سنڌ جي تاريخ تي مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي فارسيءَ ۾ لکيل تاريخي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد جو سنڌي ترجمو پيش ڪري رھيا آھيون. ھن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سنڌيڪار مخدوم امير احمد آھي. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام ڪتاب 1181هه/1767ع ۾ لکي ٽن جلدن ۾ ورهايو. حقيقت ۾ مير علي شير ’تحفة الڪرام‘ لکي سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي، جيڪڏهن هي ڪتاب نہ هجي ها تہ اڄ سنڌ جي تاريخ جو گهڻو حصو ضايع ٿي چڪو هجي ها. ھي ٽيون جلد سنڌ ۾ راءِ گهراڻي کان وٺي ڪلھوڙن جي حڪومت واري زماني جي تاريخ تي بنيادي مواد مھيا ڪري ٿو.
ڇپائيندڙ پاران
صاحبِ ڪتاب جي انهيءَ علمي پورهيي جي قدرداني ڪندي، سنڌ جي هاڪاري عالم ڊاڪتر نبي بخش خان بلوچ جنهن مستقل مزاجيءَ سان ڪتاب جي مسودي تي نُور نچوئيو ۽ مترجم جي راهنمائي ڪندي ڪتاب جي اکر اکر تي پنهنجي ننڊ آرام جي قرباني ڏني آهي، سا پڻ ڳڻنيدي زندگيءَ جي نما شام کي پهتل هن ڌرتيءَ دوست جهوني جوڳيءَ جي عقيدت ۾، ڪنڌ خودبخود جهڪڻ لڳي ٿو. ڪتاب جي مطالعي دوران ڪوبه هوشيار پڙهندڙ آسانيءَ سان محسوس ڪري سگهي ٿو ته هن تحرير جي هر جملي تي ڪنهن انتهائي تجربي ڪار ۽ سمجهدار عالم جي مُهر لڳل آهي.
اهو ساڳيو مانُ ۽ مرتبو اسان ڪتاب جي مترجم ۽ سنڌ جي نامياري علمي شخصيت مخدوم امير احمد صاحب کي پڻ ارپي سگهون ٿا، جنهن معياري ۽ مُستند ترجمو ڪرڻ جو جذبو رکندي، ’تحفة الڪرام‘ جا ملڪ ۾ موجود ڪئين مسودا ڀيٽيا ۽ مطالعي هيٺ آندا آهن. ان ڏس ۾ مخدوم صاحب ڪيترائي ڏينهن ته لاهور جي ڪُتبخانن ۾ وڃي نُور نچوئيو آهي. اها وڌاءَ کان ڀريل هڪ صاف سڌي حقيقت آهي ته ڪتاب کي فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ منتقل ڪندي، هُن صاحب مصنف جي اصل مقصد ۽ معنيٰ کي هڪ لمحي لاءِ به فوت ٿيڻ نه ڏنو آهي. ازانسواءِ جتي جتي به اصل بيان ۾ کيس ڪا ڳوڙهائي يا اڻ چٽائي نظر آئي آهي، ته سندس طرفان حاشين، وضاحتن ۽ دُرستين جي روپ ۾ اُها پڙهندڙ لاءِ نهايت آسان ۽ سليس بڻائي ويئي آهي، سچ پچ ته اڄوڪي دور ۾ هن قسم جي اعليٰ درجي جي ڪيل ترجمن تي نظر وجهندي دل بي اختيار ٿڌو ساهه ڀرڻ تي مجبور ٿئي ٿي.
هيءَ هڪ ايذائينداڙ حقيقت آهي ته ’تحفة الڪرام‘ جهڙو اهم ڪتاب گذريل پندرهن سالن کان سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتاب گهر تي مُيسر نه آهي. ڪتاب جو آخري ڇاپو سنڌ جي نامياري شخصيت ۽ شاندار مُنتظم ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جي سيڪريٽري شپ دوران 1989ع ۾ پڌرو ٿيڻ کان پوءِ، عوام جي طرفان ٿيندڙ طلب باوجود نئين سر ظاهر نه ٿي سگهيو. پر قدرت جا پنهنجا رنگ آهن، شايد اُنهيءَ ليٽ جو سبب اهو به هجي ته ههڙو خير جو ڪم جو اعزاز هن خاڪسار کي عطا ٿيڻو هو! ڪتاب جو چوٿون ڇاپو پڌرو ڪندي مون کي دلي روحاني مُسرت ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو ’تحفة الڪرام‘ اُنهن بنيادي ڪتابن منجهان هڪ آهي، جنهن جو پنجويهه سال اڳ مطالعو ڪندي مون سنڌ جي تاريخ بابت بنيادي سبق حاصل ڪيا هئا. الائي ڇو هيءُ ڪتاب شايع ڪندي مان محسوس ڪريان ٿو ته بورڊ ۾ منهنجي آمد جا ڪي پَلَ سجايا ۽ سَرها ضرور ثابت ٿيا آهن.
انعام الله شيخ
سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو، سنڌ
6 رمضان المبارڪ 1425 هجري
بمطابق 21- آڪٽوبر 2004ع
پيش لفظ
جناب مخدوم صاحب ۽ بنده هن ڪم کي اهم قومي خدمت سمجهي ان کي جلد از جلد پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن موجب ”تاريخ معصومي“ جو ترجمو 1953ع ۾ ڇپيو ۽ ”فتحنامہ سنڌ“ (چچ نامہ) ترجمو 1954ع ۾ شايع ٿيو. اُميد هئي ته ”تحفة الڪرام“ جو ترجمو سنه 1955ع ۾ مڪمل ٿي ويندو، مگر جيئن ته هن ڪتاب جي ترجمي جي لاءِ خاص طرح مصنف مير علي شير قانع جي هٿ لکيل قلمي نسخي کي ڏسڻو پيو جو لاهور ۾ مولوي محمد شفيع صاحب وٽ سوگهو هو، انهيءَ ڪري هن ترجمي جي تڪميل ۾البته دير ٿي. بهرحال هينئر ”تحفة الڪرام“ جو ترجمو ناظرين ڪرام جي آڏو پيش ڪجي ٿو، ۽ جنهن جي اشاعت سان ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سنڌ جي تاريخ بابت پهرين اهم تجويز پوري ٿي.
فاضل مترجم مخدوم امير احمد صاحب هيءُ ترجمو بالڪل ڪاميابيءَ سان عام فهم ۽ سليس سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي. ڪتاب جي متن جي صحت خاطر بورڊ طرفان انتظام ڪيو ويو ته صاحب موصوف لاهور ۾ وڃي خود مصنف مرحوم جي دستخط قلمي نسخي تان پڙهڻيون درست ڪري. پڻ مرحوم سرڪار مير نورمحمد خان جي شاهي ڪتبخاني جو هڪ قلمي نسخو جو نوجوان مير نورمحمد خان جي مهربانيءَ سان هٿ ڪيو ويو، سو پڻ فاضل مترجم جي حوالي ڪيو ويو. انهن قلمي نسخن جي آڌار تي مخدوم صاحب هيءُ ترجمو مڪمل ڪيو آهي جو بالڪل مصنف جي متن مطابق آهي. هيءُ ترجمو تحفة الڪرام جي ٽئين جلد جو آهي جنهن جو تعلق خاص سنڌ سان آهي. پهرين ٻن جلدن ۾ عنوانن جو خلاصو فاضل مترجم پنهنجي ديباچي ۾ ڏنو آهي جنهن کي ڏسڻ سان پڙهندڙ کي سڄي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي سٽاءَ سمجهه ۾ اچي ويندي.
هن ترجمي جي سڄي مواد کي سهوليت خاطر ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. پهريون ڀاڱو سنڌ جي تاريخ سان واسطو رکي ٿو جنهن کي مصنف ٻارهن طبقن ۾ ورهايو آهي. ترجمي ۾ هرهڪ ”طبقي“ کي مستقل باب جي صورت ۾ بيهاريو ويو آهي. پهرئين ”طبقي“ وارو پهريون باب ”راءِ گهراڻو“ صفحي 63 کان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻارهين ”طبقي“ وارو ٻارهون باب ”عباسي ڪلهوڙا خاندان جي حڪومت جو بيان“ صفحي 246 تي پورو ٿئي ٿو. ان بعد مصنف سنڌ جي مشهور شهرن ۽ اتي جي شخصيتن جو ذڪر شروع ڪيو آهي ۽ ان لحاظ سان هن ترجمي ۾ اسان ان مواد کي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو قرار ڏنو آهي جو صفحي 249 کان شروع ٿئي ٿو. مصنف سنڌ جي وسيع حدن کي خيال ۾ رکي سنڌ جي اترين سرحد کان اول اول شهر ملتان ۽ اتي جي بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پوءِ اچ، مئو، ماٿيلي جي بيان بعد بکر ۽ سيوستان پرڳڻن جي مشهور شهرن ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي: يعني ته اترين سرحد کان شروعات ڪري پوءِ درجي به درجي هيٺ ڏکڻ طرف وارن شهرن جو ذڪر ڪندو آيو آهي. البت هيٺ هلي مصنف کان اها جغرافيائي ترتيب ڪن جاين تي فوت ٿي چڪي آهي. جغرافيائي ترتيب جي لحاظ سان باب 17، 18، 19، 20، 21 ۽ 22 جيڪر 21، 17، 22، 18، 19 ۽ 20 ٿي بيهن ها. ٻـيو ته مصنف انهن مشهور ماڳن ۽ شخصيتن جو بيان محض شهرن يا ماڳن جي نالن هيٺ ڪيو آهي. اسان انهيءَ سڄي مواد کي پڻ اصلي ترتيب موجب مگر بابن جي عنوانن هيٺ رکيو آهي، ۽ انهن بابن جو سلسلو پهرئين ڀاڱي جي آخري باب ٻارهين بعد مسلسل باب تيرهون، چوڏهون- الخ قائم ڪيو آهي.
مصنف مير علي شير قانع جي سوانح، محترم سيد حسام الدين راشدي جي تحقيق جو نتيجو آهي جنهن کي هن صاحب ”مڪلي نامہ“ جي مقدمہ طور، رسالي مهراڻ نمبر 2، 1956ع ۾ شايع ڪرايو هو.
اندر ترجمي جي متن هيٺ فاضل مترجم ڪافي جاين تي سنڌ جي ٻين مکيه تاريخي ڪتابن مان قيمتي حاشيا ڏنا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ اسان ماڻهن ۽ ماڳن ۽ ڪتاب جي عنوانن جون فهرستون شامل ڪيون آهن. انهيءَ اهتمام سان هن ڪتاب کي سردست ڪافي ڪارآمد بنايو ويو آهي. ان هوندي به اڃا هن ڪتاب ۾ متعدد حوالن ۽ حاشين جي ضرورت آهي ۽ ڪتاب جي مستند ايڊيشن تيار ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ۽ محنت جي گنجائش آهي. اُميد ته تحفة الڪرام جو اصل فارسي متن بورڊ جي هڪ نئين اسڪيم مطابق انهيءَ اهتمام سان شايع ڪيو ويندو.
خادم العلم
نبي بخش
سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ
10-اپريل 1957ع
مهاڳ
اَلْحَمْدُ لِلّهِ رَبِّ الْعَالَمِيْنَ وَ الْعَاقِبَةِ لِلْمُتَّقِيْن وَ الصَّلواةِ وَ السَّلاَمِ عَلي سَيِّدِ الاَنْبِيَاءَ وَ الْمُرْسَلِيْنَ وَعَلي آلِه وَ اَصْحَابِه اَجْمَعِيْن:
هن کان اڳ مير معصوم جي تاريخ سنڌ ۽ چچنامي جو سنڌي ترجمو ناظرين ڪرام جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي. هيءُ ترجمو به ساڳين انهن اصولن تي ٿيل آهي، جن تي هن کان اڳين ٻن ڪتابن جو ترجمو ٻڌل آهي، تنهن ڪري هتي وڌيڪ تفصيل جي ڪا به ضرورت ڪانه ٿي ڏسجي. فقط هيترو ذڪر سو لازمي آهي، ته ترجمو ڪرڻ وقت تحفـة الڪرام کي فتح نامي (چچنامه)، تاريخ معصوميءَ، بيگ لارنامه، فتوح البلدان بلا ذري ۽ ڪن ٻين تاريخن سان ڀيٽيو ويو آهي ۽ جتي جتي ڪو اختلاف نظر آيو آهي، ته انهيءَ جو ذڪر حاشيي تي، حوالي سان، ڪيو ويو آهي. سنڌ جي بزرگن جا جيڪي ڪجهه وڌيڪ حالات معلوم ٿي سگهيا آهن، اهي حاشيي تي ڏنا ويا آهن. هن ڪري ڪتاب جي افادي حيثيت گهڻو وڌي ويئي آهي. اڃا به هن ڪتاب تي تحقيق ۽ تفتيش جي گهڻي گهرج آهي. جهڙوڪ مغليه گورنرن جي سلسلي ۾ مصنف مير قانع گهڻي گڙ ٻڙ ڪئي آهي، سومرن ۽ سمن بابت گهڻو ڪجهه لکڻ جي گنجائش آهي، محمد بن قاسم کان پوءِ، بني اميہ خواه بني عباس گهراڻن جا جيڪي گورنر سنڌ ۾ آيا، تن متعلق عربي تاريخن ۾ ڪافي مواد موجود آهي. جن جن عالمن، فاضلن، شاعرن، الله وارن وغيره جو ذڪر تحفـة الڪرام ۾ آهي، تن مان ڪيترن متعلق ٻين تذڪرن ۽ تاريخن مان ڪافي معلومات جو ذخيرو گڏ ٿي سگهي ٿو. علي هذا القياس. مگر انهيءَ ڪم لاءِ ڪافي وقت کپي. في الحال مٿي ڏيکاريل قدر تي اڪتفا ڪئي ويئي آهي. اميد ته قدردان حضرات وٽ هيءَ محنت قبول پوندي. هاڻي اصل ڪتاب تحفـة الڪرام متعلق ٿورو لکي، قارئين سان انهيءَ جو تعارف ڪرائڻ واجب آهي.
جيڪڏهن مخدوم محمد عاقل عرف مخدوم پير محمد کهڙن (رياست خيرپور) واري جي لکيل تاريخ ”آئينـهء جهان نما“ کان قطع نظر ڪجي (ڇاڪاڻ ته اهو ڪتاب هڪ شخص جي هٿن ۾ آهي، جو ڪتاب ڏيڻ ته پري رهيو پر ڏيکارڻ لاءِ به تيار ناهي) ته پوءِ سنڌ جي تاريخ تي فارسي زبان ۾ لکيل، قديم ڪتابن مان ”تحفـة الڪرام“ بهترين ۽ آخرين ڪتاب آهي.
حقيقت ۾ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي تحفـة الڪرام لکي، سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي. جيڪڏهن هيءُ ڪتاب نه هجي ها، ته اڄ سنڌ جي تاريخ جو ڪافي حصو ضايع ٿي ويل هجي ها. هن ڪتاب ۾ نه فقط سنڌ جي بادشاهن جي تاريخ ڏنل آهي، پر سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن بلڪ جهنگن ۽ جبلن ۾، جيڪي درويش، مجذوب، صوفي، خوشنويس، شاعر، سيد، قاضي، عالم ۽ فاضل رهندا هئا، تن مان گهڻن جو ٿورو ڪي گهڻو احوال ڏاڍيءَ محنت سان هٿ ڪري ڪتاب ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ لاءِ پڙهندڙ کي گوياڪ هڪ شاهراه ڏيکاري اشارو ڪيو ويو آهي ته ”داديم ترا ز گنج مقصود نشان - گر، نرسيم تو شايد برسي“ .
هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ لکيل آهي. پهريان ٻه ڀاڱا دنيا جي تاريخ سان تعلق رکن ٿا باقي ٽيون ڀاڱو سنڌ لاءِ مخصوص آهي. جنهن ۾ مؤلف راءِ گهراڻي کان سنڌ جي تاريخ شروع ڪري، پنهنجي وقت يعني ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي احوال تي ختم ڪئي آهي. تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ مختلف قسمن جي بزرگن جو ذڪر آندو ويو آهي. ڪتاب سنه 1180هه ۾ لکجڻ شروع ٿيو ۽ سنه 1181هه ۾ لکجي پورو ٿيو. ”تحفـة الڪرام“ جي حرفن جو جيڪڏهن ابجد جي حساب موجب تعداد وٺبو، ته 1180 ٿيندو، جو ڪتاب جي شروع واري سال ڏانهن اشارو آهي.
هن ڪتاب جو ٻيو ۽ ٽيون ڀاڱو سن 1304هه ۾ بمبئي مان هڪ پڪي جلد ۾ ڇپجي شايع ٿيو هو. اهو ڇاپو هاڻي ناياب آهي. صحت جي لحاظ کان به اهو ڇاپو نهايت غلط ۽ ردي آهي. ڪتاب جا قلمي نسخا به ڪن ڪن خاص ماڻهن وٽ موجود آهن، مگر اهي به تمام ناقص ۽ غلطين سان ڀريل آهن.
مون تي جڏهن ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان تحفـة الڪرام جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو ۽ مون خدا تي توڪل رکي بسم الله ڪئي، تڏهن ڇاپي نسخي ۾، جو عزيزم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان ترجمي لاءِ عاريتاً مليو هوم، ايتريون، ته غلطيون ڏسڻ ۾ آيون، جن جو ڪو حد حساب ڪونه هو. بلڪ ڪيتريون عبارتون، ته منهنجي سمجهه کان ٻاهر هيون. مان سنڌي ادبي بورڊ جو مشڪور آهيان، جن هڪ ٺهراءُ پاس ڪري، هيءُ موقعو ميسر ڪري ڏنو ته مان، بورڊ جي خرچ تي لاهور وڃي، خود مصنف مير قانع جي هٿ اکرين لکيل نسخي تان، جو سنڌين جي بد ذوقيءَ ۽ ناقدريءَ کان وڃي لاهور پهتو آهي، ڇاپي نسخو ڀيٽي اچان. پڻ بورڊ، انهيءَ نسخي جي مالڪ مولوي محمد شفيع، سابق پرنسپال اورينٽل ڪاليج لاهور، سان لکپڙهه هلائي، کيس انهيءَ لاءِ آماده ڪيو ويو، ته هو صاحب، اوتري وقت لاءِ، پنهنجو ڪتاب پنجاب يونيورسٽيءَ جي لئبريرين جي حوالي ڪندو، جيتري وقت لاءِ مون کي انهيءَ ڪتاب جي ڏسڻ جي ضرورت هوندي. انهيءَ سڄي معاملي طئي ٿيڻ کان پوءِ، مون لاهور وڃي، اتي 21 ڏينهن رهي، ڇاپي نسخي کي قلمي نسخي سان ڀيٽيو ۽ ڀيٽڻ تي ٻنهي نسخن ۾ تمام گهڻو فرق ڏسڻ ۾ آيو، جو سمورو قلمبند ڪيو ويو. انهيءَ لحاظ سان موجوده ترجمو خود مصنف جي دستخطي نسخي جو ترجمو آهي. ترجمو پوري ڪرڻ کان پوءِ اسان کي مرحوم مير نور محمد خان حيدرآباديءَ جي ڪتبخاني مان، عزيزم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي معرفت تحفـة الڪرام جو خطي نسخو مليو، هي نسخو 12 محرم 1233هه ۾ مير مراد علي خان جي حڪم سان لکيو ويو هو. اگرچہ هن ۾ به صحت جو التزام تمام گهٽ آهي، تاهم ٻين نسخن جي مقابلي ۾ چڱو آهي. هيءُ نسخو مصنف واري نسخي کان ڪن جاين ۾ مختلف آهي. اسان کي جيڪڏهن ڪنهن اختلاف ۾ ٿورو گهڻو وزن ڏسڻ ۾ آيو آهي، ته حاشي ۾ نسخي ”ن“ جي عنوان سان اسان اهو اختلاف لکي ڇڏيو آهي.
مصنف جي دستخطي نسخي مان هيءَ ڳالهه چڱيءَ طرح واضح ٿئي ٿي، ته هن اگرچہ تحفـة الڪرام، سن 1181هه ۾ پورو ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪتاب جا قلمي نسخا به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا هئا. پر تنهن هوندي به جڏهن جڏهن کيس ڪا نئين ڳالهه معلوم ٿيندي ويئي، ته اها پنهنجي قلمي نسخي ۾ درج ڪندو ٿي ويو، ۽ جيڪي ڳالهيون اڳتي هلي سندس ئي تحقيق موجب غلط ثابت ٿيون آهن، تن کي ڊاهي ٿي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح ڪتاب جي اصلاح ۽ محواثبات جو سلسلو سندس وفات سن (1203هه) تائين جاري رهيو. شايد اهوئي سبب آهي، جو تحفـة الڪرام جا، جيڪي به ڇاپي يا خطي نسخا اسان جي نظر مان گذريا آهن، تن ۾ يڪساني ۽ هڪ جهڙائي بلڪل ڪانه آهي.
اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، ته مصنف ”تحفـة الڪرام“ ٽن ڀاڱن يا جـُـلدن ۾ لکيو. هيءُ ترجمو، فقط ڪتاب جي ٽئين جلد جو آهي، جنهن جو تعلق سنڌ سان آهي. مناسب آهي، ته ناظرين کي پڻ تحفـة الڪرام جي پهرين ٻن جلدن جي باغ جو سرسري سير ڪرايون، ته جيئن هو سڄي ڪتاب جي اهميت ۽ گوناگونيءَ جو اندازو ڪري سگهن ۽ ڏسن، ته ناخلف سنڌين جي غفلت کان، اسان جي بزرگن جون ڪهڙيون نه عجيب و غريب محنتون ضايع ٿي ويون يا ڌارين جي هٿن ۾ پهچي ويون.
پهريون جلد: هن جلد ۾ هڪ مقدمو ۽ ٽي دفتر آهن. مقدمي کي ٻن حصن ۾ ورهائي هر هڪ حصي جو نالو ”ذڪر“ (بيان) رکيو ويو آهي. ”ذڪر“ ۾ مخلوقات جي ابتدا ۽ ٻئي ”ذڪر“ ۾ جنن جي پيدائش جو بيان آهي.
ٽن دفترن مان پهرئين دفتر جا ٽي ڀاڱا آهن. هر هڪ ڀاڱي کي ”طبقي“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي. پهرئين طبقي ۾ بيبين جو بيان آهي. ٻئي طبقي ۾ اسلام کان اڳ ٿي گذريل بادشاهن جو ۽ ٽئين طبقي ۾ انهيءَ وقت جي حڪيمن، زاهدن ۽ مشهور شاعرن جو ذڪر آهي.
ٻئي دفتر کي پنجن حـصن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر هڪ کي ”مجلس“ نالو ڏنو ويو آهي. پهرينءَ ”مجلس“ ۾ حضور پاڪ عليه الصلواة والسلام جن جي پيدائش جي ابتدا، ٻيءَ ”مجلس“ ۾ سندن حالات، ٽينءَ ”مجلس“ ۾ خلفاءِ راشدين رضي الله عنهم جو احوال، چوٿينءَ ”مجلس“ ۾ امامن پاڪن جو ذڪر ۽ پنجينءَ ”مجلس“ ۾ اهل بيت ڪرام جي مشهور مشهور هستين جو بيان آهي. ٽيون دفتر ٽن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيل آهي. هر هڪ ڀاڱي تي ”طَّبقي“ جو نالو رکيو ويو آهي. انهن مان پهرين طبقي کي وري ٽي ڀاڱا ڪري هر هڪ ڀاڱي کي ”مقصد“ سڏيو ويو آهي. پهرين ”مقصد“ ۾ بني اميه گهراڻي جي خليفن جو بيان آهي. ٻئي ”مقصد“ ۾ ٽي مقالا آهن. پهريون مقالو خاص بني اميه گهراڻي جي انهن اميرن جي بيان ۾ آهي، جيڪي عراق عرب ۽ عراق عجم جي حڪومت تي سرفراز هئا. ٻئي مقالي ۾ بني اميه جي خراسان وارن اميرن ۽ ٽئين ۾ بني اميه گهراڻي جي ڪن مکيه ماڻهن جو احوال آهي. ٽئين ”مقصد“ ۾ خاص انهن ماڻهن جو احوال ڏنو ويو آهي، جن بني اميه جي حڪومت واري دور ۾ بغاوتون ڪيون.
ٻيو طبقو پنجن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر هڪ حصي کي ”مذڪور“ لقب ڏنو ويو آهي. پهرئين ”مذڪور“ ۾ عباسي خليفن جو ذڪر آهي. ٻئي ۾ انهن عباسي شخصيتن جو بيان آهي، جن مصر ۾ خلافت جو لقب لڌو. ٽئين ۾ عباسين جي اميرن، وزيرن ۽ سندن نامي گرامي ماڻهن جو احوال ڏنو ويو آهي. چوٿين ۾، جن ماڻهن عباسي دور ۾ بغاوتون ڪيون، تن جو بيان “ پنجين ۾ قرمطين جو ذڪر آهي.
ٽئين طبقي جا حصا ڪيا ويا آهن. هر هڪ حـصي جو نالو رکيو ويو آهي ”اساس“ . پهرين ”اساس“ ۾ انهن مسلمان بادشاهن جو احوال آهي، جيڪي بني عباس گهراڻي جي خلافت وقت دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي بادشاهه هئا. اهڙن يارهن گهراڻن جو احوال ڏنو ويو آهي. پهريون طاهري گهراڻو، ٻيو صفاري گهراڻو، ٽيون ساماني گهراڻو، چوٿون غزنوي گهراڻو، پنجون غوري گهراڻو، ڇهون آل بويه يعني ديلمي گهراڻو، ستون سلجوقي گهراڻو، اٺون خوارزمشاهي گهراڻو، نائون اتابڪ گهراڻو، ڏهون اسماعيلي گهراڻو ۽ يارهون ڪرمان جو فراختائي گهراڻو.
ٻئي اساس ۾ فقط انهن شاهي گهراڻن جو احوال آهي، جن روم تي حڪومت ڪئي. اهڙا اُٺ گهراڻا ٻڌايا ويا آهن: پهريون قيصر گهراڻو، ٻيو سلجوقي گهراڻو، ٽيون دانشمندي گهراڻو، چوٿون سليقي بادشاهن جو گهراڻو، پنجون منڪو چڪي اميرن جو گهراڻو، ڇهون قرامان گهراڻو، ستون ذوالقدر گهراڻو، ۽ اٺون عثماني بادشاهن جو گهراڻو.
ٽئين اساس ۾ حرمين شريفين - زادهما الله شرفا و تعظيما - جي شريفين جو ذڪر آهي. چوٿين اساس ۾ ترڪستان جي خانن يعني چنگيزخان ۽ سندس اولاد جو بيان آهي. پنجين اساس ۾، ابوسعيد خان بهادر کان پوءِ، جيڪي ايران ۾ ننڍڙا بادشاهه ٿيا، تن جو احوال آهي ۽ اهڙا پنج گهراڻا هئا. ڇهين اساس ۾ قراقرونيلو گهراڻي جي بادشاهن جو احوال ڏنو ويو آهي. ستين اساس ۾ دياربڪر (روسي ترڪستان) جي اقاقونيلو بادشاهن جو ذڪر آهي. اٺين اساس ۾ ايران جي صفوي گهراڻي جو ۽ نائين اساس ۾ خاص صاحب قرآن امير تيمور گورگان ۽ سندس اولاد جو احوال آهي، جن ايران ۽ توران تي حڪومت هلائي.
ٻيو جلد: هن جلد ۾ ڪل ست مقالا ۽ هڪ خاتمو آهي. ستن مقالن ۾ ستن ئي ولايتن جو ترتيب وار ذڪر، انهن جي مختصر جاگرافي ۽ اتي جي بادشاهن، اميرن، وزيرن، خداوارن ولين، عالمن، ۽ ٻين ڪمال جي صاحبن جو احوال ڏنل آهي.
خاتمي کي ٻن حصن ۾ ورهائي، هر هڪ حـصي کي ”نمود“ نالو ڏنو ويو آهي. پهرئين نمود ۾ مشهور ۽ مکيه مکيه شهرن جي وچ ۾ مفاصلو ڏيکاريل آهي. ٻئي نمود ۾ انهن ملڪن جو مختصر بيان آهي جيڪي ستن ولايتن جي احاطي کان ٻاهر آهن.
هن فهرست مان صاف ظاهر ٿيو، ته هيءُ جو بمبئي واري ڇاپي ۾ فقط احمدآباد، گجرات ۽ اتي جي حاڪمن ۽ بزرگن جو ٿورو بيان ڏيئي، انهيءَ کي تحفـة الڪرام جو پهريون جلد سڏيو ويو آهي، انهيءَ سان تحفـة الڪرام جي حقيقي پهرئين جلد جو ڪو به واسطو ڪونه آهي. حقيقت ۾ پهريون جلد هڪ ضخيم ڪتاب آهي، جو فلسڪيپ پيپر کان به وڏيءَ سائيز تي، نهايت گنجان ۽ گهاٽن اکرن ۾ 320 صفحن تي شامل آهي. اسان لاهور ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ ڪتاب جي پهرئين ۽ پوئين صفحي جي عڪسي ڪاپي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي لئبريرين، روٽو گراف مشين تي اهڙي عڪسي تصوير وٺي موڪلڻ جو وعدو به ڪيو مگر افسوس جو هن صاحب اهو وعدو پورو نه ڪيو.
آخر ۾ ناظرين حـضرات کان صرف هيءَ استدعا آهي، ته جيڪڏهن کين منهنجي هيءَ ناچيز محنت پسند اچي، ته مون عيبدار کي پنهنجي خير جي دعا کان نه وسارين. وآخردعوانا ان الحمد لله رب العالمين.
مخدوم امير احمد، عفي عنه
پرنسيپال، اورينٽل ڪاليج،
حيدرآباد، سنڌ
14- نومبر 1955ع
مصنف مير علي شير قانع جي سوانح حيات (از - سيد حسام الدين راشدي)
مير علي شير پنهنجو نسبي سلسلو هن طرح بيان ڪيو آهي: مير علي شير، بن سيد عزت الله، بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهيرالدين ثاني، بن سيد شڪر الله ثاني، بن سيد ظهير الدين والاسلام المعروف بہ سيد جادم اول، بن سيد قاضي شڪر الله شيرازي، بن سيد وجهه الدين، بن سيد نعمت الله، بن سيد عرب شاهه، بن امير سيد نسيم الدين محمد المعروف بہ مير ميرڪ شاهه، بن امير سيد عطاءُ الله جمال الدين محدث، بن امير سيد فضل الله المحدث الحسيني الدشتڪي* الشيرازي.
مير صاحب پنهنجن مٿين بزرگن جو ذڪر ”تحفـة الڪرام“ جي ٻئي جلد ۽ ”مقالات الشعرء“ ۾، پنهنجي سوانح جي ضمن ۾ ڪيو آهي. ”تحفـة الڪرام“ جي ٽئين جلد ۾، قاضي سيد شڪر الله اول کان وٺي پاڻ تائين، خاندان جي سنڌي افراد جو احوال لکيو اٿس.
پنهنجن ايراني بزرگن جي سلسلي ۾، مير صاحب جا ماخذ تاريخ ”حبيب السير“ ، ”هفت اقليم“ ۽ ”مجالس المومنين“ آهن، جن تان هن صاحب پنهنجا خانداني حالات نقل ڪيا آهن.
مناسب آهي، ته مير صاحب جي سوانح حيات سندس بزرگن جي مختصر احوالن سان شروع ڪئي وڃي، تاڪ پڙهندڙ مير صاحب جي حالات پڙهڻ کان اڳ، سندس خانوادي جو علمي پس منظر ذهن نشين ڪن.
(1) السيد الجليل امير اصيل الدين عبدالله (بن سيد عبدالرحمان، بن سيد عبداللطيف، بن سيد جلال الدين يحييٰ محمد الحسيني) تفسير، حديث، ۽ فن انشا جو جيد عالم ۽ پنهنجي زماني جو فاضل ترين بزرگ هو. ”حبيب السير“ جي مصنف، جنهن ادب ۽ احترام سان هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو سندس ئي لفظن ۾ پڙهڻ جي لائق آهي.
”بصفت اصالت ووفور جلالت ونباهت شان، وقدم دودمان موصوف و معروف بود، وبوفور زهد و تقويٰ و دينداري و غايت ديانت و پرهيزگاري، از اڪثر علما و سادات بني آدم ممتاز و مستثنيٰ مينمود. زبان گهر افشانش مفسر حقايق صحف آسماني، وبيان بلاغت نشانش مبين دقايق کتب سبحاني، باطن خجسة ميامنش مظهر آثار ولايت و رشاد، وخاطر فرخند. مآثرش مهبط انوار هدايت و ارشاد، و بي شائبه مدح گستري آن مهر شرعيت پروري، در علم تفسير و حديث و انشا و تاليف شبيہ ونظير نداشت.“ *
سيد صاحب، سلطان ابوسعيد جي زماني (855-872هه) ۾، شيراز کان لڏي هرات ۾ اچي مقيم ٿيو، ۽ بادشاهه جي تحريڪ تي هفتي ۾ هڪ دفعو مدرسهء گوهرشاد آغا ۾ وعظ فرمائيندو هو. اهڙيءَ طرح، هر سال ربيع الاول جي مهيني ۾ ميلاد جي مجلس منعقد ڪري، حضور جن جي سيرت پاڪ اهڙي دلنشين پيرايي ۾ بيان فرمائيندو هو، جو سامعين جي تاثر جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان ٿيندي هئيv . سندس تصنيفات ۾ هيٺين ٻن ڪتابن شهرت دوام حاصل ڪئي:
(1) ”شرح درج الدرر“ (بر ”سير سنيہ خير البشر“ )
(2) ”ڪتاب مزارات هرات.“
پوئين ڪتاب لاءِ صاحب ”حبيب السير“ جو قول آهي ته:
”درميان افاضل اقطار جهان مشهور است، و صحت روايت و بلاغت عبارت آن نسخه بر السنہ وافواه خلايق مذڪور.“
سيد صاحب جو انتقال، سلطان بايقرا جي دور ۾، 17 جمادي الاخرvv سن803هه ۾ ٿيو. سلطان حسين سندس اولاد لاءِ جاگيرون مقرر ڪيون، مير علي شير سندس ٻن فرزندن جو نالو کنيو آهي: سيد صفي الدين محمد ۽ سيد برهان الدين محمد.
(2) سيد الحڪما و المدققين امير صدر الدين محمد شيرازي ( ”ابوالمعالي“ ڪنيت، ”صدر العلما“ ۽ ”صدر الحقيقة“ لقب): سندس والد جو نالو امير غياث الدين منصور هو، جنهن لاءِ حبيب السير جي مصنف جو قول آهي ته:
”در سلڪ سادات عالي نسب مملڪت فارس انتظام داشت، ومرجع اشراف داعيان بوده، پيوستہ نقش خير خواهي بر الواح خواطر آدميان مي نگاشت.“
امير صدر الدين، مولانا قوام الدين گلباريءَ وٽ علوم جي تحصيل ڪئي*. جنهن کان پوءِ شيراز ۾ هڪ عظيم الشان مدرسو ”مدرسهء منصوريه“ ٺهرائي، ان ۾ درس جو سلسلو شروع ڪيائين. ”حبيب السير“ ۾ آهي ته:
”صفت بالا عزاز بنشر علوم محسوس و مفهوم قيام و اقدام مينمود، و بجودت طبع و دقت ذهن از جميع علماي متبحرين و فضلاي متاخرين ممتاز و مستشنيٰ بود.“ v
انهيءَ مدرسي ۾ هزارن طالبعلمن، ۽ ذوق رکندڙ سون ٻين صاحبن، علم حاصل ڪري، دين ۽ دنيا ۾ سرخرو ئي حاصل ڪئي.
”مجالس المؤمنين“ جي صاحب جو انهيءَ بزرگ لاءِ قول آهي، ته ”حديث جو جيد عالم ۽ حافظ هو. علوم حڪميه ۽ شمسيه ۾ دنيا جي عظيم ترين حڪما جي درجي تائين پهتل هو. جن بزرگن کان پاڻ تعليم ۽ فيض پرايائين، سي سڀ پنهنجي دور جا بينظير عالم هئا، جن جي استادن جا سلسلا بوعلي سينا، ملا قطب الدين، علامه شيرازي، سلطان المحققين خواجه نصير الدين طوسيءَ، ۽ امامِ غزاليءَ، امام فخرالدين رازيءَ ۽ علامه شيخ جمال الدين حسن جهڙن بزرگن تائين پهتا ٿي.“vv
مولانا جلال الدين دوانيءَ ۽ سيد صاحب جي درميان علمي نـُـڪتن تي اختلاف ٿيدا رهندا هئا، ليڪن منهن سامهون بحث ڪرڻ جي هام محقق دوانيءَ ڪڏهن نه ڀري. البت اختلافي مسئلن تي، هن صاحب ڪيترا رسالا لکيا، جن مان ”حواشي تجريد“ ۽ ”حواشي مطالع“ مشهور آهن.vvv اهڙيءَ طرح وقت جي ٻين عالمن به سيد صاحب سان ڪڏهن مناظرو ڪونه ڪيو.
”حبيب السير“ هيٺيان ڪتاب، سندس تصنيف ڪيل لکيا آهن:
(1) ”رساله تحقيق علم در اثبات واجب“ ، (2) ”حاشيه شرح شمسيه“ ، (3) ”حاشيه مطالع“ ۽ (4) ”حاشيه تجريد“
مير قانع انهن چئن ڪتابن سان گڏ هيٺين تصنيفات جو به ذڪر ڪيو آهي:*
(5) ”حاشيه بر ’اوائل شرح مختصر اصول-ابن حاجب‘“، (6) ”حاشيه بر ڪشاف“ (7) ”رساله در حل مغالطه“ ، (8) ”رساله در علم فلاحت“ ، (9) ”رساله در علم معرفت قوس قزح“ ، ۽ (10) ”تعليقات بر فقہ شامي“ .
سيد صاحب جو تولد 2 شعبان 828هه اڱاري ڏينهن ٿيو، ۽ 12 رمضان 903هه ۾ جمعي ڏينهن کيس ديار بڪر جي ترڪمانن هٿان شهادت نصيب ٿي.v
(3) خاتم الحڪما امير غياث الدين ثاني: هيءُ بزرگ امير صدر الدين جو صاحبزادو هو. سنه900هه ۾ سندس ولادت ٿي. پنهنجي والد محترم جي خدمت ۾ رهي تحصيل علوم ڪيائين، ۽ ويهن ورهين جي ڄمار ۾ فارغ ٿي، درس جو سلسلو شروع ڪيائين. سندس علمي مرتبي ۽ شان جو ذڪر ڪندي، صاحب ”حبيب السير“ هيٺينءَ طرح سندس تعريف ڪري ٿو:
”آنجناب حالا بوفور علم و دانش در اطراف واکناف عالم بغايت مشهور است، و ماهرتش در فنون حکمي و رياضي ضرب المثل جمهور علماي نزديک و دور“ vv
سيد صاحب جي رياض دانيءَ ۽ طبي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي، نور الله شوستري لکي ٿو، ته ’ارسطو ۽ افلاطون بلڪ سڄي دنيا جهان جا حڪيم ۽ طبيب جيڪڏهن سندس دور ۾ هجن ها، ته هوند سندس معتقد ۽ نيازمند بڻجي وڃن ها!‘
”ارسطو و افلاطون بلکه حکماي دهر و قرون اگر در زمان آن قبلـهء اهل ايقان بودندي، مفاخرت و مباهات در سلک مستفيدان و ملازمان مجلس عاليش نمودندي“ vvv
”حبيب السير“ جو مصنف، سيد موصوف جو معاصر ۽ واقف هو. نورالله شوستريءَ جي قول کي جيڪڏهن مبالغو سمجهيو وڃي، تڏهن به ”حبيب السير“ جي مصنف جي راءِ، سيد صاحب جي علمي بلنديءَ ۽ برتريءَ لاءِ ڪافي وزندار آهي.
سيد صاحب ڪجهه وقت مصر ۾ مقيم ٿي، صدارت جو بلند مرتبو ماڻيو. عراق کان جڏهن مجتهد الزمان شيخ علي بن عبدالعالي مصر آيو، ان وقت بادشاهه جي سامهون، عدم تقليد جي مسئلي تي شيخ ۽ سيد صاحب جو مناظرو ٿيو. بادشاهه ڄاڻي واڻي مجتهد جو طرف ورتو، جنهن ڪري سيد صاحب ناراض ٿي، صدارت جي عهدي تان استعفا ڏئي شيراز هليو آيو.
”حبيب السير“ جي تصنيف وقت سيد صاحب پنهنجي والد واري مدرسه منصوريه ۾ درس ۾ مشغول هو، ۽ بقول مصنف:
”به افاده قيام مي نمايد، وگوش و هوش طلبه علوم را از نتائج درياي طبع نقاد خود مي آرايد.“
48 ورهين جي جوان عمر ۾، سيد صاحب 948هه ۾ انتقال ڪيو. ”حبيب السير“ جي مصنف سندس تصنيفات جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي، البته مير قانع ”مجالس المؤمنين“ تان سندس انهن ٽيهن ڪتابن جا نالا نقل ڪيا آهن*، جيڪي نورالله شوستريءَ پاڻ ڏٺا ۽ پڙهيا هئا. هن ڪتاب جو مصنف وڌيڪ لکي ٿو، ته ’انهن کان سواءِ به سيد صاحب جا تصنيف ڪيل ڪتاب ڪيترا آهن، جيڪي سندس نگاهه تائين پهچي نه سگهيا.‘ v
مير صاحب جي شعر سخن سان به دلچسپي هئي، سندن هيٺيون شعر مثال طور ”مجالس المؤمنين“ ۾ نقل ٿيل آهي:
هر کجا بي هنري هست بدومي بخشند،
بـيـشـتــر زانــکه ز ايـــام تــمـنـــا دارد.
مير علي شير سندس ٻن فرزندن جا نالا ڏنا آهن: (1) مير شرف الدين علي، (2) مير صدر الدين محمد.
(4) السيد الاجل امير جمال الدين عطا الله (بن سيد فـضل الله المحدث): سيد صاحب، مير اصيل الدين جو ڀائٽيو ۽ مير علي شير جي ڏهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو هو. ”حبيب السير“ جو صاحب، حسب دستور هن بزرگ جي تعريف ۽ توصيف ۾ به رطب اللسان نظر اچي ٿو. هڪ جاءِ تي چوي ٿو:
”آنحضرت، مانند عم بزرگوار خويش امير سيد اصيل الدين، در علم حديث بي نظير آفاق گشة اند، ودر ساير اقسام علوم دينيہ و انواع فنون يقينہ از محدثان باستحقاق در گذشة اند. “
ٻيءَ جاءِ تي جنهن طريقي سان سندس تعريف ڪري ٿو، سا پڻ سندس ئي عبارت ۾ پڙهڻ جي لائق آهي:
”سدهء سنيہ اش، ملاذ طوايف اکابر و اشراف انام است، و عتبہ عليہ اش مجمع اعاظم اولاد امجاد خير الانام، لوح ضمير مهز تنويرش مـُـطرح اشعہء انوار اسرار کتب الاهي وصحيفهء خاطر عالي ماثرش مهبط لوامع حقايق اخبار حضرت رسالت پناهي، کنجينهء سينه اش بجواهر زواهر علوم مشحون، و عقود در کلمات درّر مخزن باطن صيا خجسة مخزون، نير شمايل بنواز مشارق جمال خجسة ما ابش طالع و شعشہء آثار فضائل مرتضوي از مطالع خصايص علم و کمالش لامع، راي عالم آرائش کشاف اسرار معالم تنزيل، و طبع مشکل کشايش حلال معضلات موافق تاويل.“
زبانش مظهر اسرار تحقيق
ز توضيح بيانش گشة روشن
جـمــال ديــن مــزيــن ز اهـتـمـامــــش
ضميرش مظهر انوار توفيق
بر اهل علم هر مشکل زهر فن
عـلـــوم شـــرح واضـــح از کـلامـش*
سيد صاحب جو مشغلو، پنهنجي بزرگن وانگر، درس تدريس هو. مدرسہء سلطانيه هرات جي انهيءَ گنبذ ۾، جنهن ۾ پوءِ سلطان حسين بايقرا دفن ٿيو، سندس مدرسو هو. ڪجهه سالن بعد وري خانقاهه اخلاصيه ۾ درس ڏيندو رهيو. هفتي ۾ هڪ دفعو، پنهنجي چاچي امير اصيل الدين جي مسند تي، جامع مسجد هرات ۾ وعظ “ نصيحت جي به مجلس ڪندو هو.
صاحب ”حبيب السير“ (880-941هه) جو قول آهي، ته ’هن وقت پاڻ گوشي نشينيءَ جي زندگي گذاري ٿو. وعظ جي مجلس به بند ڪري ڇڏي اٿائين ۽ سندس سمورو وقت اطاعت ۽ عبادت الاهيءَ ۾ گذري ٿو.‘
”سلاطين ايام، و حکام اسلام، باقدام ارادت و اعتقاد و ملازمت آنحضرت را بر ذمه همت واجب ميداند، و در ترفيہ حال و فراغ بال خدام عالي، مقامش طريقہ اشفاق مبذول ميدارند، بر آنچہ ميتوانند.“
”حبيب السير “ جي مصنف سندس هڪ تصنيف- ”روضة الاحباب في سيرة النبي والال و الاصحاب “ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن لاءِ چوي ٿو، ته سڄي آفاق ۾ مشهور آهي ۽ انهيءَ تصنيف جو مثال ملڻ مشڪل آهي:
”در اقطء آفاق اشتهار تمام دارد، و بي شائبـة شبته عقل در اک نظير آن کتاب افادت مآب را در آئينـہء خيال امر محال مي شمارد. “
”تحفـة الڪرام “ ۾ سندس هيٺين ٻن تصنيفن جو به ذڪر آهي:
”تحفـة الاحبار “ ۽ ”رياض السير “ *
سندس انتقال جو سال معلوم ٿي نه سگهيو، جنهن وقت ”حبيب السير “ تصنيف ٿي رهيو هو، ان وقت پاڻ گوشي نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو.v
(5) امير نسيم الدين محمد معروف به ميرڪ شاهه: مير جمال الدين جو فرزند رشيد، ۽ پنهنجي والد محترم جهڙو ئي علم ۽ عمل ۾ يگانو هو. حديث ۾ خاص طرح کيس درڪ هو، ”حبيب السير “ جو قول آهي ته:
“ در تڪميل علوم و فنون سيما علم حديث يگانهء زمانه اند. “
پنهنجي والد بزرگوار جي مسند تي مدرسہء سلطانيه ۾ درس ڏيندو هو، ۽ هزارين طالب علم وٽانئس فيضياب ۽ بهره مند ٿي ويا.vv
(6) سيد عرب شاهه، (7) سيد نعمت الله، (8) سيد وجهه الدين: سيد عرب شاهه، امير نسيم الدين جو فرزند، ۽ ان جو فرزند سيد نعمت الله ۽ ان جو صاحبزادو سيد وجهه الدين هو. اهي ٽيئي بزرگ به هرات ۽ شيراز ۾ پنهنجي بزرگن وانگر علوم جي نشر و اشاعت ۾ زندگي بسر ڪندا رهيا.
(9) قاضي سيد شڪر الله شيرازي (ولد سيد وجهه الدين): اهو بزرگ ترين انسان هرات کان قنڌار آيو، ۽ اتان سيد شاهه مبين، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله سان سنگتي ٿي، سال 927هه ۾ ٺٽي پهتو.
اهي چارئي بزرگ علم ۽ ايقان، دين ۽ ايمان جا روشن چراغ هئا، جن نه فقط ٺٽي جي شهر کي، بلڪ سموريءَ سنڌ کي پنهنجي عمل ۽ علم جي ضيابارين سان منور ڪري ڇڏيو. اڄ صديون گذري ويون، ليڪن سندس مقابر اڄ به موڙهل ۽ منجهيل انسانن جي حاجت روائيءَ ۽ مشڪل ڪشائيءَ لاءِ مرجع ۽ مرڪز آهن.*
سيد شڪر الله ئي اهو بزرگ آهي، جنهن جي نسل مان ٺٽي جي شڪر الاهي ساداتن جو سلسلو هليو، ۽ اهائي اها موتين جي لڙهي آهي، جنهن جو هڪ در شاهوار، سنڌ جو لافاني مورخ، بيمثل تذڪره نگار ۽ بي بدل شاعر، مير علي شير ”قانع “ هو.
سيد صاحب جا مراسم شاهه بيگ ارغون جي گهراڻي سان غالباً هرات ۾ پيدا ٿيا، ۽ جڏهن بايقرا جي وفات بعد هرات جي محفل درهم برهم ٿي، ۽ شيبانيءَ شاهه اسماعيل صفويءَ ۽ بابر جي معرڪه آرائين ملڪ جو اهو حصو تيغ زني ڪندي ڪندي تاراج ۽ تهه و بالا ڪري ڇڏيو، تڏهن انهيءَ تعلق سبب سيد صاحب شاهه بيگ وٽ قنڌار آيو، ۽ جڏهن سنڌ شاهه بيگ فتح ڪئي ۽ سنڌ ۾ ئي مستقل بـُـود و باش اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين، تڏهن سيد صاحب به پنهنجي ٽنهي سنگتين ۽ پنهنجي فرزند ارجمند سيد مير ظهير الدين سان گڏجي، ارغونن جي دار السلطنت ٺٽي ۾ اچي قيام پذير ٿيو.
شاهه بيگ ته چند مهينن بعد گذاري ويو، ليڪن سندن جانشين شاهه حسين جو تعلق ۽ اعتقاد ساڳيءَ طرح سيد صاحب سان رهيو. هن سيد صاحب جي علم، فضل، ديني عظمت ۽ بزرگيءَ سبب کيس پنهنجي حڪومت جو سڀ کان پهريون شيخ الاسلام بڻائي سڄيءَ سنڌ جو منصب قضا سندس سپرد ڪيو. هر چند سيد صاحب انهيءَ منصب لاءِ مناسب ۽ لائق هو، بلڪ جيڪڏهن ائين چئجي، ته سيد صاحب جي ذات سبب انهيءَ عهدي جو خود شان ۽ مان وڌيو، ته بيجا نه ٿيندو، ليڪن منصب ۽ ان جي فرائض جون پابنديون سيد صاحب جي افتاد طبع جي خلاف هيون، تنهن ڪري ڪجهه عرصي کان پوءِ سيد صاحب علحدگي اختيار ڪري، رياضت ۽ عبادت ۾ زندگي گذارڻ شروع ڪئي*.
سيد صاحب جنهن محلي ۾ ٺٽي اندر اچي قيام ڪيو، اهو ان وقت انهن انصارن جو محلو هو، جيڪي شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ سان گڏجي برهانپور مان ٺٽي آيا هئا. سيد صاحب پنهنجي فرزند سيد مير ظهير الدين ولاسلام ”معروف به جادم“ جي شادي انهن انصارن مان ڪرائي، جنهن مان گويا ٺٽي جي شڪر الاهي ساداتن جو نسل نروار ٿيو. انصارن جي انهي قبيلي جو اڳتي هلي نسل ختم ٿي ويو ۽ محلي جو نالو بدلجي شڪر الاهي ساداتن جي نالي تي مشهور ٿي ويو. اڄ تائين انهيءَ گهراڻي جي پسماندن جو انهيءَ ئي محلي ۾ قيام آهي.
سيد ظهير الدين جادم لاءِ مير علي شير لکي ٿو، ته ”درس تدريس سندس ظاهري مشغلو هو، ليڪن باطني طرح فقيري ۽ سلوڪ سان لئون لڳل هئيس“ .
”ظاهرش بتقويٰ و تشرع و تدريس، و باطن بسلوڪ راه فقر وسبيل سنت اجداد مصروف بود.“ v
سيد ظهير الدين ٻه فرزند يادگار ڇڏيا: هڪ سيد شڪر الله ثاني ۽ ٻيو سيد عبدالرحمان. مير علي شير قانع، سيد ظهير الدين جي وڏي فرزند سيد شڪر الله ثانيءَ جي اولاد مان آهي. جهڙيءَ طرح ابتدا ۾ اسان شجرهء نسب ۾ ڄاڻائي آيا آهيون.
مير علي شير ”قانع “
ولادت: مير عزت الله بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهير الدين ثاني، بن سيد شڪر الله ثانيءَ، کي ڇهه پٽ ٿيا: سيد فخر الدين، سيد يار محمد، سيد محمد امين، سيد محمد صلاح، سيد مير ضياءُ الدين ”ضيا“ ، ۽ مير علي شير ”قانع“ . مير علي شير 1140هه ۾ اکيون کوليون. ”خلق انسانا من السلالہ“ مان اهو سال برآمد ٿئي ٿو.
اهو زمانو، ميان نور محمد جي حڪومت جو هو، کيس پنهنجي والد ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مسند تي ويٺي پورا ڏهه ورهيه ٿيا هئا، جو مير صاحب ڄائو.
هندستان جي مغل سلطنت جو شيرازو، عالمگير جي وفات کان پوءِ، ڪثير التعداد شاهزادن جي باهمي خون خرابيءَ ۽ هڪ ٻئي سان جنگ و جدل منتشر ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري مرڪزي حڪومت جو ڪوبه وقار باقي ڪونه بچيو هو، ۽ هندستان جي متحد سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي، مختلف خودمختيار رياستن ۾ ورهائجي چڪي هئي.
سنڌ جو به تعلق تقريباً ڏيڍ سؤ سالن کان دهليءَ جي مغليه مرڪز سان هو، تنهن ڪري هتي جون حالتون به ٻارهين صديءَ جي شروع کان ئي بدلجي چڪيون هيون. سنڌ تي دهليءَ کان ايندڙ گورنر، مرڪزي بادشاهت جي روزانه تبديلين سبب، پنهنجي قوت ۽ اقتدار، جنهن جي آڌار تي سنڌ سندن قبضي ۾ رهندي ٿي آئي، وڃائي ويٺا هئا، ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ ۾ مرڪز کان آزاد ٿيڻ جي تحريڪ شروع ٿي. ڪلهوڙن جي هڪ مقامي خاندان، جنهن کي نه فقط زمينداري زور ۽ قبيلي جي قوت پٺيان هئي، بلڪ پيريءَ ۽ روحاني رهبريءَ سبب به سڄيءَ سنڌ تي تسلط حاصل هو. آزاديءَ جي انهيءَ تحريڪ ۾ ڀلئون ڀل حـصو ورتو.
مغل سلطنت جي ڪمزوريءَ ۽ انتظامي ابتريءَ جو فائدو وٺندي، سڀ کان پهريون ميان يار محمد اپر سنڌ جو پاسو مرڪز کان سالياني ڍل تي وٺي، پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، جنهن کان پوءِ ستت ئي سندس جاءِ نشين، ميان نور محمد، لوور سنڌ به ساڳين شرطن تي حاصل ڪري، ملڪي آزاديءَ واري خواب کي تعبير بخشيو.
مير علي شير يارنهن ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن 1151هه ۾ ميان نور محمد اهو تاريخي قدم کنيو، جنهن کان پوءِ مغلن جو براه راست تعلق سنڌ سان قطع ٿي ويو.
آزاديءَ جي ٻئي سال تي سنڌ کي هڪ اوچتي آفت سان سابقو پيو، ۽ هندستان جي مغل سلطنت تي، ته گويا ڪاري قيام ٽٽي پئي. محمد شاهه بادشاهه، جنهن کي تاريخ ۾ عام طور ”رنگيلي “ جي مناسب ۽ موزون عرف سان ياد ڪيو وڃي ٿو، شاهه جهان واري تخت طائوس تي جلوه گر هو. ايران جو نودولت، جابر ۽ قهار حڪمران نادر شاهه وڏو ڪٽڪ ڪاهي اچي دهليءَ ۾ پهتو. بادشاهه بي طاقت، رياستون سڀ جداجدا، لشڪر حفاظت لاءِ ڪونه، مقابلي جي طاقت، نه بادشاهه ۾ نه ملڪ ۾، دهليءَ کي نادر شاهه نه فقط لـُـٽيو ۽ ڦـُـريو، بلڪ اهڙي خونريزي ڪيائين، جو انساني نسل قطع ٿيڻ تي اچي پهتو! ڪنهن خدا جي بندي دلسوزيءَ مان ڏانهس لکي موڪليو:
”کسي نماند که او را به تيغ ناز کشي،
مگر که زنده کني خلق را و باز کشي! “
جنهن کان پوءِ ايران جي انهيءَ خونخوار حملي آور کي رحم آيو، ۽ باقي بچيل انسانن جي جان بخشي ڪري، تلوار مياڻ ۾ وڌائين.
دهليءَ کان موٽندي، نادرشاهه سنڌ ۾ به آيو. دهليءَ جي خبرن پوري ملڪ کي دهشت زدو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ به لرزه براندام هئي. نادرشاهه جڏهن اچي لاڙڪاڻي ۾ لٿو، تڏهن سموريءَ سنڌ ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو. ”نادر ته پٺيان ڪونه اٿئي. “ ”نادر به نادر آ، پر قادر به قادر آ “ . ”نادري حڪم “ ، اهي ۽ ٻيون اهڙيون عام چوڻيون اڄ تائين سنڌ ۾ مشهور آهن، ۽ انهيءَ دهشت انگيز دور ڏانهن حافظي جا ورق ورائن ٿيون. ”ياد باد زماني که قيامت است “ ، به ڪنهن شاعر انهيءَ دور جي تاريخ لاءِ چيو.
نادر شاهه جو مقصد لـُـٽ ڦـُـر ۽ ملڪ جي ملڪيت تي قبضي ڪرڻ جو هو، انساني خون مان، ته دهليءَ واري ڪوس ۾ ئي ڍؤ ڪري چڪو هو! ميان نور محمد عمرڪوٽ ۾ هو. نادر پاڻ اُتي پهچي، کانئس هڪ ڪروڙ نقد وصول ڪيو، ويهه لک رپيا سالياني جي به مٿس چٽي رکيائين، ۽ موٽندي سندس عظيم الشان ڪتبخانو به کنيو ويو، ۽ سندس ٻه نورِ نظر به يرغمال طور وٺيو ويو.*
تازي حاصل ڪيل آزاديءَ کان پوءِ، سنڌ کي وري جو هي نئون طوق ايران جي غلاميءَ جو پيو، تنهن ملڪ کي سخت ذهني اذيت پهچائي، ۽ سڄيون خوشيون خاڪ ٿي ويون. نادر جڏهن ايران پهچڻ بعد قتل ٿيو، تڏهن ڪنهن ٻاهرئين شاعر چيو:
”بـيـک گــردش چـرخ نيـلـوفـــري، نه نادر بـجــا مـانـد ئــي نادري! “
سنڌي شاعرن پنهنجي جذبي جو اظهار هن طرح ڪيو:
”فتـنه نـادر چـو برون شد زميـان،
راحـــت آمــد به هـمــه عالـميــان،
خوش خبر هاتف فرمود ز غيــب:
”مـحــو شـد آفـت نـادر زجهان“. 116هه
اها تاريخ آخوند عبدالقادر ٺٽويءَ چئي. اڌارام ٺٽويءَ فرمايو:
”شــاه شــاة نـــادرِ ايـــران ديـــــار،
داشــت بـاغِ دولـتـش خـــرم بــــهـار،
تـاکـه از حڪـم قـضا پيک اجـل،
نــيــز بگرفــتـش عـــنــــانِ اخـــتـيـار،
بهـر تـاريخ وفاتـش عقـل گفــــت:
”رخت بست از تخت هستي شهريار “ .
اهو هو ملڪ جو سياسي ماحول، جنهن ۾ مير علي شير زندگيءَ جو سفر شروع ڪري ٻارهن منزلن تائين پهتو هو.
تعليم: ٺـٽو، جنهن کي سنڌ جا مؤرخ تمدني بلندي، ثقافتي برتريءَ ۽ علمي اوج اقبال سبب، قرطبه، دمشق، ۽ بغداد سان تشبيهه ڏيندا رهيا آهن، سو باوجود دارالسلطنت واري حيثيت وڃائي ويهڻ جي به، اڃا تائين سابقه صدين وارين پنهنجي علمي روايتن کي زندهه رکيو ٿي آيو. سوين دار العلوم، اڪيچار ڪتب خانا، ۽ بيشمار مدرسا ۽ مڪتب، ديني خواهه دنيوي علوم جي نشر و اشاعت لاءِ رات ڏينهن روشن ۽ آباد هئا.
مير علي شير جي پيدائش کان ٽيهه ورهيه اڳ، 1111هه (1699ع) ۾، هڪ انگريز سياح مسٽر هئملٽن ٺٽي آيو، جنهن ٺٽي جي علمي برتريءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ته ’شهر ۾ چار سؤ دار العلوم موجود آهن، جن ۾ هزارين طالب علم، رات ڏينهن تعليم پرائڻ ۾ مشغول آهن‘ .
انهيءَ زماني جي ٺٽي ۾ مير علي شير تعليم حاصل ڪئي ۽ تربيت پرائي. پنهنجي تعليم جي روئداد ڪانه لکي اٿائين، البت ضمني طرح، جن چند استادن جو ذڪر ڪري ٿو، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهيءَ زماني جي جيد استادن ۽ عالمن کان هن سبق ورتا.
ميان نعمت* ۽ ميان محمد صادقv، ميان عبدالجميلvv جا فرزند ۽ پنهنجي دور جا جيد عالم ۽ ديني دنيوي علومن ۾ ڪامل هئا. ٻنهي بزرگن جو مشغلو درس تدريس هو. مير صاحب ٻنهي بزرگن جي مدرسي ۾ پڙهيو. ”مقالات الشعرا “ ۾ هڪ هنڌ پاڻ فرمائي ٿو ته:
”فقير بخدمت هر دو صاحبان نسبت تلميذي دارد “ .vvv
محمد صادق جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته:
”فقير که کمين تلامذهء ايشان است “ .*
ميان نعمت الله وٽ ’ميزان صرف‘ کان وٺي ’شرح ملا‘‘ تائين تعليم ورتائينv. ميان محمد صادق وٽ ڪهڙا ڪتاب پڙهيائين، انهن لاءِ ڪجهه ڪونه لکيو اٿائين. انهن ٻنهي بزرگن جو مدرسو ”مقالات الشعرا “ جي تصنيف واري سال تائين نهايت عمدگيءَ سان جاري هو:
”اکنون (1174هه) مدرسہ علمي بوجودِ فايض الجود ايشان گرم است “ vv
انهن ٻنهي استادن کان سواءِ مير علي شير، آخوند محمد شفيع جو به پنهنجي استادن ۾ ذڪر ڪيو آهي، لکي ٿو ته:
”فقير، ايامِ پيريش ديده، از جوانان زمانه در خوش باشي صد قدم درپيش داشته، اين قليل البضاعت از قصاعد ”عرفي “ و عروض سيفي و چند سبق بخدمت ايشان استماع نموده. “ vvv
اهو بزرگ 1156هه ۾ فوت ٿيو: گويا مير صاحب 16 ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن آخوند صاحب انتقال ڪيو، ۽ وٽس عرفيءَ جا قصيدا ۽ عروض سيفي، 13 يا 14 ورهين جي عمر ۾ پڙهيا هوندائين.
آخوند ابو الحسن ”بي تڪلف “ ٺٽوي به فارسيءَ ۾ سندس استاد هو. پاڻ لکي ٿو ته:
”بسيار طباع و پراستعداد است. در مڪتب وي جمعي از هندو و مسلمن بهره بردند، فقير در پارسي شاگرد خدمت ايشانست “ vvvv
مولوي مرزا جعفر شيرازي سير و تفريح لاءِ ٺٽي ۾ آيو هو. ڌاراج جي زميندار، راءِ جمال، وٽ ڪجهه عرصو رهيو. مخدوم محمد مسڪين سندس علم، ذاتي جوهر ۽ بيحد و حساب قابليت سبب سندس گهرو دوست ٿي ويو. مير علي شير صاحب سان سندس تعلق خاطر پيدا ٿي ويو، جنهن ڪري سيد صاحب انهيءَ بزرگ وٽ به ڪجهه پرايو. پاڻ لکي ٿو ته:
”فقير در خدمت ايشان چند ايام بسر برده و ازدست و دل شان ممنون ابد است “ *
شعر و سخن جي مشق: مير صاحب شعر و سخن جي صلاحيت ڄڻ ماءُ پيٽان ئي کڻي آيو هو. ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾، جڏهن اڃا مدرسن ۽ مڪتبن ۾ سبق آموزيءَ ۾ منهمڪ هو، شعر چوڻ شروع ڪيائين. لکي ٿو ته:
”بفيض صحبت بزرگان في الجمله آشنا بسفيد و سياه گشت، هرچند درخود لياقت آن نمي بيند که در جنب عزيزان جاداشته باشد، اما چون کهان را با مهان آميزش قديم است، باري بوسيلـهء توسل بزرگان اگر در نعال آن صدر نشينان مقيم شود، جا دارد. “
ڪسر نفسيءَ جي انهيءَ تمهيد کان پوءِ فرمائي ٿو ته:
”در فريب بايام امتياز که نير عمر باختتام سير بروح دوازده گانه از سنين مطلع شوارق هوش برفلک تبيين وقوع يافته، سر سوداي سخن در پيچيده “ .*
انهيءَ عمر ۾ اٺ هزار شعرن جو ديوان مرتب ڪيائين، جنهن ۾ سڀئي اصناف سخن موجود هئا، ليڪن خبر نه آهي ڪهڙن سببن ڪري اهو سڄو ديوان درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. تقريباً ٻه سال کن خاموش رهيو. گويا 1152هه ۾، جڏهن سندس عمر ٻارهن ورهيه هئي، شعر چوڻ شروع ڪيائين، 1153هه تائين اٺ هزار شعر چئي ديوان، جنهن ۾ نالو بطور تخلص جي استعمال ڪيو هئائين، لوڙهي 54-1155هه جا سال خاموش رهيو، تان جو 1155هه ۾ وري کيس نئين سر سخن سنجيءَ جو شوق جاڳيو.
انهيءَ زماني جو هڪ واقعو بيان ڪندي، مير صاحب لکي ٿو، ته ’مظفر علي خان، نادري زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو، ۽ سندس ڏنل زمين ”مرد مک در آب “ ، ”نمک در آب “ ٺٽي جي شاعرن ۾ تمام مشهور ٿي، ۽ تقريباً سڀني شاعرن انهيءَ تي طبع آزمائي ڪئي.‘ مير صاحب انهيءَ زماني ۾ طفل مڪتب هو، ليڪن کيس شوق جاڳيو ۽ ساڳيءَ زمين ۾ استادن جي مقابلي ۾ هن به غزل تيار ڪيو، جنهن مان لکي ٿو، ته هيٺيون هڪ شعر کيس ياد رهجي ويو:
يا صاف مشربان چه زني لاف سر کشي،
صد بار ديده ايم ترا اي فلک در آب.v
1155هه ۾ مير حيدرالدين ابوتراب ”ڪامل “ vv جهڙي استاد ڪامل سان سندس ملاقات ٿي، ۽ انهيءَ بزرگ جي فيض ۽ صحبت سبب ڇڏيل شوق ۽ وسريل ذوق ۾ وري جولان جاڳيوvvv ۽ سندس شاگردي اختيار ڪري، نئين سر مشق سخن شروع ڪيائين، مير ڪامل سندس تخلص ”مظهري “ رکيو، جنهن مان تجديد شاعريءَ جو سال 1155هه به برآمد ٿئي ٿو.
مير صاحب ڪجهه وقت تائين ”مظهري “ تخلص قائم رکيو، ليڪن ان کان پوءِ ”قانع “ تخلص اختيار ڪيائين، جيڪو آخر دم تائين سندس نالي سان پيوست رهيو.
ملازمت: سنڌ جي آزاد حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي، 1167هه ۾ وفات ڪئي، ۽ سندس پٽ ميان مرادياب تخت نشين ٿيو، ميان صاحب جي وفات بعد تخت وتاج جي لالـچ ۽ لوڀ، حڪمران خاندان ۾ باهمي آويزش جي ابتدا ڪئي. ميان مراد ياب چار سال به پورا نه ڪيا، جو معزول ٿي جيل ۾ وڃي پيو، ۽ سندس ٻيو ڀاءُ ميان غلام شاهه، جيڪو گلان طوائف جي پيٽ مان هو، تخت نشين ٿيو. انهيءَ ئي حڪمران لاءِ ڪنهن سنڌي شاعر جو هي شعر مشهور آهي:
”گـلان وچــان جو گـل کليوسي،
ڪجهه کـُـليا هي ڪجهه کـُـلسي. “ *
ميان غلام شاهه، بيحد سمجهدار ۽ حڪمراني ڪرڻ لاءِ هر طرح موزون ۽ مناسب هو. هن پنهنجي زماني ۾ ملڪ ۾ نه فقط امن امان قائم ڪيو، بلڪ سرحدي علائقا به ڪيترا حاصل ڪري، سنڌ ۾ شامل ڪيائين. ڪڇ جي راجا کان بست ۽ لکپت جر بندر ورتائين، سبز ڪوٽ ۽ اُچ، بهاولپور جي نواب کان ڇڏايائين، ۽ ڪراچيءَ جو بندر، قلات جي خان کان واپس ڪيائين، حيدرآباد جو شهر، آباد ڪيائين، ۽ 1182هه ۾ حيدرآباد جو (پڪو) قلعو تعمير ڪرائي، ان ۾ گادي ڪيائين. انگريزن سندن ئي زماني، 1171هه ۾ ٺٽي ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي. اهڙيءَ طرح ملڪ سندس زماني ۾ ڏاڍو وسيو ۽ رسيو، سکيو ۽ ستابو ٿيو، ليڪن افسوس جو سورهن سالن جي حڪمرانيءَ بعد 1186هه ۾ لقوي، فالج ۽ غشيءَ سبب هن انتقال ڪيو، جنهن بعد ڪلهوڙن جي حڪومت جو شيرازو روز بروز درهم برهم ٿيندو ويو.
انهيءَ روشن دماغ بادشاهه، مير علي شير کي پنهنجي خاندان جي تاريخ نويسيءَ لاءِ پاڻ وٽ رکيو، ۽ مير صاحب ”شاهه نامه “ جي طرز تي فارسي نظم ۾، ۽ ٻي مفصل تاريخ نثر ۾، لکڻ شروع ڪئي. سندس تقرر تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي 1175هه ۾ ٿيوv، ۽ مير صاحب ٺٽي کان خداآباد هليو ويو. اهو معلوم نه ٿي سگهيو، ته مير صاحب ميان غلام شاهه جي دربار سان ڪيتري وقت تائين وابسته رهيو، ليڪن جنهن صورت ۾ مير صاحب پنهنجون ٻئي تصنيفون مڪمل ڪري نه سگهيو، تنهن ڪري خيال آهي، ته شايد چند سال يا ڪجهه عرصو مير صاحب، ميان غلام شاهه جي دربار ۾ رهي، وري ٺٽي واپس موٽي آيو.
1180هه، ۾ مير صاحب ”تحفـة الڪرام “ لکڻ شروع ڪيو. ان ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو ذڪر شروع ڪندي، ابتدا ۾ لکي ٿو ته:
”ذڪر ايشان در طبقـهء علحده ميگردد، و بنا بر مزيد فائده و اداي حقوق نمڪ ذڪر از اصل مع بيان بزرگان اين سلسله مجملاً گذارش ميڪند. “ v
”اداي حقوق نمڪ “ جي اشاري مان ظاهر آهي، ته 1180هه کان اڳ مستقل ملازمت کان آجو ٿي، ٺٽي هليو آيو هو، ۽ حق نمڪ نباهڻ سبب سنه 1180هه ۾ به کيس اهو خيال هو، ته هو ڪلهوڙن جي تاريخ جا ٻئي ڪتاب ضرور ختم ڪندو. بهرحال مير صاحب جي مستقل ملازمت رهي يا نه رهي، ليڪن سندس تعلقات ملازم ٿيڻ کان اڳ انهيءَ حڪمران گهراڻي سان جهڙيءَ طرح خوشگوار هئا، اهڙيءَ ريت پوءِ به رهيا، جنهن جي تصديق اسان کي انهن فرمانن ۽ سـَـندُن مان ملي ٿي، جيڪي وقت بوقت وظيفن، تنخواهن ۽ مزروعه زمينن جي سلسلي ۾ مير صاحب کي انهيءَ خاندان طرفان ملندا رهيا.
مير صاحب جو معاش: قديم خانداني دستاويزن مان v معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب جو سمورو خاندان شروع ايامن کان وٺي، سندن زماني تائين خوشحال ۽ فارغ البال رهيو، ۽ کانئس پوءِ به حسب دستور اهو گهراڻو جاگيرون تنخواهون، وظيفا، خلعتون ۽ انعام اڪرام چوڙيندو ماڻيندو رهيو.
مير سيد شڪر الله جيئن 927هه ۾ ٺٽي پهتو، تيئن ئي ارغونن طرفان سندس وظيفو جاري ٿيو. همايون جي فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب جي گهر کي هن جي طرفان به بطور ’سيورغال‘ وظيفو، ۽ ساڪري پرڳڻي ۾ ڪجهه زمين مدد معاش لاءِ مليل هئي. اهڙيءَ طرح ترخاني دور جا دستاويز به ملن ٿا، جن ۾ نه فقط اڳين بادشاهن جي عطا ڪيل وظيفن ۽ جاگيرن جي تصديق ٿيل آهي، بلڪ ان تي پنهنجي طرفان به وقت بوقت اضافا ڪندا رهيا آهن، مرزا جانيءَ جي هڪ فرمان (مرقومه 1007هه) مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته جوڻ پرڳڻي ۾ به ڪي ڳوٺ انهيءَ خاندان کي بطور مدد معاش مليل هئا. سنڌ جڏهن مغل سلطنت جو حـصو بڻي، تڏهن هن گهراڻي جا سڀئي وظيفا، تنخواهون ۽ زمينون بحال ڪيون ويون. 1029هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو، ته جهانگير، سيد ظهير الدين ثاني خلف سيد شڪر الله ثانيءَ لاءِ ٻه سؤ خرار سارين جا بطور وظيفي جي ساليانو منظور ڪيا، جن جي وصوليءَ لاءِ ٽـُـڪر هڱوري ۽ ٽڪر هالي جي پرڳڻي تي فرمان جاري ٿيو. ڪجهه وقت بعد بجاءِ سارين جي، ٽڪر هڱوري جي جاگير مان ٻاويهه هزار دام* بطور سالياني تنخواهه جي کيس مقرر ٿي مليا. 1037هه ۾ سيد شڪر الله فوت ٿيو. 1039هه ۽ 1040هه جي فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو، ته اها تنخواهه شاهجهان، سيد صاحب جي اولاد لاءِ بحال ڪئي. جيئن جيئن خاندان وڌندو ويو ۽ گهر جدا جدا ٿيندا ويا، تيئن تيئن اهي تنخواهون به تقسيم ٿينديون مختلف شخصن جي نالي تي بحال ٿينديون رهيون. 1138هه، جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو، ته پنجاهه هزار دامv اهو خاندان سالياني تنخواهه کڻندو هو. 1144هه ۾ خان خانان معظم خــان هــڪ سـنـد جــاري ڪئي، جنهن بنهه تي مير علي شير ”قانع“ جي والد سيد عزت الله کي 540 بيگا زمين ملي. ميان نور محمد، 1155هه ۾، سيد عبداللطيف بن سيد عبدالمجيد کي پليجي پرڳڻي تي ستر خرار سارين جي سند ڪڍي ڏنيvv. سيد صاحب 1158هه ۾ فوت ٿيو. جنهن بعد سندس پٽ عبدالمجيد ثانيءَ جي نالي اهو وظيفو بحال ڪيو ويو، ۽ آخر اهو وظيفو ڦرندي ڦرندي سيد عبداللطيف ثانيءَ وٽ آيو، ۽ ان کان پوءِ مير علي شير جي والده جي نالي تي بحال ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ گهر ۾ نرينو اولاد ڪونه ٿيو ۽ مير صاحب جي والده انهيءَ گهر جي وارثياڻي هئي. بيبي صاحبه کان پوءِ، مير علي شير ۽ سندس ڀاءُ مير ضياءُ الدين ”ضيا “ انهيءَ حصي تي متصرف ٿيا. انهيءَ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته، مير صاحب ۽ مير ضياءُ الدين سڳا ڀائر ۽ انهيءَ بيبيءَ جي بطن مان هئا، ۽ انهيءَ ڪري ئي ڇهن ڀائرن مان فقط اهي ٻه ڀائر وظيفي جا وارث بڻيا. سندس ٽئين ڀاءُ سيد فخر الدين کي جدا پنهنجي ناناڻڪي حـصي مان هڪ سو بيگا زمين تصرف ۾ آئي.
ميان نور محمد جو هڪ پروانو ملي ٿو، جنهن مطابق مير علي شير جي والد سيد عزت الله کي جڳت پور ۽ ڪڪرالي وغيره ۾ به ڪي ڳوٺ جاگير طور مليا. انهن جي آمدنيءَ تي هن هيٺينءَ طرح پنهجي پٽن جون تنخواهون جاري ڪرايون: سيد فخر الدين ۽ سيد يار محمد 14-78 رپيا، ۽ سيد علي شير ۽ سيد ضياءُ الدين 72 رپيا.
ڪلهوڙن بعد ٽالپرن به ساڳيءَ طرح هن خاندان جي جاگيرن، تنخواهن، وظيفن ۽ ٻين انعامن اڪرامن کي جاري رکيو. ميان نور محمد جي زماني کان وٺي ٽالپرن جي ابتدائي دور تائين، ڪي اهڙا فرمان به ملن ٿا، جن ۾ روزانه وظيفي ڏيڻ جو به ذڪر آهي. ميان غلام شاهه جي هڪ فرمان (مرقومه 1172هه) مان معلوم ٿئي ٿو، ته ميان نورمحمد کان وٺي سيد عزت الله جو روزينو جاري هو، جيڪو غلام شاهه جي تخت نشينيءَ بعد مير علي شير جي نالي منتقل ٿيو. 1188هه ۾ ميان سرفراز جي فرمان ۾ به ان جي تصديق ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح 1191هه ۾، ميان عبدالنبي به ساڳيو روزينو جاري رکيو. ساڳئي سال جي ٻئي هڪ پرواني مان معلوم ٿئي ٿو، ته ميان عبدالنبيءَ، مير علي شير جي پٽ مير غلام علي ”مائل “ جو ٻارنهن رپيا درماهو وظيفو جاري ڪيو هو.
1197هه ۾، فاتح سنڌ علي خان، فاتح سنڌ، مير علي شير جي نالي هڪ پروانو ڪڍيو، جنهن ۾ 42 رپيا ”بمد اجارهء مير بحري(؟) “ عنايت ڪرڻ جو ذڪر آهي، ۽ اهو وظيفو ڪلهوڙن جي زماني کان مير صاحب جي نالي هلندو ٿي آيو. 1198هه ۾ مير فتح علي خان هڪ فرمان ڪڍيو، جنهن مطابق مير علي شير کي هدايت ڪئي وئي، ته جنهن صورت م حيدرآباد سرڪار جي حصي ۾ سنڌ جو اڌ ملڪ آهي، تنهن ڪري اها سرڪار کيس مقرر ٿيل وظيفن جو آئيندي اڌ ڏيندي، ۽ باقي اڌ مير سهراب، مير ٺاري ۽ مير باگي کان کيس وٺڻ گهرجي.
ڪلهوڙن جي زماني کان جيڪي ستر رپيا بطور وظيفي جي مير علي شير ۽ مير ضياءُ الدين کي ملندا هئا، سي مير فتح علي خان جي دور ۾ ٻنهي ڀائرن جدا جدا ڪرائي پنهنجن نالن تي پروانا ورتا، چنانچه 70 رپين مان 42 رپيا مير علي شير ورتا، ۽ باقي مير ضياءُ الدين وٺندو رهيو. 1253هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير نور محمد خان جي زماني ۾ انهيءَ ساڳئي وظيفي جو هڪ حصو مير علي شير جي پوٽي مير صابر علي ولد مير غلام علي ”مائل “ کي 6-5-7 رپين جي صورت ۾ درماهو ملندو هو. 1255هه ۾، مير محمد خان اڍائي آنن جو اضافو ڪري پورا ساڍا ست رپيا درماهي ڏيڻ جو پروانو جاري ڪيو، ۽ ڪوري ضرب مان ڦيرائي سورتي ضرب يعني انگريزي سڪي ۾ ڏيڻو ڪيو.
اها آهي مير صاحب ۽ اُن جي خاندان جي معاشي پهلوءَ جي منتشر معلومات، جنهن کي اسان مختلف سـَـنـَـدن جي ذريعي يڪجا ڪري، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي. اگرچ مٿيان انگ اکر مير صاحب جي مڪمل آمدنيءَ جو خاڪو پيش ڪري ڪونه ٿا سگهن، تاهم اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا، ته مير صاحب جو خاندان فارغ البال ۽ نهايت خوشحال هو. سندن گذر بسر نهايت ڪشادگيءَ ۽ عزت آبروءَ سان ٿيندو هو. سڀني حڪمرانن انهيءَ خاندان جي عزت ڪئي، وظيفا ڏنائون، جاگيرون جاري ڪيائون، درماها ۽ روزينا عطا ڪيائون، ۽ وقت بوقت جيڪي انعام اڪرام ۽ خلعتون ۽ پهراڻيون ملنديون ٿي رهيون، سي ان کان علاوه هيون*.
مير صاحب جي دور جو سياسي پس منظر: مير قانع، جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، ميان نور محمد جي دور حڪومت ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو دهليءَ جي بالادستيءَ کان ته آزاد ٿيا، ليڪن نادر جي اچڻ ، سندس لـُـٽ ڦر، ۽ آخر ۾ افغانستان جو باجگذار بنائي وڃڻ، سنڌين کي آزادي ماڻڻ ڪانه ڏني، گويا سنڌ جي زيردستيءَ واري قطب نما جو رخ دهليءَ کان ڦري افغانستان طرف ٿي ويو، ۽ فرق فقط هي ٿيو، ته دهليءَ جي سنڌ تي گورنرن جي ذريعي براه راست حڪومت هلندي هئي، ۽ هن کان پوءِ اندروني طرح سنڌ آزاد رهندي به افغانستان جي ڍل - ڀرو صوبو ٿي وئي، ۽ بجاءِ گورنرن جي، ڍل جي وصوليءَ ۽ عام نظرداريءَ لاءِ افغاني وڪيل اچڻ لڳا.
ميان نور محمد جي وفات (1167هه) تائين، سنڌ جي حڪمران خاندان ۾ خير جي گذرندي رهي، ليڪن هن جي اکين بند ڪرڻ بعد، تخت وتاج جي سلسلي ۾، رفتي رفتي آويزشن جي ابتدا ٿي. ميان غلام شاهه جي دور ۾ (1170-1186هه) ڪا خاص خرابي ڪانه ٿي. مير علي شير تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي ڪجهه سال پنهنجو وقت سٺو بسر ڪيو، ليڪن 1186هه کان پوءِ، جا حڪمران خاندان ۾ خونريزي ۽ ملڪ ۾ انتشار جي ڪيفيت قائم ٿي، تنهن 1198هه تائين سنڌ کي برابر تباهه ۽ تاراج ڪيو. انهن ٻارهن تيرهن سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي تخت و تاج ڪيترن حڪمرانن جي مسند آرائي ڏٺي، ۽ ڪيترن شهزادن جا ڪنڌ ڪپيا ۽ ٽالپر سردارن مان ڪيترا ڪونڌر ڪسندا ڏٺا. سرفراز تقريباً ٽي سال حڪومت ماڻي، محمد خان چند مهينا مسند جو مزو ورتو، غلام نبيءَ ڏيڍ سال کن تخت نشيني ڪئي، عبدالنبيءَ تقريباً ساڍا ٽي سال واڳ ورتي، صادق عليءَ چند مهينا، ۽ ان کان پوءِ ٻيهر عبدالنبيءَ قبضو ڪيو، ۽ پنجن سالن ۾ اهڙو ڪشت وخون ڪيائين، جو سنڌ جي بدنصيبيءَ ۽ برباديءَ تي نه فقط پنهنجن رت رنو، بلڪ ڌارين جي اکين مان به لڙڪ وهي نڪتا.
ٽالپر سردار، جيڪي حقيقي طرح حڪومت جا قوت بازو هئا، تن مان ڪيترا سربراهه ناحق خون ٿيا. مير بهرام ۽ سندس فرزند مير صوبدار خان ميان سرفراز جي چرچ تي بنا سبب قتل ڪيا ويا، ميان غلام نبيءَ پهريون پنهنجي خاندان جا پنج شاهزادا ڪهرايا، محمد سرفراز، محمد خان، محمود خان ۽ ٻيا. انهيءَ دردناڪ واقعي تي ڪنهن شاعر هيٺئين نادر تاريخ چئي:
____________
* ”دشتڪ“ شيراز جي هڪ انهيءَ محلي جو نالو هو، جنهن ۾ اهي بزرگ رهندا هئا. هن وقت شهر جي انهيءَ حـصي کي ”لب آب“ سڏيو وڃي ٿو.
* ”حبيب السير“ ج 3، جز3، ص 335، ”مجالس المؤمنين“ ، مجلس پنجم، ص 226 .
v ”حبيب السير“ ج 3، جز3، ص 335، ”هفت اقليم“ ، ص 261، مطبوعه بنگال ايشياٽڪ سوسائٽي، ڪلڪته.
vv ”مجالس المؤمنين“ ۾ ربيع الاول لکيل آهي. ص 226
* ”مجالس المؤمنين“ جي صاحب لکيو آهي، ته مير صاحب شرعي علومن جي تعليم پنهنجي والد ” پنهنجي سؤٽ مير نظام الدين احمد وٽ ورتي. عربي علوم ” ادب جي تعليم پنهنجي ٻئي سؤٽ مير حبيب الله وٽان حاصل ڪيائين. صفحو 350
v ”حبيب السير“ ، ج 3، جز4، ص 110-111
vv ”مقالات الشعر“ ، ص 208، ”مجالس المؤمنين“ ص 350
vvv مقالات ص 209
* اها فهرست مير صاحب ”مجالس المؤمنين“ کان نقل ڪئي آهي (ڏسو ”مجالس المؤمنين“ ، ص350)
v ”شرح اثبات واجب“ از- امير غياث الدين منـصور ثاني (رجال ”حبيب السير“ ، ص241)، ”مجالس المؤمنين“ ص 350
vv ”حبيب السير“ ج 3، جز 4، ص111
vvv ”مقالات الشعرا“ ، ص209، ”مجالس المؤمنين“ ، ص 350
* ”ڪتاب صحة الکلام“ (در رد ”حجة الاسلام“ - امام غزالي)، (2) ”هزار بيت“ ، (3) ”محاکات“، اول - ثاني - ثالث، (4) ”شرح برکتاب اثبات واجب“ ، (5) ”ڪتاب تعديل الميزان بر منطق“ (خلاصه ”منطق شفا“ )، (6) ”معيار الافکار“ (خلاصه ”تعديل الميزان“ )، (7) ”کتاب لوامع و معارج“ (علم هيئت) (8) ”تحفہ شاهي“ (17 ورهين جي ڄمار ۾ لکيائين)، (9) ”تجريد در حکمت“ (جامع مسائل حڪمت طبعي و الاهي)، (10) ”رساله در معرفت قبله“ ، (11) ”کتاب معالم الشفا“ (طب)، (12) ”شافيه“ ، (13) ”سفويه هيئت“ ، (14) ”حاشيه برالاهيات شفا“ ، (15) ”حاشيہ بر شرح حکمت العين“ ، (16) ”رساله در باب خلافت فرزند خود“ ، (17) ”رد بر حاشيہ شمسيه علامه دواني“ ، (18) ”رد بر حاشيہ محمد“ (19) ”خلاصته التلخيص“ (اختصار رساله تلخيص و معاني و بيان) (20) ”رد برحاشيہ تهذيب“ ، (21) ”رد انموذج“ (22) ”رساله تحقيق جهات“ ، (23) ”رد بر رسالـهء زوراء“ ، (24) ”رساله مشارف در اثبات واجب کتاب اخلاق منصوري“ ، (25) ”حاشيہ بر اوائل کشاف تفسير سورة الانسان“ ، (26) ”مقامات العارفين“ (تصوف و اخلاق - پنهنجي پٽ مير شرف الدين عليءَ لاءِ لکيائين)، (27) ”رساله قانون السلطنت دين“ ، (28) ”شرح کتاب هياکل انوار“، ۽ (29) ”حاشيہ بر اشارات“ . مير علي شير وڌيڪ هيٺين ٻن ڪتابن جا نالا ٻڌا: (30) ”کتاب رياضي الرضوان“ ، (31) ”کتاب اساس در علم هندسه“ ( ”مقالات الشعرا“ ص211، ۽ ”مجالس المؤمنين“ ، ص 351)
v ”مجالس المؤمنين“ ، ص 351
* ”حبيب السير“ ، ج 3، جز3، ص 348
* ”تحفـة الڪرام“ ، ج 2، ص71، ”مجالس المؤمنين“ ، ص 222
v ”حبيب السير“ جي مصنف جو نالو غياث الدين بن همام الدين محمد خوندير هو، هو 880هه جي قريب هرات ۾ ڄائو، ۽ 941هه ۾ گجرات ۾ فوت ٿيو، نظام الدين اولياءَ جي مقبري جي ايوان ۾ امير خسروءَ جي قريب دفن ٿيو، ”حبيب السير “ 930هه ۾ ختم ڪيائين.
vv ”مجالس المؤمنين“ ، ص222.
* ”تحفـة الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو، ته ”سيد شڪر الله پنهنجي پٽ کي وصيت ڪئي هئي، ته جيڪڏهن تنهنجي اولاد کي ڪا مشڪل پوي، ته منهنجي انهن ٽنهي سنگتين ڏانهن کين رجوع ڪرڻ گهرجي،“ انهيءَ وصيت مطابق اڃا تائين عمل ٿيندو اچي ٿو. چنانچه، محمد حسين ۽ سيد ظهير الدين ثاني بن سيد شڪر الله ثانيءَ جو اولاد سيد منبه ڏانهن رجوع ڪن ٿا، ۽ سيد نظام الدين جو اولاد سيد ڪمال سان متوسل آهي، ۽ اهڙيءَ طرح سيد عبدالرحمان جو اولاد سيد عبد الله ڏانهن رجوع ڪري ٿو. “ (تحفـة الڪرام، ج2 ص195)
* سيد صاحب کان پوءِ شاهه حسين، حـضرت قاضي محمد اچيءَ کي بکر مان گهرائي انهيءَ عهدي تي رکيو، ۽ ان کان پوءِ اهو منصب قاضي صاحب جي ئي خاندان ۾ پشت به پشت هلندو آيو، جنهن جو سلسلو انگريزن جي ابتدائي زماني تائين قائم رهيو. قاضي علي محمد صاحب ٺٽوي انهيءَ گهراڻي جو هن وقت يادگار آهي.
v ”تحفـة الڪرام“ ، ج 3، ص195
* نادر شاهه، 11 محرم 1153هه جو، لاڙڪاڻي مان ڪوچ ڪري، ايران هليو ويو.
* هي بزرگ، مخدوم ضياءُ الدين جو ڏهٽو هو، ويهن ورهين جي ڄمار ۾ تعليم جي تڪميل ڪري، درس ڏيڻ شروع ڪيائين. مير صاحب لکيو آهي، ته سندس مدرسو ايڏو مشهور ۽ عظيم الشان هو، جو شهر ۾ ان جو ٻيو ثاني ڪونه هو. ’منقول‘ ۾ پنهنجي ناني ضياءُ الدين ۽ ’معقول‘ ۾ مولانا محمد صادق جو شاگر هو. 1179هه ۾ حج تي اسهيو، جتي 18 ذي القعد تي انتقال ڪيائين. (تحفـة الڪرام، ص225، مقالات الشعرا ص295)
v ميان نعمت الله جو وڏو ڀاءُ هو، عالم باعمل ۽ نهايت ئي پاڪ باطن ۽ صاف سيرت بزرگ هو. حرمين ۾ هڪ سال رهي، حديث جي سند ورتائين. جوناڳڙهه ۾ به ڪجهه عرصو رهيو. ٻيو دفعو به جوناڳڙهه ٿي ويو، جو واٽ تي ڪڇ ۾ انتقال ڪيائين (تحفـة الڪرام، ص226، مقالات الشعرا ص132)
vv ميان رحمت الله جو فرزند ۽ مخدوم علي احمد المعروف به قمري (برادر مخدوم آدم) جي اولاد مان هو، صاحب نسبت ۽ وڏيءَ ڪڻيءَ وارو بزرگ هو. 1154هه ۾ انتقال ڪيائين. (تحفـة الڪرام، ص226، مقالات الشعرا ص75)
vvv مقالات الشعرا، ص75
* مقالات الشعرا، ص143
v مقالات الشعرا، ص295
vv مقالات الشعرا، ص75.
vvv مقالات الشعرا، ص135: مير صاحب لکي ٿو، ته (هيءُ بزرگ) نهايت باوقار ۽ پر تمڪين شخص هو، طبعيت جو خوش باش ۽ نهايت ئي رنگين مزاج هو، خوراڪ پوشاڪ جو به شوقين هو. مير عبدالقدوس شيرازي سندس دوست هو. تاريخ گوئيءَ ۾ کيس ڪمال حاصل هو. شهر خواه حاڪمن ۾ سندس وڏي عزت هئي (تحفـة الڪرام، ص244). ”مقالات الشعرا“ ۾ مير صاحب سندس تاريخ گوئيءَ ۾ مثال به ڏنا آهن.
vvvv ”مقالات الشعرا“ (ص58): آخوند صاحب ڳچ عرصي تائين جهانگارن باجارن جي ساداتن وٽ رهيو. تاريخ گوئيءَ ۽ شعر و سخن جو به شوق هوس. مير فخرالدين شيرازي برادر مير علي شير ”قانع“ کي جڏهن علي اڪبر نالي پٽ ڄائو، تڏهن هيٺيون قطعه تاريخ لکيائين:
بهار همايون بعالم رسـيـد
گـل گـلـشـن بـاغ آل رسـول
بـــفــــر هـــمـــايـــون وفــرخـنــده نـــام
صنوبر به بستان احمد چميد
در روشن از درج شاهه شهيد
بــروز سـعـيــد از عـــدم ســر کـشيد
چگويم وفاتش که نايد بعد
نيازم بدرگاه حق صبح و شام
بسال تولد شريفش فتاد
در انداخت ناگاه هاتف ندا
نجيب ونقيب و حسيب وسعيد
که نامش علي اکبر آيد پديد
چو فکرم بخاطرز احصي البعيد
”گل اندر گلستان حيدر د ميد“
(1146هه)
* مرزا محمد جعفر جي علم و فضل جي شهرت ٻڌي، ميان مرادياب بن ميان نورمحمد کيس پاڻ وٽ گهرائي، پنهنجو معتمد خاص ڪري رکيو. ”قانع“ ، ”مقالات الشعرا“ (ص72) تي لکي ٿو ته ’ڪجهه عرصي بعد اهو درجو حاصل ڪيائين، جنهن کان مٿي تصور ڪرڻ ناممڪن آهي.‘ صاحبزادو ميان مراد ياب جڏهن هندستان ويو، اُن وقت ميان نور محمد کيس پنهنجي درٻار ۾ مقرر ڪيو، جتي صاحبزادي کان به وڌيڪ سندس قدر ۽ منزلت ٿي. محمد مراياب جڏهن تخت تي ويٺو (1167هه)، تڏهن کيس ٻيهر پاڻ وٽ رکيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ، ڪن سبب ڪري معزول ٿي عراق جي زيارتن تي وڃڻ لاءِ ڪڪرالي بندر تي پهتو، اتان کيس ڪڪرالي جي ڄام جهاز تي سوار ٿيڻ نه ڏنو، جنهن ڪري ڪراچيءَ بندر تان سوار ٿيڻ جو ارادو ڪيائين، ليڪن رواني ٿيڻ کان اڳ سندس انتقال ٿيو. مير علي شير هيٺئين تاريخ چئي:
ز روي تعميه تاريخش افتاد:
”غريب از دام دنيا گشته آزاد“
1212-45 =1167هه
جفر ” تڪثير ۾ به ڪامل “ عامل هو. ”جفر جامع“ نالي ڪتاب ميان نورمحمد لاءِ لکڻ شروع ڪيائين، ليڪن ميان صاحب جي انتقال سبب ڪتاب پورو ڪري نه سگهيو.
* مقالات الشعرا، ص214
v مقالات الشعرا، ص66
vv مير حيدر الدين ابو تراب ”ڪامل“ بن مير رضي الدين ”فدائي“ ، بن مير ابولامڪارم ”شهود“ ، بن مير ابو البقا امير خان، بن مير ابو القاسم ”نمڪين“ ، جيد عالم، بلند پايه شاعر ۽ درويش صفت انسان هو. سنڌي، هندي ۽ فارسيءَ ۾ جدا جدا ديوان مرتب ڪيائين. محمد پناهه ”رجا“ ، مير ابو البقا بهرور علي ۽ ٻيا ڪيترا انهيءَ دور جا شاعر سندس شاگرد هئا، 1164هه ۾ انتقال ڪيائين. (ڏسو مقالات الشعرا، تحفـة الڪرام، ۽ تذڪره اميرخاني)
vvv مقالات الشعرا، ص 214، ص252 ۽ 254
* مقالات الشعرا، ص214
v مقالات الشعرا، ص215
v تحفـة الڪرام، ص102
v جناب قاضي علي محمد صاحب ٺٽويءَ وٽ فرمانن ۽ سـَـنـَـدن جو هڪ مجموعو آهي، جيڪو ٺٽي جي ڪنهن بزرگ انگريزن جي آمد کان پوءِ مرتب ڪيو آهي، ٺٽي جي مختلف خاندانن جي سلسلي ۾ منجهس شاهي فرمان هن لاءِ نقل ڪيا ويا آهن، ته اهو مجموعو انگريزن کي ڏيکاري، انهن سـَـنـَـدن کي سندن دور حڪومت ۾ به جاري ڪرائجي.
* چاليهه دام هڪ رپئي ۾ ٿيندا هئا، ٻاويهه هزار دامن جا 550 رپيا ٿيا.
v ساڍا ٻارنهن سؤ رپيا.
vv 5 رپيا في خرار هو. مجموعي قيمت 350 رپيا ٿي.
* اها خوشحالي، عزت ۽ آبرو، انگريزي دور تائين رهندي آئي. چوڏهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾، مير علي شير جو پوٽو مير صابر علي شاهه ثاني زندهه هو، جنهن کي نه فقط شهر ۾ عزت هئي، بلڪ انگريز سرڪار وٽ به کيس هر طرح جي آبرو حاصل هئي. چنانچه انگريزن هندستان جي مکيه ماڻهن متعلق جيڪو اٺن جلدن ۾ ضخيم ڪتاب شايع ڪيو آهي، ان ۾ سيد صاحب جو به فوٽو ڏنو ويو آهي.
ڀاڱو پهريون
ديباچو: (مصنف طرفان)
اگرچه، گهڻي وقت گذرڻ ۽ هن ميدان ۾ ڪنهن جي قدم نه رکڻ ڪري، مقصود کي پوريءَ طرح رسڻ ڏکيو آهي، تاهم نشانيءَ لاءِ خرار مان هڪ لپ ئي ڪافي آهي، جيڪي هٿ آيو سو آيو، ۽ هن کان پوءِ جيڪو زياده ڪندو، سو احسان جو لائق ٿيندو.
”قانع“ اين تازه راه دور دراز،
هر کہ گردد دليل مقصداو،
عاجزيءَ ۽ نياز پوري سان،
جيڪو هن ڪم ۾ ڪجهه به ڏيندو ڏس،
ميکند طي بگام عجز و نياز.
باد در دامن نبي يد او!
ٿو وٺان واٽ هيءَ ڊگهي اڄ مان،
شل نبي پاڪ ٿيندو يار سندس!
مقدمو: ولايت (سنڌ) جي تعريف ۽ سندس خـصوصيتن جي بيان ۾
”سنڌ“ تي اهو نالو ’حام‘ بن نوح عليہ السلام جي پٽ، ’هند‘ جي ڀاءُ ’سند‘ جي نالي پٺيان پيل آهي. هيءُ سڄيءَ زمين جي ايڪهٺ ملڪن مان ٽيتاليهين ملڪ جو نالو آهي. پهرين اقليم (ولايت) سندس اتر کان، ۽ ٻي ولايت سندس وچان لنگهي ٿي. هي ملڪ پهرين، ٻي، ٽين، چوٿين ۽ پنجينءَ ولايت ۾ مشترڪ آهي. جيئن اڳتي تفصيل سان ايندو. پر هن جو گهڻو ڀاڱو ٻيءَ ولايت جي خط هيٺ آهي، تنهن ڪري مڪي مطهره ۽ مديني منوره جي پاڪ زمين سان هن زمين جو حقيقي قرب ثابت آهي. چون ٿا، ته آڳاٽي سمي ۾ سنڌ جي پسگردائيءَ جي ڪنهن جبل ۾ اُٺ گم ٿيو هو، جو ٽن ڏينهن کان پوءِ وڃي حجاز کان نڪتو ]2[ جنهن زماني ۾ محمد بن قاسم سنڌ جي جهاد تي آيو هو، تڏهن ]بغداد کان[ قاصد ستن ڏينهن ۾ ايندا ۽ واپس ويندا هئا. ظاهر ۾ ٿو ڏسجي، ته حادثن جي صدمن، جبلن ۽ سمنڊن جي گهاٽائيءَ سبب، اهو رستو بند ۽ گم ٿي ويو آهي.مڪران جو جبل سندس اولهه طرف، ۽ ڪيڪانان جو جبل ان جي حدن ۾ داخل آهي. فليس جو بيابان، جو ويهه فرسنگ (60 ميل) ڊگهو، ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ ڏکيائيءَ ڪري مشهور آهي، سو منجهس آهي، ۽ جو بحر محيط وٽ، جنهن کي بحر عمان به چوندا آهن، انتها ڪري ٿو. سنڌوندي، جا ڪشمير جي جبلن مان نڪري ٿي، ۽ ڪابل جي جبلن وٽان ٻي ندي به ساڻس ملي ٿي ۽ ملتان وٽ سيحون نديءَ سان ملي، اٽڪ سان شامل ٿي، سمنڊ ۾ پوي ٿي، تنهن جو پاڻي نهايت صاف ۽ روشن آهي، جو اونهاري ۾ نهايت ٿڌو هوندو آهي. سنڌ جي زبان ۾ ان کي ”مهراڻ“ چوندا آهن. مرزا حيدر، ”رشيديءَ“ لکيو آهي، ته ’ڏکڻ وارن جبلن مان جيڪو پاڻي ڏکڻ ڏانهن وهي ٿو، جهڙوڪ: نيلاب (نيلم)، بياس، چناب، لاهور ۽ سلطانپور واري ندي ۽ باجواره ندي، اُهو سمورو هندي سمنڊ ۾ پوي ٿو، ۽ سندس نالو ”سنڌو“ ندي آهي‘ . اڄ ڪالهه سنڌ جي درياءَ جو هيٺيون حـصو، جو هندستان جو لنگهه آهي، تنهن کي هن ملڪ ۾ هر جڳهه جدا جدا نالا ڏنل آهن، ۽ پنجاب تائين ڪيترا نالا اٿس. هن ملڪ جي زمين، آب هوا جي عمدگيءَ ۽ صبح ۽ شام جي لطف کان مشهور آهي. پنجاب جي طرف وارو مٿيون حصو گرميءَ، ۽ سمنڊ کي ويجهو ڀاڱو، اگرچ لٿي پٿي گرم آهي، ٿڌاڻ ۾ مخصوص آهي. سنڌ جي زمين مردم خيز آهي، ۽ سندس رهاڪو، ’مسڪينيءَ‘ ۽ لياقت ۾ ممتاز آهن. هتان علم ۽ يقين، فقيريءَ ۽ معرفت جا صاحب گهڻا پيدا ٿيندا رهن ٿا، جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو. انشاءَ الله تعاليٰ.
پراڻي زماني کان، سنڌ جي رهاڪن ۾ ڪي رسمون مشهور آهن، جي اگرچه جهالت جون عادتون آهن، تاهم جيئن ته عجيب آهن، تنهن ڪري انهن جو ذڪر ڪجي ٿو.
جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪنهن وڏي گناهه جي تهمت رکي ويندي آهي، تڏهن هو پاڻ کي پاڪدامن ثابت ڪرڻ لاءِ، وڏيءَ باهه مان ”سمندر“ (1) وانگيان پاڪ، ۽ حضرت خليل وانگيان بنا ڪنهن کٽڪي جي لنگهي ڏيکاريندو آهي. جيئن عنقريب ’مارئيءَ‘ ۽ ’سسئيءَ‘ جي احوال ۾ ايندو.
گرم ڪوڏر جو هٿ ۾ کڻڻ جو رواج اڃا تائين جاهلن ۾ هلندو اچي، جنهن جو ڪجهه بيان ’مارئيءَ‘ جي ذڪر ۾ ايندو. اهو هن طرح ڪندا آهن، جو تهمتيءَ جي هٿ تي، وڻ جو سائو پن ڪچي ڌاڳي سان ٻڌي، پوءِ ڪوڏر گرم ڪري، ان جي مٿان رکندا آهن، ۽ هو ٻٽي وکون آهستگيءَ سان کڻندو آهي. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته پن يا ڪچي ڌاڳي کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي، پر جڏهن ڪوڏر زمين تي اڇلائي وئي آهي، تڏهن مٽيءَ کي ڀوڳڙين جي واريءَ وانگيان جوش ۾ آندو اٿس. يقيناً سچ جي برڪت آهي، نه ته اهڙيءَ باهه کان هٿ ڇو نٿو سڙي؟ ويجهڙائيءَ ۾ هڪ معتبر ماڻهوءَ کان ٻڌو ويو ته ”هڪ زال، ٻيءَ زال جو ڪنگڻن جو جوڙو چورائي، انڪاري ٿي ويئي. جڏهن ڪوڏر کڻڻ جو وقت آيو، تڏهن اها مڪريل عورت، اهو ڪنگڻن جو جوڙو هڪ ڪپاهه سان ڀريل ڇليءَ ۾ وجهي، ائين ظاهر ڪندي ميدان ۾ آئي، ڄڻ ته ان وقت هوءَ انهيءَ ڪم (ڪتڻ) ۾ رڌل هئي. اچڻ سان اها ڇلي، فريادڻ عورت جي هٿ ۾ ڏنائين، ته ’مان جيستائين امتحان ڏيئي پورو ڪريان، تيستائين تون هيءَ جهلي بيهه‘ . پوءِ چيائين، هن ڳالهه جي سچائيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ، ته ’مون فلاڻيءَ جي ڪنگڻن جو جوڙو لڌو هو، مگر وري انهيءَ کي ڏنو اٿم، ڪوڏر کڻان ٿي‘ . ائين ڪرڻ سان هن کي ڪوبه ايذاءُ ڪونه آيو. جڏهن ته حق حق آهي، تنهن ڪري فريادڻ عورت غصي ۾ اچي، اها زنبيل کڻي زمين تي اڇلي، ۽ انهيءَ مڪريل عورت جي مڪر جو پڙدو ڦاٽي پيو.“
هڪ ڊگهي ڪاٺي اونهي پاڻيءَ ۾ کوڙي، تهمتيءَ کي چوندا آهن، ته ڪاٺيءَ کي وٺي، ٽٻي هڻي، پاڻيءَ جي تري ۾ وڃي ]3[ ويهي. هوڏانهن هڪ تير ڇوڙيندا آهن، ۽ هڪڙو ماڻهو وڃي اهو تير کڻي ايندو آهي. انهيءَ کان پوءِ ڪاٺيءَ کي چوريندا آهن. جيڪڏهن تهمتي بيڏوهي هوندو آهي، ته انهيءَ وقت تائين ويٺو هوندو آهي، ۽ اشاري تي نڪري ايندو آهي، نه ته پاڻيءَ جي تر ۾ هرگز ويهي نه سگهندو آهي.
هن ملڪ جي ماڻهن ۾ ڪيتريون اٽڪلون، ۽ جنتر منتر جادوءَ طور چالو آهن. مثلاً: ٻئي جي مهيءَ مان مکڻ چورائي، پنهنجي مهيءَ ۾ آڻڻ. هڪ معتبر ڳالهه ڪئي ته ” آءٌ هڪ ڳوٺ ۾ هڪ زال وٽ مهمان هئس، جنهن کي هڪ ڳئون جي کير جي مهي هئي. مکڻ ڪڍڻ جي وقت، باهه جي بهاني سان پاڙي واريءَ جي گهر ويئي، پاڙي واريءَ جي اڳيان مهيءَ جو وڏو ٿانو، مکڻ ڪڍڻ لاءِ رکيل هو. هيءَ زال اٽڪل ڪري موٽي آئي، ۽ پنهنجي هڪ ڳئونءَ جي کير جي مهيءَ مان ڏهوڻو مکڻ ڪڍيائين.“
ڪن جابلو ماڻهن ۾، جن کي ”مانسنگهه“ چوندا آهن، ”ڦڻيءَ“ جو علم(1) مشهور آهي. ڦڻيءَ جي تازن ليڪن مان هو جيڪي چاهيندا آهن، سو معلوم ڪندا آهن، جو صحيح واقعي جي موافق ظاهر ٿيندو آهي. ڳالهه ٿا ڪن، ته ”جابلو ماڻهن جو هڪ ٽولو، دشمن جي ڊپ کان لڏي ڪنهن جاءِ ڏانهن وڃي رهيو هو. ٿوري پنڌ کان پوءِ، هڪ ’مانسنگهه‘ ، ڦڻي ڏسي چيو، ته ’اسان جي پٺيان، حملي ڪرڻ لاءِ، هڪ فوج پهچي رهي آهي، ۽ حيلي کان سواءِ ڇوٽڪارو ڪونه ٿيندو.‘ پوءِ چيائين ته ’جيڪو پاڻي مـَـشـَـڪن ۾ هجيوَ، سو سڀ زمين تي هاري، انهيءَ جي وچان لنگهي وڃو‘ . اتفاقاً، دشمن جي فوج ۾ ٻيو ’مانسنگهه‘ ، ڦڻيءَ جي رستي هنن جي حالت معلوم ڪرڻ لڳو ۽ ڏٺائين، ته هو ’درياء‘ ٽپي ويا آهن، جنهن ڪري هو مايوس ٿي موٽي ويا، ۽ هي حيلو هنن جي آزاديءَ جو وسيلو ٿيو.“ هيءَ ته ٿوري ڳالهه آهي، پر هيءَ قوم، ڦڻيءَ جي رستي گهڻيون خبرون ڏيندي آهي.
ٻه ٽي هٿ هڪ ٻئي ۾ گڏي، زمين تي کوليندا آهن، انهيءَ جي وسيلي ڳجهيون ڳالهيون معلوم ڪندا آهن.
جگر کائيندڙ زالون (ڏائڻيون) هونديون آهن، جي پڻ غيب جي ڳالهين کان واقفيت رکنديون آهن. جيئن ’مرزا باقيءَ‘ جي احوال ۾ ظاهر ٿيندو.
”جوڳڻ“ جو علم، جو اڪثر زالن ۾ ظاهر ٿيندو آهي، راجا ڏاهر جي قصي ۾ ان جي سچائي ظاهر ٿيندي.
”ورتيه“ نالي هڪ قوم آهي، جيڪي گداگرن جي صورت ۾ ڦرندا وتندا آهن. هي دل جون ۽ گذريل ڳالهيون ٻڌائي، ماڻهن کي ٺڳيندا آهن، ۽ ايندڙ ڳالهيون ٻڌائيندا آهن، جيڪي گهٽ واقع ٿينديون آهن.
پير سڃاڻڻ جي فن ۾، ڪي ماڻهو اهڙا ته ماهر آهن، جيڪي صرف پير جي نشان مان مرد، عورت، پنهنجي يا پرائي جو فرق معلوم ڪندا آهن، ۽ جبل خواه ميدان ۾ پير نه وڃائيندا آهن، بلڪ گهڻو ڪري پاڻيءَ مان به نشان سڌو ڪڍي ويندا آهن.
ڪڇ جي سر زمين ۾ هڪ اهڙي جماعت آهي، جيڪي تتر جي آواز مان چڱائي يا برائي معلوم ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح، ٻين پکين ۽ حيوانن جي خاص جاين تان نڪرڻ مان به برائيءَ ۽ ڀلائيءَ جي خبر ڏيندا آهن. هڪ شخص ڳالهه ڪئي، ته ”هڪ جماعت سان گڏيو ٿي ويس، ته اوچتو هڪ ماڻهوءَ چيو، ته ’توهان ڀلي پويان اچو، آءٌ تڪڙو ٿو وڃان، ڇاڪاڻ ته پکين جي آواز مان، گهر ۾ مهمانن جي اچڻ جي خبر پوي ٿي، ۽ فلاڻو عزيز هن وقت فوت ٿي ويو آهي‘ آخر ائين ئي هو، جيئن هن چيو هو.“
(اهڙيءَ ريت) هن ولايت جا ڪي عجائب، ايندڙ بيان جي ضمن ۾ پنهنجين جاين تي مذڪور ٿيندا. خاتمي ۾ جبل جا عجائبات بيان ٿيندا.
جيئن، ته وڏن ڪتابن ۾ فقط نالن ۽ واقعات جي بيان تي اڪتفا ٿيل آهي، تنهن ڪري هتي ڪجهه مشهور حالات جو مختصر طور اضافو ڪجي ٿو، ته جيئن انهيءَ احوال جي مقابلي ۾، هڪ خاص [4] طرز معلوم ٿئي.
مخفي نه رهي، ته اڳيان سنڌي ماڻهو جيئن ته فارسي زبان کان ناواقف هئا، تنهن ڪري ملڪ ۽ بادشاهن جي احوال ۾، ڪو به ڪتاب وجود ۾ ڪونه آيو. مگر سال 613 هجري ۾، اُچ جو ويٺل، علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي، هن ”ماٿريءَ“ ڊوڙي (هي خيال رکي)، بکر ۽ الور جي شهر ۾ اچي پهتو، ۽ اچي عرب جي پسمانده خاندانن جي بزرگن کي ڏٺائين ۽ پڇا ڪيائين، ته جيئن کيس اسلام جي فتح جو سچو پچو احوال معلوم ٿي سگهي. نيٺ قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي کي وڃي هٿ ڪيائين، جنهن بزرگ وٽ عربي زبان ۾ هڪ مسودو ڏٺائين، جو سندس وڏن سنڌ ۽ سنڌ جي فتح جي واقعن جي تفصيل متعلق لکيو هو، ۽ انهيءَ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ مير محمد معصوم بکريءَ، ۽ تنهن کان پوءِ مير محمد طاهر نيسانيءَ، اڪبر ۽ جهانگير جي زماني ۾ تصنيفون ڪيون. ساڳيءَ طرح ”ارغون نامو“، ”ترخان نامو“ ۽ ”بيگلر نامو“ پڻ لکيا ويا. ان کان پوءِ جا حالات، ڪنهن به بيان ڪونه ڪيا آهن.
هنن ڪاغذن جو ڪارو ڪندڙ (مصنف)، الله تعاليٰ جي تائيد ۽ توفيق سان پنهنجي وقت تائين (موجود ٿيل) متفرق ڪتابن مان چونڊ ڪرڻ جي وسيلي ]نئين سر هن ميدان تي[ وک وک کڻي ٿو، ۽ ڪن تازن احوالن جي تحقيق بابت ڊڪ ڊوڙ ڪري ٿو. اميد ته عام خواهه خاص ماڻهن کي ]سندس اهو سفر[ پسند پوندو. ”رب يسر وتمم بالخير“ (اي موليٰ آسان ڪر، ۽ خير سان پورو ڪر!)
___________
(1) ”سمندر“ نور جي شڪل جو هڪ جانور ٿيندو آهي، جو باهه ۾ رهندو آهي ۽ باهه هن کي اصل نه ساڙيندي آهي. چون ٿا، ته جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي باهه سؤ ورهيه ساندهه ٻرندي آهي، ته اتي سمندر پيدا ٿي پوندو آهي.
(1) اصل متن جي فارسي عبارت اجها هن طرح آهي: ”ديگر - ’علم شانہ‘ معروف بعض مردم کوه است، کہ شانرا ’مانسنگہ‘ نامند، از خطوط شانہء تازه هرچہ خواهند دريابند، وراست بواقعہ افتد“. اصل ۾ لفظ ”شانہ“ آهي، ۽ شانہ جي معنيٰ آهي ”ڦڻي“ يعني وارن کي سنوارڻ جي ڦڻي، ڪورڪي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ ڦڻي، جا گهڻو ڪري ڇيتين جي ٺهيل ٿيندي آهي، ۽ انهيءَ ۾ سٽ جون تندون لنگهائي اُڻندا آهن، رڍ يا ٻڪريءَ جي اڳين ٽنگن جي منڍ ۾ هڪ چپترو هڏو، جو پاسيرين سان ڳنڍيل ٿيندو آهي، وغيره. ڪتاب ۾ غالباً ”شانہ“ مان مراد رڍ يا ٻڪريءَ جي ڦڻي آهي. فارسي زبان جي اصطلاح ۾ پڻ ”شانہ بين“ اهڙي ماڻهوءَ کي چوندا آهن، جو ٻڪر جي تازي ڦڻي ڏسي ان مان ڪنهن ڳالهه بابت اڳڪٿي ڪري سگهي (ڏسو فارسي، انگريزي ڊڪشنري، تاليف اسٽينگاس). مرزا قليچ بيگ پڻ پنهنجي مخصوص انداز ۾ هن عبارت جو ترجمو هن طرح ڪيو آهي: ”اتي جي جابلو ماڻهن کي، اڳڪٿي يا غيب جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ هيءُ هنر ايندو هو، ته هڪڙي ڇيلي کي ڪهي، هڪڙي دستي يا اڳين ران ڪڍي، انهيءَ جون ليڪون ۽ نشان ڏسي، غيب جي خبر ڏيندا هئا“ (ڏسو ”قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، ص 3)
باب پهريون: راءِ گهراڻو
هنن جو تختگاهه ”الور“ جو شهر هو. ملڪ جون حدون، اڀرندي کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر، ڏکڻ کان سورت بندر ۽ اُتر کان قنڌار، سيستان، سليمان جبل، ڪردان ۽ ڪيڪانان تائين هيون.
جنهن صورت ۾ هن گهراڻي جي ابتدا پڪيءَ طرح معلوم نه آهي، تنهنڪري جيڪي نالا معلوم ٿيا آهن، انهن جي ٿوري بيان تي اڪتفا ڪجي ٿي. ”راءِ ديوائج“ عاليشان بادشاهه هو. مٿين حدن ۾، سندس حڪومت مستقل طور هلندڙ هئي. هندستان جا سڀ بادشاهه، سندس مخلص ۽ خيرخواه هئا. ڄاڻو ڪامورن جي هٿ هيٺ ساري ملڪ ۾ ڪاروبار دل گهرئي نموني ٿي هليو. سندس مرڻ تي، هن جو پٽ ”راءِ سيهرس“، تخت ۽ تاج جو مالڪ ٿيو، ۽ پيءُ واري رستي تي گهڻو وقت عيش ۽ آرام ۾ زندگي گذاري، تخت کان تختي (غسل ڏيارڻ جو تختو) ڏانهن روانو ٿيو (مري ويو). کانئس پوءِ، سندس ناليري فرزند ”راءِ ساهيسيءَ“ حڪومت جي گاديءَ ۽ بادشاهيءَ جي تخت تي مرادون ماڻي، ڪيترو عرصو گذاريو ۽ وڏن واريون رسمون چڱيءَ طرح جاري رکيون. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ ”راءِ سيهرس ’ٻيو‘ “ جاءِ نشين ٿيو. هن تي نيمروز جي بادشاهه ڪاهه ڪئي. انهيءَ خبر ٻڌڻ شرط، هن ڪيچ جي حدن وٽ سندس سامهون ٿي]5[، لڙائيءَ جو ميدان سينگاريو. صبح کان منجهند تائين جنگ جي باهه ڀڙڪندي رهي. اوچتو سندس نڙيءَ ۾ تير وڃي لڳو ۽ ساهه ڏنائين. نيمروز جو بادشاهه، سندس لشڪرگاه لٽي پوئتي موٽي ويو. سيهرس جي لشڪر گڏ ٿي، سندس پٽ ساهيسيءَ کي تخت تي وهاريو. ”راءِ ساهيسي ’ٻيو‘“، وڏن کان به وڌيڪ وڻندڙ عادتن جو مالڪ هو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ بادشاهيءَ جي حدن جو بندوبست ڪري، تختگاه ۾ آرام سان رهڻ لڳو ۽ ڍل جي عيوض رعيت کي ڇهن قلعن: اُچ، ماٿيلو، سيورائي، مؤ، الور ۽ سيوستان جي زمين، مٽيءَ سان ڀرڻ جو حڪم ڏنائين.
چون ٿا، ته هن وٽ ”رام“ نالي هڪ سيڪريٽري، ۽ ”ٻڌيمن“ نالي هڪ وزير هو. هڪ ڏينهن ”سيلائج“ نالي هڪ مشهور برهمڻ جو پٽ، ”چچ“ نالي، رام سيڪريٽريءَ وٽ لنگهي آيو. سندس صحبت کان سيڪريٽري ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس وزير تائين پهچايائين. اتفاقاً، چچ جي خاص ملازم بنجڻ کان ٿورو وقت پوءِ، وزير بيمار ٿي پيو، ۽ هوڏانهن، ٻاهران آيل ڪن خطن جي پڙهڻ لاءِ، راءِ جو سڏ ٿيو، جيئن ته (وزير) انشاء جي فن ۾ چچ جي ڪامل مهارت ڏسي چڪو هو، تنهن ڪري هن کي پنهنجي پاران موڪليائين. راجا محلات ۾ اندر هو، ۽ چچ کي اندر سڏيائين. راجا جي زال، راڻي ”سوهنديءَ“ پڙدي ۾ وڃڻ گهريو، پر ساهسيءَ چيو، ته برهمڻ کان ڪهڙو پڙدو آهي؟ (1) ۽ برهمڻ (چچ) جي اندر اچڻ کان پوءِ، ساهسي هن جي فصاحت بلاغت کان ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس جوابن لکڻ جو حڪم ڪيائين، ۽ جڏهن راجا وٽ سندس انشاء پردازيءَ ۾ ڪمال ثابت ٿيو، تڏهن حڪم ڪيائين، ته ”اڄ کان پوءِ پرائيويٽ سيڪريٽريءَ جو عهدو کيس ڏنو وڃي، جيئن محلات ۾ اندر اچي ضروري سوال جواب ڪندو رهي. “ انهيءَ وچ ۾ راڻيءَ جي دل چچ ڏانهن مائل ٿي، وڃي بي اختياريءَ جي حد کي پهتي، وصال لاءِ ڪيترائي پيغام موڪليائين، پر چچ نه قبوليا. نيٺ چچ جو ڪاروبار ترقي ڪري ويو، ۽ ننڍا وڏا، سندس احسان ۽ قابليت جا ممنون ٿي پيا. اتفاقاً، بخت جي ياوريءَ سان، راءِ ساهسي موت جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو. راڻيءَ چچ کي گهرائي چيو، ته ”راءِ جو حال اجهو اهو آهي، کيس ڪو به فرزند ڪونه آهي، ضرور سندس مائٽ ملڪ جا وارث ٿيندا، جي توکي ۽ مون کي ڪين ڇڏيندا، ]تنهن ڪري ارادو اٿم[ ته ڪو حيلو هلايان، جيئن راجائي توکي ملي وڃي.“ چچ جي قبول ڪرڻ تي، راڻيءَ اميرن کي پيغام موڪليو، ته ”راءِ ساهيسيءَ کي ڪجهه افاقو ٿيو آهي، ليڪن ٻاهر نڪرڻ جي طاقت ڪانه اٿس. هوڏانهن ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن، جو ملڪن جو سوال جواب مهمل رهندو ٿو اچي. تنهن ڪري هن وقت حڪم ڪيو اٿس، ۽ پنهنجي مهر چچ جي حوالي ڪئي اٿس، ته سندس پاران تخت تي ويهي، نائب جي حيثيت ۾، ملڪ جو ڪاروبار هلائي. توهان سڀ حاضر ٿيو.“ حڪم جي تابعداري ڪري، سڀني اميرن ۽ مکيه ماڻهن حاضر ٿي چچ جو سلام ڪيو، ۽ ]سندس اڳيان[ گوڏا کوڙيا. جلد ئي ساهيسي ]6[ گذاري ويو. راڻيءَ پهريائين، ته اهو بندوبست ڪيو، جو سندس مڙس جي وفات جي خبر ڪنهن کي به ڪن ڪانه پيئي. پوءِ ]راءِ جي[ انهن ويجهن عزيزن کي، جيڪي ملڪ جا دعويدار هئا، هڪ هڪ ڪري وصيت جي بهاني سان گهرائي قيد ڪيائين، تنهن کان پوءِ مسڪين مائٽن کي گهرائي چيائين ته ”ملڪ جي دعويدار سردارن کي، توهان لاءِ قيد ڪيو اٿم، توهان مان هر هڪ کي گهرجي، ته قيدخاني ۾ وڃي، جنهن کي پنهنجو حريف سمجهي، انهيءَ کي ڪـُـهي ڇڏي، ۽ وڃي سندس گهر تـَـڙ ۽ عهدي تي متصرف ٿي، چچ جي تابعداري قبول ڪري، جيئن کيس سموريون مرادون حاصل ٿين.“ سـُـڃن مائٽن، هن کي غنيمت سمجهي، هڪدم ائين ڪيو. تنهن کان پوءِ هر هڪ کي گهرائي، نوازي، چچ جي حوالي ڪيائين، ۽ مڙس جو لاش ٻاهر ڪڍي ساڙيائين.
هنن مٿين پنجن راجائن جي حڪومت جو عرصو، هڪ سؤ ستٽيهه سال لکيو اٿن. تنهن کان پوءِ برهمڻن جي حڪومت شروع ٿي.
____________
(1) نبيسہ - ”ن“
(2) ماميد - ”ن“
(1) ”فتحنامه“ يعني ”چچنامه“ (ص20) ۾ لکيل آهي ته: ”راجا، راڻيءَ کي چيو، ته ’هڪ نامحرم حرم ۾ اچي ٿو، تنهن ڪري تون پڙدي ۾ وڃ‘ . جنهن تي راڻيءَ سوهنديءَ وراڻيو ته ’ڪيترا رذيل نوڪر اندر اچن ٿا، جيڪڏهن هڪ برهمڻ اندر ايندو، ته منهنجو هن ڏانهن ڪهڙو توجهه ٿيندو، يا مون کي هن کان ڪهڙو شرم رکڻو آهي، جو مان هن کان لڪان‘ !“.
باب ٻيو: برهمڻ (حاڪمن) جو طبقو
قصو ڪوتاه، راڻي مهرت تي فتح پائڻ کان پوءِ، چچ، ٻڌيمن وزير سان صلاح ڪري، پنهنجي ڀاءُ چندر کي نائب طور اروڙ ۾ وهاري، پاڻ ]ملڪ جي[ حدن مقرر ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيو. سيوستان جي حاڪم ”متي“، سندس ]7[ اطاعت قبول ڪئي. برهمڻ آباد جي حاڪم ”اگهم“ لوهاڻي، سندس اڳيان سرتسليم خم ڪيو(1). ’سويس‘ عرف ’سيويءَ‘ جي قلعي جي حاڪم، ”ڪبي بن ڪاڪي“ چني(1)، جنهن جي تختگاه جو نالو ”ڪاڪا راج“ هو، تنهن پڻ سويس قوم سميت تابعداري اختيار ڪئي. آخر چاليهه سال ڪاميابيءَ سان پورا ڪري گذاري ويو.
کانئس پوءِ هن جو ڀاءُ، ”چندر بن سيلائج“ سندس قائم مقام ٿيو. سيوستان جي حاڪم متيءَ، قنوج جي راجا وٽ وڃي چيو، ته ”چچ مري ويو آهي ۽ سندس ڀاءُ سندس جانشين ٿيو آهي. جيڪڏهن توهان توجهه ڪندا، ته ملڪ آسانيءَ سان هٿ اچي ويندو.“ ]اهو ٻڌي[ هن پنهنجو ڀاءُ ”بسايس“ ساڻس گڏي روانو ڪيو. چندر هن خبر ٻڌڻ سان، دشمن جي مقابلي لاءِ ضروري تياري ڪئي. بسايس ۽ متو ڪجهه وقت ملڪ ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙيا، اروڙ تي حملو ڪري حيلا هلايائون، پر آخرڪار چارو نه ڏسي، صلح ڪري موٽي ويا (2) چندر جي ڪاروبار تقويت ورتي. هو ست سال حڪومت هلائي، اٺين سال گذاري ويو.
انهيءَ کان پوءِ سندس ڀائـٽيو، چچ جو پٽ ”ڏاهر“ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، ۽ پنهنجي ڀاءُ ”ڏهرسين“ کي، پنهجي پاران برهمڻ آباد موڪليائين، جو وڃي اتي رهيو(3). هڪ ڏينهن نجومين کان طالع بابت پڇا ڪيائين، جن چيس ”ته تنهنجي ۽ تنهنجي ڀاءُ جي طالع ۾ ڪابه نحوست ڪانه آهي، البت توهان جي ڀيڻ جي ويڏي، اهڙي ماڻهوءَ سان پڙهبي، جو اروڙ ۽ ملڪ جو وارث ٿيندو“. تنهن ڪري هن، ملڪ جي کسجي وڃڻ جي خوف کان، حيلو ڪري، ڀيڻ پنهنجي نڪاح ۾ آندي، پر مباشرت (همبستري) کان پاسو ڪندو رهيو. سندس ڀاءُ ڏهرسين، هيءَ خبر ٻڌي ڪاوڙجي حملو ڪيو، پر اوچتو اروڙ ۾ پهچڻ تي ڦرڙين جي بيماريءَ وگهي گذاري ويو. ڏاهر هن کي ساڙي برهمڻ آباد ويو، ۽ سندس زال، جا اگهم لوهاڻي جي ڌيءَ هئي، تنهن کي پنهنجي نڪاح ۾ آندائين. هڪ سال اتي رهي، ڏهرسين جي پٽ چچ کي مقرر ڪري اروڙ ۾ آيو(1)، ۽ اروڙ جو قلعو، جو هن جي پيءُ چچ اڌورو ڇڏيو هو، تنهن جي تعمير ڪرايائين، ۽ ]پنهنجو اهڙو[ دستور العمل بنائي ڇڏيائين، جو سياري جا چار مهينا برهمن آباد ۾ گذاريندو هو، ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو(2). اهڙيءَ طرح اٺ سال گذاريائين، ۽ آهستي آهستي ملڪ جو ڪاروبار دل گهرئي نموني تي ضابطي هيٺ آيو. انهيءَ کان پوءِ مشرقي حدن جو سير ڪري، ڪشمير جي حد تي سرحد جي نشانن واسطي، سرو جا ٻه وڻ وهاري موٽي آيو(3).
علافي عربن جي ]ڏاهر سان[ ملڻ جو احوال
خبرن جي راوين هن طرح بيان ڪيو آهي، ته ”عبدالملڪ بن مروان“ جي خلافت جي زماني ۾، جڏهن ”حجاج“ ٻنهي عراقن(4) جي حڪومت حاصل ڪري، سنڌ ۽ هند ۾ اک وڌي، ۽ ”سعيد“ کي مڪران موڪليو، تڏهن هن (سعيد) اچي ”سفهوي بن لام“ حماميءَ کي قتل ڪيو، جنهن تي ”بني اسامہ“ (1) قبيلي جي عربن مان ”عبدالله بن عبدالرحيم“ ۽ ”محمد بن معاويه“ پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته ’سعيد، سفهويءَ(2) کي، جو اسان جي ڪٽنب ۽ طرف جو هو، ناحق ڪـُـٺو آهي]8[، تنهنڪري اتفاق ڪري انهيءَ جي پاڙ پٽڻ گهرجي‘ . انهيءَ فيصلي تي بغاوت ڪري، سعيد کي ماري مڪران تي متصرف ٿيا، پر ٿوري وقت کان پوءِ ڊڄي خراسان ڀڄي ويا. جڏهن ”مجاعہ بن سعر“ ، خراسان فتح ڪرڻ لاءِ ڪرمان آيو، ۽ ”عبدالرحمان بن اشعث “ کي ]اڳڀرو[ روانو ڪيائين، تڏهن علافي هن کي رستي ۾ ڪـُـهي، سنڌ ڏانهن ڀڄي ويا، ۽ اچي ڏاهر وٽ پهتا. ڏاهر هنن کي، حڪومت جي ڪاروبار لاءِ غنيمت سمجهي، پاڻ وٽ رکيو. مٿيان علافي، ”محمد بن قاسم“ جي اچڻ ۽ سنڌ فتح ٿيڻ تائين اتي هئا، ۽ آخر امان نامون حاصل ڪري، اچي محمد بن قاسم سان مليا(3).
قصو مختصر - هندستان جي ڪن بادشاهن، ڏاهر جي استقلال جي خبر ٻڌي، پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته ’ڏاهر جي هن طرف رخ ڪرڻ کان اڳ ۾، لشڪر وٺي ڏانهس وڃڻ گهرجي، ممڪن آهي، ته سندس ملڪ پڻ هٿ اچي وڃي‘ . نيٺ راجائن جي صلاح سان، قنوج جو والي راجا ”رنمل“ لشڪر وٺي، ڏاهر تي ڪاهي ويو، ۽ وڃي اروڙ وٽ پهتو، راجا ڏاهر دشمن جي مقابلي کان عاجز ٿي، ٻڌيمن وزير سان صلاح ڪئي، هن چيس ته ”جنگ جو فن، عرب چڱيءَ طرح ڄاڻن، تنهن ڪري اهو بار انهن تي رک“. ڏاهر سوار ٿي اچي محمد علافيءَ کان مدد گهري. علافيءَ وراڻيو، ته ”تون دلجاءِ ڪري لشڪر ٻاهر ڪڍي، هڪ فرسنگ (ٽي ميل) ]جي مفاصلي[ ۾ هڪ اونهي کاهي کوٽي، انهيءَ کي ڪکن سان ڍڪڻ جو حڪم ڪر. جيئن آءٌ جيڪو به ويچار ڪريان، تنهن جو نتيجو مدعا موجب نڪري“. نيٺ جڏهن راجا ڏاهر اهڙيءَ طرح ]ڪم[ تيار ڪيو، تڏهن محمد علافيءَ سنڌين ۽ عربن مان پنج سؤ چونڊ ماڻهو پاڻ سان وٺي، راجا رنمل جي لشڪر تي راتاهو ڏنو. سپاهي، بيخبريءَ جي حالت ۾ ننڊ مان جاڳي، ]پهريائين ته[ پاڻ ۾ جنبي ويا، ۽ پنهنجو ڪم پاڻ پورو ڪيائون. اتي پرهه ڦٽڻ وقت، محمد علافيءَ کين ڏيکاري ڏيئي، ڀڄڻ جو نمونو اختيار ڪيو. هنن سمجهيو، ته اسان تي هيءَ مصيبت، هن ٿورڙيءَ جماعت آندي آهي، سو وٺي سندن پويان پيا ۽ وڃي کاهيءَ ۾ ڪريا. هاڻي ڏاهر پنهنجي فوج سميت سوار ٿي، ڪٺلن جي علاوه اسي هزار مرد ۽ پنجاهه هاٿي قيد ڪري، ٻڌيمن وزير جي صلاح تي مڙني کي آزاد ڪري ڇڏيو(1).
جنهن صورت ۾، هيءَ فتح ٻڌيمن جي صحيح رهنمائيءَ ڪري ٿي هئي، تنهن ڪري ڏاهر مٿس ڏاڍي نوازش ڪري، سندس استدعا موجب، ”تنڪہ“ (1) جي هڪ طرف تي سندس نالي چٽڻ جو حڪم ڏنو.
هن فتح کان پوءِ، ڏاهر جو ڪم تمام زور وٺي ويو، ۽ کيس سڀني آس پاس جي بادشاهن تي غلبو حاصل ٿيو. انهيءَ غرور ۾ سندس سرڪشي ۽ هٺ وڌندو رهيو، ۽ پنجويهه سال ٻيا به سرڪشيءَ سان حڪومت هلايائين، جنهن جو نتيجو حڪومت جي زوال جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، جنهن جو بيان ٻين سببن سميت مذڪور ٿيندو.
سرانديپ جي ٻانهين جي قيد ٿيڻ جو احوال
چون ٿا، ته سرانديپ جي بادشاه، ”يواقيت“ جي ٻيٽ(2) مان، خليفي ۽ حجاج لاءِ ڪي حبشي ٻانها ۽ ٻانهيون، گهڻن قيمتي جواهرن ۽ عجيب ]9[ جنسن سان گڏ، ]پنهنجن[ اعتماد جوڳن ماڻهن هٿان اٺن ٻيڙين ۾ چاڙهي روانا ڪيا هئا. اتفاقاً عربي سمنڊ ۾ طوفان لڳڻ ڪري، اهي ٻيڙيون اچي ديول بندر کان نڪتيون. ديول جي رهاڪو ’نڪامره‘ قوم جي چورن، انهن سڀني کي گرفتار ڪيو. سرانديپ جي بادشاهه جي خاص ماڻهن، کين ڏاڍو سمجهايو، ته هي مسلمانن جي خليفي جون سوکڙيون آهن، مگر هنن قبول نه ڪيو، ۽ چيائون، ته ”توهان جو ڪو واهرو آهي، ته پاڻ کي وري خريد ڪريو“. انهيءَ ٽولي ۾ ڪي مسلمان پاڪدامن عورتون پڻ، حج ۽ دارالخلافت ۽ حجاج جي زيارت ڪرڻ جي خيال سان، اچي مليون هيون، تن مان ’هڪ بني عزيز‘ قبيلي جي عورت، ٽي دفعا بلند آواز چيو: ”اغثني يا حجاج“ (اي حجاج منهنجي واهر ڪر!) هيءَ ڳالهه وڃي حجاج کي ٻڌايائون: جڏهن ٻڌائين ته انهيءَ عورت ٽي دفعا”اغثني“ پڪاريو آهي، تڏهن جواب ۾ ”لبيڪ“ چئي، تدارڪ جي پويان پيو(1).
بديل(2) جي شهادت جي ڪيفيت
حجاج بن يوسف، مسلمان قيدين جي تدارڪ واسطي، ]هڪ پاسي[ خليفي
کي عرض ڪيو، ]ٻئي پاسي[ هڪ قاصد ڏاهر ڏانهن موڪلي، کيس دڙڪو کڙڪو ڪيو.خليفي غفلت ڪئي، ۽ ڏاهر چيو، ته ”مون کي ڪابه خبر ڪانهي، انهن کي چور کڻي ويا هوندا، جي منهنجي حڪم ۾ پڻ ناهن، وڃي توهان پاڻ سمجهو“. هن جواب پهچڻ تي، حجاج دوباره خليفي جي خدمت ۾ عرض ڪري، اجازت وٺي، ”عبدالله سليمي“ کي مڪران تي مقرر ڪيو، ۽ ”بديل“ کي مڪران پهچي، ٽي هزار ماڻهو وٺي، سنڌ ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو. بديل نيرون ڪوٽ ۾ پهچي، ديول جي طرف وڌيو. ڏاهر هيءَ خبر ٻڌڻ سان ”جيسيہ“ نالي پنهنجي پٽ کي، گهڻو لشڪر ساڻ ڏيئي، ديول موڪليو. صبح کان شام تائين سخت لڙائي هلي، جنهن ۾ خوب حملن کان پوءِ بديل شهيد ٿي ويو، ۽ گهڻا مسلمان قيد ٿيا (3). چون ٿا، ته نيرون ڪوٽ جي حاڪم، جنهن جو نالو ”سمني“ هو(1)، تنهن کي اچي خوف ورايو، ته ’مان عربن جي لشڪر جي رستي تي آهيان. اڄ هنن (سنڌين) عربن سان دشمنيءَ جو رستو کوليو آهي، متان مان مفت وچ ۾ پامال ٿي وڃان‘ .، سو ڇا ڪيائين، جو اعتماد جوڳا ماڻهو حجاج ڏانهن موڪلي، اطاعت قبول ڪري، امان نامو وٺي ڇڏيائين.
]بديل جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ[ عامر بن عبد الله، حجاج کي چيو، ته ”هيءَ مهم منهنجي حوالي ڪر ته مان سنڌ ۽ هندستان وڃان“ . ]حجاج[ وراڻيو ته ”هيءَ سوڀ تنهنجي نصيب ۾ ڪانه آهي، مون نجومين کان معلوم ڪيو آهي، ته سنڌ ۽ هندستان، ’محمد قاسم‘ (2) جي هٿان فتح ٿيندا“ . مطلب ته جنهن صورت ۾ ڪافرن جي حڪومت جي ستاري جو زوال، ۽ هن سر زمين تي ”دين محمديءَ“ جي سج اڀرڻ جو وقت اچي چڪو هو، تنهنڪري پهرئين واقعي کان سواءِ، وري هيءُ واقعو به ”محمد قاسم“ جي اچڻ جو سبب ٿيو، جنهن جو بيان عنقريب ابتدا کان ڪيو ويندو. هتي جيسيہ جي نالي جي مناسقبت سان سندس ڄمڻ جي عجيب ڪيفيت جو بيان ڪجي ٿو.
چون ٿا، ته هڪ ڏينهن، راجا ڏاهر شڪار ڪري رهيو هو، ته اوچتو جهنگ مان هڪ شينهن ٻاهر نڪتو. اگرچ ماڻهو ]سندس مارڻ لاءِ[ ڊوڙيا، پر ڏاهر سڀني کي منع ڪري پاڻ شينهن ]10[ جي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو. سندس زال، جنهن کي جيسيہ ڏهن مهينن جو پيٽ ۾ هو، ۽ ساڻس ڏاڍي محبت هيس، هيءَ خبر ٻڌي، بي اختيار دانهن ڪري، زمين تي ڪري پيئي. آخر ڏاهر شينهن کي ماري، صحيح سلامت موٽي اچي زال کي مئل ڏٺو، ۽ هن جو ٻار پيٽ ۾ چـُـري رهيو هو. سندس حڪم تي هن (عورت) جو پيٽ ڦاڙي، ٻار کي ٻاهر ڪڍيائون ۽ سندس هيءُ نالو (جيسيہ) رکيائون، جنهن جي معنيٰ آهي ’شينهن جو شڪار ڪندڙ‘ (1) بيشڪ! هو وڏي ٿيڻ کان پوءِ بهادريءَ ۾ اهڙو ئي ثابت ٿيو، جهڙو نالو هئس.
اسلام جي لشڪر جو سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ اچڻ
صحيح روايتن ۾آيو آهي، ته امير المؤمنين ”عمر بن الخطاب“ رضي الله تعاليٰ عنہ جي زماني ۾، جڏهن ”عثمان بن ابي العاص“ (2) ثقفي، بحرين تي مقرر ٿي اچي عمان پهتو، تڏهن لشڪر جا ڪي جهاز تيار ڪري، پنهنجي ڀاءُ ”مغيره بن ابي العاص“ سان گڏ، ديول تي چاڙهي موڪليائين. انهن ڏينهن ۾ چچ جي پاران سندس ڀاءُ ”سامہ بن سيلائج“ (3) اُتي حڪومت ڪري رهيو هو. هو اسلامي لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. آخر گهڻيءَ خون خرابيءَ کان پوءِ مغيره بن ابي العاص شهيد ٿي ويو، ۽ گهڻي جماعت قتل ۽ قيد ٿي.
”ابو موسيٰ اشعري“ رضي الله تعاليٰ عنہ، جو مڪران جو حاڪم هو، تنهن هيءُ حال خليفي کي عرض ڪري، تدارڪ لاءِ قدم کڻڻ چاهيو، پر کيس اوڏانهن لشڪر موڪلڻ کان منع ڪئي ويئي.
امير المؤمنين ”عثمان“ ]بن عفان[ رضي الله تعاليٰ عنه جي خلافت ۾، ”عبدالله بن عامر بن ربيعہ“ مڪران جو حاڪم ٿيو، جنهن کي حڪم ٿيو، ته اعتماد جوڳا ماڻهو سنڌ ڏانهن موڪلي، احوال کان واقف ڪري. اُنهيءَ ”حکيم بن جبلہ“ کي موڪليو، جنهن احوال معلوم ڪري، وڃي خبر ٻڌائي، ته ”پاڻي ميرو، ميوو کٽو ۽ قاتل، زمين پٿريلي، ۽ مٽي ڪلراٺي آهي“ (1). خليفي پڇيو، ته ”اتي جا ماڻهو وفادريءَ ۾ ڪيئن ڏٺئي؟“ جواب ڏنائين ته ”غدار آهن“ ، تنهنڪري انهيءَ پاسي لشڪر موڪلڻ بند ڪيو ويو.
امير المؤمنين ”علي“ رضي الله تعاليٰ عنہ جي خلافت جي وقت ۾هڪ لشڪر مڪران کان لنگهي، ڪاميابيءَ ۽ فتحمنديءَ سان وڃي ’ڪوه پايہ‘ ۽ ’ڪيڪا نان‘ وٽ پهتو، جا سنڌ جي حد آهي. ويهه هزار جابلو ماڻهو سندن جنگ لاءِ دڳ جهلي بيٺا. اسلام جو لشڪر تڪبير هڻي اڳتي وڌيو. تڪبير جي غلغلي کان، ڪن ڊڄي اچي امان ورتي، ۽ باقي ڀڄي ويا، انهيءَ وقت کان وٺي، جنگ جي ڏينهن ۾، انهيءَ جبل مان تڪبير جو آواز ٻڌجڻ ۾ايندو آهي، ايتري ۾ خليفي جي رحلت جي خبر پهتي، ۽ اڳتي وڃڻ ملتوي ڪري، اهو لشڪر مڪران موٽي آيو.
جڏهن امير ”معاويہ“ رضي الله تعاليٰ عنہ مستقل خليفو ٿيو، تڏهن ”عبدالله بن سوار“ کي چار هزار ماڻهو ساڻ ڏيئي، سنڌ تي مقرر ڪيائين. تقديراً، هو ڪيڪانان جبل ۾پهچي، ڪافرن ]11[ هٿان شهيد ٿيو. ]اسلامي لشڪر[ شڪست کاڌي ۽ باقي بچيل ]ماڻهو[ موٽي اچي مڪران پهتا.
انهيءَ وقت، امير معاويي جي طرفان ”زياد“ ٻنهي عراقن جو حاڪم هو، جنهن ڏانهن لکيائين ته ”’راشد بن عمرو‘ (1) کي سنڌ ڏانهن روانو ڪر“. هن وڃي جبل جي دامن تي قبضو ڪيو، ۽ اڳين پوئين ڍل وصول ڪيائين. اهڙيءَ طرح پوري انتظام ۽ بندوبست سان، ڪيڪانان کان اڳتي وڌي، ’منذر‘ جبل ۽ ’بهروج‘ وٽ اچي پهتو. اتي جبل جا اٽڪل پنجاهه هزار ماڻهو گڏ ٿي، گهـَـٽَ جهلي بيٺا، ۽ صبح کان ظهر جي نماز تائين، سخت لڙائي ڪيائون. راشد شهيد ٿي ويو ۽ اسلامي لشڪر کي شڪست آئي. انهيءَ ]شڪست[ جي تدارڪ لاءِ ”سنان بن سلمہ“ (2) انهيءَ مهم تي مقرر ٿيو. هو ڪيڪانان فتح ڪري اچي ’بودهيہ‘ تائين پهـتو، جتي ٺڳيءَ سـان شهيد ٿيو. تنهن کان پوءِ ”منذر بن جارود بن بشر“ هن ملڪ جو حاڪم ٿيو، جو ’پورالي‘ (3) جي حد ۾ بيمار ٿي گذاري ويو، ايتري ۾ امير معاويہ وفات ڪئي ۽”مروان“ جي تخت نشينيءَ واري وقت ۾، ڪو به ماڻهو هن مهم کي سر ڪرڻ لاءِ مقرر ڪونه ٿيو(1). آخر جڏهن ”عبدالملڪ“ جو وارو آيو، ۽ هن ٻنهي عراقن جي گورنري ”حجاج“ کي ڏني، تڏهن حجاج، مڪران ڏانهن ”سعيد“ ]بن اسلم ڪلابي[ کي موڪليو، جو تقديراً علافين هٿان شهيد ٿي ويو. جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو، حجاج علافين کان وير وٺڻ لاءِ ”مجاعہ“ کي ڪرمان روانو ڪيو، جنهن هڪ سال ڪرمان ۾ رهي، جان الله تعاليٰ جي حوالي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ خليفو عبدالملڪ گذاري ويو، ۽ ’وليد‘ سندس جانشين ٿيو. حجاج سنڌ، هند ۽ علافين جي ڪم سرانجام ڪرڻ لاءِ ’محمد بن هارون‘ کي مڪران موڪليو. محمد، علافين مان هڪڙي کي ماري، پنجن مهينن اندر، مڪران ۽ آس پاس جي ڪن ملڪن کي دل گهرئي نموني سان ضابطي هيٺ آندو. انهيءَ کان پوءِ، ’بديل‘ جي شهادت جو واقعو، جو گذري چڪو، سو حجاج جي اڳئين پوئين انتقام وٺڻ جو باعث ٿي، ’محمد بن قاسم‘ ثقفيءَ جي اچڻ جو سبب ٿيو.
محمد بن ثقفيءَ جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ اتي جيڪي فتحون ٿيون تن جو بيان
بديل جي شهادت جي واقعي کان پوءِ، حجاج بن يوسف خليفي کي عرض ڪيو ته ”سنڌ ۾ سرڪش ماڻهو هن نموني پيش آيا آهن، تن جي تنبيهه لاءِ حڪم اشرف جاري ٿئي، جيئن اڳين پوين مسلمان قيدين جي آزاديءَ جو تدارڪ ڪري، انهن ڪافرن کي سندن سرڪشيءَ جي واجبي سزا ڏني وڃي، ۽ ملڪ پنهنجي هٿ ڪيو وڃي“. خليفي چيو، ته ”ملڪ تمام پري ۽ ٿوريءَ پيدائش وارو آهي: انهيءَ لاءِ خرچ گهڻو گهرجي، ڪيترائي لشڪر ويندا ۽ تلف ٿيندا، تنهن ڪري انهيءَ پاسي کان تغافل اختيار ڪرڻ گهرجي“. حجاج دوباره عرض ڪيو، ته ”انشاءَ الله تعاليٰ، دين محمديءَ جي تائيد ۽ اعانت سان، ڪافر جلد مطيع ٿي پوندا، ۽ مسلمان قيدي، جن کي ڊگهو عرصو گذري ويو آهي، آزاد ٿيندا ۽ هن لشڪرڪشيءَ تي جيڪو خرچ ٿيندو، تنهن کان ٻيڻي ٽيڻي ]12[ لاءِ مان جوابدار آهيان.“ خليفي لاچار اجازت ڏني، جنهن تي حجاج جو سؤٽ ۽ نياڻو، محمد بن قاسم ]بن محمد[ بن عقيل ثقفي، سترهن ورهن جي عمر ۾، مقرر ٿيو، شام ۽ عراق جا ڇهه هزار چونڊ رئيس زادا(1) ساڻس گڏ روانا ڪيائون. هو شيراز ۾ پهچي تدارڪ لاءِ سوچڻ لڳو. هوڏانهن، حجاج پنج منجنيقون ۽ ٻيو قلع - ڪشائيءَ جو سامان، ٻيڙين ۾ رکي ابن مـُـغيره ۽ خريم(2) هٿان، هڪ چونڊ جماعت سميت موڪلي ڏنو، جيئن ديول جي ڪناري تي وڃي کيس ملي.
قصو مختصر، محمد بن قاسم اڳيون پويون لشڪر، جنهن ۾ جملي ڇهه هزار گهوڙيسوار، ڇهه هزار اُٺ سوار ۽ ٽي هزار بختي اٺ هئا، ساڻ وٺي مڪران روانو ٿيو، ۽ حجاج جي اشاري موجب ”محمد بن هارون“ پڻ، طبعيت جي هيڻائيءَ هوندي به، ساڻس همراهه ٿيو. جڏهن ’ارمن‘ ٻيلي ۾ پهتا، تڏهن محمد بن هارون(1) قضا الاهيءَ سان گذاري ويو، ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو.
چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾،”جيسيہ“ ولد ڏاهر نيرون جي قلعي ۾ هو، جنهن محمد بن قاسم جي اچڻ جي خبر پيءُ کي لکي. ڏاهر علافين کان صلاح پڇي، جن کيس ٻڌايو، ته”حجاج جو سؤٽ، زبردست لشڪر سان پهچي رهيو آهي، خبردار! انهيءَ کي سامهون نه ٿج.“ خير، آخر محمد بن قاسم ارمن ٻيلو فتح ڪري، ديول ڏانهن روانو ٿيو. هوڏانهن ابن مغيره(2) ۽ خريم پڻ پنهنجي جماعت سميت، ديول جي ڪناري تي پهچي، اچي ساڻس رفيق ٿيا. محمد بن قاسم ديول جي آس پاس خندق کوٽائي ويٺو، ۽ پنهنجي اچڻ جو احوال حجاج کي لکيائين.
چون ٿا، ته ]انهن ڏينهن ۾[ احوال ستن ڏينهن ۾ پهچندو هو: حجاج تکا ڊوڙندڙ ماڻهو، هڪ ٻئي جي ڪڍ اهڙيءَ طرح ڊوڙائيندو هو، جو سنڌ کان بغداد تائين ]مفاصلو[ ستن ڏينهن ۾ طئي ڪري، هڪ ٻئي کي روزانو خبرون پهچائيندا رهندا هئا.
چون ٿا، ته ديول جي قلعي ۾، هڪ چاليهه گز اوچو بتخانو هو، انهيءَ جي مٿان، چاليهه گز بلند هڪ گنبذ ٺهيل هو، ۽ گنبذ جي مٿان هڪ چئن ريشمي بيرقن وارو جهنڊو لڳل هو.
]محمد بن قاسم جي پهچڻ تي[ ڪافرن ڪنهن به خوف خطري کان سواءِ، ثابت قدم رهي، جنگ جو نغارو وڄايو. اهڙيءَ طرح ڪي ڏينهن(1) گذريا، ته هڪ برهمڻ قلعي مان نڪري اچي امانُ گهري، ۽ محمد بن قاسم وٽ حاضر ٿي چيو، ته ”مون کي پنهنجن ڪتابن مان معلوم ٿيو آهي، ته هي ملڪ اسلام جو زيردست ٿيندو، ۽ انهيءَ جو وقت هي آهي. اهو به يقين اٿم، ته انهيءَ جو فتح ڪندڙ تون ئي آهين، تنهن ڪري تنهنجي رهنمائي ڪرڻ آيو آهيان. اڳين، هن بتخاني جي جهنڊي ۾ هڪ طلسم ٻڌو آهي، جيستائين اهو نه ڀڄندو، تيستائين هيءُ قلعو هرگز فتح نه ٿيندو. پهريائين انهيءَ جي ڀڃڻ جي تدبير ڪر“. محمد بن قاسم انهيءَ تي ويچار ڪرڻ لڳو. ”جـَـعونہ“(2) منجنيقيءَ چيو، ته ”جيڪڏهن مون کي ڏهه هزار درهم انعام ڏيندا، ته مان شـرط ٿـو ڏيـان، ته ضرور ٽن ڌڪن سان جهنڊي ۽ ]13[ گنبذ جو ڪم لاهي ڇڏيندس، نه ته منهنجو هٿ ڪپي ڇڏجو. مـحمد بن قاسـم، حـجاج کان اجازت وٺڻ کان پوءِ، هن کي منجنيق هلائڻ جو حڪم ڪيو. قدرت الاهيءَ سان جيئن چيو هئائين، تيئن، ٽن ڌڪن سان ڪم پورو ڪري ڇڏيائين. هاڻي اسلامي لشڪر، صفون سنواري قلعي تي حملو ڪيو. ڪافرن مجبور ۽ لاچار ٿي امان گهري. محمد بن قاسم فرمايو، ته ”سـپاهين کي امانَ ڪانهـي.“ ]اهو ٻڌي[ قـلـعي جو سردار ”جاهين ٻڌ“ (3) قلعي جي ڀت تان ٽپو ڏيئي ڀــڄي ويو، ۽ قلعي وارن لاچـار ٿـي در کـوليا. ٽي ڏينهن لڙاقـءي جاري رهي، تنهن کان پوءِ مسلمان قيدين کي ٻاهر ڪڍيائون، گهڻو مال ۽ بي انداز خزانا غنيمت ۾ هٿ آيا. بتخانو، جنهن کي ديول سڏيندا هئا، ڀڃي، اتي مسجد جو بنياد رکيائون.
”گيلو“ (1) نالي هڪ ڪافر، مسلمان قيدين جو محافظ هو. قيدين جي آزاد ڪرڻ تي معلوم ٿيو، ته هن سندن دلداري ڏيڻ ۾، ڏاڍيون سهڻيون ڪوششون ورتيون هيون، ۽ کين آزاديءَ ۽ اسلام جي فتح جي خوشخبريءَ سان خوش ڪندو رهندو هو. محمد بن قاسم کيس گهرائي، اسلام پيش ڪيو، ۽ هو هڪدم مسلمان ٿيو، جنهن تي هن کي ڏاڍي عزت ۽ نوازش سان سرفراز ڪري، ”حميد بن وداع“ (2) نجديءَ سان، اُتي جي حڪومت ۾ شريڪ بنايائين. پوءِ ديول جو دل گهريو بندوبست ڪري، منجنيقون ٻيڙين ۾ وجهي، ’ساڪوره‘ نديءَ جي رستي، نيرون جي قلعي ڏانهن روانيون ڪري، پاڻ خشڪيءَ جي رستي اوڏانهن روانو ٿيو.
چون ٿا، ته ڏاهر جو پٽ جيسيہ، اڳي ئي نيرون ۾ موجود هو. ديول جي فتح جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ، ڏاهر هن کي گهرائي، برهمڻ آباد ۾ وهاريو، ۽ سمني(3) نالي ”ديول“ جو اڳيون حاڪم، جو حجاج کان امان نامو وٺي ڏن-ڀرو ٿيو هو. جيئن بديل جي شهادت ]جي بيان[ ۾ ذڪر ٿي چڪو، ”ڏاهر وٽ هو. محمد بن قاسم آهستگيءَ سان، ستن ڏينهن جي عرصي ۾، اچي نيرون جي پسگردائيءَ ۾ پهتو. ]اچي ڏٺائين[ ته قلعي وارن ماڻهن، دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. اسلام جو لشڪر، آبڪلاڻيءَ جي موسم نه هجڻ ڪري، پاڻي نه ملڻ کان ڏاڍو تنگ ٿيو. محمد بن قاسم الله پاڪ جي درگاه ۾ مناجات ڪئي، هڪدم دل گهريو مينهن اچي لٿو، ۽ انهيءَ زمين جا چشما ۽ حوض سڀ پاڻيءَ سان ڀرجي ويا. اڃا گاهه جي تنگي باقي هئي، ته خوش قسمتيءَ سان، سمني (پروهت) به پنجن ڏينهن کان پوءِ اچي نيرون ۾ پهتو. اعتماد جوڳن ماڻهن کي، امان جي پرواني سان، محمد بن قاسم جي خدمت ۾ موڪلي، چيائين ته ”اطاعت گذار بندو آهيان، ۽ منهنجي نه هجڻ ڪري، قلعي وارن جيڪو در بند ڪري قصور ڪيو آهي، تنهن جي معافي ٿو گهران. جيڪڏهن ڪرم فرمائي، گناهه معاف ڪندا ۽ اهڙو يقين ڏياريندا، ته پوءِ اچي قدمبوسي ڪندس.“ محمد بن قاسم هن جي قاصدن کي واجبي ترغيب ڏيئي فرمايو، ته ”قلعي وارن جن دروازا بند ڪيا هئا، تن کي سزا ڏيڻ لازمي هئي، پر جنهن صورت ۾ انهن جي سفارش ٿو ڪرين، تنهن ڪري معاف ڪيوسين، اچي ملاقات ڪر ]14[ ۽ دروازا کول“. سمني (پروهت) قلعي جو دروازو کولي، ڪـُـنجيون هٿ ۾ کڻي، لائق تحفن سان اچي قدمبوسي ڪئي ۽ انعام لهي، سڀ ضروري شيون پهچايون. تنهن کان پوءِ، اسلامي لشڪر قلعي ۾ داخل ٿي، بتخانو ڀڃي، مسجد ۽ مناري جو بنياد رکي، بانگو ۽ امام مقرر ڪري، اتي جي نگرانيءَ لاءِ هڪ نائب (گورنر) متعين ڪري، سمنيءَ کي پاڻ سان وٺي، اڳتي روانو ٿيو. جڏهن نيرون کان ٽيهن ڪوهن(1) جي پنڌ تي، ”موج“ نالي هڪ جڳهه ۾ پهتا، تڏهن سمنيءَ سيوستان (سيوهڻ) جي حاڪم ”بجهرا بن چندر“ ڏانهن خط موڪليو(2) ته ”اسان ناسڪ (پوڄاري) ماڻهو آهيون، اسان جي پر ۾ خونريزي ناجائز آهي. تون محلات ۾ ويٺو آهين، هيءُ عرب جو لشڪر زور آور آهي، ڪنهن به ماڻهوءَ کي ساڻس مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه آهي. توکي پنهنجي رعيت جي حال تي رحم کائي، تابعداري قبول ڪري، ٻاهر نڪري اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم قول جو پڪو آهي، ائين ڪرڻ ۾ ئي فائدو آهي“. ’بجهرا‘ تابعداري قبول نه ڪئي، ۽ لڙائيءَ تي تيار ٿيو، جنهن ڪري اسلام جو لشڪر اتان يلغار ڪري، اچي سيوستان جي قلعي وٽ پهتو. لڙائيءَ کي هڪ هفتو مس گذريو، ته بجهرا عاجز ٿي،”ٻوڌيه(1) بن ڪاڪہ بن ڪوتڪ“ ڏانهن ڀڄي ويو، جو ’سيسم‘ جي قلعي جو حاڪم هو. محمد بن قاسم، سيوستان جي قلعي ۾ لنگهه، قلعو پنهنجي قبضي ۾ آندو، ۽ جن ماڻهن کي سمني وٺي آيو هو، تن تي نوازشون ڪري، سيسم ڏانهن رخ رکيو. ’ٻوڌيه‘ ۽ ’بجهرا‘ جا ماڻهو لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي بيٺا. ڪافرن ’ٻوڌيه‘ چني(2) جي پيءُ ’ڪاڪي‘ کي وڃي چيو، ته ”اسان کي اجازت ڏي ته اسلام جي لشڪر تي راتاهو ڏيون.“ ڪاڪي چيو، ته ”مون نجومين کان ٻڌو آهي، ته هيءُ ملڪ اسلام جو لشڪر فتح ڪندو، ۽ انهيءَ جو وقت به هيءُ وقت آهي، هيءُ خيال هرگز دل ۾ نه آڻيو“. مگر هو ڪين مڙيا ۽ راتاهي جو خيال ڪيائون. اتفاقاً هو رستو ڀلجي ويا ۽ چئن ٽولين ۾ ورهائجي، ساري رات ]گهوڙا[ ڊوڙايائون، پر صبح جو پاڻ کي اهوئي سيسم جي قلعي جي دروازي تي ڏٺائون. آخر حيران ۽ پريشان ٿي، ’ڪاڪي‘ چني وٽ آيا ۽ اچي حال ٻڌايائون. هن چيو، ته ”مون کي بهادريءَ ۾ پاڻ کان گهٽ نه سمجهو، پر يقين اٿم، ته هنن ماڻهن سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪا ڀلائي ڪانهي“. تنهن کان پوءِ ڪاڪو پاڻ، خدمت ۾ حاضر ٿي نوازش سان سرفراز ٿيو، ۽ پنهنجي تابعدار جماعت کي امان هيٺ آندائين. محمد بن قاسم، ”عبد الملڪ بن قيس“ دقيقيءَ کي هن سان گڏي روانو ڪيو، جيئن جيڪو تابعداري قبول ڪري تنهن کي وٺي اچي، ۽ جيڪو پوئتي پوي تنهن کي سزا ڏئي. الله تعاليٰ کيس مشرڪن تي فتح عطا ڪئي، ۽ باقي رهيل ماڻهو، ’بهلطور‘ ، ’سالوج‘ ۽ ’قندابيل‘ (1) ڏانهن هليا ويا، ۽ اتان وڃي امان نامو وٺي پاڻ تي ڍل مقرر ڪرائي(2)، ملڪ ۾ موٽي آيا(3).
ايتري ۾ حجاج جو حڪم پهتو ته ”محمد بن قاسم نيرون جي قلعي ۾ موٽي وڃي ’ڏاهر‘ جي ڪم جو تدارڪ سوچي، ۽ مهراڻ ندي پار ٽپي“.
روايت آهي، ته چنا ]15[ قوم (قبيلي)، جا انهيءَ وقت هڪ وڏي جماعت هئي، جدا جدا جاين تان گڏ ٿي، هڪ ماڻهوءَ کي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو اهڙي وقت پهتو، جو سارو لشڪر محمد بن قاسم جي پٺيان نماز پڙهي رهيو هو. هن قيام، قعود، رڪوع، سجدي ۽ ٻي سموريءَ چـُـرپـُـر ۾، امام جي تابعداري ڏسي، وڃي پنهنجي قوم کي چيو، ته ”جتي هزارين ماڻهو، هر حالت ۾ بنا ڪنهن چون چرا ۽ فرق جي، هڪ ماڻهوءَ جا ههڙا تابعدار هجن، تـِـتي جيڪو هنن جي مخالفت ڪندو، سو بدبخت چئبو“. تنهن تي ساري قوم، لائق نذرانا کڻي، اچي خدمت ۾ حاضر ٿي. هو جنهن وقت پهتا تنهن وقت محمد بن قاسم جي مجلس ۾، دسترخوان وڇايو هئائون. ]محمد بن قاسم[ فرمايو، ته ”هيءَ جماعت ’مرزوق‘ (رزق واري) آهي“، انهيءَ ڪري چنا قوم (قبيلي) کي ”مرزوق“ لقب مليو. بس پوءِ ته انهيءَ ئي وقت تابعداري ۽ ڍل قبول ڪري موٽي ويا. اهوئي سبب آهي جو اسلام جي فقيهن، درياءَ جي هـُـن ڀر واري زمين کي، جا چنن جي تصرف هيٺ هئي، ’عشري‘ لکيو آهي. ساڳيءَ طرح، نيرن ڪوٽ جي زمين، جا پنهنجي خوشيءَ سان تابعداريءَ هيٺ آئي هئي، تنهن تي ٻين زمينن جي مقابلي ۾ انگ ابواب گهٽ آهن(1).
قصو ڪوتاه، محمد بن قاسم حجاج جي اشاري موجب موٽي ”راور ۽ جيور قلعن جي حد ۾ پتڻ تي پهچي، اتي جي حاڪم”ماڪو پٽ وسايي“ ڏانهن، اچي حاضر ٿيڻ جو حڪم موڪليو. هن چيو، ته ”جيڪڏهن ائين ئي هليو ايندس، ته ڏاهر جي عتاب هيٺ ايندس، باقي مان فلاڻي وقت، ڪجهه فوج ساڻ وٺي، نڪري فلاڻي هنڌ ايندس. توهان پنهنجي لشڪر کي مون تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ڪريو، مان ٿورو جنگ جو نمونو ڪري، آخر عاجز ٿي گرفتار ٿيندس“. نيٺ ماڪو اهڙيءَ طرح سان خدمت ۾ حاضر ٿي، نوازش جو حقدار ٿيو ۽ رستي جو رهبر بڻيو(1).
روايت آهي، ته راجا ڏاهر، اسلام جي فوج جي غلبي جي خبر ٻڌي، وڏو لشڪر ساڻ ڪري اچي پـَـرينءَ ڀر بيٺو، ۽ پتڻ ٽپڻ کان روڪڻ لڳو. اسلام جي لشڪر مان هڪ ٽولي، درياءَ لنگهڻ چاهيو، ته ڏاهر پاڻ هڪڙي کي تير هڻي ماري وڌو، تنهن کان پوءِ، ’جاهين‘ ٻڌ کي پنهنجي پاران اتي رهائي، پاڻ وڃي پرڀرو ويٺو. جاهين، پتڻ جي لنگهه کي سخت مضبوط ڪري، هن ڀر ٽپڻ جي ڪم ۾ مشڪلات پيدا ڪري ڇڏي.
ايتري ۾”چنديرام“ هالي، جو هن کان اڳ ڪنهن وقت سيوستان جو والي هو، اسلامي لشڪر جي انهن ٿورن سوارن کي، جيڪي سيوستان ۾ هئا، ٻاهر ڪڍي، قلعو پنهنجي ضابطي هيٺ آندو. محمد بن قاسم هيءَ خبر ٻڌي، ”مصعب بن عبدالرحمان(1)“ کي هڪ هزار سوار ۽ ٻه هزار پيادا ڏيئي سيوستان موڪليو. چنديرام جنگ لاءِ ٻاهر نڪتو، ۽ شڪست کائڻ کان پوءِ واپس قلعي ۾ وڃڻ گهريائين، پر اندرين ماڻهن دروازا بند ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري اهو ذليل، اسلامي لشڪر جي ور چڙهيو، ۽ جهنم ۾ پهتو. اسلامي لشڪر قلعي تي نئين سر قبضو ڪري، موٽي اچي محمد بن قاسم سان مليو.
هوڏانهن راجا ڏاهر، پنهنجي پٽ جيسيہ کي ]16[، اسلامي لشڪر جي رستي روڪڻ لاءِ، ”ٻيٽ“(2) جي قلعي ڏانهن موڪليو. اهڙيءَ طرح، پنجاهه ڏينهن گذري ويا ۽ اسلامي لشڪر جو حال تنگ ٿيڻ لڳو،جيڪو به گهوڙو گاهه نه ملڻ کا بيمار ٿي ٿيو، تنهن کي ڪـُـهي ٿي کاڌائون. اتي راجا ڏاهر پيغام موڪليو، ته ”توهان جو حال ههڙو ٻڌجي ٿو، جيڪڏهن پاڻ تي رحم ڪندؤ، ته آءٌ توهان جي ڪڍ ڪونه پوندس، بلڪ پاڻ خدمت ڪندس، ته جيئن واپس موٽي وڃو.“ محمد بن قاسم چوائي موڪليس ته ”انشاءَ الله تعاليٰ هي ملڪ اسلامي ملڪ ٿيندو. تون جيستائين تابعداري هيٺ نه ايندين، ۽ هيترن سالن جي ڍل ادا نه ڪندين، تيستائين توکي نه ڇڏينداسون“.
چون ٿا، ته حجاج، گهوڙن مري وڃڻ جي خبر ٻڌي، ٻه هزار گهوڙا روانا ڪري، تاڪيد ڪيو ته ”ڏاهر جي مهم ۾ ]وڌيڪ[ دير نه ڪريو ۽ جلد از جلد درياءُ ٽپي، پهريائين سندس ڪم پورو ڪريو“. هن تاڪيد پهچڻ تي، محمد بن قاسم ’جـَـهم‘ (3) جي سرزمين ۾ پهچي، درياءُ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون مهيا ڪيون. انهن کي واريءَ ۽ پٿرن سان ڀري، مضبوط ميخن سان هڪ ٻئي ۾ ڳنڍيائون.
اها خبر ٻڌي، ڏاهر پنهنجي پٽ کي لکيو، ته ”ڪيئن به ڪري، ماڪوءَ کي هٿ ڪر، جو ههڙي جـُـرئت ڪري رهيو آهي.“ تنهن تي ماڪوءَ جي ڀاءُ راسل(1)، جو ڏاهر وٽ هو ۽ ڀاءُ سان اڳ ۾ ئي ڦٽل هو، چيو، ته ”ههڙو حڪم مون کي ٿئي، ته مان وڃي ڀاءُ کي هٿ ڪري اچان، ۽ لشڪر جي درياءَ ٽپڻ جي روڪ جو پڻ ذميدار بنجان“.
انهيءَ وچ ۾، الله تعاليٰ جي تائيد سان، اسلامي لشڪر ٻيڙين کي تيار ڪري سوار ٿيو، ۽ تير وسائي ڪناري تي بيٺل روڪيندڙن ڪافرن کي هٽائي، هڪ وڏو ٽولو وڃي هـُـن ڀر پهتو، ۽ ڪناري کي دشمن کان صاف ڪري، پاڻ اتي تيستائين بيهي رهيا، جيستائين رهيل لشڪر سلامتيءَ سان ٽپي آيو.
روايت آهي، ته ڪافرن جي لشڪر مان ڪي تکا سوار، ساري رات گهوڙا ڊوڙائي، باک ڦٽڻ وقت، خبر ڏيڻ واسطي ڏاهر جي ڪئمپ ۾ پهتا. ڏاهر اڃا ننڊ ۾ هو، ته هنن وڃي دانهن ڪئي. دربان وڃي ڏاهر کي جاڳايو. هو مٺيءَ ننڊ مان پريشان ٿي اٿيو، ۽ ايندڙ کي منهن تي اهڙي سخت چماٽ وهائي ڪڍيائين، جو هو هڪدم مري ويو. پوءِ ته ڏاهر اچي پريشانيءَ ۾ پيو، ۽ خبر نٿي پيس ته ڇا ڪري؟
چون ٿا، ته جڏهن محمد بن قاسم جو سمورو لشڪر درياءَ ٽپي ويو، تڏهن لشڪر ۾ پڙهو ڏياريائين، ته ”هاڻي اسان جي پٺيان درياءُ ۽ اڳيان دشمن آهي، جيڪو به جان قربان ڪرڻ (جنهن جو نتيجو ٻنهي جهانن جي سعادت آهي) واسطي تيار هجي، سو رهي، ۽ جهاد جي عزت حاصل ڪري، پر جنهن ماڻهوءَ کي اڳتي هلي، دشمن سان سامهون ٿيڻ جي طاقت نه هجي، سو موٽي وڃي، ]ڇاڪاڻ ته[ جڏهن ڀڄڻ جو رستو ڪونه آهي، تڏهن ضرور هو يا ڪافرن جي ور چڙهندو، يا پاڻيءَ ۾ ٻڏي مرندو. انهيءَ لـڄ ۽ عار کان جو دين ۽ دنيا جي بدبختيءَ جو باعث آهي، ]17[ بهتر آهي. ته هاڻي اجازت وٺي موٽي وڃي، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي سر ڏيڻو آهي، يا سر وٺڻو آهي“ ، ٽي ماڻهو - هڪڙو ماءُ جي نڌڻڪائيءَ جي بهاني سان، ٻيو نياڻيءَ جي يتيميءَ جي فڪر کان ۽ ٽيون قرض ادا ڪرڻ واسطي، پوئتي رهيا، باقي ٻين سڀني جهاد ۽ قربانيءَ لاءِ، سر تريءَ تي رکي چيو، ته اسان کي جنگ کان سواءِ ٻيو ڪو خيال ڪونهي.“
قصو مختصر، جڏهن محمد بن قاسم لشڪر جو اتفاق ڏٺو، تڏهن اتان ڪوچ ڪري، ’ٻيٽ‘ جي قلعي کان ’راور‘ جي قلعي ڏانهن رخ رکي، انهيءَ جاءِ تي پهتو، جنهن کي ’جيور‘ سڏيائون ٿي. راور ۽ جيور جي وچ ۾ هڪ خليج هئي، جنهن جي لنگهه تي ڏاهر جو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو. ”محرز بن ثابت“ قيسي ٻه هزار لشڪر سان، ۽ ”محمد بن زياد“ العبدي(1) هڪ هزار لشڪر سان، انهيءَ طرف تي مقرر ٿيا، جن سڀني کي تڙي ڪڍيو.
اتي ڏاهر، ”محمد بن حارث“ علافيءَ کي سڏي چيو، ته ”مون توهان کي هن ڏينهن لاءِ ئي ٿي نوازيو، هاڻي توکي جاسوسيءَ جو ڪم پنهنجي ذمي وٺي، ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“ محمد بن حارث جواب ڏنو، ته ”بيشڪ، اسان تي توهان جي خدمت لاءِ سر ۽ ڌڙ جي بازي لڳائڻ واجب آهي، پر ٻئي طرف مقابلو مسلمانن سان آهي، جو مفت ۾ مرتد ٿيڻ، دنيا تي دين وڪڻڻ، مسلمانن جو خون گردن ۾ وجهڻ، ۽ مري جهنم ۾ داخل ٿيڻ جي برابر آهي. اسان کي هن تڪليف کان معاف ڪيو وڃي، باقي انهيءَ کان سواءِ، ٻيءَ هر خدمت لاءِ، دل و جان سان حاضر آهيون.“ ڏاهر رنج ٿي کڻي ماٺ ڪئي، ۽ جيسيہ کي زبردست لشڪر ساڻ ڏيئي مقابلي لاءِ موڪليائين. سندس لشڪر، وڏي حصي قتل ٿيڻ کان پوءِ، شڪست کائي پوئتي هٽي ويو. ٻئي ڏينهن ماڪوءَ جي ڀاءُ راسل کي مقرر ڪيائين، جنهن ]محمد بن قاسم ڏانهن[ مخفي پيغام موڪليو، ته ”مون کي پڻ منهنجي ڀاءُ وانگيان، جنگ مان گرفتار ڪري وٺي وڃو“ ، ۽ ائين ٿيو.
مطلب، ته ڏهه ڏينهن، هن نموني سان، ڪافرن جون فوجون جنگ ڪرڻ لاءِ ٿي آيون، ۽ شڪست کائي واپس ٿي وريون(2). انهيءَ عرصي ۾، اسلام جي لشڪ غلبو ڪري، ڏاهر کي قلعي ۾ گهيري اندر آندو. يارهين ڏينهن، جو خميس جو ڏينهن ۽ تاريخ ڏهين رمضان 93هه هو، ڏاهر، پنهنجن نجومين جي منع هوندي به، زبردست فوج وٺي، جنهن ۾ ڏهه هزار زره پوش سوار، ٽيهه هزار پيادا ۽ ڪجهه جنگي هاٿي هئا، ٻن سهڻين ڇوڪرين سان گڏ، جن مان هڪڙيءَ کيس پان ٿي ڏنو، ۽ ٻيءَ شراب ٿي پهچايو(1)، پالڪيءَ ۾ چڙهي، مقابلي لاءِ نڪتو. صبح کان شام تائين اهڙي سخت جنگ هلي، جنهن جو بيان نٿو ڪري سگهجي. مسلمانن آتشبازيءَ ۽ تيرن وسائڻ ۾ اهڙي ثابت قدمي ڏيکاري، جنهن کان وڌيڪ تصور ۾ نٿي اچي. پهريائين اسلام جو لشڪر هيٺ مٿي ٿيو، ۽ محمد بن قاسم حيران ٿي خداوند ڪريم جي درگاهه ڏانهن رجوع ٿيو، جنهن تي الله جي فضل مددگاري ڪري فتح جا اسباب پيدا ڪيا.
چون ٿا، ته ڏاهر کي هڪ لوهه جو دام- دار چڪرو هو، جو جنهن به سوار تي ٿي اڇلايائين، ته انهيءَ جي مـُـنڍي ڪپي، پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي ورتائين. آخر جڏهن سج ]18[ لهڻ کي قريب ٿيو، ۽ ٻنهي ڌرين جنگ کان آرام ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن مسلمانن جي هڪ ٽوليءَ جي آتشبازيءَ کان، جنگي هاٿي ٽهي وڃي پنهنجي لشڪر ۾ پيا ۽ سندس پريشانيءَ جو سبب ٿيا. ساڳئي وقت ڪافرن جي هڪ جماعت امان وٺڻ لاءِ آئي، ۽ اچي چيائون، ته ”ڏاهر جي فوج بيپرواهه ۽ غافل آهي، توهان ڪجهه فوج اسان سان گڏي رواني ڪريو، ته اسين پويان ڦري، اچي اڳين جي رعب تاب کي ڌڪ هڻون“ . ائين ڪرڻ سان، دشمنن جي لشڪر شڪست کاڌي. هي حال ڏسي محمد بن قاسم لشڪر کي تيرن وسائڻ جو حڪم ڏنو. قادر جي قدرت سان، هڪڙو تير وڃي ڏاهر جي نڙيءَ ۾ لڳو، ۽ ]هو[ مري ويو(1). سندس هاٿيءَ کي پوئتي هٽايائون، ته اوچتو هاٿي گپ ۾ گپي پيو. برهمڻن سندس حال کي ڍڪڻ خاطر، کيس کڻي گپ ۾ پوريو. ڪافرن جي پوري لشڪر شڪست کاڌي ۽ اسلامي لشڪر اهڙيءَ طرح رستا بند ڪيا، جو پکي به اندر وڃي نه سگهيو. برهمڻ ’قيس‘ جي هٿ چڙهيا، ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ، ڏاهر جي ڪسي وڃڻ جو ڏس ڏنائون. انهيءَ وقت، ڏاهر جون ٻه ڌيئر پڻ سپاهين جي هٿ آيون.
]هيڏانهن[ محمد بن قاسم، انهيءَ گمان سان، ته متان ڏاهر لڪي ويو هجي، پنهنجي لشڪر ۾ پڙهو ڏياريو، ته ]ڪافرن[ جي پٺيان نه پون، متان دشمن لڪي حملو ڪري. قيس اهو پڙهو ٻڌي، تڪبير هنئين. اها تڪبير ٻڌي ساري لشڪر تڪبير جو نعرو هنيو. محمد بن قاسم، ڏاهر جي قتل جي خبر معلوم ڪري، ڪجهه بهادر ساڻ وٺي، گپ جي ڪناري تي اچي، برهمڻ جي ڏس تي، سندس پليد جسم ٻاهر ڪڍيو(1)، ۽ سندس سر وڍي، نيزن جي نوڪ تي چاڙهي، ڇوڪرين کي ڏيکاريائون، جن انهيءَ جي تصديق ڪئي. تنهن کان پوءِ حڪم ڏنائين، جنهن تي انهيءَ مهربانيءَ جي شڪر گذاريءَ ۾، ]سپاهي[ ساري رات تسبيح ۽ تهليل ۾ مشغول رهيا(2). جمعي جي ڏينهن ڏاهر جو سر، ڇوڪرين سميت، قلعي جي دروازي تي موڪليائون. قلعي وارن هنن کي ڪوڙو ٺهرايو، پر ڏاهر جي زال لاڏيءَ، قلعي جي ڀت تان، پنهنجي مڙس جو سر ڏسڻ شرط دانهن ڪري، بي اختيار ٿي، پاڻ کي هيٺ اڇلايو(3). تنهن کان پوءِ، قلعي وارن دروازا کوليا ۽ اسلامي فوج اندر وڃي، بتخاني جي وچ ۾ منبر رکي، جمعي- نماز ادا ڪئي، ۽ مال خزانا ۽ دفينا ضابطي هيٺ آڻي، قيس جي حوالي ڪري، ساڳئي سال جي شوال مهيني ۾، جملي حدن جو پورو انتظام ڪري، ڏاهر جو سر، ڇوڪريون، قيدين ۽ غنيمت جي مال سميت، قيس جي هٿان، ٻن سوَن سوارن جي نگرانيءَ ۾ دار الخلافت ڏانهن روانو ڪيو(1).
ڏاهر جي بادشاهيءَ جو عرصو ٽيٽيهه سال، ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪمرانيءَ جو عرصو جملي، ٻيانوي سال آهي.
روايت آهي، ته ڏاهر جي قتل کان پوءِ، ’ٿرڙيءَ‘ (2) جي آس پاس جي سمن ماڻهن گڏ ٿي، دهلن ۽ شرناين سميت، خدمت ۾ حاضر ٿي، ناچ شروع ڪيو. محمد بن قاسم پڇيو، ته ”هيءُ ڪير آهن ۽ ڇا ٿا ڪن؟“ ٻڌايائون ]19[ ته ”اسان جي رسم آهي، ته جڏهن ڪو بادشاهه فتح ڪندو آهي، ته سندس خوشي هن طرح ڪندا آهيون“ . تنهن کان پوءِ هو پاڻ تي ڍل مقرر ڪرائي واپس ويا. پڻ ”علي بن محمد بن عبدالرحمان“ سليطيءَ جي صلاح سان، ڀاٽيا، لوهاڻا، سهتا، چنڊ، ماڇي، ڪوريجا (قبيلن جا) ماڻهو آيا، ۽ سڀني جا مٿا ۽ پير اگهاڙا هئا. کين امان ڏيئي مٿن ]هيءُ ڪم[ رکيو ويو، ته اسلام جي لشڪر جا ماڻهو، جڏهن به دار الاسلام(3) کان ايندا يا اوڏانهن ويندا، ته هي سندن رهبري ڪندا(3).
هاڻي محمد بن قاسم، ڏاهر جي ڀيڻ کي، جنهن کي هـُـن ملڪ جي زوال جي ڊپ کان پنهنجي نڪاح ۾ آندو هو، حـجاج جي اجازت سان، پنهنجي نڪاح ۾ آڻي(4)، ٻين جڳهين جي فتح ڪرڻ ڏانهن رُخ رکيو.
ايتري ۾، سن 94هه جي اوائل ۾، ٻڌڻ ۾ آيو، ته ڏاهر جا پٽ، ’اسڪلنده‘ (1) جي قلعي ۾ جمع ٿي، خود مختياريءَ جو دم هڻي رهيا آهن(2). محمد بن قاسم اوڏانهن روانو ٿيو، ۽ قلعي کي گهيري ۾ آڻي، لڙائي ڪرڻ کان پوءِ، پوريءَ طرح مطيع ڪري، بتخانا ڀڃي، اتي مسجدن جو بنياد رکيائين ۽ اتي جي رهاڪن تي جزيو مقرر ڪيائين. ساڳيءَ طرح برهمڻ آباد پڻ فتح ڪيائين.
چون ٿا، ته هڪڙي ڏينهن، محمد بن قاسم ويٺو هو، ته اٽڪل هزار کن برهمڻن جو ٽولو، مٿو، ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙيل ڪئمپ ۾ آيا. جاچ تي معلوم ٿيو، ته هنن پنهنجيءَ پر موجب، سردار جي ڏک ۾ ائين ڪيو آهي. مڙني کي سڏي، ڏاهر جي زال لاڏيءَ جي صلاح تي، کين قديمي دستور موجب ملڪ جي پسگردايءَ مان ماليات وصول ڪرڻ جي ڪم تي ڇڏيائين. هو جڏهن مانوس ٿيا، تڏهن عرض ڪيائون، ته ”اسان بت پرست قوم آهيون ۽ اسان جي ساريءَ قوم جو گذران بتخانن جي مجاوريءَ تي آهي، جنهن صورت ۾ اسان اطاعت قبول ڪري، پاڻ تي جزيو رکيو آهي، تنهن صورت ۾، اسان کي ٻين جاين تي بتخانن جي ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي(1) ، ته خليفي جي اقبال کي دعا ڪندا رهنداسون.“ محمد بن قاسم، حجاج کي اطلاع ڪرڻ ۽ خليفي کان اجازت وٺڻ کان پوءِ، کين پنهنجي پراڻيءَ پر موجب، رسمون عمل ۾ آڻڻ جي اجازت ڏني. تنهن سان گڏ هيءَ به حڪم ڪيائين، ته ’برهمڻ، ٻين هندن کان امتياز خاطر، پتل جا ننڍا ٿانوَ، گدائيءَ لاءِ ٺهرائين، ۽ هر صبح تي اهي هٿ ۾ کڻي گدائي ڪندي، هر هڪ جي دروازي وٽان لنگهن‘ ، انهيءَ ڪري اها رسم ٿي چڪي آهي، ته برهمڻ پيالو هٿ ۾ کڻي دان وٺڻ لاءِ، سڀني دروازن تي ڦرندا آهن، ۽ فائدو وٺندا آهن.
روايت آهي، ته جڏهن حجاج، اسڪلنده ۽ برهمناباد جي قلعن فتح ٿيڻ کان واقف ٿيو، تڏهن محمد بن قاسم ڏانهن لکيائين، ته ”جنهن صورت ۾، الله جي فضل سان ڏاهر ۽ سندس ملڪ هٿ آيو، تڏهن هاڻي سندس تختگاهه هٿ آڻڻ گهرجي، ۽ ٻيو ته ايتري تي اڪتفا نه ڪري، اڀرندي طرف ڏانهن متوجهه ٿي، هندستان ڏانهن رخ رکڻ گهرجي. محمدي دين جي برڪت، هر هنڌ مسلمانن جي مددگار ٿيندي.“
انهيءَ لکئي تي، محمد بن قاسم اروڙ ]20[ جو ارادو ڪيو. ايتري ۾ خبر پهتي، ته ”فوفي“ نالي ڏاهر جو هڪڙو پٽ، اروڙ ۾ مستقيم ٿيو ويٺو آهي، ۽ ڏاهر جي ڪـُـسي وڃڻ جو انڪار ڪري، چوي ٿو، ته ’هو لشڪر مان گم ٿي هندستان ڏانهن ويو آهي، ۽ عنقريب لشڪر ساڻ وٺي اچي انتقام وٺندو‘ . انهيءَ تي کيس اهڙو يقين آهي، جو جيڪو به سندس آڏو، سندس پيءُ ڏاهر جي ڪـُـسي وڃڻ جو بيان ٿو ڪري، تنهن کي قتل ڪري ٿو ڇڏي. تنهنڪري، سندس سامهون ڪوبه ماڻهو هيءُ حقيقت ظاهر ڪري نٿو سگهي، ۽ سندس ٻه ڀائر، جيسيہ ۽ وڪيو، جيڪي هن گڙٻڙ ۾ ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن کي به پاڻ وٽ گهرايو اٿس(1). اها خبر ٻڌي، هڪدم اوڏانهن توجهه ڪري، اروڙ جي قلعي کي گهيرو ڪري، ڏاهر جي زال لاڏيءَ کي، مڙس جي مري وڃڻ ]جي خبر[ ظاهر ڪرڻ لاءِ، قلعي جي دروازي تي موڪليائين، انهيءَ کي ڪوڙو ٺهرائي، پٿر ۽ ڀتر هڻي چيائيون، ته ”تون گئو - هتيا ڪندڙن سان ٺهي ويئي آهين“ . اتي، محمد بن قاسم گهيري کي سوڙهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اروڙ جي خلق، ٿوري وقت ۾ تنگ ٿي، ٻاهر نڪرڻ جو فڪر ڪرڻ لڳي. فوفيءَ سمجهيو، ته سندس انتظام قائم رهي نه سگهندو، پر جنهن صورت ۾ غلط توهم ۾ مبتلا هو، تنهن ڪري کيس دستبردار ٿيڻ پڻ مشڪل ٿي لڳو.
چون ٿا ته اُتي هڪ جادوگرياڻي عورت رهندي هئي، تنهن ڪري ان کي ڏاهر جي احوال ٻڌائڻ لاءِ التجا ڪيائين. جادوگرياڻيءَ، جنهن کي انهن ڏينهن ۾ جوڳڻ سڏيندا هئا، هڪ رات جي مهلت گهري. انهيءَ رات جي گذرڻ کان پوءِ، ٻه سايون ٽاريون، هڪ اکروٽ جي وڻ جي ۽ ٻي مرچ جي وڻ جي، هٿ ۾ ڪري، فوفيءَ وٽ اچي چيائين، ته ”سرانديپ تائين، زمين جي هڪ هڪ گرانٺ جاچي اٿم، ۽ ثابتيءَ لاءِ هي ]ٽاريون[ آنديون اٿم: ڏاهر جيڪڏهن جيئرو هجي ها، ته مون کي ڏسڻ ۾ اچي ها. خبردار! سندس جيئري رهڻ جو خيال دل ۾ نه آڻ ۽ مفت پاڻ کي برباد نه ڪر“ . فوفيءَ، جادوگرياڻيءَ کان ڏاهر جي مرڻ جي پڪ ڪري، راتو واهه قلعي مان نڪري، پنهنجن مٿين ڀائرن ڏانهن (جن کي هن کان اڳ پاڻ گهرايو هئائين ۽ هو اڃا نه پهتا هئا) ڀڄي ويو. صبح جو علافين هيءَ حقيقت محمد بن قاسم کي لکي، پنهنجي لاءِ امان گهري، قلعي وارن کي قلعي جي کولڻ جي هدايت ڪئي(1). محمد بن قاسم فتحمند لشڪر ساڻ شهر ۾ آيو، ۽ تمام گهڻي خلق کي، هڪ مندر جي دروازي تي سجدي ۾ ڪريل ڏسي، پڇا ڪيائين، ته ”هي ڇا ٿا ڪن؟“ معلوم ٿيس، ته بت کي سجدو ٿا ڪن. بتخاني ۾ اندر وڃي ڏٺائين، ته هڪ پوري انسان جي صورت، گهوڙي تي سوار آهي، ترار ڪڍي، ڀانيائين ته هڻي، پر مجاورن دانهن ڪري چيو، ته ”هيءُ ]ماڻهو [جيئرو نه آهي، پر بت آهي“. ]ائين چئي[ هو محمد بن قاسم کان پري هٽي ويا. ]محمد بن قاسم[ بت جي ويجهو وڃي، هن جي هڪ ٻانهن مان ڪنگڻ لاهي، مجاورن کان پڇيو، ته ”بت کي هڪ ٻانهن ۾ ڪنگڻ ڪونهي، کانئس پڇو، ته ڪاڏي ڪيائين؟“ ]مجاورن[ وراڻيو ته ”بت کي هن جي ڪهڙي خبر!“ . چيائين ته ”توهان به عجيب معبود جي عبادت ڪريو ٿا، جو پنهنجي حال جي به خبر نٿو ٻڌائي!“ هي ٻڌي شرم کان کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيائون.
نقل آهي، ته قيدين مان هڪڙي شخص، سندن ڪهڻ جي حڪم ٿيڻ وقت، چيو ته ”آءٌ هڪڙي شرڪت ڏيکاريندس (عجيب شيءِ ڏيکاريندس)، جا توهان ڪڏهن به نه ڏٺي هوندي. ليڪن هن شرط سان، ته مون کي ۽ منهنجي تابعدارن کي امان نامو لکي ڏيندا“ . ]مسلمانن [ ڀانئيو ته شايد ڪو دفن ٿيل خزانو ڏيکاريندو، ]21[ سو کيس سندس چوڻ موجب، ٻن سؤ ڄڻن جو ناليوار امان نامو لکي ڏنائون. امان نامو وٺي، هڪدم ڏاڙهي وات ۾ ڪري، مٿي جا وار کنڊيڙي، مٿي کي مروڙي سروڙي پيرن ۾ ڏيئي، ڏاڍو وٺي نچڻ شروع ڪيائين(1) وات مان عجيب آواز ڪرڻ لڳو، ۽ اهڙي حالت پيدا ڪيائين، جو سڀئي ڏسندڙ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا! جڏهن بس ڪيائين، تڏهن محمد بن قاسم چيو، ته ”آخر هي رانديون ڇاجون؟ جنهن عجيب شيءِ جو وعدو ڪيو اٿئي، سا ڏيکار!“ وراڻيائين ته ”ڇا هيءَ عجيب شي گهٽ آهي؟ بس منهنجي ته عجيب شي اهائي هئي، جا ڪيم!“ ]انهيءَ تي[ محمد بن قاسم کي دوستن چيو، ته ”هي چرچا ٿو ڪري، هن کان عهدنامو واپس وٺڻ گهرجي“ . چيائين ته ”قول قول آهي، جيڪي زبان تي آندو اٿئون، تنهن کان ڪونه ڦرنداسون“ (2).
قصو ڪوتاهه، جڏهن ]ملڪ جو[ تختگاهه اروڙ پڻ قبضي ۾ آيو، ۽ ملڪ کان پوريءَ طرح دلجاءِ ٿي، تڏهن عام ماڻهن سان احسان جي هلت وٺي، سڀني کي پنهنجن ڪاروبارن ۽ ڌنڌن ۾ لڳڻ جي اجازت ڏنائين. ]انهيءَ کان پوءِ[ ”احنف بن قيس بن رواح“ اسديءَ کي اروڙ جي گورنري(1)، ”موسيٰ بن يعقوب بن طائي بن محمد بن شيبان بن عثمان“ ثقفيءَ(2) کي، قضا ۽ خطابت جو عهدو، ”وداع بن حميد“ نجديءَ کي برهمن آباد جي حڪومت، ”نوبہ بن دارس“ کي راؤر جي قلعي جي نيابت، ”هذيل بن سليمان“ الازديءَ(3) کي گورج(4)، ۽ ”حنظلہ بن اخي بنانہ“ ڪلائيءَ کي دهليلہ هٿ ۾ ڏئي، پاڻ ملتان روانو ٿيو. واٽ تي، ڀاٽيه(1) جو قلعو فتح ڪيائين. ڀاٽيه جي قلعي جو والي، ڏاهر جو سؤٽ ”ڪڪسه بن چندر بن سيلائج“ هو، جو ڏاهر کان ڀڄي وڃي اتي رهيو هو، سو اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. تنهن کان پوءِ سڪہ جو قلعو فتح ڪري، ”عتبہ بن سلمہ“ تميميءَ(2) کي اتي ڇڏي، وڃي ملتان، آس پاس جي قلعن سميت هٿ ڪيائين. ]انهيءَ کان پوءِ[ ”خزيمہ بن عبدالملڪ بن تميم“ (3) کي، برهمپور(4) جي قلعي ۾، ۽ ”داؤد بن نصر بن وليد“ عمانيءَ کي ملتان ۾ مقرر ڪري، پاڻ ديبالپور(5) تي ڪاهي ويو. هن وقت، مٿي ذڪر ڪيل جاين تي، مقرر فوج کان سواءِ اٽڪل پنجاهه هزار سوار ۽ پيادا، سندس جهنڊي هيٺ حاضر هئا. آخر قنوج ۽ ڪشمير جي سرحد تائين فتح ڪري، سرو جا ٻه وڻ پوکي، ڏاهر جي ملڪ(6) جي حد مقرر ڪري، هر هنڌ اعتماد جوڳا ماڻهو ڇڏي، موٽي اڌيپور پهتو، ته تقدير اچي سندس حياتيءَ جي پويان پيئي.
محمد بن قاسم جي رحلت جي واقعي جي ڪيفيت
محمد بن قاسم جي رحلت جي واقعي جي حقيقت هن طرح آهي جڏهن ڏاهر جون ٻه ڌيئر، ’پرمل ديو‘ ۽ ’سورج ديو‘ ، جي پالڪيءَ ۾ ساڻس گڏ هيو(1)، خليفي جي خدمت ۾ پهتيون، تڏهن ]خليفي[ سندن بينظير حسن ڏسي انهن کي پنهنجي لاءِ پسند ڪيو، پر سندن وحشت ۽ بيدلي دفع ڪرڻ خاطر، انهن کي حرم ۾ هوشيار داين جي حوالي ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ، انهن مان هڪڙيءَ کي بستري تي گهرايائين، پر ڇاڪاڻ ته پيءُ جي قتل جو ناسور اڃا چڪي رهيو هئس، سو ]خليفي کي[ چيائين ته ”اسان خليفي جي لائق نه آهيون، ڇو ته محمد بن قاسم اسان کي ٽي راتيون پنهنجي ڪم آندو هو“ . خليفو هي ٻڌي باهه ٿي ويو، ۽ هڪدم پنهنجي هٿ سان حڪم روانو ڪيائين، ته ’محمد بن قاسم کي هن حڪم پهچڻ شرط، پاڻ کي ڪچي چمڙي ۾ بند ڪري، حضور ۾ پهچائڻ گهرجي‘ . هيءُ حڪم محمد بن قاسم کي اڌيپور ۾ پهتو. خدائي تقدير ائين هئي، تنهن ڪري حڪم جي پيروي ڪندي، پاڻ کي چمڙي ۾ بند ڪري روانو ٿيو، ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ رستي ۾ گذاري ويو! تنهن کان پوءِ سندس لاش صندوق ۾ وجهي خليفي وٽ حاضر ڪيائون(2)، جنهن هڪدم انهن ٻنهي ڀينرن کي گهرائي، ]22[ ڏيکاري چيو، ته ”منهنجو حڪم ڏسو!“ ]ٻنهي[ بي اختيار کلي ڏنو ۽ چيائون: ”خليفي جي حڪم جاري هجڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي، ليڪن ]سندس[ عدل ۽ عقل ۾ تمام خرابي ڏسڻ ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته اهڙو ماڻهو، جيڪو اسان جي پيءُ ۽ ڀاءُ جي برابر هو، رڳو اسان دشمنن جي چوڻ تي، سچ ۽ ڪوڙ جي تحقيق کان سواءِ ضايع ڪري ڇڏيائين! اسان جو مقصد فقط پيءُ جو قصاص وٺڻ هو. ]هن مان[ محمد بن قاسم جي، ڪم عقلي پڻ ظاهر ٿي، ڇو ته کيس گهربو هو، ته حڪم موجب روانو ٿئي ها، ۽ جڏهن باقي هڪڙي منزل وڃي بچي ها، تڏهن پاڻ کي چمڙي ۾ بند ڪري ها، جيئن جيئرو پهچي وڃي ها، ۽ اسان جي سچي شاهديءَ ڏيڻ تي سندس جان بچي پوي ها“ . خليفي پشيمان ٿي، ٻنهي کي ڀت ۾ لنبي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو، ۽ ڪن جو چوڻ آهي، ته انهن کي هاٿيءَ جي پيرن ۾ ٻڌي بازار ۾ گهمائي ماري ڇڏيائين.
_______________
حوالا
______________
(1) يعني چچ سان منهنجو نڪاح پڙهو.
(2) ”فتحنامي“ ۾ لکيل آهي: ”تاخبر، مرگ ساهسي راؤ ببرادر، او مهرت ملک شهر چتور رسيده بود... الخ “ (نيٺ ساهيسيءَ جي موت جي خبر، سندس ڀاءُ مهرت، چتور جي بادشاهه کي پهتي، وغيره) معلوم ٿيو ته مهرت، ساهيسيءَ جو ڀاءُ هو.
(3) پتو نٿو پوي ته مير ”قانع“ جو ماخذ ڪهڙو آهي؟ فتحنامي جو مصنف ته جيسلمير جو ڪوبه ذڪر ڪونه ٿو ڪري، هو ته فقط ايترو ٿو لکي، ته ”تابيک فرسنگيءَ ’ارور‘ لشکرگاه کرد“- ص26 (اروڙ کان هڪ فرسنگ، يعني ٽن ميلن تي اچي ڇانوڻي هنيائين) پڻ فتحنامي ۾، راڻي سوهنديءَ سان، چچ جو نڪاح، مهرت تي فتح پائڻ کان پوءِ ڏيکاريل آهي (ڏسو فتحنامو ص29).
(1) فتحنامي مان صاف صاف معلوم ٿو ٿئي، ته سيوهڻ جي حاڪم متي، ۽ برهمناد جي حاڪم اگهم لوهاڻي، چچ جي تابعداري ڪانه ڪئي هئي، بلڪ متو شڪست کائي قنوج ڏانهن ڀڄي ويو هو، ۽ اگهم جنگ هلندي مري ويو، ۽ سندس پٽ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ اطاعت ۾ آيو. فتحنامي ۾ هيءُ پڻ لکيل آهي، ته سويس جو قلعو، چچ حملو ڪري فتح ڪيو هو. تنهن کان پوءِ اتي جي حاڪم جي پٽ ”ڪيي “ (نه ’ڪبي‘ - جيئن تحفة الکرام ۾ آهي) اچي پنهنجي پيءُ ۽ ماڻهن لاءِ امان گهري (تفصيل لاءِ ڏسو ”فتحنامو“، ص39-48)
(1) فتحنامي ۾ ”ڪيہ بن ڪاڪہ“ آهي.
(2) هيءَ ڳالهه فتحنامي ۾ پوري تفصيل سان لکيل آهي. فتحنامي ۾ قنوج جي راجا جو نالو ”سهيرس“، ۽ سندس ڀاءُ جو نالو ”برهاس بن ڪسائس“ لکيو ويو آهي (ڏسو فتحنامو، ص 50-53)
(3) فتح نامي جي لکڻ موجب، چندر جي مرڻ کان پوءِ، برهمناد تي پهريائين چندر جي پٽ ”راج“ قبضو ڪيو. هڪ سال کان پوءِ، اهو مري ويو، ۽ سندس مرڻ کان پوءِ ”ڏهرسيه“ بن چچ برهمناد تصرف ۾ آندي، ۽ چچ جي ڌيءَ ”ٻائي“ پڻ ڏهرسيه سان شامل هئي. ڏهرسيه وڏو هو، تنهن ڪري هن برهمڻ آباد تي سڌي حڪومت ٿي ڪئي، نه ڏاهر جي پاران. (ڏسو ”فتحنامو“، ص54-63)
(1) مير قانع جو ماخذ خبر ناهي ڪهڙو آهي؟ فتحنامي موجب ته ڏاهر، برهمن آباد کان پوءِ، سيوستان کان ٿي، اروڙ جي قلعي ۾ آيو ۽ تڪميل به انهيءَ قلعي جي ڪرايائين (ڏسو فتحنامو، ص 68)
(2) فتحنامي ۾ وڌيڪ لکي ٿو، ته ”ڏاهر گرميءَ جا چار مهينا راؤر ۾ گذاريندو هو“. (ڏسو فتحنامو، ص68-69)
(3) فتحنامي ۾ ڏاهر جي سرحد جي سير جو ڪوبه ذڪر ڪونهي، البت چچ جي ذڪر ۾ لکيو اٿس، ته چچ، ڪشمير جي سرحد تي، ٻه وڻ: هڪ بيد جو ٻيو صنوبر جو، لڳايا هئا (ڏسو فتحنامو، ص38).
