ٻاراڻو ادب

پتڪڙو شھزادو

ھي ڪتاب دنيا جي 256 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي. فرانس جي مشھور اخبار ”لَموند“ پاران ڪرايل سروي مطابق ويھين صديءَ ۾ فرينچ ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ سڀ کان وڌيڪ مشھور ۽ اثرانداز ھڪ سئو ڪتابن ۾ ھن ڪتاب کي چوٿون نمبر مليو. ڪتاب جي مشھوريءَ جو ھڪ سبب اھو بہ آھي تہ ان ۾ دنيا کي ھڪ ٻار جي نظر سان ڏٺو ويو آھي. ھي ڪتاب دوستيءَ، جدائيءَ ۽ يادگيريءَ جي ڪٿا آھي.

Title Cover of book پتڪڙو شھزادو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران آئتوان دُسينتيگزيپيگي جي فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب  (Le Petit Prince)  جو سنڌي ترجمو ”پتڪڙو شھزادو“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار شفقت قادري آھي.
ھي ڪتاب دنيا جي 256 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي. فرانس جي مشھور اخبار ”لَموند“ پاران ڪرايل سروي مطابق ويھين صديءَ ۾ فرينچ ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ سڀ کان وڌيڪ مشھور ۽ اثرانداز ھڪ سئو ڪتابن ۾ ھن ڪتاب کي چوٿون نمبر مليو. ڪتاب جي مشھوريءَ جو ھڪ سبب اھو بہ آھي تہ ان ۾ دنيا کي ھڪ ٻار جي نظر سان ڏٺو ويو آھي. ھي ڪتاب دوستيءَ، جدائيءَ ۽ يادگيريءَ جي ڪٿا آھي.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جيڪو وتايي جي گهر جي سھڪار سان ھتي شيئر ڪجي ٿو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي