ٻاراڻو ادب

ٻہ جاڙا ڀائر

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو لکيل ڪتاب ”ٻہ جاڙا ڀائر“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1960ع ۾ جڏھن تہ پنجون ڇاپو 1993ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو


  • 4.5/5.0
  • 10
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ٻہ جاڙا ڀائر

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو لکيل ڪتاب ”ٻہ جاڙا ڀائر“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1960ع ۾ جڏھن تہ پنجون ڇاپو 1993ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جيڪو وتايي جي گهر جي سھڪار سان ھتي شيئر ڪجي ٿو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

ٻہ جاڙا ڀائر

---

باب پھريون: سونو پکي

ڪنھن ملڪ ۾ ٻھ ڀائر رھندا ھئا. منجھانئن ھڪڙو سونارو ھو، اھو تمام دولتمند ھو، مگر پئسو چڱي ڪم ۾ نھ آڻيندو ھو، جو خراب طبيعت جو ماڻھو ھو، ٻيو ڀاءُ تمام غريب ھو، ليڪن چڱي طبيعت جو ۽ نيڪ نيت ھو. اھو کجيءَ ۽ ٻين وڻن جي سنھڙين ٽارين مان، ٻھاريون جوڙي وڪڻندو ھو، ۽ پنھنجو گذران ڪندو ھو.
انھيءَ کي ٻھ پٽ ھئا، جي ٻيئي جاڙا ھئا. اھڙا ھڪجھڙا ھئا، جو ھنن کي سڃاڻڻ مشڪل ھو. اھي ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي دولتمند چاچي جي گھر ٽڪر ڀور ڇڏائڻ لاءِ ويندا ھئا، جو ھو بکيا ھوندا ھئا.
ھڪڙي ڏينھن اھو غريب جھنگ ۾ ٻھارين جي لاءِ ٽاريون ۽ گاھھ گڏ ڪرڻ لاءِ ويو، تھ ھڪڙو سونو پکي پنھنجي ويجھو ڏٺائين. اھڙو سھڻو پکي ھن عمر ۾ ڪونھ ڏٺو ھو. انھيءَ کي ڳچ تائين ڏسي ڏسي پوءِ ھڪڙو ننڍو پھڻ کڻي اڇلائي انھيءَ کي ھنيائين تھ وڃي ھن کي لڳو، پر ان کي ايذاءُ ڪونھ ڏنائين. اڏامندي اھو پکي ھڪڙو سونو کنڀ ڪيرائي ويو، جو ھن کڻي ورتو.
اھو سونو کنڀ، ھو پنھنجي ڀاءُ سوناري وٽ کڻي ويو، ۽ چيائينس تھ ”ادا، سونو کنڀ وٺ، ۽ انھيءَ جا مون کي پئسا ڏي.“ ھن اھو چتائي ڏٺو تھ برابر اھو نج سونو ھو، ۽ انھيءَ جو جيڪو واجبي ملھھ ھو، سو ڀاءُ کي ڏنائين.
ٻئي ڏينھن انھيءَ ساڳي غريب ڀاءُ جھنگ ۾ ٽاريون پئي وڍيون تھ ھڪڙي وڻ تان اھو ساڳيو سونو پکي اڏامي نڪتو. چتائي ڏسڻ سان ھن انھيءَ وڻ ۾ ھڪڙو آکيرو ڏٺو، جنھن ۾ ھڪڙو سونو آنو پيو ھو. ھو اھو آنو کڻي گھر آيو ۽ شام جو اھو بھ کڻي پنھنجي ڀاءُ کي ڏيکاريائين، جنھن مٺ مھرن جي ڏنيس، ۽ ايترو بھ چيائينس تھ ”خود اھو پکي ھٿ اچيئي تھ اھو بھ مون کي آڻي ڏي.“
ڪن ڏينھن کان پوءِ، انھيءَ غريب ماڻھوءَ جھنگ ۾ اھو سونو پکي ھڪڙي ٽاريءَ تي ويٺل ڏٺو. ھن ھڪڙو وڏو پھڻ ھنيس تھ ھو ڪري پيو ھو اھو کڻي ڀاءُ وٽ آيو، جنھن ٿيلھي مھرن جي ڏنيس. ڏاڍي خوشيءَ مان ھو پنھنجي گھر ويو، جو ڄاتائين تھ ھاڻ آئون گھڻو ئي ڪي خريد ڪري سگھندس ۽ سکيو پيو گذاريندس.
سونارو ڏاڍو پڪو ماڻھو ھو، تنھن سھي ڪيو تھ ھي ڪو رواجي پکي نھ آھي، پر گھڻي قيمت وارو آھي! ھن کي خبر ھئي تھ جيڪو ماڻھو انھيءَ پکيءَ جي دل ۽ جيرو کائيندو، سو ڏھاڙي صبح اٿڻ سان، پنھنجي وھاڻي جي ھيٺان ٻھ سونيون مھرون لھندو.
تنھنڪري ھن پنھنجي زال کي سڏي چيو تھ ”ھي پکي وڃي پچائي اچ، پر سنڀال ڪجئين تھ ھن مان ڪو ذرو بھ نڪري نھ وڃي، جڏھن پچي تيار ٿئي، تڏھن مون کي آڻي ڏج تھ آئون اڪيلو اھو کاوان، ۽ انھيءَ مھل ٻئي ڪنھن ماڻھوءَ کي اچڻ متان ڏين“. زالس اھو پکي کڻي باھھ تي پچائڻ ويئي.
اھڙو اتفاق ٿيو، جو جڏھن زال باھھ تي اھو پکي ويٺي پچايو تھ اوچتو ڪنھن ضروري ڪم لاءِ اٿي ويئي، تھ پٺيانس ھن ٻھاري ٺاھڻ واري جا ٻيئي جاڙا پٽ اتي آيا. پکي پچندو ڏسي شيخ کي اٿلائڻ لڳا تھ سڙي نھ وڃي. اوچتو منجھانس ٻھ ذرا ڪري ڪيريءَ تي پيا، اھو ھو کڻي کائي ويا، جو ھو بکيا ھئا.
سگھو ئي پوءِ زال بھ بورچيخاني ۾ آئي. ھن انھن ڇوڪرن کي ڪي کائيندو ڏٺو پڇيائين تھ ”ڇا ٿا کائو؟“ ھنن چيو تھ ”انھيءَ پکيءَ مان ٻھ ذرا ڪري پيا، سي اسان کڻي کاڌا.“ زال ڏاڍي ڊني، جو ڄاتائين تھ اھي دل ۽ جيرو ھوندا، جن بابت مڙسس تاڪيد ڪيو ھو، ۽ ھاڻ اھو ڏاڍو ڪاوڙبو. تنھنڪري ھن ھينئن ڪيو، جو ھڪڙو ننڍو ڪڪڙ جو چوزو ڪھي، ان جي دل ۽ جيرو ڪڍي پچائي انھيءَ پکيءَ ۾ وجھي مڙس وٽ کڻي آئي. مڙسس اھو سارو کائي ويو ۽ ذرو بھ نھ ڇڏيائين. پر ٻئي ڏينھن صبح جو جڏھن وھاڻي جي ھيٺان ھٿ گھمايائين تھ جن ٻن سونين مھرن ملڻ جي اميد ھيس، سي نھ ڏٺائين.
ھنن ٻن ڇوڪرن کي تھ پنھنجي ڀاڳ جي خبر ڪانھ ھئي، تنھنڪري ھنن صبح جو اٿڻ کان پوءِ وھاڻي جي چڪاس ڪانھ ورتي. پر جڏھن رلي کنيائون، تڏھن ٻھ مھرون زمين تي ڇڻڪاٽ ڪري ڪري پيون. اھي ھو کڻي پيءُ ڏي ڀڳا، جو اھي ڏسي حيران ٿيو.
ٻئي ڏينھن صبح جو بھ ٻھ مھرون لڌيون، ۽ انھيءَ کان پوءِ بھ روز بروز ھنن کي ٻھ مھرون پئي مليون. نيٺ اھو ٻھاري جوڙڻ وارو پنھنجي ڀاءُ وٽ ويو، ۽ انھيءَ کي اھا ڳالھھ ڪري ٻڌايائين، تنھن کي ھڪدم پڪ ٿي تھ ھن سوني پکيءَ جي دل ۽ جيرو انھن ٻن ڇوڪرن کاڌو آھي.
انھيءَ ڪري ھو ڏاڍو ڪاوڙيو. ھو ظالم ۽ سنگدل ماڻھو ھو، تنھن انھن کي سيکت ڏيڻ جو ارادو ڪيو. ھنن جي پيءُ کي چيائين تھ ”تنھنجي پٽن جو ڪنھن ڏائڻ سان واسطو آھي، تنھنڪري انھن نڀاڳن کي تون گھران ڪڍي ڇڏ، ۽ انھن مھرن کي متان ھٿ لائين، نھ تھ ڪا مصيبت مٿان پوندءِ.“
پيءُ کي پٽن کان ڌار ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو، پر ڏائڻين جي حرڪت کان ڊنو، تنھن پنھنجن جاڙن پٽن کي جھنگ جي وچ ۾ ڇڏي ڏنو. ھن جي وئي کان پوءِ ڇوڪرا اڪيلائيءَ ۾ ڊنا، ۽ گھر موٽڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر مورڳو ويا پري پوندا. نيٺ ھڪڙو شڪار ڪندڙ ماڻھو ملين، تنھن پڇين تھ ”اوھين ڪير آھيو، ۽ ھھڙي گھاٽي جھنگ ۾ اڪيلا ڇا ٿا ڪريو؟“
ھنن ورندي ڏني تھ ”اسين فلاڻي غريب ٻھارين جوڙيندڙ جا پٽ آھيون، پر ھن اسان کي پاڻ وٽ نھ رکيو، جو ڏھاڙي صبح جو اسان جي وھاڻن جي ھيٺيان ٻھ مھرون لڀنديون آھن. ھن کي ڊپ ٿيو تھ اسان جي ڪن ڏائڻين يا ڀوتن سان واسطو آھي.“
شڪاريءَ چيو تھ ”انھيءَ ۾ ڇا ٿيو؟ اھي پئسا سجائي ڪم ۾ اچن تھ پوءِ ڪھڙي حرڪت آھي؟ فڪر ناھي، اوھين مون سان گھر ھلو. آئون اوھان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوھين منھنجا پٽ ٿجو.“ شڪاريءَ کي اڳيئي اولاد ڪونھ ھو، تنھن جي سگھوئي ھنن ٻارن سان محبت ٿي ويئي، ھنن کي پنھنجو اولاد سمجھڻ لڳو.

