهي، ليڪن آخرڪار هي اڻ واجبي عذر ۽ بهانهء بازي ڪيستائين؟ منهنجي ته دعا آهي ته شال تنهنجي چهنب جگر جي خون سان پُر هجي ۽ تون هڪ بي بنياد (بيقدرو) پٿر ٿيو پيو رهين. موتي به آخر هڪ رنگ چڙهيل (ملمع ڪيل) پٿر آهي ۽ نه ڪا ٻي شيءِ. افسوس جو تون پٿر جي عشق ۾ اهڙو ڪٺور (سخت) دل ٿيوآهين (ٿي ويو آهين). جيڪڏهن سندس رنگ لهي وڃي ته هو ساڳيو پٿر جو پٿر وڃي رهندو. اهو شخص واقعي بي بنياد آهي جو رنگ جي فڪر ۾ گرفتار آهي. حقيقي شخص نه رنگ جو طالب آهي ۽ نه پٿر جو خواهشمند. تون جيڪڏهن ههڙيءَ طرح پٿر ۽ جوهر ۾ اٽڪيو رهندين ته پوءِ تنهنجو اتان نڪرڻ محال آهي. هاڻي مان توکي هڪ حڪايت ٻڌايان ٿو جنهن ۾ سمجهه وارن لاءِ سوائي نصيحت آهي.


حضرت سليمان جي منڊيءَ جي حڪايت

ڪنهن به موتيءَ کي اهڙي سرداري حاصل نه هئي جهڙي حضرت سليمان کي پنهنجي منڊيءَ سبب هئي. انهيءَ ڪري ئي کيس ايتري عزت حاصل ٿي، حالانڪ اها هئي هڪ رتيءَ جيترو پٿر مس. ان (منڊيءَ) ۾ اها خاصيت رکيل هئي جو جڏهن به حضرت سليمان (اها) پائيندو هو تڏهن ساري دنيا سندس حڪم آڏو جهڪي پوندي هئي، ۽ ان جي ڪري ئي سندس ملڪ ايترو وڌيو ۽ سندس اطاعت هيٺ آيو. حضرت سليمان جو شاميانو به چاليهه فرسنگ هو، جنهن کي هوا سندس حڪم سان اُڏائي کڻي ويندي هئي. ان ايڏي ساري عظمت جو بنياد به هڪ اڌ رتيءَ پٿر تي هو. مطلب ته هي ساري عظمت ۽ بزرگي کيس ان منڊيءَ سبب مليل هئي ڇالاءِ جو منجهس اسم اعظم اُڪريل هو.
حضرت سليمان هي حالت ڏسي چوڻ لڳو ته ”جڏهن هڪ مالڪ ۽ هي سارو ڪاروبار هن قدر ننڍي پٿر سبب دائماً قائم آهي تڏهن مان نه ٿو چاهيان ته (دين ۽ دنيا ۾) ڪو شخص اهڙي ملڪ ۾ ڦاسي. بس پوءِ هٿ کڻي چوڻ لڳو ته اي منهنجا موليٰ مون عبرت جي اکين سان هن بادشاهيءَ جي آفتن کي ظاهر ظهور ڏٺو آهي. برابر آخرت جي مقابلي ۾ هيءَ گهڻي گهٽ آهي ته به هن بعد اي پروردگار هي بادشاهي ڪڏهن به ڪنهن کي نه ڏج. پنهنجي لشڪر ۽ بادشاهيءَ سان منهنجو هينئر ڪو سروڪار نه رهيو آهي ۽ هاڻي ڇليون ٻڌڻ ۽ گودڙين ٺاهڻ جو ئي ڌنڌو اختيار ڪريان ٿو، جو ڏسان ٿو ته منهنجي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي“.
اها حقيقت آهي ته حضرت سليمان ان موتي سببان ئي شاهه ٿيو، ليڪن اهو ساڳيو موتي ته هو جنهن سندس رستي روڪ ڪئي ۽ جنهن ڪري ئي هو باقي پيغمبرن کان پنج سؤ سال پوءِ عدن بهشت داخل ٿيندو. (هن ۾ ان حديث ڏانهن اشارو آهي جنهن ۾ چيل آهي ته غريب، شاهوڪارن کان پنج سؤ سال اڳ ۾ بهشت ۾ داخل ٿيندا)·! ڀلا تون ان ڳالهه تي ته غور ڪري ڏس ته جنهن حضرت سليمان جهڙي پيغمبر سان اهڙو برتاءُ ڪيو سو تو جهڙي نڪمي کي ڪهڙي وقعت ڏيندو؟ جڏهن موتي هڪ پٿر آهي تڏهن خوامخواه پاڻ کي ايتري تڪليف ۾ به نه وجهه ۽ محبوب جي منهن مبارڪ کان سواءِ ٻئي طرف وڃڻ جي نه ڪر.
اڙي موتيءَ جا طالب (بي سمجهه انسان)، موتيءَ کي خيال مان ئي ڪڍي ڇڏ (موتيءَ جو خيال ڇڏي ڏي)، تون هميشه جوهريءَ (موتين جو صانع ۽ مالڪ) جي تلاش ۾ رهه (يعني مخلوق کي ڇڏي خالق جي طرف راغب ٿي) جنهن ۾ ئي تنهنجي دائمي زندگي ۽ لازوال سعادت آهي.

هما پکيءَ جو عذر

بعد ۾ سايو بخشيندڙ هما ميڙ ۾ آيو، جنهن جو پاڇو بادشاهن لاءِ سرمايو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته هو وڏيءَ همت وارو آهي، تنهن ڪري ئي نهايت مبارڪ ۽ ڀاڳ وارو آهي. هو کين مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته: اي درياءَ ۽ خشڪي جا پکي، ياد رکو، مان ٻين وانگر نه آهيان. منهنجي همت گهڻو بلند آهي، تنهن ڪري باقي مخلوق کان مون گوشئه نشيني اختيار ڪئي آهي. مون لاءِ بادشاهه (جي هٿ) کان هڪ مليل ڪوٺي باقي دنيا کان از حد ڪافي آهي. مان پنهنجي نفس جي ڪتي کي ذليل ۽ خوار رکان ٿو، انهيءَ ڪري فريدون ۽ جم کي عزت مون کان نصيب ٿي. سڀئي بادشاه منهنجي پاڇي جا پليل آهن، هر لالچي منهنجي درجي کي ڪٿي ٿو رسي سگهي؟ مان پنهنجي نفس جي ڪتي کي هڏا کارائيندو رهان ٿو ۽ انهيءَ ڪري پنهنجي روح کي ان کان امن ۾ رکان ٿو. نفس کي هميشه هڏن کارائڻ سان ئي منهنجي جان هن مرتبي کي پهتي آهي. ڀلا جنهن جي پَر جي پاڇي کان هڪ ادنيٰ شخص بادشاهه ٿئي، تنهن جي حڪم کان منهن ڇو موڙيو وڃي؟ سڀني کي ان جي پاڇي هيٺ اچڻ گهرجي ته جيئن ان مان ڪو زرو کين نصيب ٿئي. سيمرغ جهڙو ڏاڍو مڙس منهنجو ساٿي ڪٿي ٿو ٿي سگهي! ٻيلي يار، منهنجو ته سڀ ڪم عقلمندي تي مبني آهي (منهنجي عقل جي تقاضا اها آهي ته سيمرغ جي درپئي نه رهان).


هدهد جو جواب

اڙي دوکي ۾ آيل (غرور جا قيدي) هما، پاڇي کي پري ڪر ۽ هن کان زياده پاڻ تي فخر نه ڪر هينئر (هن زماني ۾) تو ڪنهن کي بادشاهه بنائڻ جي طاقت نه رهي آهي، تون ته پڻ ڪتي جي طرح هڏن تي ڪِريو پيو آهين. هاءِ افسوس! جيڪڏهن تون بادشاهه کي تخت تي ويهارين ها، ۽ خود کي هڏن کان آزاد ڪرين ها! مون مڃيو ته اڄ دنيا جا سڀيئي بادشاهه تنهنجي پاڇي مان پيدا ٿين ٿا، ليڪن سڀان (قيامت جي ڏينهن) هو يقيناً مصيبتن ۾ گرفتار هوندا ۽ پنهنجي بادشاهي کان ڪنهن عرصي تائين پوئتي پيل رهندا. جيڪڏهن ڪو بادشاهه تنهنجي پاڇي کي نه ڏسي ها ته مان توکي هڪ قصو ٻڌايان. ٿي سگهي ٿو، تون ان مان سبق پرائين.

سلطان محمود جو قصو

هڪڙو شخص جو ڏاڍو ڏاهو، پرهيزگار ۽ نيڪ هو، تنهن هڪ دفعي سلطان محمود (غزنويءَ) کي خواب ۾ ڏٺو. کانئس پڇيائين ته اي نيڪ بخت شاهه! تنهنجو هن وقت ڪهڙو حال آهي؟ سلطان جواب ڏنو ته ٻيلي، خاموش رهه، منهنجي جان جو خون نه وهاءِ، دم نه هڻ، ۽ اٿي! هيءَ بادشاهيءَ جي جڳهه ڪٿي آهي؟ منهنجي بادشاهي محض خودپسندي ۽ هڪ غلط گمان هو. هڪ مٺ خاڪ مان ڇا بادشاهي کڙي ٿي سگهي ٿي؟ منهنجي بادشاهيءَ جو درد هڪ وهم ۽ گمان آهي، بادشاهيءَ جو لائق اهو الله تعاليٰ آهي ۽ بس. اهو جو جهانن جو مالڪ آهي، سوئي سلطنت ۽ بادشاهي جو سزاوار آهي. جڏهن مون هتي اچي پنهنجي عاجزي ۽ پريشاني (حيراني) ڏٺي، تڏهن پنهنجي بادشاهيءَ کان ازحد شرم آيم (جو منهنجي بادشاهي هن بادشاهي اڳيان تِڇ آهي. جيڪڏهن تون مون کي سڏڻ چاهين ته پريشان بغير نه سڏينم. صحيح حاڪم اهوئي آهي، مون کي حاڪم جي نالي سان نه پڪار. سلطنت ويندي رهي ۽ بادشاهيءَ کي هوا اُڏائي ويئي،. فقط اهو شخص خوش ۽ سعيد آهي جو هن جهان کان آزاد ٿي مئو.
محمود کي، بندي جي نالي سان سڏ ۽ نه بادشاهه جي نالي سان. وڃ ۽ منهنجا سلام وڃي مسعود کي پهچاءِ ۽ چوينس ته اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تون به ڪا خبر ۽ سمجهه رکين ٿو ته پنهنجي پيءُ جي حال مان ڪو سبق پراءِ. ڪاش، دنيا ۾ جيتري زندگي هئي، محمود اهو سارو وقت ان ۾ کورو پچائيندو رهي ها! ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن محمود هن جهان اندر کوري پچائڻ ۾ ئي مشغول رهي ها، ته جيئن هو هن اوڙاهه (آخرت جون مصيبتون) ۾ ڪرڻ کان بچي پوي ها! سڀ عزت ۽ حڪومت (اصلي عزت ۽ حڪومت جي مقابلي ۾) چنڊ کان ويندي مڇيءَ تائين ڪجهه به نه آهي. بادشاهي انهيءَ لاءِ آهي ۽ مان ته آرام تڏهن لهان ها، جڏهن خود دنيا ۾ هڪ پينوهجان ها. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن مان سؤ کوهن ۾ پيو هجان ها، ڪو رتبو نه هجيم ها، ۽ هڪ بيکاري هجان ها ۽ نه بادشاهه! مونکي ته ڪا گهڙي به ڇوٽڪارو ڪونهي، مون کان هڪ هڪ جَو جو حساب گهرن ٿا. شال انهيءَ هما جا پر ۽ بُج سڪي ۽ سڙي وڃن جنهن مون کي پنهنجي پاڇي هيٺ جاءِ ڏني (۽ مان بادشاهه ٿيس ۽ ان ڪري حساب ڪتاب جي سختيءَ ۾ اچي پيس).·

باز جو عذر

جڏهن هنن پکين پنهنجا عذر ڏيئي پورا ڪيا، تڏهن باز به اچي ان ميڙ ۾ داخل ٿيو، ۽ حقيقت جا راز کولڻ لڳو. پنهنجي سرداري جي ٻٽاڪ ۽ تاجداريءَ تي ڊاڙ هڻندي چوڻ لڳو ته: مان بادشاهه جي هٿ جي شوق (باز اڪثر بادشاهه جي هٿن ۾ رهندو آهي) ڪري باقي مخلوق کان اک ٻوٽي ڇڏي آهي ۽ پنهنجي تابعداري ۽ عاجزيءَ ۾ هي اميد رکي آهي ته منهنجو پير، بادشاهه جي هٿ تائين پهچي وڃي. مان پاڻ کي ادب جي گهڻي تربيت ڏني آهي ۽ رياضت ڪندرن وانگر پنهنجي خوب رياضت ڪئي آهي؛ ۽ اهو ان ڪري ته جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن تقدير (ڪارڪنان قضا و قدر) مون کي پنهنجي بادشاهه وٽ آڻي پهچائي، ته مان ان وقت شاهي خدمت جي رسمن کان پورو واقفڪار هجان. مان سيمرغ کي خواب ۾ ڪيئن ڏسان ۽ ڇو ان طرف اجايو ڊوڙان؟ مون کي پنهنجي بادشاهه جي هٿ کان هڪ لقمو ئي ڪافي آهي، ۽ هن جهان ۾ هيءَ جاءِ (سندس درٻار) ئي بس آهي. مون وٽ مسافريءَ جو ذريعو ڪونه آهي، انهيءَ ڪري ئي بادشاهه جي هٿ تي سربلندي ڪريان ٿو. جو به شخص بادشاهه وٽ لائق ثابت ٿئي ٿو ته پوءِ ان جي هر ڳالهه مڃي وڃي ٿي. مان به جيڪڏهن وٽس لائق بنجي وڃان ته اهو بهتر آهي، جووتان گمنام واديون لتاڙيندو. برابر مان اها اميد رکان ٿو ته ان جي سامهون سندس محل ۾ خوشيءَ جي زندگي گذاريان، تنهن ڪري ڪڏهن ان جي انتظار ۾ رهان ٿو ۽ڪڏهن ان جي شوق ۾ شڪار ڪريان ٿو. ڀلا هاڻي تون ئي کڻي ٻڌاءِ هدهد، ته هن حالت کي ڏسي ڇڏڻ ۾ ڪا عقلمندي آهي؟

هدهد جو جواب

اڙي اٻوجهه باز، تون ته مجاز ۾ اڙيل، حقيقت کان گهڻو دور ۽ صورت ۾ ئي گرفتار آهين. جيڪڏهن ملڪ ۾ بادشاهه جو ڪو ثاني هجي ته، پوءِ ان کي بادشاهي ڪٿي ٿي سونهين؟ بادشاهيءَ جي لائق سيمرغ جي ٻيو ڪونه آهي، ڇا لاءِ جوا ن جي بادشاهيءَ جو ڪو نِر ئي ڪونهي. اهو شخص بادشاهه نٿو بڻجي، ڪنهن (هر) ملڪ ۾ ڪنهن حقيقت (سمجهه) کان سواءِ ئي پنهنجو پاڻ کي کڻي ٿو بادشاهه بڻائي. بادشاهه ته اهو ٿئي ٿو جنهن جو ڪو نظير نه هجي ۽ جو سواءِ وفا ۽ رحم جي ٻيو ڪجهه نه ڪندو هجي. تون اهڙي حاڪم جي طلب ۾ رهه، جو سدائين وفادار ۽ رحيم آهي. باقي دنيا جو بادشاهه کڻي هڪ وقت وفاداري ڪري ٿو ته وري ٻئي وقت ظلم به ڪري ٿو، ۽ جو به دنيا جي بادشاهه جي زياده ويجهو ٿئي ٿو ته، ان جو معاملو نهايت ئي نازڪ ٿي پوي ٿو. هو سدائين بادشاهه کان ڊپ ۾رهي ٿو ۽ سندس جان هر وقت (هميشه) خطري ۾ رهي ٿي. دنيا جو بادشاهه ڇاڪاڻ ته باهه مثل آهي جا توکي ساڙيندي ويرم نه ڪندي، تنهنڪري تون ان کان ڀڄي پري ٿيءُ، جو ان کان پري ٿيڻ ۾ ئي چڱائي آهي، انهيءَ ڪري ئي بادشاهن کان دور رهڻو پوي ٿو، ڇا لاءِ جو انهن جي اڳيان ڀلا ڪو بيهي به سگهي ٿو؟ تنهنڪري توکي جڳائي ته تون به هٽي وڃ. چڱو، هاڻي هيءَ ڳالهه ڪن لائي ٻڌ:

بادشاهه جي ڳالهه

هڪ دفعي هڪڙو بادشاهه، پنهنجي خوبصورت غلام تي اهڙو ته عاشق ٿي پيو، جو ان بغير هڪڙي گهڙي به کيس آرام نه ايندو هو، ٻين غلامن جي ڀيٽ ۾ هن کي زياده سينگاريل ۽ هميشه پنهنجي اکين آڏو رکندو هو، ان بادشاهه جي البت اها عادت هوندي هئي، جو هو پنهنجي محل ۾ ان غلام جي مٿي تي هڪ صوف رکي ان کي چٽيندو هو. ڪنهن ناواقف غلام کان پڇيو ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو تنهنجو منهن پيلو ۽ زرد ٿي ويو آهي؟ تنهنجي ته بادشاهه وٽ گهڻي عزت ۽ هلندي آهي، تنهنڪري تنهنجي زرديءَ جو سبب ڪهڙو؟ غلام جواب ۾ چيو ته بادشاهه منهنجي مٿي تي صوف رکندو آهي، پوءِ جيڪڏهن ان جي تير کان مون کي نقصان پهچي ويو ته هو چندو هو ته منهنجو ڪو غلام ئي ڪونه هو، ۽ مان ان کي ڄاڻندو سڃاڻندو ئي نه هوس، پر جيڪڏهن سندس تير منهنجي مٿي تي رکيل صوف کي کڻي چٽي وجهي ته هر ڪوئي چوندو ته اها بادشاه سلامت جي بخت جي نشاني آهي. انهيءَ غم ۽ فڪر ڪري ئي منهنجو اندر کاڌل آهي، جو منهنجي جان هميشه خطري ۾ رهي ٿي (۽ وري ان جو عوض ڪجهه به نه).

ٻگهه جو عذر

جڏهن ٻين پکين چئي بس ڪيو، تڏهن ٻگهه پنهنجي وارو ورتو ۽ اچي چوڻ لڳو ته اڙي منهنجا خير خواه پکي، توهان کي معلوم آهي ته منهنجي رهائش هميشه درياء جو ڪنارو آهي، جتي مان خاموشيءَ ۾ حياتيءَ جا ڏينهن گذاريان ٿو، ايترو ته ڪم آزار آهيان جو ڪوبه مون کان رنجيده نه آهي ۽ هميشه هن ڪناري تي غمگين ۽ دردمند ٿيو ويٺو آهيان، ۽ پاڻيءَ جي آرزوءَ ۾ پنهنجي دل کي خون سان پيو ٿو ڀريان، ۽ پنهنجو غم پاڻ ئي کائيندو رهان ٿو. جڏهن مان درياءَ وارن مان ئي نه آهيان تڏهن عجب جي ڳالهه آهي جو ان (درياءَ) جي ڪنڌيءَ تي اڃ ۾ مرندو (پياسو) رهان ٿو. درياءَ جيتوڻيڪ سؤ دفعا جوش ۾ اچي ٿو، ته به مان هڪڙو ڍڪ به پي نٿو سگهان؛ ۽ وري جيڪڏهن ان مان هڪڙو قطرو به گهٽ ٿي پوي ٿو ته منهنجي دل غيرت جي باهه کان جلي ڪباب ٿي وڃي ٿي. مون جهڙي لاءِ درياءَ جو عشق ئي ڪافي آهي، ۽ سندس سودائي بس. مان هڪ گهڙي به ان جي غم کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو چاهيان. سيمرغ وڏي شيءِ آهي، مان ان جو ڪٿي ٿو تاب جهلي سگهان! الله پناهه ڏئي! ڀلا اهو جنهن جو بنياد ئي پاڻيءَ تي ٻڌل آهي (اصل ئي پاڻيءَ جو قطرو آهي) سوسيمرغ جو وصل ڪٿي ٿو ماڻي سگهي؟

هدهد جو جواب

اڙي يار ٻگهه، تون ته درياءَ کان ئي ناواقف آهين. ان ۾ ته واڳون ۽ ٻيا ڪيترائي خوفناڪ جانور رهن ٿا. سندس پاڻي ڪڏهن ڪڙو ته ڪڏهن کارو آهي، ۽ هو ڪنهن وقت ماٺو آهي ته ڪنهن وقت موجزن، مطلب ته هو ڪڏهن به هڪ حالت ۾ نه ٿو رهي. ڪيترائي بزرگ ماڻهو ٻيڙيءَ سوار، سندس ڪُن ۾ اچي ٻڏي مُئا. جيڪڏهن ڪوبه ٽوٻي وانگر ان ۾ وڃي ٿو ته هر وقت جان جي خوف کان پنهنجي دم جو خيال رکي ٿو؛ ۽ جيڪڏهن ڪوان جي اونهائيءَ سان دم هڻي ٿو ته بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو. اهو جو ڪنهن سان وفادار نه آهي، تنهن ۾ ياريءَ جي اميد رکڻ به عبث آهي جيڪڏهن تون به درياءَ مان نڪري ڪناري تي نه ايندين ته آخرڪار منجهنس ٻڏي مرندين. اهو خود پنهنجي محبوب (الله تعاليٰ) جي عشق ۾ غل ۽ شور مچائي ٿو، ڪڏهن موجون هڻي ٿو، ته ڪڏهن ڪڙڪا ڪري ٿو. جڏهن ان کي ئي پنهنجي مقصد ۾ ناڪاميءَ سبب آرام نه آهي ته پوءِ توکي ان کان ڪهڙو دلي آرام حاصل ٿيندو؟ درياءَ خود ان (الله تعاليٰ) کي گهٽيءَ جو محض هڪ چشمو (هڪ نالي) آهي. خبر نه آهي ڇو تون ان اصل درياءَ کي ڇڏي هن حقير چشمي تي راضي ٿيو ويٺو آهين؟ هاڻي مان توکي هڪ ڳالهه ٻڌايان ٿو، جا تون خيال ڏيئي ٻڌ:

هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه

هڪڙو ڏاهو درياءَ، (سمنڊ) ۾ گهڙي، کانئس پڇڻ لڳو ته آخر تنهنجو رنگ نيرو ڇو آهي، ۽ تو ماتمي لباس آخر ڇو پهريو آهي؟ ۽ جڏهن ته تو ۾ باهه آهي ئي ڪانه، تڏهن پوءِ ايترو جوش ڇا جو؟ درياءَ جواب ڏنس ته: حقيقت هيءَ آهي ته مان پنهنجي دوست جي جدائيءَ سبب ڏاڍو پريشان آهيان، ۽ ڇاڪاڻ ته درد ۾ نيلو لباس پهريو اٿم. مان خشڪ لب ۽ بيخبر نه آهيان، ليڪن ان جي عشق جي باهه کان ئي جوش ۾ آهيان. جيڪڏهن مون کي ان جي ڪوثر (فيض) مان هڪڙو قطرو ملي وڃي ته پوءِ سدائين سندس در تي پيو رهندس، ورنه مون جهڙا هزارين خشڪ لب هر روز و شب سندس راهه ۾ مرندا رهن ٿا.

چٻري جو عذر

چٻرو، چرئي وانگر اچي چوڻ لڳو ته: مون ته ويراني پسند ڪئي آهي. ويرانيءَ ۾ پيدا ٿيو آهيان، تنهن ڪري عاجز آهيان؛ ۽ سواءِ ڪنهن شراب پيئڻ جي ويرانيءَ ڏانهن هليو وڃان ٿو. مون جيتوڻيڪ سوين آباد بستيون ڏٺيون آهن، مگر انهن سڀني کي مخالف ۽ تڪليف ده ڏٺم. جو شخص دلجمعيءَ سان ويهڻ چاهي ته ان کي مستن وانگر ويرانيءَ طرف وڃڻ گهرجي. مان غم ۾ هن ڪري وڃي ويراني وسائي آهي جو خزانوگهڻو ڪري ويراني ۾ ئي هوندوآهي. خزاني جي عشق ئي مون کي ويرانيءَ جي طرف راهه ڏيکاري آهي، ان جي (حاصل ڪرڻ) لاءِ، سواءِ ويرانيءَ (ويران جاين) جي مون لاءِ ٻيو ڪو رستوئي نه آهي (هو). مان سڀني ماڻهن کان پنهنجي زندگي غم ۾ گذاريان ٿو ته جيئن پنهنجو خزانو سواءِ ڪنهن طلسم جي هٿ ڪريان. جيڪڏهن منهنجو پير خزاني ۾ هيلو وڃي ها ته پوءِ منهنجي هيءَ چري دل آزاد ٿي پوي ها. سيمرغ جو عشق هڪ افسانو آهي. ان جو عاشق ٿيڻ سڀ جو ڪم نه آهي. ٻيلي، مان ان جو سچو عاشق نه آهيان. مونکي ته خزاني ۽ ويرانيءَ جو عشق گهرجي ۽ بس.

هدهد جو جواب

خزاني جي عشق ۾ گرفتار چٻرا، مون مڃيو ته، توکي خزانو هٿ اچي ويو، ليڪن تون ان خزاني تي پاڻ کي مرده سمجهه، ۽ پنهنجي گذري ويل عمر کي اجائي ۽ بيثمري شمار ڪر. خزاني ۽ مال جو عشق به ڪفر جو هڪ حصو آهي ۽ اهو جو سون جوبت بنائي ٿو سو آذر آهي. 1 زر پرستي سچ پچ ڪفر مان آهي. تون آخر سامري قوم منجهان ته ڪونهين؟ 2 ۽ هي پڻ ٻڌي ڇڏ ته، جنهن به ماڻهوءَ جي دل، مال جي محبت ۾ اٽڪي پوي ٿي، تنهن جي صورت قيامت جي ڏينهن ڦري ٻي ٿي ويندي؛ اهو ان ڏينهن ڪُئي جي صورت وٺندو، ۽ پوءِ ارمان کان هر گهڙيءَ پيو ڦيٽون کائيندو، مگر ان ڏينهن، هي ارمان ۽ افسوس کيس ڪهڙو ڪم ڏيندو؟ هاڻي مان توکي هڪڙو قصو ٻڌايان ٿو:

هڪڙي مئل جو قصو

هڪڙي نادان، ناڻي جو هڪ دٻو رکندو هو، پر جڏهن مري ويو تڏهن دٻو ته پٺيان رهجي ويو. هڪ سال کان پوءِ سندس پٽ کيس خواب ۾ ڏٺو ته ان جي شڪل چوهي جهڙي آهي ۽ سندس اکين مان آب وهي رهيو آهي، ۽ جنهن هنڌ هن ان ناڻي کي لڪائي رکيو هو، تنهن جي چوڌاري چوهي وانگر پئي ڦريو (۽ تڪروآيو ويو). سندس پٽ جو چوڻ آهي ته مون جڏهن کانئس پڇيو ته تون هن هنڌ ڪهڙي ڪم سان آيو آهين، ۽ ڳالهه اصل ڇا آهي؟ ته جواب ڌنائين ته مون هن هنڌ ناڻو لڪائي رکيو هو، ۽ منهنجي مرضي نه آهي ته ڪو آدمي ان جي ويجهو وڃي. وري جڏهن کانئس پڇيائين ته آخر تنهنجي چُوهي جهڙي شڪل ڇو ٿي آهي؟ تڏهن جواب ۾ چيائين ته جنهن به ماڻهوءَ کي زر جي لالچ هوندي تنهن جي صورت ڦري اهڙي ٿيندي. اي منهنجا فرزند، تون (مونکي ڏسي) منهنجي حال مان سبق سک، ۽ مال (زر) کي اڇلائي ڦٽو ڪر.

کٽياڻيءَ جو عذر

آخر ۾، کٽياڻي اچي چوڻ لڳي ته: مان گهڻو حيران ۽ پريشان آهيان، ڏاڍي غمزده، هيڻي ۽ بکي آهيان. منهنجي پرن ۾ ڪئليءَ جيتري به طاقت ڪانهي، ۽ جڏهن ته مون ۾ نه پر آهن ۽ نه پير ۽ نه وري ڪا ٻي اهڙي شيءِ تڏهن مان سيمرغ جهڙي سردار جي ويجهو ڪٿي ٿي وڃي سگهان؟ مون جهڙي نٻل ۽ هيڻيءَ جي هتي جاءِ نه آهي. دنيا ۾ ان جا عاشق گهڻائي آهن. مون جهڙيءَ جو ان سال وصال محال آهي. هاڻي مان جڏهن ان جو وصال ماڻي ئي نٿي سگها، تڏهن هڪ محال شيءِ جي در پئي به ٿي نٿي سگهان، پر جيڪڏهن کڻي مان ان جي درگاهه طرف رخ ڪريان به ته به نتيجو هي نڪرندو جو يا ته مان راهه ۾ مري وينديس يا سڙي وينديس. ان هنڌ پهچڻ لاءِ مان اهڙي مضبوط ۽ قوي آهيان ئي ڪانه، تنهن ڪري مان پنهنجي يوسف کي، جنهن کي کوهه ۾ وڃائي ويٺي آهيان پئي ٿي ڳوليان. ٿي سگهي ٿو، دنيا ۾ وري ان کي ڳولي لهان. جيڪڏهن خوش قسمتيءَ سان مان پنهنجي يوسف کي کوه ۾ ڳولي لڌو ته پوءِ ان سان گڏ، مڇي کان چنڊ (زمين کان آسمان) تائين پئي پرواز ڪنديس.

هدهد جو جواب

هدهد کان، هي ٻڌو نه سٺو، سو چوڻ لڳس ته اي کٽياڻي، ڪمزوريءَ جو اجايو عذر آڏ نه آڻ، مان تنهنجي مڪر ۽ فريب کي خوب ڄاڻان ٿو، قدم اڳتي وڌاءِ ۽ خوف خطري کي جاءِ نه ڏي، جيڪڏهن ٻيا به ان راه ۾ جلي فنا ٿين ته پوءِ تون به جلي فنا ٿي وڃ. تون جيڪڏهن في الواقع يعقوب جي مثال آهين ته ياد رک ته، قضا ۽ قدر تنهنجو ميلاپ يوسف سان ڪڏهن نه ڪندا. غيرت جي باهه سدائين ڀڙڪندي رهي ٿي، تنهنڪري هن جهان تي (لاءِ) يوسف جو عشق حرام آهي. اهو مان توکي هڪ عجيب قصو ٻڌايان ٿو:

حضرت يعقوب عليه السلام جو قصو

ڇا، توهان ڳالهه نه ٻڌي آهي ته جڏهن يوسف عليه السلام پنهنجي پيءُ کان جدا ٿي ويو هو، تڏهن اڻ جي جدائيءَ کان سندس پيءَ يعقوب عليه السلام اکين کان انڌو ٿي پيو هو، ۽ سندس اکين مان خون جو سمنڊ موجون هڻي رهيو هو، ۽ هر گهڙيءَ ۽ هر پلڪ يوسف جو نالوسندس زبان تي هو. ملڪ جبرائيل، فوراً آسمان کان آيو ۽ اچي چيائينس ته: هن کان پوءِ جيڪڏهن وري به يوسف جو نالو پنهنجي زبان تي آڻيندين ته اسان تنهنجو نالو رسولن ۽ نبين جي دفتر مان خارج ڪري (ميٽي) ڇڏينداسون، انهيءَ فرمان اچڻ شرط پنهنجي پٽ جو نالو زبان تي آڻڻ وساري ڇڏيائين. جيتوڻيڪ يوسف جو نالو سندس ساٿي هو، مگر جان جي خوف کان ان جو نالو دل ئي دل ۾ وٺندو هو. هڪ رات پٽ کي خواب ۾ ڏٺائين ۽ مرضي ٿيس ته ان کي پاڻ ڏانهن سڏي وٺي، مگر خدائي حڪم ياد اچي ويس سو هڪدم خاموش رهجي ويو؛ البت بيڪسي ۽ حيرانيءَ سبب هڪ دردناڪ دانهن نڪري ويس، اڃا خواب مان سجاڳ (مس) ٿيو ته جبرائيل به اچي سندس اڳيان حاضر ٿيو. چيائينس ته: الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته، تو جيتوڻيڪ يوسف جو نالو زبان سان نه ورتو ليڪن خواب جي دوران تو هڪ آهه ڀري ورتي ۽ مان خوب ڄاڻان ٿو ته انهي آهه ڀرن مان تنهنجو مطلب ڇا هو. حقيقت ۾ تو توبهه کي ڀڃي ورتو، هاڻي پڇتائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ اڙي کٽياڻي، عقل هن عشق جي راهه ۾ ديوانو ٿي پوندو آهي، تون ذرا خيال ڪري ڏس ته عشق بازيءَ ۾ اسان جو ڇا حال آهي (اسان رڳو ڳالهيون ڪري ڄاڻون). اهڙي طرح ٻين به ڪيترن پکين انڌا منڊا عذر پيش ڪيا.

پکين جو گڏجي سوال ڪرڻ

بس پوءِ سڀئي پکي مڙي اچي هدهد کي چوڻ لڳا ته، تون اسان سڀني کان رهنمائي ۽ سرداريءَ ۾ گوءِ کڻي ويو آهين. ڀلا هاڻي تون کڻي ٻڌاءِ، اسين، جنهن صورت ۾ نهايت ڪمزور ۽ هيڻا آهيون، تڏهن سيمرغ جهڙي بادشاهه تائين ڪهڙيءَ طرح پهچي سگهون ٿا؟ آخر ان عالي بادشاهه جي اسان سان ڪهڙي نسبت آهي؟ اها ڳالهه به اسان کي کولي سمجهاءِ؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان ۽ ان جي وچ ۾ ڪا نسبت هجي ها ته اسان مان هرهڪ ضرور ان ڏانهن راغب ٿئي ها (ليڪن ائين آهي ڪونه). هو ته حضرت سليمان جهڙو زبردست بادشاهه آهي ۽ هيڏانهن اسين آهيون مسڪين ڪئيليون. ان حالت ۾ اسان جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪيئن ٿي سگهي ٿو! بادشاهي ماڻڻ ۽ ڪرڻ پينو فقير جو ڪم نه آهي، ٻيلي، هيءُ ڪم اسان جي طاقت کان به ٻاهر آهي!

هدهد جو جواب

اي پرندو، ياد رکو ته بي همت ۽ بزدلن کي عشق سونهين ئي نٿو. توهان آخر ڪيترو وقت بي همتيءَ جو مظاهرو ڪندا رهندا، جنهن شخص کي عشق جي حقيقت معلوم ٿي، سو ته جهٽ خوشيءَ وچان ان ۾ ٽپي پيو.
توکي معلوم هئڻ گهرجي ته جڏهن سيمرغ پردي اندران پنهنجو چمڪندڙ منهن ظاهر ڪيو، تڏهن سندس هزارين پاڇا زمين تي ڇانئجي ويا. هي پرندا ۽ جاندار، جي تون هن جهان ۾ ڏسين ٿو سي سڀ ان جي پاڇي کان ئي وجود ۾ آيا آهن. انهن جون صورتون گويا ان جو پاڇو آهن، تنهنڪري تون هاڻي ان ڏانهن پنهنجي نسبت کي درست ڪر ۽ هن راز کي فاش نه ڪر.
جيڪڏهن توکي معلوم ٿئي ته تون ڪنهن جو پاڇو آهين، ته تون يقيناً پاڻ کان ئي بيپرواهه ٿي ويندين، پوءِ کڻي تون زنده ئي ڇو نه هجين. جيڪڏهن ڪوبه پکي يا جانور پيدا نه ئي ها ته ان جو مطلب هيءُ ٿئي ها، ته سيمرغ کي پاڇو آهي ئي ڪونه. حالانڪ اسان ان جي پاڇي جو نتيجو آهيون. ازانسواءِ جيڪڏهن سيمرغ پوشيده (لڪي) ٿي وڃي ها ته جهان ۾ ان جو پاڇو به نه هجي ها (يعني اسان جو وجود به نه هجي ها). جڏهن ڪابه شيءِ هن دنيا ۾ ظاهر ٿيندي آهي، تڏهن اول ان شيءِ جو خاڪو عالم مثال · ۾ چٽيو ويندو آهي تو اڃا تائين ان (سيمرغ) کي ڏٺو نه آهي ۽ ان جو سبب هيءُ آهي جو تنهنجي دل آئيني مثل صاف ۽ روشن نه آهي. جڏهن هن جي حسن ۽ جمال کي ڏسڻ جي ڪوبه طاقت نٿو رکي، ۽ نه وري ان کانسواءِ صبر ئي ڪري سگهي ٿو تڏهن پنهنجي ڪمال لطف (مهرباني) کان هڪ آئينو بنايائين، ۽ اهو آئينو آهي تنهنجي دل. تون دل ۾ نهار ته جيئن ان جو ديدار پسي سگهين، هاڻي مان توکي هڪ حڪايت ٻڌايان ٿو.

هڪ خوبصورت بادشاهه جي آئيني بنائڻ جي حڪايت

ڳالهه ڪن ٿا ته، هڪڙو بادشاهه هو، جو اهڙو ته حسين ۽ جميل هو جو جهڙس ٻيو ڪو هوئي ڪونه. ساري دنيا ۾ ان جي حسن جي هاڪ هئي،۽ هرهڪ مٿس عاشق ۽ مفتون هو. فردوس بهشت سندس منهن مبارڪ جو هڪ مختصر نمونو هو. مطلب ته ساري دنيا سندس رازن سان ڀري پئي هئي ۽ ڪنهن دلڪش ۽ خوبصورت شيءِ کي ڏسڻ سان سندس ديدار جو ڪجهه پتو پيو ٿي. هو جڏهن رنگارنگي چادر پائي، گهوڙي تي سوار ٿي، ٻاهر نڪرندوهو، تڏهن جو به ڏانهس نهاريندو هٿو، يا سندس نالو زبان تي آڻيندو هو ته ان جو فالفور خاتمو آندو ويندو هو؛ مگر ان جي باوجود هزارين آدمي، سندس عشق ۾ هر روز مرندا رهندا هئا. حقيقت هيءُ آهي ته اهڙي محبوب ۽ دلربا جي عشق ۾ مرڻ هزار عمرين کان بهتر آهي. نه ڪنهن کي ان بغير گهڙي پلڪ صبر ٿي آيو ۽ نه وري هوان جو تاب ئي جهلي ٿي سگهيو، ۽ هر وقت روئندو ۽ رڙندو ٿي رهيو. اها ته کليل حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪو ان جي ڏسڻ جو تاب جهيل سگهي ها ته هو پنهنجو منهن بالڪل کولي ڏيکاري ها.
هاڻي جڏهن نه ته ڪو ان کي ڏسي ٿو سگهيو، ۽ نه ان کانسواءِ رهي ٿي سگهيو، تڏهن هن (بادشاهه) هڪڙو آئينو گهرايو، ۽ پنهنجي صورت جي عڪس سان ان کي روشن ڪرايو، ته جيئن عاشق، ان معرفت کيس ڏسي سگهن. تون جيڪڏهن واقعي دوست جو منهن ڏسڻ چاهين ٿو ته، پوءِ ان کي پنهنجي دل ۾ ڳول. جڏهن تو ان کي ڳولي لڌو، تڏهن هر چيز عرش کان ويندي فرش تائين تنهنجي اڳيان کلي ظاهر ٿي پوندي. هي پکي، جيترا به تون ڏسين ٿو سي سڀيئي ان سيمرغ جو پاڇو آهن ۽ سندس پاڇو ڪو کانئس جدا نه آهي. تنهن ڪري تون پاڇي کي ڇڏي خود سمرغ جي تلاش ڪر، ڇا لاءِ جو جيڪڏهن تن پاڻ کي پاڇي ۾ ئي گم ڪندين ته پوءِ توکي سيمرغ هٿ نه ايندو.

سلطان محمود ۽ اياز جو قصو

اياز، (جنهن کن سلطان محمود جي هڪ گهڙي به نه سرندي هئي) هڪ ڏينهن بيمار ٿي پيو. جڏهن سلطان کي ان جي بيماريءَ جي خبر پئي، تڏهن فوراً پنهنجي نوڪر کي گهرائي چيائين ته: تون اياز جي طرف هوا ٿي اڏام، ۽ رستي تي ڪنهن ڏانهن به نه نهار، ۽ جلدي پهچي وڃي چوينس ته، بادشاهه، تنهنجي بيماري جو ٻڌي، خود بيمار ٿي پيو آهي؛ ۽ چوي ٿو ته، جيتوڻيڪ منهنجو ظاهر توکان پري ۽ جدا آهي، ليڪن منهنجو باطن تنهنجي بالڪل ويجهو ۽ توسان گڏ آهي. اهو تاڪيدي فرمان ٻڌي، قاصد ته سواءِ ڪنهن ديرمدار جي جلدئي اياز وٽ پهچي ويو، ليڪن ان جي حيرت جي حد ئي نه رهي جڏهن ڏٺائين ته بادشاهه ته اڳيئي وٽس ويٺو آهي! ويچاري کي پنهنجي جان جي خوف اچي ورايو ۽ ڏڪندي سلطان کي عرض ڪيو ته: مون جلدي اچڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي آهي. خبر نه آهي ته سائين جن ڪيئن اڳ ۾ پهچي ويا آهن! سلطان کيس معاف ڪندي پڇيو ته: تنهنجو ڪو قصور ڪونهي، مون جهڙي جلدبازي توکان ٿي ئي نه سگهندي. مون جو هي ڊگهو رستو اک ڇنڀ ۾ طئي ڪيو تنهن جو سبب هيءُ هو جو مان اياز جي منهن لاءِ بيتاب هوس ۽ مون کي هڪ گهڙي به ان بغير آرام نه ٿي آيو.
حقيقت هيءَ آهي ته مان ڳجهه ڳوهه ۾ وٽس هر گهڙي اچان ۽ وڃان ٿو، جنهن کان باقي دنيا بيخبر آهي. منهنجي دل هن سان ڳنڍيل آهي؛ ظاهري طور ته مان ان جي حال کان هر وقت آگاهه آهيان. مان جيتوڻيڪ هي راز (ته منهنجي اياز ان گهري دلبستگي آهي) دنيا وارن کان لڪايان به ٿو، ليڪن اندروني طور تي منهنجي جان ان سان ڳنڍير جيان ڳنڍي پيئي آهي. تون هر رمز سمجهي ڇڏ. اسان هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ئي نٿا سگهون.

سيمرغ کي ملڻ لاءِ پکين جي بيتابي ۽

سندس هدهد کان سوال

جڏهن پکين هدهد جون هي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن اهي سڀيئي پنهنجي مشفق ۽ مهربان بادشاهه جي ڳولڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا. پنهنجي مالڪ سيمرغ سان جا کين نسبت هئي، تنهن کي هاڻي سمجهي ويا، تنهن ان ڏانهن وڃڻ لاءِ گهڻو راغب ۽ بيچين ٿي پيا. سڀني اوڏانهن وڃڻ لاءِ سندرو ٻڌو، ۽ ملي اچي پنهنجي استاد ۽ واقفڪار هدهد کان ان ڏانهن ويندڙ رستي جي پڇاڳاڇا ڪرڻ لڳا ۽ کيس چوڻ لڳا ته جيئن ته، اسين گهڻو ڪمزور ۽ هيڻا آهيون، تنهنڪري پنهنجي وري عالي مرتبي بادشاهه تائين پهچڻ اسان کي نهايت ئي محال نظر ٿو اچي. هاڻي تون ڪا اسان جي رهنمائي ڪر، ورنه اسان جو حال ڪونهي.

هدهد جو جواب

اي پرندو، اول اول هيءَ ڳالهه اوهان کي ياد رکڻ گهرجي، ته جو شخص عاشق ٿيڻ ۽ عشق جو دم هڻڻ گهري، تنهن کي سڀ کان پهريائين پنهنجي جان تان هٿ کڻڻ گهرجي ۽ جڏهن هو پنهنجي جان قربان ڪندو تڏهن ئي وڃي پنهنجو مقصد ماڻيندو.
اي انسان! تنهنجي جان ئي تنهنجي آڏو رڪاوٽ بڻي بيٺي آهي، تون ان جي قرباني ڏني، ۽ پوءِ پنهنجي محبوب جي ديدار جي درپئي ٿي؛ ۽ جيڪڏهن تنهنجي مسلماني توکي ائين ڪرڻ کان روڪي، ۽ ڪو کڻي توتي ڪفر جو الزام هڻي ته، تون اهڙي مسلماني ۽ اهڙي الزام جي پرواهه نه ڪر، ڇالاءِ جو عشق مسلماني ۽ ڪفر کان گهڻو بلند ۽ اعليٰ شيءِ آهي (مگر افسوس جو ماڻهو ان کي سمجهن ئي نه ٿا). عشق ڪمائڻ ڪا ٻاراڻي راند ڪانهي، هتي ته ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي ۽ پنهنجي جان جي بازي لڳائڻي پوي ٿي.
عشق اندر ۾ هڪڙو (سوز ۽) درد پيدا ڪري ٿو، ۽ هي درد عاشق کي هر وقت تڙپائيندو رهي ٿو، ليڪن هن درد ۾ جو ميٺاج آهي تنهن جو ته ڪو مثال ئي ڪونهي. فرشتن کي عشق برابر آهي، مگر هو درد جي نعمت کان محروم آهن. انهيءَ (بابت) نعمت سان فقط انسان کي نوازيو ويو آهي.جو شخص عشق ۾ پختو ۽ ثابت قدم رهيو، اهو ڪفر ۽ اسلام جي جهيڙي کان بچي ويو.
عشق جي راهه وٺڻ، هڪ بهادر ۽ مستقل مزاج جو ڪم آهي. هاڻي اوهان کي به جڳائي ٿو ته، بهادرن جيان ان راهه ۾ گهڙي پئو، ۽ ڊڄو نه، ڪفر ۽ ايمان کان اڳي لنگهي هلو. ڀلا ڪيستائين ڊڄندؤ؟ ۽ ٻاراڻا خيال ۽ اطوار ڇڏي ڏيو؛ توهان شاهين ٿي نڪرو، شير مردن وانگر مهم کي منهن ڏيو. جي توهان کي اوچتو سوين مشڪل گهٽ منهن ۾ اچن ته به پرواهه ناهي، جڏهن توهان ان رستي تي آهيو. (شڪار اوهان جي اڳيان آهي). مثال خاطر مان اوهان کي هڪ آکاڻي به ٻڌايان ٿو.

