ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته برونائي يا ملائيشيا جي بادشاهن، سلطانن هڪ کان وڌيڪ به شاديون ڪيون، ڌارين ملڪن مان به ڪيون، عام ڇوڪرين (Commoner) يعني رعيت مان به ڪيون پر راڻي هميشه هن قوم ملئي جي مسلمان ئي ٿي. ملائيشيا جي هن بادشاهه ”سلطان محمد پنجين“ جي هيءَ روسي ڇوڪري دلپسند، پڙهيل ڳڙهيل، محبوبا، معشوقا ضرور چئي سگهجي ٿي پر ملئي نه هجڻ ڪري هن کي ملڪ جا ماڻهو توڙي سلطان ۽ شهزادا پنهنجي ملڪ جي راڻي ڪيئن قبول ڪن؟ شاهي محلاتن جي اندر جون ڳالهيون جيڪي ٻاهر ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن ان ۾ اها به آهي ته ملڪ جي سلطانن جيڪي سمجهو ته پنهنجي پنهنجي رياست جا حاڪم ۽ پير و مرشد آهن ۽ جيڪي ”مجلس راجا راجا“ جا اهم نمائندا آهن انهن لاءِ اها ڳالهه ڏکي ٿي پئي ته هڪ روسي ڇوڪريءَ کي تاجپوشي ڪرائي پنهنجي راڻي بڻايو وڃي. ٻين جي واتان اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته ان ارادي کان بادشاهه سلامت کي به آگاهه ڪيو ويو ۽ عام ماڻهو اهو ئي سمجهي رهيو هو ته ڪهڙو بادشاهه تخت تاج ڇڏيندو ۽ ”مجلس راجا راجا“ جي نمائندن جي ووٽن جي گهڻائي ڀلي بادشاهه جي حق ۾ نه ٿئي پر تنهن هوندي به بادشاهه محمد 5 تخت ڇڏڻ تي ڪجهه ته ضد ضرور ڪندو ۽ هو پنهنجي ضد کي ڏنڊي جي زور تي به مڃرائي سگهي ٿو. مجلس راجا راجا جا قانون کڻي ڇا به هجن. هن وقت ته ملڪ جو بادشاهه هو پاڻ آهي جنهن جي هٿ هيٺ ملڪ جي سڄي فوج آهي، سڄي پوليس ۽ جوڊيشري آهي. پر يارو! لڳي ٿو ته بادشاهه جي پيار جي مقابلي ۾ سندس تاج و تخت ۽ حاڪمراني به هن لاءِ ڪا حيثيت نٿي رکي. آفيشلي سلطانن (مجلس راجا راجا) جي ميٽنگ ٿئي ۽ هن بادشاهه کي تخت تان لهڻ جي صلاح ڏين ان کان اڳ بادشاهه سلامت سلطان محمد 5، بادشاهيءَ تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪري سڀني کي هَڪو ٻَڪو ڪري ڇڏيو ته توهان مونکي تخت تان ڇا لاهيندائو، آئون ته اڳهين لٿو پيو آهيان. آئون ته اڳهين محبت ۾ مئل آهيان، مئل کي ڪير ڇا ماريندو؟ اها ڳالهه سوچي مونکي حيرت ٿي ٿئي. سال 1968ع يا شايد 1969ع هو يعني هن بادشاهه سلطان محمد پنجين جي ڄم جو سال، جو اسا جو جهاز ڪوالالمپور جي بندرگاهه پورٽ سُئٽنهام (جيڪو هاڻ ملئي ٻوليءَ جي نالي پورٽ ڪلانگ ٿو سڏجي) ۾ اچي لنگر انداز ٿيو هو. جالان تئانڪو عبدالرحمان روڊ تي ”گلوب سلڪ“ اسٽور جي مالڪ تانسري ڪشوءَ جي فئمليءَ طرفان مونکي هڪ دعوت ملي هئي جيڪا سندن ڀر واري دڪان جي سيٺين چوٽڙام وارن جي گهر ۾ بمبئي کان آيل مشهور سنڌي ڳائڻي ماستر چندر جي مان ۾ هئي. ماستر چندر ڪا رات هتي جي بادشاهه جي رهائشگاهه واري شهر ڪوالالمپور ۾ سنڌي راڳ ۽ ڪيترائي لطيفا ٻڌائيندو رهيو. مون وٽ اڄ به ان پروگرام جو ڪئسٽ ٽيپ موجود آهي. ان ۾ اهو به راڳ ڳايو هئائين جنهن جون مٿيون سٽون ”محبت ۾ مئل“ آهيان هن بادشاهه جي عشق جي ترجماني ڪن ٿيون. دنيا ۾ اهڙا تمام ٿورا بادشاهه هوندا جن پنهنجي محبوبا خاطر تخت ۽ تاج کي به ڇڏي ڏنو هوندو. هجي ته اوڪسانا (ريحانا) کي به شاباش جيڪا هيڏو پڙهيل ڳڙهيل ۽ حسن جي راڻي ٿي ڪري پاڻ کان وڏي عمر ملئي همراهه سان شادي ڪئي. بهرحال چندر جو اهو راڳ- جيڪو هن ڪوالالمپور ۾ بادشاهي محل کان سڏ پنڌ تي چوٽڙام جي بگلي جي ڊرائنگ روم ڳايو هو- اڄ کان اڌ صدي اڳ، مونکي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ هي بادشاهه جيڪو ڪوالالمپور جو بنگلو خالي ڪري ڳوٺ (ڪوٽا بارو) هليو ويو آهي- اهو ڳائي رهيو هجي...
مان دنيا کي سڃاڻان ٿو،
مان دنيا جو ڏٺل آهيان.
نه دنيا ئي لڪل آهي،
۽ نه دنيا کان لڪل آهيان.
چون ٿا ويو ”چندر“ ڪسجي،
برابر مان ڪٺل آهيان.
مئل آهيان محبت ۾،
اڳيئي مان مُٺل آهيان.
مئي کي ڪير ماريندو؟
مان جيئرن کان ٽٽل آهيان.
جيئڻ وارا پيا مرندا،
مرڻ کان مان ڇٽل آهيان...
اوه منهنجا سهڻا... اوه منهنجا ڍولڻ...
موجوده بادشاهه جيڪو ڪيلنتان رياست جو سلطان آهي اهو اڄ ڪوالالمپور جو شاهي محل ڇڏي پنهنجي رياست جي گادي واري شهر ”ڪوٽا بارو“ روانو ٿي ويو آهي. هاڻ ڏسون ته نئون بادشاهه چونڊڻ واري ”مجلس راجا راجا“ ڪهڙي رياست جي سلطان کي پنجن سالن لاءِ سڄي ملڪ جو بادشاهه ٿي چونڊي. هونءَ واري مطابق ته پهانگ رياست جي سلطان تنگڪو عبدالله کي بادشاهه ٿيڻ کپي. 1957ع کان جڏهن کان ملائيشيا کي انگريزن طرفان آزادي/ خودمختياري ملي ته ملائيشيا جي مختلف رياستن جي سلطانن جيڪو بادشاهه ٿيڻ جو قانون ٺاهيو ان مطابق ڪيلنتان جي سلطان بعد پهانگ جي سلطان جي بادشاهه ٿيڻ جو وارو مقرر ڪيو ويو هو. هن کان اڳ 1975ع کان 1979ع تائين ڪيلنتان رياست جو سلطان يحيٰ پترا (هاڻ استعيفا ڏيندڙ بادشاهه سلطان محمد 5 جو ڏاڏو) ملائيشيا جو بادشاهه ٿيو هو. ان بعد پهانگ رياست جو سلطان احمد شاهه هاڻُوڪي سلطان تنگڪو عبدالله جو پيءُ 1977ع کان 1984ع تائين ملائيشيا جو بادشاهه ٿيو هو. هاڻ وري پهانگ رياست جو وارو اچڻ تي سلطان احمد شاهه کي ٻيو دفعو بادشاهه ٿيڻ کپي پر هو 88 سالن جو ۽ چاق نه هجڻ ڪري حڪومت جي ڪاروبار کان رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي. هن پاڻ بدران پنهنجي وڏي پٽ عبدالله کي پهانگ رياست جو سلطان بنايو آهي. سو هاڻ ملئي حاڪمن جي مجلس ان کي ئي بادشاهه بنائڻ تي غور ڪري رهي هوندي، جيڪڏهن هنن کي ڪا ڳالهه صحيح نه لڳي ته پوءِ پهانگ بدران ٻي رياست (واري مطابق جوهور رياست) جي سلطان کي بادشاهه بڻائيندا. ان جو فيصلو ڄاڻ ته ڏينهن ٻن ۾ اچي ويندو ۽ منهنجو هي مضمون مڪمل ٿيڻ کان اڳ نئين بادشاهه جو اعلان ٿي ويندو.
هونءَ منهنجي خيال موجب (جو مون به جڏهن کان- يعني 1968ع کان اڄ تائين ڏهه کن بادشاهه تبديل ٿيندي ڏٺا آهن) ملائيشيا جو نئون بادشاهه پهانگ جو 59 سالن جو سلطان عبدالله بن احمد شاهه ئي ٿيندو. هو بيحد پڙهيل ڳڙهيل، سٺو ائڊمنسٽريٽر، اٿليٽ (رانديگر) آهي.
تنگڪو عبدالله ٽن ڀيڻن بعد تنگڪو احمد شاهه جو وڏو پٽ آهي ۽ سندس ڄم جو سال 1959ع آهي. پهانگ رياست جو وڏو ۽ گاديءَ وارو شهر ڪئانتان آهي پر هن رياست جي شاهي خاندان (سلطان) جو محل ۽ رهائش پيڪان شهر ۾ آهي جتي تنگڪو عبدالله ۽ سندس ٻيا ست ڀائر ڀيڻون ڄايون. تنگڪو عبدالله جيڪو هاڻ ملائيشيا جو بادشاهه ٿيڻ وارو آهي، پرائمري تعليم پنهنجي رياست جي شهر ڪئانتان جي اسڪول ”سينٽ ٿامس اسڪول“ ۾ پڙهيو. هتي اهو به لکندو هلان جو اسان جا ماڻهو جيڪي ملائيشيا ۾ نوڪري يا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا انهن کي ڪيلنتان ۽ ڪئانتان ۾ مونجهارو ٿئي ٿو. ڪيلنتان (Kelantan) رياست جو نالو آهي جنهن جي گاديءَ جو شهر ”ڪوٽا بارو“ آهي ۽ ڪئانتان (Kuantan) شهر جو نالو آهي جيڪو پهانگ رياست جي گاديءَ جو شهر آهي. پهانگ رياست ڪئالالمپور وٽان ئي شروع ٿئي ٿي ۽ مشهور هل اسٽيشن گنتنگ هاءِ لئنڊ جيڪا ڪئالالمپور جي ويجهو آهي. دراصل پهانگ رياست ۾ اچي ٿي. آهي ته سڄو ملائيشيا جابلو علائقو پر پهانگ رياست ڪجهه زياده ئي جابلو آهي جنهن جي مشهور ”ٽيٽي ونگسا“ جبلن جي قطار جي نالي ڪئالالمپور ۾ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. ملائيشيا جي مشهور فريزر هِل (Fraser Hill) ۽ چانهه جي باغن جو علائقو ڪئمرون هاءِ لئنڊس (Camroon) به هن رياست پهانگ ۾ آهن.