باب ٻيون: ڇوڪرا دنيا جي ڪم ڪار کي لڳن ٿا

شڪاري رحمدل ماڻھو ھو، ۽ ھنن ڇوڪرن جي ڏاڍي سنڀال ڪيائين. ھنن کي شڪار ڪرڻ ۽ بندوقون ھڻڻ سيکاريائين ۽ جيڪي مھرون ھنن جي وھاڻن ھيٺان پيون لڀنديون ھيون، سي گڏ ڪندو رکندو ويو تھ ھنن کي ڪم اچن.
جڏھن ھو وڏا ٿيا، تڏھن ھڪڙي ڏينھن ھنن کي جھنگ ۾ وٺي ويو، ۽ چوڻ لڳو تھ ”ھنن پکين کي بندوقون ھڻو ۽ نشان چِٽيو!“ ھنن بندوقون ھنيون تھ ٻيئي پکي ڪري پيا. وري ٻيا پکي ڏيکاريائين تھ ھنن اھي بھ ماريا. پوءِ چيائين تھ ”ھاڻ اوھين ھوشيار ٿيا آھيو. ھاڻ ڀلي پنھنجي منھن شڪار ڪريو.“ انھيءَ کان پوءِ ھو پنھنجي منھن شڪار ڪندا رھيا.
ھڪڙي ڏينھن ھنن پاڻ ۾ ڪو پور پچائي، ماني کائڻ مھل وڏي شڪاريءَ کي چيو تھ ”بابا، اسان کي ھڪڙو سوال ڪرڻو آھي، تنھن جو جيسين جواب نھ ڏيندي، تيسين اسين ماني نھ کائينداسين.“ ھن چيو تھ ”ابا پڇو، جي ٻڌائڻ جھڙو ھوندو تھ ٻڌائيندس.“ تڏھن ھنن چيو تھ ”اسان جي مرضي آھي تھ اسين وڃي پنھنجي منھن ڪم ڪار کي لڳون.
شڪاريءَ چين تھ ”انھيءَ ڪري آئون ڏاڍو خوش ٿيندس. اوھين ڀلي وڃي ڪنھن ڪم ڪار کي لڳو، ۽ محنت گذران ڪريو ۽ سکيا ساوا ٿيو“. تنھن کان پوءِ ھنن ماني کاڌي، ۽ ڏاڍا خوش ڏسڻ ۾ آيا. جيڪي سندن مھرون گڏ ٿيون ھيون، سي بھ ڏنائين، ۽ موڪلاڻيءَ مھل ھڪڙو چمڪندڙ ڦر سان چاڪون بھ ڏنائين.
ھنن کي چيائين تھ ”جي ڪنھن وقت جھنگ ۾ ھڪٻئي کان ڌار ٿيو تھ ھي چاڪو ڪنھن وڻ ۾ ھڻجو. پر اھڙيءَ طرح جو ڦر جا ٻيئي پاسا انھن طرفن ڏي ٿين، جن طرفن ڏي اوھين ٻيئي ويا ھجو. پوءِ جي اوھان کي ھڪٻئي جي حال معلوم ڪرڻ جي مرضي ٿئي تھ اچي انھيءَ چاڪونءَ کي ڏسجو. جي اوھان مان ڪو مري پوندو تھ ڦر جو اھو پاسو ڪٽجي ڪارو ٿي پوندو، پر جي اھو جيئرو ھوندو تھ اھو پاسو چمڪندڙ رھندو.“
پوءِ ھو شڪاريءَ کان موڪلائي نڪتا، ۽ ھڪڙي وڏي ٻيلي ۾ آيا. سڄو ڏينھن انھيءَ ۾ پنڌ ڪيائون، آخر رات جو اتي منزل ڪيائون، ۽ جيڪا ماني ساڻ کنئي ھئائون، سا کاڌائون.
ٻئي ڏينھن بھ ھو ٻيلي جي ٻي ڪنڌيءَ تائين نھ پھچي سگھيا. بک لڳين ۽ وڌيڪ ماني ساڻ ڪانھ ھين، تنھنڪري ڀانئيائون تھ ڪو پکي شڪار ڪري پچائي کائون. اوچتو ھڪڙي مادي سھي اچي سندن اڳيان لنگھي. ھڪڙي ڀاءُ ھن کي مارڻ جي لاءِ بندوق سنئين ڪئي تھ سھيءَ چين:

بيت

”ڇڏيو مون نماڻيءَ کي تان پئي جيان،
ٻچا پنھنجا آڻي اوھان کي ڏيان.“

تنھن تي سھي ھڪڙي گھاٽي ٻوڙي ۾ گھڙي ويئي ۽ ٻھ ننڍڙا سھا وٺي آئي. اھي اھڙا سھڻا ۽ مزي جھڙا ھئا، ۽ ھيڏي ھوڏي خوشيءَ مان پئي ٽپيا، جو ھنن ٻن ڀائرن جي دل نھ چيو، تھ انھن کي ڪھي کائين، تنھنڪري اھو ھنڌ ڇڏي اڳڀرو ھليا.
سگھو ئي ھڪڙي لومڙي اڳيان اچي لنگھين، ۽ انھيءَ کي بندوق ھڻڻ تي ھئا تھ انھيءَ بھ چين:

بيت

”ڇڏيو مون نماڻيءَ کي تان پئي جيان،
ٻچا پنھنجا آڻي اوھان کي ڏيان.“

ھن بھ وڃي پنھنجا ٻھ ٻچا آندا، جن کي پڻ ھنن جي دل نھ چيو تھ ڪھن، سھن جي ٻچن سان ھنن کي بھ گڏي ڇڏيائون.
اڃا اڳڀرو ھليا تھ وري ھڪڙو بگھڙ ملين، ۽ پوءِ رڇ ملين ۽ نيٺ ھڪڙو شينھن ملين. ھر ھڪ جانور ھنن ٻن ڀائرن کي ٻھ – ٻھ ٻچا ڏيندو ويو. ھنن وٽ ٻھ سھا، ٻھ لومڙيون، ٻھ بگھڙ، ٻھ رڇ ۽ ٻھ شينھن ٿيا.
پر ھنن کي کاڌو نھ مليو ھو، تنھنڪري ڏاڍي بک لڳين. لومڙين کي چيائون تھ ”توھين چالاڪ آھيو، اسان لاءِ کاڌي جي شيءِ کڻي اچو“ ھنن چيو تھ ”ھتان ٿوري پنڌ تي ھڪڙو ڳوٺ آھي، جتان اسان جي ماءُ گھڻائي ڪڪڙ ۽ بدڪون کڻي ايندي آھي اسين توھان کي اھو ڳوٺ ھلي ڏيکارينديونسين.“
ھو ٻنھي ڀائرن کي انھيءَ ڳوٺ ۾ وٺي ويون، ۽ ھنن اتي کائڻ لاءِ ڪي ورتو، ۽ پنھنجن جانورن لاءِ بھ کاڌو ورتائون. جڏھن سڀني کائي ڍؤ ڪيو، تڏھن وري اڳتي پنڌ پيا. لومڙيون انھيءَ ملڪ جون واقف ھيون، جو ماءُ سان گڏ گھمڻ وينديون ۽ ڪڪڙ چورائينديون ھيون، تن ھنن کي رستو ڏيکاريو.
انھيءَ طرح ھنن شڪاري ڇوڪرن ڪن ڏينھن تائين پنڌ پئي ڪيو، ڪوبھ اھڙو ڌنڌو نھ لڳن، جو ڪري پاڻ ۾ گڏ گذارين. نيٺ منجھانئن ھڪڙي چيو تھ ”بھتر آھي تھ ڌار ٿيون ۽ ھرڪو پنھنجي منھن وڃي مٿو ھڻي.“ تنھن تي ھنن جانور ورھايا، ۽ ھرھڪ کي ھڪ سھو، ھڪ لومڙي، ھڪ بگھڙ، ھڪ رڇ ۽ ھڪ شينھن مليو. ھنن پاڻ ۾ انجام ڪيو تھ ھڪٻئي کي پيا ياد ڪندا، پوءِ چاقون ھڪڙي وڻ ۾ کڻي ھنيائون، جنھن جي ڦر جو ھڪڙو پاسو اڀرندي ٿيو، ۽ ٻيو الھندي. پوءِ ھڪٻئي کان موڪلائي جانور وٺي ھليا ويا.