شيخ صنعان جي آکاڻي

شيخ سنعان پنهنجي زماني جو وڏو بزرگ ۽ ڪامل شخص هو. پنجاهه سال مڪي شريف ۾ رهيو ۽ سندس هزارين مريد هئا. شب خيز، زاهد ۽ عابد ۽ سارو وقت رياضت ۽ عبادت ۾ صرف ڪندو هو، مطلب ته هو سراپا عمل ۽ عبادت جو مجسو هو، حقائق جي معنائن کان خوب واقف ۽ ڪرامتن سان ڀريل ۽ بيمارن لاءِ هڪ شفا هو.
هڪڙي رات خواب ۾ ڏٺائين ته، سندس منزل هتان (مڪي مان) منتقل ٿي روم هلي ويئي آهي ۽ هو هڪ بت جي آڏو سر جهڪايو بيٺو آهي. جڏهن خواب مان سجاڳ ٿيو تڏهن پنهنجي مريدن کي سڏي چيائين ته، هينئر اسان کي روم هلي هن خواب جي تعبير معلوم ڪرڻي آهي. رستي ۾ جيتوڻيڪ گهڻيون گهاٽيون ۽ پيچرا آهن، ليڪن جو سر تان سانگو لاهي اڳتي وڌيو سو ڪامياب ويو ۽ جو پٺتي رهيو تنهن جي دنيا ۽ آخرت ٻئي برباد.
جڏهن هو مريدن سان اچي روم پهتو تڏهن اوچتو ئي اوچتو سندس نظر هڪ عاليشان محل تي وڃي پيئي جنهن جي چوٽيءَ تي هڪ خوبصورت عيسائي ڇوڪري ويٺي هئي. سندس حسن ۽ تاب اڳيان سج ۽ چنڊ ٻنهي پئي شرمايو ۽ سندس ڪارن زلفن، ڏسندڙن کي ڳنڍ ٻڌي ڇڏيو ۽ سندس ابروئن عاشقن جي دلين ۾ گهرا گهاءُ ڪري ٿي ڇڏيا. هوءَ سچ پچ هڪ فتنو هئي ۽ جنهن ڏانهس اک کڻي ٿي نهاريو سو پنهنجي جان کان بي جان ٿي پئي ويو. سندس ڳل سونهن ۽ سوڀيا کان ائين پئي چمڪيا ڄڻڪ ڪا باهه ٻري رهي هئي ۽ سندس جادوءَ ڀريون اکيون عاشقن جو ناحق خون وهائي رهيون هيون.
جنهن وقت ان نازنين پنهنجي منهن تان پردو هٽايو، تنهن وقت شيخ کي عشق جي باهه وڪوڙي ويئي. جيتوڻيڪ هن پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش گهڻي ڪئي مگر معاملو سندس هٿان ويندو رهيو. هوبي اختيار ٿي سندس آڏو ڪري پيو ۽ ايمان جي عوض خوشيءَ سان عيسائيت ۽ بت پرستي خريد ڪئي ۽ آخرت کي وڪڻي بدنامي مول وهائي. عشق جي غلبي سبب هو پنهنجي دل ۽ جان کان آزاد ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته جڏهن ايمان ئي هليو ويو، تڏهن هاڻي دل جي ڪهڙي ڳالهه؟ عيسائڻ جو عشق مشڪل آهي.
جڏهن مريدن پنهنجي مرشد جو هي حال ڏٺو تڏهن گهڻو پريشان ۽ حيران ٿي ويا، کيس نصيحت ڪرڻ ۽ سمجهائڻ لڳا، مگر وريو ڪي ڪين. هو اٽلو انهن جي نصيحت جي خلاف ڪم ڪرڻ لڳو. ڀلا ڪڏهن ديوانو به ڪنهن جي نصيحت قبول ڪندو آهي؟ اهو سارو ڏينهن عشق جي چوٽ کان ڦيٽيون کائيندو رهيو، مگر جڏهن رات آئي تڏهن سندس درد ۽ الم ۾ بي انتها اضافو اچي ويو. درد ڀري دل جي رات ڀلا ڪٿي ٿي کٽي! گهڻيون ئي آهون ۽ دانهون ڪندو رهيو ۽ خدا کي ان رات جي خاتمي لاءِ ٻاڏائيندو رهيو. ويچاري غريب جي رات هت نه هئي مگر گويا قيامت سان ڳنڍيل هئي. بهرحال هو ويچارو عشق جي سودا ۾ پاڻ کي جلائي پنهنجو عقل۽ هوش وڃائي ويٺو. سندس سڀيئي عضوا بيوس ٿي ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويا. عشق جي درد ان کي اهڙي ته چاشني چکائي جو سندس صبر، سندس سمجهه ۽ سندس يار مطلب ته سڀ ڪجهه کانئس موڪلائي ويو. عشق سان جنهن جو پلؤ پيو آهي تنهن جي حالت اهڙي ئي ٿيندي آهي مگر نادانن ان کي ٻاراڻي راند کڻي سمجهيو آهي.

مريدن جي شيخ کي نصيحت

سڀئي مريد گڏجي پنهنجي مرشد کي سمجهائڻ لڳا ته، تون هي اجايا خيال ۽ هي مشرڪانه حرڪتون ڇڏي پنهنجي خدا تعاليٰ ڏانهن رجوع ڪر ۽ پنهنجي روزي نماز ۽ تسبيح پڙهڻ کي لڳي وڃ. هر هڪ مريد، عليحده عليحده طور کيس سمجهائڻ لڳو، مگر هو باز نه آيو. جڏهن ڪنهن مريد نماز پڙهڻ لاءِ ٿي چيس، تڏهن جواب پئي ڏنائين ته: منهنجي نماز هن محبوب جي ابروئن (جي محراب) ۾ آهي ۽ صحيح نماز هيءَ آهي. جڏهن هڪڙي ٻئي تلقين ڪندي کيس چيو ته، توهان کي شيطان خبيث صحيح راهه کان گمراهه ڪري وڌو آهي، تڏهن جواب ۾ چيائين ته، ههڙي گمراهي ئي سڀ کان بهتر آهي، شيطان ته هي نهايت عمدو ڪم ڪري رهيو آهي، مگر ان کي سمجهڻ وارا ٿورا آهن. وري جڏهن ڪنهن شرم، عزت ۽ ننگ ناموس جو طعنو ٿي هنيس تڏهن ان کي صاف ٿي ٻڌايائين، ته اسان عشق جي پٿر سان اهڙي عزت ۽ ناموس کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن ڪنهن ڪعبي ڏانهن موٽي هلڻ ۽ خدا تعاليٰ کان معافي وٺڻ لاءِ ٿي چيس ته جواب ٿي ڏنائين ته مون لاءِ گرجا بس آهي، ان جي چانئٺ تي سر جهڪائي معافي وٺندس، مان هتي ئي مست آهيان (ڪعبي وڃڻ جو ڪهڙو ضرور). وري جڏهن ڪنهن دوزخ جو ڊپ ۽ بهشت ڏانهن رغبت ٿي ڏياريس ته ٿي چيائين ته، دوزخ منهنجي عشق جي آهه اڳيان سرد آهي، باقي بهشت، سو هن محبوب جي منهن کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ. وري جڏهن ڪنهن ڪفر جو طعنو ٿي هنيس تڏهن جواب ٿي ڏنائين ته، مون ته ڄاڻي واڻي دين ۽ ايمان وڪڻي ڪفر خريد ڪيو آهي.
آخر جڏهن مڙنئي زور لائي بس ڪيا ۽ سندن سڀ ڪوششون رائگان ويون تڏهن هو به مجبور ٿي سندس غمخواري ڪرڻ لڳا. رات ته ڏکي سکي ويئي گذري ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هو سڌو محبوب جي گهٽيءَ ۾ وڃي ڪتن سان گڏ رهڻ لڳو. سندس چنڊ جهڙو منهن به ڌوڙ ۽ تپش سبب ڦري ڪارو دونهه ٿي ويو. قريباً هڪ مهينو سانده سندس اهائي حالت رهي، ان جي چانئٺ تي پيو رهيو، ۽ ان جي گهٽيءَ جي مٽي سندس بسترو پئي رهي.
جڏهن هن ان جي گهٽيءَ جي پچر نه ڇڏي تڏهن هوءَ ڇوڪري به هن جي مٿس عاشق ٿيڻ کان واقف ٿي ويئي. تجاهل عارفانه طور اچي کانئس پريشانيءَ جو حال پڇڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته، زاهد لوڪ ته ڪڏهن به عيسائين جي گهٽين ۾ نه ويهندا آهن. شيخ جواب ۾ چيس ته، منهنجي هيءَ حالت توکان ٿي آهي، توئي ته منهنجي دل تي ڌاڙو هنيو آهي، هاڻي يا ته منهنجي دل مون کي موٽائي ڏي يا مون سان موافقت ڪر. ڪجهه منهنجي حال تي رحم کاءُ، ۽ ناز ۽ نخري کي ڇڏي ڏي. مون سڀ ڪجهه تولاءِ قربان ڪري ڇڏيو آهي، منهنجو جياپو هينئر تنهنجي مرضيءَ تي وڃي رهيو آهي، ڇالاءِ جو مون پنهنجي جان تنهنجي عشق سان سبي ڇڏي آهي. تنهنجي ياد ۾ هنجون هاريان ٿو ۽ توکان سواءِ منهنجو هيءُ ئي حال رهندو.
حقيقت هيءَ آهي ته جو ڪجهه مون تو ۾ ڏٺو آهي سو ٻئي ڪنهن ڏٺو ئي نه آهي، ورنه ان جي حالت مون وانگر هجي ها. چوندا آهن ته ”لڳي هجيئي ته ڪل پويئي.“ هاڻي وڌيڪ نه ڏکوئينم ۽ پنهنجي وصل سان نوازيم ته، جيئن منهنجا اڳيان (شان ۽ شوڪت وارا) ڏينهن وري موٽي اچن.
ڇوڪريءَ جواب ۾ چيو ته تون اڃان عشق جي راهه ۾ ڪچو آهين، اجائي لٻاڙ نه هڻ ۽ وڃي پنهنجي موت جو سامان تيار ڪر.تون هينئر پوڙهو ٿي ويو آهين ۽ اڃا ٿڌو ساهه کڻين ٿو، تنهنڪري تون عشق ڪمائي نٿو سگهين.
شيخ وراڻي ڏنس ته توکي جيڪي وڻي سو تون چوندي رهه، مون وٽ ته تنهنجي عشق کانسواءِ ٻي ڳالهه ئي ڪانهي. عشق ته جوان۽ پوڙهي ٻنهي تي هڪجهڙو اثر ڪري ٿو.
ڇوڪريءَ ورائي چيس ته: ”ڀلا جيڪڏهن تون عشق ۾ سچو آهين ته پوءِ توکي پنهنجي دين اسلام کان بالڪل هٿ کڻڻو پوندو، ڇالاءِ جو اهو شخص جو پنهنجي محبوب جي همرنگ (هم مذهب) نه آهي، تنهن جو عشق سواءِ نالي جي ٻيو ڪجهه نه آهي، ۽ جيڪڏهن تون سچ پچ جوانمرد آهين ته پوءِ توکي چار شيون اختيار ڪرڻ گهرجن. (1) بت جي آڏو سجدو ڪر، (2) قرآن کي باهه ڏيئي جلائي ڇڏ (3) شراب پي ۽ (4) ايمان کان اکيون ٻوٽي ڇڏ. شيخ جواب ۾ چيو ته: مون شراب نوشي خوشيءَ سان اختيار ڪئي، باقي ٻين ٽن شين سان منهنجو واسطو ئي ڪونهي. هي ٻڌي ڇوڪريءَ چيس ته ها، هاڻي تون اٿي کڙو ٿي ۽ خوب شراب بي جوش کاءُ.


شيخ جو ڇوڪريءَ سان گڏجي گرجا وڃڻ

شيخ جڏهن شراب ۾ الوٽ ٿي ويو تڏهن عيسائي اچي هن کي پنهنجي گهرجا ۾ کڻي ويا (جتي پهچندي ئي هن پنهنجي گودڙيءَ کي جلائي زنا (ٻڌو). شيخ، جو ڪنهن وقت قرآن جو استاد ۽ ڪيترن ديني ڪتابن جو ياد حافظ هو، تنهن اهو سڀ ان عيسائي ڇوڪريءَ جي اڳيان فراموش ڪري ڇڏيو. جڏهن خوب مستيءَ ۾ آيو تڏهن ڇوڪريءَ کي ڳل لائڻ جي خواهش ڪرڻ لڳو، ليڪن ان چيس ته، تون هن ڪم جو اڃا لائق نه آهين. جيڪڏهن تون سچو عاشق ٿيڻ گهرين ٿو ته پوريءَ طرح سان ڪافر بنجي منهنجي مذهب جي پيروي ڪر، ٻيءَ حالت ۾ هتان هليو وڃ.
شراب ڇاڪاڻ ته ڪهنو هو، تنهنڪري شيخ کي پرڪار وانگر سرگردان ڪري ڇڏيائين. شيخ جو عشق به پختو هو ۽ علاوه ان جي سندس معشوق به اڳيان حاضر هئي، لهاذا ان جي اها ڳالهه مڃيائين. ڇوڪريءَ به پوءِ دلداري ڏيندي چيس ته: ”هاڻي تون عشق ۾ واقعي ثابت قدم نڪتوآهين، تون ڀلين آرام سان زندگي گذار، هينئر تون بيشڪ منهنجو مڙس آهين ۽ منهنجي لائق آهين (مون سان گويا ملي چڪو آهين).
ليڪن شيخ محض هن جي ان چوڻ تي راضي نه ٿيو ۽ کانئس وصل جي حقيقي طلب ڪرڻ لڳو. کيس عرض ڪيائين ته، آخر هن وصل جي لاءِ باقي ڪهڙي چيز وڃي رهي آهي ته جيئن مان اها پوري ڪريان. مون ته شراب پيئڻ به اختيار ڪيو، بت پرستيءَ به ڪئي ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي مصيبتون سٺيون. ڪنهن وقت ته مان خدا تعاليٰ جي رازن جو هڪ موجون ماريندڙ درياءَ هوس، ليڪن هڪ ڏينهن اوچتو ئي عشق جو تير لڳي ويو، جنهن مون کي زخمي ڪري وڌو. بهرحال جو ڪجهه ٿيڻو هو سو ٿي ويو. مون جو به ڪجهه ڪيو آهي سو سڀ تنهنجي وصل ماڻڻ لاءِ ئي ڪيو آهي، وصل ۾ جيتري قدر دير پوي ٿي، مان تيتري قدر جلي رهيو آهيان؛ هاڻي تون پنهنجو انجام پورو ڪر ۽ وڌيڪ نه مار.
ڇوڪري، جا امتحان وٺڻ ۾ اڃان ڪا سخت هئي، تنهن ورائي چيس ته: تون سڃو ۽ ڪنگال آهين، منهنجي مهر، سون ۽ آندي آهي، تون هاڻي وڃي انهيءَ جو ڪو انتظام ڪر، وصال جي ڳالهه پوءِ.
ويچاري شيخ جواب ۾ چيس ته: مون وٽ ته جيڪي ڪجهه هو سو ساروئي تنهنجي مان گهور ڪري ڇڏيم، باقي جان وڃي رهي آهي، سا به هر وقت حاضر آهي. مان توکان سواءِ هڪ گهڙي به جي نٿو سگهان، توسان منهنجو دوزخ به بهشت آهي ۽ تو بغير بهشت به دوزخ.
جڏهن ڇوڪريءَ شيخ کي عشق ۾ غير متزلزل ڏٺو تڏهن چيائين ته: توکي اڃا هڪڙو ڪم ڪرڻو آهي، هاڻي تون وڃي هڪ سال لاءِ منهنجي سوئرن جي سنڀال ڪر. غريب شيخ، جو ڪنهن زماني ۾ ڪعبي جو شيخ ۽ وڏو پير هو، تنهن انهيءَ حڪم جي پيروي ڪندي هڪ سال ساندهه سندس سوئرن کي چاريندو رهيو، تڏهن مس وڃي محبوب وٽ مقبول ٿيو.
جيڪڏهن عميق نظر سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته، هر انسان جي اندر م سوين سوئر موجود آهن، جن تي ڪڙي نگراني ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو انسان جو پنهنجي اندر جي سوئرن کان واقف نه آهي، سو هن راهه ۾ اڃا نئون آهي. مؤمن مرد کي گهرجي ته هن راهه ۾ قدم رکڻ کان اڳ انهن سوئرن جو خاتمو آڻي.

مريدن جو پنهنجي شيخ جي معاملي ۾ حيران ٿي ڪعبي واپس وڃڻ

مريد، پنهنجي مرشد جي هيءَ حالت ڏسي ازحد پريشان ٿي سندس دوستيءَ تان هٿ کڻي ويا. انهن ۾ هڪڙو شيخ جو گهرو دوست به هو جنهن پڻ شيخ کي گهڻو سمجهايو ۽ کانئس پڇڻ لڳو ته: تون اسان اڳيان اها حقيقت ته کولي پڌري ڪر جنهن سبب تو پنهنجو ههڙو حال ڪيو آهي ته جيئن اسين به تنهنجي پيروي ڪندي عيسائي بنجي وڃون ۽ زنار کڻي ٻڌون؟
شيخ انهن کي چيو ته: توهان ڀلي جيڏانهن چاهيو تيڏانهن هليا وڃو، مان عيسائي ڇوڪريءَ جي عشق ۾ گرفتار آهيان ۽ منهنجو ٺڪاڻو گرجا آهي. توهان جو ان شيءِ سان واسطو نه پيو آهي، ورنه توهان منهنجي غم ۾ مون سان شريڪ رهو ها. هاڻي توهان تي اهو فرض آهي ته، جيڪڏهن ماڻهو منهنجي متعلق اوهان کان کڻي احوال پڇن ته توهان انهن کي منهنجي بيڪسي ۽ عاجزيءَ جو بالڪل صحيح حال ٻڌائجو. ائين چئي هو پنهنجي مريدن کان منهن موڙي سوئرن کي چارڻ لاءِ روانو ٿي ويو ۽ سندس مريد، آخرڪار روئندا ۽ پٽيندا ڪعبي موٽي آيا.
ڪعبي ۾ شيخ جو هڪرو گهرو (دل گهريو) مريد رهندو هو جو پڻ ڪامل بزرگ هو. شيخ جي روانگي وقت هو موجود ڪونه هو، تنهن ڪري هاڻي موٽڻ بعد شيخ جي جاءِ خالي ڏسي سندس مريدن کان ان بابت پڇڻ لڳو، جن کيس سموري خبر ذري پرزي ٻڌائي.
جڏهن بزرگ مريد هيءَ سموري ڳالهه ٻڌي تڏهن تعجب کان سندس منهن پيلو ٿي ويو ۽ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ٻين مريدن کي چيائين ته، توهان دوستيءَ ۾ بالڪل بيوفا ۽ منافق آهيو. سچو دوست اهو آهي جو ڏکئي وقت ڪم اچي. اوهان تي پنهنجي شيخ جي پيروي ڪرڻ (يعني ته انهيءَ وانگر عيسائي بنجي وڃڻ) لازم هو. توهان جو ڪجهه ڪيو آهي سو وفاداريءَ جي سراسر خلاف ڪيو آهي. ڇا توهان کي خبر نه آهي ته عشق جو بنياد ئي بدناميءَ تي آهي؟
مريدن ٻڌايس ته، اسان سڀئي سندس تقليد ڪرڻ لاءِ تيار هئاسون، مگر اسان کي موٽائڻ ئي مناسب سمجهيائين. جڏهن اسان جي دوستيءَ مان ڪو فائدو نظر نه آيس تڏهن ته اسانکي جلدي واپس ڪيائين.
ان بعد، ان مريد کين چيو ته، جيڪڏهن توهان اصل حقيقت کان واقف هجو ها ته سڀيئي هٿ کڻي خدا تعاليٰ کي ٻاڏايو ها ۽ هن کي آخر اوهان تي ڪهل اچي وڃي ها ۽ اوهان جو شيخ اوهان کي موٽائي ڏئي ها.
مريد جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، شرمساريءَ کان ڪوبه ڪنڌ مٿي نه کڻي سگهيو. مگر هينئر ڇا ٿي سگهيو ٿي! ان ڪامل مريد، کين وري سمجهايو ته، جڏهن هاڻي ڪم اچي سر تي پيو آهي تڏهن بنا دير اٿڻ گهرجي، الله تعاليٰ جي در التجائون ڪرڻ گهرجن ۽ اسان سڀني کي جلدي تيار ٿي پنهنجي شيخ وٽ پهچڻ گهرجي

مريدن جو شيخ ڏانهن واپس ورڻ

سڀيئي مريد عرب ڇڏي روم روانا ٿيا. پورا چاليهه ڏينهن سفر ۾ رهيا ۽ وچ ۾ نه کاڌو نه پيتو ۽ نه ننڊ ۽ آرام هونِ، سارو ئي وقت خدا تعاليٰ جي در آهه ۽ زاري ڪندا ۽ پنهنجي مرشد لاءِ شفاعت گهرندا رهيا. آخرڪار انهن ۾ جيڪو وڌيڪ پاڪ دل هو تنهن جي دعا وڃي اثر ڪيو ۽ پرهه ڦٽيءَ مهل هن حضرت محمد صلعم جن جي ننڊ ۾ زيارت ڪئي، جنهن کيس دلداري ڏني ته اسان توهان جي شيخ کي بند مان آزاد ڪرايو آهي ۽ هيءُ تنهنجي عالي همت جو ئي نتيجو آهي.
هو پوءِ خوشيءَ ۾ مدهوش ڊوڙندوآيو ۽ اچي پنهنجي ساٿين کي هيءَ خوشخبري ٻڌائي ۽ بعد ۾ سڀيئي گڏجي اچي پنهنجي شيخ جي هنڌ سهڙيا (پهتا). ڏٺائون ته هو باوجود بيقراريءَ جي خوش هو، نه وٽس ناقوس هو ۽ نه زنار، نه ڪفر جي ٽوپي ۽ نه ڪا عيسائيت. مطلب ته ڪفر جي هر داغ کان صاف ۽ پاڪ ٿي چڪو هو ۽ جو ڪجهه دين مان وساريو هئائين سو سمورو موٽي ياد آيس. شرم کان سندس اکيون خون سان ڀريل ۽ سندس جسم پگهر سان ٽمٽار هو.
مڙي چيائونس ته، الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو ڪفر جي جاءِ وري ايمان موٽي آيو ۽ روم جو بت پرست، خدا تعاليٰ جو پوڄاري بڻجي پيو. اسان جون دعائون وڃي اگهاميون ۽ الله تعاليٰ جي رسول شفاعت ڪئي. هينئر هي وقت شڪر جو آهي ۽ نه غمخواريءَ جو.
مطلب ته، شيخ اٿي غسل ڪري صوفياڻو لباس پهريو ۽ پنهنجي مريدن سان گڏجي حجاز روانو ٿيو.

ڇوڪريءَ جو خواب ڏسڻ ۽ شيخ جي پٺيان پوڻ

شيخ جي اتان رواني ٿيڻ بعد، هڪ رات عيسائي ڇوڪريءَ خواب ۾ ڏٺو ته سج سندس هنج ۾ اچي، کيس شيخ جي پٺيان في الفور وڃڻ لاءِ چيو ۽ اهو به چيائينس ته تون ان جو دين اختيار ڪري سندس تابعدار ٿي رهه، ناداني ڇڏي ڏي ۽ دانائي اختيار ڪر.
جڏهن خواب مان بيدار ٿي تڏهن پان کي بيقرار ۽ دردمند ڏٺائين. سمجهي نه سگهي ته آخر هيءَ بيقراريءَ اندر ۾ ڪهڙو ٻج ڇٽيندي. نه سندس ڪو ساٿي هو ۽ نه همراهه نه رستي جي ڪا خبرچار. بهرحال، هوءَ نعرو هڻندي، ڪپڙا ڦاڙيندي ۽ مٽي مٿي تي هاريندي رواني ٿي. عاجز ۽ پريشان، لڙڪ وهائيندي ويئي ۽ خدا تعاليٰ کي هردم نيزاريون ڪرڻ لڳي ته، جيئن ته مان نماڻي عورت آهيان، تنهن ڪري اي منهنجا موليٰ منهنجي ڪارسازي ڪر، مون کان جو ڪجهه ٿيو تنهن جو بدلو نه چڪائينم، مان هينئر مري رهي آهيان. منهنجي دستگيري ڪر!
هوڏانهن وري شيخ کي دل ۾ آگاهه ڪيو ويو ته عيسائي ڇڪري، پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي اسان جي دوستي خريد ڪئي آهي، ۽ اسان جي ئي رستي تي گامزن آهي. تون پويان پير ڪري وڃي سندس همدم ۽ همراز ٿي. شيخ فوراً هوا ٿي اُڏاڻو ۽ پٺيان مريدن ۾ شور برپا ٿي ويو. چوڻ لڳا ته اي مرشد سائين! تنهنجي هيءَ منهن موڙ ۽ ڊڪ ڊوڙ آخر ڇا لاءِ هئي؟ توبهه ڪري وري عشق سازي ڪرڻ نهايت ئي بيجا حرڪت آهي.
شيخ، ڇوڪريءَ جي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ جنهن به اُها ڳالهه ٻڌي تنهن پنهنجي جان تان هٿ کڻي ڇڏيو. پوءِ اُهي سڀيئي اچي ان محبوب وٽ پهتا، جنهن جو منهن زرد ۽ وار گرد آلوده ها. پيرن اگهاڙي، ڪپڙن ڦاٽل، هڪڙي مردي مثل مٽيءَ جي ڍير تي پئي هئي. شيخ هي حالت ڏسي سندس ڳلن تي پنهنجي اکين مان ڳوڙها هارڻ لڳو، جنهن تي ان جي اک کلي ۽ شيخ کي ڏسي اکين مان نار وهائڻ لڳي؛ ۽ کيس عرض ڪرڻ لڳي ته هينئر اصل حقيقت منهنجي اڳيان کول ۽ اسلام پيش ڪر ته جيئن مان سنئينءَ راهه تي اچان. شيخ جي اسلام پيش ڪرڻ تي هوءَ يڪدم مسلمان ٿي پيئي ۽ وڃي معرفت کي رسي ۽ ايمان جي زوق کان پوريءَ طرح آگاهه ٿي ويئي، ۽ چوڻ لڳي ته، ايمان جي چاشني چکڻ کان پوءِ منهنجي دل بيقرار ٿي پيئي آهي، هينئر منهنجو بچڻ ڪونهي، اي شيخ صنعان الوداع، الوداع!
ائين چئي دم ڏنائين ۽ مجاز جي درياءَ جو هي قطرو وڃي حقيقت جي سمنڊ سان مليو. عشق جي رستي ۾ اهڙا ئي واقعا پيش ايندا، مگر ماڻهو انهن رازن کي سمجهي نٿا سگهن. دل جي، نفس سان جنگ هر وقت سخت رهي ٿي. اي انسان! تون پنهنجي حال تي ماتم ڪر، هي واقعي ماتم جي جاءِ آهي.
معشوقه جي مرڻ کان پوءِ شيخ جي جان به جلي ويئي ۽ پنهنجي ساٿين کي سڏي چيائين ته، عشق جي شروعات ۽ پڇاڙي ائين ئي ٿيندي آهي، جو شخص ان جي ڦاهيءَ ۾ ڦاسڻ چاهي تنهن کي دير نه وجهڻ گهرجي. مون عشق جي پکيءَ کي سوگهو پڪڙيو آهي، هينئر ان بغير منهنجو زندهه رهڻ ناممڪن آهي. مان هينئر پنهنجي محبوب جي طرف بهشت وڃي رهيو آهيان.
صبوح جو عيسائي ڇوڪريءَ دم ڏنو ۽ منجهند جو شيخ به موڪلايو. مريدن انهن جي هڪ ئي قبر بنائي ۽ ٻنهي کي هڪ ٻئي جي آغوش ۾ سمهاريو، ڪجهه وقت گذرڻ بعد انهن ٻنهي جي قبر مٿان هڪ بلند سرو جو وڻ پيدا ٿيو ۽ علاوه ان جي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان هڪ مٺي پاڻيءَ جو چشمو پيدا ڪيو. اها زمين ڪيترن ميلن ۾ سرسبز ۽ شاداب پکڙي پيئي آهي. ان جهڙي دنيا ۾ ٻي ڪا جاءِ ئي ڪانهي. جيڪڏهن توکي اها جاءِ نصيب ٿي پوي ته تون اتي سدائين بهار ڏسندين ۽ سدائين ميوا ۽ ڦل موجود.
اهي ٻئي وڏي مرتبي وارا هئا ۽ عاشقي جو ڦل پيدا ڪن ٿا. عشق جا ڪم ئي عجيب آهن. اها جاءِ اڃا تائين ڪعبي ۽ روم درميان عام ۽ خاص جي زيارتگاهه بڻيل آهي. ڪاش، عطار جي هن قصي کي ڪو سمجهي!

سيمرغ ڏانهن وڃڻ لاءِ پکين جو پاڻ ۾ متفق ٿيڻ

جڏهن پکين هي قصو ٻڌو، تڏهن پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ سيمرغ ڏانهن وڃڻ لاءِ عزم بالجزم ڪيائون. سڀني ملي صلاح ڪئي ته، اسان کي پنهنجي لاءِ هڪ قابل پيشوا مقرر ڪرڻ گهرجي جو نه فقط اسان جي ڪاروبار جي نگراني ڪري مگر اسان جي خاص ڪري هن ڏکي راهه ۾ رهبري به ڪري ۽ اسان کي ان جي حڪم کان سواءِ ڪنهن ٻي ڳالهه جي پيروي ڪرڻ نه گهرجي. جيڪڏهن قسمت يا وري ڪئي ته وڃي ڪوهه قاف رسنداسين ۽ پنهنجي بادشاهه سيمرغ جي پاڇي جي نعمت کان بهرور ٿينداسين.
آخر فيصلو ڪيائون ته، پيشوائي جي چونڊ لاءِ ڪڻا وڌا وڃن ۽ پوءِ جنهن جي نالي تي ڪڻو نڪري تنهن جي کڻي پيروي ڪريون. جڏهن ڪڻا ڪڍيائون ته هدهد جو نالو نڪري آيو. پوءِ سڀني ان کي پنهنجو رهبر ۽ سردار ڪري ورتو ۽ ان جي حڪم جي بجا آوري ۾ دل ۽ جان ڏيڻ کان به دريغ نه ڪيو.

پکين جو هدهد جي مٿي تي تاج رکڻ ۽ ڪوهه ڪاف روانو ٿيڻ

رهنما هدهد پهلوان جيئن ٻاهر آيو، تيئن پکين مڙي سندس مٿي تي ڇٽ (تاج) رکيو. پکي جي ڳاڻيٽي کان ئي ٻاهر هئا سي هدهد سان گڏجي سيمرغ جي طرف روانا ٿيا. جڏهن پري کان کين هڪ وادي نظر آئي تڏهن سندن دلين ۾ ڄڻڪ باهه لڳي ويئي، ڇاڪاڻ ته رستو ڊگهو هو، ۽ سندن بار به ڳرو هو، تنهن ڪري سڀيئي ملي يڪمشت ٿي ويا (ته جيئن هن راهه کي گڏجي طئي ڪن). رستي ۾ سڪون ۽ آرام هو، نه منجهس ڪا اچ وڃ ۽ نڪو شر ۽ خير. هيءَ حالت ڏسي هڪ پکي هدهد کان پڇيوته: آخر هيءَ راهه خالي ڇو آهي؟ جنهن تي هدهد جواب ڏنس ته: بادشاهه جي عزت ۽ شان سبب ئي خالي آهي.

چانڊوڪيءَ رات ۾ بايزيد بسطاميءَ جو ٻاهر وڃڻ

هڪڙي دفعي چانڊوڪيءَ رات ۾ بايزيد بسطامي گهر کان ٻاهر نڪري کليل ميدان ۽ جهنگ جي اردگرد ڦرڻ لڳو. مگر هرهنڌ سناٽو ئي سناٽو ڇانيو پيو هو. دل ۾ جوش پيدا ٿيس پر سمجهي نه سگهيو، ته ايتري قدر بلند درٻار مشتاقن کان آخر خالي ڇو آهي. غيب مان آواز آيس ته هتي ته ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پوي ٿو، تڏهن مس ڪا وار ملي ٿي.

رستي جي هولناڪيءَ کان پکين جو فرياد

رستي جي هولناڪي ۽ هيبت ڏسي ويچارا پکي دهلجي ويا. ان جو ڪو ڇيڙو ئي نظر نٿي آين ۽ نه پنهنجي درد جو ڪو مرهم. انهيءَ هنڌ بي پرواهيءَ (استغنيٰ) جي هوا اهڙي تيز پئي گهلي جو آسمان جي پٺي پئي ٽٽي. اهڙو بيابان هو جنهن ۾ آسمان جو مورئي اُڏي نٿي سگهيو، تڏهن ان هنڌ هن جهان جي پکين کي پرواز ڪرڻ جي ڪهڙي طاقت ٿي سگهي ٿي. هيءُ حال ڏسي سڀيئي گڏجي اچي هدهد کي چوڻ لڳا ته، تون خوب ڄاڻين ٿو ته ڪنهن بادشاهه جي اڳيان بي ادبيءَ سان وڃي نٿو سگهجي. تون حضرت سليمان وٽ رهيو آهين ۽ ان جي شاهي مسند تي به ويٺو آهين، شاهي آدابن جي رسمن کان چڱيءَ پر آگاه آهين، امن ۽ خطري جي جاين کان واقف آهين، تنهنڪري هاڻي اسان جي راءِ هيءَ آهي ته تون هن هنڌ منبر تي چڙهي پنهنجي قوم کي رستي طئي ڪرڻ جون ترڪيبون ٻڌاءِ ۽ بادشاهي آدابن جي رسمن کي سندن اڳيان کولي بيان ڪر، ڇالاءِ جو هي ڊگهو رستو نادانيءَ سان ڪڏهن به طئي ٿي نٿو سگهي ۽ نه وري شڪ ۽ شبهي جي حالت ۾ صاف ئي نظر ايندو. هرهڪ دل ۾ ڪا نه ڪا مشڪل آهي، حالانڪ هن رستي جي لاءِ فارغ البالي گهرجي. تون پهريائين اسان جي دلين جي مشڪلاتن کي دور ڪر ته پوءِ اسين پنهنجو ارادو ٺيڪ ۽ درست ڪريون. دل جڏهن خطرات کان خالي ٿي تڏهن پوءِ سِرُ جو در هر وقت قربان.

هدهد جو تخت نشين ٿي گفتگو ڪرڻ

هدهد تاج پهري تخت تي ويهي، پکين جي آڏو گفتگو شروع ڪئي جي سڀيئي صفون ٻڌيو بيٺا هئا. پهريائين بلبل ۽ ڳيري، ٻن قارين جي طرح مٺي آواز سان سندس آڏو آيا. سندن آواز اهڙو ته شيرين ۽ موهيندڙ هو جنهن ٻڌندڙن کي بيقرار ۽ مدهوش ڪري ٿي ڇڏيو. هر هڪ تي هڪ خاص حالت طاري هئي. ان کان پوءِ هدهد اچي حقائق تان پردو هٽايو ۽ رازن کي کوليو.

هڪ پکيءَ جو سوال

هدهد کان هڪڙي پکي اُٿي پڇيو ته: آخر ڪهڙي ڳالهه جي ڪري تون اسان کان سبقت حاصل ڪري ويو آهين؟ اسين آهيون ته سڀيئي هڪجهڙا، پوءِ خبر نه آهي ته هي تفاوت ڇو آهي. اسان کان ڪهڙي خطا ٿي جنهن سبب تون وڏي مرتبي وارو ٿي وئين ۽ اسين ذليل ۽ هيچڪس!

هدهد جو جواب

اي پرندؤ، مون تي هڪ دفعي حضرت سليمان جي گهڙي کن نظر پئي. مون هيءَ عزت، زر ذريعي حاصل نه ڪئي آهي، بلڪ اها ان هڪ نگاه جو ئي نتيجو آهي. ههڙي عزت ڀلا اطاعت سان ڪٿي ٿي دستياب ٿي سگهي. خود ابليس زياده اطاعت ڪئي هئي؛ ليڪن جيڪڏهن هتي ڪو ائين چوي ته اطاعت جي ڪا ضرورت ڪانهي ته اهڙي تي هر وقت لعنت هجي. تون هڪڙي گهڙي به اطاعت نه ڇڏ، البت تون ان تي ناز به نه ڪر. پنهنجي ساري ڄمار اطاعت ۾ گذار ته جيئن سليمان توتي رحم جي نظر فرمائي، ۽ جڏهن تون وٽس مقبول ٿي ويندين ته پوءِ ته تون واقعي هڪ وڏي مرتبي کي پهچي وئين. هن حقيقت کي سمجهڻ لاءِ مان توکي ٻه ٽي حڪايتون ٻڌايان ٿو.

سلطان محمود جو هڪڙي شڪاري ڇوڪري سان شرڪت ڪرڻ

ڳالهه ٿا ڪن ته، هڪڙي دفعي سلطان محمود پنهنجي لشڪر کان الڳ ٿي ويو ۽ گهوڙو ڊوڙائيندي اچي هڪ درياءَ جي ڪناري تي پهتو جتي هڪڙي ڇوڪري مڇي ڦاسائڻ لاءِ دريا اندر ڪنڍي وڌي هئي. ڇوڪرو گهڻو غمگين ۽ ڏکويل ٿي نظر آيو تنهن ڪري سلطان ان جو کانئس سبب پڇيو. هن جواب ۾ چيو ته: اسين ست يتيم ٻار آهيون ۽ اسان جي والده نهايت ٻڍي هڪڙي ئي ڪنڊ ۾ فقيرياڻي بڻي ويٺي آهي. سڄو ڏينهن مڇي ڦاسائڻ لاءِ ڪيتريون تڪليفون وٺندو رهان ٿو، تڏهن مس وڃي ڪا هڪ مڇي ٿي هٿ اچي ۽ اها به فقط رات جو قوت ٿي ٿئي! هي ٻڌي بادشاهه چيس ته، جيڪڏهن تون مون کي پنهنجو شريڪ ڪرڻ چاهين ته مان ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ڇوڪرو ازحد راضي ٿيو، ۽ پوءِ بادشاهه پاڻ ڪُنڍي اڇلائي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سؤ مڇيون شڪار ٿيون. هيءَ حالت ڏسي ڇوڪري کي ڏاڍو عجب لڳو! جنهن تي بادشاهه ٻڌايس ته، اها ساري دولت انهيءَ ڪري هٿ آئي جو بادشاهه تنهنجو ماهيگير بڻيو آهي.
ائين چئي بادشاهه گهوڙي تي سوار ٿي روانو ٿيو. ٻئي ڏينهن جڏهن پنهنجي محل ۾ داخل ٿيو تڏهن ان ڇوڪري جي يادگيري آيس. يڪدم سپاهي روانو ڪري کيس پاڻ وٽ گهرائي، پنهنجي مسند تي گڏ وهاريائين. درٻاري هي حال ڏسي تعجب ۾ اچي ويا، ۽ ان ڇوڪري کان اهڙي عالي مرتبي تي فائز ٿيڻ جو سبب پڇڻ لڳا! جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته، هي سڀ بادشاهه سلامت (صاحب دولت) جي نظر جو نتيجو آهي.

حضرت جنيد جو هڪڙي خونيءَ کي خواب ۾ ڏسڻ

هڪڙو خوني، جنهن کي بادشاهه قتل ڪري ڇڏيو هو، تنهن کي حضرت جنيد خواب ۾ بهشت اندر هشاش بشاش گهمندو ڦرندو ڏٺو. کانئس پڇيائين ته: تون هن درجي کي ڪيئن پهتو آهين، حالانڪ تنهنجا عمل ته اهڙا هئا ئي ڪونه؟ جواب ۾ خوني ٻڌايس ته: جنهن وقت منهنجو رت زمين تي ڪري رهيو هو تنهن وقت حبيب عجمي · منهنجي اڳيان لانگهائو ٿيو ۽ پوشيده طور مون تي هڪ نظر ڪئي. هاڻي هيءَ عزت محض ان هڪ نظر سب حاصل ٿي اٿم. جنهن به شخص تي ڪنهن صاحب دل جي نظر پئي ٿي سو هڪ پل اندر فرش کان عرش تائين پهچي وڃي ٿو. جيستائين توتي ڪنهن صاحب دل صوفيءَ جي نظر نه پيئي آهي، تيستائين تون پنهنجي وجود کان ئي بي خبر آهين. هن رستي ۾ پير (مرشد) جي ضرورت آهي، ان بغير هي ڊگهو ۽ اڙانگو رستو طئي ٿي نٿو سگهي.

سلطان محمود ۽ هڪ پيرسن ڪاٺير

هڪ دفعي اهڙو اتفاق بڻيو جو سلطان محمود، شڪار ڪندي پنهنجي لشڪر کان جدا ٿي ويو. پري کان هڪ ڪاٺير نظر آيس، جنهن جي ڪاٺين جي لڏ گڏهه تان ڪري پيئي هئي. نزديڪ وڃي کيس چيائين ته: جيڪڏهن تون مونکي پنهنجو يار (مددگار) ڪرڻ چاهين ته مان حاضر آهيان. ٻڍي هي ٻڌي وراڻي ڏني ته، منهنجي ان ۾ سراسر ڀلائي آهي. مان تنهنجي منهن ۾ حسن جي جهجهي جهلڪ ڏسان ٿو ۽ حسين (هونءَ به) ته هميشه مهربان هوندا آهن.
بادشاهه، گهوڙي تان لهي اها ڪاٺين جي لڏ پنهنجي هٿن سان گڏهه تي رکي واپس لشڪر ڏانهن روانو ٿيو. پهچندي ئي لشڪر کي حڪم ڪيائين ته هڪڙو ٻڍو منهنجي طرف اچي رهيو آهي، تنهنڪري هن جا ٻيا سڀيئي رستا (سواءِ مون واري رستي جي) بند ڪريو ته جيئن هو مون کي ڏسي سگهي. پيرسن هيءَ رستي روڪ ڏسي گهٻرايو گهڻو ئي، مگر پري کان بادشاهه جي ڇٽي ڏسي پنهنجي لڏيل گڏهه سميت اچي اتي پهتو. ڇٽيءَ جي هيٺان دوست (آشنا) کي ڏسي گهڻو شرمندو ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته، اي الله! مون محمود بادشاهه کي پنهنجو حمال (ڪولي) بڻايو!
بادشاهه کانئس حال دريافت ڪيو جنهن تي هن جواب ڏنو ته: مان هڪ عيالدار ۽ غريب آهيان، ڪاٺيون ڪري گذر ڪريان ٿو، تون مون تي مهرباني ڪرين ته ڪري سگهين ٿو؛ منهنجو حال ڪو توکان ڳجهو ڪونهي. ان تي بادشاهه چيس ته، چڱو پنهنجي ڪاٺين جي قيمت ٻڌاءِ ته توکي ڏيون؟ ٻڍي جواب ڏنو ته، سائين سون جي ڏهن ٿيلهين کان گهٽ ۾ ڪونه وڪڻندس. سلطان جي لشڪر، هي ٻڌي تنبيهه ڪيس ته اڙي بيوقوف خاموش رهه، هيءُ ڀري ٻن جَوَن جي قيمت مس ٿي رکي! ٻڍي وراڻي ڏني ته، ائين برابر آهي، ليڪن خريدار نهايت عمدو ۽ عالي مرتبي وارو آهي. جڏهن منهنجي ڪاٺين تي هڪ بادشاهه پنهنجو هٿ ڦيريو آهي تڏهن انهن جي قيمت به گهڻو وڌي ويئي آهي. بادشاهه هيءُ ڳالهه ٻڌي کيس گهڻو سون عطا ڪيو ۽ حڪم ڪيو ته هن کي ڏهه ٿيلهيون سون جون ڏنيون وڃن!

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال پڇڻ

هڪڙي ٻئي پکيءَ هدهد کان سوال ڪيو ته، جڏهن ته مان گهڻو هيڻو ۽ ناتوان آهيان ۽ ڏاڍو عاجز ۽ بي بس آهيان، تڏهن هن راهه تي ڀلا ڪيئن هلي سگهندس؟ وادي گهڻو دور ۽ رستو ڏاڍو اوکو آهي؛ علاوه ان جي وچ تي ڪيترائي آتشي پهاڙ آهن. مان ته پهرين ئي منزل ۾ ختم ٿي ويندس. هيءُ ڪم هر ڪنهن جو نه آهي. هن راهه ۾ ڪيتريون ئي جانيون قربان ٿي ويون ۽ خون جا درياءَ وهي هليا ۽ ڪيترن ئي ڏاهن اچي پنهنجو ڪنڌ نوايو. اهڙي راهه، جتي سچن پچن جوانمردن به پنهنجي عاجزي ڏسي شرم کان کڻي منهن ڍڪيو، تتي مون جهڙي ڪمزور جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ جيڪڏهن مان اهڙو قصد ڪندس ته يقيناً خوار ۽ خراب ٿيندس.

هدهد جو جواب

اڙي ٻڍا، تون ڪيستائين پنهنجي دل کي هن بند ۾ رکيو ايندي. هن راهه ۾ جوان خواه ٻڍو، ڳالهه ساڳي آهي، ساري دنيا گندگيءَ سان ڀري پئي آهي ۽ نادان ان ۾ پيا ليٿڙيون کائين. اسان هن راهه ۾ تڪليف سان مرون ته اهو بهتر آهي جو هن گندگيءَ ۾ غلطان پيا رهون. باقي جيڪڏهن عشق جي خاطر خواري کڻڻي ٿي پوي ته اهڙيءَ خواري ڀلي کنئي وڃي ۽ اها سونهين به ٿي. ها، جيڪڏهن ڪو ائين چوي ته، هي عشق جو خيال مڙيو ئي دوکو آهي ۽ تون ان هنڌ پهچي ئي ڪونه سگهندين ته اهڙي دوکي ۾ اچي جان ڏيڻ هزار بار بهتر آهي. آخرڪار دنيا سان هي تعلق ۽ هيءَ تن پروري ڪيستائين؟
اي انسان! جيڪڏهن تون واقعي ڪم وارو (ڪارائتو) ماڻهو آهين ته پوءِ هن رستي ۾ پير رک (ڪُڏي پؤ) ۽ زنانپڻو ڇڏي ڏي. تون هيءَ ڳالهه يقين سان سمجهي ڇڏ ته تنهنجي هيءَ طلب (تلاش) اصلي ۽ حقيقي شيءِ آهي، پوءِ ڀلي کڻي ڪو ان کي ڪفر ڇو نه سمجهي. اهڙو ڪفر زيبا آهي ۽ عشق جي طلب کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه اجايو ۽ بي معنيٰ آهي، جنهن به شخص جي سيني ۾ عشق اچي ديرو دمايو تنهن پنهنجي هستيءَ تان دل کڻي ڇڏي. عشق جڏهن وٺي ٿو تڏهن گهڙي به ڇڏي نٿو ۽ مارڻ بعد به ان غريب عاشق کان خون بها جي گهُر ڪري ٿو، رنج رسائڻ کان سواءِ ڪو آرام نٿو ڏئي ۽ جيڪڏهن ڪو کاڌو ڏئي ٿو ته اهو به جگر جي خون سان ڀريل. عاشق ڀلي ڪئلي کان به وڌيڪ ضعيف ڇو نه هجي، عشق هر وقت ان تي زور لائيندو (رهندو) رهي ٿو، جنهن سببان ضعيف، قوت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. انسان جڏهن خطرن جي درياءَ (عشق) ۾ گهڙيو ته پوءِ جگر جي خون بغير ڪٿي ٿو لقمو کائي سگهي. هاڻي هڪڙي حڪايت ٻڌايان ٿو، جنهن کي ڪن لائي ٻڌ:

شيخ خرقانيءَ جي حڪايت

هڪڙي دفعي شيخ خرقاني، نيشاپور شهر ۾ آيو ۽ سفر جي تڪليف سبب، اچڻ سان بيمار ٿي پيو. هفتو کن ته هڪ ڪنڊ ۾ بکيو پيو رهيو. آخر جڏهن بک ڏاڍو اچي تپايس تڏهن خدا تعاليٰ کي هڪ مانيءَ لاءِ عرض ڪيائين. ليڪن غيب مان فوراً آواز آيس ته، تون هينئر ٻهارو کڻي نيشاپور جي ساري ميدان کي وڃي ٻهار، توکي ان مزوريءَ جي عوض اڌ جَوَ برابر سون هٿ ايندو جنهن سان تون ماني وٺي کاءُ. ويچاري جواب ۾ چيو ته، جيڪڏهن مون وٽ ٻهارو ۽ پروڻ هجي ها ته پوءِ اُهي ڇو نه وڪڻي کڻي ماني وٺان ها. مان بي سرو سامان آهيان ۽ جگر جو سارو خون پي چڪو آهيان. مون مسڪين کي وڌيڪ تڪليف نه ڏني وڃي. غيبي آواز کيس وري خبردار ڪيو ته بغير پورهئي جي مفت ۾ ماني نه ملندي! گهڻي زاري ۽ پريشاني کان پوءِ نيٺ، هن هڪڙي شخص کان ٻهارو ۽پروڻ هٿ ڪري نيشاپور جو سارو ميدان ٻهاريو، جنهن جي بدلي ۾ جو سون ذرو مليس تنهن سان هن ماني وٺي کاڌي، مگر اتي خوشيءَ ۾ ٻهارو ۽ پروڻ ٻئي وساري ويٺو. جڏهن اهي ياد آيس تڏهن ڏاڍو پريشان ۽ حيران ٿي چوڻ لڳو ته، آخر مان غريب انهن جي چٽي ڪٿان ڀري سگهندس؟ انهن جي تلاش ۾ چرين وانگر ڦرندو رهيو، تان جو اچي هڪ ويران جڳهه وٽ پهتو جتي اوچتو ئي اوچتو ٻهاري ۽ پروڻ کي ڏسي حيرت زده ٿي ويو. ان وقت غيب کان آواز آيس ته اي بدمزاج! ٻوڙ کانسواءِ (رُکيءَ) مانيءَ ۾ مزو نه هوندو آهي، جڏهن تو ڪجهه ڪمائي ڪئي تڏهن باقي رهيل جو اسان پورائو ڪيو. ڀلا، پورهئي بغير ڪو ڦل حاصل ٿي سگهندو؟

هڪ ديواني جو قصو

هڪڙو ديوانو جو ننگو وڃي رهيو هو، تنهن ماڻهن کي پهريل سهريل ڏسي خدا تعاليٰ کان هڪڙي چوغي جي طلب ڪئي. هاتف آواز ڏنس ته، تون اُس ۾ وڃي پاڻ کي ڪوسو ڪر، انهيءَ لاءِ ته اسان سج کي گرم بنايو آهي؛ ليڪن هن ديواني وري به چوغي لاءِ عرض ڪيو، جنهن تي کيس ڏهن ڏينهن لاءِ صبر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ويئي. ڏهن ڏينهن گذرڻ بعد، هڪڙو شخص جو هوا جيان تيز اچي رهيو هو تنهن هن اس سڙيل کي هڪ سبيل چوغو ڏنو، جنهن کي ڪيترائي پيوند لڳل هئا. هيءَ حالت ڏسي ان ديواني کيس چيو ته، اي رازدان! ائين معلوم ٿو ٿئي ته تون انهيءَ ڏينهن کان (جنهن ڏينهن کان مون ان چوغي جي گهر ڪئي هئي) وٺي هن گودڙيءَ کي سبندو رهيو آهين. ڇا تنهنجي خزاني ۾ ٻيا ڪپڙا سڙي ويا جو تون هن ٿڳڙين لڳائڻ ۾ لڳي وئين! ڀلا ٻڌاءِ ته سهي ته، تو اهڙو درزڪو ڪم ڪنهن کان سکيو آهي؟ ان جواب ۾ چيس ته، اي يار! انهيءَ (الله تعاليٰ) جي درگاهه ۾ باريابي حاصل ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه آهي. انهيءَ جي راهه ۾ اسان کي خاڪ ٿيڻ گهرجي. ڪئين لوڪ پري کان ڪهي هن درگاهه تي آيا، ڪڏهن سڙي ويا ته ڪڏهن (سڙڻ بعد) چمڪي روشن ٿي نڪتا. اڪثر ڪري ائين ٿئي ٿو جو جڏهن ڪنهن مدت بعد ماڻهو پنهنجي مقصد کي اچي ويجهو پوي ٿو، تڏهن مقصود ماڻڻ کان محروم رهجي وڃي ٿو.

