سنڌ شناسي

ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

پاران نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ جي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُھاڳن تي جُڙيل ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي سنڌ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ غلام محمد لاکو آھي. هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪن ٿا. ھن ڪتاب جو ڇپجڻ  اصل ۾ سنڌ جي هڪ تاريخدان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه پورهئي جي پڌرائي آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 31
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ جي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُھاڳن تي جُڙيل ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي سنڌ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ غلام محمد لاکو آھي.
هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪن ٿا. ھن ڪتاب جو ڇپجڻ  اصل ۾ سنڌ جي هڪ تاريخدان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه پورهئي جي پڌرائي آهي. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1992ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جيڪو وتايي جي گهر جي سھڪار سان ھتي شيئر ڪجي ٿو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

ڪتاب ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“، سيد حسام الدين راشديءَ جي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُهاڳن تي جُڙيل آهي. بورڊ پاران سيّد حسام الدين راشديءَ جي پنجويهين ورسيءَ (1- اپريل 2007ع) تي هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جي پڌرائي، اصل ۾ سنڌ جي هڪ تاريخ دان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه پورهئي جي پڌرائي آهي. هن ڪتاب جي مواد جي سهيڙ ۽ نئين مواد حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم سنڌ جي نامياري تاريخدان محترم ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو ڪيل آهي، موجوده ڇاپي ۾ واڌارن ۽ سڌارن سان سموري سُوڌ سنوار سوڌو ڪتاب لاءِ مهاڳ نئين سر لکي ڏيڻ وارو اهم ڪم به ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جو ڪيل آهي.
هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪن ٿا. ان لحاظ سان هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جي پڌرائي منهنجي ايامڪاري ۾ ٿيڻ تي فخر محسوس ڪريان ٿو.
اميد آهي ته هي پورهيو سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان چاهه رکندڙن وٽ مان لهندو.


اعجاز احمد منگي
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو سنڌ
ڇنڇر 4- ربيع الاول 1428هه
بمطابق 24- مارچ 2007ع

مقدمو

(ٻيو ڇاپو)

سال 1972ع ۾ مون وڌيڪ تعليم لاءِ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه ۾ داخلا ورتي. اهو سال سنڌ جي جديد تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. موري جو عبدالرزاق سومرو حيدرآباد ۾ شهيد ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت نئين دستور جي تياري ڪئي. سنڌي زبان جو بل سنڌ اسيمبليءَ پاس ڪيو. سنڌ اندر زبان جي مسئلي تي پهريون ڀيرو زبردست ڇڪتاڻ پيدا ٿي. ان طرح ڪيئي ٻيا ننڍا ننڍا مگر اهم واقعا ٿي گذريا. ان صورتحال ۾ سوين رسالا، مخزنون ۽ ڪتابي سلسلا نڪري نروار ٿيا. سنڌ اندر موجود ان زبردست بي چيني ۽ پڻ نئين سجاڳيءَ جي پس منظر ۾، مون پنهنجي دوست غلام علي باگاڻيءَ جي صحبت ۾ ادب پڙهڻ شروع ڪيو. ان ريت سنڌي ساهت پڙهندي، رسالا ميڙيندي ۽ ڪتاب گڏ ڪندي، منهنجي ذهن کي مهميز لڳي ۽ آهستي آهستي سنڌ شناسيءَ (Sindhological Studies) طرف توجهه ويو، جو اڄ سوڌو برقرار ۽ جاري آهي!
سنڌ شناسيءَ جي ان ابتدائي مرحلي وقت؛ جن اديبن، عالمن۽ محققن سان شناسائي پيدا ٿي، بلڪ دلي ۽ روحاني سلسلو قائم ٿيو، انهن اسڪالرن ۾ سيد حسام الدين راشدي مرحوم جو نالو سرفهرست آهي. تاريخ ڪلهوڙا تي سندس لکيل مهاڳ، پهرين لکت هئي، جيڪا مون پڙهي. ستت پوءِ اپريل 1973ع ۾ ”سنڌي پبليڪيشن“ ۾ راشدي صاحب جو انٽرويو پڙهيم، جيڪو مسٽر خان محمد پنهور جو ورتل هو. ان بعد هن مثالي سنڌي مؤرخ ۽ اسڪالر جا ڪتاب، انٽرويو، مقالا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اخباري بيان مطلب ته جو ڪجهه به ڏسبو هو سو خريد ڪري پڙهبو هو. يا وري ڪاليج ۽ پوءِ جي زماني ۾، يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني مان هٿ ڪري نظر مان ڪڍبو هو. 1976ع ڌاري خود مون به لکڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا(1). تاريخ 27 آگسٽ 1977ع تي 60 الحمرا ڪراچيءَ ۾، راشدي صاحب سان پهريون ڀيرو مفصل رهاڻ ٿي. سال 1979ع ۾ سندن ڪتاب ”مير محمد معصوم بکري“ ڇپيو ته، ان تي مون هڪ تنقيدي تبصرو لکيو، جو رسالي ”مهراڻ“ (2/1981ع) ۾ شايع ٿيو، جنهن کي خود مصنف به پسند ڪيو. ان طرح سنڌ جي هن برک عالم سان منهنجو باقاعده تعلق پيدا ٿيو. ميل ملاقات ۽ خط و ڪتابت، سندن زندگيءَ جي آخر تائين جاري رهي. منهنجو هڪ مضمون سنڌالاجيءَ جي رسالي ۾ ڇپجي نه سگهيو، جو پاڻ رسالي سه ماهي ”اردو“ (2/1981ع) ۾ ڇپرائي ڏنائون. سال 1981ع جي پڄاڻيءَ ڌاري مون سندس ڪتاب ”سنڌي ادب“ سنڌي ترجمي حاشين ۽ وضاحتن سان شايع ڪرايو. هي ڪتاب کين 28 ڊسمبر 1981ع تي پيش ڪيو ويو. هي اسان جي آخري ملاقات ثابت ٿي. سيد حسام الدين راشدي پهرين اپريل 1982ع تي وفات ڪئي ۽ هميشہ همشہ لاءِ وڃي مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو!
يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ سيد علي موسوي سنڌ ۾ داخل ٿيو. روايتن موجب هو اچي ”لڪي“ ۾ رهيو. علي ۽ لڪي، گڏجي ”لڪعلوي“ کي جنم ڏنو. سيد صاحب جي شادي دلوراءِ جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان جيڪو اولاد ٿيو. ان کي ”لڪياري“ ساداتن جو نالو مليو. هن سيد جي ويهين پشت مان سن 1135هه/1722ع ۾، پير محمد بقا ڄائو هو. هن سنڌيءَ ۾ شعر چيو. سندس ڏوهيڙا اڄ به ملن ٿا. راهه ويندي سن 1190هه/1776ع ۾، پير صاحب چورن هٿان شهيد ٿي ويو. کيس هڪ پٽ پير محمد راشد جي نالي سان هو، جو سن 1170هه/1756ع ۾ ڄائو هو. هن علم ادب جي خدمت ڪئي ۽ متعدد ڪتاب ترتيب ڏنا. هن پير صاحب جو اولاد اڳتي هلي ”راشدي“ خاندان جي نالي سان مشهور ٿيو. محمد راشد سن 1223هه/1808ع ۾ وفات ڪئي. راشدي خاندان گذريل ٻن صدين کان، سنڌ جي تمدن، سياست ۽ علم ادب جي خدمت ۾ مصروف رهندو پيو اچي.
سنڌ جي هن محسن خاندان ۾ ويهين سيپٽمبر 1911ع تي، اسان جو نامور عالم ۽ مشهور محقق توڙي مؤرخ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو ”حسام الدين“ رکيو ويو. اڳتي هلي هي اعلى انسان، ادبي تذڪرن ۽ تاريخن ۾، سيد حسام الدين راشديءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. روايتي ڳوٺاڻي تعليم بعد ويهن سالن جي عمر ۾، پاڻ سکر پهتو ۽ ”سنڌ زميندار“ اخبار سان وابستہ ٿي ويو، جنهن جو ان وقت ايڊيٽر، سندس وڏو ڀاءُ پير علي محمد راشدي هو. صحافتي دنيا ۾ رهندي اڳتي هلي ٻنهي ڀائرن ”ستارهه سنڌ“ نالي پنهنجي اخبار پڻ سکر مان جاري ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر سيد حسام الدين راشدي بڻيو. هت رهندي پاڻ علم ادب جي دنيا ۾ به قدم رکيائون. پهريان شعر چوڻ جي مشق ڪيائون(1). بعد ۾ فڪشن ۾ پڻ طبع آزمائي ڪيائون. اهڙام ڪجهه افسانه ”المنار“ ۾ ڇپيا، جو حافظ عبدالحميد ڀٽي مرحوم ڪڍندو هو. 1947ع تائين سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ صحافت ۾ سرگرم رهيا. سنڌ مسلم ليگ ۾ به ڪم ڪيائون. زمينداري به ڪيائون ۽ فڪشن سان گڏ ٺوس علمي عنوانن تي به قلم کنيائون.
قيام پاڪستان کان پوءِ سياست، صحافت ۽ زمينداريءَ جهڙن مشغلن کي ڇڏي، مستقل طرح ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. ان طرح باقاعده تصنيف، تاليف ۽ تحقيق جي دنيا ۾ قدم رکيائون. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ کان وٺي مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد تائين. ڪيترن ئي ادبي، علمي ۽ تحقيقي ادارن لاءِ ڪم ڪيائون. ڪيترن ادارن جا باني رڪن سڏجن ٿا. متعدد ادارن جي گورننگ باڊيءَ تي رهيا ۽ ملڪ جي مکيه يونيورسٽين سان پڻ لاڳاپيل رهيا. راشدي صاحب جو ڪتابي ورثو فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ موجود آهي، تنهنجي ٻولين مضمونن ۽ مقالن جو به وڏو تعداد ڇڏيو اٿن. سندن مطالعي جو خاص مرڪز سنڌ جا فارسي ماخذ، اوليائن ۽ شاعرن جا تذڪرا، سنڌ جي ادبي تاريخ جا سرچشما ۽ مکيه مکيه قديم آثار هئا. فارسي مطالعي ۾ سندن دائرو سنڌ کان ٻاهر هندوستان ۽ ايران تائين پکڙيل ڏسجي ٿو. سنڌ جي مؤرخ جي حيثيت ۾ ڪيئي ڪاميابيون حاصل ڪيائون، ۽ هڪ تاريخدان جي حيثيت ۾ نون لکندڙن لاءِ نت نوان گس گهيڙ ۽ نقطا نروار ڪيائون. سندن تقريرن، تحقيق ۽ لکت ۾ سنڌ دوستيءَ جو عنصر نمايان ڏسجي ٿو. راشدي صاحب جي ادبي ڪاوشن جو دائرو ۽ خدمتون اڌ صديءَ تي پکڙيل آهن، سندن سوانح ۽ ساهتي سرمايي بابت هيل تائين، هي ڪتاب ۽ رسالن جا خاص نمبر ڇپجي چڪا آهن.

1. پير حسام الدين راشدي نمبر: سنڌي پبليڪيشن ڄام شورو، اپريل 1973ع، مرتب: خان محمد پنهور ۽ اعجاز سنڌي.
2. پير حسام الدين راشدي نمبر: قومي زبان انجمن ترقي اردو ڪراچي ڊسمبر 1982ع مرتب: جميل الدين عالي ۽ سيد شبير علي شاهه ڪاظمي.
3. پير حسام الدين راشدي نمبر: سہ ماهي ”مهراڻ“ 1/1983ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ايڊيٽر نفيس احمد شيخ.
4. پير حسام الدين راشدي نمبر: سووينئر ٻي ورسي، سنڌالاجي 1984ع، مصنف: مولانا صباح الدين عبدالرحمان هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو امام راشديءَ ڪيو آهي.
5. پير حسام الدين شاهه راشدي نمبر: سووينئر ٻي ورسي، سنڌالاجي 1984ع، مرتبه: مهتاب اڪبر راشدي.
5. پير حسام الدين راشدي اور ان ڪي علمي ڪارنامي: ڪراچي يونيورسٽي 1984ع، مصنف: مولانا صباح الدين عبدالرحمان هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو امام راشديءَ ڪيو آهي.
6. پير حسام الدين شاهه راشدي نمبر: سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو ڪراچي سال 1990ع، ليکڪا: فهميده حسين، هن ڪتاب جو اردو ترجمو: همدرد فائونڊيشن پريس ڪراچي 1994ع ۾ ڇپيو آهي.
7. پير حسام الدين راشدي نمبر: سہ ماهي ”مهراڻ“ 2/1997ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ايڊيٽر نفيس احمد شيخ.

هي ته اهي ڪتاب يا رسالا آهن، جي خاص مرحوم راشدي صاحب بابت آهن. سنڌ جي هن نامور اسڪالر ۽ اديب جي باري ۾، اهڙن سوين مضمونن ۽ مقالن جو پڻ پاڻ کي پتو آهي. جي مختلف رسالن، ڪتابي سلسلن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا ۽ ٽڙيل پکڙيل حالتن ۾ موجود آهن(1). ليڪن هي هڪ حقيقت آهي ته سيد صاحب جي سوانح، علمي خدمتن، ادبي ڪارنامن ۽ فڪري توڙي ساهتي سفر کي جانچڻ، ڄاڻن ۽ پرکڻ جو بهترين سرمايو، خود اهي ڪتاب آهن، جي پاڻ ايڊٽ ڪيائون، لکيائون ۽ ترتيب ڏنائون. هن ڏس ۾ سندن لکيل مضمون ۽ مقالا به وڏي اهميت رکن ٿا.

*****

سيد حسام الدين راشديءَ جي تحرير، تصنيف ۽ تاليف پنجاهه سالن تي پکڙيل آهي. سندن پهرين لکت جا اڄ اسان وٽ موجود آهي، اها ڀيرو مل مهر چند سال 1932ع ۾ پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”بهار نثر“ ۾ شامل ڪئي هئي. ان جو عنوان ”ڪچي جو سير“ آهي. هي مختصر مضمون ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ شامل آهي(2). ان طرح سندن آخري تحرير 1981ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿي هئي. هن مستند ۽ معتبر عالم جي ڪتابي ورثي بابت جدا جدا رايا ملن ٿا. راقم الحروف جو ويهه سال اڳ ان بابت هڪ جائزو شايع ڪيو هو(2). ليڪن پوءِ جي مطالعي، جستجو ۽ تلاش ذريعي، مذڪوره جائزي ۾ مختصر ڦير ڦار بعد، سندن ادبي اثاثي کي هيٺ نروار ڪجي ٿو. هي اڀياس ڪرانالاجيڪل سلسلي هيٺ مرتب ڪيو ويو آهي.

1. فڪشن: راشدي صاحب ابتدا ۾ شعر به چيو ۽ پوءِ افسانه به لکيائون. انهن ۾ ”انار ڪلي“، ”پاڪدامن عورت“، ”گلن واري ڇوڪري“، ”امانت“ ۽ ”بدنصيب شهزادو“ ڇپيل ۽ شايع ٿيل ملن ٿا. ان کان علاوه هڪ طويل افسانو ”الزليخا“ به لکيائون، جنهن کي اڄوڪي دور ۾ ناوليٽ جو نالو به ڏنو ويو آهي. هن جو ٽيون ڇاپو ڪرائون سائيز ۾ 62 صفحن تي 1951ع ۾ سکر مان نڪتو هو. افسانه ڪتابڙن جي صورت ۾ به پڌرا ٿيا، جن جا متعدد ايڊيشن نڪتا. ان زماني ۾ پاڻ ”سيد فدائي الراشدي“ جي قلمي نالي سان لکندا هئا(3). سنڌي ساهت جي هن آڳاٽي ذخيري کي محفوظ ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. طويل افسانو ”الزليخا“ سن 2003ع ۾، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ صاحب، نئين سر مرتب ڪري ڇپرايو آهي.

2. اسلامي ڪتبخانه: هي مختصر ڪتاب اطالوي خاتون مس اولنگا پنٽو پنهنجي زبان ۾ لکيو هو. ان جو پوءِ انگريزي ۾، پوءِ ان تان اردو ترجمو قاضي اختر جهونا ڳڙهيءَ شايع ڪيو. ان اردو ترجمي تان بعد ۾ ”ستاره سنڌ“ اخبار جي مدير سيد حسام الدين راشديءَ، 7 جون 1937ع تي سنڌي ترجمو مڪمل ڪيو. هي ڪتاب سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد 1939ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. تازو رسالي ”مهراڻ“ 2/1984ع ۾ ان کي دوباره شايع ڪيو ويو آهي.(1)

3. سنڌي ادب: هي ڪتاب اردو ۾ پاڪستان پبيلڪيشن ڪراچي 1952ع ۾ ڇپيو. بعد ۾ ان جو روسي ترجمو مس ييگوروا رئيسه (Miss Yegorova Raissa) ماسڪو مان پڌرو ڪيو. مون ”سنڌي ادب“ جو سنڌي ترجمو سال 1981ع ۾، مصنف جي اجازت سان ڪيو ۽ ان کي گرامي پبليڪيشن دولت پور صفن شايع ڪيو. اردو ۽ روسي ايڊيشن ذريعي سنڌي ساهت جو اڀياس يورپ ۾ آسان ٿي پيو. ان کان علاوه سنڌي تذڪرهه نويسن به ان مان خوب استفادو ڪيو.(2) اپريل – مئي 1983ع جي ماهنامه ”اظهار“ ۾ اصل اردو ڪتاب وري ڇپيو آهي سنڌي ترجمي 1996ع ۾ ٻيهر حيدرآباد مان ناز سنائي صاحب ڇپرايو.

4. مهراڻ جون موجون: سيد حسام الدين راشديءَ جي ترتيب سان هن ڪتاب ۾ ”نئين زندگيءَ“ ڇپيل مضمونن، افسانن ۽ شعرن جو انتخاب ڏنل آهي. هي ڪتاب پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي 1956ع ۾ ڇپيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1964ع ۾ نڪتو.

5. مثنوي چنيسر نامه: ادراڪي بيگلاري سنڌ جي عشقيه داستان ”ليلا چنيسر“ تي مبني هي فارسي مثنوي 1010هه/1601ع ۾ مڪمل ڪئي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي فارسي مطبوعات جي پهرين ڪڙيءَ طور 1956ع ۾ ڇپيو هو. سيد حسام الدين راشدي مرحوم ان تي سنڌي زبان ۾ طويل مقدمو لکيو ۽ ان کي ايڊٽ ڪيو.(1)

6. مثنوي مظهرالآثار: سيد جهانگير هاشمي هي فارسي مثنوي سن 940هه/1533ع ۾ لکي. شاعر ارغون دور ۾ سنڌ آيو ۽ پوءِ حج تي ويندي ڪيچ مڪران وٽ 946/هه 1539ع ۾ مارجي ويو. مفصل فارسي مقدمي ۽ شاعر جي تصوير سان. هي مثنوي راشدي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي 1957ع ۾ شايع ڪئي.

7. مقالات الشعرا: فارسي گو شاعرن جي هي تذڪرو سنڌ جي مشهور اديب، مؤرخ ۽ شاعر، مير علي شير قانع سن 1174هه/1760ع ۾ لکيو، جنهن ۾ 719 شاعرن جو احوال ملي ٿو. راشدي صاحب مفصل مقدمو فارسيءَ ۾ لکيو آهي. ان کان علاوه ڪتاب ۾ مفصل حاشيا ۽ چوٽيهه عدد ناياب تصويرون به شامل ڪيل آهن. هي تذڪرو سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ شايع ڪيو.

8. تڪمله مقالات الشعرا: مخدوم ابراهيم خليل ٺٽويءَ سنڌي جي فارسي شاعرن بابت، هي آخري تذڪرو سنڌ 1307هه/1890ع ۾ لکي تيار ڪيو. راشدي مرحوم ڪتاب ايڊٽ ڪندي، ان تي فارسيءَ ۾ مقدمو لکيو ۽ وڏي تعداد ۾ ناياب تصويرون، تعليقات ۽ فوٽ نوٽس شامل ڪيا. ابتدا ۾ مشهور ايراني اسڪالر آقاي سعيد نفيسيءَ جو پيش لفظ به هن ڪتاب جو سينگار بنيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ هي تذڪرو 1958ع ۾ ڇپيو.

9. تذڪرهه امير خاني: سنڌ جي امير خاني سيدن بابت هي تذڪرو، راشدي صاحب مرحوم سنڌيءَ ۾ لکيو آهي. مغل دور ۾ امير خاني سادات سنڌ جي سياست، تمدن ۽ ادب تي ڇانيل هئا. هن خاندان ۾ مير ابوالقاسم نمڪين، مير ابوالبقا امير خاني ۽ ميرڪ يوسف ٿي گذريا، جن پنهنجي دور ۾ وڏي حيثيت ماڻي. هي منفرد تذڪراتي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن بابت معياري معلومات ڏئي ٿو، جنهن جي آخر ۾ فوٽن جو پڻ وڏو تعداد شامل ڪيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ ”تذڪرهه امير خاني“ سال 1961ع ۾ پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ نڪتو، جنهن ۾ راقم الحروف پاران لکيل واڌارا پڻ شامل ڪيا ويا. هن ايڊيشن ۾ پروف ريڊنگ جو احتياط نه ڪرڻ سبب ڪيئي غلطيون رهجي ويون.

10، 11، 12، 13 – مثنويات وقصائد قانع: هڪ جلد ۾ مير علي شير قانع جون چار تصنيفون: مثنوي قضا وقدر، ا جو سينگار بنيو آهي. قات ۽ فوٽ نوٽس شامل ڪيا. ۾ لکي تيار ڪيو. رجمو مثنوي محبت نامه، مثنوي قصاب نامه ۽ قصيدا منقبت شامل آهن. ابتدا ۾ راشدي صاحب طويل سنڌي مقدمو شامل ڪيو آهي ۽ بورڊ ان کي 1961ع ۾ شايع ڪيو.

14. تاريخ مظهر شاهجهاني: ميرڪ يوسف سنڌ جي تاريخ تي هي ڪتاب سن 1044هه/1634ع ۾ لکيو، جنهن ۾ مغل دور بابت قيمتي معلومات ملي ٿي. سيد حسام الدين راشدي هن ڪتاب کي دريافت ڪيو ۽ ايڊٽ ڪندي، ان تي اردو ۾ تفصيلي مقدمو لکيو ۽ آخر ۾ معلومات تعليقات شامل ڪيا. سنڌي ادبي بورڊ، تاريخ جو هي منفرد ڪتاب سال 1962ع ۾ ڇپيو. اداري ان جو سنڌي ترجمو پڻ 1979ع ۾ شايع ڪيو، جو نياز همايونيءَ جو ڪيل آهي(1).

15. هشت بهشت: هن ڪتاب ۾ مغل دور جي مشهور شاعر عطا جون اٺ فارسي مثنويون ڏنل آهن. مثنوين تي تاريخي توڙي ادبي نوعيت جو طويل سنڌي مقدمو سيد صاحب لکيو آهي، جو پڙهڻ وٽان آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1963ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو.(1)

16. منشورالوصيت و دستور الحڪومت: والي سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي هي مختصر رسالو سن 1163هه/1749ع ۾ لکيو. اٺن تاريخي ضميمن، وضاحتي سنڌي مقدمي ۽ ڪجهه تصويرن سان سينگاري، هي ڪتاب راشدي مرحوم سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ايڊٽ ڪيو ۽ سال 1964ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سال 1996ع ۾ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ ڇپيو، جو عبدالرسول قادري صاحب ڪيو. سنڌي ترجمو ٻيو ڀيرو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.

17. ترخان نامه: ڪتاب سنڌ جي ترخان دور بابت آهي، جو ٺٽي جي سيد مير محمد سن 1065هه/1654ع ۾ مڪمل ڪيو. راشدي صاحب ابتدا ۾ مفصل مقدمو فارسيءَ ۾ لکيو آهي ۽ آخر ۾ تاريخي نسب نامن ذريعي ڪتاب جي اهميت کي وڌايو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ان کي 1964ع ۾ شايع ڪيو. مرزا عباس علي بيگ مرحوم جو ڪيل سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ 1994ع ۾ ڇپرايو.

18. ماڪ ڀنا رابيل: نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن جو انتخاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ زبان بابت مستند معلومات ملي ٿي. پاڪستان پبليڪيشن لاءِ راشدي مرحوم هي ٻيو انتخاب ترتيب ڏنو، جيڪو سال 1965ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

19. مڪلي نامه: تاريخي قبرستان مڪليءَ تي مدفون نامور اميرن، بادشاهن ۽ وزيرن بابت، هي مختصر ڪتاب مير علي شير قانع، سن 1174هه/1760ع ۾ فارسي نثر توڙي نظم ۾ لکي پورو ڪيو. ابتدا ۾ سيد حسام الدين راشدي مرحوم ان کي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪيو. بعد ۾ ڪتابي ايڊيشن تيار ڪندي، مٿس قيمتي حاشيا، تعليقات ۽ ضميما لکندي، فاضل ايڊيٽر ”مڪلي نامه“ کي هڪ هزار صفحن تي شايع ڪيو. ان طرح هي ڪتاب ٺوس تاريخي اهميت حاصل ڪري ويو، جنهن ۾ سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن بابت وڏي معلومات ملي ٿي. هي سمورو ڪم سنڌي زبان ۾ ٿيل آهي. آخر ۾ تصويرن ۽ فوٽن جو وڏو تعداد به شامل ڪيل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو.

20. عيسى خان ترخان: مڪلي نامه ۾ مرزا عيسى ترخان ثانيءَ بابت آيل مواد کي جداگانه ترتيب ڏئي، سال 1967ع ۾ راشدي مرحوم پاڻ ڇپرايو. هن ڪتاب جو انتساب سنڌ جي سپهه سالار دولهه دريا خان ڏي ڪيل آهي.

21. هفت مقاله: سه ماهي اردو ۾ فارسي ادبيات متعلق ڇپيل مقالن جو هي انتخاب، انجمن ترقي اردو پاڪستان سال 1967ع ۾ شايع ڪيو. راشدي صاحب جي ترتيب ۽ پيش لفظ سان هي ڪتاب شايع ٿيو.

22. حديقة الاوليا: سنڌ جي اوليائن جو هي تذڪرو ٺٽي جي سيد عبدالقادر سن 1016هه/1607ع ۾ لکيو هو. پير صاحب ايڊٽ ڪندي، مٿس سنڌيءَ ۾ طويل مقدمو لکيو آهي. هن تذڪري کي سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ شايع ڪيو.

23. تذڪرهه شعراي ڪشمير: انهن فارسي گو شاعرن جو تذڪرو آهي، جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪشمير سان لاڳاپيل هئا. هي ڪتاب مرزا اصلح سن 1161هه/1747ع ۾ تيار ڪيو. اقبال اڪيڊمي 1967ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو، جنهن جو ٻيو ايڊيشن 1983ع ۾ ڇپيو آهي.

24. تذڪرهه شعراي ڪشمير، جلد اول: مٿئين تذڪري کي ايڊٽ ڪندي سيد حسام الدين کي هڪ وڌيڪ ڪتاب تيار ڪرڻ جو خيال آيو. سندن هن ڪاوش کي مرزا اصلح جو تڪملو سڏڻ بهتر ٿيندو. جلد اول اقبال اڪيڊمي 1967ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ 120 شاعرن (الف – ش) جو احوال ملي ٿو. 1983ع ۾ هي جلد وري ڇپيو آهي.

25. تذڪرهه شعراي ڪشمير، جلد دوم: هي ٻيو جلد آهي، جنهن ۾ وڌيڪ 54 شاعرن (ص – غ) جو ذڪر ٿيو آهي. اقبال اڪيڊمي ان کي 1968ع ۾ ڇپيو. هي جلد ٻيهر 1982ع ۾ شايع ٿيو آهي.

26. تذڪرهه شعراي ڪشمير جلد سوم: هن ٽئين جلد ۾ ڪشمير جي وڌيڪ 69 شاعرن جو (ف – م) تذڪرو ٿيو آهي. پهريون ڇاپو 1968ع ۾، ۽ ٻيو ڇاپو 1982ع ۾ نروار ٿيو آهي.

27. احوال و آثار ملڪ الشعراءِ ابوالفيض فيضي: راشدي صاحب شعراي ڪشمير جي ٽئين جلد ۾ فيضيءَ بابت نهايت مفصل معلومات ڏني آهي. اهو سمورو مواد جداگانه ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏئي. پاڻ سال 1968ع ۾ مٿئين عنوان سان شايع ڪيو اٿن. ڪتاب فارسي زبان ۾ آهي.

28. تذڪرهه روضة السلاطين: هي فارسي ڪتاب انهن اميرن، وزيرن ۽ بادشاهن بابت آهي، جي شاعر هئا. هن تذڪري کي فخري هرويءَ سن 958هه/1551ع ۾ ترتيب ڏنو ۽ شاهه حسن ارغون ڏانهن منسوب ڪيو. راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ سان 1968ع ۾ شايع ٿيو. ان کان ٻه سال اڳ راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ سان 1968ع ۾ شايع ٿيو. ان کان ٻه سال اڳ ”روضة السلاطين“ تبريز مان ڊاڪٽر عبدالرسول خيامپور پڻ ڇپيو هو، ليڪن اسان جي هن مانائتي عالم ان کي ناقص ايڊيشن سڏيو آهي.

29. جواهر العجائب: سن 962هه/1554ع ۾ فخري هرويءَ ترتيب ڏنو ۽ مرزا عيسى ترخان جي زال ماهه بيگم کي منسوب ڪيو. هن ۾ اهڙين عورتن جو ذڪر ملي ٿو، جن شعر و شاعريءَ ۾ حصو ورتو. سال 1968ع ۾ ايڊٽ ڪري راشدي مرحوم ان کي ڇپرايو. ان کان اڳ به هن ٽذڪري جا ڪجهه ايڊيشن نڪتا هئا، جن کي ناقدين ناقص سڏيو آهي.

30. ديوان فخري: هي فارسي ديوان آهي، جو پڻ 1968ع ۾ پڌرو ٿيو. فخري هرويءَ جا هي ٽئي ڪتاب هڪ جلد ۾ مرتب ٿي ڇپيا آهن. فاضل ايڊيٽر نهايت قيمتي مقدمو اردو ۾ لکيو آهي ۽ آخر ۾ تعليقات ذريعي مفيد واڌارا پڻ ڪيا آهن جي فارسي زبان ۾ آهن. فخريءَ جا ٽئي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپيا آهن(1).

31. دود چراغ محفل: اهڙن پنج شاعرن جو تذڪرو آهي، جي ڪنهن نه ڪنهن ريت مرزا غالب سان وابستہ هئا. هي اردو ڪتاب غالب جي صد ساله جشن پيدائش تي 1969ع ۾ ڪراچيءَ مان ڇپيو آهي.

32. تذڪرهه شعراي ڪشمير، جلد چهارم: ڪشميري شاعرن بابت راشدي صاحب جي رٿيل تذڪري جو هي آخري جلد آهي، جنهن ۾ ڪل 130 شاعرن (ن – ي) جو احوال ملي ٿو. هي جلد اقبال اڪيڊمي 1969ع ۾ شايع ڪيو. مجموعي طرح سان چئن جلدن ۾ 373 شاعرن جو ذڪر ٿيو آهي. چارئي جلد ٻه هزار صفحن تي مشتمل آهن، جن ۾ لاتعداد تصويرون، عڪس ۽ آخر ۾ فهرستون به ڏنل آهن.

33. مرزا غازي بيگ ترخان اور اس کي بزم ادب: سنڌ جي آخري ترخان حاڪم بابت هي ڪتاب راشدي صاحب اردو ۾ لکيو آهي، جنهن کي انجمن ترقي اردو ڪراچي 1970ع ۾ ڇپيو. پهرئين حصي ۾ مرزا بابت احوال ملي ٿو ۽ ٻئين حصي ۾ اهڙن 35 شاعرن جو ذڪر ۽ شعر ملي ٿو، جي مرزا سان وابستہ هئا.

34. ديوان بيرم خان: مشهور سپهه سالار عبدالرحيم خانخانان جو والد بيرم خان نه رڳو نامور امير هو، پر پنهنجي دور جو اعلى پايي جو فارسي ۽ ترڪي ٻولين جو شاعر پڻ هو. فارسي شعر راشدي صاحب ايڊٽ ڪيو ۽ ڊاڪٽر محمد صابر ترڪي شاعري ترتيب ڏني، جنهن کي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، سال 1971ع ۾ ڇاپيو. هن ديوان تي مقدمو ڊاڪٽر ايم ايڇ صديقيءَ لکيو جو انگريزي زبان ۾ آهي.

35. تحفة الڪرام: مير علي شير قانع جو هي چوٿون ڪتاب آهي، جو سيد حسام الدين راشديءَ ايڊٽ ڪيو. قانع ”تحفته الڪرام“ سن 1181هه/1768ع ۾ مڪمل ڪيو. ڪتاب جو ٽيون جلد سنڌ جي تاريخ، مشاهيرن ۽ شهرن بابت آهي. فاضل ايڊيٽر هن جلد جو به تاريخ وارو حصو ايڊٽ ڪيو ۽ ان ۾ نهايت مستند ۽ معتبر تاريخي حاشيا، ضميما، تعليقات ۽ نسب ناما شامل ڪيا. گڏوگڏ تصويرن جو سهڻو سيٽ به شامل ڪيل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1971ع ۾ ڇاپيو. رٿا موجب ڪتاب جي ٽئين جلد جا ٻه ڀاڱا شايع ٿيڻا هئا، پر اهي آخر تائين منظر تي نه آيا.

36. تذڪرهه مشايخ سيوستان: هي مختصر تذڪرو سيوهڻ جي صوفين بابت آهي، جو عبدالغفور بن حيدر سيوستانيءَ سن 1039هه/1629ع ۾ مڪمل ڪيو. ان جي اڪيلي ڪاپي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ موجود آهي، جتان راشدي صاحب فوٽو حاصل ڪري، ان کي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪرايو (3-4/1974ع)

37. مثنوي مهر و ماهه: هندوستان جي مشهور شاعر جمالي دهلويءَ، هي مثنوي سن 905هه/1499ع ۾ مڪمل ڪئي. سنڌ جي هن مانائتي عالم جي سعيي ۽ مقدمي سان، هي مثنوي مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان اسلام آباد 1974ع ۾ ڇپي آهي. مفصل مقدمو فارسي زبان ۾ آهي(1).

38. تذڪرهه مشاهير سنڌ، جلد اول: مرحوم مولانا دين محمد وفائيءَ جو لکيل هي ڪتاب سنڌ جي اڀياس ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. راشدي صاحب جلد اول ترتيب ڏنو، ان تي مقدمو لکيو ۽ وضاحتي حاشيا لکيا. هي جلد سنڌي ادبي بورڊ سال 1974ع ۾ ڇاپيو(2). ان جو اردو ترجمو به هن اداري سال 1991ع ۾ ڇيپو آهي، جو ڊاڪٽر عزيز انصاري ۽ عبدالله ورياهه جو ڪيل آهي.

39. هو ڏوٿي هو ڏينهن: راشدي مرحوم جي يادگيرين تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ سال 1977ع ۾ ڇپيو آهي. هي ڪتاب ٻولي، مواد ۽ پيشڪش جي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو.

40. تذڪرهه رياض العارفين، جلد اول: سن 1300هه/1888ع ۾ آفتاب راءِ لکنويءَ هي تذڪرو پورو ڪيو، جو فارسي گو شاعرن بابت آهي. مختصر اردو مهاڳ سان راشدي مرحوم ان کي، مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان اسلام آباد ذريعي 1977ع ۾ شايع ڪيو.

41. مير محمد معصوم بکري: سنڌ جي مشهور تاريخدان ”مير محمد معصوم بکري“ جي مفصل سوانح حيات، خدمتن، آثارن ۽ علمي ورثي بابت، هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1979ع ۾ شايع ڪيو. راشدي صاحب هي ڪتاب لکندي وڏي محنت ڪئي آهي. هن ڪتاب ذريعي پاڻ سنڌ جي تاريخ نويسيءَ کي بلڪل نئون موڙ ڏيندي، نون لکندڙن لاءِ هڪ راهه هموار ڪيائون. ڪتاب جي آخر ۾ تصويرن جو عمدو سيٽ پڻ ڏنو ويو آهي.

42. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون: هي ڪتاب راشدي صاحب جي 43 مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي، جو انجمن تاريخ سنڌ 1981ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو.

43. تذڪرهه رياض العارفين، جلد دوم: هي جلد سيد صاحب جي وفات کان پوءِ، مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد سال 1982ع ۾ ڇپيو آهي. هن جلد تي فارسي زبان ۾ سيد عارف نوشاهيءَ مهاڳ لکيو، جنهن ۾ راشدي صاحب جي ايڊٽ ڪيل فارسي ڪتابن جو احاطو ڪيل آهي.

44. مراة الجمال: راشدي مرحوم جي پسنديدهه فارسي، سنڌي ۽ اردو شعرن جو انتخاب آهي، جو سنڌالاجيءَ سندن ٻين ورسيءَ جي موقعي تي 1984ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو، جنهن کي راقم الحروف مرتب ڪيو.

45. ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: راشدي صاحب جي مضمونن ۽ مقالن جو هي ٻيو مجموعو آهي. هن ۾ پندرهن مضمون ۽ مقالا، چار عدد خط، چار انٽرويوز ۽ مختصر ڪتاب ”تذڪرهه مشائخ سيوستان“ جو سنڌي ترجمو پڻ ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.

46. مقالات راشدي: هن ۾ راشدي صاحب جا ايڪيهه اردو مقالا ۽ مضمون شامل آهن. هي ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، سال 2002ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب راقم الحروف ترتيب ڏنو ۽ راشدي صاحب جي اردو قلمي ڪاوشن جو مقدمي ۾ اختصار سان مگر جامع طور تي احاطو ڪيو ويو.

******

مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ راشدي صاحب جي ڪجهه وڌيڪ ڪتابن جو پاڻ کي پتو پيو آهي. انهن ۾ ٻه درسي ڪتاب آهن. ٻين ڪتابن ۾ راشدي صاحب ساٿي مصنف (Co-Author)، يا ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهن ڪتابن جو چور هيٺ ڏجي ٿو:

47. بنيادي اردو: اردو زبان ۾ لغت جو هي مختصر ڪتاب ڊاڪٽر ابوالليث صديقي صاحب لکيو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو جمال رند ڪيو ۽ نظرثاني توڙي نگراني، سيد حسام الدين راشدي صاحب ڪئي. هي ڪتاب مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1968ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو.

48. توزڪ جهانگيري: مغل شهنشهاهه جهانگير (وفات: 1627ع) جي فارسي زبان ۾ خود نوشتہ سوانح عمري آهي. سڀ کان اول سر سيد احمد خان هن ڪتاب کي ڇپرايو. بعد ۾ هن ڪتاب جا ترجما ٿيندا رهيا. ان هوندي به اردو زبان ۾ هڪ مستند ۽ معياري ترجمي جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. ان پس منظر ۾ ترجمي جو ڪم مولانا اعجازالحق قدوسي صاحب جي حوالي ڪيو ويو. ان ڪم جي نگراني راشدي صاحب ڪئي. ان سان گڏ نظرثاني ۽ حاشيا پڻ راشدي مرحوم لکيا. هي ترجمو ٻن جلدن ۾، جلد اول 1968ع ۽ جلد ٻيو 1970ع ۾، مجلس ترقي ادب لاهور ڇپرايو.

49. سماجي اڀياس: هي هڪ نصابي ڪتاب آهي جو اٺين جماعت لاءِ لکيو ويو، جنهن ۾ تاريخ، جاگرافي ۽ شهريت شامل آهن. ڪرائون سائيز جي 228 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور 1969ع ۾ ڇپرايو.

50. سماجي اڀياس: هي ڪتاب پڻ درسي آهي جو شايد اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور لاءِ لکيو ويو. ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب 134 صفحن تي آهي، جنهن کي اردو اڪيڊمي سنڌ 1969ع ۾ ڇپرايو.

51. هفت زباني لغت: بنيادي طرح هي هڪ اردو لغت آهي، جا اشفاق احمد، محمد اڪرام چغتائي ۽ فضل قادر فضلي تيار ڪئي. اردو سان گڏ وڌيڪ ڇهن ٻولين: بنگالي، بلوچي، پشتو، پنجابي، سنڌي ۽ ڪشميري ٻولين جي مترادف لفظن تي مشتمل هي لغت، مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1974ع ۾ ڇپرائي.

سنڌي لفظن (لغت) لاءِ، سيد حسام الدين راشدي، نياز همايوني ۽ محمد انور بلوچ ڪم ڪيو.

52. طبقات ناصري: منهاج سراج هي تاريخي ڪتاب فارسي زبان ۾ 658هه/1260ع ۾ لکيو. فارسي ايڊيشن افغان دانشمند عبدالحي حبيبي افغاني، مرتب ڪري ٻن جلدن ۾ ڇپرايو. اڳتي هلي هن ڪتاب جو اردو ترجمو مولانا غلام رسول مهر ڪيو. مهر صاحب 1971ع ۾ فوت ٿيو: بعد ۾ سيد حسام الدين راشدي صاحب، پنهنجي نگراني ۽ نظرثانيءَ سان اردو ترجمي کي ڪامل بنايو. هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1975ع ۾ ڇپرايو. هن ڏس ۾ مولانا اعجازالحق قدوسي ۽ ڊاڪٽر محمد ايوب قادريءَ کان پڻ مدد ورتي وئي.

53. سنڌي زبان جي بنيادي لغت: هي ٽن مختصر ترين لغتن جو هڪ مجموعو آهي. هي ڪم سنڌي زبان جي نامور عالمن جي هڪ ڪميٽيءَ مڪمل ڪيو، جن ۾ سيد حسام الدين راشدي صاحب جو نالو نمايان ڏسجي ٿو. هي لغت وزارت تعليم حڪومت پاڪستان پاران، سنڌي ادبي بورڊ سال 1976ع ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي.

54. تذڪرة الشعرا: فارسي شاعرن بابت هي مختصر تذڪرو شهنشاهه جهانگير ڏي منسوب آهي. هي تذڪرو تاجڪستان جي اسڪالر پروفيسر عبدالغني ميرزايوف مرتب ڪيو. بعد ۾ راشدي صاحب، ميرزا يوف جي تحقيق تي نظرثاني ڪئي، مفصل حاشيا لکا ۽ پيش لفظ به لکيو. ان ريت هي تذڪرو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ايند ويسٽ ايشين اسٽڊيز سال 1976ع ۾ شايع ڪيو.(1)

فهرست نگارن پير صاحب جي ”ڪتابن جي سروي ڪندي ڪجهه مضمونن ۽ مقالن کي به سندن ڪتابي ورثي ۾ شمار ڪيو آهي. هن ڏس ۾ ”ڏهين صدي هجريءَ سنڌ“ (سدي علي رئيس) ۽ ”ٺٽي جي تاريخي جاگرافي“ جو ذڪر اڪثر ٿيندو رهي ٿو. حقيقت ۾ هي ٻئي مقالا رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا، پوءِ سندن مقالن ۽ مضمونن جي ڪتاب ۾ به شامل ٿيا(2). ڊاڪٽر محمد ايوب قادري صاحب ”مولانا محب علي سنڌي“ کي سندن هڪ اردو ڪتاب لکيو آهي(3). حقيقت ۾ هي هڪ طويل اردو مقالو آهي، جو سه ماهي ”اردو“ جي آڪٽوبر 1950ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو(4). ان دور ۾ قاضي احمد ميان اختر جي تقريب (ٻه اکر) سان، هن مقالي جا ڪجهه آف پرنٽس به نڪتا. اسان مٿي راشدي صاحب جي لکيل، ايڊٽ ڪيل ۽ مرتب ڪيل ڪتابن جي فهرست ڏني آهي. ان هوندي به هي امڪان آهي ته ڪن شين جو پاڻ کي پتو نه هجي يا وري ڪي ڪتاب اڌورا ۽ اڻ ڇپيل حالت ۾ رهجي ويا هجن.

******

ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: راشدي مرحوم جي مضمونن، مقالن، تقريرن، انٽرويوز ۽ ٻئي متفرقہ مواد جو ٻيو مجموعو آهي. هن کان اڳ سندن حياتيءَ جي بنهه آخر ۾، ان نوعيت جو پهريون مجموعو ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ نالي سان 1981ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو، جنهن ۾ ڪل ٽيتاليهه مضمون، مقالا ۽ تقريرون شامل آهن.
هن مجموعي جا ٽي حصا ڪيا ويا آهن. پهرئين حصي ۾ ويهه مضمون، مقالا ۽ تقريرون اچن ٿيون ۽ چار يادگار خط به ڏجن ٿا، جي مرحوم پير صاحب، هن مجموعي جي مرتب ڏانهن 1980ع ۽ 1981ع ۾ لکيا هئا. ٻئي حصي ۾ اٺن ڪتابن تي پير صاحب جا لکيل مهاڳ ۽ پيش لفظ ڏنا ويا آهن، جي پهريون ڀيرو سهيڙجي شايع ٿي رهيا آهن. ڪي لکتون مختصر آهن ته ڪجهه تحريرون جامع ۽ مفصل آهن. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ پنج انٽرويو شامل ڪيا ويا آهن. هن جلد ۾ شامل پهريون مضمون 1937ع جو آهي، جڏهن ته آخري انٽرويو ۽ تقرير 1981ع جي ڏسجي ٿي. ان جو مطلب ته هن ڪتاب ۾ شامل مواد، مصنف جي چوئيتاليهن سالن جي ذهني توڙي قلمي پورهئي جو احاطو ڪري ٿو.
هن ڪتاب جي ترتيب وقت هرهڪ مقالي يا مضمون جو ذريعو مهڙ ۾ ڄاڻايو ويو آهي: ته ٻئي طرف ان جو سٽاءُ ڪرانالجيڪل سلسلي تحت رکيو ويو آهي. ڪجهه مضمون پراڻي ۽ روايتي طرز تحرير جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن ۾: مغل شاهي زماني ۾ هندن جي فارسي تعليم؛ غلام شاهه راشدي؛ فتاوي عالمگيريءَ جا ٻه سنڌي مؤلف؛ مرزا شاهه حسين ارغون؛ ۽ مير علي شير قانع – جهڙا مضمون اچن ٿا. ان بعد ٻه مضمون: سنڌ جا تاريخي ۽ سياسي خط؛ ۽ سنڌ جي تاريخ جا ماخذ – سنڌالاجيڪل اسٽڊيز ۾ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ هن مجموعي ۾ شامل آهن. آخري مضمون ۾ سنڌ بابت عربي ڪتابن جي باري ۾ گفتگو ڪيل آهي(1). سنڌي ساهت ۽ سماج توڙي فن ۽ فڪر جي اڀياس ۾: سنڌي ٻوليءَ کي للڪار؛ فقير عبدالغفور؛ سچل سارو سچ؛ هڪ ديادگار تقرير؛ ۽ سچل کان پوءِ – جهڙا مضمون اسان جي رهنمائي ته ڪن ٿا، ليڪن حقيقت ۾ انهن جي مطالعي ذريعي، راشدي صاحب جو هڪ سنڌ دوست دانشور ۽ اديب وارو روپ پڻ اجاگير ٿئي ٿو. سندن ادبي سفر ۽ سوانح جي ڪجهه وڌي رُخن تي، هن ڪتاب ۾ ڏنل خطن ۽ پڻ ”منهنجو علمي ۽ فڪري سفر“ عنوان واري تقرير، ڪارائتي روشني وجهن ٿا. سنڌ ۽ ايران جو تعلق هزارين سالن تي پکڙيل آهي. عنوان تي سنڌ جي هن قابل صد احترام مؤرخ پهريون ڀيرو سنجيده تحقيق ڪئي. هن جلد ۾ شامل ٽي مقالا: سنڌ ۾ ايران جا لاڳاپا؛ سلطان محمود بکري ۽ شاهه طهماسپ صفويءَ جا لاڳاپا؛ فردوسي ۽ شاهنامي جو سنڌ تي اثر – ڏنا وڃن ٿا. جن ذريعي ڪيئي مکيه تاريخي ۽ ادبي واقعن تي روشني پوي ٿي. اصل ۾ اهي مقالا پاڻ ايران ولايت ۾ مختلف ڪانگريسن ۾ پڙهيا هئائون(1). جيتوڻيڪ ”اصفهان جي هڪ يادگار شام“ عنوان واري مضمون جو سنڌ سان ڪو خاص تعلق نه ٿو ڏسجي. ان هوندي به راشدي صاحب جي ايران جي تاريخ ۽ قديم آثارن ۾ دلچسپي ۽ احساسن کي ٺيڪ طرح سان، هن مضمون ذريعي محسوس ڪري سگهجي ٿو(2). هونئن ته ايران ۽ سنڌ جي تعلق تي، گهڻي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي، ليڪن ”سيد حسام الدين راشدي ۽ ايران جو تعلق“ به هڪ اهم عنوان آهي، جنهن تي پڻ توجہ ڏيڻ جي ضرورت آهي. راشدي صاحب جا ٻه مضمون: قاهرهه ميوزم ۾ چند گهڙيون: ۽ مولانا محمد شفيد لاهوري – نهايت دلچسپ ۽ معلوماتي آهن. هي ٻه مضمون اسان جي هن مانائتي عالم جي اسڪالرن، ڪتبخانن ۽ ڪتابن سان محبت، عقيدت ۽ پروقار روين جي خوب عڪاسي ڪن ٿا.
هن جلد جي ٻئي حصي ۾ اٺن ڪتابن تي، راشدي صاحب جي لکيل پيش لفظن ۽ مهاڳن کي پهريون ڀيرو گڏ ڪري شايع ڪيو پيو وڃي. ممڪن آهي ته ان ڏس ۾ اڃا به وڌيڪ مواد هجي، جنهن جو پاڻ کي پتو نه هجي. مولانا دين محمد وفائي مرحوم جي ڪتاب ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ تي لکيل، سندن پيش لفظ جي لطيفيات ۾ خاص اهميت آهي. هي لکت بار بار ۽ مختلف عنوانن سان ڇپجندي رهي آهي.
ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سيد حسام الدين راشدي مرحوم جا پنج انٽرويو ڏجن ٿا. ادبي دنيا ۾ انٽرويوز جي وڏي اهميت آهي. انٽرويو ڏيندڙ جي ذاتي سوانح، ادبي سفر، ڪتابي ذخيري، ساهتي لڳ لاڳاپن، همعصر ليکڪن ۾ مليل مان مرتبي؛ ۽ وڏي ڳالهه ته متعلقه شخصيت جي علمي ادبي سوچ ۽ فڪر جي اڀياس ۾ انٽرويوز تمام گهڻي مدد ڪن ٿا. انهن ذريعي اصل ۾ ڪيئي گم ٿيل تاريخي ڪڙيون ۽ اُلجهيل مسئلا نبرن ٿا. پر هڪ محقق جڏهن انٽرويو ڏيندڙ جي سوانح بابت ڪم ڪري ٿو ته، هو پنهنجي تحقيق لاءِ به انهن مان گهڻي مدد وٺي ٿو. هت ڏنل انٽرويوز مان پهريون، ٻيو، ۽ پنجون مختصر آهن؛ ۽ ٽيون توڙي چوٿون طويل ۽ مفصل آهن. اميد ته انهن جو اڀياس پير صاحب جي ذاتي ۽ علمي زندگيءَ کان علاوه، خود سنڌ متعلق پڻ مطالعي جي ڪيئي پهلوئن ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
سيد حسام الدين راشدي مرحوم تي ڪم ڪندڙ ڪجهه اديبن، سندن 300 سنڌي، 20 اردو ۽ 5 عدد فارسي مقالن جو ذڪر ڪيو آهي. منهنجو خيال آهي ته سنڌيءَ جي حد تائين اهو اندازو درست ڪونهي. هن جلد ترتيب ڏيندي هڪ ته منتشر سنڌي مواد جمع ڪيو ويو آهي، ۽ ٻئي طرف سنڌ بابت فارسي يا اردو مقالن کي به، ترجمن ذريعي گڏ ڪيو ويو آهي. انهن مضمون ۽ مقالن جا حوالا اڪثر ڪري، راشدي صاحب پنهنجي ڪتابن ۾ ڏيندو رهندو هو. تاهم ٻه مقالا: بلگرامي ساداتن جو سنڌ تي اثر، ۽ پوراني سادات – هن جلد ۾ اچڻ کپن ها، پر باوجود تلاش جي اهي هٿ نه اچي سگهيا. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته مذڪورهه مقالا يا ته لکجي نه سگهيا، يا وري ڪٿي ڇپجي سگهيا. مون هر ممڪن طرح ڪوشش ڪئي آهي ته تحريرن ۽ تقريرن جي هن جلد کي مڪمل بنايو وڃي. چوويهن سالن جي تلاش بعد جو ڪجهه ملي سگهيو، ان کي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. اميد ته هي مواد هڪ طرف سنڌ، ته ٻئي طرف خود اسان جي هن سدا بهار عالم جي، سوانح ۽ ادبي اثاثي جي اڀياس ۾ مددگار ثابت ٿيندو!

******

ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: پهريون ڀيرو 1992ع ۾ ڇپيو هو. ڪمپوزنگ، پروف ريڊنگ ۽ اشاعت جو ڪم ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جنهن تي منهنجو ڪو به اختيار نه هو. ان پس منظر ۾ ڪتاب ۾ لاتعداد غلطيون رهجي ويون. سورنهن – سترهن سالن کان پوءِ، هي ڪتاب ٻيهر ڇپجي رهيو آهي. ان وچ ۾ وڌيڪ مليل مواد کي به هن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان ريت هن ڪتاب جو هي ڇاپو وڌيڪ وسعت سان نروار ٿي رهيو آهي. ان ريت هن ڪتاب جو هي ڇاپو وڌيڪ وسعت سان نروار ٿي رهيو آهي. ان پس منظر ۾ ”مقدمو“ پڻ نئين سري سان لکيو ويو آهي. پهرئين ڇاپي ۾ مشايخ سيوستان“ جو سنڌي ترجمو شامل ڪيو ويو هو. هن ايڊيشن مان ان کي خارج ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب تي (مشايخ سيوستان) جداگانه ڪم ٿي رهيو آهي. اميد آهي ته ان کي به ٿوري عرصي ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويندو. جناب حسين شاهه راشديءَ جو آءٌ خاص طرح ذڪر ڪندس. سائين حسام الدين راشدي صاحب جي علمي ڪمن جي تڪميل ۽ سهيڙجڻ واري ڪم ۾، مون کي هميشه حسين شاهه راشدي صاحب جي تائيد حاصل رهي. ڪتاب جي هن ٻئي ايڊيشن جي طباعت ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري اعجاز احمد منگي صاحب خاص دلچسپي ورتي. بورڊ جي ٻين اهلڪارن به هن ڪم ۾ مون سان دلي تعاون ڪيو. ان لاءِ آءٌ سڀني دوستن جو شڪر گذار آهيان.

پروفيسر غلام محمد لاکو
مارچ 2007ع
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

________________
(1) منهنجي پهرين مختصر لکت ”سنڌ جو ايران جي حوالي ٿيڻ“ عنوان سان، حيدرآباد جي ڊيلي آفتاب 13 فيبروري 1976ع تي ڇپي هئي.
(1) محترم حسين شاهه جي روايت آهي ته، اهڙا ڪجهه شعر وٽن محفوظ آهن
(1) پروفيسر محمد قاسم سومري، اهڙي مواد جي ببليو گرافي تيار ڪري رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپرائي آهي. (نمبر1، سال 1997ع).
(1) ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 11-12.
(2) سهه ماهي ”مهراڻ“ 1/1983ع، ص 224-248.
ڪجهه ليکڪن مولانا صباح الدين عبدالرحمان جي جائزي کي درست سڏيو آهي. حالانڪه هن خود لکيو آهي ته کيس سنڌي زبان جي ڄاڻ ڪانهي. ۽ ٻيو ته هو اڌ جيترا ڪتاب به ڏسي نه سگهيو آهي.
(3) رشيد ڀٽيءَ جو مقالو، هلال پاڪستان ميگزين، صه صه 69-71، سيپٽمبر 1983ع، ڪراچي.
(1) اسلامي ڪتبخانه جو هڪ ايڊيشن سهه ماهي ”الرحيم“ ۾ به ڇپيو آهي (ٻيو نمبر، بهار، 1965ع
(2) مون ان تي وڌيڪ روشني پنهنجي هڪ مقالي ۾ وڌي آهي (رسالوۡ سنڌي ادب، جلد 9، سال 86-185ع. سنڌالاجي).
(1) ادراڪي بيگلاريءَ سنڌ جي تاريخ بابت مکيه ڪتاب ”بيگلار نامه“ پڻ فارسي زبان ۾ لکيو هو، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ 1980ع ۾ شايع ڪيو
(1) هن ڪتاب جو انگريزي ايڊيشن ”سنڌ انڊر دي مغلز“ جي نالي سان سال 1990ع ۾ اسلام آباد مان تاريخ ۽ تمدن بابت قومي اداري ڇپيو آهي. هي معياري ڇاپو ڊاڪٽر محمد سليم اختر جو آندل آهي.
(1) سنڌي ادبي بورڊ ان کان اڳ عطا جو فارسي ديوان به ڇيپو، جيڪو سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوريءَ ايڊٽ ڪيو هو.
(1) فخري هرويءَ بابت راشدي صاحب جو لکيل مقدمو، ايران ۾ فارسي ترجمي جي صورت ۾ ڇپيو آهي. هي ترجمو محمد ظفر ڪيو ۽ دانشڪده ادبيات و علوم انساني مشهد جي رسالي ۾ 1350 هجري شمسيءَ ۾ شايع ٿيو.
(1) جمالي دهليءَ جي ڪتاب ”سير العارفين“ جو اردو ترجمو ڊاڪٽر محمد ايوب قادري ڪيو، جو مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1976ع ۾ شايع ڪيو. ان تي پڻ مفصل مقدمو اردو زبان ۾ راشدي صاحب لکيو.
(2) پير صاحب جي وفات بعد ”تذڪرهه مشاهير سنڌ“ جا باقي ٻه جلد بورڊ ڇپيا آهن. جلد ٻيو سال 1985ع ۾، ۽ جلد ٽيون سال 1986ع ۾ شايع ٿيو. جلد ٻيو ۽ ٽيون جو اردو ترجمو، هڪ جلد ۾ 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي.
(1) ڪتاب نمبر 47 کان 54 تائين لاءِ ڏسجي راقم جو مضمون، ڇپيل مجد ”تاريخ و ثقافت پاڪستان“ اپريل – سيپٽمبر 2006ع، اسلام آباد
(2) ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 367-408، ص 43-142.
(3) ماهنامہ قومي زبان، ص 82-90، ڊسمبر 1982ع.
(4) سيد سرفراز علي رضوي (اشاريه اردو، ص 42، انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي. 1976ع)، لکيو آهي ته راشدي صاحب جو هي مقالو سهه ماهي ”اردو“ ۾ آڪٽوبر 1951ع ۾ ڇپيو هو. هي معلومات درست ڪونهي.
(1) راشدي صاحب جو هڪ مضمون، سنڌ جي فارسي ماخذن بابت پڻ ڇپيل آهي (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 724-756).
(1) هن ڏس ۾ سندن چوٿون مقالو ”اصفهان ۽ سندم سنڌ سونهاري“ عنوان سان پڻ موجود آهي. (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 424-434).
(2) ايران جي حوالي سان راشدي صاحب جو هڪ وڌيڪ علمي ڪم ”اردو زبان ۾ ايران بابت مواد“ ايرج افشار پنهنجي ڪتاب ”ناموارهه دکتر محمود افشار“ جلد ستين ۾، تهران مان 1993ع ۾ چپيو آهي.

مقالا، تقريرون ۽ خط

---

مغل شاهي زماني ۾ هندن جي فارسي تعليم

[هي يادگار مضمون ماهوار اخبار تعليم جي جلد 37، نمبر 1، اپريل 1937ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو. ان جو فوٽو اسٽيٽ عزيز دوست بشير احمد هيسباڻيءَ موڪلي ڏنو. هي مضمون ڏسندي خبر پوي ٿي ته راشدي صاحب مرحوم، ان وقت سيد فدائي الراشديءَ جي ادبي نالي سان لکندا هئا.]

مغلن کان اڳي (توڙي) هندن سان فارسي دان قومن جو ميل جول، سلطان محمود غزنويءَ جي حملن کان اڳ به ٿورو ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته فارسي دان مڪراني ماڻهن جو هندن سان لاڳاپو هو ۽ پڻ يعقوب صفار جي زماني ۾ به سنڌين سان ايرانين جا تعلقات هئا، ته به هندو فارسيءَ سان گهڻو راهل مائل غزنويءَ جي حملن کان پوءِ ٿيا. سلطان محمود جي درٻار ۾ هڪ هندو فارسي عالم ”تلڪ“ نالي هو، جنهن جهڙو فارسي دان ان زماني ۾ مشڪل ٿي مليو.
سڪندر لوڌيءَ هندن ۾ فارسيءَ جي تعليم ۽ لکپڙهه جو رواج پکيڙڻ چاهيو، مگر ايتريقدر ڪامياب ٿي نه سگهيو، جيترو چاهيائين ٿي. شير شاهه جي حڪومت ۾ به اهو سلسلو هلندو آيو، مگر سواءِ ڪن ٿورن فارسي دانن جي وڌيڪ هندو پيدا ٿي ڪين سگهيا. ديوان توڏرمل کتري جيڪو اڪبراعظم جي زماني تائين هو، سو ان زماني ۾ نهايت عالم ۽ فاضل هو. سندس جهڙو خوش نويس ته ڪو ورلي هوندو. ڪشمير ۾ سلطان زين العابدين جي بادشاهيءَ ۾ هندن ۾ فارسي تعليم جو آغاز ٿيو. مگر اهڙو نه جهڙو سندس دل چاهيو ٿي. بودي بٽ فارسي دان پيدا ٿيو. شاهنامہ جو حافظ هو ۽ نهايت مٺي آواز سان شهنشاهه اڳيان شاهنامي جا شعر پڙهندو هو.
گرونانڪ صاحب جنهن سان مسلمان صوفين جا نهايت نيازمندانه ۽ گهرا تعلقات هوندا هئا، فارسيءَ کان واقف هو. گرنٿ صاحب مان معلوم ٿئي ٿو ته هو صاحب ڪجهه فارسي شعر به چئي ڄاڻندو هو. تاريخ ۾ مغل شاهي زماني کان اڳ ئي فارسي دان هندو معلوم ٿين ٿا. انهيءَ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، مغلن جي اچڻ کان اڳ فارسي تعليم هندن ۾ ڪيتري قدر هئي.

اڪبر جون ڪوششون:

اسان مٿي لکي چڪا آهيون ته سڪندر لوڌيءَ هندن ۾ فارسيءَ کي رواج ڏنو مگر سندس ڪوششون ڪامياب ٿي نه سگهيون ۽ مغلن جي وقت تائين، سواءِ خاص هندن جي ٻيو ڪو به فارسيءَ جو ڄاڻو ڪو نه هو.
مغلن جي آمد کان پوءِ فارسيءَ جيڪو هندن ۾ رواج پاتو اهو اڳ ڪڏهن ڪو نه هو. اڪبر اعظم جڏهن سلطنت جو مالڪ ٿيو، تڏهن هن پنهنجو سمورو خيال انهيءَ طرف صرف ڪيو. ابتدا ۾ راجا توڏرمل حڪم ڪڍيو ته دفتري زبان ۽ لکپڙهه سموري فارسيءَ ۾ ٿئي، جيڪا اڳ گهڻو ڪري هنديءَ ۾ ٿيندي هئي. نتيجو اهونڪتو جو ان زماني ۾ هندو گهڻو ڪري سرڪاري نوڪرين تي قائم هئا ۽ ٿيندا رهيا ٿي. تنهنڪري بلڪل ٿوري عرصي اندر منجهن فارسيءَ جو ايترو مايو ٿي ويو، جو بلو خمن لکي ٿو ته 81 صديءَ تائين هندن ۾ فارسي تعليم جي ترقي مسلمانن کان به وڌيڪ ٿي وئي. منجهن انشاء پرداز، شاعر، نثر نويس، فلاسفر اهڙا اهڙا پيدا ٿي ويا، جو مسلمانن کي به مٿان رشڪ ايندي هئي.

تعليم جو انتظام:

هندوستان ۾ پراڻي زماني کان وٺي تعليم جو انتظام پئنچاتن جي هٿ ۾ هوندو هو. مڪتب جو مکيه سنڀاليندڙ پنڊت هوندو هو، جيڪو پنهنجي جاءِ يا ڳوٺاڻن ماڻهن جي ڏنل ڪوٺيءَ ۾ ويهي ٻارڙن کي تعليم ڏيندو هو. سندس خوراڪ ۽ پوشاڪ جو بار ڇوڪرن جي مائٽن تي هوندو هو.
مغلن کان اڳي اسلامي مدرسا تمام گهڻا هوندا هئا، جن ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد، ڇوڪرا اوچي تعليم جي تحصيل وڃي مرڪزي مدرسي ۾ ڪندا هئا، جو ڪنهن وڏي شهر ۾ هوندو هو. مغلن کان پوءِ به اهو رواج بدستور قائم رهيو ۽ ان کي زور وٺرايو ويو. اڪبر جي زماني ۾ ته مدرسن ۽ مڪتبن جي اها حالت هوندي هئي، جو جيڪڏهن ڀتر اڇلبو ته اهو به ڪنهن مدرسي ۾ وڃي ڪرندو هو. اهي مدرسا ۽ مڪتب نه ڇڙو مسلمانن لاءِ مخصوص هئا، پر مسلمانن وانگر هندو به ان ۾ باقاعده پڙهڻ ايندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جي برادرانه تعلقاتن جي اها حالت هئي جو مسجدن ۾ به جيڪي مدرسا هئا، جن جو ان زماني ۾ عام رواج هوندو هو، انهن ۾ به هندو ڇوڪرا بنا روڪ ٽوڪ عام جام پڙهڻ ويندا هئا.
مدرسا يا مڪتب اڄوڪن کٿڙيل ملا اسڪولن جهڙا نه هئا، مگر هاءِ اسڪولن جهڙا آباد ۽ منظم هوندا هئا. انهن ۾ فارسي تعليم جو وڌيڪ ۽ خاص طرح رواج هوندو هو، جيڪو مغلن جي آخري زماني تائين پوري بندوبست سان هلندو آيو. مگر خدا ڀلو ڪري زماني جي گردشن جو جڏهن هندستان جنت نشان ۾ مغربي ڌارين لوڪن جو سڀاڳو قدم پيو ۽ سندن سلطنت تي قبضو ٿيو، تڏهن هنن هندوستاني بدبختن جي تعليم جو جهونو سلسلو بند ڪري ڇڏيو، جنهنڪري فارسي تعليم پوئتي پئجي وئي. پر انهن جي اها ذهنيت گهڻو وقت قائم نه رهي ۽ وارن هيسٽنگس آخر فارسي تعليم جو وري سلسلو جاري ڪيو، پر تڏهن به اهو اوج وري حاصل نه ٿي سگهيو، جيڪو اڳ هو. آقي باقي پارسيءَ جا پساهه سن 1835ع ۾ لارڊ ميڪاليءَ ڪڍي ڇڏيا ۽ رفتہ فتہ سن 1844ع تائين ان جو نالو نشان به نه رهيو.

نصاب تعليم:

فارسيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ ڳالهه ٻولهه، خط و ڪتاب ۽ اخلاقي آکاڻين جا ڪتاب نصاب ۾ داخل هئا. جهڙوڪ پند نامه عطار، ڪريما، ما مقيمان، دستورالصبيان، نصاب الصبيان ۽ اخلاص محسني – جيڪي اڄ به گهڻو ڪري انهيءَ لاءِ مروج آهن ۽ اوچي تعليم لاءِ گلستان، بوستان، زليخان، انشاءِ خليفه، انشاءِ ماڌورام، سہ نثر ظهوري، پنج رقعه، اخلاق ناصري، بهاردانش، انوار سهيلي، سڪندر نامه ۽ شاهنامه وغيره ڪتاب هئا.
بندرابن داس خوشگو پنهنجي تذڪري ۾ لکي ٿو ته، ”مان ۽ لاله حڪيم چند ندرت هڪ ٻئي جا گهاٽا سنگتي هوندا هئاسين ۽ ٻئي گڏ ميان محمد عابد وٽ اخلاق ناصري پڙهندا هئاسين.“راج چندر ڀانداس پنهنجي فرزند خواجه تيج ڀانداس کي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته تون: گلستان، بوستان، اخلاق جلالي ۽ اخلاق ناصري هميشہ پنهنجي مطالعي ۾ رک:

هندن جو ذوق:

جيئن ان زماني ۾ مسلمان سون ڪوهن جو سفر ڪري وڃي مرڪزي مدرسن ۾ سالن جا سال رهي تعليم جي تحصيل ڪندا هئا. تيئن هندو طالب العلم به گهران اٽو ٻڌي انهيءَ ڏورانهين سفر تي تعليمي ذوق پوري ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندا هئا. کين فارسي تعليم جي شوق سان گڏ گهڻو ڪري عربي تعليم جو ذوق به هوندو هو. لاله لڇمي سنگهه غيوري نهايت قابل عربي دان هو. تحرير اقليدس ۽ شرح چغمني کيس پوريءَ طرح ياد هئا. لڇمي نارائڻ دهلي عربيءَ سان گڏ منطق ۽ فلسفي جو به وڏو عالم هو.
18 صديءَ کان پوءِ حساب دانيءَ جو تمام گهڻو رواج پئجي ويو ۽ هندن جي طبيعت جو انهيءَ طرف قدرتي لاڙو هو، جيئن اڄ تائين آهي تنهنڪري ان فن ۾ منجهائن ڪيترائي ماهر بلڪل ٿوري عرصي اندرد پيداٿي پيا. ديوان ڪاهني، رتن سگهه زخمي، منو لال، ڀجو لال ۽ تمڪين وغيره زبردست حساب دان هئا.
طب ۽ فلسفي ۾ به هندن جي گهڻي هٿ پڄندي هئي. رتن سنگهه زخمي، ديواني سنگهه قتيل، منو لال فلسفي نهايت قابل طبيب ۽ فلسفي دان هئا.
سلطنت مغليه جي زماني ۾ هندو عام طرح نوڪرين ۾ هوندا هئا، تنهنڪري هنن پنهنجو گهڻو توجهه انشاء، واقع نگاري، حساب داني ۽ خوش خطي سکڻ تي ڏنو، ڇاڪاڻ ته انهن ئي فنن جو ان زماني جي دفترن ۾ رواج هوندو هو، جيتوڻيڪ خوش خطي مسلمانن جو خاص فن هو، مگر هندن به ان ۾ قابليت پيدا ڪرڻ سان ڪين گهٽايو. آرنولڊ صاحب به پنهنجي ڪتاب ”مسلمانن جي مصوري“ ۾ ان ڳالهه جي تائيد ڪئي آهي. منشي لڇمي نارائڻ دهلوي خوشخطيءَ ۾ نهايت قابل هو، ان کان سواءِ شعر، فلسفي، طب، ادب، تاريخ ۽ انشاءِ ۾ به ماهر هو.

هندو استاد:

گهڻو ڪري مدرسن مڪتبن ۾ مسلمان ماستر يا معلم هوندا هئا، جن وٽ هندو ڇوڪرا به نهايت پريم ۽ يگانت سان تعليم حاصل ڪندا هئا پر تڏهن به ڪيترا مثال ملندا، جن ۾ مسلمان شاگردن جا استاد هندو عالم به هئا. 18 صديءَ ۾ جي مشهور استاد ۽ عالم لاله چني داس ذرهه ڪيترا هندو ۽ مسلمان پاڻ وٽ پاڙهي عالم فاضل بٺايا. مفتي لطف الله صاحب مرحوم جو فارسي استاد منشي سوهن لال آنجهاني هو. جعفر علي حسرت جو استاد راءِ سرب سنگهه ديوانه هو. اهو ئي سبب آهي، جو بلوخمن (ترجمه آئين اڪبري، ص 351) چيو آهي ته ”18 صديءَ جي ختم ٿيندي ئي هندو فارسي زبان ۾ مسلمانن جا ماستر بڻجي پيا.“

هندو شاگردن جا مسلمان معلم:

ملا عبدالحڪيم سيالڪوٽي هڪ زبردست عالم هو، جنهن وٽ هزارن ڪوهن تائين طالب العلم هلي اچي تعليم پرائيندا هئا. منشي چندر ڀان برهمن جيڪو زبردست مصنف ٿي گذريو آهي، سو سندس ئي شاگرد هو، جنهن کي شهنشاهه شاهجهان پيار وچان ”هندو ۽ فارسي دان“ سڏيندو هو. ”عمل صالح“ جو مصنف ملا محمد صالح لکي ٿو ته برهمن ابتدائي تعليم مولوي صاحب وٽ ورتي، تنهن کان پوءِ بنوالي دس ولي سان گڏ ملا شاهه بدخشيءَ وٽ پڙهڻ ويو. وليءَ جو صوفيانه لٽريچر شايد ملا شاهه صاحب جي ئي تعليم ڪري ظاهر ٿيو.
ولي هندو برهمن لاءِ اهو معلوم ٿي نه ٿو سگهي ته هن شعر شاعريءَ ۾ ڪهڙو استاد ورتو، ڇاڪاڻ ته ان جو ڪٿي به ذڪر لکيل اسان جي نظر مان نه گذريو آهي.
شهنشاهه عالمگير جي زماني ۾ مولانا محمد فضل سرخوش تمام وڏو عالم ۽ فاضل هو. انهيءَ وٽ هندن جي سڀ کان وڏي فلسفي ۽ شاعر ڀوپتراءِ بيراڳيءَ تعليم ورتي. ان کان پوءِ بندرا بن داس خوشگو به انهيءَ صاحب جو شاگرد هو.
انهيءَ کان پوءِ جي زماني ۾ ميرزا عبدالقادر بيدل ۽ شيخ سراج الدين علي آرزو ٻه وڏا عالم هئا، جن جا هيٺيان هندو شاگرد هئا:
منشي امانت راءِ امانت، شوارام حيا، سکراج سبقت، سري گوپال تميز، حضوري ۽ ندرت، سراج الدين خان علي آرزو پنهنجي ڪتاب ”مجمع النفائس“ ۾ پنهنجي هيٺين هندو شاعر شاگردن جو تذڪرو ڪيو آهي: بابو بالمڪند شهود، پنڊٽ جي ڪرشن عشرت، راءِ انند رام مخلص، بندرا بن داس خوشگو ۽ ٽيڪچند بهادر. ديوان بهادر اهڙو ته زبردست عالم فاضل ٿي گذريو، جو هو آخر پنهنجي استاد آرزوءَ جي قولن تي به نڪته چينيءَ ڪرڻ ريءَ ڪين رهيو. سندس فارسي لغت ”جامع لغات“ جي نالي سان اڄ به مشهور آهي.
مير محمد علي رائج سيالڪوٽي انهيءَ صدي جو نهايت وڏو استاد ليکيو وڃي ٿو. سندس شاگردن مان مشهور هندو محقق حضرت وارسته سالياڪوٽي هڪ هو. ڪشن چند خلوش (اخلاص؟)، نشاط ۽ ميرزا عبدالغني قبول پڻ مشهور ٿي گذريا آهن.
بساون لال بيدار، سرب سنگهه خاڪستر ۽ ثروت، مولانا مظهرالدين جان جانان جا شاگرد هئا. سکن جي زماني ۾ پنجاب ۾ مولوي نور احمد چشتي بلند پايي جو عالم هو. ڪيترا هندو صاحب به ان جا شاگرد هئا. ”ظفر نامه رنجيت سنگهه“ جو مصنف ديوان امرناٿ اڪبري ان جو شاگرد هو.