باب ٽيون: ھڪڙي ازدھا سان لڙائي

سگھوئي ھڪڙو ڀاءُ پنھنجن جانورن سوڌو ھڪڙي وڏي شھر ۾ آيو، جتي ڏسي تھ درن ۽ درين تي ڪارا پردا ٽنگيا پيا آھن، جا ڏک ۽ ماتم جي نشاني ھئي. ھو ھڪڙي مسافرخاني ۾ وڃي ٽڪيو، ۽ طنبيلي ۾ جانور بيھاريائين. طنبيلي جي ڀت ۾ ھڪڙو ٽونگ ھو، تنھن مان سھو لنگھي ويو، ۽ وڃي ھڪڙي موري چورائي آيو ۽ ويھي کائڻ لڳو.
لومڙي بھ انھيءَ ٽنگ مان لنگھي ويئي، ۽ پھرين ھڪڙي ڪڪڙ چورائي آئي. اھا کائي ڍؤ ڪري، وري وڃي ھڪڙو ڪڪڙ جو ٻچو کڻي آئي. بگھڙ، رڇ ۽ شينھن انھيءَ ٽنگ مان لنگھي نھ سگھيا، تنھنڪري انھن جي کاڌي لاءِ ٻھ ٻڪريون ڪھڻيون پيون. جڏھن سڀ کائي پي رھيا، تڏھن شڪاري مھمانسراءِ جي نگھبان کان گھرن جي درن تي ڪارن پردن جو سبب پڇيو.
انھيءَ خبر ڏنيس، تھ ”اسان جي بادشاھھ کي اولاد ئي ھڪڙي ڌيءَ آھي، ۽ اھا شھزادي سڀاڻي مرڻي آھي!“
شڪاريءَ چيو تھ ”ھوءَ بيمار آھي ڇا؟“ ھن چيو تھ ”نھ، آھي تھ چڱي ڀلي، پر انھيءَ ھوندي بھ مرڻي سڀاڻي آھي!“ شڪاريءَ جي وري پڇڻ تي ھن ھيٺين ڳالھھ ڪري ٻڌايس:
”ھن شھر کان ٻاھر ھڪڙو وڏو جبل آھي، جنھن تي ھڪڙي وڏي ازدھا ٿي رھي. ھر سال انھيءَ کي ھڪڙي ڪنئاري ڇوڪري ڏيندا آھن، نھ تھ جيڪر ھوءَ شھر ۾ اچي، سڀ ماڻھو ناس ڪري وڃي. ھيستائين شھر ۾ جيڪي اھڙيون ڇوڪريون ھيون، سي سڀ کائي کپايون اٿس. ھاڻ فقط ھڪڙي بادشاھھ جي ڌيءَ آھي، جا سڀاڻي ھن کي ڏيندا.“
شڪاريءَ پڇيو تھ ”ھن کي مارين ڇو نٿا؟“ ھن ورندي ڏني تھ ”گھڻئي پھلوان ھن سان وڙھڻ لاءِ ويا آھن، ڇا لاءِ جو بادشاھھ اھڙو انجام ڪيو آھي، تھ جيڪو انھيءَ کي ماريندو، تنھن کي نھ رڳو شھزاديءَ سان پرڻائيندو، پر پنھنجي مرڻ کان پوءِ انھيءَ کي پنھنجي تخت ۽ تاج جو وارث ڪندو، پر افسوس تھ سڀ انھيءَ ڪوشش ۾ مارجي ويا آھن.“
شڪاري انھيءَ بابت وڌيڪ ڪين ڪڇيو، پر ٻئي ڏينھن صبح جو سوير اٿيو ۽ پنھنجا جانور ساڻ وٺي جبل تي چڙھي ويو. جڏھن ان جي چوٽيءَ تي آيو، تڏھن اتي ھڪڙي ننڍي مڙھي ڏٺائين. اندر وڃي ڏسي تھ ٿلھي تي ٽي پيالا رکيا آھن، جي پاڻيءَ جھڙي ڪنھن شيءِ سان ڀريا پيا آھن. انھن جي مٿان ھي لفظ لکيا پيا آھن تھ ”جيڪو ھي پيالا پيئندو سو دنيا ۾ نھايت زور وارو ماڻھو ٿيندو، ۽ جيڪا ترار مڙھيءَ کان ٻاھر زمين ۾ لڳي پيئي آھي، سا کڻي ۽ ھڻي سگھندو.“
ھن ھڪدم اھي پيالا نھ پيتا، پر پھرين ٻاھر نڪري ترار ڏسڻ ويو، ۽ انھيءَ کي کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر چوري بھ ڪين سگھيس، تنھنڪري ھو وري مڙھيءَ ۾ لنگھي ويو، ۽ اھي پيالا پيتائين. پوءِ آسانيءَ سان اھا ساڳي ترار کڻي ھلائي سگھيو. سگھو ئي بادشاھھ ۽ ٻيا شھر جا ماڻھو، اھا شھزادي وٺي پيادا جبل تائين آيا. شھزاديءَ پري کان چوٽيءَ تي ھن جوان شڪاريءَ کي ڏٺو، ۽ ڀانئيائين تھ اھا ازدھا آھي، سا اڳتي نھ پيئي ھلي.
پر جڏھن سڀني چيس تھ جي مٿي نھ ويندينءَ تھ شھر جا سڀ ماڻھو مارجي ويندا، تڏھن پاڻ اڳتي ھلي، بادشاھھ ۽ ٻيا امير امراءُ سڀ غمگين ٿي شھر ڏي موٽيا، فقط ھڪڙي سپھھ سالار کي پٺتي ڇڏيائون، تھ پوءِ اچي ٻڌائي تھ پٺيان ڇا ٿو ٿئي.
جڏھن ھڪڙي جبل جي چوٽيءَ تي آئي، تڏھن ڏسي تھ خوفناڪ ازدھا جي بدران، ھڪڙو خوبصورت جوان شڪاري بيٺو آھي. حيرت ۾ پئجي ويئي، انھيءَ چيس تھ ”شھزادي، تون متان ڊني آھين. آئون انھيءَ ازدھا سا وڙھندس ۽ ضرور انھيءَ کي ماريندس. تون ھلي اندر مڙھيءَ ۾ ويھھ.“
سگھو ئي پوءِ شڪاريءَ ھڪڙي وڏي گوڙ ٻڌي، جنھنڪري ڌرتيءَ ئي دٻي ويئي. ڏسي تھ ھڪڙو وڏو ستن مٿن سان نانگ آھي، سو ڪاھيندو پيو اچي. جڏھن اھو ويجھو آيو، تڏھن پڇڻ لڳو: ”تون جبل تي ڇو آيو آھين؟“ شڪاريءَ جواب ڏنس تھ ”توسان وڙھڻ لاءِ آيو آھيان.“
ازدھا کلي چيس تھ ”گھڻن بھادرن ۽ پھلوانن اھڙي ڪوشش ڪئي آھي، پر پنھنجي جان وڃائي اٿن. اجھو انھيءَ دم تون بھ ٿو مرين.“ ائين چئي ھن پنھنجي ستن ئي واتن مان باھھ ڪڍي، جنھن آسپاس جي جھنگ کي ساڙي ڇڏيو. باھھ جي دونھين ۽ سيڪ شڪاريءَ کي بيھڻ ئي نٿي ڏنو، پر ھن جا جانور باھھ جي مٿان ڊوڙندا آيا.
اتي ازدھا شڪاريءَ تي حملو ڪيو تھ شڪاريءَ ترار مٿي ڪئي، ۽ اھڙي ھنيائينس، جو ھن جون ٽي سسيون لھي پيون. ازدھا پاڻ زياده ڪاوڙي، ۽ شڪاريءَ تي باھھ جا الا اڇلڻ لڳي. شڪاري پاسي تي ترار سان ٻيو ڌڪ ھنيس، تھ ٽي ٻيون سسيون بھ وڍجي پيس.
بلا مان رت وھڻ لڳو ۽ ھوءَ نستي ٿيڻ لڳي. پر ھن وري بھ مٿس وار ڪيو. جيتوڻيڪ شڪاري ھاڻي ٿڪجي پيو ھو، تھ بھ ٻھ ڌڪ ھڻي ازدھا جي سسي بھ وڍي وڌائين ۽ پڇ بھ وڍي وڌائينس. پوءِ ھن پنھنجن جانورن کي بڇيو. جن ڇِني ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيس.
جڏھن لڙائي پوري ٿي، تڏھن شڪاري موٽي مڙھي ۾ آيو. شھزاديءَ کي ڏٺائين تھ ھيٺ زمين تي ڪري پيئي آھي. جيسين ٻاھر لڙائي پئي ھلي، تيسين ھوءَ ڊپ ۽ خوف کان بيھوش ٿي ويئي ھئي. شڪاريءَ کڻي ٻاھر کليل ھوا ۾ آندس ۽ گاھھ تي کڻي رکيائينس. سگھوئي ھن ساھھ پٽيو ۽ اکيون کوليون. ھن ٻڌايس تھ ازدھا مارجي ويئي ۽ ڏيکاريائينس بھ.
ھوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ ھن کي چوڻ لڳي تھ ”تون ڏاڍو بھادر شخص آھين، آئون تنھنجي گھڻو شڪر گذار آھيان. ھاڻ آئون توسان شادي ڪنديس، جو منھنجي پيءُ بادشاھھ انجام ڪيو آھي تھ جيڪو انھيءَ ازدھا کي ماريندو، تنھن سان مون کي پرڻائيندو.“
شھزاديءَ کي ڳچيءَ ۾ ھڪڙو پنج سرو ھار پيو ھو، سو لاھي انعام وانگي ورھائي، ھن جي جانورن کي ڏنو. شينھن کي سوني دگدگي ڏنائين. شڪاريءَ کي کيسي مان پٽ جو رومال ڪڍي ڏنائين، جنھن تي سندس نالو ڀريل ھو. ھن وڃي ازدھا جون ست زبانون وڍي انھيءَ رومال ۾ ويڙھي کنيون.

باب چوٿون: ھڪڙو عجيب علاج

جوان شڪاريءَ شھزاديءَ کي چيو تھ ”شھزادي، تون ڊپ کان ٿڪي ھوندينءَ، ھاڻي ھلي ٿورو آرام ڪر. توکي ڪو ايذاءُ نھ پھچندو.“ ھوءَ برابر ٿڪل ھئي، ۽ خوشيءَ سان اٿي گاھھ تي ليٽي پيئي، ۽ ننڊ کڻي ويس.
شڪاري پاڻ بھ ھھڙي سخت لڙائيءَ کان پوءِ ٿڪجي پيو ھو، تنھن شينھن کي چيو تھ ”آئون ٿورو آرام ٿو ڪريان، تون ويجھو ٿي ويھھ.“ ائين چئي پاڻ بھ شھزاديءَ جي ويجھو گاھھ تي سمھي پيو ۽ ننڊ کڻي ويس. شينھن پنھنجي ڌڻيءَ جي حڪم موجب سندس ويجھو ويھي رھيو، پر ھو بھ ٿڪل ھو، تنھن رڇ کي چيو تھ ”مون کي ننڊ ٿي اچي، آئون ٿورو آرام ٿو ڪريان. ڪو اچي تھ مون کي جاڳائج.“
تنھن تي رڇ شينھن جي ويجھو ٿي ويٺو. پر اھو بھ ٿڪل ھو، تنھن وري بگھڙ کي چيو تھ ”تون اچي منھنجي پاسي ۾ ويھھ تھ آئون ننڊ ڪري وٺان جو ٿڪجي پيو آھيان.“ بگھڙ ان موجب ويٺو، پر ھو بھ ٿڪجي پيو ھو، تنھن لومڙيءَ کي چيو تھ ”آئون سمھان ٿو، تون جاڳ، جي ڪو ماڻھو اچي تھ مون کي جاڳائج.“
انھيءَ طرح لومڙي بھ بگھڙ جي پاسي ۾ ويٺي، پر ٻين وانگي ٿڪل ھئي ۽ ننڊ اچڻ لڳيس، تنھنڪري سھي کي چيائين تھ ”آئون ٿي سمھان، تون جاڳ، ۽ ڪو بھ اچي تھ مون کي جاڳائج.“ ان موجب سھو لومڙيءَ جي پاسي ۾ ويھي رھيو، پر اھو بھ ٿڪل ھو، تنھن کي بھ ننڊ کڻي ويئي، اگرچ باقي ٻيو ڪونھ ھو، جنھن کي جاڳائڻ ۽ پھري ڏيڻ لاءِ چوي.
مٿي چيو ويو آھي تھ بادشاھھ سپه سالار کي ھيٺ ڇڏي ويو ھو، تھ جيڪي ٿي گذري تنھن جي ھن کي خبر ڏئي. تنھن جڏھن ڏٺو تھ ازدھا شھزاديءَ کي کڻي ڪين ويئي ۽ مٿي جبل جي چوٽيءَ تي ماٺ لڳي پيئي آھي، تڏھن ڊپ ڇڏي ھمت ڪري سماءُ رکڻ لاءِ مٿي ويو.
ڏسي تھ شھزادي ۽ ھڪڙو جوان شڪاري ۽ ٻيا جانور ستا پيا آھن ۽ انھن جي ويجھو ازدھا مئي پيئي آھي. ھڪدم سھي ڪيائين تھ انھيءَ جوان اھا پربت بلا ماري ھوندي! اھو سپه سالار خراب ماڻھو ھو، تنھن کي اھا لالچ ٿي تھ آئون شھزاديءَ سان شادي ڪريان، تنھن ھيئن ڪيو جو ترار کڻي انھيءَ جوان شڪاريءَ جي سسي لاھي ڇڏي.
پوءِ ستل شھزاديءَ کي آرام سان ڀاڪر ۾ کڻي جبل تان ھيٺ لھي آيو. اتي ھوءَ اوچتو جاڳي پيئي ۽ دانھون ڪرڻ لڳي، سپه سالار چيس تھ ”تون ھاڻ منھنجي وس ۾ آھين. سڀڪنھن کي چؤ تھ مون اھا ازدھا ماري آھي“. شھزاديءَ چيو تھ ”آئون ائين ڪين ڪنديس. انھيءَ جوان شڪاريءَ ۽ سندس جانورن ھن کي ماريو ۽ مون کي بچايو آھي. مون پنھنجن اکين سان ڏٺو.“ پر بدمعاش سپه سالار ترار ڪڍي ھن کي مارڻ جو دڙڪو ڏنو، تنھنڪري ھن لاچار ائين چوڻ جو انجام ڪيو.
پوءِ سپه سالار ھن کي محلات ڏي وٺي ويو. بادشاھھ پنھنجي ڌيءَ کي صحيح ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. سپه سالار ٻڌايس تھ ”انھيءَ بلا کي ماري شھزاديءَ کي مون بچايو آھي، تنھنڪري ھاڻ انجام موجب حضور انھيءَ جي مون سان شادي ڪرائي.“ بادشاھھ انھيءَ بابت ڌيءَ کان پڇيو. انھيءَ چيس تھ ”شايد ائين ھوندو، پر ھڪڙي سال ۽ ھڪڙي ڏينھن تائين آئون شادي ڪرڻ نھ ڏينديس.“
دل ۾ خيال ڪيائين تھ شايد انھيءَ وچ ۾ ھن جوان شڪاريءَ جو ڪو پتو پئجي وڃي.
ھوڏي ھو سڀ جانور پنھنجي مئل ڌڻيءَ جي پاسي ۾ ستا پيا ھئا. نيٺ ھڪڙي وڏي ماکيءَ جي مک اچي سھي جي نڪ تي ويٺي، ۽ چرڻ پرڻ لڳي، پر سھو انھيءَ کي ھڪلي وري سمھي پيو. تڏھن مک نڪ تي ڏنگ ھنيس. جنھن تي سھو جاڳيو ۽ نڪ ملڻ لڳو. پوءِ لومڙيءَ کي جاڳايائين، جنھن وري بگھڙ کي جاڳايو، ۽ بگھڙ واري سان رڇ کي، ۽ رڇ شينھن کي جاڳايو.
شينھن اٿڻ سان ڏسي تھ سندس ڌڻي مئو پيو آھي، ۽ شھزادي آھي ئي ڪانھ! رڇ کان پڇڻ ۽ انھيءَ کي عتاب ڏيڻ لڳو، رڇ بگھڙ کي عتاب ڏنو، ۽ بگھڙ لومڙيءَ تي ڪاوڙيو، ۽ لومڙي سھي تي. ويچاري سھي کي ٻيو ڪونھ ٿي سجھيو جنھن تي بار وجھي. ڏاڍو ڊنو ھنن کي چيائين تھ ”اوھين مون کي جيئدان ڏيو تھ آئون پنھنجي ڌڻيءَ کي وري جيئرو ڪريان. مون کي جھنگ ۾ ھڪڙي ٻوٽيءَ جي پاڙ سجھي ٿي، جا جيڪڏھن ڦٽ کي لائبي تھ اھو ڇٽي ويندو ۽ سڀڪا بيماري لھي ويندي، پر اھا ھتان ٻھ سؤ ميل پري ھڪڙي جبل تي آھي!“
شينھن چيو تھ ”ھڪدم وڃي اھا کڻي آءُ، انھيءَ لاءِ توکي چوويھن ڪلاڪن جي مھلت ٿي ڏجي. وڌيڪ ھڪڙو لحظو بھ مھلت نھ ڏبي.“ ان موجب سھو ڊوڙيندو ويو، ۽ چوويھن ڪلاڪن کان بھ گھٽ عرصي ۾ اھا پاڙ کڻي موٽي آيو. ھڪدم شينھن سسي کڻي شڪاريءَ جي ڳچيءَ تي رکي، ۽ سھي اھا پاڙ کڻي انھيءَ جي وات ۾ وڌي تھ جھٽ دل ھلڻ لڳي، ۽ شڪاري جيئرو ٿي اٿي ويھي رھيو.
جڏھن شڪاري جاڳيو، تڏھن شھزادي نھ ڏسي ڊڄي ويو. ڀانئيائين تھ پاڻ اڳي جاڳي، ۽ مون کي ستل ڏسي ھلي ويئي آھي، ۽ ھاڻ مون کان عمر جي لاءِ ويئي! شايد آئون ھن کي نٿي وڻيس، تنھنڪري ائين ڪيائين. اھي خيال پچائي ھو ڏاڍو غمگين ٿيو.
اتفاق ھيئن ٿيو تھ شينھن تڪڙ پڪڙ ۾ شڪاريءَ جي سسي ابتي کڻي ڳچيءَ تي رکي ھئي، جنھنڪري منھن ٿيس پٺيءَ ڏي. شڪاريءَ کي تھ پھرين ڳڻتين جي ڪري اھو سماءُ ڪونھ پيو، جڏھن ڪي کائڻ لڳو، تڏھن اھا ڳالھھ ڌيان تي آيس، ۽ سمجھي نھ سگھيو تھ وات پٺيءَ ڏانھن ڪيئن ٿيو! تنھنڪري پنھنجن جانورن کان انھيءَ جو سبب پڇيائين.
شينھن سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايس ۽ چيائين تھ ”اسان کي ڏاڍو ارمان آھي تھ ڇو اسان سڀني کي ننڊ کڻي ويئي، پر ھاڻي حرڪت ڪانھي، انھيءَ جو اسين علاج ڪري سگھنداسين.“ ائين چئي ھن ترار کڻي شڪاريءَ جي سسي وري ٻيو ڀيرو لاھي، سندس ڳچيءَ تي سنئين ڪري رکي، ۽ سھي عجيب پاڙ لائي زخم ڇٽايو. پوءِ ھو پنھنجي سفر تي ھليا.

باب پنجون: شڪاري موٽي اچي ٿو

ھڪڙي سال جي سفر کان پوءِ شڪاري موٽي ساڳئي انھيءَ شھر ۾ آيو، جنھن ۾ شھزاديءَ کي ازدھا کان بچايو ھئائين. ھن ڀيري ماتم جي ڪارن پردن جي بدران سڀني گھرن ۽ دڪانن تي ڳاڙھا خوشيءَ جا پردا ۽ ڪپڙا ٽنگيل ھئا. مھمانسراءِ جي نگھبان کان انھيءَ جو سبب پڇيائين.
انھيءَ چيس تھ ”پر سال اسان جي بادشاھھ جي ڌيءَ ازدھا کي ڏيڻي ھئي ۽ اھا مرڻي ھئي، پر سپه سالار ازدھا سان وڙھي ان کي ماريو ھو، ۽ شھزاديءَ جي جان بچائي ھئائين، تنھنڪري ھاڻي ساڻس ھن جي شادي ٿيڻي آھي.“
ٻئي ڏينھن شڪاري نگھبان کي چيو تھ ”جي انصاف مڃين تھ اڄ بادشاھھ جو طعام ھتي ٿو گھرايان ۽ پاڻ سڀئي گڏجي ويھي ٿا کائون!“
ھن چيو تھ ”ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو؟“ شڪاريءَ چيو تھ ”چڱو، ھاڻ ڏس.“ پوءِ پنھنجي سھي کي سڏي چيائين تھ ”بابا وڃ، وڃي محلات مان بادشاھھ جي کائڻ واري مانيءَ مان ڪي کڻي اچ“. سھو حڪم جي پٺيان نڪتو سھي، پر ڏاڍو ڊپ ٿيس. محلات جي در وٽ ھڪڙو ڪتو پٺيان ڪاھي پيو، تنھنڪري ھو ڊوڙي سامھون چوڪيدار جي گھر ۾ گھڙي ويو، ۽ چوڪيدار ڪتي کي ھڪالي ڪڍيو.
پوءِ وجھھ ڏسي لڪي سھو محلات ۾ گھڙي ويو ۽ جتي شھزادي ويٺي ھئي، اتي سندس ڪرسيءَ جي ھيٺيان لڪي ويھي رھيو، ۽ آھستو ھن جو پير ننھن سان کرڙڻ لڳو شھزاديءَ ڀانئيو تھ ڪا ٻلي آھي، پر ھيٺ چتائي ڏسي تھ سھو آھي، ۽ انھيءَ جي ڳچيءَ ۾ جيڪا سندس ھار جي ھڪڙي سر پئي ھئي، تنھن تي سڃاتائينس.
ھٿن ۾ کڻي چيائينس تھ ”منھنجا پيارا سھا، تون ھتي ڪيئن آئين؟“ ھن چيو تھ ”منھنجو ڌڻي، جنھن ازدھا کي ماريو، سو ھن شھر ۾ آيو آھي، ۽ اھو بادشاھھ جي کائڻ واري مانيءَ مان ڪي گھري ٿو.“ شھزادي، جنھن سارو سال انھيءَ شڪاريءَ جي سڪ ۽ انتظار ۾ گذاريو ھو، ۽ ڄاتائين ٿي تھ گم ٿي ويو آھي، سا ھن جي اچڻ جو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي.
بورچيءَ کان ماني وٺي سھي کي ڏنائين. پر سھي چيس تھ ”مون کي رستي ۾ ڪتا ھلاڪ ڪندا، تون ڀلائي ڪري بورچيءَ کي چئو تھ مھمانسراءِ تائين مون سان گڏجي ھلي. شھزاديءَ بورچيءَ کي حڪم ڏنو ۽ اھو ماني کڻي سھي سان گڏجي ھليو. در تان سھو اھا ماني کڻي پنھنجي ڌڻيءَ وٽ آيو، جنھن اھا مھمانسراءِ جي نگھبان کي ڏيکاري ۽ ھو حيرت ۾ پئجي ويو!
شڪاريءَ وري لومڙيءَ کي چيو تھ ”ھاڻ تون وڃي بادشاھھ جي کائڻ واري ڪباب مان ذرو کڻي اءُ“. لومڙي بھ سھي وانگر ويئي، ۽ شھزاديءَ جي ڪرسيءَ ھيٺان لڪي ويئي، جنھن پٽو ڏسي سڃاتس ۽ بورچيءَ جي ھٿان ڪباب کڻائي موڪليو. لومڙي اھو کڻي پنھنجي ڌڻيءَ تائين نيو ۽ ھن نگھبان کي ڏيکاريو، جو وري بھ حيران ٿي ويو.
انھيءَ طرح شڪاريءَ وري بگھڙ موڪلي ڀاڄيءَ ذرو گھرايو. وري رڇ کي موڪلي حلوو گھرايو. ۽ پڇاڙيءَ ۾ شينھن کي موڪلي بادشاھھ جي پيئڻ واري شراب مان ٿورو گھرايو. جڏھن بادشاھي کاڌو اچي گڏ ٿيو، تڏھن سڀني ويھي گڏجي کاڌو. انھيءَ طرح شھزادي بھ انھن جانورن کي ڏسي ۽ سڃاڻي خوش ٿي ۽ شڪاري بھ خوش ٿيو، جو ڄاتائين تھ شھزادي کي سندس اچڻ جي خبر پيئي آھي ۽ اڃا ھن جي ساڻس محبت قائم آھي.

باب ڇھون: محلات ۾

جڏھن سڀني ماني کائي بس ڪئي، تڏھن شڪاري مھمانسراءِ جي نگھبان کي چيو تھ ”ھاڻ مون بادشاھھ جي ماني کاڌي آھي، ھاڻ سندس محلات ۾ ويندس ۽ سندس ڌيءُ سان شادي ڪندس.“ ھن چيو تھ ”اھو ڪيئن ٿي سگھندو؟ اڳيئي سپه سالار سان شاديءَ جو بندوبست ٿي ويو آھي، جنھن ازدھا کي ماريو آھي. شڪاريءَ چيو تھ مون وٽ ڪا شيءِ آھي، جا مون کي مدد ڪندي.“ ائين چئي ازدھا جون ست زبانون، جي شھزاديءَ جي رومال ۾ ويڙھي رکيون ھئائين، سي ڪڍي ڏيکاريائينس ۽ چيائينس تھ ”ازدھا کي مون ماريو ھو.“
مھمانسراءِ واري چيو تھ ”تو ڪي ڏاڍا عجيب ڪم ڪيا آھن، پر مون کي ڊپ آھي تھ تنھنجي فتحيابيءَ جو وقت لنگھي ويو آھي!“ شڪاريءَ چيو تھ ھاڻ ويھي تماشو ڏس.“ انھيءَ ڏينھن بادشاھھ مانيءَ مھل پنھنجي ڌيءُ کان پڇيو تھ ”اڄ صبح کان وٺي تنھنجي جاءِ ۾ ڪي جانور پئي آيا آھن، تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“ ھن چيو تھ ”بابا سائين، في الحال آئون ٻيو ڪين ٿي چوان، اوھين خود انھن جانورن جي مالڪ کي گھرايو تھ اھو اوھان کي ساري خبر ڏئي“.
تڏھن بادشاھھ ماڻھو موڪلي شڪاريءَ کي گھرايو. شڪاريءَ مھمانسراءِ واري کي چيو تھ ”ميان ڏٺئھ“، بادشاھھ پاڻ ئي مون کي پنھنجي محلات ۾ گھرايو آھي. ”بادشاھھ جي نوڪر کي چيائين تھ ”بادشاھھ سلامت کي وڃي چئو تھ آئون ائين ڪين ايندس. مون ڏي ڇھن گھوڙن واري گاڏي موڪل تھ انھيءَ تي چڙھي اچان.“
نوڪر اھو پيغام وٺي ويو. بادشاھھ ڌيءُ سان صلاح ڪري پنھنجي گاڏي نوڪرن سميت ھن ڏي موڪلي ڏني. مھمانسراءِ جو نگھبان اھو ڏسي حيران ٿي ويو. شڪاري گاڏيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ اچي محلات ۾ لٿو. بادشاھھ ھن کي گڏيو ۽ کيس جانورن سميت اندر وٺي ويو. شڪاري شھزاديءَ جو ھٿ چمي ادب سان پاسي تي ويھي رھيو. ٻئي پاسي سپه سالار اچي ويٺو، پر شڪاريءَ کي سڃاتائين ڪين ٿي.
بادشاھھ ازدھا جون ست سسيون گھرائي حاضر ماڻھن کي ڏيکاريون ۽ چوڻ لڳو تھ ”ھي انھيءَ ازدھا جون سسيون آھن، جنھن پر سال ھن شھر ۾ ڦڙڦوٽ کڻي وڌي ھئي، ۽ جنھن کي نيٺ اسان جي بھادر سپه سالار ماريو ۽ انھيءَ جي انعام ۾ اڄ ھن جي منھنجي ڌيءُ سان شادي ٿيڻي آھي.“ تنھن تي شڪاريءَ اٿي ستن ئي سسين جا وات ڦاڙي پڇيو تھ ”سو تھ چڱو سائين، پر ھنن جون زبانون ڪٿي آھن؟“ سپه سالار ڊپ ۽ شرمندگيءَ ۾ اڇو ٿي ويو.
شڪاريءَ چيو تھ ”جيڪي ڪوڙ ڳالھائيندا، تن جي زبان نھ ھلندي. جنھن وٽ ازدھا جون زبانون ھونديون سوئي ان جو سچو ماريندڙ آھي. اجھي اھي زبانون مون وٽ آھن.“ ائين چئي ست ئي زبانون، جي وٽس رومال ۾ ويڙھيل ھيون، سي ڪڍي ٻاھر ڪيائين، ۽ ھر ھڪ سسي ۾ رکي ويو، ۽ اھي انھن جي وڍيل زبانن سان ملي آيون.
پوءِ شھزاديءَ ڏي منھن ڪري، اھو رومال جنھن تي سندس نالو ڀريل ھو، سو ڏيکاريائينس ۽ پڇيائينس تھ ھي ڪنھن جو آھي؟ شھزاديءَ ورندي ڏني تھ ”ھي منھنجو آھي. اھو مون توکي انھيءَ ڏينھن ڏنو ھو، جنھن ڏينھن تو انھيءَ ازدھا کي ماريو ھو“. شڪاريءَ وري پنھنجن جانورن جي ڳچين مان پنج ئي سرون ۽ سوني دگدگي شينھن جي ڳچيءَ مان لاھي، گڏي پڇيو، تھ ”ھي ھار ڪنھن جو آھي؟“ شھزاديءَ وري بھ چيو تھ ”اھو بھ منھنجو آھي، جو مون انھيءَ ڏينھن جانورن کي انعام ۾ ورھائي ڏنو ھو.“
بادشاھھ حيران ٿي چوڻ لڳو تھ ”آئون تھ ھيءُ پرولي سمجھي نٿو سگھان. ھي ڪا عجيب ڳالھھ آھي. ھن جو مطلب ڇا آھي؟“ تڏھن شڪاري ۽ شھزاديءَ ٻنھي ساري ڳالھھ بادشاھھ کي ڪري ٻڌائي. بادشاھھ ڏاڍو ڪاوڙيو. سپه سالار کي ھڪدم مارائي ڇڏيائين، پوءِ اھو شڪاري شھزاديءَ سان شادي ڪري شھزادو ۽ ولي عھد ٿي ويٺو. ھن ماڻھو موڪلي پنھنجي غريب پيءُ ٻھارين جوڙڻ واري کي، توڙي پنھنجي شڪاريءَ پيءُ ۽ پنھنجي ماءُ کي گھرائي ورتو، ۽ انھن کي ايترو مال ڏنائين، جو ھو عمر لاءِ سکيا گذاريندا ھئا.

باب ستون: ٻيئي ڀائر وري ملن ٿا

اسان جو جوان شھزادو اڃا بھ شڪار جو ڏاڍو شوقين ھو، اڪثر ھرڻن جي شڪار تي ويندو ھو. ھميشه پاڻ سان پنھنجا نوڪر وفادار وٺيو ويندو ھو. ھڪڙي ڏينھن پري کان ھڪڙو اڇو ھرڻ ڏٺائين. پنھنجن ماڻھن کي چيائين تھ اوھين سڀ ھت بيھو. متان اھو ھرڻ ڀڄي وڃي. آئون اڪيلو ھن جي پٺيان ٿو وڃان.“ ائين چئي ھو پنھنجا جانور وٺي جھنگ ڏي ويو.
نوڪر شام تائين اتي ترسيا، پوءِ محلات ڏي ھليا آيا شھزاديءَ کي پنھنجي مڙس جي نھ اچڻ ڪري ڏاڍو انتظار ٿيو، خاص ڪري جڏھن ٻيو ڏينھن بھ ائين ئي گذري ويو. ھوڏي شھزادو ھرڻ جي پٺيان ڪاھيندو ويو، ۽ وقت ۽ ھنڌ جو ڪو بھ سماءُ ڪونھ پيس. تڏھن اھو ھرڻ اوچتو نظر مان نڪري ويس اتي اک پٽيس ۽ ڏٺائين تھ پري اچي پيو آھيان، ۽ محلات ۾ پھچي نھ سگھندس. تڏھن گھوڙي تان لھي رات جھنگ ۾ رھڻ جو سعيو ڪيائين، ۽ ڪاٺيون گڏ ڪري باھھ ٻاريائين. باھھ تي ويٺو ھو تھ مٿان وڻ تان ھڪڙيءَ زال جو آواز ٻڌائين: تھ ”آئون سيءَ ٿي مران، آئون سيءَ ٿي مران.“ شھزادومٿي نھاري تھ ھڪڙي ڪراڙي زال وڻ جي ٽارين ۾ ويٺي آھي. انھيءَ کي چيائين تھ ”جي سيءَ ٿي مري، تھ ھيٺ لھي اچي باھھ تي ڪوسي ٿيءُ“.
زال ورندي ڏني تھ ”نھ آئون تنھنجي جانورن کان ڊڄان ٿي.“ شھزادي خاطري ڏنيس تھ ”ھو توکي نھ چوندا“. پر ھن چيو تھ ”مون کي ھنن تي ڀروسو نٿو اچي آئون ھڪڙي ٽارڙي ھيٺ ڪيرايان ٿي، تنھن سان تون ھنن جي پٺي ٺپر. پوءِ ھو مون کي ايذاءُ نھ پھچائيندا.“
شھزادي کي اھا خبر نھ ھئي تھ اھا ڪراڙي زال ڪا ڏائڻ آھي. جيئن ھن چيس، تيئن ڪيائين. ھڪدم سڀ جانور بدلجي پھڻ ٿي پيا. پوءِ ڏائڻ وڻ تان لھي ھيٺ ٿي، ۽ اھا ساڳي ٽارڙي کڻي شھزادي جي انھيءَ سان پٺي ٺپريائين، تھ ھو بھ ڦري پھڻ ٿي پيو. تڏھن ڏائڻ خوشيءَ مان بيھي نچڻ ۽ ٽپڻ لڳي. پوءِ اھي سڀ پھڻ گھلي ھڪڙيءَ کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيائين، جتي ٻيا بھ گھڻا پھڻ پيا ھئا.
جڏھن شھزادو محلات ڏي نھ موٽيو، تڏھن شھزادي ڏاڍي بي آرام ٿيڻ لڳي. ھاڻي اھڙو اتفاق ٿيو، جو ان وقت ھو ٻيو ڀاءُ بھ انھيءَ ملڪ ۾ اچي نڪتو. سارو جھان پنھنجن جانورن سميت لتاڙي ھاڻ وري بھ انھيءَ ساڳئي ھنڌ آيو، جتان ھو ھڪٻئي کان جدا ٿيا ھئا. جڏھن انھيءَ وڻ وٽ آيو، جنھن ۾ چاقو ھڻي ڇڏيو ھئائون، تڏھن ڏسي تھ سندس ڀاءُ جي طرف وارو ڦر جو پاسو، ڪٽيو پيو آھي ۽ ٻيو پاسو پيو چمڪي.
تڏھن پڪ ٿيس تھ ھن سان خير ڪونھي. ارادو ڪيائين تھ ھن کي ڳولي لھي، من ڪا مدد ڏئي سگھيس. انھيءَ خيال سان ھو پنھنجا جانور وٺي گھمندو انھيءَ شھر ۾ آيو، جنھن ۾ سندس ڀاءُ جي زال، بادشاھھ جي ڌيءَ ھئي. جڏھن اھو جوان شڪاري محلات جي در وٽ آيو، تڏھن دربان سمجھيو اھو شھزادو آھي، سو اٿي تعظيم ڪيائينس ۽ ٻڌايائينس تھ ٻھ ڏينھن سندس غير حاضر ھئڻ ڪري شھزادي بي آرام پئي رھي آھي.
شڪاريءَ ھڪدم سھي ڪيو تھ ڀاءُ سان ھمشڪل ھئڻ ڪري، توڙي ساڳين جانورن جي ھئڻ ڪري، درٻار توڙي ٻين نوڪرن ڀل ۾ کيس شھزادو سمجھيو آھي. ارادو ڪيائين تھ ڀلي ھو انھيءَ ڀل ۾ ھجن، تھ من پنھنجي ڀاءُ جو زياده سماءُ لھي سگھي، پر جي ھن جي بچائڻ جي ڪا اميد ھجي تھ ھن کي بچائي. اھو پھھ پچائي ھو ماٺ ڪري محلات ۾ لنگھي ويو. شھزادي بھ ھن کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، جو ڄاتائين تھ سندس مڙس آھي. پڇڻ لڳيس تھ ”ھي ٻھ ڏينھن ڪٿي ھئو؟“ ھن ورندي ڏني تھ ”جھنگ ۾ شڪار جي پٺيان پري وڃي نڪتس، ۽ رستو وڃائي ويھي رھيو ھوس.“
ٻن – ٽن ڏينھن جي اندر ڀاڻس جو سمورو حال کيس معلوم ٿي ويو، تنھنڪري ھن ارادو ڪيو تھ وڃي جھنگن ٻيلن ۾ ھن جي پڇا ڪري. شھزاديءَ توڙي بادشاھھ گھڻو ئي روڪيس، پر ھو نھ رھيو. چوڻ لڳو تھ ”منھنجي دل شڪار کان سواءِ نٿي رھي.“ انھيءَ طرح ھو پنھنجا جانور ساڻ ڪري نڪري ويو. جھنگ گھمندي ھن ڀاءُ وانگي ساڳيو اڇو ھرڻ ڏٺو، ۽ انھيءَ جي پٺيان ڪاھيائين، پر جڏھن رات پيئي. تڏھن وڻ جي ھيٺان باھھ ٻاري ويھي رھيو.
ھن بھ انھيءَ ڪراڙيءَ زال جي دانھن ٻڌي، تھ ”سيءَ ٿي مران.“ شڪاريءَ چيس تھ ”جي سيءُ ٿي مرين تھ لھي اچي ڪوسي ٿيءُ.“ زال چيس تھ ”جانورن جي ڊپ کان ھيٺ نٿي لھان.“ ھيءَ ٽاري انھن تي گھماءِ.“ شڪاريءَ کي ھن جي ڳالھين تي شڪ پوڻ لڳو. ڪاوڙجي چيائينس تھ ”نھ، آئون ائين ڪين ڪندس. تون ھڪدم لھي اچ، نھ تھ آئون بندوق ھڻي اِتي ئي ماري ٿو وجھانءِ.“ تنھن تي ڏائڻ ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي. چيائينس تھ ”جيڪي وڻئي، سو ڪر، تون مون کي ڪو ايذاءُ رسائي نھ سگھندين.“
ھي ٻڌي شڪاريءَ مٿس بندوق سنئين ڪئي ۽ اھا ڇوڙيائين، پر گوليءَ سان ڏائڻ کي ڪو ايذاءُ نھ رسيو. پاڻ وڏا ٽھڪ ڏيئي شڪاريءَ تي کلڻ لڳي. پر شڪاريءَ کي خبر ھئي تھ جھنگ ۾ ڏائڻيون ملن تھ انھن سان ڪھڙي ھلت ڪجي. تنھن ھيئن ڪيو، جو پنھنجي ڪوٽ مان چانديءَ جا بٽڻ ڇني، اھي گولين جي بدران بندوق ۾ وجھي، بندوق ڀري ڇوڙيائين تھ ھوءَ رڙ ڪري ھيٺ ڪري پيئي.
شڪاريءَ کڻي ھن جي ڳچيءَ تي لت ڏني، ۽ چوڻ لڳس تھ ”ڪراڙي ڏائڻ، ھاڻ مون کي ھڪدم ٻڌاءِ تھ منھنجو ڀاءُ ڪٿي آھي، نھ تھ توکي باھھ ۾ اڇلائي ٿو وجھان.“ ڏائڻ ڊني ۽ چيائينس تھ ”مون ھن کي سندس جانورن سميت ڦيرائي، پھڻ ڪري ڇڏيو آھي، ۽ ھڪڙيءَ کڏ ۾ پيا آھن.“ تنھن تي ھن چيس تھ ”ڪمبخت رن، انھن سڀني کي وري پنھنجي اصلوڪي صورت ۾ آڻ، نھ تھ اجھا ٿي باھھ ۾ پوين.“
انھيءَ تي لاچار ڏائڻ ھڪڙي ٽارڙي کڻي ھلي انھن تي گھمائي، تھ نھ فقط ھن جو ڀاءُ شھزادو ۽ سندس جانور اٿي کڙا ٿيا، پر ٻيا بھ پھڻ جيڪي ان کڏ ۾ پيا ھئا، سي ماڻھو ٿي اٿيا. ڪي ڌنار، ڪي شڪاري، ڪي واٽھڙو ۽ واپاري. ٻئي ڀائر ھڪٻئي کي ڏسي، ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھڪٻئي کي پيار مان ڀاڪر پائي گڏيا. پوءِ ھنن ٻنھي گڏجي انھيءَ ڏائڻ کي ٻڌي، کڻي باھھ ۾ وڌو، جتي ھوءَ سڙي مري ويئي.
ھن جي مرڻ شرط اھو سارو ٻيلو ۽ جھنگ گم ٿي ويو، ۽ چوڌاري يڪو ميدان ٿي پيو. پري کان بادشاھھ جي محلات پئي ڏسڻ ۾ آئي. ھو ٻيئي پنھنجا جانور وٺي انھيءَ پاسي ھليا. رستي ۾ شھزادي پنھنجي ڀاءُ کي چيو، تھ ادا، پاڻ ٻنھي کي چڱا ڪپڙا پيا آھن، ۽ اسان مان ھر ھڪ کي پنج ھڪجھڙا جانور آھن. ھاڻ ھيئن ٿا ڪريون، تھ آئون محلات ۾ ھڪڙي پاسي کان ٿو وڃان، تون ٻئي پاسي کان وڃ. ڏسون تھ شھزادي پنھنجو مڙس سڃاڻي سگھي ٿي يا نھ؟“
ان موجب ھو ڌار ٿي محلات ۾ ويا. ٻنھي دروازن جي نگھبانن بادشاھھ ۽ شھزاديءَ کي اچي ٻڌايو، تھ شھزادو پنھنجن جانورن سميت ھن پاسي کان شڪار تان موٽيو ٿو اچي. بادشاھھ دربان کي چيو تھ ھيءَ ڪھڙي ڳالھھ آھي؟ اوھان ٻنھي مان ھڪڙو ڀلجي ٿو يا ڪوڙ ٿو ڳالھائي، ڇا لاءِ جو ٻيئي در ھڪٻئي کان پري آھن.“ اڃا دربان اتي ئي بيٺا ھئا، تھ ٻيئي جوان گڏ جاءِ ۾ اندر لنگھي آيا، ۽ اچي بادشاھھ ۽ شھزاديءَ جي اڳيان بيٺا.
بادشاھھ بلڪل منجھي پيو. شھزاديءَ کي چيائين تھ ”ابا، ھنن ٻنھي مان ڪو سڃاڻي سگھين ٿي تھ تنھنجو مڙس ڪھڙو آھي؟“ ھنن ٻنھي جا مھانڊا تھ ھڪجھڙا آھن، جو آئون تھ سڃاڻي نٿو سگھان!“ تڏھن شھزاديءَ کي اوچتو پنھنجو ھار ياد پيو، ۽ ھڪڙي شينھن جي ڳچيءَ ۾ ھار واري دگدگي ڏسي چوڻ لڳي، تھ ”جنھن سان اھو شينھن آھي، سو منھنجو مڙس آھي“.
تنھن تي شھزادي کلي ڏنو. چوڻ لڳو تھ ”تون سچي آھين.“ پوءِ سڀئي ويھي رھيا ۽ ٻنھي ڀائرن بادشاھھ کي جيڪي ٿي گذريو، سو سڀ بيان ڪري ٻڌايو. ھو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ اھا رات ھنن نھايت خوشيءَ ۾ گذاري. شھزادو بھ پنھنجي ڀاءُ جي محبت ۽ ھوشياريءَ تي فخر ڪرڻ لڳو، ۽ ھميشه ھن جو احسانمند رھندو آيو.