(4) يعني ”عراق ’عجم‘“ ۽ ”عراق ’عرب‘ “.
(1) اصل متن ۾ ”بني اسامہ “ آهي، جو غلط ٿو ڏسجي.
(2) اصل ۾ ”سفهوري “ آهي، جو غلط آهي.
(3) فتحنامي ۾ علافين جي ڀڄي وڃڻ جي خبر ڪجهه تفصيل سان آهي، پر انهيءَ ۾ عبدالرحمان بن اشعث جي قتل جو ڪوبه ذڪر ڪونه آهي، ۽ نه وري علافين کي ”بني اسامہ “ سڏيو ويو آهي (ڏسو فتحنامو، ص85-88)
(1) هن بيان ۾، مير علي شير ”قانع“ ٻن ٽن هنڌن تي غلطيون ڪيون آهن. هڪ ته حملي جو سبب، هندستان جي راجائن جو حسد ۽ خوف بيان ڪيو اٿس، حالانڪ ائين بلڪل نه هو، بلڪ ڏاهر جي ڀيڻ ”ٻائي“، جنهن کي ڏاهر کڻي هروڀرو نڪاح ۾ آندو، سا پهريائين ’رمل‘ (جيسلمير) جي راجا سان مڱجي چڪي هئي. اهو مڱڻو ڏاهر جي وڏي ڀاءُ ڏهرسين ڪرايو هو، ۽ سمورو ڏاج ڏانوڻ تيار ڪري، ڀيڻ جي ٻانهن، ڏاهر ڏانهن، فقط پرڻائي ڏيڻ لاءِ رواني ڪئي هئائين، مگر ڏاهر نجومين ۽ ٻڌيمن وزير جي صلاح تي، ٻائيءَ سان پاڻ پلؤ ٻڌي ويهي رهيو. جنهن تي پهرين ڏهرسين لڙائيءَ لاءِ سنڀري آيو، پر جڏهن اهو ڪجهه ڪرڻ کان سواءِ مري ويو، تڏهن خود رمل (جيسلمير) جو راجا لشڪر وٺي پاڻ ڪاهي آيو، ٻيو ته ’رمل جي راجا‘ کي مير علي شير ”قنوج جو راجا “ ٻڌائي، سندس نالو راجا ”رنمل “ لکيو آهي. درحقيقت انهيءَ راجا جو نالو، ”سوڀن راءِ“ هو ۽ قوم جو ڀاٽيو هو، ”رمل“، يعني جيسلمير جي ملڪ جو راجا هو (ڏسو فتحنامو، ص54-71). پڻ فتحنامي ۾، رمل جي راجا جي لشڪر جي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جو ڪوبه ذڪر ڪونه آهي، بلڪ فقط ايترو ذڪر آهي ته علافيءَ ڏاهر کي چيو، ته ”تون هڪ فرسنگ (ٽي ميل) زمين ۾ کاهي کوٽائي تيار ٿي بيهه “ (ص 71)، ۽ علافيءَ جاچ ڪئي ته معلوم ٿيس ته هو رات جو نهايت غافل رهن ٿا، پهري ٻهري جو ڪوبه انتظام ڪونه اٿن، تنهن ڪري علافيءَ وٺي مٿن راتاهو ڏنو. هو جيئن ڇرڪ ڀري وٺي اٿيا، تيئن انهيءَ سراسيمگيءَ جي حالت ۾، هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ ۾ لڳي ويا. نتيجو هي ٿيو، جو اسي هزار ماڻهو قيد ٿيا، ۽ پنجاهه هاٿي ۽ بيشمار گهوڙا هٿ آيا - الخ (چچنامو، ص71)
(1) فتحنامي ۾ ”تنڪہ “ جي بدران ”مهرسيم “ يعني چانديءَ جو سڪو آهي (فتحنامو، ص72)
(2) ”سيلان “ جي ٻيٽ کي، عربي تواريخن ۾، ”جزيره يواقيت “ لکندا آهن، ڇاڪاڻ ته اتي جي عورتن جو منهن تمام سهڻو ٿيندو آهي. بلاذري چوي ٿو، ته ”وانما سميت هذه الجزيرة جزيرة الياقوت لحسن وجوه نسائها “ (ص424)
(1) هيءُ بيان سمورو فتحنامي جي موافق آهي، پر بلاذري ڪن جاين ۾ مخالف آهي. بلاذري جي بيان موجب، اهي عورتون انهن مسلمانن جون ڌيئرون هيون، جي تجارت جي خيال کان سرانديپ ٻيٽ ۾ آيا هئا، ۽ اتي ئي وفات ڪيائون. سرانديپ جي بادشاه، دوستي ڳنڍڻ خاطر، انهن عورتن کي حجاج ڏانهن روانو ڪيو. ٻيو ته بلاذريءَ جي چوڻ موجب، دانهن ڪندڙ عورت ’بني يربوع‘ قبيلي مان هئي. ٽيون چور، جن ٻيڙيون ڦريون هيون، ديبل جي ’ميد‘ قوم جا هئا (بلاذري، ص423)
(2) اصل ۾ ”بذيل “ ’ذ‘ سان لکيل آهي، جو صحيح نه آهي.
(3) هيءُ بيان پڻ فتحنامي موافق آهي، مگر انهيءَ ۾ ”عبيد الله بن نبهان اسلمي“ - جنهن کي مير قانع غلطيءَ کان ”عبدالله “ سڏيو آهي. جي شهادت جو ذڪر بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آهي، جو بديل کان اڳ ۾ شهيد ٿيو هو. هن موقعي تي بلاذري چوي ٿو: ”فاغزي الحجاج عبيد الله بن نبهان الديبل فقتل فکتب الي بديل بن طهفة البجلي و هو بعمان يامره ان يسير الي الديبل “ - ص 423 (پوءِ حجاج عبيد الله بن نبهان کي ديبل تي چاڙهي موڪليو، پر هو قتل ٿي ويو، تنهن کان پوءِ عمان جي حاڪم بديل طهفه بجلي کي ديبل ڏانهن وڃڻ جو حڪم لکيائين.)
(1) مير قانع جو اگرچه هيءُ بيان فتحنامي تان ورتل ٿو ڏسجي، مگر کيس ديبل جي واليءَ جي نالي ۾ ڌوڪو لڳو آهي: مير قانع ”سمنيءَ “ کي واليءَ جو نالو سمجهيو آهي، حالانڪ درحقيقت ائين نه آهي، ”سمنيءَ “ جي معنيٰ آهي ’پروهت‘ (Priset). انهيءَ وقت ۾ ٻڌ ڌرم جي پروهتن کي سمني چوندا هئا. نيرون جو والي، هڪ پروهت هو، جنهن جو نالو ”سندر “ هو. فتحنامي جي عبارت هن طرح آهي: ”و والي نيرون سمني بود، سندر نام “ (ص93)
(2) عربن جو دستور آهي ته پيءُ ۽ پٽ جو نالو گڏي لکندا آهن، ۽ وچ ۾ ’ابن‘ جو لفظ ڪونه آڻيندا آهن- مثلاً چوندا ”محمد هاشم“ ، مطلب هوندوآهي ”محمد بن هاشم“ ، ساڳئي رواج موجب هتي به ”محمد - قاسم“ جي معنيٰ ”محمد بن قاسم“ سمجهڻ گهرجي.
(1) فتحنامي ۾ ”جيسيہ“ جي معنيٰ ’المـُـظفـَـرُ باالاسـَـدِ‘ يا ’شير فيروز‘ لکي ٿو، جنهن جي معنيٰ سنڌيءَ ۾ ٿيندي ’شينهن تي فتح لهندڙ‘ ( ”فتحنامو“ ، ص 234).
(2) متن ۾ ’عثمان بن عاص‘ آهي، جو غلط آهي.
(3) فتحنامي ۾ ’سامہ بن ديوائج‘ لکيل آهي، ۽ کيس چچ جو ڀاءُ ڪونه ڪوٺيو ويو آهي ( ”فتحنامو“ ، ص 73).
(1) فتحنامي ۾هيٺيان جملا زياده آهن: ’اَهلـُـهـَـا بـَـطـَـل ان قل الجيش بـِـهـَـا ضـَـاعـُـوا و اِن کـَـثـُـرُوا جـَـاعـُـوا‘ - ص 75 (اُتي جا رهاڪو بهادر آهن، لشڪر ٿورو هوندو ته ضايع ٿي ويندو، ۽ جي گهڻو هوندو ته بک مرندو).
(1) فتحنامي جي لکڻ موجب، (ص ص 80-81) عبد الله بن سوار جي شهادت کان پوءِ، ”سنان بن سلمہ “ مقرر ٿيو، تنهن کان پوءِ انهيءَ کي معزول ڪري، ”راشد بن عمرو “ کي مقرر ڪيو ويو. ليڪن ”بلاذري“ ، عبد الله بن سوار ۽ راشد بن عمرو جي وچ ۾ سنان بن سلمہ جي مقرريءَ جو ڪو به ذڪر ڪونه آهي.
(2) اصل ۾ ”راشد بن سلمہ “ آهي، پر اهو غلط آهي (ڏسو فتحنامو، ص 82 ۽ بلاذري ص 422)
(3) اصل ۾ ”بورابي “ لکيل آهي، جو صحيح نه آهي (ڏسو فتحنامو، ص 84). ”پورالي “ مڪران ۾ هڪ نئن (ندي) آهي، جا سون مياڻيءَ جي نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. (Hedich gates of India، P.303) بلاذريءَ جي چوڻ موجب، منذر بن جارود ”قصدار “ گذاري ويو. (ڏسو بلاذري، ص 422)
(1) منذر کان پوءِ، ڇهن مهينن تائين سنڌ جي گورنري، سندس پٽ ”حڪم بن منذر “ جي هٿ ۾ هئي (فتحنامو، ص84) ليڪن بلاذري، حڪم بن منذر جي گورنريءَ جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. والله اعلم.
(1) هيءَ مير قانع جي کـُـلي غلطي آهي: محمد بن قاسم سان ڇهه هزار ته فقط شام جا چونڊ سوار ساڻ هئا، عراق جا تنهن کان سواءِ. فتحنامي جو مصنف لکي ٿو، ته ”حجاج بنوشت تا شش هزار مرد از فرزندان رؤساي شام، کہ مادر و پدر ايشان درحيات بود و بسيار ساختگي کند، واخيار نامدار، کہ بنام و ننگ در مجادلت و محاربت ايستادگي کنند و با محمد قاسم و فاداري نمايند، بيامدند “ (حجاج جي لکڻ تي، شام جي سردارن جا اهڙا ڇهه هزار فرزند، جن جا پيءُ ماءُ جيئرا هئا ۽ ڪافي تياري ڪئي هئائون، ۽ ناليرا چونڊ ماڻهو، جي پنهنجي ننگ ناموس خاطر بيهي مقابلو ڪن ۽ محمد بن قاسم سان وفاداري ڪن، اچي حاضر ٿيا - ص96). بلاذري (ص424) لکي ٿو، ته ”وضم اليہ سنة آلاف من جند اهل الشام وخلقا من غيرهم“ ( ۽ شام جي لشڪر مان ڇهه هزار ۽ ٻي ڪيتري خلق ساڻس شامل ڪئي ويئي).
(2) اصل ۾ ”مغيره ۽ خزيم “ لکيل آهي، جو صحيح نه آهي. (ڏسو فتحنامو ص98)
(1) اصل ۾ ”هارون “ آهي، جا مير قانع جي غلطي آهي. اسان مٿي چئي آيا آهيون، ته عربن جو دستور آهي ته پيءَ پٽ جو نالو گڏي هڪ ڪري لکندا آهن، ۽ وچ ۾ ”ابن “ جو لفظ ڪونه لکندا آهن. ساڳيءَ طرح هتي به ”محمد بن هارون “ کي ”محمد هارون “ ڪري لکيائون، جنهن کي ميرقانع پنهنجي سنڌ جي دستور موجب هڪ نالو ڪري ورتو آهي، ۽ خيال ڪيو اٿس ته اصل نالو ”هارون “ آهي، ”محمد “ جو نالو فقط تبرڪ لاءِ اڳيان ڳنڍيو ويو اٿس. سو پاڻ به پهريائين ”محمد هارون “ لکي، پوءِ اڳتي ڇڙو ”هارون“ لکيو اٿس، حالانڪه هتي اصل نالو آهي ”محمد بن هارون“. مير قانع کي جيڪڏهن اختصار ڪرڻو هو ته به ”محمد“ لکي ها، نه ”هارون“.
(2) هتي به اصل ۾ ”مغيره“ آهي، جو غلط آهي، جيئن مٿي گذري آيو.
(1) ست ڏينهن (ڏسو فتحنامو ص 104)
(2) اصل ۾ ”جعوبہ “ آهي، جو غلط آهي.
(3) سندس سڄو نالو ”جاهين بن برسايد راوت “ هو. (فتحنامو، ص107). هو شايد ٻڌ ڌرم جو پيرو هو، تنهن ڪري ميرقانع کيس ’ٻڌ‘ سڏيو آهي. ساڳيءَ طرح فتحنامي ۾ به کيس ’ٻڌ‘ سڏيو ويو آهي. (ص107)
(1) مير علي شير، ڪبلہ لکيو آهي ۽ فتحنامي ۾ اهو ساڳيو نالو ”قبلہ “ لکيل آهي (ص153). ’قبلہ‘ لاشڪ ته اصل ۾ ’قيلہ‘ آهي، يعني ’گيلہ‘ يا ’گيلو‘ جو نالو سنڌ ۾ مشهور آهي (نبي بخش).
(2) اصل ۾ ”حميد بن دارع “ آهي، جو غلط آهي (ڏسو فتحنامو، ص 109)
(3) مير قانع هتي پڻ ساڳي غلطي ڪئي آهي، جنهن جي وضاحت اسان مٿي ڪري آيا آهيون: يعني ديول جي گورنر جو نالو ”سمني “ لکيو اٿس، حالانڪ ”سمني “ سندس نالو ڪونه هو، سندس نالو ”سندر “ هو. ”سمني “ سندس لقب هو، ڇاڪاڻ ته هو ٻڌ ڌرم جو هڪ پروهت هو.
(1) فتحنامي ۾ آهي: ”تا برسيد بموضع کہ آنرا موج گويند از نيرون بسي فرسنگ “ (نيٺ اهڙيءَ جاءِ تي پهتو، جنهن کي موج چوندا هئا، نيرون کان ٽيهه فرسنگ هئي.) فرسنگ ۾ ٽي ميل ٿيندا. ٽيهه فرسنگ معنيٰ نوي ميل.
(2) مير قانع جي تقرير مان ائين پيو معلوم ٿئي، ته سيوستان جي حاڪم بجهرا کي انهيءَ ’سمنيءَ‘ خط لکيو هو، جو محمد بن قاسم سان ساڻ هو، ۽ جو پهريائين ڏاهر جي طرفان نيرون ڪوٽ جو حاڪم هو، پر حقيقت ائين نه آهي، بلڪ خط لکڻ وارو هڪ ٻيو ’سمني‘ هو، جو ’موج‘ جو رهاڪو هو، ۽ رعيت تي سندس ڏاڍو اثر هو. انهيءَ ٻين ’سمنين‘ کي شامل ڪري، خط لکيو هو (ڏسو فتحنامو، ص118)
(1) هتي مير قانع سخت غلطيءَ جو شڪار ٿيو آهي، ڇاڪاڻ، ته ”ٻوڌيه “ ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو نه آهي، بلڪ سنڌ جي هڪ حـصي جو نالو آهي، جنهن جي واليءَ جو نالو ’ڪاڪو بن ڪوتڪ‘ هو، ۽ جتان جي سمنيءَ (پروهت) جو نالو ڀڪو (بهکو) هو، اتي جي قلعي جو نالو ’سيسم‘ هو. مير قانع، خبر ناهي ڪهڙي آڌار تي، ’ٻوڌيه‘ کي بادشاهه فرض ڪري، کيس کڻي ڪاڪي جو پٽ فرض ڪيو آهي. هن باري ۾ فتحنامي جي عبارت نهايت واضح آهي: ”بگريخت تابحد بودهيہ رسد و آن وقت ملک بودهيہ کاکہ بن کوتک بود، سمني بهکو و حصار او سيسم بود برلب آب کنبہ “ (هو ڀڄي وڃي ٻوڌيه جي حد ۾ پهتو، انهن ڏينهن ۾ ٻوڌيه جو حاڪم ڪاڪو بن ڪوتڪ هو، سمني ’ڀڪو‘ ۽ اتي جو قلعو ’سيسم‘ هو، جو ڪنبه نديءَ جي ڪناري تي هو. - فتحنامو، ص 120)
(2) هتي به مير قانع غلطي ڪئي آهي. اسان مٿي ثابت ڪري آيا آهيون، ته ”ٻوڌيه “ سنڌ جي هڪ حـصي جو نالو آهي، نه ڪنهن ماڻهوءَ جو.
(1) اصل ۾ ”قندائيل “ آهي، جو غلط آهي. (ڏسو فتحنامو، ص124)
(2) فتحنامي موجب هنن پاڻ تي، هڪ هزار درهم تور چاندي مقرر ڪرائي هئي. (”و رسولان درميان کردند ويکهزار درم سنگ نقره برخود قرار دادند “ - ص124)
(3) هيءُ بيان، ڪن ڳالهين ۾ فتحنامي جي بيان کان مختلف آهي. مثلاً: فتحنامي ۾ هيءُ اضافو آهي ته ’جڏهن ڪاڪو پنهنجن اعتماد جوڳن ۽ خاص ماڻهن سان، عرب جي لشڪر ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن واٽ تي کين حنظلہ بن بنانہ مليو، جو محمد بن قاسم جي پاران محافظ طور مقرر ٿيل هو. انهيءَ کين وٺي محمد بن قاسم وٽ آندو‘ . ٻيو ته ’چندر بن سيلائج جو پٽ، ڏاهر جو سؤٽ، بجهرا، ٻين ٺڪرن ۽ رواتن سان گڏ ڪسي ويو، باقي ڪي ٻوڌيه کان مٿي ڀڄي ويا‘ . هتان واضح ٿيو، ته اهي ماڻهو، ’قندابيل‘ ۽ ’سالوج‘ ڏانهن ڪونه ڀڳا هئا، جيئن مير قانع چوي ٿو. بلڪ هو ’بهلطور‘ جي قلعي ڏانهن ڀڳا هئا، جو قندابيل ۽ سالوج جي وچ ۾ هو. (فتحنامو، ص123-124)
(1) ڄاڻڻ گهرجي، ته اسلامي قانون مطابق زمين جا ٻه قسم آهن: هڪڙو ’عشري‘ ، جن جي پيدائش مان ڏهون حصو، الله جي حق طور وصول ڪيو ويندو آهي، ٻيون ’خراجي‘ ، جن تان ڍل ورتي ويندي آهي. اسلامي قانون موجب، جيڪا زمين زبردستي فتح ڪري، مسلمانن جي لشڪر ۾ تقسيم ڪئي ويندي، يا جنهن زمين جا مالڪ پنهنجي خوشيءَ سان مسلمان ٿيا هوندا، اها زمين عشري آهي، ۽ جيڪا زمين زبردستيءَ فتح ڪئي ويئي، پر وري ساڳيائي اتي جا رهاڪو اتي رهايا ويا، يا جيڪا زمين صلح سان فتح ٿي، ته اها زمين خراجي آهي. ڍل جو ڪو به مقدار مقرر نه آهي، بلڪه فتح وقت جيڪا ڍل رکي ويئي، سا قائم رهندي. سنڌ جي سرزمين جو چنن وارو حـصو، ته عشري آهي، باقي ٻي ساري زمين خراجي، ۽ علامه شيخ ابو الحسن ڏاهريءَ جي چوڻ موجب، سنڌ جي ڍل، پيدائش جي پنجين پتي آهي (”اراضي السند والهند في زمن ’راجا وير‘ الذي کان قبل نبوة عيسيٰ عليہ السلام کانت خراجية وخراجها الخمس اي ضعف العشر و بعد الاسلام بقيت ايضا خراجية علي خمس“ - انتهي بحوالہ ’فتاوي همايون‘ ).
(1( هن قصي ۾ مير قانع، اختصار خاطر ڪي ڳالهيون ڇڏي ڏنيون آهن: جيئن ته محمد بن قاسم پتڻ تان ماڪوءَ ڏي ڪهڙو نياپو موڪليو، ۽ ماڪو ڪهڙي بهاني سان پنهنجي قلعي مان ٻاهر نڪتو؟ فتحنامي انهن ٻنهي ڳالهين کي واضح ڪيو آهي. هو لکي ٿو، ته ”محمد بن قاسم، ماڪوءَ ڏانهن پيغام موڪليو هو، ته ’توکي ڪڇ ۽ سورٺ جو ملڪ جاگير ۾ ڏنو ٿو وڃي، ۽ انهن تي تنهنجو قبضو تسليم ڪريون ٿا‘ . ماڪوءَ ڏٺو، ته ڏاهر جو بخت ٿڙيل آهي، ۽ عربن جو ستارو زور، تنهن ڪري موقعو غنيمت ڄاڻي، محمد بن قاسم سان اچي شامل ٿيو. بهانو هيءُ بنايائين، ته هو ساڪري جي راڻي سان پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائڻ ٿو وڃي. هوڏانهن محمد بن قاسم سان به ٺهراءُ هئس، جنهن کيس واٽ تان پڪڙائي وڌو“. (ڏسو فتحنامو، ص133-135)
(1) اصل ۾ اهڙيءَ طرح آهي، پر صحيح ”محمد بن معصب بن عبدالرحمان الثقفي “ آهي، جيئن ”فتوح البلدان “ ص425 ۾ آهي: ”وبعث محمد بن القاسم، محمد بن مصعب بن عبدالرحمان الثقفي اليٰ سدوسان “ (۽ محمد بن قاسم، محمد بن مصعب بن عبدالرحمان ثقفيءَ کي سدوسان ڏانهن موڪليو).
(2) اصل ۾ ”بيت “ آهي.
(3) يعني موجوده ”جهم-پير “ جي سرزمين.
(1) ”ن “ هر جڳهه ”رائيل “ لکيو آهي.
(1) اصل ۾ ”محمد زياد العبيدي“ آهي، پر جنهن صورت ۾ هن مان غلطي پيدا ٿيڻ جو انديشو هو، تنهن ڪري اسان وضاحت طور ”محمد بن زياد“ لکيو آهي، پڻ ”العبيدي“ غلط آهي، ۽ صحيح ”العبدي“ آهي. (ڏسو فتحنامو، ص160)
(2) فتحنامي مان معلوم ٿو ٿئي، ته ڏاهر جي لشڪر سان لڙائي، صرف چار ڏينهن هلي، ۽ پنجين ڏينهن ڏاهر پاڻ نڪري آيو، ۽ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو (ڏسو ص164-183)
(1) خبر ناهي مير قانع جو ماخذ ڪهڙو آهي؟ فتحنامي ۾، ته شراب جو ذڪر ڪونهي، بلڪ هن جي چوڻ موجب ’هڪڙيءَ پان ٿي ڏنو ۽ ٻيءَ هڪ ٻئي جي پويان تير کڻي ٿي ڏنا‘ - ”و دو نفر کنيزک باوي در عماري بود: يکي تير ها پيء يکديگر بوي مي داد و ديگري تنبول مي داد“ (فتحنامو، ص170)
(1) فتحنامي جي لکڻ موجب، ڏاهر کي تير نڙيءَ ۾ نه، پر دل تي لڳو هو، ۽ اهو انهيءَ تير کان مئو ڪونه هو، البته هنيانؤ دورجي ويو هئس، پر پوءِ وري هوشيار ٿي، لهي پيادو ٿي هڪ عرب سان سامهون ٿيو، ۽ بهادر عرب جي تلوار، سندس سرگردن تائين ٻه اڌ ڪري ڇڏيو.
(1) فتحنامي ۾، برهمڻن جو قيس جي هٿ چڙهڻ، ڏاهر جي موت جي کيس خبر ٻڌائڻ، ۽ محمد بن قاسم جي پڙهي تي قيس جي تڪبير هڻڻ جو ذڪر بلڪل ڪونه آهي، بلڪ فقط ايترو بيان آهي، ته ڏاهر جي موت بابت، محمد بن قاسم کي تردد هو، ۽ هڪ هڪ کان ڏاهر جي خبر پڇي رهيو هو، ته اوچتو هڪ برهمڻ اچي امان گهري، ۽ ٻڌايو ته جيڪڏهن سندس فرزندن ۽ تابعدارن کي امان ڏني ويندي، ته هو ڏاهر جو لاشو ڏيکاريندو، جيڪو ڪـُـسي ويو آهي، جنهن تي معتبر ماڻهن وڃي، ڏاهر جو لاشو گپ مان ٻاهر ڪڍيو (فتحنامو، ص184)
(2) فتحنامي ۾ فقط ايترو آهي، ته ڏاهر جو سر ڏسي، محمد بن قاسم، الله تعاليٰ جي حمد و ثنا ڪئي، ۽ ٻه رڪعتون نفل جون شڪراني طور پڙهيون (ص185)
(3) فتحنامي جي بيان موجب، راڻي لاڏيءَ ۽ ڏاهر جون ٻه ڌيئر، برهمڻ آباد جي قلعي مان گرفتار ٿيون هيون (ڏسو فتحنامو، ص206-207) ۽ صفحي 186 ۾ وري راڻي لاڏيءَ جي گرفتاريءَ جو واقعو سندس زباني لکي ٿو، ته ’راجا ڏاهر، جنگ هلندي پنهنجن زالن مان هر هڪ تي سخت چوبدار مقرر ڪيو هو، ته جيڪڏهن شڪست ٿئي، ته هنن زالن کي ڪـُـهي ڇڏجو، جڏهن ڪافرن کي شڪست ٿي، تڏهن لاڏيءَ پاڻ کي اٺ تان کڻي ميدان جنگ ۾ اڇلايو، ۽ گرفتار ٿي‘ .
(1) فتحنامي موجب، ڏاهر جو سر ’صادم بن ابي صادر‘ همدانيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو، ۽ ساڻس گڏ بني قيس قبيلي جو ابوقيس ذڪوان بن علوان بڪري، يزيد بن مخالد همداني، زياد بن الحواري العبدي، ۽ ٻيا ماڻهو همراهه ڪري موڪليا ويا هئا. (ص187)
(2) فتحنامي (ص217-218) ۾ هيءُ نالو ’ساوندي‘ ڄاڻايل آهي.
(3) ’دار الاسلام‘ انهيءَ ملڪ کي چئبو آهي، جتي مسلمانن جي بادشاهي هجي. هتي دار الاسلام مان مراد شام ۽ عراق آهي.
(3) فتحنامي ۾ لوهاڻن، ڀاٽين وغيره جو ذڪر ڪونهي، البت مير معصوم تاريخ سنڌ (ص 27) ۾ اهو ذڪر ڪيو آهي، پر انهيءَ ۾ به ڀاٽين جو ذڪر ڪونهي، ۽ انهن جي بدران هالير (شايد ’هاله‘ ) قوم(قبيلي) جو بيان آهي، مير معصوم جو ماخذ ڪهڙو آهي، سو الله ٿو ڄاڻي!؟
(4) فتحنامي مطابق، ڏاهر جي ڀيڻ ”راڻي ٻائي“ ، راؤر جي قلعي ۾ چکيا تي چڙهي هئي (ڏسو فتحنامو، ص 194-195)، محمد بن قاسم ڏاهر جي ٻيءَ زال راڻي لاڏيءَ سان، حجاج نه بلڪ امير المؤمنين کان اجازت وٺي شادي ڪئي هئي (ڏسو ص185)
(1) نسخہ ”ن“ - ”اسڪنده“
(2) فتحنامي مان ڏاهر جي صرف ٽن پٽن جو پتو لڳي ٿو: ’جيسيہ‘ ، جو پيءُ سان ميدان جنگ ۾ گڏ هو (ص163-164)، ۽ پيءُ جي مرڻ کان پو، سياڪر وزير جي صلاح سان اچي برهمڻ آباد ۾ رهيو (ص193-194)، جتان پهريائن جيسلمير، پوءِ چتور هليو ويو وغيره (202)، ٻيو ’فوفي‘ ، جو اروڙ جي قلعي ۾ هو، ۽ اتان ڀڄي پنهنجي ڀاءُ جيسيہ وٽ چتور هليو ويو (ص224)، ڏاهر جو ٽيون پٽ ’وڪيو‘ ، جنهن جو ذڪر سنڌ جي ڪنهن به ميدان جنگ تي ڪونه آيو آهي. پنهنجي ڀاءُ سان چتور ۾ موجود هو (ص224) - معلوم ٿو ٿئي ته اهو شايد صغير هو، ۽ جنگ ڪرڻ جي قابل نه هو، باقي رهيو اسڪلنده جو قلعو، سو ’ڀاٽيه‘ علاقي جو (جو غالباً رياست بهاولپور وٽ هو) هڪ مکيه ۽ مضبوط قلعو هو، محمد بن قاسم، اهو قلعو اروڙ جي فتح کان پوءِ، ملتان ويندي، رستي ۾ فتح ڪيو هو (636-237) انهن حقيقتن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو، ته مير قانع جو هيءُ بيان فقط هڪ وهم آهي. بلاذري (ص428-429) لکي ٿو، ته محمد بن قاسم جي وڃڻ کان پوءِ، سنڌي راجا، جيڪي محمد بن قاسم جي مقابلي ۾ شڪست کائي، هيڏي هوڏي ڀڄي ويا هئا، تن سڀني موٽي اچي پنهنجن ملڪن تي قبضو ڪيو هو، انهن ۾ ڏاهر جو پٽ جيسيہ به هو، جنهن اچي برهمناباد تي قبضو ڪيو. حضرت ”عمر بن عبدالعزيز“ جي ڏينهن ۾، جيسيہ ۽ انهن راجائن اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ تي عربن جهڙا نالا رکايا. ”هشام بن عبد الملڪ“ جي ڏينهن ۾، ’جنيد بن عبد الرحمان‘ مري سنڌ جو گورنر ٿي آيو. هن ۽ جيسيہ جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ زبردست لڙائي لڳي، جنهن ۾ جيسيہ قتل ٿي ويو. جيسيہ جي ڀاءُ چچ بن ڏاهر چاهيو، ته ڀڄي وڃي اهو احوال خليفي کي ٻڌائي، پر جنيد کيس پنهنجي هٿ آڻي قتل ڪري ڇڏيو. جيسيہ سچ پچ مسلمان ٿيو هو، يا رڳو کل بچائڻ ڪاڻ اسلام جو اعلان ڪيو هئائين، تنهن ۾ تاريخ نويسن جو اختلاف آهي. هن بيان مان هي به پتو پيو، ته ڏاهر کي ’چچ‘ نالي چوٿون پٽ به هو.
(1) چچنامي (ص212-213) مان واضح ٿو ٿئي، ته جڏهن مسلمانن برهمناباد جو قلعو فتح ڪيو، ۽ لڙائيءَ ۾ اتي جو بتخانو شڪسته ٿي پيو، تڏهن ڊپ کان ماڻهن بت پرستي ڇڏي ڏني، جنهن ڪري برهمڻن جو روزگار بند ٿي ويو، ۽ هنن محمد بن قاسم جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو ته هو ماڻهن کي هدايت ڪري، ته اصلوڪي دستور موجب برهمڻن کي خير خيرات ڏيندا رهن، ۽ کين بتخاني جي دوباره آباد ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني وڃي. انهيءَ ڳالهه جي عام ماڻهن پڻ تائيد ڪئي، جنهن تي محمد بن قاسم، حجاج کان اجازت وٺي، کين ڊٺل بتخاني جي تعمير جي اجازت ڏني، وغيره. هن بيان مان ظاهر آهي ته مير قانع جو اهو لکڻ ته ”رخـصت بدهند تا معبدهاي خودرا بمکانهاي ديگر بنانهيم“ (موڪل ڏيو، ته پنهنجا بتخانا ٻين جاين تي ٺاهيون) - ڀـُـل آهي، جنهن لاءِ ڪو ماخذ ڪونهي.
(1) ”سندس ٻه ڀائر -“ کان وٺي ”-گهرايو اٿس“ تائين، سڄو جملو مير قانع پنهنجي طرفان اضافو ڪيو آهي، جنهن لاءِ وٽس ڪابه سند ڪانهي. (ڏسو فتحنامو، ص221)
(1) ”صبح جو علافين -“ کان وٺي ”- هدايت ڪئي“ تائين، مير قانع جي پنهنجي ايجاد آهي، جنهن لاءِ ڪابه سند ميسر ٿي نه سگهي آهي. فتحنامي ۾، جو عربن جي سنڌ ۾ فتوحات جو مستند ترين ماخذ آهي، فقط هيترو لکيو آهي ته ”پس مردي از علافيان در ارور بود، کہ بافوفي موافقت کرده بود - بنشتہ در قلم آورد و از گريختن و متواري شدن فوفي اعلام داد و برتير بست و بينداخت کہ فوفي - داهر ترک امارت ارور گرفت و بطرفي متواري شد“ (علافين مان هڪڙي ماڻهوءَ، جو فوفيءَ سان موافقت ڪري اروڙ ۾ ٿي رهيو، تنهن فوفيءَ جي ڀڄي وڃڻ ۽ گم ٿيڻ جو احوال لکي، تير سان ٻڌي ٻاهر اڇلايو ته ’فوفي بن ڏاهر، اروڙ جي حڪومت جي دعويٰ ڇڏي، ڪنهن پاسي لڪي ويو آهي‘ ) ڳالهه فقط ايتري آهي، باقي انهيءَ ڪري هڪڙي علافيءَ کي علافين سان تعبير ڪرڻ ۽ پنهنجي لاءِ امان گهرڻ ۽ قلعي جي کولڻ لاءَ ۽ رهبري، اهو سڀ مير قانع جو اضافو آهي.
(1) چچنامي ۾ (صفحو 227) فقط هيترو آهي، ته ’انهيءَ ماڻهوءَ امان نامو وٺي، پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ هڻي، ڏاڙهيءَ جا وار کولي، انهن جون چوٽيون پنهنجي پيرن جي آڱرين سان ٻڌي، نچڻ شروع ڪيو، ۽ بيت ڳائڻ لڳو: ”کس نديده است اين عجب کہ مراست، موي ريشم همي کشان تاپاست“ !‘
(2) چچنامي ۾ (228) هن تي اضافو ڪري لکي ٿو، ته ’محمد بن قاسم، انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻن سؤن عزيزن قريبن سميت، جيل ۾ رکي، حجاج کي حقيقت حال کان واقف ڪيو. حجاج هڪ طرف ته هيءُ سوال ڪوفي ۽ بصري جي عالمن جي آڏو رکيو، ۽ ٻئي طرف وقت جي خليفي وليد بن عبدالملڪ کي اطلاع ڏنو. عالمن خواه خليفي کان ساڳيو جواب پهتو، ته اهڙا معاملا خود اصحابن سڳورن جي زماني ۾ فيصل ٿي چڪا آهن. ڏسو قرآن شريف جي آيت: ”رجال صدقوا ما عاهد والله عليہ“ . حجاج وٽان انهيءَ حڪم پهچڻ شرط، انهيءَ ماڻهوءَ کي سڀني لاڳاپيدارن سميت آزاد ڪيائين‘ .
(1) اروڙ جي گورنري، احنف بن قيس نه، پر سندس اولاد مان هڪ شخص ”رواح بن اسد“ کي ڏني ويئي هئي (ڏسو فتحنامو ص 234-235)
(2) اصل ۾ ”طائي بن شيبان“ لکيل آهي، جو غلط آهي، صحيح ” ’طائي بن محمد بن شيبان‘ - الخ“ آهي (ڏسو فتحنامو، ص235 ۽ خود تحفة الڪرام، ص27)، پر ساڳيو فتحنامي جو مصنف، ص9 تي، انهيءَ ساڳئي قاضيءَ جي پڙ پوٽي جو شجره نسب هن طرح لکي ٿو: اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن يعقوب بن طائي بن موسيٰ بن محمد بن شهاب بن عثمان الثقفي، هتي ”موسيٰ“ کان پوءِ ”بن“ لفظ زائد آهي، ۽ نسخي ”ڪ“ ، ”موسيٰ بن طائي“ جي بدران ”موسيٰ طائي“ لکيو آهي، جو اسان جي نظر ۾ ٺيڪ آهي. ”طائي“ ، ”موسيٰ“ جي صفت آهي، مگر ڪاتبن غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿي کڻي موسيٰ ۽ طائيءَ جي وچ ۾ ”بن“ جو لفظ وڌايو آهي. اڳتي هلي، ٻئي ”طائي“ کان پوءِ وري ”بن موسيٰ“ وڌايل آهي، جنهن متعلق ڪوبه فيصلو ڪري نٿو سگهجي. پڻ ”شيبان“ کي هتي ”شهاب“ سڏيو ويو آهي- صحيح ڪهڙو آهي، سو خدا ٿو ڄاڻي. ”عثمان ثقفيءَ“ مان مراد شايد اهوئي ”عثمان، بن ابي العاص ثقفي“ آهي، جنهن بحرين جي گورنريءَ جي زماني ۾ پنهنجي ڀاءُ مغيره بن ابي العاص کي بحرين جي رستي کان ديبل ڏانهن موڪليو هو.
(3) اصل ۾ ”هذيل بن الازدي “ آهي، جو غلط آهي، شايد ڪتابت جي سهوَ کان ”سليمان “ جو لفظ وچ ۾ رهجي ويو ٿو ڏسجي (ڏسو فتحنامو، ص218)
(4) هيءَ ”گورج “ شايد ”ڪيرج “ جي بگڙيل صورت آهي، جو گجرات جي ”ڪيره “ ڀاڱي جو معرب ٿو ڀانئجي. پر محمد بن قاسم اهو ڪيرج فتح ڪونه ڪيو هو. هذيل بن سليمان ازديءَ کي فقط ڪڇ جو ڀاڱو هٿ هيٺ ڏنو ويو، جو ڪيرج (ڪيره) جي بادشاهه جي هٿ هيٺ هوندو هو، ۽ مسلمانن انهيءَ کي فتح ڪري ورتو هو. هن باري ۾ فتحنامي جي عبارت نهايت واضح آهي: ”وناحيت قصہ کہ ’دروهر‘ ملک کيرج داشت بهذيل بن سليمان الازدي داد‘ - ص218 ( ۽ ڪڇ وارو پاسو جو ڪيرج جي بادشاهه ’دروهر‘ جي هٿ ۾ هوندو هو، سو هذيل بن سليمان ازديءَ کي ڏنائين.)
(1) اصل ۾ ”بابيہ“ آهي، جو غلط آهي، هي ”ڀاٽيه“ غالباً رياست بهاولپور وٽ واقع هو.
(2) اصل ۾ ”عتبہ بن تميمي“ آهي، جو غلط آهي (ڏسو فتحنامو، ص237). فتحنامي جي ساڳئي صفحي مان هيءُ به واضح ٿئي ٿو، ته محمد بن قاسم، عتبہ کي اسڪلنده جي قلعي جو والي بنايو هو، نه سڪه جو.
(3) فتحنامي (ص241) ۾ ”خزيم بن عبدالملک تميمي“ لکيل آهي، نسخي ”ر-م“ ۾ ’بن تميم‘ لکي ٿو - والله اعلم.
(4) اصل ۾ ”مهپور “ لکيل آهي، جو ڪاتب جو وهم ٿو ڏسجي. امير محمد بن قاسم، خزيم بن عبدالملڪ کي ”برهمپور “ جي قلعي ۾ مقرر ڪيو هو، جو جهلم جي ڪناري تي هو ۽ جنهن کي ”سوپور “ به سڏيندا هئا (فتحنامو، ص241)
(5) اصل ۾ ”ديالپور “آهي، نسخو ”ن“ - ”ديبالپور“.
(6) اصل ۾ ”داهر را حد مشخص نموده“ آهي، مگر اسان جي خيال ۾ ڪاتب جي ڀل کان ”داهر“ جي اڳيان ”ملک“ جو اکر وسري ويو ٿو ڏسجي - ٻيءَ صورت ۾ ڪابه معنيٰ نٿي نڪري.
(1) اهو غلط آهي ته راجا ڏاهر جون ڌيئر ساڻس گڏ پالڪيءَ ۾ لڙائي جي ميدان ۾ موجود هيون. بلڪ ميدان ۾ ڏاهر سان گڏ ٻه ”ٻانهيون“ هيون، فتحنامي (ص 178-179) ۾ لکيل آهي: ”ودو کنيزک کہ باوي درعماري نشتہ بودند يکي اورا تنبول ميداد و ديگر تير مي داد ”(ساڻس گڏ پالڪيءَ ۾ جيڪي ٻه ٻانهيون ويٺل هيون تن مان هڪ هن کي پان ٿي ڏنو ۽ ٻيء تير ٿي ڏنا). هن کان اڳ صفحي 170 ۾ پڻ چيل آهي ته ”دو نفر کنيزک باوي درعماري بود - يکي تيرها پيءَ يکديگر مي داد و ديگري تنبول مي داد“. اهي ٻانهيون ڏاهر جي قتل ٿيڻ وقت گرفتار ٿيون هيون (فتحنامو، ص207)
(2) هن قصي جي بنا فتحنامي جي روايت تي ٻڌل آهي، جا بلڪل غلط ۽ واهيات آهي. عربي تاريخن جي روايت موجب محمد بن قاسم، خليفي وليد جي مرڻ کان پوءِ، سندس ڀاءُ سليمان جي سياسي عداوت جو شڪار ٿيو هو (تفصيل لاءِ ڏسو ڊاڪٽر داؤد پوٽي صاحب جو فتحنامي جي آخر ۾ محمد بن قاسم جي وفات تي نوٽ)
باب ٽيون: بنو اميه گهراڻي جي خليفن جي گورنرن جو طبقو
ٿوري وقت کان پوءِ ”ابو حفص قتيبه بن مسلم“ ، حجاج جي طرفان اچي، جيڪي ماڻهو اسلام جي شرف سان مشرف نه ٿيا هئا، تن تي جزيو رکي، پنهنجا نائب ڇڏي، خراسان هليو ويو. انهيءَ کان پوءِ جلد، ”تميم بن زيد“ پڻ حجاج جي طرف کان آيو. تنهن کان پوءِ، 96هه ۾، خليفي ”سليمان“ طرفان ”عامر بن عبداالله“ کي سنڌ جي گورنري ملي، ۽ 100 هجري ۾ خليفي ”عمر بن عبدالعزيز“ (رضي الله عنه) جي طرفان ”عمرو بن مسلم“ هندستان جي جهاد تي آيو، ۽ هن ملڪ جو ڪجهه حصو فتح ڪري، سنڌ جي ڪن بادشاهن کي مسلمان ڪيائين، جي وري خليفي ”هشام“ جي زماني ۾ مرتد ٿي ويا.
جيئن پهرين جـُـلد ۾ بيان ٿي آيو، ”سليمان بن هشام“ (1) مروان جي لشڪر مان ڀڄي، سنڌ ۾ آيو هو ۽ بي فرماني ڪري سنڌ ۾ رهجي پيو هو، جڏهن ”سفاح“ (2) خلافت جي ]تخت [ تي ويٺو، تڏهن وڃي انهيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو(1).
”بني اميه“ خليفن جي گورنرن جي حڪومت جو دور 133هه تائين رهيو. هن طبقي جو سارو عرصو، 93هه جي ابتدا کان وٺي، بيان ٿيل انتها تائين، چاليهه سال آهي. بني اميه خليفن جا گورنر جڏهن هيتري انداز ۾ سنڌ جي حڪومت ڪري چڪا، تڏهن هاڻي ”بنو عباس“ گهراڻي جي گورنرن جو وارو آيو - پر، پهريائين گذريل زماني جا ڪي پويان حالات ]بيان ڪرڻ[ ضروري آهي، جيئن هي نسخو مقصودي حالات مان ننڍن خواهه وڏن احوالن جو جامع هجي. مخفي نه رهي، ته جڏهن سنڌ تي بنو اميه جا گورنر راڄ ڪري رهيا هئا، تڏهن سنڌ جا ڪي بادشاهه، ظاهري ڏيک لاءِ، وقت جي بادشاهه جي اطاعت تي قائم هئا، جن مان ”دلوراءِ“ به هڪڙو هو. هو ”راءِ“ گهراڻي جي نسل مان هو، ۽ ”دلور“ جي شهر ۾ رهندو هو، جو سندس نالي پٺيان سڏيو ٿي ويو، ٻيو ”ڀنڀور راءِ“ ڀنڀور شهر ۾، جنهن کي پاڻ اَڏايو هئائين، انهن ڏينهن ۾ هڪ عجيب واقعو ٿيو، جنهن جو مختصر احوال شروع ڪجي ٿو.
سسئي - پنهونءَ جي احوال جو بيان
”تانيه“ نالي هڪ برهمڻ، ”منڌر“ نالي پنهنجي زال سان، سکيو ستابو، ”دلوراءِ“ جي حڪومت ۾، ”ڀانڀر واهه“ (برهمناباد) ۾ رهندو هو. هو ٻئي فرزند جا طالب هئا. ٿوري وقت کان پوءِ، انهن کي هڪ اهڙي ڌيءَ ڄائي، جنهن جي حسن تي چوڏهينءَ جو چنڊ به ريس ڪري رهيو هو. ]23[ اتفاقاً، سندس طالع ۾ ڏسڻ تي معلوم ٿيو، ته هوءَ هڪ مسلمان جي زال ٿيندي. آخرڪار، ڌرم جي عار کان بچڻ خاطر، ڦـَـٽيل دل سان، انهيءَ دُرِ يتيم کي صندوق جي صدف (سپ) ۾ رکي، درياه ۾ لوڙهي ڇڏيائون. اتفاقاً انهيءَ صندوق کي پاڻي ”ڀنڀور“ ڏانهن لوڙهي کڻي آيو. انهيءَ شهر ۾ ”منهيه“ ۽ ڪن جي چوڻ موجب ”لار“ ، نالي هڪ ڌوٻي رهندو هو، جنهن کي پنج سؤ شاگرد هئا، پر ٻار ڪونه هو. صندوق جڏهن شاگردن جي اڳيان اچي لنگهي، تڏهين هو اها استاد وٽ کڻي ويا. کولڻ تي، قدرت جي برج مان هڪ چنڊ اڀري پيو. سندس نالو ”سسئي“ (چنڊ) رکي، کڻي پنهنجو ٻار بنايائين. هوءَ جڏهن جوان ٿي، تڏهن سندس محبت جي نشتر سڀ ڪنهن سهڻي جي دل ۾ چـُـڀي وئي، ۽ جنهن به کيس ٿي ڏٺو، سو سندس خريدار ٿي ٿيو. اڪثر ماڻهو سندس عشق ۾ دل ڦرائي ويٺا، ۽ جتي به وهندي هئي، اُتي سندس چوڌاري ڪَتيءَ وانگر حلقو ٻڌندا هئا، ۽ سندس شوق ۾ پکيءَ مثل اڏامندا هئا! انهيءَ زماني ۾، ڪيچ ۽ مڪران جا قافلا واپار لاءِ هـِـن پاسي ايندا هئا، جن وڃي هن چنڊ جي ٽڪر جي خبر ڪيچ جي حاڪم جي پٽ ”پنهونءَ“ وٽ پهچائي. هو ٻڌڻ سان دل کسائي ويٺو، ۽ قافلي وارن جو ويس پهري ڀنڀور ۾ آيو، جتي سسئيءَ کي ڏسي، دل هٿن مان نڪري ويس. نصيب چڱي هجڻ ڪري، طالب کي پڻ مطلوب جي دل ۾ جاءِ ملي، ۽ وصال جي اميد ۾، هن جي پيءُ جي شاگردي اختيار ڪري، ڌوٻيءَ جو لباس پهريائين. (هن وچ ۾ ڪيئي احوال آهن، جن جي بيان کان طوالت جي خوف کان واڳ ڦيرايون ٿا). قـصو ڪوتاهه - سسئي، پنهونءَ تي گهڻو مفتون ٿي پيئي، ۽ جيئن رسم آهي، ڪهڙيءَ سوناريءَ عورت پنهنجي مطلب خاطر، هنن ٻنهي طالب ۽ مطلوب کي ڦٽائڻ جي فڪر ۾ پئجي، پنهونءَ کي غيرت ڏياري، سسئيءَ کان رنجيدو ڪري وڌو. هوڏانهن سسئي، جا عشق ۾ سچي هئي، تنهن پاڻ کي باهه جي مچ مان خالص سون وانگيان پاڪ ۽ صاف ٻاهر ڪڍي ڏيکاريو، جنهن تي سڀ ماڻهو عبرت کائڻ لڳا. ٿوري وقت کان پوءِ، طالب (عاشق) جي مطلوب (معشوق) سان سهڻي نموني سان شادي ٿي. هوڏانهن، پنهونءَ جي پيءُ هن حال کان واقف ٿي، ٻين پٽن کي چيو، ته ”ڪيئن به ڪري انهيءَ دل ڦرايل کي وٺي اچو“ . هنن اچي پنهونءَ سان ملاقات ڪئي، ۽ مهمان ٿي، رات جي وقت سسئيءَ کي بي خبريءَ جي حالت ۾ ڇڏي، پنهونءَ کي ڪڙي، اٺ تي سوار ڪري، پنهنجي ملڪ روانا ٿي ويا. سسئي پوئينءَ رات جو جاڳي، ته پنهنجي بخت بيدار جو مـُـلڪ ننڊ جي لشڪر هٿان لٽيل ڏسي، بي اختيار، ڪپڙا ڦاڙي، اڪيلي ئي اڪيلي پنهنجي محبوب جي پويان پئجي، شوق جي قدم سان سخت ڏونگر ڏورڻ لڳي. اٽڪل چاليهه ڪوهه پنڌ ڪري چڪي، ته اڃ کان بيتاب ٿي ڪري پيئي، ۽ جيئن ڪو ماڻهو سڪرات جي وقت زمين تي ڇڙيون هڻندو آهي، تيئن زمين تي پير مهٽڻ لڳي. خدا جي قدرت سان، زمين ۾ پاڻيءَ سان ڀريل هڪ تلاءُ پيدا ٿي پيو، جنهن مان پاڻي پي تازي تواني ٿي. معتبر ماڻهن کان ٻڌو ويو آهي، ته اهو تلاءُ اڃا تائين پاڻيءَ سان ڀريل رهندو آهي، ۽ کڻي ڪهڙا به ڏڪر جا سال ايندا آهن، پر اهو ڪنهن به وقت خشڪ نه ٿيندو آهي. هن واقعي کان اڳ ۾ سسئيءَ رات جو ميندي لاتي هئي، ۽ دستور موجب جيڪا مينديءَ جي ٽاري هٿ ۾ ڪري ستي هئي، سا سجاڳيءَ کان پوءِ به هٿ ۾ هيس، جا پاڻ سان کڻي نڪتي هئي، سا انهيءَ تلاءَ تي پوکيائين. قدرت سان انهيءَ ٽاريءَ مان سرسبز وڻ ٿيو، جو اڃا تائين ان دل ڦٽيل جي يادگار طور قائم آهي. قصو مختصر- تازي تواني ٿيڻ کان پوءِ سسئيءَ اتان اڳتي ڪاهيو، ]24[ ۽ اٽڪل ڇهه ست ڪوهه ٻيا به جبل جو رستو جالي وئي. تنهن کان پوءِ وري اڃ ۾ مبتلا ٿي. اتفاقاً، هڪڙي ڌنار پريان ڏسي، منجهس لالـچ جي نظر وجهي، ويجهو اچي کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ چاهيو، جنهن تي سسئيءَ ]هڪل ڪري[ چيس ته ”اي بي انصاف! مان اڃ کان بيتاب آهيان ۽ تون منهنجي ڪڍ حيران آهين! توکي پهريائين ته مون کي ڍؤ ڪرائڻ گهرجي.“ ڌنار تڪڙو تڪڙو ڌڻ ۾ ويو ته هن لاءِ ڪجهه کير ڏهي، کڻي اچي. هيڏانهن سسئي، جا يار جي ڏس کان نا اميد ٿي چڪي هئي ۽ پاڻ کي ههڙيءَ مصيبت ۾ مبتلا ٿي ڏٺائين، دل جي درد مان الاهي درگاهه ۾، جوئي بي چارن جو چاره ساز آهي، ٻاڏايو، ۽ انهيءَ غول بيابانيءَ کان پناهه گهري. الله پاڪ جي قدرت سان جبل ڦاٽي پيو، ۽ جيئن لعل پٿر جي وچ ۾ هوندو آهي، تيئن انهيءَ دل ڦٽيل کي به پٿر جي دل ۾ جاءِ ملي، باقي ]عام ماڻهن جي[ عبرت ۽ محبوب کي ڏس ڏيڻ لاءِ، سندس چادر جي چنـُـج ٻاهر رهجي وئي. ڌنار کير کڻي آيو ۽ اچي قدرت الاهيءَ جو تماشو ڏٺائين، ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ رسم موجب قبر جي نشانيءَ لاءِ پٿر جو لوڙهه ٺاهي ڇڏيائين.
عشق ۽ محبت جا ڦٽيل هن طرح ڳالهه ڪن ٿا، ته جڏهن پنهونءَ کي ڪڙي، پيءُ وٽ کڻي ويا، تڏهن هو اتي ايترو ته بيقرار ٿيڻ لڳو، جو پڻس کي اچي سندس مرڻ جي ڊپ ورايو، ۽ لاچار ٿي سندس ڀائر وري به ساڻس گڏي ڏنائين، ته ”ڪيئن به ڪري سندس محبوب کي پڻ وٺي اچو“ . موٽندي، سسئيءَ جي قبر وٽ پهچي، تازا نشان ڏسي ]پنهون[ حيران ٿي بيهي رهيو. اندر جي ڇڪ کيس محبوب جو پتو ڏنو. ظاهري ثابتيءَ خاطر احوال جاچڻ لڳو. اوچتو مٿي ذڪر ڪيل ڌنار وقت تي پهچي، سربستو احوال ٻڌايس. ]جنهن تي پنهون[ هڪدم اٺ تان لهي، ڀائرن کي چيو، ته ”ٿورو ترسو ته مان هن لوڙهه جي زيارت ڪري وٺان“ . بس پوءِ ته پاڻ کي لوڙهه جي مٿان ڦٽو ڪري، ڪريم ڪارساز جي درگاهه ۾ ٻاڏائي، محبوب جي وصال جي درخواست ڪيائين ۽ جنهن صورت ۾ بيوسيلن جي وسيلي جي درگاهه ۾، ڪنهن به اميدوار کي، نااميديءَ جي صورت ڏسڻي ڪانه پوندي آهي، تنهن ڪري قادر باڪمال جي قدرت سان هڪدم جبل ڦاٽي پيو ۽ کيس به جاڙي باداميءَ وانگيان هڪڙيءَ ئي کل ۾ جاءِ ڏنائين. انهيءَ وقت کان وٺي هيءُ عجيب قصو عام ماڻهن جي زبان تي جاري آهي، حال ۽ قال جا صاحب هيءُ احوال انهيءَ عاشق ۽ معشوق جي واتان، جن مان هر هڪ درحقيقت عاشق به هو ته معشوق به، سنڌي بيتن ۾ ’حسيني‘ سر ۾ ڳائيندا آهن، ۽ انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو ڳوليندا ۽ لهندا آهن، مطلب ته انهن ٻن واصلن جي تاثير سان، وجد ۽ سماع وارن کي عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي. ”مير معصوم“ بکريءَ هن قصي کي ”مثنوي حسن و ناز“ ۾ بيان ڪيو آهي. تنهن کان سواءِ ”قاضي مرتضيٰ“ سورٺيءَ، ساڪن ديهه ]25[ ’ڪتيانه‘ ، محمد شاهه بادشاهه جي زماني ۾ هڪ خاص طرز ۾ ]ان کي[ نظم ڪيو هو.
نقل آهي، ته ”اسماعيل“ نالي هڪ ملتان جو رهندڙ درويش، هنن ٻن عشق ۽ عاشقيءَ جي ملڪ جي شهنشاهن جي زيارت لاءِ آيو، ۽ پنهنجي اٺ کي پري ڇڏي، ٻنهي جي ديدار جي لالـچ رکي، ٽي ڏينهن بک تي ويهي رهيو. ٽن ڏينهن کان پوءِ، هڪ پوڙهي عورت ڪجهه مانيون ۽ ٿورو پاڻي کڻي ظاهر ٿي. ]درويش[ چيو، ته ”جيستائين سسئيءَ ۽ پنهونءَ کي نه ڏسندس، تيستائين هرگز ڪجهه به نه کائيندس“ . ]ٻڍيءَ[ وراڻيو ته ”سسئي آءٌ آهيان، باقي پنهونءَ جي ڏسڻ جي لالـچ ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ ته زماني تي اعتبار ڪونهي، ۽ آءٌ ]اڳيئي[ ڏيرن جي ڏڌل آهيان، هيءُ احوال ]بلڪل[ دردناڪ آهي“ . درويش چيو، ته ”مون کي پڪ ڪيئن ٿئي ته تون سسئي آهين؟ ڇو ته سسئي نوجوان ۽ حسن واري هئي ۽ تون ٻڍي عورت آهين“ . هن هڪدم پاڻ کي انهيءَ اصلوڪيءَ جوانيءَ ۽ جمال ۽ ظاهر ڪري چيو، ته ”ٿورو کاءُ“ . درويش جواب ڏنو ته ”توهان ٻنهي جي ڏسڻ کان سواءِ هرگز ڪابه شي نه کائيندس، اگرچه بک ۾ مري ويندس، ڇاڪاڻ ته مون اهڙو انجام ڪيو آهي“ . آخر، گهڻي مبالغي ۽ قسم قسمات کان پوءِ، سسئي قبر ۾ وڃي پنهونءَ کي چيلهه تائين ٻاهر ڪڍيو، ليڪن هوءَ چنڊ جهڙي پاڻ به ’جواز‘ وانگيان کيس ٻنهي هٿن سان ڀاڪر ۾ وٺي بيٺي، ته متان اڳئين وانگر ڪو کيس ڦري وڃي.
مطلب ته انهيءَ طريقي سان ڪيترن صفائيءَ وارن بزرگن هن کي ڏٺو آهي. انهيءَ جاءِ تان اٺ تي سوار ٿي لنگهندڙ لاءِ چڱائي ڪانه ٿيندي آهي، ۽ جيڪو وڃي سندس قبر تي جاڳندو، ته باوجوديڪ اتي هن وقت ويراني آهي، هو غيبي مهمان ٿي رهندو. هيءُ احوال اجماليءَ طور ادا ڪرڻ کان پوءِ، اصلي مقصد ڏانهن رجوع ٿيون ٿا.
_______
باب چوٿون: عباسي گهراڻي وارن جي گورنرن جو طبقو
نيٺ ”القادر بالله، ابو العباس احمد بن اسحاق بن المقتدر بالله“ جي خلافت ]واري وقت[ ۾، رمضان شريف 416هه جي وچ ڌاري، سلطان محمود غازي، غزنيءَ کان ملتان پهتو، ۽ اچ هٿ ڪري، القادر بالله جي ماڻهن کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏيائين، مٿي ذڪر ڪيل ابتدا موجب، عباسي خليفن جي گورنرن جي حڪومت جو عرصو جملي ٻه سو ٽياسي سال آهي.
مخفي نه رهي، ته ’سومره‘ قوم (قبيلو) درحقيقت ٻه سؤ ورهيه اڳي، سنڌ ملڪ جي ڪجهه حـصي تي غالب هئي، پر جنهن صورت ۾ ڍل ڀريندا هئا، ۽ مسلمان حاڪمن جي اطاعت جو ڳانو پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌيو ايندا هئا، تنهن ڪري انهن جو ذڪر نه ڪيو ويو، بلڪ غزنوين، غورين ۽ دهليءَ جي شهنشاهن جي گورنرن جي بيان کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، سندن حڪومت جي علحدي ذڪر ۾، انهن جا ڪي نالا ۽ احوال ذڪر ڪيا ويندا.
باب پنجون: غزنوين ۽ دهليءَ جي شهنشاهن غورين جي گورنرن جو طبقو
جتن ۽ بلوچن جو شجرو
محمد بن هارون مڪراني، جنهن جو ذڪر مڪرانَ جي گورنرن جي سلسلي ۾ ٿي آيو، ۽ جو سنڌ جي فتح وقت محمد بن قاسم سان ارمن ٻيلي (لس ٻيلي) تائين آيو هو، ۽ اتي ئي وفات ڪري دفن ٿيو هو، سو نسب جي عالمن جي فيصلي موجب، جنهن جي جوابداري انهن تي آهي، ”محمد بن امان بن عبدالرحيم بن حمزه بن عبدالمطلب“ جو پٽ هو.
ڪنهن وقت امير حمزو رضي الله تعاليٰ عنه شڪار ڪندي وڃي ڏورانهين ملڪ ۾ نڪتو، ۽ رڻ پٽ ۾ اڪيلو رهجي ويو. جنهن صورت ۾ خدا تعاليٰ جون پنهنجن خاص بندن سان مهربانيون هونديون آهن، تنهن ڪري انهيءَ رڻ پٽ ۾ سندس وندر لاءِ هڪ پري پيدا ٿي، ۽ خدا جي حڪم سان سندس لاءِ حلال ٿي. هڪ صحبت کان پوءِ اها وحشت، اڪيلائي ۽ ٿڪ دور ٿي ويا، تڏهن خدا تعاليٰ جي حڪم سان پري نظر کان غائب ٿي ويئي، ۽ امير (حمزو) پنهنجي ملڪ واپس موٽي آيو، مٿينءَ پريءَ کي ”عبدالرحيم“ پٽ پيٽ ۾ ٿيو، ۽ ڄڻيائين.
قصو مختصر، ته محمد بن هارون کي ستن زالن مان پنجاه پٽ ڄاوا: 1- عيسيٰ، 2- مهران، 3- حجاز، 4- سهتڪ، 5- بهرام، 6- رستم ۽ 7- جلال، هڪ ماءُ نالي ”حميرا“ مان آهن، 1- مزيد، 2- جمال، 3- راڌو، 4- بهلول، 5-شهاب، 6- نظام، 7-جلال ۽ 8- مريد، هڪ ماءُ نالي ”حميريءَ“ مان، 1- رودين (شايد رائڏنه)، 2- موسيٰ، 3- نوتي، 4- نوح، 5- منده ۽ 6- رضي الدين، ”مريم“ مان، جلال، ”عائشه“ مان، 1-آدم، 2-ڪمال، 3- احمد، 4-حماد، 5-حامد، 6-سعيد ۽ 7- مسعود، مسمات ”مديءَ“ مان، 1- شير، 2- ڪوهه، 3- بلند، 4- ڪدڪ، 5- نور الدين، 6- حسن، 7-حسين، 8- سليمان ۽ 9- ابراهيم، ”فاطمه“ مان، 1- عالم، 2- علي، 3- تيرڪش، 4- بهادر، 5- تيغ زن، 6- مبارڪ، 7- ترڪ، 8- طلحه، 9- عربي، 10- شيراز، 11- تاج الدين ۽ 12- تخت گير، گلستان برگ ”حوا“ مان.
جڏهن ته ]محمد بن هارون[ حجاج جي حڪم موجب، جئين مٿي بيان ٿي آيو، مڪران کي صاف ڪري گذريو هو، تنهن ڪري اتان جي زمينداري آس پاس سميت اڌواڌ ڪري، هڪ اڌ جلال کي ۽ ٻيو اڌ سندس ڀائرن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٿوري وقت کان پوءِ ڀائرن ۾ جهڳڙو ٿيو، ۽ گهڻو اولاد ته ٻين قومن سان گڏ (جيڪي ساڻن مليل هيون) انهيءَ ملڪ ۾ رهڻ لڳو. باقي ’جلال الدين‘ جو اولاد ڀڄي اچي سنڌ ۽ ڪڇ ۾ پهتو، جن جو اولاد سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهي، ۽ بي انداز راڄن ۾ ]ورهايل[ آهي.
قوم لوڌه (لـَـڊا)
”لوده“ (لـَـڊا) قوم(قبيلو)، جنهن کي ”لوليان“ (لولا) پڻ سڏيندا آهن، ]انهن جي[ حقيقت هن طرح آهي، ته حـضرت سليمان، جنن جي هڪ ٽوليءَ کي ڪجهه سـُـريتين خريد ڪرڻ لاءَ روم موڪليو هو، رستي ۾ هڪ جن جو ”لوليا“ نالي هڪ ٻانهيءَ سان ميلاپ ٿي ويو، ۽ سندس رحم (ڳهڻ) ۾ نطفو رهجي ويو. حضرت سليمان کي اها خبر پئي، ته اها ٻانهي انهيءَ جن کي بخش ڪيائين، جنهن مان ”لوده“ (لڊي) نالي هڪ مرد پيدا ٿيو. گهڻي وقت گذرڻ ڪري، سندس اولاد عربن ۾ گڏجي ويو، ۽ سنڌ فتح ڪرڻ وقت هتي اچي رهيا، يا انهيءَ کان اڳ اچي هن سرزمين ۾ رهيا هوندا.
سمه قوم جي شجري جو بيان
(جن جي بيان جي ضمن ۾ سنڌ ملڪ جي مخصوص تاريخ سان لاڳاپو رکندڙ جملي احوال ظاهر ٿيندا).
”سام“ ، جو نسب دانن جي اختلاف جي بنا تي، هڪڙي قول موجب ’عمر بن هشام بن ابولهب‘ جو پٽ آهي، ٻئي قول موجب ’عمر بن عڪرمه بن ابي جهل‘ يا ’عڪرمه بن عصام بن ابوجهل‘ جو پٽ آهي، پر وڌيڪ صحيح قول هيءُ آهي، ته هو ”جمشيد“ جي اولاد هو، جيئن ’جام‘ (ڄام) جو لقب انهيءَ تي دلالت ڪري ٿو، يا مرڳوئي ’سام بن نوح‘ عليه السلام جي اولاد مان هو، تنهن کي چار پٽ هئا: هڪ ”بدها“ ، جنهن جو اولاد، ٻدهه، سومره(1)، سهته، ادا کهيل(2)، اوتار، امره ۽ نهدير، وغيره، جملي سورنهن پٽ هئا، جيڪي ”راٺوڙ“ جي لقب سان مشهور آهن، ٻيو ”سنگا“ ، ٽيون ”همهر“ ، چوٿون ”ڀاڳرت“ ، جنهن کي هڪ پٽ ”ڏيره“ (3) نالي سان ڄائو، ۽ انهيءَ کي ”اجيپار“ نالي هڪ پٽ پيدا ٿيو، جنهن کي هڪ پٽ ”دسرت“ ڄائو. چون ٿا، ته دسرت کي ٽي زالون هيون: هڪ ڪسيلا (ڪوشليا)، ٻي ڪيليه (ڪيڪئي) ٽئين سميا(4). ”ڪسيلا“ مان ٻه پٽ، ”رام“ ۽ ”لکمڻ“ (لڇمڻ) پيدا ٿيا، ”ڪيليا“ مان هڪ پٽ، ”ڀرت“ نالي، ۽ ”سميا“ مان هڪ پٽ ”چترگن“ نالي ڄائو. سنگا ولد سام پڻ اولاد ڇڏيو. همهر بن سام کي پڻ ’تودر‘ جي نالي ]سان مشهور[ اولاد آهي. دسرت جي پٽ ڀرت جو اولاد ’پرهار‘ ، ’جانسپا‘ ’ڪوريجه‘ ، ۽ ’ناهه‘ جي نالي سان باقي آهي. چـُـترگن ولد دسرت جو اولاد ’چـُـئرا‘ جي نالي سان مشهور آهي. ڀرت جي پٽ لکمڻ (لـڇـمڻ) کي ڪو اولاد ڪونه رهيو. رام بن دسرت هڪ پٽ ”تواڪس“ نالي ڇڏيو، جنهن کي ”اتت“ نالي پٽ ٿيو، انهيءَ کي هڪ پٽ ”تتت“ ، انهيءَ جو پٽ ”نرگنت“ ، نرگنت جو پٽ ”ڪـِـن“ هو، ”ڪن“ جو شهر انهيءَ جي نالي سان مشهور آهي، ڪن جي پٽ کي ’سنبوت راجا‘ جو لقب مليو، سنبوت راجا کي چار پٽ ڄاوا: هڪڙو ”سام“ ، ٻيو ”پرڪرره“ ، جنهن کي ’شاهه‘ پڻ چوندا آهن، ٽيون ”هنرت“ ، جنهن کي ’دکن‘ پڻ چوندا آهن، ۽ چوٿون ”ماده“ . سنبوت راجا جي پٽ سام کي ”جادم“ نالي پٽ پيدا ٿيو، جادم ولد سام بن سنبوت کي چار پٽ ڄاوا. هڪڙو ”هسپت“ ، جنهن جو اولاد ’سند سما‘ آهن، ٻيو ”ڪجپت“ ، جنهن جو اولاد ’چغده‘ آهن، ٽيون ”ڀوڀت“ ، ’ڀٽي‘ قوم(قبيلو) انهيءَ جو اولاد آهي، چوٿون ”چوڙا سما“ ، جنهن جو اولاد، ’سورٺ‘ جي سرزمين واري ڪرنال (گرنار) جي قلعي جو حاڪم ”راءِ ڏياچ“ هو، جنهن جي حشمت خلق ۾ آهي، ۽ جنهن پنهنجو سر الله جي واٽ ۾ وقف ڪيو هو، سندس زال ’سورٺ‘ جي ساڻس عجيب محبت هوندي هئي. انهن زال ۽ مڙس جي ]پاڻ ۾[ عشق ۽ محبت جي تاثير کان، سندس سر ڏيڻ جو موقعو خاص ’سورٺ‘ جي سر ۾ ]ڳائڻ سان[ حال جي صاحبن جو هوش ڦري وٺندو آهي: هسپت ولد جادم بن سام بن سنبوت راجا کي ”ابدري“ نالي هڪ پٽ پيدا ٿيو، جنهن کي ”نيٿ“ نالي پٽ ڄائو، انهيءَ مان ”نوتيار“ تنهن مان ”اودها“ ، انهيءَ مان ”اودهه“ ]29[، تنهن مان ”لاکيار“ ، انهيءَ مان ”لاکهه“ ]پيدا ٿيو[- لاکي بادشاهي ڪئي هئي، هن ”بوڻهي جاره“ ]قوم[ مان شادي ڪئي، جنهن مان چار پٽ پيدا ٿيا. انهن مان هڪڙو ”اودهه“ هو، جنهن کي اولاد ڪونه ٿيو، ۽ ”اودهه“ سندس رهڻ جي هنڌ جو لقب آهي، ٻيو ”مهر“ ، جنهن کي چار پٽ هئا، 1- سيته، 2- دتيرهاٿاري، 3- ورها (جنهن کي پڻ اولاد ڪونه ٿيو)، ۽ 4- ساند (جنهن کي پڻ اولاد ڪونه هو). چون ٿا، ته مٿئين لاکي پيريءَ ۾ ٻي زال پرڻي، جنهن مان چار پٽ پيدا ٿيا، 1- انڙ، 2- ڇٽو، جنهن جو اولاد ’بابڙا‘ ، ”دنڪنه“ ۽ ’ڪلا‘ آهن، 3- ڦل لاکهه، مشهور ]قوم[ ”ڦلائي“ انهيءَ جو اولاد آهن، ۽ 4- مناهيه. لاکي جي پٽ انڙ کي ”لاکي“ نالي پٽ ڄائو، جنهن کي ”سمي“ نالي پٽ پيدا ٿيو. سمي بن لاکي بن انڙ بن لاکي کي ٻه پٽ ڄاوا، 1- ڪاڪو ۽ 2- جکرو. ڪاڪو حڪومت جو مالڪ ٿيو- ديهه ”ڪاڪا“ (شايد ڪڪڙ) سندس نالي تي آهي، انهيءَ کي ٻه پٽ ڄاوا، هڪ پلي، ٻيو رائدن (رائڏنه). پليءَ جي اولاد مان ”مسرق“ سمون سردار ٿيو. رائدن ولد ڪاڪي کي نو پٽ ڄاوا، انهن مان ]هڪ[ ”سمه“ آهي، ’سميجا‘ انهيءَ جو اولاد آهن، ]ٻيو ”نوتيار“ ، سڀ ’نوت‘ انهيءَ جو اولاد آهن، ]ٽيون[ ”لاکهه“ ، سندس اولاد آهن: ’لنجار‘ ، مخدوم ”سهار“ (ساهڙ) لنجار عليه الرحمت، جنهن جو بيان مشائخن جي ذڪر ۾ ٿيندو، انهيءَ جي اولاد ۽ پيڙهيءَ مان آهي، ]چوٿون[ ”ابڙو“ ، انهيءَ جو اولاد ’ڏاهرناهيه‘ ۽ ’فل ناهي‘ آهن، ]پنجون[ ”ناهيه“ - ڪن جو چوڻ آهي، ته ناهيه ’رائده‘ جي اولاد مان آهي(1)، ]ڇهون[ ”چنيسر“ پڻ رائدن جي اولاد مان پنهنجي وقت ۾ مشهور معروف ٿي گذريو آهي، ]ستون[ ”مناهيو“ ، ]اٺون[ ”ڪوريو“ ، ’منڌرا‘ (1) قوم(قبيلو) هنن ٽنهي جو اولاد آهي، ]نائون[ ”پلي“ ، جو سردار ٿيو. کيس ٻه پٽ هئا: هڪ ”اودهه“ ، جنهن جي اولاد کي ’بهريه‘ (ڀريا)، ’اودهيجه‘ (اڌيجا)، ۽ ’ڪوريه پوٽا‘ چوندا آهن، پليءَ جو ]ٻيو[ پٽ ”ساند“ نالي پڻ قوم(قبيلي) جو سردار ٿيو. پليءَ جي پٽ ساند کي پڻ ست پٽ هئا: پهريون ”ڪاڪو“ - سندس اولاد ’ڪاڪيجا پوٽا‘ ، ٻيو ”جاڙو“ . سندس اولاد ’جاڙيجا‘ ، ٽيون ”ويرو“ ۽ ڪن جي چوڻ موجب ”نارو“ ، جنهن جو اولاد ”ناريجا“ آهي، پنجون(2) ”هڱورو“، سندس اولاد ’هڱورجا‘ ، ”اوڍيجا“، “ جڪسيا ” ۽ “ دورها ” (ڍورا) آهن، ڇهون ڏيرو، سندس اولاد ”ڏيرا سما“، جي ڪڇ ۾ موجود آهن، ستون ”ڄام هوٿي“. انهيءَ کي پنج پٽ جاوا: هڪڙو ”هالو“، سندس اولاد ’هالار‘ قوم(قبيلو) مشهور آهي، ٻيو ”هڱورو“، جنهن جو اولاد ڍوري هڱوري، جار هڱوري ” ۽ رام دهين ۾ رهن ٿا، ۽ انهن جڳهين کي انهن ئي آباد ڪيو آهي، ”ساهڙ“، سندس اولاد ’ساهڙ سما‘ ديهه ’ساهڙ سمي‘ جا باني ۽ رهندڙ آهن، چوٿون ”چيلاريو“ مشهور ’نهريه‘ قوم(قبيلو) انهيءَ جو اولاد آهي، ۽ پنجون ”ڄام هاپر“. ڄام هاپر کي ٻه پٽ هئا: ”راهوجو“ ۽ ”ڄام جوڻو“. ڄام جوڻي کي ”ڪرراهو“ نالي پٽ پيدا ٿيو. ڪرراهوءَ کي ٽي پٽ ٿيا: پهريون ”ساند“، سندس اولاد ’راهوما‘ ، ’لاکاٽيا‘ ۽ ’جکرا‘ ]آهن[، ٻيو ”سومره“ جنهن کي اولاد ڪونه رهيو، ۽ ٽيون ”لاکو“ ڄام. لاکي ڄام کي ”ڪاهي“ نالي پٽ پيدا ٿيو. انهيءَ کي ]30[ “ لاکي ” نالي پٽ ڄائو، ۽ سندس (ڪاهي جي) مري وڃڻ کان پوءِ، ٻيو پٽ ڄائو، جنهن جو پيءُ وارو نالو ”ڪاهو“ رکيائون. مٿئين ڪاهي جي ڀاءُ لاکي بن ڪاهي کي ٻارنهن پٽ هئا: انهن مان هڪڙو ڄام ”جوڻو“ هو، جنهن جي اولاد مان ’ساموئيءَ‘ جا ويٺل سنڌ جا بادشاهه سما آهن (جن جو بيان پنهنجي جاءِ تي ٿيندو)، ٻيو ”انڙ“، انهيءَ ’بهريه‘ (ڀريا) ۾ بادشاهي ڪئي، ۽ اولاد ڪونه ڇڏيائين، ٽيون ”پلي“، هن جو اولاد ’پلي سما‘ ، چوٿون ”ڪاهو“، تنهن جو اولاد ’سوڍياري سما‘ ، پنجون ”اوٺو“، ان جو اولاد ’صاحب سما‘ ، ’اوٺا سما‘ ۽ ’سيکاٽ سما‘ ڇهون ”جيسر“، تنهن جو اولاد ’بهيه پريا‘ ، ستون ”منگر“، هن جو اولاد ڪونه رهيو، اٺون، ”ابڙو“- سندس اولاد قوم(قبيلو) ’ابڙيجا‘ ، نائون ”هڱورو ڪونر“، ڏهون ”سلطان“، انهيءَ جو اولاد سلطان ’اوٿهه (اوٺا)‘ ، يارهون ”رائدن“، ٻارهون ”لاکو“. انهن مان هڱوري ڪونر کي ٽي پٽ پيدا ٿيا: هڪ ”ڏيسر“، ٻيو ”مناهيو“، ٽيون ”مراديو“. ڏيسر کي پنج پٽ هئا: ”ڪاهو“، ”هالو“، ”رڪڻ“، ”هڱورو“، ۽ ”جوڻو“. جوڻي بن لاکو بن ڪاهو مٿئين کي پڻ پنج پٽ هئا: ”کهوريه“، ”تاجيه“، ”ابڙو“، ”بلوچ“ ۽ ”بانبنيه“، بانبنيي (ڀنبو) جي اولاد جو بيان عنقريب تفصيلوار سمن بادشاهن جي طبقي ۾ ٿيندو، جن سنڌ جي بادشاهي ڪئي.
مخفي نه رهي، ته مٿئين تفصيل موجب، اڄ تائين، سڄيءَ سنڌ، ]ملڪ[ گجرات تائين، جا اڪثر رهاڪو ’سمي‘ جو اولاد آهن، ۽ سنڌ گهڻو ڪري هنن ماڻهن سان آباد آهن. انهن کان سواءِ بلوچ ۽ جت قومون ۽ ٻيا ڪي مٿي ذڪر ڪيل قبيلا آهن، جي پڻ هن ملڪ جا قديم رهاڪو آهن، ٻيون آيل قومون پويون آهن، پهريون هنن کي شمار ڪري سگهجي ٿو. جنهن صورت ۾ ڊيگهه هن ڪتاب جو مقصد نه آهي، تنهن ڪري ضروري مقدار تي، جو ڪجهه قدر حالات جي تشريح لاءِ ڪافي هو، اڪتفا ۽ اختصار ڪيو ويو، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي زياده تحقيق ڪرڻي آهي، ته ڀلي ڪري.
قصو ڪوتاهه، سلطان ”محمود“ جي گورنرن کان پوءِ، سلطان ”مسعود“ جا ماڻهو، پوءِ سلطان ”مودود“ جا ماڻهو، پوءِ سلطان ”مجدود“ جا ماڻهو، پوءِ سلطان ”قطب الدين” جا ماڻهو، تنهن کان پوءِ سلطان ”آرام شاهه“ جا ماڻهو، جن مان هر هڪ جو بيان جـُـلد پهرئين ۽ ٻئي ۾ مذڪور آهي، سنڌ ]31[ جي پرڳڻي کي قبضي ۾ ڪندا آيا. سلطان آرام شاهه جي وقت ۾ بادشاهي چار حصا ٿي وئي. جن مان اُچ ۽ ساريءَ سنڌ تي ”ناصر الدين، قباچه“ جو حڪم جاري ٿيڻ لڳو. انهيءَ وقت سنڌ جي سرزمين تي، انهن جاين تي، جيڪي بيان ٿينديون، سـَـتَ راڻا ملتان جا ڏنَ، ڀروُ هئا: پهريون راڻو ”سهتو“ (ڀؤنر) راٺوڙ، رهندڙ ’ڊڀرو‘ تعلقو درٻيلو(1) ٻيو راڻو ”سنر ولد ڌماچ“، ڪوريجو سمو، رهندڙ ’تونگ‘ جو ’روپاهه‘ جي حدن ۾ هو، ٽيون ”جيسر ولد ججه (ججو)،“ ماڇي سولنگي، رهندڙ ’مانگتارو‘ ، چوٿون ”وڪيو ولد پنهون“ چنو، ساڪن ’سيوئيءَ‘ جو لڪ، پنجون ’چنو ولد ڏهٿہ (ڊيٿو)“، ذات چنو، ساڪن ’بهاگ‘ نئي (ناڙي)، ڇهون (جيو بن ورياه“، ساڪن ’جهم‘ يعني ’هيمہ ڪوٽ‘ ، ۽ ستون ’جسوڌن آگرو‘ ، رهندڙ ’مين ٽڪر‘ تعلقو ’ڀانڀرواهه‘ .
مطلب ته جڏهن ’تاج الدين‘ بلدوز جي ماڻهن لاهور فتح ڪيو، تڏهن بادشاهه ناصر الدين قباچه، ملتان ۾ قلعي بند ٿي ويهي رهيو ۽ سنہ 623 هجري جي پڇاڙيءَ ۾، ”ملڪ خان“ خلجي ۽ سندس تابعدارن سيوستان جي پرڳڻي تي قبضو ڪيو، ته سلطان ”ايلتمش“ پنهنجي وزير نظام الملڪ ”محمد بن ابي اسعد(2) کي اُچ جي گهيري ڪرڻ لاءِ موڪلي، پاڻ دهليءَ هليو ويو. نظام الملڪ، سنہ 625 هجري ۾، اُچ کي صلح سان فتح ڪري بکر تي ڪاهيو، جنهن تي ناصر الدين ڀڄي پنهنجي حياتيءَ جي ٻيڙي، موت جي ڪـُـن ۾ اڇلائي، ]انهيءَ کان پوءِ[ سلطان شمس الدين سنڌ جو مالڪ ٿيو.(1)
سنہ 630 هجري ۾، نور الدين محمود(1) سنڌ جي گورنريءَ تي مقرر ٿيو. سنہ 633 هجري ۾، سلطان ايلتمش گذاري ويو، ۽ ”مسعود شاهه“ ]ملڪ جو[ وارث ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ مغلن جي لشڪر سنڌو ندي ٽپي، اچي اُچ کي گهيرو ڪيو، پر سلطان مسعود جي توجهه ڪرڻ تي، هو خراسان ڀڄي ويا.
سلطان مسعود، نور الدين جي جاءِ تي ملڪ ’جلال الدين محمد‘ (2) کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو، ايتري ۾ سلطان مسعود جو چاچو ”ناصر الدين محمود“ تخت ۽ تاج جو وارث ٿيو، ۽ 649 هجري ۾ لاهور، ملتان، اچ، بکر ۽ ٻي سموري سنڌ فتح ڪري، ملتان، اچ ۽ سارو سنڌ ملڪ ”سنجر“ جي حوالي ڪري، موٽي ويو(3).
سنہ 662 هجري ۾ سلطان ”غياث الدين “دهليءَ جي تخت تي ويهي، ملتان، لاهور ۽ سنڌ جو پاسو(1) پنهنجي پٽ سلطان ’محمد‘ کي ڏنو، هو ٽن سالن کان پوءِ، پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ دهليءَ ويندو هو، ۽ هڪ سال کان پوءِ موٽي ايندو هو.
سنہ 683 هجري ۾ سلطان محمد (2) چنگيز خان جي لشڪر هٿان ]33[ قتل ٿي ويو، ۽ دستور موجب ]مٿيون ملڪ[ سندس پٽ ”ڪيخسرو“ کي مليو.
سنہ 693 هجري ۾، سلطان جلال الدين خلجيءَ لاهور پهچي، ملتان ۽ اُچ پنهنجي پٽ ”ارڪلي خان“ کي ڏيئي ]باقي رهيل[ سنڌ جي حڪومت ”نصرت خان“ جي حوالي ڪئي.
سنہ 695 هجري ۾، سلطان ”علاؤ الدين“ پنهنجي ڀاءُ ” الغ خان“ کي ارڪلي خان جي ڪڍي ڇڏڻ لاءِ روانو ڪيو، ۽ نصرت خان کي اڳئين وانگيان ڏهن هزارن فوج سان ملتان، اچ، بکر، سيوستان ۽ ٺٽي تي قائم رکيائين(3).
سنہ 697 هجري جي اوائل ۾ ”صلديٰ“ (1) مغل سيستان کان اچي سيوستان تي قبضو ڪيو، جنهن کي نصرت خان ڏاڍي شان ۽ شوڪت سان آزاد ڪرايو(2).
سلطان علاؤالدين پڇاڙيءَ ۾ غازي ”ملڪ“ کي ڏهه هزار سوار ساڻ ڏيئي، چنگيزخاني مغلن کي دفع ڪرڻ لاءِ ديبالپور موڪليو، ۽ ملتان، اچ ۽ سنڌ جا پرڳڻا کيس جاگير ڏنا.
انهيءَ عرصي ۾ ”خسرو خان“، سلطان علاؤالدين کي تخت تان لاهي، تخت جو مالڪ بڻجي ويٺو(3). انهيءَ تي غازي ملڪ، سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر ساڻ وٺي، وڃي خسرو خان کي لاهي، پاڻ ”سلطان غياث الدين“ جي لقب سان، تخت تي ويٺو، انهيءَ وچ واري زماني ۾ سومرا ماڻهو، باغي ٿي، ٺٽي تي قبضو ڪري ويٺا(4).
سلطان غياث الدين، ملڪ ”تاج الدين“ کي ملتان، ”خواجه خطير“ کي بکر ۽ ملڪ ”علي شير“ کي سيوستان تي مقرر ڪيو.
ٿوري وقت کان پوءِ، جڏهن ڪشلوخان ملتان ۾ بغاوت ڪئي(1)، تڏهن سلطان غياث الدين جو پٽ سلطان ”محمد شاهه“ سنہ 728 هجري ۾ ملتان پهچي، هن تي فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ، بکر ۽ سيوستان تي معتبر ماڻهو مقرر ڪري، موٽي ويو، ۽ سنہ 751 هجري ۾ وري ”طغي“ ]نالي هڪ[ غلام جي پويان پوندي، گجرات ۽ ڪڇ مان لنگهي، ٺٽي جي ملڪ ۾ پهتو، جتي ’ٿرڙيءَ‘ جي ديهه ۾ درياء جي ڪناري تي منزل ڪيائين، ]پر پوءِ[ تپ جي عارضي ڪري، اتان ڪوچ ڪري، ’ڪنڊل‘ (2) ۾ پهتو. چڱو ڀلو ٿيڻ کان پوءِ وري ٺٽي پهچي ٺٽي کان چئن ڪوهن تي ڇانوڻي هنيائين، هتي هو بيماريءَ جي وري اٿلڻ ڪري گذاري ويو، ۽ سلطان ”فيروز شاهه“ بادشاهيءَ جو وارث ٿيو.
طغي، جو ٺٽي ۾ ويٺو هو، هيءُ ٻڌي، سومرا، جاڙيجا ۽ سما ماڻهو ساڻ وٺي، جنگ لاءِ ڊوڙيو، پر شڪست کاڌائين. سلطان، ساڳئي سال جي پهرين صفر تي، ٺٽي جي آسپاس کان ڪوچ ڪري، ’سانڪري‘ (1) درياء جي ڪناري تي، قلعي ٺهرائڻ جو حڪم ڪيو، ۽ امير ”نصر“ کي هزار سوارن سان اتي ڇڏيائين، جنهن شهر ٻڌايو، ۽ انهيءَ جو نالو ”نصرپور“ رکيائون، ]ساڳئي وقت[ ملڪ ”بهرام“ کي انهيءَ حد جو فوجدار ٿي رهڻ جو حڪم ڪيائين. ”بهرام پور“ انهيءَ ڏانهن منسوب آهي. ]تنهن کان پوءِ[ ملڪ ”علي شير“ ۽ ملڪ ”تاج“ ڪافوريءَ کي سيوستان ۾ ڇڏي پاڻ بکر پهتو، جتي ملڪ ”رڪن الدين“ کي نائب (گورنر) ۽ ملڪ ”عبدالعزيز“ کي ديوان مقرر ڪري، اعتماد جوڳن ماڻهن جي ٽولي(2) ساڻ ڏيئي، قلعي جو نگران ڪري ڇڏيائين، پڻ ملڪ رڪن الدين کي ”اخلاص خان“(3) جي لقب سان نوازي، سنڌ جي ڪاروبار جو مالڪ بڻائي، پاڻ دهليءَ روانو ٿي ويو.
وري سنہ 772 هجري ۾، نگر ڪوٽ جو ارادو رکي، ٺٽي پهتو. ٺٽي جو والي ڄام ”خير الدين“ ’آب‘ جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي ويٺو ۽ لشڪر جو بچاءُ ڪندو رهيو. سلطان، اناج جي قلت ۽ مڇرن جي گهڻائيءَ کان تنگ ٿي، وري ٺٽي موٽي آيو(4). ڄام خير الدين امان وٺي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن کي ]سلطان[ ٻين زميندارن سان گڏ دهليءَ وٺي هليو. جڏهن سيوستان جي آسپاس کيس ڄام جي ڀڄي وڃڻ جي ارادي جي خبر پيئي، تڏهن کيس ڳٽ ۽ ٻيڙيون وجهارايائين. ٿوري وقت کان پوءِ، ڄام ”جونه ]بن[ خير الدين“ (1) کي سروپا عنايت ڪري، حڪومت واسطي موڪليائين.
سنہ 790 هجري ۾ فيروز شاهه گذاري ويو ۽ تخت جو وارث سلطان ”تغلق شاهه“ ٿيو، تنهن کان پوءِ سلطان ”ابوبڪر“، پوءِ سلطان ”محمد شاه“، پوءِ سلطان ”سڪندر شاه“ (2)، ۽ پوءِ سلطان “ ناصر الدين ” دهليءَ جي تخت تي ويٺو، هن سارنگ خان کي ديبال پور، ملتان ۽ سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ موڪليو.
سنہ 800 هجري ۾ امير ”تيمور“ جو پوٽو ميرزا ”پير محمد“ سنڌوندي ٽپي، اچي اُچ جي قلعي کي گهيرو ڪيو. ملڪ علي، جو سارنگ خان جي پاران اتي هو، تنهن هڪ مهيني تائين لڙائي جاري رکي، ]هوڏانهن[ سارنگ خان، ملڪ ”تاج الدين “ کي چئن هزار (جنگي سپاهين) فوج سان سندس مدد ۾ موڪليو. ]اهو ٻڌي[ مرزا ”پير محمد“، اُچ کي ڇڏي، ]پهريائين[ انهيءَ کي شڪست ڏيئي پوءِ وڃي ملتان کي گهيرو ڪيو. ڇهن مهينن کان پوءِ سارنگ خان خدمت ۾ حاضر ٿي، ملتان حوالي ڪيو. جلد ئي صاحبقران (امير تيمور) پڻ به سنہ 801 هجري ۾ اچي ملتان ۾ منزل ڪئي. هن تاريخ کان سنڌ جي حاڪمن تان دهليءَ جي بادشاهن جو رعب لهي ويو، ۽ سنڌ جي حاڪمن خودمختياريءَ جو جهنڊو کڙو ڪيو، جيئن ]اڳتي[ ذڪر ٿيندو.
باب ڇهون: سومرن جو طبقو
هن قوم جي بنياد بابت ڪا ثابتي ڪانه آهي. جيئن مٿي بيان ٿي آيو، هي ’سامره‘ جا عرب آهن، جيڪي سنڌ ۾ هجري چوٿينءَ صديءَ ۾ آيا هئا. ڪي چون ٿا، ته ”دلوراءِ“ امراڻيءَ جو ڀاءُ ”ڇٽو“ امراڻي جڏهن ڀاءُ جي ظلم کان تنگ ٿيو، ۽ ڀاءُ جي نحوست کان اروڙه شهر جي ويراني ۽ ڀانڀرا (برهمڻ آباد) جي بربادي پنهنجي اکين سان ڏٺائين، تڏهن بغداد وڃي، خليفي کان، ”سيد علي“ موسويءَ، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جي سرڪردگيءَ هيٺ، سامري جا رهاڪو هڪ سؤ عرب سنڌ ۾ وٺي آيو. نيٺ سندس ڀاءُ دلوراءِ، سيد جي تابعداري قبول ڪري، پنهنجي نياڻي سيد جي نڪاح ۾ ڏني، هو سنڌ ۾ رهي پيو ۽ اولاد ڇڏيائين. ’متعلوي‘ (مٽياري) نالي ڳوٺ سندن رهڻ جو هنڌ هو.
قصو ڪوتاهه- اڳئين ڪلام جي سلسلي موجب، جڏهن سنہ720 هجري ۾ غازي ملڪ، سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر گڏ ڪري دهلي وٺي وڃي خسرو خان تي غالب ٿيو، ۽ تخت ۽ تاج جو وارث ٿي، ”سلطان غياث الدين تغلق شاهه “جو لقب حاصل ڪري، انهن طرفن ۾ رڌل رهيو، تڏهن سومرن ماڻهن ٿرڙيءَ جي آسپاس مان ماڻهو گڏ ڪري، ”سومرو“ نالي هڪ ماڻهوءَ کي حڪومت جي گاديءَ تي وهاريو. هن، ملڪ جي آسپاس صاف ڪري، ”صاد“ نالي هڪ زميندار، جو خودمختياريءَ جو دم هڻي رهيو هو، جي ڌيءَ نڪاح ۾ آندي، جنهن مان ”ڀونگر“ پٽ پيدا ٿيس. سومري جي گذاري وڃڻ کان پوءِ، ڀونگر پيءُ جو جانشين ٿيو، سندس پٽ ”دودي“ نصرپور تائين ]ملڪ[ قبضي ۾ ڪيو، انهيءَ ”سنگهار“ نالي هڪ صغير پٽ ڇڏيو، تنهن ڪري دودي جي ڌيءَ ”تاريءَ“ ملڪ جي واڳ پنهنجي هٿ رکي. سنگهار بالغ ٿيڻ تي حڪومت جو وارث ٿي، ڪڇ جي پاسي ڪاهي، ’نانڪنيءَ‘ (1) تائين ]ملڪ[ قبضي ۾ آندو، جيئن ته پٽ ڪونه ڇڏيائين، تنهنڪري کانئس پوءِ سندس زال مسمات ’هيمو‘ پنهنجن ڀائرن کي طور ۽ ٿرڙي شهرن تي مقرر ڪيو. ]پر[ ٿوري وقت کان پوءِ، ”دودو“ نالي هڪ سومري، جو واهگه (وڳه) جي قلعي جو حاڪم هو، آسپاس مان پنهنجن ڀائرن کي گڏ ڪري، هيموءَ جي ڀائرن جي پاڙ پٽي ڇڏي. انهيءَ عرصي ۾، ]وڏي[ دودي جي اولاد مان ]هڪ شخص، نالي[ ”دادو پهتو (ڦتو)“ بغاوت ڪري، عجيب لشڪر گڏ ڪيو، ۽ ڪيترو وقت حڪومت ڪندو رهيو. انهيءَ کان پوءِ ”خيرو“ نالي ]هڪ شخص[ ملڪ جو مالڪ ٿيو. تنهن کان پوءِ. ”ارميل“ حڪومت سنڀالي، پر جنهن صورت ۾ هو ظالم نڪتو، تنهن ڪري سمن ماڻهن بغاوت ڪري کيس ڪـُـهي ڇڏيو، اهو واقعو 753 هجريءَ ۾ ٿيو.
هن قوم جي حڪومت جي ابتدا، انتها ۽ سندن نالن جو تعداد ٻيءَ طرح پڻ بيان ٿيل آهي، جيئن ته ”منتخب التواريخ“ لکيل آهي، ته ”جڏهن سلطان محمود غازيءَ جو فرزند سلطان عبدالرشيد تخت تي ويٺو، تڏهن هن جي سادگيءَ ۽ ڪم عقليءَ جو فائدو وٺي، سنڌ جي ماڻهن سرڪشي ۽ بغاوت شروع ڪري ڏني، ۽ سنہ 45 هجري ۾، سومرا قوم جي ماڻهن ٿرڙيءَ ۾ لشڪر گڏ ڪري، ’سومري‘ نالي هڪ شخص کي گاديءَ تي وهاريو، سومرو گهڻو وقت خودمختيار رهيو، ۽ آخر ’صاد‘ نالي هڪ زميندار جي ڌيءَ مان، ’ڀونگر‘ نالي هڪ پٽ ولي عهد ڇڏي، گذاري ويو. ڀونگر بن سومري پندرنهن سال مرادون ماڻي، سنہ461 هجري ۾ عالم بقا ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ کان پوءِ ’دودو‘ بن ڀونگر چوويهه سال راڄ ڪري، سنہ485 هجري ۾، گذاري ويو. تنهن کان پوءِ سنگهار پندرنهن سال، انهيءَ کان پوءِ ’خفيف‘ ڇٽيهه سال، تنهن کان پوءِ ’عمر‘ چاليه سال، انهيءَ کان پوءِ ’دودو - ثاني‘ چوڏنهن سال، انهيءَ کان پوءِ ’پهٽو‘ (ڦتو) ٽيٽيهه سال، انهيءَ کان پوءِ ’کهينرو‘ سورنهن سال، پوءِ ’محمد طور‘ پندرنهن سال، پوءِ ’کهينرو‘ (گنرو) ڪجهه سال، تنهن کان پوءِ ’دودو - ثالث‘ چوڏنهن سال، تنهن کان پوءِ ’طائي‘ چوويهه سال، انهيءَ کان پوءِ ’چنيسر‘ ارڙنهن سال، انهيءَ کان پوءِ ’ڀونگر - ثاني‘ پندرنهن سال، تنهن کان پوءِ ’خفيف - ثاني‘ ارڙنهن سال، تنهن کان پوءِ ’دودو - رابع‘ پنجويهه سال، انهيءَ کان پوءِ، ’عمر - ثاني‘ پنجٽيهه سال، انهيءَ کان پوءِ ’ڀونگر - ثالث‘ ڏهه سال، تنهن کان پوءِ ’همير‘ ]هڪ ٻئي پويان[ حڪومت جون واڳون وٺندا رهيا، هيءُ (همير) جنهن صورت ۾ ظالم هو، تنهن ڪري سما قوم کيس تخت تان لاهي ڇڏيو“.
هن طائفه جي زوال جو سبب ٻيءَ طرح پڻ روايت ٿيل آهي، پهريائين مٿين سردارن کان سواءِ، هن قوم جي ڪن ٻين چڱن مڙسن جو، جي ڪن جڳهن جا مالڪ هئا]35[، ذڪر ڪري، سندن خاتمو، سندن ڪن ناهموار ۽ نامناسب طريقن ۽ نمونن سان گڏ، انهيءَ روايت تي ڪيو ويندو.