مسلمان استادن جي هندو شاگردن سان محبت:

اسان مٿئين باب ۾ فقط مختصر حال ان ڪري ڏنو آهي ته، انهيءَ زماني جي هندو مسلمانن جي هڪ ٻئي سان محبت ۽ يگانت جو اندازو ٿي سگهي. اڄ ڪلهه جي نفاق کي ڏسندي اڳيون وقت جڏهن ياد ٿو اچي ڳچ ڳري ٿا پون. آهه! هندوستان جون گذريل صديون بهشت مثل هيون. نه هندن ۾ مسلمانڪي هئي نه مسلمانن ۾ هندڪي. ٻئي قومون ڀائر جان گذارينديون هيون.
مسلمان استادن جو قرب هندو شاگردن سان به اهڙو هو جهڙو مسلمان شاگردن سان خان آرزو ”مجمع النفائس“ ۾ پنهنجي هندو شاگردن جو هن ريت محبت وچان ذڪر ڪري ٿو:
”شهود تخلص اٿس. نهايت مهذب جوان آهي. قوم به شريف جو آهي. منهنجي ساڻس ملاقات ۽ واقفيت غزيزالقدر خوشگو (بندرابن داس) جي خط آڻڻ ڪري ٿي. تمام سٺي سڀاءَ جو نظر اچي ٿو. اڃا سيکڙائو آهي. جيڪڏهن زماني ساڻس ساٿ ڏنو ته بهترين شاعر ٿيندو (انشاءَالله). عشرت نوجوان ڪشميري آهي. خدا مٿس نگهبان هجي. ويچارو نهايت وفادار ۽ غريب آهي.“
اهڙيءَ طرح سوين مثال آهن، جن مان هندو شاگردن لاءِ، مسلمان استادن جي محبت جو دليل ملي سگهي ٿو. خان صاحب جي مٿين ڪارن اکرن وارن فقرن مان پنهنجي هندو شاگردن لاءِ ڪهڙي نه محبت ۽ الفت ٽپي ٿي.
هندو شاگردن جي مسلمان استادن سان محبت:
نه فقط مسلمان استادن کي هندو شاگردن سان ايتري الفت هئي، مگر هندو شاگردن کي به ساڻن ايتري ئي عقيدت ۽ محبت هئي.
بندرا بن داس پنهنجي ڪتاب ”سفينه“ ۾ جتي به خان آرزوءَ جو ذڪر ڪيو آهي، ته نهايت ادب ۽ احترام سان کيس ”قبله ڪعبه من“ جي نالي سان سڏيو آهي.
انندرام مخلص پنهنجي چٺن ۾ به انتهائي خلوص ۽ عقيدت سان پنهنجي استاد آرزوءَ کي خطاب ڪيو آهي. شفيق اورنگ آباديءَ پنهنجي تصنيفن ۾ جتي به استاد آزاد بلگراميءَ جو ذڪري ڪيو آهي، ته کيس مير صاحب، قبله و ڪعبه برحق، پير مرشد جي خطاب سان مخاطب ڪيو اٿس، ۽ پاڻ کي ”غلام“ جو لقب ڏنو اٿس.
اهڙا هزارين مثال موجود آهن. ڪهڙا لکي ڪهڙا لکون. خدا گذريل زماني تي رحمت ڪري، ۽ هن زماني لاءِ سڌاري جا دورازا ڪشادا ڪري.
اهو آهي مغل شاهي زماني جي هندو مسلمانن جي هڪ ٻئي سال مٺي تعلقات جو مختصر خاڪو ۽ هندن جي تعليمي بندوبست جي هڪ ڌنڌلي تصوير.

غلام شاهه راشدي (سنڌ جو هڪ باڪمال شاعر)

[هي مضمون مشهور رسالي ”سنڌو“ ۾ نومبر 1937ع ۾ ڇپيو هو. مضمون جي فوٽو ڪاپي ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي ڏني]

غلام شاهه سنڌ جي مشهور علمي خاندان راشديه جو هڪ بلند پايه شاعر ۽ باڪمال بزرگ هو. سندس والد بزرگوار جو نالو پير علي ذوالفقار شاهه هيو.
هو پير صاحب پاڳاري (سيد صبغت الله شاهه) جو پٽ ۽ پير صاحب محمد راشد (روضه واري) جو پوٽو هيو. غلام شاهه جي تعليم ۽ تربيت پير ڳوٺ ۾ ٿي، جتي فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پير صاحب جي مدرسي ۾ ورتائين. انگريزي به اعلى درجي جي ڄاڻندو هيو. مگر اهو معلوم نه آهي ته اها تعليم ڪٿي ورتائين. بهر حال انهن زبانن جي لٽريچر جو ڪافي مطالع ڪيو هئائين ۽ بحث مباحثه ۾ بلڪل برک هيو.
پير صاحب حزب الله شاهه (پير پاڳاره) جي زماني ۾ رشتي دارن جي بد سلوڪيءَ سببان، پير ڳوٺ کي خير باد چئي، بدين تعلقه جي ڳوٺ گولاڙيءَ ۾ وڃي مقيم ٿيو ۽ پوءِ مرندي مهل تائين موٽي پير ڳوٺ ڪو نه آيو گهر کان نڪرڻ وقت وٽس ڀاڙي کان مٿي پائي به ڪا نه هئي. مگر لاڙ ۾ پهچڻ کان پوءِ ايڏو بخت بلند ٿيس جو وڏي ملڪيت جوڙي ويو ۽ ايڏو رسوخ حاصل ڪيائين جو اڄ به لاڙ جي ٿر ٿاڪن تي سندس ڏونڪو وڄي رهيو آهي.
پير صاحب رهڻي ڪهڻيءَ ۾ نهايت سادو ۽ خوراڪ پوشاڪ ۾ ڏاڍو سنئون سنواٽو هيو. ململ جو ڪشادو چولو ۽ چئن والن جي ننڍي سٿڻ پائيندو هيو. پيرن ۾ سنڌي جتي ۽ مٿي تي سرائڪي ٽوپي پائيندو هيو. سياري خواهه اونهاري اها پوشاڪ هيس. ڪڏهن ڪڏهن اندر ٻاهر ويندو هيو ته ڪوٽ ۽ بوٽ جي تبديلي ڪندو هيو. ورنه عام طرح ڪنهن به کيس ٺٺ ٺانگر ڪو نه ڏٺو انهيءَ سادگيءَ ۾ به مزاج شاهانه رکندو هيو. تمام آزاد ۽ لا اُبالي هيو. ڪڏهن پٿر جهڙو سخت هيو نه ڪڏهن وري هڪ مهجور عاشق جي ڳوڙهن کان به وڌيڪ نرم ٿي ويندو هيو.
سموري حياتي، خوشحالي، فارغ البالي ۽ آزاد خياليءَ ۾ گذاري 60 ورهيه کن جي ڄمار ۾ 2 يا 3 تاريخ ذوالحج 1319هه جي پنهنجي ڳوٺ گولاڙيءَ ۾ وفات ڪري ويو. کيس ”ذات الجنب“ جي بيماري ٿي، جنهن ۾ ڪل 7 ڏينهن کن مبتلا رهيو، موت کان هڪ ڏينهن اڳ چون ٿا ته سندس زبان تي بار بار هيٺيون مصرع هيو:

”چنيسر جي چت ۾ هن کان اڳي هو
نيڻن سندو مامرو تهان پوءِ ٿيو.“

بزرگ جي مزار گولاڙيءَ ۾ سندس ڪوٽ جي اوڀر طرف ڇتائين ڪوٺيءَ ۾ آهي، جتي هر سال سندس عقيدت مند ميلو لارائيندا آهن.

(2)
غلام شاهه جي شاعرانه زندگيءَ جي حقيقي ابتدا، وطن جي وڻن ڇڏڻ بعد ٿي، وطن ڇڏڻ کان ٿورو اڳ سندس بيبي ۽ والده به وفات ڪري ويون، جن جي انتقال به سندس طبيعت ۾ هڪ تغير پيدا ڪيو. توڙي جو انهيءَ فن جو ازل واري استاد کان ئي سبق سکيو هئائين مگر انهن واقعن کان پوءِ سندس سچا پچا جوهر کلي پيا. لاڙ ۾ وڃڻ کان پوءِ ٿر جي فطري رنگينن به سندس اداس طبيعت تي سوزگداز جو پرتو وڌو.
سيد بادشاهه هر وقت شعر ڪو نه چوندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن ڪن خاص حالتن ۾ سندس ملڪا کلي پوندا هيا ۽ مصرائون موذون ٿي وينديون هيس. جڏهن اٺ تي چڙهي ٿر جو سفر ڪندو هيو ۽ وڃي ڀٽن تي چڙهندو هيو. اتي ساوڪ ڏسندو هيو، آسمان تي جهڙ ٿيندو هيو ۽ سنهي سنهي بوند هلڪي هلڪي هير سان ملي ڀٽن جي سبزهه زار تي موتن جان ڪرندي هئي، ان وقت مٿس مستي طاري ٿيندي هئي ۽ يڪدم اٺ تان لهي پوندو هيو ۽ شعر چوندو هيو. يار وري جڏهن راڳ ٻڌندو هيو ۽ مٿس وجد طاري ٿيندو هيو، ان مهل به مصراعون موذون ٿي وينديون هيس. ان کانسواءِ جڏهن ڪنهن خاص واقع ڪري غم ۾ هوندو هيو اهو وقت به سندس شعر چوڻ جو هيو:
راڳ سان سندس خاص ذوق هوندو هيو، جڏهن ڪو ڪن تي هٿ رکي ”الو ميان“ ڪندو هيو، يا ڪو ڌنار چانڊوڪي رات ۾ جهنگ ۾ بين وڄائيندو هيو، ان وقت غلام شاهه مدهوش ٿي ويندو هو. جهومندو به هيو ۽ زارون زار رئندو به هيو. هڪ دفعي والد مرحوم کيس ٻه ٽي مصراعون ٻڌايون. مٿس ايتري مستي چڙهي جو ڪافي ختم ٿيڻ بعد به ڪيترو وقت اکين مان لڙڪ نه ٿي بيٺس. پوءِ پاڻ به ڏاڍي سوز منجهان پنهنجي ڪافي چيائين. عيد براد جي موقع تي جڏهن مٽ مائٽ ۽ وطن ياد پوندو هيس تڏهن ڏاڍو سوز گداز پيدا ٿيندو هيس. هڪ دفع عيد جي موقع تي نماز کان اڳ جماعتن جي مجلس ۾ ڪافي چيائين؛

”اٿم اميدون اڃان اڃان، مان ته پاند پائيندس پنهل پرچائيندس.“

ڪافي ايترو ته سمان پيدا ڪيو جو ٻڌندڙ ۽ ٻڌائيندڙ سڀ ٿي رنا، اهو سارو ڏينهن سيد کي سوز نه ڇڏيو. ٿر جي سفر ۾ جيڪا ڪافي ٺاهيندو هو ان ۾ خاص طرح اثر هوندو هو. حاجي صالح ڳالهه ٿو ڪري ته هڪ دفع ٿر جي سفر ۾ هياسين. واٽ ويندي اوچتو آسمان تي ڪڪر ڇائنجي آيا، سنهي ڦڙ ڦڙ پوڻ لڳي، بهار جي موسم هئي، ۽ مندائتا گاهه پٽن تي ڇالر هيون پيا هئا، موسم جي اها مستي ڏسي غلام شاهه اٺ کڻي جهڪايو، سبزهه زار تي گهمڻ لڳو ۽ جهونگارڻ لڳو. ان وقت هيٺين ڪافي راس ڪيائين:_
ساڻيهه جي ميان سومرا! آهي سڪ سچي،
ويڙهيچا وانجهن ۾ واهه واهه وس چرو،
قوت جني جو ڪونڍير، ٻگرا، ٻوهه، ٻرو،
گولون گولاڙن ۾ پيڙيون سي پچي،
ســــــــاڻيهه جــــــي.....
ميها، موگر، مکڻيون، موٽون مانڌاڻان،
کهه کوماڻا کنڀيون، سائون ساماڻان،
ويڪر ولهارن ۾ پيڙا سي پچي.
ســــــــاڻيهه جــــــي.....

حاجي صالح محمد چوي ٿو ته هڪ لڱا ”برهان واري تڙ“ تي لٿل هياسين، رات جو مولوي قطب، اشرف شاهه جي هيٺين ڪافي چئي:_

منهنجي سرتين ۾ ڪا سنڀال،
آءٌ ٿي ونجهلان ويڙهيچن لئه!

1. اُن انهن جو آ جڪو، مٿن لويون لال
2. اٺڙا مينهن ملير تي، مارو چارن مال
3. مينهن مانڊاڻا ڪيا، ڇپر وسي شال
4. اشرف شاهه چوي آيا، مارو ڪاهي مال
منهنجي سرتين........

پير صاحب کي اها ساري رات ننڊ نه آئي، ڪڏهن رنو ٿي ۽ ڪڏهن بسترو ڇڏي هيڏي هوڏي گهميو ٿي، آخر اسر ويل جو هيٺين ڪافي موذون ڪيائين:_

سڪندي ٿيڙم سال، آءُ ٿي ڏکيا گذاريان ڏينهڙا
1. وجهيو ويٺي وندرائي، ڦوڙائي جي فال
آءُ ٿي ڏکيا...........
2. ويهي مون سان واعدا ڪيائون، ڪالهه ڪالهوڻيءَ ڪال
3. اُن انهن جو آجڪو، لويون مٿن لال
4. آءُ غلام شاهه انهن کي، جئري گڏجان شال
آءُ ٿي ڏکيا.......

انهن واقعن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر جي طبيعت تمام احساس ۽ سوز گداز جو مخزن هئي، پور پوندو هيس ته شعر والهانه انداز ۾ خود بخود زبان مان نڪري پوندو هيس. ورنه اڄوڪن ڪاٽڪو شاعرن جيان پراوا ڪلام پڙهي، قافيه ۽ خيال اڏائي، قلم مس کڻي ڪڏهن ڪجهه ڪو نه چيائين. ڪنهن حڪيم جو قول آهي ته ”نيچرل شاعر جي شاعري هيٺين اسبابن تي منحصر ٿيندي آهي: رات جو سناٽو، صبح جي هير ۽ رنگيني، برسات جي گهڏ. طيور جو ترنم، درياهه جي رواني، چنڊ جي چانڊاڻ، پرڪيف تغير. سرسبز باغ، اهي آهن قدرتي شاعرن جي هيجان طبيعت جا اسباب جيسين انهن مان ڪا به شي موجود نه هوندي تيسين شاعر جو فڪر شعر کان معذور هوندو“. غلام شاهه جي به اها حالت هئي، برسات جي بوند، ٿر جي سفر، ڀٽن جي ساوڪ، وطن جي ياد، راڳ ۽ غم سندس شاعريءَ جا اسباب هيا. تنهنڪري سمجهڻ گهرجي ته سندس ڪلام جو گلدسته طويل راتين ۽ عميق افڪارن جو نتيجو نه آهي، مگر چند قليل مصروفيتن جي مختصر لمحن جو هڪ رنگين مجموعه آهي.

(3)
شاعر جو شعر جيئن اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون، ڇاڪاڻ ته فطري ۽ بي اختيارانه آهي، تنهنڪري منجهس تصنع يا بناوٽ اصل ڪا نه آهي. زمين سادي، مطلب سڻائو ۽ الفاظ بلڪل مختصر آهن. شاعرانه خصوصيتون به شعر ۾ ملن ٿيون، مناظر ڪشي، اسلوب بيان، جذبات ۽ رواني وغيره موجود آهي. مثال لاءِ مناظر ڪشيءَ جو ڪمال ڏسو جو هڪ مصرع ۾ ٿر جي ساوڻيءَ واري موسم جو مڪمل منظر ڇڪي ڇڏيو اٿائين:_
موسم ٿي مينهن اُٺا، پاڻي ٿيڙا پلر
ڏٿ ڏيهائن جو، لنب لاڻا ۽ للر
لوءِ يارين سين، وڃي لوءِ لڻان!

اسلوب بيان ۽ اظهار جذبات جو طريقه هيٺين مصراعن ۾ ڏسو“ ڄڻ هڪ ٻئي سان منهون منهن پئي گفتگو ٿئي:_

1. کلي ويٺينءَ کٽ تي تون ته، پر سسئي، ساڻ پرائي،
ٿاريلين ٿر ڄاين کي، ڪيئن لقب وڌو تو لائي،
2. سوين سنگهاريون راڄ ۾، ڇو عمر اهي نه اٽڪائي،
منڙو ريڌئي مارئي نه ته باند نه ٻئي ڪنهن ڀائي.
3. ورڻ وس نه پنهنجي، رهڻ تو نه رهائي
ڪڙم اباڻي ڪير ريءَ، ته به جيڻ تو نه جڳائي.

مائي مارئي ٿا مارون ميارون ڏين ته ”تون پرائي پرس سان کٽن تي خوش ٿي ويٺيئن، ٿر ڄاين کي لقب لائي وڌئي، تنهنجو پنهنجو من ريڌو نه ته ٻيون به تو جهڙيون سوين سنگهاريون راڄ ۾ آهن انهن کي عمر باند نه ڪيو، توڙي زور سان باند ۾ آهين ته به تو کي مري وڃڻ کپندو هو، جيڪڏهن موٽي نه پي سگهينءَ.“

اَسلوب بيان ڏسو:_

اَجڙوال عمر تو ڇو قيد ڪئي،
وڇوڙا ورهن جا سگهي ڪين سهي
عبث عمر ڪوٽ ۾ جيڏين ريءَ جيان
موڪل ڏي عمر ميان ڀيڙي ٿر ٿيان
زريون زر بفت سندءِ طول وهاڻا تنهنجا،
هو جي آندئي عمر سانگياڻيءَ لئي سهنجا
کهه کهنبا مون نه وڻن، ٻن تنهنجا ٻانڌڻان_
موڪل ڏي...........
ماڙيون مون نه وڻن، درسي چونڪيون چونئرا
کاڄ کٿيرين جو ڏيهه سندا هِن ڏوئنرا
ميوا، مڪ، پُسي، پيرون کي نه پڻان
موڪل ڏي.........

مارئي ٿي عمر کي چئي ”اَ جڙوال کي جو قيد ڪيو اٿي، ايترن ورهين جا وڇوڙا ڪٿي سهي گهندي، تنهنجون زريون زربفت، طول وهاڻان ۽ کهنبا مون کي مور نه ٿا ڀاءِ پون، تنهنجون ماڙيون، چوئنڪيون ۽ چونئرا، آئڙن ئي نٿا، تنهنجا ميوا ڏسي آءُ پنهنجي ملڪ جي ڏئنرن ۽ پيرن جي گلا ڪا نه ڪنديس.“

جدت بيان جا جوهر هيٺين مصرع ۾ ڏسو:_

عمر اميدون اٿم وطن آءُ وينديس،
ڏيهاين کي وڃي ڏوراپا آءُ ڏينديس
چوڙيلن کي چونديس منهنجي ڪا نه ڪيا و!

مارن کي ميهڻن جو انداز ڪيڏو نه لطيف ۽ وڻندڙ آهي.

ازين قسم فن شعر جي جنهن به اسلوب تي ڏسندؤ ته غلام شاهه جو شعر ضرور لڀندو. شعر گداز، سادگي ۽ سلاست خاص طرح آهن. آخر ۾ بندش ۽ روانيءَ جي خوبيءَ جو به نمونه ڏسو:_

ميها، موگر، مکڻيون، مرٽون، مانڌاڻا
کهه کوماڻا، کُنڀيون، سائون، ساماڻا

ديڪر ولهارن ۾ پيڙا سي پچي

غلام شاهه جي ڪلام ۾ ٿر جي ٻوليءَ جا اڪيچار لفظ ڪم آيل آهن، جيئن ته ديڪر، ڪونڍير، ٻوهه، ٻرو، گولون، ويڙهه، ڀُڻان، ڀيڙي، پلر، ڦانڊون، ٻانڌوڻا، لوءِ، لوءِ يارين، کٿيرن، پرسئي، ڪيڙ، نائي ساڻيهه، ساروڻي کيڻ، ڏيج، اوڇڻ، ڪوارينديس، اُڪنڊ وغيره وغيره.

(4)
غلام شاهه جو ڪلام لاڙ ۾ عام جام چيو وڃي ٿو، باوجود ايتري پذيرائيءَ جي به اهو گهڻي حد تائين محفوظ رهي ڪو نه سگهيو آهي ۽ جيئن جيئن وقت ويو آهي، گذرندو تيئن تيئن اهو ويو آهي ميٽبو، جنهن وقت مان سندس ڪلام گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، ان وقت سندس صحبتي باقي ٽي ڄڻا بچيا هئا.
هڪ سومار، ٻيو محمد صالح، ٽيون طيب، اهي ٽئي سندس خاص خليفه هئا ۽ انهن کي جيڪو ڪلام ياد هو اهو ۽ ڪجهه پنهنجن ڪتابن مان اتاري گڏ ڪيو اٿم. سندس سمورو ڪلام ٽن حصن ۾ آهي. (1) مارئي (2) سرائڪي زبان ۾ (3) متفرق. هن هيٺ سندس ٻه ٽي ڪافيون نموني خاطر ڏيان ٿو:_

ڄام عمر آن ڄائي مهڻن خاطر مارئين.
1. مربا، ماکيون، مصريون، کيڻ هر کائي_
ساڪڙ جو ساڻيهه جو ماروئڙن جي مٺائي.
2. اوڇڻ آءُ نه وڃاڻجي، طولن آهيان تپائي_
ڏيج اسان جو ڏوڙا کهنبن جند کپائي.
3. وطن اسان جو ويڙهه ۾ ڪوٽن دلڙي ڪنبائي_
سا ڪيئن مرڪي ماڙئين، جيڪا ڄارن ڀر ڄائي.
4. ساروڻي تنهن ساڻيهه جي سورن دل سجهائي_
گندر منجهه غلام شاهه چوي ويڙي عمر اجائي.


(1)
عـمــــر اٻــــاڻـــا ڏوٿـــــي ڏاڏاڻــــا_
الا وسئون آئـون نــــه وســـارينديـاس.

1. مينڍن ۾ ميان عمر مر پيو چيڙهه چڪي
ساهه سنگهارن کي ساريون روز سڪي
ڳوٺاڻن کئون ڳتون ڌر نه ڌواريندياس.
2. باغ باغيچا بنگلا مير ڏسي ماڙيون.
ڪيئن وهان ڪوٽن ۾ واهن تنهنجون واڙيون
جهانگيئڙن جا جهوپا ڪيئن ڪواريندياس.
3. هينئڙي جن سان هيرون سي منهنجا ٿر ٿيا.
محلاتن ۾ مئيءَ کي جن ريءَ پهر پيا
ان ري غلام شاهه چوي گهڙي نه گهاريندياس.

سرائڪي زبان جي ڪلام جو نمونو هي آهي:_

رمزان لاڪي رانجهن نال، بيوس ٿي آن بيحال

صورت معنى عشق اوهان جو،
ڪيتس قرب ڪمال
بيوس ٿي آن.....
محبت تيڏي متيان منجهايان،
عشق وڃايا افعال
بيوس ٿي آن......
ڪر ڪر ناچ ماريان تاڙيان،
آکي غلام شاهه ڪلال
بيوس ٿي آن.....

متفرقات ۾ هيٺين قسم جو ڪلام آهي؛-

دلڙي ديواني ڪري وئين يار،
پوءِ ساجن مُئي جي لڌئي نه سار

1- اڏر کيا نتل ڪڏهن ايندا.
دوست دلاسو دل کي ڏيندا
ڪانگل ڪج تون خبر چار.

2- پل نه سري مون جنهن پرريءَ،
تنهن جا نب کئون جدا جئري
ڪنهن پر ڪج نه ڌڻيم ڌار

3- تون منهنجو سائين آءٌ تنهنجي ٻانهي،
اڱڻ آسروند جي آءُ تون جاني
سوڍل لڳ جبار

4- سڪ سدا تنهنجي آهي ساهه کي،
آهي آسا بند اهو غلام شاهه کي
گهڙي گهڙي گفتار
دلڙي ديواني.....

(2)

ساجن وڃ نه سفر وقت وڃڻ جو
ها واڻو هلڻ جو ٿو ماري مئي کي
قدم ڪرم جا ڌرتون ڌڻيءَ لڳ ميان
دوست اسان جي در الا –
هاواڻو......

رئان رهن نه سپرين ميان پليان ڪهڙي پر الا –
هاواڻو.....

ورهه وڇوڙو ٿو ماري مئي کي ميان ڪا ته ملڻ جي ڪر الا –
هاواڻو....

رهه اڄوڪي راتڙي تون ميان گهوٽ
غلام شاهه جي گهر الا – هاواڻو....

(3)

هڪ هڪ نيڻن جي ناز تئون سؤ سؤ ڀيرو صدقي ٿيان
جيڪي پرين پر ۾ پهيو هينئڙو ڳڻن تن سان گهيو
ايڏا سورڙا جيءَ ۾ سهيو، ناحق جيڏيون آءُ ٿي جيان
هڪ هڪ.......

جن لئي ٿي مڃتائون مڃان ايندا ڪنديس
ڳالهيون ڳچان
ڪو ڏينهن اٿي باقي اڃا –
ملندئي نه ٿي هيڻون هيان
هڪ هڪ......

ڀري نه ڪيڙس برهه برڀينر پرايم ذوق ذرو
انهيءَ عشق جي سودي ۾ سر – ڪو هڪ ڏني آءُ ڏهه ڏيان
هڪ هڪ.......


(4)

اٿم اميدون اڃان اڃان،
مان ته پانڌ پائيندس، پنهل پرچائيندس!
دعا ڪريو جيڏيون جي جانب آيو،
پنون مئيءَ جي روح جو رايو،
سرتيون اوهان کي ٿي سنڃان، سنڃان،
آءُ کنڊون کارائيندس وٽون ورهائيندس،
اٿم اميدون......

جٺيون ڦٽيون ڀتين ڀڻڪا،
تنهنجي ڪارڻ تعنا تُنڪا،
ر سڀئي مون مڃيان مڃيان،
آءُ ڪوهه لڪائيندس، ڇاکون چپائيندس!
درد ونديءَ کي دم دم لبر،
درد فراق جا دل تي دفتر،
ڳالهين جا اٿم ڳڃان ڳڃان،
آءُ ڳجهو ڳالهائينددس، ساري سڻائيندس!
اٿم اميدون.....

سڄڻ هليا مون کي منهه ٿيو،
پرين ڌاران ويهڻ وهه ٿيو،
وهان ڪيئن آءُ وڃان وڃان،
ويا ورائيندس، موٽا ئي آڻيندس!
اٿم اميدون.....

سوين سالن ورهن ويهان،
آکي غلام شاهه راتيان ڏينهان،
ڀاڃ اهي ويٺي ڀڃان ڀڃان،
آءُ گهر گهرائيندس گهورون گهمائيندس!
اٿم اميدون.....

اهو ٺيٺ سنڌي نمونه جو ڪلام آهي، جيڪو سر ۽ ساز سان مزو ڪندو آهي. شايد اڄوڪن تڪ بازن کي ان مان لطف ڪونه اچي، مگر حقيقت ۾ ته اڄوڪيءَ تڪ بازيءَ کان لک دفعا هي سادو سڌو ۽ سنئون ڪلام سٺو آهي.

فتاويٰ عالمگيريءَ جا ٻه سنڌي مؤلف ۽ سندن بزرگ *

[راشدي صاحب مرحوم جو هي مضمون مشهور اردو رسالي ”معارف“ جي پرچي نمبر6، جلد 59، سال 1947ع ۾ شايع ٿيو هو. مذڪورهه پرچو شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. جتان هن پيپر جو فوٽو اسٽيٽ حاصل ڪري، ان جو ترجمو ڪيو ويو، جو رسالي ”مهراڻ“ 2/1990ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو]

مغل بادشاهه اورنگزيب (1658-1707ع) جي حڪم سان، فقہ جو هڪ مستند ۽ جامع ڪتاب عربي زبان ۾ تيار ڪيو ويو. هي ڪتاب پوءِ فتاوي عالمگيري جي نالي سان مشهور ٿيو. هن علمي ڪم جي پورائي لاءِ شيخ نظام الدين. برهانپوريءَ جي سربراهيءَ ۾ عالمن جي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي. ساڻس گڏ چار وڏا عالم: قاضي محمد حسين جونپوري، سيد علي اڪبر سعدالله خاني، ملا حامد جونپوري ۽ محمد اڪرم لاهوري شريڪ ڪار رهيا. هرهڪ عالم سان گڏ ڏهه معاون عالم مقرر ٿيا، جن ۾ سيد نظام الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالخير ٺٽوي به شامل رهيا. فقہ جو هي جامع ڪتاب اٺن سالن ۾ تيار ٿيو ۽ ان تي عالمگيري سڪي جا ٻه لک رپيا خرچ ٿيا. مترجم
معارف جي ڊسمبر 1946ع ۽ جنوري 1947ع وارن پرچن ۾ فتاوي عالمگيري ۽ ان جا مؤلف عنوان سان جو مضمون ڇپيو آهي، تنهن ۾ سنڌ جي ٻن بزرگن سيد نظام الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالخير ٺٽويءَ جا نالا به کنيا ويا آهن، جن کي هن جامع فتاوي جي مؤلفن ۾ شامل هجڻ جو شرف حاصل آهي، صاحب مضمون هنن ٻنهي بزرگن جي باري ۾ مولانا رحمان عليءَ جي ”تذڪره علماءِ هند“ کي پنهنجو ماخذ بننايو آهي، جنهن ۾ ٻن ٽن سٽن کان وڌيڪ سندن سوانح حيات موجود ڪانهي. هيٺ ٻنهي بزرگن بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏجي ٿي.

(1) سيد نظام الدين ٺٽوي

نسب:
سيد صاحب جو نسب هن ريت آهي: ”سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن سيد نظام الدين اول بن سيد نور محمد بن سيد شڪرالله ثاني بن سيد ظهير الدين والاسلام عرف سيد جادم اول بن قاضي شڪرالله اول بن سيد وجيہ الدين بن سيد نعمت الله بن سيد عرف شاهه بن سيد امير نسيم الدين محمد المعروف ميرڪ شاهه بن امير عطاءُ الله جمال الدين المحدث بن سيد فضل الله بن سيد مير عبدالرحمان بن سيد عبداللطيف الحسيني الاسڪني شيرازي.“

وطن:
سندن وڏا شيراز ۾ رهندا هئا، جتان پوءِ هرات ۾ اچي رهڻ لڳا، هتان ئي قاضي سيد شڪرالله اول بن سيد وجيہ الدين سن 906هه ۾ قنڌار ۾ پهتو.

سنڌ ۾ اچڻ:
قاضي سيد شڪرالله قنڌار ۾ 21 سالن تائين رهيو. ان بعد مرزا شاهه بيگ ارغون جي چوڻ تي، واپار سانگي سن 927هه ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ اچي ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هو صاحب علم ۽ فضل سان گڏ، وڏو متقي ۽ ديندار هو. مرزا شاهه بيگ کان پوءِ جڏهن مرزا شاهه حسن ارغون بادشاهه بنيو، تڏهن قاضي صاحب کي ٺٽي جي قضا جي مسند تي فائز ڪيو ويو.
هڪ ڀيري شاهه حسن ڪجهه واپارين کان چند گهوڙا خريد ڪيا ۽ ڏوڪڙن ڏيڻ ۾ ڄاڻي واڻي ايتري سستي ڪئي، جو واپاري مايوس ٿي قاضي سيد شڪرالله جي عدالت ۾ دعويدار ٿيا. قاضيءَ، بادشاهه کي جوابدار جي حيثيت ۾ عدالت ۾ طلب ڪيو ۽ جڏهن هو آيو ته، کيس فريادين سان گڏ بيهڻ جو اشارو ڪيائين. ڪيس هليو ته بادشاهه دعوي جي درست هجڻ جو اقرار ڪيو ۽ فريادين کي رقم ڏئي راضي ڪري ورتائين. بعد ۾ قاضي مسند تان اٿيو ۽ اڳتي وڌي سلطنت جا آداب بجا آڻي. بادشاهه کي پنهنجي مسند تي آڻي ويهاريائين. مرزا شاهه حسن پنهنجي قبا ۾ لڪل اگهاڙي تلوار ڪڍي، قاضي صاحب جي سامهون رکي ۽ چيو ته: ”اڄ جيڪڏهن اوهين فيصلي کان اڳ سلطنت جا آداب بجا آڻيو ها ۽ مون کي منهنجي درجي کي ڏسي، دعويدارن سان گڏ نه بيهاريو ها ته، هن تلوار سان اوهان جو سر قلم ڪيان ها.“ تنهن تي قاضي پڻ مسند هيٺان رکيل اگهاڙي تلوار ڪڍي ڏيکاري ته مون پڻ اهو خيال ڪيو هو ته متان بادشاهه شريعت جي خلاف هلت ڪري ۽ انهيءَ وقت ڪوبه ماڻهو ويجهو اچڻ جي جرئت نه ڪري ته، مان پاڻ هن ترار سان شرعي سياست بجا آڻيندس. ڪجهه عرصي کان پوءِ سيد صاحب استعفا ڏني ۽ شاهه حسن، سندس جاءِ تي محمد اچيءَ کي مقرر ڪيو.
صاحب تحفة الڪرام لکي ٿو ته: ”قاضي شيخ محمد اچي آل جعفر ڏي منسوب ۽ وقت جي مشهور عالمن مان آهي. پهريان هرات کان اچ پهتو هو. ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ جڏهن سيد ميران محمد جونپوري ٺٽي آيو ۽ وقت جي عالمن مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني، تڏهن هن قاضيءَ ان ولي اڪمل جي تڪفير سان تعلق رکندڙ، ظاهر پرست عالمن جي دليلن کي نهايت مناسب رد ڏنو. ڇاڪاڻ ته هيءُ پاڻ حقيقت جو ڄاڻو ۽ حال جي صاحبن جي درجي کان واقف هو. سيد ميران محمد هن جي حال ڏي توجهه فرمائي، سندس اولاد ۾ خوشحالي ۽ بزرگيءَ جي دعا ڪئي. ان ڪري هن خاندان تي ڪنهن به حادثي جو اثر نه ٿو ٿئي. بعد ۾ اچ ۽ ملتان کان پوءِ سکر ۾ رهيو، پر پهرين مشهوريءَ ڪري اچ ڏي منسوب رهندو آيو. جيئن اڳ ذڪر ٿي آيو ته ٺٽي جي قضا تان قاضي سيد شڪرالله استعفا ڏني، تڏهن مرزا شاهه حسن، مٿئين قاضي جنهن سان هن جا اڳئين وطن هرات کان ئي خانداني لاڳاپا هئا، ۽ انهن تعلقات کي برقرار رکڻ لاءِ هت پڻ هڪ ٻئي جي ڀرسان، رهائش ۽ واسطو پيدا ٿي پيو هون، جي رٿ موجب کين گهرائي (شيخ محمد کي) انهيءَ معزز عهدي تي فائز ڪيو، ميران سيد محمد جونپوريءَ جي دعا جي برڪت ۽ قديمي نجابت سبب، هي عهدو مورثي طور تي سندس اولاد لاءِ وقف ٿيل آهي. مرزا عيسيٰ جي حڪومت جي شروعاتي زماني ۾ فوت ٿيو. ٻه عالي گوهر پٽ ڇڏيا اٿس. ان بعد سندس اولاد جو تذڪرو اچي ٿو(1).

وڏا بزرگ:
سيد شڪرالله ٺٽي جي انصارين مان شادي ڪئي، جنهن مان سيد ظهيرالدين پيدا ٿيو، سيد ظهيرالدين جي باري ۾ ”تحفة الڪرام“ جي صاحب لکيو آهي ته: ”والد بزرگوار جو جاءِ نشين ٿيو. هو فضيلت ۽ چڱي حالت جو مالڪ هو، ظاهر ۽ پرهيزگاري، شريعت جي پابندي ۽ درس توڙي تدريس ۽ باطن ۾ فقيريءَ جي واٽ ۽ وڏن جي طريقي تي هلڻ ۾ مشغول هو(2).
تاريخ طاهريءَ جو مصنف کيس هن ريت ياد ڪري ٿو: عزت ۽ سيادت جي درياءَ جو موتي، فصاحت ۽ بلاغت جي کاڻ، سڀني علمن ۽ معنائن جو جامع مير ظهيرالدين(3). کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ شڪرالله ثاني، ٻيو سيد عبدالرحمان. سيد شڪرالله بابت ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي. ته: پيءُ ۽ ڏاڏي جي وصفن سان سينگاريل هو ۽ زماني ۾ نالي ۽ نيڪيءَ سان گذاريائين.“ هڪ يادگار مسجد به پنهنجي محلي ۾ ٺهرايائين. کيس چار پٽ ٿيا. سيد محمد حسن، سيد نور محمد، مير سيد ظهيرالدين جادم ثاني، ۽ سيد لطيف الله.
سيد نور محمد بابت ”تحفتة الڪرام“ ۾ آهي ته پنهنجي وقت ۾ علم ۽ معرفت جو پورو پورو مظهر ۽ دين ۽ يقين وارن جو مرجع هو. کيس هڪ پٽ سيد نظام الدين ٿيو، جو تحفته الڪرام موجب علم ۽ ڪمال ۾ منظم ۽ حال توڙي قال ۾ توفيق جو صاحب هو. کيس چار پٽ ٿيا: سيد نعمت الله، سيد نور محمد ثاني، سيد فضل الله ۽ سيد محمد شفيع.

سيد نظام الدين ثاني:

سيد نور محمد ثانيءَ کي ٻه پٽ ٿيا. سيد ابوالقاسم ۽ سيد نظام الدين ثاني، هيءَ سيد نظام الدين ثاني ”فتاويٰ عالمگيري“ جي مؤلفن مان هڪ آهي. مير علي شير قانع سندس متعلق لکي ٿو: سيد نظام الدين ثاني فقہ ۾ سڀني کان وڌيڪ توفيق وارو ۽ ٻين علمن ۾ وڏو عالم سڳورو پيدا ٿيو. طبيعت جي جذبي جي وس ٿي جهان آباد (دهلي) ڏي هليو ويو. اتي ٻين عالمن جون ”فتاويٰ عالمگيري“ بابت ڪيئي مشڪلاتون حل ڪيائين. بادشاهه کي خبر پئي ته کيس عهدي قبول ڪرڻ جي آڇ ڏنائين. ڇاڪاڻ ته بادشاهه جي قاعدي موجب علم وارن کي نوڪر جي نالي سان نه سڏيندا هئا. سيد ان عهدي وٺڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي بادشاهه وظيفي قبول ڪرڻ جي تڪليف ڏني، ته به سيد راضي نه ٿيو. نيٺ جلد ئي اتي آخرت جو سفر اختيار ڪيائين.(4)
کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيد عرب شاهه ۽ ٻيو سيد احمد. سيد عرب شاهه پڇاڙيءَ ۾ مجذوب ٿيو ۽ ڪوبه اولاد نه ڇڏيائين. سيد احمد کي هڪ پٽ سيد عطاءُ الله ٿيو، جنهن شادي ڪئي ۽ اولاد وارو به ٿيو. ليڪن عين جوانيءَ ۾ هي به مجذوب ٿي ويو.

پويان بزرگ:
سندس پوين بزرگن ۾ امير نسيم الدين ۽ عطاءُ الله جمال الدين ۽ پڻ سندس چاچي بزرگوار مير اصيل الدين جو تذڪرو، قاضي نورالله شوستري ”حبيب السير“ جي حوالي سان ”مجالس المؤمنين“ ۾ ڪيو آهي. وڌيڪ هي ته ”روضة الصفا“ ۽ ”هفت اقليم“ ۾ به سندن ذڪر آيو آهي. ٻئين جلد ۾ ”تحفة الڪرام“ جي صاحب به، انهن حوالن سان سندن حالات بيان ڪيا آهن.

(1) امير جمال الدين عطاءُ الله بن فضل الله المحدث الاسڪني الشيرازي، سيد نظام الدين ثانيءَ جو ٻارهون ڏاڏو آهي. سندس متعلق ”تحفة الڪرام“ ۾ اچي ٿو: عقلي ۾ شرعي علمن سان سينگاريل، علم حديث جو ڄاڻو: تحفة الاحباء، رياض السير ۽ روضة الاحباب – سندس لکيل ڪتاب آهن(5).

اڳتي هلي ”حبيب السير“ جي حوالي سان لکي ٿو: هيءُ بزرگ پنهنجي چاچي امير اصيل الدين وانگر زماني ۾ علم حديث جو بي مثال ڄاڻو، سڀني ديني ۽ يقيني علمن جو ٻين کان وڌيڪ ماهر ۽ پنهنجي چاچي جو شاگرد آهي. ڳچ سال مدرسه شريفيه سلطانيه جي گنبذ ۾ جتي حضرت خاقان منصورهه جو دو قبو آهي، ۽ ان کان پوءِ خانقاهه خلاصيه ۾ درس ۾ مشغول رهيو. هفتي ۾ هڪ ڀيرو جامع هرات ۾ وعظ ۽ نصيحت جي مجلس به ڪندو هو. سلطان ۽ حاڪم سندس خدمت ۾ وڃڻ کي واجب ڄاڻندا هئا(6).

هفت اقليم ۾ امين رازي لکي ٿو ته: سيد اصيل الدين، عبدالله جو ڀائٽيو آهي. پنهنجي وقت جي اڪابرن ۾ نالي وارو هو. سندس دل، ڪتاب الاهي ۽ حضرت رسالت پناهه ﷺ جي حديث مبارڪ سان روشن آهي.

زبانش مظهر اسرارِ تحقيق
ضميرس مظهر انوار توفيق
جمال دين مزين ز اهتمامش
علوم شرع واضح ز ڪلامش

مطلب ته ان جي زبان تحقيقي اسرار جو مظهر آهي. سندس دل به توفيق جي نور جو مظهر آهي. سندس ئي ڪوشش سان دين جي سونهن آهي. سندس ڪلام مان شرعي علم چٽو آهي. سندس ڪتابن مان ”روضة الاحباب“ زماني ۾ مشهور آهي(7).

(2) امير نسيم الدين، امير جمال الدين جو پٽ ۽ سيد نظام الدين جو يارهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو آهي. ان جي لاءِ مير علي شير لکيو آهي ته، حديث جي علم ۾ زماني جو وڏو ماهر هو، پنهنجي والد بزرگوار جي مسند تي مٿئين مدرسي ۾ مقرر هو. سندس پٽ سيد عرب شاهه والد وارين صفتن سان سينگاريل هو. ان بعد سيد وجيہ الدين سندس قائم مقام ۽ يادگار آهي. سندس پٽ شڪرالله شيرازي ٿيو، جنهن جو احوال ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد ۾ ٺٽي جي بيان ۾ آيل آهي(8).
هي اهو ئي قاضي سيد شڪرالله شيرازي هو، جو سن 906هه ۾ هرات کان قنڌار ۾ آيو ۽ سن 927هه ۾ قنڌار کان سنڌ پهتو.

(3) امير جمال الدين عطاءُ الله جي چاچي سيد الجليل امير اصيل الدين عبدالله الحسيني الاسڪني الشيرازيءَ جي سلسلي ۾ ”تحفتة الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو ته: علم تفسير، حديث، انشا ۽ تاليف ۾ سندس ڪو به ثاني نه هو. پاڻ سلطان ابو سعيد جي زماني ۾ (855- 872هه) شيراز کان هرات ۾ اچي رهيو، هر هفتي هڪ ڀيرو مدرسي مهد عليا گوهر شاد آغا ۾ خلق کي وعظ ڪندو هو. ان طرح سان ربيع الاول مهيني ۾ حضرت رسول الله ‌ﷺ جي مجلس بيان ڪندو هو. سندس تصنيفات مان: شرح درج الدرر برسير سينہ خيرالبشر ۽ مزارت هرات – اهم آهن. تاريخ 17 ربيع الاول سن 803 هه ۾ فوت ٿيو. کيس ٻه ناليرا پٽ: صفي الدين محمد ۽ برهان الدين محمد آهن(9).
ساڳئي سيد جي باري م ”هفت اقليم“ جو صاحب لکي ٿو ته: سيد صاحب شرافت ۽ جلالت جي حقيقت ۾ مشهور هو. علم تفسير ۽ حديث ۾ به بي مثل هو. سلطان ابو سعيد جي زماني ۾ شيراز کان لڏي، هرات ۾ اچي ٽڪيو. هفتي ۾ هڪ ڀيرو بادشاهه جي تحريڪ تي وعظ ڪندو هو. سندس لکيل ڪتاب – درج الدرر برسير سينہ خيرالبشر ۽ مزارات هرات – جڳ مشهور آهن(10).
هن خاندان جي ڪجهه ٻين بزرگن جو تذڪرو به آيو آهي. مير اصيل الدين جي سوٽ سيد الحڪماء امير صدرالدين محمد شيرازيءَ جي باري ۾ ”هفت اقليم“ ۾ اچي ٿو ته طبيعت جي رواني ۽ ذهني فراواني جي ڪري سڀني متبحر عالمن ۽ پوئين دور جي فاضلن ۾ ممتاز ۽ نالي وارو هو. تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد، درس تدريس شروع ڪيائين. ان بعد تصنيف ۽ تاليف تي همت ۽ ڪوشش ڪيائين. سندس هيٺيان ڪتاب مشهور آهن: رساله تحقيق علم واثبات واجب، حاشيه شمسيه ۽ مطالعه وحاشيه تجريد، سندس وفات سلطان يعقوب جي وفات کان پوءِ سگهوئي ٿي(11). هن ڏس ۾ ”تحفة الڪرام“ ۾ پڻ ساڳي عبارت آرائي ٿيل آهي.(12)

امير صدرالدين جي پٽ خاتم الحڪماء، غوث العلماءَ، امير غياث الدين منصور شيرازيءَ جي لاءِ ”هفت اقليم“ جو صاحب لکي ٿو ته: هو چنڊ جي روشني ۽ وڻ جو ميوو آهي. پيءُ کان پوءِ علم ۽ فضل ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. سندس حڪمت ۽ رياضيءَ جي علمن جي مهارت جو، غلغلو ويجهي ۽ پري جي عالمن جي ڪنن تائين پهتو ۽ پڻ سندس علم و فضل جو آواز به هرطرف گونجڻ لڳو.

وصف خورشيد ازنگويد هوشمند
فيض نور اوبود مدحش پسند(13).

هن متعلق وڌيڪ تفصيل ”تحفة الڪرام“ ۾ اچي ٿو: سندس ولادت سن 900هه ۾ ٿي. پنهنجي والد بزرگوار امير صدرالدين کان علم جي تحصيل ڪيائين. چوڏهن سالن جي عمر ۾ علامه دوانيءَ سان مناظرو ٿيس. ويهن سالن جي عمر ۾ سڀني علمن کان فارغ ٿيو. ڪجهه وقت صدارت جو عهدو ماڻيائين. عراق کان مجتهد الزمان شيخ علي بن عبدالعالي تختگاهه ۾ آيو ته، ڪن فسادين شيخ ۽ سيد جي وچ ۾ مناظرو ڪرائي وڌو. بادشاهه مجتهد الزمان جي حمايت ڪئي ۽ سيد صاحب ناراض ٿيو. ان بعد صدارت جو عهدو ڇڏي شيراز هليو ويو، جتي سن 948هه ۾ فوت ٿيو(14).
تحفة الڪرام ۾ حبيب السير جي حوالي سان سندس تصنيفات جي هڪ ڊگهي لسٽ موجود آهي. حبيب السير جي صاحب سندس هي تصنيفون ڏٺيون. ڪتاب حجة الڪلام، ڪتاب محڪمات شرح هياڪل انوار، شرح رساله الثبات واجب، ڪتاب تعديل الميزان يعني منطق شفا جو خلاصو، ڪتاب معيار الافڪار، خلاصه تعديل الميرازن، ڪتاب لوامع، معارج علم هيئت ۾ (هي ڪتاب سترهن سالن جي عمر ۾ لکيائين)، ڪتاب تجريد برحڪمت، رساله معرفت قبله، معالم الشفا طب ۾، معالم الشفا جو خلاصو شافيه، سفرو يه هيئت، حاشيه برالاهيات شفا، حاشيه براشارات، حاشيه برحڪمت العين، رساله در باب خلافت فرزند مير صدرالدين محمد، رد برحاشيه، تهذيب رد حاشيه شمسيه علامه دواني، رد حاشيه خلاصته التحقيق، رد برانموذج، رساله در تحقيق جهات، رد برساله زدار(؟)، رساله مشارق در اثبات واجب، ڪتاب اخلاق مغفوري، حاشيه براوائل ڪشاف، تفسير سورهه، ڪتاب مقامات العارفين (هي رسالو تصوف ۽ اخلاق ۾ پنهنجي پٽ مير شرف الدين عليءَ لاءِ لکيائين)، رساله قانون السطنت، هنن ڪتابن کان علاوه هي ڪتاب به سندس چيا وڃن ٿا: رياض الرضوان، ۽ ڪتاب اساس در علم هندسہ وغيرهه. حبيب السير جي ليکڪ پڻ سندس ڪتابن جو تفصيل آندو آهي(15).
سيد غياث الدين کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيد شرف الدين. ٻيو سيد مير صدرالدين. هن خاندان جي ٻين ٻن بزرگن جو ”تحفة الڪرام“ ۾ ذڪر آيو آهي. يعني سيد نظام الدين احمد ۽ مير حبيب الله. هي ٻئي بزرگ به علم ۽ فضل جي لحاظ کان زماني ۾ بي مثال هئا.

شڪرالاهي سيد:

قاضي سيد شڪرالله شيرازيءَ جي نسبت سان، مير نظام الدين جو خاندان، ٺٽي ۾ شڪر الاهي شيرازي سيدن جي نالي سان مشهور ٿيو. هن خاندان جا گهڻو ڪري سڀ ماڻهو، علم و فضل ۾ ديني مرتبي جي ڪري، زماني ۾ مشهور ٿيندا آيا آهن. اڄ به هي خاندان پنهنجي قديم محلي ۾ آباد آهي. موقعي جي مناسبت سان آءُ هن خاندان جي چند بزرگن جو به ذڪر ڪندس، ته جيئن اندازو ٿئي ته هن گهراڻي جي مختلف ماڻهن، سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ علم ۽ ادب توڙي مذهب جون ڪهڙيون ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون.

سيد شاهه ولي:

سيد شاهه ولي بن سيد ابوالقاسم بن سيد علي اڪبر بن سيد عبدالواسع بن سيد محمد حسين بن سيد شڪرالله ثاني. علامه مخدوم رحمة الله جهڙي مشهور بزگ جو شاگرد هو. هو املا، انشا، ۽ شعر ۾ صاف طبيعت جو ۽ ڪافي ذهنيت جو مالڪ هو(16).
”تحفة الڪرام“ جو صاحب، مير علي شير قانع مقالات الشعرا ۾ سندس ذڪر هن ريت ڪري ٿو: تقوي، پرهيزگاري ۽ علمي ڪمالات جي فنن سان سينگاريل، پنهنجو وقت ڪتابن جي اڀياس ۾ گذاريندڙ ۽ طالبن کي درس ڏيندڙ هو. وڏن جي پيرويءَ تي پورو ۽ بزرگيءَ سان سينگاريل، حسن خلق ۾ وڏن ننڍن ۾ مصروف هو. (17).
سيد شاهه ولي ”تحفة المجالس“ نالي هڪ ڪتاب لکيو آهي. شوال جي 13 تاريخ سن 1150هه رات جي وقت پنهنجي جاگير جڳت پور، تعلقي ڪڪرالي (سنڌ) ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش اتان آڻي، 15 تاريخ سندس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ان جي هڪ شاگرد لطف الله قدفات في عشقہ (يعني هو الله جي عشق ۾ وفات ڪري ويو)، مان هن جي وفات جي تاريخ ڪڍي آهي.
سندس ٻه فارسي شعر ”مقالات الشعرا“ ۾ نموني طور ڏنل آهن. ”تذڪره علماءَ هند“ ۾ صفحي 250 تي به سندس ذڪر ملي ٿو. کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيد محمد ناصر ۽ ٻيو سيد محمد سراج الدين.

مير سراج الدين:

هي به سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. تاريخ گوئيءَ ۾ ان کي خاص ملڪو حاصل هو. ”تحفظ الڪرام“ ۾ آهي ته وڏن جي وصفن سان سينگاريل، وڏن جو يادگار ۽ جاءِ نشين، سهڻن اخلاقن جو مالڪ آهي......طبعيت ۾ شعر جو چڱو جذبو هوس ۽ تاريخ ڪڍڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو(18)

سيد غلام اوليا:

سيد غلام اولياءَ بن عنايت الله بن اسد الله بن سيد عنايت الله بن سيد عبدالرحمان بن سيد ظهير الدين و السلام عرف مير جادم بن سيد شڪر الله اول. هي سيد تمام وڏو بزرگ ۽ اهل دل انسان ٿي گذريو آهي. ان بابت مير علي شير لکي ٿو ته ؛ سيد غلام اوليا ڦوهه جوانيءَ ۾ ظاهري توڙي باطني علمن جي تحصيل ڪري، تقوى ۽ پرهيزگاريءَ ۾ وڏو درجو حاصل ڪري، هميشه جي دستور موجب هر روز سيد عبدالله جي زيارت تي ويندو هو ۽ پنهنجو برڪت ڀريو وقت چڱن ڪمن ۾ صرف ڪندو هو. هو ڪرامتن جو صاحب به هو ۽ ڦوهه جوانيءَ ۾ هن فاني دنيا کي رخصت چئي، مريدن جي خاص جماعت پٺيان ڇڏيو ويو.، هر مهيني جي 21 تاريخ سندس وفات جي تاريخ تي، مريدن جي جماعت مزار جي زيارت تي پهچي ختمو خيرات ڪري مشڪل حل ڪرائيندي آهي(19).

سيد محمد ناصر

سيد محمد ناصر بن سيد عطاءُ الله بن سيد نعمت الله بن سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن سيد شڪر الله ثاني بن سيد ظهير الدين بن سيد قاضي شڪر الله اول. هي سيد زهد ۽ تقوي ۾ زماني ۾ عجوبو هو. تحفته الڪرام ۾ آهي ته، هن ڪڏهن به ڪنهن عورت جو منهن نه ڏٺو. ايتري تائين پاڪ هو جو جانورن ۾ نر ۽ ماديءَ ۾ فرق نه ڪري سگهندو هو. پاڻ نقشبندي سلسلي ۾ ڪامل هو. سندس پوئلڳن جي گهڻائي هئي. جن جي حاجت روائي ڪندو رهندو هو.
هڪ ڀيري ٺٽي ۾ اچي ڏڪار پيو. ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ مهانگائي ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ٿي، وڃي ولين جي قبرن تي دعائون گهرڻ لڳا. ڪنهن ماڻهو خواب ۾ ڏٺو ته، جيڪڏهن ڪو اهڙو پرهيزگار جنهن عمر ڀر ڪنهن عورت جو منهن نه ڏٺو هجي، سو ٻاهر مينهن لاءِ نماز پاڙهيندو ته، پوءِ دنيا تي رحمت جي مينهن جي پالوٽ ٿي سگهندي. ماڻهو هن سيد وٽ پهتا. پنهنجي والد جي چوڻ تي، ٽي ڏينهن باران نماز پڙهائي دعائون گهريائين. رحمت جو ڪڪر جوش ۾ آيو. آخر مينهن وسيو.
سيد نظام الدين جي ٻئي ڏاڏي يعني سيد نور محمد جي ڀاءُ سيد ظهير الدين جادم ثانيءَ جي اولاد مان گهڻا ڪمال وارا بزرگ پيدا ٿيا.

سيد محمد ڪاظم:

سيد محمد ڪاظم بن سيد محمد مقيم بن سيد ظهير الدين ثانيءَ بابت تحفته الڪرام ۾ آهي ته، سيد محمد ڪاظم عجيب حالتن جو مالڪ هو. ٻه ٻه، ٽي ٽي ڏينهن ننڊ ۾ جنهن کي عين بيداري سمجهڻ گهرجي. خلوت ۾ پيو هوندو هو ۽ ماڻهو هن جو قلبي ذڪر ٻڌندا هئا. آخر پاڻهي جاڳندو هو. اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ڪماليتون هيس جن جو شمار مشڪل آهي(20).

تحفته الڪرام جو صاحب:

مير عليلطان يعقوب جي وفات کان پوءِ سگهوئي ٿي(11). عه وحاشيه تجريد. از ۽ نالي وارو هو. ي مهد عليا گوهر شاد آغا ۾ خلق کي وعظ ڪندو ه ئي ته کيس عهدي قبول ڪرڻ جي آڇ ڏنائين. ين ثاني فقہ ۾ سڀني کان وڌيڪ توفيق وارو ۽ ٻين علمن ۾ وڏو عالم سڳورو پيدا ٿيو. شير بن سيد عزت الله بن سيد محمد ڪاظم بن سيد محمد مقيم بن سيد ظهير الدين به هن سلسلي جو هڪ چمڪندڙ موتي هو. پاڻ : تحفته الڪرام ۽ مقالات الشعرا- ۽ ٻيا به ڪيترائي يادگار ڇڏيا اٿس. پاڻ خاص ڪري ذڪر ڪيل هي ٻه ڪتاب نه لکي ها ته ، اڄ اسين سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کان بلڪل بي خبر هجون ها.

مير عظيم الدين:

هن خاندان جي ٻي هڪ عظيم شخصيت مير عظيم الدين جي آهي. سندس سلسلو هن ريت آهي: سيد عظيم الدين بن سيد يار محمد بن سيد عزت الله بن سيد محمد ڪاظم بن سيد محمد مقيم بن سيد ظهير الدين ثاني. هي سيد به وڏي درجي وارو شاعر ۽ اديب هو. هڪ ديوان، هڪ مثنوي هير رانجهو ۽ هڪ منظوم تاريخ ”فتح نامه“ سندس يادگار آهن.

مطلب ته سيد نظام الدين مؤلف ” فتاوي عالمگيري“ جو سڄو خاندان شيراز، هرات ۽ قنڌار کان وٺي سنڌ تائين، ڪيئي صديون برابر علم جو درياءَ وهائيندو ۽ دين جي خدمت انجام ڏيندو رهيو.

(2) قاضي ابو الخير ٺٽوي

سيد نظام الدين ٺٽويءَ کانپوءِ ”فتاوي عالمگيري“ جي مؤلفن ۾ قاضي ابوالخير ٺٽويءَ جو نالو اچي ٿو. هي بزرگ سنڌ جي مشهور مردم خيز ۽ تاريخي شهر ٺٽي جو رهاڪو هو. پاڻ ٺٽي جي مشهور عالم ۽ بزرگ علامه مخدوم فصل الله جو فرزند هو. جنهن بابت ” تحفته الڪرام“ ۾ آهي ته پاڻ فضيلتن جو جامع، انساني علمن جو ماهر، پرهيزگاري ۽ تقوي جي زيور سان سينگاريل هو. هميشه علم پاڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو (21). ٿوري ڦير ڦار سان تاريخي معصومي (22)، ۽ ماثر رحيمي (23) ۾ به سندن ذڪر اچي ٿو. پاڻ مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقي ترخان جو همعصر هو. هن فضل الله جي فرزند مخدوم ابو الخير ٺٽويءَ ( فتاوي عالمگيريءَ جي مؤلف) جي لاءِ ” تحفظ الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو ته، پنهنجي وقت ۾ هڪڙو ڪامل طالب علم پيدا ٿيو. فتاوي عالمگيري جي مسئلن جي چونڊ ۾ شريڪ رهيو(24)

تحفته الڪرام موجب سندس پٽ ملا اسحاق به ڪمالات جو صاحب هو. سندس هڪ پٽ ڪمال الدين هو، جنهن کي ڪو به اولاد نه ٿيو.

حوالا ۽ حاشيا:

تحفته الڪرام، قلمي، ص 615.
تحفته الڪرام، قلمي، ص 543.
طاهري، قلمي، ص 11.
تحفته الڪرام، قلمي، ص 543.
تحفته الڪرام، جلد 2، ص 71، مطبوعه بمبئي.
تحفته الڪرام، جلد 2، ص 71
هفت اقليم، مطبوعه بنگال ، ص 261
تحفته الڪرام، جلد 2، مطبوعه بمبئي، ص 71
تحفته الڪرام، جلد 2، مطبوع بمبئي، ص، 70
هفت اقليم، ص 261، مطبوعه بنگال
هفت اقليم، ص 261 مطبوعه بنگال
تحفته الڪرام، جلد 2، ص 71
هفت اقليم، ص 259 ۽ 260 مطبوعه بنگال.
تحفته الڪرام، جلد 2، ص 72
تحفته الڪرام، جلد 2،ص 72 ۽ 73
تحفته الڪرام، جلد 3، ص 195، مطبوعه بمبئي.
مقالات الشعرا، قلمي، ص 304
تحفته الڪرام، جلد 3، ص 196، مصبوعه بمبئي.
تحفته الڪرام، جلد 3، ص 196، مطبوعب بمبئي.
تحفته الڪرام، قلمي، ص 556.
تحفته الڪرام، قلمي ص 620.
تاريخ معصومي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه، ص 217
ماثر رحيمي، ص 328، مطبوعه بنگال.
تحفته الڪرام، قلمي، ص 620

__________
* ترجمو: عبدالرسول قادري.

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ

( هن مضمون ۾ راشدي صاحب خاص طرح سان انهن عربي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪي سنڌ جي تاريخ لکڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا. هي مضمون اصل ۾ اردو زبان ۾ لکيل هو ۽ پوءِ ان جو سنڌي ترجمو ماهنامه ”نئين زندگي“ جي سيپٽمبر 1952ع، ۽ نومبر 1952ع وارن پرچن ۾ ڇپيو هو. علمي دنيا کي هن تاريخي تحرير جي گهٽ ڄاڻ رهي آهي)

(1)
تاريخ سنڌ جي ماخذن جي جيڪڏهن فهرست لکڻ ويهنداسين ته اسان کي چئن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪرڻو پوندو. 1 – جاگرافي 2 – ملڪي تاريخ – علمي ۽ تمدني تاريخ 4- تاريخ آثار قديمه. تنهن کانپوءِ وري اسان کي سڀ ڪنهن ڀاڱي جي ماخذن کي جدا جدا عنوانن جي ماتحت لکڻو پوندو.

جاگرافي
جڏهن اسان جاگرافي جي تاريخ مرتب ڪنداسين، تڏهن ان وقت اسان کي ٻن قسمن جي ڪتابن کان مدد وٺڻي پوندي.

(1) سفر ناما: ان عنوان جي ماتحت انهن سمورن سفرنامن کي ٻوليءَ جي لحاظ کان جدا جدا لکڻو پوندو. جن ۾ سنڌ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي عربي ۽ انگريزي ۾ وڌيڪ ڪتاب ملندا.
(2) جاگرافي: انهيءَ عنوان جي هيٺ اسان کي اهي سمورا جاگرافيءَ جا ڪتاب ڳولڻا پوندا. جيڪي سنڌ جي متعلق آهن جن ۾ ضمنا سنڌ جو ذڪر آيو آهي تن جي تقسيم به ٻوليءَ جي اعتبار سان ڪرڻي پوندي، جيئن ته عربي ، فارسي ۽ انگريزي جدا جدا ڏيکارڻا پوندا. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ گهڻو مواد ملندو. اردو ۽ سنڌي ۾ شايد ڪي ٿورڙا ترجما ملندا نه ته ڪو خاص ڪتاب انهيءَ موضوع تي نه ملندو. انهيءَ عنوان هيٺ اسان کي انگريزيءَ جا اهي سمورا رسالا، مخزن ۽ جرنل به ڏسڻا پوندا. جن ۾ خاص سنڌ جي جاگرافيءَ تي مضمون شايع ٿي چڪا آهن.

ملڪي تاريخ

عام ملڪي تاريخ لکڻ جي سلسلي ۾ جڏهن ماخذن کي گڏ ڪرڻو پوندو ته ان وقت فهرست هيٺين عنوانن تي ورهائبي:
(1) سنڌ تي خاص ڪتاب: انهيءَ عنوان هيٺ تاريخ جا اهي سمورا ڪتاب درج ڪرڻا پوندا. جيڪي خاص طرح سنڌ تي لکيا ويا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي فارسيءَ ۾ ڪي ٿورڙا ليڪن انگريزيءَ ۾ گهڻا ڪتاب ملندا. انگريزي ڪتابن جا ماخذ به چند فارسي تاريخ جا ڪتاب آهن جيڪي انهيءَ عنوان هيٺ اسين لکنداسون، ليڪن آخري دور لاءِ انگريزيءَ ۾ خاص طرح سان سنڌ تي وڏي ڪثرت سان ڪتاب آهن. جيڪي اسان کي انهيءَ فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا. انگريزن ڪلهوڙن جي حڪومت، ٽالپرن جي صاحبي ۽ پنهنجي راڄ جي باري ۾ انگريزيءَ ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي.
(2) عام تاريخون: انهيءَ عنوان ۾ اهي سمورا تاريخ جا ڪتاب اچن ٿا، جن ۾ ضمنا سنڌ جو ذڪر آيو آهي. انهيءَ باري ۾ عربي ۽ فارسي تاريخن جو تت تيار ڪبو ۽ انگريزي تاريخن جا نالا لکڻا پوندا. اها فهرست به ٻوليءَ جي لحاظ سان ورهائڻي پوندي.
(3) رسالا ۽ مخزن: انگريزي زبان ۾ اسان کي اهڙا رسالا ۽ مخزن ڪثرت سان ملندا. جن ۾ سنڌ تي خصوصيت سان نهايت اهم مضمون لکيا ويا آهن ۽ اهي سمورا مضمون نهايت قيمتي ۽ ناياب مواد جا حامل آهن. عربي ۽ فارسيءَ ۾ انهيءَ عنوان تي ڪجهه به ناهي. اردو ۾ البته چند، مضمون ممڪن آهي ته ملي وڃن.
(4) سياسي رهبرن جون سوانح عمريون: انهيءَ عنوان هيٺ اسان کي سنڌ ۽ هندستان جي سياسي رهبرن ۽ سرڪاري عهدي دارن جي سوانح عمرين تي لکيل ڪتاب، فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا. انهيءَ عنوان تي فقط انگريزيءَ ۾ اسان کي ڪتاب ملندا.
(5) سياسي خطوط: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اهي سمورا خط پنهنجي فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا.، جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ ملڪي انتظام جي سلسلي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران پنهنجي نوڪرن کي لکيا ويا هئا يا وري ڪمپني جي نوڪرن، ڪمپني ڏانهن خط لکيا آهن. انهن خطن ۾ ڪي نادر ترين تاريخي شيون ملن ٿيون، جيڪي عام تاريخ جي ڪتابن ۾ نه ٿيون ملن، ليڪن انهيءَ قسم جا ڪتاب انگريزن جي صاحبيءَ سان تعلق رکن ٿا. عربي ۽ فارسيءَ ۾ انهيءَ موضوع تي مواد نه آهي.

علمي ۽ تمدني تاريخ
تمدن و تهذيب ۽ سنڌ جي علم و ادب جي تاريخ جي سلسلي ۾ اسان کي جن ڪتابن کان مدد ملي سگهي ٿي، تن کي هيٺين ستن عنوانن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو.

(1) علمي مڪتوبات: انهيءَ عنوان هيٺ ولين بزرگن جا مڪتوبات ۽ ڪي علمي مڪتوبات درج ٿيندا. انهيءَ قسم جا مڪتوبات گهڻو ڪري فارسي ۽ سنڌي ٻولي ۾ آهن.
(2) ملفوظات: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اولياءَ ڪرام ۽ اڪابر اسلام جا ملفوظات درج ڪرڻا پوندا. ملفوظات جا ڪتاب گهڻو ڪري فارسيءَ ۾ آهن ۽ سنڌيءَ ۾ بلڪل گهٽ آهن.
(3) علمي سوانحات: انهيءَ هيٺ اهي سمورا ڪتاب شامل ڪرڻا پوندا. جيڪي ڪنهن مصنف يا عالم جي سوانح عمري جي متعلق لکيا ويا آهن. انهيءَ قسم جا ڪتاب عربي، فارسي ، انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن.
(4) تذڪرا ۽ طبقات: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي ڪثرت سان ڪتاب ملندا. ڪي عام تذڪره آهن. جن ۾ ضمنًا سنڌي مشاهيرن جو بيان آيو آهي ۽ ڪي ڪتاب خاص سنڌي مشاهيرن جي سلسلي لکيا ويا آهن. عربي، فارسي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڪافي ڪتاب انهيءَ موضوع تي موجود آهن.
(5) ديوان: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اهي سمورا فارسي، عربي ۽ سنڌي ديوان گڏ ڪرڻا پوندا، جيڪي سنڌي شاعرن مرتب ڪيا آهن ۽ اهڙن ڪتابن جو تعداد سون تائين پهچي وڃي ٿو.
(6) سنڌين جون تصنيفون: جڏهن اسان علم و ادب جي تاريخ مرتب ڪنداسون ته اسان کي سنڌي بزرگن جي تصنيفن تي هڪ نگاهه وجهڻي پوندي ۽ اهي تصنيفون اسان کي علم و ادب توڙي مذهب جي متعلق ملنديون. عربي فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ انهيءَ موضوع جا هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن.
(7) فنون لطيفه: انهيءَ عنوان هيٺ به گهڻا ئي ڪتاب اسان کي فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا.

قديم آثار

قديم آثارن جي سلسلي ۾ اسان کي ٽي عنوان قائم ڪرڻا پوندا. ملڪي توڙي علمي تاريخ انهيءَ وقت تائين مڪمل نه ٿي سگهندي. جيسين اسان سنڌ جي آثار قديمه کان استفادي نه ڪنداسون.

(1) آثار قديمه جي کاتي جون رپورٽون: جي سلسلي ۾ اسان کي اهي سموريون ساليانه رپورٽون گڏ ڪرڻيون پونديون. جي انگريزن جي صاحبي ۾ مرتب ٿيون آهن.
(2) ڪتاب: ساليانه رپورٽن کان سواءِ انگريزيءَ ۾ سنڌ جي آثار قديمه تي خاص طرح سان گهڻا ڪتاب لکيا ويا آهن، تن کي به فهرست ۾ شامل ڪرڻو پوندو.
(3) رسالا: گذريل ڏيڍ سئو ورهين ۾ يورپ توڙي هندستان مان انگريزي رسالن ۾ سنڌ جي آثار قديمه تي گهڻا مضمون شايع ٿي چڪا آهن، ۽ اهي سڀئي ڪنهن نه ڪنهن طرح استفادي جي اعتبار سان گهڻي قدر ضروري ۽ اهم آهن. سنڌ جي تاريخ انهيءَ وقت تائين نا مڪمل رهندي، جيستائين انهن مضمونن کي نهايت اونهي نظر سان مطالع نه ڪيو ويو آهي. انهيءَ قسم جا مضمون سون جي تعداد ۾ آهن. انهن رسالن جو اڄڪلهه ملڻ بلڪل مشڪل آهي.

هيءُ هو تاريخ سنڌ جي ماخذن جو ذڪر، نئين زندگي جي آئنده اشاعت ۾ عربيءَ جي جاگرافي ۽ سفرنامن جي فهرست پيش ڪئي ويندي.

جغرافيه ۽ سفرناما

1. ابن خوردازبہ: هيءُ سڀ کان پهريون ( 250 هجري) عرب جغرافيه نويس آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب
” المسالڪ والممالڪ“ ۾ هندستان ۽ سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي. خليفه معتمد جي زماني ۾ ابن خوردازبه پوسٽ آفيسن ۽ خفيه اطلاعات کاتي جو آفيسر هو. جيتوڻيڪ هو پاڻ سنڌ ۽ هندوستان ۾ نه آيو هو، ليڪن سندس لکيل احوال سچو آهي. سندس ڪتاب 1889ع ۾ بريل ليڊن ۾ شايع ٿيو. ڊي جيوجي (De _Geoji) ڪتاب کي ايڊٽ ڪيو آهي.

2. سليمان تاجر: 237هجري ۾ هيءُ سڀ کان پهريون تاجر هندوستان جي ساحلن تي واپار جي سلسلي ۾ پهتو هو. 237 هجريءَ ۾ هن پنهنجو سفرنامو تيار ڪيو هو. اهو سفرنامو 1845ع ۾ پيرس ۾ ڇپجي ويو آهي. سنڌ ۽ هند جي متعلق انهيءَ ۾ نهايت بيش بها معلومات آهي.