ڳالهه پوري ٿي

ڀاءُ ۽ ڀيڻ

---

باب پھريون: ٻہ ٻار

گھڻا ورھيھ ٿيا تھ ڪنھن ھنڌ ننڍڙا ٻھ ڀاءُ – ڀيڻ رھندا ھئا، جن جو ھڪٻئي سان گھڻو پيار ھوندو ھو. ھنن جي ماءُ مري ويئي ھئي، تنھنڪري ھنن کي انھيءَ جو گھڻو ڏک رھندو ھو.
ھڪڙي ڏينھن ڇوڪر پنھنجي ڀيڻ جو ھٿ وٺي چيو تھ ”ادي، امان جي مرڻ کان پوءِ اسان ھڪڙو ڏينھن بھ سکيو نھ گذاريو آھي! سڪل مانيءَ جو ٽڪر کاڌي لاءِ ٿو مليئون. ڪتو بھ اسان کان سکيو پيو گذاري. امان ويچاري اسان جو ھھڙو حال ڏسي تھ جيڪر ڏاڍو ارمان ٿئيس. ھاڻ بھتر آھي تھ ھتان نڪري ڪنھن پاسي ھليا ھلون. ھن کان وڌيڪ اسان جو خراب حال ٻيو ڪين ٿيندو.“
انھيءَ طرح ھو نڪري پيا ۽ھٿ ھٿ ۾ ڏيو، پنڌ ڪندا ھليا ويا. سج لٿي ڌاري ھو ھڪڙي وڏي ٻيلي ۾ اچي پھتا. پنڌ ڪري ٿڪجي پيا ھئا، تنھنڪري ھڪڙي پوري وڻ ۾ لڪي وڃي سمھي پيا. ٻئي ڏينھن صبح جو اٿي پاڻي ڳولڻ لڳا. ڇوڪر چيو تھ ”مون کي ڏاڍي اڃ لڳي آھي. ڪو چشمو يا نھر ڏسون تھ پاڻي پيون.“
سگھو ئي ھڪڙي وھندڙ پاڻيءَ جو آواز ھنن جي ڪن تي پيو. ڀيڻ جو ھٿ وٺي انھيءَ پاسي ڊوڙيو. شروع کان وٺي ھڪڙي ڏائڻ ھنن جي پٺيان ھئي. پنھنجي جادوءَ جي زور سان ھن ٻيلا، چشما ۽ نھرون ٺاھي ڇڏيون ھيون، جيئن اڪثر ڏائڻيون ڪنديون آھن.
ھو ٻيئي ٻار آواز تي ھلي اچي ھڪڙيءَ نھر يا ننڍڙي نديءَ جي ڪناري تي بيٺا. اڃا ڇوڪر نوڙي انھيءَ مان پاڻي پيئڻ تي ھو تھ سندس ڀيڻ ٻڌو تھ انھيءَ نديءَ مان ھي لفظ چٽا نڪتا تھ ”جيڪو مون مان پاڻي پيئندو، سو شينھن ٿي پوندو.“ تنھنڪري ھن رڙ ڪري ڀاءُ کي چيو تھ ”ادا، متان اھو پاڻي پيتو اٿيئي، نھ تھ شينھن ٿي پوندين، ۽ پوءِ مون کي ڦاڙي ماري ڇڏيندين.“ تنھنڪري ڇوڪر پاڻي نھ پيتو اگرچ ڏاڍي اڃ ھيس.
اڳڀرو ھليا تھ ھڪڙو چشمو ڏٺائون، پر ڇوڪريءَ کي انھيءَ مان وري ھي آواز ٻڌڻ ۾ آيو تھ ”جيڪو مون مان پاڻي پيئندو سو بگھڙ ٿي پوندو.“ تڏھن رڙ ڪري ڀاءُ کي چيائين تھ ادا، متان انھيءَ چشمي مان پاڻي پيتو اٿيئي، نھ تھ تون بگھڙ ٿي پوندين ۽ مون کي کائي ڇڏيندين.“
تنھنڪري ھن وري بھ پاڻي نھ پيتو، ۽ اڃيو رھجي ويو.
ٿوري دير کان پوءِ ھو وري ھڪڙي ٻيءَ نديءَ تي آيا، جنھن جو پاڻي بلڪل صاف ھو. ڇوڪر وري انھيءَ تي پاڻي پيئڻ ويٺو. ھن پاڻي پئي پيتو تھ ڇوڪريءَ ٻڌو تھ نديءَ مان آواز آيو تھ جيڪو مون مان پاڻي پيئندو، سو ھرڻ ٿي پوندو.“ ھن ھڪدم دانھن ڪري جھليس، پر ھو اڳيئي پاڻي پِي ويو، ۽ ھڪدم ھرڻ ٿي پيو. ڇوڪري ھن کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي، ۽ ھرڻ جي اکين مان بھ پاڻي ڪرڻ لڳو.
پوءِ ڇوڪري پنھنجي چوٽيءَ تان ھڪڙي پٽي لاھي ھرڻ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏي ۽ ھتان ھتان سائو گاھھ، ڪک ۽ ڪانھن پٽي، انھن مان رسي وٽي انھيءَ پٽيءَ ۾ کڻي ٻڌائين. انھيءَ لاءِ تھ رسيءَ کان وٺي ھن کي پاڻ سان ھلائيندي وتي.
پوءِ ھو نڪري گھاٽي ٻيلي ۾ پيا. اتي ھڪڙو ڦٽل پٽ ڏسي، ڪک گڏ ڪري، ڇوڪريءَ پنھنجي ۽ ھرڻ لاءِ ھنڌ ٺاھيو. اتي ئي ھنن پنھنجو ٽڪاڻو ڪيو. ڏھاڙي صبح جو ھوءَ وڃي جھنگلي پاڙون، ٻير ۽ ٻيا ميوا چونڊي ايندي ھئي، جي پاڻ کائيندي ھئي، ۽ ھرڻ کي سائو گاھھ آڻي کارائيندي ھئي. انھيءَ طرح پنھنجي ڀيڻ ھي ھٿان کائي خوش پيو گذاريندو ھو.
رات جو جڏھن اھا ڇوڪري کائي پي سمھڻ جي ڪندي ھئي، تڏھن پھريائين خدا کان دعا گھري، پوءِ ھرڻ جي پٺيءَ تي مٿو رکي سمھي پوندي ھئي. پر ھميشه اھا ڳڻتي ھوندي ھيس تھ جي منھنجو ڀاءُ پنھنجي اصلوڪيءَ شڪل ۾ ھجي ھا تھ اسين ڪھڙو نھ خوش گذاريون ھا!
انھيءَ طرح ھي ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڪيترا ڏينھن انھيءَ ٻيلي ۾ رھندا آيا. ڇوڪري بھ وڌي خوبصورت زال ٿي پيئي، ۽ ھرڻ بھ اڳي فقط ٻٺِڙو ھو، سو ھاڻ وڏو سھڻو ھرڻ ٿي پيو. ھڪڙي ڏينھن انھيءَ ملڪ جو بادشاھھ، وڏي ڊنبلي سان انھيءَ ٻيلي ۾ شڪار ڪرڻ آيو. انھيءَ جو ھل ۽ ڪتن جي ڀونڪ پري کان ٻڌڻ ۾ پئي آئي.
ھرڻ ڀيڻ کي چيو تھ ”ادي، مون کي ڇوڙي ڇڏ تھ آئون وڃي تماشو ڏسان.“ ھن نٿي ڇڏيس، مگر چيائينس تھ ”جنھن لڪل ڀونگيءَ ۾ پاڻ رھون ٿا، تنھن جو در آئون بند ڪري ٿي ڇڏيان تھ متان ڪي شڪاري گھڙي نھ اچن. شام جو جڏھن تون گھمي ڦري اچين، تڏھن اچي در کڙڪائجائين ۽ چئجئين تھ ”ادي، در پٽ تھ اندر لنگھان.“ تھ پوءِ آئون سمجھنديس تھ تون آيو آھين.“
پوءِ ھو ٽپا ڏيندو ٻيلي ۾ ويو. نيٺ بادشاھھ ۽ ٻين شڪارين ھن کي ڏسي ورتو ۽ پٺيان پيس، پر ھن کي پڄي نھ سگھيا. ھو سندن نظر کان نڪري گم ٿي ويو. اونداھي ٿيڻ تي ھئي، تنھنڪري ھرڻ اچي گھران نڪتو ۽ در تي اچي چيائين تھ ”ادي، در پٽ تھ اندر لنگھان.“ ڀيڻ ھڪدم در پٽيو ۽ ھو اندر وڃي پنھنجي ڀيڻ سان گڏ، نرم وڇاڻي تي سمھي پيو.