رابعه عدويه جو حج تي وڃڻ

مردن جي سرتاج بيبي رابعه، پورا ست سال مڪي طرف حج لاءِ ڪلهن ڀر هلندي رهي. جڏهن حرم جي ويجهو آئي تڏهن چوڻ لڳي ته، هاڻ مون پنهنجو حج گويا پورو ڪيو؛ پر جڏهن هڪ ڏينهن هن ڪعبي وڃڻ جو رُخ ڪيو ته اوچتو ئي اوچتو ماهواريءَ جو شڪار ٿي پيئي! پوئين پيرين ٿي چوڻ لڳي ته اي منهنجا پروردگار! مون ست سال ڪلهن ڀر سفر ڪيو ۽ جڏهن حج جي بازار گرم ڏٺم تڏهن تو منهنجي راهه ۾ کڻي هي ڪنڊا اڇلايا. هاڻي يا ته پنهنجي گهر ۾ رهڻ ڏينم يا وري اچڻ جي اجازت ڏينم؟
اي انسان، تون سمجهي ڇڏ ته جيستائين ڪو شخص رابعه وانگر عاشق نه ٿيو آهي، تيستائين هو هڪ عارف جي قدر ۽ منزلت کي ڪٿي سڃاڻي سگهندو. تون جيستائين هن فضوليات جي سمنڊ (دنيا) ۾ پيو ترندين تيستائين ان اندر رد ۽ قبول جون موجون اٿنديون رهنديون. هاڻي جيڪڏهن تون هن ڪُن مان سِر ٻاهر ڪڍندين ته هر گهڙي اطمينان جو ساهه کڻندين (۽ ان اطمينان ۾ اضافو آڻيندين)؛ پر جيڪڏهن انهيءَ ڪُن ۾ ڦاٿل رهندين ته تنهنجو مٿو چڪيءَ جي طرح پيو ڦرندو ۽ توکي گهڙي پلڪ به آرام نصيب نه ٿيندو.

هڪڙي شخص جي هڪ ديواني سان ملاقات

هڪڙو شخص، هڪ دفعي هڪڙي ديواني وٽ آيو جو هڪ ڪنڊ ۾ ذليل ۽ خراب حالت ۾ پيو هو. ان کي چيائين ته، مان تو ۾ اهليت ڏسان ٿو ۽ هن اهليت ۾ توکي اطمينان به آهي. ديواني جواب ۾ چيو ته، اطمينان ڪنهن کان حاصل ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جڏهن مون کي پسُوئن ۽ مکين کان رهائي ڪانهي. سارو ڏينهن مکين جي عذاب ۾ مبتلا ۽ ساري رات پسُوئن جي آزار کان بي آرام. نمرود جي مٿي ۾ فقط هڪڙو مڇر ويو، جنهن سبب سندس مٿو پريشان ٿي پيو ۽ سندس دل دونهي سان ٻوساٽجي ويئي. مان شايد پنهنجي وقت جو نمرود آهيان جنهن ڪري هي مڇر، پسُون ۽ مکيون نصيب ۾ پلئه پيون اٿم!

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال ڪرڻ

هدهد کان هڪڙي ٻئي پکيءَ پڇيو ته، مان ڏاڍو گنهگار آهيان، هاڻي هيترن گناهن هوندي مان انهيءَ هنڌ ڪٿي ٿو وڃي سگهان! جڏهن ڪو پکي گناهن ۾ سراسر غلطان آهي تڏهن ڪيئن ڪوهه قاف تائين پهچي سيمرغ جي ملاقات جو لائق بڻجي سگهي ٿو؟ جڏهن هڪ گنهگار انهيءَ بادشاهه جي رستي کان ئي ٿڙي ويو تڏهن هاڻي ڪٿي ٿو بادشاهه جو قرب حاصل ڪري سگهي!

هدهد جو جواب

اڙي غافل! تون ان کان نا اُميد نه ٿيءُ ۽ هميشه ان جي مهرباني جو طالب ٿي رهه. تون جيڪڏهن آساني ۽ آرام ۾ رهڻ چاهيندين ته پوءِ تنهنجو ڪم ڪنهن وقت ڏاڍو اوکو پئجي ويندو. جيڪڏهن تو گناهه ڪيا آهن ته پرواهه نه آهي، تون توبهه ڪر ۽ توبهه جو دروازو سدائين کليل آهي. جيڪڏهن توبهه ڪندڙ جي توبهه قبول نه ٿئي ها ته پوءِ هو (الله تعاليٰ) هر رات هيٺ ڇو لهي ها 1؟ جيڪڏهن تون هن راهه ۾ ڪجهه وقت لاءِ سچائيءَ سان ايندين ته پوءِ توکي ڪيتريون ئي ڪاميابيون نصيب ٿينديون. مثال طور مان توکي هڪ ڳالهه ٻڌايان ٿو:

هڪ گنهگار جي ڳالهه

هڪڙي ماڻهو گهڻن گناهن ڪرڻ کان پوءِ توبهه ڪري سنئين راهه ورتي، مگر وري جڏهن سندس نفس طاقت ۾ آيو تڏهن توبهه ٽوڙي ناجائز خواهشن جي پٺيان ڪاهي پيو، ۽ ڪو وقت هر قسم جي براين ۾ گرفتار رهيو، آخر دل ۾ درد پيدا ٿيس، مگر افسوس جو پاڻ ۾ توبهه ڪرڻ جي طاقت نه ڏسي اندر ئي اندر جلندو رهيو. هڪڙي ڏينهن صبح جو غيبي آواز آيس ته خدا تعاليٰ چوي ٿو ته: تو جڏهن پهريون دفعو توبهه ڪئي تڏهن مون قبول ڪئي ۽ توکي معاف ڪيم. وري جڏهن ٻيو دفعو تو توبهه کي ٽوڙيو تڏهن به مون توکي مهلت ڏني ۽ گرفت نه ڪئي؛ هينئر به تون تائب ٿي، جو بخشش جو دروازو هر وقت کليل رهي ٿو ۽ منهنجي رحمت جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي.

حضرت جبرئيل جي ڳالهه

هڪڙي رات، جبرائيل عليه السلام سدرة المنتهيٰ ۾ هو ته الله تعاليٰ جي طرفان ’لَبيڪ‘ جو آواز سندس ڪنين پيو. سمجهي ويو ته ڪو الله جو بندو پنهنجي موليٰ کي پڪاري رهيو آهي ۽ مان ڄاڻان ٿو ته هو هڪ وڏي مرتبي وارو بندو آهي، جنهن پنهنجي نفس کي ماري مات ڪيو آهي. بس پوءِ ته ستن آسمانن ۽ زمينن ۾ ان جي تلاش ۾ ٿِي نڪتو. مگر ڪٿي به نظر نه آيس. نيٺ الله تعاليٰ وٽ اچي ان بابت عرض ڪيائين. جنهن کيس روم ۾ هڪ گرجا اندر وڃي ان جي حال کان واقف ٿيڻ لاءِ چيو. حضرت جبرائيل فوراً انهيءَ هنڌ پهچي ويو ۽ کيس بت کي ظاهر ظهور پڪاريندو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. موٽي اچي عرض ڪيائين ته، اي منهنجا پروردگار! هن راز جو پردو ته منهنجي اڳيان کول! حق تعاليٰ ٻڌايس ته، هن جي دل ڪاري ٿي ويئي آهي، هينئر هو صحيح ۽ غلط کي سمجهي ئي نٿو. مون کي ان جي عاجزي ڏاڍي مٺي لڳي، تنهن ڪري ئي هيءُ جواب ڏيڻو پيو. هاڻي اسين گهڻي مهربانيءَ سان کيس پنهنجي درٻار جي واٽ ڏيکارينداسون. اڃا گهڙي ئي نه گذري ته ان جي دل جي دري کلي پئي ۽ هو هڪدم ’الله، الله‘ پڪارڻ لڳو. اها ڳالهه انهيءَ لاءِ ڪئيسون ته، جيئن تون سمجهين ته انهيءَ درٻار ۾ ڪي اهڙا ڪم به ٿين ٿا جن جو ڪو (ظاهري) سبب ئي ڪونه ٿو معلوم ٿئي. هن درگاهه تي جيڪڏهن تون وقتاً خالي هٿين به آئين ته به ڪو حرج ڪونهي. اتي ته نيڪوڪار ۽ بدڪار ٻنهي لاءِ جاءِ آهي.

هڪ صوفي ۽ ماکيءَ وڪڻندڙ جي ڳالهه

بغداد شهر ۾، جيئن هڪ صوفي تڪڙو وڃي رهيو هو تيئن (رستي جي وچ ۾) هن کي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هڪڙو شخص هوڪو ڏيئي رهيو هو ته مون وٽ گهڻي ماکي آهي ۽ وڪڻان به سستي ٿو، آهي ڪو وٺڻ وارو؟ صوفيءَ چيس ته يار! ٿوري ڪجهه مفت ۾ به ڏيندو آهين يا نه؟ تنهن تي هن جواب ڏنس ته، تون ڪو چريو آهين. ڀلا، ڪڏهن ڪو ماڻهو، ڪا شيءِ ڪنهن کي مفت ۾ به ڏيندو آهي؟ اتي غيب کان آواز آيس ته اڙي صوفي تون هڪڙو قدم اڃا به اڳڀرو ٿي (اوري آءُ) تان ته اها چيز توکي مفت ۾ ڏيون ۽ جيڪڏهن اڃا به زياده چاهيندين ته اهو به ڏينداسين.
اي بندا، الله تعاليٰ جي رحمت سج وانگر آهي جنهن جي روشنيءَ کان جهان جو ڪوبه ذرو خالي ڪونهي. هن جي رحمت جو هن ڳالهه مان ئي اندازو لڳائي سگهين ٿو ته، ڪيئن نه هڪ دفعي هڪڙي ڪافر خاطر پنهنجي پيغمبر کي مهڻو ڏنو هئائين!

حضرت موسيٰ ۽ قارون جو قصو

الله تعاليٰ، حضرت موسيٰ کي خطاب ڪندي چيو ته، اي موسيٰ، قارون توکي ستر دفعا عاجزيءَ سان پڪاريو ۽ تو هڪ دفعي به ان کي جواب نه ڏنو؛ حالانڪ جيڪڏهن هو هڪ گهڙي مون کي پڪاري ها ته مان شرڪ کان کيس ڇڏائي ڇڏيان ها ۽ کيس دين جو چوغو پهرايان ها. تو ته ان کي هزار دردن سان گڏ زمين اندر پورائي ڇڏيو. اڃان ته تون ان کي پيدا نه ڪيو هو، پر جيڪڏهن تون ئي ان جو پيدا ڪندڙ هجين ها ته يقيناً ان کي عذاب ۾ رکين ها. اها ذات جا بيرحمن تي ايترو مهربان آهي سا رحم وارن تي ڪيترو نه مهربان هوندي! هن جي فضل جو درياءَ بي پايان آهي جنهن جي اڳيان اسان جا گناهه (هڪڙي ڦڙي مثل) تِڇ آهن. بلاشڪ جو شخص گنهگارن جي گلا ڪري ٿو سو هٿ وٺي پاڻ کي ظالمن جو سردار بڻائي ٿو.

گنهگار شخص جي وفات جو قصو

هڪڙي دفعي جيئن هڪڙي گنهگار شخص جي لاش کي کنيو پئي ويا تيئن هڪڙي پرهيزگار ان جي جنازي نماز پڙهڻ کان اعتراض ڪيو. رات جو خواب ۾ جڏهن هن ان کي بهشت اندر گهمندو ڏٺو، تڏهن کانئس ان جو سبب پڇيائين. گنهگار ٻڌايس ته، تنهنجي بيرحميءَ جي ڪري پروردگار مون پريشان حال تي پنهنجي رحمت جي پلٽ ڪئي.
هاڻي توهين ان جي عشقبازي جا ڪارناما ته ڏسو، جو جنهن شخص کي هو پاڻ ڌڪاري ٿو تنهن ساڳئي کي وري نوازي ٿو. ڪم به پاڻ ڪرائي ٿو، وري پڪڙي به ٿو ۽ آخر ۾: وري بخشي به ٿو. سندس راهه ۾ ڪئين حڪمتون آهن ۽ سندس ڪوبه فعل حڪمت کان خالي ڪونهي!
اي انسان! هي ست ئي آسمان تنهنجي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، ۽ فرشتن جي عبادت به تنهنجي ئي ڀلي خاطر آهي. تون پاڻ کي حقير نه سمجهه، تون واقعي اشرف المخلوقات آهين. تنهنجي جان (روح) انهيءَ ڪل جو ڪل آهي ۽ جڏهن تنهنجي دل اندر ڪو ڪثرت جو خيال ئي ڪونهي تڏهن توکي ڪل سڏڻ ئي مناسب آهي ۽ نه ان جي (ڪل) جو جزو. شال توتي رحمت جا هزارين ڪڪر وسندا رهن ۽ تنهنجي شوق ۾ اضافو آڻيندا رهن!

عباسه جي ڳالهه

عباسه جو چوڻ آهي ته، جڏهن قيامت جي ڏينهن ماڻهو پريشان ۽ سرگردان هوندا ۽ گنهگارن ۽ ڏوهارين جا منهن ڪاراٽيل هوندا، تڏهن الله تعاليٰ دنيا ۽ آسمان جي سڀني ملائڪن جي هزارن سالن جي اطاعت کانئن وٺي پنهنجي ٻانهن ۾ روهائيندو ۽ چوندو ته اي ملائڪو! توهان کي هاڻي هن عبادت جي ڪا ضرورت ڪانهي، انهيءَ جي ضرورت هينئر هنن گنهگار بندن کي آهي ته جيئن انهن جو ڪم بڻجي پوي، ڇالاءِ جو ماني هميشه بکئي کي ڏبي آهي ۽ نه ڍاول کي.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال

هدهد کي هڪڙي ٻئي پکيءَ چيو ته، مان پيدائشي تقليد ڪندڙ آهيان ۽ هر گهڙيءَ پيو رنگ بدلايان. ڪنهن وقت قلندر آهيان ڪنهن وقت زاهد، ڪنهن مهل هست آهيان ته ڪنهن مهل نيست. ڪڏهن شرابخاني ۾ مخمور نه ڪڏهن مناجات ۾ مشغول. مان ته نه آهيان هيڏي جو ۽ نه آهيان هوڏي جو؛ هاڻي تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته هن حالت ۾ مان ڇا ڪريان؟

هدهد جو جواب

اڙي مت موڙهيل (کسيل)، هيءَ خصلت هر ڪنهن ۾ موجود آهي، ڇالاءِ جو هڪڙي صفت ۽ هڪڙي حال وارو ماڻهو خيرڪو ٿئي ٿو. جيڪڏهن اول کان سڀيئي ماڻهو پاڪ ۽ بي عيب هجن ها ته پوءِ نبين سڳورن کي موڪليو ئي نه وڃي ها. جڏهن عبادت ۾ تنهنجي دل لڳل هوندي تڏهن گهڻي آهستگيءَ سان تون سڌاري طرف ايندين ۽ اهو انهيءَ ڪري آهي ته جيئن تون سرڪش ۽ آرام طلب نه ٿي پوين. خون جا لڙڪ وهائڻ دل لاءِ صيقل آهي ۽ خوب پيٽ ڀري کائڻ ان تي ڪٽ چاڙهيو ڇڏي؛ تنهن ڪري تون نفس جي پيروي ترڪ ڪر ته جيئن لعل ٿي نڪرين. اجهو تنهنجي نصيحت خاطر توکي ٻه ٽي ڳالهيون ٻڌايان ٿو:

شبلي جي ڳالهه

هڪڙي دفعي شبلي بغداد ۾ وڃائجي ويو؛ گهڻي ڳولا کان پوءِ ان کي هڪ مخنث خاني ۾ ڏٺائون. هڪڙي سائل کانئس پڇيو ته، تولاءِ هي جڳهه مناسب آهي؟ جواب ۾ چيائين ته، هي گنهگار ماڻهو، هن دنيا ۾ نه مرد آهن نه زالون. منهنجي حالت به انهن جيان آهي، جو دين جي راه ۾ نه زال آهيان ۽ نه مرد. مان پنهنجي جوانمرديءَ جي فقدان (نامرديءَ) ۾ ئي گم ٿي ويو آهيان، تنهن ڪري پاڻ کي مرد سڏائڻ کان ئي مون کي شرم ٿو اچي.
اي انسان! جنهن به پنهنجي جان کي جاڳايو تنهن هميشه هيٺاهين ۽ عاجزيءَ جي راهه ورتي. باقي جيڪڏهن تون پاڻ کي ٻين جي نظرن ۾ هڪ وار جيترو مٿي ڪري ڏيکاريندين ته يقيناً پاڻ کي هڪ بت کان ئي هيٺ ڪيرائي وجهندين. جيڪڏهن تعريف ۽ مذمت تو ۾ ڪو فرق پيدا ڪن ته، پوءِ سمجهي ڇڏ ته تون اڃا هڪ بت ساز آهين. تون خدا تعاليٰ جو بندو ٿي رهه، بت سازگري ڇڏي ڏي ۽ عاجزي اختيار ڪر، ڇالاءِ جو عاجزيءَ کان بلندتر ڪو درجو ئي ڪونهي. هاڻي جڏهن تنهنجي گودڙيءَ ۾ ئي سوين بت آهن ته پوءِ خواه مخواه پاڻ کي صوفي ڇو ٿو ڪري ڏيکارين؟ حقيقت ته هيءَ آهي ته، هر گهڙي تون هڪ نه ٻيو انڪار ڪرين ٿو ۽ هر وار جي پاڙ ۾ هڪ نه ٻيو زنار رکين ٿو. (نه تو ۾ پوري صداقت آهي ۽ نه پوري توحيد). عشق کي اهڙين ڳالهين سان ذرو به تعلق ڪونهي، تنهن ڪري صاف دل ٿي هن راهه ۾ پير پاءِ.

هڪ قاضيءَ جي ڳالهه

ڳالهه ٿا ڪن ته، هڪڙي دفعي ڪنهن قاضيءَ جي ڪورٽ ۾ ٻه گودڙي پهريل صوفي اچي پاڻ ۾ ٽڪريا. قاضيءَ انهن کي هڪ ڪنڊ ۾ وٺي وڃي سمجهايو ته صوفيءَ کي جهڳڙو ڪرڻ نه جڳائي،. توهان ته رضا ۽ تسليم جو جامو پهريو آهي، هاڻي هيءُ جهڳڙو ڇا جي لاءِ؟ جيڪڏهن توهان جي هيءَ حالت آهي ته ان کان ته بهتر آهي ته هي صوفياڻو لباس لاهي ڇڏيو. مان جيتوڻيڪ قاضي آهيان ۽ نه عارف، تڏهن به اهڙي گودڙيءَ پائڻ کان شرم ٿو اچيم. توهان جي مٿي تي زنانو برقعو سونهي ٿو ۽ نه هن قسم جي گودڙي. جيڪڏهن توهين واقعي عشق ۾ مبتلا آهيو ته پوءِ هن قسم جي منافقت ۽ خود فريبي ڇڏي ڏيو. هيءَ گودڙي نه، بلڪ اها دل آهي جا انسان کي صحيح معنيٰ ۾ صوفي بنائي ٿي.

هڪ غريب جو عشق

هڪڙي دفعي هڪڙو غريب مصر جي بادشاه تي عاشق ٿي پيو. جڏهن بادشاه کي ان جي عشق جي خبر پئي تڏهن گهرائي چيائينس ته، تون هاڻي ٻن ڪمن مان هڪڙو ڪم ڪر، يا ته هي شهر ۽ ملڪ ڇڏي وڃ يا مون خاطر سر تان آسرو لاهه، پر ڇاڪاڻ ته هو عشق ۾ سچو نه (ڪچو) هو، تنهن ڪري ملڪ مان نڪري وڃڻ پسند ڪيائين. جڏهن روانو ٿيو تڏهن بادشاه ان جي سر ڪاٽڻ جو حڪم ڏنو. هڪ درٻاري کيس عرض ڪيو ته، جيئن ته هو بيگناهه آهي، تنهن ڪري ان جي سِر ڪاٽڻ جو حڪم ڪرڻ روا نه آهي. بادشاه جواب ڏنو ته ڇاڪاڻ ته، هو عاشق نه هو ۽ عشق جي راهه ۾ صدق نه هو، تنهن ڪري ان جو صحيح علاج سر ڪاٽڻ ئي هو ته، جيئن عشق جا ڪوڙا دعويدار وري اهڙي ڪوڙي دعويٰ نه ڪن، ۽ آئنده هرڪس ۽ ناڪس عاشقيءَ جو دم نه هڻي. سچو عاشق هميشه سر قربان هوندو آهي.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال

هدهد کي وري هڪڙي ٻئي پکيءَ چيو ته يار، نفس ته منهنجو دشمن آهي، ۽ سدائين مون سان ساڻ آهي. هاڻي مان هن راهه تي هن رهزن سان گڏجي ڪيئن هلان؟ نفس جو ڪتو ڪڏهن به منهنجي چئي ۾ نه آيو ۽ جيڪڏهن سچ پڇين ته هن ڪميني کان منهنجو بچڻ ئي مشڪل آهي. صحرا ۾ بگهڙ (شيطان) ٿو ساٿي ٿئيم ۽ هتي هي خوشنما ڪتو ته نه ڪڏهن منهنجو خيرخواهه ٿيو ۽ نه ٿيندو. هن جي بيوفائيءَ کي ڏسي مون کي ته واقعي عجب ٿو لڳي ته، آخر سبب ڪهڙو آهي جو هي نالائق هر گهڙي پنهنجي دوست جي گلا ۾ ڪاهي ٿو پوي!

هدهد جو جواب

اڙي ڳهيلا، هن ڪتي ته توکي پنهنجي پوري قبضي ۾ ڪري ورتو آهي ۽ توکي خوب لتاڙي، مٽيءَ وانگر ڪري ڇڏيو اٿس. هي ڪميڻو نه فقط ٽيڏو ۽ ڪاڻو آهي، پر ان سان گڏ سست ۽ بي شڪر به آهي. جيڪڏهن ڪو تنهنجي ڪوڙي تعريف ڪري ٿو ته، هو ان تي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. حقيقت ته هيءَ آهي ته ماڻهوءَ جو اول زمانو، سارو ئي بيهودگي، ٻاراڻي، بيدلي ۽ غفلت هئي. سندس وچ عمر وارو عرصو، محض بيگانگي ۽ ديوانگي هئي. آخر ۾ جڏهن پيريءَ جو دور آيو تڏهن سندس جان ڪمزور ۽ بدحواس ٿي ويئي. هاڻي جڏهن ساري عمر جهالت سان ڀري پئي آهي تڏهن هي نفس جو ڪتو ڪٿي ٿو سڌري! هيءُ ڪمينو پنهنجي سرڪشيءَ کان ڪڏهن به باز ڪونه ايندو؛ تنهن ڪري تون ان تي ڪرڙي نظر رکيو اچ ۽ عبادت ۽ اطاعت جي وسيلي سندس سرڪشي کي ٽوڙيندو رهه. هاڻي مان سمجهائڻ خاطر توکي ٻه چار آکاڻيون ٻڌايان ٿو:

هڪڙي قبر کوٽيندڙ جي آکاڻي

هڪڙي شخص، هڪ وڏي عمر واري قبر کوٽيندڙ کان پڇيو ته يار! تون هيترا سارا سال قبرون کوٽيندو رهيو آهين، ٻڌاءِ ته سهي ته زمين اندر ڪي (ڪهڙيون) عجيب شيون ڏٺئه؟ جواب ڏنائين ته جنهن ڳالهه مون کي زياده تعجب ۾ وڌو سا هيءَ هئي جو ڏٺم ته منهنجي نفس جو ڪتو، پورا ستر سال قبرون کوٽيندو رهيو، ليڪن هڪڙي گهڙي به پنهنجي سرڪشيءَ کان باز نه آيو ۽ ڪڏهن به منهنجو چيو نه مڃيائين.

نفس جو بيان

هڪ رات عباسه، پنهنجي حاضر جماعت کي چيو ته جيڪڏهن هي سارو جهان ڪافرن سان ڀرجي وڃي ۽ پوءِ اهي سڀيئي کڻي سچائيءَ سان ايمان قبول ڪن ته اهو ٿي سگهيو ٿي، ليڪن هڪ لک ۽ ويهه هزار نبي سڳورا انهيءَ لاءِ آيا ته جيئن هي ڪافر نفس ڪا گهڙي مسلمان ٿئي يا مري نيست ٿئي، مگر هو ائين ڪري نه سگهيا. هڪ طرح کان اهو مناسب به هو ڇالاءِ جو انهيءَ سببان (جو ڪي ان جو گهٽ چيوڪن ٿا ته ڪي وڌ) ته ماڻهن ۾ ايترو فرق پيدا ٿيو آهي. اسان سڀيئي هن ڪميڻي جي حڪم هيٺ آهيون. ليڪن سمجهون ائين ٿا ته ڪي وڏا نيڪوڪار آهيون ۽ ان کي پنهنجي اندر ۾ پيا پاليون. هو اهڙو ته نافرمان ۽ احساس فراموش آهي جنهن کي ڪهڻ واقعي ڪو آسان ڪم ڪونهي.
دل، هن بدن جي گهوڙي جي شهسوار آهي جنهن سان رات ڏينهن هي نفس جو ڪتو ساڻ رهي ٿو. سوار (دل) پنهنجي شڪار کي پڪڙڻ لاءِ گهوڙي (بدن) کي ڪيترو به ڊوڙائي، مگر هي ڪميڻو ان سان ٻٽ ڊوڙندو هلي ٿو ۽ جو ڪجهه دل پنهنجي محبوب کان حاصل ڪري، تنهن کان سوايو حصو هيءُ خبيث ان کان ڇڪي وٺي ٿو، جنهن شخص هن ڪميڻي کي همت سان ٻڌي سوگهو ڪيو تنهن گويا ٻنهي جهانن ۾ شينهن کي ڦاسايو ۽ ان جي مٽي شهيدن جي خون کان به وڌيڪ وزن رکي ٿو.

هڪ گودڙئي جي آکاڻي

هڪڙو گودڙيو، جيئن پنهنجي راهه ورتيون پئي ويو تيئن رستي ۾ هڪ بادشاهه ڏسي ورتس. پچيائينس ته خبر ڏي ته، تون گودڙيو بهتر آهين يا مان بادشاه؟ گودڙئي وراڻي ڏني ته، اي بادشاه! خودثنائي ناداني آهي، ليڪن سوال جو جواب ڏيڻ واجب آهي. مون جهڙو، سچ پچ ته جهڙن لکن کان ڀلو آهي؛ ۽ ان جو سبب هيءُ آهي ته تو دين جو ذائقو ئي نه ڇکيو آهي ۽ تنهنجي نفس توکي گڏهه بنائي توتي سوار ٿي ويو آهي. جيڪو به حڪم ڪري ٿو، تنهن کي تون سواءِ چون چراءِ جي بجاءِ لائين ٿو؛ ليڪن منهنجو معاملو ئي ڪجهه نرالو آهي. مون جڏهن دل جي راز کي پروڙي ورتو تڏهن هن نفس جي ڪتي کي پنهنجو گڏهه بنائي مٿس سوار ٿي ويس. هاڻي جڏهن منهنجو گڏهه توتي سواري ڪري ٿو تڏهن مون جهڙو تو جهڙن لکن کان بهتر آهي.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو شيطان جي رهزنيءَ بابت سوال

ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو پکي آيو ۽ اچي سوال ڪرڻ لڳو ته، جڏهن به مون کي حضور قلبي حاصل ٿئي ٿي تڏهن هي ڌوڪيباز شيطان مونکي گمراهه ڪري ٿو ۽ منهنجي حضور قلبيءَ ۾ خلل وجهي ٿو. مان جڏهن ان رهزن جو مقابلو ڪري نٿو سگهان تڏهن ان جي غداريءَ ۽ ڌوڪيبازيءَ سبب منهنجي دل گهڻو پريشان ٿئي ٿي. هاڻي هن ڪميڻي کان ڇوٽڪاري جو ڪو رستو ٻڌائينم ته جيئن حقيقي زندگي ماڻي سگهان.

هدهد جو جواب

اڙي يار! جيستائين نفس جو هي ڪتو تنهنجي اڳيان آهي، تيستائين ته شيطان به تنهنجو پاسو نه وٺندو. شيطان جو دوکو تنهنجي خود فريبيءَ جو نتيجو آهي، ڇالاءِ جو تنهنجي هڪ هڪ آرزو گويا هڪ شيطان آهي. اڃا تون هڪڙي آرزو مس پوري ڪرين ٿو ته تو ۾ سوين شيطان اچي وڃن ٿا. هي دنيا هڪڙو قيدخانو آهي ۽ ساري جي ساري شيطان جي جاگير آهي. تون انهيءَ جي جاگير کان هٿ کڻي ڇڏ ته جيئن ان جو توسان ڪوبه واسطو نه رهي. چڱو هي ٻه چار ڳالهيون ٻڌي ڇڏ:

هڪڙي شخص جي شيطان خلاف شڪايت

هڪڙي ماڻهو، ڪشف جي صاحب وٽ وڃي، شيطان جي گهڻي شڪايت ڪئي ۽ چيائين ته: شيطان منهنجي راهه روڪيو ويٺو آهي ۽ چالاڪيءَ سان منهنجي دين کي تباهه ڪري رهيو آهي. ان بزرگ جواب ڏنس ته توکان ٿورو اڳ شيطان هتي تنهنجي خلاف شڪايت کڻي آيو ۽ اچي چيائين ته، دنيا ساري منهنجي جاگير آهي، دنيا جو دشمن منهنجو دوست ٿي ئي نٿو سگهي ۽ تون منهنجي طرفان هن ڳهيلي کي چئو ته، هو دنيا کان هٿ ڌوئي سلوڪ جي راهه وٺي. مان واقعي ان شخص جي دين تي سخت حملو ڪريان ٿو جو منهنجي جاگير (دنيا) تي قبضو ڪرڻ گهري ٿو. باقي اهو جو پوري طرح سان منهنجي جاگير کان ٻاهر رهيو ته پوءِ منهنجو به ان سان ڪو غرض ڪونهي.

هڪڙي شخص جو مالڪ دينار کان سوال

هڪڙي شخص، مالڪ دينار کي چيو ته، اي جناب عالي! مون کي پنهنجي حال جي ڪا خبر ڪانهي، تون پنهنجي حال جي ڪا خبر ڪر. ان جواب ڏنس ته، مان رزق خدا تعاليٰ جو کان ٿو ۽ مزن ۾ آهيان ۽ شيطان جي هر حڪم جي تابعداري ڪريان ٿو. هي ٻڌي، ان شخص چيس ته شيطان توکي اهڙو گمراهه ڪيو آهي جو تو وٽ هينئر ڪو بچاءُ ئي نه رهيو آهي. تنهنجي مسلماني محض زباني آهي ۽ تون دنيا جي عشق ۾ گرفتار آهين ۽ تون واقعي (انهيءَ ڪري) هڪڙو مردار آهين. مون جيتوڻيڪ توکي پهريائين دنيا کي قربان ڪرڻ لاءِ چيو هو ليڪن هن وقت ان کي مضبوطيءَ سان جهلڻ جي توکي اجازت آهي. جڏهن تو هر دولت دنيا کي ڏيئي ڇڏي تڏهن هاڻي ڪٿي ٿو آسانيءَ سان ان کان جان ڇڏائي سگهين. تون لالچ جي سمنڊ ۾ ٻڏو پيو آهين ۽ هي به نٿو ڄاڻين ته آخر ڪهڙي سبب کان تون هر نيڪيءَ کان پوئتي رهين ٿو. هڪ طرف ٻئي جهان ماتمي لباس ۾ ملبوس ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف تون گناهن ۾ غرق! دنيا جي محبت تنهنجي ايماني ذوق کي کائي ويئي ۽ آرزو ۽ لالچ تنهنجي جان کي ختم ڪري ڇڏيو.
دنيا، لالچ ۽ حرص جو گهر ۽ فرعون ۽ نمرود جي ڇڏيل يادگار آهي. ڪڏهن قارون مري ان کي ڇڏيو ته ڪڏهن شداد ان کي مضبوطيءَ سان روڪي رکيو. جڏهن الله تعاليٰ انهيءَ (دنيا) جو نالوئي ”لاشيء“ رکيو آهي تڏهن آخر ڪيتري تائين تون انهيءَ ”لاشيء“ (ڪميڻي) دنيا جي عسق ۾ پاڻ کي گرفتار رکيو ايندين؟ دنيا هڪ ڀڙڪندڙ باهه آهي، تون ان کان ڀڄي پري ٿيءُ ڪو اهڙو مرتبو حاصل ڪر جو هوءَ توکي جلائي نه سگهي.

حضرت عسيٰ عليہ السلام جو خواب

هڪڙي دفعي حضرت عيسيٰ عليه السلام، اڌ سر مٿي هيٺان رکيو سمجهيو پيو هو. جڏهن خواب مان بيدار ٿيو تڏهن شيطان کي سامهون بيٺل ڏسي ان جو کانئس سبب پڇيو. شيطان ملعون جواب ڏنس ته، تو منهنجي اڌ سر پنهنجي مٿي هيٺان رکي آهي. جڏهن ساري دنيا منهنجي جاگير آهي تڏهن هيءُ سِر به منهنجي ملڪيت آهي. تون منهنجي ملڪيت ۾ تصرف ڪري گويا پاڻ کي منهنجي ڏور ۾ ٻڌي رهيو آهين. هي ٻڌي حضرت عيسيٰ، انهيءَ سر کي ڪڍي اڇلائي ڇڏيو، جنهن تي شيطان کيس چيو ته، هاڻ مان تو وٽان وڃان ٿو، تون ڀلي آرام سان ننڊ ڪر.

نماز ۾ هڪ ديواني جي خواجه سان گفتگو

هڪڙو خواجه، نماز ۾ خدا تعاليٰ کان رحمت ۽ ڪارسازيءَ جي دعا گهري رهيو هو. سندس هيءَ دعا هڪڙي ديواني ٻڌي ورتي، جنهن مذاق طور چيو ته، هائو، انهيءَ جي طرفان رحمت جلد ٿيندي. تون پنهنجي ٺانءِ ڦونءِ کان جهان ۾ ماپين ئي نٿو ۽ هر گهڙي وڏائي ۽ آڪڙ سان ٽلي هلين ٿو. وڏيون وڏيون عمارتون بنائي کين هر ساز ۽ سامان سان سينگاري رکيو اٿئي، جتي غلام ۽ ٻانهيون هر وقت خدمت لاءِ حاضر آهن! ڀلا ڪڏهن اتي به رحمت وسي سگهي ٿي؟ ڪجهه پاڻ ڏي به نهار ۽ شرم ڌار ته آخر، هيتري ساري سامان رکندي تون رحمت جي ڪيئن اميد رکي سگهين ٿو؟ تون سڀني شين کان منهن موڙ ۽ سچو پچو مرد مجاهد ٿي.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو زر بابت سوال

هڪڙي پکي هدهد کي چيو ته مون کي زر سان پيار آهي ۽ پيار به اهڙو جو منهنجي هرهڪ رڳ ۾ رچي ويو آهي. جيستائين زر کي نٿو ڏسان تيستائين آرام سان نٿو ويهان. دنيا ۽ مال جي پيار واقعي مون کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي مهرباني ڪري ڪا ڇوٽڪاري جي تجويز ٻڌائينم.

هدهد جو جواب

هدهد جواب ۾ چيس ته تون محض صورت تي حيران ۽ اصل حقيقت کان بنهه غير واقف آهين. مطلب ته تون ڪئليءَ وانگر صورت جو قيدي ۽ ماڳهين انڌو آهين. سون به حقيقت ۾ هڪ رنگ ۾ بدليل پٿر آهي ۽ نه ڪا ٻيءَ شيءِ، مگر تون ٻارڙن جي طرح رنگ جي چريو ٿيو پيو آهين.اها زر (سون) خدا تعاليٰ جي ياد کان هٽائي سا سچ پچ هڪ بت آهي جنهن کي تون ڀڃي ڀور ڪري ڇڏ. جيڪڏهن تون کڻي زر ذرو ڪنهن غريب کي ڏين به ٿو ته يا ته ڏيڻ جي رنج ۾ پنهنجو خون پين ٿو يا ٿوري ڄمائڻ ۽ تنگ ڪرڻ (جهڻڪڻ) سان انهيءَ غريب جو؛ ۽ ان ذري ڏيڻ خاطر به تون جنيد جهڙن بزرگن جي تلاش ڪرين ٿو (ڄڻڪ صدقو ۽ خيرات آهن ئي نهايت پرهيزگار ۽ نيڪوڪارن لاءِ).
هاڻي تون هن حقيقت کي ڌيان ڏيئي ٻڌ ته جيترو تنهنجو هن دنيا سان تعلق زياده هوندو تيترو دوزخ جي باهه ۾ تولاءِ تيزي هوندي. تون دين ۽ دنيا ٻئي (ڪٺا) چاهين ٿو، هاڻي هيءُ ڪڏهن به ٿي نه سگهندو. جو ڪجهه تو وٽ آهي تنهن کي الله تعاليٰ ڪارڻ خرچي ڇڏ، سواءِ خرچڻ جي نيڪي ڪڏهن به حاصل ڪري ڪونه سگهندين. جڏهن جان کي ئي هڪ ڏينهن ڇڏڻو آهي تڏهن ٻين شين کي ان جي هوندي ڇو ته ڇڏڻ گهرجي! هاڻي مان توکي ٻه چار ڪهاڻيون ٻڌايان ٿو ۽ اُميد اٿم ته تون انهن مان سبق پرائيندين.

هڪڙي نئين مريد جي ڪهاڻي

هڪڙي نئين مريد وٽ ڪجهه سون جو ذرو هو جنهن کي هن پنهنجي مرشد کان لڪائي رکيو هو. مرشد کان هيءَ ڳالهه ڪا مخفي ڪانه هئي مگر هن اک ٻوٽ کان ڪم ورتو. هڪڙي دفعي جڏهن پير ۽ مريد ٻئي سفر ۾ وڃي رهيا هئا ته سندن آڏو هڪڙي اونداه وادي پيش آئي جنهن مان ٻه رستا ڦٽي ٿي نڪتا. مريد جنهن کي زر ساڻ هئي سو البت گهٻرائن لڳو ۽ مرشد کان پڇڻ لڳو ته هاڻي جڏهن ٻه واٽون ظاهر ٿيون آهن تڏهن اسان انهن مان ڪهڙي اختيار ڪريون؟ مرشد جواب ڏنس ته تو وٽ جيڪا زر آهي سا اُڇلائي ڇڏ، پوءِ جيڪا راهه به وٺندين سا سڌي هوندي. ڇا توکي اها خبر ڪانهي ته ننگي ۽ سڃي کان رهزن به ڀڄي پري ٿيندو آهي. ها، باقي جنهن وٽ زر آهي تنهن کان ته الله ڏئي پناهه، ان کان ته شيطان به وئون پيو وڃي.

هڪڙي بزرگ جي خواب جي ڪهاڻي

هڪڙي بزرگ ننڊ ۾ ڏٺو ته هو چنڊ جيان روشن جيئن هڪ رستي تي وڃي رهيو آهي تيئن هڪ فرشتو سندس اڳيان اچي کانئس ارادي بابت پڇيو. ان کي جواب ۾ چيائين ته مان خدا تعاليٰ جي درٻار ڏانهن وڃڻ جو ارادو رکان ٿو. هي ٻڌي ان فرشتي چيس ته ميان شرم ڌار، تون هيترو سارو سامان، هيتري ساري ملڪيت ۽ پنهنجي ڪاروبار سان هيترو سارو پيار رکين ٿو ۽ ان سان گڏ ان درٻار جي خواهش ۽ الله تعاليٰ جو قرب به چاهين ٿو. اهي ٻئي شيون هڪ ئي وقت حاصل ٿي ڪونه سگهنديون، ويچارو درويش هي ٻڌي غم ۾ ئي ڳري ويو ۽ جو ڪجهه وٽس هو سو سڀ خدا تعاليٰ جي نالي ۾ ڏيئي ڇڏيائين. ٻيءَ رات به اهو ساڳيوئي واقعو نظر آيس ۽ فرشتو اچي چوڻ لڳس ته تون هن گودڙيءَ سان ان درگاهه تائين هرگز پهچي نٿو سگهين؛ هن کان به هٿ کڻ ۽ منافقت ڇڏي ڏي. ويچاري هي ٻڌي ان پراڻي گودڙيءَ کي به باهه ڏيئي ساري ڇڏيو. وري ٽينءَ رات خواب ۾ ڏٺائين ته اهو فرشتو کيس چئي رهيو آهي ته اي پاڪباز تو وٽ جو ڪجهه هو سو تو سڀ خرچ ڪري ڇڏيو هاڻي تون اڳتي وڃڻ جي تڪليف نه ڪر، خدا تعاليٰ تو وٽ پاڻهي ئي ايندو.
اڙي انسان! جيڪڏهن رسول اڪرم صلعم جي طرح توکي فقريءَ تي فخر نه آهي ته مشرڪ آهين ۽ صحيح راهه دز جان نثاري، ذلت ۽ غربت، جڏهن تون هي چارئي منزلون طئي ڪندين تڏهن توکي الله تعاليٰ جو قرب نصيب ٿيندو.

حضرت عيسيٰ جو هڪڙي سمهيل کي غار ۾ ڏسڻ

هڪڙي دفعي حضرت عيسيٰ عليه السلام، هلندي اچي هڪ غار ۾ پهتو، جتي هڪڙي مرد کي سُتل ڏسي چيائين ته اڙي دنيا کان غافل، اٿي کڙو ٿي ۽ ڪو ڪم ڪر ته جيئن آخرت لاءِ ڪو توشو ٿئي. ان جواب ڏنس ته، مون ٻنهي جهانن جو ڪم پورو ڪري پاڻ لاءِ هڪ لافاني ملڪ حاصل ڪري ورتو آهي. هن دنيا کي ڇڏي مون کي ڪي ڏينهن ٿيا ۽ اها منهنجي نظر ۾ هڪ ڪک پن مثل آهي. مان ان کان پوريءَ طرح فارغ ٿي چڪو آهيان. حضرت عيسيٰ هيءَ گفتگو ٻڌي کيس چيو ته هاڻي جيڪي وڻيئي سو وڃي ڪر؛ توکي اها مبارڪ هجي.

بصري جي شيخ جو بيبي رابعه وٽ وڃڻ

هڪڙي ڏينهن شيخ بصره، رابعه وٽ وڃي کيس عرض ڪيو ته مان مڃان ٿو ته تون عشق ۾ واقعي پختي ۽ مضبوط آهين. هاڻي تون مون کي ڪو اهڙو نڪتو ٻڌاءِ جو نه ته ڪنهن کان ٻڌو هجي ۽ نه وري ڪنهن کي ٻڌايو ئي هجي، مگر اهو جو توکي پنهنجي دل مان معلوم ٿيو هجي ته جيئن شوق کان منهنجي جان ويندي رهي. رابعه کيس ٻڌايو ته، مان رسين جا ڪجهه ٽڪرا ميڙي، بازار ۾ وڪرو ڪري ٻه روپيا حاصل ڪيا؛ هڪڙي کي هڪڙي هٿ ۾ ورتم ۽ ٻئي کي ٻئي ۾، ڇا لاءِ جو ڊپ ٿيم ته جيڪڏهن ٻئي ملي جوڙو ٿيا ته مون کان لڪي نه سگهندا ۽ منهنجا رهزن بڻجي ويندا. دنيا جو اهوئي دستور رهيو آهي. دنيادار پيسي خاطر سوين ڪشالا ڪڍي ٿو ۽ ان کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪئين قسم جا ڄار وڇائي ٿو، ۽ جڏهن ڪجهه حاصل ڪري ٿو تڌهن ان بعد جلدئي مري وڃي ٿو ۽ هي معاملو اتي ئي ختم ٿي وڃي ٿو.
اڙي، تو جنهن زر جي عوض سيمرغ جهڙي بادشاه کي وڪڻي ڇڏيو آهي ۽ ان (زر) جي عشق ۾ پاڻ کي شمع جيان جلائي ڇڏيو آهي. توکي حيف آهي، ۽ تنهنجي حال تي صد افسوس! سيمرغ جي راه ۾ نه زر لاءِ ڪا جاءِ آهي، ۽ نه خوف ۽ خطري لاءِ ڪا گنجائش. جيڪڏهن ڪنهن کي ذرو به محبت ۽ جذبو نه آهي ته اهو هن راهه ۾ هرگز قدم رکي نه سگهندو.

هڪڙي عابد جي ڪهاڻي جنهن هڪ پکيءَ جي آواز سان لؤن لڳائي هئي

هڪڙي سعادتمند عابد، دنيا (وارن) کان علحدگي اختيار ڪئي هئي ۽ پنهنجي پروردگار سان لڪي ڳالهيون ڪندو هو. مطلب ته هو وڏو پهتل ۽ خدا رسيده بندو هو. سندس باغ اندر هڪ وڻ ۾، هڪڙي دفعي هڪڙي پکي اچي آکيرو بنايو. سندس آواز اهڙو ته مٺو ۽ موهيندڙ هو جو هن جي ان سان دل لڳي ويئي. الله تعاليٰ انهيءَ وقت جي پيغمبر ڏانهن وحي موڪليو ته، توهان هن شخص کي وڃي چئو ته آخر هيءَ ڪيتري نه تعجب جي ڳالهه آهي، جو تون سارو وقت مون لاءِ عبادت ڪندو ۽ منهنجي شوق ۾ جلندو رهئين، ۽ پڇاڙيءَ ۾ مون کي هڪڙي پکيءَ جي عوض وڪڻي ڇڏي؟ مون توکي خريد ڪيو ۽ سيکاريو، ليڪن تو نالائقي ڪري مون کي وڪڻي ڇڏيو. تون، اسان کي اهڙو سستو نه وڪڻ، اسان باوجود تنهنجي بيوفائيءَ جي هميشه توسان گڏ آهيون، تنهن ڪري تون به اسان کان جدا نه ٿيءُ.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال

ٻيلي هدهد! هاڻي منهنجي سوال جو به ته جواب ڏي. مان هڪ عاليشان ۽ سونهري رنگ محل ۾ رهان ٿو، گويا هڪ ملڪ جي بادشاهيءَ ۾ آهيان، ڀلا، ان کان دل ڪيئن ٿو کڻي سگهان؟ بلند محل اندر سڀني پکين جو سردار بڻيو ويٺو آهيان، تنهنڪري ڇو هن سيمرغ ڏانهن ويندڙ واديءَ جون تڪليفون سر تي کڻان. آخر هيءَ ڪهڙي عقلمندي آهي جو ههڙو آرام جهڙو باغ ڇڏي، ڪو وڃي سفر جي مصيبتن ۾ پوي.