3. ابو زيد سيرافي: (264هه) سيراف ايران کاريءَ جو هڪ مشهور بندرگاهه هو. ابو زيد انهيءَ شهر جو باشندو هو. 264 هجري سندس ڪتاب ۾ ڏنل آهي. عرب جو مشهور سياح مسعودي 300 هجري ۾ هن سان سيراف ۾ مليو هو. هن 25 يا 30 ورهين کانپوءِ ان ڪتاب جو تڪلمه لکيو. ابو زيد پاڻ ته ڪڏهن به هندستان ۾ نه آيو، ليڪن ابو زيد انهيءَ بندرگاهه جي باشندي هئڻ سبب سنڌ ۽ هند جي مسافرن سان ملندو رهندو هو ۽ سنڌ جي متعلق احوال معلوم ڪندو رهندو هو ۽ انهن کي لکندو ويندو هو. مسعودي جنهن انهيءَ سفرنامي کي پڙهي ان جو تڪلمه لکيو هو، ڪيترا دفعا هندوستان آيو هو. تنهنڪري سيرافيءَ جون جغرافيائي چڪون به مسعوديءَ جي نظرثاني سان درست ٿي ويون. هيءُ ڪتاب پيرس مان 1845ع ۾ ” سلسله التواريخ“ ۾ شايع ٿي چڪو آهي.

4. ابو دلف مسعر بن مهلهل ينبوعي: (331هه) انهيءَ عرب سياح جو زمانو 331هه کان 337هه تائين هو. هي سڀ کان وڏو سياح آهي. بغداد کان روانو ٿي، ترڪستان پهتو ۽ اتي شاهه بخارا، نصربن سامان (المتوفي 331هه) سان مليو. اتان وري چيني ايلچيءَ سان چين ڏانهن روانو ٿي ويو. وري چين کان ڪابل، تبت ۽ ڪشمير مان ٿيندو ملتان پهتو ۽ اتان سنڌ ۽ هند جي ڏاکڻي ساحل (ڪولم) تائين پهتو. انهيءَ ڪتاب جو هڪ حصو 1845ع ۾ برلن ۾ ڇپيو ۽ ان جا ڪي ٽڪرا ابن نديم پنهنجي ” الفهرست“ ۾ يا قوت ”معجم البلدان“ ۽ قزويني ” آثار البلاد“ ۾ ڏنا آهن. غالبا هيءُ پهريون عرب سياح آهي، جو خشڪيءَ جي رستي سنڌ پهتو.

5. بزرگ بن شهريار: (300هه) هيءُ هڪ جهازران هو، جو پنهنجي دريائي سفرن جي ذريعي عراقي بندرگاهن کان وٺي هندستان جي ساحلن تائين ان کانپوءِ چين ۽ جاپان تائين پهتو. هن ”عجائب الهند“ جي نالي سان هڪ ڪتاب عربي ۾ لکيو هو. جو 1986ع بريل پريس ليڊن کان شايع ٿيو آهي. انهيءَ ڪتاب جو فرينچ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو به اتان ئي شايع ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي سلسلي ۾ عجيب و غريب واقعا ملن ٿا.

6. مسعودي ابوالحسن علي: (303هه) هن مصنف جا ٻه ڪتاب دستياب ٿيا آهن ۽ شايع به ٿي ويا آهن. هڪ آهي ”مروج الذهب و معادن الجواهر“ ۽ ٻيو آهي ” التنبيہ والا شراف“ ٻئي ڪتاب ليڊن مان شايع ٿي چڪا آهن ۽ پڻ مصر کان به ان ڪتاب جي متعدد ايڊيشن ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. التنبيه والا شراف – جي هڪ ڀاڱي جو اردو ترجمو دارالترجمه حيدرآباد دکن مان شايع ٿيل آهي.

مسعودي هڪ بلند پايه مورخ، جغرافيه نويس ۽ سياح هو. هن پنجويهه ورهيه مختلف ملڪن جي سياحت ۾ گذاريا. هيءُ سياح سنڌ ۽ هند ۾ به آيو هو. سندس ٻنهي ڪتابن ۾ سنڌ جي باري ۾ نهايت قيمتي معلومات درج آهي. مروج الذهب – مسعودي پنهنجي سيروسفر ختم ڪرڻ کانپوءِ 332هه ۾ لکيو هو. هيءُ ڪتاب فرينچ ترجمي سان نون جلدن ۾ پيرس کان به شايع ڪيو ويو.

7_ اصطخري: (340هه) ابو اسحاق ابراهيم بن محمد فارسي پورو نالو اٿس. هو اصطخرنالي شهر جو باشندو هو. تنهنڪري هو اصطخري مشهور ٿيو. هيءُ سياح 340هه ۾ سنڌ ۽ هند ۾ آيو ۽ پنهنجي معاصر سياح ابن حوقل سان اتي ئي مليو هو. علم جغرافيه تي سندس ٻه ڪتاب آهن. هڪ ڪتاب ”الاقاليم“ جو 1839ع ۾ گوٿا کان شايع ٿيو. عرب، ايران، ماوراءِ النهر، ڪابلستان، سنڌ ۽ هند جو هن سفر ڪيو ۽ پنهنجن ڪتابن ۾ ڪي حالات لکيا. سنڌ تي هن هڪ خاص باب لکيو، جنهن ۾ هن تفصيلي حالات لکيا آهن.

8_ ابن حوقل: ( 331هه / 943ع – 358هه / 979ع) ، ابوالقاسم ابن حوقل النصيبي بغداد جو واپاري هو. 331هه / 943ع ۾ هن بغداد ڇڏيو. يورپ، آفريڪا، ايشيا، اسپين، سسلي ۽ هندوستان جي سياحت ڪيائين. هيءُ سڀ کان پهريون جغرافيه نويس آهي. جنهن سنڌ جو نقشو پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي. هن هندوستان جي طول ۽ عرض ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ڪتاب ۾ سنڌ تي هڪ جدا باب آهي. جو معلومات سان ڀريل آهي. هيءُ ڪتاب ليڊن کان ٻه دفعا سال 1938ع ۽ سال 1939ع ۾ شايع ٿيو آهي ۽ ڪتاب جو نالو ”صورت الهند“ آهي.

9_ بشاري مقدسي: (375هه) شمس الدين محمد بن احمد بشاري بيت المقدس جو باشندو هو. هن پنهنجو ڪتاب ”احسن التقاسيم في معرفته الاقاليم“ 375 ۾ لکي راس ڪيو. هن اسلامي ملڪن جو سفر ڪيو ۽ هند و سنڌ ۾ به آيو هو. بشاري پنهنجي ڪتاب ۾ هند ۽ سنڌ جا نقشا ڏنا آهن ۽ سنڌ جو هڪ جدا باب به ڏنو آهي. هي ڪتاب ٻه دفعا 1906ع ۾ ليڊن کان شايع ٿيو.

10_ البيروني: (400هه) البيروني پنهنجي مشهور تصنيف ”ڪتاب الهند“ سببان مشهور آهي، تنهن ڪري تفصيلي حالات لکڻ جي ضرورت ناهي، محمود غزنوي سان هندوستان ۾ آيو هو. ”ڪتاب الهند“ ۽ ” قانون مسعودي“ سندس ٻه عالمگير مشهوريءَ جون تصنيفون آهن. جن ۾ هند جا تفصيلي حالات ۽ سنڌ جا حالات مختلف ٽڪرن جي صورت ۾ ملن ٿا. ڪتاب الهند _ عربي، انگريزي ۽ اردو ۾ متعدد بار ڇپجي چڪو آهي. انگريزيءَ جو ترجمو مسٽر سخائو ڪيو آهي ۽ البيروني جا تفصيلي حالات لکيا آهن. سخائو جي شهرت البيروني جي ترجمي سببان ٿي. ” ڪتاب الهند“ جو اردو ترجمو تازو انجمن ترقي اردو پاڪستان طرفان شايع ٿيو آهي.

11_ ابن بطوطه: (779هه / 1377ع) مراڪش جو مشهور سياح هو. هن کي پنهنجي سفرنامي سببان غير فاني مشهوري حاصل ٿي. سندس سفرنامي جو نالو ”عجائب الاسفار“ آهي. هي ڪتاب عربيءَ ۾ آهي. هن ڪتاب جا يورپ جي مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. اردو ۾ به هن ڪتاب جو ترجمو محمد حسين ڪيو آهي. هي ڪتاب ڪيترا دفعا ڇپيو آهي. اردو ۾ هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ آهي. ابن بطوطه محمد تغلق جي عهد حڪومت ۾ هندوستان آيو، جتان سنڌ ۾ پهتو. هن سياح سنڌ جو اکين ڏٺو احوال لکيو آهي. اهو احوال نهايت قيمتي ۽ دلچسپ آهي.

مطلب ته جغرافيه جا ڪتاب ۽ سفرناما، جن ۾ سنڌ جو احوال ملي ٿو، ڪثرت سان ملن ٿا، جن جو تفصيلي بيان طوالت جو سبب ٿيندو، تنهنڪري بعض ڪتابن جا اسان فقط نالا ڏيون ٿا.

12_ ابن رسته: (290هه). اعلاق النفسيہ ليڊن جو ڇپيل آهي.

13_ قدامه بن جعفر: (296هه)

14_ ادريسي: (560هه / 1165) نزهة المشتاق.

15_ ياقوت الحموي: (627هه / 1229ع) معجم البلدان.

16_ ذڪريا قزويني: (682 / 1282) آثار البلاد.

17_ صوفي دمشقي: ( 728هه / 1326) عجائب البر والبحر.

18_ ابو الفدا: ( 732هه / 1331ع) تقويم البلدان.

91_ نويري: ( 733هه / 1331ع) نهايت الارب في فنون الادب

20. شهاب الدين العمري: ( 748هه / 1346ع) مسالڪ الابصار وممالڪ الامصار. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو لاهور مان شايع ٿيو آهي.

21. سيد علي رئيس: ( 1553 _ 1556ع)، ترڪي امير البحر هو. همايون جي عهد ۾ سنڌ ۽ هند آيو هو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو ويمبري 1789ع ۾ لنڊن مان شايع ڪيو.

هي سمورا جغرافيه جا ڪتاب ۽ سفرناما، تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ سنگ ميل جو درجو رکن ٿا. ترتيب مان معلوم ٿيندو ته 25 هجري کان وٺي اٽڪل ڏهين صدي هجري تائين انهيءَ پوري زماني تي پکڙيل آهن. ڪن سياحن ۽ جغرافيا نويسن سنڌ جي بيان ۾ جدا جدا باب پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن. ڪيترن مختلف عنوانن هيٺ يا هندوستان جي حالت ۾ مختلف هنڌن تي سنڌ جي شهرن، دريائن، رستن ۽ ملڪي پيداوار، آب و هوا ۽ ٻين ضروري شين جي متعلق نهايت قيمتي معلومات ڏني آهي. جيڪڏهن جغرافيه جي انهن ڪتابن ۽ سفرنامن جو نهايت غور سان مطالعو ڪبو ته اٺن صدين جا حالات اسان کي نهايت سولائي سان ملي سگهندا.


___________
* ترجمو: شمشاد احمد جوڻيجو

(1) 22 شعبان 928هه جو انتقال ڪيائين. ”شهر شعبان“ مان سال وفات نڪري ٿو.

مرزا شاهه حسين ارغون

( هي مضمون ماهنامه ” نئين زندگي“ جي جون 1956ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو، جتان ان کي اتاري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي)

صدين جي ٺهيل ٺڪيل، مضبوط ۽ مستحڪم ڪامياب ۽ ڪامران، سمن جي سلطنت جو زوال ان وقت ٿيو. جڏهن 914هه ۾ انهيءَ گهراڻي جي آخري بلند اقبال سلطان ڄام نظام الدين هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو.
زوال ۽ برباديءَ جي عام دستور مطابق، سندس پويرن ۾ تخت ۽ تاج لاءِ جهيڙا ۽ جهڳڙا شروع ٿيا. هڪ طرف ڄام نظام الدين جو مدينه ماڇياڻيءَ جي پيٽ مان ڄاول، نا عاقبت انديش پٽ فيروز هو، ۽ ٻئي طرف ساڳئي خاندان جو هڪ ٻيو شهزادو صلاح الدين هو. ٻنهي وچ ۾ نزاع پيدا ٿيو، جهيڙا ٿيا، جنگيون لڳيون ۽ سمورو ملڪ خانه جنگيءَ جي باهه ۾ ٻرڻ لڳو. ويڙهه جي ڄر ۽ ڇٻيءَ سڄي سلطنت جي بنياد کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.
صلاح الدين گجرات جي سلطان کان مدد وٺي سنڌ تي لشڪر چاڙهي آيو ۽ فيروز قنڌار ۽ سيويءَ جي ارغون حاڪم ميراز شاهه بيگ جو ڪٽڪ ڪهرائي اچي پهتو. ٻئي لشڪر ڌاريا، ٻنهي کي ملڪ سان ڪا همدردي ڪانه، ٻنهي ڌرين جي مددگار لشڪر سنڌ جي سرزمين کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو. ڄام صلاح الدين شڪست کاڌي، ليڪن فيروز به فتحمند ٿي نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته شاهه بيگ ارغور لوور سنڌ جو ڪجهه حصو سندس حوالي ڪري. باقي سموريءَ سنڌ تي پنهنجو قبضو ڪيو. صلاح الدين ۽ فيروز جي خانه جنگي 914هه کان شروع ٿي ۽ 928هه ۾ مٿئين نتيجي تي اچي ختم ٿي. يعني صلاح الدين ختم، فيروز سنڌ جي ٿوري ٽڪري جو شاهه شطرنج، باقي سڄو ملڪ ارغونن جي حوالي.
شاهه بيگ ارغون، امير ذوالنون جو پٽ هو. انهيءَ خاندان جو تعلق تيموري خاندان جي عظيم المرتبت حڪمران سلطان شاهه حسين بايقرا جي درٻار سان هو. جنهن جي دور ۾ اهو گهراڻو ڪابل، قنڌار ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جو حاڪم ٿيو. سلطان حسين بايقرا 912هه ۾ انتقال ڪيو، جنهن کانپوءِ انهيءَ گهراڻي جو به زوال شروع ٿيو. ان وقت ايران اندر ٽي نيون طاقتون ظهور ۾ آيون. شاهه اسماعيل صفوي، محمد خان شيباني ۽ امير تيمور گرگان جي دود مان جو بلند اقبال نوجوان بابر، ٽئي هڪ ئي وقت ايران جي سرزمين تي پنهنجي قيام ۽ بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هوا.
امير ذوالنون ارغون جو تعلق سلطان حسين بايقرا جي درٻار سان هيو. انهيءَ گهراڻي جي ختم ٿيڻ بعد هن به حق نمڪ ادا ڪندي، سندس شهزادن جي طرفان مقابلا ۽ معرڪا ڪندي، محمد خان شيبانيءَ هٿان پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪئي. کائنس پوءِ سندس پٽ شاهه بيگ ارغون ڪابل ۽ قنڌار جو حاڪم ٿيو، جنهن هرات جي مرڪز ختم ٿيڻ بعد، پنهنجي گورنريءَ کي نيم، آزاد سلطنت جو رنگ ڏئي ڇڏيو.
شاهه بيگ اگرچه خودمختيار هيو، ليڪن پنهنجي خودمختياري قائم رکڻ جي منجهس طاقت ڪا نه هئي. ” شيباني“ ” صفوي“ ، ۽ ”بابر“ هڪ وقت سندس سامهون هئا. ڪجهه وقت ته هن پنهنجي حڪمت عمليءَ سان پاڻ کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن آخر بابر ڪامرانيون ۽ ڪاميابيون حاصل ڪندي، اچي سندس ويجهو پيو هيو.
شاهه بيگ اگرچه پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هيو. ليڪن پنهنجو مستقبل کيس آخرڪار غير محفوظ ۽ تاريڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ڪري ڪنهن نئين ملڪ هٿ ڪرڻ ۽ ان ۾ رهي پاڻ کي مضبوط بنائڻ لاءِ سوچڻ لڳو. سيويءَ تائين هن جو قبضو هيو، ليڪن اهو معمولي خطو سندس گهراڻي جو بار ڪٿي کڻي ٿي سگهيو؟ سيوي سنڌ سان متصل هئي، تنهنڪري هن جون اکيون ان تي هيون.
سنڌ ان وقت پنهنجي گهرو لڙائيءَ ۾ مصروف هئي، بخت جو ڪنهن جو ڦاٽ کائي ته ان کي ڪير روڪي سگهي ٿو، ڄام فيروز عين ان وقت کيس سنڌ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، جڏهن هن کي پاڻ به اچڻ جي آرزو ۽ خواهش هئي. سيوي سندس مرڪز هو، دعوت ملڻ تي فورن هليو آيو.
صلاح الدين جو ته هن اچڻ سان خاتمو ڪيو. ليڪن عملي طرح فيروز کي به حڪومت نصيب ڪا نه ٿي. 927هه جي شروعات ۾ شاهه بيگ سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ ورندڙ سال جي آخر ۾ هن سنڌ ۾ انتقال ڪيو (1) . مرزا شاهه حسين کانئس پوءِ سندس وارث ٿيو. جنهن تخت نشين ٿيندي ئي پهريون ڪم اهو ڪيو جو، لوور سنڌ جو جيڪو حصو فيروز جي حوالي هو سو به کائنس کسي، کيس گجرات ڏانهن اماڻي سمي خاندان جي اڍائن صدين جي حڪومت جو ڏيو، هميشه هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو.
شاهه حسين ارغون 22 شعبان 928هه تي سنڌ جي تخت ۽ تاج جو وارث ٿيو ۽ ڪم و بيش 53 سال سنڌ تي حڪمراني ڪري 12 ربيع الاول 962 تي هي جهان ڇڏي ويو.
شاهه حسين جا اهي 35 ورهيه ئي سنڌ اندر جدوجهد ۾ گذريا هڪ پل به هو واندو ڪو نه ويٺو. ابتدائي چند سال ته هن کي سنڌ جي اندروني بغاوتن کي ختم ڪرڻ ۾ لڳا. ان کانپوءِ هن پنهنجي سلطنت کي نه فقط مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ طرف توجهه ڏنو، بلڪه هيءُ به ڪوشش ڪيائين ته سنڌ جي حڪومت جون حدون چوڌاري وڌائي ڇڏي. سيويءَ تائين جو علائقو، اڳ ئي سندس قبضي ۾ هيو. 933هه ۾ هن ملتان تي ڪاهه ڪئي، اچ کي فتح ڪري هن ملتان تي به وڃي قبضو ڪيو، ۽ اتي جي لانگاهه حڪومت کي ختم ڪري، ملتان جي دروازي تي هن پنهنجو جهنڊو کوڙيو. اتان جڏهن واپس وريو ته سڌو ڪڇ تي ڪاهه ڪري هليو ويو. اتي پڻ هن فتح ۽ نصرت حاصل ڪئي. ان کانپوءِ گجرات ڏانهن رخ رکيائين. جتي به هن ڏاڍا معرڪا ڪيا، ليڪن ڪن ضروري سببن ڪري کيس سنڌ ڏانهن واپس ٿيڻو پيو.
شاهه حسين جي دور جو وڏي ۾ وڏو واقعو آهي، شير شاهه کان شڪست کائي همايون بادشاهه جو سنڌ ۾ اچڻ. شاهه حسين جي دانشمندي، فهم ۽ فراست جو وڏي ۾ وڏو امتحان انهيءَ زماني ۾ ٿيو. همايون 28 رمضان 947هه کان 7 ربيع الاول 950هه تائين برابر اڍائي سال سنڌ ۾ ڦرندو رهيو. ليڪن نه شاهه حسين ساڻس مليو، ۽ نه کيس سنڌ اندر ڪٿي پير کوڙڻ جو موقعو ڏنائين. اگرچه ننڍا ننڍا معرڪا ٿيا، ليڪن همايون کي هڙ حاصل ٿي ڪا نه سگهي. نيٺ هو تنگ ٿي، پاڻ کي بيوس، لاچار ۽ مجبور سمجهي، سنڌ مان ڪوچ ڪري ايران طرف هليو ويو. همايون هتي رهڻ واري زماني ۾ حميده بانو بيگم سان پاٽ جي شهر ۾ نڪاح ڪيو، ۽ هتي ئي عمرڪوٽ ۾ 5 رجب 949هه جو سندس بلند اقبال پٽ ۽ هندوستان جي مغل گهراڻي جو عظيم ترين بادشاهه اڪبر اعظم پيدا ٿيو.
شاهه حسين ۾ حڪومت ۽ حڪمرانيءَ جا سڀئي گڻ موجود هوا، ۽ اهو ئي سبب هو جو هن سنڌ جي ڌارئي ملڪ تي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان حڪومت ڪئي. نه فقط ايترو پر هن جون حدون وڌائي ملتان، بلوچستان ۽ ڪڇ تائين پهچائي ڇڏيون. نه ڇڙو همايون جا اڍائي سالن جي جدوجهد بعد به هتي پير کپي نه سگهيا، بلڪه شير شاهه جيڪو لاهور تائين همايون جو پيڇو ڪندو آيو، سو به سنڌ کان پاسو ڪري ٽري هليو ويو.
شاهه حسين، سلطان بايقرا جي درٻار ۾ اکيون کوليون هيون ۽ انهيءَ ۾ ئي هن پرورش حاصل ڪئي هئي. جنهن درٻار جا مير علي شير نوائيءَ جهڙا فاضل اجل وزير، مولانا جاميءَ جهڙا لافاني شاعر ۽ بهزاد مصور جهڙا عظيم ترين فنڪار رڪن رڪين ۽ زيب زينت هئا. هارون ۽ مامون جي درٻار کانپوءِ اها هڪ اهڙي درٻار هئي، جنهن جي علمي اوج ۽ اقبال جو اڄ تائين علمي طبقي جي دلين تي سڪو ثبت آهي.
مرزا شاهه حسين جو ڏاڏو، امير ذوالنون ارغون بلند درجي جو عالم ۽ فاضل هو. سندس پيءُ شاهه بيگ نه فقط عالم ۽ اديب هو، بلڪه پنهنجي دور جو بي مثل شاعر به هو (1). اهڙيءَ طرح شاهه حسين به نه ڇڙو شمشير زن سپاهي ۽ باتدبير حڪمران هيو، بلڪه بي مثل عالم، اعليٰ درجي جو اديب، بهترين مصور ۽ فارسي ۽ ترڪيءَ جو شيرين بيان شاعر هو. ”سپاهي“ سندس تخلص هو. سندس شعر جو ڪو به مجموعو هن وقت تائين دستياب ٿي ڪو نه سگهيو آهي البته سندس منتشر اشعار ، تاريخن ۽ تذڪرن ۾ منقول آهن. سندس شعر جو رنگ ڍنگ هن طرح آهي:

چو سبزه ترت از برگ ياسمين برخاست،
هزار فتنه بقصد دل از ڪمين برخاست،
ز آتشين رخ او خط عنبرين برخاست
بجان زد آتش و دود از دل حزين برخاست
فشاند زلف معنبر بروي چون مصحف،
شعار ڪفر ازان رو، ز اهلِ دين برخاست.
* * * * * * *

عشقت ڪه بود مايہء ارباب سلامت،
از وي نه بود حاصل ما جز به ندامت،
آن ڪس ڪه بتيغ ستم عشق تو ميرد،
نبود هوس زندگيش روز قيامت،
عمريست ڪه اي سرو خرامندهه گذشتي،
غائب نشد از ديدههء من آن قد و قامت،
چہ تير بود ڪه آن چشم نميخواب انداخت،
ڪه مرغ جان و دلم را در اضطراب انداخت.

سنڌ ۾ اگرچه کيس گهڻي حد تائين درٻار آرائيءَ جو موقعو ملي نه سگهيو، ليڪن ان هوندي به هن علمي سرپرستيءَ ۾ ڪوتاهي ڪا نه ڪئي. ايران جا ڪيترا عالم ۽ شاعر وطن ڇڏي وٽس اچي رهيا ۽ ڪيترا سنڌي عالم ۽ اديب سندس صحبت ۽ علمي مجلس ۾ شريڪ رهيا. مولانا جاميءَ جو خاص دوست ۽ شاگرد، شاهه جهانگير هاشمي، پنهنجي اباڻي وطن کي خيرباد چئي، هت اچي پهتو، ايران جو بي مثل شاعر حيدر ڪلوچ سندس ئي قرب ڪري ڪهي هتي آيو. فخري هروي به هرات مان لڏي سنڌ اندر سندس ئي داد و دهش سبب اچي پهتو هيو. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي اهل علم بزرگن جي موجودگي، سندس درٻار ۾ تاريخ جي وسيلي اسان کي معلوم ٿئي ٿي. جهڙوڪ: شيخ عبدالوهاب پوراني، شاهه قطب الدين هروي، مخدوم محمود فخر پوٽو، مولانا عبدالعزيز ۽ اثير الدين ابهري، قاضي ڏتو سيوهاڻي، مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو، مخدوم ميران، مولانا ضياءَ الدين راهوتي، قاضي عبدالله درٻيلائي، شيخ الاسلام قاضي محمد اوچي، مولانا مصلح الدين لاري، شاهه حسين تڪدري ۽ شاهه مسعود صدر وغيره.
شاهه حسين جي وقت ۾ فارسي زبان ۽ ادب سنڌ ۾ ڏاڍو عروج ۽ فروغ حاصل ڪيو. فارسيءَ جا ڪيترا ڪتاب انهيءَ دور ۾ سنڌ اندر تصنيف ٿيا. مثنوي مظهر الآثار، ديوان حيدر ڪلوچ، فتاوي پوراني، شرح اربعين، شرح ڪيداني، شرح شمائل نبوي، حاشيه تفسير بيضاوي، شرح منطق وغيره. انهيءَ دور جا يادگار ڪتاب آهن. اهڙيءَ طرح تذڪره روضته السلاطين به انهيءَ ئي زماني جو بي مثل تذڪرو آهي. سنڌي زبان جو ادب اگرچه قديم آهي. ليڪن شاهه حسين کان اڳ جو ڪو به شعر ۽ نوشتو اسان کي ملي ڪو نه ٿو سگهي. شاهه حسين جي دور جو ئي اهو ڪرشمو آهي ۽ برڪت جو قاضي قاضن جا سنڌي ڏوهيڙا رهجي ويا، جيڪي اڄ سنڌي ادبي تاريخ ۾ اسان کي رهبريءَ جو ڪم ڏين ٿا.
شاهه حسين کي نرينه اولاد ڪو نه ٿيو. فقط هڪ نياڻي چوچڪ بيگم نالي هيس. جيڪا بابر جي پٽ ۽ همايون جي ڀاءُ مرزا ڪامران کي پرڻائي ڏنائين. جيڪا پڻ مڙسس جي اکين نڪرڻ بعد، ان سان گڏ هتان هجرت ڪري مڪه معظم ڏانهن هلي وئي ۽ اتي وڃي فوت ٿي. تنهنڪري 962هه ۾ جڏهن مرزا انتقال ڪيو. تڏهن سندس حڪومت ٻن حصن ۾ سندس ٻن اميرن جي مابين وراهجي ويئي. اپر سنڌ سلطان محمود بکريءَ جي حصي ۾ آئي ۽ ان جو مرڪز بکر ٿيو. لوور سنڌ تي مرزا عيسيٰ ترخان قبضو ڪيو، جنهن ٺٽي جو دارالسلطنت قائم رکيو.
مرزا شاهه حسين اگرچه ڏورانهين ڏيهه کان آيو هو ۽ ڌاريو بادشاهه هيو ليڪن سنڌ ۾ پهچڻ بعد هن پنهنجي قديم وطن سان سمورا لاڳاپا ٽوڙي پاڻ کي هتان جو وطني بڻائي ڇڏيو. جيترو وقت هتي رهيو هتان جو ٿي رهيو. نه هن پاڻ کي ڌاريو سمجهيو، نه سنڌين سان هن ڌارين وارو سلوڪ رهيو قرب محبت ۽ پيار واري طور ۽ طريقي سان هن سنڌين جو انهيءَ حد تائين اعتماد حاصل ڪري ورتو، جو هڪ گهڙيءَ لاءِ به سنڌين کيس ڌاريو، پرائو ۽ پرڏيهي نه سمجهيو.


____________
(1) سندس تخلص ”نفسي“ هيو.

سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا

[هي طويل تاريخي مقالو سنڌ جي مايه نازعالم سيد حسام الدين راشدي مرحوم، تهران ۾ منعقد ٿيل ايران شناسن جي پهرين بين الاقوامي ڪانگريس (31 آگسٽ – 6 سيپٽمبر 1996ع) ۾ پڙهيو هو. ان موقعي تي راشدي صاحب کي نه رڳو مقرر ڪيل پنجن ڪميٽين (ادبيات، آرڪيالاجي، تاريخ، زبان شناسي، ۽ فلسفو)، مان هڪ ڪميٽي (تاريخ) تي نامزد ڪيو ويو، پر کين ”ايران شناسن جي بين الاقوامي ڪانگريس جي مستقل ڪميٽي“ تي پڻ نامزد ڪيو ويو (ڏسجي: اورينٽل ڪاليج ميگزين، لاهور نومبر 1996ع). اصل مقالو فارسي زبان ۾ هو، جو پوءِ اردو رسالي ”نقوش“ ۾ شايع ٿيو (آڪٽوبر – ڊسمبر 1996ع). مون کي هن مقالي جو فوٽو اسٽيٽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ مهيا ڪيو. ڇاپي متن ۾ لاتعداد غلطيون هيون، جن کي علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي صاحب ۽ ڊاڪٽر محمد ايوب قادري مرحوم جي مدد سان درست ڪيو ويو. قادري صاحب سان 25 نومبر 1983ع تي صبح جو رهاڻ ٿي ۽ ان ڏينهن شام جو پاڻ هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. خدا مٿس رحمت ڪري. سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ“ 4/1984ع ۾ شايع ٿيو. متن جي هيٺان ڪجهه حاشيا آهن، جي مترجم جي طرفان سمجهيا وڃن]

سنڌ هن وقت پاڪستان جو هڪ اهم حصو آهي. مون کي پڪ آهي ته سندس قدامت ۽ شاندار تمدني توڙي علمي ماضيءَ کان ڪوبه پڙهيل لکيل اڻ واقف ڪونهي. موهن جي دڙي واري ان جهوني سرزمين ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ جي ابتدا کان ئي گهرن لاڳاپن جا نشان ملن ٿا(1). تاريخي کنڊرن مان مليل شيون، سماجي ۽ واپاري لاڳپن جو پتو ڏين ٿيون. قديم تخت گاهه بهمن آباد (برهمڻ آباد) (2)، ساساني ساخت وارو رني ڪوٽ، جيڪو ديوار چين جو ننڍڙو نمونو آهي (3)، يا خود پنهنجي تاريخي ڳوٺ ”بهمن“ جي نالي ذريعي، اڄ به ان ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته آڳاٽي زماني کان اسان جا سياسي لاڳاپا ڪيترو نه گهرا پي رهيا آهن. ان کان سواءِ بهرام گور ۽ شنگل (راءِ چڱل؟) جو واقعو (4)، سنڌ تي بهرام جو اثر ۽ هتان کان هزارن لورن (مڱڻهارن) جو ايران وڃڻ ڪنهن کي معلوم ڪونهي! فردوسيءَ جا هي شعر ڪنهن نه پڙهيا هوندا.

بنزديک شنگل فرستاد کس
چنين گفت اي شاهه فرياد رس
ازان لوليان (لوريان) برگزين دهه هزار
نر و مادهه بر زخم بربط سوار
که استاد بر زخم دستان بود
در آواز او، رامش جان بود!

(2)

اسلام کان پوءِ ايران ۽ سنڌ جا لاڳاپا ايترو ته ويجهو ۽ مستحڪم رهيا آهن، جو چوڏهن سؤ سالن ۾ هي سلسلو ڪڏهن به ٽٽل نه ٿو ڏسجي. سياسي يا ثقافتي، ادبي يا فني، بهرحال ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، هي روابط هر دور ۽ هر وقت قائم ۽ مستحڪم پي رهيا آهن (5). انهن لاڳاپن جي تاريخ کي تعلقات جي گوناگون صورتحال ۽ مواد جي ڪثرت توڙي پکڙيل واقعن جي ڪري، آءُ ڪٿان شروع ڪيان، ڪهڙن ڪهڙن عنوانن هيٺ بيان ڪيان ۽ وري ڪيسين بيان ڪيان، منهنجي لاءِ حيران ڪن ڳالهه آهي.

سراين رشته ندانم، زکجا بکشائم!

داستان طويل ۽ وقت گهٽ آهي. لهذا هتي آءُ ان دلچسپ حڪايت جو فقط هڪ مختصر خاڪو پيش ڪندس.

اوهان سڀني کي خبر آهي ته، سنڌ ۾ اسلام ايران ذريعي پهتو. اگرچه تاريخي رستن ۽ راهن جي ذريعي اسان جي وچ ۾ واپاري آمد رفت آڳاٽي وقت کان موجود هئي (6)، پر شيراز کان ابن قاسم سان گڏ ايراني لشڪري جڏهن سنڌ ۾ وارد ٿيا، تڏهن عام نوعيت جي تعلق مذهبي رشتي جي صورت ورتي ۽ عربن سان گڏ ايرانين جون بستيون پڻ نئين سر سنڌ ۾ آباد ٿيون. سيستان جي طاهر ذوالمينين (205- 259هه) يا يعقوب بن ليث صفار (253- 265هه) جي زماني ۾، ايراني ڪارندن ۽ حاڪمن جي اچڻ وڃڻ جا، تاريخ ۾ چٽا نشان موجود آهن (7).

عربي دور حڪومت ۾ جتي عربي زبان کي سياسي بناءَ تي، سنڌ ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو مليو، اتي هي قدرتي امر آهي ته تجارتي تعلقات ۽ ايندڙ ويندڙ قافلن (8)، يا انهن ايرانين جي ڪري جيڪي عربن سان گڏ سنڌ ۾ آباد ٿيا، ايراني اثر سان گڏ ايراني زبان کي به هتي متعارف ٿيڻ جو موقعو مليو هوندو(9)، جيتوڻيڪ عرب جاگرافيدانن هن ڳالهه کي غير ضروري سمجهي بيان نه ڪيو آهي. پر ان جو سبب به سمجهڻ جوڳو آهي. ايران ۽ ايراني ٻولي ان وقت غلام هئا، ان جي اثرن جو چٽائيءَ سان ذڪر نه ڪرڻ، ڪا غير معمولي ڳالهه نه آهي.
سنڌ جي فارسي زبان سان واقفيت ۽ ان سان دلچسپي، جيڪڏهن پهريان کان پيدا ٿيل نه هئا، ته پوءِ عربي زبان جي حاڪميت ختم ٿيڻ بعد، فارسي زبان جو پوءِ جي زمانن ۾، سندس جڳهه وٺڻ ڪهڙيءَ طرح ممڪن هو!

(3)

مختصر مدت جي طوائف الملوڪيءَ بعد عربن کان حڪومت جي واڳ، سنڌ جي هڪ مقامي قبيلي سومرن جي حوالي ٿي. ان دور ۾ قرامطين جو اقتدار (10)، هن ڳالهه جو پتو ڏئي ٿو ته ان زماني جو ايراني فڪر ۽ اثر سنڌ تي تمام گهڻو هو. محمود جڏهن ملتان (401هه) ۽ منصورهه (416هه) کي غلام بنايو، تڏهن ظاهر ۾ قرامطي (11) وجود کي هن شرعي سبب طور استعمال ڪيو هو.
محمود غزنويءَ جي لاڳيتن حملن ۽ سندس سنڌ ۽ پنجاب تي حڪومت قائم ڪرڻ سبب، سنڌ ۾ ايراني اثرن ۽ ان جي ادب ۾ تازگي پيدا ٿي پئي. ان دور ۾ ڪيترن ئي شاعرن، سنڌ کي پنهنجي شعرن ۾ مختلف صورتن ۾ ياد ڪيو آهي، جي سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙن سان سندن گهري واقفيت ۽ دلچسپيءَ جو پتو ڏين ٿا. دقيقي (وفات قبل 384هه)، فرخي (وفات 429هه)، عنصري (وفات 431هه)، قطران تبريزي (وفات 466هه)، ناصر خسرو (وفات 481هه)، مسعود سلمان (وفات 515هه)، عسجدي مروزي (وفات 514هه)، امير معزي (وفات 21- 518هه) ۽ مختيار غزنوي (وفات 535هه) جا شعر هن سلسلي ۾ پڙهڻ جوڳا آهن (12).
غزنوي اثر واري زماني ۾ فارسي شاعرن ۽ ليکڪن جي اچ وڃ سبب، سنڌ ۾ جو ڪجهه پيدا ٿيو، اسان کي ڏک آهي ته زماني جي هٿ چراند اهي سڀ آثار، ڪجهه اهڙيءَ ريت ختم ڪيا، جو اڄ اسين انهن علمي يادگارن مان ڪجهه به پيش نه ٿا ڪري سگهون. بهرحال هي ته اسين اندازو ڪري سگهون ٿا، ته ملتان ۽ منصورهه تي تسلط سبب علمي تخليقون لازمي ٿيون هونديون.

(4)

غزنوين جي دور 401-441هه) جي علمي اثاثي گم ٿيڻ جو اسين ڏک ڇو ڪريون، جڏهن ته اسان وٽ ان دور کان پوءِ ناصرالدين قباچه جي زماني 602- 625هه) جو علمي ذخيرو به محفوظ نه رهي سگهيو. ناصرالدين ۽ سندس علم پرور وزير عين الملڪ اشعريءَ جي علمي سرپرستيءَ ڪري، تاتارين جي غارتگري ۽ خونريزين سبب هجرت ڪندڙ، متعدد عالمن ۽ ناميارن شاعرن کي پنهنجي درٻار ۾ آڻي گڏ ڪيو(13).
مولانا قطب الدين ڪاشاني (14)، قاضي شرف الدين اصفهاني (15)، سيد الندماءَ تاج الفضلاء فخرالقدماءَ شمس الدين محمد بلخي (ڪي بزرگ هن شاعر جو نالو هن ريت به لکن ٿا – شمس الدوله سيد الندماءَ تاج الفضلاءَ فخرالقدماءَ محمد الکاتب بخلي – سنڌيڪار)، فخرالشعرا ضياءَ الدين سجزي، منهاج سراج قاضي (624هه)، سديدالدين عوفي (617هه)، ”بفروش“ شاعر ۽ فضلي ملتاني (16)، جا چند نالا آهن، جيڪي محفوظ رهجي اتفاق سان اسان وٽ پهتا آهن. جن جو نالو گم ٿي ويو، اهي نه ڄاڻ ڪيترا هوندا، جيڪي هن درٻار ۽ دور سان واسطيدار هئا. ”جامع الحڪايات“، ”الفرج بعد شدة“ جو ترجمو، ”طبقات ناصري“ جي تاليف جو آغاز ۽ ”چچ نامہ“ (613هه)، هن سونهري دور جا اهي علمي يادگار آهن، جي خوشقسمتيءَ سان زماني جي هٿ چراند کان بچي اسان تائين پهتا آهن. ”چچ نامہ“ جو فارسي مترجم سنڌ جي هڪ عالم مولانا ڪمال الدين اسماعيل جي لاءِ، جنهن وٽان کيس ”فتح نامہ“ جو عربي متن مليو، لکي ٿو ته: هو فارسي علم ۽ فن ۾ بي مثال هو (17). هي بزرگ اروڙ جو هو، جيڪو شهر سنڌ جي اڳين بادشاهن جو تختگاهه هو.
محمد بن عليءَ جي هن قول مان سنڌ ۾ فارسي علم جي ترويج جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هي فارسي مترجم پاڻ به شاعر هو. ”چچ نامہ“ ۾ به سندس شعر موجود آهن(18).
هيءَ تعجب ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته فارسي شاعرن جو سڀ کان پهريون تذڪرو، جنهن کي ”ديوان“ سڏيو ويو آهي (19)، سنڌ جي سرزمين تي مرتب ٿيو، ۽ پوءِ ٻئي قديم ترين تذڪري ”لباب الالباب“ جي تڪميل جو شرف به سنڌ کي ئي حاصل ٿيو.
هن دور جي فارسي شاعريءَ جو نمونو اسان کي ”لباب الالباب ۾ ملي ٿو.، خود عوفيءَ جو اهو قصيدو، جيڪو بکر جي قلعي جي فتح تي هن لکيو، اسان وٽ هڪ قيمتي ادبي اثاثو آهي (20).
بهرحال هي سڀ علمي آثار ۽ نشان غزنوي دور کان پوءِ جو بچي ويل سرمايو آهن.، جيڪو ڪجهه ختم ٿي ويو، ان جو نقصان نه فقط سنڌ جي لاءِ، پر فارسي ادب جي تاريخ لاءِ هڪ ابدي نقصان جي حيثيت رکي ٿو.
شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني (وفات 666هه)، هن دور جو جيد صوفي ۽ صاحب حال بزرگ هو. وٽس سماع جو رواج هو، جتي اڪثر ڪري فارسي شعر پڙهيا ويندا هئا (21). هڪ ڀيري هن شعر شيخ کي ڊگهي عرصي تائين وجد جي حالت ۾ بي حال رکيو:

مستان که شراب ناب خوردند
از پهلو ئي خود کباب خوردند (22).

شيخ بهاءُ الدين ذڪريا وٽ، فخرالدين عراقي (وفات 688هه) وارد ٿيو. سندس غزل:

نخستين بادهه کاندر جام کردند
ز چشم مست ساقي وام کردند

۽ هي غزل:

در کوکي خرابات ”کسي را که نياز“ است
هوشياري و مستيش همه عين نماز است

هتي جا ياددگار آهن(23).ڪم پي رهيا آهن (5). انهتان کان هزارن لورن (مڱڻهارن) جو ايران وڃڻ ڪنهن کي معلوم ڪونهي! ڳوٺ ”

شيخ عثمان قلندر لعل شهباز مروندي، جنهن جي خانقاهه سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ اڄ تائين زيارتگاهه بنيل آهي. پاڻ مرند کان سنڌ، بلبن جي دور ۾ پهتو، جڏهن خان شهيد ملتان جو حاڪم هو (668- 683هه) ڏانهس ڪيئي فارسي غزل منسوب آهن (650هه) (24).

هي ياد رکڻ گهرجي ته جلال الدين خوارزم شاهه جو اچڻ ۽ سڄو سال سنڌ ۾ رهڻ (18- 619هه) يا ديبل جي اردگرد جامع مسجد ٺاهي وڃڻ، بحث هيٺ آيل دور جي شروع جو اهم سياسي واقعو آهي.

(5)

سنڌ تي تخلقن جا حملا 752هه/ 1351ع کان شروع ٿيا، جڏهن ته هتي سومرن جي جاءِ تي، سمن جو گهراڻو حاڪم ٿي چڪو هو.

هن دور ۾ فارسي شعر چوڻ جو، مقامي طور تي رواج جو اهڃان پڻ ملي ٿو. هن سلسلي ۾ اسان وٽ ان فارسي شعر جي هڪ مصرع ثبوت جي لاءِ موجود آهي، جا سنڌي نسل سنڌ جي حاڪم، فيروز تغلق آڏو پڙهي هئي.(1)

شاهه بخشندهه توئي بندهه شرمندهه منم (25).

ملتان جي حاڪم عين الملڪ ماهرو جي خطن جو مجموعو ”انشاي ماهرو“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته، هن دور ۾ فارسيءَ کي سرڪاري زبان جي حيثيت حاصل هئي ۽ سنڌ جي سلسلي ۾، لکپڙهه لاءِ به ”فارسي“ کان ڪم ورتو ويندو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي بادشاهن جي نالي جيڪي خط آهن، اهي هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا. (26).

سنڌ ۾ هي رواج به ان زماني ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته، ماڻهو پنهنجن بزرگن جي مقبرن تي فارسي ڪتبا ۽ شعر لکائي نصب ڪندا هئا. چنانچه حاجي ترابيءَ جي مقبري تي ڪتبو 782هه (27)، ۽ محمد تغلق جي عارضي قبر تي سيوهڻ جا ڪتبا (28). هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا.

ننڍي کنڊ ۾ ڪلام پاڪ جا ٻه پهريان فارسي ترجمان به سنڌ ۾ ئي ٿيا آهن، هن دور جو يادگار آهي، ۽ ٻيو (جيڪڏهن شهاب الدين دولت آباديءَ جي تفسير ”بحر مواج“ کي تفسير جي حيثيت ڏجي ته پوءِ) ڏهين صدي هجريءَ ۾ مخدوم نوح هالائيءَ جو ڪيل فارسي ترجمو آهي، جو هند و پاڪ جي سڀني فارسي ترجمن ۾ آڳاٽو آهي (30).

اگرچه اها ڳالهه موضوع کان ٻاهر آهي، پر هڪ عجيب اتفاق جو هتي ذڪر ڪرڻ دلچسپ هجڻ سبب، منهنجي خيال ۾ برو نه ٿيندو. هي عجيب اتفاق آهي، ڪلام پاڪ جو پهريون ترجمو، جو ڪنهن به غير ٻولي ۾ ٿيو، اهو به سنڌ ۾ ئي هتي جي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي (31).

(6)

اٺين صدي هجريءَ ۾ يا ان کان پوءِ، اسان کي ڪيترا ئي علمي گهراڻا اهڙا ملن ٿا، جن ايران کي ڇڏي سنڌ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، جن جي اٿي ويٺي مجلسن ۽ صحبتن جي ڪري، سنڌ ۾ فارسي زبان جي اشاعت ۽ اضافي کي وڏي تقويت حاصل ٿي.

هن سلسلي ۾ شيراز جي انجوي ساداتن جي هڪ شاخ جي بزرگ سيد محمد جو نالو کڻي سگهجي ٿو، جيڪو 786هه ۾ شيراز کان نڪري سنڌ ۾ اچي رهيو. خاندان جي تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته، حافظ شيرازي هن سيد محمد جو بي حد معتقد هو ۽ ان به ساڻس گڏ وطن ڇڏيو. تاريخ ۾ اچي ٿو ته حافظ:

”گريه ميکرد و ميرفت“ (32).

هن دور ۾ دارالسلطنت ٺٽي ۾ توڙي سنڌ جي ٻين وڏن وڏن شهرن ۾، ڪثرت سان مدرسا موجود هئا (33)، جن ۾ عربيءَ سان گڏوگڏ فارسي ڪتاب به پڙهايا پي ويا.

(7)

خراسان جو آخري تيموري سلطان حسين بايقرا (863-912هه) ۽ سنڌ جو والي ڄام نظام الدين (866-914هه) نه فقط همعصر هئا، بلڪ هم ذوق به هئا. علمي ۽ ادبي سرپرستيءَ ۾ هڪ جهڙا هئا، جنهن ڪري هرات ۽ ٺٽو هڪ ئي وقت ۾ شاعرن ۽ عالمن جو ڳڙهه بنيل هئا (34)، ۽ سندن درميان هڪ جهڙائيءَ جو هي به هڪ عجيب اتفاق آهي ته، جنهن وقت تيمورين جي هن آخري سلطنت جي طاقت ختم ٿي، ته عين ان وقت سنڌ ۾ سمن جي سلطنت جو ڏيئو به گل ٿي ويو. آزاد سنڌ حڪومت جو هي آخري ادب پرور بادشاهه ڄام نظام الدين سمون نه فقط علم دوست ۽ هنر پرور هو، ليڪن خود به فارسيءَ جو شاعر هو. هي رباعي سندس آهي:

اي آنکه ترا نظام دين مي خوانند
تو مفتخري کہ مرا چنين مي خوانند
گر در رهه دين از تو خطائي افتند
شک نيست کہ ترا کافر لعين مي خوانند(35).

مولانا عبدالعزيز ابهري پنهنجي خاندان سان گڏ، هن دور ۾ ئي سنڌ پهتو ۽ مستقل طور هتي ٽڪي پيو (36). هن هتي علم جي اشاعت ۽ واڌاري لاءِ، هڪ وڏي مدرسي جو بنياد رکيو. علامه جلال الدين دواني (908هه) به، هن سلطنت جي علم پروريءَ جي هاڪ ٻڌي هتي اچڻ ٿي گهريو، ليڪن سندس ٻه شاگرد مير شمس ۽ مير معين، سلطان نظام الدين کان سفر جو خرچ وٺي جيسين اتي پهتا، ان کان اڳ علامه دواني آخرت جي سفر تي روانو ٿي چڪو هو (37).

901هه ۾ مشهد مقدس کان سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق هت پهتا، جن جو خاندان مشهدي سادات“ جي نالي سان ٺٽي ۾ اڃا هلندو اچي (38). مشهدين جو ٻيو گهراڻو ٻن ڀائرن سيد احمد ۽ سيد محمد ولد سيد عباد مشهديءَ تي مشتمل هو، سو 906هه ۾ اچي هتي پهتو (39).

مڪليءَ جي قبرستان ۾ خواجه شرف الدين شيرازيءَ جي قبر به ان دور جو يادگار آهي، جنهن تي هي ڪتبو موجود آهي:

وفات مرحوم الواصل الي رحمته الله
خواجه شرف الدين شيرازي
في تاريخ شهر جمادي الاول سن 911هه(40).

هي بزرگ به انهن ايندڙن مان هڪ آهي، جن کي نظام الدين جي علم نوازي ايران کان سنڌ گهلي آئي.

ٺٽي ۾ مغلپورهه هن سلطان جو يادگار آهي. هي محلو ان ڪري سرڪاري خرچ سان ٺاهيو ويو ته، جيئن ايران مان ايندڙ مشاهير ۽ عالم آساني سان ۽ آرام سان، اچڻ شرط هتي آباد ٿي وڃن. هي ياد رکڻ گهرجي ته هن دور ۾ ايرانين جي لاءِ ”مغل“ ۽ ”ولايت زاد“ لفظ استعمال ڪيا ويندا هئا. مغل لفظ شايد ان ڪري ايرانين جي لاءِ مشهور هو، ڇو ته ان زماني ۾ ايران جا مختلف ٽڪرا، تيموري مغلن جي قبضي ۾ هئا.
ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات جهڙيءَ ريت ايران لاءِ ڏک ۽ ڏڦيڙ جو سبب بني، اهڙيءَ ريت سنڌ جي لاءِ به، هن صديءَ جي ابتدا مستقبل جي. مستقل سياسي نڀاڳ جو سبب بني. ايران ۾ تيمورين جو ڏيئو گل ٿيڻ شروع ٿيو هو. شيباني، صفوي ۽ بابري قوتون هڪ ٻئي خلاف ميدان ۾ هيون. هتي سنڌ ۾ سلطان نظام الدين جي وفات خانداني جهڳڙي جو اهو سلسلو پيدا ڪيو، جنهن سنڌ جي آزاد مستحڪم ۽ وسيع سلطنت جون پاڙون پٽي ڇڏيون.
ايران شاهه اسماعيل ( 906_930هه) صفويءَ جي ذريعي، جلد ئي نه فقط هڪ مستقل گهراڻي جي هٿ ۾ انتشار ۽ طوائف الملوڪيءَ جي تباهه ڪارين کان بچي ويو. پر نئين سر آزادي حاصل ڪري پنهنجي ٽڙيل پکڙيل حصن کي گڏ ڪري، مستقل بادشاهت جو بنياد وجهي صحيح رستي تي گامزن ٿي ويو. ليڪن سنڌ جي حالت ٺيڪ نه ٿي سگهي. ڇو ته ٽن چئن ماڻهن تي مشتمل ارغون گهراڻو، جيڪو سلطنت هرات جي پاران قنڌار، ڪابل ، بست ۽ زمين داور تي نيابت ڪندو هو، اهو بابر جي قنڌار ۽ ڪابل، تي قبضي ڪرڻ بعد، سنڌ جي ان گهرو جهڳڙي مان فائدو وٺي، سنڌ تي قبضو ڪري ويٺو.
اڃا گهرو لڙائي هلي رهي هئي ته، هرات جي تيموري بادشاهت جو ڀٽڪيل شهزادو بديع الزمان (41)، سنڌ ۾ آيو ۽ ڄام فيروز وٽ پناهگير بنيو. ( 18_ 919هه) ليڪن پوءِ جلد ئي هتان جا ترڪي ليڪن پوءِ جلد ئي هتان ترڪيءَ ڏي راهي ٿيو. هر معاملي جا ٻه پهلو ٿين ٿا. ارغوني تسلط جي تصوير جو سياسي پهلو جنهن جي تاريخ (927هه) ” خرابي سنڌ“ مان نڪري ٿي. (42) بلاشڪ اونداهو نه پر تاريڪ تر رهيو. ليڪن ٻيو پهلو جيڪو خاص علمي ۽ ادبي هو. اهو روشن بلڪ روشن تر گذريو.
جيتوڻيڪ سنڌ گذريل دور ۾ ئي فارسي زبان کي درٻاري ۽ علمي زبان قبول ڪري چڪي هئي، ليڪن هن خاص فارسي گو گهراڻي جي تسلط بعد، ايران سان اسان جا لاڳاپا زياده مضبوط ٿي ويا، شيراز، مشهد سبزوار ۽ ٻين ايراني شهرن مان سوين روحاني ۽ علمي گهراڻا سنڌ ڏي لڏي آيا، جنهن ڪري فارسي ٻوليءَ ۽ فارسي تمدن جي جهڙوڪر، هڪ مڪمل دنيا سنڌ ۾ پيدا ٿي پئي.
هن زماني ۾ غياث الدين منصور دشتڪيءَ جي گهراڻي مان سيد شڪر الله شيرازي (43) ، سنڌ ڏي لڏي آيو، جنهن جي گهراڻي سنڌ ۾ ڪيترن ئي ناميارن عالمن، فارسي گو شاعرن، طريقت جي صاحبن ۽ اهل قلم فاضلن کي جنم ڏنو. شيرزاي ساداتن جو ٻيو خاندان سيد ڪمال ۽ سيد جمال نالي ٻن ڀائرن تي مشتمل، سيد شڪر الله سان گڏ ٺٽي پهتو، جنهن جي گهراڻي به ڪيئي مشاهيرن کي پيدا ڪيو. (44).
مولانا جامي رحه جي دوست ۽ روحاني رفيق شيخ جلال الدين بايزيد پورانيءَ کان هر اهو پڙهيل لکيل واقف آهي، جنهن ”نفحات الانس“ پڙهيو آهي. هن شيخ جلال الدين پورانيءَ جو ڏوهٽو ميرڪ شيخ محمود سنڌ ۾ هن زماني ۾ پهتو. (45)، ۽ ٻن سون سالن تائين سندس خاندان سنڌ ۾ عالمن، شاعرن ۽ ليکڪن کي پيدا ڪندو رهيو. سنڌ ۾ هي گهراڻو عرب شاهي، سبزواري ميرڪ سيد جي نالي به مشهور آهي ۽ پوراني سادات پڻ سڏائي ٿو.
مير غياث الدين محمد معروف، سلطان رضائي عريضي سبز واري صاحب ”حبيب السير“ يعني خواند مير جو ڏوهٽو (46)، هي به پنهنجي اولاد کي وٺي هن دور ۾ لڏي آيو. سندس سنڌي اولاد به سنڌ ۾ فارسيءَ جا ڪيئي پائدار علمي آثار ڇڏيا آهن. هي معلوم هجڻ گهرجي ته ”حبيب السير“ واري ليکڪ جا ارغون گهراڻي سان تمام ويجها ۽ گهاٽا لاڳاپا رهيا آهن. خواند مير پاڻ هتي آيو هو، پر پوءِ هندوستان ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين (47).
مولانا مصلح الدين لاري (48)، مولانا عبدالخالق گيلاني (49)، مولانا يار محمد ياري هروي (50)، ۽ مولانا يونس سمرقندي (51) به هن دور ۾ آيا ۽ حيدر ڪلوچ به هن دور ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ئي فوت ٿيو(52).
شاهه جهانگير هاشمي ڪرمانيءَ جي مثنوي. ” مظهر الآثار“ (940هه) (53)، فخري هرويءَ جو تذڪرو ”روضته السلاطين“ (958هه) (54)، شاعريءَ جي فن ۾ ”صنايع الحسن“ (55)، ۽ خواتين شاعرن جو تذڪرو ”جواهر العجائب“ (56)، يا وري ”فتاوي پوراني“ (57) ۽ ”آداب المريدين“ (58)، هن دور ۾ اسان جي مٿي ذڪر ڪيل خاندانن جون چند علمي نشانيون آهن.
هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ”روضته السلاطين“ فارسي شاعرن جو ٻيو جهونو تذڪرو آهي، جيڪو سنڌ ۾ لکيو ويو ۽ ان ريت فخري هرويءَ جو ”جواهر العجائب“ خواتين شاعرن جو پهريون تذڪرو آهي، جيڪو هتي لکيو ويو.
هند جي مغل بادشاهه همايون جو ايران وڃي پناهه وٺڻ، هن دور جو مکيه سياسي واقعو آهي. هن ڏس ۾ هي ياد رکڻ گهرجي ته اهو شاهه حسين ارغون ئي هو. جنهن سنڌ ۾ همايون کي (47_950هه) رهڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي سمورين ڪوششن ناڪام ٿيڻ بعد، ٻيو رستو نه ڏسي هو ايران ڏي ”صراط مستقيم“ (950هه) ذريعي روانو ٿيو (59). شاهه طهماسپ صفويءَ کي همايون بادشاهه جيڪو خط لکيو، ان ۾ شاهه حسن ارغون جي سياست ڪاريءَ ڪري، کيس پهتل تڪليفن جو اشارو هن ريت ڪيو آهي. ”از فضائي سواد اعظم هند، بتنگنائي ظلم سندهه، رسيدهه شد.“

بگذشت از سرما آنچه گذشت
چه بدريا و چه کهسار و چه دشت (60).

(9)

ارغونن کانپوءِ (962هه) سنڌ کي، ترخانن جي ٻن اميرن تقسيم ڪيو. هيٺئين سنڌ (ٺٽو) ميرزا عيسيٰ ترخان ۽ اتر سنڌ (بکر) سلطان محمود بکريءَ جي حصي ۾ آئي.
هي اهو ئي ميرزا عيسيٰ ترخان آهي، جنهن جي زال ماهه بيگم جي نالي فخري ”جواهر العجائب“ منسوب ڪيو هو، ليڪن جڏهن اڪبر تخت تي ويٺو (963هه)، تڏهن معمولي امير جي زال جي ڀيٽ ۾، هڪ وڏي بادشاهه جي دائي ماهم انگه جي نالي، هن پنهنجي انستاب کي تبديل ڪري ڇڏيو.
ميرزا عيسيٰ ۽ سندس پوين (962_1000هه) جا لاڳاپا، ايران سان اهڙيءَ ريت ٺيڪ رهيا. جهڙيءَ ريت اسان ارغوني دور جو اڀياس ڪيو. هن دور ۾ به ڪيئي ايراني خاندان، پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي سنڌ پهتا. سيد بدرالدين مازندراني (61)، هن دور ۾ لڏي ايندڙن مان هڪ آهي. تاريخ ”نگارستان“ جو مؤلف قاضي احمد غفاري قزويني، هن زماني ۾ سنڌ ۾ پهتو ۽ هتي ئي فوت ٿيو. (975هه) (62).
مشهد (آستان قدس) سان، ميرزا عيسيٰ ترخان جي گهري وابستگي هئي. چنانچه عقيدت جي اظهار طور هن خاص اهتمام سان سنڌي مشعل ٺهرائي، اوڏانهن موڪلي ڏنا. مرزا عيسيٰ سياسي طور تي به ايران سان لاڳاپي جي لاءِ مجبور هو. هو سنڌ ۾ هڪ پاسي بکر جي حاڪم سان سلطان محمود بکريءَ کان ڊنل هو، ته ٻئي طرف اڪبر کان به کيس خوف هو ، جيڪو نئون نئون فتوحات جي تازي جذبي ۽ ارادي سان تخت نشين ٿيو هو. لهذا ميرزا جي لاءِ بيحد ضروري هو ته، هو پنهنجي پاڙيسري سلطنت بلڪه عظيم تر مملڪت يعني ايران سان لاڳاپو پيدا ڪري. ليڪن سندس مشهد ڏي لاڙو پڪ آهي ته سياسي نوعيت جو هو.
محمود بکري جنهن جو نالو اسان هاڻي کنيو آهي، سو ان وقت نه رڳو لاثاني بهادر ۽ جنگجو امير هو. بلڪه سياست ۽ ڏاهپ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ هو. ايران ڏي ميرزا عيسيٰ جو لاڙو ڏسي، هن به پنهنجا سفير موڪلي شاهه طهماسپ سان پنهنجا تعلقات پيدا ڪري ورتا هئا (63).
مير ابوالمڪارم بن غياث الدين سبزواري، جنهن جي خاندان جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، محمود بکريءَ پاران ۽ تردي بيگ يا حق بردي بيگ ايراني درٻار مان سنڌ ايندا ويندا رهيا (967هه) (64) شاهه طهماسپ نه رڳو پاڻ کيس ”خان“ ۽ ”سلطان“ جو لقب ڏنو، بلڪه محمود جي ئي درخواست تي، اڪبر کي به خط لکيو، ته محمود کي پنهنجي درٻار مان به ”خان خانان“ جو خطاب ڏنو وڃي. هندوستاني درٻار ۾ جيئن ته هڪ وقت ۾ صرف هڪ ”خان خانان“ هوندو هو، ۽ ان وقت منعم خان هن منصب تي فائز هو، لهذا اڪبر ، شاهه طهماسپ کي معذرت جو خط لکيو(65).

(10)

ارغون ۽ ترخان ڏهين صديءَ تائين سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا، ۽ سال 1000هه ڌاري سنڌ، هندي مغلن جي سلطنت جو حصو بنجي وئي، جن ايندڙ ڏيڍ سئو سالن تائين هتي پنهنجو تسلط قائم رکيو.
’ يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ جيڪو سفير ايراني درٻار ۾ پهتو، سو هڪ سنڌي هو، يعني اڪبر جو مشهور امير، مورخ ۽ شاعر مير معصوم بکري ”نامي“ هو. سندس پاران (11_1013هه) شاهه عباس ڪبير صفويءَ (985_1038هه) جي درٻار ۾ پهتو. هن نه رڳو سفارتي ڪاميابي حاصل ڪئي. بلڪه ذاتي طور تي به ايران ۾ پنهنجا مستقل تاريخي ۽ ادبي يادگار ڇڏيا. حڪيم شفاعي اصفهاني (وفات 1027هه) (66)، محمد رضا فڪري ۽ تقي اوحديءَ جهڙن شاعرن سان سندس صحبتن ۽ مشاعرن جو ذڪر، ايران ۽ سنڌ جي ادبي لاڳاپن جو هڪ مستقل عنوان آهي. (67). اصفهان جي مسجد علي جو ڪتبو (68)، ڪاشان ۽ مورچه (مورچئه خورت) جي وچ ۾ ڪاروان سراءِ عباس جو ڪتبو (69)، يا احمد جام زنده پيل جي مزار جو ڪتبو (70)، هي ۽ ٻيا ڪي ڪتبا جيڪي مير معصوم ايران ۾ هر هنڌ هنيا، سي اڄ به موجود آهن. مير معصوم (وفات 1014هه) فارسيءَ جو بهترين شاعر، ”تاريخ سنڌ“ جو مولف (1009هه) ، صاحب ديوان ۽ هڪ ”خمسه“ جو مصنف آهي. خواجه نظام الدين”طبقات اڪبري“ (1003هه)، سندس ئي تحرڪ ۽ مدد سان لکي هئي (71).
سنڌ ۽ ايران جي سياسي لاڳاپن کي قائم رکڻ وارو، ٻيو سنڌي امير ترخاني گهراڻي جو آخري حاڪم ميرزا غازي وقاري هو، جنهن جي شخصيت نه فقط دلچسپ آهي، بلڪه رنگا رنگ خوبين جي ڪري بي انتها دلڪش پڻ آهي. جڏهن هو قنڌار ۾ مغلن جو نائب هو. (1017_1021هه)، ان وقت سندس ذاتي درٻار، سندس غير معمولي علم پروريءَ ۽ شخصي ڪشش جي ڪري ايراني شاعرن سان ڀريل هئي. طالب آملي پهريان سندس درٻار جو شاعر هو، جنهن سندس مدح ۾ ايڏا ته سٺا قصيدا لکيا، جو کيس (طالب آملي) ”ملڪ الشعرا“ بنائڻ کانپوءِ به جهانگير کي اهڙا قصيدا نصيب نه ٿيا. شمساي زرين رقم، مرزا فصيحي هراتي، ملا شاني تڪلو، مير الاهي اسد آبادي، سنجر ڪاشي، محوي اردبيلي، بزمي کوز، مير نعمت الله وصل شيرازي، ملا اسد قصه خوان، شيدا اصفهاني، مرشد بروجردي، عتابي تڪلو، مولانا صوفي مازندراني صاحب بتخانه، سروري يزدي، مير عبدالباقي ”قصہ خوان“. حڪيم فغفور لاهيجاني (72)، مرزا غازيءَ جي بزم ادب سان واڳيل ۽ سندس مدح خوان هئا.
ميرزا غازيءَ جا شاهه عباس ڪبير سان گهرا لاڳاپا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ ايلچي نياپو نڙو کڻي ايندڙ هئا. مرزا غازيءَ جي پاران، سيد عبد الله سلطان عريضي سبز واري هي فرض بجا آڻيندو رهيو (73).
پهريان ته سياسي لاڳاپا رهيا پر وري جلد ئي شاهه ۽ ميرزا جي وچ ۾ شخصي تعلقات پيدا ٿي ويا ۽ اهي ان حد تائين وڌيا، جو جهانگير وانگر شاهه عباس به پنهنجي خطن ۾ مرزا کي ”فرزند“ جي لقب سان مخاطب ٿيڻ لڳو. مرزا غازيءَ، شاهه عباس جي مدح ۾ جيڪي قصيدا لکيا آهن. ان مان هڪ قصيدي جو هڪ ئي شعر اسان تائين پهتو آهي.

ز زهر مار زمان، در امان بود آن ڪس
ڪه شاهه مهرهه مدح تو، در دهن گيرد (74).

ميرزا رستم صفوي (وفات 1051هه)، شاهه اسماعيل ڪبير جو پڙ پوٽو هو. ايران کان ڀڄي جڏهن سنڌ پهتو، ان وقت (1000هه) اڪبر جي سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان ۽ سنڌ جي حاڪم ميرزا جاني بيگ ترخان درميان لڙائي ٿي رهي هئي. جيتوڻيڪ ان ڏس ۾ واسطيدار تاريخن ۾ ڪو به حوالو منهنجي نظر مان نه گذريو آهي. ليڪن ”عالم آرائي عباسي“ ۾ آهي ته، هنن ٻنهي ۾ مرزا رستم صفويءَ ذريعي صلح ٿيو (75).
ميرزا غازي ڦوهه جوانيءَ ۾ فوت ٿيو (1021هه)، تڏهن مغلن سڌو سنڌ تي صوبيدار موڪلڻ شروع ڪيا ته، سڀ کان اول مرزا رستم صفوي صوبيدار ٿيو، جيڪو 1022هه ڌاري ٺٽي پهتو. حقيقت ۾ مرزا رستم کي موڪلڻ کان اڳ ۾ مرزا غازيءَ جي ئي هڪ مائٽ مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) کي، صوبيدار ڪرڻ جي رٿ غور هيٺ آئي. ليڪن کيس هيڏي موڪلڻ کان ان ڪري ٽارو ڪيو ويو ته، متان هو قديم لاڳاپن جي ڪري، شاهه عباس جي مدد سان سنڌ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي مسند واپس وٺي وڃي ۽ هندي مغلن کان سنڌ کي آزاد ڪري وڃي (76). چند سال اڳ شاهه عباس جي پاران قنڌار تي حملو ٿيو هو، جنهنڪري شاهه ۽ جهانگير جي وچ ۾ لاڳاپا سٺا نه هئا، جيتوڻيڪ ٻنهي طرفن کان نياپي نڙي جو سلسلو جاري رهيو (77). جهانگير سنڌ جي مسئلي ۾ مناسبت ۽ چڱائي ان ۾ ڏٺي ته، سنڌ کان ايران جي لاڳاپن جي خاتمي لاءِ مرزا رستم صفويءَ کي موڪلي، جيڪو شاهه عباس جو مخالف هو ۽ ان مخالفت جي ڪري وطن ڇڏي هتي پهتو هو.
هن يارهين صدي هجريءَ ۾ جيڪا مغلن جي صدي آهي، ڪيئي ايراني شآعر هندوستان پهچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ٽڪيا. مثال طور صائب تبريزي ۽ سندس شآگرد ملڪ تعظيما قمي (78)، هندوستان پوءِ پهتا، سنڌ ۾ پهرين ترسيا ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي مثال سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ موجود آهن.
ڪاشي شهيد (1070هه)، جيڪو هن دور ۾ ايران کان ٺٽي پهتو هو، سو ڪافي وقت هتي ٽڪيو (79). ٺٽي جي ئي هڪ فرزند کيس پاڻ پڻي جي حد کان ٻاهر ڪڍي، معرفت جي دنيا ۾ پهچايو هو. اهو ترڪ نه پر هندو ٻچو ”ابي چند“ هو. جنهن لاءِ سرمد چيو هو:
خدا ئي کيست اي سرمد! درين دير
نمي دانم ابي چند است، يا غير !
ايران ۽ فارسي زبان توڙي ادب جو اثر صدين جي ڳانڍاپي جي ڪري سنڌ ۾ ان حد تائين داخل ٿي چڪو هو ۽ سنڌي فطرت جو حصو بنجي ويو هو، جو هن يارهين صديءَ ۾ جڏهن رضائي ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”زيبانگار“ (1053هه) لکي. تڏهن هن عشق جو پورو مواد جيتوڻيڪ سنڌ مان کنيو، ليڪن عاشق ۽ معشوق جا مقامي نالا ان ڪري بدلائي ڇڏيا، ڇو ته فارسيءَ جي نرم فطرت انهن نالن جي ڌاريائپ واري وزن کي پهچي نه ٿي سگهي. باوجود ان جي ته هو پنهنجي مادري زبان سنڌي کي بهترين ۽ شيرين سڏي ٿو:

زبان سندهه شيرين است شيرين
بجاي خويش رنگين است رنگين!

نمي سازم بيان را سنهي آميز
نيام از زبان سندهه پرهيز!

ز ملک پارس آدم پرنيان را
بيو شانم عروس داستان را
چو حرف از عاشق و معشوق دائم
بلفظ فرس هريک را بخوانم
بگويم نام هريک تابداني
به هنگام که اين دفتر بخواني
چور در معشوق حسن و زيب ديدم
پي او نام ”زيبا“ بر گزيدم!

همان شهري که مي باشد مقامش
زادم شهر حسن آباد نامش
”نگار“ از بهر عاشق ساختم نام
که نقش اوست زيب لوح ايام (80)

(11)

ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ مان مغل تسلط جي پڄاڻي ٿي ۽ ڪلهوڙن جو مشهور سنڌي نسل گهراڻو، حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. جيتوڻيڪ هي خالص سنڌي هئا ۽ سندن دور سنڌي زبان ۽ ادب جو سونهري دور سڏجي ٿو، پر جيئن ته فارسي گو مغلن کان تازو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هئائون، ان ڪري فارسي زبان ۽ ادب کي هنن باقاعدي پنهنجي سيني سان سانڍي رکيو. ان ڪري ان دور ۾ سنڌ ۾ نه صرف فارسي زبان ۾ سڀني علمن تي قابل قدر ڪتاب لکيا ويا، بلڪه ڪيئي صاحب ديوان شاعر اهڙا پيدا ٿيا، جن جو درجو ان دور ۾ هند ۾ رهندڙ شاعرن کان ڪنهن ريت به گهٽ نه هو. تحفة الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعرا“ وغيرهه، هن دور جون اهم ترين علمي نشانيون آهن.
نادر شاهه جو دهليءَ کان موٽندي سنڌ ۾ اچڻ، هن دور جو ايران جي حوالي سان مکيه سياسي واقعو آهي (1152-1153هه). ميان نور محمد (1132-1167هه) ساليانو ڏن ڏئي، ايران سان پنهنجن لاڳپن کي ٺاهيو ۽ نادري تلوار جي رتو ڇاڻ کان پنهنجي وطن ۽ وطن واسين کي بچائي ورتو، جيڪا محمد شاهه جي اڻ ڄاڻائيءَ ڪري دهلي ۽ دهليءَ وارن کي ڏسڻي پئي!
سنڌ ۾ نادر شاهه جي آمد مستقل علمي ۽ ادبي آثار ڇڏيا آهن. هي علمي آثار سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد جي تصنيف ”منشور الوصيت“ (81)، ۽ تاريخ تي متعدد ڪتابن تي مشتمل آهن ۽ ادب ۾ اهي مخالف توڙي موافق قصيدا آَهن، جيڪي نادر شاهه جي آمد تي سنڌ جي شاعرن چيا آهن. سنڌي شاعرن تلميح جي طور تي به نادر شاهه کي پنهنجي شعرن ۾ ياد ڪيو آهي. مثال طور:

کرد غارت دهلي دل آن شهه، مهه پيکران.
شوخ من اندر ستم کمترز نادرشاهه نيست (82).

ان دور ۾ سرڪاري يا غير سرڪاري طور تي ايران جا ڪيئي امير، عالم ۽ شاعر سنڌ ۾ داخل ٿيا، جن مان عاشق اصفهاني (83)، مرزا جعفر شيرازي (84)، ۽ ٻيا ڪيئي شاعر ۽ حڪومتي ڪارڪن آيا، جن جو ذڪر ”مقالات الشعرا“ ۽ ”تحفة الڪرام“ ۾ موجود آهي. شيخ علي حزين (85)، ۽ ايران جو مشهور مرثيه گو شاعر ملا مقبل (86) (وفات گجرات، 1158هه) پڻ ان دور ۾ سنڌ پهتا هئا.