باب ٻيون: بادشاھ جي محلات ۾

ٻئي ڏينھن صبح جو وري شڪاري ٻيلي ۾ آيا. انھن جون ھڪلون ٻڌي ھرڻ وري بھ پنھنجي ڀيڻ کي چيو تھ ”مون کي ڇوڙي ڇڏ.“ ھن وري بھ ڇوڙي ڇڏيس، ۽ پنھنجي ڀونگيءَ جو در بند ڪري ڇڏيائين، ۽ سمجھائي ڇڏيائينس تھ وري بھ اچي ائين چوي تھ ھوءَ در پٽيندي.
سگھوئي شڪاري پٽيءَ واري ھرڻ کي ڏٺو ۽ بادشاھھ کي ڏيکاريائون. ھو انھيءَ جي پٺيان پيا، پر سارو ڏينھن ھرڻ ھٿ نھ اچي سگھين. مگر پري کان ڪمان جو تير ھن کي پير ۾ لڳو ۽ اتي ٿورو زخم ٿي پيس. ھو منڊڪائيندو رت وھائيندو، شام جو گھر آيو.
ھڪڙو شڪاري لڪي ھن جي پٺيان لڳو آيو. ھن لڪي بيھي ڏٺو ۽ ٻڌو تھ ھرڻ در کڙڪائي چيو تھ ”ادي، در پٽ تھ اندر لنگھان.“ ۽ پوءِ در پٽيو ۽ ھو اندر لنگھي ويو. شڪاري موٽي ويو ۽ وڃي بادشاھھ کي اھا ڳالھھ ٻڌايائين، جو عجب ۾ پئجي ويو. چيائين تھ سڀاڻي انھيءَ ھرڻ جي پٺيان لڳي سندن پتو لھنداسين.“
ويچاري ڀيڻ ھرڻ جو ڦٽيل پير ڏسي ڏاڍو غمگين ٿي. ڦٽ ڌوئي صاف ڪري، ڪر جھنگ جون ٻوٽيون انھيءَ تي رکي پٽي ٻڌي ڇڏيائينس. پوءِ ٻيئي سمھي پيا. صبح جو زخم بھتر ڏسڻ ۾ آيو ۽ ھرڻ چڱيءَ طرح ھلي ڊوڙي سگھيو ٿي، تنھنڪري جڏھن وري بھ شڪارين جو ھل ٻڌائين، وري بھ اوڏي وڃڻ لاءِ رسي تاڻڻ لڳو.
ڀيڻس گھڻوئي سمجھايس تھ ”تون ڪالھھ زخمي ٿيو آھي، متان اڄ توکي ماري وجھن.“ پر ھن چيو تھ ”ادي، دلجاءِ ڪجئين، شڪاري مون کي پڄي ڪين سگھندا، جو منھنجو پير بلڪل ڇٽي ويو آھي.“ تڏھن ڀيڻس لاچار ٿي ڇوڙي ڇڏيس، ۽ نچندو ٽپندو ڇالون ڏيندو ھو ٻيلي ۾ گھڙي پيو.
سگھو ئي بادشاھھ ڏسي ورتس ۽ پنھنجن شڪارين کي چيائين تھ ”انھيءَ ھرڻ جي پٺيان پئو، پر ڪو ايذاءُ نھ رسايوس.“ ھو سارو ڏينھن ھن جي پٺيان پئي ڊوڙيا، پر پڪڙي نھ سگھيس. سج لٿي ڌاري بادشاھھ انھيءَ شڪاريءَ کي پاڻ وٽ سڏيو، جنھن اڳئين ڏينھن ھرڻ جي جاءِ ڏٺي ھئي ۽ چيائينس تھ ”اسان کي وٺي انھيءَ ھنڌ ھل.“
جڏھن سڀئي انھيءَ ڀونگيءَ وٽ آيا، تڏھن بادشاھھ وڃي در کڙڪائي آھستي چيو تھ ”ادي، در پٽ تھ آئون اندر لنگھان.“ ايتري چوڻ تي در پٽجي پيو ۽ بادشاھھ لنگھي اندر ٿيو. ڏسي تھ ھڪڙي نھايت خوبصورت جوان زال ويٺي آھي، جا ھرڻ جي بدران بادشاھھ کي ڏسي ڊڄي ويئي. پر بادشاھھ دلاسو ڏئي چيس تھ ”مون سان گڏجي محلات ۾ ھلندينءَ؟“
ڇوڪريءَ چيو تھ ”ھائو، آئون خوشيءَ سان ھلنديس، مگر آئون پنھنجي ھرڻ کان سواءِ نھ ھلنديس.“ بادشاھھ چيو تھ ”چڱو ڀلي اھو بھ ھلي. انھيءَ جي بھ اتي چڱي سنڀال ٿيندي.“ اڃا ھنن پئي ڳالھايو تھ ھرڻ بھ آيو، جنھن کي ڀيڻس ٻڌي ڇڏيو. پوءِ بادشاھھ انھيءَ ڇوڪريءَ کي گھوڙي تي چاڙھي، پنھنجي محلات ۾ وٺي آيو، ۽ ھرڻ سندن پاسن کان ڊوڙندو آيو.
سگھو ئي پوءِ بادشاھھ انھيءَ جوان زال سان شادي ڪئي. ملڪ ۾ چوڌاري خوشيون ٿي ويون. بادشاھھ ۽ راڻي انھيءَ کان پوءِ خوش گذارڻ لڳا، ۽ ھرڻ جي تمام چڱي سنڀال پئي ڪيائون، ۽ اھو محلات جي باغن ۽ گاھن وارن پٽن تي پئي گھميو ڦريو.
ھاڻ جڏھن ڏائڻ انھيءَ جي ڀاءُ کي ڦيرائي ھرڻ ڪيو ھو، تنھن جي سمجھھ ۾ ھو تھ ھن جي ڀيڻ کي جھنگ ۾ مرون ماري وڌو ھوندو، تنھن جو ھاڻ ٻڌو تھ ھو ٻيئي ڀاءُ ڀيڻ پاڻ ۾ خوش پيا گذارين ۽ سکيا ويٺا آھن، سو ڏاڍو ڪاوڙي، ۽ ارادو ڪيائين تھ ڪنھن تجويزسان ھنن کي نقصان رسائي.
انھيءَ ڏائڻ جي ھڪڙي بدشڪل ڌيءَ ھوندي ھئي. سا ماءُ کي چوڻ لڳي تھ ”ھن ڇوڪريءَ جي بدران جي آئون راڻي ٿيان ھا تھ چڱو ھو!“ ۽ ماءُ کان مدد گھرڻ لڳي. ماڻس چيو تھ ”چڱو، جڏھن پورو وقت ايندو، تڏھن تون راڻي ٿيندينءَ! نيٺ ھڪڙي ڏينھن ھو ٻيئي محلات ۾ آيون. انھيءَ وقت بادشاھھ شڪارتي ويل ھو. راڻيءَ کي ننڍڙو پٽ بھ ڄائو ھو. ڏائڻ پاڻ ڦيرائي دائي ڪري اچي راڻيءَ وٽ نوڪرياڻي ٿي.
سگھو ئي پوءِ پنھنجي ڌيءَ بھ پاڻ سان اندر آندائين. ھنن تجويز ڪري راڻيءَ کي وھنجڻ جي جاءِ ۾ بند ڪري ٻوساٽي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ پنھنجي ڌيءَ جي راڻي جي شڪل ڪري، انھيءَ کي راڻيءَ جا ڪي ڪپڙا ڍڪائي، انھيءَ جي جاءِ تي راڻي ڪري ويھاريائين. جڏھن بادشاھھ شڪار ڪري موٽي آيو، تڏھن پھرين تھ ڪو بھ سماءُ ڪونھ پيس.
ڏائڻ بادشاھھ کي چيوتھ ”راڻي بيمار آھي تنھنڪري گھڻو ڳالھائي ڪين ٿي.“ انھيءَ ڪري بادشاھھ راڻيءَ کي ڳالھائڻ لاءِ ھلاڪ نھ ڪيو. ڏائڻ کي بھ پڪ ھئي تھ سچي راڻي مري ويندي، ۽ سندس ڌيءَ بادشاھھ جي را ڻي ٿيندي. پر سچي راڻي مٿا مونا ھاڻي وھنجڻ جي جاءِ مان نڪري محلات جي ٻئي پاسي واريءَ جاءِ ۾ آئي، جتي سندس ٻار پالبو ھو ۽ ھرڻ بھ رھندو ھو. رات جو جڏھن سڀ سمھي رھيا، تڏھن ٻار جي دائيءَ ڏٺو تھ سچي راڻي جاءِ ۾ اچي ٻار جي پينگھي وٽ بيٺي، ۽ پوءِ ٻار کي کڻي پيار ڏئي کير پياري، وري پنھنجي جاءِ تي سمھاري، مٿانئس ڪپڙو وجھي ويئي. پوءِ ڪنڊ ۾ ھرڻ وٽ وڃي انھيءَ جا پٺا ٺپي ھلي ويئي.
ٻيءَ رات بھ دائيءَ ساڳيو حال ڏٺو. تڏھن وڃي بادشاھھ کي اھا ڳالھھ ٻڌايائين، جو سمجھي نھ سگھيو تھ انھيءَ جو مطلب ڇا آھي. ڏائڻ تھ ھن کي اڳيئي ٻڌايو ھو تھ راڻي بيمار آھي ۽ ھلڻ تھ خير، پر ڳالھائڻ جھڙي بھ نھ آھي. بادشاھھ دل ۾ ويچار ڪيو تھ ”ٻھ راڻيون تھ ڪين ھونديون، ھڪڙي سمھڻ واريءَ جاءِ ۾، ۽ ٻي ٻار جي پالجڻ واريءَ جاءِ ۾! بھتر آھي تھ رات جو جاڳي اھا جانچ ڪريان.“
ٻيءَ رات سچي راڻي اڌ رات ڌاري ٻار واريءَ جاءِ ۾ آئي، ۽ ٻار کي کڻي چميون ڏيئي کير پياري، ڪپڙا صفا ڪري وري سمھاري ويس، ۽ پوءِ ھرڻ کي بھ پيار ڪري، ھٿ گھمائي ھلي ويئي. بادشاھھ ھڪدم سھي ڪيو تھ سندس سچي زال اِھا آھي، پر في الحال ڪڇيائين ڪين. آھستي وڃي ڀاڪر وڌائينس ۽ چيائينس تھ ”تون تھ منھنجي پياري زال ۽ راڻي آھين؟“
تڏھن راڻيءَ ساري ڳالھھ ڪري ٻڌايس تھ انھيءَ ڏائڻ ڪھڙي حرڪت ڪئي ھئي. انھيءَ تي بادشاھھ ڏاڍو ڪاوڙيو. ڏائڻ ۽ سندس ڌيءُ کي گھرائي قتل ڪرائي ڇڏيائين ۽ ڌيڻس کي جھنگ ۾ اڇلائي ڇڏيائين تھ ڀلي مرون کائينس.
اڃا ڏائڻ جي لاش سڙي رک مس ٿي تھ سندس وڌل جادو بي اثر ٿي پيو، ۽ ڪيل طلسم ڀڄي پيو. ھرڻ ھڪدم ڦري ماڻھو ٿي پيو. پوءِ ھو پنھنجي ڀيڻ سان ۽ بادشاھھ سان ورھين جا ورھيھ خوش پيو گذاريندو ھو.

پورو ٿيو