هدهد جو جواب

اڙي ڪمزور ۽ بي همت، تون ڪو ڪتو ته نه آهين جو ڪن جي ڍير (خاڪدان) تي پيو رهين. هيءُ ساري ڪميڻي دنيا، ڪن ڪچري جو ڍير آهي، هاڻي تون ئي کڻي ان اندر پنهنجي محل جو اندازو لڳاءِ؟ ها، جيڪڏهن تنهنجو محل واقعي بهشت آهي ته پوءِ هي ياد رکي ڇڏ، ته اهو توکي سواءِ تڪليفن برداشت ڪرڻ جي ڪڏهن به حاصل ٿي نه سگهندو. انهيءَ لاءِ مان توکي ٻه چار ڳالهيون ٻڌايان ٿو:

هڪڙي بادشاهه جو محل بنائڻ ۽ زاهد جو منجهانئس عيب ڪڍڻ

ڪنهن سمي جي ڳالهه آهي ته هڪڙي بادشاهه هڪڙو سونهري محل بنايو، جنهن تي هن ڪئين هزار خرچ ڪيا. جڏهن پوريءَ طرح سان تيار ٿي ۽ سينگارجي ويو، تڏهن ڏاهن ۽ همنشينن کي گهرائي کانئن پڇيو ته، ڇا هن محل جي حسن ۽ ڪمال ۾ اڃا ڪا ڪسر باقي آهي؟ سڀيئي چوڻ لڳا ته، اهڙو عاليشان محل نه ڪنهن ڏٺو ۽ نه ٻڌو. هڪڙو زاهد جو اتي ويٺو هو سو اٿي چوڻ لڳو ته ان ۾ هڪڙو وڏو نقص اڃا باقي آهي ۽ اهو آهي عزرائيل جي طرف کان کيس خطرو. هاڻي هي محل جيتوڻيڪ بهشت وانگر سرسبز ۽ شاداب آهي، مگر موت جي چنبي کان هيءَ به بچي ڪونه سگهندو ۽ هڪ ڏينهن مٽجي برباد ٿي ويندو. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته هيءَ دنيا چئن ڏينهن جي ٽڪڻ جي جاءِ آهي، ليڪن اها هميشه قائم رهي نٿي سگهي، ۽ انهيءَ جو ته ڪو علاج ئي ڪونهي.
اي انسان! تون پنهنجي محل ماڙين تي ايترو ناز نه ڪر ۽ جيڪڏهن تنهنجي عظمت ۽ جاه سبب ڪو تنهنجو عيب توکي ٻڌائي نه سگهي ته پوءِ توتي افسوس آهي (تون سدائين اهڙي روش ۾ رهه جو ماڻهو تنهنجا عيب توکي سواءِ ڪنهن ڊپ ۽ ڊاءَ جي ٻڌائي سگهن).

ڪوريئڙي جي ڳالهه

هيءُ ته سڀ ڪنهن ڏٺو هوندو ته، ڪوريئڙو پنهنجو سارو وقت سوداءُ پچائيندو رهي ٿو ۽ آخر پنهنجو گهر وڃي هڪ ڪنڊ ۾ ٺاهي ٿو. هوس جو ماريل، مکيءَ ڦاسائڻ لاءِ هڪ عجيب ڄار بنائي ٿو؛ ۽ جڏهن ڪا مک سندس ڄار ۾ ڦاسي ٿي تڏهن هو ان غريب جو رت چوسي کيس کوکلو بنائي ڇڏي ٿو؛ مگر ڏسو قدرت جا رنگ جو ڪنهن وقت گهر جو مالڪ اوچتو ئي اوچتو لٺ هٿ ۾ کڻي انهيءَ ڄار کي ڪيرائي ڪالعدم ڪري ڇڏيندو آهي، تنهن ڪري دنيا ۾ جنهن به توشو جمع ڪيو تنهن جو مثال ان ڄار ۾ ڦاٿل مک وانگر آهي.
اڙي انسان! جيڪڏهن ساري دنيا به کڻي تنهنجي قبضي ۾ اچي وڃي ته به اک ڇنڀ ۾ اها فنا ٿي وڃي ٿي. ڀلا قضا ۽ قدر جن چيتي جي کل به لاهي ورتي سي توکي سلامت ڪٿي ڇڏيندا؟ سچ پچ هي محل ۽ باغ تولاءِ هڪ قيدخانو آهن ۽ آخر ڪيترو وقت تون انهن سان دل لايو ايندين تون همت جوسندرو ٻڌي الله تعاليٰ جي درٻار ڏانهن قدم وڌاءِ، پوءِ جڏهن تون ان درگاهه تائين پهچي وئين تڏهن توکي اهو مانُ ملندو جو هن جهان ۾ ڦوليو نه سمائبين.

هڪڙي ڏکويل دل واري ۽ درويش جي ملاقات

هڪڙي دفعي هڪڙو ڏکويل دل وارو، جيئن هڪ بيابان ڏانهن تڪڙو وڃي رهيو هو تيئن اچي هڪڙي درويش وٽ پهتو ۽ کانئس پڇيائين ته، تنهنجو هن بيابان ۾ ڪيئن ٿو گذارو ٿئي؟ ان جواب ڏنس ته مان ته هڪ تنگ گهٽيءَ ۾ پيو آهيان ۽ هن وقت هي جهان منهنجي لاءِ ڏاڍو تنگ آهي. هي ٻڌي اهو شخص عجب ۾ پئجي، کيس وري چوڻ لڳو ته، جو ڪجهه تون چئي رهيو آهين سو صحيح نه آهي. ههڙو وسيع بيابان ڪيئن هڪ سوڙهي گهٽي آهي؟ جواب ۾ چيائين ته، جيڪڏهن هتي تنگي نه هجي ها ته تون به مون وٽ ڪونه اچين ها.
اي بندا، ماڻهو هن دنيا ۾ توکي ڪيترائي سٺا وعدا ڏين ٿا، ليڪن حقيقت ۾ هو توکي دوزخ جي راهه ڏسين ٿا. تنهنجي رستي ۾ هيءَ دنيا هڪ باهه آهي، جنهن کان ڀڄي پاسو ڪر. تون جيڪڏهن تجربيڪار آهين ته سڀ کان فارغ ٿي الله تعاليٰ جي راهه ۾ جان کي قربان ڪر. آخر، هن دنيا کي ترڪ ڪرڻ لاءِ مان توکي ڪيترو سمجهائيندو رهندس؟

هڪڙو بيقرار شخص، جو جنازي جي پٺيان وڃي رهيو هو

هڪڙي بيوقوف جي ڳالهه ڪندا آهن ته، جڏهن هن جو پٽ مري ويو تڏهن صبر ۽ آرام سڀ وڃائي ويٺو. ان جي جنازي پٺيان زار زار رئندو ۽ چوندو ٿي هليو ته اي منهنجا پٽ! تون ائين ئي هليو وئين؛ تو ته اڃا دنيا ئي ڪانه ڏٺي هئي ( نه ماڻيو ۽ نه چوڙيو)؛ هڪڙو ديوانو، هي حال ڏسي کيس چوڻ لڳو ته ميان اهڙا واقعا اڳ ۾ ڪيترائي ٿي چڪا آهن. تون ڀلا هن جهان جو ڪيتري تائين نظارو ڪندو رهندين؟ هڪڙي ڏينهن مرڻو ضرور آهي. تون جيستائين هي خبيث نفس کان پاڻ خالي نه ڪندين تيستائين تنهنجي نفيس جان پليدي ۽ نجاست ۾ ئي لت پت (گم) رهندي.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو مجازي عشق متعلق سوال

ان کان پوءِ، هڪڙو پکي اٿي هدهد کي چوڻ لڳو ته مون کي ته هڪ محبوب جي عشق جي چوٽ لڳي ويئي آهي ۽ ان مون کي خوب جڪڙي قيد ڪري رکيو آهي. انهيءَ جي غلبي سبب نه مون کي ڪو هوش آهي ۽ نه طاقت. انهيءَ جي منهن مبارڪ جو خيال منهنجي دل تي ڌاڙو هڻندو، کيس لٽيندو ۽ منجهس باه جا مچ ٻاريندو رهي ٿو. مون کي ان کان سواءِ گهڙي پلڪ به آرام ڪونهي، ۽ جيڪڏهن سچ پڇين ته ان بغير صبر ڪرڻ مون لاءِ حرام ۽ ڪفر آهي. هاڻي جڏهن منهنجو حال هيءُ آهي تڏهن مان ڪيئن ٿو سيمرغ جي سفر تي هلي سگهان؟ انهيءَ سفر ۾ ته ڪئين مشڪلاتون ۽ بلائون آهن ۽ مان انهن کي ڪٿي ٿو منهن ڏئي سگهان؟ منهنجو درد هينئر لاعلاج آهي، مان ان چوڏهين جي چنڊ کان سواءِ، هڪڙو لحظو به نه ٿو جالي سگهان. منهنجي حالت ته اجها هيءَ آهي، هاڻي تون ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان؟

هدهد جو جواب

منهنجا دوست، تون ته صورت جي عشق ۾ گرفتار آهين ۽ هن قسم جو عشق غير حقيقي آهي. صورت جو هي مال ته جلدي وڃڻ وارو آهي ۽ ان تي عاشق ٿيڻ سراسر نقصان ۽ ناداني آهي. ڀلا تون ئي کڻي انصاف ڪري ڏس ته، اهو جنهن جوحسن غلط ۽ خون مان جڙيو آهي سو به ڪڏهن خوبصورت ٿي سگهي ٿو! معرفت جو عشق شي ئي ٻي آهي؛ ۽ اهوغيب ۾ آهي، تنهن ڪري تون غيب جي ڳولا ڪر ۽ ظاهر کي ڇڏي ڏي. صورت جو عشق سدائين باهم دشمنيءَ جو باعث بڻجي ٿو، ۽ هو اها شيءِ، جا توکي حقيقي ۽ غير فاني عشق جي ويجهو نه آڻي سا، اي منهنجا محبوب، توکي اڳتي هلي رسوا ۽ خوار ڪندي.

هڪڙي نوجوان جو هڪ ٻانهيءَ تي عاشق ٿيڻ

هڪڙو نوجوان شاگرد، نهايت ئي ذهين ۽ هوشيار هو، پڙهڻ لاءِ گهڻو شوق هوس ۽ سواءِ پڙهڻ جي کيس ٻيو ڪو ڪم ڪونه هو. استاد جو به مٿس ڏاڍو پيار هو ۽ ٻين سڀني کان هن کي زياده ڀائيندو هو ۽ خوش قسمتيءَ سان هو سندس طبيعت وٽان به هو. وٽس هڪ سج جهڙي حسين ۽ جميل ٻانهي هئي، جنهن جي خوبصورتي جي جيتري به واکاڻ ڪجي اوتري ٿوري. هوءَ حسن ۽ جمال جو هڪ مجسمو هئي، جنهن هڪ ئي نظر سان ڏسندڙن جو خون ٿي وهايو. اتفاق سان جيئن ان شاگرد جي نظر اُنهيءَ ٻانهي تي وڃي پيئي، تيئن بي ساخته دانهن نڪري ويس ته مان اڄ کان ان جو شاگرد آهيان ۽ هوءَ منهنجي استاد. بس پوءِ ته رات ڏينهن ان بت جي عشق ۾ ڳري ڪاٺي ٿي ويو.
جڏهن سندس استاد کي هن ڳالهه جي سڌ پيئي تڏهن هن انهيءَ کي ان عشق کان ڇڏائڻ لاءِ حليه بازيءَ کان ڪم ورتو. ٻانهيءَ جي ٻنهي هٿن ۾ سير ڇوڙايائين ۽ ان کي اهڙو جلاب ڏنائين جنهن سبب کيس ايترا ته دست آيا جو هوءَ ڦري زرد ٿي ويئي ۽ وڃي هڏن جو پڃرو بچي. سندس ڳلن تان تازگي ۽ رونق ويندي رهي، ۽ گهڻي بدشڪل ۽ ڪوجهي نظر اچڻ لڳي. انهيءَ کان پوءِ شاگرد ۽ ٻانهيءَ ٻنهي کي گهرايائين. ڏهن نوجوان جي ان تي نظر پيئي ته دل ئي ٽهي ويس. سندس گرمي سرديءَ ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ انهيءَ ٻانهيءَ کان ماڳهين بيزار ٿي ويو. جڏهن سندس استاد هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن پڇيائينس ته آخر، تنهنجو هيترو سارو عشق ڪاڏي ويو، تون به اهو ساڳيو ۽ ٻانهي به اها ساڳي آهي؟ درحقيقت تون نادان هئين ۽ محض خون ۽ گندگيءَ تي چريو ٿي پئين.
اي انسان! جنهن صورت پرستي اختيار ڪئي سو ڀلا معنيٰ کي ڪٿي ٿو سوچي سگهي تنهنجو هي خواهشن سان ڀريل نفس به صورت تي ئي عاشق آهي، البت تنهنجي روحاني جان (دل)، معنيٰ سان عشق رکي ٿي. تون معنيٰ جي عشق خاطر صورت جي عشق کي ڇڏي ڏي ته جيئن معرفت جو سج توتي چمڪندو رهي.

هڪڙي عاشق جو شبليءَ جي اڳيان روئڻ

هڪڙي دفعي هڪڙو غمگين شخص، شبليءَ وٽ اچي کيس چوڻ لڳو ته، منهنجو هڪ دلبر جنهن سان پنهنجي دل وندرائيندو هوس، مري ويو آهي، ۽ مان ان جي غم ۾ ڳري ۽ مري ويو آهيان. شيخ جواب ڏنس ته، جيڪڏهن تنهنجي دل انهيءَ ڳالهه ڪري (مجازي عشق سبب) رنجيده آهي ته پوءِ تون هڪ وڏي سزا جو لائق آهين. هيءُ رنج ته ڪجهه به نه آهي. تون هاڻي وڃي هڪڙي ٻئي دوست کي اختيار ڪر جو مري ئي نه، ڇالاءِ جو مرندڙ (دوست) جي دوستي دل کي غم پهچائي ٿي. جو به شخص صورت جي عشق ۾ مبتلا ٿيو تنهن سچ پچ پاڻ کي مصيبتن ۾ ڦاسائي ڇڏيو.

هڪڙي واپاريءَ جو پنهنجي ٻانهيءَ کي وڪڻڻ ۽ بعد ۾ پشيمان ٿيڻ

هڪڙي مالدار واپاريءَ وٽ، هڪڙي سونهن ڀري ۽ شيرين زبان ٻانهي هئي. اتفاق سان انهيءَ کي وڪڻي ويٺو ۽ بعد ۾ ان جي جدائيءَ کان گهڻو پريشان ۽ بي آرام ٿي پيو. نيٺ خريدار وٽ وڃي ان جي موٽائڻ لاءِ کيس گهڻي ناڻي جي آڇ ڪئي مگر هن اها (آڇ) نه قبولي. بس پوءِ ته زارو زار روئندو ۽ مٿي تي مٽي وسائيندو چوندو رهيو ته، مون جهڙي لاءِ هيءُ ئي داغ ۽ هيءُ ئي سزا ڪافي آهي. نهايت ناداني کان اکيون ٻوٽي کڻي پنهنجي محبوب کي چند دينارن تي وڪيم. اڙي انسان! بازار ۾ چهچٽو لڳو پيو آهي، ۽ تون اڃا پنهنجي خساري جي ڪڍ آهين. تنهنجي حياتيءَ جو هرهڪ دم گوهر آهي ۽ دنيا جو هر ذرو تنهنجي الله تعاليٰ طرف رهنمائي ڪري رهيو آهي. مٿي کان پيرن تائين ان جي نعمتن ۾ ٻڏل آهين. ڪا گهڙي انهن کي به ياد ڪر. هن توکي ڪيتري نه عزت ۽ ناز سان پاليو آهي ۽ هوڏانهن تون بيوقوفيءَ کان غيرن جي محبت ۾ گرفتار آهين. ان محبوب کان پري رهڻ ۾ تو جنهن دليريءَ کان ڪم ورتو آهي تنهن تي ذرا افسوس ڪر ۽ پشيمان ٿي ڏانهس رجوع ٿي.

هڪڙي بادشاهه ۽ ڪتي جي ڳالهه

هڪڙو بادشاهه، شڪار لاءِ هڪڙو ڪتو ساڻ ڪري هڪ جهنگل ڏانهن روانو ٿيو. ڪتو پاڙهيل هو ۽ مٿس ريشمي جهل چڙهيل هئي. ڳچيءَ ۾ موتين سان جڙيل پٽو پيو هئس ۽ پيرن ۾ گنهگهرو پيل هئس. بادشاهه ان ڪتي کي سمجهدار ڪري ورتو، ۽ ان جي رسي پنهنجي هٿ ۾ جهلي. رستي تي هلندي، ڪتي جي نظر جيئن هڪڙي هڏي تي پيئي. تيئن اتي ئي بيهي ويو ۽ اڳتي هلڻ کان نابري واري بيٺو. بادشاهه، هيءَ حالت ڏسي غيرت کان پاڻ جلي ويو ۽ چوڻ لڳو ته، آخر مون جهڙي بادشاهه هوندي ٻئي ڪنهن ڏانهن نظر ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ انهيءَ دم رسي ٽوڙي، حڪم ڪيائين ته، ڪتي کي هتان هڪاليو وڃي. ان تي، شڪاريءَ (جو بادشاهه سان گڏ هو) عرض ڪيو ته قبلا! هي ڪتو جيتوڻيڪ جهنگل جو لائق آهي، مگر ساروئي سينگاريل آهي، تنهن کي ائين ڇڏڻ مناسب نه آهي؛ ليڪن بادشاهه حڪم ڏنو ته، ان کي انهيءَ ئي حالت ۾ ڇڏي ڏيو. جڏهن هوش ۾ ايندو ۽ پاڻ کي اهڙو سينگاريل ڏسندو تڏهن ياد ڪندو ته سندس مالڪ ڪو نهايت ئي مشفق ۽ مهربان هو.

منصور جو، سوريءَ تي چڙهڻ جو قصو

جڏهن منصور حلاج کي سوريءَ تي چاڙهيو ٿي ويو، تڏهن سندس زبان تي ”اناالحق“ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هو، پر ڦاسي ڏيندڙ، سندس زبان کي سمجهي نه سگهيا، تنهنڪري هٿ ۽ پير ڪاٽي ڇڏيائونس. زياده خون وهڻ سبب ڦري زرد ٿي ويو ۽ پوءِ انهن ڪپيل هٿن کي کڻي پنهنجي نوراني منهن تي مليائين، ۽ چوڻ لڳو ته، جڏهن خون ئي انسان جو پائوڊر آهي تڏهن مان انهيءَ کي منهن تي مليان ٿو ۽ اهو انهيءَ لاءِ، ته جيئن ڪنهن جي نظر ۾ پيلو نظر آيس ته هو اهوئي گمان ڪندو ته شايد مان ڊڄي ويو آهيان؛ پر ڇاڪاڻ ته مون کي ذرو به خوف نه آهي، تنهنڪري هتي اهڙي پائوڊر جي استعمال کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي.

شيخ جنيد ۽ سندس پٽ جي مارجي وڃڻ جي ڳالهه

حضرت جنيد، جو صوفين جو پيشوا ۽ معرفت جو هڪ وڏو اونهو سمنڊ هو تنهن هڪ رات بغداد ۾ هڪ وڏي مجمعي اڳيان تقرير پئي ڪئي. سندس تقرير اهڙي دلپسند هئي، جنهن آسمان وارن کي به موهي ڇڏيو. کيس هڪڙو خوبصورت نوجوان پٽ هو جنهن جو سر ماڻهن بيدرديءَ سان وڍي کڻي ان مجمعي ۾ اڇلايو. هي ڏسي ان الله جي بندي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ۽ سامعين کي تسلي ڏيڻ لڳو. چيائين ته اڄ رات مون الله تعاليٰ جي اسرارن جي هڪ وڏي ديڳ چاڙهي آهي؛ انهيءَ ۾ وجهڻ لاءِ ههڙوئي سر هئڻ گهرجي، بلڪ اڃا به ڪو اعليٰ ۽ افضل.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو جان سان پيار ۽ موت کان ڊپ بابت سوال

هدهد کي هڪڙي ٻئي پکي اٿي ٻڌايو ته، مان موت کان ڏاڍو ڊڄان ٿو. سيمرغ ڏانهن ويندڙ وادي گهڻو پري آهي ۽ مون وٽ نه ساز آهي ۽ نه سامان. موت کان منهنجي دل ايترو ته گهٻرائي ٿي، جو سمجهان ٿو ته مان پهرين ئي منزل تي مري ويندس. ٻيلي يار! ساهه پيارو اٿم، مون کان هليو ڪونه ٿيندو.

هدهد جو جواب

اڙي هيڻا ۽ نٻل، آخر تون ڪيترو وقت هڏن (جي مٺ) جو پڇرو بڻيو رهندين؟ ڇا تون هي نٿو ڄاڻين ته تنهنجي عمر اچي باقي دم تي بيٺي آهي؛ ۽ ڇا توکي هي معلوم نه آهي ته اهو جو ڄائو آهي سو هڪ ڏينهن ضرور مرندو ۽ وڃي خاڪ جي حوالي ٿيندو. جيڪڏهن تون کڻي هن جهان ۾ ڪنهن عرصي تائين حڪومت به ڪرين، مگر ته به هڪ ڏينهن رنج ۽ زاريءَ سان توکي هيءَ جان ڏيڻي پوندي. هاڻي مان توکي ٻه چار قصا ٻڌايان ٿو ۽ اميد اٿم ته اهي تنهنجي هدايت جو باعث ٿيندا.

ققنس جي وڏي ڄمار جو قصو·

ققنس، هڪ عجيب ۽ وڻندڙ پکي (ڏکڻ) هندستان ۾ رهندو آهي (هن جو ڪوبه ڄڻيندڙ ڪونهي). سندس چهنب ڊگهي ۽ سخت ۽ بين جيان منجهس ڪئين سوراخ ٿين ٿا. هر سوراخ مان هڪ علحدو ۽ سريلو آواز نڪري ٿو، جو پکين ۽ جانورن ٻنهي کي مدهوش ۽ بيقرار ڪري ڇڏي ٿو. چون ٿا ته، علم موسيقي به ان جي ني آواز مان ورتل آهي. هن جي عمر هزار سال ٿئي ٿي، ۽ جڏهن سندس موت جو وقت ويجهو ايندو آهي، تڏهن هو ان کان اڳ ۾ ئي واقف ٿي ويندو آهي؛ ۽ پوءِ ڪجهه ڪاٺيون ميڙي، انهن جي وچ ۾ اچي، دردناڪ دانهون ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. انهن آهُن ۽ دانهن ۾، جي سراسر سوز ۽ گداز هونديون آهن، موت جي خوف کان پيو ڦيٽون کائيندو ۽ کنڀڙاٽيون هڻندو آهي. پکي ۽ جانور هن جي نوحهء ۽ نالهء کان ايترو ته متاثر ٿيندا آهن، جو ڪا گهڙي ته هو، هن دنيا کي ئي وساري ويهندا آهن، ۽ انهن مان ڪي ته مري به ويندا آهن. اهو واقعي هڪ عجيب ڏينهن هوندو آهي، جڏهن سندس عمر جي باقي وڃي هڪ گهڙي رهندي آهي، تڏهن پريشان حال ۾ اڳيان ۽ پويان پيو پَر هڻندو ۽ ٽپ کائيندو آهي، جنهن سببان منجهانس باهه پيدا ٿيندي آهي، جا ڪاٺين کي وڪوڙي ويندي آهي. جڏهن هو ۽ ڪاٺيون ٻئي سڙي اڱر ۽ رک ٿي وينديون آهن، تڏهن انهيءَ رک مان هڪ ققنس جو ٻچو ظاهر ٿيندو آهي. ههڙو عجيب رنگ توهان ڪڏهن ڏٺو به نه هوندو!
اي انسان! جيڪڏهن ققنس جيان توکي ڊگهي عمر ڏني به وڃي ته به نيٺ هڪ ڏينهن ذليل ٿي مرندين. موت برابر درد ۽ سختي ڏيندڙ شيءِ آهي، مگر ڇا ڪجي ان کان ڀڄي وڃڻ جي واهه ئي ڪانهي.

هڪڙي ڇوڪري ۽ صوفيءَ جو قصو

هڪڙو ڇوڪرو، پنهنجي پيءُ جي جنازي اڳيان ڳوڙها ڳاڙيندو ۽ چوندو پئي رهيو ته، ههڙو ڏينهن، جنهن منهنجي جان کي ڦٽي وڌو آهي، مون اڳي ڪڏهن به ڪونه ڏٺو! هڪڙي صوفيءَ چيس ته، تنهنجي پيءُ تي به اهڙو ڏينهن اڳ نه گذريو آهي جو ڪم توکي پيش آيو آهي سو ڪو وڏو ڪونهي، ليڪن وڏو ۽ مشڪل ڪم اهو آهي جو تنهنجي پيءُ کي پيش آيو آهي.
اڙي نادان انسان، جيڪڏهن کڻي تون بادشاهيءَ جي مسند تي ويهين به، ته به هڪ ڏينهن توکي خالي هٿين وڃڻو پوندو.

هڪڙي بين وڄائيندڙ جو قصو

جڏهن هڪڙي بين وڄائيندڙ جو موت ويجهو آيو، تڏهن هڪڙي شخص، پوشيده طور کانئس وقت جو حال پڇيو، ته جواب ڏنائين ته منهنجو حال هينئر ٻڌائڻ جهڙو ڪونهي. مان هڪ وڏي مصيبت ۾ مبتلا آهيان.
اي انسان، موت جو علاج سواءِ موت جي ٻيو آهي ئي ڪونه، ۽ اسان سڀيئي مرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهيون، مگر افسوس، وري به دنيا سان دل لايو ويٺا آهيون. اهو شخص جنهن جي هٿ ۾ ساري دنيا جي بادشاهي هئي ۽ جو فرش کان عرش پئي اڏاڻو، سو هن وقت زمين اندر خاڪ ٿيو پيو آهي. موت جو رستو ڏاڍو مشڪل آهي ۽ جيڪڏهن توکي ان جي تلخيءَ جي خبر پوي ته تنهنجي هيءَ مٺڙي جان زير زبر ٿي وڃي.

حضرت عيسيٰ عليه السلام۽ پاڻيءَ جي مٽ جو قصو

هڪڙي دفعي حضرت عيسيٰ عليه السلام، هڪ نديءَ مان مٺو ۽ خوشبودار پاڻي پيتو ۽ ان نديءَ مان هڪ ڀريل مٽ مان به پاڻي پي روانو ٿيو، ليڪن مٽ جي پاڻيءَ کان سندس وات ڪڙو ٿي پيو ۽ واپس موٽي عجب ۾ پئجي پڇڻ لڳو ته اي پروردگار! هن مٽ جو پاڻي ۽ نديءَ جو پاڻي ته مڙيوئي ساڳيو آهي، مٽ جو پاڻي ڪڙو ۽ هو ٻيو ماکيءَ کان به مٺو، آخر هي راز ته سمجهائينم. خدا تعاليٰ جي حڪم سان اهو مٽ خود حضرت عيسيٰ جي اڳيان اچي چوڻ لڳو ته مان هڪ جهونو ماڻهو آهيان، ڪيترائي دفعا، ڪڏهن ڪوزو (ڪؤنرو) ۽ ڪڏهن مٽ ته ڪڏهن ڪوندو پئي بڻيو آهيان. جيڪڏهن مون کي اڃا به هزار بار کڻي مٽ بنائيندا ته به موت جي تلخي مون کان وسري نه سگهندي. مان موت جي تلخيءَ جي ياد ۾ هميشه ائين رهان ٿو ۽ منهنجو پاڻي ان سبب ڪري ئي کارو آهي.

سقراط ۽ سندس شاگرد جو قصو

چون ٿا ته جڏهن سقراط جي سڪرات جو وقت آيو، تڏهن هڪ شاگرد کيس عرض ڪيو ته اي استاد، جڏهن توکي غسل ڏيئي ۽ ڪفن پهرائي بس ڪريون، تڏهن پوءِ ڪٿي دفن ڪريون؟ جواب ۾ چيائين ته، جيڪڏهن تون مون کي ڳولي لهين ته پوءِ، جتي چاهين تتي کڻي دفن ڪجئين. جڏهن هن هيتري ساري وڏي ڄمار ۾ مون پنهنجو پاڻ کي نه ڳولي لڌو، تڏهن مون کان پوءِ، تون مون کي ڪٿي ٿو ڳولي سگهين؟ مان هن وقت اهڙيءَ طرح وڃي رهيو آهيان، جو مون کي ذرو به پنهنجي خبر ڪانهي.

بصري جي شيخ جو هڪ مردي جي قبر تي وڃڻ جو قصو

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته، ماڻهو جيئن هڪڙي مردي کي دفن ڪري رهيا هئا، تيئن شيخ حسن بصري به اچي ان قبر تي پهتو. قبر ۽ لحد کي به چتائي ڏسي رهيو هو ۽ زارو زار روئي به رهيو هو. پوءِ چيائين ته، هن جهان جي آخري منزل قبر آهي، ۽ هُن جهان جي پهرين منزل اهائي ساڳي اونداهي قبر آهي.
اڙي انسان! تون هن غير حقيقي دنيا سان ڇو ٿو دل لائين؟ جنهن جي آخري منزل ئي ههڙي تنگ ۽ ڀيانڪ قبر آهي. تون اهڙي ڏکئي ۽ پُرخطر جهان کان ڊپ ڌار، آخر تون ڪيستائين ان سان پيار رکيو ايندين؟

هڪڙي ديواني جو سڪرات ۾ روئڻ

هڪڙو اهل راز ديوانو، سڪرات جي قوت بي طاقتي ۽ پريشان حاليءَ کان زارو زار روئڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته اي منهنجا موليٰ! تو جڏهن جان (ساهه) کي پيدا ڪيو ۽ وري ان کي واپس وٺين ٿو، تڏهن ڀلا تو ان کي پيدا ڇو ڪيو؟ جيڪڏهن منهنجي جان نه هجي ها ته مان (يقيناً) آرام ۾ هجان ها ۽ ههڙي طرح جان نڪرڻ جي عذاب کان بچي پوان ها. نه زندهه ٿيڻ کان پوءِ مرڻو پويم ها ۽ نه وري توکي (ان کي) آڻڻ ۽ (وري واپس) نيڻ جي ڪا تڪليف وٺڻي پوي ها.

حضرت عيسيٰ عليہ السلام جو موت کان ڊڄڻ

حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڳالهه ڪندا آهن ته، هو هميشه بي فڪر ۽ نهايت خوش رهندو هو، مگر جڏهن موت جي ياد ايندي هيس، تڏهن پگهر ۾ شل ٿي ويندو هو!
هاڻي جڏهن روح الله جي حالت ههڙي آهي، تڏهن افسوس آهي اسان تي جو اهڙي بلا (موت) کان غافل آهيون، جا هروقت تاڙ ۾ ويٺي آهي!

خدا تعاليٰ جو حضرت ابراهيم عليہ السلام کان زياده سخت شيءِ بابت پڇڻ

جڏهن حضرت ابراهيم عليہ السلام وفات ڪئي، تڏهن الله تعاليٰ کانئس پڇيو ته، ٻڌاءِ ته تو دنيا ۾ ڪهڙي شيءِ سخت ترين (وڌيڪ ۾ وڌيڪ درد رسائيندڙ) ڏٺي؟ جواب ڏنائين، ته منهنجا موليٰ پٽ (اسماعيل ڏانهن اشارو) کي ڪهڻ ۽ پيءُ (آذر ڏانهن اشارو) کي دوزخ ۾ ڏسڻ به سخت هو، منهنجو باهه ۾ پوڻ ۽ ڪو زمانو مصيبتن ۾ گذارڻ ۽ پيون ڪيتريون اهڙيون پريشانيون واقع سخت هيون، ليڪن ساهه ڏيڻ (سڪرات) جي (تڪليف جي) مقابلي ۾ اهي سڀ هيچ هيون اڙي انسان! تون رات ڏينهن ڇو غفلت ۾ پيو آهين؟ هن مشڪل ڪم جو اٿي ڪو علاج سوچ ۽ موت لاءِ سامان تيار ڪر!

هڪڙي غريب وزير جو قصو

هڪڙي دفعي بادشاه ڪنهن غريب کي، پاڻ وٽ وزير ڪري رکيو. هن ان وزارت مان گهڻو مال ۽ مانُ حاصل ڪيو. آخر جڏهن پيري آئي تڏهن بادشاه کي عرض ڪيائين ته، هينئر مون کي عزلت اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڇالاءِ جو مان موت کان ڏاڍو ڊڄان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته سارو وقت وڃي اطاعت ۾ گذاريان؟ بادشاه چيس ته، تون اول ۾ اسان وٽ خالي هٿين آيو هئين ۽ هن وقت تو وٽ ڪافي مال آهي، تون اهو اسان وٽ ڇڏي پوءِ ڀلي هليو وڃ. ويچاري غريب جواب ڏنو ته سائين! مون پنهنجي نقد عمر تنهنجي ئي رستي ۾ خرچ ڪئي، هاڻي جيڪڏهن توهين اها مون کي موٽائي ڏيو ته هي اوهان جومال حاضر آهي.
اڙي نادان! تون پنهنجي عمر جي قدر ۽ قيمت کي نٿو سمجهين. تون ان بابت قبر وارن کان وڃي پڇ، اهي ئي خوب ڄاڻن ٿا (ته حياتيءَ جو هڪدم ساري دنيا جي مايا کان وڌيڪ ملهه رکي ٿو).

هڪڙي شخص جو هڪ پرهيزگار کي خواب ۾ ڏسڻ

هڪڙي ماڻهوءَ، هڪ رات ڪنهن پرهيزگار بندي کي خواب ۾ ڏٺو ۽ ان تي سلام ورايائين، ليڪن هن جواب نه ڏنو. جڏهن کانئس پڇيائين ته، سلام جو جواب ڏيڻ فرض آهي، تڏهن ان ٻڌايس ته فرضيت جو دروازو اسان لاءِ بند آهي (ليڪن اوهان لاءِ کليل). اسان هينئر ڪابه عبادت ويندي ابد تائين ڪري نٿا سگهون. جيڪڏهن مان تو وانگر دنيا ۾ هجان ها ته گهڙي به اطاعت کان سواءِ نه گذاريان ها، ۽ سارو وقت عبادت ۾ لڳو رهان ها. پهريائين اسين بلڪل بيخبر هئاسون، زندگيءَ جو قدر هاڻي پيو اٿئون؛ مگر افسوس هينئر عبادت ڪرڻ جو رستو ئي بند ٿي ويو، قيمتي عمر به ائين هلي ويئي، هينئر دائمي غم وڃي لاڳو رهيو آهي. اسان کي هيف آهي جو اسان ڪجهه نه ڪيو،حالانڪ سڀ ڪجهه ڪري ٿي
سگهياسين. هن وقت اسين حيران ۽ پشيمان زندان ۾ پيا آهيون! پکيءَ کي پنهنجي پرن جو قدر تڏهن پوندو آهي، جڏهن اهي سڙي ويندا آهن. هاءِ افسوس، حياتي ويندي رهي، ڪو ڪم نه ٿيو ۽ غم ساٿي بڻجي ويو!

هڪڙي شخص جو حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان سوال پڇڻ

هڪڙي شخص حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان پڇيو ته سائين! توهان دنيا ۾ پنهنجو گهر ڇو نٿا بنايو؟ جواب ڌنائون، ته مان ڪو چريو ڪونه آهيان، اها شيءِ جا مون سان هميشه رهي ئي نه، سا ڪٿي ٿي منهنجي لائق ٿي سگهي؟

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو دنيا جي نامراديءَ بابت سوال

هڪڙي ٻئي پکيءَ هدهد کي مخاطب ٿي چيو ته اي ڀلارا! زمانو هڪڙي گهڙي به منهنجي مراد موافق نه هليو آهي. منهنجي دل ايترو ته غم سان ڀريل آهي، جو هن جان جو ڪو ذرو به انهن جي اثر کان خالي نه آهي. سدائين حيران ۽ عاجز رهيو آهيان ۽ هيترن غمن ۽ ڏکڻ هوندي ڀلا مان هن سفر ۾ ڪيئن ڪاهي پوان! ها البت، جيڪڏهن دل ڏکويل نه هجيم ها ته هي سفر مون کي سهنجو نظر اچي ها. هاڻي جڏهن منهنجي دل غمن سان اهڙي چڪناچور آهي، تڏهن تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان؟

هدهد جو جواب

اڙي دنيا جا ٺڳيل، تون اجايو پيو سوداءُ پچائين. مراد يا نامرادي گهڙي پلڪ ۾ گذريو وڃن. هاڻي اها شيءِ، جا هڪ پلڪ اندر گذري وڃي ٿي سا جيڪڏهن ميسر نه ٿي سگهي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه! هر اها شيءِ، جا پائدار نه آهي، تنهن سان دل لڳائڻ زنده دلي نه آهي. چڱو هي ٻه چار حڪايتون ٻڌي ڇڏ، انهن ۾ تولاءِ نصيحت آهي.

هڪڙي عارف جي حڪايت

هڪڙو وڏو عارف شخص هو، جنهن ڪڏهن به ڪنهن جي هٿان شربت نه پيتو. جڏهن ان بابت کانئس پڇيو ويو، تڏهن جواب ڏنائين ته، مان موت کي اکين آڏو ڏسي رهيو آهيان. اهو منهنجي دماغ تي اهڙو سوار آهي، جو شربت مون لاءِ هڪ زهر آهي.

اي انسان، اها شيءِ، جنهن کي گهڙي به بقاءَ نه آهي، پوءِ کڻي هيءَ ساري دنيا ڇو نه هجي! تنهنجو ته پائي ملهه به ڪونهي. جيڪڏهن نامراديءَ سبب تنهنجو برو حال ٿيو آهي ته تون ان لاءِ شڪايت نه ڪر، ڇالاءِ جو نامرادي به هڪ گهڙي هوندي آهي. تون، جيڪڏهن ظاهري طور ڪنهن شيءِ ۾ رنج ڏسين ٿو ته، ٿي سگهي ٿو ته ان اندر باطني طور تولاءِ گنج هجي. الله تعاليٰ جا هر گهڙيءَ توتي هزارين احسان ٿيندا رهن ٿا، مگر افسوس تون انهن کي ياد ئي نٿو ڪرين. تون في الواقع خالي دماغ ۽ عقل کان بنهه ڪورو آهين

هڪڙي بادشاهه ۽ غلام جي حڪايت

هڪڙي نيڪ اخلاق بادشاهه، هڪ دفعي پنهنجي نوڪر کي ميوو کائڻ ڪاڻ ڏنو، جو هن ڏاڍيءَ خوشيءَ سان کاڌو، ۽ چوڻ لڳو ته هن کان زياده مٺي ٻي ڪا خوراڪ ئي ڪانهي. نوڪر کي اهڙي شوق سان کائيندو ڏسي، بادشاهه جي دل به سرڪي ويئي، ۽ انهيءَ مان کانئس اڌ وٺي جڏهن چکيائين، تڏهن ڪڙو نظر آيس. نوڪر کي چيائين ته، اهڙو ڪڙو ميوو، اهڙي چاهه سان (ڪڏهن) ڪنهن کاڌو؟ ان جواب ۾ عرض ڪيو ته سائين! مان جڏهن تنهنجي هٿان هزارين تحفا ملندا ڏسان ٿو، تڏهن ڪنهن وقت جيڪڏهن ڪو ڪڙو به مليو ته ان کي موٽائڻ منهنجو شيوو نه آهي. هاڻي مان جڏهن تنهنجي نعمتن اندر ساروئي پوريو پيو آهيان، تڏهن تنهنجي هٿان مون کي ڪڙائي ڪيئن معلوم ٿيندي؟

هڪڙي شخص جو صوفيءَ کان سوال

ڪنهن معزز شخص، هڪڙي صوفيءَ کان سندس زندگيءَ جو حال پڇيو. جواب ۾ چيائين ته، مان هڪ ٻُهر جي ڍڳ تي پيو آهيان، خشڪ لب ۽ تردامن. جڏهن به مون اتي ڪو مانيءَ ٽڪر ڀڳو آهي، تڏهن منهنجو گردن ٽوڙيو ويو آهي.
اي بندا، جيڪڏهن تون هن دنيا ۾ خوشيءَ جي تلاش ڪرين ٿو ته پوءِ تون ننڊ ۾ آهين. تون جيڪڏهن ساري دنيا جو چڪر هڻي اچين ته به توکي خوشدلي ڪٿي به نظر نه ايندي. تون وڃي ڪو اهڙو ڪم ڪر جو سڀاڻ توکي پلصراط پار ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.

هڪڙي پوڙهيءَ عورت جو شيخ مهنه کي عرض

هڪ دفعي، شيخ مهنه کي هڪڙي پيرسن عورت عرض ڪيوته سائين! مون کي ڪا (خوش دليءَ جي) دعا سيکاريو، جنهن کي مان وظيفو ڪري وٺان، ڇالاءِ جو مون هن وقت تائين گهڻيون تڪليفون سٺيون آهن ۽ مون ۾ هينئر وڌيڪ سهڻ جي طاقت ئي نه رهي آهي. شيخ جواب ڏنس ته، ڪنهن زماني کان مان به چلو ڪڍي رهيو آهيان ته ڪو اهڙو نسخو هٿ اچيم، جنهن سان دلي آرام نصيب ٿئي، مگر ان جو ڪو پتو پار ئي نظر نه آيو. هاڻي جيستائين هن درد جي دوا نه ملندي، تيستائين دل کي خوشي ڪيئن حاصل ٿي سگهندي؟

هڪڙي سائل جو حضرت جنيد کان سوال

هڪڙو شخص، حضرت جنيد جي آڏو ويهي کيس عرض ڪرڻ لڳو ته، اي الله تعاليٰ جا مقبول ۽ محبوب عاشق، مهرباني ڪري ٻڌائينم ته انسان کي خوشي ڪڏهن حاصل ٿي سگهندي؟ شيخ جواب ڏنس ته، اها کيس ان وقت حاصل ٿي سگهندي، جنهن وقت هو بيدل (دل کان خالي) ٿيندو؛ ۽ تون هي ياد رکي ڇڏ ته جيستائين کيس الله تعاليٰ جو ديدار ميسر نه ٿيندو، تيستائين هو حيران، پريشان ۽ بيچين ئي رهندو.

چمڙي جي گفتگو

هڪڙي دفعي، هڪڙي چمڙي وٽ ۽ سٽ کائيندي پئي چيو ته، مون کي هڪ گهڙي به سج ڏسڻ جي طاقت نه آهي. مان ساري عمر عاجزي سان اکيون بند ڪري هلندو رهان ٿو ۽ آخرڪار وٽس پهچي منجهس گم ٿي ويندس. هڪڙو تيز اکين وارو، جو سندس ڀر ۾ ويٺو هو، سو کيس چوڻ لڳو، ته تون سراسر دوکي هيٺ آهين. هيءُ سفر هزار سالن جو آهي. تو پريشان حال کان ڪٿي ٿو طئي ٿي سگهي؟ جواب ڏنائين ته ڪا پرواهه نه آهي، مان هينئر اڏامان ٿو ۽ ڏسان ٿو ته ان جو ڪهڙو ٿو نتيجو نڪري. ڪئين سال ائين هلندو رهيو، تان جو هو پنهنجي سموري طاقت وڃائي ويٺو ۽ ڳري ڪنڊا ٿي ويو. ان هوندي به جڏهن سج نظر نه آيس، تڏهن سمجهڻ لڳو ته، شايد مان ان کان اڳڀرو لنگهي ويو آهيان. هڪڙو ڏاهو، جو هيءَ ڳالهه ٻڌي رهيو هو، تنهن کيس چيو ته تون ڪو وڏو بيوقوف ۽ غافل آهين، تون هي به نٿو ڄاڻين ته تون اڃا هڪ قدم مس وڌيو آهين ۽ سمجهين ٿو ته مان سج کان به اڳتي لنگهي ويو آهيان! هيءَ ڳالهه ٻڌي، چمڙو ڏاڍو شرمسار ۽ ڦڪو ٿيو ۽ سندس رهيل کهيل طاقت به ويندي رهي. سج کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته، تو هڪ سمجهدار پکيءَ کي ڳولي لڌو آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جيڪڏهن ان جي ڪاراڻ جو حصو کانئس هٽايو وڃي؛ ۽ جيئن ته هن هيءَ التجا نهايت گهڻي درد سان ڪئي، تنهنڪري اها جهٽ پٽ اگهامي ويئي ۽ هو نابين مان بينا ۽ مسڪينيءَ مان دولتمند ٿي ويو.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو حڪم جي تابعداري بابت سوال ڪرڻ

هڪڙي ٻئي پکيءَ، هدهد کان دريافت ڪيو ته، ڀلا، هيءُ ته ٻڏائينم ته جيڪڏهن مان انهيءَ (الله تعاليٰ) جو حڪم بجا آڻيان ۽ ان جي رد ۽ قبول سان به ڪو غرض نه رکان (وڻيس ته منهنجي عبادت قبول ڪري وڻيس ته نه ڪري) ۽ محض ان جي حڪم جي بجا آوري مقصود هيم ۽ هميشه ان جي حڪم جو منتظر رهان ته پوءِ ڇا ٿيندو ۽ ان جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟

هدهد جو جواب

هدهد جواب ڏيندي چيو ته اڙي دوست! هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪمال ٿي سگهي ٿو (ٻيو ڪمال ئي ڪونهي). جنهن هڪ گهڙي ان جي حڪم جي پيروي ڪئي، تنهنجي ثواب جو ڪو ڪاٿوئي ڪونهي ۽ هو گهڻن اوکاين ۽ دشوارين کان ڇٽي پيو. ڪم جو دارومدار فرمانبرداريءَ تي آهي، تنهن ڪري تون پنهنجي طرفان ڪوبه دخل نه ڏي ۽ الله تعاليٰ جي هر حڪم جي بي چون و چرا تابعداري ڪندو رهه. ان بابت مان توکي ٻه چار حڪايتون به ٻڌايان ٿو.

اياز جو لعل جي پيالي کي ٽوڙڻ

هڪڙي دفعي، اياز جي هٿ ۾ هڪ لعل جو پيالو هو، جنهن جي قيمت جو ته ڪو اندازو ئي ڪونه هو. سلطان محمود جي حڪم ڏيڻ تي هن ان کي هڪدم زمين تي هڻي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. سپاهي ۽ درٻارين ۾ گهڻو شور ۽ غل مچي ويو ۽ انهن مان هرهڪ کيس اهڙي قيمتي چيز جي ضايع ڪرڻ تي ملامت ڪرڻ لڳو ۽ بادشاهه هي سڀ مشڪندو ٻڌندو رهيو ۽ انهن اڳيان پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪندو رهيو. نيٺ هڪڙو اٿي کانئس پڇڻ لڳو ته، آخر تو اهڙي قيمتي ۽ روشن پيالي کي ڇو اهڙي بيعزتيءَ سان ڀڃي ڀور ڪيو؟ جواب ڏنائين ته: بادشاهه سلامت جو حڪم بجا لائڻ مون وٽ زمين ۽ آسمان کان وڌيڪ وزن رکي ٿو. تنهنجي نظر وڃي پيالي تي پئي ۽ منهنجي نظر سندس فرمان ۾ رهي.
بندو اهو ڀلو آهي جو پنهنجي آقا جي فرمان تي هلي ۽ ان خاطر پنهنجي جان ڏيڻ کان به دريغ نه ڪري، پيالي وغيره جي ته ڪا قيمت ئي ڪانهي.

هڪڙي بادشاهه جو پنهنجي فرمانبردار قيدين طرف متوجهه ٿيڻ

هڪڙي دفعي هڪڙو بادشاهه پنهنجي شهر واپس موٽي رهيو هو ۽ ان شهر جا باشندا سندس آمد خاطر ان کي خوب سينگاري رهيا هئا. ان شهر ۾ جيڪي قيدي هئا، تن وٽ سواءِ هٿڪڙين، ڳٽن، ڪجهه ڪٽيل سرن ۽ هٿن ۽ ٽٽل جگرن جي ٻيو ڪجهه ڪٽيل ڪونه ۽ هنن (غريبن) اُنهن سان ان شهر جي سجاوٽ پئي ڪئي. بادشاهه سينگاريل شهر مان ٿيندو، جڏهن قيدخاني وٽ آيو، تڏهن گهوڙي تان لهي قيدين کي ملاقات جو شرف بخشيو ۽ کين جهجهو سون ۽ چاندي ڏني. بادشاهه جو هڪ رازدار ساٿي، هيءَ ماجرا ڏسي کانئس پڇڻ لڳو ته، آخر هي ڇا آهي، جو توهان هيتري ساري زيب ۽ زينت کان منهن ڦيري اچي هڪ قيدخاني وٽ قيام فرمايو؛ جتي رهزنن جي چند ڪٽيل سرن ۽ هٿن کان سواءِ ٻي ڪابه وندرائڻ جهڙي شيءِ ڪانهي؟ بادشاهه جواب ڏنس ته ٻين جي سجاوٽ بازيگرن جي راند مثل هئي، هرهڪ پنهنجي طور ۽ طريقي ۽ مذاق مطابق پنهنجي پنهنجي شيءِ پيش ڪري رهيو هو ۽ ائين ڪرڻ سان هو سڀيئي گهاٽي ۾ هئا؛ منهنجي مراد کي قيدين پورو ڪيو آهي. جيڪڏهن منهنجو حڪم هتي جاري نه هجي ها ته ڪيئن سر جسم ۽ جسم سر کان جدا هجي ها! مون پنهنجي حڪم جي تعميل هي ڏني آهي. هي ويچارا سارو وقت هن انتظار ۾ ويٺا آهن ته ڪڏهن ٿا قيدخاني کان نڪري سوريءَ طرف وڃن. انهيءَ ڪري ئي هي قيدخانو مون کي باغ بهار نظر آيو.