عمر سومرو
”عمر ڪوٽ“ جو قلعو انهيءَ ڏانهن منسوب آهي، سندس حالات ۾ ٻه عجيب واقعا آهن، جي ذڪر ڪجن ٿا:
مارئي جو قصو
”مارئيءَ“ نالي هڪ پاڪدامن ۽ خوبصورت عورت، مارن جي قوم مان ’تلها‘ ]ڳوٺ[ ۾ رهندڙ هئي. سندس ماءُ پيءُ هن جو مڱڻو پهريائين ”پنهونءَ“ نالي هڪ شخص سان ڪيو هو، پر پوءِ ڦري هڪ ٻئي عزيز کي ڏيئي ڇڏيائون. پنهون انهيءَ محبوبه جي هٿان نڪري وڃڻ کان ڦـَـٽيل دل ٿي، ”عمر“ وٽ فريادي ٿي ويو، ۽ وڃي چيائينس ته ”هڪ ههڙي خداداد حسن جي مالڪياڻي عورت، منهنجي مڱيندي، ٻئي سان پرڻائي ويئي آهي، مون ته انهيءَ تان آسرو لاٿو، پر جيڪڏهن توهان هڪوار ڏسندا، ته هوءَ محلات جي لائق آهي“. عمر چمڙا پوش ڪري، هڪ تکي اٺ تي ويهي، مارئيءَ جي ڳوٺ ۾ پهتو ۽ کيس ڏسڻ سان ]مٿس[ چريو ٿي پيو! جيئن ته سندس طلب جو سنڌائتو تير هن جي دل ۾ چڀي چڪو هو، تنهن ڪري موقعي ملڻ تي کيس اٺ تي وهاري، زبردستيءَ اچي پنهنجي جاءِ تي ڪڍيائين. پوءِ ته ]کيس لالچائڻ لاءِ[ گهڻو ئي سون، چاندي، زيور ۽ عيش آرام جو سامان آڇيائين، مگر هوءَ راضياڻي نه ٿي، بلڪ پنهنجي مڙس جي ياد ۾ هميشه راتيان ڏينهان روڄ راڙو ڪندي، بي خواب رهڻ لڳي ۽ کاڌو پيتو ڇڏي ڏنائين. پوري هڪ سال گذرڻ کان پوءِ، بلڪ اڳيئي، عمر هن جي سچائي ۽ پاڪدامني ڏسي، سندس مڙس کي گهرائي، کيس گهڻيئي زر ۽ زيورن سميت ان جي حوالي ڪيو، پر سندس مڙس، عمر جي استعمال ڪرڻ جي شڪ تي، کيس ماريندو ۽ ڏکوئيندو رهيو. ]تنهن کان سواءِ[ قوم جا ماڻهو پڻ کيس طعنو تنڪا هڻندا، ۽ عمر جو نالو بي شرميءَ سان وٺندا ايندا هئا. عمر انهن عيبن کان پاڪدامن هو، تنهن ڪري ڏاڍو ڪاوڙجي مٿن ڪاهه ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. مارئيءَ کي جڏهن اها خبر پيئي، ته سندس ڪري ئي سندس قوم تي مصيبت اچڻ واري آهي، تڏهن پنهنجي قوم کي تسلي ڏيئي، عمر وٽ لنگهي ويئي ۽ وڃي چيائينس ته ”ڏوهه تنهنجو آهي، جو ڌاريءَ زال کي هيڏو عرصو پنهنجي محل ۾ رکي ڇڏيئي، هاڻي ماڻهو طعنا نه هڻندا، تڏهن ڇا ڪندا؟ ۽ منهنجو مڙس بدگمان ڇونه ٿيندو؟ هينئر هيءُ فساد ]هيڪاري[ اڳئين خطا کان وڌيڪ وري ٻيو گناهه، بلڪ هميشه جي بدناميءَ جي تائيد ٿيندو!“. عمر متاثر ٿي، انهيءَ ارادي کان باز آيو ۽ سندس مڙس کي گهرائي، چيائين، ته ”هن پاڪدامن عورت جو مان ]برابر[ طلبگار هئس، پر جيئن، ته هوءَ راضياڻي نه ٿي ۽ سندس سچائي ثابت ٿي، تنهن ڪري مون کيس پنهنجي نياڻي سڏي، توکي ڏني آهي! انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ لاءِ جيڪڏهن توکي ثابتي صفائي گهرجي، ته اجهو مان حاضر آهيان، جنهن نموني سان تنهنجي دل کي اطمينان ٿئي، سو ]بيشڪ[ چئي ڏي، ۽ ائين ڪر، ته جيئن مون تان ۽ مارئيءَ تان هيءُ ٽڪو ڌوپي وڃيّ!“ اتي مارئيءَ چيو، ته ”هيءُ گناهه مون تي مڙهيو ويو آهي: تنهن ڪري لوهه تپائي منهنجي هٿ تي رکو. ته مان سچ ٿي کڻي وڃان“، ]بس پوءِ ته[ سڀني مٽن مائٽن ۽ شهر جي رهاڪن گڏ ٿي، اهڙو گرم لوهه، جنهن جي گرميءَ کان ڏسندڙ جون اکيون ٿي سڙيون، سندس هٿ تي رکيو، ۽ هن کي ڪوبه ايذاءُ نه آيو، اتي مارئيءَ چيو، ته ”اڃا انهيءَ کان به وڏو امتحان ڏيندس“ ... پوءِ سندس چوڻ تي، باهه جو وڏو مچ ٻاريائون، جنهن مان اها سهڻي عورت ]حضرت ابراهيم[ خليل وانگيان، اهڙيءَ طرح، جو گويا ڪو ماڻهو ماڻهو باغ جو سير ڪري رهيو هجي، ڏاڍي مزي ۽ آهستگيءَ سان، ڪيئي دفعا آئي ويئي. خدا جي قدرت ۽ سچائيءَ جي برڪت سان، سندس جسم جي ڪنهن وار ۽ ڪپڙي ]جي ڪنهن تند[ کي ايذاءُ (تؤ) نه پهتو!، هاڻي مڙس خواهه ماڻهن جي، عمر ۽ مارئيءَ ۾، بدگماني بلڪل دور ٿي ويئي.
بيشڪ، مارئيءَ جي سچائيءَ ۽ پاڪدامنيءَ تي به آفرين آهي، پر هزارين آفرينون عمر جي خود، روڪ ۽ لالچ کي دٻائڻ تي آهن، جو ههڙيءَ مفت ۾ هٿ آيل پريءَ کي سندس مرضيءَ کان سواءِ هٿ نه لاتائين! مثال طور هڪ عجيب ڳالهه ياد آئي آهي، ۽ جيئن ته موقعي سان مناسب آهي، تنهن ڪري داخل ڪجي ٿي:
ڳالهه: هڪڙو شخص ڪنهن عورت تي عاشق هو، ڪيترو وقت سندس طلب ۾ حيران هو، مگر هوءَ کيس هٿ نٿي آئي. آخر هڪڙي وقت، ڪنهن حيلي بهاني سان، هن کي ڪنهن خالي گهر ۾ آڻي، کڻي دروازو بند ڪيائين. هوءَ پاڪدامن عورت، جا ڊگهي عرصي تائين پاڻ کي بدڪاريءَ کان بچائيندي ٿي رهي، هاڻي لاچار دام ۾ ڦاسي، عاجز ٿي پيئي، ۽ بدڪم لاءِ مرد جي تڪڙ ڏسي، چيائينس، ته ”هاڻي ته توکي دلجاءِ آهي، تنهن ڪري پريشاني ڇڏي، منهنجي هڪڙي سوال جو جواب انصاف سان ڏي، پوءِ جيڪي گهرندي سو تنهنجي مـِـلڪ آهي“. مرد چيو، ته ”چؤ“، تنهن تي عورت چيو، ته ”]چون ٿا ته[ عقل کي چاليهه حـصا ڪري، انهن مان اڻيتاليهه حصا مرد کي ڏنائون، ۽ هڪ حصو عورتن کي، تنهن ڪري انهن کي ’ناقص عقل‘ سڏيندا آهن، اها ڳالهه سچي آهي يا نه؟ ” چيائين، ”هائو“. عورت چيو، ”شهوت جا به چاليهه حـصا چوندا آهن، جن مان اڻيتاليهه حـصا خاص عورت کي ڏنل آهن، ۽ هڪ حـصو مردن کي؟“، مرد وراڻيو، ”بيشڪ“، اتي عورت چيو: “ جڏهن هيءَ ڳالهه قبول ٿو ڪرين، تڏهن مون کي ته عجب آهي، ته تون، جو هڪ مرد آهين، عقل جي انهن اڻيتاليهن حـصن جي باوجود به، شهوت جي هڪ حـصي کان بي اختيار ٿيو آهين، ۽ ان کي روڪي نٿو سگهين، ۽ مان ايتري ٿوري عقل هوندي به هيڏي گهڻي شهوت کي روڪيندي آئي آهيان، تون پاڻ انصاف ڪر! ” جنهن صورت ۾ انهيءَ شير عورت جو ڪلام پاڪدامني ۽ نفس مٿان ضابطو رکڻ تي مبني هو، تنهن ڪري [ان جي[ تاثير جو تير مرد جي دل جي نشان تي پورو لڳو، ۽ هڪدم عورت جي پيرن تي ڪري، گذريل قصور جي معافي گهري، کيس ڇڏي ڏنائين.
قصو ڪوتاهه - مارئيءَ ۽ عمر جي ڳالهه سنڌي زبان ۾ منظوم ۽ مشهور آهي، ۽ حال جا صاحب، مخصوص سر ۾ جوڙي، ترانن ۾ ڳائيندا آهن، ۽ انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو لهي، وجد ۽ حال پرائيندا آهن. ظاهر پرستن تي ]پڻ[ انهيءَ جي سر، عشق جي صدا، ۽ ولولي مان تاثير ٿيندو آهي. سيد محمد طاهر نسيانيءَ هن قصي کي فارسيءَ ۾ نظم ڪري، ”ناز“ نالو رکيو آهي.
ٻي ڳالهه: تميم قوم جي هڪ “ گنگا ” نالي ڇوڪري ]37[ ننڍپڻ ۾ ”عمر“ سان مڱائي هئائون. ائين ٿو ڏسجي، ته هن کي هڪ ڏينهن ڪنهن اهڙي حال ۾ ڏٺائين، جو ننڍپڻ جي ڪري، هن جي حسن جو گل اڃا پوريءَ طرح نه ٽڙيو هو، ۽ کيس نه وڻي، جنهن تي چيائين، ته هن کي ”جنهن سان وڻيوَ، تنهن سان مڱائي ڇڏيو.“ سندس اجازت موجب، هوءَ تميم قوم جي هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان مڱائي ويئي، جو ’عمر سومري‘ جو وزير هو. وقت اچڻ تي، گنگا سونهن ۾ بينظير نڪري پيئي ۽ ملڪان ملڪ مشهور ٿي. عمر پڻ هاڪ ٻڌي، ڪنهن بهاني سان کيس ڏسڻ چاهيو. انهيءَ عرصي ۾، شڪار ڪندي، اچي ڪنهن ڌوٻيءَ وٽان لنگهيو، جو ڪپڙا ڌوئي سڪائي رهيو هو. هڪ خوشبودار وڳو ڪنهن وڻ تي ڏسڻ ۾ آيس. ڌوٻيءَ کان پڇڻ تي معلوم ٿيس ته ’اهو وڳو گنگا جو آهي!‘ اهو ٻڌي، هڪدم انهيءَ جي گهر روانو ٿيو. معلوم ٿيس ته مڙس گهر ۾ ڪونه آهي. ]سو ڇا ڪيائين جو[ گز ڪبوتر ڏانهن اڇلي، انهيءَ گز کڻڻ جي بهاني سان، دروازي کان اندر لنگهي، مرضيءَ موجب ديدار جو مطلب پورو ڪري، سندس گهنڊيدار زلفن جي قيد ۾ گرفتار ٿي، پيچ تاب کائيندو، گهر موٽي آيو، ۽ حيلا هلائڻ شروع ڪيائين، وزيرن کان پڻ صلاح پڇيائين. آخر صلاح بيهاري، مٿئين تميميءَ کي گهڻي ۾ گهڻي عزت ڏيڻ لڳو. هن عمر جو پاڻ ڏانهن اڳوڻي کان سؤڻو وڌيڪ توجهه ڏسي، وزيرن کان پڇيو ته ”هن اميد کان وڌيڪ نوازش جو سبب ڪهڙو آهي؟“ چيائونس ته ”عمر توکي پسند ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڀيڻ جو سڱ تنهنجي نڪاح ۾ ڏيڻ گهري ٿو“. هو بيوقوف هن ٺڳيءَ تي هٿن مان نڪري، انهيءَ مائٽيءَ جو چاهه رکڻ لڳو! نيٺ هڪ ڏينهن، عمر شراب جي محفل برپا ڪري، کيس نشي ۾ چور بنائي، وزيرن کي پنهنجي ڪم سرانجام ڪرڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي وزيرن تميميءَ کي چيو، ته ”عمر کي پنهنجي ڀيڻ جو سڱ توکي ڏيڻ جو شوق آهي، پر فقط اهو ويچار ٿو ٿئيس ته توئي اڳيئي زال آهي، جنهن جي محبت ۾ گرفتار آهين. جيڪڏهن تون انهيءَ کي ]پاڻ کان[ جدا ڪري، عمر جي حوالي ڪرين. جيئن هو جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏيئي ڇڏي، ته هو هڪدم پنهنجي ڀيڻ تنهنجي نڪاح ۾ ڏيندو!“ انهيءَ سادي بي نصيب کي، نشي جي حالت ۾، جنهن ۾ هوش ۽ حواس گم ٿي وڃن ٿا، جيڪي چيائون سو بجا آندائين. جڏهن تميميءَ جي زال ]گنگا[هن جي ڇڏڻ ۽ بخشڻ موجب، عمر جي قبضي ۾ آئي، تڏهن وزيرن جي چوڻ تي، انهيءَ نشي ۾ چور بيهوش کي، ڏاڍيءَ خواريءَ ۽ ذلت سان، غاليچي جي ڪنڊ تان ٽنگ کان گهلي، کڻي ٻاهر اڇلايائون، ۽ چيائونس ته ”تو جڏهن اڳوڻيءَ زال کي، بنا ڪنهن ڏوهه جي، محض دولت جي محبت ۾ بخشي ڇڏيو، ۽ وفا جو طريقو، جو مردانه ڪمن جو خلاصو آهي، بلڪل ڇڏي ڏنو، تڏهن تون سردار جي مائٽيءَ جي لائق ڪيئن ٿيندين؟“ ويچارو، صبح جو جڏهن رات واري نشي کان هوش ۾ آيو، تڏهن انهيءَ ٿيل حادثي کان ڪپڙا ڦاڙي، دهليءَ جي بادشاهه سلطان علاؤالدين وٽ فريادي ويو، ۽ درٻار مان عمر جي گهرائڻ جو پروانو ڪڍائي موڪليائين. ٿيندي ٿيندي، هيءَ ڳالهه، ٻين سببن سان گڏجي، جي ]اڳتي هلي[ بيان ٿيندا، انهيءَ قوم جي حڪومت جي زوال جو سبب بڻي.
اگرچه ڪن ]تاريخ نويسن[ جي لکڻ موجب، هيءُ عمر، سڄيءَ قوم جي سردار ۽ ملڪ جي مالڪ عمر کان ٻيو آهي، پر ڳالهه جو بيان ڏيکاري ٿو ته هيءُ خواهه اڳيون واقعو، خاص عمر سردار سان تعلق رکن ٿا.
”همير“ سومرو پڻ، ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي سرزمين جي ڪنهن حـصي تي، عدل ۽ انصاف سان حاڪم رهي ويو آهي. مٿئين عمر کان سندس اڳي يا پوءِ هجڻ، ۽ سندس وقت جو تعين، ڪتابن مان ثابت نه آهي، پر ڪي چون ٿا، ته هيءُ اهو ساڳيو همير آهي، جو سومرن جو پويون سردار هو. جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ هيءُ عمر کان پوءِ آهي، والله اعلم.
مومل ۽ مينڌري جو قصو سندس وقت جي عجائبات مان آهي، جيئن ذڪر ڪجي ٿو.
مومل ۽ مينڌري جو قـصو
گوجر بادشاهن جي اولاد مان، ”مومل“ نالي هڪ عورت، پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ملڪ تي حڪمراني ڪري رهي هئي، ۽ شهر جي ڪناري تي هڪ عاليشان ماڙي ٺهرائي هئائين، انهيءَ جي ٻاهران جادوءَ جي زور تي هڪ درياء بنائي، ان جي گهيڙ تي ماڙيءَ جو دروازو پٿر جو ٺهرائي ڇڏيو هئائين. دروازي تي پٿر جي ٻن خوفناڪ شينهن جو ڏيکاءُ ڪري، اندر صفحي ۾ ست پلنگ وجهائي ڇڏيا هئائين، جن تي هڪ جهڙا هنڌ پٿاريل هئا. انهن مان، ڇهه ڪچن ڌاڳن سان واڻيل هئا. هر هڪ پلنگ جي هيٺان اونهي کڏ کوٽيل هئي، تنهن کان پوءِ فيصلو ڪيو هائين ته ’جيڪو به انهيءَ درياء ۽ شينهن کان لنگهي، پنهنجي دانائيءَ جي زور تي، اچي سڄي پلنگ تي وهندو، تنهن کي هوءَ پنهنجو مڙس ڪري قبول ڪندي!‘ انهيءَ خواهش ۾ ڪيترا ماڻهو ويا، پر پنهنجي مقصد ۾ ناڪامياب ٿي، عدم آباد ڏانهن روانا ٿيا. هڪ ڏينهن، همير سومرو پنهنجن ٽن وزيرن سان گڏ، جن ۾ سندس سالو ۽ وزير ”راڻو مينڌرو“ پڻ هئا، شڪار ڪري رهيو هو، ته کيس هڪڙو سيلاني جوڳي مليو، جنهن مومل جي حسن جي تعريف ڪري، ]کيس[ سندس ديدار جو شوق ڏياريو. همير سومرو، بي اختيار پنهنجا ٽيئي رفيق وٺي، اوڏانهن روانو ٿيو. اتي پهچي اچي مومل جي محلات جي ٻاهران لٿو. خبر ملڻ تي، مومل هڪ هوشيار ٻانهي موڪلي، ته ايندڙن جو احوال معلوم ڪري، انهن جي وڏي کي دعوت ڏيئي وٺي اچي. پهريائين همير ٻانهيءَ سان گڏجي روانو ٿيو. اوچتو ٻانهي اڳ ۾ نڪري ويئي، ۽ هيءُ طلسمي ڇوليون هڻندڙ درياء ڏسي، مقصد حاصل ڪرڻ کان سواءِ موٽي آيو، ۽ شرم جو ماريو ڪجهه نه ڪڇيائين! ٻيءَ رات، ٻانهي اچي ٻئي کي وٺي ويئي، جو پڻ ساڳيءَ طرح موٽي آيو. ٽيءَ رات جو، ٽيون ويو ۽ واپس آيو. چوٿين رات راڻو مينڌرو ٻانهيءَ سان گڏجي روانو ٿيو. ٻانهيءَ دستور موجب اڳ ۾ هلڻ گهريو، پر هن سندس دامن جهلي، پوئتي هٽائيندي چيس، ته ”ٻانهين کي سردارن کان اڳ ۾ هلڻ نه جڳائي“ پوءِ طلسمي درياء تي پهچي، حيران ٿي بيهي رهيو. آخر نيزو جو هٿ ۾ هئس، سو درياءَ جي اونهائي معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ هنيائين، ۽ معلوم ٿيس ته انهيءَ پاڻيءَ کي ڪا حقيقت ڪا نه هئي، تنهن ڪري هڪدم انهيءَ مان اڳتي لنگهي ويو. ]پوءِ[ دروازي وارن شينهن تي نظر پيس، ته انهن کي پڻ نيزي سان ٺوڪيائين، جڏهن ]ڏٺائين[ ته اهي پڻ رڳو ڏيک هئا، تڏهن ڪاميابيءَ سان ماڙيءَ ۾ اندر لنگهي، صفحي ۾ گهڙيو. ]اتي[ ست هڪ جهڙا پلنگ ڏسي، ويچار ڪيائين، ته وهڻ لاءِ آخر هڪڙو هوندو، متان هن ۾ به ڪا اٽڪل رکيل هجي!؟ سو هرهڪ کي نيزي جي چوڪ ڏيئي، سڄو پلنگ معلوم ڪري، انهيءَ تي پلٿ ماري ويهي رهيو. ٻانهيءَ هن جي احوال ۽ عقلمنديءَ جي ڳالهه وڃي مومل کي ٻڌائي، جا هڪدم ٻاهر نڪري آئي. هو هڪ ئي صحبت ۾ پاڻ ۾ ٺهي ويا، ۽ نڪاح ڪري هڪ ٻئي جا طالب ۽ مطلوب ٿيا. مينڌرو، اها رات عيش عشرت ۾ پوري ڪري، صبح جو همير سومري ۽ ٻين جي خدمت ۾ پهتو، ۽ کين احوال ٻڌايائين. همير ]ٻڌي[ چيو، ته ”جڏهن اها خاص تنهنجي ٿي چڪي، تڏهن توکي گهرجي ته هڪ دفعو ڏسڻ جي اجازت اسان کي به ڏين“. ]انهيءَ تي[ مينڌرو ٻيءَ رات همير کي ڌنار جي پوشاڪ ۾ پاڻ سان وٺي ويو. انهيءَ بي ادبيءَ ڪري، همير، راڻي ]مينڌري[ تي ٿورو رنج ٿي، کيس پاڻ سان شهر ۾ آڻي کڻي نظر بند ڪيو.
مينڌرو جيئن ته مومل کي دل ڏيئي چڪو هو، تنهن ڪري چوڪيدارن کي پاڻ سان ٺاهي، راتو رات ڳجهه ڳوهه ۾ هڪ تکي اٺ تي، جو هڪ رات ۾ پنجن ڏينهن جو اوٽ موٽ جو پنڌ ڪندو هو، سوار ٿي، محبوب جي ديدار مان بهرو حاصل ڪري، موٽي ايندو هو. اتفاقاً، هڪ ڏينهن مومل ڀيڻ جي ملاقات لاءِ ويئي هئي، مينڌرو وڃي واپس موٽي آيو، ۽ شڪ جو شڪار ٿي، ڪاوڙجي، آئينده لاءِ وڃڻ ڇڏي ڏنائين! بيڏوهي مومل، مينڌري جي انهيءَ رنجش کان بيتاب ٿي، ملڪ ڇڏي، مينڌري جي شهر ۾ آئي، ۽ سندس ماڙيءَ جي سامهون ماڙي ٺهرائي، دريون مينڌري جي ماڙيءَ جي درين سامهون ڪرايائين، ]انهيءَ خيال کان[ ته من ڪڏهن ڪڏهن کيس ڏسي، پنهنجي اکين کي منور ڪندي رهي، پر مينڌري ڪاوڙ کان انهيءَ پاسي جون دريون بند ڪرائي ڇڏيون. مومل ٻئي پاسي کان ماڙي ٺهرائي، وري به دريون مينڌري جي ماڙيءَ جي درين سامهون رکايون. اهڙي طرح چؤطرف ماڙيون اڏايائين، پر ديدار کان ناڪامياب رهي. نيٺ، هر طرح مينڌري جو توجهه پاڻ کان هٽيل ڏسي، هڪ درد ڀري دانهن ڪري، ناڪاميءَ جي حالت ۾ ساهه ڏنائين! جيئن ته عاشق جو معشوق جي دل تي پورو اثر هوندو آهي، ۽ هڪ ٻئي سان سندن هڪ قسم جو قلبي اتحاد ۽ عشق ثابت آهي، تنهن ڪري جڏهن ]هيءَ[ خبر وڃي مينڌري کي ٻڌايائون، تڏهن ٻڌڻ سان دانهن ڪري ]ڪري پيو ۽[ ساهه محبوب وٽ رسايائين!
هيءُ احوال سنڌي بيتن ۾ مشهور سـُـر ۾ ڳائيندا آهن، ۽ حال جا صاحب هن مجاز مان حقيقت جو پتو معلوم ڪري، پنهنجو شوق ۽ جذبو وڌائيندا آهن. ملا ”مقيم“ نالي هڪ ماڻهوءَ هيءُ قصو فارسيءَ ۾ نظم ڪري، ان جو نالو ”ترنم عشق “ رکيو آهي.
ليلا ۽ چنيسر جو واقعو
گذريل زماني جي عجيب واقعن جا داستان لکندڙ، اڳوڻي وقت جي حالات ۾، هن طرح بيان ڪن ٿا، ته صاحب حشمت ۽ ناليري بادشاهه ”کنگهار“ جي ڌيءَ، ”ڪؤنروءَ“ نالي]40[، پنهنجي سؤٽ سان مڱيل هئي. هوءَ حسن ۾ بينظير هئي، تنهنڪري پاڻ جهڙين سان هميشه شوخيءَ ۽ غرور سان هلندي هئي. انهن ڏينهن ۾ ”چنيسر“ ديولي حسن، دولت، وڏي بادشاهت ۽ طاقت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. وقت جي هر هڪ سهڻي سندس وصال لاءِ خواهان هئي. هڪ ڏينهن، ”جمنيءَ“ نالي هڪ سهيلي ڇوڪريءَ، ڪؤنروءَ کي طعنو هڻي چيو، ته ”تنهنجي هن ناز ۽ بيباڪيءَ مان ائين پيو معلوم ٿئي، ته گويا تنهنجي دماغ ۾ چنيسر جي وصال جو خيال سمايل آهي!“ هيءُ طعنو ڪؤنروءَ جي دل ۾ چـُـڀي ويو: اڻ ڏٺي چنيسر تي دل ڦـُـرائي ويٺي، ۽ وڃي بيحيائيءَ جي حد کي پهتي. سندس ماءُ ”مرکيءَ“ هيءُ حال معلوم ڪري وڃي راڻي کنگهار کي ٻڌايو. چنيسر جو وصال انهيءَ وقت ۾ فخر جهڙي ڳالهه هئي، مگر اهو حيلي کان سواءِ حاصل ٿيڻ وارو نه هو، سو راڻي کنگهار، مرکيءَ کي چيو، ته ”ڪؤنرو پاڻ ناڪاميءَ جي ڳليءَ ۾ دربدر ڦري، تنهن کان چڱو ائين ٿيندو، ته تون چمڙا پوش ڪري، انهيءَ ملڪ جي واپارين جي لباس ۾، کيس پاڻ سان وٺي وڃي ڪا اٽڪل ڪر. ممڪن آهي، ته اهو هٺيلو تنهنجي ڪنهن اٽڪل جي دام ۾ شڪار ٿي پوي“ . هيءُ ٻڌي، مرکي سارو ]ضروري[ سامان ساڻ کڻي، ڌيءَ سميت، پنهنجو ملڪ ”ڍٽ“ ۽ پربت ندي لتاڙي، ٿوري وقت ۾ ’ديول‘ جي سرزمين تي پهچي، چنيسر جي شهر ۾ آئي، ۽ هڪ ماڻهوءَ جي وسيلي، چنيسر جي وزير ’جکري‘ ڏانهن سڱابندي جو پيغام موڪليائين. چنيسر پنهنجي زال ’ليلا‘ کي، جا حسن و ادا ۾ ڪؤنرو کان به ڪثر هئي، دل ڏيو ويٺو هو، سو جواب ڏنائين، ته ”ليلا کان سواءِ ٻي ڪانه گهرجيم. خبردار، ٻيهر اهڙا لفظ زبان تي نه آڻج، ۽ آيل ماڻهوءَ کي موٽائي ڇڏ، متان ليلا ٻڌي ڏک ڀرجي!“
هيءُ جواب ٻڌي، مرکيءَ سوداگريءَ جو سامان وڪڻي ڇڏيو، ۽ هڪ ڏينهن مسافرن وانگيان غريبن جي شڪل ۾ ليلا وٽ حاضر ٿي اچي ليلايائين ته ”مان ۽ منهنجي ڌيءُ، زماني جي حادثن جو شڪار ٿي، وطن کان پري رهجي ويون آهيون، ڪورڪي ڪم ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهيون. جيڪڏهن غريب نوازي فرمائي، اسان کي ٻانهيون ڪري رکو، ته اهڙي نوڪري ڏينديونسين جا دنيا کي پسند پوي“ ليلا ٻنهي کي پاڻ وٽ رکيو ۽ سندن ڪم کيس پسند آيو. هلندي هلندي آخر ڪؤنرو، چنيسر جي آرام جي بستري ]41[ وڇائڻ جي ڪم تي مقرر ٿي. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ، هڪ رات، ڪؤنروءَ کي پنهنجي بادشاهي ۽ شان شوڪت ياد آيا، تنهن ڪري اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيس. هيءُ حال ڏسي چنيسر پڇا ڪئي، جنهن تي جواب ڏنائين، ته ”جنهن هٿ ۾ ڏيئي جي وٽ کنئي هيم، انهيءَ ئي هٿ سان اک کنهي اٿم، تنهن ڪري اکين مان پاڻي نڪري آيو آهي“. هيءُ ڳالهه ليلا ٻڌي، وڌيڪ زور ڪرڻ لڳي، ۽ گهڻي پڇا کان پوءِ، ڪؤنروءَ چيو، ته سچي ڳالهه هيءَ آهي، ته ’مان اصل ۾ هڪ ملڪ جي مالڪ جي ڌيءَ آهيان، جنهن وٽ ڏئي جي بدران شب - چراغ موتي ٻرندا هئا. هتي ڏئي جي دونهين منهنجو دماغ پريشان ڪيو آهي، سو انهن ڏينهن جي هٿان نڪري وڃڻ تي روئي ڏنم‘ . ” ليلا هن کان ان دعويٰ جي سچائيءَ جو دليل گهريو، هن هڪدم نفيس پٽ ]جا ڪپڙا[ جن جهڙا ليلا اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺا هئا، ۽ نوَ لکو هار ڪڍي سندس اڳيان رکيا. ليلا هن قسم جي عجيب شين تي موهجي، انهن جي گهر ڪئي، جنهن تي ڪؤنروءَ ۽ مرکيءَ وراڻيو ته ”هڪ شرط سان ڏينديونسين، ]اهو هي[ ته هڪ رات چنيسر اسان کي بخشين“، جيئن ته زالون گهڻو ڪري ڪم عقل ٿينديون آهن، سو ليلا به شرط قبول ڪري، هڪ رات، نشي جي حالت ۾ چنيسر کي ڪؤنروءَ جي حوالي ڪيو. چـنيسر ساري رات نشي جي بيخبريءَ ۾ گذاري، صبح جو سجاڳ ٿيڻ وقت حيران ٿي پڇيو، ته ”ڪڇ ۾ ڪير آهي؟“ هوڏانهن، ڪؤنروءَ جي ماءُ به سڄي رات ڪؤنرو جي وائٺ وٺندي رهي، ۽ صبح تائين ڌيءَ جي ناڪاميابي ڏسي، پردي جي پويان منڊ پڙهڻ شروع ڪيائين، ته ”ليلا جو به عجيب حال آهي، جو چنيسر جهڙو مڙس هار تي وڪڻي ڇڏيو اٿس! چنيسر کي اها خبر نه پيئي آهي، نه ته ههڙيءَ زال ڏانهن توجهه ڪرڻ مردن جي شان وٽان نه آهي!“. هيءُ ٻڌي، چنيسر ڪؤنروءَ ڏانهن رخ ڪري، کانئس اول کان آخر تائين، ذري پرزي جو احوال معلوم ڪري چيو، ته ”جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ تون دلجاءِ ڪر. آءٌ ٻيهر ليلا جو ناهيان، بلڪ توکي ساهه سنئون گهرندس!“ ليلا هيءُ ٻڌي گهڻائي حيلا هلايا، پر ڪجهه نه وريو. آخر جڏهن دائمي وصال بدران ڪمال جدائيءَ جي ]عذاب ۾[ گرفتار ٿي، تڏهن گهڻي وقت ]ائين[ گهارڻ کان پوءِ، موڪل وٺي، پنهنجن پيڪن جي ڳوٺ وڃي، سدائين جدائيءَ ۾ ڳرندي رهي.
هن کان اڳ، جکرو وزير، ليلا جي مائٽن مان هڪ ڇوڪريءَ سان مڱيو هو. ليلا جي واقعي ٿيڻ کان پوءِ، ليلا جي مائٽن ڇوڪري پرڻائي ڏيڻ جي نٿي ڪئي. جنهن صورت ۾ جکري کي انهيءَ سڱ جو ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري حيلا هلائيندو ٿي رهيو، پر ڪامياب نٿي ٿيو. ليلا کيس چوائي موڪليو ته ”جيڪڏهن ڪنهن به نموني چنيسر کي پاڻ سان وٺي اچين، ]42[ ته پوءِ تنهنجي مائٽيءَ جي آءٌ ضامن آهيان“. هيءُ پيغام ٻڌي، جکرو هزارين منٿون ڪري، چنيسر کي پاڻ سان وٺي، ليلا جي ڳوٺ ۾ آيو. ليلا لباس بدلائي، شاديءَ جو پيغام کڻي ايندڙ زالن جهڙا ڪپڙا پهري، منهن تي پردو وجهي، چنيسر جي مجلس ۾ پهتي، ۽ سندس ليلا سان بيوفائيءَ متعلق ڪجهه ڏک ڏوراپا زبانان ڪڍيائين. گفتگو هلندي، هن ڪجهه اهڙو ته ناز و انداز ڏيکاريو، جو چنيسر، انهيءَ ڄاڻڻ کان سواءِ ته هوءَ ڪير آهي، مٿس موهجي پيو! جنهن صورت ۾ چنيسر هيءَ سموري بيرخي ۽ بي توجهي فقط غيرت وچان ڪئي هئي، باقي سندس دل ليلا سان ساڳيءَ طرح ٻڌل هئي، تنهن ڪري هن جي (ليلا جي) وصال واري زماني جا حق ياد ڪري، بيخود ٿي ويو، ۽ شرم لڪائڻ خاطر چيائين، ته ”اي خوش گفتار نينگري! تون پاڻ سهڻين جو نڪ آهين، ليلا جي ڳالهه ڪيتري ڪندينءَ. آخر پاڻ کان ته واقف ڪر، جو دل تو ڏانهن تمام مائل ٿي چڪي آهي!“ هن وراڻيو ته”توجهڙي بيوفا سان ميلاپ، ڪنهن جي دل چاهيندي؟“ چنيسر هن جي گفتگوءَ کان بي اختيار ٿي، سندس منهن تان پردو پري ڪرڻ گهريو. ليلا جا پنهنجي ڪم جو قاصد پاڻ ٿي آئي هئي، تنهن چنيسر جي شوق جي عين گرميءَ وقت کڻي منهن تان پردو لاٿو. چنيسر اهو ڏسڻ سان، ته هوءَ ليلا پاڻ آهي، هڪدم پنهنجي دردناڪ دل مان ٿڌو ساهه کنيو، ۽ انهيءَ گهڙيءَ ساهه ڏنائين. ليلا پڻ هيءُ حال ڏسي، هڪڙي ئي دانهن ڪري بيجان ٿي زمين تي ڪري پيئي! ٻنهي کي رسم موجب باهه جو نذر ڪيائون، ۽ هيءُ عجيب واقعو زماني ۾ يادگار رهيو. حال جي صاحبن هن احوال کي سنڌيءَ جي هڪ سر ۾ ٻڌو آهي، جنهن جي ٻڌڻ کان کين هڪ عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي. ادراڪي بيگ لار، هيءُ واقعو فارسيءَ ۾ نظم ڪيو آهي. لکندڙ ڊيگهه جي خوف کان هيتري بيان تي اڪتفا ڪري ٿو.
دلوراءِ
”دلوراءِ“ مٿئين، ’دلور‘ جي مالڪ، دلوراءِ جي اولاد مان، سومرن جي زماني جو هڪ سردار هو، پر بڇڙن افعالن ڪري، سندس زندگيءَ ۾ ننگ ۽ عار جو چـُـٽو سندس پيشانيءَ تي لڳو، ۽ اروڙ جي ويراني ۽ ڀانڀرا جي بربادي، سندس ظلم جي هٿان ۽ سندس ذات بدنهاد جي نحوست کان ٿي، جنهن صورت ۾ ٻئي احوال عبرت جا نشان آهن، تنهن ڪري سندن مختصر بيان ڪيو وڃي ٿو.
اروڙ جي ويران ٿيڻ جو واقعو
هن بدبخت ظالم جو اهو رستو هو، ته هندستان مان جيڪو به سوداگر ايندو هو، ته لنگهه جي محصول جي انگن ابوابن ۾ سندس اڌ مال ڦري وٺندو هو، ]تنهن کان سواءِ[ سڀڪنهن جي سهڻي زال زور سان کسيندو هو. هڪڙو عزت وارو ۽ ناليرو سوداگر - جو ”سيف الملوڪ“ جي نالي سان مشهور هو، ۽ ڪن ماڻهن جو خيال آهي، ته هو اصل ۾ شهزادو هو، جو سوداگرن جي لباس ۾ بيت الله ڏانهن وڃي رهيو هو. هن نالائق جي ڪارنامن کان بيخبر، اچي سندس ملڪ مان لنگهيو. ساڻس گڏ ”بديع الجمال“ نالي هڪ سهڻي زال هئي. انهن ڏينهن مهراڻ جو پاڻي اروڙ شهر جي ويجهو وهندو هو. ]دلوراءِ[ بديع الجمال جي حسن جي خبر ٻڌي، هن جي هٿ آڻڻ جي لالچ رکي، سوداگر کي لنگهه جي ابوابن ادا ڪرڻ جي واسطي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. وڻجاري ويچاري، انهيءَ ظالم کي ٽن ڏينهن جي تسلي ڏيئي، ساري رات الاهي درگاهه ۾ ٻاڏايو. جيئن ته ٻاڏائيندڙن جي دعا جو تير ضرور قبوليت جي نشان تي پورو لڳندو آهي، تنهنڪري کيس خواب ۾ الهام ٿيو، جنهن تي صبح جو، ماڻهن کان لڪ چوريءَ، فرهاد جهڙن ڪاريگر سنگتراشن جي هڪ ٽوليءَ کي وڏي رقم ڏيئي راضي ڪيائين، جن راتو واهه پاڻيءَ کي روڪيندڙ جبل کي وچان ٽڪي، ٻيڙيءَ جو لنگهه تيار ڪري، ٻئي پاسي کان مضبوط بند ٻڌي ڇڏيو. اگرچه هي ٻئي ڪم انساني طاقت کان ٻاهر هئا، ليڪن خدائي مدد سان، عبرت طور يادگار رهڻ لاءِ، هيءُ سڄو منصوبو هڪ رات ۾ عمل ۾ اچي ويو. ائين به ٿي سگهي ٿو، ته تقدير جا ڪارپرداز هن سڄي ڪم جا باني ٿيا هجن. بهرحال، سوداگر ٻيڙين سميت انهيءَ رستي کان صاف بچي نڪري ويو، ۽ مهراڻ ندي پراڻو رستو ڇڏي، انهيءَ رستي سان وهڻ لڳي، جنهن سان هينئر وهي رهي آهي. صبح جو شهر وارن دلوراءِ کي خبر ٻڌائي. هن گهڻي ڪوشش ڪئي، پر تقدير جي معاملي کي ڦيرائي نه سگهيو. اروڙ شهر جي برباديءَ جي ابتدا اُتان کان آهي.
چون ٿا، ته سيف الملوڪ ڪعبي جي سفر کان موٽي، پنهنجي محبوبا بديع الجمال سميت اچي ديري غازي خان ۽ سيتپور جي وچ واري پرڳڻي ۾ رهيو، ۽ اتي گذاري ويو. کيس اتي بديع الجمال مان ٻه پٽ، ”رتو“ ۽ “ چنو ” نالي ڄاوا. هينئر تائين سندس ۽ سندس پٽن جي مزار، مٿئين پرڳڻي ۾، رتي ڪوٽ ۾، جو قديم زماني ۾ هڪ آباد ۽ عاليشان شهر هو ۽ سندس نشان اڃا تائين ظاهر آهن، عام ماڻهن لاءِ زيارتگاهه آهي. اها زمين به مٿئين دلوراءِ جي بادشاهيءَ ۾ هئي.
شهر ڀانڀرا عرف برهمڻ آباد جي برباديءَ جو واقعو
چون ٿا، ته مٿيون دلوراءِ، اروڙ شهر جي ويرانيءَ کان پوءِ انهيءَ شهر ]ڀانڀرا[ ۾ رهڻ لڳو هو. کيس ”ڇـُـٽي“ نالي هڪ ڀاءُ هو، جنهن جو لقب ”امراني“ هو. الله تعاليٰ ان کي ننڍپڻ ۾ اسلام جي توفيق عطا ڪئي، ۽ هن انهيءَ شهر مان نڪري وڃي قرآن شريف ياد ڪيو ۽ اسلام جا عقائد سکيا. شهر ۾ موٽي آيو، ته سندس مائٽن کيس شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، مگر هن قبول نه ڪيو. اتي ڪنهن ماڻهوءَ کيس طعنو هڻي چيو، ته ”هيءُ ترڪ شايد ڪعبي ۾ وڃي ’فلاڻي‘ ناليري عرب جي ڌيءَ سان شادي ڪندو“. حسن اتفاق ڏسو، جو انهيءَ ئي ننڍپڻ جي وقت ۾ کيس حج جو پڪو ارادو ٿيو. اتي پهچي، هڪ عورت کي دڪان تي قرآن ]پاڪ[ جي تلاوت ۾ مشغول ڏٺائين. هيءُ ٻڌڻ واسطي بيهي رهيو. عورت پڇيس ته ”ڇو بيٺو آهين؟“ وراڻيائين، ”قرآن شريف ٻڌڻ لاءِ: جيڪڏهن ڪرم ڪري مون کي قرآن سيکارين ته غلام رهندس“. عورت چيو، ته ”منهنجي استاد ’فلاڻي‘ نينگر آهي، جيڪڏهن تون ڪپڙا بدلائي، ڇوڪرين جي لباس ۾ ٿي اچين، ته آءٌ توکي اتي وٺي هلان“. اهڙيءَ طرح کيس وٺي وڃي انهيءَ نينگر وٽ قرآن ]پاڪ[ جي پڙهڻ ۾ لڳايائين. اها قاري نينگر نجوم جي علم ۾ ڏاڍي ماهر هئي. هڪ ڏينهن ڪا عورت پنهنجي ڌيءَ جي طالع پڇڻ لاءِ وٽس آئي. واندي ٿيڻ کان پوءِ ڇـُـٽي انهيءَ قاري نينگر کي چيو، ته ”جڏهن توکي ٻين جو حال معلوم ٿي سگهي ٿو، ته ضرور پنهنجي حال جي به توکي واقفيت هوندي!“ ]هيءُ ٻڌي[ قاري نينگر چيو، ته ”چڱو جو ياد ڏياريئي“. ۽ هڪدم پنهنجو طالع ڏسي چيائين، ته ”منهنجي شادي هڪڙي سنڌ جي رهاڪوءَ سان ٿيندي“. ]ڇٽي[ پڇيو، ”ڪڏهن؟“ وراڻيائين، ”عنقريب“. چيائين، ”اهو ماڻهو ڪٿي آهي؟“ قاري نينگر حساب ڪري چيو، ته ”اهو ماڻهو تون آهين!“ جڏهن ڇـُـٽي جي حال تان پردو کڄي ويو، تڏهن قاري نينگر چيس ته ”اڄ کان پوءِ هتان نڪري وڃ ۽ ٻيهر نه اچج، هيءُ ڪپڙا لاهي ڇڏ، ۽ منهنجي شاديءَ جي گهر ڪر. ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي قسمت ۾ لکجي چڪي آهيان!“. پوءِ ته پنهنجي ماءُ پيءُ کي احوال ٻڌائي، ٿوري ئي وقت ۾ ڇـُـٽي جي نڪاح ۾ آئي.
ڇـُـٽو ڪجهه وقت کان پوءِ وطن وريو، ۽ زال کي به، جنهن جو نالو ”فاطمہ“ هو، پاڻ سان وٺي آيو. دلوراءِ جي شهر ۾ پهچڻ تي، انهيءَ ظالم جو هيءُ دستور ڏسڻ ۾ آيس، ته جيڪا به ڇوڪري نئين پرڻي ٿي، تنهن کي زبردستيءَ گهرائي، پاڻ استعمال ڪري، موٽائي ٿي ڏنائين، ڇـُـٽو هميشه کيس نصيحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر هو پنهنجن برن ڪمن کان باز نه آيو. نيٺ هڪ ڏينهن فاطمہ جي تعريف ٻڌائين، ۽ اهڙي وقت، جڏهن ڇـُـٽو ٻاهر هو، ]وجهه وٺي[ هن جي ڏسڻ لاءِ سندس گهر آيو. ڇـُـٽي، دل جي صفائيءَ جي مدد سان هيءُ حال پرپٺ ڏسي ورتو، ۽ هڪدم گهر پهچي زال کي پاڻ سان وٺي، بنا دير شهر کان ٻاهر نڪتو، ۽ پڙهو ڏياريائين، ته ’حاڪم جي نحوست کان، اڄ رات، هيءُ شهر سرنگون ٿي زمين ۾ غرق ٿيندو! جنهن کي به انهيءَ ]ٿوري[ فرصت ۾، هن موت جي دام مان نڪرڻو هجي، ته ڀلي نڪري‘ . سندس ڳالهه تي ڪن ٿورن ماڻهن اعتبار ڪيو. پهرين رات، هڪ پوڙهي، جنهن چرخي تي سٽ ٿي ڪتيو، جي جاڳڻ جي برڪت سان، ۽ ٻيءَ رات هڪ چاڪيءَ جي محابي، شهر تان اها بلا ٽري ويئي. نيٺ ٽينءَ رات، سڄو شهر رهاڪن سميت سرنگون ٿي، عدم جي اوڙاهه ۾ غرق ٿي ويو، فقط هڪ منارو عبرت خاطر يادگار رهيو!
هن قوم جي رئيسن جي عام روش جو ٿورو بيان
چون ٿا، ته هي جاهل، رعيت ۽ ڀائرن کي ڏنڀ ڏيئي چوندا هئا، ته ”هيءُ اسان جا ٻانها آهن!“. پاڻ مٿن تي پڳون ٻڌندا هئا، ۽ ماڻهن کي اڻ اڻيل ٿان مٿي تي ويڙهڻ جو حڪم ڏنو هئائون. هي هٿن ۽ پيرن جا ننهن پاڙان ڪڍرائي ڇڏيندا هئا. چوندا هئا، ته ”سردارن ۽ ٻيءَ قوم ۾ هيترو فرق هجڻ گهرجي!“ هڪ دفعو عورت ٻار ڄڻيندي هئي، ته انهيءَ کي وري ويجهو نه ويندا هئا، بلڪ بيڪار سمجهي ڇڏي ڏيندا هئا، ڪپڙا پڻ پهريون ڌوپ پهري کڻي ڦٽا ڪندا هئا.
چون ٿا، ته هڪ داناء عورت کي حمل ٿيو. جنهن صورت ۾ مڙس سان ڏاڍي دل هئس، تنهن ڪري اچي ڳڻتيءَ ورايس، ته ٻار ڄڻڻ کان پوءِ کيس شايد ڦٽو ڪيو ويندو! هوءَ هوشيار هئي، سو نيٺ هڪ حيلو سـُـجهي آيس، ]ڇا ڪيائين[ جو مڙس جون ڦٽي ڪيل چادرون ڌوٻيءَ کي ڏنائين، ]46[ جو چڱيءَ طرح ڌوئي کڻي آيو، ۽ جڏهن سندس مڙس تڙ ڪري چادرن جي گهر ڪئي، تڏهن اهي تازيون تازيون کيس ڏنائين. سادو مڙس، اهي چادرون پهري، سندن خوشبو ۽ ملائمت ڏسي، پڇڻ لڳو، ته ”هيءُ ڪهڙي ڪپڙي جون آهن؟ ڏاڍيون خوشبودار ۽ عجيب نرم ٿيون ڏسجن!“ عورت ٻڌايس، ته ”هي اهي ساڳيون تنهنجون ڦٽي ڪيل چادرون آهن. الله تعاليٰ توهان جو عقل کسيو آهي، جو ههڙي پاڪيزي لباس کان محروم رهجي ويا آهيو!“ مڙس کي هن جي هيءَ معقول ڳالهه آئڙي، ۽ آئيندي لاءِ پنهنجي اڳئين دستور کان دستبردار ٿيو، ٻين پڻ اها ڳالهه پسند ڪئي.
داناء عورت ڏٺو، ته سندس اها رٿ راس ٿي آهي، تڏهن ]مڙس کي[ چيائين، ته ”وياپل زال جو پڻ ساڳيو حال آهي!“. جنهن صورت ۾ مڙس هن جي عقلمنديءَ جو قائل ٿي چڪو هو، تنهن ڪري هن ڳالهه کي پڻ تجربي ڪرڻ کان پوءِ پسند ڪري، ٻين کي ٻڌايائين، ۽ اها رسم رفتي رفتي گهڻن سومرن مان نڪري ويئي.
چون ٿا، ته سومرا گهڻو ڪري شراب، پاڏي جي گوشت سان پيئندا هئا. هڪ ڏينهن ڪنهن سمي جي گهران زوريءَ هڪ ڪونهٽ کڻي (ڪاهي)، پنهنجي ڪتب آندائون. هن (سمي) جي زال، مڙس کي چيو، ته ”اڄ هڪڙو ڪونهٽ کڻي (ڪاهي) ويا، سڀاڻي زال به ڪين ڇڏيندا!“ انهيءَ تي مرد غيرت وچان پنهنجي قوم کي گڏ ڪيو، ۽ سومرن جا ڪي سردار ڪـُـهي، ملڪ، ڳوٺ ۽ گهر ڇڏي لڏي ويا. سومرا سندن پويان گهڻوئي ڊوڙيا ۽ صلح خواهه جنگ سان کين موٽائڻ چاهيائون، پر ڪجهه نه وريو.
ڪڇ ولايت جي سمن جي هٿ اچڻ جي حقيقت
مٿين قوم جڏهن وڃي ڪڇ جي سرزمين ۾ رهڻ لڳي، تڏهن ڪڇ جي واليءَ ساڻن ڏاڍي رعايت ۽ همدردي ڪئي. ٿوري وقت کان پوءِ، هنن ماڻهن چيو، ته ”اسان جهڙي هڪ وڏي قوم توهان جي پناهه جي پاڇي ۾ اچي رهڻ لڳي آهي، ڪيستائين توهان کي تڪليف ڏيندا رهنداسون؟ ]اسان جي صلاح آهي ته[ اسان لاءِ ڪو زمين جو ٽڪرو مقرر ڪيو وڃي، جنهن کي پنهنجي ٻج ۽ خرچ سان آباد ڪري، توهان کي ڍل ڏيندا رهون“. ڪڇ جي راجا، مهربانيءَ روءِ، زمين جو هڪ ڪشادو ٽڪر کين عطا ڪري، مٿن هر هڪ فصل ۾ پنج سؤ گاهه جون گاڏيون مقرر ڪيون، جي سما ماڻهو باقاعدي ادا ڪندا رهيا. ٿوري وقت ۾، حاڪم خواهه رعيت جي طور طريقي کان واقف ٿي، پاڻ ۾ ملڪ کسڻ جا پهه پچائڻ شروع ڪيائون.
ڪڇ جي قلعي جي دروازي مٿان، بالڪنيءَ تي، هميشه هڪ نجومي برهمڻ ويٺو هوندو هو، جو آئي وئي ]47[ کي سندس احوال معلوم ڪرڻ کان پوءِ موڪل ڏيندو هو. هڪڙي فصل ۾، هيءُ ماڻهو گاهه جون پنج سؤ گاڏيون تيار ڪري، هر هڪ گاڏيءَ ۾ ٻه هٿيار بند ماڻهو سمهاري، هڪڙو ماڻهو ظاهر ظهور گاڏيءَ تي وهاري، شهر ۾ وٺي آيا. چون ٿا ته برهمڻ، گاڏين جي اندر گهڙڻ وقت چيو، ته ”هن گاهه مان ڪچي گوشت جي بوءِ ٿي اچيم!“ دربانن انڪار ڪندي چيو، ته ”گاهه ۾ ڪچي گوشت جو هئڻ ممڪن ئي ناهي“. تنهن هوندي به ڪن ماڻهن احتياطاً گاهه ۾ نيزا چڀايا. ڳالهه ٿا ڪن ته نيزا جڏهن لڪل جوانن جي بدن ۾ چـُـڀي، رت ۾ ڀرجي پيا، تڏهن انهن هڪدم نيزن جي چهنبن کي ڪپڙي سان اهڙو ته صاف ڪري موڪليو، جو ]رت جو[ ڪوبه نشان ڏسڻ ۾ نه آيو! آخر دربانن نجوميءَ کي ڪوڙو ٺهرائي، گاڏين کي ]اندر وڃڻ جي[ موڪل ڏني، سڄو ڏينهن گاڏيون اندر وينديون رهيون. رات جو وجهه وٺي، پنج سؤ هٿيار بند ماڻهن، قلعي جي دروازي تي قبضو ڪري، ٻاهرين کي پڻ، جي سڏ جي انتظار ۾ هئا، اندر سڏي، ڪڇ جي راجي کي لاهي، ]پاڻ[ قلعي ۽ ملڪ جا مالڪ ٿي ويٺا، انهن سمن جو نسل اڄ تائين ننڍي خواهه وڏي ڪڇ جو مالڪ آهي.
قصو ڪوتاهه - جڏهن دلوراءِ جي ظلم کان، مهراڻ جو پاڻي سيوستان جي پاسي کان وهڻ لڳو، ۽ هيءُ زمينون جيڪي هاڻي آباد آهن، سي آباد ٿيڻ لڳيون، تڏهن سومرن جي زمين خشڪيءَ سبب ويران ٿيڻ لڳي. هوڏانهن ڏنڀ جي ظلم ۽ زال جي کسجڻ ڪري، تميمي، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو. دهليءَ جي بادشاهه سلطان علاؤالدين جي درٻار ۾ دانهن کڻي ويو، جنهن تي ڪن ]تاريخ نويسن[ جي چوڻ موجب سلطان پاڻ، ۽ ڪن جي چوڻ موجب سالار خان نالي سندس سپهه سالار، سومرن تي ڪاهي آيو. سومرا، چارڻ قوم کي، جنهن کي ٻئي قومون وڏي تعظيم ڏينديون هيون، منٿ ڪري، ]پنهنجو[ اهل عيال، ابڙي نالي ايراني سمي ڏانهن ڪڇ موڪلي، پاڻ سلطان سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا، ۽ جڏهن بادشاهي لشڪر انهيءَ قوم جي مٿان اچي طوفاني بلا وانگر ڪڙڪيو، تڏهن سخت جنگ ڪيائون.
سومرا قوم (قبيلي) جو سردار ”سپڙ“ سومرو، شاهي لشڪر جي غازين جي خونخوار ترار جو لقمو ٿي ويو، ٻين کي محمد طور شهر ۾ رهڻ جي طاقت نه رهي، ۽ لاچار ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا. بادشاهي لشڪر پڻ سندن زالن ۽ ٻارن جي پويان ڪڇ ڏانهن يلغار ڪئي، ۽ جتي به رات رهيا ٿي، اتي دشمن جي راتاهي جي ڀوَ کان لشڪر جي چوڌاري کاهي کوٽيائون ٿي. اڄ انهن کاهين مان گهڻيون، اونها درياء ٿي پيون آهن. ڪڇ پهچڻ تي ابڙي سمي، سومرن جي عيال اطفال مٿان سلطاني لشڪر سان ڪيئي جنگيون ڪيون.
نينگرين جي زمين ۾ گهڙي وڃڻ جو احوال
چون ٿا، ته انهيءَ ڀاڄڙ ۾، سومرن جي اولاد مان ڪي پاڪدامن نينگريون، همراهن کان ڇڄي، شاهي فوج جي چنبي ۾ اچي ڦاٿيون، ۽ الله ڏانهن متوجهه ٿيون. جڏهن فوج کين پڪڙڻ لاءِ ويجهي پهتي، تڏهن اهي پاڪدامن نينگريون، بچڻ جو آسرو لاهي، قادر ڪارساز جي درگاهه ۾ ٻاڏائي، وٺي انهيءَ جبل ڏانهن ڀڳيون، جنهن ۾ لڪل هيون. قضا الاهي، اهو جبل ڦاٽي پيو، ۽ انهن پردي وندين کي، جن ڪڏهن به ڪنهن نامحرم جو منهن نه ڏٺو هو، لشڪر جي هٿ کان بچائي، پنهنجي اندر ۾ جاءِ ڏنائين. سندن چادرن جون ڪنڊون، عبرت ۽ يادگار واسطي، ٻاهر رهجي ويون. اها جاءِ انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين، ماڻهن لاءِ زيارتگاهه آهي.
قـصو مختصر - سومرا قوم(قبيله) کان پوءِ سما قوم نڪري هن زمين جي وارث ٿي، ۽ جيئن ته سلطاني لشڪر جي آمد سببان ’محمد طور‘ شهر ويران ۽ برباد ٿي ويو هو، تنهن ڪري ساموئي ۽ ٻيا نوان ڳوٺ آباد ڪري، محمد طور شهر کي، جو درڪ جي پرڳڻي ۾ هو، منحوس سمجهي ڇڏي ڏنائون، هنن نئون طور طريقو اختيار ڪيو، جيئن اڳتي بيان ٿيندو.
(1) بني اميه گهراڻي جا گورنـر، جيڪي محمد بن قاسم کان پوءِ سنڌ ۾ آيا، تن جا نالا هـن ريت آهن: 1- يزيد بن ابي ڪبشته السڪسڪي (سليمان بن عبد الملڪ - سن 96 هجري کان 99 هجري - جي ڏينهن ۾)، فقط ارڙهن ڏينهن لاءِ، 2- حبيب بن المهلب بن ابي صفره (سليمان بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾)، 3- عمرو بن مسلم الباهلي (عمر بن عبد العزيز - سن 99 هجري کان سن 101 هجري جي ڏينهن ۾)، 4- هلال بن احوز تميم (يزيد بن عبدالملڪ سنه 101 هجري کان 105 هجري - جي ڏينهن ۾)، 5- جنيد بن عبدالرحمان المري (هشام بن عبدالملڪ - سنه 105 هجري کان سنه 125 هجري - جي ڏينهن ۾)، 6- تميم بن زيد العتبي (هشام بن عبدالملڪ - سنه 105 هجري کان سنه125 هجري - جي ڏينهن ۾)، 7- حڪم بن عوانه ڪلبي (هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾)، 8- عمرو بن محمد بن القاسم (هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾)، 9- يزيد بن عرار (وليد بن هشام - سنه 125هه کان سن 126 هجري - جي ڏينهن ۾)، 10- منصور بن جمهور الڪلبي (بني اميه جي پوئين خليفي مروان الحمار - سن 127 هجري کان سن 132 هجري - جي ڏينهن ۾) (ڊاڪٽر دائود پوٽي جا تاريخ معصوميءَ تي تعليقات، ص266-267، ٿوري ڦير ڦار سان). باقي، مير قانع جو چوڻ ته، ’محمد بن قاسم کان پوءِ ابو حفص قتيبه بن مسلم، حجاج جي طرفان سنڌ تي مقرر ٿي آيو‘ ، بلڪل غلط آهي. ساڳيءَ طرح، تميم بن زيد جو حجاج جي پاران اچڻ پڻ غلطي آهي، ڇاڪاڻ ته تميم بن زيد، هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ سنڌ جو گورنر ٿي آيو. جيئن مٿي ڏيکاريو ويو. هيءُ به ياد رکڻ گهرجي ته حجاج بن يوسف، سن 95 هجري ۾ مري ويو هو، يعني محمد بن قاسم کان هڪ سال اڳ. هيءُ به معلوم هئڻ گهرجي، ته منصور بن جمهور، يعني اميه جي پاران مقرر ٿيل ڪونه هو، بلڪ مروان الحمار جي ڏينهن ۾ عراق کان ڀڄي سنڌ ۾ آيو هو، ۽ سنڌ جي حاڪم يزيد بن عرار کي شڪست ڏيئي، سنڌ تي قبضو ڪري، ويٺو هو (يعقوبي، ص407)
(1) مير قانع، سليمان بن هشام جو ذڪر، پهرئين جلد ۾، بني اميه گهراڻي جي آخري خليفي مروان الحمار جي بيان ۾ ڪيو آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو هي آهي: ”چون ٿا، ته سندس ڏينهن ۾، بڪر بن وائل قبيلي جي هڪ ماڻهو ’ضحاڪ‘ بغاوت ڪئي، ۽ سندس لشڪر جي ڏهن هزارن ماڻهن، سليمان بن هشام کي خليفو مقرر ڪيو. سليمان ستر هزار ماڻهو گڏ ڪيا. سخت لڙائيءَ کان پوءِ مروان فتحياب ٿيو، ۽ ابراهيم بن سليمان ۽ خالد بن هشام مخزوميءَ کي قتل ڪيائين. هن جنگ ۾ ٻنهي طرفن جا ٽيهه هزار ماڻهو ڪم آيا ۽ سليمان جي لشڪر مان ڪيئي ماڻهو قيد ٿيا. مروان آزاد ماڻهن کي ڪهڻ ۽ غلامن کي وڪڻڻ جو حڪم ڪيو. هي حال ڏسي، ڪيترا آزاد ماڻهو به پاڻ کي غلام سڏائي، قتل ٿيڻ جي بدران وڪامڻ تي راضي ٿيا. سليمان ٻئي ڀيري پڻ لشڪر گڏ ڪري لڙائي ڪئي، پر شڪست کائي وڃي ضحاڪ خارجيءَ سان بيعت ڪيائين، ۽ ڪوفو وٺي اچي موصل وٽ پهتو. مروان، ضحاڪ کي قتل ڪري ڇڏيو. سليمان بن هشام ۽ شيبان خارجي موصل جي پسگردائيءَ ۾ گم ٿي ويا، جتان وري خراسان ڀڄي ويا. شيبان سيستان ۾ وڃي مئو، باقي سليمان بن هشام سنڌ ڏانهن هليو ويو، ۽ ’سفاح‘ جي خلافت تائين اتي رهيو. هو پوءِ وڃي سفاح سان مليو، جنهن وٽ پهريائين، ته مٿس نوازشون ٿيون، پر آخر قتل ٿي ويو ( ”تحفة الڪرام“ دستخط مصنف، مملوڪه پروفيسر محمد شفيع لاهوري، ورق 108).
(2) ابو العباس سفاح (136-132هه)، عباسي گهراڻي جو پهريون خليفو، کيس ’سفاح‘ (خونريز) هن ڪري چوندا هئا، جو نهايت خونريز هو. بني اميه گهراڻي سان ڏاڍيون تعديون ڪيائين.
(1) نسخي ”ن“ ۾ وڌيڪ لکيل آهي: ”وهم ابو الخطاب از طرف مروان حمار بسند رسيده“ (مروان حمار جي پاران ابو الخطاب پڻ سنڌ ۾ آيو هو.)
(1) بني عباس گهراڻي جا گورنر جيڪي سنڌ ۾ آيا، تن جا نالا هن ريت آهن: 1- ]عبدالرحمان بن ابي مسلم[ مغلس بن السري العبدي (ابو العباس سفاح - 132 هه کان 136 هه- جي ڏينهن ۾) ]هن اچي سنڌ جي حاڪم منصور بن جمهور سان لڙائي ڪئي، پر انهيءَ ۾ مارجي ويو - ”بلاذري“ [، 2- موسيٰ بن ڪعب تميمي (ابو العباس سفاح جي ڏينهن ۾)، 3- عيينه بن موسيٰ بن ڪعب (ابو جعفر منصور - 136 هه کان 158 هه - جي ڏينهن ۾)، 4- هشام بن عمرو التغلبي (منصور جي ڏينهن ۾9)، 5- عمر بن حفص بن عثمان هزار مرد (منصور جي ڏينهن ۾)، 6- بسطام بن عمرو، هشام جو ڀاءُ (منصور جي ڏينهن ۾)، 7- معبد بن الخليل تميمي (منصور جي ڏينهن ۾)، 8- روح بن حاتم المهلبي (مهدي - 158 کان 169هه - جي ڏينهنّ)، 9- ]بسطام بن عمرو - هي روح کان پوءِ سنڌ جو حاڪم ٿي آيو هو، پر ٿورن مهينن کان پوءِ خليفي کيس موقوف ڪري سندس جاءِ تي وري روح کي گورنر ڪري موڪليو - ”ابن الاثير“ [، 10- نصر بن محمد بن الاشعت الخزاعي (مهديءَ جي ڏينهن ۾)، 11- عبدالملڪ بن شهاب المسمعي (مهديءَ جي ڏينهن ۾)، 12- نصر بن محمد بن الاشعت الخزاعي (مهديءَ جي ڏينهن ۾)، 13- زبير بن عباس (مهديءَ جي ڏينهن ۾)، 14- مصح بن عمرو التغلبي، جنهن پنهنجي پاران ليث بن طريف کي سنڌ موڪليو (مهديءَ جي ڏينهن ۾)، 15- سالم اليونسي - اسماعيل بن عليءَ جو آزاد ڪيل غلام (هارون الرشيد - 170 هه کان 193هه - جي ڏينهن ۾)، 16- اسحاق بن سليمان بن علي هاشمي (هارون جي ڏينهن ۾9)، 17- طيفور بن عبد الله بن منصور الحميري (هارون جي ڏينهن ۾)، 18- جابر بن معد الطائي (هارون جي ڏينهن ۾)، 19- سعيد بن مسلم بن قتيبه، جنهن پنهنجي ڀاءُ ڪيثر بن مسلم کي پنهنجي پاران سنڌ ۾ موڪليو (هارون جي ڏينهن ۾)، 20- عيسيٰ بن جعفر بن منصور - هن پنهنجي پاران محمد بن عدي تغلبيءَ کي موڪليو (هارون جي ڏينهن ۾)، 21- عبدالرحمان (هارون جي ڏينهن ۾)، 22- ايوب بن جعفر بن سليمان (هارون جي ڏينهن ۾)، 23- دائود بن يزيد بن حاتم المهلبي - سن 174 هه - هن پنهنجي پاران ڀاءُ المغيره کي موڪليو، 24- بشر بن دائود (امين - 193هه کان 198 هه - جي ڏينهن ۾)، 25- غسان بن عباد(مامون - 198 هه کان 218 هه- جي ڏينهن ۾)، 26- موسيٰ بن يحييٰ بن خالد برمڪي (مامون ۽ معتصم بالله - 218 هه کان 227 هه - جي ڏينهن ۾) - هو سن 221هه ۾ گذاري ويو، 27- عمران بن موسيٰ (معتصم بالله جي ڏينهن ۾)، 28- ايتاخ الترڪي، جنهن پنهنجي پاران عنبسته بن اسحاق ضبيءَ کي سنڌ موڪليو (الوائق بالله - 227 هه کان 222هه- جي ڏينهن ۾) ] ”يعقوبيءُ“ موجب عنبسته کي سڌو سنئون خليفي معتصم مقرر ڪيو هو، ۽ الواثق جي ڏينهن ۾ پڻ هو انهيءَ عهدي تي قائم هو[، 29- هارون بن ابي خالد (متوڪل - 232 هه کان 247هه - جي ڏينهن ۾) - هو سنه 240 هه ۾ وفات ڪري ويو، 30- عمر بن عبدالعزيز هباري (متوڪل جي ڏينهن ۾)، ۽ 31- ابو الصمه (سن255هه ڌاري). (ڊاڪٽر دائود پوٽي جا ”معصوميءَ“ تي تعليقات ٿوري زيادتيءَ سان، جا چورس ڏنگين ۾ ڏنل آهن.)
(1) نسخي ”ن“ ۾ هتي زياده آهي: ”بسرکردگي داؤد بن علي“ (داؤد بن عليءَ جي سرداريءَ هيٺ).
(2) جن ماڻهن رسول الله صلي الله عليه وسلم کان فيض حاصل ڪيو، تن کي ”صحابي“ چئبو آهي، ۽ جنهن انسان ڪنهن صحابيءَ کان فيض پرايو، تنهن کي ”تابع“ ، ۽ تابع کان فيض وٺندڙ کي ”تبع تابع“ سڏيو ويندو آهي. انهن ٽنهي دورن لاءِ حضور اڪرم عليه الصلوٰة والسلام فرمايو آهي، ”خير القرون قرني ثم الذين يلونهم ثم الذين يلونهم“ (ڀلي ۾ ڀلو زمانو مون وارو آهي، تنهن کان پوءِ جيڪي انهن سان ملندا، تنهن کان پوءِ جيڪي انهن سان ملندا).
(1) سلطان محمود جي وزيرن يا سپہ سالارن ۾ ’عبدالرزاق‘ جي نالي سان ڪوبه ڪونه هو. البت، خواجه حسن ميمندريءَ کي عبدالرزاق نالي پٽ هو، جنهن کي امير مودود بن مسعود سيستان تي مقرر ڪيو هو، ۽ جنهن عبدالرشيد بن مسعود کي قيد مان ڇڏائي، غزنيءَ آڻي، علي بن مسعود جي بجاءِ گاديءَ تي وهاريو هو، سلطان مسعود جي پٽن مان پڻ هڪڙي جو نالو عبدالرزاق هو.
تنهن کان سواءِ، جيئن سلطان محمود گاديءَ تي ويٺو هو، ته خليفي القادر بالله وٽس پنهنجا ماڻهو موڪلي، کيس خراسان جي حڪومت، جهنڊو، قيمتي سروپاءِ، ڇٽ ۽ ”امين الدولته، امين الملڪ، ابوالقاسم محمود ولي امير المؤمنين“ جو لقب عطا ڪيو هو، تنهن کان پوءِ ته اهڙو ڪو سبب ئي معلوم نٿو ٿئي، ته ڇو سلطان محمود ستن سالن کان پوءِ ڪاوڙجي خليفي جي سڀني ماڻهن کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏيو هوندو؟
”زين الاخبار“ جي بيان موجب سلطان محمود ’سنه396هه ۾‘ جيپال جي پٽ انند پال کي شڪست ڏيئي، هندستان جي رستي کان ملتان آيو هو، ۽ شهر کي ست ڏينهن گهيرو ڪيو هئائين. آخر هن شرط تي صلح ٿيو هو، ته ’ملتان صوبي مان سال ۾ ويهه دفعا هزار هزار درم ڏنا ويندا‘ ۽ سلطان محمود موٽي ويو هو. سلطان محمود وري سنه 401 هه ۾ موٽي آيو ۽ سڄو ملتان فتح ڪري، اتي جي قرمطين کي گرفتار ڪري، ڪن کي قتل ڪيائين، ڪن کي هٿن وڍڻ جي سزا ڏنائين، ۽ ڪن کي قلعن ۾ بند ڪيائين، جي اتي مري ويا، دائود بن نصر کي به انهيءَ سال گرفتار ڪري، غزني آندائين، جتان غورڪ جي قلعي ڏانهن موڪليائين، جتي هو مري ويو.
”فرخيءَ“ جي هڪ قصيدي مان ائين ٿو معلوم ٿئي، ته سلطان محمود جڏهن ’سومناٿ‘ فتح ڪري موٽيو هو، تڏهن ڪڇ جو رڻ لنگهي سنڌ جي تختگاه منصوري ۾ آيو هو، ۽ اتي جو قرمطي حاڪم ”خفيف“ ڀڄي ڪنهن کجين جي جهنگ ۾ لڪو هو، جنهن تي سلطان ڪاوڙجي سندس پويان ماڻهو موڪليا، جن سندس ڇانوڻيءَ کي گهيرو ڪري، سندس ڪيترا ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا: جيڪڏهن سنڌ جو ملڪ سلطان محمود جي قبضي ۾ هو، ۽ اتي جا حاڪم سندس تابعداري قبول ڪري چڪا هئا، ته پوءِ خفيف جي ڀڄي وڃڻ جو ڪو سبب ئي ڪونه آهي.
انهيءَ کان سواءِ هيءَ به حقيقت آهي، ته سلطان، منصوري کان سنڌو نديءَ جو ڪنارو ڏيئي ملتان ويو هو، ۽ کيس بيابان جي خشڪيءَ خواه سنڌ جي جتن کان سخت تڪليف پهتي هئي، ۽ سندس لشڪر جا ڪيترا ماڻهو مري ويا هئا، جنهن ڪري سلطان کي ملتان جي جتن ۽ سنڌو نديءَ جي ڪناري وارن ڀاٽين تي ڏاڍيون خارون هيون، ۽ سنہ 418هه ۾ کين عبرت انگيز سزا ڏنائين. هن مان معلوم ٿو ٿئي، ته سنہ 418 کان اڳ، سلطان هن طرف جو واقف ڪونه هو: شايد انهيءَ ئي سال سنڌ ۽ ملتان جو سارو ملڪ غزنيءَ جي قبضي ۾ آيو هجي (ڊاڪٽر داؤد پوٽي جي ”تاريخ معصومي تي تعليقات“ تان ورتل، ص269، 270، 271)
(1) فتحنامي (ص9-10) مان معلوم ٿو ٿئي، ته قاضي اسماعيل بن موسيٰ ثقفيءَ سنڌ جي فتح جو تذڪرو عربيءَ ۾ ڪونه لکيو هو، بلڪ سندس وڏن مان ڪنهن جو لکيل وٽس موجود هو، جنهن جو ترجمو ”علي بن حامد“ ڪوفيءَ فارسيءَ زبان ۾ ڪيو، جو اڄ ڪالهه ”چچنامه“ (فتحنامه) جي نالي سان مشهور آهي.
(2) نسخو ”ن“ - ”حسيريه“ .
(1) اصل ۾ ”هارون مڪراني“ آهي، جو صحيح نه آهي، جيئن مٿي گذري آيو آهي.
(1) نسخو ”ن“ - ’سوره‘ .
(2) نخسو ”ن“ - ’اکهيل‘ .
(3) نسخو ”ن“ - ’ديٿر‘ .
(4) نسخو ”ن“ - ’سيميا‘ .
(1) کذا في الاصل - والله اعلم
(1) نسخو ”ن“ - ”منده“ .
(2) ساند بن پليءَ جي چوٿين پٽ جو نالو، نه ڇپيل نسخي ۾ آهي ۽ نه مصنف جي هٿ اکرين لکيل نسخي ۾.
(1) تاريخ معصومي ۽ تحفته الڪرام جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي، ته اڳئين زماني ۾ ’ڊڀرو‘ ۽ ’درٻيلو‘ ٻه جدا جدا شيون هيون. ’ڊڀرو‘ شهر جو نالو هو، ۽ ’درٻيلو‘ سنڌ جي هڪ پرڳڻي جو نالو هو. سنڌ جي هن ڀاڱي ۾ اڄ تائين سهته قوم موجود آهي، ۽ سهتن جي راڄ ۽ اثر ڪي تعلقي نوشهري ۾ ڪنڊياري کي گڏي، اڄ تائين ”ساهتي پرڳڻو“ چوندا آهن: ڊڀري جي شهر جو ڪجهه حصو ڪنڊياري تعلقي ۾، ۽ ڪجهه حصو نوشهري تعلقي ۾ آهي.
(2) اصل ۾ ’محمد بن اسعد‘ آهي، جو غلط آهي.
(1) هن بيان ۾ مير قانع حد کان وڌيڪ اختصار ڪري، قصو سڄو گڙٻڙ ڪري ڇڏيو آهي. تاريخ معصوميءَ جي بيان موجب، آرام شاهه جي ڏينهن ۾ سندس پيءُ سلطان قطب الدين جي حڪومت چئن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪڙو دهليءَ جو تختگاهه - جو جڏهن امير آرام شاهه کي نالائق ڏسي کيس تخت تان لاهي ڇڏيو، تڏهن سلطان شمس الدين جي قبضي ۾ آيو، ٻيو اچ، ملتان ۽ سنڌ - جو ناصرالدين قباچي جي هٿ ۾ رهيو، ٽيون، لکنو جيڪو خلجي بادشاهن جي ور چڙهيو، چوٿون لاهور ۽ ان جي آس پاس، جنهن تي تاج الدين بلدوز جا گورنر حڪومت ڪرڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ ناصر الدين قباچي تي چنگيزخان جي هڪ فوج چڙهي پويان آئي جنهن سان مقابلي جي طاقت نه ساري ناصر الدين ملتان جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي ويهي رهيو، ۽ ماڻهن جي دلين وٺڻ لاءِ ڏاڍي سخا ڪيائين. آخر چنگيزخاني قلعو فتح ڪري نه سگهيا ۽ موٽي ويا. سنہ 623 ۾ ملڪ خان خلجي ۽ سندس ماڻهن اچي سيوهڻ جي پاسي تي قبضو ڪيو. ناصر الدين انهن سان سخت جنگ ڪئي، جنهن ۾ ملڪ خان خلجي مارجي ويو. نيٺ جڏهن ناصر الدين جا ڏينهن کـُـٽا، تڏهين 624 هجري، ]بلڪ 625 هجري - ”تعليقات معصومي“، ڊاڪٽر داؤد پوٽو [۾، سلطان شمس الدين ايلتمش اُچ تي ڪاهيو. ناصر الدين قباچو اتان ڀڄي بکر ۾ آيو. هوڏانهن، سلطان پنهنجو وزير نظام الملڪ محمد بن ابي اسعد اُچ جي گهيري تي ڇڏي دهليءَ موٽي آيو. نظام الملڪ، تاريخ 28 جمادي الاول سن 625 هجريءَ تي، اُچ صلح سان وٺي، بکر تي چڙهائي ڪئي. قباچو ڀڄڻ جو ارادو ڪري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نڪتو، پر وچ سير ۾ سندس عمر جي ٻيڙي فنا جي درياءَ ۾ غرق ٿي وئي (تاريخ معصومي، ص35-36). طبقات ناصري (ص 144 ۽ 173) جي چوڻ موجب، سلطان ايلتمش دهليءَ موٽي ڪونه ويو، بلڪ پاڻ اُچ تي گهيرو ڪري ويهي رهيو، ۽ پنهنجي وزير نظام الملڪ ۽ ٻين بادشاهن کي ملڪ ناصر الدين قباچي جي بکر چاڙهي موڪليائين. قباچي جو موت ڪيئن ٿيو؟ تنهن بابت پڻ علامه ”قزوينيءَ“، ”لباب الالباب“ جي مقدمي (ص ’ڪ‘ ) ۾، ”جوامع الحڪايات“ جي روايت موجب، هن طرح لکيو آهي، ته ”بکرجي قلعي فتح ٿيڻ کان پوءِ، ناصر الدين قباچي قلعي ۾ وڃي پنهنجا سمورا خزانا ۽ مال پنهنجي پٽ علاوالدين بهرام شاهه جي هٿان، ايلتمش جي خدمت ۾ موڪلي، معافيءَ لاءِ عرض ڪيو، جنهن تي ايلتمش کيس پنهنجي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ناصر الدين قباچي ههڙيءَ ذلت جي زندگيءَ کان موت بهتر سمجهي، 19 جمادي الاخر 635 هجري ڇنڇر رات، پاڻ کي بکر جي قلعي تان درياء ۾ اڇلايو“ (تعليقات معصومي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص276-277). هي به ياد رکڻ گهرجي، ته ناصرالدين قباچو سڄي سنڌ جو حاڪم ڪونه هو، سندس هٿ ۾ فقط اپر سنڌ وارو ڀاڱو هو، جنهن جو پايه تخت بکر هو، باقي سنڌ جو هيٺيون ڀاڱو، جنهن جو پايه تخت ديول هو، ملڪ سنان الدين چنيسر جي هٿ ۾ هو، تنهن کي بکر جي فتح ڪرڻ کان پوءِ تابعدار ڪيو ويو، جيئن ”طبقات ناصري“ جو مصنف چوي ٿو، ته ” اهو ملڪ سمنڊ تائين فتح ٿيو ۽ ديول ۽ سنڌ جو والي ملڪ سنان الدين چنيسر اچي شمسي درگاه (شمس الدين ايلتمش) سان مليو“ (طبقات ناصري، ص 123، بحواله تعليقات، ڊاڪٽر دائود پوٽو).
(1) مير قانع، نورالدين ’محمود‘ (تاريخ معصوميءَ موجب ’محمد‘ ) جو نالو ”تاريخ معصوميءَ“ تان ورتو آهي، پر هن ماڻهوءَ جو نالو تاريخ جي ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪونه ٿو لڀي، البت ”طبقات ناصريءَ“ جو مصنف (ص232-233 ۾) چوي ٿو: ”جڏهين سلطان شمس الدين اُچ جي قلعي هيٺان اچي ڇانوڻي هنئي، تڏهين 625 هجريءَ ۾ ڪزلڪ خان کي وزير نظام الملڪ محمد جنيديءَ جي خدمت ۾ بکر جي قلعي تي چاڙهي موڪليائين. ٿوري وقت کان پوءِ، اهو قلعو فتح ٿيو ۽ ملڪ ناصر الدين سنڌونديءَ ۾ ٻڏي ويو. هوڏانهن اچ جو قلعو به هٿ آيو. سلطان اچ جو قلعو ۽ شهر سموري آس پاس ۽ پرڳڻي سميت ملڪ ڪزلڪ خان جي حوالي ڪيو. سلطان جي دهليءَ موٽي وڃڻ کان پوءِ، ڪزلڪ خان اُنهيءَ ملڪ تي قبضو ڪري، ان کي آباد ڪيو ۽ ٽڙيل پکڙيل ماڻهو گڏ ڪري، عام خاص ماڻهن سان انصاف سان وقت گذارڻ، سڀني سان عدل ۽ احسان جو طريقو اختيار ڪرڻ، ۽ رعيت جي آرام ۽ آسائش لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو. ٿوري وقت کان پوءِ، خاتمو بالخير، ايمان جي سلامتي، ۽ صدقا، احسان، خيراتون ۽ نيڪيون کڻي، 629 هجري ۾، آخرت جي منزل ڏانهن لڏي ويو ” (تعليقات بر تاريخ معصومي“، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص277-278)
(2) هيءُ احوال پڻ، مير قانع، تاريخ معصوميءَ تان ورتو آهي. تاريخ معصوميءَ، ”جلال الدين، ’حسن‘“ لکيو آهي، ۽ مير قانع وري ”جلال الدين ’محمد‘“ لکيو آهي، پر ٻيءَ ڪنهن به تاريخ ۾ جلال الدين ’حسن‘ يا جلال الدين ’محمد‘ جو نالو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. (تعليقات معصومي، از ڊاڪٽر دائود پوٽو ص278)
(3) تاريخ معصومي (ص38) جي لکڻ موجب سلطان ناصر الدين، ملڪ سنجر کي فقط اُچ ۽ ملتان جي پرڳڻن جي حڪومت ڏني هئي، باقي سيوستان جي پرڳڻي جي حڪومت قتلغ خان جي حوالي ٿي هئي.
(1) تاريخ مبارڪ شاهي (ص43) جو مصنف چوي ٿو ته ” ’خان بزرگ‘ ، يعني سلطان غياث الدين جو وڏو پٽ محمد سلطان، جنهن جي ملتان واريءَ جاگير ۾ ’مالم‘ کان وٺي ’جناني‘ تائين ]ملڪ[ داخل هو، ۽ جنهن کي شهادت کان پوءِ ’خان شهيد‘ چوندا آهن. ’جناني‘ ٺٽي کان سٺ ڪوهه اڳتي، درياء جي ڪناري تي آهي، ايتريون جاگيرون الهندي پاسي به هيس“ (بحواله تعليقات معصومي، ”ڊاڪٽر دائود پوٽو“ ص27)
(2) اصل متن ۾ سلطان محمود آهي، جو غلط آهي.
(3) هتي تحفته الڪرام جي عبارت واضح نه آهي. مير معصوم، ”تاريخ سنڌ“ (ص43) ۾ لکي ٿو، ته سنہ 696 هجري ۾ ]سلطان علاؤ الدين[، ملتان ۽ سنڌ جي مهم بادشاهي جي سڀني ڪمن کان زياده ضروري سمجهي، ڇاڪاڻ ته سلطان جلال الدين جو پٽ ارڪلي خان ملتان ۾ ٿي رهيو، تنهن ڪري پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي چاليهن هزار سپاهين سان تڪڙو تڪڙو روانو ڪيائين. الغ خان ملتان پهچي محاصرو ڪيو. ٽن مهينن کان پوءِ قلعي وارا تنگ ٿي پيا، ۽ ملتان جا رهاڪو ارڪلي خان کان ڦري، هڪڙيءَ رات قلعي مان نڪري وڃي الغ خان سان مليا. ارڪلي خان لاچار ٿي، مخدوم شيخ رڪن الدين کي وچ ۾ آڻي، امان گهري، ملتان مان نڪري ويو ۽ سلطان علاؤالدين، نصرت خان کي ڏهن هزار سوارن سان ملتان، اچ، بکر، سيوستان ۽ ٺـٽي جي حڪومت تي مقرر ڪري، حڪم ڪيو ته نصرت خان، ملتان ۽ سنڌ جي ساري ملڪ ۾ گشت ڪري، ۽ جتي ڪو فسادي يا سرڪش ڏسي ته ان جي پاڙ پٽي، هر طرح جي دلجاءِ ڪري، سنڌ جي شهرن ۽ قلعن تي اعتماد جوڳا ماڻهو ڇڏي، پاڻ ملتان ۾ رهي.
(1) اصل ۾ ’صلدائي‘ آهي، جو غلط آهي.
(2) هتي پڻ مير قانع، مير معصوم جو پوئلڳ ٿيو آهي، در حقيقت صلديٰ مغل کان سيوستان ظفر خان آزاد ڪرايو هو، نه نصرت خان. ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ نصرت خان، الغ خان سان گڏ گجرات جي مهم تي روانو ٿي ويو هو ۽ ظفر خان ملتان جو حاڪم مقرر ٿيو هو (تعليقات معصومي، از ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص279)
(3) مير قانع کان هيءَ زبردست تاريخي غلطي سرزد ٿي آهي. خسرو خان، سلطان علاؤالدين کي تخت تان ڪونه لاٿو هو، بلڪ سلطان علاؤالدين 6 شوال سن717 تي گذاري ويو. سلطان جي پٽن ۾ افعال ڪونه هو ۽ هميشه عيش عشرت ۾ مشغول رهندا هئا. هوڏانهن غازي ملڪ کي سلطان علاؤالدين، پنهنجي حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾، چنگيزخاني مغلن کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڏهن هزار سوارن سان ديبالپور موڪلي ڇڏيو هو. اهو وجهه وٺي خسرو خان شرارت ڪري، سلطان علاؤالدين جي پٽ سلطان قطب الدين جو، سندس خاص ماڻهن هٿان سر وڍارائي، پاڻ گاديءَ تي ويهي، ملڪ تي قبضو ڪيو. هو جنهن صورت ۾ هڪ لوفر قسم جو ماڻهو هو، تنهن ڪري سندس وقت ۾ ڪافرن ۽ لوفرن ڏاڍو زور ورتو ۽ شريف مسلمانن کي تنگ ڪرڻ لڳا (تاريخ معصومي، ص44-45)
(4) تاريخ معصومي (ص46) جو مصنف چوي ٿو، ”جنهن وقت سلطان غياث الدين (غازي ملڪ) ملتان کان دهليءَ روانو ٿيو، انهيءَ وقت سومرا بغاوت ڪري ٺٽي تي متصرف ٿيا.“
(1) مير قانع هتي پڻ پنهنجي عادت موجب حد کان وڌيڪ اختصار ڪري ڳالهه منجهائي ڇڏي آهي. حقيقت هن طرح آهي ته سلطان غياث الدين تغلق شاهه سنہ 725 جي ابتدا ۾ وفات ڪري ويو (تاريخ معصومي، ص47). کانئس پوءِ سندس لائق فرزند سلطان محمد شاه بن تغلق شاه گاديءَ تي ويٺو. هن سنہ 727 هجري ۾ ڪشلو خان کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو (تاريخ معصومي، ص47). تنهن کان پوءِ سلطان محمد تغلق پنهنجي ڀاڻيجي بهاؤ الدين تي ڪاوڙجي، سندس جئري (ڏسو صفحو 115 ) (بقيه آندل صفحي 114) کل لهرائي، بهه سان ڀرائي، بهادر ڀوري جي لاش سان گڏ، پنهنجي بادشاهيءَ ۾ چو طرف ڦيرائي - اهي ٻئي بهه سان ڀريل کلون جڏهن سنڌ ۾ پهتيون، تڏهن اتي جي حاڪم ڪشلو خان انهن کي ڏاڍي احترام سان دفن ڪرائي ڇڏيو. هيءَ خبر ٻڌي سلطان محمد تغلق ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ ڪشلوخان کي اوچتو برباد ڪرڻ گهريائين. تنهن ڪري ڪشلو خان احتياط طور بغاوت جو اعلان ڪيو (سفرنامه ابن بطوطه، ص318-323). ڪشلو خان بکر کان ملتان اچي، ملتانين ۽ بلوچن کي پاڻ سان ملائي، تياري ڪئي. هوڏانهن سلطان محمد شاه اها خبر ٻڌي سنہ 728 هجري ۾ اچي ملتان تي ڪڙڪيو. ڪشلوخان سامهون ٿيو پر پهرين ئي حملي ۾ سلطاني لشڪر جي مقدمي هٿان مارجي ويو، جن سندس سر وڍي آڻي سلطان اڳيان حاضر ڪيو (تاريخ معصومي، ص47)
(2) ڪنڊل گونڊل - جو گرنار کان اتر طرف پندرهن ڪوهن تي ڪاٺياواڙ ۾ هڪ شهر آهي. ضيا برنيءَ جي چوڻ موجب هيءُ ڪونڊل دمريلي جي سومرن واري ٺٽي طرف هڪ ڳوٺ آهي (تعليقات معصومي، از ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص280)
(1) ’سانڪره‘ يا ’سانڪيره‘ سنڌ جي دريا مهراڻ جو هڪ پراڻو پيٽ آهي (آثار قديمه سنڌ، تاليف ڪزنس، ص167)
(2) تاريخ معصومي (ص50)، انهيءَ ٽولي جو عدد اسي لکيو آهي.
(3) اصل متن ۾ ”اخلاص خواني“ لکيل آهي جو غلط آهي.
(4) مير قانع هتي پڻ قصو منجهائي ڇڏيو آهي. هن اجمال جو تفصيل هن طرح آهي، ته سلطان فيروز شاهه سنہ 772 هجري ۾ دهليءَ کان سڌو ننگر ڪوٽ ويو هو. ننگر ڪوٽ فتح ڪري موٽي ٺٽي آيو. ٺٽي جو والي ڄام خير الدين آب جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي ويٺو ۽ پنهنجي لشڪر جو بچاءُ ڪندو رهيو- هيڏانهن فيروز شاهه اناج جي قلت، گاه جي گهٽتائي، پاڻيءَ جي اٿل ۽ مڇرن جي گهڻائيءَ کان مجبور ٿي، گجرات هليو ويو ۽ برسات جي موسم اتي وڃي گذاريائين: سانوڻ جي موسم گذاري، سلطان فيروزشاهه وري ٺٽي موٽي آيو ۽ ڄام خير الدين ]ٻيو ڪو چارو نه ڏسي[ امان گهري اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. (تاريخ معصومي، ص15)
(1) اصل متن ۾ ”ڄام جونه خير الدين“ آهي. پر تاريخ معصومي (ص51) ۾ ”ڄام جونه ڄام خير الدين“ لکيل آهي.
(2) تاريخ معصومي (ص56) ۾، سلطان محمد شاهه کان پوءِ ’سلطان علاؤالدين شاهه بن محمد شاهه‘ ، جنهن جو پهريائين ’همايون‘ نالو هو، ”لکيل آهي“، ۽ ’سڪندر شاهه‘ جو ڪو به ذڪر نه آهي، پر تاريخ مبارڪ شاهي (ص155)، ۽ طبقات اڪبري (ج1 ص499) مان معلوم ٿو ٿئي، ته انهيءَ سلطان علاؤالدين کي سڪندر شاهه سڏيندا هئا، تنهن ڪري مير قانع جو لکيل نالو ’سڪندر‘ وڌيڪ صحيح ٿو معلوم ٿئي.
(1) سنڌ ۾ ”سومرا“ هڪ قديم قوم (قبيلو) آهي ” جن سنڌ ملڪ تي وڏي عرصي تائين حڪومت ڪئي، پر سندن حڪومت جي تاريخ تي ايڏا ته تاريڪ پردا پيل آهن، جن جو نظير شايد ئي ڪنهن ملڪ يا قوم جي تاريخ ۾ ملي سگهي. اڄ تائين اهو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، ته سومرا قوم جو نسل ڪٿان ٿو شروع ٿئي؟ ڪي مؤرخ چون ٿا، ته هيءَ قوم اصل عرب قوم آهي، جا حجاج جي ڏينهن ۾ سنڌ فتح ٿيڻ وقت، عراق جي ’سامره‘ (سرمن رائي) شهر مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهي (پهريائين کين سامري سڏيو ويندو هوندو، جو پوءِ بگڙي سومرا ٿي پيو آهي) - هن قول جي تائيد ابن بطوطه جي قول مان ٿئي ٿي، جو هن ’جنائي‘ شهر جي وصف ڪندي لکيو آهي (ج3، ص101-102): ”اسان سنڌونديءَ جي رستي پنڌ ڪري ٻن ڏينهن کان پوءِ جنائي شهر ۾ پهتاسون. هيءُ سنڌو نديءَ جي ڪپ تي هڪ وڏو سهڻو شهر آهي. هن جون بازاريون وڻندڙ آهن. اتي جي رهاڪن کي ’سامره‘ سڏيو وڃي ٿو. هو قديم زماني کان اتي رهندا اچن ٿا - سنڌ جي فتح جي تاريخ نويسن جي لکڻ موجب، سندن وڏا اتي انهن ڏينهن کان رهن ٿا، جن ڏينهن ۾ حجاج جي (ڀائٽي محمد بن قاسم) هٿان سنڌ فتح ٿي هئي“ . پر تاريخ دانن جو ٻيو طبقو سومرن کي اصل سنڌ جا رهاڪو ۽ هندو راجپوت تسليم ڪري ٿو - جيئن ايليٽ پنهنجي ڪتاب ”هسٽري آف انڊيا“ (ج1 ص484) ۾ لکي ٿو: ”تاريخ طاهري“ جي دستخط نسخي، صفحي 25 تي لکيل آهي ته سومرا اصل هندو هئا- الور رياست جي حڪمران هندو راجپوتن مان، سندن گاديءَ جو هنڌ ڳوٺ محمد طور هو، جو درڪ پرڳڻي ۾ هو“ . ساڳيءَ طرح ايليٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ جي فوٽ نوٽ (ص89) ۾ سومرن بابت ڪافي بحث مباحثي کان بعد گجراتي تاريخن جي حوالن جي بنا تي ثابت ڪيو آهي ته سومرا راجپوت هندو آهن. سومرن جي ريتن رسمن بابت جيڪي تحفة الڪرام يا ٻين تاريخن لکيو آهي - مثلاً : سومرن سردارن جو رعيتي ماڻهن جي ڪلهن تي ڏنڀ ڏيڻ، انهيءَ لاءِ ته هو سندن غلام ليکيا وڃن، پاڻ کي ٻين کان اتم ڏيکارڻ لاءِ هٿن پيرن جا نهن پاڙئون ڪڍائي ڇڏڻ، جيڪا به زال هڪ دفعو ٻار ڄڻي تنهن کي وري ويجهو نه وڃڻ، نئون ڪپڙو پائي ميرو ڪري لاهڻ کان پوءِ وري اهو ڪپڙو نه پهرڻ، وغيره - سو ڏيکاري ٿو ته سومرا اصل عرب نه هئا، ڇاڪاڻ ته عربن ۾ ڪڏهن به، جاهليت خواه اسلام جي زماني ۾، اهي رسمون رائج نه هيون - تنهن ڪري اها راءِ وڌيڪ وزندار ٿي ڏسجي ته ”سومرا اصل هندو راجپوت هئا“ - سومرن حاڪمن جا ٺيٺ هندي نالا پڻ انهيءَ راءِ جي تائيد ڪن ٿا - هي ماڻهو جيڪڏهن عرب هجن ها، ته سندن نالا به ضرور عربي هجن ها.
سمن خواه سومرن جي قوميت متعلق هڪ ٽين راءِ به ٿي سگهي ٿي، جنهن ڏانهن ڪنهن جو خيال نه ڇڪيو آهي - اها هيءَ آهي ته هيءُ ٻئي قومون ايشيا جي مشهور ”سميرين“ قوم مان آهي، جن کي عربيءَ ۾ ”سامي“ چوندا آهن. پراڻي زماني ۾ هيءَ قوم تمام وڏي ۽ طاقتور قوم هئي، جنهن جو وچ ايشيا ۾ تمام گهڻو اثر ۽ رسوخ هو: ٿي سگهي ٿو ته انهن جو ڪو ڀاڱو انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ اچي نڪتو هجي، ۽ سنڌ کي پنهنجو گهر بنايو هجي.
سومرن جو راڄ ڪڏهن کان شروع ٿئي ٿو، تنهن ۾ پڻ تاريخ نويس مختلف آهن: مير معصوم، سومرن جي حڪومت جو آغاز سلطان عبدالرشيد (444 -441 هجري) جي ڏينهن کان مڃي ٿو، ۽ تحفته الڪرام جو مصنف مير علي شير قانع سومرن جي باقاعدي حڪومت غازي ملڪ عرف سلطان غياث الدين تغلق شاهه (725-720 هجري) جي ڏينهن کان شروع ڪري ٿو، پر ساڳئي وقت سندن حڪومت جو جملي عرصو پنج سو پنج ورهيه ٻڌائي ٿو، تاريخ طاهريءَ جو مصنف مير طاهر نسياني سومرن جي حڪومت جو عرصو ڪل 143 سال ٻڌائي ٿو. اسان جي خيال ۾ سومرن جي حڪومت جي ابتدا متعلق ڊاڪٽر داؤد پوٽي صاحب جو چوڻ نهايت صحيح ۽ موزون آهي. هو صاحب تاريخ معصوميءَ جي تعليقات (287-286) ۾، سومرن جي حڪومت جي ابتدا خليفي متوڪل عباسيءَ جي وفات (247 هجري) کان شروع ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ خليفي جي وفات کان پوءِ عباسي حڪومت جو زوال شروع ٿئي ٿو، تنهن ڪري اها ڪا بعيد ڳالهه ڪانه آهي، جيڪڏهن سومرن عباسي خليفن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي پنهنجي خودمختياريءَ جو بنياد رکيو هجي ۽ آهستي آهستي زور وٺي سنڌ جو لاڙ وارو ڀاڱو ڦٻائي ويٺا هجن.
سومرن حاڪمن جو تعداد ۽ هرهڪ جي حڪومت جو عرصو پڻ اهڙي ڳجهارت آهي، جنهن جي حل ۾ سنڌ جا تاريخدان ڏاڍا منجهيل ۽ سرگردان آهن - ابو الفضل، ”آئين اڪبري“ (ص559) ۾ چوي ٿو، ته سومرا حاڪم جملي 36 ٿي گذريا آهن، ۽ سندن بادشاهي پنج سؤ ورهيه هلي، مير معصوم فقط نو نالا لکي خاموش ٿي ويو آهي، تحفة الڪرام اڻويهن حاڪمن جا نالا ڏنا آهن. هوڏانهن وري مولوي عبيد الله ”شائق“ سومرن جي وڏن جي شجرن ۽ مولوي عبدالرحيم سومري جي جوڙيل تاريخ ”گلزار سنڌ منظوم“ تان هڪ ننڍڙو ڪتابڙو ”دولت علويه“ (يا سومرن جي حڪومت) نالي ٺاهي شايع ڪيو آهي، تنهن ۾ ايڪيهه نالا ڏنل آهن، مگر تاريخي حيثيت سان ڏسبو، ته سڀني ويهي ڌڪا هنيا آهن. بهر حال، اسان هتي ڊاڪٽر داؤد پوٽي صاحب جي تاريخ معصوميءَ جي تعليقات ۾ ڏنل سومرن حاڪمن جي فهرست بعينه نقل ڪريون ٿا، ته جيئن پڙهندڙن کي ٿوري گهڻي واقفيت حاصل ٿي سگهي.
نمبر
تاريخ معصومي
تحفة الڪرام
دولت علويہ
1.
سومرو
سومرو (وفات 446-445هه)
سومرو (وفات 448 هه)
2.
ڀونگر
ڀونگر (وفات 461هه)
عصام الدين ڀونگر (وفات 466هه)
3.
دودو
دودو (وفات 485هه)
صمصام الدوله دودو (481هه ۾ گوشي نشين ٿي ويو)
4.
تاري
سنگهار (وفات 500هه)
زينب (تاري) (491هه ۾ تخت تان دستبردار ٿي)
5.
سنگهار
خفيف (وفات 536هه)
شهاب الدين سنگهار (وفات 503هه)
6.
همون
عمر (وفات 576هه)
همونءَ جو ڀاءُ فخر الملڪ (هڪ سال حڪومت ڪيائين)
7.
ڦـتو
دودو (وفات (590 هه)
سراج الدين فتح خان (ڦتو - وفات 511هه)
8.
خيرو
ڦتو (وفات 623 هه)
عماد الدين خفيف (وفات 536هه)
9.
ارميل
گهنرا (وفات 639 هه)
جلال الدين عمر (وفات 556هه)
10.
...
محمد طور (وفات 654هه)
صلاح الدين هجو (وفات 570هه)
11.
...
گنهرا (وفات 658هه)
غياث الدين دودو (وفات 600هه)
12.
...
طائي (وفات 682هه)
علاؤالدين خيرو (گهنرو - وفات 619هه)
13.
...
چنيسر (وفات 700هه)
سيف الدين طائي (وفات 638هه)
14.
...
ڀونگر (وفات 715هه)
شمس الدين ڀونگر (وفات 678هه)
15.
...
خفيف (وفات 733هه)
ڪمال الدين چنيسر (هن کي 696هه ۾ تخت تان لاهي ڇڏيائون)
16.
...
دودو (وفات 758هه)
اسد الملته دودو (وفات 700هه)
17.
...
عمر (وفات 793هه)
ظهير الدين ڀونگر (وفات 740هه)
18.
...
ڀونگر (وفات 803هه)
فخر الدين عمر (هيءَ 775هه ۾ گوشي نشين ٿي ويو)
19.
...
همير (هن کي سمن تخت تان لاهي ڇڏيو)
قمر الدين طاهر (وفات 813هه)
20.
...
...
معين الدين ارميل (وفات 822هه)
21.
...
...
بهاؤالدين شهمير شاهه عرف حمير (وفات 843هه)
(1) بني عباس جو آخري گورنر ”ابو الصمہ“ هو، جو ”ڪنده“ قبيلي جو آزاد ڪيل غلام هو، ۽ هن سنڌ تي زبردستيءَ غلبو ڪيو هو، تنهن کان اڳ ۾ ”عمر بن عبدالعزيز“ هباري سنڌ جو گورنر هو. بلڪ عباسين جي گورنرن جي لسٽ جيڪا اسان مٿي لکي آيا آهيون ان تي غور ڪبو ته انهيءَ ۾ ”آل تميم“ نالي ڪوبه گورنر ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو، البت ٻيو نمبر گورنر ”موسيٰ بن ڪعب“ سو تميمي آهي، ۽ انهيءَ کي ”آل تميم“ سڏي سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح ستون نمبر گورنر پڻ تميمي آهي.
(1) شايد ڪڇ ۾ ڪنهن ڳوٺ جو نالو آهي.
باب ستون: سمن ڄامن جو طبقو
ڄام انڙ بن ٻانڀڻيو(1)
سومرن جي زور ختم ٿيڻ کان پوءِ، سمن ماڻهن، جي اڳ رعيت جي حالت ۾ کيتيءَ تي گذران ڪندا هئا، گڏ ٿي، هن (ڄام انڙ) کي”ڄام“ جو لقب ڏيئي، پنهنجو سردار ڪيو. اهو 752 هجريءَ ۾ ٿيو. مٿئين ڄام ٿورن ڏينهن ۾ وڏي طاقت پيدا ڪري،”ملـَـڪ رتن“ (2) ۽ ٻين انهن ترڪ آفيسرن سان، جيڪي سيوهڻ ۾ آفيسر هئا، جنگ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو. آخر ٽي سال ۽ ڇهه مهينا حڪومت ڪري، گذاري ويو.
ڪن جو چوڻ آهي، ته سندس وڪيل”ڪاهي بن تماچيءَ“ جي ساڻس دشمني هئي، تنهن ڪري علي شاهه ۽ ملڪ فيرزو کي بکر مان بهرام پور آڻي، کيس قتل ڪرايو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ انڙ جي ماڻهن اچي مـَـلڪ فيروز کي ڪـُـٺو.
ڄام جوڻو بن ٻانڀڻيو
ڀاءُ کان پوءِ ملڪ جو وارث ٿي، وڏو لشڪر ساڻ وٺي، ٺٽي وٽان درياء ٽپي، اچي بکر جي ڳوٺن ۾ ڦر لٽ ۽ قتلام شروع ڪيائين. ترڪ لاچار ٿي ڇڏي ويا. هيءُ پوءِ ]49[ سنڌ ۾ خودمختيار ٿي رهڻ لڳو. نيٺ سلطان علاؤالدين پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي ملتان پرڳڻي جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن”مـَـلڪ تاج ڪافوري“۽”تاتار خان“ کي، ڄام جوڻي جي ڪڍڻ لاءِ سنڌ موڪليو، پر ڄام جوڻو هن کان اڳيئي فوت ٿي ويو هو(1). سندس حڪومت جو عرصو تيرنهن يا چوڏنهن سال رهيو(2). شاهي لشڪر، بکر وٺي سيوهڻ ۾ اک وڌي.
ڄام تماچي
ڄام جوڻي کان پوءِ،”ڄام تماچي”بن ڄام انڙ حڪومت جي تخت تي ويٺو. سلطان (علاؤالدين) جو لشڪر کيس اهل عيال سميت قيد ڪري، دهليءَ وٺي ويو(3).
ڄام ٻانڀڻيو (اول)
سما قوم ٿرڙيءَ ۾ گذارڻ لڳي ۽ ڄام ٻانڀڻي (اول) بن ڄام انڙ پندرنهن سال مٿن سرداري ڪئي.
ڄام خير الدين بن تماچي
مير معصوم جي چوڻ موجب: ”ڄام خير الدين“ ولد ڄام تماچي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، بادشاهه جي حڪم سان، دهليءَ کان سنڌ ۾ اچي ]ملڪ تي[ متصرف ٿيو. ]هن جي ڏينهن ۾[ سلطان محمد شاهه، طغي غلام جي پويان پئي، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، ٺٽي جي سرزمين ۾ پهتو ۽ اتي گذاري ويو. سلطان فيروز سندس جانشين ٿي، دهليءَ واپس وريو. ڄام خير الدين”سن”تائين سندس تعاقب ڪري، ٻه ٽي دفعا ڪجهه ٽڪرا کائي واپس موٽي آيو. هن رعيت کي عدل ۽ انصاف سان خوش رکيو. نقل آهي، ته هو هڪ ڏينهن سير تماشي لاءِ نڪتو، ۽ هڪ کڏ ۾ ڪجهه هڏا پيل ڏسي، ٿورو وقت بيهي، حاضرين ڏانهن منهن ڪري چيائين، ته”ڪي مظلوم آهن، جي انصاف گهر رهيا آهن!”جاچ مان معلوم ٿيو، ته ست سال اڳ هتي گجرات جو هڪ قافلو لٽيو ويو هو ۽ ماڻهو ماريا ويا هئا. هن مال ڇڏائي، وارثن ڏانهن موڪليو، ۽ قاتلن کان قصاص ورتو.
ڄام ٻانڀڻيو (ٻيو)
خير الدين کان پوءِ هن جو پٽ ”ڄام ٻانڀڻيو“ (ٻيو) گاديءَ تي ويٺو. ]هن جي ڏينهن ۾[ سلطان فيروز شاهه هڪ دفعو اچي موٽي ويو، ۽ ٻئي دفعي کيس قيد ڪري وٺي ويو(1). ٿوري وقت کان پوءِ سندس حسن خدمتون (چڱيون نوڪريون) ڏسي، کيس ڇٽ عنايت ڪري، سنڌ جي حڪومت تي موڪليائين. هو پندرنهن سال حڪومت ڪري گذاري ويو. ”ساموئي“ جو شهر هن ٻڌايو هو. ڪي چون ٿا، ته ٻڌايل ڀنڀي بن انڙ جو آهي، پر هن انهيءَ کي وڌايو هو.
ڄام تماچي
ڄام ڀنڀي کان پوءِ سندس ڀاءُ ”ڄام تماچي“ حڪمران ٿيو، ۽ تيرنهن سال آرام سان گذاري، وفات ڪري ويو.
ڄام صلاح الدين
انهيءَ ]ڄام تماچي[ کان پوءِ سندس پٽ ڄام ”صلاح الدين“ گاديءَ تي ويٺو. هن، سنڌ جي بندوبست کان پوءِ، ڪڇ تي ڪاهيو ۽ فتح سان موٽي آيو. هو پندرهن سالن کان پوءِ وفات ڪري ويو(1).
”حديقته الاوليا“ جي مصنف، شيخ حماد جماليءَ جي ڪرامتن ۾ لکيو آهي، ته ڄام جوڻي، ڄام تماچيءَ ۽ هن جي پٽ صلاح الدين کي قيد ڪري دهليءَ موڪليو هو، جتان هو مٿئين شيخ (حماد) جي دعا سان، قيد و بند مان آزاد ٿي سنڌ ۾ پهتا، ۽ جوڻي کي ڊاهي ملڪ جا وارث ٿيا. پهريائين پيءُ، پوءِ پٽ پنهنجي حڪومت جو وارو ڪاميابيءَ سان وڄايو. ]هن ڳالهه جو[ مٿئين بيان ]50[ سان، جو ”معصوميءَ“ تان ]ورتل[ آهي، پورو اختلاف ظاهر آهي(2)، ۽ علم الله وٽ آهي.
”نوريءَ“ جو قصو
]نوري[ ذات جي گـَـندري ’ڪنجهر‘ ڍنڍ جي مهاڻن جي ڇوڪري ]هئي، جنهن[ ڄام تماچيءَ جي صبر ۽ سڪون تي ڌاڙو هنيو هو. ڄام تماچيءَ جي ساڻس عشق ۽ بيقراريءَ جو قصو، سنڌي زبان جي بيتن ۾، هڪ خاص سر ۾ مشهور آهي. ڄام هن جو سڱ، سندس مائٽن کان وٺي، کيس پنهنجي پـَـٽ، راڻي بڻائي، ڪنجهر جي ڪناري تي سندس لاءِ عاليشان ماڙي ٺهرائي. ٻنهي جون قبرون مڪليءَ تي، شيخ حماد جماليءَ جي پيرانديءَ وٽ، هڪ حـُـجري ۾ يادگار طور باقي آهن.
ڄام نظام الدين
ڄام صلاح الدين کان پوءِ، سندس پٽ ”ڄام نظام الدين“ حڪومت جي تخت تي ويهي، پنهنجن چاچن: سڪندر، ڪرن، بهاؤالدين ۽ آمر کي قيد مان ڪڍي، هر هڪ کي ڌار ڌار پاسن ڏانهن موڪلي، ملڪ جو ڪاروبار هڪڙي منشيءَ جي حوالي ڪري، ]پاڻ[ عيش عشرت کي لڳي ويو. ٻن سالن ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ سندس چاچا کيس غافل ڏسي، لشڪر وٺي شهر ۾ گهڙي پيا. ڄام نظام الدين وٺي ڀڳو. سندس چاچا پٺيانس پيا، پر ڄام نظام الدين گجرات ڏانهن نڪري ويو، ۽ رستي ۾ گذاري ويو.
ڄام علي شير
شهر جي مکيه ماڻهن، هيءَ بدانتظامي ڏسي، ڄام ”علي شير بن تماچيءَ“ کي گمناميءَ جي گوشي مان ڪڍي، حڪومت جي تخت تي وهاريو. هن ملڪ جو ضابطو ۽ انتظام ٺيڪ ڪري، آرام سان وقت گذارڻ شروع ڪيو، ۽ رات جو ڪن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن سان چانڊوڪيءَ جي سير تي نڪرندو هو. ڄام تماچيءَ جا پٽ: سڪندر، ڪرن ۽ فتح خان(1)، جي رڻن پٽن ۾ سرگردان رهندا هئا، ڄام علي شير جي هن حال کان واقف ٿي، راتين جو پنڌ ڪري ڏينهن جو جهنگ ۾ لڪي اچي شهر جي ويجهو پهتا، ۽ شهر جي ماڻهن جو هڪ ٽولو پاڻ سان متفق ڪري، چنڊ جي تيرهين تاريخ، جمعي رات، جڏهن ڄام علي شير پنهنجي دستور موجب هڪ ڊونڊڙيءَ ۾ سير ڪري رهيو هو، تڏهن کيس جهلي قتل ڪيائون. علي شير جي حڪومت جو زمانو ست سال هو.
ڄام ڪرن
انهيءَ ]ڄام علي شير[ کان پوءِ ڄام ”ڪرن“ حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هيءُ شهر جي مکيه ماڻهن کان ناراض هو. اتفاقاً انهن ٽي ڏينهن، يا ٻئي ڏينهن، فتح خان بن سڪندر جي اشاري سان، کيس طهارتخاني جي دروازي تي ڪـُـٺو(1).
ڄام فتح خان
]ڄام ڪرن کان[ پوءِ ڄام ”فتح خان“ بن سڪندر پندرنهن سال(2) ]حڪومت هلائي.[
ڄام تغلق
تنهن ]ڄام فتح خان[ کان پوءِ ڄام ”تغلق“ بن سڪندر بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو. تغلق آباد جو قلعو عرف ”ڪلان ڪوٽ“ انهيءَ جو اڏايل هو، جو اڻ پورو رهجي ويو(3).
ڄام سڪندر
]ڄام تغلق کان[ پوءِ، ڄام”سڪندر بن فتح خان“ (1) حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هيءُ تمام ننڍو هو، تنهن ڪري سيوهڻ ۽ بکر جي حاڪمن سندس تابعداري قبول نه ڪئي. ]هن مٿن چڙهائي ڪئي ۽ اڃا[ ٺٽي کان نڪري نصرپور تائين مس پهتو هو، ته ]پويان[ مبارڪ نالي ڄام تغلق جي هڪ دربان، بغاوت ڪري، پاڻ کي”ڄام مبارڪ”جو لقب ڏنو. ٺٽي جي مکيه ماڻهن، ٽن ڏينهن اندر، هن کي ڪڍي، سڪندر کي گهرايو ]51[. سڪندر ڏيڍ سال راڄ ڪري گذاري ويو.
ڄام رائڏنو(2)
سڪندر جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌي، ڄام”رائڏنو“، جو ڄام تغلق جي ڏينهن ۾ ڪڇ ۾ رهندو هو، ۽ انهن ماڻهن سان لاڳاپو پيدا ڪيو هئائين. لشڪر گڏ ڪري اچي شهر ۾ سهڙيو، ۽ چيائين، ته”حڪومت ڪرڻ لاءِ نه، بلڪ مسلمانن جي ننگ ۽ ناموس کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان: توهان جنهن کي به تخت تي وهاريندا، پهريائين آءٌ انهيءَ جي بيعت ڪندس“. ]شهر جي[ سربرآوردن کيس ئي حڪومت لاءِ چونڊيو. هن ڏيڍ سال جي عرصي ۾ سڄي سنڌ ملڪ کي، سمنڊ کان وٺي ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي جي سرحد گاجريلي ۽ ڪنڍيءَ تائين، صاف ڪري ڇڏيو. سندس حڪومت کي ساڍا اٺ سال گذريا هئا، ته سندس خاص ماڻهوءَ ڄام سنجر کي اچي بادشاهيءَ جو شوق جاڳيو، ۽ هن (ڄام رائڏنو) کي شراب ۾ زهر ملائي ڏنائين، جنهن ڪري ٽن ڏينهن ۾ گذاري ويو.
ڄام سنجر
هن ]ڄام رائڏني[ کان پوءِ”ڄام سنجر“ حڪومت جي تخت جو مالڪ ٿيو. چون ٿا، ته هو نهايت سهڻو ۽ خوبصورت هو. هڪ درويش جو ساڻس باطني عشق هو. هڪ ڏينهن ]سنجر[ درويش کي چيو، ته”بادشاهي ڪرڻ گهران ٿو، پوءِ ڀلي ته کڻي رڳا اٺ ڏينهن هجي“. درويش وراڻيو، ته”اٺ سال بادشاهه رهندين!”جڏهن هو درويش جي دعا سان تخت تي ويٺو، تڏهن ماڻهن خود بخود سندس تابعداري اختيار ڪئي. هن جي وقت ۾ خلق ڏاڍو سکيو گذاريو. جمعي ڏينهن فقيرن کي ججهي خيرات ڏيندو هو، شرعيت وارن کي لائق وظيفا ۽ پگهارون ڏنائين. آخر اٺن سالن کان پوءِ گذاري ويو.
ڄام نظام الدين
]ڄام سنجر[ کان پوءِ”ڄام نظام الدين“ عرف ”ڄام نندو“ بن بانبهنيه (ڀنڀو) بن انڙ بن صلاح الدين بن تماچي بادشاهيءَ جي تخت تي قابض ٿيو. هو هڪدم ٺٽي کان بکر ويو ۽ اتي هڪ سال ويهي، ملڪ جو پورو پورو بندوبست ڪري، پنهنجي خانه زاد (گهر ڄائي غلام)”دلشاد“ کي اتي ڇڏي، موٽي آيو. هيءُ هو (سما) قوم ۾ سڀني کان وڌيڪ عادل، شاندار ۽ ڊگهو عرصو حڪومت ڪندڙ ثابت ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ عالم، سيد، صالح ۽ عام ماڻهو بلڪل آرام سان وقت گذاريندا هئا. اسلامي طريقو ايترو ته رائج ٿي چڪو هو، جو ڪوبه ماڻهو نماز ۽ روزي کان خالي نه هو. ملتان جي حاڪم سان دوستيءَ جو رستو مضبوط ڳنڍي ڇڏيو هئائين. ڪنهن به طرف کان ڪوبه فساد پيدا ڪونه ٿيو. هر هفتي ڪـُـڙهه ۾ وڃي، گهوڙن جي پيشانيءَ تي هٿ گـُـهمائي چوندو هو، ته”اي غازيو! آءٌ توهان تي هنان رکڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته چئني طرفن کان مسلمان حاڪم آهن: دعا ڪريو، ته شرعي سبب کان سواءِ ڪٿي به وڃڻو نه پويم، متان مسلمانن جو خون منهنجي گردن ۾ پوي!“
سندس نيڪ بختيءَ ۽ پرهيزگاريءَ متعلق عجيب داستان ۽ اندر جي صفائيءَ بابت روشن نشانيون مشهور آهن. نقل آهي، ته هڪ بزرگ، جو وڌيڪ صحيح قول موجب، ’قاضي عبد الله‘ آهي، جنهن جو مقبرو، شيخ حماد جماليءَ جي مقبري جي پويان مشهور آهي، جو لاش از غيبي مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي، پنهنجي دفن ٿيڻ واريءَ جاءِ تي اچي ظاهر ٿيو، ۽ هڪ بزرگ کي خواب ۾ اشارو ڪيائين، ته ’منهنجي لاش تي جنازي جي نماز اهڙو ماڻهو پڙهائي، جنهن سمجهه واري ٿيڻ کان وٺي، (هڪ قول موجب) آسمان ڏانهن وضوءَ کان سواءِ نه ڏٺو هجي، ۽ (ٻيءَ روايت موجب) پنهنجي اوگهڙ تي به نظر نه وڌي هجي“. ٻئي جي اوگهڙ ته پري رهي! بهر حال تمام گهڻي ڳولا کان پوءِ به، خود ڄام نظام الدين کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو ماڻهو هٿ نه آيو، تنهن ڪري جنازي جي امامت پاڻ ڪيائين.
پڻ ”رساله قطبيه“ ۾ سيد مراد شيرازي رحمت الله عليه جي احوال ۾ لکيل آهي، ته هو (ڄام نظام الدين) هڪ ڏينهن جهنگ مان ٿي لنگهيو، ته هڪ مئل ماڻهوءَ سندس رستو جهلي کيس چيو، ته”هن جاءِ تي مون کي چورن ڦري شهيد ڪيو آهي، مون کي گجرات ۾ يتيم ٻار آهن، تون منهنجو انصاف ڪر!“ اتي بيهي، تحقيقات ڪري، هن (مردي) جو مال موٽائي گجرات موڪليائين، ۽ قاتل کان قصاص ورتائين. هيءُ نقل، مٿي ذڪر ڪيل انهيءَ نقل سان ٺهڪي ٿو اچي، جيڪو ڄام خير الدين جي احوال ۾ بيان ٿي آيو، ۽ علم الله وٽ آهي.
هن پنهنجي بادشاهيءَ جي شروعات ۾ ساموئي ڇڏي، ان جي بدران موجوده ]ٺٽي واريءَ[ سرزمين تي، جيئن پنهنجي جاءِ تي بيان ٿيندو، شهر ٻـَـڌائي، تختگاهه بنايو.
سندس بادشاهيءَ جي پوين ڏينهن ۾، ”شاهه بيگ“ جي لشڪر، قنڌار کان اچي، اڪڙي، چانڊوڪي، سنديچه ۽ ڪوٽ ماڇيءَ جي ڳوٺن کي ڦريو. سندس پويان، درياخان، سيويءَ تائين(1) ڪاهي ويو ۽ سخت لڙائي ڪري، شاهه بيگ جي ڀاءُ ابومحمد(1) مرزا کي ڪـُـهي، فتح سان موٽي آهيو. هن جي ڏينهن ۾ شاهه بيگ وري سنڌ تي لشڪر نه موڪليو.
سندس حڪومت جو عرصو ٽيهتر ورهيه هو، ڪن ٽيهٺ ۽ ٽيتاليهه پڻ چيو آهي، پر وڌيڪ صحيح ائين آهي، ته پنجاهه کان گهٽ ۽ ٽيتاليهن کان مٿي آهي، مطابق 914 هجريءَ، جيئن هن قوم جي بادشاهيءَ جي ابتدا کان هن سال (ڄام نظام الدين جي وفات) تائين معلوم ٿو ٿئي.
ڄام فيروز
کانئس ]ڄام نظام الدين کان[ پوءِ ”ڄام فيروز“ ولد ڄام نظام الدين تخت تي ويٺو. هيءُ ننڍيءَ عمر جو هو، تنهن ڪري ]ڄام نظام الدين جي[ وصيت موجب، سندس استاد ۽ مدار المهام، ڄام نظام الدين جو پٽيلو ”دريا خان“، مقرر ٿيو. ]ڄام[ سنجر جي پوٽي ڄام”صلاح الدين“ لڪ جي دعويٰ ڪئي، پر درياخان ۽ سارنگ خان کيس بيهڻ نه ڏنو، ۽ هو سلطان مظفر گجراتيءَ ڏانهن، جنهن جي نڪاح ۾ سندس سوٽ هئي، ڀڄي ويو. فيروز، پوري خودمختياريءَ ملڻ کان پوءِ، بيخبريءَ جي نشي ۾ چور ٿي، عيش عشرت کي لڳي، دريا خان جي هٿ مان نڪري ويو، ]جنهن تي[ دريا خان پنهنجي جاگير”ڪاهان“ (ڳاهن)(2) ۾ وڃي گوشي نشين ٿي ويهي رهيو. ڄام صلاح الدين وجهه وٺي، سلطان مظفر جي مدد سان اچي ٺٽي تي قبضو ڪيو. فيروز جي ماءُ(1) ]اهو حال ڏسي[ پٽ کي درياخان وٽ وٺي ويئي ۽ ]اڳين[ اوڻائين کان توبهه ڪري، مدد گهريائين. دريا خان ]ڪجهه[ حيلي ۽ ]ڪجهه[ لڙائيءَ سان ڄام صلاح الدين کي تڙي،ڄام فيروز کي نئين سر خود مختار بڻايو. هيءُ هن دفعي پڻ درياخان سان چڱيءَ طرح نه هليو، بلڪ دولت شاهي ۽ نورگاهي مغلن جي ٽولي ۽ ڪيبڪ ارغون کي، جي سندس وقت ۾ شاهه بيگ کان ڇڄي ٺٽي آيا هئا، هن اميد تي، ته هو کيس ڪم ايندا ۽ درياخان جي چنبي مان هن کي ڇوٽڪارو ڏياريندا. پاڻ وٽ نوڪر رکي، کين ٺٽي جي مغلواڙي محلي ۾ رهايائين، پر بيوقوف ايترو نه ڄاتو، ته اهي ماڻهو سندس مٿان ڪهڙو ڏکيو ڏينهن آڻيندا!
مطلب ته جڏهن نفساني خواهشن ۾ گرفتار ٿي، حڪومت هلائڻ کان بيخبر رهيو، تڏهن مير قاسم ڪيبڪيءَ ملڪ جي حالت معلوم ڪري وڃي شاهه بيگ کي پهچائي، ] ۽ سنڌ[ فتح ڪرڻ جي ترغيب ڏني(2)، ۽ سنہ 921 هجريءَ ۾ شاهه بيگ هزار سوار، سيويءَ کان سنڌ ]53[ موڪليا، جن مان هرهڪ، رستم ۽ اسفند يار جي مٽ هو. هنن اچي ڳاهن ۽ باغبان جي ديهن کي ڦريو.
مخدوم جعفر بوبڪائيءَ، مرزا عيسيٰ ترخان کان نقل ڪيو آهي، ته شاهه بيگ جي لشڪر، انهيءَ حملي ۾ اهڙا هزار اُٺ هٿ ڪيا، جي رات جو باغن جي نارن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، ٻئي ]سامان[ جو اندازو هن مان لڳائڻ گهرجي. تنهن کان پوءِ، جنهن صورت ۾ سما قوم جي زوال جو وقت اچي چڪو هو، تنهن ڪري فيروز جي ماءُ، درياخان جي ايڏي هلندي ڏسي، جنهن ۾ پنهنجي پٽ جو فقط نالو ڏسڻ ۾ ٿي آيس، وڃي سنہ 924 هجريءَ ۾ شاهه بيگ کي دعوت ڏني. شاهه بيگ، جو اڳي ئي مير قاسم جي هرکائڻ تي تياري ڪري رهيو هو، سو هاڻي ته پنهنجو بخت مردان موجب ڏسي، انهيءَ پاسي جي بندوبست کان فارغ ٿي، جلد ئي سنہ 926 هجريءَ ۾ ٺٽي تي چڙهي آيو. ڄام فيروز ۽ سندس ماءُ انهيءَ پنهنجي کڏ کنيل کان ڏاڍو پشيمان ٿيا، پر ڪو به فائدو نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته هٿ جي وڍيءَ جو نڪو آهي ويڄ نه طبيب. دريا خان لشڪر گڏ ڪري، شاهه بيگ کي سامهون ٿيو. ’عاليجان‘ (1) جي ڪناري تي، جو ٺٽي کان هيٺ هڪ واهه آهي، ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ٽڪريون. سنڌي ماڻهو ۽ سندن گهوڙا، ڪلاهه پوش مغلن جي هيبت کان، پهريئن ئي دفعي ٽاهه کائي ڀڄي ويا. درياخان پاڻ ڪن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن سان گڏ، خوب هٿ پير هلائي، قتل ٿي ويو. فيروز بدبخت ٻار ٻچا ٺٽي ۾ ڇڏي، ’پير آر‘ (پير پٺو) ڏانهن ڀڄي ويو. شاهه بيگ 11 محرم سنہ 927 هجريءَ (2) تي فتح جا نغارا وڄائيندو، ٺٽي ۾ داخل ٿيو. فيروز بدبخت جي حڪومت جو عرصو، ڄام صلاح الدين جي ٿورن ڏينهن سميت، ٻارنهن سال ۽ ڪجهه مهينا آهي. هن واقعي جي تاريخ ”خرابيءَ سنڌ“ (سنہ 927 هجري) لکي اٿن.
مٿئين بيان موجب، سمن جي حڪومت جو جملي عرصو پورا هڪ سؤ پنجهتر سال آهي. اگرچ هن کان پوءِ پڻ ڄام فيروز ڪجهه وقت ملڪ جي هڪ حصي ۾ رهندو آيو، پر جنهن صورت ۾ خودمختار حڪومت ڪانه ڪيائين، تنهن ڪري ڄامن جي گهراڻي جي بادشاهي اُتي پوري ٿي.
چون ٿا، ته شاهه بيگ جو لشڪر يارهين تاريخ کان ويهينءَ تاريخ تائين شهر کي ڦريندو ۽ قيد ڪندو رهيو. قاضي قاضن جا ٻار ٻچا پڻ قيد ٿي پيا هئا، جنهن تي هو چرين وانگيان پنهنجن وڃايلن کي ڳوليندو ۽ سڀڪنهن ڳليءَ ۽ رستي ۾ ڦرندو ٿي رهيو. آخر مرزا شاهه بيگ جي پيش امام حافظ محمد شريف جي ذريعي، هڪ عريضو پيش ڪري، قيدين کي ڇڏائڻ جو حڪم ورتائين.
سمن ڄامن جي ڏينهن جا امير
مخفي نه رهي، ته ڄام نظام الدين جي وقت کان اڳ، سمن جا حاڪم خود وحشي هئا، ۽ سندن امير پڻ اهڙائي هئا. ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ ڪجهه انسانيت پيدا ٿي، ۽ سندس اميرن مان ڪي ٻه ٽي ناليرا ۽ اخلاق جي زيور سان سينگاريل سردار ٿي گذريا آهن، انهن جو مختصر احوال ڏجي ٿو:
ڄام نظام الدين جو وزير دلشاد
جيئن مٿي گذري آيو، بادشاهيءَ جي شروعات ۾ کيس بکر ۾ ڇڏيو هئائين، ۽ هن نهايت عقلمنديءَ سان انهيءَ پاسي جو جوڳو انتظام ڪري، ڏاڍي بهادري ۽ انسانيت ڏيکاري هئي. اگرچه هيءُ اصل ۾ گهر ڄاول غلام هو، پر سندس بلند جوهر سببان، سڀئي آزاد خواه غلام ماڻهو سندس ساراهه ڪندا هئا. سنہ 912 هجريءَ ۾، ڄام نندي جي پوين ڏينهن ۾، ڪنهن موقعي تي ٺٽي کان ڪاهي وڃي اُچ کي لٽي آيو. سندس فوت ٿيڻ جو واقعو معلوم نه آهي.
دريا خان
پهريائين”قبوليو“ نالو ]هئس[، ڄام نظام الدين جي وزير”لکدير“ ]54[ يا”لکسير“ جو غلام هو. چون ٿا، ته هو اصل ۾ سيد زادو هو، جو زماني جي حادثن ڪري قيد ٿي پيو، ۽ کيس لکدير خريد ڪيو. وڌيڪ صحيح به اها روايت آهي.
هڪ ڏينهن ڄام نظام الدين شڪار ڪندي، رستي جي ڊوڙ ڊڪ کان اڃارو ٿي، ڏينهن جي عين گرميءَ وقت پاڻي گهريو. لکدير جي آبدار قبولئي پاڻيءَ جو پيالو ڀري، انهيءَ لاءِ ته ڄام پاڻي آهستگيءَ سان پيئي، انهيءَ ۾ ٿورا ڪک وجهي ڇڏيا، ۽ ٻڌايو، ته”ڪک انهيءَ لاءِ وڌا اٿم، ته جيئن ڄام ههڙيءَ گرميءَ ۾ پاڻي يڪدم نه پئي، متان ڪو کيس نقصان پهچي!“ ڄام کي سندس هيءَ دانائي ڏاڍي وڻي ۽ هن جي ٻانهن، اُتي جو اُتي لکدير کان وٺي، مٿس”دريا خان“ نالو رکيو، ۽ سندس ذاتي جوهر ڏسي، تربيت ڪري، کيس بلند درجي تي رسايو. هو جلد ئي وڏو درجو حاصل ڪري، دلشاد وزير ۽ ٻين اميرن کان به اڳتي ٽپي، مدار المهام ۽ امير الامرا ٿيو، ۽”مبارڪ خان“ لقب مليس. ميران سيد محمد جونپوريءَ جي ٺٽي ۾ اچڻ تي، باوجوديڪ ڄام، عالمن جي چرچ تي هن سان اعتقادمنديءَ سان پيش نه آيو هو، مگر هن انهيءَ بزرگوار جي سچيءَ دل سان خدمت ڪري، انهيءَ وقت جي صاحب جي خوشنودي حاصل ڪئي. مطلب ته ڄام کيس پٽ سڏيندو هو ۽ فوت ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو پٽ کيس سپاري ويو هو، جيئن مٿي گذري آيو، سنہ 927 هجريءَ ۾ شاهه بيگ جي لشڪر هٿان شهيد ٿيو. مڪليءَ ۾ دفن ٿيل، ۽ اهل الله جي زيارتگاهه آهي.
علاؤ الدين
سندس پٽ علاؤالدين پڻ اميرن جي سلسلي ۾ داخل هو. هو شاهه بيگ کي هٿ لڳو، جنهن مٿس نوازشون ڪيون.
محمد خان ۽ متن خان
دريا خان جا ٻيا ٻه پٽ ]هئا. هنن[ پيءُ جي واقعي کان پوءِ پنهنجي جاگير ۾، جا ٽلٽيءَ ۽ ڪاهان (ڳاهن) وٽ هئي، شان شوڪت پيدا ڪيو، مگر ڪجهه ڪري نه سگهيا.
سارنگ خان
سارنگ خان پڻ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي ڏينهن جو ناليرو امير هو. سندس بهادريءَ ۽ عقلمنديءَ جي ذريعي وڏا وڏا ڪم سر انجام ٿيندا هئا.
باب اٺون: ارغون گهراڻو
قصو ڪوتاهه،”شاهه بيگ“ لد امير ذوالنون ولد مير حسن مصري، مٿئين ارغون خان جي اولاد مان، جيئن مٿي لکجي آيو، جڏهن ٺٽي تي قبضو ڪري، ]55[ اُٰتي جي لٽ مار، قتل ۽ قيد کان واندو ٿيو، تڏهن ڄام فيروز، جنهن جا پويان قيد ٿي پيا هئا، پيش پوڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. شاهه بيگ انهيءَ تي نوازش ڪري، ’پنهنجو پٽ‘ سڏي، سيوستان تائين ملڪ کيس ڏيئي، لڪيءَ جو جبل، حد مقرر ڪري پوئتي موٽيو، ۽ مير عليڪہ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان فيروز وٽ رهائي، سيوستان جي آسپاس ۾ درياخان جي پٽن جو ڪم پورو ڪري، شال ۽ سيويءَ ڏانهن هليو ويو.
سما ماڻهو، جي هن افراتفريءَ واري زماني ۾ ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي ڄام صلاح الدين سان ملي، کيس گجرات کان وٺي آيا. هو ڪڇ جي واليءَ راءِ کنگهار جي امداد سان، جو پڻ سمن جي نسل مان هو، ڏهه هزار جاڙيجا ۽ سوڍا ساڻ ڪري، ٺٽي تي ڪاهي آيو. هن خبر ]ٻڌڻ[ ۽ ڄام فيروز جي عرض ڪرڻ تي، ”مرزا شاهه حسن“ ولد شاهه بيگ، ساڳئي سال جي 14 محرم تي ’شال‘ مان نڪري، ويهن ڏينهن اندر سينگاريل فوج سان مدد لاءِ پهچي ويو. جڏهن هڪ ٻئي جي سامهون جنگ جون صفون سينگاريائون، تڏهن صلاح الدين جي طرفان سندس پٽ هيبت خان، جو سلطان مظفر گجراتيءَ جو ناٺي هو، لشڪر جي مقدمي تي هو. هن طرف کان مرزا عيسيٰ ترخان، مير عليڪہ ۽ سلطان قلي بيگلار پيشقدمي ڪري، مٿن حملي آور ٿي، هيبت خان کي گهڻن ڪارگر آدمين سميت قتل ڪري ڇڏيو.
صلاح الدين، پٽ جي قتل جي خبر ٻڌي، ڏاڍي ڪاوڙ ۽ جوش مان جنگ ڪرڻ آيو. هيڏانهن مرزا شاهه حسن مٿس ڪڙڪي، بهادريءَ جو حق بجا آڻي، دشمن جي لشڪر جو انتظام ٽوڙي ڇڏيو، ۽ هڪڙن کي ڪـُـهي ٻين کي ڀڄائي سوڀارو ٿيو. راءِ کنگهار جو ڀاءُ آمر آمراڻي گهڻن ماڻهن سميت ميدان ۾ ڪم آيو. حملي ڪندڙن کي گجرات ڏانهن ڀڄائي، هيءُ ٽن ڏينهن کان پوءِ موٽي آيا. ربيع الثاني مهيني ۾ شاهه بيگ پاڻ باغبان جي آسپاس پهچي، مرزا شاهه حسن کي پاڻ وٽ گهرايو، ۽ ماڇي، جن خودمختياريءَ جو دم ٿي هنيو، تن کي ختم ڪري، سندن قلعي جو بنياد ڪڍي ڇڏيائين. ]ايتري ۾[ مرزا شاهه حسن به پيءُ جي قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو ۽ حڪم موجب، سيوستان وڃي، قلعي ۾ اعتماد جوڳا ماڻهو ڇڏي، نئين سر اڏڻ لاءِ کين جڳهون تقسيم ڪري، ذخيري گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏيئي، موٽي اچي پيءُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. شاهه بيگ، ڄام فيروز ڏانهن لکي موڪليو، ته ”دل ۾ گجرات فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو آهي، جڏهن اها تمنا پوري ٿيندي، تڏهن سنڌ ملڪ سڄو اصل وانگيان توکي ڏنو ويندو“. ]اهو خط لکي[ پاڻ بکر ڏانهن روانو ٿي ويو. اتي پهچي قلعي ۾ اندر رهندڙ سيدن کي روهڙيءَ ۾ جايون ڏيئي اروڙ شهر جي سرن مان نئون قلعو ٺهرايائين. ماڻهن چيس”هيءُ الهندي پاسي وارا ٻه ٽڪر بڇڙا ٽڪر آهن (قلعي لاءِ نقصانڪار آهن)(1)، پهريائين انهن جي ڪڍڻ جو خيال ضروري آهي“. چيائين، ته ”جنهن صورت ۾ زبردست دريا قلعي کي چوڌاري گهيرو ڪندڙ آهي، تنهن ڪري هن ٽڪرن جي ڪهڙي ڳڻتي؟ ڇاڪاڻ، ته بادشاهه ههڙي ننڍڙي قلعي جي فتح ڏانهن توجهه ڪونه ڪندا، ۽ ٻين ]جهڙن تهڙن[ کان فتح ڪونه ٿيندو. بهرحال جڏهن پوري سال ۾ قلعي جي عمارت تيار ٿي، تڏهين مير فاضل ڪوڪلتاش، ملڪ محمد ڪوڪہ ]56[ مير محمد ساربان ۽ سلطان محمد مهردار جهڙا ڪي امير انهيءَ ۾ رهائي، بلوچ ذات وارن فسادي ماڻهن، جن آسپاس ۾ فساد جي باهه ٿي ڀڙڪائي، بابت رٿ رٿي، اهڙيون فوجون مقرر ڪيائين، جن هرهنڌ هڪ ئي ڏينهن ۽ هڪ ئي وقت انهيءَ ٽوليءَ کي برباد ڪري ڇڏيو. هن ڪم کان واندو ٿي ]شاهه بيگ[ شال ۽ سيويءَ ڏانهن هليو ويو. هو وري سنہ 28 (928 هجري) ۾ بکر موٽي آيو ۽ پائنده محمد ترخان کي اتي جي حڪومت سپاري، پاڻ گجرات روانو ٿي، اگهم جي ڳوٺ وٽ ڄام فيروز جو انتظار ڪرڻ لڳو. اتفاقاً سنہ 928 هجريءَ جي شعبان مهيني جي 22 تاريخ، مرڻينگ ٿي پيو(1)، ۽ پيش امام حافظ شريف کي سورة ’ياسين‘ پڙهڻ جو حڪم ڏنائين. هو جڏهن آيت ’وَمَالِيَ لآَ اَعْبُدُ الَّذِيْ‘ وٽ پهتو، تڏهن چيائين، ته ”وري پڙهه“. ٻئي ڀيري جڏهن مٿيون حافظ، آيت ’يَا لَيْتَ قَوْمِيْ يَعْلَمُوْنَ بِمَا غَفَرَلِيْ‘ وٽ پهتو، تڏهن ساهه حق تعاليٰ جي حوالي ڪيائين.”شهر شعبان“ سندس تاريخ آهي.
مير طاهر سندس وفات هڪڙي قول موجب، قنڌار ۾، ٻئي قول موجب، ملتان ۾ لکي آهي، پر ٻئي ڳالهيون اڻ ٿيڻيون آهن. ڇاڪاڻ ته جڏهن بابر بادشاهه قنڌار کانئس کسي ورتو هو، تڏهن هن سيويءَ ۽ شال ۾ پهچي، اچي سنڌ تي قبضو ڪيو هو ۽ هيترڙي ٿورڙي عرصي ۾ سندس قنڌار ڏانهن موٽي وڃڻ ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي؟ ملتان ۾، ته هن جو وڃڻ ڪڏهن به ڪونه ٿيو هو، جنهن جي بنا تي سندس موت اتي ٿي سگهي، ۽ جڏهن گجرات جو ارادو هئس ته پوءِ گجرات جو رستو ملتان کان ڪٿان آيو؟
بهرحال سندس لاشو مڪي ]شريف[ کڻي ويا. هيءُ جوانيءَ ۾ خواجه عبد الله جي خدمت ۾ حاضر ٿي، ]علمي[ ڪمالات حاصل ڪري، بلند درجي تي پهتو هو. جڏهن هرات ۾ پيءُ جي خدمت ۾ رهندو هو، تڏهن هميشہ عالمن جي مجلس ۾ وهندو هو، ۽ هفتي ۾ ٻه دفعا انهن کي پنهنجي جاءِ تي گهرائي، سندس خدمت ڪندو ۽ فائدو پرائيندو هو. سندس تصنيفات مان ڪافيہ جي شرح ۽ ڪن رسالن جا حاشيہ مشهور آهن.
مرزا شاهه حسن
مير معصوم جي قول موجب، پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ نصرپور ۾ تخت تي ويهي، ’خطبہ بابر‘ بابر بادشاهه جي نالي پڙهيائين، ڪي خيرخواهه گهڻوئي ناراض ٿيا پر فرمايائين، ته ”پنهنجي قديمي ولي نعمت بادشاهه جي هوندي. اسان کي سندس سڳورو نالو خطبي مان ڪڍي ڇڏڻ مناسب نه آهي“ . ڄام فيروز، شاهه بيگ جي فوت ٿيڻ جي خبر تي خوش ٿي، فاتحہ خوانيءَ کي نظر انداز ڪري، تابعداريءَ کان منهن موڙيو. مرزا شاهه حسن انهيءَ کان واقف ٿي، سندس پاڙ پٽڻ جو ارادو ڪيو، ۽ ڄام فيروز اها خبر ٻڌي، حافظ رشيد خوشنويس ۽ قاضي قاضن مفتيءَ کي سوکڙيون ساڻ ڏيئي، قصور معاف ڪرائڻ لاءِ موڪليو، پر ڳجهه ڳوهه ۾ جنگ جي تياريءَ ۾ مشغول رهيو. مرزا اهو حال معلوم ڪري، ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. ڄام فيروز مقابلي جو ست نه ساري، ماڻڪ وزير ۽ شيخ ابراهيم داماد کي جنگ تي ڇڏي، درياء ٽپي ڀڄي ويو. هنن گهڻيون ئي دنگيون ڇوڙيون ۽ توبچين ۽ تيراندازن سان ڀريل ٻيڙيون رستي تي آڻي روڪ ڪئي، پر مرزا جو لشڪر سڀني کي ]57[ اڳيان هٽائي، سوڀارو ٿي ٺٽي ۾ گهڙيو. نڀاڳو ڄام فيروز ڪڇ ۾ پهچي، لشڪر تيار ڪري، جلد ئي پنجاهه هزار پيادا ۽ سوار ساڻ وٺي، چاچڪن ۽ راحمن وٽ اچي جنگ جو گهورو ٿيو. مرزا شاهه حسن ڪجهه ماڻهو ٺٽي جي نظرداريءَ لاءِ ڇڏي، سندس سامهون ٿيو. جڏهن ٻئي ڌريون دوبدو ٿيون، تڏهن سنڌي ۽ ڪڇي ماڻهو، پڳون مٿن تان لاهي، رسم موجب، چادرن جون ڪنڊون هڪ ٻئي سان مضبوط ٻڌي، گهوڙن تان پيادا ٿي، لڙائي لاءِ تيار ٿي بيٺا. سنڌ خواهه هند جي ماڻهن جي اها رسم آهي، ته جڏهن پنهنجي لاءِ مرڻ جو فيصلو ڪندا آهن، تڏهن انهيءَ نموني جي جنگ شروع ڪندا آهن.
چون ٿا، ته مرزا شاهه حسن اها حالت ڏسي، اميرن کي مبارڪ ڏيئي چيو، ته ”هنن پاڻهي پاڻ کي ٻڌي اسان جي سامهون ڪيو آهي، انشاءَ الله تعاليٰ ائين ئي ٿيندو.“ ]ائين چئي[ هڪدم گهوڙي تان لهي، پيادو ٿي، وضو ڪري، مناجات جي نيت سان ٻه رڪعتون نفل ادا ڪري، موليٰ پاڪ جي درگاهه مان ڪاميابيءَ جو سوال گهريائين ۽ دعا جو تير وڃي قبوليت جي نشان تي لڳو. لشڪر سندس حڪم موجب، پهريائين تير وسائي رهيو هو. جڏهن مرزا مناجات کان فارغ ٿيو، تڏهن گهوڙي تي سوار ٿي حملي جو اشارو ڪيائين. صبح کان وٺي پوئينءَ سانجهي تائين لڙائي جاري رهي، جنهن ۾ اٽڪل ويهه هزار ماڻهو ڪـُـسي ويا. ڄام فيروز خوار خراب ٿي گجرات ڀڄي ويو، ۽ مرڻ تائين اُتي رهيو. مرزا ٽي ڏينهن انهيءَ سرزمين تي ترسي، غنيمتون، گهوڙا ۽ ٻيو جيڪو اسباب هٿ آيل هئس، سو پنهنجن ماڻهن ۾ تقسيم ڪري، موٽي اچي پنهنجي شهر ٺٽي ۾ لٿو ۽ تغلق آباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. ڇهن مهينن کان پوءِ هاله ڪنڊي (هالا) جي رستي کان، پهريائين سيوستان پهچي، در ٻيلي جو پرڳڻو مير فرخ کي عطا ڪري، شڪار ڪندي وڃي ٻٻر لوءِ، جو بکر کان ٽن ڪوهن تي آهي، ۾ تشريف فرما ٿيو. رستي ۾ هر هنڌ جي راڄن ۽ رهاڪن کي تابعدار بنائيندو ويو. اٻاوڙي جي حد ۾ سندس لشڪر، ڏهرن ۽ ماڇين کي شڪست ڏيئي، اٻاوڙو هٿ ڪيو. آخر سنہ 930 هجريءَ ۾ ملتان فتح ڪرڻ جو ارادو رکي(1)، پهريائين هڪ هفتو سيويءَ وڃي، اتي جي قلعي کي نئين سر تعمير ڪيائين. موٽندي رندن ۽ مگسي بلوچن کي تابعدار ڪندو بکر آيو ۽ ظهير السلطنت بابر بادشاهه سان پڻ اخلاص ۽ مائٽيءَ جو ناتو ڳنڍيائين. تنهن کان پوءِ سنہ 931 هجريءَ ۾ ملتان روانو ٿيو. رستي ۾ ’سيورائي‘ جو قلعو هٿ ڪري برباد ڪرڻ کان پوءِ، ’مئو‘ جي قلعي ڏانهن رخ رکيائين، پر قطب العارفين شيخ روح الله قدس سره جي وچ ۾ پوڻ تي انهيءَ کان درگذر ڪيائين. ملتان جا بهادر رحمو ۽ بنده ڏهر ]به[ اچي خدمت ۾ حاضر ٿيا(2) . لانگاهن جا شهزادا ۽ بلوچ جيڪي سامهون ٿيڻ لاءِ آيا هئا، تن کي شڪست ڏيئي ’اُچ‘ فتح ڪري، قلعو مسمار ڪري ڇڏيائين. ]اتي[ سلطان ’محمود‘ لانگاهه، بلوچن، جتن، رندن، دوداين، ڪوراين ۽ چانڊين جو جملي اسي هزار لشڪر جمع ڪري جنگ ڪرڻ آيو. آخر ]مرزا، لانگاهن سان[ صلح ڪري(1)، گهاري واهه(2) جي حد مقرر ڪري، معتبر ماڻهو اُچ ۾ ڇڏي، دلاور جي قلعي تي چڙهائي ڪئي، ۽ اهو ڪلراٺيءَ زمين جو قلعو، جو مضبوطيءَ ۾ ملڪين مشهور هو، ٿورڙي وقت ۾ فتح ڪيائين. ڳالهه ٿا ڪن، ته مرزا جي لشڪر حڪم موجب، هڪ مهيني جو سمر پاڻ سان کنيو هو. هنن ٽن ڏينهن جي اندر قلعي جي چوڌاري ٽيهه سؤ کوهه کوٽي، تڙ رسائي، پاڻ کي خشڪيءَ جي پريشانيءَ کان آزاد ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن غازي خان قلعي ۾ اندر اچي ڦاٿو ۽ هٿ پير هڻي نيٺ لاچار ٿي پيو. قصو مختصر، ته قلعي وارن مان گهڻن کي قتل ڪري ۽ ڦٽي باقي رهيلن کي قيد ڪري، ڏاڍيون غنيمتون هٿ آڻي، پندرهن ڏينهن اندر بکر موٽي آيو. سنہ 932 هجريءَ ۾ وري ٻيو ڀيرو ملتانين جي بيفرمانيءَ سبب اوڏانهن ڪاهي ويو ۽ پوري سال جي محاصري کان پوءِ، خونريزيءَ ۽ ڦر لٽ بعد شهر فتح ڪري، سلطان محمود لانگاهه جو پٽ ۽ ڌيءَ، مسڪين ترخان جي حوالي ڪيائين، جو ٻنهي کي پنهنجو جگر گوشو ۽ فرزند سمجهڻ لڳو(3). ٻه مهينا ٽڪي، خواجه شمس الدين کي ملتان ۾ رهائي، پاڻ بکر موٽي آيو. ٿوري وقت کان پوءِ ملتان نذراني طور بابر بادشاهه کي ڏيئي، خواجه شمس الدين کي بکر گهرائي ورتائين. بابر بادشاهه ]وري[ ملتان پنهنجي پٽ ڪامران کي عطا ڪيو. ايتري ۾ ڪڇ جي والي راؤ کنگهار، جو ڄام صلاح الدين جي مدد ۾ اچي شڪست کائي ڀڄي ويو هو، ٺٽي ]جي فتح ڪرڻ[ جو ارادو رکي، هن مضمون جو خط موڪليو، ته”منهنجو ڀاءُ آمر آمراڻي توهان جي هٿان ڪـُـٺو هو، ]هينئر[ هن جا مائٽ ٺٽي ]تي حملو ڪرڻ[ چاهين ٿا، پر خالي ملڪ تي اچڻ جائز نه سمجهي اطلاع ڏنو ويو: جيڪڏهن ٺٽي ولايت جو ڪجهه حصو مقتول جي وارثن کي ڏيندا، ته بهتر، نه ته اسان اچون ٿا“. مرزا جواب ۾ لکي موڪليو، ته”آمر جي خون جو جوش اڃا جهـَـڪو نه ٿيو هوندو، اسان کي توهان وٽ پهچڻو آهي. تون ]هيڏانهن اچڻ جي[ تڪليف نه ڪر“. ڪي چون ٿا، ته مرزا پاڻ ابتدا ڪري هن ڏانهن لکيو هو، ته”تنهنجن ڀائرن جو سمورو ملڪ پنهنجي قبضي هيٺ آندو اٿم، ]تڏهن به[ عجب آهي، ته تو جهڙي غافل هن ويجهڙائيءَ ۾ ڪڏهن به ڪو هديو ۽ تحفو موڪلي، اطاعت ۽ اتحاد، جنهن ۾ حال خواه مستقبل جي بهتري آهي، جي رسم زنده نه رکي! هاڻي ]اسان کي[ گجرات فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو آهي، تنهن ڪري بهتر آهي، ته پاڻ کي مفت رستي ۾ پائمال نه ڪراءِ، ۽ تابعداريءَ ڏانهن وک وڌاءِ: ڪڇي گهوڙا، جن جي سواريءَ ڏانهن عرصي کان طبعيت مائل آهي، نذراني طور موڪل، ٻي صورت ۾ جنگ لاءِ تيار رهه!“
خير ڪيئن به هجي، پر جنهن صورت ۾ راءِ کنگهار کي پنهنجي لشڪر ۽ ماڻهن تي ناز هو، ۽ هو تڪبر جي پيرن تي بيٺو رهيو، تنهن ڪري ]مرزا[ تڪڙو تڪڙو اوڏانهن روانو ٿيو. ڪڇ جي آسپاس رسڻ تي لشڪر ۾ اناج جي ڏاڍي قلت ٿي پيئي، ۽ لشڪر جا ماڻهو تنگدل ٿي پيا. مرزا فوج جا چار دستا مقرر ڪري، حڪم ڪيو، ته هر هڪ دستو جدا جدا طرف کان حملو ڪري، پر هڪ ٻئي کان غافل نه رهجو ۽ اهڙيءَ طرح ظاهر ڪجو، جيئن حريف ٻيءَ فوج جي وجود کان بي گمانو ٿي اچي انهيءَ ]هڪ دستي[ سان ڳنڍجي، پهريون دستو ”سلطان محمود خان“ جي نگرانيءَ هيٺ هو، ٻيو دستو، ”مير فرخ“ ۽ خود ”مرزا شاهه حسن“ جي هٿ هيٺ، ٽيون دستو خاص شاهه حسن تڪدري ۽ چوٿون دستو”مرزا عيسيٰ“ ۽”ميرعليڪہ“]جي زير نظر هو. هوڏانهن[ ”کنگهار“ کي خبر ملي، ته ”مرزا شاهه حسن“ ڪي ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو وٺي مٿس ڪاهي آيو آهي، سو جنگ لاءِ تيار ٿي ڏهه هزار سوار ۽ بيشمار پيادا ساڻ ڪري، مقابلي لاءِ نڪتو. سلطان محمود واري دستي کي کنگهار جي اچڻ جي خبر پيئي، ته ]هڪدم[ سندس رستو جهلي مرزا کي خبر ڏنائون، ۽ هڪڙو تڪڙو قاصد مير فرخ ڏانهن ڀڄايائون. کنگهار جي لشڪر گهوڙن تان پيادو ٿي، چادرون هڪ ٻئي سان ٻڌي، ڍالون هڪ ٻئي سان ملائي، نيزي بازي شروع ڪئي. هيڏانهن مغلن پنهنجي رسم موجب، تير وسائڻ شروع ڪيا. ٻه ٽي ڪلاڪ لڙائي هلي ]59[ ته خدا پاڪ جي مدد سان اڪيلي سلطان محمود خان جي فوج کان شڪت کاڌائون، ڀڄڻ وقت مير فرخ جي فوج جي ور چڙهيا، جنهن ڪري گهڻا، ته خونخوار ترار جو لقمو ٿي ويا. جڏهن مرزا جي لشڪر کي دل گهري ڪاميابي حاصل ٿي، تڏهن اتي ئي لهي پيا، ۽ صبح جو ڳوٺن ۽ واهڻن جي لٽڻ لاءِ لشڪر روانو ڪري، بيشمار گهوڙا، اسباب، قيدي ۽ چوپايو مال هٿ ڪري، سوڀارا ٿي موٽي ويا.
جهرڪ ۽ جهرڪي کوهه جي حقيقت
مير طاهر نسياني لکيو آهي، ته سفر کان موٽڻ وقت، مرزا شاهه حسن جهرڪ ۽ جهرڪي کوهه وٽ پهچي”طولا پرس“، جو هڪڙو خدائي ڪرشمو انهيءَ کوهه ۾ مخفي هو، جو احوال ٻڌي، انهيءَ کي ٻاهر ڪڍڻ چاهيو. انهيءَ ]کوهه[ جي ڀرسان هڪڙو ٻيو کوهه کوٽي، نار چاڙهي انهيءَ جو پاڻي ڪڍيائون. کوهه خالي ٿيڻ تي طولا پرس انهيءَ مان اڏامي، وڃي پاڻيءَ سان ڀريل نئين کوهه ۾ پيو. اگرچه ڪيئي دفعا هـُـن ۽ هـِـن کوهه کي پاڻيءَ کان خالي ڪيائون، پر ]طولا پرس[ هـِـن مان هـُـن ۾ ۽ هن مان هـِـن ۾ ويندو رهيو. آخر ٻڌڻ ۾ آيس، ته هيءُ طلسم جو قسم آهي، تنهن ڪري لاچار درگذر ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪري مٿئين کوهه کي لٽائي ڇڏيائين، جيئن ته انهيءَ جو احوال عجائبات الاهي کان خالي نه آهي، تنهن ڪري سندس بيان لکجي ٿو.
طولا پرس(1) جي ٺهڻ ۽ انهيءَ جي خاصيت جي حقيقت
چون ٿا، ته ڪڇ جي راءِ”لاکي بن ڦل“ جي ڏينهن ۾، هڪ نباتات جي خاصيتن جو واقف جوڳي، هڪ اهڙيءَ ٻوٽيءَ جي ڳولا ۾ هو، جنهن کي جيڪڏهن پاڙان پٽي باهه جي مچ ۾ کڻي ڪنهن آدميءَ سان گڏ ڦٽو ڪبو، ته اهو ماڻهو سونو ٿي پوندو، ۽ هن جو جيڪو به عضوو وڍبو، ته انهيءَ جاءِ تي ٻيو نئون عضوو پيدا ٿيندو! اتفاقاً هڪ ڏينهن انهيءَ جوڳيءَ جو هڪڙي ڌڻ وٽان لنگهڻ ٿيو، جنهن جي هڪ ٻڪريءَ جو وات ڳاڙهو هو. انهيءَ ٻڪريءَ جي پويان گـُـهمي، اها ٻوٽي لهي، پاڙان پٽي، ڌنار کي چيائين، ته باهه جي پوڄا جو ارادو اٿم، اُچ ته گڏجي پوڄا ڪريون. تنهن تي ٻنهي ڄڻن گڏجي، ڪکن ڪنڊن جو ڍير ڪري، اها ٻوٽي به انهيءَ ۾ وجهي، باهه ٻاري. ]جوڳي[ ٻڪرار کي چيو، ته”اڳتي وڌ، ته باهه جو طواف ڪريون“. خوش نصيب، ٻڪرار جي دل ۾ ڊپ پيدا ٿيو، تنهن جوڳيءَ کي اڳ ۾ ڪيو، پر جوڳيءَ جي روش مان معلوم ٿيس، ته هو کيس باهه ۾ اڇلائيندو، سو اڳرائي ڪري، هن ]جوڳيءَ[ کي باهه ۾ ڌڪو ڏيئي، ڀڄي ويو، جوڳي باهه ۾ سڙي، خدا جي قدرت سان، سونو ماڻهو ٿي پيو! ٻئي ڏينهن، ٻڪرار حالت معلوم ڪرڻ لاءِ انهيءَ رک جي ڍير تي پهچي ڏٺو، ته جوڳيءَ جا سڀ عضوا سونا ٿي پيا هئا. هڪ عضوو ڪپي، باقيءَ کي زمين ۾ دفن ڪري، شهر ڏانهن هليو ويو: ٻئي ڏينهن ٻئي عضوي ڪپڻ لاءِ آيو، ته وڍيل عضوو بحال ۽ سالم ڏٺائين. اهڙيءَ طرح ڪيترائي ڏينهن جيڪو عضوو ڪپيندو رهيو، سو وري ]ٻئي ڏينهن[ صحيح سالم ڏسندو رهيو. آخر، جڏهن کيس ڍؤ ٿيو ۽ انهيءَ حالت جي ظاهر ٿيڻ کان سندس دل ۾ خوف پڻ پيدا ٿيو، تڏهن ههڙي عجائب جو حال وڃي”لاکي“ کي سليائين، جو اتي وڃي ’طولا پرس‘ يعني سوني ماڻهوءَ کي پاڻ سان کڻي آيو، ۽ اهڙي طرح ڪپي، ڏاڍو فائدو حاصل ڪري، ايتري ته دولت گڏ ڪيائين، جو هڪ لک پنجويهه هزار رپيا روزانو فقيرن تي خرچ ڪندو هو، هوڏانهن دنيا جي ڪنهن به ڪم جي ويجهو نه ويندو هو.
چون ٿا، ته هن مرڻ وقت الله پاڪ کي سوال ڪيو، ته اها دولت ڪنهن ٻئي کي نصيب نه ٿئي ۽ ]دعا جي[ قبوليت جو اثر ڏسي کڻي کوهه ۾ لڪايائين: جنهن کان پوءِ اهو عجائب مخفي رهندو آيو ۽ انهيءَ طلسم ]60[ جي ڪنجي ڪنهن به ماڻهوءَ کي هٿ ڪانه لڳي.
قصو مختصر، ته مرزا شاهه حسن، کنگهار تي فتح پائي ٺٽي موٽي آيو.
مرزا جو پـَـٽڻ تي حملو ڪرڻ ۽ ڪاميابيءَ سان موٽڻ
مرزا شاهه حسن، ڪڇ تي سوڀارو ٿي نهايت شان ۽ شوڪت سان موٽي اچڻ کان پوءِ، ڪيترو وقت سنڌ ۾ مرادون ماڻيندو رهيو. آخر 942 هجريءَ ۾ همايون بادشاهه دهليءَ کان چتور تي ڪاهيو. چتور جي راجا کي ڇڏائڻ لاءِ سلطان محمود بهادر گجراتيءَ هڪ سخت خط لکيو، جو بادشاهه جي دل تي گران گذريو، ۽ هن يلغار ڪري، مٿئين سلطان جي ملڪ تي ڪاهي کيس شڪست ڏني(1) ۽ مرزا شاهه حسن کي لکيو، ته وفاداريءَ جو طريقو خيال ۾ رکي پاڻ کي سنڌ مان ”پـَٽڻ“ پهچائي، جيئن انهيءَ شڪست کاڌل جي ڀڄڻ جو رستو بند ٿي وڃي. مرزا شاهه حسن انهيءَ لکئي پهچڻ تي، جلدي جلدي لشڪر تيار ڪري، نصرپور کان رائدن پور (راڌن پور) جي رستي اچي پـَـٽڻ پهتو. ۽ پـَـٽڻ جي حاڪم خضر خان کي گهيري ۾ آڻي، آسپاس جو چوپايو ۽ ٻيو اسباب ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو. بکر جو حاڪم سلطان محمود خان لشڪر جي مقدمي تي هو، تنهن جنيد ۽ جوڻي ڌاريجي کي خـضر خان وٽ پـَـٽڻ موڪلي ]چوايو[، ته اچي مرزا جي خذمت ۾ حاضر ٿئي. هن وراڻيو، ته ”سلطان محمود بهادر، ڪرنال(2) ۾ صحيح سلامت ويٺو آهي، آءٌ سندس حڪم کان سواءِ قلعو حوالي ڪيئن ڪندس؟“ ]اهو ٻڌي[ قاصد هن جي ماءُ وٽ ويا. آخر پـَـٽڻ جي آسپاس مان لشڪر جي منزل پـَـٽڻ لاءِ، هڪ لک فيروزشاهيون مرزا شاهه حسن ۽ ٽيهه هزار فيروزشاهيون سلطان محمود خان کي نذرانو ڏيڻ جو فيصلو ٿيو. نذراني وٺڻ کان پوءِ، مرزا پنهنجي اچڻ جي حقيقت، عبد القدوس هٿان، بادشاهه جي خذمت ۾ عرض ڪري، پـَـٽڻ جي آسپاس ۾ پندرنهن ڏينهن ترسي پيو. انهيءَ عرصي ۾ سلطان محمود خان، محمود آباد تائين وڃي ڦر ڪري، گجراتين جو ڏاڍو مال متاع هٿ ڪري آيو. اُتي مير فرخ، مرزا شاهه حسن کي چيو، ته”جيڪڏهن مرزا ]توهان[ کي بادشاهه پنهنجي ڪئمپ ۾ گهرائيندو ته ضرور وڃڻو پوندو، پوءِ ائين ضرور ٿيندو ته ارغون، ترخان خواهه سنڌين جو لشڪر، سلطاني ساز و سامان، عطا ۽ بخشش ڏسي، اسان وٽان ڀڄي ويندو، تنهن ڪري صلاح اها آهي، ته ڪو بهانو پيش ڪري هتان ئي سنڌ موٽي هلجي“. اها صلاح ڪري مرزا قاسم بيگ هٿان عريضي موڪليائون، ته ”مان شاهي حڪم جي تعميل ڪري سمورو لشڪر وٺي هتي آيو هئس، پر هاڻي ٺٽي ۽ بکر جي اميرن وٽان خط پهتا آهن، ته ڪلمتي جتوئي ۽ ٻيا زميندار سنڌ خالي ڏسي، لشڪر گڏ ڪري، ڦرمار ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري لاچار اوڏانهن موٽڻو ٿو پويم“. آخر 945 هجريءَ جي اوائل ۾ راڌڻپور جي رستي کان ٺٽي روانو ٿيو، ۽ واٽ تي جاڙيجن ۽ سوڍن کي ڏاڍو ڦري لٽي اچي ٺٽي پهتو. 946 هجريءَ ۾ مير عليڪہ ارغون کي گجرات ۽ بنگاله جي فتح جي مبارڪباديءَ لاءِ همايون بادشاهه جي حضور ۾، ۽ مير خوش محمد ارغون کي قنڌار جي فتح جي مبارڪ واسطي مرزا ڪامران ڏانهن روانو ڪيائين. مير عليڪ شاهي ڪئمپ مان بنا موڪل نڪري، اچي مرزا شاهه حسن کي چيو، ته ”بادشاهه جي غفلت واريءَ روش مان ائين معلوم ٿيم، ته عنقريب ڪو ڌاريو بادشاهه ]مٿس[ غالب ٿيندو، تنهن ڪري جلد ئي بنا موڪل موٽي آيو آهيان“. ٿورن ئي ڏينهن ۾، انهيءَ موجب، همايون بادشاهه جي ”شير خان“ کان شڪست کائڻ جي خبر آئي. مرزا شاهه حسن، مير عليڪہ جي عقل تي آفرين ڪري، صلاح جي مجلس سڏائي، آخر اُچ کان بکر تائين درياءَ جي ٻنهي ڀرين کي ويران ڪري، اهڙيءَ طرح غير آباد ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو.
]61[ همايون بادشاهه جي سنڌ ۾ اچڻ جو احوال
شعبان 947 هجريءَ جي آخر ۾ بادشاهي ڪئمپ اُچ ۾ پهتي. بخشو لانگاهه، خان جهان جي لقب، جهنڊي، نغاري ۽ قيمتي سروپا جي عنايت سان سرفراز ٿيڻ هوندي به، پاڻ حاضر ڪونه ٿيو، باقي لشڪر جي خرچ لاءِ اناج جون ڪي ٻيڙيون موڪلي ڏنائين. آخر 28 رمضان المبارڪ تي شاهي تنبو اچي روهڙيءَ جي شهر ۾ کـُـتا، ۽ ٻٻرلوءَ جو ’چار باغ‘ ، جو نظاري ۽ نزاڪت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، همايون بادشاهه جي رهڻ جي جاءِ بنيو. سلطان محمود خان قلعو مضبوط ڪري، ٻيڙيون ڪـَـهرائي پنهنجي طرف ڪري بيهاريون، ۽ بادشاهه جيڪو ڏانهنس حاضريءَ جو حڪم موڪليو هو، تنهن جي جواب ۾ عرض ڪيائين ”ته مان مرزا شاهه حسن جو نوڪر آهيان، جڏهن اهو حڪم ڪندو، تڏهن قلعو حوالي ڪندس“. ساڳئي وقت بادشاهه جي ڪئمپ ۾ خوراڪ جي ڪمي ٻڌي، اَن جا اٽڪل پنج سو خرار موڪلي خدمت بجا آندائين، جا پسند ڪئي ويئي. بادشاهه، امير طاهر صدر ۽ سمندر بيگ کي، ڀلائيءَ جي وڏن وعدن ۽ اڳين حقن جي يادگيريءَ [جي پيغام[ سان، مرزا شاهه حسن ڏانهن موڪليو. مرزا قاصدن جي جوڳي خدمت ڪري، هيءُ اقرار ڪيو، ته هو حضرت بادشاهه جي تشريف فرمائيءَ تي، هاله ڪنڊي (هالا) کان بٺوري تائين، درياءَ جي هن ڀر وارا ڳوٺ حرمسراءِ جي خرچ لاءِ حوالي ڪندو، ۽ عهد اقرار پڪي ڪرڻ کان پوءِ، حاضريءَ جو شرف حاصل ڪري، پنهنجي لشڪر سميت حضور والا سان هم رڪاب رهي، گجرات فتح ڪرڻ کان پوءِ موٽي ايندو. انهيءَ اقرار موجب جناب شيخ ميرڪ بوراني ۽ ميرزا قاسم طغائيءَ کي لائق نذرانا ساڻ ڏيئي، موڪليائين، ۽ هن مضمون جو عريضو پڻ لکيائين، ته ”بکر جي زمين گهٽ پيدائش واري آهي، ۽ چاچڪان جي زمين نهايت سرسبز. جيڪڏهن حضور اوڏانهن تشريف فرما ٿيندا، ته دل و جان سان خدمت بجا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.“ بادشاهه جي خيرخواهن عرض ڪيو، ته”جيڪڏهن سچيءَ دل سان خدمتگاريءَ جو ارادو رکي ٿو، ته پوءِ پنهنجا قلعا ڇو نٿو نذر رکي، ته ]اسان کي به[ ڪا پناهه جي جاءِ ته هٿ ۾ هجي، ڇاڪاڻ ته شير خان لاهور ۾ مٿان ويٺو آهي، تنهن ڪري مرزا جي هن عريضي ۾ ٺڳي ٿي ڏسجي!“ اهو ٻڌي بادشاهه بکر کي گهيري ڪرڻ ڏانهن توجهه ڪيو(1). هوڏانهن مرزا شاهه حسن کي به سندس ماڻهن انهن انجامن کان ڦيرائي ڇڏيو.
بادشاهه ٻٻرلوءِ جي باغ ۾ ٿي رهيو ۽ ساڻس اٽڪل ٻه لک ماڻهو هئا، جنهن ڪري ڏڪار هن حد کي وڃي پهتو، جو ساهه جي عيوض به ماني نٿي ملي! آخر ڇهن مهينن کان پوءِ وڃي پاٽ ۾ منزل ڪيائين، پر جنهن صورت ۾ اُتي لشڪر به گندگي ٿي پيدا ڪئي، تنهن ڪري وري بکر موٽي آيا. ٿوري وقت کان پوءِ پهرين جمادي الاول 948 هجريءَ تي، بادشاهه يادگار ميرزا کي بکر ۾ ڇڏي پاڻ سيوستان تي چڙهائي ڪئي، بادشاهه جي پهچڻ کان اڳ ۾ مير سلطان قلي بيگ، مير شاهه محمود ارغون، مير محمود ساربان، علي محمد ڪوڪلتاش ۽ مير صفر ارغون قلعي جي آسپاس واريون عمارتون ۽ باغات ويران ڪري پڌر ڪري ڇڏيا. بادشاهه جڏهن قلعي وارن کي سوڙهو ڪيو، تڏهن مرزا شاهه حسن ٺٽي کان ٻاهر اچي، کاهي کوٽائي گهڻيون ٻيڙيون جمع ڪري ويهي رهيو، ۽”مير عليڪہ“ کي سيوستان تي مقرر ڪيائين. هو شاهي ڪئمپ مان لنگهي، بازار واري رستي کان قلعي ۾ گهڙي ويو. بادشاهي لشڪر هڪ پاسي کان کاٽ هڻي، باهه ڏني، پر ڀت ڪرڻ کان اڳ ۾ قلعي وارن ماڻهن انهيءَ کان به وڌيڪ مضبوط نئين ڀت ٺاهي ڇڏي هئي(1) هيءُ حال ڏسي بادشاهه ]هڪ طرف[ قلعي جي مضبوطي ۽ ٻئي طرف قلعي فتح ڪرڻ جي سامان جي اڻاٺ ]62[ سببان ستن مهينن جي گهيري کان پوءِ، جڏهن پاڻي جي اٿل اچي ويئي، مرزا شاهه حسن خوراڪ جي سامان جي اچڻ وڃڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيو، لشڪر جو ڪجهه حصو پاسو ڪري هليو ويو ۽ مرزا شاهه حسن، مرزا”يادگار ناصر“ کي پنهنجو ڪري وڌو(2) تڏهن لاچار بکر ڏانهن موٽي ويو، ۽ مرزا يادگار ناصر کي پاڻ سان وٺي، حجاز ڏانهن وڃڻ گهريائين ٿي، ته ايتري ۾ راجا ”مالديو“ وڌپوريءَ بادشاهه کي ]وٽس[ تشريف آوريءَ لاءِ عرض ڪيو، جنهن تي هو ايڪيهين محرم 949 هجريءَ تي اُچ روانو ٿيو، جتان ساڳئي سال جي 20 ربيع الاول ”مالديو“ ڏانهن روانو ٿي، 14 ربيع الثاني اچي دلاور جي قلعي ۾ منزل ڪيائين. ساڳئي مهيني جي 20 تاريخ بيڪانير ۾ ڪئمپ هڻي، اتان جوڌپور کان ٽيهن ڪوهن ]جي مفاصلي[ تي پهتو، جتي معلوم ٿيو، ته راجا مالديو جي انهيءَ عرض ۾ ٺڳي رٿيل هئي، تنهن ڪري تڪڙا جيسلمير روانا ٿي، پهرين جمادي الاول جيسلمير پهتا. جيسلمير جي راجا پاڻي روڪي ڇڏيو. آخر ساڳئي مهيني جي ڏهين تاريخ عمر ڪوٽ پهتا. ]عمر ڪوٽ جي[ راڻي ”ويرسال“ استقبال ڪري قلعي ۾ اندر جاءِ ڏني. انهي ئي سال جي پنجين رجب آچر رات جلال الدين ”محمد اڪبر“ اُتي ڄائو. هن وچ ۾ مرزا شاهه حسن بکر ۽ سيوستان وڃي، ٻنهي قلعن جي ڀڳ، ٽٽ درست ڪرائي، ]اڳئين کان به[ وڌيڪ مضبوط بنائي، ٺٽي موٽي آيو. بادشاهه، عمر ڪوٽ کي فوجن جو بار سهڻ جهڙونه ڏسي، سنڌ جو ارادو رکي، ٿوري ئي وقت ۾ اچي ’جون‘ جي ڳوٺ ۾ پهتو. جنهن صورت ۾ اها جاءِ باغات، نهرين ۽ ميون جي ڪثرت کان سڄيءَ سنڌ ۾ ممتاز هئي، تنهن ڪري عرصي تائين جون جي ڳوٺ ۾ باغات جي وچ ۾ ڪئمپ رهي. مرزا شاهه حسن به لشڪر وٺي، اچي ٻئي ڪپ تي سامهون ٿي ويٺو. بادشاهه کي معلوم ٿيو، ته بٺوري جي سرزمين ۾ هڪڙو قلعڙو اناج سان ڀريل آهي، سو پنهنجي ڪي اعتماد جوڳا ماڻهو اوڏانهن موڪليائين. هيڏانهن مرزا شاهه حسن روڪڻ لاءِ، مرزا عيسيٰ کي موڪليو، پر انهيءَ ڪجهه به نه ڪيو. آخر سلطان محمود اوڏانهن ويو. ]لڙائي لڳي، جنهن ۾[ بادشاهه جا ڪار جهڙا ماڻهو قتل ٿيا. ٻيءَ طرح به اڪثر ڪري ٻنهي لشڪرن ۾ ]وقت بوقت[ جنگ ۽ جهيڙي جي باهه ڀڙڪندي ٿي رهي. شاهي درگاهه جا ملازم جي ]جدا جدا[ ديهين ۾ وڃي رهيا هئا، تن کي مرزا جي حڪم موجب ارغوني لشڪر پاڻ ۾ صلاح ڪري، هڪڙي ئي وقت ۾ ڪـُـهي، سندن سر مرزا ڏانهن ڏياري موڪليا.
چون ٿا، ته اها ڳالهه ٻڌي همايون بادشاهه ارغونين کي پاراتو ڏنو، جنهن جي اثر کان اهي ماڻهو سڀيئي محمد باقي ترخان هٿان قتل ٿيا، جيئن اڳتي هلي بيان ٿيندو.
]هاڻي[ بادشاهه جي دل سنڌ ۾ رهڻ کان ملول ٿي پيئي. ايتري ۾ بيرم خان پڻ گجرات کان اچي، قنڌار جي رستي کان عراق هلڻ جي تحريڪ ڪئي، ۽ مرزا شاهه حسن سان صلح جون ڳالهيون هلايون. مرزا هيءُ موقعو غنيمت سمجهي، لک مثقال روڪڙا ۽ ٻيو سفر جو سامان تيار ڪري، ٽن سون گهوڙن ۽ ٽن سون اٺن سميت(1) خدمت ۾ موڪليو. ]تنهن کان پوءِ[ ’جون‘ جي سامهون هڪ پل ٻڌايائون. پل ۽ صلح جي تاريخ ’صراط مستقيم‘ مان نڪتي(2) بادشاهه 7 ربيع الاخر 950 هجريءَ تي انهيءَ پل تان لنگهيو.
چون ٿا، ته عيسيٰ ترخان، ڳجهي خواهه ظاهر، بادشاهه جي ڏاڍي خدمت ڪئي هئي، جنهن تي بادشاهه هن جي حق ۾ ]63[ تمام گهڻي دعا فرمائي هئي، ۽ انهيءَ دعا جي اثر کان، کانئس وڌيڪ وڏن اميرن جي موجود هوندي به، هو ملڪ جو وارث ٿيو. جيئن اڳتي بيان ٿيندو. هوڏانهن مرزا شاهه حسن کي، پنهنجي ولي نعمت سان بي ادبي ڪرڻ جي سزا ۾، سندس نوڪرن هٿان اهو معاملو پيش آيو. قصو ڪوتاهه، هنن ٽن سالن ۾ بادشاهي لشڪر جي اچڻ ڪري سنڌ ملڪ ۾ زبردست ڏڪار پيدا ٿيو هو.
عجيب نقل
انهيءَ حادثي ۾ مهانگائيءَ سببان هڪ عورت پنهنجن پٽن سميت، ڪجهه بکون ڪڍڻ کان پوءِ، جلاوطني اختيار ڪري بيتاب ٿي وڃي هڪ جهنگ ۾ ڪري، پٽن کي بک ۾ پاهه ٿيندو ڏسي، انهن کي چيائين، ته”توهان کي هن حال ۾ ڏسي نٿي سگهان، تنهن ڪري مون پنهنجو خون توهان کي معاف ڪيو: توهان مون کي ڪـُـهي کائو ۽ منهنجو بچيل گوشت رستي جو سمر بڻايو، مـَنَ ڪنهن سلامتيءَ واريءَ جاءِ تي وڃي پهچو!“ پٽن گهڻو انڪار ڪيو، ۽ زبان تي”حاشا“ ۽ ”ڪلا“ (1) جا الفاظ آندائون، پر ماءُ جي زور تي ائين ڪرڻو پـَـينِ. هڪڙو گوشت جو ٽڪر پچايائون، ايتري ۾ اتفاقاً ڪن ماڻهن جي ڳئون گم ٿي ويئي هئي، سي اچي مٿن ڪڙڪيا ۽ ڳئون جي ڪـُـهڻ ]جي تهمت[ ۾ کين کڻي پڪڙيائون. ويچارن پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ، سڄو احوال ذري پرزي ڪري ٻڌايو ۽ ماءُ جا آنڊا ۽ ٻيون نشانيون ڏيکاريون. اهو ٻڌي انهن ماڻهن پاڻ کين وڌيڪ زور سان کڻي ٻڌو ۽ چيائون، ته”اهو ممڪن ئي ناهي، ته ڪو ماڻهو ’ماءُ‘ ڪـُـهي کائي، توهان ضرور ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ڪـُـٺو هوندو!”هنن گهڻو ئي ٻاڏايو، پر ڪو فائدو نه ٿيو. آخر سڄي حقيقت ظاهر ڪرڻ لاءِ، کين وڻ سان ٻڌي چهٻڪ هڻڻ گهريائون، ته ايتري ۾ ماءُ جا آنڊا هڪدم پنهنجي جاءِ تان ڊوڙي وڃي ماريندڙن جي پيرن ۾ وچڙيا، ۽ کيس مارڻ کان روڪي، اڳتي قدم وڌائڻ نه ڇڏيائون. انهن ۾ هڪ پير مرد موجود هو، جنهن چيو، ته”هنن بيشڪ پنهنجي ماءُ کي سندس اجازت سان ڪـُـٺو آهي، جا هاڻي مادري شفقت (مامتا) سببان توهان کي پـُـٽن جي مارڻ کان روڪي ٿي. بيشڪ ”اولادنا اڪبادنا“ (2) جي مصداق هتي ظاهر ٿي آهي.
قصو مختصر، انهيءَ افراتفريءَ جي زماني ۾ بخشو لانگاهه ملتان جي آسپاس ’جنپور‘ جي سامهون قلعو ٺاهي، ملتانين کي لڏائي اچي انهيءَ قلعي ۾ وهاريو، ۽ وڏو ڪٽڪ گڏ ڪري بکر تي ڪاهيو(1)، جنهن ڪري مرزا شاهه حسن، ميرشاهه محمود ارغون کي بکر جي حفاظت لاءِ موڪليو.
955 هجريءَ ۾ مرزا ڪامران ’هزاره‘ کان سنڌ ۾ آيو. مرزا شاهه حسن ’پاٽ‘ کي سندس منزل گاهه مقرر ڪري، پنهنجي نياڻي سندس نڪاح ۾ ڏني(2) ۽ ٽن مهينن کان پوءِ هزار سوارن جي مدد ڏيئي روانو ڪيائينس. ڪامران 958 هجريءَ ۾ وري بکر ۾ آيو، مگر هن دفعي همايون بادشاهه کيس انڌو ڪري ڇڏيو هو(3). مرزا شاهه حسن هن کي ]پهريائين[ شاد ٻيلي (ساڌ ٻيلي) جي ٽڪريءَ تي، جا بکر جي الهندي طرف دريا جي وچ ۾ آهي، رهايو ۽ تنهن کان پوءِ بٺوري جو پـرڳڻو سندس بورچيخاني جي خرچ لاءِ مقرر ڪري، کيس فتح باغ ۾ رهائڻ جو انتظام ڪيائين. ٿوري وقت کان پوءِ هو حج تي روانو ٿي ويو.
چون ٿا، ته مرزا شاهه حسن پنهنجي نياڻيءَ کي کانئس ]ڇني[ پاڻ وٽ رهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر انهيءَ معصومہ چيو، ته ”ماڻهو مون کي طعنو هڻندا، ته ’اکين واري وقت ۾ ته مڙس وٽ رهين، باقي نابين ٿيڻ کان پوءِ کيس ڇڏي ڏنائين‘ !“
هن واقعي کان پوءِ همايون بادشاهه جي رنج جي اثر کان مرزا جي حالت بگڙڻ لڳي. هن”عربي گاهيءَ”جي پٽن، جي ارغونن ۽ ترخانن کي ايذائڻ ۾ نهايت ظلم ۽ دست درازي ڪندا هئا، جهڙن رذيل ۽ ڪميڻن ماڻهن جي پرورش ڏانهن توجهه ڪري، ارغونن ۽ ترخانن کي رنج ڪري وڌو، ۽ پاڻ فالـج (اڌ رنگ) جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو، جنهن جو علاج رڳو اهو هو، ته هميشه ٻيڙيءَ ۾ ويهي، ٺٽي کان بکر ۽ بکر کان ٺٽي آمد رفت ڪندو رهي.
سنہ 960 هه ٺٽي جي شهر جي اربابي (گورنري) ’عربي گاهي‘ ۽ ’اسماعيل باٺاري‘ کي عطا ٿي. ساڳئي سال جي آخر ۾ ٺٽي جي نگراني ’شنبي‘ ۽ ’رفيق‘ جي حوالي ڪيائين، جي زرخريد غلام هئا. ]اهو حال ڏسي[ ارغون اميرن، محرم 962 هجريءَ جي شروعات ۾ ميرزا ]64[ عيسيٰ ترخان جي تابعداري ڪئي، جو خدا شناس بادشاهه جي دلي دعائن جو نوازيل هو. مرزا شاهه حسن هيءُ ٻڌي پيچ تاب کاڌا ۽ تدارڪ واسطي گهڻائي حيلا هلايا، پر بادشاهي رنجش جو تير نشان تي لڳي چڪو هو، ۽ تدبير جي ڍال انهيءَ کي بي اثر ڪري نه سگهي. آخر سندس حياتيءَ ۾ ئي سلطان محمود خان ۽ ميرزا عيسيٰ سنڌ کي پاڻ ۾ اڌو اڌ ڪري، لڪيءَ جي جبل کان هيٺ ميرزا عيسيٰ ۽ مٿي سلطان محمود خان جي واسطي مقرر ڪري، هن بابت پاڻ ۾ پڪو عهد نامو ڪيو، ۽ ميرزا شاهه حسن جي حياتيءَ ۾، ڇاڪاڻ ته هو مفلوج ۽ بيڪار هو، سندس ظاهري تابعداري ڪندا آيا. تقديراً مرزا شاهه حسن، ساڳئي سال جي 11 ربيع الاول تي گذاري ويو. ڪي چون ٿا، ته کيس زهر ڏنو هئائون، ۽ اڳ ۾ ڪيل عهدنامي موجب مٿيان خانَ، ٺٽي ۽ بکر جا مالڪ ٿيا.
مرزا شاهه حسن لاثاني بهادر هو. ننڍپڻ کان بيماريءَ جي زماني تائين، جيڪي به جنگيون ڪيائين تن ۾ سوڀارو رهيو. هو سنہ 896 هجريءَ ۾ ڄائو هو ۽ 66 سال عمر هيس. منقولي علمن(1) ۾ ڏاڍو ماهر هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو، جنهن ۾ ”سپاهي“ تخلص ڪندو هو. عالمن، فاضلن ۽ سيدن جي عزت ڪماحقہ بجا آڻيندو هو. 34 سال حڪومت ڪيائين. کانئس پوءِ ڪو به اولاد ڪونه رهيو. سندس لاش مڪي شريف کڻي ويا. هن طبقي يعني پي ۽ پٽ جي سنڌ تي حڪومت جو عرصو 36 سال آهي.
________________
(1) غلط آهي، بلڪ عڪرمہ پاڻ ابوجهل جو پٽ هو. هو مڪي شريف جي فتح کان پوءِ اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ 62 ورهين جي ڄمار ۾ سنہ 13 هجريءَ ۾ يرموڪ واريءَ مشهور لڙائيءَ ۾ شهيد ٿي ويو (”اڪمال في اسماءِ الرجال “ ۽ ”الاصابہ في معرفة الصحابة“ ، وغيره)
(2) اسان جي خيال ۾ صحيح قول به اهوئي آهي، باقي ٻيون روايتون سڀ ڌڪا ۽ واهيات آهن. سما به سومرن وانگيان اصل سنڌي هندو هئا. هو محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام ۾ داخل ٿيا. پهريائين سومرن جا ٻانهن ٻيلي ۽ سندن بازو هئا، پر پوءِ هنن جي بد اعمالين کان تنگ ٿي، سندن برخلاف بغاوت ڪري، کين تخت تان لاهي، پاڻ حڪومت جا مالڪ بڻيا.
يا ته جيئن مٿي سومرن جي بيان ۾ لکي آيا آهيون، سما اصل سمير بن يا سامي قوم مان آهن، ۽ قديم زماني کان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن.
(1) اصل نسخہ ۾ ”پانيہ“ آهي. تاريخ معصومي ۾ ”پانيہ“ جي بدران ”بانبہ“ لکيل آهي. تحفة الڪرام جي مير مراد عليءَ خان واري نسخي ۾ سڀني جاين تي ۽ ممبئي واري ڇاپي ۾ صفحي 31 تي ”بانبينہ“ آهي. ”مبارڪشاهي“ (ص131) ”بانبهنيہ“، ۽ ”تاريخ فيروز شاهي“ مؤلف سراج عفيف ”بانبهينہ“ لکيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي (”تعليقات معصومي“، ص295) هن لفظ جو تلفظ ”بانبهہ“ يا ”بنبہ“ (ڀنڀو) ڪري ٿو، ۽ سندس چوڻ موجب اهائي صورتخطي درست ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اڄ تائين سنڌ جي ڄامن ۾ اهو نالو انهيءَ تلفظ (ڀنڀو) سان هلندو ٿو اچي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”بانبهنيہ“ پڙهڻي کي ترجيح ڏئي ٿو، جا درحقيقت سنڌي نالي ”ٻانڀڻيہ“ جي فارسي صورتخطي آهي. ”ٻانڀڻيو“ نالو اڃا تائين سماٽ قوم ۾ عام مروج آهي.
(2) ابن بطوطہ جو سنڌ ۾ سنہ 734 هجريءَ ۾ آيو هو، سو ڄام انڙ جي هٿان ملڪ رتن جي ڪسڻ جو واقعو هن طرح بيان ڪري ٿو: ”هن شهر (سيوهڻ) ۾، امير و نار (انڙ) سامري ۽ امير قيصر رومي رهندا هئا. ٻئي، سلطان (محمد شاهه تغلق) جي نوڪريءَ ۾ هوندا هئا. هنن وٽ اٽڪل هڪ هزار اٺ سؤ سوار هئا. اتي رتن نالي هڪ هندو ڪافر به رهندو هو، جو حساب ڪتاب ۾ ڏاڍو ڀڙ هو. اهو (رتن) ڪنهن امير سان گڏجي سلطان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هو بادشاهه کي وڻي ويو، جنهن کي ”سنڌ جو سردار“ جو لقب ڏيئي، انهيءَ ملڪ جي گورنري عطا ڪئي، ۽ کيس سيوستان ۽ ان جي آسپاس وارا پرڳڻا جاگير ڏنا، تنهن کان سواءِ، جيڪي درجا وڏن اميرن کي ڏنا ويندا آهن. جهڙوڪ: نغارا، جهنڊا وغيره، سي پڻ کيس عطا ڪيا. هو سنڌ ۾ موٽي آيو ته انڙ، قيصر ۽ ٻين کي، ڪافر کي وڌائڻ ڏکيو لڳو، ۽ هنن سندس قتل جو ٺهراؤ ڪيو. هن جي واپس اچڻ کان پوءِ ٿورا ڏينهن رکي، کيس سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نڪري حال احوال معلوم ڪرڻ جي صلاح ڏنائون، جنهن تي هو ساڻن گڏجي ٻاهر نڪتو. رات ٿيڻ تي وٺي شور ڪيائون، ته هن تي ڪنهن شينهن حملو ڪيو آهي، ۽ انهيءَ گوڙ ۾ ڪافر جي تنبوءَ ۾ وڃي، کيس قتل ڪري، شهر ۾ موٽي آيا ۽ اچي سلطان جي خزاني تي قبضو ڪيائون، جو ٻارنهن لک رپيا هو. ماڻهن ڄام انڙ کي پنهنجو سردار بنايو ۽ سندس نالو ”ڄام فيروز“ رکيائون. هن سمورو مال لشڪر ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو، کان پوءِ هو اچي ڊنو، ڇاڪاڻ، ته هو پنهنجي ڪڙم کان پري هو، انهيءَ ڪري هو پنهنجا مٽ مائٽ، جي ساڻس گڏ هئا، ساڻ وٺي، پنهنجي قوم ڏانهن هليو ويو، باقي پوئتي رهيل ماڻهن ”قيصر“ کي پنهنجو سردار بڻايو. هيءَ خبر سلطان جي غلام ”عماد الملڪ سرتيز“ کي، جو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو امير الامرا هو، ۽ ملتان ۾ رهندو هو، پيئي، ته هو بحري ۽ بري لشڪر تيار ڪري روانو ٿيو. ملتان ۽ سيوستان جي وچ ۾ ڏهن ڏينهن جو پنڌ آهي. هيڏانهن قيصر به مقابلي لاءِ ٻاهر نڪتو. لڙائي لڳي جنهن ۾ قيصر بريءَ طرح شڪست کائي وڃي قلعي ۾ بند ٿيو. هن کيس گهيرو ڪري منجنيقون کڙيون ڪيون. آخر چاليهن ڏينهن کان پوءِ هنن تنگ ٿي امان گهري، سرتيز هنن کي امان ڏني، پر جڏهن هو لهي آيا تڏهن سندن مال ضبط ڪري کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. هر روز انهن مان ڪن چونڊ ماڻهن کي قتل ڪرائيندو، ۽ ٻين جون کـَـلون لهرائي بهه سان ڀرائي قلعي جي ڀت تي ٽنگائيندو هو، جنهن ڪري قلعي تي گهڻي ڀاڱي کـَـلون ٽنگيل ڏسڻ ۾ اينديون هيون ۽ ڏسندڙ ڊڄي ويندا هئا! انهن جا سر شهر جي وچ ۾ ڍير ڪرايا هئائين، جيڪي ٽڪريءَ وانگيان ڏسڻ ۾ ٿي آيا. مان هن واقعي کان ٿورو پوءِ شهر جي هڪ وڏي مدرسي ۾ اچي لٿس ۽ رات جو انهيءَ جي ڇت تي سمهندو هئس. جڏهن به جاڳندو هئس ته انهن ٽنگيل کلن تي نظر پوندي هئي، جنهن ڪري دل گهٻرائجي ويندي هئي. آخر مدرسي ۾ رهڻ دل گوارا نه ڪيو ۽ وڃي ٻئي هنڌ رهيس“- (بحواله ”تعليقات معصومي“)
ابن بطوطہ، ڄام انڙ کي سامري (سومرو) سڏيو آهي، جا سندس ڀـُـلَ آهي. هو اصل سمو هو، پر سندس سرداريءَ بابت سومرا پڻ متفق هئا، تنهن ڪري ابن بطوطہ کيس سومرو سمجهي ويٺو آهي.
ابن بطوطہ سنڌ ۾ سنہ 734 هجريءَ ۾ آيو هو ۽ ملڪ رتن - جي ڪسڻ جو واقعو سندس اچڻ کان ٿورو اڳ ٿي چڪو هو، تنهن ڪري مير قانع جو ڄام انڙ جي تخت نشينيءَ جو سنہ 752 هجريءَ ۾ لکڻ پڻ غلط آهي.
(1) ڄام جوڻو خناق جي بيماريءَ ۾ گذاري ويو هو (تاريخ معصومي، ص63).
(2) مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص 63) ۾، بغير ڪنهن شڪ جي، سندس حڪومت جو عرصو تيرنهن سال لکيو آهي.
(3) هيءُ بيان پڻ ڪا به تاريخي وقعت نٿو رکي، ڇاڪاڻ ته سلطان علاؤالدين سنہ 715 هجريءَ ۾ گذاري ويو، ۽ ڄام تماچيءَ جي حڪومت غالباً سنہ 750 هجريءَ کان شروع ٿي هوندي. ساڳيءَ طرح ڄام جوڻي جي ڪڍڻ لاءِ ملڪ تاج ڪافوري ۽ تاتار خان جو مقرر ٿيڻ پڻ غلط آهي، ڇو ته ڄام جوڻي جي حڪومت ڪنهن به حالت ۾ سنہ 734 هجريءَ کان اڳ ۾ شروع نٿي ٿي سگهي. پوءِ ڪيئن چئي سگهبو، ته سلطان علاؤالدين پنهنجي ڀاءُ کي ملتان جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن وري ڄام جوڻي کي سنڌ مان هڪالي ڪڍڻ لاءِ ماڻهو مقرر ڪيا؟ مطلب ته سمن جي سچي تاريخ موجود نه هجڻ ڪري، هي مؤرخ رڳو گپوڙا هڻي رهيا آهن.
(1) هن متعلق مير قانع جو (ص34 تي) بيان ٻي طرح آهي. اتي لکي ٿو ته ”]سلطان فيروز[ سنہ 772 هجريءَ ۾ نگرڪوٽ جو ارادو رکي، ٺٽي پهتو ۽ ٺٽي جو حاڪم ڄام خير الدين ”آب“ جي قلعي ۾ لشڪر وٺي قلعي بند ٿي ويهي رهيو. سلطان اناج جي قلت ۽ مڇرن جي ڪثرت کان مجبور ٿي، وري ٺٽي موٽي آيو. ڄام خير الدين امانَ وٺي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن کي ]سلطان[ ٻين زميندارن سان گڏ دهليءَ وٺي ويو. سيوهڻ وٽ ڄام جي ڀڄي وڃڻ جو ارادو معلوم ٿيس، ته کيس کڻي ڳٽ ۽ ٻيڙيون وجهايائين. ٿوري وقت کان پوءِ خير الدين جي پٽ ڄام جوڻي کي سروپا پهرائي، سنڌ جي حڪومت واسطي روانو ڪيائين“. هن عبارت مان صاف ظاهر آهي، ته سلطان فيروز، ڄام خير الدين کي قيد ڪري وٺي ويو، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ سندس پٽ جوڻي کي سنڌ تي حاڪم ڪري موڪليائين. گويا ڄام خير الدين دهليءَ ۾ وفات ڪري ويو. مگر هتي ساڳيو مير قانع انهيءَ بيان جي خلاف لکي رهيو آهي، ته سلطان فيروز، ڄام خير الدين کان پوءِ، سندس پٽ ڀنڀي جي ڏينهن ۾ آيو ۽ کيس گرفتار ڪري وٺي ويو: مٿي لکيائين، ته سلطان، ڄام جوڻي کي حاڪم ڪري موڪليو، ۽ هت ويٺو لکي، ته ڄام ڀنڀي جون حسن خدمتون ڏسي، کيس ڇٽ عنايت ڪري، سنڌ جي حڪومت تي روانو ڪيائين، ۽ ڄام جوڻي جو سمن حاڪمن جي بيان ۾ مورڳو ذڪر ئي نٿو ڪري، ساڳيو حال مير معصوم جو آهي: اهو به پنهنجي تاريخ جي صفحي 51 ۾ مير قانع جي پهرئين بيان سان همنوا آهي ۽ صفحي 65-66 تي وري ساڳيو ائين لکي رهيو آهي، جيئن مير قانع جو پويون بيان آهي.
در حقيقت هي ٻئي مورخ هڪ زبردست ڌوڪي جو شڪار ٿيا آهن، ۽ هڪ واقعي کي ٻه واقعا سمجهي، دهرايو اٿن، ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي خيال موجب، ڄام خير الدين ۽ ڄام ڀنڀي (جنهن کي مير قانع ڄام ”بانبهنيه“ سڏي ٿو ۽ جو غالباً ڄام خير الدين جو وڏو پٽ آهي) جو زمانو ساڳيو آهي. هو ٻئي پيءُ پٽ گڏجي حڪومت ڪندا هوندا. ساڳي طرح ڄام تماچي ۽ ڄام جوڻي جو زمانو به هڪ آهي (تعليقات معصومي، ص 299-300). جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب جو اهو خيال صحيح آهي، ته پوءِ مڃڻو پوندو، ته سلطان فيروز شاهه سنڌ ۾ اچڻ وقت ٻنهي پيءُ پٽن کي گرفتار ڪري، دهليءَ وٺي ويو هوندو. پوءِ، ”تاريخ فيروز شاهي“ جي مصنف شمس سراج عفيف جي بيان (253) موجب، ڄام تماچيءَ جي باغي ٿيڻ تي پهريائين ڄام خير الدين کي سنڌ جي موڪل ملي، جنهن ڄام تماچيءَ کي گرفتار ڪري، دهليءَ موڪليو ۽ پاڻ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو، وري جڏهن سنہ 790 هجريءَ ۾ سلطان تغلق شاهه گاديءَ تي ويٺو، تڏهن انهيءَ ڄام ڀنڀي کي سفيد ڇٽ پهرائي ٺٽي روانو ڪيو، پر هو رستي ۾ گذاري ويو.
(1) مير معصوم پنهنجي تاريخ (66) ۾ هن ڄام جي حڪومت جو عرصو يارنهن سال ۽ ڪي مهينا لکيو آهي. ساڳيءَ طرح، نسخي ”ن“ پڻ يارنهن سال لکيو آهي.
(2) ”تاريخ فيروز شاهي“ (تاليف سراج عفيف) جو بيان، جيڪو مٿي حاشيي تي ذڪر ٿي آيو، هن روايت جي تائيد ڪري ٿو، البت انهيءَ بيان ۾ ڏيکاريل آهي ته ڄام تماچيءَ کي ڄام خير الدين قيد ڪري دهلي موڪليو هو، نه ڄام جوڻي.
(1) ڄام فتح خان، ڄام تماچي جو پٽ نه، پر پوٽو ۽ ڄام سڪندر جو پٽ هو، جيئن تاريخ معصومي (ص82) ۾ ڄاڻايل آهي، ۽ خود هن ڪتاب ۾ به اڳتي ايندو. شايد هتي پٽ مان مراد اولاد ورتي ويئي آهي، جنهن ۾ پوٽو به اچي وڃي ٿو.
(1) تاريخ معصومي (ص82) جي لکڻ موجب، کيس فدائين جي جماعت، شهر جي مکيه ماڻهن جي ترغيب ڏيڻ تي، قتل ڪيو هو.
(2) تاريخ معصومي (ص84) موجب، هن ڄام جي حڪومت پندرنهن سال ۽ ڪي مهينا رهي. صاحبقران امير تيمور گورگان جو ڏهٽو مرزا پير محمد، هن ڄام جي ڏينهن ۾ ملتان ۽ اچ تي ڪاهي آيو هو، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو آهي (تاريخ معصومي، ص83-84)
(3) هن هر هڪ پرڳڻي ۾ ٿاڻو قائم ڪيو. سندس حڪومت جو عرصو 28 سال هو (تاريخ معصومي، ص85). هن جي ڏينهن ۾ دهليءَ جي شهنشاهت جو زور ٽٽي چڪو هو، تنهن ڪري هن اوڏانهن آسرو پلي گجرات جي بادشاهن سان ناتو ڳنڍيو. هن کان پوءِ جيڪو به سمو حاڪم تخت تي وهندو هو، گجرات جي سلطانن سان تعلقات رکندو ايندو هو (تعليقات معصومي، ص 371-372 بروايت تاريخ فرشتہ).
(1) مير معصوم، ڄام سڪندر کي ڄام تغلق جو پٽ لکي ٿو (تاريخ معصومي، ص70)
(2) ”طبقات اڪبري“ جي مصنف ۽ ”فرشتہ“ هن ڄام جو بيان بالڪل ڪونه ڪيو آهي. ”آئين اڪبري“ ۾ هن کي سنجر همنام ڳڻيو ويو آهي. ”سنجر“ عرف ”رادهن“. ”ماثر رحيمي“ (ج2، ص221) ڄام رائڏني جو عربي نالو ”ڄام نظام الدين“ لکيو آهي. جيڪڏهن ڄام رائڏني جي ميدان ۾ اچڻ جو سال 858 هجريءَ (تاريخ معصومي، ص85) صحيح آهي، ۽ جيڪڏهن ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي تخت نشينيءَ جو سال 866 هجريءَ (تاريخ معصومي، ص88) پڻ درست آهي، ته پوءِ ڄام رائڏني جي ميدان ۾ اچڻ ۽ ڄام نظام الدين جي تخت تي ويهڻ ۾ فقط اٺ سال رهن ٿا، ۽ ڄام سنجر جي حڪومت جو عرصو به اٺ سال آهي، جيئن هيٺ اچي ٿو. تنهن ڪري اسان کي ڄام رائڏنو ۽ سنجر هڪڙو ئي تسليم ڪرڻو پوندو. اهو اندازو تڏهن صحيح ٿيندو، جڏهن ڄام نظام الدين جي وفات سنہ 914 هجريءَ ۾ مڃبي. جيئن ”تحفة الڪرام“ (ج3، ص43) ۽ ”تاريخ طاهري“ (ص70) وغيره ۾ لکيل آهي. ڇاڪاڻ ته مير قانع، تحفة الڪرام (ج3، ص53) ۾ سندس حڪومت جي عرصي بابت لکي ٿو ته ”وڌيڪ صحيح ائين آهي ته پنجاهه کان گهٽ ۽ چاليهن کان مٿي آهي“، مير معصوم پڻ تاريخ معصومي (ص89) ۾ هن جي حڪومت جي مدت 48 ورهيه لکي آهي: پر جيڪڏهن هن جي وفات جو سال 923 هجريءَ آهي. جيئن تاريخ معصومي (ص134) مان معلوم ٿو ٿئي، ته پوءِ اسان کي ڄام رائڏنو ۽ ڄام سنجر جدا جدا تسليم ڪري، هنن ٽنهي سمن بادشاهن جي بادشاهيءَ جا سال هن طرح مقرر ڪرڻا پوندا:
ڄام رائڏنو 858-866 هجري (اٽڪل اٺ سال)، ڄام سنجر 866-874 هجري (اٽڪل اٺ سال)، ۽ ڄام نظام الدين 874-923 هجري (اٽڪل اڻونجاهه سال) - (ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ”تعليقات معصومي“، ص301 ۽ ص303 تان ورتل)
(1) تاريخ معصوميءَ ۾ لکيل آهي، ته ڄام نظام الدين جو لشڪر مغلن جي لشڪر کي ”جلوگير“ جي ڳوٺ وٽ پهتو. سخت لڙائي ٿي، جنهن ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ مارجي ويو. مغل شڪست کائي قنڌار هليا ويا، ۽ ڄام نظام الدين جي حياتيءَ ۾ وري سنڌ ۾ نه آيا (ص90-91). ’جلوگير‘ بولان جي دري ۾ بي بي نانيءَ جي ڀرسان هڪ جاءِ جو نالو آهي (معصومي تي ڊاڪٽر دائود پوٽي جا تعليقات، ص301)
(1) مير معصوم پڻ پنهنجي تاريخ (ص112) ۾ شاهه بيگ جي ڀاءُ جو نالو ”ابو محمد مرزا“ لکيو آهي، پر طبقات اڪبري (ج3، ص517) ۾ سندس نالو ”سلطان محمد“ لکيل آهي. ٿي سگهي ٿو، ته هن جو نالو ’سلطان محمد‘ ۽ ڪنيت ’ابومحمد‘ هجي!
(2) ’ڪاهان‘ ”ڳاها“ سيوهڻ کان اتر - الهندي طرف اٽڪل ڏهن ڪوهن جي پنڌ تي هڪ ڳوٺ آهي.
(1) تاريخ طاهري (ص72) جي لکڻ موجب: ڄام فيروز جي والده جو نالو ”مدينہ ماڇاڻي“ هو.