نادر شاهه 11 محرم 1153هه تي سنڌ مان ايران لاءِ موٽندي ميان نور محمد کي ”شاهه قلي خان“ جو خطاب ڏنو، جنهن جي تاريخ سنڌي درٻار جي شاعر هن ريت چئي:

اي آنکه تو ئي بملک دولت قائم
از خوان تو افطار کند هر صائم
تا مملکت ”سند“ شهنشاهت داد

تاريخ توشد ”شــــاهه قـلـي خــان دائــم“ (1152هه (87).

جيسين نادر شاهه جيئرو هو، ايران سان اسان جا سياسي لاڳاپا برابر قائم رهيا. سنڌ جا سفير ۽ خود سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم جا ٻه پٽ مستقل طور تي نادر شاهه جي قتل (1160هه) تائين ايران ۾ رهيا. جڏهن محمد مراد (1164هه) سنڌ واپس پهتو ته، شاعرن سندس آمد جي موقعي تي قصيدا ۽ تاريخون چيون. مثال طور:

با مزدهه رسيد، خان عالي به وطن (جعفر)
بافضل خدا، خان جوان بخت رسيد
از راهه خراسان، به وطن باز رسيد (محسن) (88).

شيخ غلام محمد پڻ ايلچيءَ طور نادري دربار ۾ آخر وقت تائين رهيو (89). مير ابراهيم شاهه حيدرآبادي ٻيو سفير هو، جو سنڌ مان ايراني درٻار ڪيئي ڀيرا آيو ويو (90).
سنڌ جي والي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ايران پرستيءَ جو هڪ ٻيو مستحڪم ۽ مقدس نشان پڻ آهي، جو اڄ به اسان کي انهن ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو. هي مشهد مقدس جي ڪتبخاني جي ميوزم ۾ اهو لاثاني ڪلام مجيد آهي، جيڪو هن نادر شاهه جي اچڻ کان اڳ (1148هه) ”مقدس آستان“ ڏي موڪليو هو، جنهن جي سينگار ۽ سونهن جو مثال شايد ئي دنيا جي ڪتبخانن ۾ ملي (91).

(12)

تيرهين صديءَ هجريءَ ۾ ”ٽالپور“ نالي هڪ ٻيو مقامي قبيلو حڪمران (1198-1258هه) هو. خود ”تال پور“ جي لفظي ترڪيب ايراني ۽ سنڌي لاڳاپن جي هڪ علامت آهي. ايران سان هن گهراڻي جو تعلق ان حد تائين ڳنڍجي ويو، جو انهن ايران دوستيءَ ۾ نه فقط ان کي پسند ڪيو، بلڪ سندن طور طريقا، حڪمرانيءَ جا قاعدا ۽ ضابطا، رهڻ سهڻ، لباس ۽ کائڻ پيئڻ توڙي عمارت سازيءَ تي ايراني اثر غالب ڏسجي ٿو. قاچاري بادشاهن سان، سندن گهرا لاڳاپا هئا. وڪيلن جي اچ وڃ ۽ سوکڙين پاکڙين جي ڏي وٺ آخر تائين جاري رهي. مرزا محمد عليءَ کي سفير طور 1214هه ۾ ايران موڪليو ويو، جيڪو واپسيءَ تي فتح علي شاهه قاچار جي سفير مرزا اسماعيل کي پاڻ سان وٺي آيو. هنن سفيرن جي اچ وڃ جون تاريخون مقامي شاعرن جي ديوانن ۾ موجود آهن (92).
سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه 1219هه ۾ ايران جي سفارت تان واپس پهتو، جنهن جي تاريخ مير مائل چئي آهي. مير غلام محمد ٺٽوي سفارت تان 1225هه ۾ واپس ٿيو ته سندس آمد جي تاريخ چئي وئي (93).
ٽالپور حاڪم پاڻ فارسيءَ جا مصنف ۽ صاحب ديوان شاعر هئا، چانچه نظم ۽ نثر ۾ هنن حڪمرانن ڪيئي ڪتاب ڇڏيا آهن. سندن درٻار فارسي شاعرن ۽ خاص طرح ايراني شاعرن سان ڀريل رهندي هئي. ڪتبخانه ٺاهڻ جو کين خاص شوق هو. هر بادشاهه ۽ حرم اندر هر عورت جو ڪتبخانو الڳ الڳ هوندو هو، جن ۾ فارسيءَ جا مکيه ڪتاب موجود هئا. هي سڀ ڪتاب خاص طور تي شاهي ڪتبخانن لاءِ لکيا ويندا هئا ۽ اڪثر ڪاتب ايراني هئا (94).
هي ڪتبخانه انگريزن سنڌ غضب ڪرڻ وقت 1843ع ۾ ويران ڪيا. روس کان پيرس ۽ لنڊن کان جرمنيءَ تائين مختلف ڪتبخانن ۾ انهن جا جزا موجود آهن. هن وقت به جيڪي ڪتاب اسان وٽ بچيا آهن، اهي پنهنجي جاءِ تي بيحد قيمتي آهن. گهڻا ڪتاب اهڙن ايراني ڪاتبن جا ترتيب ڏنل آهن، جيڪي گهڻو ڪري ايران ۾ اڻ ڄاتل آهن ۽ پنهنجي دور جي ”خطاطن جي تاريخ“ ۾ اهي قيمتي واڌاري جو باعث بڻجي سگهن ٿا. وصال شيرازيءَ جا لکيل ڪيترائي ڪلام مجيد موجود آهن. مولانا جاميءَ جو مڪمل ”خمسه“ سندس پنهنجي اکرن ۾ لکيل موجود آهي. ماضيءَ جي ٻين هندي بادشاهن کان سواءِ شهنشاهه آريه مهر جو دستخط پڻ موجود آهي، جو سنڌ جي آخري دارالسلطنت حيدرآباد ۾ سندس آمد جي موقعي تي يادگار طور هنيو ويو هو.
ٽالپر دور جو هڪ ٻيو يادگار به اسان وٽ موجود آهي ۽ اهو آهي معاصر شاعرن جو تذڪرو، جيڪو سيد مير حسن الحسيني شيرازي ”زبدة المعاصرين“ (95)، جي نالي سان، ٽالپور بادشاهن جي لاءِ (1240هه) تاليف ڪيو هو. هن تذڪري ۾ گهڻو ڪري اهڙن ايراني شاعرن جو ذڪر ملي ٿو، جن کان خود ايران جا ادبي عالم به واقف نه هوندا(1).
هن ڪتبخاني ۾ (ٽالپوري لائبريري حيدرآباد) ٻيا قيمتي ڪاغذات، جي ايران ۽ سنڌ جي لاڳاپن سان تعلق رکن ٿا ۽ ايراني بادشاهن جا موڪليل تحفا به شامل آهن. اسان مٿي چيو آهي ته هتي جي اٿي ويٺي ۽ عمارت سازيءَ تي به ايراني اثر غالب هو. هن هڪ جهڙائيءَ جي آخري نشاني حيدرآباد جي قلعي ۾ اها ننڍڙي عمارت اڃا به زبون حالت ۾ موجود آهي، جيڪا اصفهان جي ”علي قاپو“ جو نقل ڏسجي ٿي.(2)

(13)

تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري پهريائين هندوستان ۾، ۽ پوءِ سنڌ ۾ انگريز ۽ سندن قبضي جا آثار گهرا ٿيندا ويا. مسلمانن کي ان جو ڪافي احساس هو، ليڪن مسلم حاڪم ان حد تائين ڪمزور ٿي چڪا هئا مغل سلطنت جي وحدت ان حد تائين ختم ٿي چڪي هئي ۽ ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ تقسيم ٿي وئي هئي، جو ڪنهن ٻاهرئين تازهه دم قوت جو مقابلو ڪرڻ سندس لاءِ ناممڪن هو. هن دور جا رسالا، ڪتاب ۽ شاعرن جا ديوان هن ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته، هند جو خواهه سنڌ جو مسلمان، هر وقت ايران جي طرف واجهائيندو هو. کين يقين هو ته ايران ضرور هن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندو.
هن دور جو هڪ هندي شاعر ظهورالله ”نوا“، جنهن جا وڏا ستين صديءَ هجريءَ ۾ ايران کان هند پهتا هئا (96)، سو سنڌ ۽ هند جي هن حالت کان متاثر ٿي ايران جي طرف ويو ۽ اتي پهچي، هن ”تاريخ جهانکشائي نادري“ جي مؤلف مرزا مهديءَ جي ڏوهٽي مرزا ذڪيءَ آڏو هي شعر پڙهيو:

تنگ دل، بيمار، جان برلب، بہ ايران آمدم
اندرين ”دارالشفاءَ“ محتاج درمان آمدم

هي فتح علي شاهه قاچار (1797_1834ع) جو دور هو. مرزا ذڪي شاهي درٻار جي شاعر فتح علي خان ”صبا“ تائين کيس پهچايو ۽ ان جي ذريعي ”نوا“ جڏهن شاهه جي آڏو پهتو ته هند ۽ سنڌ جي ڏک ڀري حالت تي هن هڪ دردناڪ قصيدو پڙهيو، جنهن جي شروعات هن فرياد سان ٿئي ٿي:

در هند از بد گوهران، آفت پديدار آمدهه!
سبز نخل فتنها، ظلم و بلا بار آمدهه

۽ اڳتي هلي چوي ٿو:

احوال هندوستان زِمن، کن گوش اي شاهه رمن
درهند و سند و هم دکن، رايت نگونسار آمدهه!

”نوا“ قصيدي ۾ چيو آهي ته: اي دوست جنهن ڏينهن پيغامبر هي خوشخبري ڏيندو ته، شاهه ايران هندوستان جي ارادي سان قنڌار تائين پهتو آهي، ان وقت اسين زبان سان سندس شڪر ادا ڪنداسين:

سازد قندش پر دهن، گويد جو منهى ناگهان،
ياران! پي هندوستان، شاهم بقندهار آمدهه!

قنڌار، ايران ۽ مرڪزي ايشيا جي طرف ويندڙ رستي کي صاف ڪرڻ لاءِ، بهرحال انگريزن هي ضروري سمجهيو ته پهريائين سنڌ تي قبضو ڪجي. چناچه دهليءَ تي تسلط (1857ع) ڪرڻ کان چوڏهن سال اڳ هنن (1843ع) سنڌ تي قبضو ڪيو.

آزاد سنڌ جي حڪومت ۽ ايراني مملڪت جي لاڳاپن جي آخري نشاني، اسان وٽ يادگار طور تي اهو لاجواب ڪلام مجيد آهي، جيڪو ٽالپورن جي آخري آزاد سلطان مير محمد نصير خان 1258هه ۾ مشهد مقدس جي لاءِ سنڌ کان موڪليو هو، جيڪو اڄ به اتي جي ميوزم جي زينت بڻيل آهي. هي ڪلام مجيد (97)، ان قرآن پاڪ کان، جيڪو هڪ سؤ سال اڳ سنڌ کان موڪليو ويو هو، سينگار ۽ سونهن ۾ ڪنهن ريت به گهٽ ڪونهي.

بزرگ خطئه هند و امير کشور سند
که نام نامئي او خود علي مدد خان شد
بزرگواري کز عقل و دانش و تدبير
بدهر غيرت اغشى و رشک حسّان شد
پس آنگه از پئي تاريخ اين زيارت مير
خرد ”بعرصئه فکر و خيال“ پويان شد
زهوش ”فرصت آورد سر“ پس آنگه گفت
علي مدد مددش از علي عمران شد! (98).

1294=5+1289هه

جيتوڻيڪ انگريزن جي تسلط بعد سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا ظاهر ۾ ختم ٿي ويا، پر روحاني ۽ ادبي لاڳاپا، صدين وانگر برابر قائم ۽ جاري رهيا. هن وقت سنڌ، پاڪستان جو حصو آهي. پاڪستان ۽ ايران جي سٺن لاڳاپن جي صورتحال، ڪنهن رسمي تعارف جي محتاج ڪونهي.

[ڪراچي2_8_1966ع]


___________
* ترجمو: غلام محمد لاکو

(1) نئين تحقيق موجب هي سٽ امير حسن سجزي (603-738هه) جي هڪ غزل جي آهي (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صه 413).
حوالا ۽ حاشيا:

(1) ص ص 162_148، 47، 38 J.B.
(2) رشيد: ص 23_49.
(3) قصص: ص Smith P 118,107
(4) عزر: ص 563، مسعودي: ج 2، ص 191_200.
(5) E.I.P 38
(6) خان: ص 12_14، خرد: ص 62، مسعودي: ج 1، ص 349.
(7) تاريخ: ص 134_136_216_233، خل: جلد 3، ص 343، سيد: ص 241.
(8) ايران جي ماڻهن ۽ قافلن جو ذڪر عربي ڪتابن ۾ موجود آهي.

مثال طور: مسعودي (346هه)..... ”وبلاد الهند متصله ببلاد خراسان والسند ممائل المنصوره والمولتان و القوافل المتصله من السند الي خراسان“ (ج1، ص 157)، ۽ ادريسي (560_493هه) لکيو آهي ته خراساني ۽ ايراني بلخ جي بختي نسل توڙي سمرقندي نسل جي وڌائڻ لاءِ سنڌ کان اٺ خريد ڪيا هئا. ”اهل يرغب فيها اهل خراسان وغيرهم من اهل فارس وشبائها النتاج البخت البلخيہ والنوق السمرقنديه“ (ص 21). ان ريت ابن بطوطه (734هه) بادام متعلق لکيو آهي ته..... ”از خراسان بادام وارد مي کردند زيرا که در اينجا (درسند) درخت بادام وجود نداشت.“ عالمن ۽ شاعرن جي آمد رفت جو حال به عربي ڪتابن ۾ اچي ٿو. چانچه مقدسي (تاليف 375هه) شيراز ۾ هڪ عالم سان ملاقات ڪئي، جو مدت کان سنڌ ۾ ٽڪيل هو، ۽ هن کيس سنڌ جي حالتن کان واقف ڪيو هو. هڪ وڌيڪ فاضل سان به مقدسيءَ جي ملاقات ٿي هئي، جيڪو ابوالهشيم نيشاپوريءَ جي دوستن مان هو، ۽ هن سرزمين سنڌ جي ڪيئي علائقن کي ڏٺو هو.... ”وسائلت رجلا من اهل العلم الحکمہ و کان يجلس بشيراز والاهواز ويقص عليهم و يعرف بالزهد و قد اقام بتلک البلدان مدة مديدة (ص 477)..... و کذالک سالت فقيها آخر من اصحاب ابي الهشيم النيشا بوري وقد وطي تلڪ النواحي وعرف اسبابها فصح عندي من قولها (ص 477).

مقدسي انهن سفيرن سان به مليو هو، جي منصورهه جي حڪومت پاران، عضدالدوله (283_338هه) جي درٻار ۾ مقرر هئا..... ”ورايت رسولهم قدواني، الى ابنہ ونحن بشيراز“ (ص 285).

جنهن وقت ابن بطوطه (734هه) بکر پهتو هو ته، ان وقت هن شمس الدين بن محمد شيرازيءَ سان ملاقات ڪئي هئي. هنن لاڳاپن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته، عربن جي دور ۾ پڻ سنڌ ۽ ايران جا گهرا لاڳاپا قائم هئا.

(9) اگرچه عرب جغرافيه نويسن منصورهه ۾ فارسي زبان جي رواج جو ذڪر نه ڪيو آهي، تاهم انهن مڪران ۽ ملتان جي باري ۾ لکيو آهي ته اتي جا ماڻهو فارسي ڳالهائيندا هئا، بلڪ وڏيءَ حد تائين مڪران سر زمين سنڌ جو حصو هو ۽ ملتان به ان وقت منصورهه کان جدا ٿي چڪو هو، ليڪن جغرافيه ۽ تاريخ جي خيال کان سنڌ جو هڪ حصو خيال ڪيو ويندو هو. اصطخري هند ۾ 534هه ۾ پهتو سو لکي ٿو: ”ولسان اهل مکران فارسي و مکراني“ (ص 40). اهو به چيو وڃي ٿو ته انهن جو لباس به ايراني هو. ڏسو: اصطخري (ص 177). ان ريت مقدسي (تاليف 375هه) ملتان متعلق لکيو آهي. ”....وفارسية مفهومة“ (ص 480).

اگر ملتان ۽ مڪران ۾ فارسي رائج هئي، ۽ ماڻهو هن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، ته پوءِ هي ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته سنڌ فارسي زبان کان محروم هئي، جڏهن ته منصورهه ۽ ديبل وڏا واپاري مرڪز هئا.

(10) 223. E.R.E:P.
(11) زين: ص 70، سنڌ ۽ ملتان جي اسماعيلين لاءِ وڌيڪ ڏسو، سيد: ص 305_329، 341_355، ۽ فرشته: ج 1، ص 17 ۽ 27، ڪامل: ص 132. هن ڏس ۾ عنصري چوي ٿو:

نه قله ماند که نکشاد و نه سپه که نَزد
نه قرمطي، که نکشت و نه گبر نه کافر

(ديوان: ص 111).

(12) دقيقي:

شہ بربرستان وشاهان هند
گرينش بدارند و شاهان سند

(ديوان، ص 80)

فرخي:

(جڏهن هو محمود سان گڏ سفر ڪري رهيو هو)

شنيدهه امه که فرامر زرستم اند سند
بکشت مار و بدان فخر کردبيش تبار

(ديوان، ص 53)

کز آن تو شود آنجا بجنگ يک چاگر
زندهه پيلان کز در درياي سند آورده اي

(ص 73)

مال ديگر بگز راني ازلب دريائي نيل
که بود شاها که سايه افگند بر کوهه شام
سند و هند از بت پرستان کرد پاک
رفتہ زيد سرتا بدرياي روان

(ص 221)

عنصري:

بسند و هند زعکس رخ هزيمنيان
مزار غوان را نتوان شناختن ز زيد
بسند و ناحيت هند شهر يار آن کرد
کجا بمردم خيبر نکردهه بُد حيدر


(ديوان، ص 37)

(ص 111)

هم اندرين مه کايد حرب کرد و رفت بسند
بحرب کورهه و تارا چوگير کان کبر

(ص 112)

قطران:

اگرچه زاءِ تو اين جا و گرچه جاي تو ايدر
بتو ترسانند اندر سند و چين اطفال رامادر


(ص 174)

ناصر خسرو:

از پارسي و تازي و از هندي و از ترک
و ز سندي و رومي و ز عبري همه يکسر
پيغمبر عرب يکسر مشرف گشت و فراد
ز ترک و رومي وهندي وسندي گيلي وديلم
بــعــلــم هــنــد ســربــر کــشـيــدي
بــســنــد و هـــنـــد اطـــراف خـــراســـان

ديوان (ص 174)

(ص 263)

بسند انداخت گاهم گهه بمغرب
چنين هرگز نديد ستم فلاخت
من همي نازش بال حيدر و زهرا کنم
تو همي نازش سند و هند بد گو هر کني

***


بندهه اي را سند بخشي پيشکاري را طرازا!
کهتري را برزمين خاوران مهتر کني
بخواهد خورد مر پروردگان خويش راگيتي

نخواهد رستن از چنگال او سندي و نه هندي
چو فضل دين احمد راز فضل خويش بفگندي
چوباشد فضل سوي او برهندي وسندي

(ص 311)

(ص 423)

(ص 493)

(ص 494)

مسعود سعد سلمان:

رايان هند را هز بران سند را
در بيشها بيان و بکجا نثار کن

(ديوان، ص 437)

عسجدي:

(جڏهن محمود سان سنڌ ۽ گجرات ۾ هو)

تا شاهه خسروان سفر سومنات کرد
کردار خويش را علم معجزات کرد

(ديوان، ايڊٽ طاهري شهاب)

امير معزي:

بر زمين هند و سند از هيبت شمشير او
شير غرند نگردد يکزبان غائب ز غائب
از ناحيہ سند کنو تا بدر هند

(ديوان، ص 66)

بر زمين هند و سند از هيبت شمشير او
شير غوند نگردد يکزبان غائب ز غائب
از ناحيہ سند کنو تا بدر هند
بس کس که ازين رنج بدر دست و بيمار
خصم ملک از گريزي صد لشکر آوردهه بهم
از حد کالنجر و قنوج و سند و مولتان

(ديوان، ص 66)

(ص 202)

(ص 520)

مختار غزنوي:

(جيڪو سرهنگ خطيبي ۽ مسعود سعد سلمان جي ملڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو هو. مقدمه: ص 95).

ترا بحاکمي سند تهنيت چه کنم
که گشت از هنرت هنرور زمانه سمر
همه ممالک مشرق سپردهه گير بتو
چو هند برتو نوشتند سند راچه نظر

(ديوان، ص 39).

(13) ناصريءَ ۾ لکيل آهي ته: ”چون ممالڪ سند بروي (ناصرالدين) قرار گرفت در حوادث کفار چين اکابر خراسان و غور و غزنين بسيار بخدمت او پيوستند واو در حق همگنان انعام و اکرام فرمود“ (ج 1، ص 419).
(14) مملوڪيه: ص 60 (بحواله فرشته).
(15) بزم: ص 93.
(16) لباب: ص 764، مملوڪيه: ص 39، ميگزين، ص 93، نومبر 1938ع. هي عبارت گل رعنا (شفيق تان کنيل آهي. ”فضلي ملتاني ملقب بتاج الفضلا از علماءَ ملتان بود در خدمت ناصرالدين قباچه بسرمي برد“.
(17) چچ نامه، ص 11.
(18) ناصرالدين قباچه جي مدح ۾ چيو اٿس:

خسروا ملک بر تو خرم باد
نخل گيتي ترا مسلم باد!
وڌيڪ ڏسو: چچ نامه، ص 7.

(19) عوفي: جلد 2، ص 418، ميگزين: ص 19 (نومبر 1938ع)، قانع: ص 27 (مقدمه)
(20) عوفي: ص 24.
(21) بزم: ص 104 (بحواله فرشته).
(22) بزم: ص 102 (حوالو فوائد الفوائد، ص 137).
(23) بزم: 157.
(24) P.P.S:P.P1_9، مظهر: حاشيه عثمان، لب: ص 8_6 ”در دربار خان شهيد (683_668هه) شعر و ادبيات فارسي رونق خاصي داشت اشعار فردوسي، سنائي، خاقاني و نظامي قرائت مي شد، و مورد بحث قرارمي گرفت“. برني لکي ٿو: و درميان او شاهه نامه و ديوان سنائي و ديوان خاقاني و خمسه شيخ نظامي خوانندي و در اشعار بزرگان مزکور دانيان درپيش او بحث کردند.... (ص 67). جنهن دور ۾ شيخ مرندي هن سر زمين تي رهيل هو، خان شهيد ٻه ڀيرا شيخ سعديءَ (691 هه) کي ملتان گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شيخ پيريءَ سبب انڪار ڪري ڇڏيو. برني لکي ٿو.... شيخ عثمان مرندي که بزرگوار بود در ملتان رسيد.... خان شهيد...... او ابا فراط تواضع کرد......... و خان شهيد......... دوکرت از ملتان در طلب شيخ سعدي قاصد او عائد اکسان و خرج در شيراز فرستاد، شيخ را در ملتان طلب کرد، و خواست که بجهت او در ملتان خانقاهه سازد و دران خانقاهه دهه ها وقف کند خواجه سعدي از ضعف پيري نتوانست آمد وهر دو کرت يکان سفينه غزل بخط خود، نزد خان فرستاد و عذر نيامدن خود در قلم آورد..... (ص 68).

(25) عفيف: ص 246.
(26) عفيف: ص 406، ماهرو: مکاتيب نمبر1 (ص 2)، 8 (ص 19)، 46 (ص 100)، 99 (ص 186)، 134 (ص 229) ۽ مڪلي نامه (حاشيه)، ص 137_176.
(27) مڪلي: (حاشيه) ص 87_107، ميگزين: فيبروري 1935ع، ص 140.
(28) ميگزين: فيبروري 1935ع، ص 142_156.
(29) ايوب: ص 262 ۽ 263، قلمي نسخو ذاتي ملڪيت ڊاڪٽر معين الحق ڪراچي.
(30) قلمي نسخو، خانقاهه مخدوم نوح هالا [طبع سنڌي ادبي بورڊ، 1401هه].
(31) بزرگ: ص 3
(32) مڪلي: (حاشيه) ص 41_72، معارف: 195، تک: ص 186.
(33) رحيمي: ج، 1 ص 273.
(34) رحيمي: ج 1، ص 273، معصومي: ص 74_75.
(35) قانع: ص 816.
(36) معصومي: ص 76، 199، جيب ج 4، ص 349، هاشمي: راقم الحروف جو مقدمو، رحيمي: جلد 1، ص 275، تک: ج 3، ص 141.
(37) رحيمي: جلد 1، ص 274، معصومي: ص 75. علامه دوانيءَ کي محمود گاوان وزير به دعوت ڏني هئي ته هو بيدر ۾ اچي رهي. ڏسو گاوان: مکتوب نمبر 41، ص 172.
(38) تک: ج 3، ص 191.
(39) تک: ص 192.
(40) مڪلي: (حاشيه) ص 550.
(41) حبيب: ج 4، ص 390 تائين 494، تر خان: شجرو ايل، مڪلي (مقدمو).
(42) فرشته: ج 2، ص 620، طاهري: ص 61.
(43) تک: ج 2، ص 193، قانع: راقم الحروف جو مقدمو، پڻ ص 531، قصائد: راقم الحروف جو مقدمو سنڌي: مير قانع جي زندگيءَ جو خاڪو از راقم الحروف.
(44) تک: ج 3، ص 198.
(45) معصومي: ص 91_92_181، تک: ج 3، ص 300 ۽ پوراني.
(46) معصومي: ص 44_47_52_112_215_225_239، تک: ج 3، ص 202.
(47) شيخ نظام الدين دهلوي مڪي خانقاهه ۾ دفن ٿيو. قبر اڄ به موجود آهي.
(48) معصومي: ص 204.
(49) معصومي: ص 44، 204، 217 ۽ 239.
(50) معصومي: ص 204.
(51) تک: ج 3، ص 141.
(53) ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ، ايڊٽ راقم الحروف.
(54) زير طبع، ايڊٽ ۽ مقدمو راقم الحروف.
(55) نسخو قلمي بانڪي پور جو ڪتبخانو. ان جو عڪس مون وٽ آهي.
(56) مطبوعه: نولڪشور لکنو 1880ع، ٻيو ڇاپو نولڪشور لکنو 1903ع، ٽيون ڇاپو: ماهنامه اردو: اورنگ آباد جولاءِ 1928ع، ۽ راقم جو قلمي نسخو.
(57) ناياب.
(58) راقم جو قلمي نسخو.
(59) قانع: ص 862، معصومي (ص 180) لکيو آهي _ ”پل بر نهر مقابل قصبه جون بستند و تاريخ مصالحه و پل بستن را بادشاهه (همايون) ”صراط مستقيم“ يافتہ اند“. پڻ ڏسو بيگم: ص 63.
(60) RAY:P.65، عباسي: ص 97.
(61) تک: ج 3، ص 199.
(62) قانع: ص 71.
(63) قانع: ص 465، تک: ج 3، ص 203.
(64) معصومي: ص 225 ۽ 239.
(65) عباسي: ص 116، اڪبر: ج 2، ص 237، (روملو: ص 422، اهو خط جيڪو شاهه طهماسپ لکيو هو ”عالم آراي عباسي (برٽش ميوزم Add: 7654 f. 173a) جي قلمي نسخي جي ڪناري تي هڪ غير معلوم شخص جي هٿ سان لکيل موجود آهي. راقم کي ان جو اطلاع ڊاڪٽر رياض الاسلام ڏنو، جنهن لاءِ سندس شڪريو ادا ڪجي ٿو.
(66) تقي: 483_486، روز: 679، نشتر: ورق 327، مخزن: ص 1401_1406.
(67) معاني: ص 523_524.
(68) زخمي: ورق 254، هنر: ص 377، آثار ص 73.
(69) هنر: ص 359.
(70) سير: ص 169، معاني: 116 (حوالو عرفات).

(1) مرشد نامي شيخ گرامي احمد جامي عمم برهه سال وفاتش گرتو بجوي احمد جامي قدس سرهه
(2) 536
(3) حررهه محمد معصوم
(4) بکري نامي
(5) 1012
را قم الحروف 13 سيپٽمبر 1966ع تي هي ڪتبو ڏسڻ ۽ ان جو عڪس پاڻ وٺڻ ويو. ڪتبو احمد جام تربت جي پٿرائين ڪٽهڙي جي مٿين ڪناري تي نصب ٿيل آهي.

(71) عباسي: 647_663، اڪبرج 3، ص 825، بکري: خط جيڪو مير معصوم شاهه عباس جي نالي کڻي ويو هو، اهو جامع المرسلات ۽ فياض القوانين (برٽش ميوزم O.R.9617) ۾ موجود آهي ۽ پڻ اڪبر: ج 3، ص 836.
(72) تر خان: ص 85، معاني: ص 293، 294، 325، 437، 453، 477، 555، 576، 598، 603، 605.
(73) تک: ج 3، ص 85_138، تر خان: ص 91، ماثر: ج 3، ص 346.
(74) ذخيرهه: ص 162.
(75) عباسي: ص 450.
(76) ذخيرهه: ص 286، ماثر: ج 3، ص 485، مڪلي (حاشيه)، ص 267_276، تزڪ: ص 129.
(77) مڪلي (حاشيه) ص 277_280، تzڪ: ص 350_356، 359.
(78) قانع: ص 130_759
(79) قانع: ص 300.
(80) راقم جو قلمي نسخو: ص 51.
(81) وصيت: مقدمو از راقم الحروف.
(82) مهراڻ: ص 145.
(83) قانع: ص 390 (حاشيه).
(84) قانع: ص 150.
(85) حزين: ص 732، قانع: ص 168، سفينه: ص 1_54، آزاد: ص 193.
(86) قانع: ص 766، روئداد: ص 384.
(87) محسن: ص 487.
(88) وصيت: ص 12.
(89) وصيت: ص 23.
(90) مهراڻ: ص 180.
(91) نمبر 255 (مشهد مقدس جو ميوزم، ورق: 4/36x23=606).
(92) مهراڻ: ص 179، ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته ٽالپور، ايراني اثر هيٺ شيعا مذهب ۾ داخل ٿيا:

The Talpurs were originally Soonnees like Balochees and Sindhians in general. But their connection with Persia has infected the Court with the heresies of that Kingdom, and with the exception of Murad Ali and Sobdar, who are still attached to the orthodox doctrines, they have become Sheah’s or followers of Ali (p.81)

جڏهن محمد علي وڪيل، فتح علي شاهه قاچار جي وڪيل سان گڏ، ايران مان سنڌ پهتو ته مير مائل مبارڪباد جي هڪ قطعي ۾ چيو:

بنازم کز ايران دگر در وطن
محمد علي ميرزا آمدهه
چو هنگام رفتن دعا خواهه بود
خدا کرد با مدعا آمدهه
ز سلطان ايران گرفتہ وکيل
باقبال شاهان ما آمدهه
خوش آمد کہ خوشنودي طبع من
ز بشنيدن اين صدا آمدهه
دل من بشکرانهء اين نويد
بشارت دهه مرحبا آمدهه
بحمدالله کاين مسلم پاڪ دين
سلامت بفضل خدا آمدهه
فبلغ دعاي الى من لہ
نويد حصول رجا آمدهه

فبلغ تساليم شوقي اليہ
پيامم به پيک صبا آمدهه
ببزم شهان باروي سرخرو
ز ’مائل‘ بحق اين دعا آمدهه

هڪ ٻيو قصيدو ميرزا محمد اسماعيل ايراني، شاهي وڪيل جي سنڌ اچڻ وقت مير مائل هن ريت چيو هو:

مزدهه اي دل کاين زمان از حضرت خاقان و شاهه
مزدهه تشريف مرزاي بما خوش آمدهه
مرزايم سيد اسماعيل ذوالمجد و شرف
بارک الله خير مقدم مرحبا خوش آمدهه
خوش زسمت شاهه ايران جانب شاهان سند
از صداقت آن وکيل باصفا خوش آمدهه
در قدوم پر نشاط آن نشاط افزاي دل
گفت از شادي دلم صبح و مسا خوش آمدهه
از صداقت شاد دل آمد ز ايران چون بسند
شاديءَ دوران بکارم اصدقا خوش آمدهه
سال تشريف شريفش زان مکان در ملک سند
چون زدل جستم بگفتا ”ميرزا خوش آمدهه“

(1214هه)

باد دائم فضل حق بر مدعايش کام بخش
ازدل ”مائل“ بحق عرض دعا خوش آمدهه“!

مهراڻ، ص 179.

(93) مهراڻ: ص 156
(94) موج: مقالو احسن ڪربلائي.
(95) هي تذڪرو ڊاڪٽر محمد باقر لاهور کان ڇپيو آهي (1966ع).
(96) بدايون: ص 18_25
(97) مشهد مقدس ميوزم، شمارو 3.
(98) ديوان فرصت: ص 427، تهران، 1337 شمسي.

(1) هن دور ۾ هڪ ٻيو تذڪرو به تيار ٿيو. محمد صالح شاملوي خراساني سن 1252هه ۾ حيدرآباد آيو ۽ هن شهر ۾ رهندي ”محڪ شعراءِ“ نالي شاعرن جو تذڪرو لکيائين. ان وقت مير نور محمد ٽالپور مسند نشين هو (مرتب جو مقالو، ڇپيل رسالو ”مهراڻ“ ص 186، 4/1985ع).

(2) علي قاپوءِ بابت پروفيسر مقبول بيگ بدخشاني لکي ٿو: ”هي عمارت شاهه عباس اعظم ٺهرائي ۽ هڪ دروازي جو ڪم ڏئي ٿي. هتان ئي ٽن ميلن تي پکڙيل شاهي محلات ڏي رستو وڃي ٿو. ”چهل ستون“ پڻ هن محل جو ڀاڱو هو. علي قاپوءِ سان گڏ، باغ بادشاهه جي بيٺڪ ۽ ديوارن پڻ هئا. صفوي بادشاهه هتي غير ملڪي مهمانن جو استقبال ڪندا هئا ۽ هتي ئي ويهي پولو راند ڏسندا هئا. هي عمارت سٺ وال اوچي آهي. ست منزلون اٿس. هر منزل جي ديوارن ۽ دروازن تي چٽساليءَ جا بهترين نمونا ڏسجن ٿا (تاريخ ايران، جلد 2. ص 410، مجلس ترقي ادب لاهور، سال 1971ع))

______________
ببليوگرافي

* ادريسي: نزهة المشتاق، شريف ادريسي، تصحيح مقبول احمد، علي ڳڙهه.
* اصطخري: الممالڪ و المسالڪ، الاصخطري، ليڊن 1927ع.
* اڪبر: اڪبرنامه، جلد 3، ابو االفضل، ڪلڪتو، 1877ع
* ايوب: شرح حال مخدوم جهانيان جهان گشت، محمد ايوب قادري ڪراچي 1963ع.
* آثار: مجله آثار ايران، تهران 1937ع
* آزاد: خزانه عامرهه، غلام علي آزاد، نولڪشور لکنو، 1900ع
* بدايون: بدايون 1857ع مين، سليمان بدايوني، ڪراچي 1960ع.
* برني: تاريخ فيروز شاهي، ضياءَالدين برني، ڪلڪتو 1892ع.
* بزرگ: عجائب الهند، بزرگ بن شهريار، اسدي تهران.
* بزم: بزم صوفيه، صباح الدين عبدالرحمان اعظم ڳڙهه 1949ع.
* بطوطہ: رحله، جلد 3، ابن بطوطہ، مصر 1938ع
* بکري: مير معصوم بکري، اردو، تاليف سيد حسام الدين راشدي (هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ سال 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي).
* بيگم:؛ همايون نامہ، گلبدن بيگم، بيورج، لنڊن 1903ع.
* پوراني: سنڌ ۾ پوراني سادات، تاليف: سيد حسام الدين راشدي (اڻ ڇپيل).
* تاريخ: تاريخ سيستان (بهار ايڊٽ)، 1314 شمسي تهران.
* تر خان: تر خان نامہ، سيد محمد ٺٽوي، ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1965ع.
* تزڪ: تزڪ جهانگيري، جهانگير بادشاهه، نولڪشور لکنو.
* تقي: خلاصة الاشعار، تقي ڪاشي، خطي مانچسٽر 312 نمبر.
* تڪ: تحفة الڪرام، مير علي شير قانع، مطبع ناصري دهلي.
* تيموريه: بزم تيموريه (اردو). سيد صباح الدين عبدالرحمان، اعظم ڳڙهه 1948ع.
* جامع: جامع القوانين، قلمي نسخو، برٽش ميوزم.
* چچ نامہ، فتح نامہ (چچ نامہ)، علي ڪوفي، ايڊٽ دائودپوٽو، حيدرآباد دکن، 1939ع.
* حبيب: حبيب السير، خواند مير، تهران 1333 شمسي.
* حزين: سوانح شيخ علي حزين، بيلفور 1830ع.
* خرد: المسالڪ والممالڪ، ابن خردازبہ، ليڊن 1989ع.
* خل: تاريخ ابن خلدون، جلد 3، مصري ڇاپو.
* ذخيرة: ذخيرة الخوانين، فريد بکري، قلمي نسخو، ملڪيت حسام الدين راشدي.
* رحيمي: ماثر رحيمي، جلد 1، عبدالباقي نهاوندي، ڪلڪتو 1925ع.
* رشيد: مقالو ڪرنل رشيد، اقبال رويو، اپريل 1965ع، ڪراچي.
* روز: روز روشن، مظفر حسين صبا، ڀوپال، 1297هه.
* روملو: احسن التواريخ، حسن روملو، تصحيح بڙودا، 1931ع.
* روئداد: ادارهه معارف اسلاميه، جلد دوم 1936ع، لاهور 1938ع.
* زخمي: انيس العاشقين، رتن سنگهه زخمي، قلمي دانشگاهه پنجاب.
* زين: زين الاخبار گرديزي، برلن 1928ع.
* سفينه: سفينه حزين، مقدمه از مهاراج ڪشن پرشاد، حيدرآباد دکن 1930ع.
* سنڌي: تحفة الڪرام (سنڌي)، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع.
* سيد: عرب و هند ڪي تعلقات (اردو)، سيد سليمان ندوي، الله آباد. 1930ع
* سير: سير ايران، اردو، محمد حسين آزاد لاهور.
* طاهري: تاريخ طاهري، طاهر محمد نسياني، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع.
* عباسي: عالم آرائي عباسي، تهران.
* عزر: تاريخ عزر والسير، الثعالبي اسدي، 1963ع.
* عظيم: ديوان عظيم، ڊاڪٽر غلام مصطفى خان 1962ع
* عفيفہ: تاريخ فيروز شاهي، سراج عفيف. ايڊٽ ولايت حسين، 1890ع.
* عوفي: جوامع الحڪايات، عوفي، ايڊٽ ڊاڪٽر محمد معين، تهران 1335 شمسي.
* غازي: مرزا غازي بيگ اور اس کي بزم ادب، سيد حسام الدين راشدي، ڇاپي هيٺ (هي ڪتاب 1971ع ۾ انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي شايع ڪيو).
* فخري: تذڪرهه روضة السلاطين، فخري هروي (راشدي صاحب ايڊٽ ڪيو ۽ 1968ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو).
* فرشته: تاريخ فرشته، جلد 2، هندو شاهه فرشته، بمبئي 1833ع.
* فياض: فياض القوانين، شمارو O.R.9617 برٽش ميوزم.
* قانع: مقالات شعرا، مير علي شير قانع، ايڊٽ: حسام الدين راشدي، 1957ع.
* قصائد: قصائدو مثنويات مير علي شير قانع ايڊٽ: حسام الدين راشدي 1964ع
* قصص: مجمل التواريخ والقصص، بتصحيح بهار، تهران، 1308 شمسي.
* ڪامل: ڪامل، جلد 9، ابن اثير، ليڊن.
* گاوان: رياض الانشاءَ، محمود گاوان، مرتبه شيخ چاند.
* لب: لب تاريخ سند، خداداد خان، امرتسر 1900ع، حيدرآباد سند 1959ع.
* لباب: لباب الالباب، عوفي، سعيد نفيسي، تهران 1334 شمسي.
* ماهرو: منشات ماهرو، شيخ عبدالرشيد، لاهور 1965ع.
* مائل: ديوان مائل، غلام علي ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ.
* ماثر: ماثرالامراءَ، جلد ٽيون، مرزا اشرف علي. ڪلڪتو 1309هه.
* محسن: ديوان محسن ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ 1963ع.
* مخزن: مخزن الغرائب، سنديلوي، قلمي، پنجاب يونيورسٽي.
* مسعودي: مروج الذهب، مسعودي، مصر 1948ع.
* مظهر: تاريخ مظهر شاهجهاني، ميرڪ يوسف، ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي.
* معارف: معارف الانوار، ملا ذڪريا ٺٽوي، راقم جو قلمي نسخو.
* معاني: تذڪرهه ميخاني، عبدالنبي فخر زمان، گلچين معاني، تهران 1340 شمسي.
* معصومي: تاريخ سند، ايڊٽ ڊاڪٽر دائودپوته، بمبئي 1938ع.
* مق: احسن التقاسيم، المقدسي، ليڊن 1906ع.
* مڪلي: مڪلي نامہ، مير علي شير قانع، بتصحيح: سيد حسام الدين راشدي (هي ڪتاب 1967ع ۾ ڇپيو آهي).
* مملوڪيه: بزم مملوڪيه، سيد صباح الدين عبدالرحمان، اعظم ڳڙهه 1954ع.
* موج: مهراڻ جون موجون، تاليف حسام الدين راشدي، ڪراچي.
* مهر: تاريخ ڪلهوڙا، جلد 1، اردو، غلام رسول مهر 1958ع.
* مهراڻ: شرح حال مير مائل ٺٽوي، مقالو حسام الدين راشدي، رسالو مهراڻ، بهار 1955ع.
* ميگزين: اورينٽل ڪاليج، شمارو فيبروري 1935ع.
* ميگزين: ارينٽل ڪاليج، شمارو نمبر 1938ع.
* ميگزين: اورينٽل ڪاليج، شمارو فيبروري 1939ع.
* ناصري: طبقات ناصري، استاد حبيبي، ڪابل 1342هه.
* ندوي: هندوستان عربون کي نظر ميي، ڪالب 1342هه.
راشدي، رسالو مهراڻ، بهار 1955ع.
1971ع ۾ انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي شايع ڪيو(ن، معين الدين ندوي، اعظم ڳڙهه 1962ع.
* نشتر: نشتر عشق، قلمي پنجاب يونيورسٽي.
* هاشمي: مثنوي مظهرالآثار، شاهه جهانگير هاشمي، سيد حسام الدين راشدي، 1957ع.
* وصيت: منشورالوصيت، ميان نور محمد ڪلهوڙو، ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع.
* هنر: گنجينه آثار اصفهان، ڊاڪٽر هنرفر، تهران 1344 ش.
* E.I.: Encyclopedia of Islam, V-II
* E.R.E: Encyclopedia of Religion and Ethics, V-III, 1953
* J.B: Foreign Influence on ancient India, R.A. Jairaz Bhoy N.Y. 1963.
* Khan: Indus Valley and Early Iran, Dr. F.A. Khan, Karachi, 1964.
* P.P.S: Persian Poets of Sindh, Dr. Sadarangani, Sindhi Adabi Board, 1956.
* RAY: Humayun in Persia, Sukamar Ray, R.A.S. of Bengal, Calcutta 1948 (monographic Series Volume vi).
* Smith: the Early History of India, V.A Smith, Oxford, 1962.

مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي

[مير علي شير قانع جي سوانح ۽ تصنيف و تاليف_ راشدي صاحب مرحوم جي مستقل اڀياس هيٺ رهيا. پاڻ مير صاحب جي مفصل سوانح عمري کان علاوهه سندس چار ڪتاب پڻ ايڊٽ ڪيائون. هي مختصر مضمون پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جو سَہ ماهي ”الرحيم“ حيدرآباد جي 3_4/1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو]

هن بزرگ مؤرخ جو پورو نالو غلام علي شير آهي ۽ سندس نسب جو سلسلو قاضي سيد شڪرالله تائين پهچي ٿو، جيڪو شاهه بيگ ارغون جي دور ۾ (927_928هه) شيراز کان سنڌ ۾ آيو ۽ سندس نسبي سلسلو هن طرح آهي:
غلام علي شير بن مير عزت الله (وفات 1161هه) بن مير محمد ڪاظم بن مير محمد مقيم بن مير ظهيرالدين دوم (وفات 1037هه) بن سيد شڪرالله دوم بن مير ظهيرالدين (اول) بن قاضي سيد شڪرالله (اول) نزيل سنڌ (وفات 966هه کان اڳ).
مير غلام علي شير ”قانع“ جي ولادت 1140هه ۾ ٿي ۽ ”خلق انسانا من السلالة“ مان سندس تاريخ ولادت نڪري ٿي.
مير علي شير ٺٽي ۾ پنهنجي وقت جي جيد عالمن کان تعليم پرائي. مقالات ۾ انهن بزرگ استادن مان هيٺيان نالا ٻڌايا اٿس: ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع ٺٽوي، آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ ٺٽوي ۽ مرزا محمد جعفر شيرازي.
قانع کي شاگرديءَ جي دور کان ئي شعر و سخن سان چاهه هو، ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ سال 1152هه ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين ۽ اٺن هزارن بيتن جي مجموعي جو هڪ ديوان مرتب ڪيائين، جو ڪن سببن ڪري ان کي درياءَ جو بک ڪري ڇڏيائين.
سال 1155هه ڌاري وري کيس شاعري لاءِ جوش جاڳيو. مير حيدرالدين ابو تراب ڪامل جي ڏيک ويک کيس جوش جاڳايو، ۽ شاعريءَ ۾ هن استاد جي شاگردي قبول ڪيائين. شروع ۾ ”مظهري“ تخلص سڏائيندو هو، پر پوءِ ”قانع“ کي پسند ڪيائين ۽ آخر عمر تائين انهيءَ تخلص سان مشهور رهيو.
هي خاندان مختلف دورن ۾ هميشہ عزت ۽ احترام سان رهيو آهي ۽ هتي جي هر حڪومت هن خاندان جي افراد کي مجموعي طور يا ڪن خاص فردن کي خاص وظيفن ۽ انعامن سان نوازيندي آئي. هن لاءِ ڪي سندون يا شاهي فرمان جيڪي مون وٽ موجود آهن، انهن مان مٿين ڳالهه تي پوري روشني پئي ٿي.
سنڌ جي والي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور (1170_1186هه) ۾ قانع کي هن خاندن جي تاريخ لکڻ تي رکيو ويو هو. هن بادشاهي فرمان پٽاندر ٻه تاريخون لکيون، جن مان هڪ نظم ۾ شاهنامه جي وزن تي ۽ ٻي نثر ۾ لکڻ شروع ڪئي، پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته هو ڪهڙن سببن ڪري انهن تاريخن جي تڪميل نه ڪري سگهيو. گهڻو ڪري هڪ ٻن سالن کان پوءِ نوڪريءَ کي ڇڏي واپس ٺٽي آيو. ڇو ته سن 1180هه ۾ اسين کيس ٺٽي ۾ ”تحفة الڪرام“ جي لکڻ ۾ سرگرم ٿا ڏسون.
سندس حالات مان (جن کي ان پاڻ لکيو آهي) پتو پوي ٿو ته ”قانع پنهنجي سڄي ڄمار ۾ سورت، ڪڇ، احمد آباد ۽ جهونا ڳڙهه جي سفر کان سواءِ ٻيو ڪيڏانهن به نه ويو آهي ۽ سڄي ڄمار ٺٽي ۾ گذاريائين ۽ تصنيف و تاليف ۾ مشغول رهيو. ٻارهن سالن جي عمر کان (1152هه) وفات جي سال 1203هه تائين، سندس قلم لکڻ کان نه بيٺو ۽ انهيءَ ڊگهي مدت ۾ سنڌ لاءِ علم ۽ ادب جو هڪ لافاني خزانو ورثي ۾ ڇڏي ويو، جي هاڻي اسان وٽ اهو املهه وٿ نه هجي ها ته هوند اسين ملڪي ۽ سياسي تاريخ جي هڪ وڏي ڀاڱي کان هٿ ڌوئي ويهون ها ۽ ڪيترن مشهور هستين ۽ فارسي جي نثر و نظم جي عالمن کي نه سڃاڻون ها.
مير قانع اڪيچار ڪتاب لکيا آهن، جن مان گهڻن جي ته اسان کي سڌ نه رهي آهي ۽ اهي شهه پارا گردش زماني ڪري اسان کان کسجي ويا آهن. پر مقالات الشعرا ۽ ڪتب خاني ٺٽي جي فهرست ۽ ٻين ذريعن مان يا جن ڪتابن کي اسان ڏٺو آهي، ان مان پتو پئي ٿو ته انهن تاليفن جو تعداد 43 تي پهچي ٿو. ان کان سواءِ سندس ڪي تاليفون نامڪمل ۽ اڻ پوريون رهجي ويون، هو پاڻ لکي ٿو:

”گهڻا مسوده جتي هئا، اتي ئي رهجي ويا.“

سن 1152هه ۾ اٺ هزار بيتن جي ديوان کي پنهنجي هٿن سان درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. سن 1174هه ۾ جڏهن ”مقالات الشعرا“ لکي رهيو هو، ته پاڻ ئي چئي ٿو ته جي پنهنجي اشعارن کي گڏ ڪيان ها ته اهي ٽيهه هزار ٿي وڃن ها.
مطلب ته اهو پورو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته ان جي مسودن مان ڪيترا تڪميل تي پهتا ۽ ڪيترا نه پهتا يا انهن مان ڪيترا ضايع ٿي ويا. هيستائين اسان کي سندس تاليفات مان هيٺيان ڪتاب معلوم ٿي سگهيا آهن:

1. ديوان علي شير، سال تاليف 1152هه. درياهه ۾ ٻوڙي ڇڏيائين.
2. مثنوي شمہ از قدرت حق (سال تاليف 1167هه). اهو ڪتاب به رڳو نالي وڃي رهيو آهي، هن جو نسخو ڪٿي به سڏڻ ۾ نه جو اچي. هن مان نموني طور ڪي بيت ”مقالات“ ۾ آيل آهن.
3. مثنوي قضا و قدر (سال تاليف 1167هه). هن ڪتاب کي آقا رضا نگهت شيرازيءَ جي چوڻ تي لکيو هئائين. هن جو هڪ خطي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرري ۾ موجود آهي.
4. نو آئين خيالات (1169هه). اهو تاريخي نالو آهي ۽ ان مان سن تاليف نڪري اچي ٿو. هي ڪتاب نثر ۾ هو. هي ڪتاب به ناپيد آهي. هن جا ڪجهه جملا ”مقالات“ ۾ آيل آهن.
5. مثنوي قصه ڪامروپ (1169هه). هي ٽن هزارن بيتن تي مشتمل مثنوي هئي، هن جو نسخو به موجود نه آهي. نموني طور ڪجهه شعر ”مقالات“ ۾ آيل آهن.
6. ديوان قال غم. (1171هه). هن ۾ نو هزار بيت، غزل، قصيدهه، مخمس، ترجيع وغيره تي پهچن ٿا. هي ڪتاب به ناپيد آهي.
7. ساقي نامہ (1174هه). غير موجود. مقالات ۾ هن جا ڪجهه اقتباسات آيل آهن.
8. واقعات حضرت شاهه. هڪ هزار بيتن تي مشتمل. هي به ناپيد آهي.
9. چهار منزله (1174هه). هڪ هزار بيتن جو مجموعو. هن جو ڪو به نسخو نه ٿو ملي.
10. تزويج نامہ حسن و عشق (1174هه) نثر ۾. هي به اڻلڀ آهي.
11. اشعار متفرقہ در صنايع و تاريخ (1174هه). هن جو ڪو نسخو باقي نه رهيو آهي. هن ۾ هڪ هزار بيت هئا ۽ ”مقالات“ ۾ هن جو بيان آيو آهي.
12. بوستان بهار: معروف مڪلي نامہ (1174هه). نظم ۽ نثر ۾. هن جي تاليف جو سال ”بوستان بهار تازهه“ مان نڪري ٿو. هڪ ننڍڙو رسالو آهي، جو مڪليءَ جي قبرستان بابت آهي. هن جو قلمي نسخو ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ محفوط آهي، جنهن کي راقم الحروف حواشي سان، سنڌي رسالي ”مهراڻ“ 1956ع جي، 2_4 شماري ۾ شايع ڪيو آهي.
13. مقالات الشعراءُ. 1174هه.
14. تاريخ عباسيه. هي نامڪمل رهجي ويو.
15. تاريخ عباسيه. 1175هه، نثر، نظم ۾ (1175هه) نامڪمل.
16. تحفة الڪرام ٽن جلدن ۾، مشهور ڪتاب آهي، جنهن جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو پڻ شايع ٿي چڪو آهي.
17. مثنوي اعلان غم (1192هه). هي مثنوي نظر مان نه گذري آهي. معلوم ٿئي ٿو ته اهل بيت جي مصيبتن بابت لکي وئي آهي.
18. زبدة المناقب (1192هه).
19. مختار نامہ (1194هه)
20. نصاب البلغاءَ. هي ڪتاب ڏاڍو ڪارائتو آهي، جو انساني زندگي جي مصلاحات تي مشتمل آهي. هن کي قاموس سڏي سگهجي ٿو.
21. مثنوي ختم السلوڪ (1199هه). ختم السلوڪ مان هن جي تاليف جو سال نڪري ٿو. تصوف جي رمزن ۽ نڪتن تي مشتمل آهي، هن ۾ هڪ مقدمو، 21 مقالا ۽ هڪ خاتمو آهي.
22. طومار سلاسل گزيدهه (1202هه). سنڌ ۾ صوفين جي طريقت جي سلسلن جي تاريخ آهي. هن جو مصنف جي خط سان هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي.
23. شجرهه اطهر اهل بيت (1202هه). هن جي نالي مان سن تاليف نڪري ٿو.
24. معيار سالڪان طريقت (1202هه). مير قانع ”تحفة الڪرام“ ۾ مشاهيرن جي سال ولادت يا وفات جو ذڪر نه ڪيو آهي، ان ڪري ان مان انهن جي دور جو تعين ڏاڍو ڏکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ان نقصان جي تلافي ڪئي وئي آهي. اٽڪل روءِ هڪ هزار مشاهيرن جو احوال وفات جي سن سميت هن ۾ آندو ويو آهي.
25. روضة الانبياء: منظوم.
26. زينت الاخلاق. منظوم.
27. غوثيه. منظوم سلوڪ ۽ معرفت ۾.
28. مثنوي قصاب نامہ.
29. ميزان الافڪار. منظوم
30. تهذيب طباع.
31. سرفراز نامہ.
32. حديقته غلبا. مجموعه اشعار فارسي.
33. مثنوي ڪان جواهر.
34. ميزان فارسي.
35. رساله معما مع شرح. نظم و نثر.
36. لب تاريخ ڪلهوڙهه.
37. بياض محڪه الشعراءَ.
38. ديوان اشعار.
39. قصائد و منقبت.
40. انشاءَ قانع.
41. مثنوي محبت نامہ.

مير علي شير، نقشبندي طريقت جو طالب ۽ شيخ عبدالاحد جو ريد هو. هن خاندان جا ٻيا افراد به نقشبندي سلسلي جا مريد هئا. هن 63 سالن جي عمر ۾ سن 1203هه ۾ وفات ڪئي ۽ پڇاڙي تائين تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول رهيو.

قاهره ميوزيم ۾ چند گهڙيون

مان ڪجهه ڏينهن اڳ به قاهرهه جي هن عظيم الشان عجائب گهر کي ڏسي چڪو هوس پر تڏهن مون سان پاڪستان جو صحافتي وفد به گڏ هو، اِها قوم (صحافين جي) ته ڄاتل سڃاتل آهي. هي لکن ته رات ڏينهن پيا پر ڪتاب جنهن شيءِ جو نالو ٿئي سو نه ڪڏهن پڙهن ۽ نه ئي شايد هو ان لذت کان آشنا آهن. سو جڏهن اسان پندرهن ويهه ماڻهو انهن ڪمرن ۾ پهتاسون ته هُل مچي ويو. چڱيءَ طرح ڏسڻ ۽ ان ۾ دلچسپي وٺڻ ته پري جي ڳالهه هئي پر رڳو ڪتابن جي ميناڪاري ۽ ڪتابن کي سون ۽ چانديءَ جي جڙاوت جو ڪم ڏسي سندن ذات پاڻي ٿي ويو. هيءَ ڏٺائون، هو ڏٺائون، هيڏانهن ڀڳا، هوڏانهن ڀڳا. مطلب ته ڪلاڪ ڏيڍ ائين ئي وڃائي واپس ٿياسون. انهن مان ڪن غيري معمولي دلچسپي ڏيکارڻ ۽ پنهنجون شغف ڏيکارڻ لاءِ پاڻ سان ڪاغذ ۽ پينسل به کنئي ته جيئن ڪجهه نوٽ ڪن ۽ انهن (ڪتابن) جي تاريخي اهميت لکن. ليڪن جڏهن ڪتابن جا نالا ۽ انهن جي هجي ڏٺائون ته غالباً نوٽ ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيائون ۽ پوءِ ڪنهن ڪجهه نه لکيو.
مان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اڪيلو ويس ته جيئن هڪ دفعو چڱيءَ طرح ان املهه ذخيري کي ڏسي وٺان. سو دروازي تي رکيل ڪتاب ۾ پنهنجو نالو پتو لکيم. ڏاڪڻ اُڪري پهرين ته وڃي دارالڪتب جا ڇپيل ڪتاب خريد ڪيم. ان کان پوءِ سانءِ سَتيءَ سان ميوزم ۾ پهچي هڪ هڪ ڪتاب ڏسڻ شروع ڪيم. شيشي جا ڪيترائي ڪٻٽ سليقي سان رکيل هئا، ڀتين تي خطاطي جا نمونا ۽ وصليون ٽنگيل هيون. تصويرون پڻ ڀتين ۾ ٽنگيل هيون.
منهنجي اڳيان سوين نوادرات کليل رکيا هئا. ڪن ڪتابن تان نوٽ ورتم، پهرين ته چڱيءَ طرح غور سان ڏسڻ شروع ڪيم ليڪن جڏهن ڏٺم ته شايد وقت گذري وڃي ۽ مان هڪ به ڪمرو نه ڏسي سگهان. ان ڪري مون سرسري جائزو وٺڻ شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ خاص خاص ڪتابن جي فهرست به مرتب ڪندو ويس. ان مٿاڇري مطالعي ۾ به مون کي پنج ڪلاڪ لڳا ۽ جڏهن هيٺ لٿس ته ان وقت شام ٿي چڪي هئي، ڪتب خانو بند پي ٿيو ۽ ڪلرڪ ڪڙا ۽ آفيسر پنهنجو پنهنجو ڪم اُڪلائي ٿڪل ٽٽل هيٺ اچي رهيا هئا.
ان وقت مون جيڪا فهرست مرتب ڪئي هئي، اها هتي پيش ڪري رهيو آهيان ته، جيئن پڙهڻ وارن کي به هن عجائب گهر جي نوادرات جو ٿورو گهڻو اندازو ٿئي.

صحيفا:

1. بخط ابي سعيد الحسن البصري (ڪتابت سن 77هه)
2. فوٽو گراف ڪاپي مصحف سيدنا عثمان رضه
(هي ننڍي تختيءَ جي حمائل جا ٻه صفحا هئا).
3. بخط احمد بن الاسڪاف الوراق. (ڪتابت رمضان سن 360هه)
4. بخط امام جعفر صادق (المتوفي 148هه).
5. بخط علاؤالدين محمد الحسيني (ڪتابت سن 1140هه)
6. بخط قاري، فارسي نسخو (ڪتابت سن 1267هه).
7. بخط محمد بن محمد بن جعفر فارسي نسخو (ڪتابت سن 1222هه) سلطان فتح علي شاهه قاچار جي فرمائش تي لکيو ويو.

ڪي ڪلام مجيد مطلاء مذهب ڪلان ۽ خورد تفطيع، جا نهايت. خوشخط وڏي ڪمري ۾ رکيل آهن جن جي ڪتابت جا سال هن ريت آهن.

704هه _ 841هه _885_ هڪ ڪلام پاڪ ارغون شاهه جي ملڪيت جو جيڪو انتهائي ڏسڻ وٽان هو رکيل هو. ارغون شاهه جي وفات سن 750هه ۾ ٿي. ڪن جي ڪتابت هيٺ ڏنل سالن ۾ ٿي هئي:
713هه_873هه _ 560هه _ 912هه _ 944هه _ 957هه _ 969هه _ 845هه_ 876هه. لاهور جي هڪ مشهور خطاط حافظ روح الله جا لکيل ٻه ٽي ڪلام مجيد به موجود هئا. ڪن جي تختي وڏي سائيز ۾ ۽ هڪ جهڙي هئي. حافظ جو پورو نالو هن طرح لکيل هو. حافظ روح الله بن حافظ محمد حسين لاهوري.
ڪن جو خَطُ ٿلهو ۽ ڪن جو سنهو ليڪن ايڏو دل کي وڻندڙ ۽ ڏسڻ وٽان هو جو ڏسڻ سان اکيون روشن ٿيون ٿي. ڪتابت جا سال هن ريت هئا 1107هه _ 1109هه _ 1108هه.
هڪ ڪلام مجيد بخط قطب الدين 1197هه به ان ئي ڪٻٽ ۾ رکيل هو، جنهن ۾ حافظ روح الله جا ڪتابت ٿيل ڪلام مجيد رکيل آهن.
هي سڀ ڪلام مجيد مختلف سائيزن ۾ مختلف قسمن جي ڪاغذن تي لکيل هئا. خَطَ جي سونهن، طلاڪاري ۽ چٽ سازي جي تعريف ڪرڻ لاءِ لفظ ڪٿان آڻيان. بس اهو ڏسڻ سان ئي تعلق رکي ٿو.
ترڪيءَ جي سلطانن جي ڪتب خانن يا سندن خاص مطالعي جا ڪلام مجيد به وڏي تعداد ۾ رکيل آهن، جن مان ڪن جا نالا هن طرح آهن:

(1) مصحف ياقوت 690هه.
(2) مصحف بخط ياقوت 689هه
(3) مصحف بخط ياقوت (سَن لکيل نه آهي).
(4) مصحف بخط ياقوت الياس محمد الياس 720هه.
(5) مصحف بخط ياقوت عبدالرحمان بن ابي الفتح فرغ 599هه (سلطان سليم لاءِ لکيو ويو).
(6) مصحف بخط ياقوت، فارسي نسخو ڪاتب محمد بن احمد التبريزي 988هه.
(7) سورهه الفتح، فارسي نسخو بقلم شاهه محمود النيشاپوري 965هه.
(8) مصحف بهاءُالدين محمد بن ابي الفضل لاهجاني 1097هه.

عربي ڪتاب:

اُن وڏي ڪمري ۾ جنهن ۾ ڪلام مجيد رکيل آهن، ڪي ڪٻٽ اهڙا به آهن، جن ۾ عربي زبان جا اهڙا ڪتاب رکيل آهن جيڪي يا ته، مصنف جي پنهنجي خط ۾ آهن يا ڪنهن باڪمال ڪاتب يا مصنف جي ڪنهن همعصر جا ڪتابت ٿيل آهن. هر صديءَ لاءِ جدا جدا ڪَٻٽُ مخصوص ڪيو ويو آهي. ان ترتيب مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته خط ۽ ڪتابت جي فن ڪهڙءَ طرح ارتقائي منزلون طئه ڪيون آهن. ڪن ڪتابن جي فهرست پيش ڪريان ٿو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

1- الماجلته وجواهر العلم _ شيخ ابي بڪر احمد بن مروان الدينوري بخط علي بن محمد المعروف بسخاوي بتاريخ 636هه.
2- تاريخ بغداد والخطيب _ بخط عبدالقادر بن ابي صالح الجبلي بتاريخ 531هه.
3- مقامات حريري – ابي محمد القاسم الحريري البصري بخط مصنف بتاريخ 504هه.
4- مختارات اشعار العرب – لابن الشجري المتوفي 542هه، بخط مصنف.
5- مختصر المسند الجامع الصحيح للامام مسلم، ڪتابت 647هه.
6- التحرير في شرح الجامع الڪبير الجز السابع – جمال الدين محمود بن احمد بن عبدالسيد الحصيري البخاري، المتوفي 636هه، بخط مصنف بتاريخ 616هه.
7- الجامع البهي لدعوات النبي ﷺ- شيخ ابي الڪريم عبدالسلام بن احمد الاندر سباني، بخط مصنف، بسال 564هه.
8- المختصر المحتاج اليه من تاريخ بغداد – الذهبي المتوفي 748هه، بخط مصنف 704هه.
9- مصباح المجتهد و ڪفاية المنفرد – محمد بن الحسين التنوفي، بخط مصنف، سال 569هه.
10- شرح الڪافيه ابن الحاجب – تاليف رضي الدين محمد بن الحسين الاسترآبادي المتوفي 686هه، بخط عمادالدين يحى ابن القاسم الصنفائي شارح الڪاشف سال 732هه.
11- نسيم الرياض في شرح شفاء القاضي عياض – شهاب الدين احمد بن محمد الخفاجي المصري، المتوفي 1069هه، بخط مصنف سال 1058هه.
12- طبقات الڪبري لابن السبڪي – بخط مصنف.
13- المواهب اللدنيه بالمنح المحمديه – شهاب الدين ابي (العباس احمد بن محمد القسطلاني، المتوفي 923هه، بخط مصنف، سال 904هه.
14- المنن والاطلاق في بيان وجوب الحدث بنعمة الله علي الاطلاق شيخ عبدالوهاب بن احمد بن علي المعروف بالشعراني، المتوفي 973هه، بخط مصنف، سال 960هه.
15- الالقاب، لابن حجر عسقلاني، المتوفي 802هه، بخط مصنف.
16- طالع انوار من مطالع الانطار لبيضاوي، المتوفي 685هه، بخط ابي عبدالله محمد المعروف بابن جماعت، سال 809هه.
17- مغفراللبيب عن ڪتب الاعاريب _ جمال الدين عبدالله بن هشام الانصاري، المتوفي 761، بخط حافظ ابن هشام، شهاب الدين احمد بن عبدالرحمان بن عبدالله، سال 835هه.
18- مشڪل القرآن _ ابي محمد عبدالله بن مسلم المعروف بابن قتيبه الدينوري، المتوفي 376هه بخط محمد بن احمد بن يحى، ڪتابت 376هه.
19- دارالحڪم الاثعالبي نيشابوري المتوفي 429هه، بخط ياقوت مستعصمي ڪتابت 681هه.
20- ڪتاب الاغاني الجزء الرابع – ابو الفراح الاصفهاني، المتوفي 356هه، بخط محمد بي طالب البدري ڪتبه 614هه.
21- المدونة الڪبري – مالڪ بن انس رضه المتوفي 179، ٻن صفحن جا فوٽو گراف رکيل آهن، اهي ان نسخي تان ورتا ويا آهن، جيڪو مراڪش جي سلطان جي ملڪيت هو ۽ جنهن جي ڪتابت 438هه ۾ ٿي هئي، ان هي ان ڪتاب جو سڀ کان قديم نسخو آهي.
22- الجامع الصحيح للامام بخاري، المتوفي 256، بخط بن احمد بن عبدالله القزويني، ڪتابت 731هه.
23- الجامع الصحيح للامام بخاري، المتوفي 256هه، هن نسخي جي حاشين تي سال 424هه جا نوٽ آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن جي ڪتابت ان کان به اڳ ٿي هئي.

فارسي ادب:

فارسي ادب ۽ زبان جا به گهڻا اڻ لڀ مخطوطا ڪٻٽن جي سونهن بڻيل آهن. نقش و نگاري، طلاڪاري ۽ خط جي گلڪاري پري کان ڏسڻ وارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. هڪ خاص ڪمرو انهن شين لاءِ مخصوص آهي، جنهن ۾ 10_12 ڪٻٽ مخطوطن سان ڀريل آهن، ڀتين تي مختلف خطاطن جون وصليون ۽ مصوري جا نمونا ٽنگيل آهن. شاهنامه، خمسه نظامي، جامي، حافظ ۽ مثنوي مولانا روم جا بيشمار نسخا ۽ مطلا نسخا رکيل آهن. ڪن نسخن جي فهرست هن ريت آهي. هي سڀ نسخا هر لحاظ کان نادر روزگار هئا. اکيوڳن کيريون ٿي ويون ٿي.

1- ديوان حافظ، مصور مُذهب، منقش 973هه ۽ 1091هه.
2- خمسه نظاميءَ جا مصور نسخا يارهين صدي ۽ ان کان اڳ جي صدين جا.
3- ديوان قاسم الانوار
4- ديوان جامي.
5- جواهر التفسير التحفة الامير ملا ڪاشفي.
6- بوستان سعدي _ بخط مير علي الحسين الڪاتب السلطاني.
7- ديوان محمد اصفهاني 1241هه.
8- انتخاب شعرا فارسي، ڀت ۾ لڳل ڪٻٽ ۾ رکيل هو. بيحد سهڻو ۽ منقش. هي هندوستان ۾ لکيو ويو آهي. هڪ صفحي تي هڪ تصوير آهي، جنهن ۾ چند مشهور شاعر هڪ ٻئي کي شعر سخن ٻڌائي رهيا آهن. ان مرقع ۾ هي شاعر آهن: جامي، متين، سيد، نويد نظمي حيا، ملا عطاءُالله هما، موئد، جامي سفيد ريش، خوبصورت ۽ وجيهه آهي. ان طرح هر شاعر کي حسين ۽ جميل بڻايو ويو آهي. جامي کان سواءِ سڀ شاعر جوان آهن ۽ مڙني جي مُنهن تي ڏاڙهيون آهن ۽ مَٿن تي پٽڪا. هي نسخو 921هه ۾ لکيو ويو آهي. ٻئي صفحي تي سيد ۽ شائق جا هم وزن ۽ هم قافيه غزل آهن. غالباً سموري ڪتاب ۾ چونڊ جو طريقو اهو ئي هوندو. سيد جي غزل جو مطلب هيءُ آهي:

هر آنڪس خانه از بهربودن مختصر گيرد،
چو زنبوِر عسل او شهد راحت ڪام برگيرد.

مقطع:

مهاراجه چو خورشيد جهان تابست اي سيد،
چه کم گردد ازوگر ذرهه را از خاک برگيرد.

شائق جي غزل جو مطلع هيءُ آهي:

عَطا ڪن نالئه يا رب ڪه رنگ از اثر گيرد،
و گر دستِ دعائي دهه ڪه دامان سحر گيرد.

9- بوستان سعدي المتوفي 691هه، بخط سلطان علي الڪاتب سال 893. هن نسخي جون تصويرون بهزاد جي قلم نوڪ مان نڪتل آهن.
10- سلسلة الذهب جامي المتوفي 898. ڪتابت 958هه.
11- ديوان عرفي المتوفي 998. ڪتابت 1073هه
12- ديوان خسرو دهلوي المتوفي 720هه. بخط منعم الدين الاوحدي الحسيني سن 921هه.
13- ڪليات سعدي المتوفي 691هه. گڏ ڪيل علي بن احمد بن ابي بڪرالمتوفي 726هه. ڪتابت 949هه.
14- تحفة الاحرار، جامي، بخط علي سن 911هه.
15- المواهب العلية حسين واعظ ڪاشفي المتوفي 906هه، بخط علي بن محمود الڪرماني 904 هه.
16- تحفة الاحرار جامي، ڪتابت 989.
17- هفت اورنگ جامي، ڪتابت تورڪ باقر سن 978.
18- خمسہ نظامي المتوفي 596، ڪتابت 983.
19- خمسہ خسرو دهلي، ڪتابت 1102هه.
20- ديوان حافظ، المتوفي 792هه، بخط علاؤالدين لذهه، ڪتابت 976هه، مصور.
21- ديوان گلشني، شيخ ابراهيم بن محمد بن ابراهيم المعروف بگلشني المتوفي 940هه.
22- ڪليله و دمنه، مصور.
23- مثنوي مهرو مشتري، احمد عصار، ڪتابت 898 هه.
24- شاهنامه فردوسي المتوفي 416هه، بخط صفي قلي بن الفرهاد، ڪتابت 1066هه.
25- شاهنامه فردوسي المتوفي 416 هه بخط نامعلوم، 905 هه.
26- شاهنامه فردوسي المتوفي 416 هه، بخط السمرقندي معيني، 844هه.
27- شاهنامه فردوسي المتوفي 416هه بخط صفي لطف بن عيسى شيرازي، ڪتابت 796هه.
شاهنامه جا هي چارئي نسخا مصور مطلا ۽ دلفريب خطب ۾ آهن.
28- ماني ۽ بهزاد جي تصويرن جا البم به ڀتين جي ڪٻٽن ۾ رکيل آهن ۽ ڪئين خوبصورت ۽ خوشخط وصليون ڀتين تي ٽنگيل آهن، جن ۾ ڪجهه وصلين تي آيتون آهن ۽ ڪن تي شعر لکيل آهن.
29- انتخاب شعراءِ فارس: هيءُ انتخاب سلطان عليءَ جي خط ۾ آهي ۽ ڪتابت جو سن 901هه آهي. هيءَ سلطان ابوالنصر بايزيد لاءِ لکيو ويو هو. انتخاب هنن شاعرن جو آهي: حافظ، امير خسرو، خواجه خسرو، شيخ ڪمال، خواجه سلمان، جامي، ثنائي، عصمت بخاري ۽ ناصر بخاري.
30- منتخب ڪلام شاهيس: پهرئين صفحي جي لوح تي فتح علي شاهه قاچار جي سونهري مهر لڳل آهي. ڪاتب معزالدين محمد الحسين آهي ۽ سن ڪتابت 987هه.

پهرئين صفحي تي هي شعر آهن.

اي نقش بستہ نام خطت با سرشت مان،
اين حرف شد ز روز ازل سرنوشت ما.
ڪارم بسينہ تخم وفائي تو ڪشتن است.
خود عقل خندهه مي زند ازڪار دشت ما.
ماشرمسار ماندهه ز تقصير هائي خويش،
لطف تو خود نمي نگرد خوب وزشت ما.