خواجه اڪاف جو بايزيد ۽ ترمذيءَ کي خواب ۾ ڏسڻ

خواجه اڪاف چوي ٿو ته، هڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو ته بايزيد ۽ ترمذي هڪ رستي وڃي رهيا آهن ۽ انهن کڻي مون کي پنهنجو اڳواڻ بنايو آهي. جڏهن ان خواب جي تعبير تي غور ڪيم، تڏهن معلوم ٿيم ته مون کان هڪ دفعي سحر جي وقت، هڪ بيساخته آهه نڪري ويئي هئي ۽ ان وقت مون کي ٻڌايو ويو هو ته سڀني پيرن ۽ مريدن ۾ بايزيد زياده ڀلارو آهي، ڇا لاءِ جو ٻين سڀني اسان کان ڪجهه نه ڪجهه گهريو آهي، ليڪن بايزيد ئي هڪڙو شخص آهي، جنهن فقط اسان کي چاهيو ۽ اسان جي طلب ڪئي ۽ بس. جڏهن مون ان رات اهو خطاب ٻڌو، تڏهن دل ۾ چيم ته، هيءَ يا هوءَ گهر ڪرڻ مناسب نه آهي. ان بعد هيءَ دعا گهرندو هئس، ته اي پروردگار، توکان مرغوب شيءِ جي گهر ڪرڻ اجائي آهي، جيڪڏهن دل تنهنجي درد کان خالي آهي، ۽ منجهس ڪا سائي به نه آهي ته پوءِ تنهنجي ڳولا ۾ رهڻ به بي معنيٰ آهي. هينئر تنهنجي چاهنا منهنجي چاهنا آهي ۽ مان تنهنجي مرضيءَ کان ٻاهر وڃڻ نٿو گهران. منهنجي اهائي دعا هئي، جنهن سبب انهن ٻنهي بزرگن مون کي فوقيت ڏني. بندو جيستائين فرمانبردار رهندو، تيستائين خدا تعاليٰ جو قرب ماڻيندو.

شيخ خرقانيءَ جي سڪرات جي حڪايت

شيخ خرقانيءَ پنهنجي وفات جي وقت فرمايو ته، افسوس، جيڪڏهن منهنجي جسم کي چيري ان مان منهنجي پچيل دل کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ها ته جيئن ماڻهن کي معلوم ٿئي ها ته مان ڪهڙين نه مشڪلاتن ۾ مبتلا آهيان، ۽ پوءِ اهي محسوس ڪن ها ته راز جي ڄاڻندڙ سان بت پرستي ڪرڻ مناسب نه آهي. بندگيءَ جي معنيٰ ئي عاجزي آهي، ۽ عاجزيءَ ۾ ئي زندگي آهي ۽ بندگيءَ کان سواءِ ٻيو سڀ هوس آهي.
اي انسان! تون صحيح معنيٰ ۾ عاجز ٿي گذار ۽ حرمت جي راه اختيار ڪر، بي حرمت بندي کي هيمشه مسند تان هٽايو ويندو آهي.

هڪڙي بادشاهه جو ڪنهن بندي کي خلعت بخشڻ

هڪڙي بادشاهه، ڪنهن غلام کي خلعت عطا ڪئي. هو جڏهن شاهي محل مان ٻاهر آيو، تڏهن پنهنجي منهن تان رستي جي پيل مٽيءَ کي ان خلعت سان صاف ڪيو. ڪنهن مخالف، وڃي بادشاهه کي ٻڌايو ته تنهنجي خلعت جو قدر اجهو هيءُ ٿيو آهي. بادشاهه کي اها بي حرمتي ڏاڍي بُري لڳي ۽ فوراً ان پريشان حال کي سوريءَ تي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو.
هن مان تون سمجهي ڇڏ ته، جو شخص بي حرمتي ڪري ٿو، تنهن جو بادشاهه جي دربار ۾ ذرو به ملهه ڪونهي.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو پاڪبازيءَ بابت سوال

هڪڙي ٻئي پکي، اُٿي پڇيو ته اڙي يار هدهد! خدا تعاليٰ جي راهه ۾ پاڪبازي ڪيئن آهي؟ دل کي مشغول رکڻ مون پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ جو ڪجهه هٿ ۾ اچي ٿو، تنهن کي ونڊي ورهائي ڇڏيان ٿو، ۽ پاڻ کي ڪنهن به شيءِ جي خيال ۾ نٿو رکان، هميشه ان جي ڪنڊ ۾ ويهي پاڻ پاڪ ۽ صاف ڪندو رهان ٿو ته جيئن سندس منهن مبارڪ ڏسڻ جي لائق بڻجي پوان.

هدهد جو جواب

هدهد جواب ۾ چيس ته اي دوست! هن رستي جو ثمر ئي پاڪبازي آهي. تو وٽ جو ڪجهه آهي، تنهن کي پنهنجي اندر جي آگ سان جلائي ڇڏ ۽ پوءِ جڏهن سڀ شيءِ سڙي رک ٿي وڃي، تڏهن ان رک کي ميڙي منجهس ويهي رهه. مصيبتن کان ڇٽڻ جو بس اهوئي طريقو آهي. جيستائين تون هرهڪ شيءِ کان هٿ نه کڻندين، تيستائين تون هن آستاني تي قدم رکي نه سگهندين.
موت جي وقت هر شيءِ تنهنجي خون وهائڻ جي ڪوشش ڪندي، تنهنڪري تون سڀني شين کان پلؤ ڇنڊي پوءِ هن رستي جو قصد ڪر، ڇالاءِ جو جيڪڏهن شروع ۾ پاڪبازي نه آهي ته، پوءِ تولاءِ هي سفر ڪرڻ به مبارڪ نه آهي

ترڪستاني پير جي حڪايت

ترڪستاني پير پنهنجي متعلق خبر ٿو ڪري ته، مان ٻن شين کي ڏاڍو پيارو رکان ٿو. انهن مان هڪڙي آهي، منهنجو تيز رفتار ابلق گهوڙو ۽ ٻي آهي منهنجو پٽ، پر جيڪڏهن پٽ جي مرڻ جي خبر پويم ته شڪريه طور، گهوڙو خيرات ڪري ڇڏيندس، ڇالاءِ جو مان ڏسان ٿو ته هي ٻه شيون، ٻن بتن جي طرح منهنجي اکين جو ٺار بڻيون بيٺيون آهن.

اي انسان! جيستائين تون شمع وانگر نه جلين، تيستائين پاڪبازيءَ جو دم به نه هڻ. اهو پاڪبازيءَ جو دم هڻي ٿو، سو پنهنجي ساري ڪاروبار کي برباد ڪري ڇڏي ٿو. پاڪباز جي حالت ته ئي منهنجا پيارا، هيءَ آهي جو هو جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪا ماني چاهه ۽ شوق سان کائي ٿو ته، کيس فوراً ڪياڙيءَ وارو ٿڦڙ لڳايو وڃي ٿو.

شيخ خرقانيءَ جو واڱڻ کائڻ ۽ سندس پٽ جو سر ڪٽجڻ

شيخ خرقاني، جنهن جو فرش عرش هو (وڏي مرتبي وارو هو)، تنهن کي گهڻي وقت کان واگڻ کائڻ جو شوق هو. سندس والده اڌ واڱڻ کڻي کيس زوريءَ ڏنو ۽ هن جڏهن اهو کاڌو، تڏهن دشمنن سندس پٽ جو سِرُ ڪاٽي ڇڏيو. هيءَ حالت ڏسي شيخ چوڻ لڳو ته، مون بدبخت ڪئين دفعا چيو آهي ته، جيڪڏهن هي فقير واڳڻ کائيندو ته يقيناً کيس ڪونه ڪو ڪاري ڌڪ لڳندو. منهنجي جان هروقت جلي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ان (الله تعاليٰ) سان منهنجو معاملو نهايت ئي نازڪ آهي. هو جڏهن به ڪنهن شخص کي پنهنجي ڪم ۾ لڳائي ٿو تڏهن هو غريب هڪڙو دم به پنهنجي مرضي سان نٿو کڻي.
اي انسان! هتي ڪنهن عاقل جي عقلمندي ڪم نٿي ڏئي ۽ نه وري علم جي زيادتي ئي ڪارآمد ٿئي ٿي. ان جا هزارين سرويچ عاشق، سندس هڪ ئي نگاهه سان پنهنجيون جانيون گهورين ٿا ۽ هي سڀيئي جانيون تڏهن ئي ڪارآمد ٿين ٿيون، جڏهن بيدرديءَ سان سندن خون وهايو وڃي ٿو.

ذوالنون مصري ۽ چاليهه گودڙيا

ذوالنون مصري، ڳالهه ٿو ڪري، ته هڪ ڏينهن جيئن مان ڪنهن بيابان مان وڃي رهيو هوس، تيئن مون رستي تي چاليهه گودڙين، خدا رسيده بندن کي، هڪڙي ئي هنڌ مئل پيل ڏسي حواس باخته ٿي ويس. آخر پاڻ سنڀالي پڇڻ لڳس، ته اي خدا تعاليٰ! هيءُ تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي، جو سردارن کي ائين اونڌو ڪيرايو ٿو ڇڏين؟ هاتف جواب ڏنم ته هن ڪم کان اسين پوريءَ طرح واقف آهيون، اسان ئي انهن کي ماريون ٿا ۽ اسان ئي انهن جو خون بها ادا ڪريون ٿا ۽ جيستائين اسان وٽ معاوضي جي رقم موجود آهي، تيستائين اسان جي اهائي ڪار رهندي ته جيئن اوهان لاءِ ماتم باقي رهي، جڏهن مرڻ بعد منهنجي ٻانهي جا اجزا محو ٿي ويندا ۽ سندس وجود جو ڪو نشان ئي نه رهندو، تڏهن مان سندس اڳيان نکڙي (نروار ٿي) ظاهر ٿيندس ۽ کيس پنهنجي جمال جو چوغو پهرائيندس ۽ پوءِ فقط مان ئي وڃي رهندس، ۽ بس.
اي انسان! جو شخص پنهنجي موليٰ ۾ محو ٿيو، سو سڀ آزار کان ڇٽي پيو. تون به ان ۾ محو ٿين جي ڪوشش ۾ رهه ۽ وڌيڪ ڳالهه ئي نه پڇ.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو همت جي بلنديءَ بابت سوال

اڙي يار هدهد! تون ته وڏي نظر ۽ فڪر وارو آهين؛ تون خوب ڄاڻين ٿو ته هن معاملي (معنيٰ) ۾ همت کي وڏو دخل آهي. مان جيتوڻيڪ جسم ۾ ڪمزور ۽ هيڻو آهيان، مگر حقيقت ۾ وڏيءَ همت جو مالڪ آهيان. مون وٽ جيڪڏهن گهڻي عبادت کڻي نه آهي. (مان جيڪڏهن کڻي گهڻي عبادت ڪري نٿو سگهان) ته ڪهڙي وڏي ڳالهه، مان عالي همت سان ته مالامال آهيان؛ تنهنڪري هاڻي تون ان باري ۾ ڪجهه ٻڌائينم ته، آيا مان هن ڪمزور جسم، مگر عالي همت سان پنهنجي بادشاهه سيمرغ کي پهچي سگهندس يا نه؟

هدهد جو جواب

اڙي منهنجا پيارا دوست! تون هيءَ حقيقت چڱيءَ طرح سان سمجهي ڇڏي ته ازلي (الستي) عاشقن جو مقناطيس هيءَ عالي همت ئي هئي ۽ عالي همت ئي هر لڪل چيز کي کولي پڌرو ڪري ٿي، جنهن به پرندي ۾ عالي همت ظاهر ٿي، تنهن، جنهن به شيءِ کي ڳوليو، تنهن کي فوراً وڃي لڌو. همت هڪ اهڙي شيءِ آهي، جو جيڪڏهن ان مان ڪو ذرو ڪنهن کي ملي ويو ته، هن ان جي معرفت سج کي به جهڪائي ڇڏيو. سارو جهان همت جو محتاج آهي ۽ عاشقن جا پر هيءَ همت ئي آهي، جنهن جي زور تي هو اُڏامندا ۽ پرواز ڪندا رهن ٿا. هاڻي وقت اچي ويو آهي جو مان توکي ٻه چار ڪهاڻيون ٻڌايان.

هڪڙي پوڙهيءَ عورت جو حضرت يوسف کي خريد ڪرڻ

جڏهن حضرت يوسف کي مصر ۾ وڪيو ٿي ويو، تڏهن ٻين خريدارن سان گڏ هڪ پوڙهي عورت به هئي. هوءَ پاڻ سان ڪجهه نوڙين جا ڍيرا کڻي آئي ۽ اچي دلال کي چوڻ لڳي ته هن غلام کي ڏهن ڍيرن جي بدلي ۾ وڪڻي ڏينم جو مان مٿس چري ٿي پئي آهيان. دلال کلي چيس ته اڙي بيوقوف، هيءُ هڪ لاثاني موتي آهي ۽ توکي سونهين ئي نٿو. هن جي قيمت گهڻو وڏي آهي ۽ تنهنجي پهچ کان گهڻو پري آهي، تنهنجي ڍيرن جي ته ڪا قيمت ئي ڪانهي! هي ٻڌي، پوڙهيءَ ورڻي ڏنيس ته مون کي ته پوريءَ طرح خاطري هئي ته هن قيمت تي ڪوبه هن غلام کي فروخت نه ڪندو، ليڪن مون لاءِ هيءُ شرف ئي ڪافي آهي جو هاڻي دوست خواهه دشمن ائين چوندا ته هيءَ ٻڍي به يوسف جي خريدار هئي.
جنهن شخص کي عالي همت نصيب ٿي، تنهن گويا بي انتها بادشاهي ماڻي، اهائي عالي همت هئي، جنهن سبب، انهيءَ عاليءَ همت بادشاهه، پنهنجي مملڪت کي باهه لڳائي هئي. (حضرت ابراهيم ادهم ڏانهن اشارو آهي، جنهن سلطنت کي ترڪ ڪري درويشي اختيار ڪئي هئي).

هڪ درويش جو درويشيءَ بابت شڪايت ڪرڻ ۽ ابراهيم ادهم جو کيس جواب ڏيڻ

هڪڙو درويش، هميشه پنهنجي درويشيءَ کان نالهء و فرياد ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن، ابراهيم ادهم کيس چيو ته، مون کي ائين معلوم ٿئي ٿو ته شايد توکي درويشي ڏاڍي سستي پئي آهي! ان شخص جواب ڏنس ته اي ابراهيم! تنهنجي ڳالهه بالڪل بيجا آهي، ڀلا ڪو درويشيءَ کي به خريد ڪندو. ان تي ابراهيم کيس ٻڌايو ته، مون ان کي دل ۽ جان سان پسند ڪري، سلطنت جي بدلي ۾ خريد ڪيو آهي. مان هاڻي به سَوَن جهانن جي مقابلي ۾ درويشيءَ جي هڪڙي گهڙي خريد ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته ڏسان ٿو ته اها واقعي وڏيءَ قيمت واري شيءِ آهي، مان ان جي قدر ۽ قيمت کي خوب ڄاڻان ٿو، ليڪن افسوس تون ان کان بيخبر آهين! همت وارن پنهنجي جسم ۽ جان گنوائي (سان کيڏيو) آهي ۽ ڪئين سال پاڻ کي درست ڪرڻ خاطر جلندا رهيا آهن، تڏهن مس وڃي سندن همت جو پکي الاهي درٻار جي قريب پهتو آهي.

شيخ احملد غوريءَ جي سلطان سنجر سان گفتگو

شيخ غوري هڪ ڏينهن، ديوانن سان گڏجي هڪ پل هيٺ اچي ترسيو. اتفاق سان سلطان سنجر اچي اتان لانگهائو ٿيو ۽ ماڻهو ڏسي، پڇيائين ته هو ڪير آهن. شيخ جواب ڏنس ته، هي سڀ ديوانا آهن ۽ اسان سڀني جي ڪيفيت ٻن حالتن کان خالي نه آهي. (1) تون جيڪڏهن اسان کي هميشه لاءِ پنهنجو دوست ڪري وٺين ته اسين تنهنجي دنياوي مراد جلدي پوري ڪنداسين.
(2) جيڪڏهن تون اسان جو دشمن آهين ته اسين توکي جلدي ئي دين کان خارج ڪري ڇڏينداسين؛ پر جيڪڏهن تون گهڙي کن لاءِ پل اندر ايندين ته تون يقيناً هن شان ۽ شوڪت، حرص ۽ هوس کان هميشه لاءِ ڇٽي پوندين! سنجر جواب ۾ چيو ته، مان اوهان جي مذاق جو نه آهيان ۽ مون کي اوهان جي نيڪيءَ ۽ بديءَ سان ڪو سروڪار ڪونهي.
همت، هڪ تيز اُڏامندڙ پکيءَ جي طرح آهي، جنهن جي رفتار ۾ هر گهڙيءَ اضافو ٿيندو رهي ٿو. هي تنگ دنيا ان کي سمائي نٿي سگهي. ان جي بلند پروازي هن دنيا کان گهڻو مٿي آهي.

هڪڙي ديواني جو روئڻ ۽ ٻولڻ

هڪڙو ديوانو، آڌيءَ رات جو خواب ۾ روئي ۽ چئي رهيو هو ته، هيءُ جهان هڪ منهن ڍڪيل صندوقڙي (دٻو) آهي ۽ اسين ان اندر ويٺا سودا پچايون. جڏهن موت ان جو ڍڪ کوليندو، تڏهن جنهن کي پَر هوندا، سو ته آسمانن تائين اُڏامي ويندو ۽ جنهن کي پَر نه هوندا، سو ڪيترين ئي مصيبتن ۾ ان اندر ڦاٿل رهندو.
اي انسان! تون مرڻ کان اڳ، همت جي پکيءَ ۾ معنوي پَرَ پيدا ڪر، عقل کي دل ڏي ۽ جان ۾ جذبو آڻ.

هڪڙي سائل جي چمڙي سان گفتگو

هڪڙي سائل، چمڙي کي چيو ته تون روشن سج کان بيخبر ٿيو پيو آهين، تنهنجو سارو ڏينهن به هڪ انڌيري رات آهي. جيڪڏهن تون ان سان مليل هجين ها ته ان کان ايترو نه ڀڄين ها. آخر ڪيستائين سوراخن ۾ گهر ٺاهيندو رهندين؟ تون هن سج کي ذرا ڏس ۽ ان سان ملي هڪ ٿي وڃ. هي ٻڌي، چمڙي جواب ڏنس ته منهنجو ان سج سان ڪهڙو غرض، جو ڪارو ۽ غائب ٿي وڃي ٿو. اهڙي سج کان ائين ئي ڀلو. مون لاءِ هر رات ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته حقيقي سج جو ظهور ٿيندو ئي رات جو آهي ۽ ان اڳيان، هي سج شرم کان منهن ڍڪي ڇڏيندو آهي. هاڻي جڏهن اهڙو سج رات جو ميسر ٿئي ٿو ۽ ان جي هوندي هن ظاهري سج کي ڏسڻ قطعاً مناسب نه آهي. اهوئي ته سبب آهي جو مان ساري رات ننڊ نه ٿو ڪريان، شوق ۽ سوز سان ان جي چوڌاري پيو ٿو چڪر هڻان.
جيڪڏهن توکي اها همت حاصل ٿي وڃي ته پوءِ تنهنجي ويهڻ جي جاءِ به شاهي مسند ٿيندي. جنهن کي همت آهي سوئي مانجهي مڙس آهي ۽ جو به هن راهه ۾ همت سان آيو، پوءِ کڻي فقير ئي ڇو نه هو (هجي) وڃي بادشاهه بڻيو.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو انصاف ۽ وفا متعلق سوال

هڪڙي ٻئي پکيءَ سوال ڪيو ته، انهيءَ بادشاهه جي درٻار ۾ انصاف ۽ وفا جو ڇا قدر ۽ ڦل آهي؟ خدا تعاليٰ مون کي گهڻو انصاف وارو بڻايو آهي، تنهن ڪري مان ڪنهن سان به ڪڏهن ڪا بيوفائي نه ڪئي آهي. ڀلا جنهن مخلوق ۾ هي صفتون موجود هجن تنهنجو معرفت جي عالم ۾ ڪهڙسو درجو هوندو؟ ذرا کولي ٻڌائينم.

هدهد جو جواب

اڙي منهنجا محبوب، انصاف ته ڇوٽڪاري جو بادشاه آهي، جنهن انصاف ڪيو، سو واهيات کان آزاد ٿيو ۽ اهو سڄي ڄمار جي رڪوع ۽ سجود کان افضل آهي. پوشيده طور انصاف ڪرڻ جهڙي جوانمردي ته ٻنهي جهانن ۾ ئي ڪانهي، ڇالاءِ جو ظاهر واري انصاف ۾ رياڪاري جي ڪجهه نه ڪجهه اميزش رهي ٿي.

امام احمد بن حنبل جو بشرحافيءَ جي خدمت ۾ وڃڻ

امام احمد بن حنبل، پنهنجي زماني جو يڪتا عالم ۽ امام هو، جڏهن به پنهنجي علم ۽ فڪر کان فارغ ٿيندو هو، تڏهن سڌو بشرحافيءَ وٽ ويندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو شخص کيس اتي ڏسندو هو ته بنا دير ملامت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو هوس ۽ چوندو هوس ته تون ساري عالم جو مقتدا آهين ۽ توکان زياده عالم ته ڪو ٿي ئي نٿو سگهي. ٻئي ڪنهن جي ڳالهه ته تون ٻڌين ئي نٿو؛ باقي بشر ڏانهن ته مٿي ۽ پيرين اگهاڙو هليو وڃي ٿو. امام احمد بن حنبل، ان جي جواب ۾ کيس چوندا هئا ته، برابر مان ظاهري علوم ۾ ان کان اڳڀرو آهيان، ليڪن خدا تعاليٰ جي ڄاڻ سڃاڻ ۾ هو مون کان اڳڀرو آهي.
اڙي، پنهنجي بي انصافيءَ کان بيخبر انسان، ڪا گهڙي عارفن جي انصاف کي به ڏس ۽ پنهنجي منصف مزاجيءَ کي اجايو نه پڌاءِ.

سلطان محمود جي لشڪر ۾ هندو راجا جو گرفتار ٿيڻ

اتفاق سان هڪ ڏينهن، هندن جو هڪڙو ٻڍو بادشاهه، سلطان محمود جي لشڪر ۾ گرفتار ٿي پيو. جڏهن سلطان جي اڳيان پيش ٿيو، تڏهن مسلمان بڻجي وڃي ولايت کي رسيو. ان بعد هڪ تنبوءَ اندر اڪيلو ويهي رات ۽ ڏينهن گريه زاري ڪندو ۽ ويچاريندو رهيو. جڏهن سلطان کي هيءَ خبر پئي، تڏهن پاڻ وٽ گهرائي چيائينس ته، مان ڄاڻان ٿو ته تون بادشاهه هئين، هاڻي جيڪڏهن هڪڙي بادشاهي ويئي ته ڪهڙي ڳالهه، مان توکي ان جهڙيون سَوَ بادشاهيون ڏيان ٿو، تون هن روڄ ۽ راڙي کي ڇڏي ڏي. راجا جواب ۾ چيس ته مان محض هن خيال کان روئان ٿو ته مبادا سڀان قيامت جي ڏينهن، جيڪڏهن کڻي خدا تعاليٰ مون کي خطاب ڪري ته تون هڪ بيوفا ۽ جفاڪار بندو هئين ۽ جيستائين محمود ڪثيرالتعداد لشڪر سان تو وٽ نه آيو تيستائين تو مون کي ياد ئي نه ڪيو، ته مان بيوفا، ان وقت ان خطاب جو ڪهڙو جواب ڏيئي سگهندس! مان ته، ان وقت جا شرمساري ٿينديم، تنهن کي ياد ڪري روئي رهيو آهيان.
اي بندا! تون نيڪ ماڻهن جي وفاداري ۽ انصاف جي ڳالهين کي ڪن ڏيئي ٻڌ، پوءِ جيڪڏهن ست ساري سگهين ته هن راهه ۾ پير پاءِ ورنه ڀڄي پاسو ڪر.

هڪ وفادار ڪافر جي سبب هڪ بيوفا غازيءَ کي خدا تعاليٰ جو مهڻو

هڪ دفعي جنگ هلندي، هڪڙي (مسلمان) غازيءَ هڪڙي ڪافر کان نماز پڙهڻ لاءِ مهلت گهري جا هن کيس ڏني. جڏهن نماز پڙهي آيو، تڏهن وري ڪافر کانئس پنهنجي پوڄا پاٺ خاطر مهلت طلب ڪئي، ان بعد جنهن وقت هن هڪ بت اڳيان پنهنجو سِر زمين تي رکيو، تنهن وقت ان غازيءَ ان کي اتي ئي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ليڪن غيب مان آواز آيس ته، تون سراپا بدعهد ۽ بيوفا آهين. هن توکي اول مهلت ڏني ۽ تلوار کان ڪم نه ورتو ۽ هاڻي جيڪڏهن تون تلوار کان ڪم وٺندين ته هيءَ عين جهالت چئبي. تو انجام کي پاڙڻ واري آيت ئي نه پڙهي آهي (”اوفوا بالعقود“ ڏانهن اشارو). هن توسان چڱائي ڪئي ۽ تون موٽ ۾ ان سان برائي ڪري رهيو آهين. تون ٻئي سان اهو ڪجهه ڪر، جو تون پاڻ سان ڪرڻ چاهين. هيءُ ٻڌندي ئي هو بيهوش ٿي پگهر ۾ غرق ٿي ويو. ڪافر هيءَ حالت ڏسي اچي ان بابت کانئس پڇيو، جنهن تي هن کيس ساري حقيقت ڪري ٻڌائي. جڏهن ڪافر هيءُ قصو ٻڌو، تڏهن زور سان نعرو هڻي بنا دير مسلمان ٿي پيو ۽ چوڻ لڳو ته، جڏهن اهو جبار (الله تعاليٰ) پنهنجي محبوب غازيءَ کي پنهنجي معتوب دشمن خاطر وفاداريءَ جو مهڻو ڏئي ٿو، تڏهن پوءِ مان ڇو اهڙي بيوفائي ڪريان.

حضرت يوسف جي ڀائرن جو قحط ساليءَ ۾ مصر اندر اچڻ

حضرت يوسف عليہ السلام جا ڏهه ڀائر، ڏڪار سبب پري کان ڪهي مصر آيا ۽ اچي پنهنجي عاجزيءَ جو احوال بيان ڪيائون. ان وقت حضرت يوسف جو منهن ڍڪيل هو ۽ سندس اڳيان هڪ ٿالهه پيل هو، جنهن تي جڏهن هن هٿ هنيو، تڏهن هو زاروزار روئڻ لڳو. حضرت يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو ته، مان ان جو آواز سمجهان ٿو ۽ اهو چئي رهيو آهي ته: هن کان اڳ توهان کي يوسف نالي هڪڙو حسين ڀاءُ هو جو توهان سڀني کان سونهن ۾ وڌ هو. وري ٻيو دفعو ان تي هٿ هڻي چوڻ لڳو ته پنهنجي آواز ۾ چئي رهيو آهي ته توهان سڀني ملي يوسف کي کوهه ۾ وڌو ۽ هڪ بي گناهه بگهڙ تي تهمت لڳائي. ان کان پوءِ جڏهن ٽيون دفعو ان تي هٿ هنيائين، تڏهن ٻڌايائين ته، اهو پنهنجي آواز ۾ چئي رهيو آهي ته توهان پنهنجي پيءُ کي برغلائي (غم ۾) جلائي ڇڏيو ۽ چنڊ جهڙي يوسف کي وڪڻي ڇڏيو. انهيءَ نموني ته ڪافر به پنهنجي ڀاءُ سان بدسلوڪي نٿا ڪن. توهان کي ته خدا تعاليٰ کان، جو حاضر ۽ ناظر آهي، شرم اچڻ گهرجي.
انڌو اهو آهي جو هن قصي کي ٻڌي، ان مان نصيحت نه وٺي. اي انسان! تون هن قصي کي پنهنجوئي سمجهه. تون خود ڄاڻي واڻي بيوفائي ڪري رهيو آهين. ذرا سوچ ۽ پنهنجي عملن جي چڪاس وٺ.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو حضرت حق (تعاليٰ) ۾ گستاخي ڪرڻ بابت سوال

اڙي دوست هدهد، تون واقعي اسان جو رهنما ۽ پيشوا آهين. ڀلا هيءُ ته ٻڌاءِ، ته جيڪڏهن ڪو شخص، ان عالي درٻار ۾ ڪا وڏي گستاخي ڪري وجهي ته ان جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟

هدهد جو جواب

هو جيڪڏهن خدا تعاليٰ جي راز جو ڄاڻو ۽ لائق آهي ته پوءِ ان جي گستاخي جائز آهي، ليڪن راز ڄاڻندڙ، گستاخي ڪٿي ٿو ڪري سگهي! هڪڙو اوٺي جو درياءَ جي ڪناري تي هجي، سو بادشاهه جو رازدان ڪيئن ٿو بڻجي سگهي! هو جيڪڏهن اهل راز وانگر گستاخي ڪندو ته ايمان ۽ جان ٻنهي تان هٿ کڻڻو پوندس. ها، جيڪڏهن ڪو محبت جي زيادتي ۽ زور سبب گستاخي ڪري وجهي ته هن کي روا آهي؛ ڇالاءِ جو محبت سان سرشار هڪ ديواني عاشق جي طرح آهي، جو باهه جيان جلي رهيو آهي. اهوئي ته سبب آهي جو مجنونءَ کي ڪوبه ملامت نٿو ڪري. تون به جڏهن عشق ۾ ديوانو ٿي ويندين، تڏهن تنهنجي هر ڳالهه ٻڌي ۽ گوارا ڪئي ويندي. چڱو مان هاڻي توکي ٻه چار ڪهاڻيون ٻڌايان ٿو.

هڪڙي ديواني جو خراسان ۾ عميد جي غلامن کي ڏسڻ

ڳالهه ٿا ڪن، ته جڏهن کان عميد خراسان جو حاڪم ٿيو، تڏهن کان هيءُ شهر دولت سان مالامال ٿي ويو. وٽس هڪ سؤ سهڻا ترڪ (سندن ٻانهون چانديءَ جهڙيون سفيد) غلام هئا جن مان هرهڪ جو منهن چنڊ وانگر پئي چمڪيو. سندن قد سنوان (ڪاراين ۾ چانديءَ جا ڪنگڻ پيل) ۽ وار مشڪ سان ڀريل پئي ٻهڪيا. انهن جي ڪنن م چمڪيدار موتي پيل هئا، جن رات جي اونداهيءَ کي ڏينهن جي روشنائيءَ ۾ پئي بدلايو. سندن مٿن تي سون جي منڊين سان جڙيل تاج ۽ ڳچيءَ ۾ سونا هار (طوق) پيل هئا. انهن مان هرهڪ وٽ هڪ سفيد ۽ خوش رفتار گهوڙو هوندو هو. مطلب ته هو اهڙا حسين ۽ سينگاريل هئا، جو ڏسندڙ بي اختيار موهجي ۽ دل کسائي پئي ويو. اتفاق سان هڪڙي پيرين اگهاڙي ۽ ڪمبل پوش ديواني جي پري کان مٿن نظر پئجي ويئي ۽ پڇڻ تي ان شهر جي رئيس کان معلوم ٿيس ته اهي سڀئي عميد جا غلام آهن. هيءُ ٻڌنديئي سند دماغ چڪر ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته، اي عرش جا مالڪ، تون بنده پروري وڃي عميد کان سک.
اڙي انسان! جيڪڏهن تون ههڙي قسم جو ديوانو آهين ته پوءِ ڀلي گستاخ رهه. ديوانن جي گستاخي واقعي دلپسند ٿئي ٿي، ڇالاءِ جو هي پتنگن جيان سڙن ۽ جلن ٿا.

هڪڙي ننگي ديواني جي گستاخيءَ جي ڪهاڻي

هڪڙي ڀيري هڪڙو ديوانو، ننگو ۽ بکيو، سياري جي موسم م رستي تي وڃي رهيو هو، ته اوچتو سخت بارش اچي پيئي، جنهن ۾ هيءُ ويچارو ساروئي پسي ويو. نه وٽس ڪو ڪپڙو هو ۽ نه ڪا رهڻ لاءِ جاءِ. آخر اچي هڪ ڦٽل هنڌ پهتو، ليڪن اڃا ان اندر گهڙيوئي مس ته ڇت کان هڪ سر ڪِري اچي سندس مٿي کي ڦاڙي وڌو. ان وقت آسمان طرف منهن ڪري چوڻ لڳو، ته تون آخر ڪيستائين پنهنجي سلطانيءَ جو ڏؤنڪو وڄائيندو رهندين، جڏهن توکي هڪ سر به ٺيڪ لڳائڻ ڏانءُ نٿي اچي!

مصر ۾ ڏڪار متعلق هڪڙي ديواني جو مقولو

ڪنهن سمي اوچتو اچي مصر ۾ ڏڪار پيو. ماڻهو رستن تي پئي مُئا ۽ مانيءَ لاءِ پڪاري رهيا هئا ۽ بکيا اڌ مُئلن کي کائي رهيا هئا. اتفاق سان جڏهن هڪڙي ديواني هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن اٿي چوڻ لڳو ته ”اي دين ۽ دنيا جا مالڪ! جيڪڏهن تو وٽ رزق نه آهي ته پيدا به گهٽ ڪر (هروڀرو گهڻي مخلوق پيدا ڪري ان کي بک ٿو مارين).“

هن درگاهه ۾ جو به گستاخي ڪندو آهي، سو جيئن ئي هوش سنڀاليندو آهي، تيئن ئي معافي گهرندو آهي.

هڪڙي ديواني جي ڪهاڻي، جنهن کي ٻار پٿر هڻندا هئا

ڳالهه ڪندا آهن، ته هڪڙي ديواني کي ٻار پٿر هڻندا هئا، جنهن کان تنگ ٿي وڃي هڪ بخاري (چلهو) جي ڪنڊ ۾ ويٺو، جنهن ۾ هڪ دري پڻ هئي. انهيءَ دريءَ مان هڪڙو کَڙو لنگهي اچي، ان جي سر تي لڳو، پر جڏهن ته هو کڙي ۽ پٿر ۾ شناخت ڪري نه سگهيو، تنهنڪري وٺي گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين؛ ۽ ڇاڪاڻ ته ان گهر ۾ انڌيرو به هو، تنهنڪري گمان ٿيس ته شايد اڃا ڇوڪرا هيءَ حرڪت ڪري رهيا آهن. آخر جڏهن هوا جي زور تي هڪ پاسي کان دروازو کلي پيو ۽ انهيءَ بخاري جي ڪوٺڙيءَ ۾ روشني آئي، تڏهن هن کَڙي ۽ پٿر ۾ وڃي فرق لڌو؛ ۽ گارين ڏيڻ سبب پنهنجي
دل ۾ ڏاڍو رنج محسوس ڪري چوڻ لڳو ته ”اي منهنجا پروردگار، هن بخاري ۾ انڌيرو هو، تنهن ڪري مون کان ڀل ٿي ويئي. هي سڀ گاريون گند واقعي مون ڏنيون آهن، هاڻي معاف فرمائينم.“
اي دوست! تون عاشق ۽ ديواني کي سدائين معذور سمجهه ۽ انهن خلاف ڪڏهن به زبان ڪشائي نه ڪر.

واسطيءَ جو يهودين جي قبرن کي ڏسڻ

هڪڙي دفعي، واسطي جيئن سرگردان وڃي رهيو هو، تيئن سندس نظر وڃي يهودين جي قبرن تي ۽ بعد ۾ خود يهودي تي پيئي. ڏسي چوڻ لڳو، ته هي سڀيئي معذور آهن، ليڪن هي راز ڪنهن جي اڳيان سلي نٿو سگهجي. قاضيءَ جو ملازم، جو اتي بيٺو هو، سو هيءَ ڳالهه ٻڌندي ئي غصي ۾ اچي ويو ۽ کيس وٺي آڻي ان جي اڳيان حاضر ڪيائين؛ پر جڏهن ته ان جي ڳالهه قاضيءَ جي لائق نه هئي، تڏهن هن صاف انڪار ڪيو (ته ڪو هي يهودي معذور آهن). واسطيءَ کيس چيو ته هيءَ تباهه قوم (جا قبرن اندر آهي)، جڏهن تنهنجي حڪم هيٺ ئي نه آهي ته تون ان کي معذور رک. مان توکي ٻڌايان ٿو ته آسمان جي خدا جي حڪم سان هن وقت هي سڀيئي معذور آهن، پوءِ تون مڃين، خواه نه مڃين!

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو عشق بازيءَ ۾ ڊاڙ هڻڻ متعلق سوال

هڪڙي ٻئي پکيءَ، هدهد کي چيو، ته جيستائين مان جيئرو آهيان، تيستائين ان جي عشق لاءِ لائق ۽ مناسب آهيان، مان ته ساري مخلوق سان قطع تعلق ڪري، هميشه هن جي عشق جون ئي ڊاڙون هڻان ٿو. ان جي عشق ۾ مون پنهنجي جان ئي قربان ڪري ڇڏي آهي ۽ سمجهان ٿو ته ان جو وصال ماڻڻ جو وقت اچي ويو آهي؟

هدهد جو جواب

اڙي اياڻا، محض دعويٰ ۽ ڊاڙ جي زورتي ڪوبه سيمرغ جو همنشين بڻجي نٿو سگهي. تون هر وقت ان جي عشق جي ڊاڙ نه هڻ، ڇالاءِ جو هو هر زيد ۽ بڪر جي پهچ کان ٻاهر آهي. ها، جيڪڏهن ڪا تنهنجي قسمت موچاري آهي ته پوءِ ته هو توکي خود ئي پنهنجي راهه تي وٺي آڻي، پاڻ سان اڪيلو ويهاريندو. ان درجي تي پهچڻ بعد جيڪڏهن تون عشق جي دعويٰ ڪرين ته ان ۾ تون سچو آهين. هاڻي هي ٻه چار ڳالهيون ڌيان ڏيئي ٻڌ.

هڪڙي مريد جو بايزيد کي خواب ۾ ڏسڻ

جڏهن حضرت بايزيد هن دنيا مان رحلت ڪري ويو، تڏهن هڪ مريد، ان رات کيس خواب ۾ ڏسي کانئس پڇيو ته، منڪر ۽ نڪير کان توکي ڪيئن ڇوٽڪارو مليو. چيائين، ته جڏهن انهن ٻنهي مون کان خدا تعاليٰ متعلق سوال ڪيو، تڏهن مون کين ٻڌايو ته ههڙو سوال نه مون لاءِ ۽ نه توهان لاءِ ڪو ڪمال جي نشاني آهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مان کڻي چوان ته خدا اهو آهي ۽ بس ته منهنجو هيءُ چوڻ به منهنجي هوس جو دليل آهي. بهتر آهي ته توهان واپس خدا تعاليٰ وٽ وڃو ۽ پوءِ جيڪڏهن هو مونکي پنهنجو ٻانهو سڏي ته پوءِ اهڙي ڪا ٻي ڳالهه!
اي بندا! عاشقيءَ جو اظهار به ان جي طرف کان ٿئي ته اهو سڀ کان سٺو، باقي تنهنجي طرف کان عشق جي دعويٰ خير ڪا وزن رکي ٿي!

هڪڙي شوريده درويش جي ڳالهه

هڪڙو درويش، عشق ۽ محبت جي فراوانيءَ کان چيخ ۽ پڪار ڪري رهيو هو ته رشڪ منهنجي جان ۽ دل ٻنهي کي جلائي ڇڏيو آهي. مون ۾ وڌيڪ روئڻ جي طاقت ئي نه رهي آهي. هاتف چيس ته تون وڌيڪ لاف نه هڻ ۽ ٻڌاءِ ته ڪهڙيءَ شيءِ کان تو ان سان بيهوده محبت لڳائي آهي؟ جواب ڏنائين، ته مون ته ڪڏهن به ڪنهن سان محبت ڪانه رکي آهي. هن ئي مون سان پيار رکيو ۽ مون تي عاشق ٿي پيو. مون ۾ ته ايتري طاقت به ڪانهي، جو کڻي ان جهڙي سان ياري ڳنڍيان؛ اهو سڀ ڪجهه هن پاڻ ئي ڪيو آهي ۽ جڏهن منهنجي دل رتورت ٿي ويئي، تڏهن هوئي هو، جنهن اهو سارو رت پي ڇڏيو.
اڙي ڇوڪر! جيڪڏهن کڻي هو عشق ڪري به، ته به هو هميشه پنهنجي صفت (صنعت) سان ئي عسق ڪري ٿو. توکي جڳائي ته منجهس محو ٿي وڃ ۽ باقي کي ڇڏي ڏي.

سلطان محمود جو هڪ بخاري دکائيندڙ رند وٽ مهمان ٿيڻ

هڪڙي رات، سلطان محمود جي دل ڏاڍو پريشان ٿي پئي ۽ نيٺ اچي هڪ بخاري دکائيندڙ رند جو مهمان ٿيو. هن غريب پنهنجي حال سارو سندس عزت ڪئي ۽ خشڪ ماني آڻي سندس آڏو رکي، جا بادشاه کڻي فوراً کاڌي. آخر جڏهن هن اتان وڃڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن بخاري دکائيندڙ کيس چيو، ته تو منهنجي جاءِ، کائڻ ۽ پيئڻ سڀ ڏسي ورتو. هاڻي جيڪڏهن ٻئي دفعي توکي ڪا ضرورت پوي ته پوءِ جلدي هليو اچج، ورنه توتي ڪا ميار ڪانهي. مان مسڪين تنهنجي مقابلي ۾ ته نٿو اچي سگهان (تون شاه مان گدا). بادشاه سندس گفتگو کان اهڙو ته خوش ٿيو، جو ست دفعا سندس مهمان وڃي بڻيو. آخري ڏينهن تي بادشاه کيس چيو، ته مون (بادشاه) کان جو گهُرڻو هجيئي سو گهُر، هيءُ موقعو اٿئي. بخاري دکائيندڙ عرض ڪيو ته گهر هيءَ آهي، ته بادشاهه سلامت ڪڏهن ڪڏهن منهنجو مهمان ٿيندو رهي، ڇالاءِ جو مون لاءِ تنهنجو ديدار ئي بس آهي. مون غريب لاءِ تو جهڙي بادشاهن سان مٽيءَ تي گڏجي ويهڻ تو بغير باغن ۾ بادشاهي ڪرڻ کان صدبار بهتر آهي. تنهنجي ملاقات منهنجي نزديڪ ٻنهي جهانن جي بادشاهيءَ کان گهڻو وڌيڪ آهي.
اي عزيز، جيڪڏهن توکي واقعي عشق آهي ته اهو به ان کان طلب ڪر، ۽ انهيءَ جو پاسو نه ڇڏ. پراڻو عشق هميشه نئين جو طالب رهي ٿو ۽ قيمت به ذرا وڌيڪ رکي ٿو، تون انهيءَ ڳالهه کي لحاظ ۾ رک.


هڪڙي پخاليءَ جو ٻئي پخاليءَ کان پاڻي گهرڻ

هڪڙو پخالي، جيئن هٿ ۾ پاڻي کنيو پئي ويو، تيئن هڪڙو ٻيو پخالي سامهون نظر آيس، جنهن کان ڊوڙي وڃي پاڻي گهريائين. انهيءَ پخالي جواب ڏنسس ته اڙي حقيقت کان بيخبر، جڏهن خود تنهنجي هٿ ۾ پاڻي موجود آهي، تڏهن ڇو نٿو کڻي ان کي پين؟ جواب ڏنائين، ته منهنجي دل (پنهنجي) پاڻيءَ کان (جو ڪجهه وقت مون وٽ رهيو آهي) ٽهي ويئي آهي ۽ اهو دستور آهي ته پراڻيءَ شيءِ کان دل (هڪ ڏينهن) کڄي ويندي آهي.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو خودبيني ۽ ڪمال بابت سوال

هدهد کان، هڪڙي ٻئي پکيءَ اتي سوال ڪيو ته يار، مان سمجهان ٿو ته مون پنهنجو ڪمال حاصل ڪيو آهي ۽ سخت رياضتون به پوريون ڪيون آهن. جڏهن مون هتي پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي تڏهن هيءُ هنڌ ڇڏي ٻئي هنڌ وڃڻ، مون لاءِ واقعي مشڪل آهي ڀلا، تو ڪڏهن اهڙي شخص کي ڏٺو آهي، جو خزانو ڇڏي وڃي بيابانن ۾ پريشان ڦرندو؟

هدهد جو جواب

هدهد جواب ڏيندي چيس، ته تون سراسر ٺڳيل ۽ خيال ۾ گرفتار آهين. نفس جو توتي قبضو آهي ۽ شيطان تنهنجي سر تي ويٺو آهي. درحقيقت تون ساروئي گمان جو هڪ مجسمو آهين، مگر سمجهين نٿو. معرفت جي فضا توکان گهڻو پري آهي ۽ جو ڪجهه نور تون ڏسين ٿو، اهو به تولاءِ هڪ آگ آهي، ۽ جيڪڏهن توکي ڪو ذوق آهي ته اهو به محض تنهنجوگمان آهي. تنهنجو وجد ۽ تنهنجو فقر خيال آهي ۽ جو ڪجهه تون چئي رهيو آهين، سو محال آهي ۽ ٿئي نٿو سگهي.
اي پيارا، جيستائين تون پنهنجي گمان ۽ خوش فهميءَ ۾ اٽڪيل رهندي، تيستائين تنهنجو پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ هڪ دمڙيءَ جي لائق به نه آهي. هاڻي تنهنجي ئي نصيحت خاطر مان توکي ٻه چار آکاڻيون ٻڌايان ٿو.

شيخ ابوبڪر نيشاپوريءَ جي آکاڻي

چون ٿا ته، هڪڙي دفعي شيخ ابوبڪر نيشاپوري، پنهنجي مريدن سان گڏ هڪڙي گڏهه تي سوار، ڪنهن رستي تي وڃي رهيو هو ته اوچتو سندس گڏهه کان ريح (واءُ) نڪري ويئي. شيخ ان سبب في الفور حال ۾ اچي ويو ۽ نعرا هڻڻ ۽ ڪپڙا ڦاڙڻ لڳو مريدن کي هيءَ ڳالهه البت پسند نه آئي، تنهنڪري انهن مان هڪڙي کيس چيو ته سائين! آخر ڪهڙي سبب توهين هتي حال ۾ اچي ويا آهيو؟ جواب ڏنائين، ته مان مريدن جي هيتري ساري مجمعي کي ڏسي خيال ڪيو ته مان بايزيد کان ڪو گهٽ ڪونه آهيان ۽ سڀان قيامت ڏينهن به هن عزت ۽ ناز سان محشر جي ميدان ۾ ويندس، جڏهن هي خيال ڪيم، تڏهن اتفاق سان گڏهه ريح ڇوڙي ۽ ائين ڪرڻ سان، هن مون کي هيءُ جواب ڏنو ته جو به شخص اهڙي ڊاڙ هڻي ٿو، تنهن جو جواب اجهو هيءُ آهي (گڏهه اجهو هيئن واءُ ڏئي ٿو). انهيءَ ڪري منهنجي اندر ۾ آگ لڳي ويئي ۽ حال ۾ اچي ويس.
اي عزيز، جيستائين تون غرور (خود پسنديءَ ۽ خوش فهمي) ۾ مبتلا آهين، تيستائين تون حقيقت کان پري پيل ۽ سون بلائن ۾ گرفتار آهين. ”مان“ جو لفظ ڪڏهن به نه چؤ ته جيئن ابليس جي ڄار ۾ ڦاسي نه پوين.

حضرت موسيٰ ۽ ابليس جي آکاڻي

الله تعاليٰ هڪڙي دفعي، حضرت موسيٰ کي ابليس کان رمز سکڻ جي تلقين ڪئي. بعد ۾ جڏهن هن ابليس کي رستي تي ڏٺو، جڏهن ان کان رمز جي طلب ڪيائين، جنهن تي ابليس سمجهايس ته، تون هڪڙي ڳالهه کي سدائين ڌيان ۾ رکيو اچ، يعني ته ”مان“ جو لفظ ڪڏهن به نه چئو ته جيئن تنهنجي حالت منهنجيءَ وانگر نه ٿئي.

هڪڙي پاڪ دين جي گفتگو

هڪ دفعي، هڪڙي پاڪ دين چيو ته مبتديءَ جو اوندهه ۾ رهڻ سندس لاءِ بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ابتدا ۾ کيس ڪا (غيبي) شيءِ ڏسڻ ۾ آئي ته هو دوکو کائي ويهندو ۽ منڪر ٿي پوندو.
اڙي بندا، جو حسد ۽ غصو تنهنجي اندر ۾ آهي، تنهن کي صاحبِ نظر جي ئي اک ڏسي ٿي ۽ نه تون. ڪم از ڪم هيترو ته خيال ڪر ته تنهنجي پيدائش خاڪ ۽ خون (مان بڻيل) آهي ۽ اهي ٻئي شيون حرام آهن. جڏهن تون پاڻ ۾ ايتري گندگي به ڏسين ٿو، تڏهن به خبر نه آهي الائجي ڇو مطمئن ٿيو ويٺو آهين.

هڪڙي شخص جو ڪُتي کان دامن پري نه ڪرڻ جي آکاڻي

هڪڙي شخص جي پاسي ۾، هڪڙو پليد ڪتو وڃي رهيو هو، ليڪن هن انهيءَ کان پنهنجو دامن پري نه ڪيو. جڏهن هڪڙي سائل ان کان احتراز ڪرڻ طرف سندس ڌيان ڇڪايو، تڏهن جواب ڏنائين، ته هيءُ ڪتو ظاهر ۾ پليد آهي ۽ مان اندر ۾ پليد آهيان. هاڻي جڏهن منهنجو باطن ڪتي جي ظاهر جهڙو آهي، تڏهن ان کان ڪيئن ڀڄي پاسو ڪريان؟

هڪڙو عابد جو ڏاڙهيءَ جي ٽهل ٽڪور ۾ مشغول هو، تنهن جي آکاڻي

حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ڏينهن ۾، هڪڙو وڏو عابد ٻانهو هو، مگر باوجود جهجهي عبادت جي هو الاهي ذوق ۽ اندر جي سوجهري کان صفا خالي هو. کيس هڪ وڏي ڏاڙهي هئي، جنهن کي هر گهڙيءَ پيو ڦڻي ڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن، حضرت موسيٰ کي ڏسي، اچي کيس عرض ڪرڻ لڳو، ته مهرباني ڪري الله تعاليٰ کان پڇي ٻڌائينم ته ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ حضرت موسيٰ دريافت ڪري کيس ٻڌايو، ته الله تعاليٰ جو چوڻ آهي ته هو هميشه پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ئي مشغول آهي ۽ اسان جي وصل جي درد کان ڪورو ۽ ڪوهين ڏور آهي. هيءُ ٻڌي، هو ڏاڙهيءَ کي پٽڻ ۽ روئڻ ۾ لڳي ويو. ايتري ۾ جبرئيل ڊوڙندي اچي حضرت موسيٰ کي ٻڌايو ته، هيءُ شخص اڃا به پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ مشغول آهي. جڏهن ڏاڙهيءُ کي سنواريائين ٿي، تڏهن به پريشانيءَ ۾ رهيو ۽ هاڻي جڏهن ان کي پٽي ٿو، تڏهن به انهيءَ جي ئي خيال ۾ آهي.
اي انسان، الله تعاليٰ جي ياد کان سواءِ، هڪڙو دم کڻڻ به وڏي خطا آهي. ڪاش تون ان کي سمجهين!

هڪڙي ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ واري جي آکاڻي

هڪڙي بيوقوف کي ڊگهي ڏاڙهي هئي؛ هڪ دفعي اوچتو درياءَ ۾ ڪري ٻڏڻ لڳو. هڪڙو چرچائي، جو ڪناري تي بيٺو هو، تنهن کيس ڏسي چيو، ته تون توبري کي مٿي کان ڪڍي اڇلائي ڇڏ (ورنه ٻڏي مرندين). ان جواب ۾ چيو، ته هيءُ توبرو نه بلڪ منهنجي ڏاڙهي آهي ۽ هيءُ ئي آهي جا منهنجي پريشانيءَ جو باعث آهي. انهيءَ تي هن چيس ته جيڪڏهن تنهنجو هيءُ حال رهيو ته اها ڏاڙهي هڪ ڏينهن تنهنجو خاتمو آڻيندي.
اي انسان، جيستائين تو ۾ نفسانيت ۽ شيطانيت موجود آهي، تيستائين ههڙي ٻڪر جيان ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ کان ڪو شرم ڌار.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سفر متعلق سوال

هدهد کان هڪڙي ٻئي پکيءَ اٿي پڇيو، ته ڀلا هن سفر ۾ ڪهڙيءَ شيءِ سان دل خوش رهندي؟ جيڪڏهن تون ٻڌائيندين ته منهنجي پريشاني به گهٽبي ۽ رستي وڃڻ ۾ ڪجهه هدايت به ملي ويندي.

هدهد جو جواب

اي پيارا! جيستائين تون انهيءَ سان آهين، تيستائين خوش رهه ۽ لوڪن جي پچار کان آزاد ٿي وڃ. جڏهن تنهنجي غمگين دل، انهيءَ سان خوش رهي سگهي ٿي، تڏهن کيس خوش ڪر. ياد رک ته ٻنهي جهانن جي زندگي ۽ خوشي انهيءَ کان ئي آهي ۽ جيڪڏهن تنهنجي دل هڪ گهڙي پلڪ ان سان خوش ٿئي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه! چڱو هي ٻه چار قصا ٻڌي ڇڏ، انهن ۾ تنهنجي ڀلائي آهي.

پهاڙي مجنونءَ جو قصو

ڳالهه ٿا ڪن، ته جبلن ۾ هڪ عجيب مجنون رهندو هو. هو وقتاً حال کان بيحال ٿي ويندو هو ۽ ويهن ڏينهن تائين سندس هيءَ ئي حالت رهندي هئي. صبح کان ويندي شام تائين پيو نچندو ۽ چوندو هو ته هينئر اسين ٻئي اڪيلا آهيون، اسان جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي ڪانهي.
اي عزيز! جنهن جي دل ان سان ڳنڍيل آهي، سو سدائين جيئرو آهي ۽ ڪڏهن مرندو ئي ڪونه. تون ان جي شوق ۾ پنهنجي دل اڙاءِ، انهيءَ ۾ ئي تنهنجي حياتي آهي.

هڪڙي عاشق جي مرڻ وقت روئڻ جو قصو

هڪڙو عاشق، مرڻ وقت زارو زار روئي ۽ چئي رهيو هو ته جڏهن منهنجي دل الله تعاليٰ سان ڳنڍيل آهي، تڏهن منهنجي موت جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي؛ ۽ جنهن جي به دل انهيءَ سان وابسته آهي سو سدائين حيات آهي، ان لاءِ موت مناسب ئي نه آهي. منهنجي دل جو ساڻس وصال ٿي ويو آهي، تنهن ڪري منهنجو مرڻ محال آهي.
اي انسان! جيڪڏهن تون ان راز کان گهڙي کن خوش ٿين ته پوءِ ته تون (خوشيءَ کان) هن جهان ۾ ماپي ئي ڪونه سگهندين ۽ غيرفاني حياتي ۽ سعادت ماڻيندين.

هڪڙي شخص جو قصو، جنهن کي ستر سال غم ۾ گذريا

هڪڙو شخص ڳالهه ٿو ڪري، ته ستر سالن کان پوءِ مون کي مس وڃي صحيح خوشي ۽ حال حاصل ٿيو. منهنجي دل ۽ جسم ٻئي هميشه موم وانگر پيا ڳرندا هئا، ڇاڪاڻ ته اسان جو تعلق الله تعاليٰ سان آهي ۽ ان تعلق جي تقاضا ئي اها آهي.
اڙي نادان! جيڪڏهن تون عيب جوئي ۾ مشغول هوندين ته پوءِ غيب جو حظ توکي ڪٿان حاصل ٿيندو؟ تون پهريائين پاڻ کي پنهنجي عيبن کان آزاد ڪري پوءِ وڃي مطلق غيب جي عشق ۾ دل وندراءِ. جيڪڏهن تون پنهنجي عيبن ڳولڻ ۾ مشغول آهين ته پوءِ تون ڪيترو به کڻي عيبدار آهين ته به مقبول ۽ پسند آهين.

هڪڙي مست جو قصو

هڪڙو بيوقوف، لڳاتار ميري ۽ صاف شراب پيئڻ سبب آپي کان نڪتل هو. هڪڙي هوشيار کي انهيءَ ڪري کانئس رنج پهتو ۽ وٺي، هڪ ڳوڻ ۾ بند ڪري، جيئن پنهنجي جڳهه ڏانهن کڻي ٿي ويس تيئن رستي ۾، هڪڙو ٻيو مست منهن پيس، جو سڀ ڪنهن سان مستي ڪندو پئي هليو. ان تي ڳوڻ واري مست کيس طعنا تنڪا هنيا.
اي منهنجا ڀاءُ! جيئن ڳوڻ ۾ بند ٿيل مست پنهنجي حالت کي نه، پر ٻئي جي حالت کي پئي ڏٺو، تيئن اسان جي به حالت آهي. ٻين جا عيب ڏسڻ تنهنجي ناعاشقيءَ جو بين ثبوت آهي.

هڪڙي شخص جو قصو، جوپنج سال هڪ عورت تي عاشق هو

هڪڙو بهادر، پنجن سالن تائين هڪڙي عورت تي عاشق هو. انهيءَ جي اک ۾ ٿورڙي سفيدي به هئي، جا هن کي باوجود گهڻي ڏسڻ جي به معلوم نه پئي ٿي. ڀلا، جڏهن عاشق پنهنجي عشق ۾ چور هوندو تڏهن ان کي پنهنجي معشوق جي عيب جي ڪٿي ٿي خبر پوي! ان بعد جڏهن سندس عشق گهٽجڻ لڳو، تڏهن انهيءَ اک جي عيب کان به آگاهي ٿيس. عورت کان پڇڻ تي ان کيس ٻڌايو، ته هيءُ عيب ان وقت کان ظاهر ٿيو آهي، جنهن وقت کان تنهنجو مون لاءِ پيار گهٽيو آهي.
اڙي انسان! تو پنهنجي دل وسوسن سان ڀري ڇڏي آهي. تون ڪجهه پنهنجي عيبن ڏي به ڏس. جڏهن توکي خود پنهنجو عيب ڳرو معلوم ٿيندو، تڏهن توکي ٻين جي عيب جو ڪو خيال ئي نه رهندو.

هڪڙي محتسب ۽ مست جو قصو

هڪ دفعي هڪڙي محتسب (پوليس سپرنٽنڊنٽ)، هڪڙي مست کي گهڻي مار پئي ڏني، جنهن تي هن کيس چيو، ته تون ايتري زيادتي ۽ شور نه ڪر، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن حرام ماني هن دنيا ۾ مستي آڻي ۽ رسوا ۽ خوار ڪري ته پوءِ تون مون کان زياده مست رهيو آهين، مگر ڳالهه ڇا آهي ته ان مستيءَ کي ڪير ڏسي ڪونه ٿو. مون کي مار ڏيڻ ۾ ايترو حد کان لنگهي نه وڃ. ڪجهه پاڻ ڏي به ڏس.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال

اي اسان جا سردار هدهد! مون کي به هڪڙو سوال ڪرڻو آهي. ڀلا مان جڏهن سيمرغ وٽ پهچي وڃان، تڏهن پوءِ کانئس ڪهڙيءَ شيءِ جي گهر ڪريان؟ هاڻي جڏهن هيءُ جهان ان (سيمرغ) سبب مون لاءِ روشن آهي، تڏهن سمجهي نٿو سگهان ته آخر هن کان ڇا گهران. برابر جيڪڏهن مون کي ڪا بهتر ۽ زياده عمدي شيءِ معلوم هجي ها ته اتي پهچڻ بعد اهائي کانئس طلب ڪريان ها.

هدهد جو جواب

اڙي جاهل! معلوم ائين ٿو ٿئي ته تون ان کان آگاه ئي ڪونه آهين. مخلوق کي ڪنهن شيءِ طلب ڪرڻ ۾ به ڄاڻ ضروري آهي، ڇالاءِ جو مان توکي ٻڌايان ٿو ته انهيءَ کان وڌيڪ بهتر ۽ عمدي ٻي ڪا شيءِ ئي ڪانهي جا تون طلب ڪرين. هڪ دفعو جيڪڏهن تون، ان عالي درگاهه کان واقف ٿي وئين ته پوءِ ڪنهن به قيمت تي تون انهيءَ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندين. هاڻي مان توکي ٻه چار حڪايتون ٻڌايان ٿو،جي توکي هن حقيقت کي سمجهڻ ۾ مدد ڏينديون.

بوعلي رودباريءَ جي حڪايت

جڏهن بو علي رودباريءَ جي مرڻ جو وقت ويجهو آيو، تڏهن اکيون مٿي کڻي چوڻ لڳو، ته اي منهنجا پروردگار! تنهنجو انتظار ڪندي ڪندي، هينئر آخري دم کڻي رهيو آهيان. مون لاءِ بهشت جا دروازا کوليا ويا آهن ۽ ملائڪ سڳورا مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري مون کي ان اندر اچڻ لاءِ سڏي رهيا آهن ۽ هر لذت ۽ راحت جو سامان مون لاءِ مهيا ڪيو ويو آهي، ليڪن منهنجي دل تو متعلق تحقيق ڪرڻ کان هٿ ئي نه ٿي کڻي سگهي ۽ چوي ٿي، ته آخر منهنجو هنن شين سان ڪهڙو ڪم؟ مون ته ساري عمر تنهنجي ئي انتظار ۾ گذاري. اي منهنجا موليٰ! تنهنجو عشق (منهنجو تو لاءِ عشق) منهنجي دل سان خوب ڳوهيو ۽ ملايو ويو آهي؛ مان نه دوزخ ڄاڻان نه بهشت. ساري جهان ۾ تون ئي منهنجو مطلوب آهين. ڪا گهڙي ته هن منتظر دل سان اڪيلائيءَ ۾ گذار. بس اهائي منهنجي مراد آهي ۽ اهائي منهنجي حاجت.

الله تعاليٰ جو حضرت دائود عليہ السلام سان خطابہ

الله تعاليٰ، حضرت دائود عليہ السلام کي فرمائيندي چيو ته منهنجي ٻانهن کي وڃي چئو ته، جيڪڏهن دوزخ ۽ بهشت نه هجن ها ته به منهنجي بندگي ڪرڻ مناسب ۽ واجب هئي. ها، جيڪڏهن، نور ۽ نار واقعي نه هجن ها ته توهان جو مون سان ڪو سروڪار ئي نه رهي ها. هاڻي جڏهن مان عبادت جو هر لحاظ کان مستحق آهيان، تڏهن منهنجي عبادت بهشت جي اميد ۽ دوزخ جي خوف کان نه ڪئي وڃي. انهن کي سمجهاءِ ته هو غير کان هٿ کڻي پوءِ صحيح معنيٰ ۾ منهنجي پرستش ڪن. مان ئي سندن مقصود رهان ۽ نه حورون ۽ غلمان.

سلطان محمود جو اياز کي بادشاهي ڏيڻ

جڏهن محمود، اياز کي پنهنجو خاص ڪري چونڊيو تڏهن ان کي پنهنجي بادشاهي ڏيئي تاجدار ڪري، تخت تي ويهاريو. سپاهي ۽ سولجر هيءَ حالت ڏسي، غيرت کان جلي ويا ۽ چوڻ لڳا، ته ڪنهن به بادشاهه ڪنهن غلام کي ايتري عزت ڪڏهن نه بخشي. اياز جو نهايت سمجهدار هو، سو سلطان جي انهيءَ فعل کان راضي ته درڪنار، مگر زارو زار پئي رنو. هي ڏسي سڀيئي کيس ديوانو ۽ بي عقل سڏڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا، ته جڏهن توکي هيتري ساري بادشاهي ملي، تڏهن هاڻي هي روڄ راڙو ڇا جو؟ تون ته هاڻي وڃي عيش ۽ آرام ڪر. اياز فوراً کين جواب ۾ چيو ته توهين سڌيءَ راهه کان پري پيل آهيو. ڇا، توهان اهو نٿا سمجهو ته ائين ڪرڻ سان بادشاهه مون کي پاڻ کان پري ڪري رهيو آهي؟ هو کڻي مون کي جهان جي بادشاهي ڇو نه ڏئي، ليڪن مان هن کان هڪڙي گهڙي به غائب ٿيڻ نٿو گهران. هو جيڪي به فرمائي، تنهن جي بجا آوريءَ لاءِ مان هر وقت تيار آهيان، مگر هن کان هڪ پلڪ پري ٿيڻ نٿو چاهيان. مان هن ملڪ کي ڇا ڪندس، منهنجو ملڪ، هن جو ديدار آهي ۽ بس.
اي عزيز! جيڪڏهن تون طالب ۽ حق شناس آهين ته بندگيءَ جو سبق وڃي ايازکان سک ۽ هيءَ ڳالهه به سمجهي ڇڏ ته! جيستائين دوزخ ۽ بهشت تنهنجي رستي ۾ حائل رهندا، تيستائين تون ان راز کان واقف ٿي نه سگهندي. تون انهن ٻنهي کان پنهنجي جان ڇڏاءِ ته جيئن ابدي دولت حاصل ڪرين.

رابعه بصريءَ جي مناجات

هڪ دفعي رابعه بصري، پنهنجي دعا ۾ چئي رهي هئي، ته اي راز جا ڄاڻندڙ، دشمنن جا دنياوي ڪم ڀلي ٺاهه ۽ پنهنجي دوستن کي هميشه لاءِ آخرت عطا ڪر (مان راضي آهيان)، ڇالاءِ جو مان انهن ٻنهي کان آزاد آهيان. مان جيڪڏهن انهن ٻنهي کان سڃي ٿي وڃان، پر تنهنجي غم جي گهڙي مون سان ساڻ هجي ته ههڙي سڃائي مون لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته تون، مون لاءِ سڀني شين کان بهتر آهين. جيڪڏهن توکان سواءِ مان ڪنهن ٻيءَ شيءِ کي چاهيان ته پوءِ يقيناً مان ڪافرياڻي آهيان.

الله تعاليٰ جو حضرت دائود عليہ السلام کي خطابہ

دنيا جي پيدا ڪرڻ واري، حضرت دائود عليہ السلامہ کي پردي جي اندران مخاطب ٿي چيو، ته دنيا ۾ جا به شيءِ آهي پوءِ کڻي سٺي خواه خراب، انهيءَ جو عوض توکي ملي سگهي ٿو، ليڪن منهنجو عوض (بدل) توکي ڪٿي به نه ملي سگهندو. هاڻي جڏهن حالت هيءَ آهي، تڏهن پوءِ تون مون کان سواءِ غافل نه رهه، مان تولاءِ بس آهيان. حقيقت ته هيءَ آهي ته، توکي مون کان سواءِ ڪو چاروئي ڪونهي ۽ مون بغير توکي ڪو بقا ئي ڪونهي. تنهن ڪري تون مون کان غافل نه ٿي ۽ نه مون کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي ڪا طلب ئي ڪر.

سلطان محمود جي لشڪر جو سومناٿ بت کي ڳولي لهڻ

سومناٿ ۾، سلطان محمود جي لشڪر ان بت کي وڃي ڳولي لڌو جنهن جو نالو لات هو. هندو ان بت کي بچائڻ خاطر اٿي کڙا ٿيا ۽ ان جي برابر سون ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا، ليڪن محمود اها ڳالهه نه مڃي ۽ ان بت کي باهه ۾ جلائي ڇڏيو. ڪنهن سرڪش اٿي چيو، ته بت کي ساڙيو نه وڃي ها ۽ ان جي عوض سون وٺڻ بهتر هو. محمود جواب ڏنو ته، مون کي ڊپ ٿيو ته متان سڀان قيامت جي ڏينهن ساري مخلوق جي اڳيان پروردگار کڻي چوي ته آذر ۽ محمود کي ڏسو، هڪڙو بت تراش هو ته ٻيو وري بت فروش.
اي انسان، تون پاڻ سان ڪئين بت کنيو ٿو پيو هلين. دوست (الله تعاليٰ) خاطر پنهنجي نفس جي بت کي ته باهه لڳاءِ.

سلطان محمود جي نذر جي حڪايت

راوي ڳالهه ٿو ڪري، ته جڏهن سلطان محمود هندن سان جنگ ڪرڻ لاءِ غزني کان روانو ٿيو، تڏهن هندوستان پهچڻ تي انهن جي ڪثيرالتعداد لشڪر کي ڏسي گهٻرائجي ويو. ان وقت ٻي واهه نه ڏسي هن هڪڙي باس باسي ته جيڪڏهن مون کي هن لشڪر تي ڪاميابي ٿي ته مان غنيمت جو سارو مال درويشن ۽ فقيرن ۾ ورهائي ڇڏيندس. آخر جڏهن ڪامياب ٿيو، تڏهن غنيمت جو مال کيس هٿ آيو، سو ڳاڻيٽي کان ئي ٻاهر نڪري پيو، مگر باوجود ان جي هن چاهيو ته اهو سارو درويشن ۾ ورهائي پنهنجو عهد پورو ڪري؛ ليڪن سڀيئي ماڻهو کيس چوڻ لڳا، ته هيترو سارو مال چند فقيرن ۾ ورهائڻ مناسب نه آهي. عين ان وقت هڪڙو بي ادب ديوانو جو حقيقت ۾ وڏو عقلمند ۽ هوشيار هو، سو اچي ان لشڪر جي وچ مان لانگهائو ٿيو. جڏهن بادشاهه کيس پري کان ڏٺو، تڏهن چيائين، ته انهيءَ ديواني جو حڪم بجا آڻيندس، ۽ جيڪي هو چوندو سو ڪندس. جڏهن هن ان کي سارو قصو ڪري ٻڌايو، تڏهن ان ديواني چيس، ته هاڻي جڏهن تنهنجو ڪم مفت ۾ پورو ٿيو آهي، تڏهن تون پنهنجو شرط پورو ڪر. محمود هي ٻڌي سارو مال درويشن ۾ ورهائي ڇڏيو.

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال

هڪڙي ٻئي پکيءَ، هدهد کان پڇيو، ته انهيءَ درٻار ۾ ڪهڙيءَ شيءِ جو زياده رواج آهي ته اسين اها اتي وڃي پيش ڪريون؟ بادشاهن ڏانهن ته ڪو قيمتي تحفو کڻي وڃڻ گهرجي؛ پر جيئن ته اسين ان کان غيرواقف آهيون، تنهن ڪري تون اسان جي رهنمائي ڪر.

هدهد جو جواب

هدهد چيس ته اي يار! جيڪڏهن تون واقعي حڪم جي بجا آوري چاهين ٿو، ته پوءِ اوڏانهن اها شيءِ کڻي وڃ جا اتي هجي ئي نه. باقي جيڪڏهن تون هتان اها شيءِ کڻي وڃين جا اتي اڳيئي موجود هجي ته ان مان ڪهڙو فائدو؟ هي ته اٽلو توکي ڏٺو ۽ شرمسار ڪندي. اتي علم به آهي، معرفت جا اسرار به آهن ۽ فرشتن جي جهجهي عبادت به آهي. تون جان جو جلڻ ۽ دل جو درد پاڻ سان کڻي وڃ، ڇالاءِ جو انهن شين جو اتي ڪو نشان ئي ڪونهي.اجهو مان توکي ٻه چار قصا ٻڌايان ٿو، جن ۾ تولاءِ سراسر هدايت آهي.

زليخا جو يوسف عليہ السلام کي قيد ۾ وجهڻ جو قصو

هڪڙي ڏينهن زليخا، حضرت يوسف کي کڻي قيد ۾ وڌو ۽ نوڪر کي حڪم ڪيائين ته هو ان کي پنجاهه لڪڻ اهڙي زور سان هڻي جيئن هوءَ ان جي دانهن (آه) پري کان ٻڌي سگهي، جنهن وقت نوڪر، يوسف کي لڪڻ هڻندو هو، تنهن وقت هو زاروزار رئندو هو ۽ ان جي روئڻ جو آواز زليخا ٻڌندي به هئي ۽ نوڪر کي اڃا زور سان مارڻ لاءِ چوندي هئي. آخر جڏهن هن ان کي هڪ لڪڻ نهايت زور سان هڻي زمين تي ڪيرائي وڌو، تڏهن ان کان اهڙي آه نڪتي جنهن سڌو وڃي زليخا جي دل کي چوٽ لڳائي. زليخا بي اختيار ٿي چڻ لڳي ته هاڻي ان کي مارڻ بند ڪيووڃي. هيءَ آه ڪنهن تيز جڳهه مان نڪتي آهي ۽ انهيءَ هڻي هنڌ ڪيو آهي.
اي پيارا! تون جيستائين درد نه رکندي، تيسيتائين تون مردن ۾ شمار ئي نه ٿيندين، جنهن کي عشق جو درد ۽ سوز آهي، تنهن کي نه رات جو ننڊ ۽ نه ڏينهن جو آرام.

هڪڙي خواجه ۽ سندس پاڪباز غلام جو قصو

هڪڙي خواجي کي، هڪڙو حبشي نوڪر هو، جنهن دنيا جي ڪمن کان هٿ ڌوئي ڇڏيا هئا ۽ ساري رات نماز پڙهندي گذاريندو هو. هڪ ڏينهن خواجي چيس ته تون جنهن مهل رات جو ننڊ مان اٿين، تنهن مهل مون کي به جاڳائج ته جيئن وضو ڪري ٻئي گڏجي نماز پڙهون. نوڪر جواب ڏنو، ته جنهن شخص کي هن رستي جو درد نه آهي، تنهن کي جاڳائڻ ئي مناسب ناهي. جيڪڏهن توکي درد هجي ها ته تون سجاڳ رهين ها ۽ اجايو ساري رات ننڊ ۾ نه وڃائين ها.
اي منهنجا دوست! جنهن کي هيءَ حسرت ۽ هيءُ درد نه آهي، تنهن جي مٿي تي شال ڌوڙ هجي!

بوعلي طوسيءَ جو قصو

بوعلي طوسي، هڪ ڏينهن فرمايو، ته سڀان قيامت ڏينهن جڏهن دوزخي، اهل جنت وارن کي نهايت عاجزي سان ڏسندا ۽ کانئن جنت جي خوشي ۽ وصال جي ذوق بابت پڇندا، تڏهن سڀئي چوندا ته بهشت جي خوشي ته اسان کان ويندي رهي، ڇالاءِ جو اسان کي هن ڪمال سان ڀريل بهشت ۾ انهيءَ آفتاب جي ڏسڻ جو تاب نه آهي. جڏهن انهيءَ جو جمال اسان جي ويجهو ٿئي ٿو، تڏهن اٺ ئي بهشت شرم کان ڪارا ٿي وڃن ٿا. ان بعد دوزخي جواب ۾ چوندا، ته اسان ته هڪ خراب جڳهه ۾ مٿي کان ويندي پيرن تائين باهه ۾ پيا آهيون. هن اسان کي پنهنجو ظاهر ظهور ڏيکاريو ۽ اسان پنهنجي ذلت ۽ ان جي جدائيءَ جي حقيقت کان آگاهه ٿياسين، تڏهن حسرت ۽ ارمان جي باهه کان اسان جي ناخوش دلين اسان کان دوزخ جي ياد ئي وسارائي ڇڏي.
اي منهنجا دوست! جتي عشق جي باهه پنهنجو اثر ڏيکاريندي، تتي دوزخ جي باهه جو اثر ڪٿي رهندو؟

هڪڙي شخص جي حضرت رسول مقبول ﷺ جن جي مصلي تي نماز پڙهڻ جي درخواست

هڪڙي دفعي ڪنهن شخص، حضور ﷺ جن کان سندن مصلي تي نماز پڙهڻ جي اجازت گهري جا پاڻ نه ڏنائون ۽ فرمايائون، ته هن وقت مٽي ۽ واري گرم آهن (تنهن ڪري انهن تي پيشاني رکڻ مناسب نه آهي). تون پهريائين پنهنجي دل کي داغ لڳاءِ، ڇا لاءِ جو سڀان تون داغ جي وسيلي ئي سڃاتو ويندين ۽ عزت ۽ مرتبو پائيندين.

ستن وادين جو بيان

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو طلب جي واديءَ متعلق سوال

اي دوست هدهد! تون ته انهيءَ واديءَ جي رستي کان چڱيءَ طرح واقف آهين، ليڪن اسين ته ان کان سراسر انڌا آهيون. مهرباني ڪري ٻڌاءِ، ته اهو ڪيترو ڊگهو آهي؟

هدهد جو جواب

هدهد جواب ڏيندي کيس ٻڌايو، ته هن رستي ۾ اسان کي ست واديون طئي ڪرڻيون آهن، جڏهن اهي سڀيئي لنگهي پار پونداسين، تڏهن سيمرغ جي درگاهه وٽ اچي پهچنداسين. جو مخلوق به هيءُ رستو وٺي ويو، سو وري واپس نه موٽيو؛ تنهن ڪري ان جي مفاصلي جو ڪوپتو ئي ڪونه ٿو پوي. سڀني کان اول طلب جي وادي آهي، ان بعد عشق جي وادي آهي، جنهن جو نه آهي ڪنڌي ۽ نه ڪنارو. ان کان پوءِ معرفت جي وادي آهي، ۽ ان بعد استغنيٰ جي وادي آهي، پوءِ توحيد جي وادي آهي، تنهن کان پوءِ حيرت جي وادي آهي جا ڏاڍي اوکي آهي ۽ آخر ۾ فقر ۽ فنا جي وادي آهي، جنهن بعد توکي اڳتي وڌڻ جي طاقت نه هوندي. جيڪڏهن تون هڪڙو هوندين ته به هن هنڌ هڪ سمنڊ نظر ايندين.

طلب جي وادي جو بيان

جڏهن تون، طلب جي واديءَ ۾ داخل ٿيندين، تڏهن توکي هر گهڙيءَ ڪئين تڪليفون درپيش اينديون. ڪئين سال محنت ۽ ڪوشش ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته هن هنڌ حالتون ئي بدلجي وڃن ٿيون. مال، ملڪ ۽ پيسي، مطلب ته هر شيءِ کان هٿ کڻڻو ۽ دل کي پاڪ ڪرڻو پوي ٿو. جڏهن دل هڪ دفعو پاڪ ۽ صاف ٿي ويئي ته پوءِ هوءَ پاڻهي عالي درٻار کان نور وٺڻ شروع ڪري ڏيندي؛ ۽ جڏهن اهو نُور تنهنجي دل تي ظاهر ٿيندو، تڏهن تنهنجي رستي ۾ ڪا باهه کڻي ظاهر ٿي، ته تون عشق جي ماريل پتنگن جيان پيو پاڻ کي باهه ۾ سٽيندين. طلب جي درياءَ ۾ هوندي به پاڻ کي اڃارو سمجهندين، ۽ محبوب جي راز کي معلوم ڪرڻ ۾ اهڙو بيتابيءَ سان لڳل هوندين جو ان خاطر، ڪنهن به خطرناڪ شيءِ کان نه گهٻرائيندين. هاڻي هي ٻه چار ڳالهيون ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ هنئين سان هنڊاءِ.

ابو عثمان مڪيءَ جي ڳالهه

عمرو ابو عثمان، جڏهن حرم اندر ”گنج نامه“ تحرير ڪيو، تڏهن هُن ان ۾ هِن ڳالهه جو ذڪر ڪيو، ته جڏهن الله تعاليٰ، حضرت آدم جي جسم ۾ روح ڦوڪيو، تڏهن چاهيائين، ته فرشتن کي ان حقيقت جي ڪا خبر نه رهي. هن پوءِ انهن کي آدم اڳيان سجدي ڪرڻ جو حڪم ڪيو، جنهن جي پوري بجا آوري ڪندي انهن پنهنجا سر زمين تي رکيا، ۽ ائين ڪرڻ ڪري انهن مان ڪو هڪ به ان راز کي ڏسي نه سگهيو. بعد ۾ ابليس اچي چوڻ لڳو، ته مان سجدو هرگز نه ڪندس، پوءِ کڻي منهنجو سر ڇو نه ڪاٽيو وڃي. هاڻي جڏهن هن پنهنجو سرزمين تي نه رکيو، تڏهن هن اهو راز ڏسي ورتو، ڇالاءِ جو اهو اڳي ئي تاڙ ۾ ويٺو هو. الله تعاليٰ کيس چيو، ته تو وڏي جاسوسي ڪئي آهي ۽ هن گنج کان واقف ٿي ويو آهين، تنهن ڪري متان تون هي راز فاش ڪري وجهين، تنهنجو سر ڪاٽڻ ئي مناسب آهي. ابليس عرض ڪيو ته مون کي مهلت ڏني وڃي، جا کيس ڏني ويئي ۽ لعنت جو طوق سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. ان کان پوءِ ابليس چوڻ لڳو، ته هاڻي جڏهن مون کي پاڪ خزانو معلوم ٿي ويو آهي، تڏهن ڊپ ڇا جو؟ اي منهنجا موليٰ! لعنت به تنهنجي ملڪيت آهي، ۽ رحمت به تنهنجي ئي ملڪيت آهي؛ هيءُ بندو به تنهنجي ملڪيت آهي ۽ قسمت به تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي. جيڪڏهن منهنجي حصي ۾ لعنت آئي آهي ته مڙيوئي خير آهي (اها به آخر تنهنجي ئي طرف کان آئي آهي). مون جڏهن ماڻهن کي رحمت جي طلب ڪندو ڏٺو، تڏهن تنهنجي لعنت مون بي ادب کي ڀڙڪائي کڙو ڪيو. رحمت وانگر تنهنجي لعنت لاءِ به هڪ بندو آهي ۽ اهو مان آهيان جو هينئر رتبي کان ڪري پيو آهيان.
اي عزيز، جيڪڏهن تون طالب آهين ته تنهنجي طلب هن نموني جي هئڻ گهرجي ورنه تنهنجي طلب جي دعويٰ ڪوڙي آهي. جيڪڏهن تون، ان کي باوجود ڏينهن رات تلاش ۽ جستجو جي نٿو لهي سگهين ته سمجهي ڇڏ ته تنهنجي طلب ۾ ڪا گهٽتائي آهي، باقي هو ته هر وقت هر هنڌ موجود آهي.

شبلي رحمتہ الله عليه جي ڳالهه

مرڻ وقت، شبليرح ڏاڍو بيقرار هو، اکيون بند، دل منتظر ۽ ڪمر تي حيرت جو پٽو چڙهيل هوس. مٽيءَ جي هڪ ڍير تي ويٺو هو، ڪنهن مهل ان مٿان پئي ڳوڙها ڳاڙيائين ته ڪنهن وقت مٽي کڻي پئي مٿي ۾ وڌائين. هڪڙي سائل کانئس پڇيو، ته تو اهڙي وقت ۾ ڪنهن کي زنار ٻڌل ڏٺو آهي؟ جواب ڏنائين، ته منهنجي جان، جنهن ٻنهي جهانن کان اک ٻوٽي ڇڏي آهي، سا هن وقت ابليس جي غيرت کان سڙي رهي آهي. جڏهن لعنت جو خطاب فقط ان کي مليل آهي، تڏهن انهيءَ اضافت کان مون کي افسوس اچي ٿو
اي منهنجا ڀاءُ، تون شبليءَ جي پياس ۽ سندس جگر جي گرميءَ کي ڌيان ۾ رکي ڏس ته هو ٻين کي ڇا ڪجهه چئي رهيو آهي. جيڪڏهن محبوب توکي پٿر هڻي ته اهو ان موتيءَ کان افضل آهي جو ڪنهن غير جي طرف کان اچي. ڏسڻو صرف هيءُ آهي، ته جا شيءِ اچي ٿي سا طرف ڪهڙي کان اچي رهي آهي ۽ بس. تون طلب ۽ انتظار جي راهه ۾ پاڻ گهوريندو رهه ۽ گهڙي به خاموش ٿي نه ويهه، ڇالاءِ جو هن راهه ۾ ذرو به دير ڪفر برابر آهي.

مجنونءَ جي ڳالهه

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن شخص، مجنونءَ کي رستي تي مٽي ڇاڻيندو ڏسي، کانئس پڇيو ته تون هتي ڇا ڳولهي رهيو آهين؟ مجنونءَ جواب ڏنو ته ليليٰ ڳولهي رهيو آهيان. انهيءَ تي ان شخص چيس ته ليليٰ توکي مٽيءَ ۾ ڪٿان ملندي؟ آخر ڪڏهن ناياب موتي به ائين مٽيءَ ۾ ملندو! مجنون وراڻي ڏنس ته مان ته هن کي هر جڳهه ڳولهي رهيو آهيان، ممڪن آهي ته ڪنهن هنڌ ملي به وڃي.

يوسف همدانيءَ جي ڳالهه

يوسف همداني، جو پنهنجي زماني جو امام ۽ معرفت جو صاحب هو، تنهن هڪ دفعي چيو، ته جيڪڏهن اکين وارو زمين ۽ آسمان اندر هر ننڍي ۽ وڏيءَ شيءِ کي غور سان ڏسندو ته کيس معلوم ٿي ويندو ته هرهڪ ذرو يعقوب (عليہ السلام) آهي، جو پنهنجي وڃايل يوسف (عليہ السلام) جي پڇا ڪري رهيو آهي.
اي منهنجا دوست، هن راهه ۾ صبر ۽ انتظار درڪار آهن، ساري عمر انهن ۾ ئي صرف ڪرڻ گهرجي. تون ڪنهن به حالت ۾ صبر جي واڳ هٿان نه ڇڏ، ممڪن آهي، انهيءَ جي ڪري وڃي هڪ ڏينهن پنهنجي مراد کي پهچين

سلطان ابوسعيد مهنه جي ڳالهه

هڪڙي دفعي شيخ مهنه، ”قبض“ جي سخت لپيٽ ۾ اچي ويو ۽ جيئن بيابان طرف وڃي رهيو هو، تيئن هڪڙي پيرسن ڳوٺاڻي تي پري کان نظر وڃي پيس، جنهن جي اکين مان نور پئي ٽپڪيو. شيخ وٽس وڃي پنهنجي قبض جي حال کان کيس چڱيءَ طرح واقف ڪيو. پوڙهي سندس ڳالهه ٻڌي کيس چيو، ته جيڪڏهن زمين کان ويندي عرش تائين، ساري ميدان کي چڻن سان هڪ نه، بلڪ هزار بار وري وري ڪري ڀرجي ۽ هڪڙو پکي، هزار سالن کان پوءِ هڪرو داڻو کڻي ته ڪنهن وقت هي سارو ميدان خالي به ٿي ويندو، مگر تون ايتري زماني گذرڻ بعد به، ان جي دروازي جي اڃا خوشبوءِ کان ئي بهراور ٿي نه سگهندين، ۽ انهيءَ کان تمام گهڻو پري رهندين.
اي عزيز، طالب کي گهڻو صبر ڪرڻ گهرجي، ۽ هن راهه ۾ ڪنهن ٻيءَ شيءِ کي ڏسي روڪجي وڃڻ نه کپي.

سلطان محمود جي ڳالهه

هڪ رات، سلطان محمود اڪيلو وڃي رهيو هو ته رستي تي هڪڙي مٽيءَ ڇاڻيندڙ کي هڪ مٽيءَ جي ڍير تي ويٺل ڏسي، کڻي پنهنجو بازوبند ان ڍير ۾ اڇلايو ۽ بعد ۾ ويندو رهيو. ٻيءَ رات جڏهن بادشاه انهيءَ هنڌ آيو، تڏهن هن کي انهيءَ ڪم ۾ مشغول ڏسي، چيائينس ته توکي جا شيءِ ڪانه ملي هئي، سا ته نهايت ئي قيمتي هئي؛ تون ته وڃي هينئر بادشاهي ڪر، تون ڪنهن جو محتاج ئي نه رهيو آهين. انهيءَ تي جواب ۾ چيائين، ته هن مٽيءَ ڇاڻيندي ته مون هي خزانو لڌو آهي. هاڻي منهنجي هيءَ ئي ڪار رهندي جيستائين جيئرو آهيان.
اي انسان، تون هن در جو طالب ٿي رهه ته جيئن اهو تلاءِ کوليو وڃي، هن راهه کان منهن نه موڙ ته جيئن اها توکي ڏيکاري وڃي.

هڪڙي بيخود جي ڳالهه

هڪڙي دفعي، جيئن هڪڙو بيخود، خدا تعاليٰ کي در کولڻ لاءِ چئي رهيو هو، تيئن رابعه بصري جا اتي پاسي ۾ ويٺي هئي، تنهن جواب ڏنس ته اڙي غافل، هيءُ دروازو ڪڏهن بند ٿيو به آهي؟
اي عزيز، هيءَ دروازو سدائين کليل آهي ۽ رحمت جو خومچو هر وقت حاضر ۽ موجود آهي.

عشق جي واديءَ جو بيان

طلب جي واديءَ کان پوءِ، عشق جي وادي اچي ٿي، جنهن ۾ جو به گهڙيو، سو گويا باهه جي مچ ۾ وڃي پيو. جو عاشق خود باهه نه آهي، تنهن کي هيءَ وادي ڪٿي ٿي سونهين؟ عاشق جڏهن هن واديءَ اندر پير رکي ٿو، تڏهن ڪفر ۽ دين، شڪ ۽ يقين، نيڪي ۽ بديءَ کي ته ڪا گهڙي بالڪل وساري ڇڏي ٿو. معشوق جي وصال خاطر هو سڀڪجهه قربان ڪري ٿو ۽ جيستائين پاڻ کي ساڙي نٿو، تيستائين غم کان به ڇٽي نٿو سگهي. عشق هڪ باهه آهي ۽ عقل دونهون. جتي عشق آيو، تتي عقل ويندو رهيو. جيڪڏهن غيب جي طرفان توکي ڪا تائيد حاصل آهي ته پوءِ تون عشق جي منزل ماڻي سگهندين ۽ سارو جهان تنهنجو همراز ٿي ويندو. بهرحال هتي هڪ زنده دل گهرجي، جو هردم پنهنجي جان گهوريندو رهي. پيارا، هي ٻه چار قصا ٻڌي ڇڏ، جي انهيءَ حقيقت ڏانهن تنهنجي رهنمائي ڪندا.

هڪڙي خواجه جي عشق جو قصو

هڪڙو خواجه، ڪنهن ڇوڪري جي عشق ۾ چريو ٿي پيو ۽ عشق جي زيادتي سبب گهڻو رسوا ۽ مشهور ٿي ويو. جو ڪجهه مال ۽ ملڪيت وٽس هو، سو سڀ وڪڻي شراب خريد ڪندو هو. جڏهن صفا سڃو ۽ هٿين خالي ٿي ويو، تڏهن سندس عشق به سؤ دفعا وڌي ويو، مگر باوجود بکئي رهڻ جي به هو سدائين سير نظر ايندو هو، جڏهن هڪڙي سائل کانئس عشق جي حقيقت دريافت ڪئي، تڏهن چيائين ته عشق ته هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن خاطر ههڙيون سوين دنيائون قربان ڪرڻ به ڪا معنيٰ نٿيون رکن. ڀلا، جنهن جو عشق سان ڪو پيچ ئي نه پيو آهي سو انهيءَ کي ڇا سمجهندو؟

مجنونءَ جو چمڙا پوش ٿي ليليٰ وٽ وڃڻ

مجنونءَ غريب جي ڪا اهڙي قسمت هئي، جو ليليٰ جا مٽ مائٽ ۽ عزيز ٻيو ته ٺهيو، مگر هن مسڪين کي پنهنجي قبيلي ۾ ئي اچڻ نه ڏيندا هئا. ٻي ڪا واهه وسيلو نه ڏسي هو هڪ قريبي جهنگل ۾ وڃي هڪ ريڍار کان هڪڙي کَل وٺي آيو ۽ پوءِ اها پائي کڻي پاڻ کي گهٽو بڻايائين. ان بعد ريڍار کي عرض ڪيائين، ته خدا جي نالي مون کي هن ڌڻ ۾ گڏي ليليٰ جي طرف وٺي هل ته ڪا گهڙي ان جي خوشبوءِ جو واس وٺان. آخر هو رڍن جي ڌڻ سان گڏجي اچي ليليٰ جي گهٽيءَ ۾ پهتو. پهچڻ شرط سندس عشق ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ سندس هوش کانئس ويندو رهيو، جڏهن عشق پنهنجو غلبو ڏيکاريو ۽ معاملو هٿن مان نڪري ويو، تڏهن ريڍار کيس پڪڙي موٽائي جهنگل وٺي آيو. هو پوءِ ان جهنگل جي ماڻهن سان گڏجي گذارڻ لڳو. هڪ دفعي انهن مان ڪنهن چيس، ته اي مان وارا مجنون! تون ننگو ڇو ٿيو ويٺو آهين؟ ڇا، مان، تولاءِ هينئر اهو ريشمي ڪپڙو نه کڻي اچان، جنهن کي تون زياده پسند ڪندو هئين؟ مجنونءَ جواب ۾ چيو، ته هر پوشاڪ عاشق کي سونهين نٿي. مون لا کَل کان وڌيڪ عمدي ٻي پوشاڪ ئي ڪانهي. مجنونءَ جو اطلس ۽ ريشم کل آهي ۽ جو به ليليٰ سان عشق رکندو، سو کَل ئي چاهيندو. مون پنهنجي معشوق جو منهن هن کَل وسيلي ڏٺو آهي. هاڻي تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته مان هن کَل کان سواءِ ٻيو ڪو لباس ڪيئن ٿو پهري سگهان؟

هڪڙي مفلس جو اياز تي عاشق ٿيڻ

هڪڙي دفعي، هڪڙو مفلس، اياز تي عاشق ٿي ڏاڍو مشهور ٿي ويو. اياز جنهن مهل سوار ٿي ٻاهر ويندو هو، تنهن مهل هو به سندس پاسو وٺيو ويندو هو. جڏهن سلطان محمود کي هن ڳالهه جي خبر پئي، تڏهن گهرائي چيائينس، ته تون هڪ بادشاه (يعني منهنجو) جو رقيب بڻجڻ ٿو چاهين؟ انهيءَ تي هن جواب ڏنس ته اي بادشاه! جيڪڏهن تون مون کي فقير سڏين ته ڀلي، ليڪن عشقبازيءَ ۾ مان توکان گهٽ نه آهيان. عشق ۽ افلاس باهم پاڙيسري آهن ۽ فقير غريب جو ته سرمايو ئي هي ڪجهه آهي. عشق ته پڻ افلاس ۾ تازگي ۽ رونق وٺي ٿو ۽ هوڏانهن تون ته خوش دل بادشاه بڻيو ويٺو آهين، حالانڪ عشق لاءِ مون جهڙي سڙيل دل گهرجي. تو وٽ وصل جو سامان ته برابر موجود آهي، ليڪن جدائيءَ جي درد جي سامان جي ڪمي آهي. آخر ۾ سلطان چيس، ته تو منهنجي روبرو افلاس جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ تون جيڪڏهن انهيءَ دعويٰ ۾ سچو آهين ته ڪو گواهه پيش ڪر. هن غريب جواب ۾ چيو،ته جيستائين منهنجي جان باقي آهي، تيستائين ته مان مفلسيءَ کان خالي آهيان، ها، جيڪڏهن مان پنهنجي جان، عشق مٿان گهوري ڇڏيان ته پوءِ ته هيءَ مفلسيءَ جي چٽي نشاني چئبي. هن ائين مس چيو ته سندس زبان مان آخري لفظ هي نڪتا ”هن (مون غريب) محبوب جي سر تان پنهنجي جان گهوري ڇڏي.“
اي عزيز! هن راهه ۾ سچائيءَ جي نشاني، جانفشاني آهي.