(2) تاريخ معصومي (ص110) مان معلوم ٿئي ٿو، ته مرزا شاهه بيگ، سنہ 921 هجريءَ ۾، پنهنجو لشڪر ازخود ڪنهن جي به هرکائڻ کان سواءِ سنڌين جي طاقت معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، ڇاڪاڻ ته کيس ڊپ هو، ته ڪنهن نه ڪنهن وقت ضرور بابر بادشاهه کيس قنڌار کان بيدخل ڪري ڇڏيندو، تنهن ڪري هو پنهنجي لاءِ ڪا ٻي جاءِ پناهه ڳولي رهيو هو. آخر سنہ 924 هجريءَ ۾ مير قاسم ڪيبڪيءَ جي هرکائڻ ۽ بقول مير قانع، ڄام فيروز جي والده کي دعوت ڏيڻ تي، پوري تياري ڪري سنڌ تي چڙهائي ڪيائين ۽ محرم سنہ 926 هجريءَ ۾ اچي ٺٽي پهتو.
(1) تاريخ معصومي (ص113) هن واهه جو نالو ’خان واهه‘ لکيو آهي. ساڳيءَ طرح تاريخ طاهري (ص72، 73) ۾ پڻ ”خان واهه“ نالو لکيل آهي. وڌيڪ ٻڌايل آهي، ته اهو واهه، درياخان، ساڪري ۾ پرڳڻي ۽ شهر جي آسپاس ۽ جبل جي دامن واريءَ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ کوٽايو هو.
(2) تاريخ معصومي (ص114) ۾، 11 محرم ’926 هجري‘ لکيل آهي.
(1) مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص 124) ۾ لکي ٿو ته ”شاهه بيگ بمرزا شاهه حسن گفت که اين دو کوه که برطرف جنوبي واقع است بدسر کوبي اند اين قلعه را“ (شاهه بيگ مرزا شاهه حسن کي چيو، ته هي ڏکڻ وارا ٻه جبل هن قلعي لاءِ بڇڙا تباهه ڪندڙ آهن).
(1) مرزا شاهه بيگ جي وفات جي سال ۾ اختلاف آهي. مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص127) ۾ سنہ 928 هجريءَ لکيو آهي، مير قانع پڻ مير معصوم جي تقليد ڪندي ساڳيو سال ڏنو آهي، پر ”طبقات اڪبري“ (ج3، ص520) ۽ تاريخ فرشتہ (ج2، ص621) جا مصنف سندس وفات جو سال 930 هجري لکن ٿا. ارسڪن، بيل ۽ برني الياس پڻ هن پوئين قول کي اختيار ڪيو آهي.
اسان جي خيال ۾ ميرمعصوم جو ڏنل سال وڌيڪ صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته مرزا شاهه بيگ جي حڪومت جو جملي عرصو 15 سال هو (تعليقات معصومي، ص389) ۽ سندس والد امير ذوالنون جي شهادت سنہ 913 هجريءَ ۾ ٿي هئي (تاريخ معصومي، ص99). انهيءَ حساب سان مرزا شاهه بيگ جي وفات جو سال 928 هجري ٿيڻ گهرجي. هن خيال جي تائيد ”بيگلار نامه “ (ترجمو سنڌي، ص11) مان پڻ ٿئي ٿي، جنهن ۾ لکيل آهي، ته نواب مرزا شاهه بيگ هڪ سال سنڌ تي حڪومت هلائڻ بعد وفات ڪئي.
(1) طبقات اڪبري (ج3، ص540) مان معلوم ٿو ٿئي، ته مرزا شاهه حسن ملتان فتح ڪرڻ جو ارادو هن ڪري ڪيو هو، جو بابر بادشاهه سنہ 930 هجريءَ ۾ پنجاب تي قبضو ڪري، دهليءَ ڏانهن ويندي، ملتان ۽ ان جو آسپاس مرزا شاهه حسن کي عطا ڪري، اهڙو پروانو ڏانهس ڏياري موڪليو هو (بحواله تعليقات معصومي، از ڊاڪٽر دائود پوٽو
(2) هتي مصنف جي دستخطي نسخي ۾ اصل متن جي عبارت هن طرح آهي: ”رحمو و هنده وهزار شجاعان آمده ملازمت کردند “ - جا صريح غلط آهي. اسان جي خيال ۾، مير قانع، تاريخ معصوميءَ (ص151-152) جي عبارت ”بنده دهراز شجعان ملتان “ جي پڙهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي ”بنده و هزار شجعان “ پڙهيو آهي، تنهن کان پوءِ پنهنجي عادت موجب اختيار جي خيال کان ٻه جدا جدا واقعا هڪ هنڌ گڏي لکيا آهن، ۽ اهڙو ته خلل پيدا ڪيو آهي جو سندس عبارت سمجهه کان ٻاهر ٿي پيئي آهي. حقيقت هن طرح آهي، ته جڏهن مرزا شاهه حسن مئو ۾ منزل انداز ٿيو، تڏهن اُتي جي شيخ روح الله، ”رحمو ڏهر “ جي گناهه معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، ۽ سلطان محمود خان جي مرضيءَ سان سندس گناهه معاف ٿيو هو، ۽ ”لار“ جي منزل تي ”بنده ڏهر “ - جنهن کي مير معصوم ”از شجعان مردم ملتان “ يعني ملتان جو هڪ بهادر، سڏيو آهي، اچي حاضر ٿيو (تفصيل لاءِ ڏسو: تاريخ معصومي، ص152). تاريخ معصوميءَ جي روشنيءَ ۾ تحفة الڪرام جي عبارت هن طرح هجڻ گهربي هئي: ”رحمو و بنده دهر از شجاعان ملتان آمده ملازمت کردند “ - اسان انهيءَ موجب درستي ڪري ترجمو ڪيو آهي - والله اعلم
(1) هن صلح جي حقيقت مير معصوم (تاريخ معصومي، ص153-155) هن طرح ڏني آهي ته ”مرزا شاهه حسن جي ڪاهه جو ٻڌي، ملتان جو حاڪم سلطان محمود لانگاهه اسي هزار پيادن ۽ سوارن جو لشڪر تيار ڪري ملتان کان نڪتو. هيڏانهن مرزا شاهه حسن گهاري واهه تي لهي، سندس انتظار ڪرڻ لڳو، ته انهيءَ وچ ۾ پاڻ ۾ ناسازيءَ سببان سلطان محمود جي ناٺيءَ شيخ شجاع بخاريءَ کيس زهر ڏياري مارائي ڇڏيو. هيءُ راز گهڻوئي لڪايو ويو، پر آخر ظاهر ٿي پيو ۽ لانگاهن جي لشڪر ۾ ڏاڍو تفرقو پئجي ويو. نيٺ صلح کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، مخدوم زاده شيخ بهاؤالدين کي وچ ۾ آڻي صلح ڪيائون.
(2) متن ۾ لفظ ”آب کهاره “ آهي، جنهن جو ترجمو اسان ”گهارو واهه “ ڪيو آهي.
(3) مير معصوم پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”مسڪين ترخان، سلطان محمود جي نياڻي شرعيت جي قانون موجب، پنهنجي نڪاح ۾ آندي، ۽ سندس پٽ کي پنهنجو فرزند بنايو“.
(1) ”طولا پرس“، ]طولا (طلا=) سون ﷺ پرس (پرش=) ماڻهو[: سونو ماڻهو.
(1) تاريخ معصوميءَ (ص162) لکيو آهي، ته ”سلطان بهادر نيٺ وڃي قلعي ۾ بند ٿي ويٺو“. ۽ هيٺان پـَـٽڻ جي قلعيدار خضر خان جي جواب مان معلوم ٿو ٿئي، ته سلطان بهادر، همايون بادشاهه کان شڪست کائي وڃي گرنار جي ڪوٽ ۾ قلعي بند ٿي ويٺو هو.
(2) ’ڪرنال‘ يعني ’گرنار‘ : گرنار جو ڪوٽ، رياست جهونا ڳڙهه (ڪاٺياواڙ) ۾ مشهور آهي، خصوصاً ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ جي قصي ته هن کي دائمي شهرت بخشي ڇڏي آهي.
(1) تاريخ معصوميءَ (169) جي بيان موجب، پهريائين بادشاهه هيءَ آڇ قبول ڪري مرزا شاهه حسن جي مدعا موافق پروانو لکڻ جو حڪم ڪيو هو، پر پوءِ اميرن وزيرن جي برغلائڻ تي، جيئن هتي پڻ لکيل آهي - انهيءَ کان ڦري بکر جي قلعي کي گهيري ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيو.
(1) تاريخ معصوميءَ (ص273) ۾ لکيل آهي، ته ”قلعي وارن هڪدم ٻي ڀت ڪڍي ڇڏي“.
(2) تاريخ معصوميءَ (ص174) ۾ لکيل آهي، ته ”انهن ئي ڏينهن ۾ مرزا شاهه حسن، يادگار ناصر مرزا ڏانهن امير قلي مهردار موڪلي، دوستيءَ جو سلسلو چوري، ظاهر ڪيو ته ’مان ٻڍو ٿيو آهيان، ۽ فرزند ڪونه اٿم، پنهنجي نياڻي اوهان سان مڱايان ٿو، ۽ جيئن ته منهنجي حياتيءَ مان باقي ڪي ڏينهن رهيا آهن، تنهن ڪري هيءَ ملڪ، جنهن جو مون سان تعلق آهي، سو توهان جي ملڪيت آهي ۽ توهان کي گهڻائي خزانا ڏيان ٿو ۽ گجرات جو ملڪ پڻ گڏجي فتح ڪيو ويندو. مطلب ته يادگار ناصر مرزا، مرزا شاهه حسن جي واعدن تي ٺڳجي، محمد همايون بادشاهه جي مخالفت تي تيار ٿي ويو“. وري (ص177 تي) لکيل آهي ته ”جيئن ته اهي واعدا ڪوڙا هئا، تنهن ڪري انهن مان هڪ به پورو نه ٿيو.“
(1) همايون نامي (ص 63) ۾ اُٺن جو انداز هڪ هزار لکيل آهي، پر ڪهڙي قسم جا اٺ؟ اهي اٺ اهڙي قسم جا هئا، جن جي ستن بلڪ ستر پيڙهين به شهر، ماڻهو ۽ بار نه ڏٺو هو! جنهن صورت ۾ لشڪر ۾ گهوڙن جي قلت هئي، تنهن ڪري گهڻا ماڻهو اٺن تي (ص64) سوار هئا، باقي بچيل اٺن تي بار کنيو ويو. جيڪو به مٿن سوار ٿي ٿيو، ته سوار ٿيڻ سان هن کي زمين تي ڪيرائي، جهنگ جو رستو ٿي ورتائون. با رکڻندڙ اٺن مان جنهن تي بار ٿي ٻڌائون، سو رڳو گهوڙي جي سنب جي آواز ٻڌڻ سان ڪـُـڏي ڪـُـڏي بار زمين تي اڇلائي پاڻ جهنگ ۾ لنگهي ٿي ويو. پر جيڪڏهن ڪنهن اٺ تي بار محڪم ٻڌو ويو هو ۽ هن جي ڪيتري به ڪڏڻ تي اهو بار نٿي ڪريو، ته هو بار سميت جهنگ جو رستو وٺي ڀڄي ٿي ويو. اهڙيءَ طرح قنڌار ڏانهن ويندي ويندي اٽڪل ٻه سو اٺ ڀڄي ويا هوندا (بحواله تعليقات معصومي، ص317)
(2) تاريخ معصومي (ص180) مان معلوم ٿو ٿئي، ته اها تاريخ بادشاهه همايون پاڻ ڪڍي هئي.
(1) هي لفظ اصل عربي آهن ۽ فارسي زبان ۾ ”هرگز نه “ ”ڪڏهن به نه “ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن.
(2) معنيٰ: ”اسان جو اولاد، اسان جو جگر آهن“.
(1) هيءُ واقعو جمعي رات 14 جمادي الثاني 950 هجريءَ ۾ ٿيو (تفصيل لاءِ تاريخ معصومي ص180-181)
(2) تاريخ معصومي (ص18) مان معلوم ٿو ٿئي، ته مرزا شاهه حسن جي نياڻي ”چوچڪ بيگم “ جي نسبت مرزا ڪامران سان هن کان چار سال اڳ 951 هجريءَ جي شروعات ۾ ٿي چڪي هئي، جڏهن مرزا ڪامران ڪابل جو حاڪم هو ۽ همايون بادشاهه ڀائرن جي بيوفائيءَ کان تنگ ٿي، مدد وٺڻ لاءِ عراق روانو ٿي ويو هو. 955 هجريءَ ۾ مرزا ڪامران، همايون بادشاهه کان شڪست کائي ڪابل مان ڀڄي سنڌ ۾ آيو هو ۽ اچي مرزا شاهه حسن جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين.
(3) تاريخ معصومي (ص182) جي بيان موجب، مرزا ڪامران کي همايون بادشاهه انڌو ڪونه ڪرايو هو، پر هندستان جي گڪر (گاهڪواڙ) قوم، جن وٽ مرزا ڪامران ڪابل کان ڀڄي اچي پناهه ورتي هئي، اهو معلوم ڪري، ته مرزا جا بادشاهه بابت خراب خيال آهن، کيس اٽڪل سان پڪڙي سندس اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون هيون.
(1) منقولي يا نفلي علم انهن علمن کي چيو وڃي ٿو، جن جو تعلق روايت ۽ نقل سان آهي. جهڙوڪ: علم ادب، صرف و نحو، فقہ، وغيره، انهن جي مقابلي ۾ وري معقولي يا عقلي علم آهن، جن جو تعلق عقل ۽ فهم سان آهي. جهڙوڪ: منطق ۽ فلسفو وغيره.
باب نائون: ترخان گهراڻو
مرزا عيسيٰ ترخان
”مرزا عيسيٰ“ ولد مرزا محمد بن مرزا عبدالعلي ترخان پهرين جمادي الاول 962 هجريءَ تي حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هن سپاهين خواهه رعيت کي سهڻي نموني سان راضي رکيو. ڪيبڪ، فرخ ۽ تيمور جهڙا ارغوني امير، باوجوديڪ پاڻ کيس حڪومت لاءِ چونڊيو هئائون، اڪثر شراب پي نشي جي حالت ۾ سندس حويليءَ تي ڪاهي ايندا هئا، ۽ رڪيب مان پير سندس گلم تي اچي ڪڍندا هئا. اهڙو ڪو به ڏينهن ڪونه گذرندو هو، جنهن ۾ هن جي دروازي کي نيزن ۽ ڪهاڙين سان ڪٽي، مرزا (شاه حسن) جي ڇڏيل خزاني مان حـصو نه گهرندا هئا، مگر هو دانائيءَ سان همدردي ڪري کين چوندو هو، ته ”خزانو توهان جي ملڪيت آهي، پر اسان ڌارئي ملڪ ۾ آهيون ۽ ]اسان کي[ خزانو ضرور گهرجي، جو ڏکئي وقت ڪم اچي: جيڪڏهن توهان کڻي ويندا، ته شراب ۽ معشوقن تي صرف ڪري ڇڏيندا“. ]هوڏانهن[ حڪم ڪندو هو، ته هر هڪ ارغون جنهن محلي ۾ رهندو هو، انهيءَ محلي مان کيس سڏ ٿيندو هو، انهيءَ حيلي سان پاڻ کي انهن جي شر کان بچائيندو ايندو هو. نيٺ هوريان هوريان سندس پٽن: مرزا محمد باقي، مرزا محمد صالح، جان بابا ۽ غالب(1). ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ هر هڪ ملا بهبود، شبرنگ خان(2)، ملا صالح، فتح خان ۽ ٻين ڪمائتن ماڻهن جي سرداريءَ هيٺ اهڙو، ته منظم ۽ تيار ٿيو، جو ارغون ]خود[ ريسون ]65[ ڪرڻ لڳا. هاڻي مرزا پنهنجي حويليءَ جي چوڌاري هڪ ننڍڙو قلعو اڏايو ۽ پٽن کي پنهنجي ڀرسان رهايائين. نيٺ سندس پٽن ميان محمد باقي ۽ محمد صالح ۾ مخالفت پيدا ٿي پئي. مرزا صالح وڏو بهادر هو ۽ مريد ڪوڪہ بن مراد ڪوڪہ وغيره جهڙا مرزا ڪامران جا ڪوڪا ]وٽس رهندا هئا[، تنهن ڪري نهايت شان شوڪت پيدا ڪري، پيءُ کي بيدخل بنائي وهاري ڇڏيو هئائين. هن مرزا باقيءَ کي جلا وطن کري ڪڇ ڏانهن ڪڍي ڇڏيو. هوڏانهن مرز جان باب، سميجن جي جهنگ ۾ ڀٽڪندو رهيو. مرزا باقي ناواقفيت سببان ڪڇ ۾ پهريائين ڏاڍيون تڪليفون ڏٺيون.
نقل - مير طاهر، مرزا مظفر ولد مرزا محمد باقي ترخان جي واتان نقل ڪيو آهي، ته ڪجهه بکن ڪڍڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن مرزا ساٿين کي چيو، ته ”سخت بک لڳي اٿم، ڪا شيءَ پيدا ڪريو“. سنگتين کي ڪا به شيءَ هٿ ڪانه لڳي، مگر قاضي خميسو ٿورا ڪتي جا اوباريل ڪچا چانور کڻي آيو، جن تي مٿان ڪتي قيءِ پڻ ڪئي هئي. مرزا فرمايو، ته ”ڳالهه نه ڪر، هڪدم ڌوئي وڃي پچاءِ ته ڪم اچن“. پچائڻ کان پوءِ پهريائين پاڻ کاڌائين. ٿوري وقت کان پوءِ سندس ساٿين ٻڪري چورائي ڪباب ڪئي، ٻڪريءَ جي مالڪ پتو ڪڍي، کين چورن وانگيان پڪڙي، وڃي راڻي کنگهار وٽ حاضر ڪيو. ڇاڪاڻ ته سڀڪنهن ڏک کان پوءِ سک آهي، سو هن ذريعي سان راڻو کنگهار سندس واقف ٿي پرداخت ڪرڻ لڳو. صاحب سمي نالي ]هڪ[ جاڙيجي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ کيس ڏنو، جنهن مان مرزا مظفر پيدا ٿيو.
مرزا محمد باقيءَ جي مرزا محمد صالح سان جنگ
ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن مرزا محمد باقي ڪڇ ۾ ]رهي[، لشڪر تيار ڪيو ۽ صاحب سمي پڻ سندس مدد ۾ هڪ راجپوتن جو لشڪر سنباهيو، تڏهن هو ]اتان روانو ٿي[ اچي ’بدين‘ جي پاسي پهتو. مرزا صالح، مغلن، ٺٽي ۽ ٻين راڄن جو لشڪر پاڻ سان وٺي، کيس سامهون ٿيو. ٻه ٽي ڏينهن لشڪر جي مقدمن ۾ ڪجهه جهڙپون ٿيون ۽ آخرڪار جنگ جون صفون ٻڌيون. راجپوت گهڻوئي سر ڏيڻ جو فيصلو ڪري، بهادري ڏيکاري، گهوڙن تان لهي چادرون هڪ ٻئي سان ٻڌي، ]ميدان ۾[ ثابت قدم رهيا، پر مغلن تيرن ۽ تفنگن سان مٿن زمين تنگ ڪري، کين ڀڄائي ڪڍيو، ۽ هو جنهن واٽ کان آيا هئا، انهي ئي واٽ سان واپس ويا. مرزا صالح سوڀارو ٿي، ٺٽي موٽي آيو. مرزا باقي زال ۽ ٻار ٻچا ڪڇ موڪلي، پاڻ بکر وڃي سلطان محمود کان مدد گهري. سلطان محمود چيس، ته ”اسان ۽ مرزا عيسيٰ جو هڪ ٻئي تي ڪاهه نه ڪرڻ جو عهدنامو آهي. تون هت رهي پؤ ۽ ڏس ته غيب جي پردي مان ڇا ٿو ظاهر ٿئي؟“. هوڏانهن سلطان محمود خان، مرزا صالح سان صلاحڪار ٿي، مرزا باقيءَ کي قيد ڪري هندستان موڪلڻ ٿي گهريو(1). ايتري ۾ انهيءَ دربدر ٿيندڙ لاءِ هڪ غيبي لطيفو ظاهر ٿي پيو.
نقل - چون ٿا، ته مرزا باقيءَ جي همراهن مان هڪ هندو، شام جي وقت، روهڙيءَ جي ٻاهران دريا جي ڪناري تان ٿي ويو، ته هڪڙيون ٻه مهاڻيون ڏائڻيون قضا حاجت لاءِ ويٺل ڏٺائين. انهن مان هڪڙيءَ ٻيءَ کي چيو، ته ”سلطان محمود خان، مرزا باقيءَ کي ٻـَـڌي، اڪبر بادشاهه ڏانهن موڪلڻ گهري ٿو، مگر تقدير ۾ هن جو اوڏانهن وڃڻ لکيل ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪالهه ٻپهريءَ وقت مريد نالي هڪ بلوچ، مرزا صالح کي ڪاتي هڻي ڪڍي آهي: ٽن ڏينهن کان پوءِ هن جو رت ڀريل چولو اچي مرزا باقيءَ کي ملندو.“ اتفاقاً کيس (مرزا باقيءَ کي) به مرزا صالح جي موت جي خبر ساڳئي انهيءَ نموني تي ملي.
ڳالهه ٿا ڪن، ته مريد بلوچ پنهنجن مائٽن ۽ پيءُ، جن کي مرزا صالح قيد ڪري ڪـُـٺو هو، جي وير وٺڻ لاءِ دم هنيو هو، ته ”جيستائين پيءُ جو وير نه وٺندس، تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندس.“ انهيءَ ارادي سان ڪاتي هٿ ۾ کڻي شهر ۾ آيو ۽ چرين وانگيان گهٽين ۽ سيرن ۾ ڦرندو چوندو ٿي رهيو، ته ”هان! ڪاتي! تو ۾ ڪم اٿم، ڪندينءَ يا نه؟ هان، اي دل، دلير ٿيءُ!“ ٻارن کيس چريو سمجهي سندس پويان اهي حرف وري وري ٿي چيا ۽ ننڍن خواهه وڏن انهيءَ کي بڪوات ٿي سمجهيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن ]جڏهن[ مرزا صالح سوار ٿي پنهنجي محلات ڏانهن وڃي رهيو هو، تڏهن هيءَ ڪاتي ڪاغذ ۾ ويڙهي، فريادين وانگيان ”فرياد! فرياد!“ ڪندو، سندس اڳيان آيو. خدمتگار گهڻوئي ڪاغذ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا، پر هن چيو، ته ”آءٌ پاڻ ڏيندس، زباني احوال پڻ عرض ڪندس.“ جنهن تي مرزا کيس پاڻ وٽ سڏايو. هو پهچندو ويو، ۽ ڪاتي سندس پيٽ ۾ ٽنبيندو ويو. آخر کيس (مرزا صالح کي) اتي جو اتي ٺاري ڇڏيائين. پوءِ ته هن (مريد خان) کي به ذرا ذرا ڪري ڇڏيائون.
قصو ڪوتاهه، مرزا محمد باقيءَ جي ڀيڻ، جا هميشہ پيءُ ۽ ڀاءُ کان چوريءَ، پيسا، انهن دٻن ۾، جيڪي هندو تيل خريد ڪرڻ لاءِ انهيءَ پاسي موڪليندا هئا، وجهي موڪليندي رهندي هئي، تنهن رت ڀريل پيراهن پڻ ڀاءُ کي پهچايو. هاڻي مرزا عيسيٰ، سلطان محمود خان کي، هن (مرزا باقي) جي ٺٽي موڪلڻ لاءِ لکيو ۽ هن جي ٺٽي پهچڻ تي مرزا عيسيٰ کيس پنهنجو ولي عهد بنائي، پوين ڏينهن ۾ سلطان محمود خان کان هن جي لاءِ نئون عهدنامو وٺڻ گهريو.
فرنگين جي قتل عام جي حقيقت
جڏهن مرزا عيسيٰ اهو ارادو رکي ٺٽي کان نڪتو، تڏهن سلطان محمود خان اچي پنهنجي ڳڻتيءَ ۾ پيو، ته متان هن اچڻ ۾ مرزا عيسيٰ جو ڪو ٻيو مقصد هجي. در حقيقت مرزا عيسيٰ جو اندروني مقصد درٻيلي پرڳڻي کي پڻ سيوستان ۾ داخل ڪرڻ جو هو. هو سيوستان کان اڳتي وڌيو، ته سلطان محمود خان تدارڪ جو ويچار ڪري، سامهون ٿيڻ لاءِ ڊوڙيو. ايتري ۾ فرنگي ’گوا‘ بندر کان ’لاهري‘ بندر تي آيا. ملڪ کي مالڪ کان خالي ڏسي، شهر ۾ گهڙي پيا ۽ جمعي جي ڏينهن نماز وقت جامع مسجد فرخ ۽ ٻين جاين تي ڏاڍي خونريزي ڪيائون. بازار امير بيگ ۽ جامع فرخ جي ڀر وارو شهيدن جو گنج خواه ٻين متفرق جاين تي جيڪي شهيدن جون مزارون آهن، سي انهيءَ واقعي جون ]نشانيون[ آهن. مرزا عيسيٰ هيءَ خبر ٻڌي ملڪ جون حدون محمود خان جي حوالي ڪري، ٺٽي روانو ٿيو(1). ڪي چون ٿا، ته فرنگين کي هن پاڻ واهر لاءِ گهرايو هو ۽ هنن هتي پهچي، کيس نه ڏسي ائين ڪيو هو.
بهرحال فرنگي، مرزا عيسيٰ جي اچڻ جو ٻڌي، ٺٽي جي شهر کي ڦري، گهٽين ۽ سيرن ۾ بارود وجهي باهه ڏيئي، بچي نڪري ويا. مرزا عيسيٰ اچي پنهنجي حويليءَ واري قلعي کي وڌيڪ محڪم ڪيو ۽ شهر جي چوڌاري شهر پناهه ٺهرائي. جنهن صورت ۾ لاهري بندر واري کاريءَ کان لاهري بندر جي دِڪي تائين، کاريءَ مان نڪرندڙ ’نارقي‘ واهه(1) ڪشادو ۽ اونهو هو، جنهن مان وڏا ٻيڙا کاريءَ کان دڪي تائين بيڌڙڪ پهچي سگهيا ٿي، تنهن ڪري ڄاڻن جي صلاح سان ]انهيءَ واهه کي[ وڏن پٿرن سان ڀرڻ جو حڪم ڪيائين، جيئن ڪوبه ڌاريو، رهبر کان سواءِ، اوچتو اندر نه اچي سگهي. دڪي ۽ بندر جي وچ ۾ بندر جي سردار جي رهڻ لاءِ هڪ ننڍڙو مضبوط قلعو ٺهرايائين. آخر ارڙنهن سال حڪومت ڪري سنہ 980 (هجريءَ) ۾ گذاري ويو. هو هن گهراڻي ۾ سنجيدگيءَ، مضبوط ويچار ۽ سهڻن وصفن ۾ ممتاز ۽ نرالو هو. ننڍي درجي هوندي به وڏن وڏن ارغوني اميرن کان بهادريءَ ۽ جوانمرديءَ ۾ گوءِ کڻي ويو هو. مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي.
مرزا محمد باقي
مرزا عيسيٰ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ارغون سردار، جي مرزا عيسيٰ جي حڪومت تي پشيمان ٿيا هئا، مرزا محمد باقيءَ جي گاديءَ تي وهڻ جا مخالف ٿي بيٺا. هن حڪمت عمليءَ سان هڪڙي ارغوني ٽولي کي احسان جي واعدن ۽ وڏين مهربانين ]جي انجامن[ جي وسيلي پنهنجو ڪيو، ۽ ٻين کي خزاني ورهائي ڏيڻ جي اميد سان ٺڳيو. اهڙي طرح ارغون سردار ٻن حصن ۾ ورهائجي، پنهنجي صلاح مشوري ۾ هن (مرزا باقي) جي روڪڻ جو ڪو به واضح رستو پيدا ڪري نه سگهيا. نيٺ مرزا پنهنجي مراد موجب، حڪومت جي تخت تي ويهي، فساد جي پاڙ پٽڻ جو فڪر ڪرڻ لڳو. جنهن صورت ۾ ارغون سردار گذريل مرزا (مرزا عيسيٰ) جي ڏينهن کان هن نوجوان رئيس تي غالب پيل هئا، تنهن ڪري هيءُ اٽڪل سان پنهنجو انتظام ڪري رهيو هو، ۽ جلد ئي ڳجهو توڙي ظاهر هڪ لشڪر گڏ ڪري، ٺـَـڳـِـي رٿي، ارغون سردارن کي خزاني ورهائي ڏيڻ جي بهاني سان مٿي ماڙيءَ تي گهرايائين. هوڏانهن هڪ هڪ صندوق ۾ ٻه ٻه هٿيار بند مرد ٺاهي وهاري، هڪ ٻئي دستي کي وقت جي انتظار ۾ ڇڏي، چيائين، ته ”توهان سردار هميشہ خزاني جي طلب ڪندا ٿا اچو. ]اگرچ[ مان ۽ منهنجو پيءُ اهو خزانو ضرورت جي وقت لاءِ سنڀاليندا ٿي آياسون، پر جنهن صورت ۾ توهان انهيءَ کان دست بردار نٿا ٿيو، تنهن ڪري لاچار توهان جي حوالي ڪريان ٿو. مگر خيال ٿو ٿئيم، ته متان توهان جو پاڻ ۾ تقسيم تي تڪرار ٿي پوي، تنهن ڪري جيڪڏهن توهان اجازت ڏيو، ته مان لهي وڃي هيٺ ويهان، ۽ هيءُ خزانو توهان ڀلي پاڻ ۾ تقسيم ڪري کڻو“. اهو فيصلو ڪري پاڻ لهي اچي ڪم جو بندوبست ڪيائين. ]مٿي[ هڪدم هٿيار بند مردن صندوقن ۽ ڪنڊن ڪڙڇن مان نڪري انهن سڀني کي تلوار جو کاڄ بنائي ڇڏيو، ۽ پاڻ هيٺ ننڍن وڏن کي پورو ڪرايائين، بلڪ سندن حويلين تي لشڪر موڪلي ]منجهائن[ ڪوبه چـُـرندڙ ڪونه ڇڏيائين، حتيٰ ڪه ٻارن کي پيٽن مان ڪڍي، گاهه وانگيان ڪاٽيائون! ڪي ٿورڙا ساهه بچائي هيڏي هوڏي نڪري ويا. انهيءَ کان پوءِ مرزا محمد باقي خود مختيار ٿي ”انا ولا غيري“ جو نغارو وڄائڻ لڳو.
مرزا جان بابا جي شورش
مرزا جان بابا، جو پيءُ جي ڏينهن ۾ مرزا صالح جي هٿان دربدر ٿي، سميجن سان مائٽي ڪري وڃي اُتي رهيو هو، تنهن کي سلطان محمود، پڻس جي فاتحہ خوانيءَ جي موقعي تي پاڻ سان وٺي، ٺٽي پهتو. هن، تعزيت جي رسمن بجا آڻڻ کان پوءِ سلطان محمود خان جي ذريعي، پيءُ جي ورثي ۽ ملڪ جي حـصي جي گهـُـر ڪئي. مرزا محمد باقي جو ڪاروبار نهايت منظم ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سلطان محمود خان کي چيائين، ته ”بابي جي وقت کان وٺي توهان ۽ اسان جي وچ ۾ پڪو عهدنامو ٿيل آهي، توهان جهڙي طرح منهنجي ۽ مرزا صالح جي وچ ۾ دخل نه ڏنو هو، ساڳي طرح اڄ پڻ وچ ۾ نه اچو. مال ملڪيت ورهائڻ واپاري ٻچن کي ئي سونهي ٿو، حڪومت خدائي ڏات آهي. جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ راضي ٿي مون وٽ رهي پوندو، ته آخر ڀاءُ آهي، سندس خدمت چڱيءَ طرح ڪندس، باقي کيس علحدو پرڳڻو ڏيئي، پنهنجي ڪـُـک ۾ ڪان ڪونه هڻندس. مون ملڪ لاءِ ڪيترا نه ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن!“ سلطان محمود خان هيءُ ٻڌي وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو ۽ موٽڻ جي موڪل ورتائين. جان بابا، انهيءَ ڊپ کان، ته متان سندس ڀاءُ کيس مارائي ڇڏي، موٽي وڃي سميجن وٽ رهيو، ۽ شاهه قاسم، علي شير ۽ انهن جهڙا ٻيا باقي بچيل ارغون، جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، گڏ ڪري، ڀروسي جهڙو لشڪر ٺاهي، ٺٽي تي ڪاهيائين. هوڏانهن محمد باقيءَ سپاهين ۽ خاصخيلين ]68[ کي چيو، ته ”ڏينهن اڄوڪو آهي، جيڪڏهن کٽيوسون، ته ملڪ اسان جي ملڪيت آهي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ اڳيان ڏجها ڏٺل آهن ۽ آرام سان گذارڻ لاءِ ٻي ڪا جاءِ ڪانه آهي“. بس پوءِ ته مڪليءَ جي مقام ۽ شهر جي وچ تي زبردست لڙائي لڳي. ملا بهبود، جنهن کي مرزا باقي پنهنجين محلاتن مان هڪڙيءَ ۾ رهايو هو، قتل ٿي ويو. مرزا محمد باقيءَ جي لشڪر زبردست حملا ڪري، جان بابا کي شڪست ڏني. جان بابا، ڪڪرالي جي حاڪم ڏيسر وٽ مدد لاءِ ويو، پر خالي هٿـئين موٽي، وڃي پنهنجن مائٽن سميجن وٽ پهتو. ٻئي ڀيري وري هڪ وڏو ڪٽڪ سنباهي، مرزا باقيءَ تي ڪاهيائين. هوڏانهن مرزا باقي پڻ کيس سامهون ٿيڻ لاءِ ندي ڏيئي روانو ٿيو.
شاهه قاسم ارغون جي راتاهي جو بيان(1)
جڏهن مرزا محمد باقي، خان بابا جي سامهون پهتو، تڏهن سندن فوج اڳينءَ فتح جي غرور ۾ جابجا دلجاءِ سان ڪئمپ لڳائي ويهي رهي. خود مرزا جنگ ڪرڻ کان سواءِ ڀاءَ جي ڪم پوري ڪرڻ جون رٿون رٿي رهيو هو، ته اوچتو هڪ رات شاهه قاسم ارغون وڏو لشڪر وٺي راتاهو هنيو. مرزا جو لشڪر، جو غافل سـُـتو پيو هو، ڀڄي ڇڙوڇڙ ٿي ويو شاهه قاسم، جو پنهنجي وقت اندر بهادريءَ ۾ بي نظير ۽ مشهور هو، تنهن پاڻ مرزا باقيءَ جي ٻيڙيءَ تي پهچي ڀائرن جو انتقام وٺڻ چاهيو. مرزا باقي پنهنجي حرم سان ڪوٺيءَ ۾ اندر ننڊ ۾ محو هو. هو (شاهه قاسم) دروزاي تي پهتو، ته سندس (مرزا باقيءَ جي) گهر واريءَ کڻي ٻنهي هٿن سان دروازو بند ڪيو. مرزا باقي ساهه جي خوف کان، ٻئي دروازي مان نڪري، وٺي درياءَ ۾ ٽپو ڏنو، ۽ هن مردن جي مٽ شير عورت شمع جي ٿالهي کڻي، شاهه قاسم جي منهن تي اهڙي ته زور سان هنئي، جو مرندي گهڙيءَ تائين انهيءَ جو نشان باقي هئس. آخر شاهه قاسم اونداهيءَ ۾ انهيءَ عورت کي مرزا باقي سمجهي ڪـُـهي ڇڏيو، ۽ سڄي لشڪر کي ڦري لٽي خوار خراب ڪيو. هوڏانهن مرزا باقيءَ جي درياءَ ۾ ڪرڻ وقت، خليل خدمتگار، جو پڻ ساهه جي خوف کان پاڻيءَ ۾ لڪو ويٺو هو، کيس سڃاڻي، مراديي ميربحر سان ڳالهه ڪري، ڊونڊي وٺي آيو، جنهن تي چڙهي هو ڪناري تي پهتو. نغارو هٿ نه لڳن، سو علي پوٽن جي ڳوٺ مان دهل گهرائي، ڇڙوڇڙ ٿيل لشڪر کي گڏ ڪرڻ لاءِ وڄايائون. دشمن مرزا جي خير سلامتيءَ ۽ لشڪر جي وري گڏ ٿيڻ جي خبر ٻڌي پوئتي هٽي ويا، ۽ هيءُ سندن تعاقب ڪري، کين پوريءَ طرح ڀڄائي، ڪاميابيءَ سان ٺٽي موٽي آيا. خليل هن خدمت جي بدلي ۾ لشڪر ۽ نوڪرن جو سردار ۽ خاص مهردار مقرر ٿيو ۽ مراديي کي درياءَ جي سرداري عطا ٿي.
قصو ڪوتاهه - جڏهن مرزا محمد باقي جان بابا کي شڪست ڏئي(1) آرام سان ٿي ويٺو، تڏهن پنهنجي ننڍي ڀاءُ غالب(2) کي پڻ فنا جو دڳ وٺائي، ڀائرن جي نگرانيءَ ۽ ڌڙڪ کان سواءِ، ظلم ۽ ناحق شروع ڪري، بزرگن جي حياتين وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. انهن مان شيخ ڀرڪي لنگ، جنهن جي تعريف اڳتي بيان ٿيندي، کي ڳجهه ڳوهه ۾ قتل ڪرائي، شيخ ميرڪ عبدالوهاب پورائي(3)، جو اُتي جو پير هو ۽ آيو ويو، سندس سخا جي دستر خوان تان فيضياب ٿيندو رهندو هو، لاءِ ]صرف[ انهيءَ وهم تي، ته هن کي ٻاهرين ماڻهن جي معرفت حڪومت حاصل ڪرڻ جي خواهش آهي، ]قتل جو[ حڪم ڏنائين، جنهن تي قاضي خميسي، عيد جي ڏينهن عيدگاهه کان موٽندي، کيس سندس سواريءَ تي قتل ڪري ڇڏيو. باوجوديڪ مٿئين شيخ سندس تخت نشينيءَ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ خليفي سيد عبدالوهاب عباسيءَ کي، جنهن جا عام ماڻهو معتقد هئا، خليل مهردار جي هٿان ”ولدار الاخرة ]و ابقيٰ[“ (بيشڪ آخرت جو گهر ڏاڍو چڱو ۽ جٽادار آهي) ]69[ ڏانهن روانو ڪيائين.
چون ٿا، ته قتل ٿيندڙ خليفي جي پٽ صادق نالي پيءُ جي قتل ٿيڻ تي ]غصي ۾ اچي[ خليل کي ترار هڻي، سندس نڪ صفا ڪپي ڇڏيو، ۽ هو جيستائين جيئرو هو تيستائين ميڻ جو نڪ تيار ڪري ]نڪ جي جاءِ تي لڳائي[، عيب ڍڪڻ لاءِ اکين تي، اکين اٿيل ماڻهوءَ وانگيان، ڦڪي رنگ جو ڪپڙو وجهون وتـندو هو. انهيءَ (صادق) کي به پيءُ وارو رستو وٺارائي ڇڏيائون. ]هن جو[ ٻيو پٽ محمد هاشم نالي گهوڙي ۽ هٿيارن سوڌو وڃي درياءَ ۾ پيو، ۽ سندس ڪو به پتو نه مليو. هن (مرزا باقي) بزرگن جي خانه خرابيءَ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ شهر جي ننڍن خواهه وڏن کي شهر کان ٻاهر رهائي، چيائين، ته ”اسان جي حڪومت جا بدخواهه اسان جي شهر ۾ نه رهڻ گهرجن“. سيد علي شيرازيءَ جي فرزند جناب سيد جلال کي، جو سندس ڀاءَ مرزا صالح جو ناٺي هو- پڻ شهر ۾ رهڻ نه ڏنائين. ڪنهن ٻاهران آيل کي جيڪڏهن ملاقات جو لائق سمجهندو هو، ته گهرائي، ظاهر ۾ سندس ڏاڍي آجيان ڪري، مرادئي ميربحر کي، کيس ٻيڙيءَ تي چاڙهي درياءَ جي سير ڪرائڻ جو حڪم ڪندو هو. جنهن تي هو کيس نهايت پر تڪلف ٻيڙيءَ ۾ وهاري، سندس حياتيءَ جي ٻيڙي وڃي اجل جي ڪن ۾ اڇليندو هو. اهو سڀ ڪجهه انهيءَ لاءِ ڪيو ويندو هو، ته جيئن ڪو ماڻهو ملڪ جي حالت جي خبر ٻاهر نه کڻي وڃي، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي ملاقات جو لائق نه ڏسندو هو، تنهن جو ڪم ٻاهران ئي ٻاهران پورو ڪري ڇڏيندا هئا. جنهن وٽ ڪا به شيءَ ڏسندو هو، ته انهيءَ کان زوريءَ کسي وٺندو هو. اناج قلعي ۾ اندر گڏ ڪندو ويندو هو. اگرچه اناج پيو سڙندو ۽ ضايع ٿيندو هو، ته به ڪم نه آڻيندو هو. سڄو ملڪ خالصو(1) ڪري فصل لهڻ وقت اناج تي ڪاراوا مقرر ڪندو هو. هڪ ڏينهن سندس وڪيلن کيس عرض ڪيو، ته ”قلعي ۾ اناج رکڻ جي جاءِ ڪانه رهي آهي، ۽ پراڻي ان مٿان نئين اناج ڀرڻ ڪري گهڻو حصو سڙي وڃي ٿو: جيڪڏهن اجازت ملي، ته ڪجهه حصو تقاويءَ طور ڏنو وڃي، جيئن فصل تيار ٿيڻ وقت انهيءَ مان پورو فائدو حاصل ٿئي“. چيائين، ”انهيءَ جو جواب رات وٺجو“. رات جو سندس چوڻ تي ڪي مانيون مٽيءَ جون ٺاهي، انهيءَ سڙيل اناج جي مانين سان گڏ رکي، انهن ماڻهن کي دسترخوان تي گهرايائين. مٿين ماڻهن دسترخوان جو اهو حال ڏسي سڙيل اناج جي مانين ڏانهن هٿ وڌايو. ]مرزا باقي[ چيو ”مٽيءَ جون مانيون ڇو نه ٿا کائو؟“ هنن وراڻيو ”مٽيءَ جون مانيون ماڻهو ڪيئن کائيندؤ!“ تنهن تي ]مرزا[ چيو: ”جڏهن وقت تي ههڙو اَن به ڪم اچي سگهي ٿو، تڏهن مون کي انهيءَ جي اڇلائڻ جي تڪليف ڇو ٿا ڏيو؟ شايد همايون ]بادشاهه[ جي اچڻ وارو وقت توهان کان وسري ويو آهي!“ جنهن ڪاموري تي ڪاوڙبو هو، ته انهيءَ کي بازيون بازيون ڪري خونچن ۾ رکي سندس گهر موڪليندو هو. اهڙي طرح، سندس ظلم جي هٿ دنيا ۾ ڇا نه ڪيو هو؟
ٿوري وقت کان پوءِ معلوم ٿيس، ته مجاهد خان نالي هڪ امير، جلال الدين اڪبر بادشاهه جي طرفان بکر تي ڪاهيو آهي. جهٽ پنهنجي نياڻي سيد جلال شيرازيءَ هٿان انهيءَ بادشاهه جي ٻانهپ ۾ ڏياري موڪليائين، جيئن انهيءَ حيلي سان پاڻ کي بچائي سگهي. اتفاقاً بادشاهه انهيءَ سان هڪ صحبت ڪري، فرمايو، ته ”هيءَ باقي خونيءَ جي ڌيءُ آهي، هن کي حرم کان ٻاهر رهايو“. ارغون جيڪي دربدر ٿي وڃي اُتي رهيا هئا، تن خانداني ننگ جو خيال رکي، سفارشون ڪرائي، کيس موٽائي پيءُ ڏانهن موڪليو. مرزا باقي سندن ڏاڍو ٿورائتو ٿيو، ۽ کين پاڻ وٽ گهرائي عزت تعظيم ڏنائين.
]هوڏانهن[ مجاهد خان، سلطان محمود خان کي گهيري ۾ آڻي، فوج جو هڪ دستو بکر کان سيوستان موڪليو. ]هيڏانهن[ مرزا محمد باقي پنهنجي ]وڏي[ پٽ پائنده مرزا کي سندس پٽ جاني بيگ ۽ شمس ڪشميريءَ سان گڏي، سيوستان تي مقرر ڪيو. مرزا ]70[ جاني بيگ ننڍيءَ عمر هوندي به وڏن جهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ انهيءَ پاسي جو جوڳي حفاظت ڪئي. هو ]مرزا باقي[ پنهنجي ]ٻئي[ پٽ شاهه رخ کي علي شير ڪوڪہ سان گڏي نصرپور ۾ وهاري، ٽئين پٽ مظفر ترخان کي علي خان ڪوڪہ سان گڏ بدين ۽ چاچڪان جو پرڳڻو ڏيئي، مرزا محمد ترخان ۽ قاسم علي سلطان ساربان کي نيرون ڪوٽ وارو پاسو حوالي ڪري، پاڻ ٺٽي ۾ ويهي رهيو، ۽ بندرن تي اعتماد جوڳا ماڻهو وهاري، سمجهدار جاسوس مقرر ڪري، اهڙو انتظام رکيائين جو اميرن، پٽن ۽ رعيت جي روش جو حال احوال کيس هر هفتي پهچندو رهندو هو.
چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ هڪڙو ايلچي اڪبر بادشاهه جو نشان ۽ ڪي جوڙا ڪبوترن جا کڻي وٽس آيو، تنهن تي وزيرن کي چيائين، ته ”ڪبوترن جي جوڙن موڪلڻ مان مراد آهي، ته هـُـن مون کان هنن جي داڻي جي تنخواهه جي گهر ڪئي آهي“. ٿوري وقت کان پوءِ ايلچيءَ کي عزت ۽ احترام سان موڪل ڏيئي، ڪوڻيءَ جي ٻج ۽ موٺن جي پاڙن جهڙا ڪي پاڻهي پيدا ٿيندڙ ڏٿ، ڳوٿرين ۾ وجهي، موڪلي، ڏاڍيءَ عاجزيءَ ۽ نياز سان عرض ڪيائين، ته ”حـضرت اعليٰ ڪبوترن جا چند جوڙا عنايت فرمائي، مون جهڙي ضعيف جهرڪيءَ کي شهباز جو مرتبو عطا ڪيو آهي، پر هاڻي مان انهن جي داڻي جي ڳڻتيءَ ۾ حيران آهيان، ڇاڪاڻ، ته هن زمين ۾ جيڪي پيدا ٿئي ٿو، سو انهن جي داڻي جي لائق نه آهي، جيئن نظر انور جي گذارش هيٺ ايندو، تنهن ڪري ]توهان جي[ بنده نوازيءَ مان اهائي اميد آهي، ته هن کان پوءِ حـضور اعليٰ خاص توجهه فرمائي، هن غيرآباد ڪنڊ ڏانهن ڪنهن قوت گذران جهڙيءَ شيءِ جي نوازش فرمائيندا!“
مير محمد طاهر، پنهنجي تاريخ ۾ مولانا جمال الدين کان، جو مرزا جي مقربن مان هو، نقل ڪيو آهي، ته ”هڪ ڏينهن روزنامچو منهنجي نظر تي چڙهيو، ]جنهن ۾ ڏٺم[ ته مولانا مير، مرزا جو بخل ڏسي، گهوڙن جي لڏ مان سڄي نڪرندڙ اَن جي عيوض سئسن تي سڀ ڪنهن فصل ۾ ڪي خرار ان مقرر ڪيو هو. هن خدمت جي عيوض مرزا جي مٿس خاص مهرباني ٿي ۽ ڪن هزارن توبچين ۽ توبخاني جو سردار بنجي ’آتش خان‘ جو لقب لڌائين.“
مطلب ته سندس برن ڪمن جون کنڌيون آهن، ٻڌندڙن کي ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايون! ]هو ملڪ جي[ حدن جو بندوبست رکي، آرام سان پنهنجي آڏو ملڪ جي آمدنيءَ ۽ خرچ جو دفتر رکي، ويهي رهيو. ڪو به ڏينهن ڏاڙهيءَ پٽڻ، نڪ ۽ ڪن ڪپڻ ۽ هاٿين جي پيرن ۾ ٻڌي گهٽين ۽ بازارين ۾ گهمائڻ جي سزائن کان خالي نه هوندو هو، جنهن ڪري ماڻهن جا هٿ آسمان ڏانهن کڄڻ لڳا ۽ ڦٽيل دليون خدا کي ٻاڏائڻ لڳيون. اوچتو سندس پٽ شاهه رخ جي موت جي خبر آئي، تنهن تي محل جي زالن جي سٿڻن ۾ ٻليون وجهارائي، سندن ببا وڍارائي ڇڏيائين ۽ مردن کي هاٿين جي پيرن سان ٻڌارائي گهٽين ۽ بازارن ۾ گهمايائين، چي: ”هنن منهنجو پٽ مون کان جدا ڪيو هو!“ نيٺ سڙي سڙي سندس جاءِ تي ]شاهه[ قاسم ارغون کي نصرپور موڪليائين(1).
آخر دلين جو دونهون آسمان تي وڃي تهه ڄمائي بيٺو ۽ اجل جي تيرن جي بارش مٿس وسڻ لڳي، ته هن کي ساهه جي خوف ورتو. پاڻيءَ ۽ مانيءَ تي سندس خاص معتمد ملڪ احمد جي مهر ٿيندي هئي. هن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر جنهن صورت ۾ تقدير پنهنجو ڪم ڪري چڪي هئي ۽ هڪ جهان جو خون سندس حياتيءَ جي شريان ۾ نشتر جيئن لڳي چڪو هو، تنهن ڪري هڪ رات، بي اختيار پلنگ تان اٿي، شمع وسائي، پنهنجي خاص ترار مياڻ مان ڪڍي، سندس چهنب پيٽ تي ۽ قبضو دريءَ جي طاق تي رکي، اهڙو ته زور ڏنائين جو ڦٽيلن جي دعا جي تير جي مدد سان ]71[ سندس پٺيءَ کان ظاهر ظهور نڪري آئي. پنهنجو ڪم پاڻ پورو ڪري، آنڊا هٿ ۾ جهلي، ديوانخاني ۾ ٻٽي قدم هلي ڪري پيو، ۽ گذاري ويو. هن جي نامعلوم موت ]جي سلسلي[ ۾ ڪي ئي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو تهمت هيٺ اچي گرفتار ٿيا. هيءَ پڻ سندس ظلم جي نشاني آهي، جو موت کان پوءِ به انهيءَ کان نه رهيو. اهو ]واقعو[ سنہ 993 هجريءَ ۾ ٿيو.
سندس قبر مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي مشهور معروف رانئڪ ۾ آهي. سندس حڪومت جو عرصو 13 سال هو.
اميرن صلاح ڪري سندس وڏي پٽ پائنده بيگ کي حڪومت لاءِ چونڊيو، پر هو پاڻ جنهن صورت ۾ چرٻٽ هو ۽ سندس پٽ جاني بيگ هڪ عقلمند جوان هو، تنهن ڪري انهيءَ کي قانوني صلاحڪار مقرر ڪري، ملڪ جو ڪاروبار سندس نگرانيءَ هيٺ تجويز ڪرڻ کان پوءِ، ٻنهي کي سيوستان کان گهرايائون. هيڏانهن مرزا ظفر خان به هڪ ڏينهن ۾ بدين کان اچي پهتو، اميرن کيس شهر کان ٻاهر ترسايو، جيستائين ٽئين ڏينهن پائنده بيگ ۽ جاني بيگ به اچي پهتا.
مرزا جاني بيگ
مرزا جاني بيگ جڏهن خليل مهردار، خسرو چرڪس، ملڪ محمد فراخي، شمس الدين سلطان، ملڪ جمال الدين ۽ ٻين اميرن جي فيصلي موجب، پيءَ جي زندگيءَ ۾ ئي حڪومت جي ڪاروبار جي ٻڌ ڇوڙ جو مالڪ ٿيو، تڏهن سياسي طور، خودڪشي ڪندڙ مرزا جي خون جي تهمتين کي دربار ۾ گهرائي، دريائي آبدار کي ٽوئن ۾ ويڙهي ساڙايائين، توشا خاني جي سنڀاليندڙ جي بدن ۾ ڪرٽ وجهي، مٿي کان پيرن تائين ٻه ٽڪرا ڪرائي، هر هڪ اڌ کي ذرا ذرا ڪرائي، بازار ۽ گهٽين ۾ اڇلارايائين، ڪن هندن کي سنگسار ڪرائي، ملڪ احمد کي بازار ۾ وهاري، پيرن کان مٿي تائين کـُـل لهرائي، سندس جسم ٻوٽيون ڪرائي، ڪتن آڏو ڦٽو ڪرايائين.
آفرين آهي ملڪ احمد جي بهادريءَ تي، سندس کل پير جي ننهن کان لاهي، مٿي جي کل سوڌو وات تائين آندائون، پر هن اف به ڪانه ڪئي ۽ نه پنهنجي جاءِ تان چـُـريو!
مرزا مظفر، جو شهر کان ٻاهر عاليجان ]جي ڪپ[ تي لٿو پيو هو، سو انهيءَ سياست کان ڊڄي پنهنجي وڪيل علي خان کي، جنهن تخت نشينيءَ لاءِ گهوڙي جي ڇمڪي (قمچي) ساڻ آندي هئي، پاڻ سان وٺي، اهڙو تڪڙو بدين هليو ويو، جو سندس ڪيترو سامان ۽ گهر جو فرش فروش اُتي ئي رهجي ويا. هو بدين وڃي ڪاهه ڪرڻ جي تياريءَ کي لڳي ويو.
مرزا جاني بيگ جي پنهنجي چاچي مظفر ترخان تي ڪاهه(1)
مرزا جاني بيگ ٻڌو، ته سندس چاچو بدين ۾ ڪاهه ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي، تڏهن اميرن کي چيائين ته اسان کان جيستائين هيءُ فساد بند نه ٿيندو، تيستائين حڪومت هلائڻ مشڪل آهي. آخر انهيءَ مهم جو تدارڪ سوچي روانو ٿيو. هوڏانهن مرزا مظفر، علي خان ڪوڪہ سان گڏ جنگ جي صلاح ڪري وڌيڪ ڪم صبحاڻي، تي ڇڏيو هو، ته رات جي پيٽ ۾ مرزا جاني بيگ بدين جي مغلن کي لکي موڪليو، ته ”جيڪڏهن مرزا مظفر ڪامياب ٿيندو، ته ضرور پنهنجن مائٽن، ڪڇي راجپوتن کي توهان سڀني تي ترجيح ڏيندو ۽ انهن جي رهڻ ڪري توهان جي زندگي زهر ٿيندي. هيءُ وقت ]توهان جي[ خدمت ڪرڻ جو آهي، ]باقي پوءِ[ انشاءَ الله تعاليٰ اسان جي طرفان توهان جون سڀ اميدون پوريون ٿينديون. جيڪڏهن ]هن وقت[ هن کان ڇنڻ چڱو نٿا سمجهو، ته صبحاڻي جنگ جي وقت پنهنجن خاص ماڻهن سميت پاسو ڪري وڃجو“ . اهڙي طرح پڪن انجامن سان ]72[ انهن ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪيائين.
ٻئي ڏينهن جنگ جي نوبت وڳي ۽ ٻنهي طرفن کان لڙائيءَ جي باهه جون ڄـِـڀيون بلند ٿيڻ لڳيون، تڏهن مرزا جاني بيگ جي لشڪر، مرزا مظفر جي ماڻهن کي، جي اڪثر ڪڇ جا راجپوت هئا، اچي تلوار جي هٿئون هٿ لڙائيءَ ۾ سوڙهو ڪيو. مرزا مظفر بدين جي مغلن کي لڙائيءَ تي ڏاڍو همٿايو، پر ڪارگر نه ٿيو. آخر [پنهنجي] لشڪر جو نفاق ۽ مرزا جاني بيگ جي فوج جو غلبو ڏسي پنهنجي ماڻهن کي چيائين ته ”جنگ ۾ مشغول رهجو، ته مان پنهنجي والده ۽ تعلقدارن کي پنهنجي سامان سميت اڳڀرو ڪري ٿو اچان“ . ]ائين چئي[ پاڻ تڪڙو تڪڙو ڀڄي وڃي ڪڇ جي راهه ورتائين. مرزا جاني بيگ جي چوڻ تي سندس خواه سندس همراهن جو سمورو سامان، جو ماڻهن جي گهرن ۾ رهيل هو، پڻ وهٽن تي لڏي سندس پويان موڪليائون، ۽ پاڻ قلعي ۾ داخل ٿي مغلن تي مهرباني جو هٿ رکي، انجام کان وڌيڪ نوازشن سان نوازي، سندن جاگيرون وڌايائين، ۽ رعيت جي، مرزا جي زماني وارن اڳوڻن، ڦٽن تي نوازشن جي مرهم رکيائين. مرزا مظفر وڃي ڪڇ جي والي بهاري راءِ وٽ پناهه ورتي.
مرزا جاني بيگ سوڀ ڪري، ٺٽي موٽي اچي مرزا باقيءَ جو سمورو گڏ ڪيل خزانو، لشڪر، اميرن کي بخشي، سارو حقدارن تي خرچ ڪيو، جنهن ڪري مرزا باقي جي زماني وارا ماڻهن جا ڦٽ ميٽجڻ لڳا ۽ سندس سخا ۽ احسان جي هير کان ماڻهو ائين ٽڙڻ لڳا، جيئن باغ بهار جي هير کان ٽڙندو آهي. عرب ڪوڪہ، يعقوب علي ڪوڪہ، رستام بيگ جهڙن پنهنجن ڪن خاصخيلين کي نهايت وڏن درجن سان نوازيائين. ملا گدا علي ولد مهتر علي کي ڀائي خان جو لقب ڏيئي پنهنجو وزير بنايائين.
چون ٿا، ته ٺٽي ۾ هن کان اڳ ضربخاني جو رواج ڪو نه هو، اڪثر فرنگي مهر واري اشرفي، تنگي ۽ ڊگهي لاري مروج هئي، مگر مرزا عيسيٰ ٽامي جو پيسو ايجاد ڪيو هو، جنهن کي ”عيسائي“ سڏيندا هئا. جاني بيگ انهيءَ کي گهٽائي ”ميري“ نالو ڏنو. ان جي ماڻ ۾ پڻ ڪمي ڪيائين. هن مان داناءَ ماڻهن بدفال ورتي ۽ ائين ئي ٿيو.
صادق محمد خان جو اچڻ
جڏهن مرزا باقيءَ جي موت، مرزا پائنده بيگ جي تخت تي وهڻ ۽ سندس پٽ مرزا جاني بيگ جي مدارالهاميءَ جي خبر، هندستان جي مالڪ جلال الدين محمد اڪبر جي حضور ۾ عرض ڪئي ويئي، تڏهن هڪ فرمان جاري ٿيو، جنهن جو مضمون هيءُ هو: ”جنهن صورت ۾ پراڻي زماني کان اسان جو خطبو پڙهڻ لازمي ٿا سمجهو، تنهن ڪري بهتر آهي، ته اڄ کان پوءِ سڪو، لائق تحفا ۽ سوکڙيون موڪلڻ پڻ شامل ڪري پنهنجو نالو غلامن ۾ داخل ڪرايو“ . انهيءَ فرمان جي پويان صادق محمد خان زبردست فوج سان هن علائقي تي مقرر ٿيو. مرزا جاني بيگ جواب ۾ لکيو، ته ”اسان قديم کان غلام آهيون، جيئن خطبي کي پنهنجي فخر جي چهري جي رونق سمجهون ٿا، تيئن سـِـڪو پڻ پنهنجي سرفرازيءَ جو سرمايو سمجهنداسون، باقي رهيو نذرانو، سو پڻ غلامن جي لاءِ اعتماد جو سامان آهي، پر ڪيترن سالن کان ملڪ ڏيي کان خالي هو، نوازش فرمائي ٿوري مهلت ڏيندا، ته جيئن هڪ غلام کي جڳائي، لائق تحفا هٿ ڪري، پنهنجي ڀاءُ مرزا شاهه رخ جي هٿان حضور ۾ پهچائيندس“ .(1)
ايتري ۾ صادق محمد خان اچي سيوستان جي قلعي کي وچڙيو. بلبل خان، کهوريو راءِ وغيره جيڪي ماڻهو قلعي ۾ رهندڙ هئا، تن اهڙي ته جنگ ڪئي جو ايندڙ ڪڪ ٿي، صفن جي لڙائي ڪامياب ٿيندي نه ڏسي، شهر جي گهرن جي پويان کاٽ هڻڻ جو حڪم ڪيو، ۽ ڀانيائين ٿي، ته اندرين ماڻهن کي ڪابه خبر ناهي، پر اندرين رڳو ڳالهه ٻڌڻ تي ]اڳينءَ ڀت[ کان به وڌيڪ مضبوط نئين ڀت کڻي ڇڏي. جنهن ڏينهن ]73[ صادق محمد خان کاٽ ۾ باهه ڏياري ۽ ٻاهرين ڀت اچي پٽ پيئي، ته انهيءَ کان به قوي نئين ڀت ظاهر ٿي. هن قلعي وارن جي عقل تي آفرين ڪري، قلعو فتح ڪرڻ طاقت کان ٻاهر سمجهيو ۽ جڏهن مرزا جاني بيگ انهيءَ پاسي آيو، تڏهن ته پوريءَ طرح مايوس ٿي تڪڙو تڪڙو پوئتي موٽيو، ۽ تعاقب جي خوف کان بکر وڃي ساهه کنيائين(2). مرزا جاني بيگ، مرزا شاهه رخ کي لائق تحفا ڏيئي ]شهنشاهه اڪبر[ جي حضور ۾ موڪلي، دلجاءِ ڪري غافل ٿي ويهي رهيو.
نواب خان جو اچڻ
حضور جلال الدين محمد اڪبر، صادق خان جي واپس اچڻ کان ڪاوڙجي، سنہ 999 هجريءَ ۾ عبد الرحيم خان خانان ولد بيرم خان کي مقرر فرمايو(1). مرزا جاني بيگ هيءَ خبر ٻڌي خشڪي خواهه دريائي لشڪر وٺي اچي نصرپور تعلقي جي بوهري ڳوٺ ۾ اونهي کاهي کوٽائي، هڪڙو ننڍڙو مضبوط قلعو ٺهرائي ويٺو. رستم بيگ کي ٻي فوج ساڻ ڏيئي سيوستان موڪليائين، ته وڃي اهو قلعو مضبوط ڪري، ۽ قلعي کان ٻاهريان گهر ڊاهي ميدان ڪرائي. اگرچه هيءُ سڀڪجهه ڪيائين، پر لڪيءَ جو جبل، جو شهنشاهه جي فوج جو لڪ هو، تنهن ڏانهن ڪو توجهه ڪو نه ڪيائين، بيشڪ! جڏهن زوال ايندو آهي تڏهن هوش حواس پراگنده ۽ عقل خطا ٿي ويندو آهي.
مرزا خان خانان لڪيءَ جي جبل وٽ پهچي، انهيءَ وڪڙ واريءَ جاءِ کي، جتان هڪڙو سوار به سخت مشڪل سان ٿي لنگهي سگهيو، ۽ جيڪڏهن انهيءَ کي ٿورو مضبوط ڪن ها، ته هڪڙو ماڻهو رڳو پٿرن ۽ ڀترن سان به هزارن جو مقابلو ڪري ها، ڏسي، عجب کائي، چيو، ته ”جڏهن دشمنن ههڙو گهـَـٽ اسان لاءِ کليو ڇڏيو آهي، تڏهن انشاءَ الله سندس ڪم جلد پورو ٿيندو“. پهريائين سيوستان جو قلعو فتح ڪرڻ گهريائين، پر پوءِ اهو خيال ڪري، ته جيستائين ملڪ جو مالڪ جو تختگاهه هٿ نه آيو آهي، تيستائين هن مٽيءَ جي ڍير مان ڇا ورندو؟ پهريائين ملڪ جي مالڪ ۽ تختگاهه کي تابع ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيائين، پوءِ هڪ دستو سيوستان جي قلعي کي گهيري ڪرڻ تي مقرر ڪري، انهيءَ وڪڙ واريءَ جاءِ مان ساري لشڪر سوڌو ٽپي، مرزا جاني بيگ تي ڪاهيائين. مرزا جاني بيگ انهيءَ لڪ ٽپڻ تي ڏاڍو افسوس کاڌو، پر ڪم هٿ کان نڪري چڪو هو، ]افسوس مان[ ڪهڙو فائدو؟ مرزا خان خانان ڪامياب ٿي ٿوري ئي وقت ۾ ڏاڍي شان شوڪت سان اچي مرزا جاني بيگ جي قلعڙي جي سامهون ڇانوڻي هنئي.
چون ٿا، ته جڏهن خان خانان هن ڏکي مهم کي سرانجام ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو هو، تڏهن هو صادق خان جي ]ناڪامياب ٿي[ موٽي اچڻ ڪري، ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو هو، ۽ جتي به ڪو اهل الله ٿي ڏٺائين، تنهن کان پنهنجي فتح لاءِ دعا جي درخواست ٿي ڪيائين، هڪ بزرگ کان نقل آهي، ته ڪنهن اهل الله کيس ٻڌايو، ته ويجهڙائي ۾ جناب ڪرامت ماب شيخن جو شيخ مخدوم نوح هالا ڪنڊي (هالائي) عليه الرحمته، هالا ڪنڊي (هالن) ۾ گذاري ويو آهي، جيڪڏهن انهيءَ جي فاتح خوانيءَ لاءِ توهان اڳ ۾ پهتا ته توهان ڪامياب ٿيندا، پر جيڪڏهن مرزا جاني بيگ اڳ ۾ پهتو، ته پوءِ اهو اڳرو ٿيندو. الله پاڪ جي تائيد جو اتفاق ڏسو، جو جاني بيگ ايتري ويجهڙائيءَ هوندي به انهيءَ رحماني بخشش جي خزانن جي ڪـُـنجي (مخدوم نوح) جي فاتح خوانيءَ جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا پهتوئي ڪين هو، ته (خان خانان) وچان گوءِ کڻي ويو.
جنگ جي ڪيفيت
جڏهن ٻئي لشڪر اچي هڪ ٻئي جي پاسي ۾ لٿا، تڏهن ڪيترا مهينا سندن وچ ۾ خشڪي خواهه پاڻيءَ تي اهڙي ته سخت لڙائي هلندي رهي، جنهن کان شينهن جو پتو پاڻي ٿي ٿيو، ]47[ ۽ ٻنهي طرفن کان ڪارائتا ماڻهو ڪم ايندا (قتل ٿيندا) ٿي رهيا. آخر فيصلا ڪـُـن لڙائيءَ جي ]هڪ ٻئي کي[ دعوت ڏنائون. ٻنهي طرفن کان لشڪر تمام گهڻو هو، تنهن ڪري امتياز خاطر هندستانين پٽڪن ۾ تير چڀايا هئا، ۽ سنڌين وونڻن جون سايون ٽاريون لڳايون هيون. آخر اهڙي جنگ لڳي، جنهن جي ڪميت ۽ ڪيفيت جي اندازي لڳائڻ کان عقل جي تارازي عاجز آهي. هٿئون هٿ لڙائي شروع ٿي، ته مرزا جاني بيگ جو پاسو تمام چڙهندو ڏسڻ ۾ آيو. خان خانان پنهنجي لشڪر جي شڪست ڏسي، الله پاڪ جي حضور ۽ شهنشاهه جي اقبال جي امداد ڏانهن رجوع ڪيو، ۽ الله پاڪ ۽ شهنشاهي بخت جي تائيد سان، مرزا (جاني بيگ) جي لشڪر جي عين غلبي وقت، هڪ مست هاٿي لشڪر جي اڳيان ٽهي فوج کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو، تنهن سان گڏ وري سندس سامهون سخت واءُ گهلڻ لڳو، جنهن ڪري اوچتو ٽاڪوڙو پئجي ويو ۽ عين غلبي جي حالت ۾ مغلوب ٿي وٺي ڀڳا، ۽ آيت ڪريمہ ”يَوْمَ يَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ“ (1) جي مصداق ظاهر ٿي. پندرهن ماڻهن کان سواءِ، مرزا جاني بيگ اڳيان ڪو ڪونه رهيو. مرزا سـِـر سـَـٽ ۾ ڏيئي بيهي رهيو، پر شاهه قاسم ارغون نهايت زور سان کيس اتان ڪڍي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو. مرزا جي فوج هن پريشانيءَ ۾ گهڻي تلف ٿي ويئي. ٻپهريءَ جي قريب مرزا انڙپور پهتو، جنهن صورت ۾ ڪو به بيلدار هٿ ڪونه آيو ۽ زمين وارياسي هئي، تنهن ڪري تڏا هڪ ٻئي سان سبي، واريءَ سان ڀري، سانجهي تائين ماڻهوءَ جي قد جيتري پناهه کڙي ڪيائون. هوڏانهن خان خانان پڻ تعاقب ڪري، ڊوڙي اچي خندق هڻي ويٺو ۽ رسد جي آمد رفت جو رستو بند ڪري ڇڏيائين. جاني بيگ پيءُ کي لکيو، جو شهر کي لڏائي، ويران ڪري، وڃي ڪلان ڪوٽ جي قلعي(1) ۾ ويٺو، جنهن جي ههڙي ڏينهن لاءِ مرمت ڪرائي ويئي هئي. ساڳيءَ طرح هر هڪ ڳوٺ ۽ ديهه جي ويران ڪرڻ جو حڪم ڏيئي، پاڻ ٿورو لشڪر گڏ ڪري، سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو.
چون ٿا، ته هڪڙو مهينو ٺٽي ۾ ڏاڍي بربادي رهي. هيڏي ساري عاليشان شهر کي باهه ڏيئي ڇڏيائون. ماڻهن جو پوريل مال ڦورو کوٽي کڻي ٿي ويا. اٺ جي ڪرايي ۾ سامان جو اڌ ورتو ٿي ويو.
خان خانان هي حال ڏسي چؤطرف صوبيدار موڪليا، جن نيرون ڪوٽ جو قلعو محمد امان ترخان ۽ قاسم علي وڪيل کان ڇڏايو. ٻئي طرف شاهه بيگ خان، ابو القاسم ارغون جي هٿان شاهه ڪرهه (ساڪرو) کسيو، تنهن کان سواءِ چاچڪان جو پرڳڻو پڻ اُتي جي ماڻهن کي امان ڏيئي ضابطي هيٺ آندائون. هيڏانهن وري مرزا جاني بيگ جو پيءُ پائنده بيگ ۽ پٽ ابو الفتح عمر ۽ ملڪ جو سرمايو برباد ڪيو (مري ويا). مرزا جاني بيگ هيءُ سڀ ڳالهيون ٻڌي، باوجوديڪ خان خانان جي لشڪر، مورچا سندس قلعي سان ويجها ڪري، ڳالهه هن حد کي پهچائي هئي، جو ٻنهي طرفن جا سپاهي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ هڪ ٻئي تي پٿر ۽ لٺيون اڇلائيندا هئا- مردانگيءَ جو ڪو به دقيقو پوئتي نه ڇڏيو ۽ ساڳيءَ طرح جانبازيءَ واري قدم تي قائم رهندو آيو.
باب ڏهون: مغل سلطنت ۽ ان جا گورنر
خان خانان ڏٺو، ته جاني بيگ ۾ جيستائين جان آهي تيستائين، هو پنهنجي ننگ ۽ ناموس کان پوئتي نه پوندو، ۽ سندس سرويچي خبر ناهي، ته کيس ڪهڙا ڏينهن ڏيکاري؟ تنهن ڪري بهتر آهي، ته کيس پڪن وعدن جي دام ۾ ڦاسائي صلح جي رستي تي آڻجي. اهو خيال ڪري، هڪ هوش وارو ايلچي، مرزا جاني بيگ ڏانهن موڪلي پيغام ڏنائينس ته ”توهان ۽ اسان اصل ۾ هڪ گهراڻي يعني صاحبقران جا غلام آهيون، ۽ هڪ ئي گهراڻي جا ٻانها آهيون، ]75[ جيڪڏهن آسماني تقديرن کان هڪ ٻئي کان درو ٿياسون، ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانه آهي. هنن جنگين ۾ تو جهڙي بي نظير بهادر جي هٿن ۽ دل جيڪا بهادري ڏيکاري آهي، سا زماني ۾ يادگار رهندي، ليڪن معلوم هجڻ گهرجي، ته ٻئي طرف هندستان جي چئني طرفن جي مالڪ شهنشاهه جو لازوال اقبال آهي، جنهن جي بندگي وقت جي بهادرن ۽ رستمن جي نام و ننگ جو سرمايو آهي. جنهن حڪومت هن درگاهه ]جي چائنٺ تي[ سر نه رکيو، تنهن تي انيڪ مصيبتون آيون. هن کان وڌيڪ، خلق جي خونريزيءَ جي ڪوشش ڪرڻ، پنهنجي پياري ساهه، کان هٿ ڌوئڻو آهي، ۽ جيڪڏهن زمين و زمان جي وارث (شهنشاهه اڪبر)، جو وقت جو اولو الامر(1) آهي، جي بيفرمانيءَ جي آوه ۾ پياري جان هڄي ويئي، ته پوءِ عزت ۽ ناموس، شان ۽ شوڪت، جي سڀ انهيءَ مقصد جا مقدما آهن، ڪٿي رهندا؟ توهان جي وقار ۽ اعتماد لاءِ آءٌ ضامن آهيان، تنهن ڪري بهتر آهي، ته هٿان ويل ڪم کي وري هٿ آڻيو“ .
چون ٿا مرزا جاني بيگ جو جيڪو ٿورو لشڪر وڃي بچيو هو، تنهن جي تنگي ۽ تڪليف جي هن وقت حد ٿي چڪي هئي، ۽ سڀئي مئلن جي ماتم ۾ ڪپڙا نير ۾ رڱي، ماتم جا ڪپڙا پهري، سر تريءَ تي رکيو ويٺا هئا. خود مرزا پڻ پيءُ، لشڪر ۽ ملڪ جي برباد ٿيڻ جي غم ۾ ڇا ٻڌايان ته ڪهڙي حال ۾ ويٺو هو؟ پر جڏهن ايلچي آيو، تڏهن ڏيکاءُ لاءِ اهڙو، ته ٺاهه ٺوهه ظاهر ڪيائين، جو خان خانان کي پڻ ٻڌي تعجب ٿيو. آخرڪار سوال جواب کان پوءِ محمد علي ڪابليءَ کي ايلچي سان گڏي خان خانان ڏانهن موڪليائين.
چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ مرزا جي لشڪر جي ڪجهه حـصي، ڳجهه ڳوهه ۾ خان خانان ڏانهن امان طلبيءَ جون عريضيون لکيون هيون. بهرحال پڪن انجامن وٺڻ کان پوءِ، اهو فيصلو ٿيو، ته هڪ ٻئي ڏانهن سوکڙين پاکڙين جو رستو کليل رهڻ ڏجي، سپاهي پڻ هڪ ٻئي سان ميل ميلاپ ۽ آمد رفت جو رستو رکي، دلين مٿان دشمنيءَ جي ڪـَـٽ لاهين، ۽ مرزا پنهنجن ماڻهن کي هر هنڌان گهرائي، قلعن جون ڪنجون حوالي ڪري، جيئن خان خانان جا ماڻهو وڃي ]انهن تي[ قبضو ڪن، تنهن کان پوءِ ٻنهي اميرن جي ملاقات انهيءَ واهه تي ٿئي، جو ٺٽي علائقي جو وچ آهي.
چون ٿا، ته مٿين شرطن پوري ٿيڻ کان پوءِ، پهريائين مرزا، پويان خان خانان، ٺٽي روانا ٿيا. فيصلي موجب، واهه وٽ، ڪن جي چوڻ موجب، سواريءَ جي حالت ۾ هٿ ملايائون، ۽ ڪن جي چوڻ موجب، پيادا ٿي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پاتائون، ۽ ٿوري ويهڻ کان پوءِ وري سوار ٿيا. مرزا حضور ۾ حاضر ٿيڻ جي تياري ڪرڻ لاءِ تغلق آباد ]ويو[، ۽ خان خانان رعيت جي دلجوئي ڪرڻ لاءِ ٺٽي ۾ ويٺو. مٿين صلح جو واقعو سنہ 1000 هجريءَ ۾ ٿيو.
مرزا جاني جي والد مرزا پائنده بيگ جي حياتيءَ جو عرصو، تخت نشينيءَ کان وٺي هن واقعي تائين، ست سال هو ۽ مرزا جاني پيءُ کان پوءِ ]صرف[ يارنهن ڏينهن خود مختيار رهيو، انهيءَ کان پوءِ ملڪ هٿان نڪري ويو، جيئن بيان ٿيو. هن طبقي جي سموري حڪومت 38 سال رهي، تنهن کان پوءِ (مغل) اميرن جي سلسلي ۾ شامل ٿي ويا.
رعيت جي دلداري ۽ ملڪ جي پوريءَ طرح بندوبست ڪرڻ کان پوءِ، خان خانان جي دل ۾ ٿورو سمنڊ جي سير ڪرڻ جو خيال جاڳيو، تنهن ڪري مرزا جانيءَ کي پاڻ سان ]76[ وٺي وڃي لاهري بندر جي کاريءَ تان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو. اتي سندس دل ۾ وهم پيدا ٿيو، ته ’مون ڪهڙو نه برو ڪم ڪيو آهي جو پاڻ کي دشمن جي هٿان ههڙي جاءِ تي آندو اٿم!‘ مرزا دانائيءَ سان سندس تغير جو اثر معلوم ڪري، چيو، ته ”خان کي دلجاءِ ڪرڻ گهرجي، اسان ماڻهو ٺڳي ڪرڻ وارن مان نه آهيون“. خان خانان اُتان جلدي موٽي آيو.
چون ٿا، ته هڪڙي ڏينهن خان خانان، مرزا کي چيو، ته ”ڏٺئي، توکي ڪيئن نه حيلي سان هٿ ڪيم؟“ مرزا وراڻيو، ته ”بيشڪ، پنهنجي حيلي جا پاڻ اقراري ٿيا آهيو، الحمد الله جو اسان جي طرفان ڪو حيلو ڪو نه ٿيو“. نقل آهي، ته خان خانان چوندو هو، ”مرزا جي جواب کان جهڙو شرمندو ٿيس، تهڙي شرمندگي ڪڏهن ڪانه ٿيم“.
خان خانان جو مرزا جاني بيگ کي ساڻ وٺي شهنشاهه جي حـضور ۾ وڃڻ
خان خانان جڏهن ڏٺو، ته مرزا پنهنجي سفر جي تياري ڪئي آهي، ۽ پاڻ به ملڪ جي ]ڪاروبار جي[ دلجاءِ ڪيائين، تڏهن بادشاهي حڪم موجب، دولت خان لوڌيءَ کي ٺٽي جي حڪومت تي ڇڏي پاڻ حضور ڏانهن روانو ٿيو، اگرچ مرزا، خان خانان سان چڱيءَ طرح گهرو ٿي ويو هو، تڏهن به هميشہ ڳڻتي هوندي هيس، ته ]اڪبر بادشاهه[ جي حـضور مان ڇا پيش ايندو؟ پر بلند بخت جي اتفاق سان جڏهن آستان بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيائين، تڏهن دنيا جي شهنشاهه مٿس مهربانيءَ جو پاڇو ڪري، ٽن جاين: سيوستان، ضربخاني ۽ لاهري بندر کان سواءِ سڄو ملڪ کيس موٽائي ڏنو. هو پاڻ حـضور ۾ رهڻ لڳو. هوڏانهن لوڌي خان کي حڪم ٿيو، ته سڀني اميرن جي دستور موجب، مرزا جي حرم کي پڻ نوروز جي ڏينهن درگاهه ۾ حاضر ڪري. مرزا تي اگرچ ڏاڍيون نوازشون ٿيون هيون، تاهم هيءُ حڪم ٻڌي مـُـنجهي پيو. خان خانان کيس دلاسو ڏيئي چيو، ته ”هي اسان اميرن جو فخر آهي“. مرزا وراڻيو، ته ”اسان اڄ تائين هيءَ رسم نه ڏٺي آهي. اسان هڪدم ڪيئن ههڙي، مستورات جي دور دراز پنڌ تان اچڻ جي، بدناموسي برداشت ڪري سگهنداسون؟ شايد پاڻ کي مارڻو پوندو!“ تنهن تي خان خانان حـضور ۾ عرض ڪيو، ته ”نوروز ويجهو اچي پيو آهي ۽ مرزا جي قبائل اچڻ لاءِ ڊگهو عرصو گهرجي، جيڪڏهن هن ڀيري ملتوي ڪيو وڃي، ته مناسب آهي“ . بادشاهه ڪمال مهرباني فرمائي انهيءَ خيال کي درگذر ڪيو، ۽ حڪم ٿيو، ته مرزا جاني بيگ ملڪي ڪاروبار ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽ ڏانهن وڪيل موڪلي. جنهن تي شاهه قاسم ارغون، خسرو خان چرڪس، ڀائيخان، عرب ڪوڪہ ۽ جمال الدين ديوان، مرزا غازي بيگ، جو اڃا ننڍو هو، جي خذمت ۾ روانا ٿيا، ۽ حرمن کي به بکر کان واپس موٽائي، ٺٽي پهچي اچي ملڪ جي ڪاروبار کي لڳا.
مرزا جاني سنہ 1008 هجريءَ تائين اٺ ورهيه شهنشاهه زمين و زمن جي خذمت ۾ رهي، نمايان ڪم ڏيکاري، گذاري ويو. بادشاهه جي حڪم موجب، خواجہ محمد قوربيگ سندس لاش ٺٽي کڻائي اچي مڪليءَ تي مشهور رانئڪ ۾ دفن ڪرايو.
مرزا غازي بيگ
بادشاهي حڪم موجب، مرزا غازي بيگ پيءُ کان پوءِ خودمختيار ٿي تخت تي ويٺو. اميرن جو کيس ننڍپڻ ۾ ڏٺو هو سو، سندس ڪا به عزت نٿي ڪيائون. سندس ڀاءُ مرزا ابو الفتح جي زندگيءَ ۾، هڪ ڏينهن هيءُ سڀ سوار هئا ۽ هن ]78[ (ابو الفتح) جي تعظيم خاطر هن کي پوئتي ڇڏي ڏنو هئائون. انهيءَ ننڍپڻ جي وقت چيو هئائين ته ”جيڪڏهن مون کي حڪومت ملي، ته هنن بد باطن ٻه اکيائي ڪندڙن سان ڇا نه ڪندس!“ جيئن ته الاهيءَ تقدير موجب، مرزا ابو الفتح اڳڀرو وفات ڪري ويو هو، جهڙيءَ طرح بيان ٿي آيو، ۽ هن وقت هي ملڪ جو والي ٿي ويٺو، تنهن ڪري پنهنجي ڪاروبار ڏانهن توجهه ڪرڻ لڳو ۽ هو پڻ ظاهر داري ڪرڻ لڳا. يعقوب علي ڪوڪو منڊو، استاديءَ واري وقت ۾ ڏاڍي تڪليف ڏيندو هئس، ۽ مرزا جنهن به ماڻهوءَ کي سروپاءِ بخشيندو هو، ته پرپٺ انهيءَ کان کسي، هزارين حيلا هلائي، انهيءَ کي ]مس مس[ انعام جي ڏهين پتي ڏيندو هو. پهريائين ٻين جي عبرت واسطي انهيءَ جي جاگير ملا يعقوب کي، جو ننڍي هوندي سندس مڪتب جو پيش امام هو، ڏنائين. ظاهر ۾ پيءُ جي وڪيلن تي مهرباني ۽ انهن جي خاطرداري ڪندو آيو، پر ]اندروني طور[ پنهنجن خاص ماڻهن تي هٿ رکڻ لڳو. عرب ڪوڪہ ۽ ڀائيخان هن کي خيال ۾ ئي نه آڻيندا هئا، نادانن ائين نٿي ڄاتو، ته ”بزرگي به عقل است نه بسال“ (بزرگي عقل تي آهي نه عمر تي). پوءِ ته انهيءَ بلدن فطرت صغير پنهنجي حالت کي روز بروز تقويت ڏيئي، پهريائين شهبازيءَ کي، جو ڪتن ۽ ڪبوترن جي سنڀال ڪندو هو، نوازي، شهباز خان جو خطاب عطا ڪري، مدار المهام بنايو. پر جيئن سمجهيو هئائين تيئن نه ٿيو، تنهن تي احمد بيگ کي عام مختيار بنائي، مولي نالي هڪ هندو نوڪر کي ’دولتراءِ‘ جو لقب ڏيئي، ماليات ان جي حوالي ڪيائين. احمد بيگ اڳين سڀني وڪيلن کي نظر انداز ڪري، ڏاڍي دور انديشيءَ سان ملڪ جي آمدني مان، جنهن تي اميرن ۽ وڏن ماڻهن قبضو ڪري، مرزا کي هڪ هڪ ويلي جو محتاج بنائي ڇڏيو هو، لکين رپيا وڌيڪ پيدا ڪيا. هاڻي جڏهن مرزا کي دل گهريو وڪيل ملي ويو، تڏهن هن رعيت ۽ سپاهين تي رعايت جو هٿ رکي، سڀني جا مواجب ۽ پگهارون وڌائين کين راضي ڪيو، ۽ خود پرست اميرن کي دل تان وساري بيڪار ڪري ڇڏيو. سندس جاگيرون هوريان هوريان وٺي، خالصه ڪري ان جي عيوض کي نقدي مواجب مقرر ڪري ڏنا. قصو مختصر، ته ننڍي ڄمار هوندي به پنهنجو ڪاروبار بلند درجي تي پهچائي، ٿورن ئي ڏينهن ۾ جيئن گهرجي تيئن خودمختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو. احمد بيگ کي ’احمد سلطان‘ جو لقب بخشيائين.
ابو القاسم سلطان جو باغي ٿيڻ
مرزا جي ڪاروبار مٿئين نموني سان استقلال ورتو، ته پهريائين محمد علي سلطان ڪابلي، جنهن جو پٽ محمد معين پنهنجي مامي نالي سيور علي(1) سميت، ]مرزا غازي جي[ پيءُ وارن ڏينهن ۾، مرزا غازيءَ جي ڪچهريءَ ۾ شطرنج بازيءَ تان ڪاوڙجي، نديم ڪوڪہ ۽ قاسم علي ڪوڪي کي ڦـَـٽي،ڪچهريءَ مان نڪري ويو هو، ۽ ٻئي ڄڻا پنهنجي حويليءَ جي در تي قتل ٿيا هئا، سو ]فقط[ هڪ مست هاٿيءَ ڪاڻ، جنهن جي گهرائڻ لاءِ مرزا پنهنجو خاص ماڻهو جهنگلي شاهه موڪليو هو، بغاوت جو دم هڻي، لڙائي لاءِ تيار ٿي بيٺو. مرزا هي ٻڌي چيو، ته ”هيءُ سارو ڪم خسرو خان چرڪس جو آهي، پهريائين انهيءَ کي هٿ آڻڻ گهرجي“ . هو مرزا عيسيٰ خان جو دلي دوست هو، تنهن کيس خبر ڏيئي، واقف ڪيو. اتي مرزا غازيءَ سمجهيو، ته خسرو خان کان به مرزي عيسيٰ جو ڪم ]پورو ڪرڻ[ مقدم آهي، جنهن تي هو ڀڄي وڃي پنهنجن ناناڻن سميجن ۾ ويٺو، ۽ چوڻ لڳو، ته ”ٺٽي ۾ اڄ سڀاڻ فساد ٿيندو، جنهن ۾ اسان به ڪانه ڪا ڪنڊ هٿ ڪنداسون“ . مرزا غازيءَ جو بخت زور هو، نه ته مرزا باقيءَ جو پٽ مظفر ڪڇ ۾، ۽ مرزا عيسيٰ ترخان سميجن ۾ ڪي گهٽ نه هئا.
ايتري ۾ ]78[ ابو القاسم سلطان ولد شاهه قاسم خان ارغون، جو ڊگهي عرصي کان نصرپور جي پرڳڻي جو حاڪم هو ۽ بهادريءَ ۾ سندس مثال ڏنو ويندو هو، مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾، سوڍن کي ڪڍي، ڪيترا ڏينهن عمر ڪوٽ جي قلعي تي متصرف رهيو هو، ۽ آخر سندس پيءُ کيس پنهنجي صوبي ۾ موٽائي آيو هو، سو، باوجوديڪ سندس ڀيڻ مرزا جانيءَ جي گهر ۾ هئي، ۽ پنهنجي ڌيءَ پنهنجي ڀاڻيجي مرزا ابو الفتح سان مڱائي هئائين، جا هن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ مرزا غازيءَ جي نالي ڪئي هئائين، چوڻ لڳو، ته ”مرزا غازي ڪير آهي، جو منهنجي هوندي سندس ملڪ تي نوان نوازيل ماڻهو اقتدار ڄمائين!“ ]ائين چئي[ اول انهن واپارين کي ڦريائين، جي ٺٽي کان اوڏانهن وڃي رهيا هئا.
مرزا جي انهيءَ باري ۾ لکڻ تي جواب ڏنائين ته ”توهان ۽ اسان جي وچ ۾ هيءُ ’بارگاهه واهه‘ حد آهي، توهان کي پنهنجين حدن جو فڪر ڪرڻ گهرجي، ۽ هيڏانهن جي نيڪيءَ بديءَ جو نالو نه کڻو. ٻيءَ صورت ۾، اسان پنهنجي حد ’عاليجان‘ جي ڪناري تي ڪنداسون“ . اهو خط لکي، اهڙوته فساد برپا ڪيائين جو خشڪي خواهه پاڻيءَ جون اچڻ وڃڻ جون سموريون واٽون بند ٿي ويون. هن واقعي تي اڳوڻا ترخان ۽ ارغون امير خوش ٿيڻ لڳا، ته خود سر مرزا اجهو ٿو برباد ٿئي. هوڏانهن بزرگ فطرت مرزا، ظاهر ۾ انهن تي نوازشون ڪري کانئن مدد جو طلبگار ٿيو، ۽ باطن ۾ پنهنجن نون نوازيلن کي نئين انتظام سان نوازڻ لڳو، ته جيئن منافقن کان باخبر رهي، ڪو اهڙو ڪم ڪري ڏيکارين جو دشمن جي برباديءَ جو سبب ٿئي.
مرزا غازيءَ جو ابو القاسم سلطان سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرڻ
مرزا، دشمن جي بيخ ڪنيءَ کي ملڪ جي پائداريءَ جو سبب سمجهي، لشڪر وٺي ٺٽي کان نصرپور تي ڪاهيو. رستي ۾ دشمنن جي راتاهي جي خوف کان هر هنڌ کاهيون کوٽيندا، ]رهندا[ اچي ڪاتيار ۾ پهتا. اتي کاهي کوٽي، ڇانوڻي هنيائون. ابو القاسم سلطان، ڪي چالاڪ جوان ساڻ وٺي، اچي پيادو کاهيءَ ٻاهران بيهي آواز ڏنو، ته ”فلاڻو (ابو القاسم) دعا سلام چئي پڇي ٿو، ته ’توهان جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟‘ ابو القاسم اهڙو هيڻو ناهي جو توهان جي ڪاهه کان ڊڄي، راتاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري. دلجاءِ ڪري صفن جي جنگ جي تياري ڪريو“ . هيڏانهن جواب ڏنو ويو، ته ”هو پنهنجي سر ۽ ساهه جو دشمن ٿي بيٺو آهي، جيسين اهي برباد نه ڪندو تيسين ]آرام سان[ نه رهندو“ . قصو ڪوتاهه، مرزا اتان نڪري، ساڪري جي سامهون منزل ڪري، مورچا قائم ڪيا.
چون ٿا ته، ابو القاسم جوانيءَ جي مستيءَ ۽ هٺ ۾ ڀرجي قلعي جي ڀت تي چڙهي، سپاهين کي پئي چيو، ته ”مرزا جانيءَ جي والده پنهنجي پيءُ کي ڏيندس، محمد باقي ۽ سڀني ترخانن جون ڌيئرون اوهان کي ورهائي ڏيندس، هن جي نوڪرن جون جاگيرون پڻ توهان کي عطا ڪندس!“ پر غافل کي اها خبر نٿي پيئي، ته تقدير کيس ڪهڙا ڏينهن ڏيکاريندي، ۽ کيس نمڪ حراميءَ جو ڇا نتيجو ملندو؟
صلح جي حقيقت
ابو القاسم سلطان جي والد شاهه قاسم، دور انديشيءَ ۽ عقلمنديءَ کان ڪم وٺي، دل ۾ چيو، ته ”سندس پٽ هيءُ ڪم برو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي مربيءَ سان فساد هميشہ جي خواريءَ جو سبب آهي، خصوصاً اهڙي ملڪ جي مالڪ سان جو روءِ زمين جي بادشاهه جو مقرر ڪيل آهي، مخالفت ]79[ ڪرڻ، پنهنجي بدبختيءَ جي نشاني آهي. بهتر ائين ٿيندو، ته مرزا جي خدمت ۾ پٽ جي جان بخشي ۽ گناهن جي معافيءَ جي درخواست ڪري، هن ]قصور[ جو تدارڪ ڪيو وڃي“ . ڀائيخان، انهيءَ خيال کان، ته هن فساد بند ٿيڻ کان پوءِ مرزا جي دربار ۾ سندس عزت نه رهندي، صلح کان روڪيندو ٿي آيو. مرزا جي فدائين کيس (مرزا کي) اها ڳالهه دل تي وهاري، ڪاري نالي نوڪر جي هٿان ڀائيخان کي زهر ڏياريو(1). هو بيمار ٿيڻ کان پوءِ موڪل وٺي ٺٽي روانو ٿيو، ۽ گهر ۾ پهچڻ سان گذاري ويو. انهيءَ روڪ دفع ٿيڻ کان پوءِ، ابو القاسم سلطان پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ مقيم سلطان جي معرفت مرزا جي خذمت ۾ حاضر ٿي، ٿوري وقت کان پوءِ موڪل وٺي موٽي ويو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ڏينهن آمد رفت ڪندو رهيو.
بو القاسم سلطان کي انڌي ڪرڻ جي حقيقت
چون ٿا، ته ابو القاسم سلطان ڏاڍو سخي ۽ مـُـخير هو، پر ريل جي درويشن جو چوپايو مال ڦريو هئائين، سو اُهي هڪ ڏينهن ڏاڍا رنج ٿي گڏجي ويهي چوڻ لڳا ته ”انهيءَ بدلي وٺڻ لاءِ غيب جي بٿيءَ مان تير ڪڍي، هن ظالم کي هڻڻ گهرجي.“ تنهن تي هڪڙي چيو، ”احسان ۽ سخا ڪرڻ ڪري سندس سڀ عضوا ]خدائي[ حفاظت جي زرهه ۾ محفوظ آهن، مگر سندس اکيون انهيءَ کان خالي آهن، جيڪو انهن کي نشان بنائي سگهي، ته ڀلي ڪري.“ اتفاقاً انهيءَ ويجهڙائيءَ ۾ هوڏانهن اهو واقعو ٿيو، ۽ هيڏانهن مرزا پنهنجن خاص ماڻهن کي چيو، ته ”ابو القاسم تي اعتبار ڪونه اٿم، ۽ سندس جان بخشيءَ جو قسم کڻي چڪو آهيان، تنهن ڪري کيس اکين جي نور کان محروم ڪري بيخوف ٿيڻ گهرجي“ . اهو ٺهراءُ ڪري، هڪڙي ڏينهن ڊونڊيءَ جو سير مقرر ڪري، انهيءَ واهه مان لنگهي، جو سندس (ابو القاسم) جي ديري جي سامهون هو، درياءَ جي ڪناري تي ساوڪ ۾ وزيرن سان مجلس قائم ڪيائين، ۽ فيصلو ٿيو، ته سڀڪو هٿيارن ۽ ماڻهن کان سواءِ حاضر ٿئي. اتي ويهي، ابوالقاسم سلطان ڏانهن ماڻهو موڪليائين ته ” ’چنيسر نامہ‘ پاڻ سان کنيو اچج، ته هن تفريح گاهه ۾ انهيءَ شغل ۾ مشغول ]رهون[.“ هو ڏاڍي شوق سان اهو ڪتاب کڻي، جو سندس نالي تي تصنيف ٿيو هو، دستوري شان شوڪت سان سوار ٿيو. اڌ واٽ ۾ کيس محمد علي سلطان ڪابليءَ جو خط مليو، جهن ۾ کيس خبردار ڪيل هو، پر ڇاڪاڻ ته تقدير سندس ڪم پورو ڪري چڪي هئي، تنهن ڪري اهو خط بنا پڙهڻ جي کڻي کيسي ۾ وڌائين. مرزا جي دربار ۾ لهڻ کان پوءِ دربان کيس ٻڌايو، ته ”مرزا ڪن ٿورن وزيرن سان هن ڀر سير ڪري رهيو آهي، توهان اڪيلا تشريف وٺي وڃو.“ هو غرور ۽ تڪبر وچان سڀ ماڻهو ديوان خاني ۾ ڇڏي، فقط هڪ ماڻهوءَ سان وڃي ڊونڊيءَ ۾ چڙهيو، جنهن ۾ مرزا جا ڪي ماڻهو ويٺل هئا. جنهن وقت وچ واهه ۾ پهتا، تڏهن بابا علي دل جو نهايت قداور ۽ سـَـگهو مڙس هو، تنهن ٽپو ڏيئي کڻي سندس ٻئي هٿ پٺيان محڪم ڪري جهليا. پوءِ ته هڪڙي سندس پڳ لاٿي ۽ ٻئي ترار ۽ جمدر کسيا، ۽ مضبوط ٻڌي مرزا ڏانهن خبر موڪليائون. حڪم ٿيو، ته ”اتي ئي سيخون تپائي، سرائيءَ وانگيان سندس اکين ۾ گهمايو“ ، جنهن کان هن جا ٻئي تارا واسدانيءَ وانگيان جهانجهرا ٿي پيا. بس پوءِ ته کيس پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي، سندس ديري جي لـُـٽڻ تي ماڻهو ڇڏيائون. سندس رفيق، جي سڀ بهادريءَ جي دعوا ڪندڙ هئا، نهايت برباديءَ سان لـُـٽجي ويا. سندس عزيز جعفر علي ارغون ڪجهه ڌڪ هنيا، پر گرفتار ٿي پيو، ۽ ٻيا ماڻهو امان وٺڻ لاءِ وڃي مرزا جي ماڻهن جي چادرن ۾ لڪا. ديري کي ڦـُـري لـُـٽي، لشڪر ساڪري وڃي سندس سمورو مال ]80[ هٿ ڪيو، پر هن جي تعلقدارن کي ڪو به ايذاءُ نه ڏنو. تنهن کان پوءِ ابوالقاسم ۽ جعفر عليءَ کي ٻيڙيءَ ۾ وجهي، عرب ڪوڪي جي نوڪر دريا خان هٿان، ٺٽي موڪليائون. محمد علي سلطان ڪابليءَ لاءِ حڪم ٿيو، ته ”توبچي بندوقن جي قنداقن سان سندس ڪلهن جا هڏا چٿين“ ، ۽ مٿس پٽهنس جي هاٿيءَ نه ڏيڻ جي تهمت رکي، کيس آتش خان جي حوالي ڪيو ويو. مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي ڳڻتيءَ ۾ ]شهنشاهه اڪبر جي[ حـضور ۾ ڀڄي ويو. هاڻي مرزا ]غازي[ دلجاءِ ڪري اچي ٺٽي ۾ ويٺو.
چون ٿا، ته اڪبر بادشاهه جي دربار جو ايلچي بابا طالب، هنن ڏينهن ۾ مرزا جي وٺڻ لاءِ آيو هو ۽ اهي سڀ واقعا سندس اکين آڏو ٿيا هئا. اگرچ مرزا جي حضور ۾ پهچائڻ لاءِ هر روز تاڪيد ٿي رهيو هئس، پر ملڪ ۾ هيءُ فساد ڏسي ڍُڪندو ٿي رهيو. کيس زبردستيءَ کڻي وڃڻ جيترو هن کي زور به ڪونه هو. آخر پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٻن سالن جي عرصي ۾ ملڪ جو پورو پورو انتظام ڪري، رعيت ۽ سپاهين کي عطائن ۽ انصاف سان پنهنجو گرويده بنايائين. راتين جو چمڙا پوش ڪري، شهر ۾ چڪر ڏيئي رعيت جو پورو پورو احوال معلوم ڪرڻ، سندس دستور هو.
ڪڪرالي جي حاڪم ڄام ڏيسر جي پٽ ڄام هالي، مرزا جي ڪنهن جاگيردار کي سندس حدن اندر ڪـُـهي فساد کڙو ڪيو، جنهن جي وير وٺڻ لاءِ مرزا مٿس حملو ڪيو. بخت جي زور هجڻ ڪري، ڄام هالي جو هڪ مائٽ ڄام داُد سندس لشڪر جو سونهون ٿي پيو، ۽ دشمن کي ملڪ مان هڪالي ڪڍيائين، جنهن ڪري اهو ملڪ مرزا جي هٿ ۾ آيو.
ڄام داؤد ملازمت جو شرف حاصل ڪري، پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ مرزا کي ڏيئي، انهيءَ ملڪ جي زمينداريءَ جي درخواست ڪئي. هن جي حسن خدمتيءَ جي مدنظر تي ]اها درخواست[ قبول پيئي، ۽ مٿئين ملڪ کي ٽي حـصا ڪري، هڪ حـصو ڄام داؤد کي ڏيئي، باقي ٻه حـصا خالصه ڪري ڇڏيائون. ڄامن جي هيءُ مائٽي مرزا غازيءَ جي خصوصيت آهي، ڇاڪاڻ ته اڳيان ارغون ۽ ترخان انهيءَ لاءِ ڏاڍي ڊڪ ڊوڙ ڪري ويا، پر ڪجهه نه وريو.
قصو ڪوتاهه - هاڻي خبر پهتي، ته ]اڪبر جي[ حـضور مان مرزا جي آڻڻ لاءِ، نواب سعيد خان مقرر ٿيو آهي. هيءُ خبر ٻڌي، اميرن کي گڏ ڪري چيائين ته ”جيڪڏهن زر ۽ خزانو هجيم ها، ته هڪ دفعو وري به بابي وانگيان زور آزمايان ها، ٻيءَ صورت ۾، پوءِ صلح پري ڪونه هو، جيئن اسان جو رعب تاب زائل نه ٿئي ها، ۽ پهريائين لـَـڪيءَ جي جبل وٽ آمد رفت جو رستو بند ڪري، هڪ مضبوط ننڍڙو قلعو ٺاهيون ها. پر خزاني جو هٿ اچڻ ڏکيو آهي، تنهن ڪري بهتر آهي، ته نواب سعيد خان، جو لشڪر ۽ طاقت ۾ خانخانان کان وڌيڪ ٿو ٻڌجي، جي اچڻ کان اڳ حـضور ڏانهن روانا ٿيون“. اهو فيصلو ڪري، خسرو خان چرڪس، عرب ڪوڪہ ۽ آله قلي ديوان کي اعتماد جوڳي لشڪر سان ٺٽي ۾ ڇڏي، احمد بيگ سلطان، لطف الله سلطان، خواجہ امير بيگ بخشي ۽ خسرو خان جي پٽ ڀائيخان کي ٻين مقربن سميت پاڻ سان رکي، فتح باغ ۾ ويهي، حـضور ڏانهن روانگيءَ جي تياري ڪرڻ لڳو.