مٿي بيان ڪيل پهانگ رياست جي سلطان (جيڪو هاڻ ملائيشيا جو بادشاهه ٿيڻ وارو آهي) بنيادي تعليم پنهنجي شهر مان وٺڻ بعد وڌيڪ تعليم لنڊن جي Aldenham اسڪول ۽ Davis ڪاليج مان حاصل ڪئي. اهو ئي حال ملائيشيا جي ٻين پيرن، ميرن، وڏيرن، سلطانن جي ٻارن جو آهي ان ڪري هو هڪ طرف پڙهيل ڳڙهيل ۽ اعليٰ تعليم يافته مڃيا وڃن ٿا ته ٻئي طرف پنهنجي ڳوٺ مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ ڪري هنن کي پنهنجي مادري ٻولي ”ملئي“ لاءِ به پيار رهي ٿو ۽ شاهي خاندان جا ماڻهو هجن يا سياستدان، وڏيرا پير هجن يا ڪامورا هنن کي پنهنجي ٻوليءَ جي ڪتابن، اخبارن، ٽي وي چئنلن ۽ ٻوليءَ جي ادارن جي ترقيءَ جو فڪر رهي ٿو. ٻي ڳالهه ته هتي جي سلطانن، بادشاهن، وڏيرن، جاگيردارن جو اولاد جڏهن ٻاهر پڙهڻ لاءِ وڃي ٿو ته ڪو ٺڙڪو قسم جي تعليمي ادارن ۾ نٿا پڙهن جتي فقط في ڏيڻ سان ڊگري مليو وڃي- تعليم ۽ حاضريءَ تي ڪا سختي ناهي. هو اعلا قسم جي تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ ڪي ڪي ته ويندي سئنڊهرسٽ جهڙي مليٽري اڪيڊميءَ ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا جتي تعليم کان علاوه ڊسپلين ۽ پي ٽي پريڊ به سخت ٿئي ٿي جتان اسان جي ايوب خان جهڙن فوجين تعليم حاصل ڪئي. هن وقت به جڏهن تنگڪو عبدالله جي بادشاهه ٿيڻ جا افواهه گرم آهن ۽ اهو پيو سوچيو وڃي ته عبدالله رياست جي جوابداري ڇڏي بادشاهه ٿي سڄي ملڪ جو حاڪم ٿيندو ته سندس سجاده نشين يعني وڏي پٽ تنگڪو حسن الابراهيم کي رياست جو سلطان ٿيڻو پوندو ۽ تنگڪو حسن الابراهيم سئنڊهرسٽ مليٽري اڪيڊمي، لنڊن ۾ زيرِ تعليم آهي. جيسين هو تعليم مڪمل ڪري تيسين ”قونصل آف ريجنسي“ رياست جو ڪاروبار هلائيندي جنهن جو سربراهه تنگڪو عبدالله جي ننڍي ڀاءُ کي بڻايو ويو آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته تنگڪو عبدالله جيڪو هاڻ ملڪ جو بادشاهه ٿيڻ وارو آهي، ان ٻه شاديون ڪيون، هڪ 1986ع ۾ عزيزه آمنا سان جيڪا جوهور رياست جي سلطان اسڪندر جي ٽيو نمبر ڌيءَ آهي جيڪا هن جي انگريز زال ڪلثوم بنت عبدالله مان آهي. سندس اصل نالو ”جوزفين ربي تري وورو“ هو. ملائيشيا ۾ ڪو به غير مسلم اسلام جي دائري ۾ اچي ٿو ته هو پنهنجو نالو ته ڪجهه به رکي ٿو پر پيءُ جو نالو عبدالله رکرائي ٿو پوءِ ڇوڪرو آهي ته بن عبدالله، ڇوڪري آهي ته بنت عبدالله.
ذڪر هيٺ آيل ملائيشيا جي ٿيندڙ نئين بادشاهه تنگڪو عبدالله جي ٻي شادي رعيت جي هڪ عام ماڻهو يعني Commoner رئيس احمد جي ڌيءَ ”جوليا بنت رئيس“ سان 1991ع ۾ ٿي. اها ملئي فلمن جي سابق ائڪٽريس آهي. هاڻ ڏسجي ته راڻيءَ لاءِ ڪهڙي زال جي تاجپوشي ٿي ٿئي. تنگڪو عبدالله کي پهرين زال مان 4 پٽ ۽ ٻه ڌيئون آهن ۽ ٻي زال جوليا مان فقط 3 ڌيئرون. تعليم جي سلسلي ۾ اهو لکڻ به بي محل نه ٿيندو ته تنگڪو عبدالله جون سڀ ڀيڻون به اعليٰ تعليم يافته ۽ انگلينڊ ۽ آمريڪا جون پڙهيل آهن.