صفحو ٻيو:

اي شيخ شهر اگر بہ خرابات بگذري،
رشڪ آيدت بڪلبلئه همچون بهشت ما.
بگذر بسوئي تربت شاهي ڪه بشتوي،
بوئي ونا ز طينت عنبر سرشت ما.
بتقصير عيبم مڪن ڪزآب چشم من،
هنوز اندر هم تخم وفا ميرديداز گَل ها.
گراز گردون مَلائي باشدت برعشق املاڪن،
ڪه عشق آمد درين شڪل مدد رحل مشڪل ها.

ان ڪمري سان لڳو لڳ هڪ ننڍڙو ڪمرو آهي، جهن جي دروازي جو عنوان آهي ”ڪمرهه الاوراق البريته“ ان ۾ پئپيرس (PAPYRUS) تي لکيل قديم ترين خط ۽ مڪتوب شيشن. جي ڪٻٽن ۾ رکيل آهن. ڪي خط ثابت آهن ۽ ڪي بلڪل بوسيدهه ٿي چڪا آهن. مَسُ ڦڪي ٿي چڪي آهي. انهن خطن جا سن هن ريت آهن. 142هه_ 178هه_ 186هه_ 236هه_ 264هه_ 285هه_ 272هه_ 299هه_ 347هه_ 450هه_ 459_هه. هتي هڪ ڪتاب ٻيو به ڏسڻ ۾ آيو.
الجامع الحديث، تاليف ابي محمد عبدالله بن وهب الفهري القريشي. هن مصنف جي پيدائش سال 124هه_125هه ۾ ٿي آهي. هي ٽين صديءَ جي مُنڍ ۾ ڪتابت ڪيو ويو آهي.
هڪ خط وليد بن عبدالملڪ (86_96هه) جي زماني جي ساڳئي ڪاغذ تي يوناني ۽ عربي زبان ۾ لکيل رکيو هو. هڪ خط ٻيو به وليد جو سندس ڀاءُ عبدالله بن عبدالملڪ جي نالي آهي، جيڪو ان وقت مصر جو گورنر هو. انهن خطن متعلق دارالڪتب المصريه انگريزي زبان ۾ ٽن جلدن ۾ هڪ ڪتاب ۽ عربي زبان ۾ هڪ جلد جو ڪتاب ڇپيو آهي.
وڏي ڪمري ۾ جتي ڪلام مجيد جا قديم نمونا ۽ مصنفن جا هٿ جا لکيل ڪتاب موجود آهن، اتي ڪجهه ڪٻٽ اهڙا به آهن، جيڪي ترڪ سلطانن جا ڪلام مجيد ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن ۾ ترڪي زبان جا مخطوطا آهن. مير علي شير نوائي جي ترڪي ديوان جا چند بهترين نسخا به ڪٻٽن ۾ کليل پنهنجي حسن ۽ زينت جي بهار پيا ڏيکارين.
ان ڪمري جي هڪ حصي ۾ چند ڪٻٽ رکيل آهن، جن ۾ علامه مرحوم تيمور بادشاهه جي ذاتي استعمال جون شيون آهن. مثلاً قلمدان، انڊ پين، پيپر ويٽ، خوردبين، مس ڪُپڙي، هٿَ جون ڪاٺيون، چانهه جا پيالا، کاڌي جون پليٽون وغيره وغيره. غالباً اهي ئي قلم ۽ مس هوندا، جن جي ذريعي هن بي مثل عالم عربي ادب ۽ تاريخ تي املهه مضمون ڪاغذ تي لکيا هوندا.
علامه تيمور بادشاهه جو ڪتب خانو به دارالڪتب جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن جي فهرست ڇاپي پئي وڃي ۽ خزانه تيموريه جي نالي سان چار جلد هن وقت تائين ڇپجي به چڪا آهن.


_________
* ترجمو: محمد صديق منگيو.
[هي مضمون ٽه ماهي ”الزبير“ ڪتبخانه نمبر، جلد 11، سال 1967ع ۾ شايع ٿيو. سنڌي ترجمو ”سنڌي ادب“ (سنڌالاجي) ۾ سال 1995ع ۾ ڇپيو]

مولانا محمد شفيع لاهوري

[خان بهادر پروفيسر ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع جي شخصيت علمي دنيا ۾ ڪنهن به رسمي تعارف جي محتاج نه آهي. مولانا محمد شفيع صاحب سن 1934ع ۽ 1937ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ جو علمي سفر ڪيو ۽ نتيجي ۾ جيڪي تحقيقي مقالا لکيا، اهي سلسليوار ”اورينٽل ڪاليج ميگزين“ (سن 1935ع ۽ 1937ع) جي اشاعت ۾ شايع ٿيا. اڳتي هلي سن 1970ع ۾ انهن مقالن کي سهيڙي ۽ ترتيب ڏئي، سندس لائق فرزند احمد رباني صاحب ”صناديد سنڌ“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو. پير حسام الدين راشدي مرحوم جا مولانا محمد شفيع مرحوم سان گهرا علمي ناتا هئا، جن جو اندازو پير صاحب جي هن املهه مضمون مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو مولانا محمد شفيع جي انتقال کان پوءِ مشهور سه ماهي رسالي ”اردو“ (ڪراچي) جي جنوري 1968ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو. ترجمو رسالي ”مهراڻ“ نمبر2، سال 1995ع ۾ شايع ٿيو]
جڏهن شعور واريون اکيون کليون، تڏهن ڏٺم ته علمي دنيا ۾ مولانا محمد شفيع جو سڪو ڄميل ۽ رعب ڇانيل هو. سندس منفرد ۽ ٺوس تحقيق، عميق نظر ۽ انجو علمي مرتبو ۽ مقام ان دور جي مڃيل حقيقت هو.
اُهي ڏينهن اُهي شينهن هئا، جڏهن اورينٽل ڪاليج لاهور علمي لحاظ کان نه فقط اهم ادارن ۾ ليکيو ويندو هو، پر احترام جي نظر سان به ڏٺو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته مولانا محمد شفيع جهڙو محقق ۽ مدبر ان ۾ موجود هو ۽ ان وقت ڪاليج مان شايع ٿيندڙ رسالو ۽ خاص طور تي ان جو فارسي ضميمو سندس علمي جاکوڙ ۽ جستجو سبب عالمي شهرت جو سبب بڻيو، جنهن جو واحد سبب اهو ئي هو ته مولانا جي تحقيق ان ۾ اشاعت هيٺ ايندي هئي. ”دانشگاهه پنجاب“ به انهن ڏينهن ۾ ئي علم و دانش جي دنيا ۾ غير معمولي شهرت ۽ عزت حاصل ڪئي، جو ان مان ڪيترائي اهڙا علمي نوادرات شايع ٿي منظر عام تي آيا هئا، جن جي گهڻي عرصي کان علمي دنيا جي اڪابرن کي ڪمي پي محسوس ٿي. رشيدالدين جا خط ته گهڻو پوءِ آڏو آيا، مگر انهن کان اڳ ۾ ”فهرست عقدالفريد“، ”مطلع السعدين“، ”تتمه صوان الحکمه“، ”درهه الاخبار“، ”تذڪرهه ميخانه“، ”غياث الدين جو چين جو سفر نامو“ ۽ ”اقتباسات آداب الحرب و الشجاعت“ جهڙا نادر ڪتاب علمي هستين جي هٿن تائين پهتا هئا. عنصري جي ”وامق و عذرا“ جي دريافت ۽ ان تي تحقيق ئي اهڙو غير معمولي انڪشاف هو، جنهن پڙهيل لکيل طبقي ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. سموري علمي دنيا کي اهو بخوبي علم هو ته لاهور علمي لحاظ کان وڏي مان ۽ مرتبي وارو شهر آهي ۽ ان جو ادارو ”دانشگاهه“ حقيقت ۽ ڏاهپ جو هڪ اهڙو ئي سرچشمو هو، جو دنيا جي ڪنهن به وڏي علمي ۽ ادبي اداري کان گهٽ نه هو.
مولانا جو وجود نهايت ئي خير ۽ برڪت جو باعث هو. سندس مردم شناسي، قدرداني، شخصي ڪشش ۽ ذاتي صفتن جي ڪري جتان ڪٿان جا محقق ۽ مڃيل علمي هستيون وٽس اچي گڏ ٿينديون هيون. اهو ئي سبب هو جو ”دانشگاهه پنجاب“ کي به سندس ئي نسبت سان اهميت، افاديت ۽ فضيلت حاصل هئي. سچ ته ”دانشگاهه پنجاب“ جو اهو ئي دور اوج ۽ عروج وارو دور هو. انهيءَ سمي مولانا عبدالعزيز الميمني به اتي ئي رهندو هو. حافظ محمود خان شيراني مرحوم جو به اهو ئي زمانو هو ۽ شيخ محمد اقبال مرحوم ۽ ڊاڪٽر شيخ عنايت الله به ان دور جا مشهور ۽ معروف استاد هئا. حقيقت ۾ اسان جي بزرگ شخصيت سيد محمد عبدالله جو به اهو ئي سهانو سمو هو. اهي سڀ بزرگ هڪڙي ئي حلقي جا رڪن، هڪ ئي سلسلي جا موتي ۽ هڪ ئي محفل جا چراغ هئا. انهن سڀني برگزيده شخصيتن گڏجي سموري ملڪ ۾ تحقيق ۽ تجسس، علم ۽ عمل، قلم ۽ ڪتاب جي اهڙي فضا قائم ڪري، علمي ماحول کي ايڏي بلند مرتبي تي رسايو هو، جو هن دورنگي دنيا جڏهن انهيءَ سحر کي ٽوڙيو ۽ سندس ماڳن کي مٽايو، تڏهن کان وٺي هي اکيون هميشہ واجهائينديون ئي رهيون آهن.
مولانا محمد شفيع صاحب، شاهه حسين بايقرا جا حالات پڙهيا ۽ هرات جي نئين اوج ۽ عروج تي لکندي، پنهنجي شهر ۽ ملڪ کي قريباً انهيءَ ئي مقام تي رسائي ڇڏيو. علمي ذوق ۽ شوق جو شباب هو. لکڻ، پڙهڻ ۽ اڀياس ڪرڻ ڏات جي صورت ٿي اختيار ڪئي. خالص علمي ۽ ٺوس تحقيقي ڪتابن جي گهرج وڌندي وئي. لاهور جون بازارون علم سان هردم ڀريون رهيون. هونءَ به بازار ۾ انهيءَ ئي سودي جي سرسي هوندي آهي، جنهن جا خريدار گهڻا هوندا آهن.، ڪتابن جي خريداري ۽ سموري ملڪ ۾ قلمي نسخن جي تلاش ۾ پنهنجن وڏڙن جي ورثي جي حفاظت انهيءَ زماني ۾ مقدس فرض ڄاتو ٿي ويو. لاهور جي هر پڙهيل ڳڙهيل کي اهو فرض ضرور سرانجام ڏيڻو پوندو هو. شيراني جا نوادرات، پروفيسر آذر جي ڪليڪشن ۽ خود مولانا جو ڪتبخانو انهيءَ سونهري دور جا يادگار آهن.
مولانا صاحب اهو پهريون بزرگ هو، جنهن اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر، مشرق ۽ مغرب ۾ علمي نوادرات ڪٿي ڪٿي موجود آهن ۽ ڪهڙن ڪتبخانن جي زينت بڻيل آهن. ”دانشگاهه“ ۾ اهي نه مٽجندڙ نشان ڇڏيا، جن جي اڳوڻي ساک ۽ نقش نگاريءَ جي ڪري ئي پري پري کان پڙهيل ڳڙهيل اچي وارد ٿين ٿا.
مولانا سان شخصي ڏيٺ ويٺ ته غالباً پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان وقت ٿي هئي، جڏهن سيد هاشمي فريد آبادي مرحوم، راقم لاءِ پنهنجي لاهور واري رهائشگاهه تي دعوت جو اهتمام ڪيو هو ۽ مولانا صاحب کي پڻ ان ۾ شرڪت لاءِ مدعو ڪيو هو. جيئن مٿي لکيو ويو آهي ته سندس روحاني شرفيابي ته ايامن کان ئي حاصل هئي، جنهن کي آءٌ سندس تحريرن، مقالن ۽ ڪتابن ۾ چڱي طرح پروڙي چڪو هوس.
ان رات جڏهن پاڻ تشريف فرما ٿيا ۽ تعارف ۽ گفتگو ٿي، تڏهن جيتوڻيڪ پهرين ملاقات هئي، ان هوندي به مون سندس شخصيت جو چڱيءَ طرح جائزو ورتو ۽ کيس دل سان ڏٺو. پورو پنو قد، مضبوط هاٺي، جسم ڀريل ۽ کليل ڪڻڪ رنگو چهرو، پُروقار پيشاني ۽ روشن ننڍيون اکيون، جن جو تيزتاب سهڻ نهايت ئي مشڪل ۽ ناممڪن هو ته انهن ۾ وري گهوري ڏسڻ جي ڇا مجال! شهپر مناسبت موجب وڌيل، جي ان دور جي يادگيري ڏياري رهيا هئا، جڏهن مرد مرداڻي ڏِکَ ڏيندا هئا. سندس سڄو منهن دلڪش ۽ کاڏي سهڻي ۽ جاذب نظر ٿي لڳي. سندس مٿي جا وار کسي چڪا هئا. سندس آواز ائين سنهو ۽ نرم هو، جيئن ريشمي ڪپڙو نرم ۽ نازڪ هجي. ڀلا اهو آواز تلخ ڇو ٿئي؟ هي ته سراسر پيار ۽ پاٻوهه مان دلين کي ڪشش ڪندڙ هو. مان ڏاڍو خوش هيس ته اڄ ان شخصيت جي آڏو آهيان، جنهن کي ڏسڻ جي

تمنا ۽ آرزو گهڻي عرصي کان هئي.
نازم بچشم خود، که جمال توديده است،
افتم بپائي خود، که بکويت رسيدهه است.

مولانا پهريون شخص هو، جنهن سنڌ جو علمي سفر ڪيو هو. سکر، رووهڙي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ سيوهڻ پهچي اتان جا تاريخي آثار ڏٺا ۽ جتي به کيس ڪتبا نظر آيا، اهي نقل ڪيا ۽ ڪجهه اهم ڪتبن جا فوٽو به ورتا. پراڻن خاندانن وٽ ويو، جتي قلمي ڪتاب، بياض ۽ تاريخي تحريرون ڏٺائين. جيڪي خريد ڪري سگهيو، اهي خريد به ڪيائين ۽ باقين جي فهرست تيار ڪري ورتائين.
ان تاريخي سفر جا حالات جڏهن اورينٽل ڪاليج ميگزين جي مختلف اشاعتن ۾ ڪتبن سميت شايع ٿيا ته، مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته سنڌ جا علم دوست ماڻهو ڇرڪ ڀري اٿيا. ڇاڪاڻ ته ڪيتريون تاريخي حقيقتون ۽ علمي تحقيق اهڙي سهڻي سليقي سان پهريون دفعو انهن جي سامهون آئي. پهريون دفعو کين انهن جي خبر پئي ته مقبرا ۽ خانقاهون پوڄا پاٺ کان سواءِ به ڪا اهم حيثيت ۽ افاديت رکن ٿيون.
مولانا انهن مضمونن جي ذريعي علمي دنيا آڏو اهو اهم تاريخي انڪشاف ڪيو هو ته سلطان محمد تغلق جڏهن ٺٽي جي ڀرسان مئو ته، ان جو لاش پهرين سيوهڻ ۾ دفن ڪيو ويو ۽ پوءِ دهليءَ ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ان عارضي مدفن تي جيڪي ڪتبا لڳايا ويا هئا، اهي مولانا صاحب سيوهڻ شريف مان دريافت ڪيا هئا ۽ انهن جا فوٽو مذڪورهه مضمونن جي سلسلي سان گڏ ڇاپي، لکڻ وارن لاءِ اهم تحقيقي موضوع ظاهر ڪيو هو.
گهڻي وقت جي ڳالهه آهي ته منهنجو وڏو ڀاءُ محترم پير علي محمد شاهه راشدي ٺٽي وڃي ”تحفة الڪرام“ جو مصنف جي هٿ اکر لکيل نسخو سندس پوين کان ڪجهه ڏينهن لاءِ استفادهه ڪرڻ لاءِ وٺي آيو هو. ڇپيل ۽ قلمي نسخي جي تقابلي مطالعي کان پوءِ جيڪي اضافا ۽ اختلاف آڏو آيا، تن کي ترتيب ڏئي پنهنجي روزانه اخبار ”ستارهه سنڌ“ جي ڪيترن ئي اشاعتن ۾ شايع ڪيائين. اها هڪ ڳالهه هئي، جا آئي وئي. نه ”ستارهه سنڌ“ رهي. نه اهي پرچا محفوظ رهيا ۽ نه وري اهو ئي معلوم ٿيو ته انهيءَ قلمي نسخي جو ڇا ٿيو ۽ ڪٿي پهتو؟
انهيءَ صحبت ۾ ٺٽي متعلق تاثرات بيان ڪندي، مولانا صاحب اهو به انڪشاف ڪيو ته ”تحفة الڪرام“ جو اهو ئي نسخو پاڻ خريد ڪيو هئائون ۽ هاڻي اهو وٽس محفوظ آهي. اهو ٻڌي مان خوشي مان ڇرڪي اٿيس ۽ منهن ۾مهڪ پيدا ٿي. گڏوگڏ اهو اطمينان به ٿيو ته اهم ۽ نادر ڪتاب مولانا صاحب وٽ پهچي ضايع ٿيڻ کان بچي ويو.
مون ماڻهن کان ته اهو ئي ٻڌو هو ته مولانا صاحب ڏاڍو خشڪ طبيعت جو مالڪ آهي، جنهن ڪري منهنجي دل تي اهو ئي خوف ويٺل هو. پر جڏهن کيس ڏٺم ۽ ساڻس گفتگو ڪيم، تڏهن بلڪل ان جي برعڪس لڳو. ڏاڍو دلچسپ، شفيق ۽ نرم مزاج هو.
ان رات واري صحبت ۾ مزيدار ڳالهين ۽ حوصلو ڏيندڙ شفقت سبب هن هڪدم مون کي پنهنجو ڪري ورتو. شروع ۾ فقط ان جي علمي جاهه جلال کان مرعوب هئس، پر ملاقات کان پوءِ سندس سهڻي سلوڪ جي ڪري سندس ذات ۽ شخصيت مون لاءِ وڌيڪ جاذب ۽ دلڪش بڻجي وئي. جيئن جيئن منهنجون ساڻس ملاقاتون وڌنديون ويون، تيئن تيئن سندس طور طريقا ۽ طبيعت منهنجي آڏو وڌيڪ واضح ٿيندا ويا. مون محسوس ڪيو ته جيڪي ماڻهو کانئس گهٻرائيندا هئا. سي سندس طبيعت جي ڪري نه، بلڪه پنهنجي ڪم علميءَ سبب ئي کانئس پري رهڻ لاءِ مجبور هوندا هئا.جيڪڏهن ڪو ڪنهن سان خشڪ رويو ۽ ٿڌائيءَ وارو سلوڪ اختيار ڪندو آهي ته پاڻ ان ۾ بلڪل حق بجانب آهي. آخر ايترو فضول وقت ڪٿان آڻي. جي ائين وقت وڃائڻ لڳي ها ته اهو سڀ ڪجهه جيڪو پاڻ ڪيو هئائون اهو ڪيئن ڪري سگهي ها.
حقيقت اها آهي ته مولانا صاحب جيڪڏهن سخت ۽ خشڪ هو ته فقط علمي معاملن ۽ تحقيقي مسئلن ۾ هو. اهڙن معاملن ۾ هو سخت گير کان سخت گير هو. سطحي لکت کي برداشت ڪري نه سگهندو هو. لکڻ وارا اڪثر سطحي لکڻ جا عادي هئا. مولانا صاحب ان عمل کي علم جي لاءِ بي عزتي ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ باعث ندامت سمجهندو هو. مولانا صاحب جو اهو خيال بلڪل صحيح هو ته اهڙن لکندڙن کي ساراهيو ويو يا کين درگذر ڪيو ويو ته ملڪ مان حقيقي علم جو اختتام ٿي ويندو. استاد ۽ عالم جي حيثيت سان مولانا پنهنجي هن عادت ۽ عمل تي سختيءَ سان ڪاربند رهيو. سندس اها خواهش ۽ ڪوشش رهي ته ملڪ ۾ تحقيق جو معيار پٺتي پوڻ نه گهرجي ۽ قلم مان جيڪي ڪجهه نڪري اهو حقيقت تي مبني هجي. سطحي ۽ سکڻو نه هجي.مولانا صاحب جي اها ڪوشش ڪيتري قدر ڪامياب ٿي يا سندس آرزوڪيستائين تڪميل تي پهتي، ان جي بيان ڪرڻ جو هي موقعو ۽ مهل نه آهي. مولانا صاحب جي اها گرفت رڳو عام لاءِ نه هئي، پر مڃيل عالمن ۽ قلم ڌڻين جي لاءِ به ساڳيو ئي دستور العمل هو. اهڙن ماڻهن جي لکڻي به جيستائين لفظ به لفظ ڪري نه پڙهندو ۽ پرکيندو هو، تيستائين ممڪن ئي نه هو ته پاڻ مطمئن ٿئي.
هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته صبح سوير اسان جو دوست جناب عبدالحي حبيبي افغاني آيو. هو نهايت ئي پريشان حال هو، ڇاڪاڻ ته مولانا صاحب جي فرمائش تي پاڻ هڪ مقالو لکي، سندس خدمت ۾ پيش ڪيو هئائين. مولانا صاحب ان مان هڪ حوالي جي تصديق ڪرڻ ٿي گهري. بظاهر ڳالهه ته تمام معمولي هئي، پر سندس گهٻراهٽ جو ڪارڻ فقط اهو هو ته حبيبي صاحب اها ڳالهه ڪنهن ڪتاب جي حوالي جي بدران پنهنجي يادگيري ۽ ذهانت جي ڀروسي هيٺ قلمبند ڪري ڇڏي هئي. اهو اتفاق چئجي يا مولانا صاحب جي دور نظري، جو ڏسندي ڏسندي سندس نظر اتي ئي وڃي رڪي ۽ طبيعت تي وڃي اٽڪي، جتي تحقيقي اصول موجب ڪا ڪمزوري رهجي وئي هئي. گهڻيءَ دير کان پوءِ ڪيترن ئي ڪتابن جي اٿل پٿل کان پوءِ جڏهن گهربل حوالو ملي ويو، تڏهن محسوس ڪيم ته گويا حبيبي صاحب جي مٿان وڏو بار هو، جو خدا جي فضل سان لهي ويو. پوءِ پاڻ اطمينان جو ساهه کڻي پيشانيءَ تان پگهر اگهي سگريٽ دکائي مُرڪي چيائين ته: ”پير صاحب! واقعي اهو شخص صاحب نظر آهي. قدرت جو اوهان تي وڏو احسان آهي.“ مون ورندي ڏيندي کيس چيو ته: ”حبيبي صاحب! آخر ان ۾ ايڏي پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ فرمايائين ته: ”توهان چئو ٿا ته پريشاني! صاحب! منهنجي ته علمي حيثيت چو واٽي تي پيل هئي!“ اهو ئي پاڻ حوالي وارو ڪاغذ کڻي دلي اطمينان ۽ ذهني سڪون سان تڪڙا قدم کڻندو نيو ٽائون پوسٽ آفيس طرف ويندو رهيو.
گهڻيءَ دير تائين مان دروازي ڏانهن ڏسندو ۽ سوچيندو رهيس ته واقعي اها اسان جي خوش بختي آهي، جو هڪ اهڙو شخص اسان ۾ موجود آهي. ان وقت مون کي اهو به خيال آيو ته ڪجهه ماڻهن جو ڪاوڙجڻ ڪو ايڏو غلط نه آهي. مولانا صاحب جي تحقيق جي طلب انهن جي پهچ کان مٿاهين آهي ۽ انهن جي ظرف کان بعيد.
مولانا صاحب جي علمي تحقيق جي دنيا محدود نه هئي، بلڪ گهڻي وسيع ۽ لامحدود هئي. سندس گهري سوچ ۽ فڪري پهچ ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو هو. هتان جا ماڻهو ته پنهنجي آسپاس جي شين کان اڳتي وڌڻ جا عادي ئي نه هئا. اهو مولانا صاحب ئي هو جنهن هڪ خاص پد تي پهچي ٺوس ۽ اعلى تحقيق جو بنياد وڌو ۽ انوکن موضوعن ۽ وسيع علمي مسئلن جي مٿان پردو کنيو جو پهريون دفعو ٻاهرين دنيا اسان جي ملڪ جي تحقيقات مان فائدو وٺڻ تي مجبور ٿي پئي. خطاطي، مصوري، ادب، شعر، تاريخ، سوانح، ڪتبا، مقبرا – مطلب ته علم ۽ قلم جي ڪا به اهڙي شاخ يا شعبو نه هو، جنهن تي مولانا صاحب جي تحقيق ۽ مرتب ڪيل نتيجن علمي دنيا ۾ ڪو مقام حاصل نه ڪيو هجي!
وچ ايشيا جي تاريخ، ادب يا فنونِ لطيفه تي اسان وٽ سڀ کان اول مولانا صاحب جي ئي نظر پئي ۽ پاڻ ئي ان کي پنهنجي جستجو ۽ تحقيق جو موضوع بنايو. تيمورين جي تاريخ هجي يا انهن جي معارف پروري، مولانا صاحب جي ئي قلم سڀ کان پهريائين انهن کي اجاگر ڪيو. انهن جي تاريخي اهميت کان نه صرف اسان کي متعارف ڪرايو، پر دنيا جي مختلف حصن ۾ جيڪي به عالم ان موضوع تي تحقيق ڪري رهيا هئا، تن کي پيش ايندڙ مشڪلاتن کي به دور ڪيو. اهو سبب هو جو ٻاهرئين دنيا جا عالم اسان وٽ نه صرف مولانا صاحب جي ذات کي سڃاڻندا هئا ۽ انهن جي علمي مجلسن ۽ محفلن ۾ مولانا صاحب کي ئي برابريءَ وارو بلڪ بلند مقام ۽ برتريءَ وارو درجو حاصل هو. جڏهن ”ارمغان علمي“ جو اعلان ٿيو، تڏهن ٻاهرئين دنيا جي ڪيترن عالمن ان ۾ حصو وٺڻ محض ان ڪري پنهنجو فرض ڄاتو جو مولانا صاحب جي شخصيت سندن آڏو نهايت ئي محترم ۽ معتبر هئي. ان ئي موقعي تي استاد محترم آقاي بديع الزمان فروزانفر فرمايو هو ته

دهر و دوران کم آورد فرزند
چون محمد شفيع دانشمند

۽ اهو به سچ چيو هئائين:

خاک لاهور ازو فزودهه شرف
پدر فضل رابهينه خلف

مولانا صاحب جي شخصيت پنهنجي ڪردار، عمل ۽ علم جي لحاظ کان اسان لاءِ نه فقط مثالي پر مشعل راهه به آهي. کين پنهنجي موضوعات سان نه رڳو دلچسپي هئي، پر عشق جو اهو عالم هو ته گهمندي ڦرندي، اٿندي ويهندي انهيءَ جي ئي کوجنا ۾ لڳل رهندو هو. علم جي اها صورتحال هجي جو گهر جي ٻاهر، سفر هجي يا حضر هميشہ ۽ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن مسئلي جي تحقيق ۽ تلاش ۾ ڪوشان رهندو هو. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ڏيک ويک جي لاءِ نه، پر علم جي ئي حصول لاءِ هو. ان ۾ ڪو به ذاتي مفاد يا مطلب ڪو نه هو ۽ نه ئي وري روزيءَ جو سهارو ڄاتائون. مولانا پنهنجي علم کي ڪنهن به بازار ۾ سودي بازيءَ لاءِ نه آندو ۽ نه ئي ان لاءِ ڪو واڪ ڏنو.
مولانا جي زندگي نهايت باضابطه زندگي هئي. سندس هر لمحو قيمتي ۽ ڪارائتو هو. هن جو هر قدم منزل جي طرف وڌندڙ هو. پاڻ وقت جو نهايت ئي قدر دان هو ۽ هر ساعت سجائي ڪندي ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهندو هو. وقت وڃائڻ سندس نظر ۾ گناهه کان به بدتر هو. هو ان وقت پنهنجي وقت کي سجايو سمجهندو هو، جڏهن ڪا نئين معلومات حاصل ڪندو هو يا ڪا نئين تحقيق ڪندو هو. گهر ۾ ڻ پنهنجي ڪٽنب سان ڪڏهن ڪڏهن ڪا هتان هُتان جي ڳالهه ڪئي هوندائين. ليڪن جيستائين مان ڄاڻان ٿو ته ٻاهرئين دنيا ۾ ڪڏهن به پنهنجي واتان ڪو بي مقصد گفتو ادا نه ڪيائين. سندس سڄي ڄمار اول کان آخر تائين ڪنهن خاص سانچي ۾ پلٽيل هئي. اهو ئي سبب آهي، جو مولانا جي زندگي قيمتي ۽ ڪارائتي گذري. پاڻ تمام گهڻو علمي ڪم ڪيائين ۽ اهي نشان ڇڏي ويو، جن تي ڪنهن طاقتور هٿ کي به کڄڻ جي مجال نه آهي. هڪ شخص جي سموري حياتي مسلسل عمل رهي، جو رهندي دنيا تائين نه رڳو دانش گاهه يا شهر، پر پوري ملڪ کي مانائتو بنائي ويو.
انسائيڪلوپيڊيا جي ترتيب ۽ تدوين جي سلسلي ۾ يورپ ويندي هڪ دفعي مولانا صاحب ڪجهه ڪلاڪ ڪراچي ۾ پنهنجي نياڻي وٽ ترسيو. آقائي عبدالحي حبيبي صاحب ۽ هن خاڪسار کي جيئن ئي اُها خبر پئي، تيئن ٻئي ڄڻا گڏجي سندس خدمت ۾ پهتاسون. پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهڙو گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيائين، گويا سندس ئي من جي مراد پوري ٿي هجي ۽ پاڻ اسان جو ئي انتظار ڪري رهيو هجي. انهيءَ زماني ۾ مولانا صاحب بازيدي فرقي تي تحقيق ڪري رهيو هو. ويهڻ سان ئي ان موضوع تي گفتگو ڪندي، مسئلن جي شروعات ڪيائين. حبيبي صاحب سان مخاطب ٿيندي ئي مولانا جا سوال هئا ۽ حبيبي صاحب جا جواب تقريباً ٻه اڍائي ڪلاڪ لاڳيتو دنيا وما فيها کان بي خبر، يورپ جي سفر لاءِ ضروري سببن کان بي پرواهه، سفر جي تياري ۽ ضروري ڪاغذات وغيرهه جي درستيءَ کان بي نياز، نهايت اطمينان ۽ سڪون سان ”بازيدين“ جي متعلق تحقيق ۽ تفتيش ڪندو رهيو. مان سوچيندو ئي رهيس ته هي انسان آخر آهي ڇا؟ يورپ وڃي رهيو آهي نه ڊالرن جو فڪر نه پائونڊن جي پرواهه! نه نياڻي کان ٿو پڇي ته ڇا آڻجي ۽ نه نياڻيءَ کان ئي ڪا فرمائش جي فهرست ٿو لکائي. نه اها پڇا ڳاڇا ٿو ڪري ته لنڊن مان ڪهڙي شيءِ آڻجي، جا هتي وڪڻي ڪرايي سان گڏ نفعو ڪمائجي. ريفريجريٽر ڪهڙو بهتر ٿيندو آهي؟ ٽيپ رڪارڊر ڪهڙي ڪمپني جو هجي جو وٺجھي. موٽر ڪار ڪهڙي موزون رهندي؟ نه ڪسٽم وارن جي روڪٿام ۽ پڇا، نه اهڙو اهتمام ته واپسيءَ وقت سامان بغير کُلڻ جي گهر پهچي وڃي.
اسان ٻئي جڏهن واپس هلياسون، تڏهن اهو سوچيندي ۽ چوندي گهر پهتاسون ته سبحان الله! علمي عشق ۽ اُن جي عالم جو ڇا ته عالم آهي!
مولانا اورينٽل ڪاليج مان رٽائر ٿيو انسائيڪلوپيڊيا جي اردو ترجمي جي نظرداري واري ڪم ۾ اهڙي ته انهماڪ سان جنبي ويو، جو صبح ۽ شام، رات ۽ ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيائين.
مولانا صاحب جي ڪتبخاني جي لان ۾ ڇٽيءَ نما هڪ خيمو ٺهيل هو، جنهن ۾ سردين ۾ وهندو هو ۽ گرمين ۾ ڪمري ۾ ئي ڪم ڪندو هو. مولانا جو اهو ڇٽيءَ نما خيمو ڪتبخاني جي اڱڻ جو هڪ نمايان ڪردار بنجي چڪو هو، جنهن ۾ ننڍي ڪرسي ۽ ٽيبل پيل هئي ۽ آسپاس ان ڏينهن ڪم ايندڙ ڪتابن جا ڍير ۽ فائيل موجود هوندا هئا، جن ۾ ترجمو ٿيل مقالن جا انبار پيل هوندا هئا.
مون کي ان خيمي ۾ ڪيترا ڀيرا مولانا جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ ۽ ملاقات ڪرڻ جو موقعو مليو، هر واري ملاقات جو موقعو رڳو، ان ڪري ئي ملندو هو ته آءٌ ڪراچيءَ کان ڪهي ايندو هوس، نه ته ڪم جي وقت مولانا سان ملاقات ڪرڻ ناممڪن هئي. ملاقات برائي ملاقات کي مولانا گناهه ڄاڻندو هو، بلڪ قومي بداخلاقي سمجهندو هو.
مولانا صاحب جو اتي به ساڳيو ئي مخصوص طريقه ڪار رهيو. مضمون کي آڏو رکي، لفظ لفظ کي ڏسندو هو. هڪ هڪ سن، سال ۽ نالي جي جيستائين پاڻ تحقيق ۽ تصديق نه ڪندو، تيستائين مضمون اشاعت لاءِ ڪو نه موڪليندو هو. تصحيح جي سلسلي ۾ هميشہ کيس پاڻ کي ئي تڪليف ڪرڻي پوندي هئي. ترجمه نگارن کي ته علمي ترجمي جي عادت ڪو نه هئي ۽ نه اها ڄاڻ هئي ته جاگرافيائي لحاظ کان نالن، مهينن ۽ سالن جي اهميت ڪيتري آهي. عبارت ۽ جملن جي درستگي به مولانا کي خود ئي ڪرڻي پوندي آهي.
مون ڪيترا ڀيرا اخبارن ۾ اهي شڪايتون پڙهيون ته اداره دانشگاهه جا مالڪ ڏاڍا بيزار ٿيا آهن. ڇاڪاڻ جو مواد تمام گهڻو سست رفتاريءَ سان اشاعت هيٺ پيو اچي. انهن کي اهو اندازو ته ڪو نه هو ته ترجمي کان پوءِ پريس تائين پهچڻ ۾ هڪ هڪ مقالي کي ڪهڙن تحقيقي ۽ علمي مرحلن مان گذرڻو ٿو پوي.
آخري دور ۾ مولانا جي طبيعت ٺيڪ نه رهندي هئي. دل سُڄي وئي هيس ۽ جگر به ڪمزور ٿي پيو هوس. پري کان ئي ماڻهو محسوس ڪندو هو ته مولانا بيمار آهي، پر جيئرو رهندي پاڻ ڪڏهن به پنهنجي ڪم ۾ ناغو نه وڌائين ۽ نه اهو برداشت ئي ڪيائين. روزانو اچي هر شيءِ جي نظرداري ڪندو هو ۽ ڪڏهن به ائين نه ٿيو ته پاڻ وقت کان اڳ گهر موٽي هميشہ دير سان گهر موٽندو هو.
اڇي رنگ جي شلوار، ميرانجهڙي رنگ جي شيرواني ۽ ڳاڙهي ترڪي ٽوپي ۾ ملبوس، اسٽڪ جي آڌار تي موٽر مان لهي پير پير کڻي خيمي ۾ پهچي هڪ دفعو ويهي قلم هٿ ۾ کڻندو ته ڇا جي بيماري ۽ ڇا جي صحت نه ڪمزوريءَ جو خيال نه ناتوانيءَ جو احساس. دنيا و ما فيها کان بي خبر، لفظن ۽ عبارتن جي دنيا ۾ گم سم ٿي ويندو. ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون ۽ ڪيترا مهينا ۽ سال مولانا ائين ئي گذاري ڇڏيا!
ڏهين مارچ 1963ع جي آچر ڏينهن ڪنهن دوست پڇيو ته ڪيڏانهن وڃڻو اٿو؟ مون وراڻيو مولانا صاحب ڏانهن هلندؤ؟ وچ ۾ ٻئي دوست دخل ڏيندي چيو ته ڪيڏانهن ٿو وڃين دوست! هي ماڻهو ته ويهي ڪندا قبرن جون ڳالهيون. کوليندا مردن جا داستان ۽ پراڻن ڪتابن جا قصا. اوهين وهو ته ڪريون ٿا پاڻ ۾ گپ شپ، هونءَ ئي آچر جو ڏينهن موڪل جو ڏينهن به آهي.
منهنجا ٻئي دوست عرف عام ۾ ”لکيل پڙهيل“ هئا. هڪ پي ايڇ ڊي ۽ ٻيو ڊبل گريجوئيٽ. غالباً ٻئي لنڊن مان تربيت حاصل ڪيل هئا.
سيارو ختم ٿي چڪو هو ۽ بهار جي موسم هئي. لارينس گارڊن جا ڪي گل کڙي چڪا هئا ۽ مان 24 ميسن روڊ تي پهتس. مولانا ورانڊي ۾ هڪ کڙي تڙي ڪرسيءَ تي ويٺل هو. سندس ساڄي کاٻي ڪجهه ڪرسيون ۽ هڪ اڌ ٽيبل پيل هئي، جنهن تي ڪجهه ڪتاب هڪ ٻئي مٿان رکيل هئا. ’بروڪلميان‘، ’انسائيڪلوپيڊيا‘، ’سارٽن‘، ’قاموس الاعلام‘ ۽ ’ڪشف الظنون‘ پنهنجي ضخامت جي ڪري نمايان هئا. ڪي مسودا به آڏو رکيل هئا ۽ هڪ مسودي تي ڪنڌ جهڪائي تصحيح ۾ مشغول هو. مون کي هڪدم خيال آيو ته هي به هڪ آچر آهي ۽ موڪل جو ڏينهن آهي.
مون کي ڏسي ٻهڪي پيو! خوشدلي ۽ خندهه پيشانيءَ سان گرمجوشيءَ مان اٿي مليو. هونءَ ته مولانا هميشہ اهڙو برتاءُ ڪندو هو، پر اڄوڪو سلوڪ ڪجهه غير معمولي ۽ سَرسُ سَوايو هو. خوشيءَ مان منهنجو رت به وڌي ويو ۽ ذرو ڄڻ آفتاب بنجي پيو!
وهڻ شرط مون کان منهنجي دل جي تڪليف بابت پڇاڳاڇا ڪرڻ لڳو. مان ڏسندو رهيس ته خود سندس حالت ابتر ٿي چڪي آهي. منهن ڦيڦو اڇو، ڳل سڄيل، اکين جو اهو تاب گهٽجي چڪو هوس. پيرن تي سوڄ، ڄڻ هڪ هڪ پير مڻ مڻ جو ٿي لڳو. سوڄ پنين کان مٿي چڙهي چڪي هئي. مون حيرت مان کانئس پڇيو ته مولانا هي ڇا آهي؟ ها هون ڪندي، منهنجي ڳالهه کي ٽاريندي مون کي ئي منهنجي صحت جي حفاظت لاءِ هدايتون ڏيڻ شروع ڪيائين.
مون موقعو ڏسي کيس چيو ته مولانا! آچر جي ڏينهن به اوهان آرام نه ٿا ڪريو. وراڻيائين ادا! جيڪڏهن ڪم نه ٿو ڪريان ته ڏينهن ئي نه ٿو گذري. هونءَ به ڪم تمام گهڻو آهي. ماڻهن جي اها حالت آهي جو لکڻ ته بجا خود ترجمو ڪرڻ به ڪو نه ٿا ڄاڻن. هر ڪا شيءِ مون کي ئي ڏسڻي پوي ٿي.
صحت جي اهڙيءَ حالت ۾ فرض شناسيءَ جو اهو عالم ڏسي آءٌ دنگ رهجي ويس، ليڪن مون کي سندس حالت تي ڏاڍو ڪهڪاءُ اچي رهيو هو.
تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ مان سندس خدمت ۾ ويٺو رهيس. دل کولي ڳالهايوسين ۽ گهڻيون ئي ڳالهيون ٿيون.
مولانا ’طاهر آشنا‘ جي ديوان جي ڳالهه ڪئي ته پاڻ پيرس مان ان جو فلم گهرايو هئائين، مگر ڪاغذ جي اڻاٺ سبب فوٽو اسٽيٽ ٿي نه سگهيو. مون چيو ته مولانا مون کي ڏيو آءٌ پرهينءَ ڪراچي وڃڻو آهيان ۽ اتان ئي ٺهرائي کڻي ايندس. وراڻيائين ته سڀاڻي آفيس مان فلم موڪلي ڏيندس.
محمد حسين آزاد مرحوم متعلق پاڻ حيرت انگيز ڳالهيون ٻڌايائين ۽ ان تي لکيل پنهنجو هڪ تازو مضمون به عنايت ڪيائين. مفتي صدرالدين آزرده تي به انهن ڏينهن ۾ لکيل پنهنجو هڪ مقالو اندران آڻي ڏنائين. منهنجي عادت آهي ته مان اهڙين شين تي آٽو گراف وٺي ڇڏيندو آهيان. ليڪن مولانا جي شخصي رعب ۽ اثر سبب مون کي اها همت نه ٿي ته آءٌ ڪجهه ڪڇي سگهان. پوءِ ته مان اڄ ڏينهن تائين پڇتائي رهيو آهيان، ته جيڪر صحيح ڪرائي ڇڏيان ها ته غالباً اها سندس زندگيءَ جي آخري صحيح هجي ها.
منهنجي ٻنهي دوستن جو لنوائڻ بجا هو. اسان پاڻ ۾ اڏوهي کاڌل ۽ ڦاٽل پراڻن ڪتابن جون ڳالهيون ڪيون. مولانا شڪايت ڪئي ته سندس لئبريريءَ ۾ رکيل هڪ قلمي نسخو اڏوهيءَ جو لقمو بڻجي چڪو آهي. هاڻي ياد نه آهي ته هڪ ٻن ٻين قيمتي ڪتابن جا به نالا ورتائين. جي اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي چڪا هئا. اهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي لئبرريءَ مان هڪ اڏوهي کاڌل ڪتاب کڻڻ به ويو، پر ان وقت اهو کيس نه لڌو. ڳالهين ڪندي مولانا اهو به ٻڌايو ته نيشاپوري نظيريءَ کان سواءِ به هندوستان ۾ هڪ نظيري شاعر ٿي گذريو آهي، جو صاحب ديوان شاعر هو. سندس ديوان تي مير مومن استر آبادي جي مهر به لڳل آهي ۽ اهو وٽس موجود آهي. مولانا هڪ ڀيرو وري اٿي لئبرريءَ ڏانهن ويو ته مون کي ڏاڍي شرمندگي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس حالت اهڙي نه هئي ته پاڻ هر هر اٿي اندر وڃي. مون محسوس ڪيو ته ڪرسيءَ تان اٿندي ئي سندس سهڪو وڌي ٿو وڃي.
اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ڊئريڪٽر مون کي ڪراچيءَ ۾ چيو هو ته آءٌ مولانا کان اهو معلوم ڪريان ته جيڪڏهن هو پنهنجي لئبرري وڪڻڻ چاهي ته قيمت مقررڪريان. ان سلسلي ۾ مون کي ڪجهه چوڻ جي جرئت ته نه ٿي، پر جڏهن پاڻ اڏوهي کاڌل ڪتابن جو ذڪر ڇيڙيائين ته مون ڍڪيل ڳالهه ڪندي مسئلو ظاهر ڪيو. وراڻيائين ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. اڃا ته پنجن سالن تائين ڪم ڪرڻ جو خيال آهي. ڪجهه ڪم اڌورا به پيا آهن. ڪتابن کان سواءِ گذارو به ته ڏکيو ٿو ٿئي.
مولانا جو اهو پنجساله منصوبو ٻڌي مان هڪو ٻڪو ٿي ويس. سندس منهن کي ڏسي، سندس تندرستيءَ جو جائزو ورتم ۽ پيرن جي سوڄ ڏانهن نظر ڪري چيم الله اڪبر! هي انسان ڪيڏي عزم ۽ پختي ارادي جو مالڪ آهي!
ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هاڻي زندگي ۽ موت جي وچ ۾ رڳو ٻن ڏينهن جو وقفو باقي آهي.
چوڏهين مارچ خميس جي ڏينهن صبح ٿيندي جيئن ئي آفيس اچي ويٺس، تيئن ئي فون جي گهنٽي وڳي. اهو رازي (مرحوم) جو آواز هو، جو گهٻرايل ۽ هيسيل منهنجي ڪن تائين پهتو ته مون چيو خير ته آهي؟ چيائين: مولانا انتقال ڪري ويو. ڪڏهن؟ رات ٻارهين وڳي! انالله وانااليہ راجعون.
مان سڄو سُن ٿي ويس. ٽي ڏينهن اڳ ۾ مان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو هئس. منهنجي ٽيبل ڊائري ۾ ڏهين تاريخ آچر جي ڏينهن وارو ورق کليل ئي هو، جنهن تي منهنجو مولانا جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو پروگرام مون واري ”جنن جي لپيءَ“ ۾ لکيل هو.
منهنجي ذهن ۾ انهيءَ آخري ملاقات جا سمورا واقعا هڪ هڪ ٿي آڏو ايندا ويا، جيڪي به ڳالهيون ٿيون هيون، اهي سڀ ياد اينديون ويون ۽ بار بار سندس ڳالهايل جملا منهنجن ڪنن ۾ گونجندا رهيا. ”... اڃا ته مون کي پنجن سالن تائين ڪم ڪرڻو آهي!.... ڪيترائي ڪم اڌورا پيل آهن!..... ڪتابن کان سواءِ ڪيئن گذارو ٿيندو!....“
آچر جو ڏينهن خير سان گهر گذريو هئس. سومر ڏينهن معمول موجب آفيس ويو ۽ ڪم ڪار ڪري گهر موٽي آيو. اڱاري ڏينهن مولانا جڏهن آفيس پهتو ته هلڪو بخار محسوس ڪيائين ۽ واپس گهر هليو آيو. رات جو سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي ته اسپتال پهتو. اربع جي ڏينهن پهريان ٻه پهر خيريت سان گذريا ۽ جيئن جيئن ڏينهن لهندو ويو، تيئن تيئن سندس طبيعت بگڙندي وئي. شام جو جيئن سج لهڻ لڳو، تيئن مولانا جي نبضن جو تحرڪ به گهٽبو ويو. اڌ رات جو اسپتال جي گهڙيال جيئن ٻارهن وڄائي ان ڏينهن ۽ تاريخ کي الوداع ڪيو ۽ تاريخ جو ورق ورايو، تيئن هيڏانهن ملڪ الموت به مولانا محمد شفيع جي زندگيءَ جو ورق ورائي ڇڏيو. هي هڪ شخص جي زندگيءَ جو ورق نه هو جو وريو، پر پوري قوم جي علمي وقار جو ورق هو، جو اُن ڏينهن ۽ تاريخ تي هميشہ لاءِ ورايو ويو. هي اهو سانحو هو، جنهن جي اذيت عارضَي نه پر دائمي هئي. اها اذيت هڪ خاندان ۽ قبيلي يا شهر تائين محدود نه هئي، پر پوري ملڪ ۽ ملت لاءِ هڪ جهڙي هئي؛

تو آگهي که مرا از غروب، اين خورشيد،
چه گنجهائي سعادت، زيان جان آمد

لئبرريءَ جي پويان ننڍي لان ۾ علمي دنيا جي هن اڳواڻ ۽ رهنما جو لاش آخري سفر لاءِ تيار رکيو هو. سندس عزيزن ۽ قريبن کان سواءِ شهر جا معزز ۽ علمي شخصيتون به موجود هيون. جسٽس رحمان صاحب، حميد احمد خان صاحب، حامد علي خان صاحب، مولانا صلاح الدين (مرحوم)، ڊاڪٽر سيد محمد عبدالله صاحب، ڊاڪٽر محمد عبدالله چغتائي، شيخ محمد اڪرام صاحب ۽ سيد محسن شاهه صاحب جن هئا. انهن کان سواءِ يونيورسٽي جا ڪيترائي استاد به آيا هئا. جيترا به ماڻهو موجود هئا، غمزده ۽ سوڳوار بيٺا هئا. سنڀي جي منهن تي اداسي چانيل هئي. سنڀي کي ان نقصان ۽ زيان جو اندازو ۽ احساس هو.
آخري ديدار کان پوءِ چار وڄي پنجن منٽن تي ڪفن جون ڏوريون ٻڌيون ويون. اسان ڏٺو ته هڪ مؤمن جو منهن هو، جو ڏاڍو مطمئن ۽ پرسڪون ٿي لڳو. مولانا وڏي اطمينان سان هن دنيا کي ڇڏي وڃي رهيو هو.

بندهه ام پاڪ روي راکه، درين دير کهن
تازيد باک زيد، چون برود پاک رود

پوري ساڍي پنجين وڳي خاڪي جسم کي خاڪ جي سپرد ۽ خالق جي حوالي ڪري، سندس عزيزن ۽ عقيدتمندن جو اهو ننڍڙو قافلو ڦرجي ويل قافلي وانگر اَڇرهه جي قبرستان مان ٻاهر نڪتو ۽ ٿوري دير کان پوءِ هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو. مولانا کي اسين رخصت ته ڪري آياسون، مگر:

گيرم که شدي زديدهه، مستور
از سينه من، کجاشوي دور


-------
* ترجمو: سلمى لوهر

سنڌي ٻوليءَ کي للڪار

[محترم عبدالغفور ”الستي“ ميمڻ ”ملير ڊائجيسٽ“ حيدرآباد ۾ ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ جي عنوان سان بحث جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو. ان مباحثي جي موٽ سڀ کان اول، راشدي صاحب هڪ خط جي صورت ۾ ڏني، جو مذڪورهه پرچي ۾ جولاءِ 1972ع ۾ ڇپيو هو. هي مختصر مگر يادگار تحرير پوءِ ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ نالي ڪتاب ۾ پڻ شايع ٿي. ايڊيٽر جي نوٽ سان گڏ هي تحرير هيٺ ڏجي ٿي]

اسان سڀ کان اول هن مضمون ۾ سنڌ جي مشهور عالم، مؤرخ، محقق، مقرر ۽ مختلف ٻولين جي وڏي ڄاڻوءَ جناب پير حسام الدين شاهه راشدي جو هڪ خط ڏئي رهيا آهيون، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ”ملير ڊائجيسٽ“ اداري کي سندن طرفان پهتو آهي. پير صاحب جن جو هي خط نه فقط پنهنجي مٺڙي ۽ مادري ٻوليءَ سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو اظهار آهي، پر ساڳئي وقت اسان سڀ جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ڀلائي چاهيون ٿا، انهن لاءِ رهنمائي جي حيثيت رکي ٿو.
هي سلسلو شروع ڪرڻ وقت اسان ٻولي جي عام ڄاڻن کان سواءِ، ٻولي جي خاص ڄاڻن کي به اها اپيل ڪئي هئي ته اهو اسان جي هن سلسلي ۾ رهنمائي ڪندا رهن ۽ پير صاحب به انهن خاص ڄاڻن مان هڪ هئا، جن کي اسان اپيل ڪئي هئي. جيئن ته پاڻ ان اپيل جو جواب اسان کي موڪليو اٿن، تنهن ڪري اسان هن مهيني جي سلسلي ۾ ”چئلينج جو جواب ڏيندڙ“ کين ئي سڏيو آهي ۽ چئلينج کي قبول ڪرڻ ۽ ان جوجواب ڏيڻ لاءِ سندن ٿورائتا آهيون.
هن کان پوءِ باقي جيڪي به صاحب خاص ڄاڻن مان رهن ٿا، انهن کي وري اسان جي چوٿون دفعو اپيل آهي ته هو پنهنجي ڄاڻپ سان اسان ، پر ساڳئي وقت اسان سڀ جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ڀلائي چاهيون ٿا، انهن لاءِ رهنمائي جي حيثيت رکي ٿو.
هن کان پوءِ باقي جيڪي به صاحب خاص ڄاڻن مان رهن ٿا، انهن کي وري اسان جي چوٿون دفعو اپيل آهي ته هو پنهنجي ڄاڻپ سان اسان جي اڻ ڄاڻائيءَ کي دور ڪندا رهن. هن طرح به پنهنجيءَ ٻوليءَ جي هن خدمت ۾ اسان جي رهنمائي ڪن.

-------

محترم عبدالغفور صاحب، السلام عليڪم. عرض ته خط ڪيترن ڏينهن کان پهتل هو. پر جواب ۾ دير ٿي، جنهن لاءِ اميد ته بخش ڪندا. سنڌيءَ جي سلسلي ۾ منهنجي راءِ آهي ته:

1. سنڌي اخبارون خبرن ۽ عنوانن ۾ زبان کي خراب ڪري رهيون آهن. لکندڙ اردو اخبارن تان ترجما ڪري يا اردو لٽريچر ۽ اخبارون پڙهي ٻوليءَ ۾ جيڪي لفظي ترڪيبون يا محاورا ڪتب آڻي رهيا آهن، سي ڪنهن صورت ۾ زبان ۾ ٺهڪي نه ٿا بيهن. اوهان هر رسالي ۾ مهيني جي اخبارن ۾ ڪتب آيل ترڪيبون، عنوان، لفظ ۽ محاورا گڏ ڪري ڇاپيندا رهو، جيئن اخبار نويسن کي خبر پوي ته سنڌي زبان جي ڄاڻ يا اڻڄاڻائيءَ سبب هو ڪيئن ٻولي جي ٻيڙي ٻوڙي رهيا آهن. جڏهن اهڙي فهرست گڏ ڪندا ته پوءِ اوهان کي انهيءَ ڪلور جي خبر پوندي.
2. فارسي ۽ عربي اکر گهڻي ۾ گهڻا ڪتب آڻڻ علم جي نه بلڪ جهالت ۽ پنهنجي زبان کان اڻڄاڻائيءَ جي نشاني آهي. آءٌ 1928ع کان 1937ع تائين اخبارن ۾ ابوالڪلام ۽ ظفر علي خان جي پوئواري ۾ فارسي ۽ عربي جا وڏا ڦڙا وسائيندو هوس. ليڪن اڄ جڏهن اهي مضمون پڙهان ٿو ته نه ڇڙو غلطي محسوس ڪريان ٿو. پر شرم ۽ کل اچي ٿي.
3. آسان ۽ نج زبان لکڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي. غالب، سر سيد ۽ عبدالحق اردو کي تمام سليس لکيو ۽ خاص طرز پيدا ڪئي سنڌيءَ ۾ مرحوم گربخشاڻي، ڄيٺ مل پرسرام، پروفيسر شاهاڻي، مولانا فتح محمد سيوهاڻي، مولانا وفائي ۽ دائودپوٽي مرحوم سليس، روان ۽ صاف سنڌي لکي آهي. اڄ به اوهين اهي لکتون پڙهو، ڄڻ لذت پئي ايندي.
4. ڳالهائيندڙن ۾ آءٌ مرحوم علامه قاضي صاحب جي سنڌيءَ جو قائل آهيان، جڏهن ساڻن سنڌيءَ ۾ ڳالهائبو هو ته جواب ۾ ڪو به لفظ ڌارين زبان جو ڪتب ڪو نه آڻيندا هئا.
شهرن ۾ رهي رهي ڌارين سان اٿي ويهي اسان ماڻهن جي زبان خراب ٿي وئي آهي. سچ پڇو ته اسان کان پنهنجي زبان وسري وئي آهي. اڳتي هلي، جنهن جا نتيجا ڏاڍا ڏکوئيندڙ نڪرندا. سنڌي زبان جي صورت بدلجي ويندي ۽ اهو هاڃو اسين پنهنجو پاڻ ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ آءٌ گهڻي ۾ گهڻو جوابدار سنڌي اخبارن کي سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته پنهنجي زبان ۾ سندن مطالعو ڪو نه آهي. اردو اخبارون پڙهن ٿا، جڏهن لکڻ ويهن ٿا، تڏهن اها ئي زبان استعمال ڪن ٿا، جيڪا هنن صبح جو اردو اخبارن ۾ ڏٺي آهي. تڙ تڪڙ ۾ اهي ئي عنوان ۽ لفظ سندن دماغ سوچي ٿو.
ڪراچي واري ”هلال پاڪستان“ ۾ ٻولي جي صفائي جو بيحد خيال ڪيو وڃي ٿو. سندس روش کي پنهنجو ڪرڻ هرهڪ لکندڙ جو فرض آهي.

5. اوهان جيڪي مقابلي ۾ لفظ ڏئي رهيا آهيو، تن کي اڃا آسان ڪرڻ گهرجي، اهي ٺهڪن نه ٿا.
6. سنڌي زبان جهڙي شاهوڪار زبان ۾ ڌارين ٻولين جا لفظ آڻڻ آپگهات ڪرڻو آهي. غلط آهي، ناجائز آهي. گناهه آهي ۽ آخر ۾ اهو طريقو لکندڙ لاءِ ۽ زبان لاءِ گهاتڪ ٿيندو.

-------

سلطان محمود بکري ۽ شاهه طهماسپ صفويءَ جا لاڳاپا

[هي پير محترم سيد حسام الدين راشدي سال 1972ع ۾، ايران شناسن جي ٻين بين الاقوامي ڪانگريس تهران ۾ پڙهيو هو، جو تازو اسلام آباد مان نڪرندڙ رسالي ”دانش“ نمبر؛9 بهار 1366 شمسي هجري) ۾ ڇپيو آهي. نطريئه ضرورت تحت رسالي جي اهلڪارن هن مقالي جو عنوان تبديل ڪري ”ايراني درٻار ۽ سنڌي جي درٻار جا ڏهين صدي هجريءَ ۾ تعلقات“ موضوع سان ان کي ڇاپيو آهي. هن مقالي جو سنڌي ترجمو ”مهراڻ“ 1/1988ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو آهي]

ڏهين صدي هجري (قمري) ۾ بخرا کان دهليءَ تائين، قديم گهراڻا ختم ٿيا ۽ ٻين خاندانن انهن جي جاءِ والاري. قديم حڪومتون ختم ٿيون ۽ نيون قوتون نسري نروار ٿيون. شيبانين جو خاتمو (906هه/1500ع)، صفوي سلطنت جو قيام (907هه/1502ع)، هرات جي تيموري خاندان جو زالن ۽ اولاد جي ڪثرت سبب گل ٿيڻ (913هه/7_1506)، بابر جو فرغانه کان ڀڄي ڪابل ۽ قنڌار تي قابض ٿيڻ (928هه/1521ع)، شاهه بيگ جو قنڌار ۾ بابر هٿان شڪست کائڻ ۽ سنڌ طرف اچي سمن جي خاندان کي ختم ڪري نئين حڪومت ٺاهڻ (927/1520ع)، شير خان سوريءَ هٿان همايون جي شڪست ۽ سنڌ ۾ پناهه نه لهڻ (1 رجب 947هه/2 نومبر1540ع)- 9 ربيع الثاني 950هه/ 17 جولاءِ 1543ع) (1)، ۽ شاهه طهماسپ جي درٻار ۾ پهچي، تخت ۽ تاج جو هن بادشاهه جي مدد سان واپس وٺڻ، هي سڀ واقعا ڏهين صدي هجريءَ جي ابتدائي چوٿائيءَ ۾ ٿي گذريا. ان ڪري ايران جون قديم سياسي، ملڪي ۽ علمي حالتون، توڙي هند پاڪ ننڍي کنڊ جو نقشو بندلجي ويو. اهو ئي سبب آهي جو پوءِ ننڍي کنڊ تي، صدين تائين ايران جي برتري جاري رهي. هتان جي ملڪي ماحول ۽ اجتماعي سياست کي جن به اميرن، عالمن ۽ مدبرن تشڪيل ڏنو ۽ نئين زندگي بخشي، اهي يا ته ايراني يا وري توراني هئا.
سلطان محمود بکري ۽ سندس خاندان به انهن ماڻهن ۾ شامل آهي، جن ڏهين صديءَ جي ابتدا کان وٺي آخر تائين هرات، ڪابل ۽ قنڌار توڙي سر زمين سنڌ تي مهمون سرانجام ڏنيون. امير ذوالنون ارغون ۽ شاهه بيگ جي وقت سلطان محمود جو پيءُ مير فاضل ڪوڪلتاش ڪابل، قنڌار، بست ۽ زمين داور تي قائم رهيو (2). ان بعد هي ان ملڪ مان تڙيا ويا ۽ اچي سنڌ تي قابض ٿيا. هن خاندان جي ڪجهه ماڻهن خاص ڪري والد جي موت کان پوءِ سلطان محمود ملڪي معاملن جي لاهن چاڙهن ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيا (3). شاهه حسن ارغون جي وفات (962هه/1555ع) تي جڏهن سندس ڪو وارث نه رهيو، سلطان محمود اتر سنڌ ۾ سيوهڻ کان سبيءَ تائين پنهنجي الڳ سلطنت جو بنياد رکيو.
سلطان محمود جا وڏا خوارسڪان جا هئا، جيڪو اصل ۾ تحصيل ”جي“ جو هڪ ڳوٺ هو (4). مير محمد معصوم بکري پنهنجي ”تاريخ سنڌ“ ۾ سندس خانداني سلسلو هن ريت لکيو آهي: ”سلطان محمود بن مير فاضل بن مير عادل بن احمد خواجه“ (5). وڌيڪ لکي ٿو ته: احمد خواجه جو واسطو ٽن پيڙهين ذريعي ملڪ محمود نان دهه (ماني ڏيندڙ) سان لڳي ٿو. جو اصفهان ۾ پهچ ۽ سخا جي ڪري مشهور هو، جنهن وقت امير تيمور اصفهان کي تاراج ڪيو (789هه/1387ع) (6)، ان وقت محمود جو وڏو ڏاڏو احمد خواجه، امير ذوالنون ارغون جي پيءُ امير حسن جي هٿ چڙهيو ۽ ان وقت کان شاهه حسن ارغون (پوٽو امير ذوالنون) جي وفات تائين هي خاندان ساڻن گڏ رهيو.
ارغونن سان گڏ تر خان به سنڌ ۾ آيا، جن جو تعداد گهڻو هو، جڏهن تهمير فاضل ڪوڪلتاش، جو خاندان چند ماڻهن تي مشتمل هو (7). ان جي باوجود به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، تر خانن جي دشمني ۽ رقابت هوندي به، سلطان محمود اڌ سنڌ تي مسلط ٿي ويو. وٽس جانباز ۽ وفادار سپاهي هئا، جنهنڪري پاڻ ترخانن جي حاوي رهيو. پاڻ مشڪل ڪمن کي سمجهڻ ۽ مسئلن حل ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. سندس شخصيت نهايت دلچسپ هئي. سنڌ جي تاريخ ۾ جهڙس سياسي بصيرت جو مثال گهٽ ملي ٿو.
پاڻ جنهن وقت حڪومت جي واڳ ورتائين. اهو دور خطرن سان پر هو. ٺٽي جو حاڪم مرزا عيسى ترخان سندس سخت دشمن هو ۽ سندس وجود کي ختم ڪرڻ جي ڪڍ هو. هندوستان ۾ همايون بادشاهه، شاهه حسن جي موت کان هڪ مهينو اڳ (9 جمادي الاول 962/10 اپريل 1555ع)، لاهور تي قبضو ڪيو هو (3 ربيع الاخر 962هه/24 فيبروري 1555ع ۾ ٽي مهينا پوءِ (2 شعبان 962هه/22 جون 1555ع)، سرهند وٽ سورين کي شڪست ڏئي، ٻيو ڀيرو سرزمين هند تي مغلن جو جهنڊو ڦڙڪايو. همايون بادشاهه پڻ سلطان محمود جو دشمن هو. جڏهن هو شير شاهه سوريءَ هٿان شڪست کائي، سنڌ پهتو هو (28 رمضان 947هه/24 فيبروري 1541ع- 7 ربيع الثاني 950هه/17 جولاءِ 1543ع)، تڏهن سلطان محمود پنهنجي ولي نعمت، شاهه حسن ارغون جي حڪم موجب، هر جاءِ تي سندس مزاحمت ڪئي هئي ۽ کيس ڪٿي به آرام ڪرڻ نه ڏنائين. ايتري تائين جو مجبور ٿي کيس ايران وڃڻو پيو. مير معصوم موجب، سلطان محمود هٿان جيڪا شڪست بادشاهه همايون کي آئي، ۽ سندس بهترين امير ڪتب آيا، ان ڪري هو سنڌ ڇڏي ايران طرف پناهه وٺڻ لاءِ مجبور ٿيو(8).
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سلطان محمود خان پنهنجي اباڻي وطن سان نسبت برقرار رکي. شاهه حسن جي دور ۾ (930هه/1524ع- 962هه/1555ع)، جڏهن پان اڃا بکر جو نائب حاڪم هو، ايرانين ۽ خاص ڪري ديني بزرگن سان رستو پيدا ڪري، خط و ڪتابت جو تبادلو جاري ڪيائين. جڏهن ارغونن ۽ تر خانن ۾ ٺٽي ۾ شاهه حسن جي پڄاڻيءَ ڌاري بغاوت جو جهنڊو بلند ٿيو (محرم 962هه/نومبر 1554ع)، تڏهن سلطان محمود بکر مان فوجي جٿا ساڻ ڪري، پنهنجي ولي نعمت جي مدد لاءِ خود روانو ٿيو. سيد جعفر مشهدي ٻي منزل تي اچي ساڻس مليو ۽ روضهءَ رضويه جي نقيبن پاران، نقارن جو هڪ جوڙو پيش ڪيائين (9). ان کي پنهنجي حڪومت لاءِ سٺو سوڻ سمجهي وڏي احترام سان قبول ڪيائين.
جنهن وقت سلطان محمود ايران سان لاڳاپا پي وڌايا، تڏهن پاڻ هن حقيقت کان غافل نه هو، ته جيسين همايون بادشاهه جي دل ۾ ڪدورت باقي هوندي، تيسين پاڻ اطمينان سان حڪومت نه ڪري سگهندو. مرزا شاهه حسن جي وفات وقت اتفاق سان، ترڪ اميرالبحر سيدي علي رئيس به موجود هو، سو عيسى تر خان جي بجاءِ سلطان محمود جي ويجهو اچي ويو. سلطان محمود به هن لاڳاپي مان فائدو ورتو ۽ جڏهن اميرالبحر هندوستان جو ارادو ڪيو، تڏهن کيس صورتحال کان واقف ڪري صلح جي درخواست ڪيائين.
سلطان محمود سان بخت ياوري ڪئي. سيدي علي رئيس کيس بادشاهي مهر سان خوشنوديءَ جو فرمان موڪلي ڏنو (10). ان وقت موجود خطرو ٽري ويو ۽ چند مهينن کان پوءِ همايون بادشاهه به فوت ٿي ويو (10 ربيع الاول 963هه/28 جنوري 1556ع).
سلطان محمود ان دوران شاهه طهماسپ کي پنهنجو مددگار ۽ دوست سمجهي، چند ڀيرا پنهنجو سفير موڪلي بخشش ۽ لقب حاصل ڪيو. مير معصوم جي تاريخ سنڌ ۾ اچي ٿو ته سال 965هه (57_1558ع) ۾ شاهه ايران، سلطان محمود کي ”خان“ لقب عطا ڪيو (11). هن لقب کي گورگاني (مغليه) مؤرخن سطحي سمجهي اهميت نه ڏني، ۽ هميشہ کيس سلطان محمود بکري ڪري لکيو اٿن. سنڌ ۾ هي لقب سندس نالي جو حصو بنجي ويو ۽ سڀني سنڌي تاريخ دانن کيس سلطان محمود خان بکري طور ياد ڪيو آهي. هن لقب سان گڏ کيس علم، نقاري، سروپاءِ ۽ ٻين تحفن سان نوازيو ويو(12).
همايون جي وفات سان ختم ٿيل خطرو وري موٽي آيو. سندس جاءِ نشين اڪبر جوان بلڪ نوجوان هو. جڏهن همايون جي لاءِ سلطان محمود خان تڪليف پيدا ڪئي، تڏهن عمرڪوٽ ۾ اڪبر ڄائو (5 رجب 949هه/15 آڪٽوبر 1542ع). هي ٻار ڇهن مهينن جو هو ته همايون سنڌ ڇڏي ايران ۾ پناهه ورتي. جيتوڻيڪ پيءُ هن واقعي کي وساري ڇڏيو، ليڪن پٽ ان کي فراموش نه ڪيو هو. هو انتقام وٺڻ لاءِ تيار هو. انهن خاص ماڻهن جي اڪثريت اڃا زندهه هئي، جن تڪليفون ڏٺيون هيون ۽ اهي ڳالهيون ڪري سندس (اڪبر) ياد کي تازو ڪندا هئا. اڪبر جو استاد سپهه سالار خانخانان بيرم خان ۽ اڪبر جي پڦي گلبدن بيگم انهن ڏينهن جا ڏکويل زندهه هئا. ان ڪري مصيبت اچڻ جو خطرو هر وقت موجود هو.
سلطان محمود خان اهي خطرا ڏسي، ڏاهپ ڪري خانخانان بيرم خان جي هڪ عزيز، تردي بيگ جي ڌيءَ گوهر تاج خانم سان شادي ڪري ورتي. مير معصوم لکي ٿو: عجيب طريقو رٿي شهر ۽ بازار ۾ هڪ دستور سان قبا تيار ڪرايائون ۽ متعدد مجلسون ڪري قسمين قسمين مزا ورتائون (13). ظاهر آهي ته ڪو ماڻهو ستهٺ سالن جي عمر ۾ شاديءَ جو اهڙو جشن نه ٿو ڪري. کيس نه ته مباشرت جي ضرورت هجي ٿي ۽ نه وري نبوي سنت جو طريقو پورو ڪرڻ مقصد هو. هن واسطيداري پيدا ڪرڻ جو هڪ ئي سبب هو، ته جيئن بيرم خان تان ناگوار ۽ اڻ وڻندڙ صورتحال کي دفع ڪجي. اڪبري درٻار جو هي پراڻو ملازم جڏهن عتاب ۾ آيو ۽ منصب تان معزول ٿيو ۽ ڪعبته الله جي زيارت تي سنبريو، تڏهن ڪجهه وقت بکر ۾ ٽڪڻ گهريائين ٿي. سلطان محمود خان موقعي جي نزاڪت ڏسي، مٽي مائٽيءَ جو واسطو ترڪ ڪري، ٻٻرلوءِ جي ”چهار باغ“ کي ويران ڪرائي ڇڏيو، ته جيئن بيرم خان ان سرسبز ۽ شاداب جي جاءِ تي رهي نه پوي (14). همايون بادشاهه به ان جاءِ کي گهڻو پسند ڪيو هو. هي عمل سندس حالت سمجهڻ جو هڪ وڏو دليل آهي.
اڪبر سان گهڻي ويجهڙائيءَ کي سلطان محمود خان پسند نه ٿي ڪيو، ڇو ته ان ريت پنهنجي حڪومت وڃڻ جو امڪان هئس. هن کان پري ٿيڻ به نه ٿي چاهيائين، جنهن ۾ پڻ حڪومت وڃڻ جو خطرو ڏٺائين ٿي، ان ڪري سياسي طرح شاهه ايران کان، خاص عنايتون حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪيائين.
محمود کي ”خان“ لقب عطا ٿيڻ بعد، شاهه طهماسپ جو ايلچي حق بردي بيگ هيرن جو هار، تاج، جڙاءَ دار ڪمربند، قيمتي سروپاءِ، ڇٽ، اتاغه، جيغئه زلف، عقار ۽ ٻيون قسمين قسمين نوازشون ۽ بادشاهي انعام کڻي بکر ۾ حاضر ٿيو (15). سفير جو جوڳو استقبال ڪري، سلطان محمود کيس گهڻي عزت ڏني. هي عمل بادشاهه اڪبر جي ڏيکاءَ کان علاوهه پنهنجي پراڻي دشمن مرزا عيسى ترخان تي رعب وجهڻ لاءِ پڻ هو. مير معصوم لکي ٿو: حق بردي بيگ سڄو سال بکر ۾ رهيو ۽ جڏهن واپسيءَ جو ارادو ڪيائين، تڏهن سلطان محمود خان ساڻس گڏ سيد ابوالمڪارم سبزواريءَ کي سفير ڪري موڪليو (16). هن صفوي دربار ۾ مهربانيون حاصل ڪيون. سال 971هه/1563ع جي باري ۾ صاحب عالم آر اي عباسي لکي ٿو: ”سن نو سؤايڪهتر ۾ سلطان محمود خان بکر ۽ سنڌ جي حاڪم پنهنجي سفير ابوالمڪارم کي موڪليو. هن گهڻي وفاداري، عقيدت ۽ موروثي سچائي ڏيکاريندي، قيمتي تحفا به موڪليا هئا (17).
شاهه طهماسپ ٻيو ڀيرو به حق برديءَ کي سلطان محمود خان جي درٻار ۾ موڪليو ۽ مير معصوم موجب هن ڀيري کيس ”خانخاني“ لقب عطا ڪيو ويو. هو لکي ٿو: ”ٻيو ڀيرو حق برديءَ کي مير ابوالمڪارم سان گڏ ڏياري موڪليو. سلطان محمود خان کي ”خان خاني“ لقب ۽ طرحين طرحين نوازشن ۽ مهربانين سان نوازيو (18). سلطان محمود خان وٽ حق برديءَ جي اچڻ ۽ هن لقب ملڻ جو سال مقرر ڪرڻ ذرا مشڪل آهي، ڇو ته مير معصوم واقعاتي تسلسل ۽ تاريخن جي درستگيءَ ۾ لاپرواهه ڏسجي ٿو. هن ڏس ۾ ”تاريخ معصومي“ سن 970هه/1563ع لکي ٿي (19). جڏهن ته ”عالم آر اي عباسي“ سال 971هه/1563ع ڏنو آهي. مير ابوالمڪارم جي واپسي ”احسن التواريخ“ پڻ هن سال ۾ ڄاڻائي ٿي. جيئن اچي ٿو ته: سن نو سو ايڪهتر ۾ شاهه عالم پناهه جي درٻار ۾ قاصد ۽ سوکڙيون موڪليائين. سلطان محمود خان بکر جي حاڪم ابوالمڪارم هٿان تحفن جا ڪئين قسم موڪليا..... شاهه دين پناهه. قاصدن (سفيرن) کي قيمتي خلعتون بخشي واپس موڪليو(20).
بهر حال سلطان محمود خان لقب ”خانخاني“ سان مشهور نه ٿيو (21)، ۽ اهڙو اشارو به ايراني تاريخن ۾ نه ٿو ملي. حقيقت ۾ هي لقب ايراني نه هو. بلڪ خاص گورگاني (مغليه) درٻار جو هو. هن ڏس ۾ مير معصوم غلطي ڪئي آهي. اهو سلطان محمود خان ئي هو، جنهن گهريو ٿي ته بيرم خان جي وفات بعد، گورگاني درٻار جو هي اعلى ترين لقب کيس ڏنو وڃي. سندس خيال هو ته ان لقب ملڻ سان، هو پاڻ کي پنهنجي داخلي دشمنن، مرزا عيسى ترخان ۽ پوءِ سندس پٽ مرزا محمد باقيءَ کان محفوظ رهندو. ان ريت ان منظوريءَ لاءِ مير ابوالمڪارم (22)، کي صفوي درٻار ۾ موڪلي ڏنائين. ايراني بادشاهه وٽان سفير حق برديءَ جي منزل اڪبري دربار ڏي هئي. هو چند ڏينهن بکر ۾ رهي پوءِ اڪبري درٻار ڏي روانو ٿيو ڏسجي ٿو.
اسان کي خبر آهي ته شاهه طهماسپ ۽ اڪبر بادشاهه ۾، قنڌار جي معاملي ڪري رنجش موجود هئي. ان هوندي به ٻنهي بادشاهن ۾ چڱا تعلقات هئا. هي اندازو شاهه طهماسپ کي موڪليل جواب مان ٿئي ٿو، جيڪو ابوالفضل ”اڪبر نامه“ ۾ محفوظ ڪيو آهي. هو لکي ٿو: سن 972هه/1564ع ۾ شاهه طهماسپ جو ايلچي يڪجهتيءَ جي گلدستي ۽ هن درٻار جي تحفن سان گڏ پهتو. سلطان محمود خان بکري ٻانهپ جو اظهار ڪيو ۽ سندس خواهش هئي ته هو خانلرخاني يعني ”خانخاني“ جو لقب هن درگاهه مان حاصل ڪري. اڳ ۾ منصب، روڪڙ ۽ سفارش تي ملندا هئا پر جڏهن اڪبر مسند تي ويٺو ته هن اهي لقب اهليت جي بنياد تي ڏيڻ شروع ڪيا ۽ سفارش کي رد ڪيو ويو. ان صورتحال ۾ جڏهن هي لقب منعم خان کي مليل هو، انهيءَ ڪري عذر ڪيو ويو ۽ ايلچيءَ کي واپس موڪليو ويو. (23). هن عبارت مان اڪبر ۽ طهماسپ جي لاڳاپن جي صورتحال سامهون اچي ٿي.
منهنجي تحقيق موجب حق بردي هي پيغام آندو ۽ ابوالمڪارم سان گڏ بکر پهچي پوءِ اتان اڪبري درٻار ڏي ويو. هن سفارت کي مير معصوم صحيح طرح نه سمجهيو، ان ڪري شاهه طهماسپ جي سفارش جي حوالي سان گفتگو ڪندي، هن لقب ڏيڻ کي مذڪورهه بادشاهه ڏي منسوب ڪيائين.
شاهه طهماسپ کي اڪبر جي پهتل جواب مان ظاهر ٿئي ٿو ته سلطان محمود کي اڪبر ”اعتبار خان“ جو لقب ڏنو هو ۽ مستقبل ۾ پڻ وڌيڪ نوازشن جو واعدو ڪيو (24). هن حوالي کان سواءِ اهڙو ٻيو ڪو به ماخذ هن لقب جو ذڪر نه ٿو ڪري، تاريخ مير معصوم، اڪبر نامه ابوالفضل ۽ پوين ڪتابن مان تذڪرة الامرا ڪيولرام، سڀئي هن متعلق خاموش آهن. پويون ڪتاب خاص انهن اميرن بابت آهي، جن کي بادشاهن وٽان لقب مليل هئا. ان ۾ به سلطان محمود خان کي ”اعتبار خان“ جي لقب سان ياد نه ڪيو ويو آهي. چئي نه ٿو سگهجي ته بادساهه اڪبر جي خط ۾ ڇو ۽ ڇا لاءِ اهڙو اشارو ٿيل آهي؟
ميرزا عيسيٰ ترخان سن 973هه/1565ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس ظالم ترين پٽ مرزا محمد باقي مسند نشين ٿيو (25)، جنهن کي سلطان محمود سان دشمني پنهنجي پيءَ کان ورثي ۾ ملي ۽ هن به ان کي برقرار رکيو.
سلطان محمود خان ۽ شاهه طهماسپ ۾، سن 973هه/1565ع کان پوءِ تاريخن ۾ سفيرن جي اچ وڃ جو احوال ڪو نه ٿو ملي. پر ان زماني جي واقعن مان اهڙا اشارا ملن ٿا، ته سلطان محمود جو ايران سان خاص تعلق آخر تائين برقرار رهيو. مرزا باقي سن 974هه/1566ع ۾ اڪبر بادشاهه کي هڪ درخواست موڪلي ۽ شڪايت ڪئي ته سلطان محمود، سندس حدن ۾ قنڌار جي قزلباشن جي لشڪر سان، دخل اندازي ڪري ٿو، جنهن لاءِ کيس تنبيهه ڪئي وڃي (26). هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سلطان محمود، جو شاهه طهماسپ جي ڀائٽي قنڌار جي والي سلطان حسين ميرزا (984هه/1576ع) ولد بهرام ميرزا سان ويجهو واسطو هو.
پرآشوب ۽ پر خطر زندگيءَ جا اسي سال پورا ڪرڻ بعد، هاڻي سلطان محمود خان ڪمزور ۽ ٿڪل هو. پيري مٿس حاوي ٿي چڪي هئي، کيس پٽاڻو اولاد نه هو، جو کانئس پوءِ حڪومت جي واڳ سنڀالي. هڪ نياڻي ”بکري بيگم“ نالي هيس، جا سال 980هه/1572ع ۾ اڪبر کي نڪاح ۾ ڏنائين (27)، ۽ گهريائين ته باقي حياتي آرام ۽ سڪون سان گذاري. ليڪن موت کيس ٻن سالن کان وڌيڪ مهلت نه ڏني ۽ 8 صفر 982هه/30 مئي 1574ع تي جلندر جي مرض وگهي چوراسي سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو (28). ٻه سال پوءِ 984هه/1576ع ۾ سندس مربي ۽ محسن شاهه طهماسپ به مري ويو. اهڙيءَ ريت خير سان هنن ٻن شخصن جا لاڳاپا به پورا ٿيا.
سلطان محمود جي تعريف ڪندي مير معصوم لکي ٿو ته: گهڻين صفتن جو مالڪ هو، بهادر ۽ سخي هو، سندس همت مشهور آهي ۽ سندس طبيعت ۾ ڏاڍي تکائي هئي. جڏهن ڪاوڙبو هو ته آپي مان نڪري ويندو هو، خونريزيءَ کان به ٽارو نه ڪندو هو، بلڪ ٿوري وهم ۽ بدگمانيءَ تي ماڻهن جو گهرٻار برباد ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي شخص جي تاريخ وفات به ”در بهشت آسود“ مان لڌائين (29).

982هه

___________
حوالا ۽ حاشيا:

(1) همايون اِن پرشيا، ص 1_49، ڪلڪته، 1948ع.
(2) ڏسو 920هه جو ڪتبو، جيڪو مير فاضل ڪوڪلتاش، بابا حسن ابدال (بابا ولي) قنڌاريءَ جي مزار تي نصب ڪيو (مجله، آريانا، ڪابل، ش 10، سال 6) ۽ تحفة الڪرام (حصه اول، ص 95_192)، راقم الحروف جو مرتب ڪيل (1971ع). پڻ ڏسو مولانا صبحي جي حڪايت، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته، مير فاضل ’ڪزيو‘ زمين داور جو جڏهن صوبيدار هو، ان وقت ايترا ته ظلم ڪيائين جو ماڻهو دانهون ڪرڻ لڳا (بدايع وقايع واصفي، ماسڪو، ص 57_1156، ۽ تحفة الڪرام، ص 495).
(3) شاهه بيگ جي دور ۾ سلطان محمود بکر جو عملدار هو (مير معصوم ص 122). شاهه حسن جي وقت ۾ محمود جي حدن ۾ بکر، سبي ۽ شال (ڪوئيٽه) شامل هئا (طاهري، ص 72) محمود نالي سان بکر جي نسبت ان ڪري ٿي جو سندس سمورو دور هتي گذريو. تاريخ ظاهري لکيو آهي ته، شاهه حسن ملتان جي فتح (933هه) کان پوءِ ملڪ جو هي حصو پوري طرح سندس عملداريءَ ۾ ڏئي ڇڏيو: بکر پهتو. محمود خان بن فاضل ڪوڪلتاش کي اتي جو (بکر) قائم مقام ڪري، سيوهڻ جي سرحد کان ملتان ۽ سبي ۽ گنجا واهه تائين جون مهمون کيس سپرد ڪيائين (ص 72).
(4) خوارسڪان (فرهنگ جغرافياي ايران، جلد 10، ص 216_80). (گنجينه تاريخي اصفهان، ص 303). اصفهان ۽ يزد جي رستي تي واقع آهي. خراسگان به لکيو ويو آهي (فرهنگ آباد هاي ايران، ص 170). جَي (فرهنگ جغرافياي ايران، جلد 10، ص 216_60، فرهنگ آباد هاي ايران، بخش اول، ص 126). جَي، اصفهان سان لاڳو هڪ ديهه جو نالو آهي. شعر ۾ هن ريت آيو آهي:

چهار شهر عراقش هميشه باد مقام
به چار فصل که نبود زوالش اندر پي
ربيع در قم و هنگام صيف همدان
خريف در جَي فرخندهه و شتا در ري

قابوس نامه جي تي ختم ڪيو ويو آهي:

نوشت دفتر قابوس نامه بخطي
چو آفتاب هويدا و در نظر چو جدي
بروز بيست و هفتم ز ماهه زيقعدهه
سال شش صد و هفتاد وسه بخطئه جَي

ان ريت ”ڪليله ودمنه“ جو قديم نسخو (673هه) جَي ۾ ڪتابت ٿيو:

بسال ششصد و هفتاد و سه بخطئه جي
که شد تهي زبد انديشي و جفا کيشي

(از سعدي تاجامي، ص 45_144)

جي جو قصبو راقم الحروف مارچ 1974ع ۾ ڏٺو ۽ ان تي هڪ مقالو به لکيو (هلال پاڪستان، ڪراچي)، اصل ۾ هي عبارت غلط لکي وئي آهي ۽ ڪتابت جي غلطي آهي. ساڳي غلطي ”منتخب التواريخ“ اٽڪي کان به ٿي آهي: اصل ايشان از ملوک جرهه من اعمال اصفهانست (قلمي). جره جي جاءِ تي جي هجڻ کپي. تاريخ سنڌ، مير معصوم ۾ عبارت هن طرح غلط ٿي وئي آهي: موضع خراسان واصل ايشان از ملوک چين من اعمال دارالسطنت اصفهان (ص 218). جڏهن ته ٿيڻ ائين کپي: موضع خراسکان واصل ايشان ازملوک جي من اعمال دارالسطنت اصفهان.

(5) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 218.
(6) عراق ۽ عجم تي تيمور جو هي ٻيو حملو هو (798هه_1387ع)، جنهن ۾ اصفهان جي سڀني باشندن کي نشانو بنايو ويو (هسٽري آف دي ارغونس ائنڊ ترخانس آف سنڌ، ص 251، 1972ع، ايم. ايڇ. صديقي، بحوالئه: توزڪ تيموري، ظفر نامه، روضته الصفا، حبيب السير).
(7) سلطان محمود جو سلسلو هن ريت آهي:
تفصيل لاءِ ڏسو تاريخ معصوم، تحفته الڪرام، راقم الحروف جو ڇاپو (ص 200). اهي چند ماڻهو هئا، جن تي هي سلسلو پورو ٿيو. سکر يا بکر ۾ ڪنهن جي قبر يا مدفن گاهه جو پتو نه ٿو پوي. ڪنهن دور ۾ مير معصوم شاهه جي مناري جي سامهون، جتي ڊاڪٽر مس الفريڊ جو مڪان هو ۽ اولهه طرف فوجي عمارتون هيون، ڪاشيءَ سان سينگاريل هڪ خوبصورت قبر موجود هئي. ان کي سلطان محمود جي قبر سڏيو ويندو هو پر هاڻي نوان مڪان ٺهڻ سبب اها به گم ٿي وئي آهي.
(8) همايون ۽ شاهه حسن ارغون ۾ جون جي ويجهو خونريز جنگ ٿي، جنهن ۾ سلطان محمود جي هٿان همايون جا اڪثر نامور امير مارجي ويا. مير معصوم جي لکت موجب: از حدوث اين امر خاطر پادشاهه بغايت محزون گرديد..... لاجرم دل از سند سرد ساخته راهه توجهه بجانب قندهار مصمم ساختند (ص 179). تاريخ طاهري، محمود جي ان ماراماريءَ تي سندس لاءِ لکيو آهي ته: محمود نامسعود، اوباش، بدمعاش کوکلتاش (ص 74).
(9) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 189.
(10) ڏسو ”مرات الممالک“ سدي علي رئيس (1313 جو ڇاپو). سنڌ واري حصي کي راقم ترجمي ۽ حاشين سان رسالي ”مهراڻ“ نمبر1، سال 1971ع ۾ شايع ڪيو آهي. سدي علي رئيس سنڌ ۾ 20 ربيع الاول کان ڪري اڌ شعبان 962هه تائين رهيو (پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن).
(11) خان جي لقب لاءِ ڏسو؛ انسائڪلوپيڊيا آف اسلام، جلد 2، ص 898_897. صفوين جي دور ۾ ننڍي صوبي جي حاڪم کي سلطان چوندا هئا. سلطان، خان جو زيردست هوندو هو، جو ان کان وڏي صوبي جو والي هوندو هو (بارتول). تيموري ترڪن وٽ خان جو لقب سلطان کان وڌيڪ اهم هوندو هو ۽ وڏن وڏن اميرن کي ڏنو ويندو هو. لقب خان ازبڪن وٽ بادشاهه جو متبادل خيال ڪيو ويندو هو. ان ريت صفوي بادشاهه ”خاني“ جو لقب فقط اهم ترين اميرن کي ڏيندا هئا يا ولايت جي حڪمران يا والي جي لاءِ مخصوص هوندو هو. (دائرة المعارف، غلام حسين، جلد 1، ص 879). وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”لغت نامه دهخدا“ (س اکر، ص 152).
(12) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 223، متن ۾ لفظ ”اقوا“ ڪتابت جي غلطي آهي. اصل ۾ هي اکر قور آهي، جنهن جي ترڪيءَ ۾ معنى آهي: جبه ۽ سلاح.
(13) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 223.
(14) مير معصوم لکيو آهي ته: سال 966هه ۾ هي خبر پهتي ته بيرم خان مڪي وڃڻ لاءِ سنڌ مان گذرڻ وارو آهي. سلطان محمود خان ٻٻرلو جي چهار باغ کي ويران ڪرائي ڇڏيو. کيس خيال آيو ته هي خطو همايون کي گهڻو پسند هو ۽ هو هتي گهڻو وقت ٽڪي پيو هو...... ممڪن آهي ته بيرم خان به هتي ٽِڪي پوي. ولي بيگ سان محمود خان جي رشتيداري هئي، ان ڪري واقعي بيرم خان جو ارادو هن رستي سان اچڻ جو هو. پر جڏهن برباديءَ جي خبر ٻڌائين تڏهن پٽن گجرات جو رستو اختيار ڪيائين. (ص 224). مير معصوم حسب دستور سال غلط لکيو آهي. 966هه بجاءِ هي واقعو 968هه ۾ ٿيو، جڏهن هو اڪبر کان ڏکوئجي مڪي معظم وڃي رهيو هو، تڏهن گجرات ۾ مارجي ويو (مقالات الشعرا، ص 99، راقم الحروف جو ڇپرايل).
(15) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 225.
(16) ساڳيو حوالو.
(17) عالم آرائي عباسي، جلد 1، ص 116، طبع ايران.
(18) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 225.
(19) ساڳيو حوالو.
(20) احسن التواريخ (ڇاپ بڙودهه، ص 422، 1931ع).
(21) بيورج جو قول آهي ته: خان خانان، جو لقب بابر جي دور کان هند ۾ رائج ٿيو. پهريون شخص جو ”خان خانان“ جي لقب سان سرفراز ٿيو، اهو دولت خان پٽ دولت خان (؟) هو. هي لقب هندي مغلن لاءِ مختص هو ۽ سندن ايجاد ڪيل هو (انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام، جلد 2، ص 898). ”لغت نامه دهخدا“ ۾ ”انندراج“ ۽ ٻين ڪتابن جي حوالي سان آيو آهي ته: چين جي بادشاهه وٽ به خان لقب هو. نظاميءَ جو شعر آهي:

خان خانان روانه گشت ز چين
تا شود خانه گير شاهه زمين

هر ترڪي قبيلي جو جدا جدا سردار هوندو هو ۽ وري انهن سڀني سردارن جو هڪ وڏو سردار هوندو هو، جنهن جي تابع اهي هوندا هئا. هن سردارن جي سردار کي ”خان خانان“ چوندا هئا (رودڪي، سعيد نفيسي). مقدم ۽ اميرن کي ”گورخان“ چون ٿا. يعني خان خانان (جهان ڪشائي جويني). ذڪر ڪيل دولت خان کي دلاور نالي ڪو به پٽ نه هو ۽ نه وري منهنجي ڄاڻ موجب، هن نالي واري ڪنهن شخص کي ”خان خانان“ جي لقب سان نوازيو ويو هو.
(22) مير ابوالمڪارم ولد مير غياث الدين محمد سبزواري، ميرزا شاهه حسن ۽ پوءِ سلطان محمود جي اميرن ۾ شامل هو. محمود خان کيس شاهه طهماسپ بادشاهه جي خدمت ۾ سفير ڪري موڪليو هو. بادشاهه کيس ”سلطان“ جي لقب سان نوازيو هو. گهڻو خوش طبع ۽ علمي ڪمالات سان سينگاريل هو. شعر به چوندو هو (مير معصوم، ص 239). مقالات الشعرا، مان ظاهر ٿئي ٿو ته ابوالمڪارم ”سلطان“ جو لقب محمود خان لاءِ کڻي آيو هو: برسم رسالت......... فرستاد، تا از برائي وي بانواع نوازش و خطاب سلطان مراجعت کرد (ص 17). ان ريت متضاد بيان ملن ٿا. ليڪن درست هي آهي ته پاڻ سلطان جو لقب محمود خان لاءِ آندائين (ڏسو ٻيا ڪتاب: ماثر رحيمي، 2، ص 337_489، تحفة الڪرام، قديم ڇاپو، 3، ص 28_127، عالم آرائي عباسي ۽ احسن التواريخ روملو). جتي ابوالمڪارم جو ذڪر آيو آهي، اتي لقب ”سلطان“ جو اشارو به ڪونهي. هن لقب جي تنزل لاءِ ڏسو: دائرة المعارف، غلام حسين (1، 22_1323، ڇاپو 1345).
(23) اڪبر نامہ: 2، 237، تحفة الڪرام، ص 197، راقم الحروف جو ڇاپو.
(24) رياض الاسلام: انڊو پرشين رليشنس، ص 49_50، بنياد فرهنگ ايران، 1970ع. عالم آرائي عباسي، جي ورق 178 تي خط جو متن لکيل آهي. عالم آرائي عباسي، جو هي نسخو برٽش ميوزم ۾ Add 7654 موجود آهي. خط جو پورو متن مون پهريون ڀيرو ”تحفة الڪرام“ ۾ ڇاپي ڇڏيو آهي. (ص 495).
(25) تاريخ سنڌ، مير معصوم، تاريخ طاهري، حاشيا مڪلي نامہ، تحفة الڪرام.
(26) اڪبر نامہ، 2، 79_278، ڪلڪتو؛ بدايوني، 2، ص 91، ڪلڪتو، 1931ع. عبارت هي آهي: درين ولا سلطان محمود والي بهکر بمعاونت قزلباش کہ در قندهار ميباشند، اطراف ولايت بندهه را مزاحمت مير ساند (پڻ ڏسو: تحفة الڪرام، ص 495).
(27) 15 رجب 980هه تي بکر مان رواني ڪيائين (تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 230).
(28) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 235، بدايوني 2، ص 76_135.
(29) تاريخ سنڌ، مير معصوم، ص 237.

------

* ترجمو: غلام محمد لاکو

سنڌ جا تاريخي ۽ سياسي خط

[سنڌ جي مايه ناز عالم سيد حسام الدين راشدي مرحوم، هي پيپر اردو زبان ۾ پاڪستان هسٽري ائنڊ ڪلچر ڪانگريس، منعقده اسلام آباد يونيورسٽي سال 1973ع جي هڪ بيٺڪ ۾ پڙهيو هو. ان ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جو پهريون جلد، ساڳي يونيورسٽي سال 1975ع ۾ شايع ڪيو، جنهن کي ڊاڪٽر احمد حسن داني ايڊٽ ڪيو هو. هن مقالي جو سنڌي ترجمو ٽه ماهي مهراڻ، 1/1987ع ۾ شايع ٿيو آهي]

تاريخ جي سلسلي ۾ خط، دستاويز، درخواستون ۽ فرمان، اهميت جي لحاظ کان عالمن کان ڳجها نه آهن. اسان جي تاريخن ۾ واقعن کي گهڻي حد تائين وقتي ضرورتن تحت خاص خيال کان لکيو ويو آهي، جنهن ڪري واقعن ۽ حالتن جو اصل رخ پڙهندڙن جي اڳيان چٽو نه ٿو ٿئي ۽ حادثن جي اصلي سببن جو صحيح علم نه ٿو پوي.
تاريخ جا هي نقص تڏهن ختم ٿي سگهن ٿا، جڏهن اسين ان جي ترتيب ۽ تياريءَ لاءِ خطن کي به پنهنجي آڏو رکون ۽ انهن کي تاريخ جو ماخذ سمجهي فائدو وٺون. اسان خطن کي ”انشا“ جو درجو ڏئي درس ۾ ته داخل ڪري ڇڏيو، پر انهن ذريعي تاريخي فائدو حاصل ڪرڻ کان پاسو پي ڪيو آهي. هن ننڍي کنڊ جي خطن يا ”انشا“ جا جيڪي به ڪتاب تيار ڪيا ويا آهن، انهن متعلق منهنجي نظر مان ٻه تفصيلي مضمون نڪتا آهن.

1. ”انڊو ايرانيڪا“ ۾ ڊاڪٽر مؤمن محي الدين جو مضمون چند اشاعتن ۾ ڇپيو آهي.
2. ”هنر و مردم“ تهران ۾ ”دبيري و نويسندگي“ جي عنوان سان آقاي دانش پزوهه جو چوڏهن قسطن ۾ مقالو، جنهن ۾ ”انشا“ جي ٽي سؤ ڇاهٺ ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هي مقالو تيار ٿيل انهن سمورن فارسي خطن متعلق آهي، جيڪي ترڪيءَ کان ڪري هندوستان تائين ترتيب هيٺ آيا آهن.

جيڪي ڪتاب فهرستن ۾ داخل نه آهن ۽ اڃا تائين ذاتي ڪتبخانن ۾ موجود آهن، ظاهر آهي ته آقاي دانش پزوهه جي مقالي ۾ انهن جو ذڪر ڪونهي. مثال طور سنڌ ۾ خطن جا جيڪي ڪتاب ملن ٿا، اهي اڃا تائين اهل علم جي نظرن کان پري آهن، حالانڪه اهي مجموعا تاريخي مواد جي لحاظ کان ايران، افغانستان، سنڌ، ملتان، دهلي ۽ پنجاب تائين جي تاريخي واقعن ۽ حالتن جو گهيرو ڪيو بيٺا آهن ۽ ڪيترن ئي اهم واقعن ۽ حادثن جو پس منظر ۽ تفصيل انهن ۾ موجود آهي.
خوش قسمتيءَ سان سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي تاريخ جا اهم ماخذ ته ڇاپي ڇڏيا آهن، پر خطن جي ذخيري کي اڃا ڇهيو به نه آهي. خود تاريخ بابت به ڪتاب اڃا قلمي حالت ۾ ايتري ته گهڻائيءَ ۾ آهن، جو جيڪڏهن رقم هجي ۽ ڪم ڪندڙ ملي وڃن ته سالن جا سال هي ڪم ختم نه ٿو ٿي سگهي. ان صورتحال ۾ هي ڳالهه امڪان کان خارج آهي ته، خطن جي انهن ڪتابن کي سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي سگهندو. سنڌي انشا نويسن جي مرتب ٿيل ڪجهه مجموعن کي دنيا ڄاڻي ٿي، ڇو ته مختلف ڪتبخانن جي فهرستن ۾ انهن جو ذڪر اچي چڪو آهي. مثال طور:

1. منشات نمڪين........ از ابوالقاسم نمڪين بکري.
2. رقائم ڪرائم..... از محمد اشرف پٽ امير عبدالڪريم امير خاني سنڌي.
3. آداب عالمگيري...... از شيخ ابوالفتح قابل خان ٺٽوي

هنن ٽن ڪتابن کان سواءِ سنڌ ۾ مرتب ٿيل خطن جا جيترا به مجموعا آهن. اهي سڀ جا سڀ تاريخ دانن جي نظر ۾ نه آيا، جيئن ته هن ڪانفرنس کي ارڙهين صدي عيسوي تائين محدود رکيو ويو آهي، ان ڪري آءٌ صرف انهن تاريخي خطن جي جلدن جو ذڪر ڪندس، جيڪي هن دائري ۾ اچن ٿا. في الحال آءٌ انهن خطن، رپورٽن، دستاويزن ۽ شاهي فرمانن کي ڇڏي ڏيندس. جيڪي ”انشاءِ ماهرو“ کان ڪري عالمگير جي آخري دور تائين ترتيب هيٺ آيا آهن. خطن جي هنن ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ هي حقيقت آڏو رکڻ گهرجي ته، انهن جو واسطو جنهن صديءَ سان آهي، ان صديءَ ۾ اسان جي ۽ اسان جي پاڙيسرين جي سياسي صورتحال ڪهڙي هئي؟ عالمگير جي موت کان پوءِ هندوستان ۾ مغل سلطنت جو زوال، متعدد شهزادن جو تخت تي ويهڻ ۽ ٿوري وقت ۾ ئي ڦاسي يا تلوار جي نوڪ تائين پهچڻ، سنڌ جو 1151هه ۾ مغلن جي قبضي مان آزاد ٿيڻ، عالمگير جي وفات کان ڪري سنڌ مان مغلن جي بستري ويڙهڻ تائين، يعني 1118هه کان 1151هه تائين ڪل ٽيٽيهن ورهين جي ٿوري وقت ۾، سترهن صوبيدارن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ پوءِ هڪ ٻئي پٺيان خوار خراب ٿي ناڪام واپس موٽڻ سنڌ جي پنهنجي هڪ خاندان ”ڪلهوڙن“ کي سنڌ حوالي ڪري وري پنهنجي قبضي ۾ رکڻ، هوڏي ايران ۾ صفوي گهراڻي جو زوال، افعانستان ۾ مير ويس ۽ محمود خان جو اڀرڻ، خراسان ۽ اصفهان جو انهن جي هٿان برباد ٿيڻ، لٽ مار جو مال ۽ قيمتي سامان سنڌ جي ڪلهوڙا بادشاهن ۽ اميرن وٽ آڻي وڪڻڻ، هن زوال جي نتيجي ۾ نادر شاهه افشار جو ظاهر ٿيڻ، ايران تي قبضو، دهليءَ تي نادر شاهه جي لشڪر ڪشي ۽ سنڌ کي ڏن ڀرو بنائڻ، سنڌ مان هيرا، جواهر، خزانو ۽ شاهي ڪتب خانو پاڻ سان ايران کڻي وڃڻ، سنڌ جي حڪومت کي هميشہ گهرو ويڙهه ۾ رکڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ بهاول خان کي سنڌ جو هڪ ٽڪرو ڏئي الڳ رياست ٺهرائڻ، نادر جي قتل کان پوءِ احمد شاهه ابداليءَ جو افغانستان ۾ هڪ الڳ ۽ مستقل حڪومت قائم ڪرڻ، سندس پنجاب ۽ هندوستان تي لاڳيتا ۽ تباهه ڪن حملا، سنڌ جي ڌرتيءَ تي افغانن جو قبضو، ڍل جي نالي ۾ خزاني کان سواءِ هيرا ۽ جواهر وري وري اچي لٽڻ، شڪارپور کي مستقل طرح افغانستان جي قبضي ۾ ڏيڻ، سنڌ جي اصلي عوام کي اقليت ۾ آڻڻ لاءِ افعان قبيلن کي ڌڙا ڌڙ شڪارپور ۾ ان جي آسپاس آڻي وسائڻ، مدد خان افغان جو سنڌ ۾ پهچي هر شهر، هر بستي، هر ڳوٺ ۽ هر واهڻ کي برباد ڪري سڀ ڪجهه لٽي کڻي وڃڻ، بهاولپورين جي هشيءَ تي ڪلهوڙا خاندان اندر گهرو ويڙهه، ٽالپور خاندان جيڪو اصل ۾ ڪلهوڙن سان لاڳاپيل ۽ درٻاري اميرن جو گهراڻو هو، انهن جو ڪلهوڙن سان اختلاف ۽ جهيڙو، جنهن جو نتيجو هنن ٻنهي گهراڻن جي وچ ۾ خونريزيءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. آخر ۾ ٽالپور خاندان جو ڪلهوڙن کي ختم ڪري پاڻ تخت ۽ تاج تي ويهڻ، ان بعد ٽالپور گهراڻي ۾ جهيڙو، جنهن سبب سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٽن حصن تي پنهنجي الڳ الڳ حڪومت قائم ڪرڻ، ڪلهوڙا خاندان جي آخري دور ۾ انگريزن جو ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ، ٽالپوري عهد جي شروع ۾ افغانستان تائين پهچڻ لاءِ دريائي ۽ زميني رستا حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ پنهنجو اثر پيدا ڪرڻ ۽ آخرڪار پوري سنڌ تي قبضو ڪرڻ.
سياسي صورتحال جو هي سرسري خاڪو آهي، جيڪا ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ موجود هئي ۽ سنڌ ۾ جيڪي واقعا ظاهر ٿيا، ان جي لپيٽ ۾ ايران، افعانستان، هندستان، ملتان ۽ مرڪزي ايشيا جا به سڀ علائقا اچي وڃن ٿا. هن صديءَ جي تاريخ ايسين اڌوري ۽ نامڪمل رهندي، جيسين، خطن جا هي ڪتاب ”انشا“ مان خارج ڪري، تاريخي ماخذ جي حيثيت ۾ استعمال نه ڪيا ويندا.
خطن جي جن ڪتابن جو ذڪر آءٌ ڪري رهيو آهيان، انهن ۾ اهو سمورو مواد موجود آهي، جيڪو هن صديءَ جي سڀني واقعن جي اصل سببن ۽ اندروني معاملن بابت حيرت انگيز حد تائين روشني وجهي ٿو.

1. گلدستہ نورس بهار:
هي شيخ عبدالرؤف سيوهاڻي (و_1140هه) جا لکيل سرڪاري خط آهن ۽ عالمگير جي حڪومت جي آخري سالن کان ڪري 1140هه تائين جي سياسي واقعن ۽ حالتن تي روشني وجهن ٿا. هي صاحب ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جو منشي هو ۽ شيخ موصوف جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شيخ محمد وفا سيوهاڻي، انهن خطن کي ”گلدستہ نورس بهار“ جي نالي سان گڏ ڪيو. هي مجموعو ٽن لطيفن تي مبني آهي.

لطيفو پهريون: بادشاهه، اميرن ۽ راجائن جي خدمت ۾ عريضيون،
لطيفو ٻيون: جاگيردارن، سيدن، عالمن ۽ معزز ماڻهن ڏي خط،
لطيفو ٽيون: وڪيلن ڏانهن خط.

پهرئين حصي ۾ اڻهٺ خط آهن، جنهن ۾ عالمگير جي وفات کان ڪري ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جي شروعاتي دور تائين جيڪا سرڪاري لکپڙهه ٿي اها شامل آهي. عالمگير جي وفات تي سنڌ ۾ جيڪو رد عمل ٿيو، ان جي ذڪر کان سواءِ، ڪجهه شهزادن جي تخت سنڀالڻ جون خبرون، ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکر ۾ صوبيدارن جي مقرري ۽ معزوليءَ جا واقعا، ميرويس غلزئيءَ جي افغانستان تي قبضي، قنڌار، قلات، بلوچستان، ملتان ۽ هندوستان ۾ پيدا ٿيل حالتن ۽ انهن واقعن جي حوالي سان شخصيتن جي سڃاڻپ ۽ ملتان، سيوهڻ، بکر، بلوچستان ۽ ٺٽي جي صوبيدارن جا نالا ۽ انهيءَ دور ۾ ٿيل جنگين جو ذڪر هنن خطن ۾ ملي ٿو.
ٻئي لطيفي ۾ ٻه سؤ خط آهن، جن ذريعي هندوستان جي وزيراعظم، سپهه سالارن، صوبيدارن ۽ ٻين واسطيدارن اميرن کي واقف ۽ حالتن کان باخبر ڪيو ويو آهي. هنن خطن ۾ ڪيئي ڄاتل سڃاتل ۽ اڻ واقف مگر اهم ماڻهن جي نالن ۽ ڪارنامن جو ذڪر ملي ٿو.
ٽئين لطيفي ۾ درٻاري وڪيلن جي نالي خط آهن. انهن خطن ۾ ان وقت جي مکيه تاريخي واقعن جي لڪل ڪڙين تي روشني پوي ٿي. ان کان سواءِ مکيه ڪردارن ۽ ماڻهن جي ڄاڻ به ملي ٿي، جن جي نالن ۽ ڪارنامن کان تاريخ جا پنا بلڪل خالي آهن. هي حصو اٺاويهن خطن تي مدار رکي ٿو.
هن ڪتاب جا ٻه نسخا منهنجي ڪتبخاني ۾ موجود آهن، جن کي آڏو رکي مون هن ڪتاب جو متن تيار ڪيو آهي، ۽ انتظار آهي ته تاريخي حاشين ۽ چٽاين سان ان کي ڇاپيو وڃي.

2. خلاصة المڪتوبات:
هي خط سنڌ جي ٻن وڏن منشين ميان هارون ۽ منشي عبدالرؤف جا لکيل آهن. هي جلد حقيقت ۾ انهن خطن جي چونڊ آهي، جن کي انشا نويسيءَ جي خيال کان تيار ڪيو ويو آهي، ليڪن هر خط ڪنهن نه ڪنهن تاريخي حيثيت ۾ اهم آهي.
خط گهڻو ڪري جيوند ابڙي، تخت مل مهتي، نواب بختيار خان ۽ مير عبدالله بروهيءَ جا آهن. هن جلد مان سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، اميرن ۽ ان دور جي مشاهيرن جا نالا معلوم ٿين ٿا، جن مان ڪيئي نالا اسان جي لاءِ بلڪل نوان آهن. محمود خان، جنهن کي هنن خطن ۾ ”نامحمود قنڌار“ لکيو ويو آهي، ان سان جنگ ڪرڻ بابت به هڪ خط هن مجموعي ۾ شامل آهي. هڪ خط 1139هه جو لکيل آهي، جنهن ذريعي اصفهان ۽ افغانستان جي جهڳڙن تي روشني پوي ٿي. هڪ خط انهيءَ هرات جي حاڪم سلطان محمود خان افغان جو رياست پناهه مير عبدالله خان آنگه جي نالي آهي. ٻيو هڪ حڪم نامو آهي، جيڪو سلطان محمود خان 1135هه ۾، امير عبدالله خان جي نالي لکيو آهي.
هن خطن جي جلد ۾ محمود خان جو هڪ عهد نامو به آهي، جيڪو نهايت اهم آهي. هن عهد نامي ۾ محمود خان افغان، اصفهان، افغانستان، سنڌ ۽ پنجاب جي باري ۾ نهايت اهم معلومات داخل آهي. هنن خطن مان اصفهان جي گهيري، هرات، مشهد وغيره ۽ پڻ افعانستان ۽ موجوده پاڪستان جي سرحدن متعلق وڏي قيمتي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.
افغانن ۽ صفوين جي وچ ۾ جيڪو جهڳڙو کڙو ٿيو ۽ جنگيون ٿيون ۽ جنهن جي نتيجي ۾ نادر شاهه افشار جو ظهور ٿيو، ان موضوع تي جيڪي ڪتبا منهنجي نظر مان نڪتا آهن، جيڪڏهن هنن خطن مان فائدو ورتو وڃي ها ته، هوند انهن جي تاريخي اهميت اڃا به وڌيڪ بنجي ها.
مون وٽ هن ڪتاب جو جيڪو نسخو آهي، ان تي هڪ مهر لڳل آهي، جنهن جا هي لفظ پڙهي سگهجن ٿا. بندهه؟ محمد 1163هه. گويا هي ان دور کي هڪ ويجهو نسخو آهي.

3. انشاءِ نورالحق مشتاقي:
هي سنڌ جي نامياري انشانويس، شاعر، عالم ۽ سرڪاري منشي ميان نوراالحق مشتاقي سيوهاڻيءَ جي لکيل سرڪاري رپورٽن (مراسلن) جو هڪ نسخو آهي، جيڪو بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي جي سياسي، مالي ۽ ٻين تاريخي واقعن جي سلسلي ۾ نهايت قيمتي ۽ مکيه ڄاڻ مهيا ڪري ٿو.

مثال طور:
محمد عطا منصبدار سرڪار سيوستان،
ٺٽي جي ڍل متعلق هڪ خط،
عبدالرحيم (؟) ٺٽي جي صوبيدار جا پنج خط،
سميجن جي وڳوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ابو المعاليءَ کي ڪيل درخواست.

4. انشاءِ عطارد:
منشي شيوڪرام عطارد، ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙي شهيد جو درٻاري شاعر ۽ منشي هو. هو مکيه امير بجار خان ٽالپور سان به لاڳاپيل هو. هن جيڪي سرڪاري خط لکيا هئا، اهي سندس وفات کان پوءِ سن 1212هه ۾، اصل راءِ اروڙا جمع ڪيا هئا. مون وٽ جيڪو نسخو آهي، اهو 1282هه جو آهي.
هي ڪتاب ”گلدستہ نورس بهار“ کان پوءِ خطن جو اهم ترين ذخيرو آهي، جنهن ۾ ارڙهين صدي عيسويءَ جي واقعن بابت ڀرپور ڄاڻ ملي ٿي. ڪل پنجاسي خط آهن. آخري خط مير بجار خان شهيد جو آهي، جنهن کي ڪلهوڙي حاڪم ميان عبدالنبيءَ شهيد ڪرايو هو ۽ جنهن جي شهادت ڪلهوڙا خاندان جي پڄاڻي ۽ ٽالپوري حڪومت جي ابتدا جو سبب بني.
مسقط جي شيخ، ايران، قلات، جوڌپور، سنڌ ۽ ملتان جي اٽڪل روءِ سڀني اميرن ۽ سلطنت جي مهندارن جا نالا، خطن جي هن ڪتاب ۾ ملن ٿا ۽ انهن ذريعي تاريخ جا ڪيئي گوشا اسان جي آڏو روشن ٿين ٿا.

5. مجموعه مڪاتيب دانشگاهه سنڌ:
هي سنڌ جي اميرن ۽ حاڪمن جي خطن جو هڪ اهم مجموعو آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملڪيت آهي. هن مجموعي ۾ سنڌ جي ملڪي معاملن ۽ سياسي حالتن متعلق قيمتي خط موجود آهن.

6. مجموعه رقعات دانشگاهه سنڌ:
هي تاريخي خط قاضي عبدالرسول ۽ منشي جان محمد سيوهاڻي (وفات:1123هه) جا لکيل آهن ۽ سنڌ جي گوناگون سياسي، انتظامي، سماجي ۽ علمي حالتن جي چٽائي ڪن ٿا. هن صديءَ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ هنن خطن جي اڀياس کان سواءِ اڌوري ۽ اڻ پوري رهندي. مغلن جي آخري دور ۾ سنڌ ۾ جيڪا لاقانونيت ۽ بدانتظامي پکڙي هئي، انهن خطن مان ان تي روشني پوي ٿي. ڪن خطن جو مطلب پيش خدمت آهي.
نواب عبدالصمد خان، نواب خان دوران، دل قوم جا ماڻهو، دل قوم جي ماڻهن جو قتلام، نور محمد ڪلهوڙو، ٺٽو، شيخ مبارڪ جو خط، سيد عبدالجليل بلگراميءَ جو مخدوم عيسى ولد مخدوم عباس هڱورجي جي نالي خط، مير يعقوب بکري، سنڌ جي امن امان جي تباهيءَ تي عبدالواسع جو خط، ٺٽي جو ميوو ۽ آب و هوا، ٺٽي جو ڪپڙو، ميان عبدالرؤف ۽ ابوالقاسم، ملان الله ڏنو بوبڪائي، مخدوم عبدالرحيم ٺٽي ۽ ڪابل جو ناظم، بکر جو قانون گو ميان عبدالواسع رسول پوري، شهزادو محمد اعظم، بکر سرڪار ۾ ڏڪار، بدحالي ۽ قرضداري، روهڙي ۽ سکر قلعي جي قضا، بکري جو وڏو خزانچي، ٽامي جو ڪارو سڪو، درٻيلي، الور ۽ ڪاڪڙي پرڳڻن جو انتظام، شيخ فيض الله، ملان نجم الدين بوبڪائي کي مدد معاش ويهه هزار دام، ارسلا خان، قلعي بکر جي خاص درٻار، روهڙي، باغ ۽ ميوو، اولاد مخدوم عثمان درٻيلوي، قاضي نصيرالدين صدر سرڪار بکر ۽ سيوهڻ، خوشحال بخشي وقائع نگار سرڪار بکر، سيوهڻ سرڪار جا قانون گو، بومئي جي ماڻهن سان انهن جي بدلوسڪي، شيخ عبدالرؤف، مادي هاٿي، ۽ سوکڙين جي باري ۾ نواب عبدالصمد خان جي نالي خدايار خان جو خط.

7. گلدستہ باغبان:
هي خطن جو نهايت اهم ڪتاب آهي. هن ۾ قدوت السالڪين مخدوم قاضي محمد رحيم، مخدوم محمد پناهه، قاضي محمد شاڪر ۽ قاضي عبدالجليل ويٺل شهر نصرپور جا لکيل خط آهن، جن کي ميان قاضي محمد حافظ (ڀاءُ قاضي محمد اڪبر) بن قاضي ميان خميسو نصرپوريءَ مرتب ڪيو آهي.
خطن جو موضوع افغانستان جي سنڌ ۾ ڦرلٽ، مدد خان جي سنڌ ۾ آمد، انگريزن جي اچڻ تي سنڌ جي رهاڪن ۽ صاحب فڪر بزرگن جي ڳڻتي، شڪارپور تي افغانن جو قبضو پنهنجن عملدارن جي مقرري ۽ خراسان، ايران ۽ افغانستان جا سياسي مسئلا ۽ معاملا آهن. هن مجموعي ۾ ڪو به ديباچو ڪونهي. ان جي شروعات هڪ خط سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ محمد رحيم خان بارڪزئيءَ جي شڪارپور بدر ٿيڻ ۽ عاليجاهه مدد خان پٽ عاليجاهه غفور خان کي شڪارپور جي حڪومت ملڻ جو حال درج آهي. هي ڪتاب 223 صفحن تي ۽ هر صفحي تي چوڏهن سٽون آهن. هي مجموعو سنڌ، افغانستان ۽ ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اثر متعلق تاريخ جو اهم ماخذ آهي.

8. انشاءِ ابري (دفتر اول):
خطن جو هي ڪتاب ٻن دفترن تي مشتمل آهي. مؤلف جو نالو ابراهيم بن حافظ نصرالله خان بن عبدالڪريم احمداڻي سيوهاڻي انصاري آهي. سندس تخلص ”ابري“ هو. هي پهريون دفتر 1204هه ۾ مڪمل ٿيو، جيڪو پنجن فصلن ۾ تقسيم ٿيل آهي.

در خطوط جانب عزيزان و خويشان.
در مکاتيب ياران دوستي نشان.

در تحرير پروانه جات و پرزه جات، هي ٻن قسمن ۾ آهي.

دراستحصال دستکات کار و دستکات طالب سرڪار.
در عرائض حصور و امراءَ عظام و خوانين عالي مقام و در عرائض دربار معلى.

9. انشاءِ ابري (دفتر دوم):
هي دفتر 1207هه ۾ مرتب ٿيو ۽ ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي.

در تحرير اخلاص نامجات شوق انگيز آتش ريز.
در نوشتن مڪتوبات آميز، و يک فرد فرمان درگاهه فلک بارگاهه که تميناً و تبرکا ثبت نمودهه شد.

ٻنهي دفترن ۾ ڪجهه ذاتي خط آهن. باقي سياسي خط آهن، جيڪي مغل، ڪلهوڙا، افغانستان ۽ ٽالپورن جي دور جي واقعن تي روشني وجهن ٿا. مون وٽ 1268هه جو نسخو آهي.

10. منهاج الشعور (ابراهيم ابري سيوهاڻي):
هن نالي سان ابري ٽيون مجموعو مرتب ڪيو آهي. هن جلد جي پهرئين حصي ۾ اعزازي عبارتون آهن، جي ان دور ۾ دوستن، اميرن، عزيزن يا سرڪاري ملازمن جي خطن جي لاءِ سنڌ ۾ رائج هيون. ٻئين حصي ۾ تاريخن دستاويز، درخواستون ۽ خط آهن. هي حصو بي حد قيمتي آهي.
ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن درميان خطن جي مٽاسٽا، ايران ۽ افعانستان ۾ لکپڙهه، سنڌ ۾ صوبيدارن جي مقريءَ جا پروانه ۽ بهاولپور جي پهرئين حاڪم بهاول خان جي سلسلي جا خط ٻئين حصي ۾ شامل آهن. هن جا ٻه نسخا مون وٽ آهن، جن مان هڪ 1216هه جو مخطوطو آهي.

11. تاريخي انشاءَ:
هي مجموعو بياض جي صورت ۾ آهي. گڏ ڪندڙ يا مرتب جو نالو معلوم ڪونهي. پهريون خط شهزادي مراد جي نالي احمد نگر جي وڳوڙ متعلق ابوالفضل جو لکيل آهي. ٻيا خط سنڌ، ملتان، دهلي، بلوچستان ۽ افغانستان جي اهم معاملن ۽ مسئلن تي آهن. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور جي باري ۾ هن مجموعي ۾ تمام مکيه واقعا آيا آهن، جن جو اڃا تائين تاريخ ۾ ذڪر نه ٿيو آهي. ڪل پنجٽيهه خط آهن.

12. انشاءِ خبرت:
هي مجموعو سلطاني مل تخلص خبرت جو ملتان ۾ ترتيب ڏنل آهي. ان جو تاريخي نالو رقعات ماني نگار 1143هه آهي. هن مجموعي جا ڪجهه خط تاريخي ۽ سماجي پس منظر ڪري اهم آهن. مون وٽ 1265هه جو قلمي نسخو آهي.

13. انشاءِ منشي محمد سعيد:
هي نسخو چند خطن تي مشتمل آهي ۽ آخر ۾ ناقص آهي. هي خط آخري مغل دور جي سنڌ جي باري ۾ اهم ڄاڻ ڏين ٿا.

14. رقعات امام الدين:
خطن جو هي جلد امام الدين هالائيءَ جو مرتب ڪيل آهي. مون وٽ جيڪو نسخو آهي، اهو مؤلف جي پنهنجن هٿ سان لکيل آهي. ان جي ڪتابت جو سال 1265هه آهي. هي خط جيتوڻيڪ تاريخي خيال کان اهميت نه ٿا رکن، پر سنڌ ۾ فارسي عبارت نگاريءَ جو هڪ سهڻو نمونو آهن.

15. انشاءَ:
هن مجموعي جي مؤلف جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو. مون وٽ ان جو جيڪو نسخو آهي، اهو دولت راءِ 10 جمادي الاول 1126هه تي پورو ڪيو. هن ۾ سنڌ ۽ هند جي معاملن جو ذڪر ملي ٿو.

16. مجموعه شاهي انساد و فرامين:
هن مجموعي ۾ ارغون، ترخان، مغل، ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جون سندون ۽ فرمان گڏ ڪيل آهن ۽ تاريخي اهميت رکن ٿا. ٺٽي جي مغل گورنرن جي تاريخن طئه ڪرڻ ۾، هن جلد مان وڏي مدد ملي ٿي. ان کان سواءِ هن مان سلطنت جي اميرن، قاضين، ساداتن، عالمن، شاعرن ۽ سندن وارثن ۽ پونئيرن جي وظيفي جي باري ۾ به سٺي ڄاڻ ملي ٿي، جنهن ڪري عالمن ۽ قديم خاندانن جي حالتن، عهدن ۽ سلسلن جو به پتو پوي ٿو. هي سندون سڀ جون سڀ ٺٽي جي رهاڪن ۽ ٺٽي جي اميرن جي نالي جون آهن. هي نسخو مون قاضي علي محمد ٺٽوي مرحوم جي نسخي تان نقل ڪرايو آهي.

17. مجموعه اسناد و فرامين:
هي مجموعو تر خان، مغل، ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جي اصلي حڪمن، فرمانن ۽ سندن تي مشتمل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ذخيري ۾ موجود آهي. فرمان ٽن حصن ۾ گڏ ڪيا ويا آهن،

پنج فرمان: عيسى خان اول، باقي بيگ تر خان، جاني بيگ تر خان ۽ غازي بيگ تر خان جا آهن.
ٽي فرمان: شاهجهان ۽ عالمگير جا آهن.

عالمگير جي آخري ڏينهن کان ڪري مير نصير خان تائين، مغل صوبيدارن ۽ سنڌ جي ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جا تيرهن فرمان آهن. هي آخري حصو ارڙهين صدي عيسويءَ جي تاريخ ۾ ڪم اچي سگهي ٿو. مون وٽ انهن فرمانن جا نقل موجود آهن. ڪجهه فرمانن جا فوٽو مون تحفة الڪرام ۾ به ڇپيا آهن.

18. مکتوبات قانع:
هي خط سنڌ جي نامياري تاريخدان مير علي شير قانع جا لکيل آهن. هي تاريخ دان ڪلهوڙن جي آخري ڏينهن ۾ سرڪاري منشي هو. خطن جي هن جلد ۾ چند ذاتي ۽ سرڪاري مراسلا آهن. هي مجموعو سنڌي ادبي بورڊ جي تحويل ۾ آهي.

19. مکتوبات مير عظيم الدين:
مير عظيم الدين ٺٽوي ٽالپورن جي پهرين درٻار جو اڳواڻ شاعر هو.مثنوي ”فتح نامه“ ۽ هڪ ديوان سندس يادگار آهي. هي خط ڪلهوڙا خاندان جي آخري زماني ۽ ٽالپور گهراڻي جي شروعاتي دور جي ڪيترن ئي مکيه واقعن تي روشني وجهن ٿا.

20. مکتوبات مير نصير خان ٽالپور:
مير محمد نصير خان سنڌ جو آخري ٽالپور حڪمران هو، جنهن کان 1843ع ۾ انگريزن سنڌ جو اقتدار کسيو ۽ ٻين ٽالپور صاحبزادن سان گڏ کيس به ڪلڪتي ۽ هندوستان جي ٻين شهرن ۾ نظربند رکيو ويو. مير صاحب جلاوطني جي زماني ۾ جيڪي خط پنهنجن زالن، اميرن ۽ ٻين عزيزن کي لکيا، هي انهن جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ 292 خط آهن. آخري خط مير صاحب جي ڌيءُ، هڪ درخواست جي شڪل ۾ راڻي وڪٽوريا جي نالي لکيو آهي.
جنهن زماني ۾ سنڌ جو هي حڪمران ڪلڪتي ۾ جلاوطنيءَ جي حياتيءَ ڪٽي رهيو هو، انهن ڏينهن ۾ واجد علي شاهه به مٽيا برج (ڪلڪتي) ۾ غريب الوطنيءَ جا ڏينهن گهاري رهيو هو. ان دور ۾ واجد علي شاهه پنهنجي زالن جي نالي خط لکيا آهن، جن جا ڪيئي جلد ڇپجي چڪا آهن.
مير نصير خان جا هي خط جتي ڪيئي تاريخي فائدا رکن ٿا، اتي سماجي ۽ تهذيبي لحاظ کان وڏي اهميت ۽ حيثيت رکن ٿا. واجد علي شاهه جي خطن جي جيڪڏهن مير نصير خان جي خطن جي عبارت ۽ مفهوم جي خيال کان ڀيٽ ڪئي وڃي ته، واجد علي شاهه جي خطن جون عبارتون، انهن جو مطلب ۽ انهن خطن ۾ بيان ڪيل عاشقاڻا جذبا نهايت گهٽ، عامي ۽ ڪريل نظر اچن ٿا. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ مير نصير خان جا خط نهايت شائسته، مهذب ۽ باوقار آهن. صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مير نصير خان جي خطن جو لهجو هڪ سڌريل ۽ سنجيده بادشاهه جي جذبن جو عڪس آهي، جنهن ۾ شاهي حرم جي عزت ۽ ناموس توڙي ان جي عظمت ۽ تقدس جو پورو پورو احترام رکي. محبت جي جذبن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هڪ جملو به ڪريل ۽ پست ڪونهي. ان ذريعي جتي لکنو درٻار جي سماجي ذلت جو پتو پوي ٿو، اتي سنڌ جي بادشاهن جي تهذيبي برتريءَ جو چٽو اظهار ٿئي ٿو.
جيئن شروع ۾ چيو اٿم، مون هتي فقط تاريخي خطن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي معلوم ٿيل آهن. انهن سڀني خطن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جي صوفين ۽ عالمن جا لکيل آهن، جن ذريعي سنڌ جي مذهبي معاملن، مذهبي معرڪن ۽ ديني توڙي تصوف جي نقطن تي روشني پوي ٿي. ملڪي ۽ سياسي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ هي مجموعا ڪم نه ٿا ڏئي سگهن. پر ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جي سماجي صوورتحال، مذهبي حالتن ۽ صوفياڻن لاڙن جي خبر انهن ذريعي ضرور پوي ٿي.
ايران ۾ اڄڪلهه تاريخي خط ڇاپڻ جي طرف ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ اٽڪل روءِ پندرهن ويهه مجموعا منهنجي نظر مان گذريا آهن. زندهه قومون پنهنجي تاريخي اثاثي ۽ تهذيبي ورثي کي سيني سان سانڍين ٿيون. ڪاش اسان وٽ به هن قومي سرمايي جي بچاءِ جو احساس پيدا ٿئي ۽ اسين به هوش ۾ اچون ۽ تاريخي خطن جا قدم به قدم اهڙا مجموعا گڏ ڪرڻ ۽ ڇاپڻ شروع ڪيون، جنهن ذريعي اسان کي تاريخ جون گم ٿيل ڪڙيون ملي وڃن ۽ دلچسپ اندروني معاملا ۽ مسئلا معلوم ٿين، جن جو اڄ تائين اسان کي علم نه ٿي سگهيو آهي.

* ترجمو: غلام محمد لاکو

منهنجو علمي ۽ فڪري سفر

[6 مارچ 1974ع تي تهران يونيورسٽي، راشدي صاحب مرحوم کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني. هن اعزاز ملڻ تي پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد طرفان؛ سندن مان ۾ 14، اپريل 1974ع تي هڪ پروقار ادبي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو. ان موقعي تي همعصر اديبن ۽ عالمن کين ڀرپور خراب عقيدت پيش ڪيو. هت ان تقرير جو متن ڏجي ٿو جا پاڻ دوستن آڏو ڪيائون. هن تقرير ذريعي سندن علمي ۽ ادبي سفر تي خاص روشني پوي ٿي. جلسي جي روئداد رسالي ”مهراڻ“ 1/1974ع واري پرچي ۾ ڇپيل آهي]

وچ ايشيا ۾ عربي زبان کان پوءِ فارسي زبان اٺن سون ورهين تائين علم جو ذريعو رهندي آئي آهي. انهيءَ سڄي دور ۾ سنڌ جون جيڪي به تاريخون لکيون ويو آَهن، سي زياده تر فارسي زبان ۾ آهن. مون کي سنڌ جي تاريخ جي مطالعي ۽ تصنيف ۾ انهن تاريخن کي ڏسڻو پيو. چنانچه، مون فارسي زبان ۾ متعدد ڪتاب ايڊٽ ڪيا، جن ۾ اڪثر سنڌي، ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيا. انهن ڪتابن وسيلي سنڌ ٻاهرينءَ دنيا ۾ متعارف ٿي، ڇو ته اڳ ۾ جيڪي قلمي ڪتاب هوندا هئا، سي چند ماڻهن جا ڏٺل يا پڙهيل هوندا هئا. خود ايران جي محققن ۽ عالمن کي به پوري ڄاڻ نه هئي ته، سنڌ ۾ ڪيترو فارسي ادب ۽ علمي سرمايو موجود هو. حڪومت ايران فارسي زبان ۽ ادب جي خدمت جو قدر ڪندي مون کي دنيا جي انهن ڏهن چونڊ عالمن ۽ ماهرن ۾ شامل ڪيو، جن کي سندن سڄيءَ عمر جي علمي ڪم جي اعتراف طور تهران يونيورسٽيءَ طرفان ڊاڪٽريٽ جون افتخاري ڊگريون ڏنيون ويون. ان کان علاوه ايران سرڪار مون کي ٻيا به اعزاز ڏنا آهن. مثلاً: پهلوي لئبررري، جنهن جي سرپرست ايران جي راڻي آهي، تنهن جا جيڪي ڇهه امين مقرر ڪيا ويا آهن، انهن ۾ مون کي به شامل ڪيو ويو آهي. آءُ انهن مڙني مهربانين لاءِ سرڪار جو شڪر گذار آهيان. پر مون جيڪو به علمي ۽ ادبي ڪم ڪيو آهي، اهو بنيادي طرح علم سان حب ۽ پنهنجي وطن جي خاڪ پاڪ سان محبت جي جذبي هيٺ ڪيو آهي. هن وقت منهنجي عمر چوهٺ سال آهي. مون کي ان ڳالهه تي خوشي ۽ فخر آهي ته مون عمر عزيز جو وڏو عرصو علمي خدمت ۾ گذاريو آهي. مولانا قاسمي مون لاءِ چيو ته آءُ ننڍي لاءِ کان روايت کان بغاوت ڪندو رهيو آهيان، ۽ سنڌي اديبن جي ذهن ۾ قوميت جو ٻج پوکيو اٿم درحقيقت، سنڌي ادب ۾ قوم پرستيءَ جي تحريڪ جو معمار محمد ابراهيم جويو آهي. آءُ شروع کان تاريخ جو طالب علم رهيو آهيان. مون ڏٺو ته سنڌ جون جيڪي به قديمي تاريخون لکيون ويون آهن، سي سنڌ جي فاتحن جي ثنا ۽ ساراهه ۾ لکيون ويون آهن ۽ انهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نيچ ۽ ڪم ذات ڪوٺيو ويو آهي. انهيءَ گناهه ۾ غير سنڌي ۽ سنڌي مؤرخ ٻئي شامل هئا. اهي تاريخون فارسيءَ ۾ لکيون ويون، ڇاڪاڻ ته فارسي، عربي کان پوءِ سنڌ جي ارغونن، ترخانن ۽ ٻين فاتحن جي زبان هئي. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ جڏهن سنڌيءَ کي تسليمي ملي ۽ ان ۾ تاريخ جا ڪتاب لکيا ويا ته، سنڌي مؤرخن ساڳي پراڻي غلطي ڪري فارسي تاريخن جي نقالي ڪئي ۽ سنڌ جي فاتحن کي ”ظل الله“ جي خطاب سان سڏيو.
منهنجي خدمت اها آهي ته مون سنڌ جي تاريخ جي سمورن مجرمن، سياهه ڪارن، باغين ۽ خونين کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هنن سنڌ ۽ اهل سنڌ جي مٿان جيڪو ظلم ۽ تشدد ڪيو، تنهن کي پنهنجين تصنيفن ۾ آشڪار ڪيو اٿم. ان لحاظ کان مون سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ کي نئون موڙ ڏنو آهي. جنهن تي مون کي بجا طور فخر ۽ خوشي آهي. اڄ جو نوجوان جيڪو وطن جي جذبي سان سرشار آهي، اهو منهنجي سالن جي تاريخ جي مطالعي ۽ سوچ موجب صحيح راهه تي هلي رهيو آهي. آءُ نوجوانن کي عرض ڪندس ته هو تعليم ۾ چاهه وٺن. مون کي افسوس آهي ته اڄ جي شاگردن ۾ علم سان انس گهٽ آهي ۽ استاد به ڪي قدر فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري رهيا آهن. جنهن قوم وٽ علم ۽ عالم لاءِ مان نه آهي، اها اڳتي وڌي نه سگهندي. جرمنيءَ جڏهن روس تي حملو ڪيو ته روسي پنهنجي عالمن کي لڏائي، محفوظ هنڌن ڏانهن وٺي ويا. جڏهن ان تي عوام جي هڪ طبقي طرفان اعتراض ٿيو ته ان کي، حڪومت جواب ڏنو ته عام ماڻهو روزانه ڄمن ۽ مرن ٿا پر عالم روزانه پيدا ڪو نه ٿا ٿين. اهي پوريءَ قوم جي ميراث آهن ۽ انهن جو تحفظ ۽ سلامتي، علم ۽ هنر جو تحفظ ۽ سلامتي آهي، جنهن کان سواءِ اسان جي قوم اڳتي وڌي نه ٿي سگهي. عالمن وانگر علمي ادارن جو پڻ احترام هڪ لازمي امر آهي. ڪابه سجاڳ قوم پنهنجن علمي ادارن کي زوال پذير ڏسڻ نه گهرندي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جيڪو علمي ڪم ڪيو آهي، انهيءَ سنڌ کي يورپ، وچ ايشيا، وچ اوڀر، روس ۽ آمريڪا ۾ شهرت بخشي آهي. اميد ته سنڌ جا اديب، شاعر ۽ دانشور مسلسل محنت ۽ مشقت ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي اوج تي رسائيندا.

_______
* مُترجم: عبدالرسول قادري

فردوسي ۽ شاهه نامي جو سنڌ تي اثر

[جناب سيد حسام الدين راشدي مرحوم جو هي پيپر اسلام آباد مان نڪرندڙ رسالي ”دانش“ نمبر 11 (سرءُ، 1366 هه.ش) ۾ ڇپيو آهي. اصل ۾ هي مقالو مشهد شهر ۾ ٿيل فردوسي ڪانفرنس (14-18 جولاءِ 1975ع) ۾ پڙهيو ويو هو. راقم الحروف جي ڪوشش سان ان جو سنڌي ترجمو رسالي ”مهراڻ“ 2/1989ع ۾ شايع ٿيو]

سنڌ صدين کان فارسي ٻوليءَ ۾ ادب جو مرڪز پي رهي آهي. شعر ۽ سخن، تصنيف ۽ تاليف جو به فارسي زبان ۾ گهڻو رواج هلندو رهيو. عام ماڻهن جي زندگيءَ تي به فارسيءَ جو گهڻو اثر رهيو آهي. اڪثر ڪري علمي گفتگو، سوال جواب، خط و ڪتابت توڙي بحث مباحثا به فارسيءَ ۾ ٿيندا هئا. ايران ۽ ٻين ملڪن وانگر سنڌ ۾ به سعدي، رومي، فردوسي ۽ حافظ جو وڏو رتبو ۽ اثر رهيو آهي. ايتري تائين جو انگريزن جي تسلط کان اڌ صدي پوءِ به انهن شاعرن جو نالو ۽ ڪلام محفلن ۽ مجلسن جو سينگار هو. جيتوڻيڪ زمانو بدلجي ويو آهي ۽ ماڻهو به فارسي نه ٿا ڄاڻن، پر اڄ به سنڌ ۾ انهن ادب جي استادن جو نالو وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو.
سعدي، مولوي (رومي)، نظامي، جامي ۽ حافظ جو سنڌ ۾ ڪيترو اثر آهي، اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن مان هر هڪ تي جدا جدا گفتگو ڪري سگهجي ٿي. بهرحال اڄ هن مجلس ۾ سنڌ تي فردوسي ۽ سندس شاهنامي جي اثر متعلق ڳالهه ٻولهه ڪبي.
سنڌ جا ماڻهو بهادر، جنگجو، غيرت مند ۽ پنهنجي تاريخ جا دل سان عاشق آهن. انهن جي تاريخ ئي سندن جنگي داستانن سان ڀرپور آهي ۽ ڏيکاري ٿي ته انهن دشمنن جي آڏو وطن جي خاڪ جو ڪيئن دفاع ڪيو، پر سندن شعر پسندي ۽ لوڪ ادب به تاريخي داستانن سان ڀريل آهي، جنهن ۾ به تيرن، تلوارن ۽ هٿيارن پنهوارن جو ذڪر آهي. انهن داستانن ۽ بهادرن جي يادگارن مان ظاهر آهي ته سندن ذهني ۽ فڪري پرورش به ساڳي ريت ٿيل آهي. اها به فخر جي صورت آهي ته اهڙي علمي ادبي ذوق شوق سان گڏ هن ملڪ جا ماڻهو، پنهنجي تاريخ ۽ روايتن کي عزيز رکن ٿا ۽ گڏوگڏ فردوسي ۽ سندس شاهنامي کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه سمجهن ٿا ۽ سندس شاعري ۽ راويتن مان فال به ڪڍن ٿا.
هاڻي کان ڪجهه وقت اڳ ڪيترن ئي اهل سخن کي شاهنامي جو ڪو حصو ياد هوندو هو. ان جي رزم آرائيءَ جون ڳالهيون ڪندا ۽ داد شجاعت ڏيندا هئا. انهن مان هڪڙا جنگي داستان سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهندا هئا ته ٻيا وري شاهنامي جا فارسي شعر ياد پڙهندا هئا. اهڙيءَ ريت پنهنجي بهادري ۽ دفاعي طاقت کي ياد ۽ زندهه رکندا هئا. سخن دان ته سڄو فارسي شاهنامو ياد ڪندا هئا. ادبي تاريخ ۾ انهن کي ”شاهنامي جا حافظ“ جي لقب سان به ياد ڪيو ويو آهي. ٺٽي شهر ۾ فارسي گو شاعر لاله آسا رام کي سڄو شاهنامو ياد هو (1). شاهنامي جو بحر خوش رنگ ۽ وڻندڙ آهي، ان ڪري هي وزن سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند هو. ٺٽي جي هڪ ٻئي عالم ابوالبقا وري سعديءَ جي فارسي ڪتاب گلستان کي متقارب مثمن مقصوربحر ۾ آندو هو (2).
سن 999هه عبدالرحيم خانخانان سنڌ ۾ آيو هو ته جيئن ان کي ترخانن جي قبضي مان آجو ڪري، اڪبر جي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري. علامه ابوالفضل، اڪبر بادشاه جو وزير ۽ گهاٽو دوست هو. جن ڏينهن ۾ جنگ جاري هئي، تڏهن ابوالفضل جا ڪجهه خط پهتا، جن ۾ تاڪيد ٿيل هو ته ان وقت شاهنامي جو اڀياس ضروري هو (3). انهن مان هڪ خط ۾ ابوالفضل لکي ٿو:
”توهان جي مجلسن ۾ ظفرنامه، شاهنامه ۽ چنگيزنامه جو ذڪر هجي. جنگ وقت اخلاق ناصري، مڪتوب شيخ شرف منيري، خاقاني ۽ حديقه پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي. ڇو ته انهن ڪتابن ۾ دنيا جي ترڪ ڪرڻ جي گفتگو ڪيل آهي ۽ اسان جو واسطو وري دنيا جي بزم ڪثرت.....“ (4).
ظاهر آهي ته لڙائيءَ جي ڏينهن ۾، ۽ جنگ جي وقت شاهنامي کي پڙهڻ لازمي سمجهايائون ٿي. ان جو سبب اهو ئي آهي ته شاهنامي جي پڙهڻ سان احساس ۾ جوش ۽ ارادي ۾ پختگي پيدا ٿئي ٿي. شاهنامو بهادرن کي به جرئت ڏياري ۽ همٿ وڌائي ٿو.
حقيقت ۾ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ شخصي محفلن جي رونق وڌائڻ ۽ مجلسن مچائڻ ۾ شاهنامي جو مکيه ڪردار آهي. اهي محفلون ۽ مجلسون سومهڻي نماز کان پوءِ اڌ رات تائين متل هونديون هيون. ڪڏهن سعدي ۽ ڪڏهن حافظ، پر زيادهه ۽ گهڻو ڪري ڪچهرين جو موضوع شاهنامو ئي رهندو هو. البته صبح جي وقت روميءَ جي مثنويءَ کي قرآن مجيد جي تلاوت کان پوءِ وڏيءَ عقيدت ۽ محبت سان پڙهندا هئا.
ٽالپور حڪمرانن جون محفلون ته گهڻو ڪري شاهنامي سان ئي آباد هيون. مير فتح علي خان ٽالپور، جنهن سنڌ جي حڪومت ڪلهوڙن سان جنگ ڪري ورتي هئي، پنهنجي جنگي ڪارنامن کي شاهنامي جي حڪمرانن ۽ ڪارنامن جي برابر ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ شاهنامي جي پڙهڻ کي رواج ۾ آندو (5). جيسين ”فتح نامہ“ لکجي تيار نه ٿيو هو، سندس مجلس ۾ شاهنامو ئي پڙهيو ويندو هو. مير فتح علي خان ٽالپور جي فتح ۽ ڪاميابين کي، جڏهن مير عظيم الدين ٺٽوي شاهنامي جي بحر ۾ ”فتح نامہ“ نالي ڪتاب لکيو، تڏهن به شاهنامي جو پڙهجڻ پنهنجي جاءِ تي اهم هو. ان بعد شاهنامو ۽ فتح نامہ ئي موضوع سخن بنيا رهيا. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو:
”پاڻ شاعر کي مقرر ڪيائين.... ته سندس ڪارنامن کي فردوسيءَ وانگر شعر ۾ آڻي ۽ ”فتح نامہ“ کي ان جهڙو شاهڪار جاودان سڏيو..... هاڻي درٻار ۾ فتح نامو پڙهجي ٿو ۽ ڪي درٻاري ان مان وڻندڙ شعرن کي بر زبان ياد به ڪن ٿا“ (6).
جنهن وقت ٽالپورن جو حڪمران گهراڻو سٺ سالن جي حڪومت کان پوءِ 1843ع ۾ انگريزن هٿان زوال پذير ٿيو، تڏهن شاهنامي پڙهڻ جو ويتر رواج وڌي ويو، ڇو ته نااميدي ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ شاهنامي جا قصا تنهائي دوران دلجاءِ ۽ قرار ڏيندڙ هئا. ايران جي دليرن جي ڪارنامن، ميرن کي دلداري ٿي ڏني، ته هڪ ڏينهن هٿ مان ويل حڪومت وري موٽي ملندي. قيد ۾ بند ٿيل مير صاحبان، جي اڃا حال حيات هئا، سي شاهنامو ئي پڙهندا هئا. هيءُ سلسلو ڳچ وقت هليو.

ڪجهه روايتون:
سنڌ جي تاريخ ۾ فردوسي ۽ شاهنامي جي باري ۾ ڪجهه روايتون ملن ٿيون. انهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.
مير نصير خان ٽالپور تخلص جعفري (وفات 1261هه) (7)، فردوسيءَ جي هن بيت:

هر آنکس کہ شهنامه خواني کند
اگر زن بود، پهلواني کند

(جيڪڏهن عورت شاهنامو پڙهي ته بهادري ڪرڻ لڳي) جي جواب ۾ چيو آهي:

هر آنکس کہ خود پهلواني کند
چہ حاجت کہ شهنامہ خواني کند (8).

(بهادر انسان کي شاهنامي پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي).

مير صاحب جي طرز فڪر ۽ روانيءَ کي هن مان ئي ڏسڻ گهرجي، جو پاڻ شاهنامي جيڏو ضخيم ڪتاب ”مختيار نامہ“ جي نالي سان 1241 ۾ تصنيف ڪيائين (9).
سيد ثابت علي شاهه (وفات 1225هه) ٽالپوري درٻار جو مرثيه گو شاعر هو. خليل ٺٽويءَ جي قول موجب، پاڻ فردوسيءَ جي هن شعر:

سپر بود پشت شہ ڪامياب
چو ابرسيہ مائل آفتاب
(ڪامياب بادشاهه جي پٺ تي ڍال ائين آهي، جيئن ڪارو ڪڪر سج جي سامهون اوٽ هجي)، جي جواب ۾ ان طرز جو شعر چيو ۽ گوءِ کڻي ويو:

سپر بود بر پشت زوجِ بتول
چو مهر نبوت بدوش رسول (10)
(حضرت علي عليه السلام (زوج بتول) جي پٺ تي ڍال ائين هجي، جيئن رسول ڪريم ﷺ جي ڪلهي تي نبوت جي مهر).