مرزا ابوالقاسم سلطان جو قيد مان ڀڄڻ ۽ وري گرفتار ٿيڻ جو واقعو
جنهن وقت ابو القاسم سلطان، عرب ڪوڪہ جي حويليءَ ۾ هن جي خدمتگار دريا خان جي نگرانيءَ هيٺ قيد ۾ ٿي رهيو، تڏهن ساڻس ايتري، ته رعايت روا رکي ٿي ويئي جو کاڌي پيتي کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن زال يا لاسڙياٽ ڇوڪريءَ جي گهر ٿي ڪيائين، ته به کيس ڪنهن نٿي روڪيو. ]هن انهيءَ آزاديءَ جو غلط فائدو وٺي مرزا[ غازيءَ جي نڪري وڃڻ کان پوءِ، پنهنجي ڀيڻ سان صلاح ڪئي، جنهن کاڌي جي خونچي ۾ سندس لاءِ هڪ ڪمند ]81[ موڪلي، هوڏانهن واهه تي ٻيڙي تيار رکي، ٻئي ڪپ تي ٻه اُٺ بيهاري ڇڏيا. آخر هڪ رات، اکين جي نور نه هوندي به، انهيءَ وڏيءَ حوليءَ مان، جنهن کي بادگير کان سواءِ ٻاهر نڪرڻ جو ٻيو ڪو به رستو نه هو، چؤڪيدار جي ننڊ پوڻ کان پوءِ اٿي، اڪيلو ئي اڪيلو سمهڻ واري کٽ سڌي بادگير هيٺان ڀت سان رکي، بادگير مان مٿي چڙهي ويو، ۽ ٽه طبقي حويلي لتاڙي، هڪ سوڙهيءَ دريءَ مان، ڪمند محڪم ٻڌي، ايڏي تڪليف سان، جو سندس بدن جي اڪثر کل لهي وئي هئي، پاڻ کي زمين تي پهچايائين، ۽ ٻيءَ حويليءَ مان جعفر عليءَ کي پاڻ سان وٺي، ٻيڙين تي واهه ٽپي، اُٺن تي چڙهي، کڻي شورن جي ڪوهستاني قوم وارو رستو ورتائين. صبح جو چؤڪيدار کي خبر پيئي، تن هر طرف سوار خواهه پيادا ماڻهو ڊوڙايا. مرزا غازي فتح باغ ۾ اهو واقعو ٻڌي، ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، ته متان اهو رستم ڪو لشڪر وٺي راتاهو ڏئي. دريا خان خانه خرابيءَ جي خوف کان هر گهاٽ ۽ گهيڙ تي انهن جو ڏس پڇندو رهيو. آخر ساموئيءَ جي ڳوٺ ۾ ٻڌائين، ته اتان صبح جو ڪن سفيد پوش ماڻهن سان ڀريل ٻيڙي لنگهي هئي، تنهن کان پوءِ معلوم ٿيس، ته چار ماڻهو ٻن اُٺن تي، جي ڪالهه هتي پئي چريا، سوار ٿي ڪجهه ماڻهو ساڻ ڪري جبل جو رستو وٺي ويا، سو انهيءَ ڏَسَ تي ڊوڙي وڃي کين پهتو. پيادا جهنگ ۾ لڪي ويا، باقي ٻئي اُٺ سوار: ابوالقاسم ۽ ٻيو جعفر علي، دريا خان جي اکين چڱيءَ طرح سڃاتا. پوءِ ته هڪدم پرواني وانگيان اڪيلوئي اڪيلو وڃي جعفر عليءَ تي ڪڙڪيو. هن به گهوڙي جي ٻوٿ تي ڌڪ هنيو. هڪ ٻئي سان ٻه ٽي دفعا ڌڪا ڌڪي ڪرڻ کان پوءِ، آخر ٻـيا پيادا ٿيا، ۽ ڪجهه مارڪٽ کان پوءِ نيٺ جعفر علي قتل ٿي ويو. ابوالقاسم سلطان اُٺ تان لهي ٿورا پٿر پاڻ وٽ گڏ ڪري هڻڻ لڳو. دريا خان چيس ته ”جيستائين منهنجو ٽڙيل پکڙيل لشڪر گڏ ٿئي، تيستائين اتي ويٺو رهج، چرندين ته ڪنڌ لاهي ڇڏيندو سانءِ!“ چوڻ ڪاڻ ته اهي الفاظ چئي ويو، پر ساڻس ڪو به همراهه ڪونه هو، تنهن ڪري ماڻهن جي ڳولا ۾ اتان کان پوئتي موٽي آيو، ۽ اهو وقت ابوالقاسم سلطان کي اتي ڇڏي ڏنائين. درياخان ويجهڙائيءَ واري هڪ ڳوٺ جو وڏيرو ۽ هڪ ٻيو ڳوٺاڻو هٿ ڪري، پاڻ سان رفيق ڪيو، پر ڇاڪاڻ ته بيخود ٿي ماڻهن جي ڳولا ۾ ڊوڙندو ٿي وتيو، تنهن ڪري اها جنگ واري جاءِ ڀلجي ويو، ۽ ان جي پتي ڪڍڻ کان عاجز ٿي بيهي رهيو. هو وڏيرو ڪارائتو ماڻهو هو، تنهن چيو، ته ”جتي ماڻهو قتل ٿيو هوندو اتي ضرور ڪانو پهتا هوندا، تنهن ڪري جاچڻ گهرجي، ته ڪانو ڪا جاءِ ڏيکارين ٿا يا نه؟“ . آخر انهيءَ پتي تي جاءِ هٿ ڪري، جعفر عليءَ جو سر وڍي نيزي تي چاڙهي، ابو القاسم، جنهن کي ٻڌي اُٺ تي ڪڙيو هئائون، جي سامهون رکي، شهر ۾ کڻي آيا، ۽ سڄو شهر ڦيرائي وڃي کيس قيد ڪيائون.
نقل آهي، ته جعفر عليءَ جي ڪـُـتي ڏاڍي وفاداري ڏيکاري. جيڪي ٻه ڏينهن سندس مالڪ جو سر بازار ۾ لڙڪيل هو، ته انهيءَ کان جدا نه ٿيو، ۽ دفن ڪرڻ کان پوءِ به ڪيترو وقت ماڻهو هن کي قبر تي ڏسندا رهيا.
مرزا غازيءَ، ابوالقاسم سلطان جي لڀڻ جي خبر ٻڌي عرب ڪوڪہ جي لاءِ گهوڙو ۽ سروپا، ۽ دريا خان لاءِ سروپا ۽ مواجب جي اضافي ]جو حڪم[ موڪليو.
مرزا غازي بيگ جو حضور ۾ پهچي سرفرازي حاصل ڪرڻ
مرزا، ابوالقاسم جي ڪم جي دلجاءِ ڪري، فتح باغ کان اڳتي روانو ٿيو. بکر جي شهر ۾ نواب سعيد خان سان ملاقات ڪري کيس نياز واريءَ زبان سان دير جا سبب ٻڌايائين. مٿئين نواب، سندس حال تي ڏاڍو توجهه ڏنو، ۽ پنهنجي پٽ مرزا ]82[ سعد الله کي چيائين ته ”هن جوان جي پيشانيءَ ۾ بخت جا نشان ظاهر آهن، ۽ توکي هن جو ڀاءُ بنايان ٿو، تنهن ڪري هڪ ٻئي سان ظاهري خواهه معنوي برادري قائم ڪريو، جيئن دلگير نه ٿئي.“ هو ٻئي گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان گڏ پولو راند يا شڪار ۾ مشغول رهندا هئا. آخر مقرر منزلن طئي ڪرڻ کان پوءِ، 1013 هجريءَ ۾ دار الخلافت آگري ۾ اعليٰ حضرت جي قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪري، پيءُ واري منصب سان سربلند ٿي سنڌ جو پرڳڻو جاگير طور وٺي، حضور ۾ رهڻ لڳو. ٿورن مهينن گذرڻ کان پوءِ، تقديراً بادشاهه جو قضيو ٿي پيو، ۽ جهانگير جي حڪومت جو ستارو سلطنت جي مٿان چمڪيو. انهيءَ حالت ۾ ڪن بدخواهن جي صلاح تي، مرزا مخفي طور آگري کان ٺٽي ڀڄي آيو. مرزا جي ٺٽي ۾ پهچڻ تي، نور الدين محمد جهانگير بادشاهه جي طلب جو فرمان به اچي پهتو، تنهن سان گڏ مودي خان کي موقوف ڪري، مير عبدالرزاق معموريءَ کي ملڪ جو امين ۽ سيوهڻ، لاهري بندر ۽ ضربخاني جي نگرانيءَ ۽ انتظام جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. مرزا غازي بيگ گهرائڻ تي هڪدم اعليٰ حـضرت جي بساط بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو، ۽ انهن حاسدن جي مرضيءَ جي برخلاف، جن پر پٺ سندس باري ۾ ڪي ڳالهيون عرض ڪيون هيون، اڳئين کان به وڌيڪ سرفراز ٿيو.
چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ بادشاهه کي شهزادي خسروءَ جي مهم درپيش هئي، ۽ ان جي دفع ڪرڻ لاءِ اميرن سان صلاح ڪري رهيو هو. مرزا حـضور ۾ پهتو، ته اميرن کي چيائين ته ”غازي مرزا کان پڇڻ گهرجي، ته هن باري ۾ سندس راءِ ڪهڙي آهي؟“ اميرن وراڻيو، ته ”هو نوجوان ناتجربيڪار آهي، بادشاهي معاملات جي کيس ڪهڙي خبر؟“ بادشاهه فرمايو، ته ”آخر ملڪ جي واليءَ جو پٽ آهي، سندس راءِ ڪنهن به حالت ۾ غلط نه هوندي.“ بس پوءِ ته مرزا کي سڏڻ لاءِ ماڻهو پهچي ويو. زمين بوسيءَ جي شرف حاصل ڪرڻ کان پوءِ، بادشاهه فرمايو، ته ”غازي مرزا، هن مهم ۾ تون ڇا ٿو چوين؟“ وراڻيائين، ”جيڪا راءِ، عاليءَ جي تقاضا هوندي، اهائي صحيح هوندي.“ فرمايائين، ”آخر ڪجهه ته ٻڌاءِ تنهنجي دل ۾ ڇاٿو اچي؟“ عرض ڪيائين ته ”دين ۽ دنيا جا قبلا، جڏهن هن ڪمترين غلام کي هن خصوصيت سان مخصوص فرمايو ٿا، تڏهن جيڪي منهنجي دل ۾ آهي، سو انهيءَ وقت عرض ڪندس، جڏهن هڪڙو پير مبارڪ رڪيب ۾ وجهندا“ ظاهرن بادشاهه جي راءِ پڻ پنهنجي سر وڃڻ تي هئي. هن جو مقصد معلوم ڪري، اميرن کي فرمايائين ته ” آخر شهزادو آهي، جيڪي چوي ٿو، اسان جي صلاح به اهائي آهي“ ۽ انهيءَ روانگيءَ جي ڪري، خسروءَ جو تدارڪ عنقريب دل گهرئي نموني تي ٿي ويو.
خسرو خان جي شورش جي حقيقت
جڏهن مرزا غازي بيگ حضور ڏانهن ٿي ويو، تڏهن احمد بيگ سلطان کي ٺٽي ۾ رهائڻ ٿي چاهيائين، ۽ خسروخان چرڪس کي، جنهن کان اطمينان ڪونه هئس، پاڻ سان گڏ وٺي ٿي ويو. خسرو خان کيس اتي ڇڏي وڃڻ لاءِ ماڻهو سفارشي آندا. هوڏانهن احمد بيگ سلطان پڻ چيو، ته ”ملڪي ماڻهو خسرو خان سان ٺهيل آهن، تنهن ڪري منهنجي هت رهڻ جو ڪو به وزن نه ٿيندو“، تنهن ڪري هن دفعي کيس پاڻ سان وٺي، جڏهن حـضور ۾ حاضر ٿي نوازشن سان سرفراز ٿيو، تڏهن حـضور جي حڪم سان هن کي وري ٺـٽي موڪلي، خسرو خان کي فوجداري ]معاملات[ کان سواءِ ماليات ۾ دخل نه ڪرڻ بابت لکيائين. احمد بيگ سلطان جي اچڻ کان پوءِ، خسرو خان، قطب عالم شيخ بهاؤ الدين ملتانيءَ جي اولاد شيخ ڪالي، جو سندس ناٺي هو، ۽ قاسم چرڪس سان صلاح ڪري، فيصلو ڪيو، ته هڪ دفعو احمد بيگ کي بيحرمت ڪري ]83[ سندس مالڪ ڏانهن موڪلڻ گهرجي، جيئن وري ٻيهر حڪومت جي خواهش نه ڪري! اهو فيصلو ڪري، ارغون جماعت کي گهرائي چيائين ته ”صبحاڻي (سڀاڻي) جيئن مرزا احمد بيگ، مرزا غازيءَ جي والده بيگم جو سلام ڪري ديوان عام ۾ ويهي، تيئن توهان سندس بيعزتي ڪجو.“ صبح جو احمد بيگ اهو معاملو معلوم ڪري، جيڪي ماڻهو ساڻ آندا هئائين تن سان تڪڙو تڪڙو پنهنجي حويليءَ ۾ گهڙي ويو، ۽ اتان شاهه ابوالقاسم ارغون جي مدد سان، جو نصرپور کان اچي پهتو هو، عمر ڪوٽ جي رستي، حضور ڏانهن روانو ٿيو. ارغونن جو ٽولو خسرو خان جي چوڻ تي گهڻوئي سندس پٺيان پيو، پر هو حقيقي حافظ جي حفاظت ۾ سندس شر کان محفوظ رهي، وڃي حـضور ۾ حاضر ٿيو.
مرزا جو پهريون دفعو قنڌار ۾ وڃڻ
سنہ 1015 هجريءَ ۾ شاهه بيگ خان جي ملازم حيدر جي نمڪ حراميءَ ڪري خراسان جو لشڪر، قنڌار تي ڪاهي، پورو سال شاهه بيگ خان تي گهيرو ڪري ويٺو. دار الخلافت مان مرزا قره خان، جنهن کي انهيءَ صوبي جي سرداري عطا ٿي هئي، ]هن مهم کي سر ڪرڻ لاءِ[ مقرر ٿيو. مرزا (غازي) پڻ انهيءَ سان شامل ڪيو ويو. بخت جي تائيد ڏسو، جو قره خان رستي ۾ گذاري ويو. هن جي وڪيلن سندس ڇڏيل سامان ۽ لشڪر سندس پٽ وٽ پهچائڻ چاهيو، جو بکر ۾ رهندو هو. مرزا، لشڪر جي بخشيءَ (خزانـچي يا سيڪريٽري) کي چيو، ته ”قره خان جي موت ڪري هن مهم کي دير ڪرائڻ، ۽ سندس لشڪر کي سندس پٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ بادشاهه جي خيرخواهي ڪانه آهي. اسان سڀ بادشاهه جا ملازم آهيون، سندس بخت اسان جو سردار آهي، تنهن ڪري بهتر آهي، ته جنهن صورت ۾ منهنجو لشڪر ۽ خزانو منهنجي ملڪ ۽ جاگيرن مان اڃا مون وٽ نه پهتو آهي، توهان هي ]سڀڪجهه[ منهنجي حوالي ڪريو، ته الله تي توڪل رکي هن مهم کي منهن ڏيان.“ بادشاهي امير هن باري ۾ ويچار ڪرڻ لڳا، ته هوڏانهن مرزا ڪوچ جو نعارو وڄائي، ٻاهر نڪتو. لاچار سڀيئي هن جي مخالفت نافرمانيءَ جو سبب سمجهي، سندس پويان لڳا. حسن اتفاق ۽ بخت جي تائيد اهڙي ٿي، جو هي اڃا قنڌار کان ٻه ٽي منزلون پري پهتائي ڪين، ته خراسان جو لشڪر واپس ڀڄي ويو، ۽ ”فتحنامو“ مرزا جي نالي لکيو ويو.
چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ قنڌار ۽ انهيءَ جي آسپاس اناج تمام مهانگو ٿي ويو هو، جنهن ڪري مرزا جا گهڻا ماڻهو زيان ٿيا ۽ ڪيئي سوار پيادا ٿيا. مرزا پنهنجي تنگيءَ جو احوال حضور ۾ عرض ڪيو، جتان بکر موٽي وڃي پنهنجو تدارڪ سوچڻ، ۽ هن کان بعد سندس لاءِ جيڪو ٻيو حڪم صادر ٿئي، تنهن جي تعميل ڪرڻ جو ارشاد ٿيو. مرزا حڪم موجب، اتي پهچي تياريءَ کي لڳي ويو، ته هيڏانهن سندس بخت جي بدخواهه حاسدن، بادشاهه کي عرض ڪيو، ته ”مرزا وري پنهنجي ملڪ مان موٽي حضور جي قدمبوسيءَ لاءِ حاضر ڪونه ٿيندو.“ انهيءَ خبر کان متاثر ٿي، بادشاهه سندس گهرائڻ جو فرمان موڪليو. جيئن ته هي اڳيئي تيار ۽ منتظر ويٺو هو، تنهن ڪري فرمان پهچڻ شرط حضور ڏانهن روانو ٿيو، ۽ جنهن وقت بادشاهه ڪابل کان لاهور وڃي رهيو هو، تنهن وقت قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪري، چغلن جو منهن ڪارو ڪيائين، ۽ شاهي نوازشن، عهدي ۽ جاگير جي ترقي ۽ قنڌار جي بالاستقلال سرداريءَ سان سرفراز ٿيو.
مرزا غازيءَ جو ٻئي دفعي قنڌار ڏانهن (مغل) سردار جي
حيثيت ۾ روانو ٿيڻ
جڏهن مرزا سنڌ تي سيوستان ۽ ملتان جي ڪجهه حصي جي اضافي سان گڏ قنڌار جي سرداريءَ سان سرفراز ٿي، لاهور کان ملتان ]84[ پهتو، تڏهن پهريائين، ڪنهن ٻئي کي پنهنجي پاران نائب مقرر ڪري اوڏانهن (قنڌار) موڪلڻ گهريائين. اول محمد امان ترخان کي هاٿي، جهنڊي ۽ ٻين نوازشن سان سرفراز ڪري ]موڪلڻ جي[ صلاح ڪيائين، پر هن بدبخت چيو، ته ”ننڍڙو پٽ ساڻ اٿم، انهيءَ کي ٺٽي پهچائڻ جو موقعو ڏيوم، پوءِ جيڪو حڪم فرمائيندا انهيءَ تي تعميل ڪندس“، تنهن ڪري هن جي موقوف ٿيڻ تي احمد بيگ سلطان هن نعمت سان سرفراز ٿي، ’اعتماد خان‘ جو لقب وٺي، اچي قنڌار پهتو، ۽ ملڪ جو ڌارئي لشڪر جي اچڻ ڪري دربدر ٿي ويو هو، تنهن کي اڳي کان اڳرو آباد ڪيائين. مرزا به ملتان کان بکر اچي، پنهنجي وڏيءَ والده کي ملڪ جي ڪامورن سميت گهرائي، ملڪ جي ڪاروبار جو انتظام درست ڪري، هر هڪ ملازم ۽ لاڳاپيدار کي درجي آهر نوازي، ڪن کي موڪل ڏيئي ۽ ڪن کي پنهنجي همرڪاب رکي، سيويءَ ۽ گنجابه(1) جي رستي کان قنڌار ويو. اتي وڃي، سرخرو خان جي پٽ ڀائيخان ۽ لطف الله کي افغانن تي چاڙهي موڪليائين، ۽ راءِ کهورئي جي پٽ راءِ ماڻڪچند کي مٿئين حيدر فساديءَ جي مٿان مقرر ڪيائين، جن هرهڪ جي ]دماغ مان[ وڏائيءَ جو واءُ ڪڍي سندس پاڙ پٽي ڇڏي. مير عبد الله سلطان کي ’مير خان‘ جي لقب سان سرفراز ڪري، ايران جي واليءَ شاهه عباس ڏانهن ايلچي ڪري موڪليائين، جنهن لائق تحفا ساڻ کڻي وڃي پاڻ ۾ جيڪو جهڳڙو هو تنهن کي بند ڪيو. پوءِ آرام سان حڪومت جي گاديءَ تي ويهي مرادون ماڻڻ لڳو.
چون ٿا، ته مرزا ٺٽي، سيوهڻ ۽ ملتان جي ڪجهه حـصي جي جاگير ۽ پوري قنڌار هوندي به، گهڻيءَ سخا ۽ عطا سببان، هميشہ سڃائيءَ ۽ بي خرچيءَ جي حالت ۾ گذاريندو هو. هڪ ڏينهن خرچ جي وڪيل کيس چيو، ته ”ڇهه مهينا گذري ويا آهن، جو توهان آمد ۽ خرچ جا ڪاغذ معائنو نه فرمايا آهن. خرچ آمدنيءَ کان زياده ٿي ويو آهي. مهرباني فرمائي ڪا گهڙي متوجهه ٿي، ٻه ٽي پرت مطالع ڪريو“ . ]ڇا ڪيائين جو[ ڪاغذ وٺي ڦاڙي، چوڻ لڳو: ”منهنجي والد بزرگوار وٽ جيڪي هو سو سڀ خرچي، منهنجي لاءِ ڪجهه نه ڇڏيو هئائين، تڏهن به رازق مطلق مون کي شهنشاهي دولت جي دروازي تي خصوصيت عطا فرمائي آهي، جا بخت جي تائيد سان روز بروز واڌاري ۾ آهي. الحمد لله، رزق کان خالي ناهيان. جهڙيءَ طرح هيءُ سڄي عمر گذري آهي، باقي پڻ گذري ويندي، تنهن ڪري مون کي هن ڳڻتيءَ ۾ نه وجهو.“
ٻئي دفعي وڪيلن عرض ڪيو، ته ”ٺٽي ۾ خسرو خان سموري ماليات تي متصرف آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو وڃي اتي جي مالي ڪاروبار جو مطالعو ڪري اچي ٻڌائي، ته اها ڳالهه مصلحت کان ٻاهر نه ٿيندي“. هن موجب راءِ کهوري جي ناٺيءَ سائين ڏني کي ”هندو خان“ جو خطاب عطا ڪري، خزانچي بنائي ٺٽي موڪليائين. هن خسروخان جو سمورو غبن ظاهر ڪري اچي پيش ڪيو، جنهن تي مرزا مجلس وارن کي حڪم ڪيو، ته سندس پٽ ڀائيخان کي تڪليفون ڏيندا رهن.
خسرو خان جي غلبي جو احوال
چون ٿا، ته جڏهن خسرو خان کي ٺٽي ۾ استقلال حاصل ٿيو، تڏهن پنهنجن ڏهٽن کي ملڪ جون واڳون ڏيئي، مرزا غازيءَ کي ملڪ جو مالڪ نٿي سمجهائين. انهن مان سندس ڏهٽو محمد بيگ ولد رستم بيگ، نيرون ڪوٽ جو حاڪم، گهڻو ڪري ارغونن ۽ ترخانن تي ظلم ڪندو هو، ۽ جيڪو به ايندو هو، ته هٿ ]85[ جي بدران پير ڊگهو ڪري ڏيندو هو، ۽ سندس پٽ ڀائيخان جي پٽ فتح الله ، مرشد خان کي، جنهن کي مرزا سندس پيءُ ڀائيخان کان وڌيڪ عزت ڏيندو هو، سندس جاگير تان گهرائي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏنو. شيخ ڪالي جي پٽ شيخ عبدالباقيءَ هندن جي هڪ وڏيءَ مجلس ۾ هڪ کٽيءَ کي اشارو ڪيو، جنهن تي هن ڀريءَ مجلس مان هڪ عورت کنئي، پر هندن، جي هزارن جي تعداد ۾ هئا، بلوو ڪري هن کان کسي ورتي.
مطلب، ته ماليات جي غبن کان سواءِ، اهي مٿيون ڳالهيون سڀ مرزا جي گوش گذار ڪيون ويون، جنهن تي مرزا کي ڏاڍو غصو آهيو، ۽ هڪ ڏينهن کـُـليءَ مجلس ۾ چيائين ته ”خدا گهريو، ته خسرو خان کي لڪڙي هٿ ۾ ڏيئي ٻانهين جو دربان بنائيندس، ۽ لطف الله ، ڀائيخان جي پٽ فتح الله کي ڪؤنرو هٿ ۾ ڏيندس، ته پيءُ ۽ ڏاڏي جي روبرو پنهنجن نوڪرن جا هٿ ڌئاري، ۽ محمد بيگ کي گهنڊڻيون چيلهه ۾ ٻڌي، شاطرن (ڪنجڪين) وانگيان، گهٽ ۾ گهٽ غلام جي رڪيب سان ڊوڙائيندس!“ پر کيس تقدير جي خبر ڪانه هئي، ته پنهنجي هن تمنا کان اڳ پاڻ ڪٿي وڃي پهچندو؟
قصو مختصر، ته خسرو خان کي ڏهٽن، پوٽن، مال ملڪيت ۽ ننڍن وڏن چرڪسن سميت وٺي اچڻ لاءِ، راءِ کهورئي جي ناٺي راءِ سائين ڏني کي، جنهن کي هندوخان جو لقب مليل هو، سردار مقرر ڪري، سندس سالي راءِ ماڻڪچند ۽ شهباز سان گڏ ٺٽي تي مقرر ڪيائين.
هندو خان جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيل واقعن جو بيان
هندوخان مٿين سردارن سان گڏ نصرپور جي حد ۾ پهچي، پهرين ٻاهرين معاملن کي سڌو ڪري پوءِ ملڪ ۾ اندر قدم رکڻ چاهيو، ته ايتري ۾ خسرو خان جي اشاري تي مقيم سلطان ڀائرن هم صلاح ٿي کڻي سڀني کي نصرپور جي قلعي ۾ بند ڪيو. ابو القاسم سلطان، جو خسرو خان جي سفارش تي مرزا جي اجازت سان آزاد ٿيو هو، ڀائرن ۽ مددگارن کي قلعي ۾ بند ٿيلن جون واهون بند ڪري، رسد جو رستو روڪڻ جي ترغيب ڏني. هوڏانهن ماڻڪچند کي کـُـٽيءَ کنيو، سو ميرڪ محمد سلطان بن قاسم علي سلطان کي پاڻ سان کڻي، مقيم سلطان کي تسلي ڏيئي، هندوخان سان متفق ڪرڻ لاءِ سندس گهر لنگهي ويو، ڳالهين ۾ نه ٺهڻ ڪري، هو مجلس کان اٿيو، ته ٻاهر هڪ ارغون کيس قتل ڪري ڇڏيو. مٿئين ميرڪ حملو ڪرڻ گهريو، پر اهو به ڪـُـسي ويو. اها خبر ٻڌي، ماڻڪچند جو پٽ راءِ سنگهه هيئن چئي ٻاهر نڪتو، ته ”انتقام وٺڻ کان اڳ پيءُ جو لاش نه ساڙيندس“، ۽ زوردار حملو ڪري، شاهه قاسم ارغون جي ناٺيءَ شير بيگ کي چونڊ ماڻهن سميت قتل ڪري، سندس هاٿي ۽ ٻيو سامان حڪما حڪميءَ پڪڙي کين لادعويٰ ڪري اچي پيءُ جو لاش ساڙيائين، تنهن کان پوءِ، سوڀ جو نغارو وڄائيندو مرزا جي حـضور ڏانهن روانو ٿيو. هندوخان ۽ سندس ڀاءُ نارائڻداس، جنهن کي شجاعت خان(1) جو لقب مليل هو، هن جي پيءُ جي پرچاڻي تي اچي، کيس گهڻوئي پرچائي پوئتي موٽڻ جا زور ڀريا، پر هن هڪ نه ٻڌي. مرزا سندس هيءُ جرات ڏسي کيس پڻس کان به وڏو درجو ڏنو.
هيڏانهن هندو خان پنهنجي مٿين ساٿين سميت ٺٽي پهچي، خسرو خان کي بيدخل ڪيو. خسرو خان ڳجهه ڳوهه ۾ گهڻوئي زميندارن کي برغلايو، پر مرزا جي بخت جي برڪت سان سندس ڪوشش بارآور نه ٿي. ]86[ هندوخان جي خودمختيار ٿيڻ کان پوءِ، خسرو خان پٽن سميت هاله ڪنڊي (هالا) جي ڳوٺ ۾ پهچي، قنڌار وڃڻ ٿي گهريو، ته ايتري ۾ مرزا غازيءَ جي فوت ٿيڻ جي خبر پهتي.
مرزا غازي بيگ جو فوت ٿيڻ
معتبرن کان روايت آهي، ته مرزا جڏهن قنڌار ۾ انهيءَ بند مرتبي کي پهتو، ۽ سندس بخت روزبروز ترقي ڪندو ٿي رهيو، تڏهن سندس عزيزن مان ڪي سندس بخت جا بدخواهه هن اقبال جي ٻوٽي کي فنا جي جهولي سان پاڙان پٽڻ (کيس مارڻ) لاءِ آماده ٿيا. نيٺ سنہ 1021 هجري ۾ عبداللطيف نالي هڪ خانه زاد غلام جي هٿان، هڪ قول موجب، گهٽو ۽ ٻئي قول موجب، زهر ڏياريائون. سندس تاريخ متعلق هڪ شاعر چيو آهي: ”زدستِ غلام گل برون رته، دريغ!“ (ضايع ٿيو غلام هٿان هاءِ هاءِ گل!). سندس لاش ٺٽي آڻي پڻس جي ڀرسان هڪ قبي ۾ دفن ڪيائون. شعر عمدو چوندو هو. ”وقاري“ تخلص هوندو هئس. ’طالب آملي‘ پهريائين وٽس ملازم هو. ’ملا مرشد يزجردي‘ (1) ۽ ’شمس‘ پڻ مدتن جون مدتون هن وٽ رهيا.
چون ٿا، ته ’وقاري‘ تخلص سان قنڌار ۾ هڪ ٻيو شاعر به پيدا ٿيو، جنهن کي ڳري رقم، گهوڙو ۽ سروپاءِ ڏائي اهو تخلص بند ڪرايائين.
ترخان گهراڻي جي حڪومت خير سان هتي ختم ٿي، مگر جهانگير جي پوين ڏينهن ۾ مرزا عيسيٰ ترخان ٿورا ڏينهن هن ملڪ جي حڪومت سان سرفراز ٿيو هو.
نقل آهي، ته مرزا ۽ سندس پيءُ موسيقي (راڳ جي علم)، خاص طرح ’ٽوڙي‘ راڳڻيءَ جا وڏا ماهر هئا. سيد لطف الله شيرازيءَ جي پٽ مير عبدالولي جي زبانان نقل ڪندا آهن، ته جيڪو ماڻهو هن پيءُ ۽ پٽ جي قبي ۾ ڪنهن ڪم لاءِ مٿين راڳڻي ڳائيندو، ته ٿورن ڏينهن ۾ سندس ڪم ضرور پورو ٿيندو.
جنهن صورت ۾ اولاد ڪونه هئس، ۽ هندوخان کي وري خسرو خان ختم ڪري بي اعتداليءَ جو رستو وٺي بڇڙا پير کڻڻ لڳو، تنهنڪري جهانگير بادشاهه ٺٽي جو ملڪ پڻ ٻين ملڪن وانگيان سندس حضور مان مقرر ٿيندڙ اميرن جي حوالي ڪيو، جيئن ارغوني ۽ ترخاني ڏينهن جي ڪن اميرن جي احوال بيان ڪرڻ کان پوءِ ذڪر ٿيندو (انشاءَ الله تعاليٰ)
ارغوني ۽ ترخاني ڏينهن جا امير
اگرچه هنن ٻنهي گهراڻن، جن کي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان اتحاد ۽ گهڻن لاڳاپن سببان درحقيقت هڪڙو گهراڻو شمار ڪرڻ گهرجي، جا امير گهڻا آهن، پر لکندڙ انهن مان ڪن ٿورن جو، جي نهايت مشهور آهن، مختصر طور بيان لکي ٿو:
سلطان محمود خان
سلطان محمود خان بن مير فاضل ڪوڪلتاش بن عادل خواجہ اصفهاني، سندس وڏا اصفهان جي حسن ضلع جي خورسکان ڳوٺ ۾ رهندا هئا. انهيءَ پاسي جا ماڻهو سرڪش هئا، تنهن ڪري صاحبقران امير تيمور گورگان مٿن ڪاهه ڪرڻ لاءِ هڪ فوج موڪلي هئي. عادل خواجہ جو پيءُ احمد خواجہ، ذوالنون جي پيءُ حسن مصريءَ کي هٿ لڳو، جنهن کيس پنهنجو پٽيلو بنايو. احمد خواجہ ٽينءَ پيڙهيءَ کان پوءِ ملڪ محمد خان سان ملي ٿو، جو اصفهان جي شهر ۾ نهايت سخي مشهور هو، ۽ ارڙهين پيڙهيءَ ۾ عدي بن حاتم جو اولاد آهي. سلطان محمود خان جي والده ’شال‘ مستنگ جي ڪاسي پٺاڻن مان هئي. هن چوڏهن سالن جي عمر ۾ خوب حملا ڏيکاريا، تنهن ڪري شاهه بيگ کي پسند اچي ويو. سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، ڪنهن به امير بکر جي نگرانيءَ جو ذمو نٿي کنيو. هن قبول ڪري اتي جي چڱيءَ طرح حفاظت ڪئي، ۽ اڪثر لڙاين ۾ شاهه بيگ ۽ ]87[ شاهه حسن سان گڏجي ڏاڍا ڪم ڏيکاريا. مرزا شاهه حسن کان پوءِ، جيئن مٿي گذري آيو، بکر جي ملڪ جو بالاستقلال وارث ٿيو. سنہ 965 هجريءَ(1) ۾ شاهه طهما سپ صفويءَ وٽان ’خانيءَ‘ جو خطاب، علم، نغارو، تمن - طوغ(2)، ڪپڙا ۽ ٻيون ڪيتريون نوازشون عطا ٿيس. ٻروچن جي انتقال ڪري وڃڻ سببان ملا محب علي سنڌي سندس لاءِ اڪبري دربار مان اُچ، ڀٽي ۽ ]ججو[ واهڻ جي پرڳڻن جي حڪومت جو پروانو کڻي آيو(1). 979 هجريءَ ۾ شاهه طهماسپ جو ايلچي حق بردي بيگ دوباره نوازشون کڻي آيو، ۽ هتان وري مير ابو المڪارم هديا ۽ نذرانا کڻي مٿئين ايلچيءَ سان گڏجي ويو. حق بردي بيگ ٽيون ڀيرو به ’خان خاني‘ جو خطاب ۽ قسمين قسمين انعام کڻي آيو. سنہ 981 هجريءَ ۾ مبارڪ خان کان ماٿيلي جو قلعو ورتائين. انهيءَ ئي سال اعتماد خان، اڪبر بادشاهه لاءِ سندس نياڻيءَ جو سڱ گهرڻ لاءِ قيمتي وڳو، ڪمربند، ۽ جڙاؤدار تلوار، هني ۽ لغام سوڌو گهوڙو، ۽ چار هاٿي پاڻ سان وٺي آيو. هن انهيءَ ئي سال پنهنجي نياڻي خاص ماڻهن هٿان رواني ڪئي، ۽ انهيءَ عرصي ۾ حڪومت جي زوال جا سبب پيدا ٿيا، جن جو بيان ڊگهو آهي. محب علي خان ۽ مجاهد خان، سندس ئي نمڪ حرام ماڻهن جي مدد سان، کيس قلعي ۾ سوڙهو ڪيو. باوجوديڪ، سندس نياڻي پهچڻ کان پوءِ شاهي فرمان، قسمين قسمين نوازشن سان پهتو، پر مٿيان خان انهيءَ تي عمل پيرا نه ٿيا. اتفاقاً کيس استسقا (جلندر) جي بيماري ٿي پئي، جا ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي. آخر سندس پاڪ روح جسم جي قيد خاني مان ٻاهر نڪري ويو. اهو واقعو سنہ 982 هجريءَ ۾ ٿيو. ”در بهشت آسود“ هن جي تاريخ آهي(2).
امير شاهه قاسم بيگلار
امير شاهه قاسم بيگلار(1) بن ابرڪ بيگ بن چوچڪ بيگ، فريد بيگ بيگلار جو ڀائيٽو، بيگلار گهراڻي مان، جو حضرت علي رضي الله عنه جي اولاد جي سلسلي ۾ داخل آهي. اصل سمرقند جو هو. بيگلار جو ڏاڏو سيد علاؤ الدين علي خواجہ ولد سيد نظام الدين ملڪ بن سيد بهاؤ الدين عمر بن سيد علي بن سيد احمد بن سيد عبد الله بن سيد جعفر بن سيد عبد الله بن سيد نظام الدين اعليٰ، جو ترمذ کان سمرقند ۾ آيو، جنهن جي اچڻ تي ملڪ الشعر سوزنيءَ چيو هو:
سـمـرقـند يثرب شـد و مـکـہ ترمذ ز مــکــہ بــيــثـــرب خـــرامــيـد سـيـد
]سمرقند يثرب ۽ مڪو ٿيو ترمذ ٽليوواه! مڪي کان يثرب ڏي سيد[
بن سيد ابو القاسم بن سيد زين العابدين بن سيد شمس الدين محمد بن شرف الدين حسين، پنهنجي زماني جي سيدن جو سردار ۽ جعفر الحجة (امام جعفر صادق جهڙي حجت رکندڙ)، بن سلطان العارفين (عارفن جو بادشاهه) پنهنجي وقت ۾ سيدن جو سردار عبد الله الاعراج بن سيد حسين الاصغر بن امام زين العابدين، زماني جي حادثن کان ترڪستان ۾ آيو، ۽ انهيءَ ملڪ ۾ سندس اولاد ترڪن سان ملي جلي ويو، جنهن ڪري بيگلار جو ارغونن سان تعلق پيدا ٿيو. مير شاهه قاسم، شاهه حسن جي ڏينهن ۾ سمرقند کان سنڌ ۾ پهچي ڏاڍيون نوازشون لڌيون. جهيجن جا پرڳڻا جاگير ۾ مليس، عمر ڪوٽ جي راڻي ورسه جي ڀاڻيجيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان 947 هجريءَ ۾ ابوالقاسم پٽ ]88[ پيدا ٿيس. هو ويجهڙائيءَ ۾، همايون بادشاهه واريءَ پهرينءَ جنگ ۾ گذاري ويو آهي، جا 952 هجريءَ(2) ۾ لڳي هئي. سندس قبر تورڪيءَ جي ڳوٺ ۾ آهي.
ابو القاسم خان زمان
مير ابو القاسم خان زمان ولد شاهه قاسم بيگلار، پيءُ کان پوءِ ٽن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ماءُ، راڻي ورسه جي ڀاڻيجيءَ، سان پٽپن ۾ رهڻ لڳو. اتفاقاً انهيءَ ديهه تي جوڻيجن حملو ڪيو، ۽ هن جنگ ۾ کيس منهن تي زخم رسيو، ۽ انهيءَ حالت ۾ هن کي شاهه حسن وٽ وٺي آيا، جنهن سندس تربيت جي ڏاڍي ڪوشش ورتي، ۽ گاجيءَ جو ڳوٺ انعام ڏنو، سندس اقبال جو ستارو روزبروز ترقي ڪندو رهيو. شاهه حسن کان پوءِ مرزا عيسيٰ وٽ ]رهڻ لڳو[. انهيءَ کان بعد، ارغونن جي قتل جي واقعي کان پوءِ مرزا باقيءَ کان ڀڄي وڃي جان بابا سان مليو، ۽ انهيءَ وٽ جيڪي ڪارناما ڏيکاريائين، تن مان ڪي ٿورا بيگلارنامي ۾ لکيل آهن. آخر مرزا باقيءَ وٽ موٽي آيو. هن کان پوءِ مرزا جانيءَ وٽ رهي، چونڊ اميرن جي سلسلي ۾ داخل ٿيو. جڏهن خان خانان مرزا جاني بيگ کي حضور ۾ وٺي ويو، ته هي ساڻس گڏ هو. پهرين ملاقات ۾ اڪبر بادشاهه پڇيو، ته ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“ هو جواب ڏيڻ ۾ هو، ته جاني بيگ جواب ڏيندي چيو، ته ”ٻاونجاهه سال.“ بادشاهه پڇيو، ”ولادت ڪٿي ٿي؟“ هن پاڻ جواب ڏنو، ته ”عمر ڪوٽ ۾“. بادشاهه ]ٻڌي[ فرمايو، ته ”منهنجو ۽ سيد جو ڄمڻ جو هڪڙو هنڌ آهي.“ بادشاهه، مرزا جاني بيگ کي نوازيو، ته امير خسرو خان ۽ خان زمان هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته ”بادشاهه اسان تي سروپاءِ جي نوازش نه ڪئي، ته پوءِ ڪهڙو منهن وٺي سنڌ ڏانهن وينداسون؟“ اُها گفتگو ٿي رهي هئي، ته ٻنهي اميرن کي بادشاهه سڏايو. هي ويا، ته بادشاهه اندر هو، ۽ ٻاهر ٻه گهوڙا هڪ نيلو ۽ ٻيو شبرنگ (مشڪي) بيٺا هئا. خان زمان، خسرو خان کي چيو، ته ”ڪيئن ٿو ڀانئين، جيڪڏهن هي ٻئي گهوڙا اسان کي عطا ٿين!“ جيئن ته اها خوشطبعيءَ جي ڳالهه هئي، تنهن ڪري هن وراڻيو، ته ”ها، توکي ته گهوڙي کان سواءِ هڪ هاٿي به عنايت ٿيندو“، گويا ٻنهي اميرن جي ڳالهه ٻولهه تقدير ]جي فيصلي[ مطابق هئي.
ٻئي گهوڙا ٻنهي کي ڏنائون، ۽ خان زمان جي گهر پهچڻ تي هڪ هاٿي پڻ سندس لاءِ آيو، ۽ ٻئي مرزا غازيءَ جي خدمت ۾ سنڌ ۾ مقرر ٿيا. سندس نشانين مان مرگ منارو، جو گهوڙي تي ٺاهيو هئائين، اڃا تائين باقي آهي.
چون ٿا، ته انهيءَ گهوڙي ۾ عجيب وصفون هيون. هڪ ڀيري جنگ هلندي سندس ٻه جاني رفيق زمين تي ڪري پيا، هڪڙو مئل هو ۽ ٻيو زخمي. مئل کي گهوڙي جي پٺيءَ تي ۽ زخميل کي پنهنجي پٺيءَ تي ٻڌي، ٽي ڏينهن ڀاڄڙ جي جنگ ۾ انهيءَ تي سوار هو. گهوڙو انهيءَ بار، ٽن ڏينهن جي بک، جنهن ۾ پاڻي ۽ گاهه ڏنو ڪونه هئائين، ۽ سخت زخمن کائڻ جي باوجود به تيستائين اصلي نه ڪريو، جيستائين مالڪ کي ڪنهن ]محفوظ[ هنڌ نه پهچايائين. هو جڏهن ]سلامتيءَ واري[ جاءِ تي پهتو، تڏهن هڪدم ساهه ڏنائين. ’مرگ‘ جي معنيٰ هرڻ آهي. سندس ٻيو نشان سانکره جي ڪناري تي، شاهڪره (ساڪري) جو قلعو آهي، جنهن جو هن وقت فقط نالو وڃي رهيو آهي.
مير ابو القاسم سلطان
مير ابو القاسم ولد خان زمان مٿيون، جنهن جو ڪجهه احوال اڳئي ذڪر ٿي چڪو، نهايت بهادر ۽ سخا هجڻ سان گڏ، شعرگوئي ۽ شعر فهميءَ ۾ سندس وقت ۾ سندس جهڙن همعصرن مان ساڻس ڪوبه مٽ ڪونه هو. ”بيگلر“ تخلص ڪندو هو. سندس ولادت 969 هجريءَ ۾ ٿي هئي. اد راڪي بيگلار، جو اڳتي مذڪور ٿيندو، ]89[ ”چنيسر نامہ“ سندس نالي ]منسوب[ ڪيو. هي جيڪي جو ”منتخب التواريخ“ جي مصنف ۽ مير طاهر اهو ڪتاب سندس تصنيف ڪيو آهي، انهيءَ تحقيق ۾ انهن غلطي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته لکندڙ (مير قانع) اهو نسخو پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي، ۽ انهيءَ جو مصنف اهوئي ادراڪي بيگلار آهي، ۽ هي سندس ممدوح (آهي).
مقيم سلطان
مقيم سلطان ولد خان زمان، ابوالقاسم سلطان جو ڀاءُ پڻ ارغون ۽ بيگلار قوم ۾ نهايت شاندار ٿي گذريو آهي.
مسڪين ترخان
مسڪين ترخان، شاهه بيگ ۽ مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ شان مان ۽ عزت وارن اميرن مان هڪڙو هو. مرزا شاهه حسن وٽ سندس مقرب ۽ معزز هجڻ جو اهوئي دليل ڪافي آهي، ته هن (مرزا) جڏهن ملتان ورتو هو، تڏهن ملتان جي حاڪم سلطان محمود لانگاهه جو پٽ ۽ نياڻي خاص هن جي فرزنديءَ ۾ ڏنا هئائين.
فرخ ارغون
مرزا شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي نامي گرامي اميرن مان نهايت بهادر ۽ مشهور بزرگ هو. سندس نشاني عاليشان ]مسجد[ جامع فرخ يادگار آهي، جنهن جي شاهه جهان جي ڏينهن ۾ دوباره تعمير ٿي. ٻن تازن ٽڪرن کان سواءِ، هاڻوڪي عمارت پڻ اڳوڻي ساڳي صورت تي ظاهر آهي(1).
مير يونس ارغون
پهريائين همايون بادشاهه ۽ محمد زمان مرزا جي ملازمت ۾ هو، تنهن کان پوءِ مرزا شاهه حسن جي اميرن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو. پڇاڙيءَ ۾ سلطان محمود خان سان وڃي مليو ۽ آخر گوشہ نشيني اختيار ڪيائين. سنہ 985 هجريءَ ۾ گذاري ويو. پنهنجي وفات کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي تاريخ، ’رستم از قيد اين و آن اي دل‘ (هـِـن ۽ هـُـن جي قيد کان اي دل ٿيس آزاد مان!) معلوم ڪئي هئائين.
شاهه حسن تڪدري
مرزا شاهه حسن جي تڪدري اميرن جي لسٽ ۾ داخل هو. طبع جي تيزي، ذهن جي عمدگي، سهڻي اخلاقن ۽ وڻندڙ ادب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو وقت جي علماءِ جو سردار ۽ تاريخ جي فن ۾ خاص ڪمال جو مالڪ هو. ”روضة السلاطين“ سندس تصنيف آهي.
مير عليڪ ارغون
شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي اميرن مان ڪمال بهادري ۽ نهايت دانائيءَ ۾ مشهور هو. جيئن ته همايون بادشاهه جي اوج وارن ڏينهن ۾ مرزا شاهه حسن هن کي ڪنهن موقعي تي موڪليو هو، جتان هو جيئن بيان ٿي چڪو بنا اجازت هليو آيو، ۽ اچي چيائين ته ”بادشاهه جو اهڙو نمونو ڏٺو اٿم، جو عنقريب ڪو ماڻهو سندس برخلاف بغاوت ڪندو“، حالانڪه (انهيءَ وقت) هيءَ صورت ڪنهن جي خواب خيال ۾ به ڪانه هئي. اتفاقاً ٿوري ئي وقت ۾ (هو جبل) جيڏو بادشاهه شيرخان جي هٿان دربدر ٿيو.
غضنفر بيگ ارغون
مرزا باقيءَ هن کي ٺٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، ۽ هو ڪڇ جي سرزمين ۾ رلندو ٿي وتيو. آخر مرزا جانيءَ جي ڏينهن ۾ خسرو خان جي سفارش سان واپس اچي مقرب بڻيو، ۽ خان خانان واريءَ جنگ ۾ سيوهڻ جي آس پاس مردانا ڪارناما ڏيکاري قتل ٿي ويو.
مرزا بيگ عادل خان ترخان
ڀائرن جي دشمنيءَ ڪري مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ وڃي اڪبري دربار ۾ داخل ٿي، جهانگير جي ڏينهن ۾ قنڌار جو حاڪم ٿيو، پر جنهن صورت ۾ قزلباش لشڪر جو مقابلو نه ڪري سگهي، تنهن ڪري مرزا غازي بيگ وڃي، جيئن بيان ٿي آيو، سوڀارو ۽ سندس قائم مقام ٿيو. هو نڪته سنج ۽ صاحب طبع هو. مير طاهر، ”تاريخ طاهري“ سندس لاءِ تصنيف ڪئي هئي.
ملا بهبود
مرزا عيسيٰ جي خاصخيلين مان هو. مرزا باقي کيس محلات ]جي ٻانهين مان[ هڪ ڏني، جنهن مان مير علي نالي پٽ ڄائس. پاڻ مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ جان بابا سان جنگ ڪندي سخت حملن ڪرڻ کان پوءِ ڪم آيو، ۽ سندس پٽ پاڻ کي ارغون گهراڻي مان سمجهي، مرايم علي سلطان جي لقب سان سڏجڻ لڳو.
قاضي خميسو
اصل ۾ هڪ رول ماڻهو]90[ هو. قاضيءَ جو لقب، ”برعڪس نهند نام زندگي ڪافور“ (کڳي کي يقين شاهه اڄ ڪلهه چون ٿا) جي قسم مان آهي. شايد هن جو بنياد قاضي گهراڻي مان هجي. مرزا باقيءَ جي دربدريءَ واري وقت ۾، سندس رفاقت ۽ بخت جي ياوريءَ جي برڪت سان نالائق هوندي به، مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ سندس ڀاءَ مرزا صالح جون جاگيرون هٿ ڪري، ساري ملڪ جو وڪيل مطلق ۽ مدار المهام ٿيو. سندس اوج هن حد کي پهتو، جو هزارين گهوڙن ۽ نوڪرن سان نڪرندو هو. سندس انسانيت اجها هن نقل مان ظاهر ٿئي ٿي:
چون ٿا، ته هڪڙي ڏينهن سيد علي شيرازي ۽ شيخ عبدالوهاب پوراني اڪثر عالمن، مکيه ماڻهن ۽ وڏيرن سان گڏ ڪنهن ضروري ڪم جي فيصلي لاءِ وٽس ويا. هن حقارت طور چيو، ته ”اچو اي ملؤ!“ هن جماعت ۾ قاضي نعمت الله ڏاڍو تيز طبع هو، تنهن هٿن مان نڪري پڇيو، ته ”قاضي صاحب، ملا جي معنيٰ ڇا آهي؟“ جيئن ته هو معقوليت جي علم کان نهايت بي بهره هو، تنهن ڪري انهيءَ سوال جي جواب ۾ آڱر سان هڪ گول ليڪو ڪڍي، چيائين ته ”هي ڪهڙي شڪل آهي؟“ سڀني وقت جي فيلسوفن ۽ ڪماليت جي صاحبن هيءَ لا يعني شڪل ڏسي، حيرت ۾ پئجي چيو، ته ”اسان کي هن عجيب و غريب شڪل جو پتو نه ٿو پوي، توهان پاڻ اٿي (اسان کي) سيکاريو“. وراڻيائين، ”هيءَ شڪل اهڙي نه آهي جو هيڏيءَ بزرگيءَ هوندي انهيءَ ۾ منجهي پو!“ وري ٻيو هڪڙو ور وڪڙ ليڪو ڪڍي، چيائين ته چڱو هيءَ (هـُـن کان) وڌيڪ آسان آهي، انهيءَ جو جواب ڏيو. هنن جواب ڏنو، ته ”هيئت، حڪمت، هندسہ، ڪيميا، سيميا، توحيد ۽ تسخير جا مسئلا گهڻائي پڙهياسون، پر ههڙي شڪل ڪٿي به نظر ڪانه آئي؟ توهان، جو عقل جي وڻ جي ٽاري آهيو، جي رشن دل کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به خيال ۾ نٿي اچي سگهي“. چيائين ”اي نادانو! باوجود هيڏي همه دانيءَ جي دعويٰ جي، هن صورت ۾ اچي ايڏا سخت منجهيا آهيو، جا هڪ هاريءَ جي ڍڳي جي پيشاب جي صورت آهي“ بزرگ ههڙي صحبت ڏسي، پنهنجي مطلب ظاهر ڪرڻ کان سواءِ ئي اٿي کڙا ٿيا. جڏهن ڏٺائين ته بزرگن کي ڏاڍو ڏکويو اٿم تڏهين معافي وٺي، جنهن ڪم لاءِ تشريف آندي هئائون، سو ڪم پورو ڪري ڏنائين. هيءَ سڀ حاڪم جي بدتميزي آهي، جو ههڙي بيوقوف کي مدار المهام ڪيو اٿس. تنهن کان پوءِ ضرورت هوندي به انهن بزرگن مان ڪو به وٽس ڪونه ويو.
خواجہ خليل
پهرين ته ڳڻ ۾ ڪونه هو، پر جيئن مٿي گذري آيو، مرزا باقيءَ کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۾ مدد ڪرڻ جي خدمت جي بدلي ۾ وڏي عهدي تي سرفراز ٿي مهردار ٿيو. پنهنجي سر سٺو ماڻهو هو. سندس رانئڪ مڪليءَ تي مشهور آهي. چون ٿا، ته هن رائنڪ ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ، وصيت ڪيائين ته ”جنهن صورت ۾ هن جي تعمير حڪومت جي ڏينهن ۾ ٿي آهي، ۽ متان ڪنهن مزدور سان ناحق ٿيل هجي، تنهن ڪري انهيءَ ۾ دفن نه ڪجو“، انهيءَ ڪري کيس انهيءَ کان ٻاهر اڱڻ ۾ هڪ عليحده گنبذ ۾ دفن ڪيائيون.
خسروخان چرڪس
چنگيز خان جي اولاد مان چرڪس خان ڏانهن منسوب آهي، جو قبچاق جي پـَـٽ تي حڪومت ڪندو هو. ابتدا ۾ ملا جاني بندري وٽ هو، جنهن کان مرزا عيسيٰ وٺي ڪؤنرو کڻندڙ بنايو، ۽ سندس ذاتي جوهر ڏسي کيس عنقريب ]ڪن[ پرڳڻن جي عملداري عطا ڪيائين. مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ ترقي ڪري، مرزا جانيءَ جي ڏينهن ۾ هڪ وڏي اعتماد وارو امير ٿي پيو. جهڙس توفيق ۽ خير جو صاحب ٻيو ڪو هن سر زمين تي پيدا ڪونه ٿيو. جيتريون سندس نشانيون ]91[ باقي آهن، ڪنهن به امير يا بادشاهه کي انهن جي ڏهين حـصي جي به توفيق ڪانه ٿي. ٺٽي، مڪلي، ۽ شهر جي گرد و نواح ۾ ٽي سؤ سٺ مسجدون، رائنڪون، پليون، کوهه ۽ تلاءَ ٺهرايائين، جن مان هرهڪ تي ڪافي رقم خرچ ٿي هوندي. هن سڄي توفيق جو سبب هي هو، ته هڪ ڏينهن پنهنجي حويليءَ جي ڀت تي چڙهيو، ۽ سندس نظر اوچتو پاڙيسريءَ جي زال تي وڃي پئي، جا غسل ڪري رهي هئي. هن اها اک ڪڍي ڇڏڻ گهري، پر عالمن کيس منع ڪئي. پوءِ اهي سڀ خيراتون، انهيءَ جي ڪفارت ۾ ڪيائين.
ڪنهن ڪشف جي صاحب، کيس فوت ٿيڻ کان پوءِ خواب ۾ ڏسي، احوال پڇيو، جواب ڏنائين ته ”دنيا ۾ جيڪي ثواب جا ڪم ڪيا هيم، سي سڀ نانءُ نيڪيءَ جي باعث ٿيڻ (رياءُ) سببان منهنجي ڪم ڪونه آيا، مگر هڪ ڏينهن لکڻ ۾ مشغول هئس ته هڪڙي مک مس چوسڻ لاءِ اچي هڪ حرف تي ويٺي، جنهن تي مان پنهنجي اختيار سان مک جي اٿڻ تائين قلم کي لکڻ کان جهليو، انهيءَ جانور جي دل خوش ڪرڻ جي بدلي ۾ مون کي بخشيائون“.
هو هڪ نامور ترخاني امير هو، ۽ جيئن ذڪر ٿي آيو، غازي بيگ جي نگرانيءَ واسطي ڪن ٻين سردارن سان ]دهليءَ کان[ ٺٽي آيو هو. مرزا جاني بيگ کان پوءِ جڏهن مرزا غازي ]اڪبر جي[ حضور ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن ڪيترو عرصو خود مختيار رهي حڪومت هلايائين. سندس ]حڪومت جي[ ڏينهن ۾ چرڪس ماڻهن ۽ سندس ڏوهٽن ڏاڍيون اراڏيون ڪيون، تنهن ڪري مرزا غازي بيگ جي دل تان ڪري پيو، ۽ هن سندس موقوفيءَ جو حڪم ڪري، سندس جاءِ تي هندوخان رکيو، پر جئين ته جلد ئي مرزا غازي گذاري ويو ۽ سندس ڪو اولاد ڪونه رهيو، هيڏانهن هن جي ارڏائي بادشاهه جي حـضور ۾ عرض ڪئي ويئي، تنهن ڪري ملڪ تيموري (مغل) اميرن جي قبضي ۾ آيو. هڪڙي روايت موجب، هو ٺٽي کان لاهري بندر ڏانهن وڃي اتان ايران هليو ويو، ۽ ٻئي قول موجب، هتي گذاري ويو. سندس سجع خسرو دهلويءَ جي هيءَ مصرع هوندي هئي: ”خسرو از تو پناهه مي طلبد“.
ڀائيخان
لطف الله نالي مٿئين خسرو خان جو پٽ ]بادشاهه جي[ حضور، خواهه قنڌار ۾ غازي بيگ سان گڏ هو. قنڌار مان پٺاڻن جي تڙڻ ۾ نمايان ڪم ڏيکاريائين. سندس پٽ فتح الله ڏاڏي جي حڪومت ۾ مرادون ماڻي، چاچڪان جي پرڳڻن ۾ خود مختيار ٿي رهيو.
هاڻي قطب الاقطاب شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جا پوٽا، شيخ ڪالي خان جو اولاد، مٿئين خسرو خان جا ڏهٽا، جيڪي قريشي قبيلي سان مشهور آهن، سندس حويليءَ ۾ رهن ٿا، جا فقط زمين وڃي رهي آهي.
مـُـلا محمد علي
مرزا جاني بيگ جو وزير ۽ مغل گهر جو ناٺي هو. ٺٽي ۾ هڪڙو محلو سندس نالي تي مشهور آهي. سندس پٽ: محمد قاسم، شاهه جهاني وزير جعفر خان جي خدمت ۾ منشي هوندو هو. کيس ٻه پٽ محمد مقيم ۽ محمد عارف نالي ٿيا. محمد مقيم پيءُ کان پوءِ، ساڳيءَ سرڪار جو منشي ٿيو، ۽ محمد عارف شهزادي ڪام بخش وٽ منشي هوندو هو. ٻنهي جو اولاد دهلي لڏي ويو، ۽ ٺٽي ۾ سندس ڏوهٽا، جن جو بيان اڳتي ايندو، اڃا تائين موجود آهن.
مـُـلا گدا علي ’ڀائيخان‘
ملا گدا علي ’ڀائيخان‘ ولد مهتر عسل، مرزا جاني بيگ جي اميرن مان هو ۽ مرزا غازي بيگ سان گڏ زهر کائي گذاري ويو. ڀائيخان جو محلو سندس نالي تي مشهور آهي.
محمد امان ترخان
جاني بيگ جي اميرن مان هو. عام طور کيس ”ملک امان“ چوندا هئا. ”چوڪ ملڪمان“ الف جي تخفيف سان سندس نالو مشهور آهي.
امير بيگ
باقي رهيل ارغونن مان آهي. ]92[ مرزا جانيءَ جي لشڪر جو بخشيل هو، ۽ ساڻس گڏ ]شهنشاهه جي[ حـضور ۾ پڻ ويو هو. امير بيگ جي بازار انهيءَ ڏانهن منسوب آهي.
مير احمد بيگ مزنگ
مرزا جانيءَ جو خاص ماڻهو هو. مرزا غازيءَ کيس ’سلطان‘ جو لقب عطا ڪري وڪيل ڪل بڻايو ۽ جڏهن قنڌار جو صوبو مليس، تڏهن امان خان مٿئين جي عذر پيش ڪرڻ ڪري انهيءَ جي تجويز رد ڪري، هن ]احمد بيگ[ کي ’اعتماد خان‘ جو لقب ڏيئي، پنهنجي پاران اڳ ۾ موڪليو هئائين. سندس پٽ منعم بيگ ۽ پوٽو مير شرفو، ٺٽي ۾ مشهور و معروف هوندا هئا. پير پٺي جي درگاهه جي ڏاڪڻ، جا کٽي جي لقب سان مشهور آهي، مير شرفوءَ جو يادگار آهي. سندس اولاد مان مير منون ۽ مير چتن ٺٽي جا ناليرا بزرگ هئا. هڪڙو وڏو محلو سندس رهڻ جي جاءِ هو، جتي هاڻي امير خاني رهن ٿا، ۽ هن جي گهراڻي مان، انهيءَ اولاد کان سواءِ، جن جو ذڪر اڳتي ايندو، ڪوبه ڪونه رهيو آهي.
__________________
(1) ”ترخون“ (تر = ڀريل + خون = رت) = رت ۾ ڀريل.
(1) بيگلارنامي (ص 13) موجب مرزا عيسيٰ جي چوٿين پٽ جو نالو”مرزا ابراهيم“ هو. پنجون پٽ به هئس، ”مرزا جوهر“، پر هو ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويو هو، مرزا ابراهيم به پيءُ جي جيئري گذاري ويو هو (ترجمو سنڌي ”بيگلار نامہ“)
(2) نسخو ”ن“: نيرنگ خان
(1) مير قانع جو هي بيان مير معصوم جي بيان جي صريح مخالف آهي. مير معصوم، ته پنهنجي تاريخ (ص208) ۾ لکي ٿو: ”مرزا محمد باقي هندستان وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سلطان محمود، هن خيال کان ته متان هندستان مان ڪو لشڪر وٺي اچي، ۽ جنهن صورت ۾ انهي لشڪر کي بکر وٽان ئي لنگهڻو پوندو، تنهن ڪري سندس حڪومت جي انتظام ۾ خلل پوندو، کيس هندستان وڃڻ نه ڏنو“.
(1) مير قانع پنهنجي عادت موجب اختصار جي ڪوشش ڪندي، مرزا عيسيٰ خان ۽ سلطان محمود خان بکريءَ جي وچ ۾ پيدا ٿيل واقعات کي پاڻ ۾ گڏي، منجهائي ڇڏيو آهي. اصل حقيقت، جا تاريخ معصومي (ص 207-210) مان معلوم ٿئي ٿي، هن طرح آهي، ته مرزا شاهه حسن جي وفات کان پوءِ، مرزا عيسيٰ ترخان سنہ 962 هجريءَ ۾ تخت تي ويٺو. هڪ سال کان پوءِ يعني سنہ 963 هجريءَ ۾ ارغوني سردارن جي برغلائڻ تي وڏو لشڪر وٺي، اچي بکر جي سامهون لٿو. پندرنهن ڏينهن لڙائي جاري رهي، ته فرنگين وارو ٺٽي کي ڦرڻ جو واقعو ٿي پيو، جنهن ڪري مرزا عيسيٰ گهيرو ڇڏي تمام تڪڙو ٺٽي موٽي ويو. ٻيو دفعو وري سنہ 70-971 هجريءَ ۾ مرزا ۽ ارغونن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي، جنهن ڪري ڪي ارغون سردار ڀڄي سلطان محمود خان وٽ آيا، جن سان گڏجي سلطان محمود خان جي ماڻهن وڃي سيوهڻ جي قلعي کي گهيرو ڪيو، مگر ڪجهه ڪري نه سگهيا. آخر سانوڻ جي موسم ۾ مرزا عيسيٰ اچي کين اتان ڀڄائي ڪڍيو. رفيان وٽ سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ سلطان محمود خان جا چڱا چڱا ماڻهو قتل ٿي ويا. مرزا عيسيٰ اچي درٻيلي وٽ ديرو دمائي ويٺو. نيٺ شيخ عبدالوهاب ۽ ماه بيگم جي وچ ۾ پوڻ تي ٺهراءُ ٿيو.
(1) اصل متن ۾ ”نالـہء نار“ لکيل آهي، مگر تاريخ طاهري (ص157) ۾ لکيل آهي، ته هن واهه کي ٺٽي جا ماڻهو ”نارقي“ سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته تاريخ طاهري، تحفة الڪرام کان آڳاٽي ۽ انهي جو هڪ ماخذ آهي، تنهن ڪري اسان انهي تي اعتماد ڪري ترجمي ۾ ”نارقي واهه“ لکيو آهي.
(1) هن راتاهي جو بيان، مير معصوم پنهنجي تاريخ سنڌ (ص212) ۾ هن طرح ڏنو آهي: ”نيٺ جان بابا ترخان سميجن ۽ سوڍن جا راڄ گڏ ڪري، مرزا محمد باقيءَ تي راتاهو هنيو. مرزا محمد باقيءَ ٻيڙيءَ جي پاڇل تان پاڻ کڻي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ اتان وڃي هڪ ڊونديءَ تي چڙهيو. سميجا ٻيڙيءَ ۾ گهڙي آيا ۽ رائجہ بيگم (مرزا محمد باقيءَ جي بيگم) کي قتل ڪري ڇڏيائون“. پر هن باب ۾ مير علي شير قانع جو بيان وڌيڪ صحيح آهي. هيءُ راتاهو شاهه قاسم ارغون هنيو هو، جنهن کي ’خان زمان‘ جي لقب سان سڏيندا هئا. هيءُ واقعو سن جي ڀرسان لاکن جي ڳوٺ ۾ ٿيو هو، جتي مرزا محمد باقي ڇانوڻي هنيو ويٺو هو. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”بيگلار نامو“، سنڌي ترجمو، ص67-74)
(1) جان بابا جي قتل جو واقعو تاريخ معصوميءَ (ص213) ۾ هن طرح بيان ٿيل آهي: ”مرزا جان بابا“ يادگار مسڪين پهرئين ئي حملي ۾ ڪڪرالي ڏانهن نڪري ويا، جو سمنڊ جي ڪناري تي ڄام مهر (ڄام ڏيسر) جي رهڻ جو هنڌ هو ... مرزا محمد باقي ٺٽي جي هڪڙي وڏي پير، سيد علي ]شيرازيءَ[ کي وچ ۾ آڻي، مرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين کي صلح سان هٿ ڪري، قتل ڪري ڇڏيو،“: بيگلار نامي (ص 78، 79) به تقريباً ساڳي طرح لکيو آهي. ياد رکڻ گهرجي، ته جنهن جنگ ۾ جان بابا ”يادگار مسڪين شڪست کائي ڪڪرالي ڀڄي ويا هئا، انهيءَ جنگ جو بيان مير قانع ڪونه ڪيو آهي. اها جنگ ماهه بيگم، جنهن کي بيگلار ناميءَ جو مصنف حاجي بيگم سڏي ٿو، جي سرڪردگيءَ هيٺ 977 هجريءَ ۾ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي لڳي هئي، جنهن ۾ ماهه بيگم قيد ٿي پيئي، جان بابا ۽ يادگار مسڪين ڪڪرالي ڀڄي ويا ۽ مرزا محمد باقيءَ جي فتح ٿي. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: بيگلار نامہ، سنڌي ترجمو، 76-79، ۽ تاريخ معصومي“ ص 212-213)
(2) مرزا عيسيٰ جي پٽ مرزا غالب جو ذڪر تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪونه ٿو ملي، البت جيئن مٿي صفحي جي حاشئي ۾ بيگلار نامي جي حوالي سان ڏيکاري آيا آهيون، مرزا عيسيٰ کي ابراهيم ۽ جوهر نالي ٻه پٽ هئا، پر اهي پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويا، مرزا صالح به، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، پيءُ جي جيئري مارجي ويو هو، تنهن ڪري مرزا عيسيٰ کان پوءِ فقط سندس ٻه پٽ مرزا باقي ۽ جان بابا بچيا هئا. والله اعلم
(3) هن بزرگ جو نالو تاريخ معصومي (ص114-215) ۾ ميرڪ عبد الرحمان لکيل آهي ۽ سندس شهادت جو سبب هن طرح ٻڌايل آهي: 992 هجريءَ ۾ سلطان خواجہ جو ڀاءُ شاهه خواجہ حج کان موٽڻ وقت هرمز جي رستي کان ٺٽي آيو ۽ اچي شيخ عبدالرحمان ولد شيخ ميرڪ جي گهر لٿو. ميرڪ عبدالرحمان کان جيترو ٿي سگهيو اوترو شاهه خواجہ جي مهمانيءَ ۽ خوش آمديد ۾ مبالغو ڪيائين. شاهه خواجہ، عالم پناهه جي دربار ۾ پهچڻ کان پوءِ مٿئين ميرڪ ڏانهن نوازش ڀريا خط موڪليا ۽ اهائي ڳالهه هن بزرگ زادي جي شهادت جو باعث ٿي“ .
(1) خالصو : خلاصو يا نجو. پراڻي اصطلاح ۾ ’جاگير‘ جي ضد طور استعمال ٿيندو آهي. ”هيءُ پرڳڻو خالصو آهي“ ، معنيٰ ’خلاصو ملڪ جي واليءَ جي هٿ هيٺ آهي ۽ ڪنهن جي به جاگير ناهي‘. هتان معلوم ٿو ٿئي، ته مرزا محمد باقيءَ سڀني جاگيردارن کان جاگيرون کسي پنهنجي هٿ ۾ رکيون هيون.
(1) نهايت تعجب جهڙي ڳالهه آهي جو ههڙي ظالم جي، جنهن جي ظالم هجڻ تي ميرقانع ۽ مير معصوم ٻئي متفق آهن، بيگلارنامي جو مصنف ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. لکي ٿو: ”مرزا محمد باقي داناءُ، عاقبت انديش ۽ انصاف وارو حاڪم هو. هو هلندڙ حالتن مان ايندڙ حالتون جاچي سگهندو هو. ملڪ جي انتظام رکڻ ۾ بي نظير هو. هن جي حڪومت ۾ ماڻهن امن امان ۽ آسودگيءَ ۾ گذاريو. ڪوبه ڌاريو ماڻهو هن جي ڏينهن ۾ سنڌ تي ڪاهي نه آيو هو. فقيرن ۽ درويشن ۾ گهڻو ويساهه هوندو هئس. ساداتن ۽ عالمن جي گهڻي عزت رکندو هو. مذهبي اڳواڻن ۽ طالب علمن کي طرحين طرحين انعام ۽ بخششون ڏيندو هو. رعيت کي ڪا به گذران ۽ پيسي جي تنگي ڪا نه هئي. لشڪر کي پگهار ۽ کاڌو خوراڪ باقاعدي ملندو هو. ملڪ جي پوک ۽ آباديءَ تي خاص طرح ڌيان ڏيندو هو. سمجهه ۽ گهڻيءَ سجاڳيءَ سان هو پنهنجو ملڪ هلائيندو هو“ . (بيگلار نامہ، ترجمو سنڌي، ص14)
(1) بيگلار نامي (ص133-135) موجب، مظفر ترخان کي بدين ۾ شڪست، شاهه قاسم ارغون عرف خان زمان ڏني هئي، وڌيڪ تفصيل اتي ڏسڻ گهرجي.
(1) هي ”شاهه رخ“ شايد مرزا پائنده بيگ جو پٽ ۽ جاني بيگ جو ڀاءُ ٿو ڏسجي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪٿي به ڪونه آيو آهي. مٿي جنهن ”شاهه رخ“ جو ذڪر صفحي 66 تي ٿي آيو آهي، سو مرزا باقيءَ جو پٽ هو ۽ اهو مرزا محمد باقيءَ جي ڏينهن ۾ گذاري ويو هو، جيئن بيان ٿي چڪو.
(2) مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص248-249) ۾ لکي ٿو، ته: ”سيوهڻ کي گهيرو جاري هو، ته مرزا جاني بيگ بـَـري ۽ بحري فوج وٺي سيوهڻ کان ڇهن ڪوهن جي پنڌ تي اچي مهراڻ جي ڪپ تي لٿو. محمد صادق خان گهيرو ڇڏي مرزا جاني بيگ ڏانهن متوجهه ٿيو. لڪي جبل جي برابر اچڻ تي مرزا جاني بيگ جي غرابن محمد صادق خان جي لشڪر جي سامهون اچي توبون ۽ گولا ڇوڙڻ شروع ڪيا. ڪيترا ڏينهن ڌريون هڪ ٻئي جي مٽو مٽ رهي لڙائي جي ڪوشش ڪري رهيون هيون، ته ايتري ۾ بادشاهه جو فرمان پهتو، ته ”مرزا جاني، درگاهه ۾ لائق تحفا پيش ڪري، عاجزي، نياز ۽ سچائي ظاهر ڪئي آهي“ . تنهن ڪري محمد صادق خان بکر موٽي آيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ عالم پناهه جي درگاهه ڏانهن روانو ٿي ويو.
خبر نٿي پئجي سگهي، ته مير معصوم، جو اڪبري دربار جو هڪ امير هو، نمڪ جو حق ادا ڪندي، هن طرح هڪڙي اڪبري نواب جي پيشانيءَ تان شڪست جو داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، يا مير قانع ٺٽوي هجڻ ڪري ويهي خواهه مخواهه ٺٽي جي نواب جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن، ۽ کيس ٻڏايو آهي. بيگلار نامي جو مصنف، مير قانع جي تائيد ڪري ٿو (ص137).
(1) مير معصوم پنهنجي تاريخ (ص250) ۾ اڪبر بادشاهه جي ڪاوڙجڻ جو ٻيو سبب ٻڌايو آهي، اهو هي آهي، ته جڏهن بادشاهه لاهور ۾ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن مرزا جاني بيگ، مرزا شاهه حسن جي نقش قدم تي هلي، فرمانبرداريءَ جا شرط پوريءَ طرح بجا نه آندا هئا، ۽ خود مختياريءَ جو دم هڻي رهيو هو، تنهن ڪري بادشاهه نواب خان خانان کي ٺٽي جي ملڪ فتح ڪرڻ ۽ ٻروچن کي ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ مقرر فرمايو.
(1) سڄي آيت: ”يَوْمَ يَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ وَأُمِّهِ وَأَبِيهِ وَصَاحِبَتِهِ وَبَنِيهِ لِكُلِّ امْرِئٍ مِنْهُمْ يَوْمَئِذٍ شَأْنٌ يُغْنِيهِ“ (اهو ڏينهن اهڙو، ته سخت هوندو جو آدمي پنهنجي ڀاءُ، ماءُ، پيءُ، زال ۽ پٽن کان بيزار هوندا، هر هڪ ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندو). (سورة عبس: 34 تا 37)
(1) هي ڪوٽ ڄام تغلق اڏايو هو، هن کي تغلق آباد به چوندا هئا. (ڏسو ڄام تغلق جي بيان ۾)
(1) قرآن شريف جي آيت: أَطِيعُوا اللَّهَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ وَأُوْلِي الْأَمْرِ مِنْكُمْ (تابعداري ڪريو الله جي، رسول الله جي، ۽ پنهنجن حاڪمن جي)
(1) نسخو ”ن“ : ”سيوم علي“
(1) اصل متن ۾ ”در ’فلونيا‘ زهرش واردند“ لکيل آهي. ’فلونيا‘ جي معنيٰ سمجهڻ کان اسان قاصر آهيون، تنهن ڪري ترجمي ۾ نٿا لکون، مطلب صاف آهي.
(1) نسخو ”ن“ : ”کنجاره“
(1) نسخو ”ن“ : ”شجاعت راؤ“
(1) نسخو ”ن“ : ”يزد جردي“
(1) نسخو ”ن“ : خمس وسبعين وتسعماة، يعني سنہ 975 هجري.
(2) ”تمن، طوغ“ (تمن = ڏهه هزار ماڻهو، طوغ = جهنڊو) = اهڙو جهنڊو، جو ڏهن هزارن ماڻهن جي سرداريءَ جي نشاني هجي.
(1) هتي اصل متن جي عبارت منجهيل آهي، لکيل آهي، ته ”ملا محب علي سندي براي وي از درگاهه اکبري تفويض رياست حدود اوچه و آهن وبتي از انتقال بلوچان آورده“ . خود مصنف جي هٿ اکر لکيل نسخي ۾ به عبارت ائين آهي. تاريخ معصومي (سنڌي ترجمو، ص 266) ۾ لکيل آهي، ته ”سنہ 965 هجريءَ ۾ ملا محب علي، درگاهه عالم پناهه ۾ ايلچي ٿي ويو، ۽ بلوچن جي انتقال ڪري وڃڻ سبب اُچ، ججو واهڻ ۽ ڀٽي واهڻ، سلطان محمود جي جاگير مقرر ٿيا.“ اسان تاريخ معصوميءَ جي روايت تي اعتماد ڪري، پنهنجي ترجمي ۾ ’آهن‘ کي ’واهڻ‘ سان بدلايو آهي، ۽ ’]ججو[ واهڻ‘ ڪري لکيو آهي.
(2) سلطان محمود خان جي مفصل احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ڏسو تاريخ معصومي (سنڌي ترجمو، ص 259، 281)
(1) ”بيگلار“ معنيٰ شهزادو، ”بيگلار بيگي“ معنيٰ شهزادن جو شهزادو.
(2) نسخو ”ن“ : 950 هجري.
(1) هتي اصل متن جي عبارت ۾ خلل آهي. متن جي عبارت هن طرح آهي: ”وبناي حال شعر دو قطع اساس زمان قريب هم ازان قرار صورت ظهور دارد“ . اسان جي خيال ۾ ’شعر‘ لفظ ڪاتب جي غلطي آهي، سندس جاءِ تي ”باستشناءِ“ لفظ هوندو. اسان پنهنجي ترجمي جو بنياد انهيءَ درستيءَ تي رکيو آهي. والله اعلم بالصواب.
باب يارهون: تيموري (مغل) شهنشاهن جي اميرن جو طبقو
مرزا رستم
مرزا رستم بن سلطان حسين مرزا بن بهرام مرزا بن شاهه اسماعيل صفوي، جو پهريائين قنڌار جي آسپاس ۾ راور جي سرزمين جو حاڪم هو، اوزبڪن جي خراسان تي غلبي ڪرڻ کان پوءِ، مقابلي جي طاقت نه ساري، سنہ 1002 هجريءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي خذمت ۾ پهتو هو ۽ هميشہ ملتان جو گورنر رهندو ٿي آيو، ]سو هاڻي[ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو.
”منتخب التواريخ“ ۾ لکيل آهي، ته جهانگير بادشاهه هن کي پنجهزاري ]عهدي[ سان سر بلند فرمائي، ٺٽي جي حڪومت ۽ نگراني عطا ڪري، مير عبدالرزاق معموريءَ کي، ٺٽي جي آباديءَ جي قديمي دستور ۽ هلي چليءَ موجب جمعبندي ڪري، ]جملي پيدائش[ کيس جاگير ۾ ڏيڻ جو حڪم ڪيو، تنهن کان سواءِ ٻه لک رپيا نقد، انعام ۽ مدد خرچ طور حوالي ٿيس. جيئن، ته حـضور ظل الاهي (الله جي پاڇي) کي هن صوبي جي آباديءَ جو ڏاڍو خيال هو، تنهن ڪري ]اهو ملڪ[ مٿئين مرزا کي سپاري اتي جي رهاڪن ۽ رعيت جي دلجوئيءَ ۽ مخلوق جي آرام بابت تاڪيد ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ترخاني گورنرن جي ڀڃ ڊاهه واري وقت ۾ ]هي ملڪ[ اعتدال کان نڪري ويو هو. حـضور اعليٰ جي دل ۾ اهوئي خيال هو، ته هو انصاف ۽ عدالت جا شرط جوڳي نموني بجا آڻيندو. هن جي هن سر زمين تي اچڻ کان پوءِ معاملو ابتڙ ظاهر ٿيو. لاچار ٿوري عرصي کان پوءِ کيس موقوف ڪري، ملڪ راجا ’سنگهه سن‘ جي حوالي ڪيو ويو ۽ فيصلو ٿيو، ته هو (مرزا رستم) جيستائين فريادين کي راضي نه ڪندو، تيسين کيس درٻار ۾ حاضريءَ جي اجازت نه ملندي. ]آخر[ ٻن سالن کان پوءِ اها بندش لاهي، سروپا سان نوازي، پهريائين الله آباد جي صوبي ۽ پوءِ پٽنه ۽ بهار ]جي حڪومت[ سان سرفراز فرمايائونس. پڇاڙيءَ جو شاهجهان جي ڏينهن ۾ گوشي نشيني اختيار ڪري آگري ۾ رهڻ لڳو، ۽ نيٺ گذاري ويو. هي شعر عمدو چوندو هو، جنهن ۾ ”فدا“ (1) تخلص ڪندو هو.
سندس ڀاءُ مرزا مظفر حسين پڻ قنڌار جو والي هو، ۽ اوزبڪن جي غلبي کان پوءِ سنہ 1003 هجريءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ داخل ٿي سنبل ]جو پرڳڻو[ ]94[ جاگير ۾ ورتائين. هن کان پڻ عمدا شعر روايت ٿيل آهن.
مرزا رستم جو پٽ مرزا مراد، شاهجهاني اميرن مان هو ۽ ’التفاتخان‘ لقب هئس. هو پڻ تيز طبع هو ۽ برجستا شعر چيل اٿس.
مرزا مصطفيٰ خان
قصو ڪوتاهه - مرزا رستم کان پوءِ مرزا مصطفيٰ خان نالي هڪ امير ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو.
مرزا بايزيد بخاري
هن (مصطفيٰ خان) جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، مرزا (1) بايزيد ابن سيد مبارڪ خان ولد لال خان ولد سيد حبيب ولد سيد يعقوب ولد سيد صالح ولد سيد موسيٰ ولد سيد ابراهيم ولد سيد اسماعيل ولد سيد يحييٰ ولد سيد محمود ولد سيد رڪن الدين ولد سيد عبدالله ولد حـضرت مخدوم جهانيان بخاري جهانگيري، جلوس جي پندرهين سال، مطابق سنہ 1028 هجريءَ ۾ دوهزاري منصب حاصل ڪري، ٻه هزار پنج سؤ سوارن سان ٺٽي جو حاڪم مقرر ٿيو. هو هن کان اڳ بکر جو فوجدار هو.
نواب شريف الملڪ
انهيءَ کان پوءِ نواب شريف الملڪ عرف شريف خان يڪ - چشم ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. هن جي وقت ۾ جلوس جهانگيري جي ايڪيهين سال، مطابق سنہ 1035 هجريءَ، ۾ شاهزادو شاهجهان پيءُ کان ناراض ٿي، ڪي ٿورا خاص ماڻهو ساڻ وٺي، عراق عجم ]ڏانهن وڃڻ[ جي ارادي سان ٺٽي پهتو. ٺٽي ۾ ڪجهه وقت رهڻ جو ارادو هئس، پر شريف الملڪ جنگ ڇيڙي وڌي. ڪئين دفعا ٻنهي پاسن کان توبون ۽ تفنگ ڇوڙيا ويا. شهزادي به ٽي ڀيرا شهر جي اوڀر ڏکڻ ۽ اتر کان حملا ڪري شڪست کاڌي، هڪ ڀيري مڪليءَ جي پل جي ڀرسان پير بدر جي ويجهو سخت لڙائي لڳي، جنهن جي مـُـئلن جا هڏا انهيءَ زمين ۾ اڄ تائين ڏسبا آهن.
چون ٿا، ته هڪ ڀيري شاهزادي جي بيگم، جا حامله هئي، ڪجهه ڏاڙهن جي فرمائش ڪئي، جنهن تي شاهزادي خاص پنهنجي هٿ سان هن باري ۾ خط لکيو. هن جواب ڏنو، ته ”آءٌ پاڻهي ٿو بيگم ڏانهن موڪليان“، ۽ هڪدم هڪ فرنگي توب انداز کي وٺي، بيگم جي رهڻ واري تنبوءَ ۾ گولو اڇلائڻ جو حڪم ڏيئي چيائين، ته ”هتي اجهو ههڙا ڏاڙهون ٿيندا آهن“. گولي جي صدمي کان بيگم جو حمل، جنهن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا هئا، خطا ٿي پيو.
ڪي چون ٿا، ته شريف الملڪ پاڻ دوربينيءَ ۾ ڏسي، شاهزادي کي نشان بنائڻ جي خيال کان توب کي باهه ڏني هئي، پر اتفاقاً شاهزادو هڪدم اک ڇنڀ ۾ جاءِ مٽائي ويو هو، ۽ نشان خالي ويو. هڪدم ڪاوڙ ۾ جنهن اک سان نشان ٻڌو هئائين، تنهن جو، هٿ هڻي، دوڏو ڪڍي ڇڏيائين، ۽ انهيءَ وقت کان ڪاڻو ٿيو. جيڪڏهن اها روايت سچي آهي، ته گوياڪ سندس بري ڪم جو نتيجو کيس سندس هٿان مليو.
قصو مختصر، ته انهيءَ جي بدلي ۾ شهزادي جي تخت تي ويهڻ سان کيس شاهي سزا ملي، ۽ سندس شامت کان ٻيا عهديدار رفيق پڻ تهمت هيٺ آيا.
مرزا عيسيٰ خان
مرزا عيسيٰ وڏي جي پٽ جان بابا جو فرزند هو. مرزا غازيءَ جي تخت نشينيءَ جي ابتدا ۾ ابوالقاسم سلطان سان شورش ۾ رفيق هو، ۽ مرزا کان ڇڄي وڃي سميجن ۾ موقعي جو منتظر رهيو. ابو القاسم جي گرفتار ۽ انڌي ڪرڻ کان پوءِ، ساهه جي ڊپ کان، ]شهنشاهه اڪبر[ جي حـضور ڏانهن ڀڄي ويو، جتي ملازمن جي لسٽ ۾ داخل ٿي قسمين قسمين خدمتون ادا ڪيائين. آخر سنہ 1037 هجري ]مطابق[ آخري سال جهانگيري جي ابتدا ۾، جهانگير ]طرفان[ چار هزار سوارن جي عهدي سان ٺٽي جي حڪومت مليس، ۽ جلد ئي ڪرنال جي نگرانيءَ تي مقرر ٿيو. شاهجهاني دور تائين انهيءَ طرح خوشيءَ سان وقت گذاريندو رهيو. سندس رانئڪ مڪليءَ ۾ هر ملڪ جي تماشائين جو تماشاگاهه آهي.
چون ٿا، ته ]رانئڪ لاءِ[ پٿر پاڻ انهيءَ پاسي کان موڪليا هئائين ۽ ارڙهن سالن ۾ تيار ٿي. ان جو خرچ نورائي ديهه جي آمدنيءَ مان ٿيو، جا سندن وڏن جي قبرن جي خرچ لاءِ انعام هئي.
چون ٿا، ته رانئڪ جي تعمير هلندي مرزا وفات ڪري ويو، ۽ سندس ڪامورن کڻي ڪم بند ڪيو، ورنه مرزا جي دل ۾ خيال هو، ته وڏي نشيمن جي سامهون چئني پاسن کان جوڳا نشيمن هڪ ٻئي جي جواب ۾ تيار ڪيا وڃن.
نواب امير خان
خير ڳالهه کـُـٽائڻي - انهيءَ کان پوءِ نواب امير خان مير ’ابوالبقا‘ ولد نواب قاسم خان ’نمڪين‘ هروي بن ملا مير سبزواري ]آيو[. شاهه جهان کي جنهن صورت ۾ مٿئين شريف خان جي همراهن تي ڪاوڙ هئي، ۽ ڪڪرالي جي ڄام جي گستاخي، جو سندس لشڪر جي بازار تي حملو ڪيو هئائين، نڪامره ذات جي ڌاراجن جي راڻي ۽ مٿئين راڻي جي جاگير جي اٺن جي سنڀاليندڙ حمل جت جون سهڻيون خدمتون ]به ياد هيس[، تنهن ڪري مٿئين نواب کي شهر تي مقرر ڪري موڪليائين. هو سنہ 1037 هجريءَ جي آخر ۾ روانو ٿي ٺٽي جي شهر ۾ پهتو. ٺٽي تي مقرر ٿيل اڪثر عهديدارن کي موقوف ڪري وٺ هيٺ آڻي، ڪڪرالي جي ڄام کي شاهي سزا ڏنائين. حمل جت ۽ ڌاراجن جو راڻو، حـضور ۾ پهچي سرفراز ٿيا. اميرپور سندس آباد ڪيل آهي ۽ سندس نالي تي سڏجي ٿي. تنهن جو سبب هي آهي جو هو امير ٿيڻ کان اڳ ۾ هڪ دفعو سوار ٿي انهيءَ پاسي کان اچي لنگهيو هو، ڌنارن برپٽ ۾ سندس ڏاڍي خذمت ڪئي هئي، جنهن تي راضي ٿي سندن حال احوال پڇيو هئائين، ۽ کيس معلوم ٿيو هو، ته اها زمين ويران آهي ۽ اتي جا ماڻهو مال چاريندا آهن ۽ سندن وقت ڏکيائيءَ ۾ گذرندو آهي. هاڻي جڏهن ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، تڏهن انهيءَ احسان جي بدلي ڏيڻ لاءِ، انهيءَ زمين جي ڪڇ ڪرائي، مٿين ماڻهن جي نالي ڪيائين، جي سندس حڪم موجب آباد ڪري ڳوٺ ٻڌي ويٺا، هاڻي ]اهو ڳوٺ[ بٺوري، بهرام پور، درڪ، ۽ پليچار جو هيڊڪوارٽر آهي.
مطلب، ته مٿيون امير هڪ عاليشان امير هو. الله تعاليٰ سندس اولاد ۾ برڪت وڌي آهي. امير خاني ماڻهو(1) اهي آهن، جي سنڌ ۽ هند ۾ وڏي عزت ۽ علم ۽ دانائيءَ جي ڪمال ۾ مشهور آهن. سندس ]امير خان[ جي دانائيءَ بابت عجيب نقل مشهور آهن.
نقل آهي، ته هڪ ڏينهن آئيني ۾ منهن ڏسي پنهنجي عڪس تي ’سلام عليڪ‘ چيائين. حاسدن هن کي دماغ جو خلل سمجهي اچي بادشاهه کي عرض ڪيو. جڏهن کيس خبر پيئي تڏهن عرض ڪيائين، ته ”مون پنهنجي عڪس تي سلام هن ڪري ڪيو هو، جو پنهنجي سونهاريءَ ۾ ٿورا اڇا وار ڏسڻ ۾ آيم، ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾، ته حـضور اعليٰ جي تربيت جي پاڇي ۾ ٻڍو غلام ٿيو آهيان، پنهنجي سونهاريءَ جي تعظيم بجا آندم“. سندس هي عرض حـضور کي پسند آيو. هن عقلمنديءَ ڪري سونهاريءَ جون اهي چڳون بلڪل ڇڏي ڏنيون هيون، جيڪي سندس خيال موجب مڇن کي تاب ڏيئي رهيون هيون. سندس نشانن مان چوڪ عبدالغني ۽ ملڪ مان جي وچ ۾، محلي ڀائيخان ۾، هڪ مسجد، جا هندن جي مڙهي ڊاهي ]ٺاهي ويئي هئي[، يادگار آهي. سندس رانئڪ مڪليءَ جي مقام ۾ آهي. سندس اولاد گهڻو ڪري بزرگ ٿيندا آيا آهن، جيئن ته ضياءُ الدين سيوستان جو فوجدار، ]95[ شمس الدين ۽ ملتفت خان، پنهنجي وقت جو محقق ۽ ولي مير ابو المڪارم تخلص ”مشهود“، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، پڻ سندس اولاد مان آهي، (پڻ) عقلي ۽ نقلي علمن جو جامع مير عبدالرزاق پنهنجي وقت جي عجائبات مان هو.
چون ٿا، ته هو ڪن لفظن اچارڻ ۾ هڪڙ هو. پنهنجي صحيح تدبير سان انهيءَ کي بلڪل لڪائي ڇڏيو هئائين. ڇاڪاڻ، ته جن اکرن جي اچارڻ ۾ هٽڪ ٿيندي هيس، اهي اکر ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيا هئائين. ]ڪمال وري اهو جو[ هر زبان ۾ انهيءَ موجب ڳالهائيندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت هڪ ٻوليءَ ۾ بند ٿيندو هو، ته يڪدم ٻي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪندو هو، سندس سمجهه جي قوت، ٻوليءَ تي ضابطو ۽ علمن جي جامعيت جو اندازو انهيءَ مان ڪري سگهجي ٿو.
مثال: واصل بن عطا وڏو فصيح هو، پر ’السع‘ هو، السع انهيءَ کي چوندا آهن، جيڪو ”را“ جي اکر کي اچاري نه سگهي، تنهن ڪري هو اهو تڪلف ڪندو هو، جو ”ر“ جو اکر ڪلام ۾ مطلق نه آڻيندو هو. هڪ ڏينهن کانئس پڇيائون، ته ’نيزو اڇلائي گهوڙي تي چڙهه‘ کي عربيءَ ۾ ڪيئن چيو ويندو؟ ”مطلب هو، ته هو چوندو: ”اطرح رمحک وارکب فرسک“، پر هن في البديهه چئي ڏنو: ”الق قناتک و اعل جوادک“.
نواب مظفر خان جهانگيري
بهرحال، امير خان کان پوءِ نواب مظفر خان جهانگيري عرف مير عبدالرزاق معموري، جو مٿي لکڻ موجب لوڌي خان کان پوءِ ترخان گهراڻي کان ورتل پرڳڻن جو امين هو ۽ خسرو خان کان پوءِ امانت سان گڏ ٺٽي جو ضابطو پڻ سندس هٿ ۾ هو، سو بالاستقلال ناظم مقرر ٿيو. ٺٽي جي گودري بازار واري جامع مسجد سندس نشانين مان آهي، جا امين هجڻ واري زماني ۾ ٺهرائي هئائين، ۽ ’خضري مسجد‘ جي نالي سان مشهور آهي. چون ٿا، ته اها پهريائين هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي ’نهال درياءَ‘ چوندا هئا، مٿئين نواب سنہ 1017 هجريءَ ۾ اها ڀڃي جامع مسجد ٺهرائي.
سيد ابراهيم
تنهن کان پوءِ مٿي ذڪر ٿيل مير بايزيد بخاريءَ جي پٽ سيد ابراهيم کي حڪومت ملي.
نواب مغل خان
پوءِ سنہ 1057هجريءَ مطابق سنہ 21 جلوس شاهجهانيءَ ۾ نواب مغل خان ٺٽي جي حڪومت تي مقرر ٿي آيو. ڇهه سال مرادون ماڻيائين. سندس حڪومت جي عرصي ۾ سنہ 1059 مطابق سنہ 23 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ملڪ شهزادي اورنگزيب جي حوالي ٿيو. بکر ۽ سيوستان جو علائقو شرطي زمينداريءَ طور عنايت ٿيو، تنهن کان اڳ ملتان جو صوبو انهيءَ شاهي تاج جي هيري کي تنخواه ۾ جاگير مليو هو، تنهن ڪري قاعدي موجب صوبي جا گورنر سندس نائب بنجي ساڻس واسطا رکڻ لڳا.
نواب ظفر خان
انهيءَ کان پوءِ سنہ 1063 هجريءَ مطابق سنہ 37 جلوسيءَ ۾، نواب ظفر خان ٺٽي جو نائب مقرر ٿيو. هو ڇهه سال رهيو، ۽ صاحبقران ثاني ]شاهجهان[ جي ڏينهن جو آخري حاڪم هي هو. ’مشڪين باغ‘ ، جنهن جو فقط نالو وڃي رهيو آهي، هن ٺهرايو هو.
هن جي ڏينهن ۾ شاهجهاني جلوس جي اوڻٽيهين سال مطابق سنہ 1065هه، ۾ داراشڪوه جو پٽ سپهر شڪوه، هفت هزاري عهدي سان ٺٽي جو سردار مقرر ٿي آيو. شهر جو اڳيون ناظم سندس نائب مقرر ٿيو.
قباد خان
جڏهن صاحبقرآن ثاني (شاهجهان) جي فرزند گرامي، بادشاهه اورنگزيب عالمگير جو وارو آيو، تڏهن سنہ 1069 هجريءَ ۾ قبادخان آيو. اتفاقاً سندس ڏينهن ۾ هن ملڪ جي رهاڪن تي سخت ڏڪار ۽ وبا جي مصيبت آئي، تنهن سان گڏ شهزادو محمد دارا شڪوه به اچي وارد ٿيو، جنهن جي لشڪر جي اچڻ ڪري هيڪاري نئين مصيبت پيدا ٿي.
مشهور آهي، ته ٺٽي ڏانهن اچڻ وقت، دارا شڪوه ]96[ دل ۾ سمجهي رهيو هو، ته اُتي جو قلعو رهڻ جي لائق هوندو، ]سو قلعو[ ڏسڻ سان چاهيائين، ته ”هيءُ ڪنهن جي حويلي آهي؟“ جڏهن ٻڌائين، ته دار الحڪومت ۽ قلعي جو شاهي محلات اهو آهي، تڏهن ڪاوڙجي ٻاهر نڪري انهيءَ کي باهه ڏيڻ جو حڪم ڏنائين. حڪم موجب شهر جي گهاٽ کي باهه ڏنائون. ’سوخـة گهاٽ‘ نالو اتان پيو.
نواب لشڪر خان
خير- قباد خان کان پوءِ، سنہ 1071 هجريءَ مطابق سنہ 3 جلوس عالمگيريءَ ۾، نواب لشڪر خان ٺٽي آيو، ۽ چار سال رهيو.
نواب غضنفر خان
پوءِ نواب غضنفر خان(1) سنہ 1075 هجريءَ مطابق سنہ 7 جلوس عالمگيريءَ ۾ ٺٽي ۾ آيو، ۽ ٽي سال رهي گذاري ويو.
نواب سيد عزت خان عرف عزت پير
پوءِ نواب عزت خان عرف عزت پير، جو بکر جو فوجدار هو، سنہ 1078 هجريءَ مطابق 10 جلوس عالمگيريءَ ۾، ٺٽي جي نوابيءَ جي عزت لڌي ۽ پورا ٻه سال گذاريائين.
نواب ابونصرت خان
ان کان پوءِ عالمگير بادشاهه جو مامون نواب ابو نصرت خان، جو هڪ ديندار ۽ پرهيزگار امير هو ۽ شعر گوئيءَ ۾ پڻ مهارت هيس، سنہ 1080 هجريءَ مطابق(2) سنہ 12 جلوس عالمگيريءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ٻه سال گذاريائين.
نواب سعادت خان
انهيءَ جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، سنہ 1082 هجريءَ مطابق سنہ 14 جلوسيءَ ۾ نواب سعادت خان کي ٺٽي جي صوبيداري ملي.
نواب سيد عزت خان
اٽڪل ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ، وري نواب سيد عزت خان ٻيو دفعو سنہ 1084 هجريءَ مطابق 16 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ڇهه سال حڪومت هلايائين.
نواب خانه زاد خان
انهيءَ کان پوءِ، سنہ 1090 هجريءَ مطابق سنہ 22 جلوسيءَ ۾، نواب خانه زاد خان ٺٽي جي ڪاروبار جو ناظم ٿي آيو، ۽ اٽڪل پنج ورهيه گذاريائين، هن کي شعر ۾ چڱو ملڪو هو، سند شعر ڪتابن ۾ موجود آهن.
نواب سردار خان
هن جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، سنہ 1095 هجريءَ مطابق سنہ 27 جلوسيءَ ۾، نواب سردار خان ملڪ جي سرداري ماڻڻ لڳو. هو پورا ٽي سال رهيو. تقديراً سندس ڏينهن ۾ نهايت سخت وبا ۽ ڏڪار منهن ڪڍيو، ۽ انهيءَ وقت جي موت ۽ لڏ پلاڻ ڪري جيڪي هنڌ ويران ٿيا، سي وري ڪين وسيا.
نواب مريد خان
هن جي موقوف ٿيڻ بعد، 1099 هجريءَ مطابق سنہ 30 جلوسيءَ ۾ نواب مريد خان، جو اصل ۾ نومسلم راجا زادو هو، ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. چون ٿا، ته ساڻس ڪيترائي هزار راجپوت ساڻ هئا. شهر جي گهاٽ وٽ پهچڻ تي جڏهن معلوم ٿيس، ته شاهي محلات جي قلعي تائين پهچڻ ۾ ڳئون ڪـُـهندڙن قاصاين جي بازار مان ضرور لنگهڻو پوندو، تڏهن ڪجهه هنن جي پاس خاطريءَ ۽ ڪجهه پنهنجي اصليت جي اثر کان ٺٽي جي قاضيءَ، قاضي حسين ڏانهن پيغام موڪليائين، ته ”مون سان راجپوت قوم جي هندن جي وڏي جماعت ساڻ آهي، تنهن ڪري ڳئون ڪـُـهندڙن قاصاين جا دڪان رستي تان کڻائي ڇڏيو، متان هنن ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ تڪليف پيدا ڪن“. جيئن ته شرع پرور بادشاهه جو قانون ههڙن ماڻهن جي مجبور ڪرڻ ۽ ڊيڄارڻ کان بيپرواهه هو، تنهن ڪري قاضي صاحب راتو رات قاصاين کي بازار جي ٻنهي پاسن، ]97[ دستور موجب، اڳيئين کان اڳرن دڪانن سينگارڻ جو تاڪيد ڪيو. مٿيون ناظم، دين پرور شهنشاهه جي حڪم جي تعميل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، لاچار اڳين حاڪمن وانگيان انهيءَ رستي تان لنگهي ويو ۽ ٻه سال ٺٽي ۾ مقرر رهيو.