هڪ عرب جو عجم ۾ وڃڻ ۽ قلندرن سان ملڻ

عرب ملڪ مان جڏهن هڪڙو ماڻهو، عجم ۾ آيو، تڏهن انهن جون ريتيون رسمون ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. هڪ دفعي گهمندي ڦرندي قلندرن جي جاءِ کان لانگهائو ٿيو، ۽ ڏٺائين ته هو ٻنهي جهانن کان بيخبر ۽ ناپاڪيءَ ۾ هڪٻئي کان وڌ ۽ شراب ۾ مست آهن. اتفاق سان سندس ميلان انهن جي طرف ٿي پيو ۽ انهيءَ ميلان ۾ ئي هو پنهنجو هوش ۽ حواس گم ڪري ويٺو. قلندرن پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي کيس هوش ۾ آندو ۽ اندر اچڻ (اندر آ) لاءِ چيائونس. جڏهن اندر ويو تڏهن شراب پي، مست ٿي پاڻ وڃائي ويٺو ۽ انهيءَ گهڙيءَ سندس زر ۽ مال به ڪو وٽانئس کڻي هليو ويو. جڏهن واپس وطن پهتو تڏهن گهر وارن کيس پريشان حال ۾، هٿن خالي ڏسي ان جو کانئس سبب پڇيو. انهيءَ تي انهن کي ٻڌايائين ته مان جيئن هڪ رستي تان مزي سان وڃي رهيو هوس تيئن منهنجو گذر وڃي قلندرن وٽان ٿيو. بس اتي مان سڀ ڪجهه وساري ويٺس ۽ خود پاڻ کان ئي بيخبر ٿي ويس. جڏهن کيس قلندرن جي وصف بيان ڪرڻ لاءِ چيائون تڏهن جواب ڏنائين ته انهن جي وصف جا مون کي معلوم ٿي سا هيءَ آهي ته ”اندر آ“ (يعني اندر اچ).

شيخ شبليءَ جو هڪڙي ڳالهه ٻڌائڻ

شيخ شبلي، هڪڙي دفعي پنهنجي ڀاءُ سان ڳالهه ڪئي ته شهر جي مڪتب ۾ هڪڙو اميرزادو پڙهندو هو، جو نهايت خوبصورت ۽ يوسف مثل حسن ۽ جمال جو پيڪر هو. هو جڏهن مڪتب اندر استاد اڳيان ايندو هو، تڏهن سڀني شاگردن کان رڙ نڪري ويندي هئي. انهيءَ ساڳي مڪتب ۾ هڪڙو درويش حال ڇوڪرو به پڙهندو هو، جو انهيءَ اميرزادي جي عشق ۾ گرفتار ٿي چريو ٿي پيو. هن جي هيءَ روش استاد کي پسند نه آئي، تنهن مڪتب مان خارج ڪري ڇڏيس. ان بعد هو ويچارو وڇوڙي جي درد ۽ جدائيءَ جي داغ کان جلي اڱر ٿي ويو. سدائين پريشان ۽ سرگردان پئي ڦريو ۽ حياتيءَ کان هٿ کڻي موت لاءِ تيار ٿي ويو. اميرزادي کي ان جي حال کان آگاهي ٿي ويئي، تنهن ماڻهو موڪليس ته آخر هو ٻڌائي ته سندس هي روڄ ۽ راڙو، آهه ۽ فغان ڇا جي ڪري آهي؟ ان هٿ جواب موڪليائينس ته، مون تنهنجي عشق ۾ پنهنجي دل اڙائي ڇڏي آهي ۽ هن راهه ۾ جي تڪليفن مون ڏٺيون آهن، سي خدا شال ڪنهن کي نه ڏيکاري. اميرزادي وري ٻيو دفعو پيغام موڪلي کانئس گُهر ڪئي ته جو ڪجهه تون چوين ٿو سو جيڪڏهن سچ آهي ته پوءِ پنهنجي دل ڪڍي مون ڏانهن ڏياري موڪل. هي پيغام ٻڌنديئي هن گهر وڃي، سينو چيري، دل طبق اندر وجهي ان کي ڍڪي نياپي آڻيندڙ کي آڻي ڏني ۽ کيس عرض ڪيو ته، هو ان منهن ڍڪيل طبق کي لڪائي کڻي وڃي ان اڳيان حاضر ڪري ۽ ائين چونديئي هو فوراً مري ويو. جڏهن اميرزادي ان طبق کي کوليو تڏهن ان جي خون سان ڀريل دل کي ڏسي اکين آڏو اوندهه اچي ويس ۽ سارو مڪتب هڪ ماتم گهر بڻجي ويو. ان واقعي کان پوءِ انهيءَ اميرزادي پنهنجي ماريل جو ماتم شايان شان نموني ۾ ڪيو ۽ جو ڪجهه ان ڏس ۾ مناسب هو سو سڀ ڪيو. انهيءَ جي خاڪ (قبر) کي پنهنجو قبلو بنايائين ۽ ان جو ماتم پاڻ لاءِ هڪ لازمي مشغلو ڪري ورتائين.
اي يار، جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته تون دنيا جو پير آهين، ته به عشق جي رستي ۾ هڪ ٻار کان به گهٽ آهين، جيڪڏهن تون واقعي عاشق آهين ته دل کي چيري ٻاهر آڻ ورنه اجائي لٻاڙ کان باز رهه.

هڪڙي عاشق جو پنهنجي معشوق کي مارڻ جو قصو

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو بزرگ، ڪنهن سهڻي تي عاشق ٿي پيو. اتفاق سان سندس معشوق موت جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي، وڃي پوين پساهن ۾ پيو. جڏهن عاشق کي اها خبر پيئي، تڏهن هٿ ۾ ڇري کڻي ڊوڙندو آيو ۽ اچي چوڻ لڳو ته مان پنهنجي معشوق کي ماريندس. سڀيئي کيس بيوقوف سڏڻ لڳا ۽ کانئس پڇڻ لڳا ته آخر هن فعل (مرڻينگ کي مارڻ) ۾ ڪهڙي حڪمت آهي. جواب ڏنائين ته هو جڏهن منهنجي هٿان مرندو، تڏهن مان انجي بدلي ۾ هتي ماريو ويندس، ۽ وري قيامت ڏينهن انهيءَ خاطر شمع جي طرح جلايو ويندس، ڇا منهنجي لاءِ هي جلڻ ڪافي نه آهي!
اي پيارا! تون دل کي هڪدم هن جهان کان هٽائي ڇڏ ته جيئن محبوب جي خلوت ميسر ٿئي ٿي.

حضرت ابراهيم عليـﮧ السلام جي وفات جو قصو

جڏهن حضرت ابراهيم عليـﮧ السلام جي مرڻ جي آخري گهڙي آئي، تڏهن هن حضرت عزرائيل کي آساني سان جان ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس چيو ته هو الله تعاليٰ کي وڃي چوي، ته هو هروڀرو پنهنجي دوست جي جان نه وٺي. الله تعاليٰ کيس جواب م چوائي موڪليو، ته جيڪڏهن تون دوست آهين ته پوءِ پنهنجي دوست (مون) لاءِ جان جي قرباني ڏي. حاضرين مان هڪڙي حضرت ابراهيم عليـﮧ السلام کي چيوته توهين حضرت عزرائيل کي جان ڇو نٿا ڏيو؟ حالانڪ عاشق ته هميشه انهيءَ راهه ۾ جان نثار هوندا آهن. حضرت ابراهيم جواب ڏنس ته مان جان ڇاجي ڪري ڏيان، جڏهن جو هو (عزرائيل) اچي اسانجي (مون ۽ الله تعاليٰ) وچ ۾ پيو آهي. جڏهن مان باهه ۾ اڇلايوويو هوس تڏهن جبرئيل اچي مون کي مدد جي آڇ ڪئي هئي، ليڪن مون ان ڏانهن نظر کڻي به نه ڏٺو هو، ڇالاءِ جو هو مون ۽ منهنجي پروردگار درميان هڪ روڪ ٿي پيو هو. جڏهن مون جبرئيل کان ئي منهن ڦيري ڇڏيو تڏهن عزرائيل ڇا آهي؟ مان پنهنجي جان خوشيءَ سان انهيءَ ڪري نٿو ڏيان، جو چاهيان ٿو ته مان اهڙو حڪم (ته جان ڏي) انهيءَ کان پنهنجي ڪنين ٻڌان. بس ڳالهه صرف هيءَ آهي.

معرفت جي واديءَ جو بيان

طلب ۽ عشق جي وادين کي طئي ڪرڻ کان پوءِ معرفت جي وادي سامهون ايندي، جنهن جو نه آهي منڍ ۽ نه آهي ڇيڙو، ڪوبه اهڙو مخلوق ڪونهي جو هن رستي جي ڊگهائيءَ سبب مختلف راءِ نه رکندو هجي. هن واديءَ جون واٽون ته مختلف آهن، ۽ ان ۾ هرهڪ پنهنجي حد اندر ظاهر ٿئي ٿو. سڀڪنهن جي رفتار ۽ ترقي هڪجهڙي نٿي رهي. انهيءَ ڪري ئي ته معرفت جي حصول ۽ سمجهه ۾ ماڻهو مختلف ٿي ويا. ڪن کي اها محراب اندر نظر آئي ته ڪن کي وري بتخاني ۾ به نظر آئي. جڏهن معرفت جو آفتاب خوب چمڪندو آهي، تڏهن هرهڪ پنهنجي درجي ۽ مقام کي سڃاڻي ويندو آهي ۽ سالڪ، هر ذري ۾ پنهنجي دوست کي ڏسندو آهي ۽ هرطرف انهيءَ جو ئي منهن نظر ايندو آهيس. ان جي منهن جي پردي اندران لکين اسرار رونما ٿين ٿا ۽ هن هنڌ ڪئين سالڪ گم ٿي وڃن ٿا، مشڪل سان ڪو هڪڙو وڃي ٿواصل حقيقت کي پهچي ۽ انهن رازن کي چڱيءَ طرح سان سمجهي. هن عجيب راهه ۾ ڪو ڪامل هجي جو ان گهَرِي سمنڊ ۾ غوطو هڻي سگهي. خوش قسمتيءَ سان جيڪڏهن انهن اسرارن ڄاڻڻ لاءِ تو ۾ ڪجهه ذوق پيدا ٿي پيو ته پوءِ هر گهڙيءَ تنهنجي شوق ۾ ويندو اضافو ٿيندو ۽ تنهنجي پياس هتي حد درجي کي پهچي وڃي ٿي.
اي پيارا! توتي هي فرض عائد ٿئي ٿو ته تون عرفان جي سمنڊ ۾ پاڻ کي ٻوڙي ڇڏين يا وري پنهنجي مٿي تي مٽي وسائين. هاڻي مان توکي ٻه چار ڳالهيون ٻڌايان ٿو، اميد ته تون انهن مان هدايت حاصل ڪندين.

هڪڙي ماڻهوءَ جو پٿر بڻجي وڃڻ

چين ملڪ جو ڪنهن جبل ۾، هڪڙو سنگدل ماڻهو آهي، جنهن جي اکين مان هميشه پيا لڙڪ وهن. جڏهن اهي لڙڪ زمين تي ڪرن ٿا،تڏهن پٿر بڻجي پون ٿا. جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ پٿر ڪڪر جي هٿ چڙهي وڃي ته هو قيامت تائين پيو افسوس ۽ ارمان جو مينهن وسائي.
هو هڪ سچار ۽ پاڪ مرد آهي. جيڪڏهن توکي ڳولڻو آهي ته وڃي چين ۾ ڳولينس، ڇاڪاڻ ته بي همتن جي غصي کان هو پٿر بڻجي ويو آهي. هن اونداهيءَ دنيا ۾ تنهنجي رهنما علم جو چراغ آهي. تون اٺ ئي پهر انهيءَ جي طلب ۾ لڳو رهه.

هڪڙي معشوق جي ڳالهه

هڪڙو عاشق، جيئن پريشان حاليءَ ۽ عاجزيءَ سان مٽيءَ تي سمهيو پيو هو، تيئن سندس معشوق اچي هڪڙي مناسب چٺي لکي، سندس آستين ۾ ٻڌي، هليو ويو. جڏهن هو ننڊ مان اٿيو، تڏهن چٺي پڙهي خوني لڙڪ وهائڻ لڳو. چٺيءَ ۾ لکيل هو ته ”تون جيڪڏهن واپاري آهين ته اٿي ان لاءِ ڪوشش وٺ، ۽ جيڪڏهن زاهد آهين ته ساري رات بندگيءَ ۾ گذار ۽ جيڪڏهن تون عاشق آهين ته ذرا شرم ڌار ڪڏهن عاشق غريب جي اکين کي ننڊ آهي؟ هاڻي جيڪڏهن تون انهن مان هڪ به نه آهين ته پوءِ عشق جي ڪوڙي دعويٰ نه ڪر. تون نادانيءَ کان عشق ۾ اچي ويو آهين، ڀلي سمهي ننڊون ڪر.

هڪڙي چوڪيدار جي عشق جي ڳالهه

هڪڙو چوڪيدار، ڪنهن تي عاشق ٿي پيو، جنهن سبب سندس ننڊ آرام ڦٽي ويو. هڪڙي دوست چيس، ته آخر تون ڪا گهڙي ننڊ به ڪر، ساري رات پيو بيخوابي ۾ گذارين. جواب ڏنائين ته عشق، چوڪيدار جو ساٿي آهي، انهيءَ (چوڪيدار) کي ننڊ سونهين ئي نٿي. هڪڙي چوڪيداري ۽ ٻيو ان سان گڏ عشق، تنهن ڪري ننڊ جو ته ڪو سوال ئي نٿو اٿي. عشق هر رات منهنجو امتحان وٺي ٿو، گويا چوڪيدار جي چوڪيداري ڪري ٿو، تنهن ڪري بيخوابي منهنجي مغز ۾ جاءِ ڪري ويئي آهي ۽ اها مون کي ڏاڍي مٺي لڳي ٿي.
اي متلاشي (ڳوليندڙ)، تون ننڊ کي خيرباد چؤ ۽ دل جي گهٽيءَ جي پاسباني (چوڪيداري) ڪر، ڇا لاءِ جو انهيءَ جي اردگرد گهڻا چور رهن ٿا. تون خبردار ٿي دل جي جوهر کي چورن جي لُٽ کان حفاظت ۾ رک، ڇاڪاڻ ته جڏهن ههڙي قسم جي چوڪيداري تنهنجي طبيعت بڻجي ويئي، تڏهن تون عشق ۽ معرفت ٻنهي جو مالڪ بڻجي وئين. رات جو بيخوابيءَ ۾ خوني ڳوڙهن ڳاڙڻ سان ته معرفت حاصل ٿيندي آهي. جيڪڏهن انهيءَ وقت ڪنهن ۾ عشق جو ذوق ظاهر ٿيو ته هن اڳيان ٻنهي جهانن جو راز کلي پوندو؛ پوءِ جيڪڏهن هو ڪمزور هوندو ته مضبوط ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن اڳي ئي مضبوط هوندو ته موجزن درياءَ بڻجي ويندو.

عباسه جي عشق بابت گفتگو

هڪ رات، عباسه چيو ته جنهن ماڻهوءَ ۾ عشق جي درد جو ذرو آهي، سو جيڪڏهن مرد آهي ته ان مان عورت پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن عورت آهي ته ان مان مرد پيدا ٿئي ٿو. تو ڏٺو آهي ته حضرت آدم کان عورت پيدا ٿي ۽ حضرت مريم کان مرد پيدا ٿيو، ۽ اهو انهيءَ ڪري آهي ته جيستائين جيڪي ڪي گهربل آهي، اهو تڪميل کي نٿو پهچي، تيستائين هي ڪم ڪڏهن به تو اڳيان، صفائيءَ سان ظاهر نه ٿيندو.
جيڪڏهن تون هن جهان تي قانع رهندين ته هميشه لاءِ ضايع ٿي ويندين. غيرفاني بادشاهي فقط معرفت ۾ آهي. تون انهيءَ جي حصول لاءِ ڪوشش وٺ، جو شخص عرفان ۾ مست آهي، سو ساري مخلوق جو بادشاهه آهي. جيڪڏهن دنيا جي بادشاهن کي ان طرفان ڪا ٿورڙي آگاهي ٿي وڃي ته هو ڏک ۽ ارمان کان سڀ ڪجهه وساري ماتم ۾ ويهي رهن.

هڪڙي ديواني جي ڳالهه

سلطان محمود، جڏهن هڪ دفعي ڪنهن هنڌ تي پهتو، تڏهن هن اتي هڪڙو پيدل ديوانو ڏٺو، جو غم جي بار کان سر جهڪايو ويٺو هو. جڏهن بادشاه تي نظر پيس، تڏهن ان کي پري هٽي وڃڻ لاءِ چيائين ۽ کيس ٻڌايائين، ته هو بادشاهه نه، پر هڪ پست همت ۽ خدا تعاليٰ جو ناشڪر بندو آهي. ڪاش! جيڪڏهن توکي هيءُ معلوم ٿي وڃي ته تون ان کان ڪيترو نه پري پيو آهين!

استغنيٰ جي واديءَ جو بيان

چوٿين وادي، استغنيٰ جي آهي، جنهن متعلق ڪوبه ڊاڙ هڻي نٿو سگهي. هتي بي نيازيءَ جو جهولو اهڙو ته سخت ٿو لڳي، جو هڪ پلڪ ۾ جهان کي نابود ڪري ٿو ڇڏي. ان اڳيان ست بهشت ۽ دوزخ ڪا معنيٰ ئي نٿا رکن، ۽ نهايت عجب جي ڳالهه آهي جو هن واديءَ ۾ هڪ ڪئلي به سؤ هاٿين جي طاقت رکي ٿي. هتي تون ڪو عمل ڪرين يا نه ڪرين، هيءُ جهان ئي بي نيازيءَ جو آهي. هن هنڌ جيڪڏهن هزارين جانيون ڪري پون ته اهي سڀ هڪ بي پايان سمنڊ ۾ هڪ شبنم جي قطري برابر آهن. جيڪڏهن هي سڀيئي آسمان ۽ تارا، ذرا ذرا ٿي پون، زمينون ۽ آسمان معدوم ٿي وڃن، ٻنهي جهانن ۾، جنن ۽ انسانن جو نشان ئي نه رهي ۽ جيڪڏهن هيءُ ساري مخلوق خاڪ ۾ ملي وڃي ته ان استغنيٰ جي دنيا کي ڪا پرواهه ڪانهي اها جيئن آهي تيئن رهندي. هاڻي نصيحت خاطر مان توکي ٻه چار حڪايتون ٻڌايان ٿو.

هڪڙي جوان جي حڪايت

اسان جي ڳوٺ ۾ محمد نالي هڪڙو چنڊ جهڙو خوبصورت جوان کوه ۾ ڪري پيو. ڪرڻ سان مٿس گهڻي مٽي پئجي ويئي، مگر ڪنهن شخص اچي کيس ٻاهر ڪڍيو، ليڪن ان وقت، هو پوين پساهن ۾ هو. پڻس هي حالت ڏسي چوڻ لڳوته .اي بابا، تون مون پيءُ سان ته مهرباني ڪري ٻه ٽي لفظ ڳالهاءِ.“ ان جواب ۾ چيس، ته محمد هجي يا ڪو ٻيو·، هتي ڳالهائڻ جي جاءِ ڪانهي. بس، ائين چئي هن دم ڏنو.
اي سالڪ! ڪجهه غور سان ڏس؛ ڪٿي محمد ۽ ڪٿي آدم جو اولاد، ڪٿي جزئيات ۽ ڪٿي ڪُليات، هتي ته سڀ گم آهن ۽ ڪنهن جي به هلي نٿي!

شيخ يوسف همدانيءَ جي حڪايت

يوسف همداني، جو انهيءَ راهه کان آگاهه هو، تنهن هڪ شخص کي چيو، ته جيڪڏهن تون عرش تي وڃي وري واپس زمين تي موٽي اچين ته اهو به آسان آهي ۽ جو ڪجهه ٿيو ۽ ٿيندو، نيڪي خواه بدي، سڀ ان درياءَ جو هڪ قطرو آهي، ليڪن هيءَ وادي ڏاڍي اوکي آهي ۽ تون محض نادانيءَ کان ان کي سهل سمجهي ويٺو آهين. هن جهان ۾ تون ڪيترو به رستو طئي ڪندين، ته به ڏسندين ته اهو اڃا تنهنجو پهريون قدم آهي، ڇاڪاڻ ته هن رستي جي نه ته ڪا انتها آهي ۽ نه هن درد جي ڪا دوا. تون ان اندر ڪيترو به هلندو ۽ ڊوڙندو وڃين، مگر قيامت تائين تون گهنڊ جو آواز نه ٻڌندين (درٻار عالي تنهنجي وهم ۽ گمان کان ئي پري آهي). تون هر حالت ۾ هن جهان جي بي نيازيءَ ۽ بيپرواهيءَ کي لحاظ ۾ رکيو اچ، ڇالاءِ جو هن درٻار ۾ استغنيٰ جي اها بجلي ٿي چمڪي، جنهن جي گرميءَ کان سوين جهان هڪ پلڪ ۾ سڙي ڀسم ٿي وڃن ٿا.

هن جهان جي دشواريءَ جي حڪايت

هڪڙو ڏاهو حڪيم (نجومي)، جيئن مٽيءَ جي تختيءَ تي سيارن ۽ ثابت ستارن، آسمان ۽ زمين جا نقوش ڪڍي، انهن تي پنهنجو فيصلو مرتب ڪندو آهي، ۽ سعادت يا نحوست جا چٽ ڪڍندو ۽ موت ۽ ڄم جا خانا بنائيندو آهي، ۽ بعد ۾ جڏهن نحوست جو حساب سعادت سان بدلجي ويندو آهي، تڏهن انهي تختيءَ کي وٺي ڇنڊيندو آهي، ڄڻڪ اهي نقوش اصل هئائي ڪونه، تيئن هن دشوار جهان جو نقشو به آهي. تون، جيڪڏهن ان جو تاب جهلي نٿو سگهين ته ان جي چوڌاري چڪر ڪاٽيندو رهه ۽ وڃي ڪا ڪنڊ وساءِ.

شخص جنهن اڳيان پردو هٽايو ويو، تنهن جي حڪايت

هڪڙي عارف، ڪنهن شخص کي چيو ته عالم اسرار تان پردو هٽايو ويو آهي. غيب کان فوراً آواز آيو ته اي ٻڍا! جو ڪجهه گهرڻو هجيئي سو جلدي گهري وٺ.“ ٻڍي جواب ۾ چيو، ته مون ٻڌو آهي ته نبي سڳورا هميشه هر ڪنهن قسم جي تڪليف ۾ مبتلا رهيا آهن، هاڻي جڏهن نبين سڳورن جي هيءَ حالت هئي، تڏهن هن غريب ٻڍي کي ڪٿي ٿي راحت ملي سگهي؟ مان نه عزت ٿو چاهيان ۽ نه ذلت، ڪاش! مون مسڪين کي هن عاجزيءَ ۾ ڇڏيو وڃي!

هڪڙيءَ مک جي حڪايت

هڪڙي مک، جيئن پنهنجي ثمر لاءِ وڃي رهي هئي، تيئن ڪنهن ڪنڊ ۾ ماکيءَ جو مانارو ڏسي مٿس شائق ٿي پيئي ۽ چوڻ لڳي ته ڪو آزاد مخلوق هجي، جو مون کان هڪڙو جؤ وٺي، مون کي هن ماناري ۾ آڻي اندر ويهاري. ڪنهن شخص هيءَ ٻڌي، ان کان جؤ وٺي کيس اندر جاءِ ڏني؛ پر جڏهن مک جو وڃي شهد سان ڪم پيو، تڏهن ان ۾ ڦاسي پيئي ۽ جيترو پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪيائين، تيترو سوگهي ٿي ويئي. هيءُ حال ڏسي رڙيون ڪرڻ لڳي ته مان ته مصيبت ۾ اچي ويئي آهيان ۽ شهد ته مون لاءِ زهر کان به زياده ڪڙي ٿي پيئي آهي. مان هاڻي هڪ جؤ جي عوض ٻه جؤ ڏيان ٿي ته جيئن هن قيد کان ٻاهر نڪري اچان.
اي برادر، هن واديءَ ۾ ڪوبه شخص هڪ گهڙي به شال فارغ نه هجي، ۽ هن واديءَ جو سالڪ به ڪو پختو صوفي هجي!

هڪ گودڙيءَ جي عشق جي حڪايت

هڪ مشهور گودڙيو، ڪنهن شڪاريءَ جي ڇوڪريءَ تي بيتاب عاشق ٿي پيو ۽ ان جي منهن لاءِ انهيءَ جي گهٽيءَ جي ڪتن سان رات جو گڏ گذاريندو هو. جڏهن ڇوڪريءَ جي ماءُ کي اها خبر پئي، تڏهن چيائينس ته اسان جو ڌنڌو آهي، ڪتا ڌارڻ ۽ پالڻ، ۽ جيڪڏهن تون اسان جو ڌنڌو اختيار ڪرين ته سال کان پوءِ تون نڪاح ڪري سگهين ٿو. شيخ ڇاڪاڻ ته عشق ۾ مضبوط هو، تنهنڪري گودڙي اڇلائي، ڪتي کي هٿ ۾ وٺي، بازار ويندو رهيو ۽ سال کن اهوئي ڪم ڪندو رهيو. هڪڙي ڏينهن هڪ رفيق صوفيءَ هيءَ حالت ڏسي، کيس چيو ته ٽيهه سال تون پورو صوفي هئين ۽ هاڻي هيءُ تو ڇا ڪيو آهي؟ جواب ڏنائين ته تون اڃا غافل آهن، بهتر آهي ته تون هن ڳالهه کي ڊيگهه نه ڏي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ رازن کان چڱيءَ پر واقف آهي، ٿي سگهي ٿو، هو جڏهن تنهنجو مون کي متواتر طعنو ۽ تنڪو ڪندو ڏسي، تڏهن هن ڪتي کي منهنجي هٿ کان ڇڏائي تنهنجي هٿ ۾ ڏئي!

حضور قلب جي حڪايت

هڪڙي مريد، جڏهن مرشد کان حضور قلب بابت نڪتو دريافت ڪيو، تڏهن هن کيس جواب ڏنو ته توهان سڀيئي منهن ڌوئي اچو ته مان اهو نڪتو بيان ڪريان. توهان جڏهن ته نجاست ۾ ٿڦيا (لت پت ٿيا) پيا آهيو، تڏهن ان نڪتي ٻڌائڻ مان طرفين کي ڪهڙو فائدو؟

توحيد جي واديءَ جو بيان

پنجين وادي، توحيد جي آهي ۽ هيءَ تفريد ۽ تجريد جي منزل آهي، جڏهن هن واديءَ ۾ سالڪ منهن مٿي کڻندا، تڏهن هڪئي گريبان مان سر ٻاهر ڪڍندا. هتي وڏو عدد يا ننڍو، سڀ هڪ آهي. هوحد ۽ عدد کان بالاتر آهي، تنهن ڪري ازل ۽ ابد کان نظر ڦيري ڇڏ. هوئي موجود ۽ واجب الوجود آهي ۽ هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه آهي ئي ڪونه. چڱو هاڻي تون ٻه چار آکاڻيون ٻڌي ڇڏ، جن ۾ تنهنجي ڀلائي آهي.

هڪڙي شخص جو ديواني کان سوال

ڪنهن شخص، هڪڙي ديواني کان پڇيو ته هن جهان جي سمجهاڻي ته ڏي ته اهو ڪهڙو آهي؟ جواب ڏنائين ته ماکيءَ جي ڳنڍيل مکين جيان رنگارنگي آهي. جيڪڏهن ڪو شخص انهن کي هٿ ۾ وٺي مليندو ته اهي سڀ موم بڻجي وينديون. هاڻي جڏهن اصل ۾ هي سڀ موم هيون، تڏهن ايترن رنگن جي ته ڪا حقيقت ئي ڪانهي. جڏهن سڀ هڪ آهي ۽ ٻيائي ڪانهي، تڏهن هتي ’تون ۽ مان‘ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

هڪ پوڙهيءَ جي آکاڻي

هڪڙي ٻڍڙي، ابوعليءَ وٽ هڪڙو سونهري ڪاغذ کڻي آئي، ليڪن هن کانئس وٺڻ کان انڪار ڪندي ٻڌايو ته مون عهد ڪيو آهي ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به ڪا شيءِ نه وٺندس. ٻڍڙيءَ کيس فوراً جواب ڏنو ته هيءَ تنهنجي ٽيڏائي آهي ۽ جيڪڏهن تون واقعي ٽيڏو نه آهين ته ڪيستائين غير (ٻئي) کي ڏسندين؟ پخته صوفيءَ جي نظر ۾ ته هتي غير آهي ئي ڪونه، ڇا لاءِ جو هتي نه ڪعبو آهي ۽ نه ڪليسا. هو ڪڏهن انهيءَ ۾ ته ڪڏهن انهيءَ مان ته ڪڏهن انهيءَ سان آهي. هر شخص پوءِ هو عيبدار هجي يا بي عيب، غيب جي گريبان اندر (پاڻ سان هڪ) آفتاب رکي ٿو. آخر هڪ ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن هو ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو ۽ پوءِ جو به ان آفتاب اندر پهچي ويو، سو يقيناً نيڪيءَ ۽ بديءَ کان آزاد ٿي ويو، ڇا لاءِ جو جيستائين انسان پنهنجي هستيءَ ۾ گرفتار آهي، تيستائين ته هن مان نيڪي ۽ بديءَ جو رڳڙو هلندو رهندو.
اي بندا، تنهنجي جسم اندر اڪيچار گندگي آهي ۽ منجهس نانگ ۽ وڇون لڪا پيا آهن. جيڪڏهن تون ڪا ڪوشش ڪري انهن مان هرهڪ کان ڪو ڇوٽڪارو حاصل نه ڪندين ته اهي توکي (مرڻ بعد قبر ۾) قيامت تائين ڏنگيندا رهندا.
سالڪ جڏهن هن هنڌ پهچي ٿو، تڏهن اهو هنڌ ۽ سالڪ ٻئي گم ٿي وڃن ٿا. هو هتي گم ٿئي ٿو، ڇالاءِ جو گم ٿيڻ ۾ ئي هو ظاهر ٿئي ٿو ۽ گنگو ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته گنگي ٿيڻ ۾ ئي هو گويا بڻجي ٿو. هو جزو ٿي ڪل ٿي وڃي ٿو، پوءِ نه ڪل رهي ٿو نه جزو. عقل هن درگاهه جي دروازي کان ٻاهر ڪريو پيو آهي ۽ مادرزاد انڌي ۽ ٻوڙي مثل آهي، جو به شخص هن درگاهه کان ذرو به واقف ٿيو، تنهن ٻنهي جهانن کان منهن ڦيري ڇڏيو.

شيخ لقمان (سرخسيءَ) جي مناجات

هڪ دفعي لقمان (سرخسي)، دعا ۾ چئي رهيو هو ته ”اي منهنجا موليٰ، مان هينئر ٻڍو، پريشان ۽ صفا جهور ٿي ويو آهيان. مون کي هينئر ڪا خوشي ۽ آزادي عطا ڪر. غلام به جڏهن پوڙهو ٿي ويندو آهي تڏهن ان کي آزاد ڪيو ويندو آهي. غيب مان آواز آيس ته ”جو شخص بندگيءَ کان آزادي چاهي ٿو ته ان جو عقل ۽ تڪليف (شرعي قيد) ٻئي محو ٿي وڃن ٿا. هاڻي تون انهن ٻنهي کي ترڪ ڪري اڳتي قدم وڌاءِ.“ هي ٻڌي عرض ڪيائين ته اي منهنجا پروردگار! مان هميشه (لاءِ) توکي چاهيان ٿو، مون کي عقل ۽ تڪليف گهرجن ئي نه. بس پوءِ انهن ٻنهي کي ڇڏي نچندو ۽ تاڙيون وڄائيندو چوندو ويو ته مان نه ڄاڻان ته مان ڪير آهيان. بندگي ويندي رهي ۽ ان سان گڏ آزادي به، نه دل ۾ ڪو غم آهي ۽ نه خوشي. مان هينئر عارف برابر آهيان، ليڪن معرفت کان خالي. مان نٿو ڄاڻان ته آيا تون منهنجي جاءِ ۾ آهين يا مان تنهنجي جاءِ ۾ آهيان. ها، جڏهن مان تو ۾ محو ٿي ويس تڏهن (پوءِ) ٻيائي ڇاجي؟ (ويندي رهي).

هڪڙي معشوق جو پاڻيءَ ۾ ڪِرڻ

اتفاق سان هڪ معشوق پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. عاشق هي ڏسنديئي کڻي پاڻ اندر اڇلايو. جڏهن پاڻيءَ ۾ هڪٻئي سان مليا، تڏهن معشوق عاشق کي چوڻ لڳو ته جيڪڏهن مان کڻي قضا سان پاڻيءَ ۾ ڪِري پيس ته آخر توکي ڪهڙي اچي لاچار ورايو هو (جو تو به کڻي پاڻ اڇلايو). عاشق جواب ڏنس ته مون اهوانهيءَ ڪري ڪيو جو مان پاڻ کي توکان سواءِ سڃاڻان ئي نٿو (مان پاڻي کي به تنهنجي ئي ذات سمجهان ٿو). ڪنهن زماني کان مون کي هڪ شڪ آهي ته تون مان آهيان ۽ مان تون آهين. مان ۽ تون هڪ آهيون، اسان درميان دوئي آهي ئي ڪانه، يا تون مان آهيان ۽ يا مان تون آهين. جيستائين ٻيائي قائم آهي تيستائين شرڪ باقي آهي، جڏهن اها ويئي تڏهن توحيد مڪمل طور حاصل ٿي والسلام.

سلطان محمود ۽ اياز جي آکاڻي

هڪڙي مبارڪ ڏينهن سلطان محمود، حسن وزير ۽ اياز سان گڏ، جيئن پنهنجي بي انداز لشڪر جو جائزو وٺي رهيو هو تيئن هن اياز کي چيو ته هي سارو لشڪر تنهنجي ملڪيت آهي ۽ منهنجو بادشاهه به تون ئي آهين، ليڪن اياز تي انهن لفظن جو ڪوا ثر ڪونه پيو ۽ هن ڪنهن به قسم جو ادب بجا نه آندو. حسن کان هي ڏٺو نه سٺو. تنهن چيس ته آخر تون بادشاهه جو غلام آهين، اهڙيءَ بي ادبيءَ سان بيهڻ قطعاً نامناسب ۽ حق شناسيءَ جي بالڪل خلاف آهي. ان تي اياز ٻڌايس ته هن جا ٻه واجبي سبب آهن. هڪڙو هيءُ آهي ته جو به شخص بادشاهه جي خدمت خلوص ۽ بيريائيءَ سان ڪري ٿو اهو ان اڳيان ذلت ۽ عاجزيءَ سان بيهي ڳالهه ڪري ٿو. هاڻي پاڻ کي بادشاهه کان مٿي يا هيٺ ڪري ڏيکارڻ به هڪ طرح کان بادشاهه سان مقابلو ۽ برابري ڪرڻي آهي (پاڻ کي گهٽ ڪري ڏيکارڻ به هڪ قسم جي خوديءَ جي نشاني آهي). اياز به انهيءَ جي ملڪيت آهي، ته خلعت به انهيءَ جي ملڪيت آهي، ۽ مان ڪجهه به نه آهيان ۽ فرمان سارو انهيءَ جو آهي. جا مهرباني هي بادشاهه هر روز ڪري ٿو سا گويا اڄ اياز سان ڪئي. انهيءَ جو ٿورو ٻئي جهان نٿا لاهي سگهن. حسن ان جي هن جواب کي ڏاڍو پسند ڪيو ۽ چوڻ لڳو ته تون هر وقت سون ۽ هزارن انعامن جو لائق آهين. جڏهن کانئس ٻئي جواب بابت پڇيائين تڏهن اياز ٻڌايس ته اهو تنهنجي اڳيان ٻڌائڻ مناسب نه آهي. جيڪڏهن مان ۽ بادشاهه پاڻ ۾ اڪيلا هونداسين ته پوءِ هن راز جي گهڻي حفاظت ڪنداسون؛ پر ڇاڪاڻ ته تون رازدار نه آهين ۽ نه وري بادشاه ئي آهين. بادشاه انهيءَ دم حسن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ اياز کي چيو ته هينئر خلوت ميسر آهي تنهن ڪري اهو راز ۽ جواب مون کي ٻڌاءِ. اياز عرض ڪيو ته جو به (شخص) بادشاه جي ڪمال مهربانيءَ کان مون مسڪين ڏي نظر کڻي نهاري ٿو ته انهيءَ هڪ نگاه جي عڪس جي روشنيءَ ۾ منهنجو سارو وجود محو ٿي وڃي ٿو. هاڻي جڏهن بادشاه جي آفتاب اڳيان منهنجي وجود جو نالو ئي نٿو رهي تڏهن مان ڪيئن تنهنجي اڳيان نياز ۽ نوڙت ڪريان. جيڪڏهن تون ان وقت ڪنهن کي ڏسين ته اهو مان نه هوندس بلڪ بادشاه محمود پاڻ هوندوآهي. هاڻي جڏهن بندو پنهنجي ذات کان ئي فاني ٿي ويو ته پوءِ هاڻي جيئن تنهنجي دل چاهي تيئن ڪر.

حيرت جي واديءَ جو بيان

جڏهن تون حيرت جي واديءَ ۾ پير پائيندين، تڏهن سدائين پاڻ کي درد ۽ حسرت ۾ ڏسندين، آهه ۽ سوز ۾ پيو سڙندين. ڏينهن ۽ رات جي توکي ڪا خبر ڪانه رهندي. انهيءَ واديءَ جو سالڪ هڪ وسايل باهه جي طرح، ان جي درد کان خوب پچيل ۽ سڙيل هوندو آهي .توحيد جي واديءَ جو ڪجهه سندس دل تي لکيو هو سو سڀ هتي گم ٿي وڃي ٿو ۽ کيس پتو ئي نٿو رهي ته هو آهي ڪٿي ۽ ڇا آهي؟ نه هن کي باقي هئڻ جو ڪو علم رهي ٿو ۽ نه فاني هئڻ جي ڪا ڄاڻ؛ ۽ جيڪڏهن کانئس پڇيو ويندو ته جواب ۾ چوندو ته مان قطعاً نٿو ڄاڻان ته مان ڇا آهيان، ڪجهه آهيان به يا نه. عاشق آهيان، ليڪن اها خبر ڪانه اٿم ته ڪنهن تي، مان نه مسلمان آهيان ۽ نه ڪافر، خبر نه آهي ته ڇا آهيان! هاڻي مان توکي ٻه چار ڪهاڻيون ٻڌايان ٿو ته جيئن تون هن حقيقت کي چڱيءَ طرح سان سمجهين.

بادشاهه جي ڌيءَ جو هڪ غلام تي عاشق ٿيڻ

هڪڙي بادشاهه وٽ، هڪ چنڊ جهڙي ڌيءَ هئي، سندس سونهن ۽ سوڀيا اڳيان پريون پئي شرمايون. سچ پچ هوءَ يوسف ثاني هئي ۽ حسن ۽ جمال جو هڪڙو مجسمو هئي. هن جي هڪ ئي نگاهه ڏسندڙن کي ڦٽي ۽ دائمي داغ لڳائي ٿي ڇڏيو. هڪ دفعي هڪڙو غلام، بادشاهه وٽ نوڪريءَ لاءِ آيو ۽ هو به اهڙو ته مليح ۽ موچارو هو جو سج ۽ چنڊ سندس اڳيان بي نورپئي ٿيا ۽ هو پنهنجي خوبصورتيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. اتفاق سان هڪ ڏينهن ان ڇوڪريءَ جي، ان ڇوڪري تي نگاهه وڃي پيئي. بس سندس دل سندس هٿان هلي ويئي. عقل ۽ هوش کانئس موڪلائي ويا ۽ عشق مٿس مڪمل قبضو ڪري ورتو. ڪجهه ڏينهن ته فڪر ۽ خيال ۾ رهي ليڪن شوق ماريل، فراق سڙيل آخر بيچين ۽ بيرقرار ٿي پئي. وٽس ڏهه ڳائيندڙ ٻانهيون هيون، جي ڳائڻ ۾ داؤدي فن رکنديون هيون. لاچار ٿي انهن سان پنهنجو حال اوريائين ۽ کين چيائين ته مان هن غلام لاءِ تڙپي رهي آهيان، مان هن جو وصال چاهيان ٿي، ليڪن اهڙيءَ طرح جيئن هن کي خبر ئي نه پوي. هيءَ ڳالهه ٻڌي سڀئي کيس دلداري ڏيندي چوڻ لڳيون ته اسان ان کي رات جو ڪنهن مهل اهڙيءَ طرح لڪائي وٺي اينديون سين جو هن کي خبر ئي نه پوندي. نيٺ هڪڙي ٻانهي وڃي کيس شراب پيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي، جنهن سبب هو مست ۽ بيخبر ٿي ويو. بس جلدئي کيس هڪ بستري تي سمهاريندي کڻي آڻي ان ڇوڪريءَ اڳيان پيش ڪيائونس، جتي وري هن کي هڪ سوني تخت تي ويهاريو ويو ۽ مٿس هيرا ۽ جواهر گهوريا ويا. اڌ رات جو جڏهن نيم مستيءَ ۾ هن پنهنجون نرگس مثل اکيون پٽيون، تڏهن هڪڙو عجيب محلات ڏسي حيرت ۾ اچي ويو، جو ساروئي خوشبوءِ سان پئي ٻهڪيو. انهيءَ دم راڳيندڙين پنهنجو راڳ شروع ڪيو جنهن (راڳ) عقل ۽ هوش ٻنهي کي لٽي ڇڏيو. ڇوڪرو ساري رات انهيءَ ڇوڪريءَ جي مهن ڏسڻ ۾ ئي گم هو ۽ کيس خبر نه هئي ته هو ڪٿي آهي. سينو عشق سان لبريز، زبان گونگي ۽ سندس دل شوق کان پئي تڙپي. جنهن وقت سندس اکيون معشوق جي منهن ۾ کتل هيون ۽ موسيقارن جو سريلو آواز ڪنن ۾ پئي آيو ۽ سندس دل ۽ دماغ خوشبوءِ کان معطر هئا، تنهن وقت انهيءَ ڇوڪريءَ ان کي هڪڙو شراب جو گلاس پياريو ۽ دل کولي چمي به ڏني. ان جون اکيون ڇوڪريءَ جي منهن ۾ لڳل هيون ۽ پاڻ ان اڳيان حيران هو ۽ ڇاڪاڻ ته سندس زبان ٻولي نٿي سگهي، تنهن ڪري ان اڳيان ڳوڙها ڳاڙيندو ۽ ڪنڌ نوائيندو رهيو. هوڏانهن ڇوڪري به هر وقت سندس منهن تي لکين لڙڪ وهائيندي، سندس چپن کي چميون ڏيندي، سندس وارن سان راند کيڏندي ۽ سندس جادو ڀريل اکين ۾ گم ٿيندي پئي ويئي. هو مست غلام معشوق اڳيان اکيون کليل، بيهوش پيو هو، تان جو اچي صبح ٿيو؛ ليڪن صبح جي مٺڙي هير وري هن کي سمهاري ڇڏيو ۽ پوءِ انهيءَ حالت ۾ کيس آڻي پنهنجي جاءِ تي پهچايائونس. جڏهن ڪجهه هوش سنڀاليائين، تڏهن ڪجهه شور ڪرڻ ۽ پريشان حاليءَ جو مظاهرو ڪرڻ لڳو، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ، وار پٽڻ ۽ مٿي تي مٽي وسائڻ لڳو. جڏهن کانئس ان بابت پڇيو ويو، تڏهن جواب ڏنائين ته مان هن قصي کي ظاهر ڪري نٿو سگهان. هيءُ هڪ عجيب راز آهي جو ڪڏهن وقوع ۾ ئي نٿو اچي سگهي. هوءَ هڪڙي خواب جهڙي حالت هئي، ليڪن نه ظاهر نه باطن. اها نه ته هڪ گهڙي لاءِ دل تان محو ٿئي ٿي ۽ نه وري مان ان جو ڪو پتو ئي ٿو لڳائي سگهان. مون هڪ اهڙي حسين هستي ڏٺي. جنهن جهڙي دنيا ۾ آهي ئي ڪانه. مون جيتوڻيڪ ان کي ڏٺو، پر منهنجو ڏسڻ نه ڏسڻ جي برابر آهي. هاڻي مان هنن ٻن حالتن جي وچ ۾ پريشان ۽ حيران آهيان!

هڪڙي ماءُ جي ڪهاڻي

هڪڙي ماءُ، پنهنجي نياڻيءَ جي قبر تي پئي رني ته هڪ عارف هي ڏسي چوڻ لڳو ته هيءَ عورت مردن کان بازي کڻي ويئي، ڇا لاءِ جو برخلاف اسان جي هوءَ چڱيءَ طرح سمجهي ٿي ته ڪنهن گم ڪيل شيءِ کان پري پيئي آهي ۽ ڪنهن کان هن کي ايتري بي صبري آهي. اها مبارڪ زال آهي جا اصل حال کي ڄاڻي ٿي ۽ ان سان گڏ ان کي به جنهن لاءِ روئڻ جڳائي. مشڪل ۾ ته مان آهيان جو رات ڏينهن مصيبت ۾ پيو آهيان ۽ هي معلوم نه اٿم ته آخر ڪنهن ڪاڻ روئان ٿو ۽ نه اهائي خبر اٿم ته مان ڪنهن کان نکڙي پري پيو آهيان.

هڪڙي صوفيءَ جي ڪهاڻي

هڪڙو صوفي، جيئن وڃي رهيو هو تيئن ڪنهن شخص جو آواز ڪنين پيس، جو چئي رهيو هو ته مون پنهنجي ڪنجي وڃائي آهي جيڪڏهن ڪنهن لڌي هجي ته ڏئي، جو منهنجو دربند پيو آهي، آخر مان ڪيترو وقت ٻاهر ويٺو رهندس. صوفيءَ هي ٻڌي کيس چيو ته جڏهن تون دروازي کي ڄاڻين ٿو تڏهن اهو ڪافي آهي، ڀلي بند پيو هجي، ضرور ڪونه ڪو اچي ان کي کوليندو. تنهنجو ڪم ته آسان آهي، ليڪن مشڪل ۾ مان اچي پيو آهيان جو حيرت کان منهنجي جان جلي رهي آهي. منهنجي ڪم جو نه آهي منهن نه سر، نه ان جو ڪو دروازو آهي ۽ نه ڪا ڪنجي، ڪاش، هيءُ صوفي هميشه تلاش ۾ ڊوڙندو رهي ها ۽ هڪ ڏينهن وڃي ان دروازي کي لهي کولي ها!

نصرآبادي شيخ جي ڪهاڻي

نصرآبادي شيخ ۾ جڏهن عشق جو درد پيدا ٿيو، تڏهن توڪل سان چاليهه حج ڪيائين. ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد ڪنهن شخص کيس ڏٺو ته سندس وار اڇا ٿي ويا اهن، جسم ڳري لاغر ٿي ويو آهي ۽ کيس هڪڙي گوڏ ۽ زنار ٻڌل آهي. شيخيءَ جي ڪابه دعويٰ نٿي ڪيائين، ۽ آتش خاني جي چوڌاري پئي ڦريو. راوي چوي ٿو ته جڏهن مون کانئس ان جو سبب پڇيو، تڏهن جواب ۾ چيائين ته منهنجو معاملو ڏاڍو نازڪ پئجي ويو آهي، ۽ حيرت جي اهڙي ته باهه لڳل آهي، جنهن نه فقط منهنجو ننگ ۽ ناموس مگر اگر تگر سڀ ساڙي ناس ڪري ڇڏيو آهي، ۽ مان پنهنجي ڪم ۾ ماڳهين چريو ٿي پيو آهيان.

مريد جو پير کي خواب ۾ ڏسڻ

هڪڙو نئون مريد، پنهنجي پير کي خواب ۾ ڏسي چوڻ لڳو ته مان تنهنجي جدائيءَ ۾ ڳري رهيو آهيان، ۽ هتي حيرت کان منهنجي دل سڙي ويئي آهي. هاڻي تون پنهنجي حال جي خبر ڪر (ته ڇا ڏٺئه؟) پير ٻڌايس ته مان هن جهان ۾ بيحد حيران ۽ مست آهيان ۽ هميشه ڏندين آڱريون اٿم. آخرت ۾ جا حيراني درپيش اچي ٿي تنهنجي اڳيان دنياوي حيراني ڪجهه به نه آهي.