خبر ناهي ته همعصر ايراني اديبن هن بيت کي ڪهڙيءَ نظر سان ڏٺو، پر سنڌ ۾ هيءَ خبر پهتي جا خليل جي زباني ٻڌو: ”جڏهن هي ماڻهو ايران پهتو ته انهن کي حيرت وٺي وئي. چيائون ته سنڌ جو ڄاڻو ڪيئن فردوسيءَ جي رتبي کي پهتو؟“ (11).
سچ يا ڪوڙ، پر هن عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو ته فردوسيءَ سان برابري جيتوڻيڪ هڪ بيت ۾ آهي، پر ڪمال جي ڳڻي سگهجي ٿي. ان ريت ٻين شاعرن به هن ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. خليل ٺٽويءَ ”يد بيضا“ مان صائب، شفائي ۽ مير محمد مراد هنديءَ جي تتبع جا مثال ڏنا آهن. آخر ۾ پاڻ به فردوسيءَ جي پيرويءَ ۾ هي بيت چيو آهي:

بفرمود تا بر فرس زين کنند
دام اندر دم ناي زرين کنند (فردوسي).
بگفتا کہ بر اسب زين را نهند
نہ زين، بلڪه کشتي بدريا نهند (خليل) 12).

ٽالپورن کان اڳ ۾ به اهو رواج هو ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ فردوسيءَ جي پيروي لاڳيتو هلندڙ هئي. جنهن وقت ميان نور محمد ڪلهوڙو گذاري ويو ۽ سندس پٽ محمد مراد ياب خان تخت تي ويٺو، تڏهن منشي چتر ڀوڄ (وفات 1171هه) ماده تاريخ فردوسيءَ جي هن مصرع مان ڪڍيو:

تقلب نيست در مصرع فردوسي
کہ مرگ خرد بود سگ را عروسي (13).

ابراهيم خليل مؤلف ”تڪلمه مقالات الشعرا“ جي مقدمي ۾ فردوسيءَ بابت هڪ لطيفو بيان ڪري ٿو: ”شاهنامي“ جي مقدمي ۾ نقل ٿيل آهي، ڪنهن بزرگ فردوسي طوسيءَ کي خواب ۾ ڏٺو ته هو بهشت جي باغن ۾ گهمي رهيو آهي. ان بزرگ کانئس پڇيو ته هي شرف ڪيئن مليو اٿئي؟ فردوسيءَ چيو الله تعاليٰ جي حمد ۾ بيت چيو هوم، جو رب پاڪ جي بارگاهه ۾ قبول پيو ۽ هي فائدو پيو ۽ اهو هن ريت آهي:

جهان را بلندي و پستي تو اي
ندانم چہ اي هرچہ هستي تو اي
(جهان جي بلندي ۽ هيٺاهين تون آهين. نه ڄاتم ڇا آهين، سڀڪجهه تون ئي آهين). ٻئي ڪتاب ۾ ڏٺم ته فردوسي هي ٻه حمد جا بيت پڙهيا هئا:

ستايش کنم ايزد پاڪ را
کہ گويا و بينا کند خاڪ را
بموري دهد مالش نره شير
کند پشہ بر پيل جنگي دلير

شايد جدا جدا خواب آهن، جو هڪ ۾ هو بيت پڙهيائين ۽ ٻئي ۾ هي ٻه بيت چيائين (14).
جيتوڻيڪ سنڌ جي شاعرن ڪجهه مثنويون شاهنامي جي بحر کان سواءِ ٺاهيون آهن، پر هرجاءِ تي انهن فردوسيءَ جو نالو ادب ۽ احترام سان ورتو آهي. مثال طور مير عظيم الدين ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”هير رانجهو“ جداگانه بحر ۾ ٺاهي آهي. چوي ٿو:

گر از فردوس آيد روح طوسي
بہ بزم دل درين جشن عروسي
خط تهنيتش در محفل شاهه
نويسانم بہ مهر مهر تاماهه.(15)

سنڌ جي ليکڪن پنهنجن ڪتابن ۾ فردوسيءَ جي شعرن کي تضمين ۽ مثال طور به آندو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي شاعرن ۽ مصنفن جي فڪر تي فردوسي ڪهڙو نه اثر چٽيو آهي. تنهن کان پوءِ هي سڀ مثال ان جو دليل آهن ته ليکڪن ۽ شاعرن جا بجاءِ پنهنجي تائيد لاءِ شاهنامي مان شاهد طور مثال ڏنا آهن. ”مظهر شاهجهاني“ سنڌ جي سياسي تاريخ ”سياست نامہ“ وانگر آهي. ان جي پهرئين جلد ۾ ملڪداري ۽ سلطنت جا آداب ڏنل آهن. مصنف ڪيترين جاين تي فردوسيءَ جي شعرن مان به استفادو ڪيو آهي.

فردوسيءَ جي طرز جي پيروي:
سنڌ جي شاعرن فردوسيءَ جي نموني ۽ تتبع تي گهڻيون مثنويون چيون آهن، جي گهڻو ڪري ڪلهوڙن جي دور کان انگريزن جي اوائلي زماني تائين جون آهن. هن ئي دور ۾ هت فارسيءَ جو گهڻو رواج هو. جيتوڻيڪ گهڻيون مثنويون زماني جي ڏاڍاين کان محفوظ نه رهيون آهن. البت جن تائين اسان جي رسائي ٿي سگهي آهي، انهن جو تذڪرو هيٺ ڪجي ٿو.
(1) نامہء نغز (1155هه) از باغ علي خائف: هن مثنوي ۾ 6473 بيت آهن. ميان نور محمد خدا يار خان عباسي ڪلهوڙي جي زماني ۾ لکي وئي ۽ ان ۾ نادر شاهه جي سنڌ ۾ اچڻ جا اکين ڏٺا واقعا تفصيل سان ڏنل آهن. هي مثنوي تاريخي واقعن سان سينگاريل آهي. هن مثنويءَ ۾ نادر شاهه جي باري ۾ جيڪي شعر آهن، اهي مون ”منشور الوصيت“ ۾ ضميمي طور شامل ۽ شايع ڪري ڇڏيا آهن. مثنويءَ جي ابتدا هن ريت آهي:

خدايا تواي آفريننده جان
تو داننده آشڪار و نهان
ز تو شادماني ز تو غم بود
ز تو بر فزوني ز تو کم بود

پڄاڻي هن ريت آهي:

زمين را ز اسپان زغم در ستوه
زسم ستوران دزم دشت وکوه
عنان سپہ گر بہ ايران کنم
بلشکر، زمين، کوه ويران کنم

۽ فردوسيءَ بابت هن ريت چيل آهي:

چو ديدم بمردانگي استوار
دلاوردم از کار او در نگار
کہ بندم بہ نامش يکي نامہ يي
گرانمايہ گوهر چو ”شهنامہ“ يي
چہ گفتہ است داناي ديرينہ طوس
بيا راست ”شه نامہ“ چون نو عرس
بدور سپہ دار محمود شاه
کہ او بود باتاج و تخت و کلاه
شہ غزنوي شاه نيکو نهاد
ز هي نام محمود فرخ نزاد
پزوهندگي را بيا راست کار
بہ........ هوشمندان ديار
بگيتي نهان دوست بودش يکي
نشان کيان دادش آن بي شکي
و را بود از موبدان سال خرد
يکي چند اجزايي پيشش ببرد
چو ديد آن خرمند روشن نهاد
گذشتہ زمان را زسر کرد ياد
بگوهر شرفنامہ را کنده کرد
عجم را بدين پارسي زنده کرد
ازو گشت روشن دلي هوشمند
کہ بر خواند ديرينہ اجزايي چند
سخن را بسنجند از هر دري
ز هر موبدان و ز هر کشوري
بسي رازهاي نهان کرد باز
پراکنده گفتار را داد ساز
چہ گفت آن گرانمايہ شيرين سخن
بہ شهنامہ فردوسي راي زن
نخستين خديوي کہ کشور گشود
سر تاجداران کيومرث بود

***

سخنگوي فردوسي هوشمند
بلندي گرفتہ ز راي بلند
پسنديده هو گوهر و لعل و دُر
ببرد آن شرفنامہ را کرد پر
گرانمايه گوهر بتاراج برد
پس افتاده بر ديگران بر سپرد
بگفت آن کہ بودش سخن دلپذير
بخوانند گان گشت ور بينظير

***

پس آن گہ شد اين نامہء ارجمند
کزو گشت خوانند گان فيض مند
مرا آرزو در دل آمد يکي
کہ سازم يکي نامہء بي شکي
چو ”شهنامہ“ ديدم سکندر دگر
پسند آمدم در دل پر هنر
کہ بندم يکي نامہ يي از نگار
بنام خدايار خان نامدار
بدين داستان شغل را ساختم
يکي ”نامه نفز“ پرداختم
بعهد خدا يار خان شيرنر
سپہ دار عباسي نامور
هزار و صد و سال و پنجاه و پنج
کشيدم سہ سال اندرين نامہ رنج(16).

هي ڪتاب جيتوڻيڪ شاهنامي جي تتبع تي لکيل آهي، تاهم ان جي فارسي ڪمزور ۽ شعر ڪچو آهي.

(2) حملهء حسيني (1163هه) از محسن ٺٽوي (وفات 1163): حقيقت ۾ هي مثنوي حملهء حيدريءَ جو تڪلمه يا ضميمو آهي ۽ ڪربلا جي سانحي کي نظم ۾ آندو ويو آهي. هن مثنويءَ جو ٻيو نالو ”اعلام ماتم“ آهي. هن مثنويءَ جو بحر شاهنامي جو بحر متقارب آهي.

ابتدا:

سپاس خرد صانع پاڪ را
همان جان دهي پيڪر خاڪ را

(پيدا ڪندڙ پروردگار جو شڪر آهي، جنهن مٽيءَ جي بوتي کي جان بخشي).

پڄاڻي:

ڪہ تا ڪرد مختار ثقفي خروج
ڪنون حال اورا ببخشم عروج
(مختيار ثقفي خروج ڪيو. هاڻي ان جي حال کي عروج بخشيم).

مختيار جي داستان جو آغاز اڃا مس ٿيو هو، ته پاڻ شاعر هن جهان مان موڪلائي ويو ۽ هن اڌوري مثنويءَ کي مير علي شير قانع ٺٽويءَ ”مختارنامہ“ جي نالي سان پورو ڪيو. حمله حسينيءَ ۾ 9 هزار بيت آهن (17).

(3) نادر نامہ شاهنامہ نادري (1172هه): هيءَ مثنوي فردوسيءَ جي شاهنامي جي طرز تي چيل آهي ۽ ان جو شاعر معلوم ڪونهي. ساڳئي نالي سان هڪ وڌيڪ ”شاهنامہ نادري“ محمد علي طوسيءَ جو به لکيل آهي، جيڪو انجمن آثار ملي ايران طرفان ڇپيل آهي. شاعر جو مختصر احوال ”مقالات الشعرا“ ۾ آيل آهي (18).
هن منثويءَ ۾ نادر جي حملن، سندس آغاز ۽ پڄاڻي تفصيل سان منظوم ٿيل آهي (19). هن نسخي جو پهريون صفحو گم آهي، البته ٻئي صفحي جو پهريون بيت هن ريت آهي:

جهان خيزد از جا بہ رقص و سماع
چو آن اختبر از مهر در آرد شعاع

اڳين شاعرن جو ذڪر ساقي نامي جي شعر سان شروع ڪيل آهي ۽ انهن جي تعريف ڪيل آهي. فردوسيءَ متعلق چوي ٿو:

ز گفتار فردوسي نامدار
دو بيتي بہ وصف سخن گوشدار
کہ کافيست مارا درين انجمن
همان چار مصرع بہ وصف سخن
”بناهاي آباد گردد خراب
زباران واز تابش آفتاب
سخن را بنايي برافگن بلند
کہ از باد و باران نگردد نزند
نخستين کہ از فيض ارزندگي
قلم رزدم ازچشمہء زندگي
ز اعجاز فردوسي نکتہ سنج
سر مار کلک، از سخن ريخت گنج
ازو بود، چرخ سخن را مدار
ازو پايہء نطم شد استوار
زبان دار گلشن بہ دست شکوه
بہ ”شهنامہ“ ميزد دم از تيغ کوه
کسي را نيامد برون از زبان
ازان دور تا حال نظمي چنان
بہ بزم سخن تا مقدم نشست
کہ منصوبہء کس چنان کم نشست
بہ بحر تقارب درين داوري
براو، ختم باشد سخن پروري
ازو نام محمود شوکت مدار
بهر صورتي مانده در روزگار
ازو گرنمي يافت يکره گزند
همين شد بہ نيکيش نام بلند

ان بعد پنهنجي شاعريءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته مثنوي ”شاهنامہ ۽ فردوسي“ جي بحر ۾ چيل آهي:

ز ايام فردوسي نامدار
کہ گرديد آسان سخن استوار
عزيزان پيشين ز بستان فکر
همہ چيده گلهاي مضمون بکر
بتاراج رفتہ است گل هاي باغ
ازان مي کشان خشک مانده اياغ

***

شد از کلک فردوسي پر هنر
در ايام رستم چنين نامور
شد از مشرق کلک آن آفتاب
جهانگير خورشيد افراسياب
ازان نکتہ پرداز شيرين کلام
ملوک عجم را بلند است نام

***

بعرض يکي سال فرخنده فال
سراينده از راستي اين مقال
همانا کہ ابياتش اندر شمار
کہ از هفده باره بود يک هزار
بہ شهنامہ فردوسي نکتہ سنج
کہ سي سال در نظم آن برد رنج
نہ بد پيشتر شصت باره هزار
کہ از کلک او بر ورق شد نگار
دوباره هزار از زبان قلم
بسالي فزون تر نکرده رقم (20).

هن نسخي ۾ 289 صفحا آهن ۽ هر هڪ صفحي تي 52 بيت آهن (21). هي مثنوي سيال ڪوٽ جي نظام الدين جي مثنوي ”شهنشاهه نادري“ جا 1162هه ۾ لکي وئي، ان کان ڏهه سال پوءِ تصنيف هيٺ آئي.

(4) مختار نامہ (1194هه) از مير علي شير قانع: هن نظم ۾ قانع ست هزار بيت ”تڪمله حمله حسيني“ نالي سان آندا آهن.

بہ نام جهان داور کرد گار
کہ بر قدرت اوست مختار کار

پڄاڻي:

بماني بہ اين حشمت واعتلا
بہ حق محمد بہ آل عبا (22).

(5) فتح نامہ (1199هه) مير عظيم الدين ٺٽوي: شاعر مير فتح علي خان ٽالپور جي درٻار سان لاڳاپيل هو. هن ۾ ان جنگ جو داستان آهي. جنهن ۾ ميرن ٽالپورن، ڪلهوڙن کان حڪومت کسي پاڻ هٿ ڪئي هئي. ان جنگ بابت هي پهريون ڪتاب آهي. ابتدا:

بنام خداوند هر دوجهان
شہ هفت گيتي و نہ آسمان
خداوند کم گير و بسيار بخش
خرد بخش و دل بخش و ديدار بخش

(ٻنهي جهانن جي مالڪ جي نالي سان شروع، جو نون آسمانن ۽ ستن زمينن جو بادشاهه آهي. رب پاڪ گهٽ وٺندڙ ۽ گهڻو بخشيندڙ آهي).

خاتمو:

خداوند عالم نگهدار شان
بہ هر دو جهان ياور و يارشان
بہ شان بام دايم دعاي عظيم
تو بشنو بفضل، اي خداي عظيم
(جهان جو مالڪ نگهبان ۽ ٻنهي جهانن جو مددگار آهي. اي خدا، تون فضل ۽ ڪرم سان ٻڌي دعا قبول ڪر).

فردوسيءَ بابت چوي ٿو:

بہ فردوس من بين، چہ خوش منظر است
کہ هر مصرعہ اش موجئہ کوثر است
بہ اين حجت امروز، فردوسيم
و ليکن، نه فردوسي طوسيم
کہ او بود مردي بسا نامدار
بہ شعر معاني نکو شهزيار
بلند آمد ش در سخن دستگاه
قلم راند بر صفحہ مهر وما
بہ بزم سخن قدرت نام داشت
زبان يک درخشنده صمصام داشت
ميان من و اوست، بسيار فرق
چہ فرقيکہ دارد بهم غرب و شرق
کہ او عقل بستود من عشق پاک
سلامت پسنديده او، من هلاک
گرفت آن خردمند سر در سپر
من بي خرد تيغ را داده سر
بدامان کشتي زد او دست خويش
نہ چون من بہ دريا بپيوست خويش

***

مضامين شهنامہ اش ديده ام
در افشاني خامہ اش ديده ام
چہ گويد ز فردوسي و نطم او
کہ عزمم کجا و کجا عزم او
وي آراست، اکليل از گوهران
ببزم خسيسان بي جوهران
بہ عهد لواي سخن بر فراشت
کہ عهد سلاطين، وفايي نداشت
ز مسکين گرفتند گنج گهر
ندادندش اندر عوض مشت زر
وفا کرد شان وعدهء زر و سيم
نہ گشتند بر وعدهء خود کريم
چو گنج سخن ديد آن سيم را
بہ آرنده ها داد زان نيم را
دگر نيم داده بگرما بہ آن
کہ در خدمتش گرم بود آن زمان
عجب شاه دل مرد درويش بود
کہ درهمت از شاه خود بيش بود
دل بند، باري چوبيدار شد
خداوند خود را خريدار شد
نہ محمود ماند و نہ سيم و زرش
نہ آن تخت ماند و نہ آن افسرش
مگر سستي عهد او يادگار
بمانده است برصفحهء روزگار (23).

(6) شاهنامہ (1249هه) محمد عالم: هن مثنويءَ ۾ جنگ جو احوال آهي، جا خيرپور جي والي مير علي مراد خان ۽ شاهه شجاع افغانيءَ جي وچ ۾ ٿي هئي. حملي آور شاهه شجاع شڪست کاڌي هئي. هن جنگ جي باري ۾ سنڌي زبان ۾ به ڪجهه مثنويون چيل آهن. محمد عالم ان کي 340 بيتن ۾ آندو آهي. سندس شعر البته ڪچو آهي.

ابتدا:

سپاس است مر حضرت ذوالجلال
ڪريم الرحيم است تا در ڪمال

خاتمو:

همان دم بخوان باعث حفظءِ!
بہ تصديق او را ولي خمسهءِ!

هن مثنويءَ کي مير علي مراد خان لاءِ ڪاتب، فتح چند پٽ ديوان ٽهلرام سيوستاني ڪتابت ڪيو آهي. ڪتابت جي تاريخ 29 رمضان المبارڪ ڏينهن آچر سن 1286هه آهي. شاعر فردوسيءَ کي هن ريت ياد ڪيو آهي:

عجب عالما تست خوش جامہ يي
چو شهنامہ تست شهنامہ يي
نه شهنامہ او است پيشينگان
کہ فردوسي اش گفت وصف شهان
بمن است شهنامہ شاهزاد
چوشهنامہ، شهنامہ نامش نهاد

(7) فتح نامہ 1254هه) مير صوبدار خان: هن مثنويءَ جو شاعر مير فتح علي خان ٽالپور جو فررزند مير صوبدار خان آهي. شاعر هي مثنوي ڪلڪتي ۾ تڏهن لکي هئي، جڏهن هو وطن کان پري هو. هيءَ مثنوي تاريخ جو هڪ ماخذ آهي. مير فتح علي خان جي سوين ۽ ڪلهوڙن سان ڪيل لڙاين بابت، هن مثنويءَ ۾ 16300 بيت آهن ۽ ”جنگ نامہ“ جي نالي سان به مشهور آهن.

آغاز:

بنام خداوند فتح و ظفر
فزاينده عقل و بخت و هنر
خداوند مهر و خداوند ماه
خداوند جان و جهان را پناه

خاتمو:

بيا مطربا لحن دل کش بباغ
بہ مضراب بيفروز چون شب چراغ
سرودي کہ باشد پر از رنگ و بو
چو داود نرم آهن آيد ازو
پس از هجرت مرسل کرد گار
هزار و دو صد رفت و پنجاه و چار
کہ شد نظم اين نوبهار شگرف
بمعني پراز در چو درياي زوف (24).

(8) سفرنامہ (1260هه) مير نصير خان ٽالپور: مير نصير خان جنهن پنهنجو تخلص ”جعفري“ رکيو هو ۽ شاهنامي جي بحر جو دلداه هو، جيتوڻيڪ سندس شعر جو موضوع جنگ نه هو، پر ان وزن ۾ مثنويون چوندو هو. انگريزي تسلط بعد جڏهن ڪلڪتي ۾ وطن کان پري هو ته پريشانين ۽ سفر جي تڪليفن سبب هي مثنوي چيائين.

بنام خدايي کہ جان آفريد
ازو گشت سختي و نرمي پديد
فرستاد از لطف پيغمبران
کہ گمراه نگردند تا انس و جان

(خدا جي نالي سان شروع جنهن ساه پيدا ڪيو. ان کان ئي ڏک سک ظاهر ٿين ٿا. لطف سان پيغمبرن کي موڪليائين، ته جيئن انسان ۽ جن گمراهه نه ٿين).

پڄاڻي:

بکن جعفري شکر صبح و مسا
کہ موليٰ علي هست مشکل کشا
کہ آسان کند مشکل ما تمام
سخن ختم کردم و اين والسلام (25).

(جعفري صبح ۽ شام شڪر ڪر. مولا علي مشڪل ڪشا آهي، سو اسان جون سڀ مشڪل آسان ڪندو).

(9) مثنوي سفرنامہ (1260هه) مير نصير خان ٽالپور: هي سفر بابت ٻي مثنوي آهي، ان جو موضوع ۽ بحر ساڳيو آهي. ابتدا:

بنام خدايي کزونقش بست
درون دو عالم هر آنچہ کہ هست
پس از حمد يزدان جان آفرين
کنم نعت پيغمبر پاک دين

***

کنون باز گويم همہ حال خويش
بيان سازم اکنون، ز احوال خويش
ازين پيش گفتم يکي داستان
نمودم در او مختصر هم بيان

انگريزن جنهن وقت ميرن کان تاج ۽ تخت ورتو ۽ شاهي خزاني مان ارڙهن ڪروڙ رپيا لٽيا، ان بابت شعر چوي ٿو:

بوقتي کہ از ما بگرديد هور
بغاوت ببردند هزده کرور
و هم ملک و ناموس ما سر بسر
ببردند در دوستي بيخبر

(اسان کان جڏهن زمانو ڦريو. ملڪ، ناموس ۽ ارڙهن ڪروڙ رپيا لٽيائون. اسين بيخبر رهياسون، اهو سڀ ڪجهه دوستيءَ ۾ لٽيائون).

پڄاڻي:

بکن جعفري شکر هردم مدام
بہ آل محمد عليہ السلام (26).

(جعفري سدائين شڪر ڪر. آل محمد عليه السلام ئي بهتر آهي).

(10) جدائي نامہ (1260هه) مير صوبدار خان: هي مثنوي به مير صوبدار خان وطن کان پري عزيزن جي ياد ۾ چئي.

ابتدا:

خدا يا شب هجر را ساز روز
ز داغ جدايي دل من مسوز
بيفروز چون صبح صادق چراغ
گل جان من بشگفان باغ باغ

(اي خدا، هجر جي رات کي ڏينهن ڪر. جدائي جي داغ کي منهنجي دل مان نه پار. صبح صادق وانگر ڏيئو ٻار. منهنجي جان جو گل باغ وانگر کول).

پڄاڻي:

بيا مطربا! زخمہ بر زن بعود
بياراي مجلس ببانگ سرود
سرودي کہ زيد خوشتر بود
شکر خا چوگفتار دلبر بود (27).

(11) مثنوي مؤمن (1271هه) مير عباس علي خان مؤمن (وفات 1273هه): هي ٻياسي بيتن واري مثنوي مؤمن هڪ واقعي جي تعريف ۾ چئي آهي.

ابتدا:

بنام الاهي که گردان سپهر
بر افراخت و افروخت ناهيد و مهر

فردوسيءَ جو ذڪر:

ز فردوسيءَ طوسيءِ پاک دين
بيارم دو ابيات با آفرين
چنين اِست رسم سراي فريب
گهي بر فراز و گهي برنشيب

*

چو مي گويد آن مرد داناي طوس
کہ نظمش سراسر بود چون عروس
درختي کہ تلخ است ويرا سرشت
گرش در نشاني بباغ بهشت
ور از جوي خلدش بهنگام آب
بہ بيخ، انگبين ريزي و شهد ناب
سر انجام گوهر بکار آورد
همان ميوہء تلخ بار آورد
ز بد گوهران بد نباشد عجب
نشايد ستردن سياهي ز شب
ز ناپاڪ زاده مداريد اميد
کہ زنگي بشستن نگردد سفيد
زبد اصل چشم بهي داشتن
بوه خاک در ديده انباشتن
چہ خوش گفت رستم بہ اسفند يار
دوران دم کہ بودند، در کار زار
کہ در راه من برستيزهه مريز
کہ من خود يکي مايہ ام درستيز (28).

(12) رزم نامہ نادر شاهه (قبل 1271هه) مير محمد علي بهرور (وفات 1278هه): هن مثنويءَ ۾ هڪ سؤ ڇهه بيت آهن. ڪرنال جي جنگ ۽ نادر شاهه طرفان دهلي فتح ڪرڻ جو احوال ”جهانڪشاي نادري“ تان ورتل آهي (29).

(13) رزم نامہ شير (1271هه) مير محمد علي بهرور: هي مثنوي به بهرور ڪلڪتي ۾ رهڻ وقت چئي. ان ۾ شينهن جي شڪار جو بيان آهي.

آغاز:

سپاس آن خدايي کہ شير آفريد
پي رزم شيران، دلير آفريد

فردوسيءَ بابت چوي ٿو:

کند مور بر شير نر چيره دست
زپشتہ دهد مالش پيل مست
درين باب فردوسيءَ نيک نام
چہ خوش گفت بيتي بہ حسن کلام
زم موري دهد مالش نره شير
کند پشہ بر پيل جنگي دلير

پڄاڻي:

بماند همين نسخہ در روزگار
ز مير محمد علي يادگار (30).

(شال مير محمد عليءَ جو هي نسخو زماني جو يادگار رهي).

(14) شاهنامہ سنڌ (1310هه) مير حسن علي ٽالپور (وفات 1324هه): هي مير صوبدار خان جي فتحنامي جو سنڌي ترجمو آهي ۽ شاهنامي جي بحر ۾ آهي. جيڪي واقعا فتحنامي ۾ نه آهن، اهي به هن ۾ اچي ويا آهن. ترجمو آزاد ۽ موزون آهي (31).

(15) شهنشاهه نامہ (1318هه) مير حسن علي خان: هي حملهء حيدريءَ جو شاهنامي جي بحر ۾ سنڌي ترجمو آهي (32).

(16) قادري نامہ (1326هه) پير علي اصغر راشدي (وفات 1354هه): هن جو مصنف اسان جي راشدي خاندان جو بزرگ هو. پاڻ راشدي خاندان جي تاريخ کي شاهنامي جي بحر ۽ نظم ۾ آندو اٿس. سنڌي ۽ فارسي شعر چوندو هو ۽ خوشنويس به هو. مثنويءَ ۾ هزار بيت آهن. سندس هٿ اکرين اڻ پورو نسخو مون وٽ موجود آهي.

ابتدا

تو قادر ترا قدرت و قادري
تو مي آفريني، تو مي پروري

(تون قادر، توکي ئي قدرت ۽ قادري آهي. تون پيدا به ڪرين ٿو ۽ پالين به ٿو).

فردوسيءَ جي پيروي هن ريت ڪئي اٿس:

عرب را بجايي رسانيد کار
کہ گشتند دهقانها شهر يار
کسي قصر کسري بکسر آوريد
کسي پاي برمسند روم ديد
يتيم آمد و شهرياري گرفت
نہ امداد از کس، نه ياري گرفت

(عرب جو اهڙو ڀاڳ وريو جو ديهاتي بدو به بادشاهه بنيا. ڪنهن ڪسري جي محلات ٿي ڀڳي ته ڪنهن روم جي تخت تي پير ڌريا. جيتوڻيڪ يتيم آيو ۽ بادشاهي ورتائين، ته به ڪنهن کان مدد نه ورتائين).

مرا از بسي سال بود اين خيال
به تحرير چيزي کشم از مقال
و ليکن، نه چو طوسيءِ پاکزاد
ز کاووس وکسري کنم قصہ ياد

*

چہ حاجت کہ شاهان ستايي کنم
نه من مفلسم تا گدايي کنم

(بادشاهن جي تعريف ڇو ڪريان. سڃو ناهيان جو پنندو وتان).

بہ طمع زر از بادشاهان عهد
شرنگ آوريدند بر جايي شهد

*

همہ فکرتم را تو صائب نما
چو فردوسيءِ طوسيم دل گشا (33).

(17) تاريخ حڪمرانان لس ٻيله (1341هه) محمد سليمان: هي لس ٻيلي جي مختصر تاريخ شاهنامي جي نموني ۽ بحر ۾ آهي (34).

آغاز:

بنام خداييکہ سلطان اوست
خلايق همہ زير فرمان اوست
خداييکہ او قادر مطلق است
خداييکہ او رازق برحق است

(الله جي نالي سان شروع جو بادشاهه آهي. سڀ مخلوق سندس حڪم جي ماتحت آهي. اهو خدا قادر مطلق آهي. اهو خدا رازق برحق آهي).

پڄاڻي:

بہ بين قدرت قادر ذوالجلال
چنين بخت و دولت پذيرد زوال

(قادر ذوالجلال جي قدرت ڏسو، جيڪو ئي بخت ۽ دولت کي زوال ڏئي ٿو).ڪتاب جي لکجڻ جو سال:

بده سيزده صدفزون چهل يکي (1341هه)
شده ختم اين داستان اند کي (35).

(18) شاهنامه (1347هه) محمد عاقل: فردوسيءَ جي شاهنامي جو سنڌي نثر ۾ ترجمو آهي. پير صبغت الله راشديءَ جي حڪم سان، هيءُ ترجمو مولوي محمد عاقل عاقلي ڪيو، ته جي ماڻهو فارسي نه ٿا ڄاڻن، اهي هن شاهڪار جي مطلب ۽ مقصد کان محروم نه رهن. دراصل عاقلي ان کي اٺن جلدن ۾ پورو ڪرڻ ٿي گهريو، ليڪن اڃا پهريون جلد تيار ٿيو هو، جو پير صاحب ۽ مولوي عاقلي ٻئي جهان ڇڏي ويا. ڪتاب جو قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي.

شاهنامي جا ڪجهه قلمي نسخا:

سنڌ ۾ شاهنامي جي مقبوليت ۽ عظمت جو احوال مٿي آيو آهي. جنهن مان ظاهر آهي ته سنڌ کي شاهنامي جي قلمي نسخن سان مالا مال هجڻ کپي، پر ائين نه آهي جو ان جا ڪجهه سبب آهن.
جنهن ڏينهن کان فارسيءَ جو رواج گهٽيو ۽ نئون نسل مشرقي علمن کان بيگانو رهيو، تڏهن سوين ڪتاب ۽ ذاتي علمي خزانا فارسي نه ڄاڻڻ ۽ توجہ نه هجڻ ڪري، برباد ٿي ويا ۽ اها علمي تباهي شاهنامي سان به لاڳو رهي.
شاهنامي جي تتبع بابت جن تاريخي شاهدين جو ذڪر ڪيو اٿئون، انهن مان به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ شاهنامي جي مقبوليت جي ڪري، ايراني واپارين کي به شوق جاڳيو ته اهي قلمي نسخا سنڌ مان خريد ڪري، اميرن ۽ بادشاهن کي سوکڙي ڪري ڏين ۽ انعام وٺن. جنهن وقت هند جا تيموري بادشاهه سنڌ تي مڙهجي ويا ۽ پنهنجا والي مقر ڪيائون، ته انهن والين مان هر هڪ پنهنجي دور ۾ اها ڪوشش ٿي ڪئي ته، وقت جي بادشاهن کي بهترين سوکڙين جي ذريعي خوش رکن. ان ڪري جنهن جي به نظر تي ڪا اهڙي چيز چڙهي ته، اها آگري ۽ دهلي ٿي موڪليائون. ظاهر آهي ته شاهنامي جا نسخا ان چڪر جي ور چڙهي ويا. اهڙن اميرن مان هڪ جي باري ۾ جهانگير لکي ٿو:
”جمادي الاول 1013هه، مصطفيٰ خان ٺٽي جي حاڪم شاهنامو ۽ شيخ نظاميءَ جو خمسو تصويرن سان، جيڪي تصويرون ماهر استادن ٺاهيون، ٻين تحفن سان گڏ سوکڙي ڪري موڪليا ۽ منهنجي نظر مان گذريا“ (36).
جنهن وقت اصفهان کي افغانن تاراج ڪيو، جو ڪجهه به انهن کي هٿ لڳو، بنا ڪنهن ڊپ جي پاڻ سان کڻي ويا. گهڻو پوءِ اهي هت آڻي، سنڌ جي اميرن کي وڪرو ڪري ڏنائون. اهڙن ذخيرن ۾ شاهنامو به هو. انهن مان هڪ نسخو اصفهان کان آيو، جو اڄ به حيدرآباد ۾ ٽالپوري ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
اهڙي لٽيل مال مان گهڻو سون، چاندي ۽ جواهرات ۽ نوادارت، ميان نور محمد خدايار خان سنڌيءَ خريد ڪيا. جنهن وقت نادر شاه، ميان جي خزاني کي ضبط ڪيو ۽ نوادارت هٿ ڪيا ته، انهن مان ايران جو به گهڻو سامان سڃاتو ويو. بيان واقع، ۾ آهي ته:
”هن افساني جو لکندڙ سامان ۽ مال جي محاسبي وقت حاضر هو. گهڻيون چيزون صفوي بادشاهن جون هيون سي سڃاتيون ويون. جانچ کان پوءِ خبر پئي ته قنڌار جا افغان جنهن وقت ايران جا حاڪم هئا، انهن اهي اڻ لڀ شيون ۽ سوکڙيون چوڌاري وڪرو ٿي ڪيون“ (37).

گلدستہ نورس بهار، به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي:
”بهترين ۽ ناياب شيون هنن ڪميڻن جي هٿ لڳيون ته، اهي هندوستان ملڪ جي حدن ۾ آڻي اڌ قيمت ۾ وڪڻي ٿي ڇڏيائون“ (38).

نادر شاهه به ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ڪتبخانو زوريءَ کڻي ويو ۽ جنهن جو پاڻ مرڻ گهڙيءَ تائين افسوس ڪندو رهيو ۽ ”منثورالوصيت“ ۾ به ان جو ذڪر ڪيو اٿس (39). خبر ناهي ته هن علمي ذخيري جون ڪهڙيون شيون پاڻي لنگهندي گم ٿيون ۽ ڪهڙيون ايران پهتيون (40).

ان ريت سنڌ جا ڪتبخانه هر دور ۾ تباهه ۽ برباد پي ٿيا آهن. ارغونن (927-962هه) سنڌ جي تختگاهه ٺٽي ۽ ٻين شهرن کي جي علمي مرڪز هئا لٽيو ۽ ساڙيو ۽ سومرن توڙي سمن جي ذخيري کي تباهه ڪري ڇڏيو،. ترخانن جي دور (962-1001هه) ۾ پرتگالين جي هٿان ۽ ان کان پوءِ گهرو لڙاين ۽ هندوستان جي تيمورين ۽ ترخانن جي ڪشمڪش سبب ۽ جو ڪجهه ارغونن ۽ ترخانن پاڻ سان علمي ذخيرو هرات ۽ بخارا مان آندو هو، اڳين تباهي کان پوءِ جو ڪجهه بچيو هو، سو اسان جي هٿن مان نڪري ويو. ان کان پوءِ ميرن ٽالپورن جا ڇهه يا ست بهترين گڏ ڪيل ڪتبخانه انگريزن جي ور چڙهيا يا وري اهي ولايت کڻي ويا.
اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين جي ڳوٺن واهڻن ۾، جيڪي علمي مرڪز هئا، فارسيءَ جو ذخيرو موجود آهي، پر جيئن ته ان علمي ذخيري جي ڳولا ۾ دلچسپي نه ورتي وئي آهي، ان ڪري ان متعلق پوري ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. ڪنهن وقت اهڙي ذخيري تائين رسائي ٿئي ته بيشڪ شاهنامي جا ڪيئي ناياب نسخا ملي سگهن ٿا. هت شاهنامي جي چند نسخن جي لسٽ ڏجي ٿي، جن کي سرسري طورتي ڏٺو ويو آهي(1).

(الف ڪراچيءَ جي قومي عجائب گهر جي ڪن نسخن جو احوال:

1. شمارو3/913- NM.1957- شاهنامي جو آخري اڌ آهي. صفحا 196، ڪتابت جي تاريخ 2 محرم 752هه ۽ ڪاتب محمد بن عبدالڪريم بن محمد بن ابولحسن الفقيري تبريزي، پهرئين اڌ جي خبر نه ٿي پوي. ڪيفيت هن ريت آهي.

(الف)

الله اڪبر، از نايب اموال نواب غفران پناه ابوي داخل عاريت خان شد – حررهه احسن الله بن ابوالحسن المخاطب بظفر خان (41).

(ب) عبارت وسطي:

........وديره صاحب محمد عمر خانجيو از دست خود هشت صد بوجہ تمام اموال سرکار کردهه ديگر زحمتي کہ رفتہ در شمار نياورده تا بغايت هيفدهم ذي الحج 1192 هجري.

(ج) مالکہ، مهر، کتاب شاهنامہ معرفت مولوي محمد الياس صاحب بقيمت مبلغ پنجاه روپيا خريد نمودهه شد در 1276....

(هه) دو مهر بالا و دو پايين و درميان آنها، در حاشيه بيضي اين نوشة نصف دوم از کتاب شاهنامہ از گفتار سلطان الشعرا فردوسي عليہ الرحمة.

2. شمارو 181NM. – ڪاتب فقير مير علي مشهدي، ص 576، تاريخ 995هه هيءُ نسخو اصل قومي عجائب گهر جي ملڪيت آهي، ليڪن هن وقت عارضي طور لاهور جي قلعي ۾ آهي.

3. شمارو –NM. 1958-23/3 صفحا 680 ڪاتب علي رضا قهپايي. ڪتابت 20 ربيع الثاني 1077 هه، نسخو مڪمل آهي.

4. شمارو –NM. 1957-881 صفحا 536- ڪن جاين تان کٽل آهي. هن نسخي ۾ ٻئي ڪنهن ڪاتب لکيو آهي ته هيءُ ابوالقاسم فردوسي طوسيءَ جو شاهنامو، شهنشاهه نورالدين جهانگير بادشاهه جي دور ۾ پورو ٿيو. بقلم عبدالله ڪتاب شاهي 1029هه.

5. شمارو 31، –NM. صفحا 634- هن نسخي تي ٻئي ڪنهن صاحب لکيو آهي ته هي نسخو ماه رمضان سن 746هه ۾ ملڪ ايران جي شهر شيراز ۾، ڪاتب احمد خان جي هٿان لکجي پورو ٿيو. شاهنامي تي خان حفظ الله جي فرمائش تي ٻه سؤ روپيا خرچ ٿيو.

6. شمارو 621-1962-NM- 513 صفحا، 53 تصويرون، هي نسخو گهڻو سينگاريل آهي.

(ب) سيدالله بخش شاهه ٽنڊي محمد خان واري جو ذخيرو.

ڪنهن وقت هتي زبردست علمي خزانو هو، پر هاڻي زماني جي دستبرد ان ذخيري کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. سيد الله بخش شاهه انهن مان ڪجهه قلمي نسخا پاڻ وٽ محفوظ ڪيا آهن. شاهنامي جو هڪ اڻ پورو نسخو وٽس موجود آهي.

(ج) ميرن جو ذخيرو:

حيدرآباد جي اميرن تالپورن جي باقي بچيل علمي ذخيري ۾ ڪجهه ڪتاب آهن. هي ذخيرو خاندان جي پونير ڊاڪٽر مير نور محمد خان ٽالپر، استاد شبه شعبه رياضي سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ محفوظ آهي (42). هن ڪتبخاني ۾ به شاهنامي جو هڪ نسخو آهي، جنهن ۾ ڪل 1111 صفحا آهن. مينا ڪاري ۽ نقش نگاري ۾ بي مثل آهي. ان جو واسطو تيموري عهد سان آهي. گمان آهي ته هي نسخو اصفهان کان لٽجي وڪري لاءِ هت پهتو، ڇو ته منجهس هڪ جاءِ تي دارالسلطنت اصفهان چٽو لکيل آهي.

(د) انجمن ترقي اردو ڪراچي

(1) شمارو 3-ق.ف 255، صفحا 1232، ڪتابت سن 11 هجري.

(2) شمارو 3-ق.ف 256 صفحا 474، منڍ ۽ پڇاڙي کٽل آٿس. گهڻو ڪري 12 صدي هجريءَ جو نسخو آهي.

(هه) ڊاڪٽر حميده کهڙو.

ڊاڪٽر حميده کهڙي جي ذخيري ۾ به شاهنامي جو خط نستعليق ۾ هڪ سينگاريل نسخو موجود آهي. تاريخ ڪتابت نامعلوم.


حاشيا ۽ واڌارو:

(1) مقالات الشعرا، ص 77.
(2) ايضاً، ص 78.
(3) تحفة الڪرام، ص 296 (راشدي ايڊيشن)
(4) ايضاً، ص 301.
(5) مهراڻ جون موجودن، ص 67.
(6) Employed a poet…. To record them in verse like ferodzi, and called the book in rival distinction to his immortal work the Shah Nameh, the futteh Nameh. The Futteh Nameh is rehearsed in durbar, and many of the courtiers mark their adulation, by committing the most fulsome passages to the memory. (A visit to the court of Sindhi, P. 47, footnote).
(7) مير نصير خان قرآن مجيد جا ٻه نسخا آستانه قدس رضويه (مشهد) ۾ رکايا جي خطاطي ۽ ميناڪاريءَ جي لحاظ کان بي مثال آهن. ڏسو: رهنمائي گنجينہ قرآن گلچين معاني، ص 311. انگريزن کان شڪست کائي مير نصير خان کي بمبئي ۽ بنگال ڏي جلاوطن ڪيو ويو هو.
(8) تڪمله مقالات الشعرا، ص 105.
(9) ايضاً، ص 105.
(10) ايضاً، ص 94.
(11) ايضاً، ص 94.
(12) ايضاً، ص 666، ص 667
(13) مقالات الشعرا، ص 163.
(14) تکمله مقالات الشعرا، ص 3.
(15) ديوان عظيم، ص 207 (طبع سنڌي ادبي بورڊ 1962ع).
(16) سنڌي ادبي بورڊ ۾ نسخو آهي، جنهن تي سال 1166هه لکيل آهي.
(17) سن 1261هه جو لکيل نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي. ان ۾ 187 صفحا ۽ هر صفحي تي 50 بيت آهن. ڪاتب غلام حسين بن غلام حيدر سبزپوش.
(18) مقالات الشعرا، ص 494. هي شاعر نادر شاهه سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو.
(19) نادر جي حملي بابت شعر ”منشور الوصيت“ ۾ ڏسو (ص 89-96).
(20) مثنويءَ جي شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته امير حسين خان لزڪي نسب جي حڪم سان احمد شاهه درانيءَ جي دور ۾ لکيا ويا. چوي ٿو:

ز تاريخ نادر شہ نامدار
دلش خواست نظمي شود استوار
بہ فرمان آن سپهر پر هنر
کهن خامہ فکر افکنده سر

***

بسر بردم اين داستانِ دراز
به اقبال آن داور سرفراز
رصناع شاهان صفوي نزاد
پي خامہ قاسمي کرده ياد
”شهنشاهه نامہ“ بان آب وتاب
شد از نور توصيف او چهر تاب

***

سخن سنج خان عدالت شعار
کہ باشد بہ دولت خراسان مدار
چو از قدرداني درين انجمن
شکوهش در آورد روي بمن

***

چو زد قرعہ نظم اين داستان
بنام من آن سرور راستان
در اقصاي ايران بنظم سخن
مرا يافت ممتاز ازين انجمن

حسن خان ڏي اشارو ڪري ٿو:

بفرمايش خان لزکي نسب
کہ شد نظم ايند استان را سبب
زلزکي نزاد آن ملک فراه (کذا)
بزرگي سزاوار تخت و کلاه
بيکدست تيغ و بدستي قلم
ز دولت بملک خراسان علم

***

خراسان از و يافتہ زيب و زين
بدولت سرفراز نامش حسين
ز ايوان شہ صاحب اختيار
بملک خراسان رعيت مدار

***

بتحرير اين داستان شگرف
اساسي بر افگند از صوت و حرف
درين روزگار فراغت گداز
کزين نظم شد خامہ ام سرفراز
بہ هر هفته بيشتر ازسہ روز
بپروردم از فکر شب را بہ روز
ازين پيش در معرض ماه وسال
سپهر ستمگر ندارم مجال
بدين ضابطہ چار ده ماه پيش
بکردم کنون صرف اوقات خويش

***

بشکرانہ ام بخش جام نبيد
کہ ”تاريخ نادر“ بہ پايان رسيد
پس از الف وصد چونکہ هفتاد دو
نورديد اين جرگہ چار سو
بماه ربيع نخست اين مقال
بسر برد اين کلک فرخنده حال

(21) قومي عجائب گهر ڪراچيءَ جو نسخو اهي، جنهن جي آخر ۾ سن 1184هه ۽ 1192هه جون مهرون لڳل آهن.
(22) هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ آهي. ان ۾ 103 صفحا ۽ هر صفحي تي 32 ۽ 33 بيت آهن.
(23) مطبع سنڌي ادبي بورڊ، ص 16-17.
(24) يوسف نالي شاعر مير صوبدار جي درٻار سان لاڳاپيل هو. هن ”فتح نامہ“ جي ماده تاريخ هن ريت چئي آهي:

کنون فتح نامہ بنظم آوريد
برنگين مضامين و طرز حسن
امير زمان صوبدار جهان
کہ چون او نباشد شهي در زمن

***

همہ جنگ هاي پدر شرح وار
بيان کرد يکسر ز سر تابہ بمن

***

پي سال تاريخ تصنيف او
خرد خواستم رهبر آمد بمن
سروش نکو فال فرخنده نام
بگفتا: عجب شمع بزمِ سخن

شاعر يوسف ڪجهه قصيدا مير موصوف جي ساراهه ۾ ساڳئي بحر ۾ چيا آهن. ڏسو سندس ديوان: ص 478-490. ديوان جو قلمي نسخو راقم جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

(25) هي مثنوي ”تڪمله مقالات الشعرا“ ۾ ڇپيل آهي. ص 710.
(26) هي مثنوي پڻ ”تڪمله“ ۾ ڇپيل آهي. ص 717-726.
(27) هن جو نسخو ٽالپوري ڪتبخاني حيدرآباد ۾ موجود آهي.
(28) تڪلمه مقالات الشعرا، ص 748-755.
(29) ايضاً، ص 732.
(30) ايضاً، ص 732-747.
(31) ڪجهه سال اڳ هن مثنويءَ جو اختصار سنڌي ادبي سوسائٽي ڇپيو آهي.
(32) تڪلمه مقالات الشعرا، ص 569. اصل نسخو ٽالپورن جي ڪتبخاني ۾ آهي ۽ 405 صفحن تي مشتمل آهي.
(33) تڪلمه مقالات الشعرا، ص 444، ص 787-811.
(34) پاڪستان کان اڳ لس ٻيلي (بلوچستان) ۾ رياست جو حاڪم هوندو هو.
(35) هن جو هڪ نسخو منهنجي ڪتبخاني ۾ آهي.
(36) توزڪ جهانگيري، نولڪشور، ص 351، تحفة الڪرام، ص 392.
(37) بيان واقع، عبدالڪريم، ص 57 (ايڊٽ: ڊاڪٽر ڪي. بي. نسيم. ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، لاهور 1970).
(38) نورس بهار، قلمي ص 75، ۽ تاريخ ڪلهوڙا، جلد 1. ص 446 (اردو).
(39) منشورالوصيت. ص 15. ”سفاڪ ناپاڪ (نادر) سنڌ ملڪ ۾ آيو ۽ اسان جو ڪتب خانو ۽ ڪتاب کڻي ويو.“
(40) بيان واقع. ص 59. ”اتان جڏهن قنڌار روانو (نادر) ٿيو ته ڪرشڪ درياهه مان گذرندي. هندوستان مان آندل ڪجهه سامان، پاڻيءَ جي آفت سبب تباهه ٿيو.“
(41) احسن الله خان، ظفر خان، تخلص احسن (وفات: 1073هه)، پٽ ميرزا ابوالحسن تربتي (وفات 1042هه)، شاعر صائب جو سرپرست ۽ ممدوح توڙي ٻين شاعرن جو محسن، ديوان جو صاحب ۽ ڪجهه مثنوين جو مصنف. ڏسو: شعراي کشمير، ص 26-75 (جلد 1، ڪراچي 1967ع).
(42) افسوس جو ڊاڪٽر مير نورمحمد خان ٽالپور اٽليءَ ۾ 20 مئي 1975ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري گذاري ويو. جنهن جي وفات جو راقم کي دلي صدمو پهتو آهي.
-------------

(1) هن مقالي ۾ ذڪر هيٺ آيل قلمي نسخن جو هت مختصر ذڪر ڪجي ٿو. تفصيل سان دلچسي رکندڙ دوستن کي ڏسڻ گهرجي: دانش نمبر 11، سرءُ 1366هه. ش،ص 82-84، اسلام آباد.

اصفهان جي هڪ يادگار شام

[پير حسام الدين راشديءَ جو هيءُ مضمون اسلام آباد مان سال 1977ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”پيوندهاي فرهنگي ايران و پاڪستان“ ۾ شايع ٿيو هو. هن مضمون جو سنڌي ترجمو ”مهراڻ“ نمبر 1، سال 1997ع ۾ شايع ٿيو]

جهان را اگر اصفهاني نبود
جهان آفرين را جهاني نبود

ايران جي آرٽ، عمارتسازيءَ جي فن ۽ ٻين فنون لطيفه کي ٻه محسن اهڙا مليا آهن، جن انهيءَ جي تحفظ ۽ ان جي تحقيق ۽ ان کي ابد تائين زندهه رکڻ ۾ پنهنجي سڄي عمر صرف ڪئي آهي. هڪڙي سڄي ايران کي پنهنجي دامن ۾ گڏ ڪيو ۽ ٻئي رڳو هڪ ئي شهر يعني ”اصفهان نصف جهان“ تي لکڻ کي پنهنجو فرض ڄاڻي، ان جي هڪ هڪ عمارت ۽ هڪ هڪ گهٽي ۽ پاڙي کي ڏٺو: بربادين ۽ آبادين جي تحقيق ڪئي ۽ انهن جي تاريخي نوعيت کي معلوم ڪري سندن تاريخ کي هميشہ هميشہ لاءِ مٽجي وڃڻ کان محفوظ ڪيو.

اوبم پوپ:
پهريون اوبم پوپ (Arthur Upham Pope) هو، جنهن 90 ورهين جي وڏي ڄمار ماڻي ۽ شعور کان وٺي آخري دم تائين پوري زماني ۽ وڏي عمر ۾ ايران جي خاڪ ڇاڻي ۽ تاريخي آثار ۽ عمارتون، خط، نقش نگار ڪتبا ۽ ٻين سجاوٽي آرٽ تي ٻارنهن ضخيم جلدن ۾ هڪ ڪتاب (Survey of Persian Art) يعني ”تاريخ هنر ايران“ لکي. جڏهن حياتيءَ جي آخري پساهن ۾ موت جي ويجهو پهتو تڏهن هن وصيت ڪئي ته کيس اصفهان ۾ ”زنده رود“ جي ڪناري دفن ڪيو وڃي، جيئن مرڻ کان پوءِ به ”زنده رود“ جون موجون ۽ لهرون مدفن جي دامن کي چمنديون رهن. اڄ هن جو خوبصورت مقبرو، جنهن جڳهه تي هن چاهيو هو، انهيءَ هنڌ تي ايران حڪومت ٺهرائي، هڪ طرف هن مرحوم جي روح کي تسڪين پهچائي آهي ته، ٻئي طرف پنهنجي بزرگواري ۽ علمي قدردانيءَ جو زنده مثال قائم ڪيو آهي.
انهيءَ پوڙهي بزرگ سان آخري ڏينهن ۾ منهنجي به ڄاڻ سڃاڻ ۽ ملاقاتون رهيون. وفات کان ڪجهه مهينا اڳ هن جي طرفان شيراز ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس جو دعوت نامو آيو، ليڪن ڪانفرنس ٿيڻ کان اڳ ۾ هن جو انتقال ٿي ويو ۽ ڪانفرنس به ملتوي ٿي وئي.

بہت شوق سـﻶ سن رہا تھا زمانہ
ہمیں سوگئي داستان کھتي کھتي

لطف الله هنرفر:

ٻيو عالم آهي ڊاڪٽر لطف الله هنرفر، جنهن ”گنجينئه آثار تاريخي اصفهان“ جي نالي سان هڪ هزار صفحن ۽ سون تصويرن تي مشتمل ڪتاب لکي شهر اصفهان ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن آثارن ۽ ثقافتي ورثي کي هميشہ جي لاءِ روشن ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو. هي حضرت به منهنجو عزيز دوست ۽ عنايت فرما آهي. اصفهان يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو پروفيسر ۽ انهيءَ شعبي جو سربراهه آهي. هن جو صبح يونيورسٽيءَ ۾ گذرندو آهي ۽ سندس شام اصفهان جي آثارن کي ڳولڻ، ڏسڻ ۽ انهن جي تحقيق ۾ گذرندي آهي. هن جون راتيون لکڻ پڙهڻ ۾ گذري وينديون آهن. جوانيءَ جي ڏهاڙن کان وٺي اڇي مٿي ٿيڻ تائين هن جو ڏينهن رات اهو ئي معمول ۽ مشغول رهيو آهي. هڪ ضخيم ڪتاب ۽ ٻين ڪيترن ئي مضمونن لکڻ جي باوجود سندس خيال آهي ته اصفهان تي اڃا ڪجهه نه لکيو ويو آهي ۽ گهڻو ڪجهه لکڻ اڃا باقي آهي.

گمان مبرکه، بپايان رسيد کار مغان.
هزار باده ناخورده، در رگ تاک است.

هاڻي ڇا ڏسڻو آهي:

مان ڪيترا ڀيرا اصفهان ويو آهيان، مشهور جايون، مسجدون، بازاريون ۽ مقبرا بار بار ڏٺا آهن، ليڪن اصفهان حقيقت ۾ پورو جهان نه تڏهن به ”نصف جهان“ واقعي آهي. موٽي اچي جڏهن پڙهندو آهيان ته معلوم ٿيندو اٿم ته هي آثار هئا، هي مقبرا ۽ هي تاريخي ڪتبا هئا، جي ڏسڻ کان رهجي ويا ۽ اڃا گهڻو ڪجهه آهي جنهن کي ڏسڻ ضروري آهي.
هن ڀيري مارچ 1974ع) ۾ ٻه اڌ ڏينهن هن ”نصف جهان“ ۾ رهڻ نصيب ٿيو. سترهين تاريخ جي ٻن پهرن جو پهتس ۽ ٻئي ڏينهن يعني ارڙهين تاريخ ٽن پهرن کان پوءِ اتان روانو ٿيس. هن ڀيري پڪو ارادو هو ته ڏٺل جايون نه ڏسندس. بلڪ انهن بجاءِ.

1. نظام الملڪ طوسي جي مزار
2. ملڪ شاهه سلجوقي ۽ ان جي خاندان جو مدفن
3. ۽ مسجد لنبان

ڏسڻا آهن. تنهنڪري جهاز مان لهندي ئي پنهنجي دوست ڊاڪٽر هنرفر کي مون ٻڌائي ڇڏيو ته هاڻي مشهور هنڌن کي ڇڏي فقط ماضيءَ جي تاريخي جهروڪن ۾ ڏسنداسين.
زماني جي رسم کي پورو ڪرڻ ضروري هو. يورپي ملڪن جا اٺ ”ايران شناس“ ساڻ هئا. پهرين اسان ميدان شاهه، عالي قاپو، مسجد شاهه، مسجد لطف الله، چهل ستون ۽ ٻيون قابدل ديد عمارتون ۽ هنڌ ڏٺاسين. هي اهي هنڌ آهن جن جي ڪري اصفهان کي شهرت حاصل آهي ۽ هر ايندڙ انهن کي ڏسڻ، اصفهان جي سفر کي حاصل مقصد سمجهندو آهي.

مدرسه ملڪ شاهه سلجوقي:
اصفهان جي هڪڙي محلي جو نالو ” احمد آباد“ آهي. ان ۾ هڪ گهٽي آهي جنهن کي ”دارالبطيخ“ چوندا آهن ۽ عوام جي زبان تي ان جو بگڙيل نالو ”دالبيتي“ يا ”دالبتي“ چڙهي ويو آهي. اها گهٽي تاريخ آهي. سلجوقين جي دور ۾ هي محلو، جنهن جو قديم نالو ”محله ڪران“ آهي. ڏاڍو وسندڙ ۽ علم و فن جو مرڪز هو. ملڪ شاهه سلجوق جو جوڙايل وڏو مدرسو به انهيءَ محلي ۾ واقع هو. جنهن ۾ ڏورانهن ملڪن جا طالب علم اچي علم پرائيندا هئا. انهن جو ۽ استادن جو خرچ وغيرهه حڪومت طرفان ادا ڪيو ويندو هو.
مدرسي جو نالو نشان مٽجي ويو آهي. ۽ محلو به پنهنجو پراڻو رنگ ڍنگ، بناوٽ ۽ نقشو وڃائي چڪو آهي. نوان گهر، سڌيون گهٽيون ۽ جديد طرز جا محلا وجود ۾ اچي ويا آهن. محلي جو پراڻو نالو ماڻهن وساري ڇڏيو آهي. هاڻي ”ڪران“ جي جاءِ تي ان کي ”احمدآباد“ چون ٿا. تاريخي آثارن ۾ ملڪ شاه سلجوق جو قبرستان ۽ سندس مشهور عالم وزير نظام الملڪ طوسي جي مزار هڪ ئي احاطي ۽ هڪ ئي ڇت جي هيٺان باقي رهجي ويا آهن.

سلجوق سلاطين:
سلجوق سلاطين جون پنج شاخون، اسلامي ملڪن جي پنجن مختلف حصن تي حڪمران هيون. بنيادي شاخ اها هئي جيڪا ايران تي حڪمران هئي. ٻي شاخ عراق تي حڪومت ڪندي هئي، ٽين شاخ ڪرمان تي حاڪم هئي ۽ چوٿين شاخ اها هئي جيڪا روم ۽ رومي سلطنت جي قبضي هيٺ يعني ترڪي تي قابض هئي. پنجون سلسلو شام تي مسلط هو.
ايران جي بنيادي شاخ کي تاريخ ۾ ”سلاجقئه بزرگ“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ئي سلاجقه جا نالي وارا بادشاهه ٿي گذريا آهن.

سلاطين جو مدفن:
هي بادشاهه هڪ شهر يا هڪ ئي هنڌ مدفون نه آهن. مختلف شهرن ۾ مدفن ٿيا ۽ زماني جي لاهن چاڙهن ڪيتريون قبرون اجاڙي ڇڏيون ۽ ڪيترن جي مقبرن جو نالو نشانو مٽائي ڇڏيو. هن بنيادي ”سلاجقئه بزرگ“ جا سلاطين هن طرح دفن ٿيا آهن:

1- طغرل بيگ بن ميڪائيل (429-465) ري (طهران).
2- الپ ارسلان بن چغري بيگ (455-465) مرو.
3- ملڪ شاه بن الپ ارسلان (465-485) اصفهان.
4- برڪيارق بن ملڪ شاهه (487-498) اصفهان.
5- محمد بن ملڪ شاهه (498-511 اصفهان.
6- محمود بن محمد بن ملڪ شاهه (511-525) اصفهان
7- سنجر بن ملڪ شاهه (511-552) اصفهان.

عراق جيئن ته ايران جو حصو هو، ان ڪري اتان جا سلجوق گهڻو ڪري “همدان“ ۽ ”ري“ ۾ دفن ٿيا، جن جي فهرست هي آهي:

1- طغرل بن محمد بن ملڪ شاهه (526-527) مدرسه طغرل همدان.
2- مسعود بن محمد بن ملڪ شاهه (527-547) مدرسه طغرل همدان.
3- محمد بن محمود بن محمد بن ملڪ شاهه (548-554) همدان.
4- سليمان بن محمد بن ملڪ شاهه (554-556) همدان.
5- ارسلان بن طغرل بن محمد بن ملڪ شاهه (556-573) همدان.
6- طغرل بن ارسلان بن طغرل بن محمد (573-590) مقبرو طغرل بيگ ري.

مسجد لبنان:
مون کي هن دفعي هڪ ته ملڪ شاهه ۽ نظام الملڪ جون قبرون ڏسڻيون هيون ۽ ٻي ”مسجد لبنان“. ڊاڪٽر لطف الله هنرفر پهريان ”مسجد لبنان“ جو رخ ڪيو. ميدان شاهه کان نڪري ”چهار باغ“ جي شاهي رستي کي پار ڪري خيابان شيخ بهائي جي ذريعي اسان جي موٽر ”مسجد لنبان“ جي دروازي تي اچي بيٺي.
مسجد لنبان، صفوي دور ۾ خدا جي گهر کان علاوهه هڪ سماجي ۽ ثقافتي مرڪز جي حيثيت به رکي ٿي. هي پراڻو محلو اصفهان جي شروعاتي آباد ٿيندڙ محلن مان آهي، ان ڪري ٻاهران هر نئون ايندڙ مسافر هن مسجد جو هڪ ٻه ڦيرو ضرور ڏيندو هو. شهر جا پڙهيل لکيل عالم، اديب ۽ شاعر روزانو هت اچن. انهن جون محلفون، ڄمن، مباحثا ٿين ۽ شعر و سخن جون مجلسون برپا ٿين. ٻئي هنڌ ملاقات نه ٿي سگهي ته هتي ملاقات يقيناً ٿئي. ڄڻ ته سڄي اصفهان جو ثقافتي ۽ سماجي مرڪز هي هو.
طاهر نصرآباديءَ پنهنجي مشهور ”تذڪره شعرا“ (1083هه) ۾ هن مسجد ۽ مسجد ۾ ميل ملاقاتن جو ڏاڍو ذڪر ڪيو آهي. هي ميرزا طاهر اهو ئي آهي جنهن جو جد امجد ميرزا صادق مينا(1) هندوستان ۾ اچي رهيو ۽ ٻه نهايت اهم تاريخون لکيائين: ”صبح صادق“، جنهن کي هن 1048هه ۾ مڪمل ڪيو ۽ شهزادي شجاع جي نالي منسوب ڪيو. ٻئي تاريخ آهي ”شاهد صادق“، جنهن کي 1056هه ۾ مڪمل ڪيو. مان جنهن زماني ۾ ”تذڪره شعراءِ ڪشمير“ مرتب ڪري رهيو هوس ته ان وقت ”تذڪره نصرآبادي“ ۾ اڪثر شاعرن ۽ عالمن جي محفلن ۽ دلچسپ مجلسن جو ذڪر پڙهيو هئم ۽ ائين لڳو ته هي مسجد اصفهان جو هڪ نهايت اهم علمي مرڪز هو. قدرتي طور مون کي هن جي ڏسڻ جو خيال ٿيو ۽ ان وقت تائين ان خواهش کي نپائيندو رهيس.
”لنبان“ هڪ سڄي محلي جو قديم نالو آهي. اصل ۾ هي شهر کان ٻاهر هڪ ديهه جو نالو هو ۽ جڏهن شهر وڌيو ته اها ديهه اصفهان جو هڪ محلو ٿي وئي. ان جي دروازي جو نالو ”دروازه لنبان“ هو. هن محلي ۾ ڪيترائي عالم، صوفي، درويش، اديب ۽ شاعر رهندا هئا، جن جو ذڪر تاريخ ۾ انهيءَ محلي جي مناسبت سان درج آهي. چوٿين صدي هجريءَ جا محدث ۽ عالم ”لنباني“ نسبت سان مشهور ۽ معروف آهن. ”تذڪره عرفات العاشقين“ جو مؤلف اوحدي (973-1030هه) هن ئي محلي جو هو، جيڪو هندوستان ۾ آيو ۽ هتي رهي پنهنجو مشهور تذڪرو لکيائين.
مسجد لنبان اٺين صدي هجريءَ ۾ جمال الدين وزير ديلمي ٺهرائي. مسجد جي هينئر اها پراڻي عمارت نه رهي آهي. وقت بوقت ٿيندڙ مرمت هن جي اصل شڪل کي بدلائي ڇڏيو آهي. هن وقت اها بلڪل جديد عمارت آهي. فقط گچ جي ديوار جو هڪ حصو، صفوي عهد جي ڪاشي ڪاريءَ جا چند نمونا ۽ انهيءَ دور جا ڪجهه تاريخي ڪتبا يادگار طور رهجي ويل آهن. البت اڱڻ ۾ هڪ وڏو ۽ گهاٽو وڻ اٺين صديءَ جي ياد ڏياري رهيو آهي. هي چنار جو وڻ آهي، جنهن سڄي اڱڻ ۾ ڇانوَ پکيڙي ڇڏي آهي. مسجد جي هال جي هيٺان هڪ نهر وهي ٿي، جنهن ۾ حاجت مند پنهنجون مرادون ۽ ضروريات جا عريضا لکي لوڙهي ڇڏيندا آهن. انهن جو عقيدو آهي ته سندن مرادون پوريون ٿي وڃن ٿيون. اهڙيءَ طرح اهو به مشهور آهي ته هن مسجد ۾ حضرت امام حسن نماز پڙهي آهي. مسجد جو منبر ”منبر صاحب الزمان“ جي نالي سان مشهور آهي. جيڪو اصفهان جي منبرن ۾ پنهنجي خوبصورتيءَ سبب نفيس ترين منبر شمار ڪيو ويندو آهي ۽ ان تي 1114هه سال لکيل آهي.
”رساله محاسن اصفهان“ جو فارسي مترجم بنياد رکڻ وقت پاڻ به موجود هو ۽ هُن ”عمارت جمال الدين“ جي نالي سان ان کي ياد ڪيو آهي ۽ باني جو نالو لکيو آهي: ”صاحب معظم، قدوت اعاظم الامم، جلال الوزراء، جمال الدولة والدين، محمد ديلم دستجردي الاصفهاني.“

سعيد هروي انهيءَ زماني جو شاعر هو، هُن ان جي تعريف ۾ شعر لکيا آهن.

از پئي ذوق و تفرج، گربه لنبان ميروي
مسجدي بيني مروح، بر سر آب روان
در جوارش صاحب ”صاحب قدم“ رابقعه
کز لب تعظيم بوسد، آسمانش آستان
صاحب عادل جمال الدين محمد، کا ورد
سبز خنگي آسمان را، حڪم او در زير ران

ڪاشيءَ جي قديم ڪتبن ۾ ٻه ڪتبا محمد رضا الامامي الاصفهاني (1080هه) جا آهن ۽ هڪ ڪتبو محمد باقر شيرازي (1256هه) جو آهي. هن ڪتبي جي مٿان دروازي جي بلڪل پيشانيءَ تي تذڪره مصنف محمد طاهر نصرآبادي جا شعر، رضا اماميءَ جي خط ۾ ڪاشيءَ جي تختي تي لکيل آهن:

در زمان دادور گيتي ستان بحر دل
آفتاب دولت مشرق، سليمان پادشاهه
پادشاهي، کز برائي کسب اقبال و شرف
فتح در ظل همائي رايتش گيرد پناه
يافت تعمير اين بنا از لطف آن گردون شکوه
شامل حال شريفش بار الطاف الــــه
تا بود مسجد برائي سجدهء اهل ورع
آستانش پادشاهان جهان را سجده گاه
خامه بهر سال تاريخش، عبارت زد رقم
نو، شد اين مسجد، زامر عادل عالم پناه

نصرآباديءَ پنهنجي تذڪري ۾ اهي شعر ڏنا آهن. اندر ٻاهر، گنبذ، مناري، درن ۽ ديوارن تي ڪاشيءِ جو بهترين ڪم ٿيل آهي. جنهن وقت اسان اتي پهتاسين ته ان وقت به مناري جي مرمت ٿي رهي هئي. مسجد جي ڏاڍي خوبصورت اڱڻ ۽ عمارت وڻندڙ ۽ محلو اهڙي هنڌ واقع آهي جو هر ايندڙ ويندڙ جو گذر هتان ضرور ٿئي ٿو.
معاشرو بلدجي ويو آهي. محفلن جي مرڪزن جي نوعيت به مختلف ٿي وئي اهي ۽ اسان جي تهذيب به وقت جي تبديليءَ سان بدلجي وئي آهي، ان ڪري هاڻي مسجدون تهذيبي ۽ ثقافتي مرڪز نه رهيون آهن. سواءِ تاريخي اهميت جي. خود مذهبي معاشري ۾ به انهن کي ڪو خاص مقام حاصل نه رهيو. مسجدن ۾ اڪثر چوڪيدار ويٺل آهن ۽ سياح هيڏانهن هوڏانهن فوٽو ڪڍندي ڏسجن ٿا.
جڏهن اسان مسجد لنبان ۾ داخل ٿياسين ته ڪير به ڪونه هو. تقريباً هڪ ڪلاڪ اسان ان کي ڏسندا رهياسين ۽ جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته ان وقت به ڪو اچڻ وارو نه مليو.

دارالبطيخ:
مسجد لنبان مان نڪري اسان جي موٽر هاڻي ميدان شاهه طرف هلي. خيابان حافظ کان ٿيندي محله احمد آباد جي هڪ گهٽيءَ ۾ مڙي ٻن گهٽين ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي چنارجي گهاٽي وڻ جي ويجهو اچي بيٺي.
ان وقت موسم ڏاڍي خوشگوار هئي. ڪڪرجا ننڍا ننڍا ٽڪرا سج سان گڏ اک ٻوٽ کيڏي اس ۽ ڇانو جو سمو پيدا ڪري رهيا هئا.
گهٽي آباد هئي. ڪرياني جا دڪان کليل هئا. عورتون ڪارا برقعا پائي کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪري رهيون هيون ۽ گهٽيءَ ۾ ڪم تي ويندڙ مردن جي اچ وڃ مسلسل جاري هئي.
هي چنار جو وڏو وڻ بيٺو آهي. انهيءَ ڪري ان حصي کي ”مقبره پائي چنار“، ”تڪيه پائي چنار“ ۽ ”تربت نظام“ چيو وڃي ٿو. هي چنار ڊاڪٽر هنرفر جي تحقيق مطابق انهيءَ ”مدرسه ملڪ شاهه“ جو باقي بچيل يادگار آهي.
ان قسم جا ڪجهه قديم وڻ اصفهان ۾ موجود آهن، جن کي پنهنجي قدامت سبب تاريخي حيثيت حاصل آهي. مثلاً، چنار امام زادهه اسماعيل“، ”چنار دستگرد“ ۽ ”چنار باغ زرشک“.
انهيءَ جڳهه کي ”دارالبطيخ“ ان ڪري چوندا آهن، جو قديم دور ۾ هتي منڊي هئي، جنهن ۾ سبزي کان علاوه هر قسم جا ميوا، خاص ڪري اعليٰ قسم جا گدرا، گهڻي مقدار ۾ ايندا هئا.
هتي ملڪ شاهه سلجوقيءَ مدرسو قائم ڪيو هو ۽ وسيع باغ ان جي ڀرسان لڳرايو هو. انهيءَ باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ خواجه نظام الملڪ طوسي کي دفنايو ويو، جنهن کان پوءِ هي حصو ”تربت نظام“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. سال 724هه ۾ هن جاءِ کي انهيءَ نالي سان ڪتابن ۾ لکيو ويو.

گورستان:
هتي، برصغير ۾ عبدالرزاق ڪانپوري مرحوم پهريون شخص هو، جنهن نظام الملڪ طوسيءَ جي مفصل ۽ مستند سوانح عمري لکي، هن جي عظمت ۽ هن جي ڪارنامن جي اسان کي ڄاڻ ڏني. پڙهيل لکيل طبقو ان کان بعد ئي هن جي شخصيت سان متعارف ٿيو. نظام الملڪ جي حياتي تي غالباً ان قسم جو مفصل ڪتاب ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اڃا تائين نه لکيو ويو آهي.
خواجه نظام الملڪ طوسي، سلطان ملڪ شاهه سلجوقي سان گڏ بغداد وڃي رهيو هو ته نهاوند جي حدن ۾ منزل ”سحنه“ تي هڪ باطنيءَ درخواست جي بهاني ويجهو اچي کيس خنجر هڻي ماري وڌو. هي 12 رمضان 485هه جو واقعو آهي. هي تمام وڏو حادثو هو، جنهن تي عالم اسلام ماتم ڪيو. سندس لاش کي اتان کڻي اچي اصفهان جي هن محلي ۾ ”مدرسهء ملڪ شاهي“ جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو.
هن چنار جي وڏي وڻ جي سامهون هڪ معمولي دروازي مان اسان هڪ چار ديواريءَ جي اندر داخل ٿياسين. ننڍي اڱڻ کان پوءِ چار فوٽ مٿي هڪ ٿلهو هو، جنهن تي ڇت هئي. کليل اڱڻ جي وچ ۾ ڪجهه ميويدار وڻ هئا، جيڪي هر ايرانيءَ جي گهر جي سونهن پڻ آهن.
انهيءَ ٿلهي تي مقبرن جو اهو مجموعو آهي، جنهن ۾ خواجه بزرگ جي قبر کان سواءِ ڪججهه سلجوقي سلاطين به مدفون آهن. انهن سلجوقين ۾ سلطان سنجر کان بعد ملڪ شاهه سڀ کان گهڻو نالي وارو بادشاهه ٿي گذريو آهي، ليڪن خواجه نظام الملڪ جهڙي نامور وزير، عالم ۽ اديب جي ڀرسان دفن ٿيو، انهيءَ ڪري سندس نالو دٻجي ويو ۽ خلق جي زبان تي ”قبر نظام“ نالو رهجي ويو. خواجه بزرگ جي اوچتي مارجي وڃڻ جو واقعو ايترو ته وڏو هو، جو ان کان هڪ مهينو پوءِ جڏهن ملڪ شاهه جي لاش کي کڻي اچي هن هنڌ دفن ڪيو ويو ته سندس مدفن کي ڪنهن به اهميت جي قابل نه سمجهيو ويو۔

خواجه نظام الملڪ جي مزار:
ٿلهي تي ايندي ئي پهرين قبر خواجه جي اچي ٿي. مزار تي لڳل تختي سنگ مرمر جي، ڪنارا چٽيل ۽ قرآني آيتن سان سجيل، مٿي ڪنارن تي آيتون آهن ۽ سيرانديءَ کان گهڻن هنڌن تان ڊٺل ڪتبو آهي جنهن جي عبارت هن طرح آهي ۽ هيئن پڙهي وڃي ٿي.