جنهن صورت ۾ سندس لشڪر کان مسلمانن کي ڏاڍي تڪليف ٿي پهتي، تنهن ڪري مکيه ماڻهن جي عرض ڪرڻ تي هن نموني جو شاهي فرمان آيو، ته ”سندس ’هيٺيان ٻه نقطا مٿان ڪري (مريد = مرتد) کي مسلمانن تي حڪومت ڪرڻ کان موقوف ڪريو.“ موقوف ٿيڻ کان پوءِ اکين جي ديد جهڪي هجڻ جي بيماريءَ سببان تغلق آباد عرف ڪلان ڪوٽ جي آبهوا طبع جي موافق ڏسي، ڪجهه وقت اتي ويٺو رهيو، ۽ بادشاهه پڻ سندس دلجوئيءَ خاطر ڪا به روڪ ڪانه ڪئي. قلعي جي ٿوري تعمير ۽ تغلق آباد جي ڪجهه آبادي انهيءَ جي ڪرايل آهي.
نيٺ جڏهن ٻيو ناظم ٺٽي ۾ ويهي دخيلڪار ٿيو، تڏهن هن کي حـضور ۾ گهرايو ويو.
نواب زبردست خان
نواب مريد خان جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ سنہ 1101 هجريءَ مطابق 33 جلوسي، ٺٽي ۾ آيو، پر انهن ئي ڏينهن ۾ گذاري ويو(1)
نواب ابونصرت خان
انهيءَ کان پوءِ ساڳئي سال ۾ نواب ابو نصرت خان ٻيو دفعو آيو، ٻه سال ۽ ڪي مهينا گذاريائين.
نواب حفظ الله خان
هن جي موقوف ٿي هلئي وڃڻ کان پوءِ، شاهجهان بادشاهه جي وزير سعد الله خان جو پٽ نواق حفظ الله خان، سنہ 1103 هجريءَ مطابق سنہ 35 جلوسيءَ ۾، ٺٽي ۽ سيوستان جو حاڪم ٿي آيو. هي هڪڙو سخي ۽ صاحب توفيق امير هو. پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جي عرس جي موقعي تي هزار ماڻهن لاءِ شاهاڻو دسترخوان پکيڙيندو هو، ۽ اول توڙي آخر ۾ پاڻ ڪؤنرو هٿ ۾ کڻي هٿ ڌئاريندو هو، جنهن وقت شاهزادو محمد معز الدين، ميان دين محمد (ڪلهوڙي) سرائيءَ کي پڪڙي آيو هو، تڏهن هن کي سيوستان واري درياءَ تي پـُـل ٻڌڻ جو حڪم ٿيو هو. جڏهن ڏٺائين، ته شيخ عبدالغني ٺٽي واري کان سندس حڪم موجب دل گهرئي نموني تي ڪم نٿو ٿي سگهي، تڏهن پاڻ بنفس نفيس بندوبست ڪيائين، ۽ سج جي گرميءَ جي جهڙپ کان سندس طبعيت کي تڪليف پهتي، جنهن جي سستيءَ کان سنہ 1112 هجريءَ ۾ سيوستان ۾ گذاري ويو. مير غلام علي آزاد،”يدبيضا“ سندس تاريخ، قرآن شريف جي هن آيت مان ڪڍي آهي: فَلَهُمْ جَنَّاتُ الْمَاْوي نُزُلاً بِمَا كَانُوْ يَعْلَمُوْنَ (سندس عملن جي انعام ۾ کين رهڻ لاءِ جنتون ڏنيون ويون آهن). ٺٽي جي حاڪم جي رهڻ وارو قلعو، جو اڃا تائين باقي آهي، انهيءَ جو ٺهرايل آهي. هن جي اڻ پوري رهڻ جو سبب هي هو، ته سوانح نگار(1) ]بادشاهه جي[ حـضور ۾ عرض پيش ڪيو، ته ”مقصد شهر پناهه ]ٺهرائڻ[ هو، پر هي پنهنجي حويليءَ لاءِ قلعو ٺهرائي رهيو آهي“، تنهنڪري انهيءَ جي خرچ جي مجرائي ڪانه ملي ۽ ڪم جتي هو اُتي رهجي ويو. باقي حـصو، مرزا باقي ترخان جي ڏينهن وارو، قائم رهندو آيو. ڪماليت ۽ بلاغت جي صاحب هجڻ ڪري شعر ڏاڍو لطيف چوندو هو.
سعيد خان
عرف خانه زاد خان سعيد خاني چنگيزخاني، سنہ 1113 هجريءَ مطابق سنہ 45 جلوسيءَ ۾، ٺٽي ۽ سيوستان جو ناظم مقرر ٿيو. پاڻ سيوستان ۾ ويهي پنهنجي پٽ ارشد خان کي ٺٽي موڪليائين.
مير امين الدين خان حسين
پوءِ مير امين الدين خان حسين ولد سيد ابو المڪارم، تخلص ”مشهود“، بن مير ابو البقاء عرف امير خان، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو، سنہ 1114 هجريءَ مطابق سنہ 46 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جي حڪومت سان سرفراز ٿيو. ]98[ هو هڪ عاليقدر امير هو. گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۽ عالمن جي صحبت ۾ مشغول رهندو هو. چوڏهن علمن جي بيان ۾ ڪتاب ”رشحات الفنون“ ۽ ڪتاب ”معلومة الافاق“ سندس تصنيفات مان مشهور آهن.
”معلومة الافاق“مان ٻه نقل هتي لکجن ٿا:
نقل - عالمگير جي پوين ڏينهن ۾ ٺٽي جي سماواتي پرڳڻي ۾ نيلوفري ڍنڍ تي، جتي اڪثر برهمڻ، هندو ۽ چاچڪ رهندا آهن، هڪ چاچڪياڻي عورت کي ڇهين مهيني جو ڪچو ٻار ڄائو، جنهن کي انساني عضون مان ڪوبه عضوو ظاهر ڪونه هو. کيس چـُـرندو پـُـرندو ڏسي پيءُ ماءُ کي سندس پورڻ تي دل نه ٿي، ۽ سندس نگرانيءَ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. نيٺ رفتي رفتي انساني عضون، جهڙوڪ: اکيون، ڪن، نڪ، چپ، منهن، هٿ ۽ پير وغيره، جون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون. جيئن ٻار ڄمڻ جي پوري مدت گذري، تيئن هو به صحيح سالم عضون وارو ٻار بنجي پيو ۽ کير ڌائڪ ٻار وانگيان ماءُ جي ببن مان کير ڌائڻ لڳو. سندس پيءُ ماءُ کيس عمرڪوٽ وڃي پاليو. هو ڳالهائيندڙ ۽ اباڻي فن جو ماهر ٿي پيو، ۽ پندرهن سالن تائين جيئرو هو.
مثال - مادي شينهڻ جڏهن ٻچو ڄڻيندي آهي، جو ڄمڻ وقت فقط هڪ گوشت جو ٽڪرو هوندو آهي، ۽ منجهس ڪابه چـُـرپـُر يا حس ڪانه هوندي آهي. هو ٽن ڏينهن تائين انهيءَ حالت ۾ هوندو آهي ۽ شينهڻ هن جي نظرداري ڪندي آهي. تنهن کان پوءِ سندس پيءُ ايندو آهي، جو هن کي لاڳيتيون ڦوڪون ڏيندو آهي ۽ هو چرڻ پرڻ ۽ ساهه کڻڻ ۽ شڪل وٺڻ لڳندو آهي. پوءِ سندس ماءُ اچي کيس کير پياريندي آهي، ۽ هو صورت وٺڻ کان پوءِ ستن ڏينهن گذرڻ کان بعد اکيون کوليندو آهي، ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ وقت گذران هٿ ڪرڻ سکندو آهي (عجائب الحيوانات، بحوالہ ”عين الحيات منتخب حيات الحيوان“).
نقل - عالمگير جي ڏينهن ۾، شهر ۾ هڪ حاملا عورت کي سور ڇهه ڏينهن هليا، پر ڇوٽڪارو ڪونه ٿيو. تنهن کان پوءِ (سور لهي ويا) ۽ اهو خيال بلڪل دفع ٿي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ، قادر ڪارساز جي قدرت سان، انهيءَ عورت جي ران جي پاڙ ۾ ڦرڙي پيدا ٿي، جا وڏي ٿي ڦاٽي، ۽ انهيءَ مان هڪ ڇوڪري پيدا ٿي. زخم مرهمن رکڻ سان ميٽجي ويو، ۽ ڇوڪري ستين سال گذاري ويئي. تمثيل - عنايت خان نالي هڪ ٺٽي ۾ رهندڙ پٺاڻ جي زال ويم جي سورن ۾ گذاري وئي. اٽڪل ٽن سالن جي عرصي کان پوءِ، پاڙي جون زالون ڪنهن زيارت جي موقعي تي مڪليءَ جي مقام ۾ ويون. سندن ٻار راند روند ۾ مشغول هئا، ته انهن جي شور ۽ غل تي قبر مان هڪڙو ننڍڙو ٻار منهن ٻاهر ڪڍي، وري اندر هليو ويو. ٻارن هيءُ نئين ڳالهه ڏسي دهشت زده ٿي وڃي پنهنجن مائرن سان ڳالهه ڪئي، جن اچي ڏٺو، ته مٿئين پٺاڻ جي زال جي قبر ۾ انساني شڪل جو هڪ ٻار ڏسڻ ۾ ٿي آيو. وڃي هن کي ٻڌايائون، اچي جاچ ڪيائين، ته معلوم ٿيس ته اها عورت قبر ۾ صحيح سالم ستي پئي آهي، سندس بـُـبـُـن ۾ کير موجود آهي، ۽ هي ٻار جو انهيءَ مان پيدا ٿيو آهي، سو سندس بـُبُن مان کير ڌائي رهيو آهي. آخر هزارين حيلن سان اهو پٽ مئل ماءُ کان ڇني، گهر وٺي آيا، پر جيئن، ته سندس تربيت جو ڪجهه عرصو قبر ۾ گذري چڪو هو، تنهن ڪري هو فقط هيوليٰ (مادي صورت) رهيو ۽ ڳالهائي يا ٻڌي نٿي سگهيو. هو وڏي عمر ماڻي طبعي موت ۾ گذاري ويو. ڪتاب جي لکندڙ اهو ماڻهو ڏٺو هو ۽ هن جو احوال سندس عزيزن کان ٻڌو هو. سندس وفات تي هن وقت تائين اٽڪل ٿورا ڏينهن گذريا هوندا.
نواب يوسف خان ]ترمذي[
قصو ڪوتاهه - هن کان پوءِ، سنہ 1115 هجريءَ مطابق سنہ 47 هجري جلوسيءَ ۾، نواب يوسف خان ]ترمذي[ ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو، ۽ هڪ سال کان پوءِ موقوف ٿيو.
نواب احمد يار خان
پوءِ نواب احمد يار خان - اصل برلاس قوم جو (ماڻهو)، سندس وڏا لاهور جي علائقي خوشاب ۾ رهندا هئا، سندس پيءُ الله يارخان لاهور ۽ ملتان جو گورنر ۽ اٽڪل چاليهه سال غزنين جو فوجدار هو، جيئن ٻئي جلد ۾ مذڪور آهي. مطلب ته مٿيون ]نواب[سنہ 1116 هجريءَ مطابق سنہ 48 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ٽي سال حڪومت ڪيائين. هي ]اڃا[ عهدي تي برقرار هو، ته عالمگير بادشاهه سنہ 1118 هجريءَ ۾ 26 ذوالقعد تي گذاري ويو ۽ سندس وڏو پٽ بهادرشاهه پهرين محرم سنہ 1119 هجريءَ تي تخت نشين ٿيو. شاهي محلات جي قلعي جي اڀرندي دروازي جي سامهون عاليجان ]واهه[ واري پـُـل سندس نشاني آهي.
نواب سعيد خان بهادر
پوءِ، مٿئين سعيد خان جو پٽ نواب سعيد خان بهادر عرف عطر خان سنہ 1119 هجريءَ ۾ بهادر شاهه جي حڪم سان ٺٽي آيو، ۽ هڪ سال ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ موقوف ٿيو.
نواب مهين خان
سنہ 1121 هجريءَ ۾ نواب مهين خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو.
نواب شاڪر خان
پوءِ، سنہ 1123 هجريءَ ۾، ٺٽي جي حڪومت نواب شاڪر خان کي ملي.
نواب مهين خان
انهيءَ ئي سال نواب مهين خان ٻيو دفعو آيو. هن جي ڏينهن ۾ بهادرشاهه سنہ 1124 هجريءَ ۾ گذاري ويو، ۽ سندس پٽ معز الدين جهاندار شاهه گاديءَ تي ويٺو.
نواب خواجہ محمد خليل خان
ساڳئي ئي سال نواب خواجہ محمد خليل خان ناظم ٿي آيو. انهيءَ ئي سال نون مهينن جي عرصي اندر جهاندار شاهه کي لاهي، بارهه جي سيدن جي مدد سان فرخ سير گاديءَ تي ويٺو.
نواب عطر خان
]فرخ سير جي گاديءَ تي ويهڻ سان[ مٿئين سعيد خان جي پٽ سعيد خان (جنهن جو ذڪر پڻ مٿي ٿي آيو آهي) جو پٽ عطرخان ٺٽي آيو. هي ننڍي عمر جو ناتجربيڪار هو، سندس ڪاروبار سمورو محمد يعقوب ڪشميريءَ جي هٿ ۾ هو، تنهنڪري ٿوري وقت ۾ سندس انتظام بگڙي ويو، ۽ مير لطف علي خان سان (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) کيس ڊگهي لڙائي ڪرڻي پيئي. جنهن صورت ۾ مٿئين مير جي حـضور ۾ ڏاڍي رسائي هئي، تنهن ڪري ظاهري شان و شوڪت ۽ موروثي بهادريءَ هوندي به، پوري سال جي گهيري، مورچن جي جنگ ۽ گهڻين اٽڪلن ويڙهائڻ کان پوءِ جنگ جي صف ۾ سوڀارو ٿيندي ٿيندي اوچتو قتل ٿي ويو.
مير لطف علي خان
مير محمد شفيع نالي، جنت آشيان عارفن جي اڳواڻ، مير محمد يوسف رضوي بکري (جنهن جو بيان اڳتي ايندو)، جي اولاد مان هو. مٿئين عطر خان کان ملڪ کسي خودمختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو. هو هڪ سال گهيري ۾ رهي، ]بادشاهه جي[ حـضور ۾ پنهنجي پوري رسائي ڪري، هن ]عطرخان[ کي جنگ جي صف ۾ قتل ڪري، بالاستقلال حاڪم بڻجي ويٺو. هن جي حڪومت جي ابتدا سنہ 1125 هجريءَ کان پوءِ آهي. سنہ 1127 هجريءَ ۾ عطرخان جي قتل کان پوءِ ]99[ ’شجاعت علي خان‘ لقب مليس. هڪ سال وڌيڪ حڪومت هلايائين. هن کان اڳي يا هن کان پوءِ وڏن وڏن عهدن تي مقرر ٿيندو آيو، ۽ ڏاڍي عزت ۽ آبروءَ سان زندگي گذاريائين. ساڻس بهادري ۽ عزت ۾ سندس مٽ ٺٽي ۾ ڪي ٿورا پيدا ٿيا، ڪوبه حاڪم سندس سامهون مـُـڇن کي وَٽ نه ڏيندو هو. نهايت قابل ماڻهو هو، نثر ۽ نظم جو عمدو ملڪو هئس، ”همت“ تخلص ڪندو هو. آخر سنہ 1145 هجريءَ جي پوري ٿيڻ تي گذاري ويو. مير محمد حسن شاعر، سندس تاريخ ’اَدْخَله في الجَناتِ‘ مان ڪڍي آهي.
سندس فرزند رشيد مير غضنفر علي ۽ مير ذوالفقار علي حد درجي جي بزرگيءَ جي خوبين سان سينگاريل آهن. مير غضنفر علي 1183 هجريءَ ۾ گذاري ويو، ۽ مير ذوالفقار علي وڏن جو يادگار باقي آهي. الله تعاليٰ مٿئين خان جي اولاد ۾ ايتري، ته برڪت وڌي آهي، جو سندس پوٽن خواهه ڏهٽن مان مردن ۽ عورتن جو تعداد پنجاهه کان مٿي آهي، شل الله تعاليٰ اهلبيت جي گهراڻي ۾ اهڙي برڪت وجهندو رهي.
نواب اعظم خان
نواب اعظم خان ولد صالح بن فدائي خان، خان جهان بهادر عرف مير بابا ڪوڪلتاش جو پوٽو. خافي سيدن مان هو. هو مير لطف علي خان جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، 1128 هجريءَ مطابق سنہ 5 فرخسيريءَ ۾، ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. پهريائين ٿوري وقت لاءِ سندس پاران خواجہ محمد خليل آيو، ۽ پوءِ پنهنجي سر اچي پهتو، ۽ اٽڪل چار ورهيه حڪومت هلايائين.
اتفاقاً، سندس اچڻ، ملڪي ماڻهن لاءِ قسمين قسمين آزارن جو باعث ٿيو، جهڙوڪ: ڏڪار، ۽ حق کي سڃاڻندڙ، شرعيت جي بنياد رکندڙ حقيقت جي سمنڊ جي دريتيم طريقت جي رمزن جي عارف ۽ عليم، خدا آگاهه مرشدن جي مرشد، شيخ عنايت الله صوفيءَ جي شهادت جو واقعو.
چون ٿا، ته اهو الله وارو، بٺوري پرڳڻي ۾ غازياهه (شايد غازي واهه) جي ڪناري تي، جهوڪ عرف ميرانپور جي ڳوٺ ۾، خدا پرست صوفين جي جماعت سان، الله جي يادگيريءَ ۾ مشغول هو، ته بلڙيءَ جي سيدن جي اڻبڻت (ڇاڪاڻ، ته سندس خاندان جا فقير هن نئين سلسلي جي ترقي ڏسي انهن کان ڇڄي هنن سان ملي رهيا هئا) ۽ نور محمد پليجي ۽ حمل جت جهڙن زميندارن جي چرچ تي (ڇاڪاڻ، ته انهن جي زمين ۾ فقير اثر ۽ رسوخ پيدا ڪندا ٿي رهيا) مٿئين ناظم، حـضور ۾ عرض ڪري، خدا يار خان عباسي (ميان يار محمد ڪلهوڙي) ۽ ٻين راڄن جي نالي امداد جو فرمان جاري ڪرائي، بي انداز لشڪر وٺي مٿن حملو ڪيو. پورن چئن مهينن جي گهيري ۽ فقيرن جي راتاهي جي ڌڪ سهڻ کان پوءِ، جنهن ۾ ٻاهرين جي بربادي اچي قريب پهتي هئي، آخر هڪڙي فقير غلطي ڪري اسم ذات (الله) جو نعرو هنيو، ۽ ٻيا به انهيءَ نعري ۾ ساڻس گڏجي پيا، جنهن ڪري پنهنجا پراوا ظاهر ٿي پيا، ۽ گهڻا ترار جو لقمو بڻايا ويا، ]تاهم[ اندرين تي فتح حاصل ڪرڻ امڪان کان ٻاهر هئي، تنهن ڪري ٺڳي ڪري انهن کي صلح سان وٺي، نائين صفر 1130 هجريءَ تي، جيڪي ڪرڻو هئس ڪري، ٺٽي ]100[ موٽي آيو، ۽ لشڪر جي خرچ جي عيوض واپارين تي پائو وجهڻ شروع ڪيائين. مخدوم رحمت الله طالب علم، جو وقت جو محقق ۽ پير هو، سوکيس منع ڪرڻ لڳو. جڏهن ڏٺائين، ته باز نٿو اچي، تڏهن انهيءَ لاءِ، ته من سندس اک کلي، هو شهر کان ٻاهر نڪري ويو، پر جنهن صورت ۾ مٿئين ناظم جي حق شناسيءَ جون اکيون لالـــچ جي ڪري بند ٿي چـُـڪيون هيون، تنهن ڪري انهيءَ ظاهري ۽ باطني علمن جي جامع (مخدوم) کي شهر جي ٻاهران آڻي، زنجيرن ۽ ڳـَـٽن ۾ ٻڌرائي، ڪيترو وقت قيد رکيائين جنهن ڪري اڪثر خدا وارا ۽ عام خلق مٿس ناراض ٿيا.
نواب مهابت خان
قصو ڪوتاهه، جڏهن فرخ سير رفيع الدرجات بن رفيع الشان ۽ رفيع الدوله، جنهن جو شاهجهان ]ثاني[ لقب هو، جي خلافت جي ستاري غائب ٿيڻ کان پوءِ، 1131 هجريءَ ۾، محمد شاهه بادشاهه غازيءَ جي شهنشاهيت جو سج حڪومت جي آسمان تي هميشہ لاءِ اڀريو (تخت تي ويٺو)، تڏهن شاهه عالم بهادر بادشاهه جي وزير اعظم محمد منعم خان، خان خانان جو پٽ نواب مهابت خان، سنہ 1132 هجريءَ مطابق سنہ 2 جلوسيءَ ۾ ٺٽي تي مقرر ٿيو. هو وڏيءَ عزت وارو امير، ڪم آزار، غريب پرور ۽ سير سلوڪ کان واقف هو. هميشہ فقيري ۽ ڪمال جي صاحبن سان صحبت رکندو هو، شاعرن سان پڻ چٽا ڀيٽي هوندي هيس. شعر جي واديءَ ۾ استادن طرح ڊڪ ڊوڙ ڪندو هو، ۽ ”ڪاظم“ تخلص هوندو هئس. خدا ]پاڪ[ جي مرضيءَ سنہ 1135 هجريءَ ۾ هن سر زمين ۾ گذاري ويو، ۽ سندس لاش لاهور جي رستي کان کڻي ويا.
سلطان محمود خان
کانئس پوءِ سندس صغير پٽ سلطان محمود خان جانشين ٿيو. جيئن ته ڪامورا اڪثر ماليات کائي ٿي ويا، تنهن ڪري فوتي نواب جي بيگم پٽ جي ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ رضي محمد خان کي موڪليو هو. سنہ 36 (1136 هجري) ۾ اچي هڪ سال رهيو. پر شاهي محلات واري قلعي ۾ اندر جاءِ نه مليس. نيٺ ٻئي سال نواب سيف الله خان ناظم مقرر ٿيو، ۽ سندس پاران هالا ڪنڊي (هالا) واري سانوريہ قوم جي شاهه عبدالغفور جو ڀاءَ عبد السميع خان نائب ٿي ٺٽي آيو. ]هاڻي[ سلطان محمود خان موقوف ٿي موٽي هليو ويو، پر رضي محمد خان ]اڃا به[ حڪومت جي آسري ۾ ڪي ڏينهن ترسي پيو، ۽ تڪليف هيٺ آيو. هو نواب سيف الله جي اچڻ کان پوءِ دل شڪستو ٿي نڪري ويو.
چون ٿا، ته مٿئين نواب کيس نوڪريءَ جي تڪليف ڏني، پر هو پنهنجي ڪم جي رونق نه ڏسي موٽي هليو ويو. سندس رفيقن مان مرزا عبدالغفار، آقا عبدالڪريم، مرزا محمد حسين ۽ آقا محمد صادق، جن مان هر هڪ نامي گرامي هو، هتي رهجي پيا ۽ ڪافي ترقي ڪري پنهنجي کـُـٽيءَ گذاري ويا.
نواب سيف الله خان
اصل ۾ نواب ابراهيم خان ولد علي مردان خان جو محافظ (باڊي گارڊ) هو، ۽ مهيني ذو الحج سنہ 1137 هجريءَ ۾ ٺٽي آيو. هو هڪ عاليشان ۽ بلند مڪان امير هو. سندس ڏينهن ۾ ٺٽي، جيڪا رونق ورتي، سا وري خدا نصيب ڪري. ساڻس گڏ وڏا وڏا بزرگ هئا، ۽ هو بزرگن سان سندس مرتبي لائق هلت هلندو هو. شيعه مذهب کي ڏاڍو رواج ڏنائين. ]101[ هو ’امر‘ ۽ ’نهي‘ ۾ تمام گهڻي ڪوشش وٺندو هو، سڀني نشيدار شين کي بند ڪري ڇڏيو هئائين.
چون ٿا، ته هڪڙي لاقيد (بيدين) ماڻهوءَ سندس حـضور ۾ وڃي عرض ڪيو، ته ”نواب! اسان جي معشوقہ کي ڇو اسان کان ڇنو اٿؤ، جنهن کان سواءِ اسان بيقرار آهيون؟“ هن جي مراد ڀـَـنگ هئي. جواب ۾ فرمايائين، ته ”اوهان جي معشوقہ پينانگ ۽ رول ٿي پيئي هئي، تنهن ڪري کيس پردي ۾ وهاريو اٿم“. مطلب ته ڏاڍو خوش اخلاق ۽ پاڪباز حاڪم هو، جهڙس ڪي ٿورا لڀندا. اتفاقاً سنہ 1143 هجريءَ ۾ ڇن جي مرض ۾ گذاري ويو. کيس مڪليءَ تي ٻنهي امامن (؟) جي سامهون دفن ڪيائون. ”دست وي با دامن آلِ عباست“ (آل نبي جي دامن ۾ آهه هن جو هٿ)، تاريخ طور سندس قبر تي چٽيل آهي. سندس پٽ صادق علي خان کانئس پوءِ ڪجهه وقت شهر ۾ رهيو.
نواب دلير دل خان
تنهن کان پوءِ، سنہ 1143 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ نواب دلير دل خان، جو هڪ عاليشان امير هو، ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. ٻه سال نهايت انسانيت ۽ امن امان سان گذاريائين. ايتري ۾ ٺٽي جو صوبو اميرخان کي انعام مليو، ۽ اجاري تي ڏنو ويو.
نواب همت دلير خان
مٿئين دلير خان جي پٽ، نواب همت دلير خان، اهو خيال ڪري، ته متان ڪو ٻيو وڃي سندس پيءُ کان حساب ڪتاب جي طلب ڪري، امير خان کان مقرر ]رقم[ جو مقاطعو ٻڌي، سنہ 1145 هجريءَ ۾ ٺٽي پهتو. اگرچه جاگير مان ڦري اجاري جي صورت ۾ اچڻ ڪري وڏو فرق پيدا ٿي ويو، تاهم هن بختاور اٽڪل چار سال چڱيءَ طرح گذاريا.
نواب صادق علي خان
نيٺ هن جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، مٿئين نواب سيف الله جو پٽ نواب صادق علي خان، 1149 هجريءَ مطابق 19 جلوسيءَ ۾، امير خان کان ]ملڪ[ اجاري تي وٺي اچي ٺٽي ۾ لٿو. پهريون سال جيئن تيئن ڪري پورو ڪيائين، ۽ ٻئي سال ۾ نقصان ڀرڻو پيس. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ نواب خدايار خان عرف ميان نور محمد ڪلهوڙي عباسيءَ جي وڪيل، حـضور وٽ انتظام ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري صادق علي خان اجاري ۾ کوٽ ڏسي، ملڪ مٿئين خدايار خان جي وڪيل شيخ غلام محمد ولد شيخ عزيز الله جي حوالي ڪيو، انهيءَ وقت کان، هندستاني حاڪمن جي حڪومت ٺٽي تان لهي ويئي، ۽ هميشہ لاءِ عباسي (ڪلهوڙ) گهراڻو بکر، سيوستان ۽ ٺٽي جي حڪومت تي سرفراز ٿيو.
جنهن صورت ۾ هن گهراڻي جي حڪومت سمن ۽ ترخانن جي حڪومت کان وڌيڪ، ۽ ارغونن جي شان و شوڪت سان همسر آهي، تنهن ڪري سندن ذڪر نرالي طبقي ۾ ڪجي ٿو ۽ وڌيڪ فائدي ۽ نمڪ جي حق ادا ڪرڻ خاطر، هن سلسلي جي بنياد ۽ سندن وڏن جو اجمالي ذڪر پڻ بيان ڪجي ٿو.
باب ٻارهون: عباسي (ڪلهوڙا) خاندان جي حڪومت جو بيان
قصو ڪوتاهه - ڄام چنيہ ڪيترو وقت روهڙي پرڳڻي جي ڀرالو ]پريان لوءِ[ تعلقي ۾ چنيہ ٻيلي ۾ رهي، آخر سانکره (ساڪري) جي ڪناري تي کنڀايت ۾ گذاري ويو، ۽ اتي دفن ٿيو. مير چاڪر بلوچ ۽ آري(1) ڌاڻي سندس پڦين جا پٽ هئا.
هن کان پوءِ گهڻي عرصي تائين زماني جي انقلاب سببان سندس اولاد مان ڪوبه ناليرو ماڻهو پيدا ڪونه ٿيو. آخر نائين پيڙهيءَ کان پوءِ آدم شاهه ولد ميان کچن (گـَـجن) بن صاحب بن ميان خان بن طاهر بن ميان راڻو بن ميان شاهه محمد عرف شاهم بن ميان ابراهيم بن ميان محمد بن ڄام چينہ، شيخ الياس لنگراچ ۽ شيخ ابوبڪر جتوئيءَ جي واسطي سان، حقيقت جي ڪامل مظهر (ظاهر ٿيڻ جي جاءِ)، دائمي معرفت جي بنياد رکندڙ، مير سيد محمد عرف ميران محمد مهدي جونپوري، جنهن جو بيان ٻئي جلد ۾ آيو آهي، ]جي فيض مان[ ارشاد جي گادي روشن ڪري، سري جي سير ڪرڻ کان پوءِ، تعلقي چانڊوڪيءَ جي هٽڙي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، ۽ کٻڙ ابڙو پنهنجن پوئلڳن سميت ڊبي ڳوٺ مان لڏي، اچي سندس مريدن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو. انهن ڏينهن ۾ نواب خان خانان، ميان آدم شاهه وٽ دعا گهرڻ آيو، ۽ نذراني پيش ڪرڻ جو عرض ڪيائين، جنهن تي مٿئين کٻــڙ ابڙي، درخواست ڪري، چانڊين جي لڏي وڃڻ کان پوءِ چانڊوڪي واري زمين جي زمينداري کيس وٺي ڏني. هن جي وقت جي مرشد لال عيسن سان، جو شيخ الشيوخ (مرشدن جي مرشد) شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد مان هو. تلهار ۾ محققاڻي ملاقات ٿي هئي. ڏينهن گذرڻ ڪري جيئن مريد گهڻا ٿيا، تيئن زمين جي وڌائڻ جي ڪوشش ڪيائون. آخر زميندارن جي چرچ تي هو ملتان جي حاڪم جي هٿان شهيد ٿيو. سندس وصيت موجب، ملتان جي حاڪم جي ڪوٽوال آقا شاهه محمد، جنهن کي انهيءَ خدا واري جي جيل واري وقت ۾ ڪافي فيض نصيب ٿيو هو، کيس سکر آڻي ٽڪريءَ تي دفن ڪيو، ۽ اتان ان شهيد جي رهڻ واري ڳوٺ ۾ وڃي هن جي ٻن صغير فرزندن ]103[ ابراهيم ۽ دائود ۽ سندن پوئلڳن کي، جي انهيءَ وچ ۾ ٽڙي پکڙي ويا هئا، گڏ ڪري اتي رهڻ لڳو. شاهه محمد اصل ڪهيري بلوچ قوم مان سيويءَ جي دري جي ويجهو، چتربار جي سرزمين جو رهاڪو هو.
ميان الياس
هن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ميان الياس بن داؤد بن آدم شاهه، ملڪ جي گاديءَ جو وارث ٿي، مريدن جي وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ۽ آب داڻي جا ڏينهن پورا ڪري گذاري ويو. سندس قبر لاڙڪاڻي ۽ هٽڙيءَ جي وچ تي ڊبي ڳوٺ ۾ آهي.
ميان شاهل محمد
ان کان پوءِ، سندس ڀاءُ شاهه علي عرف شاهل محمد ملڪ جي گاديءَ تي ويٺو. سندس فقير اڳئين کان وڌيا، ۽ پوکي راهيءَ جي وڌائڻ کي لڳي ويا. لاڙڪاڻي جو ]گهاڙ[ واهه سندس کوٽايل آهي. واهه جي ٻنهي ڪپن واري زمين سانگي ۽ ابڙا قوم کان کسي پنهنجي اولاد ۽ ڀائرن ۾ ورهائي، پاڻ حبيباڻي(1) ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. ڄام صديق ۽ جلال خان جهڙن ابڙن سردارن مريديءَ جا حق وساري ٻين زميندارن سان ملي، کيس گهڻين لڙاين کان پوءِ بکر جي حاڪم هٿان قتل ڪرايو. سندس مزار گهاڙي پر ڳڻي ۾ چانڊوڪيءَ جي آس پاس مرنده ڳوٺ (تعلقي قنبر) ۾ آهي.
ميان نصير محمد
هن کان پوءِ مٿئين ميان الياس جو پٽ ميان نصير محمد سنہ 1068 هجري ۾ وڏن جي گاديءَ تي ويٺو. هي مرشديءَ ۾ پنهنجن وڏن کان به لنگهي ويو، ۽ وقت جا ماڻهو سندس جماعت تي حسد ڪرڻ لڳا. نيٺ ملڪي ماڻهن تڪرار ڪري، بکر جي مغلن کي اُٿاريو، جنهن ڪري هو لاچار (ٿي) ٿر ڏانهن هليو ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، پوک پلاهه، جا انسان جي قوت گذران لاءِ ضروري آهي، جي ذريعن نه هجڻ ڪري، موٽي اچي پنهورن جي حد ۾ رهڻ لڳو. پنهورن جو سردار مير پنهوار، بکر جي حاڪم سان صلاحو ٿي، هڪ زبردست لشڪر، جنهن ۾ سيويءَ جو حاڪم مرزا خان پني پڻ هو، وٺي آيو. ٿوريءَ ٺڪاٺڪيءَ کان پوءِ، مرزا خان کيس صلح سان گهرائي پنهنجي چاچي محبت خان هٿان عالمگير جي درٻار ۾ ڏياري موڪليو. هوڏانهن هـُـتي هو ڳپل عرصو جيل ۾ رهيو، هيڏانهن باقي بچيلن فقيرن تي ڪيئي دفعا حملا ڪيا ويا. نيٺ گهڻي عرصي کان پوءِ خود بخود جيل مان آزاد ٿي، پنهنجي وطن وري آيو. هاڻي سندس دولت ۽ پيريءَ ۾ خدا تعاليٰ کيس ڏاڍي ترقي بخشي، ۽ سندس ڏينهن ۾ ڪو به فساد پيدا ڪونه ٿيو. هو پنهورن جي زمين ۾ اهڙي هنڌ، جنهن جي هڪ پاسي جبل ۽ ٻئي پاسي پاڻي هو، گهاري نالي شهر ٻڌي ويٺو، ۽ ]پنهنجو اصلوڪو ڳوٺ[ هٽڙي فوجي فقير ۽ ڪاڇو عنايت شاهه فقير کي ڏنائين. هي فقير اڳي ڇڙا ڇڙمل هوندا هئا، سي هاڻي زالون پرڻجي ٻارن ٻچن وارا ٿيا، ۽ ملڪ ۽ زمين وڌائڻ جو سٽون سٽڻ لڳا. مير يعقوب خان نالي بکر جي حاڪم سان هڪ ڀيري جنگ ڪري سوڀارا ٿيا. اهڙي طرح ڪيئي دفعا حاڪمن سان چڪريون لڳن ۽ ڪاميابي هنن جي پاسي ٿيندي رهي. سيوستان جي مغلن کان لاکاٽ جو پرڳڻو اجاري تي هٿ ڪيائون. هوڏانهن فريد ڀاڳت جي ڪوششن سان مڪن موري تي قبضو ڪيائون. ساهتي پرڳڻو پڻ سندس تصرف هيٺ آيو، ته فيروز ويراڙ ]هڪ فقير[ انهيءَ سرزمين ۾ نوشهره نالي هڪ شهر ٻڌايو. هاڻي سرائين (ڪلهوڙن) جا ديرا گهڻن هنڌن تي ٿي پيا. آخر ]104[ زماني جي دستور موجب، (ميان نصير محمد) پنجٽيهه يا ڇٽيهه سال مرادون ماڻڻ کان پوءِ، هميشہ واري جهان ڏانهن لڏي ويو، ۽ گهاريءَ ۾ ڳاڙهي دڙي تي دفن ٿيو.
چون ٿا، ته اڳئين سمي ۾ انهيءَ زمين ۾ ٻه نيڪ ڀائر پوکي راهي ڪري پنهنجو وقت گذاريندا هئا. هڪڙو ڇڙو ۽ ٻيو ٻارن ٻچن وارو هو. هڪ دفعي سندن کيتيءَ ۾ ڏاڍي برڪت ڏٺي ويئي. ]سبب ڇا هو،[ ته ڇڙي ڀاءُ، انهيءَ مدنظر تي، ته سندس ڀاءُ جو خرچ گهڻو آهي، پنهنجي ٻار مان ان کڻي ڀاءُ جي کوڙ ۾ ٿي هاريو، ۽ ٻارن ٻچن واري، انهيءَ خيال سان، ته سندس ڀاءُ اڃا دنيا جو مزو نه ورتو آهي، پنهنجو ان سندس کوڙيءَ ۾ ٿي اڇلايو، ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي حال کان ناواقف هئا. ڪيترو به ان کڻي ٿي ويا، ته به سچيءَ نيت جي برڪت سان، اوتروئي پوئتي ٿي رهيو. آخر اَن ڍوئڻ کان ٿڪجي پيا، ۽ پيل ان کي اُتي کڻي ڦٽو ڪيائون. الله تعاليٰ جي قدرت سان اُتي ڳاڙهو دڙو پيدا ٿي پيو، جو اڃا تائين بيٺو آهي.
ميان دين محمد
ڳالهه کٽائڻي، ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي کان پوءِ، سندس پٽ ميان دين محمد ڪلهوڙي ملڪ جي گاديءَ جو وارث ٿيو. سندس عزت وڌڻ لڳي، ته اصلوڪي دستور موجب، حاڪم ۽ زميندار سندس مخالفت تي ڪمر ڪشي بيٺا. مير پنهوار، جنهن جو شهر فتحپور سرائين جي قبضي ۾ هو، سو ]بادشاهه جي[ حضور ۾ دانهين ويو، ۽ مرزا خان پنيءَ جي نالي حڪم ڪڍايائين. هن ٻه ٽي دفعا حملا ڪيا، پر ڪجهه ڪري نه سگهيو. هن جي بدلي وٺڻ لاءِ حضور وٽان امير شيخ جهان آيو، ۽ مير پهنوار جي ڏس تي فقيرن تي حملو ڪيائين. فيروز ويراڙ ديري قلعي مان نڪري سندس سامهون ٿيو، ۽ ڳيريلي جي ڳوٺ وٽ راتاهو هڻي ڏاڍو پريشان ڪيائينس. هوڏانهن، گهاري جي لشڪر به پهچي پهرين سان گڏجي، نئين سر ڪاهيو، جنهن ۾ مٿيون امير، فقيرن جي ترار جو شڪار ٿي ويو، ۽ بکر جي حاڪم الله يارخان ڀڄي جند ڇڏائي. ٻيو دفعو قنبرخان بروهيءَ لشڪر وٺي سرائين تي اوچتو حملو ڪيو، جنهن ۾ سوڀارو ٿيو، ۽ سرائن جي هٿ پير مارڻ کان پوءِ، سرائين جي سردار ميرڻ شاهه سان صلح ڪري موٽي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ پنهورن وري تحرڪ ورتو، جنهن تي سرائين جي فوج گهرام(1) کان مرکهه پور ۽ ٻي ڪيتري زمين کسي ورتي. آخرڪار پنهوار عاجز ٿي وڃي خدمت ۾ حاضر ٿيا. هاڻي باقي سيوي ۽ شڪارپور جي حاڪم پني جو پٺاڻن سان تڪرار رهيو، ۽ ٻه ٽي دفعا پاڻ ۾ جهڙپون ٿيون. نيٺ شيخ جهان جي قتل ۽ الله يارخان جي شڪست جو ٻڌي، شاهزادي محمد معز الدين ]پنهنجي سر[ لاهور کان سنڌ ڏانهن رخ ڪيو. ميان دين محمد ڪلهوڙي هيءَ خبر ٻڌي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد ڪلهوڙي کي کمل ۽ قاسم وڪيلن سان گڏي بکر موڪليو، جن شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿي، هن کي پاڻ کان راضي ڪيو. شهزادو موٽي ويو، پر سرائين جي نصيب ۾، جو مصيبت لکيل هئي، سو بهارشاهه (شاهه بهاري) جي وڏي ڀاءُ مقصودي کي نادانيءَ کان اچي ڪڏ کنيو، ته شاهزادو اسان جي طاقت ڏسڻ کان سواءِ موٽيو ٿو وڃي، هڪ دفعو کيس پنهنجي طاقت ڏيکارڻ گهرجي، تنهن تي پنهنجي سردار کي اطلاع ڏيڻ کان سواءِ، زبردست فوج سان سوار ٿي وڃي ماٿيلي ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن جي ڦـُـر (ڪيائين) ۽ اُچ جي رهاڪن جو ڪوس (پڻ) ڪيائين، جنهن صورت ۾ کٽي اچي چڪي هئي، تنهن ڪري شاهزادو هيءُ خبر ٻڌڻ شرط، جيئن سمنڊ جوش ۾ ايندو آهي، ]105[ تيئن نهايت ڪاوڙ ۾ ڀرجي موٽي آيو. ميان دين محمد ڪلهوڙو مصيبت ايندي ڏسي پاسو ڪري ويو، ۽ شاهي فوج سيوستان ۾ ويهي، گهاري ۽ ان جي ]آسپاس وارن[ ڳوٺن کي ڦـُـري صاف ڪري، ڇڏيو. سيوستان ۾ ڇهه مهينا رهڻ کان پوءِ، آخر ميان دين محمد ڪلهوڙي صلح ڪري اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هن جي اچڻ کان پوءِ، پوين جي آڻڻ لاءِ هڪ زبردست فوج مقرر ڪئي ويئي. کوڙ جي سر زمين ۾ گاج نئن جي ڪناري تي، ميان يار محمد ڪلهوڙي شاهي فوج سان جنگ ڪرڻ واسطي مقابلي جو نغارو وڄايو، ۽ ڌرين ۾ زبردست لڙائي لڳي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان رت جون نديون وهيون. هـُـن پاسي کان راجا ڪجسنگ ڀٽي ۽ سورجمل اڌيپوري، ۽ هـِـن طرف کان تاجو فقير، جادو فقير ۽ بختاور فقير اوٺوال، هر هڪ گهڻن ماڻهن سان ڪم آيو (ڪسي ويو)، ۽ شڪست مغلن کي آئي. انهيءَ کان پوءِ شاهزادو، ميان دين محمد ڪلهوڙي کي پاڻ سان وٺي موٽي ويو، ۽ ملتان پهچي کيس حياتيءَ جي قيد مان آزاد ڪيائين (مارائي ڇڏيائين). ميان يار محمد ڪلهوڙو قلات هليو ويو. پهرين ته بروهي لڙائيءَ لاءِ سنڀري آيا، ۽ سخت لڙائيءَ کان پوءِ، جنهن ۾ محراب خان هن طرف جي ڄاڻ کان سواءِ قتل ٿي ويو، ٻه فرزند: ميان نور محمد ۽ محمد خان ضمانت طور وٺي، صلح ڪري پاڻ وٽ جاءِ ڏنائون. اهو واقعو 1111 هجريءَ ۾ ٿيو.
ميان يار محمد ڪلهوڙي قلات ۾ ٻه سال پريشانيءَ جي حالت ۾ گذاريا. اڪثر سرائي سردار پڻ پاسڙو وٺي ويهي رهيا، ۽ سندس ملڪ جي گهڻي ڀاڱي تي مرزا خان جي پٽ بختاور خان ]جي ماڻهن[ پٺاڻن قبضو ڪري ورتو. ٻن سالن کان پوءِ سنہ 1113 هجريءَ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي، راڄي فقير ۽ سرائي لشڪر جي اچڻ تي، مريدن کان بيعت وٺي التماس خان بروهيءَ کي مدد ۾ کڻي، پنهنجي موروثي زمين ڏانهن رخ رکيو. پهريائين زيدي کان لنگهي، منزل ڪندا، منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي هٽڙي تعلقي جي نيتڪ ۽ سانوه ڳوٺن ۾ پهتا، جن کي زالون ساڻ هيون، سي اُتي رهجي پيا، پاڻ اڳتي وڌي پهريائين قيصر پنهور کان سامتاڻي وٺي، پوءِ ڳاهن ۾ اچي ڇانوڻي هنيائين. تنهن کان پوءِ، پنهنجي ڀاءُ مير محمد کي سرائي سردارن سان گڏ اڳتي موڪليائين، جنهن وڃي مارکپور ۽ گاهي جمشيد تي قبضو ڪري، فتحپور جو قلعو ڇڏايو. هن فتح کان پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙو پاڻ به اچي سرائين سان مليو. التماس خان بروهي بخت جي ههڙي ياوري ڏسي چيو، ته ”توهان جو خداوند تعاليٰ مددگار ڪافي آهي، منهنجي ضرورت ڪانه آهي“ . ]ائين چئي[ هو موٽي ويو. هاڻي ٽڙي پکڙي ويل سرائي هر طرف کان اچي گڏ ٿيا، ۽ هيءُ گچيرو فتح ڪري، پنهورن جي گادي شڪارپور جو نالو ڦيرائي ’خداآباد‘ نالو رکي، انهيءَ ۾ رهڻ لڳو، ۽ هيڏي هوڏي فوجون موڪلي گهاري ۽ ڪدياره، لشڪر جي مدد سان آزاد ڪرائي، لاڙڪاڻو بختاور خان جي ڀاءَ الله بخش جي هٿ مان ڇڏايائين. بختاور خان لاچار ٿي ملتان جي شهزادي معز الدين جي خدمت ۾ عريضو موڪليو، ته ”دين محمد ڪلهوڙي جي ڀاءُ وري ههڙي شورش مچائي آهي، هي وقت واهر ڪرڻ جو آهي“. اگرچ هن شهزادي کي پنهنجي مطلب لاءِ گهرايو هو، ليڪن ” مَنْ حَفَرَ بِيْرًا لاَخِيْهِ وَقَعَ فِيهِ “ (کر کڏ کڻي ٻئي جي ڪاڻ ڪري پاڻ) جي مقتضا موجب، نتيجو ابتو نڪتو. اتفاقاً جڏهن شاهزادي سڌو سندس ملڪ جي رستي سان ]106[ رخ ڪيو، تڏهن ملڪ جي برباديءَ جي خوف کان عرض ڪيائين، ته ”هن رستي کان نه اچڻ گهرجي“. شهزادي کي هي مختلف عريضا ڏسي انهيءَ ۾ خلل ڏسڻ ۾ آيو، ۽ انهيءَ پاسي روانو ٿيو. هن کي کٽي کنئي بيٺي هئي، تنهنڪري روڪڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ سخت مقابلي ڪرڻ کان پوءِ قتل ٿي ويو. ايتري ۾ هن طرف جي وڪيلن حاضر ٿي ]بادشاهزادي جي[ دل تي پنهنجي غلاميءَ ۽ اخلاص جو خاطرخواهه اثر وهاريو. شهزادي، بختاور خان کي قتل ڪري ڪجهه وقت اچي بکر ۾ رهيو. سيويءَ جو ديرو بختاور خان جي انتقال ڪرڻ کان پوءِ غازي خان دودائيءَ کي عطا ٿيو، پر هن کان جوڳو انتظام نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري ڦيرائي بختاور خان جي ڀاءُ الله بخش خان کي ڏنو ويو، تنهن کان پوءِ اسلام خان ۽ قائم خان نهارن کي مليو، پر ڪو به پورو انتظام رکي نه سگهيو، ۽ نيٺ ميان يارمحمد ڪلهوڙي جي وڪيلن جي حوالي ٿيو، ته وڃي پنهنجي مؤڪل (اصيل) کي پهچائين! تنهن سان گڏ هي به حڪم ٿيو، ته ”هن سرفرازيءَ جي عيوض ميان يار محمد ڪلهوڙو حـضور ۾ حاضر ٿي دست بوسيءَ جو شرف حاصل ڪري“. طلب موجب ميان يار محمد درٻيلي ۾ پهتو، ته خواجہ حسين خان گهڻين نوازشن سان هن حڪم جي منسوخيءَ جو فرمان کڻي آيو، ۽ ديري جي نگراني سندس حوالي ڪيائين. اتان کان شاهي غلامن جي لسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ابتدا ٿي، ۽ ’خدايار خان‘ جو خطاب سندن طرهء امتياز بڻيو.
شاهزادي، خانپور، مير امين الدين خان کي، شڪارپور، سنجرخان، مبارڪ خان ۽ هوت خان دائود پوٽن کي، ۽ سيوستان غلام محمد سکهانيءَ کي ڏيئي، بکر کان ملتان روانو ٿي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ، غازي خان جي پٽ شاهه محمد جي مهم کي منهن ڏيڻ لاءِ ديري ۾ آيو، ۽ سخت لڙاين کان پوءِ به سندس معاملو جتي جو تـِـتي رهيو. آخر هتان مير شهداد خان ٽالپر وڃي پنهنجي سهڻيءَ تدبير سان شاهه محمد جو ڪم پورو ڪيو. هن خدمت اڳئين غلاميءَ سان گڏجي سوَن جي مٿان سهاڳي جو ڪم ڏنو، ]۽ شهزادي[ درجي ۾ اضافي ۽ نئين سر انعامن جي نوازش ڪئي. مير شهداد خان کي پڻ پٽ باران جي زمين جاگير ۾ عنايت ٿي. هنن واقعن کان پوءِ جيڪي شهزادا قلات ۾ هئا، سي پڻ اچي خيريت سان خداآباد پهتا. سيويءَ جي ديري تي پهريائين صاحبزادو مير محمد ۽ پوءِ محمد دائود خان رهيا. هڪ دفعي رحيم خان پرانک ۽ دولت خان پني فساد مچايو، جنهن جي سزا ملين. ٿوري وقت کان پوءِ دائود پوٽا پڻ، سخت لڙاين کان بعد شڪست کائي، هميشہ لاءِ پيش پيا.
هي سڀ معاملا نون سالن ۾ گذريا، باقي ٻيا نو سال عيش آرام ۾ گذريا، ۽ جهوڪ جي جنگ کان سواءِ ٻي ڪا به حرڪت پيدا ڪانه ٿي. مدد جي خدمت جي عيوض سماواتي ۽ چاچڪن جا ڪي ڳوٺ، جهڙوڪ: لڪڙي ۽ ڏنڊو، حجام، دورنگ، رجب، ويسر، پاچاته(1)، تهورو، ديهه سائينڏنو(2) ۽ جهوڪ جي آسپاس دٻي(3) جي ڪجهه زمين جو حـصو، کيس جاگير مليو. نواب شاڪرخان جي وڃڻ کان پوءِ - جنهن جو سبب تاريخن ۾ مفصل بيان ٿيل آهي، روپاه جو پرڳڻو پڻ اجاري تي هٿ ۾ آيس. آخر ارڙهن سالن جي مرادن ماڻڻ کان پوءِ، 15 ذو القعد سنہ 1131 هجريءَ ۾، سومر يا اڱاري ڏينهن، ٻئي جهان جو عام رستو وٺي روانو ٿيو.
ميان نور محمد الملقب به خدايار خان
هن کان پوءِ سندس پٽ ميان نور محمد ڪلهوڙو، ’خدايار خان‘ جي لقب سان، پيءُ جو ملڪ قبضي ڪيو، صاحبزادو دائود خان ٽي سال مخالف رهيو، پر پوءِ نيٺ اچي ڀائپيءَ جو ناتو رکيائين. حڪومت جي چوٿين سال، مطابق ]107[ سنہ 1135 هجريءَ ۾، دائود پوٽا لڙائي لاءِ اٿيا، ۽ ملا جيئندو ابڙو، جو بکر تعلقي جي جتوئي پرڳڻي ۾ ڪن زرخريد ديهن جو سنڀاليندڙ هو، تنهن سان جهڳڙو ڪيائون. شڪارپور ۽ خانپور جي سرزمين، جا ]آس پاس جي[ ديهن سميت مير عبدالواسع خان جي جاگير هئي، هنن انهيءَ ۾ پڻ دخل ڪري مٿئين خان کي ڪوبه جواب ڪونه ٿي ڏنو، تنهن ڪري ٺاري خدمتگار کي حـضور ۾ موڪلي، ]مٿئينءَ[ جاگير کي پنهنجي حوالي ڪرڻ جي گـُـهر ڪري، هنن کي سيکت ڏيڻ لاءِ متوجهه ٿيو، ۽ ڪجهه لڙاين کان پوءِ کين شڪارپور جي قلعي ۾ گهيرو ڪري آڻ مڃرايائينِ.
قـصو مختصر، ته ملڪ کي چار حـصا ڪري ٻه حصا جاگير جي مالڪ کي ۽ هڪ حـصو دائود پوٽن کي ڏيئي، چوٿون حـصو پنهنجي هٿ ۾ رکي، ضمانت وٺي، موٽي آيو. هيءَ قوم بار بار عهد شڪني ڪري ملڪ ۽ زمين کان دربدر ٿي ويئي. رفتي رفتي خدايار خان سنہ 1139 هجريءَ ۾ شڪارپور ۾ منزل ڪري، دائود پوٽن جي بيخ ڪنيءَ لاءِ لشڪر روانو ڪيو، جنهن وڃي ’دبلي‘ (1) جي قلعي ۾ کين گهـُـٽيو. آخر سيدن جي منٿ ڪرڻ تي کين امان ملي، ۽ فساد جو خيال بلڪل دل مان ڪڍي ڇڏيائون. هن وقت ’نهاران‘ جي زمين، جا انهيءَ بدانتظاميءَ واري زماني ۾ دائود پوٽن کي هٿ آئي هئي، سا پوريءَ طرح مالڪن کي موٽي ملي ۽ هو دربدر ٿي وڃي ڏوراهين ملڪ ۾ پيا ۽ وڃي ملتان جي پرڳڻن، جهڙوڪ: ’پهلي‘ ملڪ امام الدين جويه(2) ۽ فريد خان لکهديره، تاين(3)، بهاولپور، هانسي(1) سمي جو ملڪ، افغانن جي سرحدن جي ويجهڙائيءَ واري زمين، بابا فريد جو پٽن ۽ صير - ۾ رهيا. نيٺ ٻن سالن کان پوءِ پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿي، نوڪريءَ جي التجا ڪيائون، جنهن تي لائق گذران عطا ڪري کين بکر تعلقي واري زمين ۾، جا سرائين کي تازي هٿ آيل هئي، جاگيرون ۽ گهر ڏيئي رهايو ويو. ساڳيءَ طرح ملتان جي آسپاس جا مشهور زميندار شيخ حميد ۽ شيخ عثمان روتڪ پڻ ٻارين ٻچين اچي ملازمت ۾ داخل ٿيا.
سنہ 1143 هجريءَ ۾ مراد ڪليري، عرف گنجو، سيويءَ تي مقرر ٿيو ۽ گنجاوه جي زميندار قيصر مگسي، محال شورن جي سردار، ميرو گواري رند، محال سنيءَ جي سائيس گهرام لاشاريءَ جي اولاد، محال ڪڇيءَ جي مالڪ ميرو بلدي، محال ڀاڳ ناڙيءَ جي زميندارن، هر هڪ مهيان(2) اميري ۽ لهپا(3) ماڇيءَ، ڍاڍر جي مالڪن، بازوئي قوم جي ڪالا خان ۽ ٻين ڪوهستان جي بلوچ زميندارن ۽ ڪنکانيءَ جي محالدار بهار خان امراڻيءَ کي، جو هر هڪ هزارين لشڪر جو سردار هو، ماري مات ڪري قلات جي خان عبد الله بروهيءَ سان، جو پاڻ کي ’ڪوهستان جو شهباز‘ سڏائيندو هو، وڃي هٿ ڳنڍيائين. آخر سنہ 1143 هجريءَ ۾ پنهنجي سر چڙهائي ڪري، گهيري ۽ جنگ سان ڪرته(4) جو قلعو مبارڪ خان کان ورتائين، ۽ لشڪر اڳتي وڌي اسماعيل خان بروهيءَ کي شڪست ڏيئي، ڪاڪر(5) بروهيءَ کي قتل ڪري سوڀارو ٿيو. هن واقعي کان پوءِ مير عبدالله خان پنهنجون ٻه نياڻيون صاحبزادن کي ڏيئي صلح ڪيو. اتفاقاً سال 1144 هجريءَ ۾ بروهين جي هڪ قوم عهد شڪني ڪري فريدآباد جي ڀر واري ڪاڇي جي زمين کي ڦريو، جنهن تي ]ميان[ پاڻ پنهنجي سر انتقام وٺڻ خاطر وڃي لاڙڪاڻي ]108[ ۾ منزل انداز ٿيو، ۽ نامور سردارن کي امير عبدالله خان سان جنگ ڪرڻ واسطي موڪليائين. جذ پهر(1) ۾، جتي مير عبدالله خان اڳرائي ڪري آيو هو، ٻنهي ڌرين جو ٽڪر ٿيو. هو ]مير عبدالله[ رستم جهڙي جنگ کان پوءِ، مارجي ويو، ۽ آئيندي لاءِ بروهين جو زور ٽـُـٽي پيو. سنہ 1145 هجريءَ ۾ صاحبزادي محمد مراد ياب خان چونڊ سردارن سان گڏجي، ’ڪهيارو‘ ۽ ’نرڪار‘ وڃي، مير عبدالله خان جي سوٽ مراد عليءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. سنہ 1146 هجريءَ ۾، صاحبزادو خداداد خان هنن ماڻهن مان شادي ڪري مراد مند ٿيو. هن کان پوءِ نادرشاهه بادشاهه جي اچڻ جا سبب پيدا ٿيا، ۽ اوڏانهن وڪيل اچڻ وڃڻ لڳا. سنہ 1149 هجريءَ ۾ بکر جو ملڪ هٿ آيو. سيوستان انهيءَ کان اڳ هٿ اچي چڪو هو. سنہ 1150 هجريءَ ۾ ٺٽو پڻ، جيئن مٿي بيان ٿيو، قبضي ۾ آيو، ۽ اتي جي نائبيءَ جو شرف شيخ غلام محمد کي نصيب ٿيو. انهيءَ سال نادرشاهه قنڌار فتح ڪري سنڌ جي رستي هندستان ڏانهن وڃڻ بابت لکيو، تنهن ڪري سرحدن مضبوط ڪرڻ خاطر ]پاڻ[ لاڙڪاڻي وڃي، صاحبزادي محمد مراد ياب کي ٺٽي روانو ڪيائين. هو سنہ 1151 هجريءَ جي ذوالقعد مهيني جي آخر ۾ ٺٽي پهتو، ته ڌاراجا جو حاڪم راڻو اجمال ۽ ڪڪرالي جو ڄام ساڻس ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ لڳا، ۽ سامونڊي آرماڙ مٺي درياءَ ۾ وٺي آيا، جنهنڪري پاڻيءَ توڙي خشڪيءَ تي ڪيئي جنگيون، توڙي چڪريون لڳيون. سندن جهازن، ٺٽي جي گهاٽ وٽ پهچي نصرپور تائين ٻنهي ڪپن تي ڦرلٽ ڪئي. آخر جڏهن هن پاسي کان توبون آڻي ڪناري تي بيهاري ڇوڙيائون، تڏهن شڪست کائي موٽي ويا، پر سرائين جي فوج پيڇو ڪري ٻنهي کي زبردستيءَ آڻ مڃائي. تنهن کان پوءِ نادري تفرقو پيدا ٿيو. محمد مراد ياب خان شوال جي ابتدا ۾ ٺٽي مان وڃي پيءُ سان مليو. خدايار خان عمرڪوٽ پهچي اهل و عيال کي تلهار روانو ڪيو، ۽ جنهن رات جي صبح جو پاڻ کي پڻ نڪرڻ جو ارادو هئس، انهيءَ جي صبح جو بادشاهه پنهنجي سر اچي ناگهاني آفت وانگيان عمر ڪوٽ جي ٻاهران ڪڙڪيو. هاڻي جڏهن ڪم هٿان نڪري چڪو هو، تڏهن لاچار خدايار خان گنهگارن وانگيان اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿيو. بادشاهه کيس پاڻ سان وٺي اچي لاڙڪاڻي منزل انداز ٿيو، ۽ هڪ ڪروڙ رپيا وٺي، ملڪ وري بخشي، سيوي پٺاڻن ۽ شڪارپور دائود پوٽن کي ڏيئي، عزت افزائيءَ لاءِ ’شاهه قلي خان‘ جو لقب عطا ڪري، صاحبزاده محمد مراد ياب خان ۽ غلام شاهه کي ضمانت ۾ وٺي، 11 محرم سنہ 1153 هجري ۾، لاڙڪاڻي کان واپس موٽي ويو. ذوالقعد مهيني جي پڇاڙيءَ ۾، جنهن ڏينهن بادشاهه عمرڪوٽ پهتو هو، انهيءَ وقت مغل فوجون سڄيءَ سنڌ ۾ گهڙي پيون هيون. انهن مان صالح خان بيات ۽ شاهه وردي خان کرت، شيخ شڪر الله ۽ مستي خان جويه کي اگهم جي ڳوٺ مان، جو ٺٽي کان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي آهي، وٺي شهر ۾ آندو، ۽ شاهي حڪم موجب پاڻ سان وٺي ويا. تنهن کان پوءِ حڪم موجب شهر جا مکيه ماڻهو، آقا محمد ڪريم اصفهانيءَ سان گڏ، ]109[ بادشاهه جي قدم بوسيءَ تي اچي نوازش سان سرفراز ٿي موٽيا.
پوءِ آقا محمد ڪريم رعيت جو وڪيل مقرر ٿيو، ۽ سلطان سامٽيو، شاهه قليءَ جي پاران ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. هن شورا قوم کي ماري مات ڪيو، جي نادري بدانتظاميءَ ]واري وقت[ مغرور ٿي، کنڊ جي سرزمين، جا ]پرڳڻن جي[ دل آهي، منافي، ڪنرو، آريسر ۽ ڪهير تعلقي چاڪر هاله ۾، هوندي ۽ لڌي شوري جي سرڪردگيءَ هيٺ، ارڏايون ڪري رهيا هئا. تنهن کان پوءِ جلد ئي ونگي تعلقي چاچڪان جي اربابن، ارباب تماچي، طوغاچي، ٺاري، سيلي، ڪاهي، ۽ آسو سومرن تي، جي ڍل ڏيڻ تي تيار نٿي ٿيا، ڪاهي کين نابود ڪيائين.
1155 هجريءَ ۾، مظفر علي خان بيات بيگلر بيگي (سردارن جو سردار) انهن شاهي جهازن جي آڻڻ لاءِ جيڪي سورت بندر ۾ تيار ٿي رهيا هئا، ڪراچي بندر جي رستي، آيو. نواب شاهه قلي خان سندس ملاقات لاءِ ٺٽي آيو، ۽ اڍائي مهينا ٺٽي رهي واپس وريو. 1156 هجريءَ ۾ سردار طهماسپ قلي خان، جلائر، دائودپوٽن کي سيکت ڏيڻ لاءِ آيو. هيڏانهن شاهه قلي خان (ميان نور محمد ڪلهوڙو) وقت جي مصلحتن خاطر پاسو ڪري ويو، تنهن ڪري سنڌ ۾ نئين سر بدانتظامي پيدا ٿي. جنهن صورت ۾ ٺٽي جو ناظم سلطان سامٽيو ۽ شيخ شڪر الله، شاهه قلي خان جي گهرائڻ تي ٺٽو خالي ڪري ڇڏي هليا ويا هئا، ۽ هوڏانهن مظفر علي خان، سردار سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو هو، تنهن ڪري ڪيترا ڏينهن شاهي وڪيل رضا بيگ، هندستاني حڪومت جي باقي رهيل سردار فاضل بيگ، ڌاراجي جي راڻي ۽ ارباب ساجن راتيه(1) جي مدد سان ٺٽي جي نگراني ڪندو رهيو. نيٺ جڏهن شاهه قلي خان سردار جلائر جي ملاقات لاءِ اچي پوره ۾ حاضر ٿيو، ۽ پنهنجي ٽئين پٽ عطرخان کي ضمانت ۾ ڏيئي موٽي ويو، تڏهن سلطان سامٽيو ۽ شيخ شڪر الله وري ٺٽي موٽي آيا.
1157 هجريءَ ۾ شيخ شڪر الله، ڪڪرالي جي حاڪم ڄام هوتيءَ کي نابود ڪري، سندس جاءِ تي ڄام موهر کي مقرر ڪيو. تنهن کان پوءِ سال 1158 هجريءَ ۾، شاهه قلي خان پاڻ ڪانجيءَ جي قلعي تي ڪاهي ان کي زبردستيءَ سان فتح ڪيو. 1159 هجريءَ ۾ انهن ڪڇي ڪافرن کي، جن ڪانجي جي قلعي جي فتح ٿيڻ کان پوءِ بدين جي ڳوٺن ۽ ٻين هنڌن تي اچي شورش پيدا ڪئي هئي، سيکت ڏيڻ لاءِ، بهارشاهه فقير (شاهه بهاري) ۽ ٻين جي هٿ هيٺ لشڪر موڪليو ويو.
هاڻي سلطان فقير نيڪناميءَ سان گذاري وڃي مڪلي ٽڪريءَ تي آرامي ٿيو، ۽ سندس پٽ مسو فقير سندس جانشين ٿيو. 1160 هجريءَ ۾ نادر شاهه قتل ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڌاراچي جي راڻي جي چرچ تي سؤ جابلو ويڙهاڪ ماڻهو ٺٽي جي پسگردائيءَ کي ڦـُـرڻ لاءِ آيا. مسوفقير ۽ شيخ شڪر الله، بولي خان جاکري سان گڏ، کين سامهون ٿيڻ لاءِ، وڏي درجي واري پير (شايد پير پٺو) جي مزار وٽ اچي منزل ڪئي، پر جنهن صورت ۾ لشڪر قبرن مٿان لنگهيو هو، تنهن ڪري ان بي ادبيءَ جي سزا ۾ ٽئين ڏينهن مقابلي ڪرڻ وقت هزارن، سون کان زبردست شڪست کاڌي. راڻي جي انهيءَ اڳرائي ڪري، صاحبزادو محمد خداداد خان وڏو لشڪر ساڻ ڪري ٺٽي آيو. مٿئين ڏوهه ۾ مسو فقير نظامت (گورنري) کان موقوف ٿيو، ۽ بلاول فقير نائچ ]گورنر[ مقرر ٿي، راڻي جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو. راڻو پاڻ سمنڊ ۾ هليو ويو ۽ قلعو ڪن غلامن جي نگرانيءَ ۾ ڇڏي ويو. انهن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن بي انداز لشڪر سان جنگ جوٽي ڏني. ]110[ آخر قلعو جنهن صورت ۾ نهايت اهم هو، تنهنڪري هڪ جڙتو دستاويز جي ذريعي فتح ڪيو ويو. قلعو هٿ ڪري صاحبزادو موٽي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ شيخ شڪر الله، راڻي کي بجار جوکئي جي معرفت صلح جي ڳالهين ڪرڻ لاءِ آرماڙ مان هيٺ لاهي قتل ڪرايو.
سنہ 1161 هجريءَ ۾، احمد شاهه بادشاهه درانيءَ هندستان جي بادشاهه سان نادر شاهه جي وقت واريون سرحدون مقرر ڪري، سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ’شاهنواز خان‘ جي خطاب سان نوازيو. سنہ 1162 هجريءَ ۾، صاحبزاده غلام شاهه ۽ عطر خان ايران کان موٽي آيا. سنہ 1163 هجريءَ ۾، گل محمد خراساني ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو.
انهيءَ ئي سال مراد ياب خان جي مسقط ۾ اچڻ ۽ سندس ساٿي شيخ غلام محمد جي فوت ٿيڻ جي خبر پهتي، ۽ شيخ شڪر الله کي صاحبزادي کي وٺي اچڻ لاءِ آرماڙ وٺي رواني ٿيڻ جو حڪم ٿيو. سنہ 1164 هجريءَ ۾، جهاز مسقط بندر ڏانهن روانا ٿيا، ۽ شيخ شڪر الله جي حياتيءَ جو جهاز موت جي سمنڊ ۾ غرق ٿيو.
صاحبزادو محمد مراد ياب خان پيءُ جي ديدار کان فيضياب ٿيو، ته کيس سڄو دفتر حوالي ڪري خداآباد ۾ وهاري، شاهنواز خان پاڻ اچي نئين ٻڌايل شهر محمد آباد ۾ رهيو. صاحبزادو محمد خداداد خان، جو ڀاءُ جي وڏي سفر ڪري وليعهديءَ جو پڳدار ٿيو هو، تنهن جي ڀاءُ جي اچڻ ۽ وليعهدي کسجي وڃڻ ڪري دماغ خراب ٿي پيو، ۽ هندستان هليو ويو. هيڏانهن محمد مراد ياب خان حڪومت جو ڪاروبار چڱيءَ طرح نه هلائي سگهيو، تنهن ڪري دفتر کانئس کسيو ويو.
سنہ 1166 هجريءَ ۾، سردار جهان خان جي اچڻ جو ٻڌي ٿوري ڳڻتي پيدا ٿي، پر جلد ئي دفع ٿي ويئي. ساڳئي ئي سال جي آخر ۾ خود بادشاهه جي هن طرف کان ٿيندو هندستان وڃڻ جو گرماگرم هل ٿيو، ۽ محرم سنہ 1167 هجريءَ جي چوٿين تاريخ، بادشاهه جي آمد جي پڪي خبر ٻڌي، ]شاهنواز خان[ محمد آباد کان تلهار هليو ويو، ۽ رستي مان تابعداري ظاهر ڪرڻ ۽ شاهي فوج جي رستي بدلائڻ بابت عرض ڪرڻ واسطي، گدومل کي وڪيل ڪري، شهنشاهه جي ڪئمپ ۾ پهتو، پر بادشاهه جي مزاج تي ڪاوڙ غالب هجڻ ڪري ٽن ڏينهن تائين حاضري ڪانه ٿيس. آخر جڏهن نوشهري جي سرزمين تي ڇانوڻي لڳي، تڏهن مٿئين وڪيل جي مراد پوري ٿي پر اتفاقاً، ايتري ۾ ملڪ جو والي، جيسلمير جي سامهون ڪو رهره جي گهاٽ وٽ، خناق جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي، بادشاهن جي بادشاهه جي سڏ کي لبيڪ چئي ساڳئي سال جي ٻارهينءَ صفر تي هميشہ واري جهان ڏانهن روانو ٿي ويو. سڀني اميرن اتفاق ڪري صاحبزادي محمد مراد ياب خان ڪلهوڙي کي، جو انهيءَ ڊپ کان، ته متان اڳي وانگيان کيس ضمانت ۾ وڃڻو پوي، پيءُ جي خدمت مان ڀڄي ويو هو، گهرائي، ساڳئي مهيني جي 16 تاريخ تي حڪومت جي تخت تي وهاريو. هيءُ خبر ٻڌي، بادشاهه ڪن دشمنن جي برغلائڻ تي پنهنجين پهرين ڳالهين کان ڦري ويو، جنهن ڪري محمد اسماعيل خان پني اچي محمد آباد تائين پهتو. هن ٻه ٽي غير مشهور سردار سيد شاهه محمد جي هٿ هيٺ ٺٽي موڪليا، ۽ هڪ دستي ڊڪي وڃي ٿر جي ويجهو ديهه ٺارو هڱورجي کي لـُـٽيو. اسماعيل خان جي ماڻهن جي پويان، گل محمد خان خزانه آفيسر جي پاران صالح خان نالي هڪ ماڻهو، ڍل وصول ڪرڻ لاءِ اچي ٺٽي پهتو. ]پر[ انهيءَ کان اڳ ۾ محمد بيگ شاملو، ٺٽي جي بيٺل ماڻهن کي ڪوٺڻ لاءِ آيو هو، ۽ آقا محمد صالح کي ٺٽي جو نائب ناظم (گورنر) مقرر ڪري، ٺٽي جا مکيه ماڻهو ساڻ وٺي، ڪئمپ ڏانهن روانو ٿي چڪو هو. پويان ايندڙ ماڻهن آقا محمد صالح کي بيدخل ڪري ڇڏيو.
جيئن ته محمد بيگ ]ٺٽي جي[ مکيه ماڻهن کي رستي مان موٽي وڃڻ جي موڪل ڏيئي ]اڪيلو[ اچي ڪئمپ ۾ حاضر ٿيو، ۽ ڍل جي وصوليءَ لاءِ نائب مقرر ڪرڻ ڪري عتاب هيٺ آيو، تنهن ڪري ڍل جي وصوليءَ جو پروانو قاضي محمد محفوظ جي نالي جاري ٿيو، ۽ بيٺل ماڻهن کي وري گهرايو ويو.
هيڏانهن قاضي صاحب جو فرزند رشيد، صالح خان سان ديوانيءَ جي حوالي جي وٺڻ تي تڪرار ٻڌيو ويٺو هو، ته هوڏانهن مرحوم ]ميان نور محمد[ جي وڪيل، سرائي سردارن جو رضانامو، يرغمال (ضمانت) طور محمد عطر خان جي ٻانهن، ۽ سنڌ جي دستوري نذراني کان وڌيڪ نذراني ڏيڻ جي آڇ پيش ڪري، محمد مراد ياب خان جي نالي تي سنڌ جي حڪومت جو پروانو، ۽ ’سربلند خان‘ جو لقب حاصل ڪري، اچي پنهنجي مؤڪل (اصيل) کي اطلاع ڏنو.
هيءُ خبر ٻڌي ٺٽي جا مکيه ماڻهو نئين واليءَ کي ڏسڻ لاءِ رستي مان ئي عمرڪوٽ روانا ٿيا، ۽ محمد مراد ياب خان ملڪ ڏانهن توجهه ڪري ٺٽي جي گورنري شيخ ظفر الله جي نالي تي مقرر فرمائي. اهڙيءَ طرح سنڌ نئين سر، آيت سڳوريءَ ”اِنَّ الْمُلُوْك اِذَا دَخَلُوْا قَرْيَة اَفْسَدُ وْهَا“ (بيشڪ بادشاهه جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ قدم رکندا آهن، ته انهيءَ کي ويران ڪندا آهن) جي مصداق کان آزاد ٿي.
محمد مراد ملقب به نواب سربلند خان(1)
نواب سربلند خان جي عمر ڪوٽ جي قريب پهچڻ تي، ديوان گدومل به حڪومت جو پروانو ۽ سروپاءِ کڻي اچي حاضريءَ جو شرف حاصل ڪيو. حڪم ملڻ تي ڪامورن اتان اچي نصرپور جي سامهون ]نواب جي[ ڪئمپ لاءِ هڪ زمين تيار ڪئي. ]نواب جي[ انهيءَ زمين تي تشريف فرما ٿيڻ کان پوءِ، ٿورن ئي ڏينهن ۾، ’مراد آباد‘ نالي هڪ وڻندڙ شهر تيار ٿي ويو. ساڳئي ئي سال جي پـڇاڙيءَ ۾، ڪڪرالي جي ڄام جي مهم ڏانهن توجهه ڪري، مناسب لڙاين ۽ صائب تدبيرن سان، سندس شان و شوڪت ڀڃي، کيس ڪوداريه کان ديري ڏانهن ڀڄائي، خورد(2) اوڇه، لنجاري، ميران ۽ ڪجي جي زمين هٿ ڪيائين. ڪجي کي ڇانوڻي مقرر ڪري، هر هڪ جاءِ محڪم قلعا ٺهرائي، انهن کي مضبوط ڪيائين. هن کان پوءِ ٻه سال ٻيا به ملڪ آرام سان هلايائين. چوٿين سال روش بدلائي اهڙو نمونو اختيار ڪيائين، جو ملڪ جي زوال جو ڪارڻ بڻيو.
سرائي سردارن ۽ عام رعيت کي ايذايائين. جنهن صورت ۾ بادشاهي ماڻهن جي تسلط ۽ زبردستيءَ کان تنگ ٿي پيو هو، تنهن ڪري ملڪ کي صاف ٻهاري، ڪنهن ٻئي پاسي نڪري وڃڻ جو پڪو خيال ڪيائين، انهيءَ ڪري خزانو مسقط بندر ڏانهن روانو ڪندو رهندو هو. ڪڪرالي جي ڄام جو ملڪ سندس رستي ۾ روڪ هو، تنهن ڪري سال جي پڇاڙيءَ ۾ ڄام کي وچان ڪڍي ڇڏڻ ۽ سندس ملڪ بنا ڪنهن رنڊڪ جي هٿ آڻڻ لاءِ، لشڪر مقرر ڪيائين. سرائي سردارن، جن ڄام سان صلح ڪرڻ وقت قرآن کنيو هو، تن کي اها ڳالهه نه وڻي. جنهن صورت ۾ سڀئي ڪڪ ٿي پيا هئا، تنهن ڪري پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪري، ميان غلام شاهه خان ڪلهوڙي جي بيعت ڪري، 13 ذوالحج سنہ 1170 هجريءَ جي رات، پنهنجو انتظام پڪو ڪري، صبح جو سندس حويليءَ تي ڪاهي، کيس سندس پٽن سميت قيد ڪيائون.
ميان غلام شاهه خان
تيرهين ذوالحج سنہ 1170 هجريءَ جي صبح ]112[ جو، حڪومت جي گاديءَ تي ويهي، ڌَڪيل حاڪم جي ظلم هٿان ڦٽيل ماڻهن جي دلين تي مهربانين جي ملم رکي، ساڻن همدردي ڪئي. عنقريب، نئين سال جي پهرين ڏهن ڏينهن گذارڻ کان پوءِ، جڏهن انهيءَ منحوس شهر کي چؤڌاري پاڻي وڪوڙي ويو، اتان لڏي، پيءُ واري محمد آباد جي ڀرسان ’الهه آباد‘ نالي نئون شهر ٻڌائي، وڃي اُتي رهيو. سڀني اميرن سندس حڪم آڏو سر جهڪايو، مگر محمد مراد ياب خان جي سڳي ڀاءُ احمد يار خان، جو خداآباد ۾ ٿي رهيو، تابعداري قبول نه ڪئي. هوڏانهن بهادر شاهه جو پٽ مقصودو فقير، پيءُ کي هن ڪم ۾ ڀـُـليل سمجهي، ڪنهن ٻي ارادي جي انتظار ۾ ويهي رهيو، پر نيٺ تسلي ڏيارڻ کان پوءِ، ٻاهريون ٻنو رکي، اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو.
ايتري ۾ عطر خان جو ضمانت طور ]بادشاهه جي[ حـضور ۾ موجود هو، تنهن محمد مراد ياب خان جي موقوفيءَ جي خبر ٻڌي، فرياد ڪري، ملڪ ]جو پروانو[ پنهنجي نالي ورتو. هيڏانهن وري احمد يار خان سندس واسطي لشڪر تيار ڪيو. سرائي پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿي چوڻ لڳا، ته ”جنهن صورت ۾ عطر خان کي حڪومت بادشاهه جي پاران ملي آهي، تنهن صورت ۾ اسان کي ضرور هن جي تابعداري (ڪرڻي پوندي)“. غلام شاهه وقت جي مصلحت ڳڻي، ساڳئي ئي سال جي 25 صفر تي، ساري لشڪر سميت ٿر ڏانهن نڪري ويو. ٿورين منزلن کان پوءِ مقصودو، عطر خان جي خطن پهچڻ تي، محمد مراد ياب کي آزاد ڪرائي، اڪثر سرائي سردارن سان گڏجي، اوڏانهن (عطر خان ڏانهن) روانو ٿيو، ۽ غلام شاهه پنهنجن خاصخيلين: راڄي ليکي، ۽ ڪن ٿورن فدائين سان اڳتي هليو ويو.
محمد عطر خان ملڪ خالي ڏسي، ڇالاءِ ته احمد يار خان سندس لاءِ اڳي ئي انتظام ڪري ڇڏيو هو، اچي نوشهري ۾ لٿو. ربيع الثاني جي شروع ۾ محمد مراد به اچي پهتو. کيس ۽ سرائي سردارن کي اهائي اميد هئي، ته عطر خان هيءُ ڪم پنهنجي ڀاءُ لاءِ ڪيو آهي، پر جيئن جو حڪومت جو ڪاروبار ڏاڍو خود مطلبي آهي، سو عطرخان ڀاءُ جي اچڻ جو ٻڌي، ملاقات کان سواءِ ئي کيس خداباد ۾ رهائڻ جو حڪم ڪيو. اگرچ هن حرڪت جي ڪري هو سڀني جي نظرن مان ڪري پيو، مگر جنهن صورت ۾ هو بادشاهه جي پاران مقرر ڪيل هو، تنهن ڪري لاچار ساڻس ٺهي هلندا ٿي آيا. هاڻي شاهي محصل (ڍل اڳاڙيندڙ ماڻهو) سندس ڏاڍي بيعزتي ڪرڻ لڳا. هو پنهنجي مفلسيءَ ۽ ڍل جي سخت تقاضا کان مجبور ٿي، ملڪ تي ڏاڍو ظلم ڪرڻ لڳو. نيٺ مظلومن جي صبح واري دانهن ۽ ستايلن جي دعا وڃي آسمان تي پهتي، ۽ غلام شاهه ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ ڪاميابيءَ جي پڪي اميد رکي، اڌيپور کان بهاولپور موٽي آيو، جتي ٽي مهينا رهي پورو انتظام ڪري، پنهنجي اکين جي ٺار صاحبزادي سرفرازخان کي اهل و عيال سان اتي ئي ڇڏي، پاڻ رمضان جي وچ ڌاري سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. محمد عطر خان اڳتي وڌي سندس سامهون ٿيو، ۽ روهڙيءَ جي ٻاهران امرڪس واهه جي ڪناري تي، رمضان ]مهيني[ جي پوئينءَ تاريخ لڙائي ڪيائون. غلام شاهه وٽ لشڪر ٿورو هو، پر تڏهن به بخت جي تائيد سان تيرن ۽ تفنگن جي ٿوري ڌڪا ڌڪيءَ کان پوءِ، واهه ٽپي هٿئون هٿ جي لڙائيءَ ۾ فتحمند ٿيو. عطر خان، احمد يارخان ۽ مقصودو شڪست فاش کائي، ناڪاميءَ جو منهن ڏسي، ڀڄي ويا. ]غلام شاهه[ ڪامياب ٿي بنا تڪليف جي اچي سينگاريل سنواريل ڪئمپ ۾ لٿو. اهو ڏينهن ۽ ٻيو ڏينهن، جو عيد سعيد جو ڏينهن هو، ]اتي ترسي[ سرائي سردارن جي رنجش مهربانيءَ سان دور ڪري، پاڻ سان همرڪاب بڻائي، روهڙيءَ کان سيوستان پهچي، محمد مرادياب خان مرحوم، جو انهيءَ قريبي عرصي ۾ ]113[ گذاري ويو هو. جي پوين سان واجبي همدردي ڪري، شوال سنہ 1171 هجريءَ جي آخر ۾ اچي الهه آباد ۾ منزل انداز ٿيو. صاحبزادي پڻ سڀني پوئتي رهيلن سان گڏ عنقريب ديدار جو شرف حاصل ڪيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ اتان محمد آباد ويا، ۽ باقي سال خير سان گذريو.
سال 1172 هجريءَ ۾ وري ڏڦير، جو اڪثر ڪري بختاورن جي حال جي ڪسوٽي آهي، جا اسباب پيدا ٿيا. هن طرح، ته محمد عطر خان ۽ احمديارخان مٿينءَ شڪست کان پوءِ قلات هليا ويا، جتي محمد نصير خان، ميان غلام شاهه سان اخلاص هجڻ سبب کين پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو. آخر هن(محمد نصير خان) جي بيفرمانيءَ ڪري، مٿس شاهي فوج چڙهائي ڪئي. بادشاهه جي فتحمند ٿيڻ کان پوءِ، هنن (عطر خان ۽ احمد يارخان) ڪئمپ ۾ پهچي ڪن وسيلن جي ذريعي (سنڌ) ملڪ جي حڪومت جو پروانو نئين سر حاصل ڪيو. احمد يارخان حضور ۾ رهجي پيو، ۽ عطرخان عطائي خان نالي هڪ امير کي مدد ۾ وٺي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. هيڏانهن ميان غلام شاهه وقت جي مصلحت خاطر، ربيع الثاني سنہ 1172 هجريءَ ۾ ديري ڏانهن روانو ٿي وڃي ڪجي پهتو. اورنگا بندر ٽپي ڪجي تي ’شاهه ڪرهه‘ نالو رکي (ان کي) رهائشگاهه بنايائين. شاهه ڪري (ساڪره) جي آمهون سامهون ’شاهه بندر‘ نالي هڪ بندر ٻڌائي، حويلي ۽ مضبوط قلعو ٺهرائي، اهل و عيال حريفن جي ٻانهن سميت پنهنجي ناليري فرزند محمد سرفراز خان وٽ ڇڏي، ڀاءُ جي مقابلي لاءِ تيار ٿيو. جنهن صورت ۾ هوڏانهن محمد عطر خان پٺاڻ هٿان ملڪ ويران ڪرائيندو، مقصودي کي لشڪر جو مقدمو بنائي، مقابلي لاءِ اچي رهيو هو، تنهن ڪري ٿورن ڏينهن جي عرصي ۾ سندس استقبال ڪري، وڃي کيس چاچڪن جي سرزمين تي پهتا. پهريائين لڙائيءَ جي ڳالهه ٻولهه هلي، پر آخر مخالف انهيءَ جو ست نه ساري صـُـلح جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ۽ ملڪ کي ٽي حـصا ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. شاهه ڪري (ساڪره) کان نصرپور تائين، ٺٽي جي آسپاس سميت، ميان غلام شاهه جي حـصي ۾ آيو، ۽ ٺٽو (باقي) سموريءَ سنڌ سميت ڀائرن کي مليو. انهيءَ ڪري، ميان غلام شاهه ساڪره تشريف فرما ٿيو، ۽ عطرخان وڃي نوشهري رهيو. رمضان ]شريف[ تائين ]ڪم[ انهيءَ نموني سان هليو، پر جيئن ته ميان غلام شاهه جي نصيب ۾ سڄي حڪومت لکيل هئي، سو ڀائرن ۾ اچي ڦيٽو پيو، ۽ بادشاهه کي به معلوم ٿيو، ته عطرخان کان ملڪ جو ڪاروبار هلي ڪين سگهندو. احمديارخان پنهنجو پٽ ضمانت طور ڏيئي، حڪومت جو پروانو پنهنجي نالي وٺي، سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. ميان غلام شاهه هن حقيقت کان واقف ٿي، رمضان سنہ 1173 هجريءَ ۾، ڪاميابيءَ جو پڪو خيال دم ۾ پيدا ڪري سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. عطرخان هيڏانهن غلام شاهه جي چرپر ۽ هوڏانهن احمديارخان کي ]ايندو ڏسي[، حواس باخته ٿي نوشهري کان ڀڄي ويو. ميان غلام شاهه خان، رمضان جي عيد ڏينهن، نصرپور جي پريان هيءَ خبر ٻڌي اڳتي وڌيو، احمديارخان اوڏانهن ئي رهيو. ]اهڙيءَ طرح[ سمورو ملڪ ميان غلام شاهه کي هٿ آيو.
هن کان اڳ محمد عطر خان جي ڏينهن ۾ ٺٽي کي قسمين قسمين ايذاءَ پهتا هئا. جهڙوڪ: جوکيه قوم جو مولا ٺٽي محلي کي ڦرڻ. هنن ڏينهن ڏٺي جو، دلجاءِ سان انهيءَ محلي جا گهر ڀڃي، اطمينان سان ڦر ڪئي هئي. ]تنهن کان سواءِ[ حاڪم جي بي بندوبستيءَ ڪري پٺاڻن هٿان ]114[ اهڙو ته ظلم ٿيو هو، جنهن کان وڌيڪ خيال ۾ ئي نٿو اچي سگهي.
قصو مختصر، ته ساڳئي سال جي شوال مهيني جي ٻيءَ تاريخ عطر خان جو خط پهتو، ته ”مان ملڪ مان وڃان ٿو، هاڻي توهان ڄاڻو ۽ منهنجو ڀاءُ ڄاڻي“. ميان غلام شاهه اڳتي وڌي ڀاءُ جا رهيل ساٿي هٿ ڪري، لاڙڪاڻي تائين ڪاهي، سڀيئي مرادون ماڻيون. کوسا سردار، جن هن بي بندوبستيءَ وارن ڏينهن ۾ خداآباد کي بريءَ طرح ڦريو هو، سي سڀيئي خونخوار ترار جو لقمو ٿيا، سندن ڳوٺن ۾ سزا طور لشڪر مقرر ٿيو. تنهن کان پوءِ سيوهڻ ڏانهن واڳون واريائين. فتحمند لشڪر، کوسنہ ماڻهن جي ڳوٺن جي وچ واري جويه قلعي ۽ نلي لڪ(1) تي ڪاهه ڪري، ]دشمن کي[ قيد ۽ قتل ڪري، ڪاميابيءَ سان موٽي آيو.
ايتري ۾ خبر پهتي، ته محمد عطرخان ۽ مقصودو، داؤد پوٽه سردارن: خـصوصاً بهادر خان، جي مدد سان، وري دشمنيءَ جو نغارو وڄائي، لڙائيءَ ۽ حملي لاءِ تيار ٿيا آهن، تنهن ڪري بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي سوڀارو لشڪر ساڻ ڪري وڃي اوٻاوڙي تائين پهتو، جتي ڪيترن ناليرن سردارن ۽ خود بهادر خان کي لڙائيءَ جي ميدان ۾ ڪـُـهي، دشمن کي شڪست فاش ڏيئي، فتح سان موٽي آيو.
هاڻي جڏهن دشمنن خواهه ملڪ جي فتح جي طرف کان پوري دلجاءِ ٿيس، تڏهن تاريخ 25 محرم الحرام سنہ 1173 هجريءَ تي نئين وسايل شهر شاهپور ۾ سوڀاري ڇانوڻي هڻي، صاحبزادي کي متعلقين سميت ساڪره کان پاڻ وٽ گهرايائين. هن کان اڳ محمد قائم ڪوڪلتاش، يعني دايو، ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو هو، جنهن وڃي اتي جي غريب رهاڪن کي موقوف ٿيل حاڪم جي ڪامورن جي ظلم زوريءَ ۽ پٺاڻن جي بيحد زبردستيءَ کان ڇڏايو. انهيءَ ئي سال ڪڪرالي جي حاڪم ڄام ڏيسر کي، جنهن ميان غلام شاهه جي ساڪري ۾ رهڻ ۽ سنڌ جي فتح جي ارادي ڪرڻ وارن ڏينهن ۾، سچائيءَ جي دستور جي برخلاف هلت هلي هئي، محمد صديق ڏيسر ۽ ٻين اميرن ملڪ مان تڙي ڪڍيو، تاريخ 7 ماهه صفر المظفر سنہ 1174 هجريءَ تي کيس آباد جي قلعي مان ڪڍي، ڪڇ(1) ڏانهن رلايو. سندس پٽ هر دور جي، جيڪو ديري ۾ تشريف آڻڻ کان وٺي همرڪاب ٿي رهيو، سو ]ساڳيءَ طرح[ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي خدمت ۾ حاضر رهڻ لڳو.
1175 هجريءَ ۾ بادشاهه جي حـضور مان کيس (غلام شاهه کي) ’شاهه وردي خان‘ جو خطاب، هڪ هاٿي ۽ ٻيون ڪيتريون نوازشون عطا ٿيون. انهيءَ ئي سال دائود پوٽن کي سيکت ڏيڻ لاءِ خانپور تائين ڪاهي ويو. پر اُچ جي سيدن جي سفارش تي انهن جي خطائن کي در گذر ڪري، موٽي آيو.
سنہ 1176 هجريءَ ۾، تاريخ 9 ربيع الثاني، ڪڇ جي ڪافرن کي سڌي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ۽ رستي ۾ ’سندريءَ‘ جو قلعو فتح ڪيائين. جاڙي جبل تي اٽڪل ڇهه هزار ڪافر ترار جو کاڄ ٿيا. اتان سوڀارو ٿي، اڳتي وک وڌائي، يلغار ڪري وڃي ڀڄ کان ٻارهن ڪوهن تي پهتو. ]رستي ۾[ ڪيئي ڳوٺ ۽ واهڻ ڦريا، لٽيا ۽ تابعدار ٿيا. بستا بندر ۽ لکپت بندر جا قلعا پڻ فتح ٿيا. آخر ڪڇ جي راءِ جي نيزاريءَ ۽ صلح جي دروازي کڙڪائڻ تي، ڪاميابيءَ سان موٽي اچي مٿئين سال جي 2 رجب تي شاهپور پهتو.
سنہ 1178 هجريءَ ۾، دوباره ڪڇ تي ڪاهڻ جو اتفاق ٿيو. رستي ۾ مورو جو قلعو زبردستيءَ فتح ڪري، ڀڄ کان پنجن ڪوهن تي وڃي منزل انداز ٿيا. ڪڇ جي راءِ وسيلا وچ ۾ آندا، جنهن تي صلح ڪري پوئتي واڳون ورايائون.
ڪڇ کان موٽي اچڻ تي گهڻي مٽيءَ ۽ واءُ جي ڪري پراڻي شاهپور کان نئين شاهپور لڏي آيا، ۽ بادشاهه جي درگاهه مان اڳئين لقب سان گڏ ’صمصام الدوله‘ جو خطاب پڻ عطا ٿيو.
هاڻي عطرخان جا مقصودي فقير جهڙا ساٿي گذاري ويا، تنهن ڪري پشيمان ۽ ناڪامياب ٿي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ قسمين قسمين عنايتن سان سرفراز ٿي همرڪاب رهڻ لڳو. خدا پاڪ جي فضل سان ڏينهون ڏينهن سندس ملڪ وڌندو ۽ بخت بالا ٿيندو ٿو رهي.
سنہ 1181 هجريءَ ۾، بادشاهه جي حـضور مان ديرن جي حڪومت سندس نگرانيءَ ۾ ڏني ويئي، ۽ ساڳئي ئي سال جي ربيع الاول مهيني جي شروع ۾ اوڏانهن روانو ٿي، ٽن مهينن جي عرصي ۾ انهيءَ ساريءَ سرزمين کي فسادين کان صاف ڪري، اتي جي سردارن کان ضمانت وٺي، سوڀارو ٿي، 17 رجب تي شاهپور موٽي آيو. اتفاقاً، انهيءَ ملڪ ۾ مقرر ٿيل لشڪر جو اتي جي ٻين رهاڪن، خـصوصاً نصرت نالي اتي جي هڪ ناليري سردار، سان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ڪري پوري هڪ سال تائين لڙائي ٿيندي رهي. انهيءَ عرصي ۾ سردار جهان خان، بادشاهه جي حـضور مان اهو ملڪ پنهنجي نالي تي ڪرائي، هن طرف جي ناظمن کي بيدخل ڪري موٽائي ڇڏيو. وري الله پاڪ جي امداد ۽ بخت جي ياوريءَ سان سنہ 1183 هجريءَ ۾ ديري غازي خان جو قبضو مٿين سردارن کان ڇڏائي ميان غلام شاهه جي انتظام هيٺ ڏنو ويو، جنهن تي نئين سر انتظام قائم ڪرڻ لاءِ اوڏانهن چڙهي ويو ۽ ڪاميابيءَ سان واپس وريو. ديري غازي خان سان گڏ ملتان جي حڪومت پڻ اتي جي حاڪم جي مدد سان ميان غلام شاهه جي نالي ٿي.
جيئن ته هن کان اڳ، مهيني ذو القعد سنہ 1182 هجريءَ ۾، نيرن ڪوٽ، جو هڪ مضبوط جبل آهي، جي سرزمين تي تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري حيدرآباد جو مضبوط قلعو سنہ 1182 هجريءَ ۾ جڙي راس ٿيو، ۽ مٿس ”حيدرآباد“ نالو رکيو ويو. سندس سامهون ٽڪر جي مٿان شهر ]اڏائي[ رعيت کي قلعي جي حفاظت ۾ رهايائون. ذو الحج مهيني ۾ ديري کان موٽڻ تي اچي انهيءَ قلعي ۾ رهيا.
(سنہ 1184 هجريءَ ۾ ڪن سببن جي بنا تي ديري غازي خان جي حڪومت کان موقوفيءَ جو حڪم ٿيو، ۽ اڳوڻي دستور موجب سردار جهان خان قبضي هيٺ آندو)(1)
جنهن صورت ۾ ]هن ڪتاب جي[ لکڻ واري وقت تائين ايترا حالات ڏٺا ويا آهن، تنهن ڪري ]هاڻي[ قلم جي واڳ هن شاندار حڪومت لاءِ دعا ڏانهن ورائي ويئي. شال ڌڻي تعاليٰ، پيغمبر ۽ سندس سڳوري آل جي مهابي هن سڳوري گهراڻي کي هميشہ عزت ۽ اقبال سان اميدن ۽ مرادن جي ميدان ۾ نامور رکي!(2)
جنهن صورت ۾ مٿين بيانن ۾ ٺٽي جي حاڪمن جا نالا ۽ احوال پابنديءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ۽ گل محمد خراساني کان پوءِ، محمد قائم ڪوڪلتاش کان سواءِ، ٻيو ڪو به مسلمان ناظم مقرر ڪونه ٿيو، تنهن ڪري ملڪ جي حاڪم جي ذڪر تي اڪتفا ڪئي ويئي. هاڻي محمدي دين جي برڪت سان، محرم سنہ 1184 هجريءَ ۾ حبيب فقير نائچ ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو آهي، شال، الله تعاليٰ پنهنجي احسان ۽ ڪمال ڪرم سان مسلمانن جي هن شهر کي اسلام وارن جي گورنريءَ سان مشرف رکندو اچي.
****
(1) نسخو ”ن“ : ”فدائي“
(1) نسخو ”ن“ : ”مير“
(1) نسخو ”ن“ : ”سادات“
(1) نسخو ”ن“ : ”مظفر خان“
(2) اصل ۾ ”در سال هزار و هشتاد و دو هجري“ لکيل آهي، مگر هي غلط آهي، صحيح ”در سال هزار و هشتاد“ آهي، ’و دو‘ جو لفظ ڪاتب جي غلطيءَ کان اضافو ٿي ويو آهي.
(1) نسخو ”ن“ : ”هڪ شاعر چيو آهي:
’سـبـوي زنــدگـيء خــان زبــردست، قضا بيـن از کـجا آورد بـشــکـســـت‘ !
(زبردست خان جي جئڻ جو گهڙو، قضا ڏس ڪٿان جو ڪٿي نئي ڀڳو!)
(1) مغل بادشاهن جي ڏينهن ۾ سوانح نگاري هڪ عهدو هوندو هو، جنهن جو ڪم هوندو هو ملڪ جي صحيح حالات کان شهنشاهه کي واقف ڪرڻ.
(1) نسخو ”ن“ : ”مثل“
(2) نسخو ”ن“ : ”برپس“
(1) نسخو ”ن“ : ”ارسري“
(1) نسخو ”ن“ : ”جليپاڻي“
(1) ”گهرام“ شايد ڪنهن پرڳڻي جو نالو ٿو ڏسجي، اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو، ته ڪنهن پنهور زميندار جو نالو هجي. نسخي ”ن“ ۾ ”از کدام ديسي“ (گدام ڏيسيءَ کان) آهي.
(1) متن ۾ ”پاچهاته“ (شايد ’پاڇاٽـو‘ ) لکيل آهي..
(2) نسخو ”ن“ : ”سارمنه“
(3) نسخو ”ن“ : ”دهہ“
(1) نسخو ”ن“ : ”ديلي“
(2) نسخو ”ن“ : ”چوبه“
(3) سڀني نسخن ۾ ائين آهي.
(1) نسخو ”ن“ : ”هانس“
(2) نسخو ”ن“ : ”مهتان“
(3) نسخو ”ن“ : ”سرولها“
(4) نسخو ”ن“ : ”ڪرنه“
(5) نسخو ”ن“ : ”ڪاڪري“
(1) نسخو ”ن“ : ”چند بهر“
(1) نسخو ”ن“ : ”رانسه“
(1) هيءُ عنوان بمبئيءَ واري ڇاپي ۾ موجود آهي، باقي مصنف جي هٿ سان لکيل نسخي ۾ موجود ڪونه آهي.
(2) نسخو ”ن“ : ”خورق“
(1) نسخو ”ن“ : ”تلعه ’چويه‘ و لک ’تلي‘ “ .
(1) نسخو ”ن“ : ”کنج“
(1) هتي ڏنگين ۾ آندل سموري عبارت مصنف جي هٿ اکرين لکيل نسخي جي حاشيي تي موجود آهي. اڃا ٻه ٻه سٽون وڌيڪ لکيل آهن، جيڪي پني ۾ ڪيڙي جي گهڻن سوراخن ڪري پڙهڻ ۾ نه اچي سگهيون. نسخي ”ن“ ۾ هتي ڪجهه زياده لکيل آهي، جنهن جو ترجمو هتي ڏجي ٿو: ”هن ئي سال ۾ ڪڇ جي راءِ پنهنجي رضا خوشيءَ سان، ايسوجيءَ نالي پنهنجي پيءُ جي هڪ سؤٽ جي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو. شاديءَ وقت ٻنهي طرفن کان ڏاڍا تڪلف بجا آندا ويا ۽ بستا بندر ۽ لکپت بندر جو قبضو واپس ڏنو ويو. هلندڙ سال يعني سنہ 1185 هجريءَ جي عجيب واقعن مان هڪ واقعو هيءُ به آهي، ته وند جي سرزمين ۾ اٽڪل هڪ جريب ۾ گوشت جي ٽڪرن جو مينهن وسيو، جنهن ۾ هر هڪ ٽڪرو ڪچيءَ سر کان به وڏو هو. ٻه ٽي ٽڪر ميان غلام شاهه جي ملاحظي لاءِ کڻي آيا. سور جي گوشت جهڙا ٿي ڏٺا، ڪتن کي ڏنائون، پر انهن نه کاڌا“.
(2) ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنہ 1186 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جي تاريخ هيٺ ڏنل بيت مان نڪري ٿي، جو ”تحفة الڪرام“ جي بمبئي ڇاپي واري نسخي جي حاشيي تي ڏنل آهي.
غلام شاه کة بوده غلام ’شاه نجف‘
مقام کرده ارم همدمي بشاة نجف
1186 هجري