”تنگڪو عبدالله“ به هينئر استعيفا ڏيندڙ بادشاهه ”سلطان محمد 5“ وانگر پڙهيل ڳڙهيل آهي پر هو راندين جو به شوقين آهي. هو ڪائونسل آف ورلڊ فٽبال يعني Fifa جو ميمبر آهي. ايشين هاڪي ائسوسيشن جو صدر آهي ۽ پولو جو سٺو رانديگر آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته رياست جو سلطان (جيڪو پڻ سمجهو ته ان رياست جو بادشاهه آهي ۽ هر رياست ڪنهن زماني ۾ ائين الڳ ملڪ هو جيئن اسان وٽ سنڌ جو صوبو هو) جي بدلجڻ جو ۽ ملڪ جي بادشاهه بدلجڻ جا الڳ طريقا آهن. رياست جي سلطان جي وفات تي هن جو وارث وڏو پٽ شهزادو (Tengku Mahakota) تخت تي وهي ٿو يعني سلطان ٿئي ٿو. ڪنهن سلطان کي پٽ ناهي ته پوءِ هن جو ڀاءُ يا ڀائٽيو سلطان بڻجي ٿو پر سڄي ملڪ جو بادشاهه ٿيڻ لاءِ هن ملڪ ملائيشيا جا نرالا قاعدا آهن جيڪي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ نه آهن. هتي پڙهندڙن لاءِ، خاص ڪري انهن هم وطنين لاءِ جيڪي ملائيشيا ۾ رهن ٿا يا ملائيشيا وڃڻ جو ارادو رکن ٿا، ڄاڻ ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو ته ملائيشيا ۾ ڪهڙو طريقو آهي جيئن هنن لاءِ مونجهارو نه ٿئي.
ملائيشيا جا ٻه حصا آهن جيئن اسان جي پاڪستان جا پهرين ٻه حصا هئا هڪ مشرقي (East) ۽ ٻيو مغربي (West) اسان جي ٻن حصن جي وچ ۾ انڊيا هو. مشرقي ۽ مغربي ملائيشيا جي وچ ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ آهي. مشرقي ملائيشيا ۾ ٻه رياستون سباح ۽ سراواڪ اچن ٿيون جيڪي بورنيو نالي ٻيٽ جو حصو آهن. انهن رياستن جي وچ ۾ برونائي آهي. ٻيٽ جو باقي حصو انڊونيشيا جو آهي جيڪو ”ڪاليمنتان“ سڏجي ٿو. ڪنهن زماني ۾ سباح، سراواڪ ۽ برونائي الڳ الڳ ملڪ هئا ۽ انگريزن جي ڪنٽرول ۽ صلاح سان هليا ٿي. خودمختياري ملڻ تي برونائي ته پنهنجي ڌار ئي حيثيت رکي جو ان جو حاڪم سلطان هو جيڪو هاڻ بادشاهه آهي. هوڏانهن مغربي ملائيشيا ۾ يارهن رياستون آهن ۽ ان جو شروع کان ملايا نالو هو. سندن ٻوليءَ کي ڀهاسا ملايو ۽ ماڻهو ”اورانگ ملايو“ سڏجن ٿا. انگريزن کان خودمختياري ملڻ تي بورنيو ٻيٽ واريون رياستون سباح ۽ سراواڪ هن پاسي جي ملڪ ملايا سان گڏجي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيائون. سباح ۽ سراواڪ تي ڪنهن به ملئي سلطان جو اثر نه رهيو آهي ان جا حاڪم اتي جا انگريزن طرفان مقرر ڪيل گورنر آهن. هيڏانهن مغربي ملائيشيا (يعني پراڻي ملڪ ملايا) پاسي يارهن رياستن مان نون رياستن تي ملئي سلطانن جو راڄ هو باقي ٻن: ملاڪا ۽ پينانگ تي انگريزن طرفان مقرر ڪيل گورنر هئا. هاڻ انهن چئني رياستن لاءِ گورنر ملڪ جو بادشاهه وزيراعظم جي صلاح سان مقرر ڪري ٿو. ملائيشيا کي 1957ع ۾ آزادي ملڻ کان اڳ سڀ ڪجهه انگريزن جي هٿن ۾ هو. انهن نون رياستن: جوهور، پيراڪ، ڪيلنتان، ترانگانو، پهانگ، پيرلس، نگري سيمبيلان، سلينگور ۽ ڪيداح جو وڏيرو الڳ الڳ سلطان هو جو ماڻهن هن کي پير يا گادي نشين سمجهي ٿي پوڄيو، سو انگريزن ظاهري طرح هنن کي رياست جو ڪرتا ڌرتا ڪري رکيو پر هنن ڪيو اهو ئي ٿي جيڪو هر رياست ۾ مقرر ريزيڊنٽ انگريز کين اشارو ڪيو ٿي.