فقر ۽ فنا جي واديءَ جو بيان

حيرت جي واديءَ کان پوءِ فقر ۽ فنا جي وادي اچي ٿي، جنهن بابت ڪجهه چوڻ ئي مناسب نه آهي. سالڪ هن هنڌ پهرين ئي قدم ۾ گم ٿي وڃن ٿا، ۽ اها عين فراموشي، گونگائي، ٻوڙائي ۽ بيهوشيءَ جي وادي آهي. هي ٻئي جهان انهيءَ (واديءَ جي) سمنڊ جا چٽ آهن. ڀلا جڏهن سارو سمنڊ جنبش ڪندو، تڏهن هي چٽ ڪٿي ٿا رهي سگهن؟ جو به هن سمنڊ ۾ گم ٿيو سو هميشه لاءِ آرامي ٿيو. هن راحت ڀرئي سمنڊ ۾ سواءِ گمشدگي ۽ سرگردانيءَ جي ٻيو ڪجهه نه آهي. ها، جڏهن انهيءَ گمشدگيءَ کان سالڪ کي رهائي ملي ٿي، تڏهن گهڻائي راز کيس معلوم ٿي وڃن ٿا. هاڻي مان توکي ٻه چار نصيحت ڀريون آکاڻيون ٻڌايان ٿو.

معشوق طوسيءَ جي آکاڻي

هڪ رات معشوق طوسيءَ پنهنجي مريد کي چيو ته تون سدائين ڳرندو رهه. جڏهن تون عشق اندر سارو ڳري ويندين تڏهن ڪمزوريءَ کان وار وانگر ٿي ويندين، ۽ پوءِ جڏهن تنهنجي شخصيت وار مثل سنهي ٿي ويندي تڏهن اها تنهنجي جاءِ به وڃي محبوب جي زلفن ۾ ٺاهيندي، جو شخص خوديءَ کان فارغ ٿيو سو ڄڻڪ فنا ٿيو ۽ جو فنا ٿيو سو باقي رهيو.

هڪڙي عاشق جي آکاڻي جو گهڻو پئي رُنو

هڪڙو عاشق، هڪ ڏينهن ڏاڍو روئي رهيو هو. جڏهن ڪنهن ان جو سبب پڇيس تڏهن جواب ڏنائين ته مون ٻڌو آهي ته سڀان قيامت ڏينهن الله تعاليٰ چاليهه سال لاڳيتو پنهنجي بندن کي زيارت ڪرائيندو. ڪا گهڙي اهي لوڪ هوش ۾ به انيدا ۽ ناز ۾ پرورش وٺي وري عاجزيءَ ۾ ڪري پوندا، تنهن ڪري مان هن ڪري روئان ٿو ته جڏهن مان هوش ۾ ايندس تڏهن انهيءَ هڪڙيءَ گهڙيءَ کي ڇا ڪندس؟ انهيءَ غم کان ته چاهيان ٿو ته پاڻ کي ماري ڇڏيان (مارڻ گهرجي). جڏهن مان پاڻ کي پاڻ کان خالي ڏسندس تڏهن مان خدا تعاليٰ سان هوندس ورنه ڏاڍو خراب ۽ بڇڙو نظر ايندس. بس جنهن وقت خودي کان آزادي حاصل ٿي، تنهن وقت اها بي خودي مون لاءِ عين خدائي هوندي.

پتنگن جو شمع جي ڳولا ۾ گڏ ٿيڻ

هڪ رات، سڀ پتنگ اچي هڪ هنڌ ڪٺا ٿي چوڻ لڳا ته اسان مان هڪڙو اهڙو هجي جو وڃي اسان جي مطلوب جي ڪا خبر وٺي اچي. انهن مان هڪڙو اٿي هڪ محل اندر وڃي شمع جي نور کي پري کان ڏسي، واپس اچي پنهنجي سمجهه آهر ان جي تعريف ڪئي، ليڪن منجهن هڪڙو واقفڪار موجود هو، جنهن هي ٻڌي چيو، ته هن کي شمع متعلق ڪا آگاهي ڪانهي. وري هڪڙو ٻيو روانو ٿيو ۽ روشنيءَ کي ڏسندي ئي کڻي پاڻ کي شمع تي سٽيائين ۽ ان تي پر هڻندي هڻندي آخر مغلوب ٿي ڪِري پيو ۽ موٽي اچي شمع سان پنهنجي وصال جي ڳالهه ٻڌايائين، ليڪن ان واقفڪار ان کي به رد ڪندي چيو ته هيءُ خبر پهرينءَ جيان اڻپوري آهي. آخر ۾ ٽيون جوش ۽ خروش سان اٿي وڃي سڌو ان باهه تي ويٺو ۽ ان سان بغلگير ٿي پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو. جڏهن هو ساري جو سارو باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو، تڏهن ان جا سڀئي عضوا باهه وانگر ڳاڙها ٿي ويا. واقفڪار، جڏهن هن کي پري کان ڏٺو ته شمع ان کي همرنگ بنائي ڇڏيو آهي، تڏهن چيائين ته هيءُ واقعي ڪم وارو پتنگ آهي.
اي عزيز! جيستائين تون جسم ۽ جان کان بيخبر نه ٿيندين تيستائين هڪ گهڙي به پنهنجي محبوب جي سڌ نه لهندين.

هڪڙي شخص جو صوفيءَ کي ڪياڙي وارو ڌڪ هڻڻ

هڪڙو صوفي، جيئن بي فائدو وڃي رهيو هو تيئن هڪڙي سنگدل، ڪياڙيءَ تي مڪ هڻي ڪڍيس. هي ڏسي، ان کي چوڻ لڳو هت جنهن کي تو سمڪ هنئي آهي سو ته ٽيهه سال ٿيا ته هن جهان کان موڪلائي مري چڪو آهي. انهيءَ شخص کلي چيس ته، تنهنجي هيءَ دعويٰ قطعاً غلط آهي. ڀلا مري ويل به ڪڏهن ڳالهائيندو آهي؟ تو ۾ جيستائين وار برابر خودي موجود آهي، تيستائين تنهنجو انهيءَ منزل تي پهچڻ ڏاڍو مشڪل آهي.

هڪڙي درويش جو هڪ حسين شهزادي تي عاشق ٿيڻ

هڪڙي بادشاههس کي يوسف مثل خوبصورت پٽ هو، جڏهن به هو گهوڙي تي سوار ٿي ٻاهر ميدان ۾ ايندو هو، تڏهن ان جي چئني طرفن کان سندس سپاهي اگاڙيون تراريون کنيو هلندا هئا، ۽ جو به ان ڇوڪري ڏانهن نظر کڻي نهاريندو هو، تنهن کي يڪدم پڪڙي سزاياب ڪندا هئا. اتفاق سان هڪڙسو درويش ان تي عاشق ٿي پيو مگر عاشق به اهڙو جو جهان جي خبر ئي نه رهيس. رات ۽ ڏينهن انهيءَ گهٽيءَ ۾ پيو غم جا ڳوڙها ڳاڙيندو هو، ڇالاءِ جو هو ڪڏهن ڪڏهن اتان لانگهائو ٿيندو هو. هڪڙي مسڪيني، جو گهر ۾ لولو به نه لڀي ۽ وري اهڙي شهزادي سان عشق!
هڪڙي ڏينهن شهزادو جيئن وڃي رهيو هو، تيئن ان فقير کيس ڏسندي ئي نعرو هڻندي بيهوش ٿي ويو، ۽ چرين وانگر پاڻ کي پٿرن تي سٽيندي رتورت ٿي ويو. هڪڙي ملازم کي جيئن اها خبر پيئي تيئن سڌو وڃي بادشاه کي ٻڌايائين. بادشاه غيرت کان اهڙو ته جلي ويو جو فوراً ان کي ڦاسي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو، پوءِ جنهن وقت هن کي ڦاسي چاڙهڻ لڳا، تنهن وقت هن سجدي ڪرڻ لاءِ وزير کان مهلت گهري، ۽ سجدي ۾ وڃي ٻاڏائڻ لڳو ته اي منهنجا الله! هاڻي جڏهن بادشاه مون کي بيگناهه ماري ٿو، تڏهن تون هڪڙي مهرباني ڪرينم، ۽ اها هيءَ ته هن کان اڳ جو منهنجي جان بيخبريءَ ۾ نڪري وڃي، تون مون کي ان ڇوڪري جي جمال جو مشاهدو ڪراءِ تا ته هن کي هڪ دفعو ڏسي پاڻ گهوريان. اي منهنجا پروردگار! تون لکن جون حاجتون پوريون ڪرين ٿو، مون غريب جي به هيءَ هڪڙي حاجت پوري ڪر.
وزير، جو پوشيده طور هي ٻڌي رهيو هو، تنهن ۾ خود احساس پيدا ٿيو ۽ روئندي وڃي هي سارو قصو بادشاهه کي ٻڌايو. بادشاهه تي به چڱو اثر پيو ۽ ان کي معاف ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو ۽ پنهنجي پٽ کي چيائين ته هو هينئر جو هينئر وٽس وڃي ساڻس نرمائي ڪري، ۽ دلداري ڏئي ۽ پاڻ کان کيس پري نه ڪري. جڏهن شهزادو سوريءَ جي ويجهو آيو، تڏهن ان کي مٽيءَ ۾ اونڌو پيل ڏسي پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ سندس اکين مان لڙڪ نار نار ٿي وهڻ لڳا. ان کي جهجهي مهربانيءَ سان پاڻ ڏانهن سڏيائين، مگر هن غريب شهزادي جو آواز نه ٻڌو ۽ جڏهن ڪنڌ مٿي کنيو تڏهن ان کي سامهون ڏسي تاب جهلي نه سگهيو ۽ آخري دم کڻندي، چوڻ لڳو ته اي بادشاهه! جڏهن تون، مون کي هن طرح ماري ٿي سگهئين، تڏهن هن بزدل لشڪر کي وچ ۾ آڻڻ جي ڪا ضرورت ڪانه هئي. بس ائين چوندي ئي هو گم ٿي ويو، ڄڻڪ هوئي ڪونه.

هڪڙي شخص جو حضرت نوريءَ کان سوال

هڪڙي نيڪ شخص، حضرت نوريءَ کان پڇيو ته خدا تعاليٰ تائين پهچڻ لاءِ اسان ڪاڻ رستو ڪيئن کلندو؟ ان کيس جواب ڏنو ته انهيءَ وٽ پهچڻ لاءِ اسان کي پهريائين روشني ۽ باهه جا ست درياءَ پار ڪرڻ گهرجن. جڏهن تون انهن سڀني مان لنگهي پار پوندين، تڏهن هڪڙي مڇي يڪدم توکي پاڻ ڏي ڇڪيندي ۽ اها مڇي اهڙي آهي جا جڏهن سيني مان آهه ڪڍي ٿي، تڏهن اڳين ۽ پوين سڀني کي ڳهي وڃي ٿي.

پکين جو سيمرغ جي راهه ۾ روانو ٿيڻ

هيءَ ڳالهه ٻڌي، واديءَ جا سڀيئي پکي جگر جي خون ۾ اونڌا ٿي ڪري پيا ۽ گهڻا ته انهيءَ منزل تي ئي مري ويا، ڇاڪاڻ ته کين معلوم ٿي ويو ته هيءَ راهه طئي ڪرڻ سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي. جيڪي بچيا تن انهيءَ رستي تي حيرانيءَ سان قدم رکيو ۽ ڪيئي سال ان جي هيٺاهين ۽ مٿاهين پار ڪرڻ ۾ پنهنجيون عمريون ئي ختم ڪري ڇڏيون. انهن کي انهيءَ رستي ۾ ڪئين مشڪلاتون پيش آيون، جن جي شرح گهڻو طويل آهي. پڇاريءَ ۾ پکين جي انهيءَ ولر مان ڪي ٿورڙا وڃي ان درٻار تائين رسيا. ڪي سفر ڪندي درياءَ ۾ ٻڏي مُئا، ڪي آفتاب جي گرميءَ کان جلي ڪباب ٿيا، ڪن کي رستي ۾ ڦاڙيندڙ جانورن کائي کپائي ڇڏيو، ڪي رُڃ ۽ اُڃ کان پريشان ۽ عاجز ٿي ڪري پيا. انهن مان ڪن ته چريائيءَ ۾ اچي آپگهات ڪيو ۽ ڪي ته سخت بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پوئتي رهجي ويا، ۽ انهن ۾ گهڻا اهڙا به هئا جي رستي جي عجائبات کي ڏسي اتي ئي موهجي ۽ رڪجي ويا، ۽ طلب ترڪ ڪري عيش عشرت ۾ لڳي ويا. آخرڪار فقط ٽيهه پکي وڃي انهيءَ هنڌ پهتا، جن کي نه پر رهيا نه کنڀ، بيمار، ڪمزور، دل شڪسته، مرڻينگ حالت ۾ آيا. ڇا ڏسن ته هڪ اهڙي درٻار آهي جا هر وصف ۽ صفت، ادراڪ ۽ عقل کان بالاتر آهي، جتي استغنيٰ جي بجلي اهڙو ئي چمڪي جنهن هزارن جهانن کي هڪ پلڪ ۾ پئي ساڙيو. عجب ۾ پئجي ويا، جڏهن ڏٺائون ته هزارين سج، چنڊ ۽ تارا حيرت زده هڪ ذري مثل نچندا نظر اچن ٿا! اهڙي نظاري کي ڏسي هو چوڻ لڳا ته جڏهن هن درٻار اندر سج به هڪ معدوم ذري مانند آهي تڏهن اسين اتي ڪيئن ڏسڻ ۾ اينداسين! افسوس، اسان رستي جي ساري تڪليف اجايو سر تي کنئي. هيءَ ته اها شيءِ ئي ڪانهي جنهن جو اسان گمان ڪيو هو (يعني اها ساڳي شيءِ آهي جا اسين پاڻ آهيون ۽ نه ڪا غير). هتي ته هزارين آسمان به هڪ ذري مثل آهن، اسان هجون خواهه نه هجون، ان کي ڪهڙي پرواهه؟ جڏهن اهي سڀيئي پکي بيدل ۽ اڌ مُئا ٿي پيا تڏهن محو ٿي ويا، جنهن کي به ڪو زمانو گذري ويو.

هڪ معزز نقيب جو پهچڻ

آخرڪار انهيءَ عالي درٻار کان هڪڙو مانوارو نقيب آيو ۽ ٽيهن پکين کي نهايت پريشان حالي ۽ بدحواسيءَ ۾ ڏسي کانئن پڇڻ لڳو ته توهان جو نالو ڇا آهي، ڪهڙو شهر آهي، ۽ هن هنڌ ڪهڙي ڪم لاءِ ويٺا آهيو. سڀني جواب ڏنو ته اسين هتي انهيءَ ڪاڻ آيا آهيون ته سيمرغ اسان جو بادشاهه ٿئي، ڪنهن مدت کان وٺي اسين هن رستي تي هلندا رهيا آهيون، ۽ اسان مان ٻيا ته سڀ مري ويا ۽ باقي وڃي ٽيهه بچيا آهيون، ۽ اهو سڀ انهيءَ لاءِ ته اسان کي انهيءَ جي درٻار ۾ حضوري جو شرف حاصل ٿئي. اسان ته ائين سمجهون ٿا ته بادشاهه خود اسان جي رنج ۽ غم کي وڌيڪ وقت لاءِ پسند نه ڪندو ۽ مهرباني ۽ محبت جي نظر سان ڏسندو. هي ٻڌي، نقيب کين جواب ڏنو ته توهان هن جهان ۾ رهو يا نه رهو، هو هميشه لاءِ مطلق بادشاه آهي، هن کي ڪنهن جي پرواهه! اڙي حقير ۽ ذليل، توهان واپس موٽي وڃو! پکين غريبن جڏهن اهڙو سخت جواب ٻڌو تڏهن ڏاڍا نااُميد ٿيا ۽ انهي ئي مهل ڄڻڪ هميشه لاءِ مري ويا. چوڻ لڳا ته ههڙو وڏو بادشاه اسان کي کڻي خواري سان روانو به ڪري ته اها خواري نه بلڪ عزت آهي.

مجنونءَ جي ثابت قدميءَ جو قصو

هڪڙي دفعي، مجنونءَ چيو ته جيڪڏهن ساري دنيا کڻي هر گهڙيءَ منهنجي تعريف ڪري ته به مونکي اها قبول نه آهي. مون لاءِ ليليٰ جون گاريون ئي بس آهن. هن جي هڪ گار مون وٽ سون تعريفن کان پياري آهي ۽ انهيءَ جو نالو ٻنهي جهانن کان وڌيڪ سٺو. جيڪڏهن توکي معشوق جي پٿر تي ڪا چڙ لڳي ته اهو تولاءِ انهن موتين کان وڌيڪ سٺو آهي جي توکي ڪنهن غير کان ملن.
اي پيارا، منهنجو مذهب ته اجهو هيءَ آهي. جيڪڏهن محبوب خاطر خواري سهڻي ٿي پوي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه. ان کان پوءِ اهوسڙيل ٽولو چوڻ لڳو ته اسان جي دلين ۾ هن (معشوق) باهه لڳائي آهي. ڀلا، ڪڏهن پتنگ به باهه کان پري ٿيندو! ان جي حضوريءَ جو شرف ئي باهه ۾ ملي ٿو. جيڪڏهن اسان کي يار جو وصال نه ئي ميسر ٿئي ته به اسان جي خواهش اهائي آهي ۽ رهندي ته هو اسان کي جلائيندو رهي، ۽ جيڪڏهن هن تائين پهچڻ لاءِ ڪا راهه ئي نه آهي ته اسان کي به هيءَ راهه ڇڏي ڪا ٻي راهه وٺڻي ئي ڪانهي.

پکين جي پتنگن سان گفتگو

سڀني پکين پاڻ ۾ پتنگ جو قصو ڇيڙيو ۽ اچي ان کان پڇڻ لڳا ته جڏهن شمع جو وصال تون نه ٿو ماڻي سگهين، تڏهن پوءِ جان اجايو ڇو ٿو ضايع ڪرين؟ هن ڳالهه تي پتنگ نه فقط رنج ٿيو پر مست به ۽ فوراً جواب ڏنائين ته مان هن تائين نه رسان ته هن جي هميشه پڇا ڪندو رهان.
اهي جي ان جي عشق ۾ سچا مرد ٿي آيا سي ته ساروئي درد سان ڀرجي آيا؛ پوءِ اگرچ کڻي محبوب وٽ استغنيٰ حد کان زياده آهي ته ان جي مهربانيءَ جو به ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي.
هن نيٺ اچي دروازو کولي سوين پردا پري ڪيا ۽ جڏهن پردا هٽي ويا تڏهن نور ئي نور وڃي رهيو. انهيءَ پوءِ ڪمال مهربانيءَ سان کين پنهنجي قريب عزت ۽ مان سان ويهاري. بعد ۾ انهن جي اڳيان هڪ چٺي رکي کين پڙهڻ لاءِ چيو. انهيءَ قوم جي ان چٺيءَ جو مضمون مثال جي طور هن پريشان حال کان ئي معلوم ٿي سگهي ٿو.

ڀائرن جو يوسف کي وڪرو ڪرڻ ۽ بعد ۾ پشيمان ٿيڻ

يوسف، جنهن جي حسن کان خود چمڪندڙ تارن سپند سوزي پئي ڪئي، تنهن کي سندس ڏهه ڀائر ڪنهن طريقي وڪڻڻ لڳا. مصر جي مالڪ جڏهن ان کي انهن کان خريد ڪيو، تڏهن کانئن وڪري جي چٺي به لکارائي ورتي. وري جڏهن عزيز مصر يوسف کي ان کان خريد ڪيو تڏهن اها خريداري جي رسيد به کانئس حاصل ڪئي. آخر جنهن وقت يوسف بادشاه ٿيو تنهن وقت قحط ماريل سندس ڏهه ئي ڀائر سندس خدمت ۾ آيا، ليڪن ان کي سڃاڻي نه سگهيا (ڇالاءِ جو يوسف جي منهن تي اڪثر نقاب رهندو هو). حضرت يوسف انهن کي چيو ته مون وٽ عبراني زبان ۾ هڪڙو خط آهي سو جيڪڏهن اوهان مان ڪو پڙهي ڏئي ته مان ان کي گهڻو سون ڏيندس، ۽ ڇاڪاڻ ته هو سڀئي عبراني ڄاڻندا هئا تنهن ڪري کانئس خط وٺي جڏهن منجهس نهاريائيون تڏهن ڏڪڻي وٺي وين، نه ان کي پڙهي ئي ٿي سگهيا ۽ نه ان متعلق ڪجهه چئي ٿي سگهيا. غم ۽ ارمان ۾ پئجي ويا ۽ زبان بيهي وين. جڏهن حضرت يوسف ان حيرانيءَ جو کانئن سبب پڇيو تڏهن چوڻ لڳا ته اسان جي سرن جو ڪٽجي وڃڻ هن خط پڙهڻ کان اسان لاءِ صدبار بهتر آهي.
جنهن يوسف کي اهڙي لاپرواهي ۽ بيتوجهيءَ سان وڪڻي ڇڏيو، تنهن واقعي يوسف جي جان کي خواريءَ ۾ جلايو. اڙي ناڪس فقير! تون هي سمجهين نٿو ته هر گهڙي هڪڙي يوسف کي وڪڻي رهيو آهين، جڏهن تنهنجو بادشاه خود يوسف هوندو تڏهن تون ان وٽ هڪ ڏينهن اُڃيو، بُکيو، ننگو ۽ پينو ٿي ايندين.
جڏهن انهن ٽيهن پکين ان سبق سيکاريندڙ خط جي مضمون کي ڏٺو تڏهن ان ۾ پنهنجن سمورن اعمالن کي منجهس ذري پرزي لکيل ڏسي ڏاڍو پشيمان ٿيا ته هاءِ افسوس، اسان يوسف جهڙي بادشاه کي هٿ وٺي فراموش ڪري ڇڏيو. (وڃائي ويٺاسون).

پکين جو خط پڙهڻ بعد فنا ٿيڻ

جڏهن پکين جون جانيون شرم ۽ حيا کان بالڪل فنا ٿي ويون، تڏهن انهن کي خداوندي درٻار ۾ دروباره جانيون مليون ۽ سندن سينا سڀني پراڻن خيالن کان پاڪ ۽ صاف ٿي ويا. ان وقت جهان جي سيمرغ جي منهن جو عڪس ٽيهن پکين جا منهن ڏيکاري رهيو هو. هي ڏسي سڀئي حيران ٿي ويا ۽ سمجهي نه سگهيا ته آيا هو، اهو سيمرغ آهي يا اهو سيمرغ هو پاڻ آهن. بهرحال پاڻ کي مڪمل سيمرغ ڏٺائون ۽ اهو سيمرغ اُهي ئي ٽيهه پکي هئا ۽ نه ڪا ٻي شيءِ. جڏهن پاڻ ڏي ٿي نهاريائون تڏهن اهو سيمرغ هنن ٽيهن جي علاوه ٿي کين نظر آيو ۽ جڏهن وري ٻنهي طرف پئي ڏٺائون ته ٻيئي هڪ ئي نظر آيا (هڪڙو ئي سيمرغ پئي نظر آيا). هي، هو هو ۽ هو هي هئا. جهان ۾ اهڙي ڳالهه ڪنهن ٻڌي ئي نه هوندي. جڏهن هو سڀ حيرت ۾ ٻڏي ويا ۽ ڪجهه سمجهي نه سگهيا تڏهن بي زبان ٿي ان درگاهه کان ’مان‘ ۽ ’تون‘ جي راز بابت پڇڻ لڳا. اتان پڻ بي زبان جواب آيو ته اسان جي هيءَ درٻار سج وانگر آهي، جو به اتي اچي ٿو سو پاڻ کي ئي ان ۾ ڏسي ٿو. توهين هتي ٽيهه پکي آيا تنهن ڪري آئيني ۾ به ٽيهه ظاهر ٿيا، پر جيڪڏهن وڌيڪ مثلاً، چاليهه اچن ها ته اهي به آئيني اندر اوترائي نمودار ٿين ها. هاڻي جڏهن توهين ٽيهه، بيدل، بيخبر ۽ بيجان وڃي رهيا (بچيا) آهيو، تڏهن اسان کي به ٽيهن پکين سان گهڻي مناسبت آهي، ڇالاءِ جو حقيقي سيمرغ اسان ئي آهيون. هاڻي توهين سڀئي مون ۾ محو ٿي وڃو ۽ بي انتها عزت ۽ مان پايو. آخر ٿيو به ائين، اهي سڀئي ان ذات اندر هميشه لاءِ ائين محو ٿي ويا، جيئن پاڇو سج ۾ محو ٿي ويندو آهي.

منصور حلاج جي خاڪ تي هڪ عاشق جو ويهڻ

چون ٿا ته جڏهن منصور جلي خاڪ ٿي ويو، تڏهن هڪرو عاشق اچي ان خاڪ تي ويٺو ۽ کانئس (خاڪ کان) پڇڻ لڳو ته اهو شخص جو ”اناالحق“ چوندو هو سو ڪٿي آهي؟
اي عزيز، جو ڪجهه تو چيو يا ٻڌو، سمجهيو يا ڏٺو سو سڀ محض هڪ افسانو آهي ۽ هاڻي جڏهن هيءَ ڦٽل دنيا تنهنجي رهائش نه آهي تڏهن محو ٿي وڃ. حقيقي سج سدائين پيو چمڪي، تنهن ڪري نه ذرو هئڻ گهرجي نه پاڇو.

فنا ۽ بقا

جڏهن انهن پريشان حال پکين کي انهيءَ وادي اندر لکين ورهيه گذري ويا، تڏهن انهن کي ڪُلي فنا جي سپرد ڪيو ويو ۽ انهيءَ فنائي کان پوءِ کين بقا جو جامو پهرايو ويو. هن دنيا ۾ فنا ۽ بقا جي ڪنهن کي ڄاڻ ئي ڪانهي ۽ هيءُ راز مرڻ بعدئي معلوم ٿيندو. البت تون هيءُ ڳالهه سمجهي ڇڏ ته جيستائين تون وجود ۽ عدم جي درميان آهين تيستائين تون هن حقيقت کي پروڙي نه سگهندين. هيءَ منزل گهڻو ڏورانهين آهي جنهن لاءِ فقط جان ئي رستو ٺاهي سگهي ٿي، تنهن ڪري تون پهريائين ان کي مطيع ڪر ۽ نيست ٿي وڃ ته جيئن بعد ۾ هست ٿين.

بادشاه جو وزير جي پٽ تي عاشق ٿيڻ

هڪڙو روءِ زمين جو بادشاهه، پنهنجي وزير جي حسين پٽ تي عاشق ٿي پيو. هو ڇوڪرو، ڇاڪاڻ ته چوڏهينءَ جي چنڊ مثل هو، تنهن ڪري بادشاهه به ان جي عشق ۾ اهڙو گرفتار ٿي پيو جو هڪ گهڙي به ان کان سواءِ آرام نٿي آيس. رات ۽ ڏينهن ان سان گڏ گذاريندو هو ۽ ساڻس راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪندو رهندو هو. جيڪڏهن اتفاق سان ڪا گهڙي پلڪ کڻي اک کان پري ٿئي ته هو غيرت کان ان جو سر قلم ڪري ڇڏي. انهيءَ ئي بادشاه جي پاڙي ۾ هڪ خوبصورت پري پيڪر ڇوڪري رهندي هئي، جنهن تي وري هو ڇوڪر عاشق ٿي پيو. هڪ رات بادشاه کان چوريءَ اچي هن ان ڇوڪريءَ وٽ رهاڻ ڪئي. جڏهن (پيتل) بادشاه پنهنجي نشي مان هوش ۾ آيو، تڏهن ڇوڪري کي نه ڏسي ان جي تلاش ۾ ٿي نڪتو ۽ آخر ان ڇوڪريءَ سان ان کي گڏ ويٺل ۽ هڪٻئي سان دليون ملايل ڏسي سڙي ويو. مست هڪ طرف، عاشق ٻئي طرف ۽ بادشاه ٽئين طرف، سو ڪڏهن پنهنجي معشوق جو ٻئي سان ويهڻ برداشت ڪندو؟ هي ڏسي بادشاه کي ڏاڍي مٺيان لڳي ته هن مون جهڙي بادشاه کي ڇڏي وڃي (بيوقوفيءَ کان) ٻئي کي چونڊيو آهي سو حڪم ڪيائين ته کيس فوراً ٻڌي کل لاهي پوءِ سوريءَ تي چاڙهيو وڃي ته جيئن هن کان پوءِ جو به بادشاهه جو رازدار ٿئي سو ڪڏهن به ڪنهن ڏي نظر کڻي نه نهاري.
وزير کي جڏهن پنهنجي پٽ جي خبر ملي تڏهن مٽي وسائيندو ڊوڙندو آيو ۽ اچي انهن نوڪرن کي چوڻ لڳو، جي سندس پٽ کي مارڻ لاءِ تيار بيٺا هئا، ته اڄ رات بادشاهه نشي ۾ آهي ۽ علاوه ان جي ڇوڪري اهڙو ڪو گناهه به نه ڪيو آهي، تنهن ڪري توهان هن فعل کان باز اچو، ورنه جنهن مهل هو هوش ۾ آيو، تنهن مهل پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيندو ۽ اوهان مان ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيندو. ليڪن انهن جواب ڏنو ته هو جيڪڏهن هتي ايندو ۽ مقتول کي نه ڏسندو ته اسان سڀني کي سوريءَ چاڙهيندو. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي وزير فوراً هڪڙي قيديءَ کي وٺي آيو جو قتل جو سزاوار هو ۽ ان جي کل لهرائي کيس سوريءَ تي لٽڪائي ڇڏيو ۽ پنهنجي پٽ کي پردي اندر لڪائي رکيو. ٻئي ڏينهن جڏهن بادشاهه هوش ۾ آيو، تڏهن نوڪرن کي گهرائي کانئن ان ڇوڪري جو حال پڇيو، جنهن تي هنن ساري ڳالهه ڪري ٻڌايس. ان تي بادشاه ڏاڍو خوش ٿيو، ليڪن ڪجهه ڏينهن پڄاڻان پنهنجي محبوب کي نه ڏسي پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيڻ لڳو. ڀلا، اهو جو رات ڏينهن يوسف جهڙي سان گڏ خلوت ۾ گذاريندو هو سو هاڻي ان جي جدائيءَ ۾ ڪيئن ٿو ويهي سگهي؟ بس، لباس بدلائي نيرو ڪيائين ۽ بند ڪمري اندر ويهي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. سندس ننڊ ويندي رهي ۽ کائڻ پيئڻ جي اشتها موڪلائي ويئي. قصه مختصر، هن انهيءَ سوريءَ جي پاسي ۾ پورا چاليهه سال روئيندي رڙندي اُڃ ۽ بُک ۾ گذاري ڳري وار مثل سنهو ٿي ويو.
انکان پوءِ هن هڪ رات ان ڇوڪري کي خواب ۾ ڏٺو ته هو سارو ئي رتوڇاڻ ٿيو پيو هو، جڏهن بادشاه ان بابت کانئس پڇيو، تڏهن جواب ڏنائين ته تنهنجي دوستيءَ سبب منهنجو هيءُ حال ٿيو آهي. تو مون غريب جي بيگناهه کل لهرائي. ڀلا، ڪڏهن ڪو عاشق پنهنجي معشوق سان اهڙو برتاءُ ڪندو آهي؟ هينئر مان توکان منهن موڙيان ٿو ته جيئن قيامت ڏينهن توکان بدلو وٺان. بادشاه هي خطاب ٻڌي ڇرڪ ماري اٿيو ۽ زارو زار روئڻ شروع ڪيو ۽ چوڻ لڳو ته اي محبوب! جيڪڏهن مون کان خطا ٿي آهي ته تون معاف ڪرينم. مون کان هي سڀ غفلت ۽ مستيءَ ۾ ٿيو هو. هينئر ته مان تو بنا هڪ گهڙي به نٿو گذاري سگهان. موت جو ڪو ڊپ ڪونهيم، ليڪن پنهنجي ظلم ۽ ستم کان سچ پچ گهٻرايان ٿو.
اي الله، منهنجي جان حيرت ۽اشتياق ۾ جل ويئي آهي. مان وڌيڪ جدائيءَ جو تاب سهي نٿو سگهان. تون مهرباني فرمائي منهنجي جان وٺ، ڇالاءِ جو هينئر مون ۾ ڪا طاقت ئي نه رهي آهي، ائين چوندي خاموش ٿي ويو ۽ خاموشيءَ ۾ بيهوش ٿي ويو. ان وقت وزير پنهنجي پٽ کي سينگاري بادشاه ڏانهن روانو ڪيو. هو جڏهن بادشاه وٽ آيو تڏهن ان اڳيان زمين تي ڪِري هنجون هارڻ لڳو. بادشاه خاڪ ۾ پئي لٿڙيو ۽ ڇوڪرو خون ۾.بس هيءَ عجيب ڳالهه هئي، ان راز کان، سواءِ عاشق ۽ معشوق جي ٻيو ڪو واقف ئي ڪونهي.

ڪتاب جي خاتمي متعلق

اڙي عطار، تو جهان کي رازن جي مشڪ سان ڀري ڇڏيو آهي. تنهنجي شعر ۾ واقعي عاشقن جو سرمايو آهي. جهڙيءَ طرح روشني سج وٽ ختم آهي، تهڙيءَ طرح پکين (عاشقن) جون ٻوليون ۽ انهن جون منزلون تو وٽ ختم آهن. اڙي سالڪ، تون منهنجي ڪتاب ۽ شعر کي درد (۽ عاجزيءَ) جي نظر سان ڏس ته جيئن توکي منهنجي به درد جو يقين ٿي وڃي؛ ڇالاءِ جو اهو جو منهنجي ڪتاب کي درد جي نظر سان ڏسي ٿو سوئي خوش نصيبي ۽ سعادت ماڻي ٿو. جنهن به منهنجي ڪتاب کي پڙهيو سو ڪم وارو ماڻهو ٿيو ۽ جنهن ان کي سمجهيو ۽ ان جي رنگ ۾ رڱجي ويو سو ڪامياب ۽ فائز ٿيو. هيءُ ڪتاب عام ۽ خاص ٻنهي لاءِ نفع بخش آهي. منهنجي نظم جي هڪ عجيب خاصيت هيءَ آهي ته ان کي جيترو زياده پڙهجي ٿو تيترو زياده فائدو پهچائي ٿو. ڪوبه شخص ويندي قيامت تائين مون جهڙو ڪلام لکي نه سگهندو. مان حقيقت جي سمنڊ مان موتي ڇڻڪاري رهيو آهيان ۽ من وٽ گويائي ختم آهي. جيڪڏهن مان مري به وڃان ۽ هيءَ ساري دنيا درهم برهم ٿي وڃي ته به مان پنهنجي ڪلام سبب قيامت تائين باقي آهيان ۽ ماڻهو جيستائين هي جهان آهي تيستائين مون کي ياد ڪندا رهندا. هي ڪتاب جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا رهنمائي ڪري ۽ سندس آڏو غير ۽ گمراهيءَ جا پردا هٽائي ته منهنجو مقصد پورو ٿيو ۽ منهنجو رنج ۽ غم ويندو رهيو. هاڻي جهڙي طرح گذريل زماني ۾ بزرگن پنهنجي ڪلام سان ستل دلين کي جاڳايو تهڙي طرح مون به انهن ستلن کي پنهنجي جان جي پکيءَ جو جلوو ڏيکاريو (حتي المقدر مون به انهن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي). مون پاڻ کي چراغ وانگر خوب جلايو تڏهن مس وڃي جهان لاءِ هڪ روشن شمع ثابت ٿيس. (ههڙي ڪم لاءِ سدائين جگر جوخون پيڻو پوي ٿو).

هڪڙي ديندار جو سڪرات ۾ پوڻ

جڏهن هڪڙي ديندار جي سڪرات جو وقت آيو تڏهن چوڻ لڳو ته جيڪڏهن مان هن کان اڳ ڄاڻان ها ته ٻڌڻ، ڳالهائڻ تي ڪيترو شرف ۽ فضيلت رکي ٿو ته مان ڪڏهن به پنهنجي عمر ڳالهائڻ ۾ ضايع نه ڪريان ها. نيڪيءَ جي ڳالهه کڻي سون وانگر آهي مگر ماٺ ۾ رهڻ انهيءَ کان وڌيڪ ڀلو آهي. الله وارا هميشه ڪم کي ڄاڻن ۽ نه اسان وانگر رڳو ڳالهه کي سڃاڻن، ڇالاءِ جو اهو ماڻهو جو ڪم ۾ لڳل آهي سو خود مست ۽ خاموش آهي ۽ جو بيڪار آهي، سو اجايو پيو وڦلي ۽ بڪواس کان جوش ۾ هوندو آهي.

سڪندر جو موت ۽ ارسطو جي گفتگو

جڏهن سڪندر مري ويو، تڏهن ارسطا طاليس چوڻ لڳو ته اي بادشاه، جيستائين تون دنيا ۾ جيئرو هئين تيستائين تون ماڻهن کي نصيحت ڪندو رهئين، مگر اڄ ڏينهن جي نصيحت انهن لاءِ نهايت ڪافي ۽ سبق سيکاريندڙ آهي، ڇالاءِ جو حال جي نصيحت قال جي نصيحت کان هميشه ياده موثر هوندي آهي.
اي دل، مون پکين (عاشقن، عارفن) جون سڀ زبانون توکي کولي ٻڌايون. هاڻي تون غفلت ڇڏي فهم ۽ فراست کان ڪو ڪم وٺ. سيمرغ جي اڳيان انهيءَ شخص، واقعي اڪسير بنايو (ڪامياب ٿيو) جنهن سڀني پکين جي ٻوليءَ کي سمجهي ورتو.
اي عزيز، يوناني فلسفي اندر تون روحاني دولت ڪٿي سڃاڻي سگهندين؟ جيستائين تون انهيءَ فلسفي کان پاڻ کي الڳ نه ڪندين تيستائين تون دين جي فلسفي کان واقف ٿي نه سگهندين. مان (پنهنجي معرفت جو) قسم کڻي ٿو چوان ته منهنجي نزديڪ ڪفر جو ”ڪاف“، فلسفي جي ”ف“ کان وڌيڪ محبوب ۽ پسنديده آهي. مديني جي فلسفي، يوناني فلسفي کي شڪست فاش ڏيئي ڇڏي آهي. تون انهيءَ فلسفي کي ڌوڙ ۾ ملائي، وڃي دين جي راهه اختيار ڪر جا صحيح ۽ سالم آهي.

هڪڙي شخص جو ڪنهن صوفيءَ کان سوال پڇڻ

هڪڙي پيرسن، صوفيءَ کي چيو ته تون ڪيستائين الله وارن جي ڳالهه ڪندو رهندين؟ ان جواب ڏنس ته الله وارن جي ڳالهه ڪرڻ منهنجي زبان کي ڏاڍي مٺي لڳي ٿي.
جيڪڏهن مان (عطار) کڻي انهن الله وارن مان نه آهيان ته به ڪم از ڪم انهن جي ڳالهه ٻولهه ته ڪندو رهان. مان جيڪڏهن انهن جي واٽ وٺان ها ته شعر گوئيءَ ۾ پاڻ کي ڇو غرق ڪريان ها، ليڪن مان معذور آهيان جو جڏهن ڏٺم ته ملڪ ۾ ڪو رازدار ئي نه آهي تڏهن مناسب سمجهيم ته شعر ۾ راز ظاهر ڪري پنهنجي دل وندرائيندو رهان.
دل جي تونگري منهنجي لاءِ جان افزا آهي ۽ قناعت منهنجو هڪ غيرفاني خزانو آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو مان ڪنهن نالائق جو ٿورائتو نه آهيان. مان نه ته پنهنجي دل تي ڪنهن جو بار رکان ۽ نه هر ڪميڻي کي آقا سڏڻ لاءِ تيار آهيان. مون ڪڏهن به ظالم جو طعام نه کاڌو ۽ نه ڪتاب ۾ پنهنجو تخلص رکيو آهي. منهنجي بلند همت منهنجو ممدوح آهي ۽ منهنجي بدن جي غذا منهنجي روحاني طاقت آهي. جڏهن مون کي عارف لوڪن پنهنجي طرف سڏيو تڏهن هاڻي منهنجو انهن خود غرضن ۽ خود پسندن سان ڪهڙو تعلق؟ مان جڏهن سڀني ماڻهن کان آزاد ٿي ويس تڏهن سوَن مصيبتن هوندي به گهڻو شاد ۽ خوش رهيس.

هڪڙي پاڪ دين جي مرڻ وقت گفتگو

هڪڙو عارف، موت جي وقت چوڻ لڳو ته جڏهن مون وٽ هن راهه (آخرت) جو سامان ڪونهي تڏهن شرم جي پگهر سان هڪ ٻڪ مٽيءَ جو ٺاهيو اٿم ۽ انهيءَ مٽيءَ مان هڪ سر بنائي اٿم. علاوه ان جي هڪڙو شيشو ڳوڙهن سان ڀريل به پاڻ وٽ اٿم ۽ هڪڙي پراڻي گودڙي به ڪفن لاءِ چونڊي رکي اٿم. هاڻي جنهن مهل مان مران تنهن مهل توهان مون کي ڳوڙهن سان غسل ڏيئي بعد ۾ اها سر منهنجي مٿي هيٺان رکي ڇڏجو. جڏهن توهان ائين ڪيو تڏهن توهان ڏسندؤ ته منهنجي قبر تي ڪڪر، ويندي قيامت تائين افسوس جو مينهن وسائيندو رهندو.

هڪڙي پاڪ دين جي ڳالهه

هڪڙي پاڪ دين، چيو ته مان پورن ٽيهن سالن کان پنهنجي عمر بيخودي ۾ گذاريان ٿو. مان پاڻ کان ائين بيخبر آهيان جيئن حضرت اسماعيل پنهنجي سر ڪٽائڻ وقت بيخبر هو. ڀلا، ان شخص جي ڪهڙي حالت هوندي جنهن جي ساري عمر حضرت اسماعيل جي بيهوشيءَ جي گهڙسيءَ وانگر گذري ٿي! ڪڏهن شمع مثال انتظار ۾ جلان ٿو ته ڪڏهن بهار جي ڪڪر جيان نار وهايان ٿو. اهو شخص جو مون تي ٻاهر کان نظر ڪندو سو منهنجي سيني جي اندروني حالت کي ڇا سمجهي سگهندو؟ هاءِ افسوس، منهنجي عمر اجائي ويئي ۽ هينئر سواءِ عاجزي ۽ لاچاريءَ جي ٻيو ڪجهه به نه رهيو آهي.

هڪڙي جوان مرد جو شبليءَ کي خواب ۾ ڏسڻ

جڏهن شبلي رحه، هن دنيا مان رحلت فرمائي ويو تڏهن هڪ جوان مرد کيس خواب ۾ ڏسي کانئس اتان جو حال پڇيو. جواب ڏنائين ته جڏهن حساب ۾ منهنجو معاملو تمام سخت ٿي ويو ۽ هن مون کي پنهنجو دشمن ڏٺو ۽ منهنجي ضعيفي، نااُميدي ۽ عاجزيءَ جو پورو مشاهدو ڪيو، تڏهن ان کي منهنجي بيچارگيءَ تي رحم اچي ويو ۽ پنهنجي ڪرم سان مون کي بخشي ڇڏيو.
اي عزيز، جنهن وٽ ڳوڙهن جو دريا آهي سو ڀلي هن منزل ۾ پير پائي. هتي جو سمر سواءِ عجز ۽ افلاس جي ٻيو ڪونهي.

هڪڙي پير جو فرشتن جي جماعت کي رستي ۾ ڏسڻ

هڪڙو پير جيئن هڪڙي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو هو تيئن ملائڪن جي هڪ جماعت منهن پئجي ويس. انهن درميان ڪا رائج الوقت روڪڙ به پئي هئي جنهن کي هڪ ٻئي کان پئي کسيائون. جڏهن پير کانئن انهيءَ روڪڙ بابت پڇيو تڏهن انهن مان هڪڙي جواب ڏنو ته هڪڙو دردمند هتان وڃي رهيو هو جنهن پنهنجي پاڪ دل مان هڪ آه ڪڍي ۽ زمين تي چند ڳوڙها ڳاڙيا. اسان هينئر انهيءَ سرد آه ۽ گرم ڳوڙهن کي هڪ ٻئي کان کسي رهيا آهيون.

ابو سعيد جي هڪ مست سان ملاقات

هڪڙي دفعي ابوسعيد سالڪن جي جماعت سان گڏ پنهنجي خانقاه ۾ ويٺو هو ته هڪڙو مست پريشان حاليءَ ۾ روئندو اندر آيو ۽ اچي اجايو سجايو راڳ ڳائڻ لڳو. شيخ مهرباني ۽ شفقت سان کيس سمجهايو ته تون روءِ نه، شور بند ڪر ۽ منهنجو هٿ وٺي کڙو ٿي. مست جواب ۾ چيو ته اي شيخ، الله تنهنجو مددگار هجي، دستگيري (مدد ڪرڻ) تنهنجو ڪم نه آهي. جيڪڏهن هر شخص کان دست گيري ممڪن هجي ها ته ڪئلي به اميريءَ جو دم هڻي ها. هي ٻڌي شيخ تي وجد طاري ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته اي منهنجا مولا، تون سڀ ڪجهه آهين، مان عاجز آهيان، تون منهنجي دستگيري ڪـر.

هڪڙي شخص جي گفتگو

هڪڙي شخص چيو ته جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ مون کان سوال پڇندو ته تو دنيا مان ڪهڙو سامان آندو آهي ته مان جواب ڏيندس ته مان قيدخاني مان ڇا ٿي آڻي سگهيس؟ مان ته مفلس ۽ ڪنگال ۽ تنهنجي رستي جو قيدي آهيان ۽ تو ۾ هيءَ اُميد رکان ٿو ته تون مون کي سڀني آلودگين کان پاڪ ڪري، مسلماني سان خاتمو ڪرينم، ۽ جو ڪجهه چڱو يا بُرو ڪيم سو سڀ معاف فرمائينم. جڏهن سواءِ ڪنهن معاوضي جي منهنجو پيدا ڪرڻ جائز آهي، تڏهن تنهنجو مون کي مفت معاف ڪرڻ به سزاوار آهي.

نظام الملڪ جي سڪرات جي ڳالهه

جڏهن نظام الملڪ پنهنجي پوين پساهن ۾ هو تڏهن چڻ لڳو ته اي الله، مان ته هينئر خالي هٿين وڃي رهيو آهيان، تون مون کي ان شخص جي طفيل معافي ڏي جنهن کي مون جڏهن تنهنجي ڳالهه ڪندي ڏٺو ان جوهر طرح سان خريدار بڻجي ويس ۽ ان جي پوري مدد ۽ امداد ڪيم. هن آخري گهڙيءَ ۾ تون ان جي محابي منهنجو خريدار ٿي ۽ منهنجي مدد فرماءِ.

حضرت سليمان جو هڪ منڊي ڪئليءَ کان سوال پڇڻ

حضرت سليمان ايتري عظمت جي باوجود هڪ منڊي ڪئليءَ کان عاجزيءَ سان سوال پڇيو ته غمن ۾ زياده ڪهڙي مٽي ڳوهي ويئي آهي. ان جواب ڏنس ته سوڙهيءَ قبر ۾ اها آخري سر جا جڏهن خاڪ سان ملي وڃي ٿي تڏهن سڀيئي اميدون ختم ٿي وڃن ٿيون.

ابو سعيد مهنه جي خادم سان گفتگو

حضرت ابو سعيد مهنه هڪڙي ڏينهن حمام ۾ هو، سندس نوڪر جو هڪ بي عقل ۽ ناتجربيڪار هو تنهن شيخ جي بدن جي ميراڻ کي ڇڪي ان جي ڪلهن تي آڻي سندس منهن اڳيان ڪٺو ڪيو؛ ۽ بعد ۾ کانئس پڇيائين ته هاڻيءِ ٻڌاءِ ته جوان مردي ڇاکي چوندا آهن. شيخ جواب ڏنس ته ميراڻ کي لڪائڻ ۽ ماڻهن جي اکين اڳيان (جي روبرو) نه آڻڻ کي ئي جوانمردي چوندا آهن. اهو ٻڌي هن فوراً ان جي پيرن تي ڪِري معافي گهري.

ڪتاب جو ختم

الله سائينءَ جا لک احسان ۽ مهربانيون جنهن مون ناچيز لاءِ پنهنجي مدد ۽ توفيق جون سڀ راهون کولي ڇڏيون. نتيجي ۾ هي ڪتاب اڱاري ڏينهن منجهند جو تاريخ 20- رمضان المبارڪ سن 583 هجريءَ ۾ لکجي پورو ٿيو. منهنجو اهو سارو وقت دل جي صفائي، ذوق، آرام ۽ خوشيءَ ۾ گذريو. بلاشبه عطار سڀني سالڪن ۽ عارفن متعلق گفتگو ڪئي آهي. جيڪڏهن تون به انهن مان آهين ته ان کي نيڪيءَ سان ياد ڪر.