”واصل گشت بجوار مرحمت و غفران، وفايزشد
بغرفات جنان و روضئه رضوان، حضرت مغفرت
مآب قيام بصفت رحمة ديان.... المفاخر و افتخار
الاکابر و اعاظم الوزرا..... خواجہ..... الملک“

مون کي ڊاڪٽر هنرفر ٻڌايو ته هي ٻين قبرن جا پٿر صفوي دور جا ڏسجن ٿا، موجودهه عمارت ويجهڙائي واري دور جي ٺهيل آهي.
انهيءَ قبر جي آس پاس خواجه جي پٽ ابوبڪر عبيدالله مؤيدالملڪ جي قبر به هئي. جنهن کي سلطان برڪيارق پنهنجو وزير بنايو ۽ پوءِ 494هه ۾ پنهنجي هٿن سان سندس سسي اڏائي ڇڏي. هاڻي اها قبر ظاهر ناهي. مرمت ۽ زماني جي لاهن چاڙهن ۾، ٻين قبرن سان گڏ هيءَ قبر به مٽجي وئي آهي.
مان، انهيءَ عظيم الشان شخصيت جي تاريخي قبر جي چوڌاري هر هر ڦريس ۽ حيرت مان پٿر جي ان نشان کي ڏسندو رهيس جنهن جي هيٺان گمان آهي ته نظام الملڪ جهڙي عظيم شخصيت ابدي ننڊ ۾ سُتل آهي. تصويرون ڪڍيم ۽ قدم اڳتي وڌايم.

ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي قبر:
چند قدمن جي فاصلي تي ٻه قبرون هڪي ٻئي سان گڏ آهن. ٻنهي جي مزار جو پٿر سنگ مرمر جو آهي. هڪ چٽسالي ۽ آيتن سان سجيل آهي ۽ ٻي ان جي ڀيٽ ۾ گهڻي نقش نگاريءَ سان آراسته آهي. ٻنهي تي نالا نه آهن. گمان آهي ته جيڪا گهٽ نقش دار قبر آهي، اها سلطان ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي آهي، جيڪو خواجه نظام الملڪ جي شهادت کان هڪ مهينو بعد، شوال 485هه ۾ جمعي جي ڏينهن بغداد ۾ مري ويو. ملڪ شاهه جي درٻاري شاعر امير معزي ان واقعي تي هي شعر چيا هئا:

رفت در يک مه به فردوس برين، دستور پير
شاه برنا، از پس او رفت، در ماه دگر
کرد ناگه قهر يزدان، عجز سلطان آشکار
قهر يزداني ببين و عجز سلطاني نگر

سلطان جو لاش پهريان امانت طور بغداد ۾ ”شونيز“ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جتان سندس پٽ محمود شاهه کڻي اچي اصفهان جي هن ”مدرسهء ملڪ شاهي“ ۾ خواجه نظام الملڪ جي ڀرسان دفن ڪيو.

ترڪان خاتون:
ترڪان خاتون ملڪ شاهه جي عظمت واري ملڪه هئي. جهڙو عظيم مڙس هو اهڙي ئي هيءَ بيگم هئي. سال 487 هه ۾ مڙس جي وفات کان تقريباً ٻه سال پوءِ اصفهان ۾، ۽ هتي ئي سلطان جي ڀرسان دفن ٿي. قبر چئني پاسن کان چٽيل آهي. ان تي نالو لکيل نه آهي. فقط قرآني آيتون نقش ٿيل آهن.

سلطان برڪيارق – سلطان محمد:
هي ٻئي ملڪ شاهه جا پٽ هئا. زندگيءَ ۾ هي ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جا سخت مخالف ۽ جاني دشمن هئا، ليڪن جڏهن هي جهان ڇڏيائون ته سندن قمست ۽ بيوسيءَ، ٻنهيءَ کي هڪ ٻئي جي ڀرسان جڳهه ڏئي ڇڏي. ملڪ شاهه جي سيرانديءَ کان ٻه اڍائي فوٽ مٿاهينءَ تي ٻن قبرن جا نشان آهن ۽ اهي ٻئي قبرون انهن ٻنهي ڀائرن جون ٻڌايون وڃن ٿيون.
انهيءَ سڄي ڍڪيل ايوان جو فرش ۽ ديوارون سائي رنگ جي ٽائيلن جون آهن. سلطان برڪيارق جي قبر جو صندوق نما ٿلهو، انهن ساين ٽائيلن جو ٺهيل آهي. ڪا به چٽسالي يا ڪتوبو لڳل نه آهي. روايت اها ئي آهي ته اها قبر برڪيارق ۽ محمد جي آهي.

ٻيون قبرون:
معلوم ٿئي ٿو ته ”مدرسهء ملڪ شاهي“ جي باغ جي هيءَ ڪنڊ، جنهن ۾ پهرين نظام الملڪ کي دفن ڪيو ويو، بعد ۾ ”سرڪاري قبرستان“ جي شڪل اختيار ڪري ويو. اصفهان سلجوقي سلاطين جي هن شاخ جو دارالسلطنت رهيو. انهيءَ ڪري جو سلجوق سلطان فوت ٿيو، سندس دفن گاهه به اها ئي ڪنڊ بڻي. بعد جي دورن ۾ ٻيا ماڻهو به دفن ٿيا آهن. ڪجهه قبرون نائين ۽ ڏهين صديءَ جون به موجود آهن، جن جي شخصيتن جي تاريخي حيثيت معلوم نه آهي. نالا ۽ سال انهن تي لکيل آهن. اسان انهيءَ عبرت گاهه تي تقريباً ٻه ڪلاڪ گذاريا ۽ قبرن جي پاسي بار بار گهمندا رهياسين. بحث ڪندا رهياسين ۽ انهن جي قتل ۽ ظلمن جا داستان ياد ڪندا رهياسين.
تاريخي شخصيتن جو آغاز ۽ انجام ۽ پوءِ هيءَ ڪسمپرسي واري حالت ڏسي، دنيا ۽ دنيا وارن جي بي ثباتي تي ملامت ڪندي اسان چار ديواريءَ کان ٻاهر نڪري آياسين، ۽ انهيءَ قديم چنار جي شاخن ۽ ٿڙ کي هڪ دفعو غور سان ڏسندا موٽر ۾ سوار ٿي ”مهمان خانهء شاه عباس“ طرف هلياسين. موٽر هلندي رهي ۽ منهنجي ذهن ۾ خاقانيءَ جو هي شعر ڦرندو رهيو:

ملک شه، آب وآتش بود، رفت آن آب و مرد آتش
کنون، خاڪستر و خاک است مانده، در صفا هانش

سلطان ملڪ شاهه خوش قسمت هو جو خواجه نظام الملڪ جي ڀرسان دفن ٿيو ۽ ان نامور وزير، منشي ۽ مصنف جي ڪري سندس قبر اڄ تائين قائم رهندي آَئي آهي. جيڪو پڙهيل لکيل نظام الملڪ جي زيارت لاءِ ويندو آهي. اهو هن عظيم سلوجوقي بادشاهه جي قبر کي به حيرت مان ڏسندو آهي.

(ڪراچي 6-8-1974ع)

_________________
* ترجمو: امام راشدي.

(1) هن مصنف تي منهنجو مضمون پڙهو ”پارس“ ڪراچي، جلد اول، شمارو اول.

فقير عبدالغفور (سنڌي موسيقيءَ جو سينگار)

[30 جون 1978 تي، حيدرآباد ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر، سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي گڏيل سهڪار سان، سنڌ جي نامور فنڪار فقير عبدالغفور سان هڪ شام ملهائي وئي. ان محفل جو خاص مهمان وطن عزيز جو مايه ناز عالم ۽ دانشمند پير حسام الدين راشدي صاحب هو. ان موقعي تي پير صاحب جي ڪيل تقرير کي ڊيلي ”عبرت“ 10 جولاءِ 1978ع تي شايع ڪيو]

جناب حميد آخوند، جناب فقير عبدالغفور، جناب حسين بخش خادم ۽ معزز خواتين و حضرات.
مان خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي، دل جي گهراين سان اهو اظهار ٿو ڪريان، ته اوهان مون کي اڄ سنڌ جي هنن ٻن وڏن فنڪارن، جي وچ ۾ وهاري منهنجي وڏي عزت افزائي ڪئي آهي، مان پاڻ کي ان اعزاز جو مستحق نه ٿو سمجهان ڪيو ان هوندي به مان منتظمين جو نهايت ٿورائتو آهيان. حقيقت اها آهي ته اها مٿاهين جاءِ فقط هنن ٻن فنڪارن (عبدالغفور ۽ حسين بخش) کي سونهي ٿي، جي پنهنجي فن جي لحاظ کان سنڌ جي تاريخ ۾ اهم مقام وارين ٿا.
جيئن ممتاز مرزا پنهنجي تقرير ۾ هينئر اسان کي ٻڌايو ته فقير عبدالغفور پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ حيدرآباد شهر جو ڏاڍو مڙس هو. شهر جي دادائن کان آنڪي ڇڏائيندو هو ۽ ٽڪري هلائي نال به وصول ڪندو هو، وغيره، ته دوستو! اهو فقير عبدالعفور جي مجاز جو زمانو هو. توهان کي خبر آهي ته مجاز کان پوءِ حقيت جو ڏاڪو اچي ٿو ۽ هاڻي اسان جو فقير حقيقت جي ڏاڪي تي آهي. فقير نال تڏهن به ڇڏائيندو هو ۽ هاڻي به ڇڏائي ٿو. اڳي پيسن جو نال ڇڏائيندو هو ۽ هاڻي ”دلين“ جو نال ڇڏائي ٿو. اڳ فقط حيدرآباد شهر تائين سندس نالو محدود هو، پر هاڻي ان جو دائرو سنڌ ۽ سموري فضا تائين وسيع آهي، جتي جتي سندس وڻندڙ آواز اڄ به هر ٻڌندڙ کان ”دل“ جو نال ڇڏائي رهيو آهي.
دوستو! فقير عبدالغفور سنڌي موسيقيءَ جي هڪ ”اسڪول“ سان تعلق رکي ٿو، جيڪو سچل سرمست جي درگاهه مان ۽ نج سنڌي تصوف سان وابستہ آهي. اهو سلسلو پنهنجيءَ حقيقت جي حيثيت سان نهايت جامع، وسيع ۽ همہ گير آهي. انهيءَ سلسلي سنڌ ۾ جيڪا روح پرور ڪيفيت پيدا ڪئي آهي، سا اسان جي سماجي زندگيءَ تي حاوي آهي. هن دور ۾ انهيءَ سلسلي جو واحد نمائندو فقير عبدالغفور ئي اسان وٽ باقي آهي.
دوستو! فقير عبدالغفور سان شام ملهائڻ جو اهتمام ڪري اسان پنهنجي فرض ادائي ڪئي آهي. دراصل اسان فقير جو تمام دير سان قدر ڪيو آهي، جنهن احترام ۽ قدر شناسيءَ جو هو مستحق آهي، تمام دير سان اسان محسوس ڪيو آهي، ڇو ته اسان سنڌي بدقمست آهيون!
حسين بخش خادم پنهنجيءَ تقرير ۾ شڪايت ڪئي آهي ته اسان فنڪار مالي لحاظ کان تنگدستيءَ جو وقت گهاري رهيا آهيون ۽ هن انهيءَ نقطي تي زور ڏنو آهي ته سنڌي فنڪارن جي مالي خوشحاليءَ طرف توجهه ڏنو وڃي، ان ڏس ۾ هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن جو حوالو ڏنو آهي.
دوستو! اها شڪايت فقط فنڪارن تائين محدود ڪانهي. اسان، جيڪي قلم جا فنڪار آهيون، تحرير جا فنڪار آهيون اسان کي پڻ ساڳي شڪايت آهي. اسان اديبن ۽ شاعرن جي شڪايت، فنڪارن جي شڪايت کان مختلف ڪونهي. زماني جون حالتون اکين اڳيان آهن. اسان سنڌي، هڪ پيڙهيل ۽ نپوڙيل قوم جا بدقسمت فرد آهيون. ان ڪري اسان کي شڪايت کان پرهيز اختيار ڪرڻ گهرجي.
اسان کي بهرحال پنهنجي فرض جي ادائگي ڪرڻي آهي، اسان کي پنهنجو قلم وهائڻو آهي ۽ گلي مان سرن جي ورکا ڪرڻي آهي. اسان کي سنڌ جي خدمت ڪرڻي آهي. سنڌي ادب کي زندهه رکڻو آهي، سنڌي موسيقيءَ کي برقرار رکڻو آهي ۽ سنڌي ثقافت جي شان کي قائم ڪرڻو آهي. اها فرض ادائي اسان تي ان حد تائين لازمي آهي، جو توڙي بک هجي، ڏک هجي، سک هجي، اسان کي هر حال ۾ خدمت ڪرڻي آهي. اسان کي الله تعاليٰ جيڪا صلاحيت بخشي آهي، سا غير مشروط سنڌ جي خدمت جي خاطر بروءِ ڪار آڻڻي آهي. سنڌ جي مانائتي فنڪار فقير عبدالغفور جي خدمت ۾، مان سنڌ جي اديبن جي طرفان ”سلام“ ئي پيش ڪريان ٿو، ڇو ته اسان وٽ ٻي ڪابه شئي ڪانه آهي.
دوستو! مغليه شاهي فوجن جي مهندار مرزا عبدالرحيم خانخانان جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هتان جي مفتوح فرمان روا مرزا جاني بيگ ترخان کي پاڻ سان گڏ دهليءَ وٺي ويو ۽ اڪبري درٻار ۾ پيش ڪيائين. اڪبر، سنڌ جي معزول سلطان کي پستيءَ جي احساس ڏيارڻ خاطر اها سٽ سٽي جو عظيم فنڪار تانسين کي وٽس موڪليائين. تانسين جاني بيگ وٽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. مفتوح ۽ معزول سلطان وٽ رکيو ئي ڇا هو، جو تانسين جي قدر داني لاءِ سندس خدمت ۾ هديو رکي! خالي هٿين جاني بيگ، راڳ ختم ٿيڻ کان پوءِ ست دفعا تانسين جي چوڌاري پاڻ کي گهوري چيو ته، ”اي عظيم فنڪار! غريب الوطني ۾ مون وٽ ڪجهه به نه آهي، لهذا مان پاڻ کي تو مٿان گهوري رهيو آهيان، منهنجو اهو هديو قبول ڪر!“
سو، دوستو! اڄ سنڌ سکڻي آهي، هٿين خالي آهي. هن وٽ ڪابه شئي ناهي عبدالغفور کي هديي ڏيڻ لاءِ. لهذا اڄ سنڌ پاڻ کي عبدالغفور جي مٿان گهوري رهي آهي. شال اهو جذبو اسان جي هٿان هن فنڪار کي قبول پوي.
حميد آخوند ۽ ممتاز پنهنجين تقريرن ۾ ٻڌايو ته اسان جي نج سنڌي موسيقيءَ جا املهه سر اسان جي نئين نسل کان وسرندا پيا وڃن ۽ باقي ڪي ٿورا سر اسان وٽ بچيا آهن. دوستو، ان جو سبب اها خلا آهي، جا ٻن نسلن کي منقطع ڪري رهي آهي. اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ جيڪي ڪافيون ٻڌيون، تن جا سر اڄ ناپيد آهن. ان وقت ۽ هاڻوڪي وقت جي درميان وڏو فرق اچي ويو آهي. تمام ٿورا سر اهڙا آهن، جي باقي آهن. اسان تي فرض آهي ته اسان انهن سرن کي پنهنجي عظيم ڪلاسيڪي ورثي کي بچايون، سنڀاليون ۽ محفوظ ڪريون. ائين ڪرڻ سان ئي اسان سنڌي موسيقي کي بچائي سگهنداسون ۽ اها سنڌ جي وڏي خدمت ٿيندي.
ڪجهه وقت ٿيو ته حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا مون سان ملڻ آيا، مون کين ٻڌايو ته ”بابا! زندگيءَ تي ڪو ڀروسو ڪونهي ٻه سال بيماري ۾ گذاريا اٿم ۽ باقي عمر جو پتو ناهي. ڪم ڪندي عمر گذري چڪي آهي، صحت جو حال ڏسو پيا، هاڻي ته ڪجهه وندر ورونهن جو سامان پيدا ڪريو ۽ ڪجهه وقت روح ريجهائجي، دل گهري ٿي ته عبدالغفور کي ٻڌجي. هنن دوستن منهنجي خواهش جي پورائي ڪندي اڄ عبدالغفور کي ٻڌڻ جو اهتمام ڪيو آهي، ان لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان.
ان موقعي تي مان سنڌ جي نئين نسل کي هڪ عرض ڪندس ته عبدالغفور، خادم ۽ ٻيا ڪجهه فنڪار اسان جي نج سنڌي موسيقي جا ٿورا نمائندا وڃي بچيا آهن، اهي فنڪار روز روز ڪو نه پيدا ٿيندا آهن ان جو دم غنيمت آهي. اهي فنڪار سنڌ جو شان آهن، سنڌ جو سينگار آهن، سنڌ جي تاريخ آهن، سنڌ جي تهذيب ۽ ڪلچر آهن، اهي سنڌ جي ساک آهن ۽ وقار آهن، انهن جي قدرداني ۽ فن شناسي اسان تي لازم آهي.

----------------
* ترتيب: نفيس احمد شيخ.

سچل سارو سچ

[24 جولاءِ 1980ع تي درازا ۾ سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي هڪ ادبي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ پير حسام الدين راشدي هي يادگار صدارتي تقرير ڪئي، اها تقرير سروري پبليڪيشن هالا جي ڪتاب ”واريءَ تي مورت“ ۽ ”سرمست“ 2/1982ع ۾ ڇپيل آهي. ٻنهي ڪتابن جي تقابلي اڀياس ذريعي تقرير جو هي متن تيار ڪيو ويو آهي]

دوستو، عزيزو، اها حقيقت آهي ته هن درگاه تي مان پهريون دفعو حاضر ٿيو آهيان ۽ اها منهنجي سعادت آهي، جو پنهنجي زندگيءَ ۾ مان هتي پهچي سگهيس. مانهنجو دوست تنوير عباسي چوي ٿو ته مان ڀرپور نموني ۾ پنهنجا معروضات پيش ڪيان. عرض هي آهي ته وقت تمام گهڻو ٿي ويو آهي ۽ ڀرپور نموني ۾ يا مختصر نموني ۾ جيڪي گذارشون ڪرڻيون آهن انهيءَ منجهئون گهڻن تي ته توهان سڀ منهنجا دوست روشني وجهي ويا آهيو. خصوصاً منهنجي دوست حامي صاحب جيڪي ڪجهه فرمايو اُن سان مان بيحد متفق آهيان ۽ اهو ضروري آهي ٿو سمجهان. اسان جي قاضي علي اڪبر صاحب جو مسئلو عشق آ ۽ جتي عشق هجي اتي بحر طويل ۽ بحر هجز جو جيڪو ويجهو آ، سو نه ايندو آ. اهو بحث ڪٿ ۽ ويچار کئون مٿي آ، پر جن سنڌ جي فڪر ۽ ذهن کي موڙيو، جن تاريخ پيدا ڪئي، جنهن پنهنجو مقام پيدا ڪيو، اُهي فقط ٻه آهن: هڪڙو شاهه ۽ ٻيو سچل سرمست.
جيڪي ڪجهه مانجها دوست هتي چئي ويا آهن، انهن سڀني شين کان سچل مٿي آهي، سچل بيحد ارفع ۽ اعليَ آهي. مانجهي دوستن نه حلاج پڙهيو آهي، نه عطار کي پڙهيو ٿن، نه انهن جي تعليم جو ڪو مطالعو ڪيو اٿن. فقط سچل چئي ويو. ان جي شعر ۾ ڏٺئون. ان کان پوءِ جو ڪو به انهن مطالعو نه ڪيو آهي. مقصد منهنجو هي آهي ته فقط سچل جو ديوان، مانکي کل ايندي آهي، جڏهن مان اخبارن ۾ پڙهندو آهيان ته ”شاعر هفت زبان.“ بابا شاعر هفت زبان جو مطلب ڇا آهي؟ اڄ يورپ جون ڇوڪريون ويهين ۽ پنجويهين ورهين جون، سورهن زبانون ڄاڻن ٿيون پيون ۽ ان ۾ لکن ٿيون پيون. هفت زبان ڪابه شئي دنيا ۾ اڄ نه ٿيندي آ. تنهن کان پوءِ سچل سواءِ سنڌي زبان جي باقي جيڪي ڪجهه چيو اُهو خام آهي. تنهنڪري هن کي ”هفت زبان“ چئي ان جي مقام کي توهان هيٺ ٿا ڪيو. اسان جي ڊاڪٽر شميل آ، جنهن سچل تي به لکيو آ ۽ شاهه تي به. سورنهن زبانون ڄاڻي ٿي پئي ۽ سورنهن ۾ ئي لکي ٿي، جنهن جو مطلب اهو آ ڇا ته ڊاڪٽر شميل سچل سرمست کان مٿي آ. سچل ستن زبانن ۾ چوي يا سترهن زبانن ۾، سچل جو مقام جيڪو آهي، سو انهن سڀني کان بالا آهي. هن جو ڪنٽريبيوشن فقط اهو فڪر آ، اهو فلسفو آ، اهو پيغام آ، جيڪو هن ڏنو آ پنهنجي ڪلام ۾. انهيءَ کي ئي اسان کي سوچڻ، پروڙ ۽ پرجهڻ کپي. مونکي معلوم آ. توڻي جو مان هتي ڪڏهن حاضري نه ڏني آ. ليڪن مونکي معلوم آ، ته پاڪستان کان اڳ ۾ هيءَ درگاهه روشن هئي. هن تي ٻارنهن ئي مهينا منڊل متو پيو هوندو هو. سڀني مذهبن، سڀني عقيدن، سڀني فرقن جا ماڻهو هتي سجدو ڪندا هئا. هر هندوءَ ۽ مسلمان جي گهر سخي قبول محمد جي تصوير لڳل هوندي هئي. اهو ڇا هو؟
هاڻي مان هتي مزار ڏٺي آهي نماڻي فقير جي، جيڪا هندو مائي هئي. جنهن سچل سرمست جو رسالو هندوستان ۾ مرتب ڪيو. اتئون لاش کڻايو اٿئين ۽ هتي پاڻ پورايو اٿئين. اهو ڇاهي؟ اهو ڪهڙو فلسفو، اها ڪهڙي شئي ۽ ڪشش هئي، جنهن نماڻي فقير کي هتي دفن ڪرايو؟
جيسين ايهو فلسفو، جنهن نماڻي فقير کي دفن ڪرايو آ، اهو اسان جي سنڌ جو فلسفو زندهه آهي ۽ انهين جي پيغام کي توهان زندهه رکيو آ، تيسين هي ياد رکو ته سنڌ زنده آهي.
سنڌ جي افاديت ۽ سنڌ جو مختلف هجڻ ٻين جي مقابلي ۾ اهو فقط انهن شين ۽ علامتن منجهئون معلوم ٿئي ٿو پيو، سنڌ کي پنهنجو مخصوص هڪڙو پيغام آ. سنڌ کي هڪڙو فڪر عطا ٿيو. جيسين اها شئي توهان کي حاصل نه ٿي آ، انهين کي نه سوچيو ۽ سمجهيو ۽ انهين کي فروغ يا انهين کي نه پکيڙيو آهي، تيسين توهان جو فرض ۽ توهان تي جيڪي وطن جي طرفان ۽ پنهنجي اديبن ۽ شاعرن جي طرفون ۽ هن درگاهه جي طرفون جيڪي فرائض عائد ٿين ٿا سي پورا ڪين ٿا ٿين. توهان جو فرض آ. توهان ماڻهو اديب آهيو. توهان پڙهيل آهيو. هن دور جا مهندار آهيو. توهان جو فرض آ ته جيڪي ضرورتون ادب جون آهن. جيڪي توهان جا اسان جا بزرگ چئي ويا آهن. انهن سڀني جو شرح، ان جو استحڪام توهان ڪيو. ائين ته نه ڪرڻ کپي ته ڪجهه وقت تي اچي پهتئو ۽ چار لفظ ڳالهايو. تنهن کان پوءِ ختم ٿيو قصو.
مون کي معلوم آهه ته سچل سرمست جو رسالو ايڊٽ ڪونه ٿيو آ. تصحيح بلڪل ڪانهي ڪا. غلط آ جيڪو رسالو مرحوم انصاريءَ جو ڇپيو. يا جنهن جو ٻيو ايڊيشن هاڻي محمد ابراهيم جويي ڇپيو. اهو سؤ فيصد غلط آ. سرائڪيءَ ۾ جيڪو سنڌي ادبي بورڊ مولوي محمد صادق کان رسالو ڇپرايو سو ڀي جعلي آ. حامي صاحب جيڪي چئي ٿو سو بلڪل صحيح آ. عشق جو مسئلو الڳ آ ته عشق ۾ ڪابه شئي نظر نه ايندي آ. صحيح ۽ غلط جي ڪا به پروڙ عشق ۾ ڪانه ايندي آ. اهو مقام ارفع ئون اعليٰ آهي. ليڪن جيڪڏهن حقيقتون اسان کي ڏسڻيون آهن ۽ جيڪڏهن واقعي ڪنهن مقام کي واقعي ڪنهن پڙهلين ڪڙهلين جي محفل ۾ ۽ مجلس ۾ سچل کي متعارف ڪرائڻو آ ته فقط ”هفت زبان شاعر“ چئي اسان کي متعارف نه ڪرائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اها ڪابه ڪريڊيٽ ڪانهي ڪا. اسان کي هن جي تعليم هن جون جيڪي شاعري جون خوبيون آهن يا ڪو جيڪو فلسفو آ. عطار ڇا هو؟ حلاج ڇا آهي؟ اهي سڀ هڪڙا پيغام آهن. اهي فلسفا هن. اهي دائمي قيامت تائين رهندڙ پيغام آهن. سچل اسان وٽ انهن جو شرح آ. ۽ سچل مان سمجهان ٿو ته ڪيترين ڳالهين ۾ اسان جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان تمام گهڻو مٿي آهن. هن لحاظ کان مٿي آ ته شاهه پنهنجو پيغام فقط پاڻ تائين محدود رکي ٿو ۽ پاڻ ئي ان جو شارح ۽ پاڻ ئي ان تي تڪميل ٿئي ٿي پئي. ليڪن سچل پنهنجي زماني کئون وٺي ويندي اڄ تائين ۽ مون کي يقين آ ته هن کان پوءِ به جيڪو سنڌي شاعري ڪندو اهو سچل جي پيغام کي اڳتي وڌائيندو. توهان جا ڪنڊڙي وارا، بيدل، بيڪس، ٻڍڙو فقير، فتح پورا وارا يعني ڪهڙو شاعر آهي، سچل کان پوءِ جيڪو سچل جي تابعي نه آهي، سچل جي فلسفي ۽ فڪر کي هن پنهنجو نه ڪيو آ.
تنهن ڪري منهنجا دوستو! خبر ناهي ته پاڻ ملون يا نه ملون، مان توهان کي اهو ئي عرض ڪندس، مانهنجو پنهنجو تجربو اهو آهي ته سچل تمام وڏو شاعر آهي. سچل جي لاءِ توهان کي – شاهه تي – ڀي ڪو ڪم ڪونه ٿيو آ. پر هن جو ڪم از ڪم هڪڙي ايڊيشن جو هڪڙو حصو مرحوم گربخشاڻي اهڙو اسان کي ڏئي ويو آ، جنهن تي اسان انحصار ڪري سگهون ٿا. يقين ڪري سگهون ٿا. انهيءَ کي مستند اسان چئي سگهون ٿا پيا. ليڪن سچل مرحوم جو ڪو به ايڊيشن ڪوبه حصو ڪو به جزو صحيح ڪونهي ڪو. تنهن ڪري ادبي بورڊ جو چيئرمين هجي يا اسان جي سنڌالاجي جو ڊئريڪٽر هجي. بهرحال انهن سڀني جي خدمت ۾، انهن تي منصبي فرض آ، جن جن عهدن تي اهي آهن انهن جو فرض آهي ته اهي شيون جيڪي قومي آهن ۽ جيڪي شيون لازمي آهن ۽ هن وقت جي تقاضا آهن، انهن کي پورو ڪن. اُهي ڪم هو ختم ڪرائين.
مان نهايت اڪير ۽ نهايت محبت سان هن سرزمين ۾ حاضر ٿيو هوس، مون کي اهو چيو ويو ته هتئون جو ڊپٽي ڪمشنر صاحب، ميمڻ صاحب، انهين ۾ ذوق شوق وٺي ٿو پيو، هن جي نسبت، هو پاڻ اهل قلم ٿي رهيو آ، رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو آ. انهين نسبت سان مان هتي آيس. نه ته هونءَ ڪهين به ڊپٽي ڪمشنر يا ڪمشنرن جي فرمان ۽ حڪم تي آءُ نه ايندو آهيان. پر مان ڏٺم ته هي مانهنجو ڪنهن زماني ۾ هم قلم سنگتي هو. جيڪڏهن هو ڪم ڪرڻ گهري ٿو ته خيرپور ۾، هڪڙي ڦٽل درگاهه کي وري آباد ڪرڻ گهري ٿو پيو ۽ هڪڙو پيغام جيڪو وسري ويو آ ماڻهن کئون، ۽ ممڪن آ جيڪڏهن اهو تساهل ۽ ايهو ويسارو رهيو ته گهڻي حد تائين انهيءَ پيغام کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي ۽ ياد رکي ڇڏيو جيڪڏهن سچل جي پيغام کي ۽ فڪر کي ۽ فلسفي کي نقصان پهتو ته اهو انسان ذات جو هاڃو آهي، اهو انسان ذات جو نقصان آ، سچل معنيٰ انسان ذات آ. سچل سڄو اسلام آ. جيڪڏهن اسلام سلامتيءَ جو مذهب آ، جيڪڏهن ان ۾ انسان جي واسطي امن ۽ سلامتي ۽ راحت ۽ يڪسانيت آ ته اهو سچل جو مذهب آ ۽ اهو اسلام آهي.
تنهن ڪري منهنجا دوستو! مان هتئون جي نوجوان ۽ زنده دل ڊپٽي ڪمشنر کي عرض ڪندس ته جناب عالي ڪيترا ڊپٽي ڪمشنر آيا ۽ ويا. توهان کنئون پوءِ ايندا ۽ ويندا. هميشہ جيڪي ڪم ما‎ڻهو يادگار طور ڪري ويندو آ، اهو ئي ياد رهندو آ، ماڻهو اچڻا وڃڻا آهن. اچن ٿا وڃن ٿا اها ڪا به وڏي شئي ڪانهي ڪا. اسان وٽ حيدرآباد ۾ نياز مرحوم فوت ٿي ويو. ليڪن اسٽيڊيم ٺهرائي ويو. ٻيا ڪم ڪري ويو. اهي اڄ ڏينهن تائين ياد آهن. اسان جو ڊاڪٽر رضي الدين صديقي ڪنهن زماني ۾ اتي هيو، وائيسر چانسلر. سنڌالاجي توهان کي ڏئي ويو ٺاهي. اڄ اها ياد اسان کي اچي ٿي پئي. تنهن ڪري منهنجا دوست توهان ممڪن آ ته هتي گهڻو وقت رهو. خدا ڪري گهڻو وقت رهو. پر صبحاڻي ويندوءَ به هليا. توهان کي محسوس ٿيڻ کپي ته هتي ڪهڙين شين جي ضرورت آهي. توهان به محسوس ڪيو هوندو مان ڀي محسوس ڪيو. هي مانهنجو وطن آهي. هن وقت سينٽر جيڪو آهي اسان جي سنڌ جو سو حيدرآباد اتفاق سان ٿي ويو آهي. تنهن ڪري سڄي علمي، ادبي ۽ جيڪا به طباعتي ايڪٽوٽي اسان جي آ، يا جيڪو عمل سو انهين طرف ٿئي ٿو پيو، ۽ هتي هي جيڪو اپر سنڌ آ سو سڄو ويران ٿي چڪو آ، ثقافتي لحاظ سان، ۽ اپر سنڌ اسان جي ادب ۽ اسان جي ڪلچر ۽ اسان جي سياست ۽ اسان جي ٻين اقتصادي مسئلن ۾ وڏي ۾ وڏو پارٽ پلي ڪيو آهي، تنهنڪري هتئون جو ويران ٿيڻ ۽ نابود ٿيڻ سمجهان ٿو پيو ته سنڌ جي بربادي آهي.
تنهنڪري توهان کي، مانهنجو عرض اهو ئي آهي ته خيرپور ۾ توهان کي اڪيڊمي ٺاهڻ کپي، ۽ اها انهين بنياد تي ٺاهڻ کپي، جنهن ساڻ تعلق اوهان جي ريڊيو اسٽيشن جو به هجي ۽ توهان وٽ مان ٻڌو آ ته يونيورسٽي به ٺهي آ، يونيورسٽي جاتي هوندي آ اتي علم جو مرڪز هوندو آ. اها ڳالهه الڳ آ ته اسان جي حيدرآباد واري يونيورسٽي بدعمليءَ ۽ جهالت جو مرڪز ٿي پئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، پر يونيورسٽي جو وجود علم جو دليل ٿيندو آهي، تنهنڪري توهان وٽ يونيورسٽي آهي، انهين کي ڀي فعال بڻايو. جاتي يونيورسٽي ۽ ريڊيو اسٽيشن هجي اُتي ڇو نه محفلون ۽ مجلسون ٿين، ڇو نه علم وڌي، ڇو نه شاعر پيدا ٿين. ڇو نه نوجوانن ۾ هڪ قسم جي جان ۽ زندگي پيدا ٿئي، ۽ تنهن کان پوءِ خدا توهان کي وڏي قوت ڏني آ. اقتدار توهان جي هٿ ۾ آهي، عمل توهان جي همٿ ۾ آهي. مان سمجهان ٿو جيڪڏهن توهان کان ٻيو ڪو نه ڪو تڏهن به قدرت پڇا ڪندي ته توهان ڇا ڪيو خرپور ۾، ۽ توهان تي ايهو، ايمانداريءَ ساڻ ٿو مان چوان ته بلا ڪنهن هن جي ته توهان تي فرض آهي. هن لحاظ کان ته توهان پاڻ لَکندڙ ٿي رهيا آهيو ۽ اوهان کي قدر هوندو ۽ توهان کي محسوس ڪرڻ کپي ته لکندڙن جي تقاضا ڇا ٿيندي آهي. هنن جون خواهشون ڇا ٿينديون آهن، هنن جي تعريف ڇا آهي، انهي نسبت ۽ انهيءَ رعايت ۽ انهي لحاظ سان توهان کي مان عرض ڪندس، گهڻو وقت ٿي چڪو آهي تنهنڪري زيادهه تفصيل ۾ مانکي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي ڪا. توهان گهڻو ڪجهه ٻڌي چڪا آهيو. بهرحال سچل تي ڪم ٿيڻ جي ضرورت آهي. سچل ساڻ متعلق جيڪي به شاعر هتان جا رهيا آهن. مان سمجهان ٿو ته ڪنهن وقت اسان جي علي اڪبر درازيءَ تي به تحقيق اسان کي ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته هيءَ به هڪڙي شخصيت آهي، جنهن جو تعلق آهي سچل جي درگاهه سان. مطلب هي آهي ته، انهن سڀني تي تحقيق ٿيڻ کپي، ٿيسزون اچڻ کپن. انهن جا ديوان. توهان کي هڪڙو يقين ٿو ڏياري ڇڏيان ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ جان نه پوندي، هڪڙو دفعو جيڪا شيءِ مري چڪي هجي يا مري ٿي وڃي انهين ۾ وري مئل کي مڙهه کي مکڻ لائڻ سان به ساهه نه ٿيندو تنهن ڪري اهو نه ٿي سگهندو. تنهنڪري توهان کي، نئين سر هتي مقامي حالتن کي مد نظر رکندي....
مان سکر کان وٺي ويندي خيرپور تائين بي انتها کجين جا باغ ڏٺا آهن، ۽ انهن ۾ ايترو ڦر ڏٺو اٿم جو جيڪڏهن کجيءَ جي هڪ وڻ تي توهان هڪ هڪ رپيو عشر ۽ خمس جيڪڏهن ۽ ٻيو ڇا آهي؟ زڪوات، ته توهان هڪڙو ٽيون به پنهنجي هي ڪيو. آخر جڏهن ته اهو اسلام ايتري قدر وڌي هليو آهي ته توهان به هڪڙي کجيءَ جي هڪڙي وڻ تي جيڪڏهن هڪڙو رپيو رکو ته مان ڀانيان ٿو سڀئي توهان جون علمي ضرورتون جيڪي آهن، سي پوريون ٿي سگهن ٿيون پيون. ۽ ياد رکو ته هڪ هڪ ڏينهن جيڪو اسان جو، اسان سڀ وڃڻ وارا آهيون، عمريون اسان جون اچي پوري ٻني تي لڳيون آهن. نئون نسل پيدا ٿي رهيو آهي، هتي ٻن نسلن جو آهي، هڪڙو وڃي رهيو آهي، ٻيو اچي رهيو آهي، هن وقت بي انتها ضروري آهي ته توهان هر مسئلي ۾ الرٽ رهو ۽ هر شئي کي توهان پنهنجو ڪري ۽ انهين کي وڌايو.
خيرپور توهان کي معلوم هجڻ کپي ته سنڌ جي سياست بلڪ هندوستان جي سياست ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي. هتان جا وزير، هتان جا امير تشڪيل ڏيندا هئا سنڌ جي سياست کي. هندوستان جي سياست کي. توهان اسان جي ڪتابن ۾ منهنجي ڀاءَ جي ڪتابن ۾، شيخ عبدالقادر جون يا ٻين وزيرن جون يا ٽالپورن جون ڪيفيتون پڙهيون هونديون، سڄو توهان جو سنڌ محمدن ايسوسيئيشن، سنڌ جو بمبئي کان جدا ٿيڻ، مسلم ليگ، هي سڀ تحريڪون، انهن جي رهنمائي خيرپور ڪئي آهي، ادبي تحريڪون، توهان کي تعجب لڳندو ”دين الاهي“ جي تحريڪ به هتان ئي هلي هئي. مولوي محمد صادق مرحوم اسان جي مير علي نواز جي لاءِ تيار ڪيو هو قصو ايهو. بهرحال اهي سڀ شئي ۽ عشق جو ته وڏي ۾ وڏو مرڪز خيرپور رهي آهي. سچل سرمست، مرحومه بالي، علي نواز ناز، اهي سڀ شيون. اُهي هن جيڪي سنگ ميل هن اوهان جي ڪلچر ۽ تهذيب جو. توهان انهن کي وساري نه ٿا سگهو پيا، يا جيڪڏهن توهان گهرو ٿا پيا ته انهن سڀني کي پاسي ڪري ۽ تنهن کان پوءِ توهان ڪا حيثيت ۽ شخصيت قائم رکو ته مطلقاً نه. قومن جي وطن جي شهرن جي شخصيت چند اصولن ۽ چند بنيادن تي انحصار رکي ٿي پئي، ۽ اهي اُهي بنياد آهن جيڪي اسان جي تهذيب اسان جي تمدن ۽ اسان جي ڪلچر جا آهن، ۽ توهان جنهن صورت ۾ حڪومت جا نمائندا آهيو ۽ ظاهر ته اسان جا ڀي، ته توهان تي فرض اهو آهي ته توهان مهرباني ڪري هتي سوسائٽي، اڪيڊمي قائم ڪريو ۽ انهي ۾ پروگرام رٿيو جيڪي جيڪي ضرورتون آهن. جن جن شاعرن تي توهان کي تحقيق ڪرائڻي آهي. ۽ ديوان مان سمجهان ٿو يا ڪلام جيڪو آهي. اسان جي دوست شڪايت ڪئي ته ڪونهي ڪو، آهي ماڻهن وٽ موجود آهي، ڳولها ۽ جڏهن ضرورت ٿئي ٿي ته اها هر شئي خدا ميسر ڪري ڏئي ٿو پيو ۽ اهي سڀ شيون ملي سگهن ٿيون پيون. آخر جنهن وقت گربخشاڻي مرحوم خدا جنت نصيب ان کي ڪري، مان ڀانيان ٿو پيو مولوين جي اعتقاد مطابق گربخشاڻي کي بهشت نه ملندو، ڇاڪاڻ ته هندو هو پر مان سمجهان ٿو پيو ته قطعاً اسان سڀني کئون اڳ ۾ بهشت ۾ هليو ويندو. ممڪن آهي ته مولانا قاسميءَ کان به اڳ ۾ هليو وڃي!
ته مطلب هي آ منهنجو ته جڏهن مرحوم گربخشاڻيءَ ڪم شروع ڪيو هو شاهه جو، تڏهن به هن کي ڪا خبر ڪانه ٿي پئي ته ڪيترا رسالا شاهه جا آهن؟ انهي وقت پنج ڇهه لڌا. اڄ ٽيهه، پنجٽيهه نسخا لڌاهن. شاهه جا ۽ ايترا گهڻا هن، جو اسان جي پڙهلن لکيلن کي هاڻ ايترو عقل نه ٿو اچي ته ان کي ڪيئن سموهي سگهن، ڪيئن انهن جي تصحيح ڪن. تنهن ڪري اسان وٽ مواد جي ڪمي ڪانهي ڪا ۽ مان سمجهان ٿو جذبو ۽ شوق به آهي پر انهي شوق ۽ جذبي کي چئنلائيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ مان توهان کي گذارش ٿو ڪيان پيو، انهين پراڻي نسبت جي ڪري جيڪا لکندڙ جي حيثيت ۾ توهان کي حاصل رهي آ، ۽ اهو وڏو اعزاز آ، ورنه بحيثيت ڊپٽي ڪمشنر جي ته ڪيترا ايندا ۽ ڪيترا ويندا.
بهرحال توهان تي حق ۽ فرض آ، هن سرزمين جو به ۽ هونءَ سنڌ جو به، ته توهان ڪجهه هتي جيترو وقت آهيو، ڪجهه ڪيو، ۽ هتي پڙهيل لکيل ماڻهو ڀي تمام گهڻا آهن، پيسي وارا ڀي آهن، خود ٽالپور جيڪي هن رياست جا مالڪ ٿي رهيا آهن، انهن وٽ پيسو جام آ، تنهنڪري پيسي جي ڳڻتي توهان کي نه هجڻ کپي ۽ پيسو ملي سگهي ٿو پيو، همت ڪري خدا تي توڪل رکي، جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندؤ انشاءَالله ڪاميابي ٿيندي. ممڪن آهي توهان ۽ اسان پوءِ ههڙي ڪچهريءَ ۾ نه ملي سگهون، پر مانهنجون اهي توهان کي گذارشون آهن، ۽ مان توهان سڀني جو شڪر گذار آهيان، مايوس توهان جي حالتن کي ڏسي ضرور ٿيڻو ٿو پوي.
مطلب هي آهي ته خدا ڪندو ملندا رهنداسين، ميڙا ٿيندا رهندا، پر بهرحال هر ملاقات کي هميشہ مسلمان کي گهرجي ته آخري ملاقات سمجهي. ممڪن آ پوءِ وري ملي يا نه ملي، تنهنڪري گذارش اها ئي آ، جيڪي مان توهان کي عرض ڪيا آهن، ته تنوير عباسي يا اسان جي ٻين دوستن تي ڀي، پر مان سمجهان ٿو پيو ته توهان جي هٿ ۾ اختيار ۽ اقتدار آهي، توهان چئن ٻين کي سڏي جيڪڏهن انهي محفل جي تشڪيل ڪندؤ، ڪوبه انڪار ڪونه ٿيندو، ۽ مان سمجهان پيو ته جيڪو اوهان سيمينار شايد ڪرڻ ٿا گهرو پيا، سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾. انهي اڪيڊمي تيار ڪرڻ کان پوءِ انهين سيمينار کي توهان گهرايو. توهان هتان جي وائيس چانسلر کي به جنجهوڙيو، آخر يونيورسٽي آ، آخر پنهنجي زندگيءَ جو ثبوت ڇو نه ٿي ڏي اڃا، حيدرآباد جي جيڪا اسان جي يونيورسٽي آهي، انهي جو خدا ڪري ڪنهن کي مثال نه بڻجڻ گهرجي. انهي جي تقليد ڪا به يونيورسٽي نه ڪري، هن کي توهان جدا لائينس تي هلايو، ۽ يونيورسٽي ۾ به جان وجهو، ۽ توهان جيترو وقت رهو ته معلوم ٿئي ته هتڙي نوجوان رهي ٿو پيو.
انهن لفظن سان مان توهان سڀني جو شڪريو ادا ڪيان ٿو پيو، ۽ ايمانداريءَ جي ڳالهه ته مان پنهنجي سعادت سمجهان ٿو جو هن سرزمين تي توهان مانکي گهرايو، مانکي هن درگاهه جي زيارت ڪرائي آهي، اهو مانهنجي لاءِ وڏو اعزاز ۽ سعادت آهي. خدا توهان سڀني کي خوش رکي، الله توهان کي خوش رکي.

هڪ يادگار تقرير

[سرڳواسي گرداس واڌواڻي جي ڪتاب ”جيڪي ڏٺو مون“ جي مهورتي تقريب، پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ 9- نومبر 1980ع تي ٿي هئي. ان موقعي تي راشدي صاحب مرحوم هي تقرير ڪئي، جا تازو رسالي ”مهراڻ“ جي 2-3/1991ع واري پرچي ۾ ڇپي آهي]

آغا صاحب، دادا گرداس واڌواڻي ۽ دوستو!
اسان ٻڌو هو دادا ليکراج، اڄ ٻڌوسين ته واڌواڻي به دادا آهي. خواتين، نوجوان دوستو منهنجا! منهنجي ڪيفيت ذهني ۽ جسماني، توهان کي منهنجي صورت ۾ چهري منجهئون معلوم هوندو ڪلهه صبح جو ڪراچيءَ کنئون نڪتو آهيان ۽ مسلسل هن وقت تائين هلندو رهيو آهيان ۽ بيحد ٿڪل آهيان. اها شايد توهان سڀني کي خبر آهي ته مان بيمار رهان ٿو پيو، اڪثر، تنهنڪري زيادهه مان توهان جي خدمت ۾ پنهنجا خيال عرض نه ڪري سگهندس. منهنجي نوجوان دوستن بي انتها نفيس ۽ مؤثر مضمون پڙهيا آهن. جن کنئون ايمانداريءَ جي ڳالهه اها آهي ته مان متاثر ٿيو آهيان. بيحد اميد افزا ڳالهه آ، اها ته انسان تسلسل ۽ ذهن جي حاضريءَ ساڻ مضمون لکي سگهي ٿو. تنقيد ۽ تبصرا ڪري سگهي ٿي پيو. اها خود اميد افزا ڳالهه آ. مسٽر وڌواڻيءَ جي ڪتاب تي مفصل ڪلاڪ ڏيڍ تائين مان تقرير ڪراچيءَ ۾ ڪري چڪو آهيان. انهن ساڳين خيالن کي وري دهرائڻ جي ڪا هتي ضرورت ڪانهي ڪا.
توهان کي مان عرض فقط هڪڙو ڪندس. جيئن اسان جي هڪڙي نوجوان دوست توهان کي ٻڌايو ته: سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا تاريخي آثار، سنڌ جي تهذيب، سنڌ جو تمدن، سڀ خدشي ۾ آ. برباد ٿي رهيو آ. سنڀال ڪانهي ڪا، تنهنڪري انهيءَ شيءِ کي نظر ۾ رکندي، هن وقت اسان جي لاءِ بيحد ضروري آهي ته، ڀل اسان افسانه لکون، ڇاڪاڻ ته اهي ڀي ڪنهن مقصد جي تحت لکيا وڃن ٿا. نظمون ڀي ڀل لکون، ڇاڪاڻ ته ڪا به نظم سنڌ ۾ بي مطلب، بي معنيٰ ۽ بي مقصد نه ٿي لکي وڃي. اهي ٻئي صنفون بي حد ضروري آهن. ليڪن ساڳئي وقت مان توهان کي عرض ڪندس ته هڪ زمانو گذري چڪو آ. ٻيو زمانو جيستائين پڪو ٿئي، ۽ اچي تيستائين جو وچون دور جيڪو آهي، جنهن ۾ هن وقت توهان هلي رهيا آهيو، ۽ اسان موجود آهيون. اهو اهڙو آ جڏهن توهان جا عمر رسيده ماڻهو، جن هيءَ سڄي صدي ڏٺي آ، اهي پنهنجون يادگيريون، ايندڙ دنيا جيڪا تيار ٿي رهي آهي، انهيءَ جي لاءِ لکي ڇڏي وڃن.
توهان سيريس ڪتاب خبر ناهي پڙهو ٿا يا نه. ليڪن انهي ڏس ۾، جنهن ۾، اسان جي دوست واڌواڻيءَ لکيو آ ڪتاب. انهيءَ ۾ سڀ کنئون پهرين جي ايم سيد ٻن جلدن ۾ ”جنب گذاريم جن سين“ لکيو آهي. تنهن ۾ انهيءَ سڄي زماني ۽ انهن سڀني ماڻهن جو هن ذڪر ڪيو آهي، جن سان اهو اٿيو ويٺو، گڏ گهميو يا رهيو آ. بيحد مفيد، بيحد قيمتي ۽ آئنده نسلن جي تاريخ جي لاءِ مستند دستاويز آهي. اهڙي نموني سان پير علي محمد راشديءَ ڀي ٻن جلدن ۾ ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي نالي سان ڪتاب لکيو آهي. ٽيون جلد ڇجي رهيو آهي. اهو ڪتاب ڀي انهيءَ سلسلي يعني يادگيرين واري سلسلي جو بهترين ڪتاب آهي. اهڙي نموني ساڻ منهنجو ڀي هڪڙو ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جي نالي ساڻ ڇپيو آهي. انهيءَ ۾ ڀي ڪنهن هڪڙي خاص عرصي جون يادگيريون لکيل آهن. هن ڪتاب جو عنوان ”جيڪي ڏٺو مون“ سو حقيقت ۾ مان انهيءَ پنهنجي ڪتاب جي لاءِ جنهن جو پوءِ نالو ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ٿيو، 1960ع ۾ رٿيو هئم ۽ تقريباً منهنجي سرڪل ۾ مشهور به ٿي ويو هو. ليڪن جي. ايم. سيد انهيءَ ساڳئي نالي ساڻ هڪڙو ڪتاب ڇپرايو، تنهن کان پوءِ وري مان مناسب نه سمجهيو ته انهيءَ ساڳئي نالي ساڻ منهنجون يادگيريون ڇپجن. هاڻ چڱو ٿيو جو گرداس جو ڪتاب ڇپيو آهي. هي ڪتاب پنجون ڪتاب آهي، انهيءَ سلسلي جو ”يادگيرين“ جو. توهان کي مان عرض ڪيو ته يادگيريون، مثلاً خواجه صاحب ويٺو آ، جنهن کي خوجو چون ٿا پيا، هن جي زندگي پوري تاريخ رهي آهي. هن هڪڙي دنيا ڏٺي آهي. توهان جي تعليم جو جنهن نئون نسل تيار ڪيو آهي. انهيءَ سموري جا داستان ۽ واقعا، نواب شاهه جي تاريخ، اهي سڀ جيڪڏهن هي پنهنجيون ويهي يادگيريون لکي ته اها هن جي لاءِ ته تاريخ نه هوندي، ليڪن پڙهندڙن جي لاءِ ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ اها تاريخ جو ڪم ڏيندي.
تاريخ جو مطلب ئي اهو آهي ته انسان واقعات جيڪي ڏسي ٿو يا جيڪي هن کي معلوم آهن، سي قلمبند ڪري، پڙهندڙن انهيءَ منجهئون ڪهڙو فائدو وٺن ٿا پيا، ڇا لاڀ پرائين ٿا پيا، اهو انهن تي ڇڏيل آهي. بندرهن ويهن ڏينهن ٿيا جڏهن گرداس جي ڪتاب جو مهورت ٿيو ڪراچيءَ ۾، تڏهن مان افسوس پي ڪيو ته خانبهادر کهڙي ڪجهه ڪونه لکيو. ڪجهه لکي وڃي ها ته بهتر هو. فلاڻي نه لکوي، شيخ صاحب نه لکيو، پنجن ڏهن ڏينهن کان پوءِ خانبهادر کهڙو ڀي هليو ويو. اها ڀي تاريخ اسان جي ختم ٿي وئي!
توهان کي مان حالتن کي نظر ۾ رکندي ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي، هيءَ پرزور ۽ دست بدست گذارش ٿيو ڪيان ته اوهان مهرباني ڪري هت جيئن آغا صاحب توهان کي چيو ته انگريزيءَ ۽ يورپ جي زبانن ۾ ايڏو علم آهي، جنهن جو ڪو سرور نظر ئي نه ٿو اچي پيو. اسان ته هڪڙي تمام محدود تاريڪ ۽ ردي دنيا ۾ رهون ٿا پيا، جا ٿي جيڪو ساهه کڻو ٿا پيا سو تعفن ۽ بدبودار آب و هوا ۾ کڻون ٿا پيا. دنيا ۾ انسان ائين زندگي گذارين ٿا گندگيءَ ساڻ، جيئن هتي اسان جي سرزمين تي ڪيليون، ماڪوڙا يا ڪينئان زندگي گذارين ٿا!
اسان هن دنيا جي ڀيٽ ۾ حالتن جي لحاظ ساڻ، پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ جي لحاظ ساڻ، علم ۽ دانش جي لحاظ ساڻ، انهن جيتن جي برابر آهيون. انهيءَ دنيا جي مقابلي ۾، هيءَ اها صدي آهي، جنهن ۾ دنيا جا وڏي ۾ وڏا ايجاد ٿيا آهن. ٻه جنگيون هن ۾ لڳيون. بادشاهيون هن صديءَ ۾ ويون. هوائي جهاز، ٽرانسٽر، ٽيويون حتيٰ ڪهِ آغا صاحب راڪيٽ جو نالو ڀي کڻي ٿو.(1) مانکي ڀئو ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته راڪيٽ جي سلسلي ۾ دنيا ۾ خبر ناهي ته الا ئي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي. مطلب هي آهي ته هيءَ صدي ايڏي وڏي فن ۽ علم ۽ دانش ۽ سائنس جي لحاظ ساڻ ثروت مند آهي، ۽ علم جي انهن شاخن ۾ ماڻهن لکيا آهن ڪتاب، جو مان ڪهڙو توهان کي بيان ڪيان، تنهنڪري توهان کي جيئن آغا صاحب فرمايو، آغا صاحب هڪ ڳالهه وساري ويو ته، سندس تعلق چورن ۽ ڌاڙيلن ساڻ ڀي رهيو آهي، اها ڳالهه کانئس وسري وئي. مطلب منهنجو هيءَ آهي ته اوهان کي پڙهڻ کپي، حاصل ڪرڻ کپي، علم ڄاڻڻ ۽ انهيءَ ڄاڻ کي توهان ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪيو.
منهنجا دوستو! اها حقيقت آهي ته اڄ بهترين تقريرون نوجوانن ڪيون آهن. دل خوش ٿي آهي. هڪڙي دوست انهيءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو ته، اسان جون سڀ تاريخي شيون برباد ٿي ويون آهن. انهيءَ جي تحفظ جي لاءِ سوسائٽي ٺاهيو يا ڪو ٻيو صلاح مشورو ڪيو. اها حقيقت اٿوَ ته اسان هن وقت درياه جي ڪپ تي ويٺا آهيون ۽ درياهه پائيندڙ آهي. ڪنهن به وقت درياه جو بند جيڪڏهن پاڻيءَ پاتو ته اسان وڃي پاڻيءَ پونداسين. اهڙِ صورت حال ۾ هن وقت اوهان ويٺا آهيو، تنهن جي تحفظ ۽ انهيءَ جي بقاءَ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. مان ڪالهه ڊاڪٽر الانا جي تحريڪ ۽ پنهنجي دوست عبدالله ورياهه ۽ آخوند حميد جي تحريڪ ساڻ ويو هوس شاهپور چاڪر ٽالپرن جا مقبرا ڏسڻ ۽ اتون هاڻ سڌو اچان ٿو نهايت ڏکويل دل ساڻ. سڄو قبرستان جيڪو تاريخي آهي، اهو برباد ٿي چڪو آهي. انهيءَ جا پٿر ماڻهو کڻي ويا آهن. ڪابه قبر سلامت ڪانهي ڪا. تاريخي ڪتبا ڪرن ٿا پيا. اها ساڳي حالت هالن جي ڀڪ ساڻ ٽالپورن جي مقبرن جي آهي. حيدرآباد جي حالت توهان پاڻ ٻڌي. انهيءَ کنئون زياده ابتر حالت مڪليءَ جي تاريخي قبرستان جي آهي، جنهن جي تاريخي قبرن جا ڪتبا ڪراچيءَ جا واپاري ايندي ويندي پٽيون کنيون وڃن ٿا ۽ پنهنجن بنگلن ۾ وڃي محض ڊيڪوريشن آرائش جي واسطي هڻن ٿا، اتان جي تاريخ تباهه ٿئي ٿي. هنن جي بنگلن جي ديوارن جي هڪڙي زينت ٿئي ٿي، جنهن کي هو نه پڙهي سگهن ٿا، نه سمجهي سگهن ٿا، نه عربي ڄاڻن جو اهي ڪلام مجيد جون آيتون، انهن تي جيڪي اڪريل آهن سي پڙهي سگهن. نه فارسي منجهئون بهرور آهن، جو هنن کي خبر پئي ته هن تي ڪهڙو شعر لکيل آهي.
بهرحال مطلب اهو ته نقصان ضرور ٿئي. اها جيڪا تخريبڪاريءَ جي اسان جي عادت آهي، جو ايندي ويندي ڪنهن جي موٽر بيٺي هوندي، تڏهن ڀي ان کي نقصان ٿئي، ته اها تخريب جي عادت جيڪا آهي، انهيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ ضرور پٿر ساڻ کنيو ايندا. تنهنڪري مڪليءَ جو قبرستان توهان جو برباد ٿو ٿئي ۽ اهو ته فقط اسان کي تاريخ جي لحاظ ساڻ عزيز آهي. ليڪن تازيءَ تاريخ جي سلسلي ۾ هن ڪري ڀي عزيز آهي. جو شيخ عبدالمجيد سنڌي هتي دفن آهي. ۽ مان کي يقين آهي ته اسان جي سنڌ جي نئين تاريخ مڪليءَ جي قبرستان تئون ٺهندي، تنهنڪري توهان کي انهيءَ طرف توجہ ڏيڻ کپي.
هتي ڪيترا منهنجا فاضل دوست ويٺا آهن. مسٽر پنهور آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪري ٿو پيو. ڊاڪٽر الانا آهي. هي نوجوان اسان جو عبدالله ورياهه، جيڪو آهي زميندار، جنهنکي زندگي پنهنجي زميندارن جا جيڪي گندا شغل ٿيندا آهن وڏيرن جا، انهيءَ ۾ گذارڻ کپندي هئي. ليڪن انهيءَ جي مقابلي ۾ هن سنڌ جي تاريخ ساڻ دلچسپي ورتي آهي، ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته ويهه هزار سڪا سنڌ جا جيڪي پنجاهه ورهيه اسان تاريخ لکي آهي. ليڪن انهن منجهئون هڪڙو نه ڏٺو اٿئون، سي هن عبدالله ورياهه اهي گڏ ڪيا آهن. انهن تي تحقيق ڪري ٿو پيو. مطلب اهو ته اسان وٽ مواد آهي. اسان وٽ ماڻهو آهن. اسان وٽ جذبو آهي ۽ اهو جذبو الله ڪارڻ آهي. وطن دوستيءَ ۾ آبروءَ جي خدمت جي لاءِ اسان کي اهو جذبو آهي. تنهنڪري مان توهان نوجوانن کي عرض ڪندس ته توهان منجهئون هر هڪ ماڻهو سنڌ جي تاريخ جو محافظ بڻجڻ کپي. سنڌ جي زبان جو محافظ هجڻ کپي. سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جو محافظ هجڻ کپي. جيسين توهان منجهئون هر هڪ ماڻهو انهيءَ شئي جي حفاظت جو عزم نه ڪندو تيسين مان سمجهان ٿو ته اهي شيون گهڻي عرصي تائين قائم رهي نه سگهنديون.
منهنجا دوستو! منهنجي ڪيترن نوجوان دوستن، واڌواڻي صاحب جي ڪتاب متعلق توهان کي ٻڌايو آهي. مان سمجهان ٿو پيو ته بهترين ڪتاب، بهترين زبان ۾، ۽ بهترين دور جيڪو اسان جو سونهري دور آهي. انهيءَ جي سلسلي ۾ اهو دستاويز اٿو. ممڪن آهي ته انهيءَ شئي جو احساس ۽ اهميت هاڻ اسان کي نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته واڌواڻي ۽ اسان جو زمانو قريب آهي. تنهنڪري جيڪا شئي قريبي هوندي آهي، انهيءَ جي اهميت جو احساس نه ٿيندو آهي.
ليڪن مان توهان کي يقين ٿو ڏيان ته زبان جي لحاظ ساڻ، لکڻ جي انداز جي لحاظ ساڻ، جڏهن هي پنهنجي وطن جو بيان ٿو ڪري ته ايڏي محبت ساڻ ۽ هڪڙي جذبي ساڻ ڪري ٿو جو، معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي دل به ٻاهر ڪڍي هٿ تي کنيو ٿو وتي پيو. تنهن کنئون پوءِ ڪرامت، واڌواڻيءَ جي هيءَ آهي ته هن سڄي زندگي انگريزيءَ ۾ لکيو. ڪڏهن ڀي سنڌيءَ ۾ هن هڪ سٽ نه لکي. ليڪن اها اسان جي زبان جي ڪرامت آهي ته، جڏهن هن انهيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو، تڏهن بهترين ڪتاب، بهترين زبان ۾ لکي هن تيار ڪيو. واڌواڻيءَ کي مان ڪراچيءَ ۾ عرض ڪيو هو ته، ڀائي! هن وقت اسان جي زبان ٻين سڀني ڳالهين ساڻ گڏ وڏي خدشي ۾ آهي. نه فقط اسان جي پنهنجي زبان خراب ٿي رهي آهي. هتي اخبارن جي ذريعي، ريڊئي ۽ ٽي. ويءَ جي ذريعي ۽ هي جيڪو بي شعور نوجوان جنهن کي ڪابه بيڪ گرائونڊ، پسمنظر ڪونهي ڪو، نه تهذيب، نه علم. انهيءَ جي گاڏڙ زبان يا اسان جا بعض ڪامورا ٻاهر سنڌي ڳالهائين ۽ گهر ۾ اردو ٿا ڳالهائين ۽ اردو ڀي ڪا فضيلت واري اردو هجي ته اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونهي ڪو. ليڪن گورکن واري اردو ڳالهائين ٿا، جيڪا جيڪڏهن اردوءَ وارا ٻڌن ته مار ڪڍن هنن کي. ته اهڙي صورت حال ۾ منهنجا دوستو توهان کي، مان واڌواڻيءَ کي عرض ڪيو هو ته هندو اسان وٽئون هليا ويا. هاڻي اسان سڀني تي فرض آهي ته ان زبان کي محفوظ رکون.
ڊاڪٽر نواز علي شوق توهان کي عرض ڪيو ته ڪيترا لفظ هن جي پٽن کي يا اولاد کي نه ٿا اچن. ڇاڪاڻ ته هو ٻاهراڙيءَ منجهئون اٿي ۽ اچي شهرن ۾ آيا آهن. انهن ساڻ واهپو ڪونهي ڪو. مان واڌواڻيءَ کي چيو ته ڀائي هندو اسان وٽئون هليا ويا آهن ۽ هندو سنڌ جو هڪ جزو آهي، ۽ تاريخ آهي ۽ هنن جو احساس آ! جنهن کي هاڻ اسان پنهنجي زبان چئون ٿا. حقيقت ۾ مشترڪ زبان هئي، اسان جي ۽ هنن جي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو پنهنجي زبان تي احسان هو. ليڪن بهرحال اهو اسان سمجهون ٿا اسان تي احسان آهي. مان عرض ڪيو هن کي ته اها وڏي ۾ وڏي خدمت ٿيندي. هي وقت آهي، جو تون ڀي جيئرو آهين. ممڪن آهي ته سڀاڻي تون ڀي نه هجين. بهشت ته ڪونه چوندس. ڇاڪاڻ ته مسلمان مڃيندا ڪونه ڪو ته جنت نصيب توکي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته اسان جو اعتقاد آهي ته فقط مسلمان، پوءِ ڪهڙا ڀي هجن اهي جنت ۾ ويندا. باقي ٻيو ڪوبه دنيا جو بني بشر ڪونه ويندو. تنهنڪري ممڪن آهي ته تنهنجو ڀي جلد پراڻ تياڳي. تنهن ڪري ڀائي منهنجا اها زبان، اهي اکر، مثلاً مان پنهنجي والدهه مرحوم تي مضمون پي لکيا، مانکي پنهنجي ڳوٺ جو نقشو انهيءَ ۾ ڏيڻو هو. مانکي ”رسويو“ نه آيو. ڀائي، جيڪو ماني پچائيندو آهي. ليڪن رڌڻي جو هندو اکر به مانکي نه آيو. مان ڪيترا ڏينهن بلڪ اڄ ڏينهن تائين سرگردان آهيان. شڪارپور....... مان واڌواڻيءَ کي عرض ڪيو ته اسان جي تهذيب ‎۽ تمدن جو خاص مرڪز هو. انهيءَ ۾ بهترين تمدن رکندڙ هندو هيا. جن جو تعلق سينٽرل ايشيا ساڻ هيو. انهن جون پڳڙيون جيڪي هيون ڪيئي نمونا ته، شڪارپور جي پڳڙِن جا هئا. اهي هندو ويا، اهي پڳڙيون ويون، اهي رنگ روپ ويا، اهي کاڌا خوراڪون ويون، اها زبان وئي. مان کيس عرض ڪيو ته مهرباني ڪري، هاڻ گهڻو ئي ڪجهه تو اسان جو خانو خراب ڪيو آهي. اسان جا اعمال لکي انهيءَ ڪتاب ۾، انهيءَ کنئون مٿي لکڻ جي ڀي ضرورت آهي. پر مهرباني ڪري تون ڪوشش ڪر ته اهي لفظ جيڪي متروڪ ٿي ويا آهن، ترڪ ٿي ويا آهن، هندن جي وڃڻ جي ڪري ترڪ ٿي ويا آهن، انهن کي تون پنهنجن مضمونن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ آڻ ته ڪي اهي اسان جي لاءِ محفوظ رهجي وڃن. انهن پڳڙين جا نالا، اهي ڪريا ڪرم جا نالا، اهي کاڌن خوراڪن جا نمونا ۽ نالا. اهي سڄيون شيون اهي آهن جيڪي نه فقط هتي اسان وٽئون عدم پيدا ٿي ويون آهن. ليڪن مان سمجهان ٿو پيو ته سنڌي هندن ساڻ هندوستان ۾ اها ئي عقوبت آهي، جيڪا هتي اسان ساڻ آهي. انهن جي آل اولاد کان ڀي اها تهذيب ۽ اهو تمدن ۽ اهي زبان جا اکر، انهن کان ڀي وسري ويا هوندا! تون هتي آهين اڃا سلامت آن. توڙي جو توکي گهر ڪونهي ڪو ۽ اسان جي دوستن کي افسوس ٿيو ته توکي گهر ڪونهي. ليڪن مانکي افسوس اهو ٿيو ته گهر ته ڪونهي ڪو، ليڪن جنهن ڪوٺيءَ ۾ تون رهين ٿو، تنهن ۾ به ٻڌو اٿم ته هڪڙي مسلمان تو سان کهند ٻڌي آهي، جيڪا ڳالهه اخبار ۾ پڻ آئي آهي. تنهنڪري گهر ته توکي هي وٺي نه ٿا ڏئي سگهن. انهيءَ کهند کان توکي بچائين ته ڀاءُ منهنجا! تون مهرباني ڪر اسان تي، جيئن مان توکي ڪراچي ۾ اڳي عرض ڪيو هو. مان هنن سڀني نوجوانن کي به عرض ڪندس ته توکي التجا ڪن ته، اسان جا وسريل اکر ۽ متروڪ ٿيل جملا ۽ تهذيبي نشانيون، اهي تون ڪوشش ڪر، پنهنجن مختلف مضمونن ۾ آڻڻ جي.
رڌڻي جو هندو اکر اڃا تائين مانکي نه آيو جو مان گهڻي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر الانا به هندو نسل جو آهي. ممڪن آهي ته هن کي خبر هجي ته رڌڻي کي ڇا چئجي. بهرحال مطلب اهو آهي ته معمولي شئي آهي. رسويو جو لفظ اچي ٿو مانکي. ليڪن جاتي رسوئي پچائجي ٿي انهيءَ جو ڇاهي هندو اکر؟ نتيجو اهو نڪتو جو هڪڙي جاءِ تي اچي مان اٽڪي بيهي رهيس ۽ اتي جو قلم مان ڇڏيو آهي ته اڃا تائين..... مطلب اهو آهي ته ڪيڏيون مشڪلاتون اچن ٿيون نئين زماني ۾ رهڻ جي ڪري.
مان توهان کي ٻڌايو هو ته مان ٿڪل آهيان ۽ حالت منهنجي خراب آهي. ليڪن باوجود انهيءَ جي ڀي، ڇاڪاڻ ته توهان جي خدمت ۾ بيهندي مانکي هڪڙي سعادت ۽ خوشي ٿئي ٿي. تنهنڪري مان بي اختيار ڳالهائيندو ويو آهيان، ۽ انهيءَ ۾ وقت ظاهر آهي ته زيادهه ٿي ويو آهي. توهان کنئون معافي وٺان ٿو پيو ۽ توهان کي اهو عرض ڪندس ته واڌواڻي صاحب کي پنهنجي خانگي نشست برخواست ۾، انهيءَ ڳالهه تي ضرور آمادهه ڪيو ته اڃا ڀي لکي.گهڻو لکي ۽ انهن شين تي خاص طرح لکي، جيڪي هاڻ ختم ٿي چڪيون آهن يا ختم ٿيڻ تي آهن. مهرباني.

------------
* ترتيب: شاهنواز بابر سومرو.
(1) آغا امداد علي صاحب، ان وقت سنڌ پبلڪ سرس ڪميشن جو چيئرمن هو.

سچل کان پوءِ

[پير حسام الدين راشدي مرحوم 71 جولاءِ 1981ع تي، سچل سرمست جي عرس تي منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾، صدر جي حيثيت ۾ هي تاريخي تقرير ڪئي، جا ”سرمست“ 2/ 1982ع، ۽ ماهنامه ”پارس“ مئي 1983ع ۾ ڇپي آهي]

جناب غلام محمد صاحب،(1) منهنجا دوست تنوير صاحب ۽ عزيز دوستو.
اردو۽ فارسي ۽ سنڌي ۽ ٻين زبانن ۾ منهنجي قابليت جي تشهير ڏئي، مان کي به هفت زبان ثابت ڪرڻ گهري ٿو پيو تنوير صاحب مان ڏسان ٿو ته هتي توهان وٽ هفت زبان ڪنهن کي چوڻ، يعني هن جي انتهائي قابليت جو دليل شمار ڪيو وڃي ٿو پيو.
بهرحال توهان به اڄ تقريرون ٻڌيون. مان کي ٻيو دفعو آهي، ۽ اها سعادت آهي منهنجي لاءِ، جو هن درگاهه تي آيو آهيان، ۽ سڀني توهان هيءَ ضرورت محسوس ڪئي ته سچل تي ڪم ڪو نه ٿيو آهي، ۽ اها حقيقت آهي. مان اڳئين دفعي به توهان کي عرض ڪيو هو ته ڪم ڪو نه ٿيو آهي. جنهن نموني رسالا ڇپيا آهن، تن مان ڪن جي اسان کي ذاتي طرح خبر آ، ۽ بهرحال جو ڪجهه ڇپيو آ، سو نور اعليٰ نور آ. ليڪن سچل تي تحقيق ڪرڻ جي از حد ضرورت آ، ۽ انهيءَ جي سڀني مقالن ۾ مانهنجن دوستن شدت محسوس ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو ته توهان جي خيرپور جو علم دوست ڊي. سي صاحب انهيءَ شئي جو احساس ڪندو، ۽ اڳي مان به توهان جي خدمت ۾ ۽ سندن خدمت ۾ عرض ڪيو هو ته لوئر سنڌ ۾ ڪم تمام گهڻو ٿيو آهي. اتي مختلف ادارا آهن. اتي ماڻهن جي نشونما ٿي آهي، اتي اديب پيدا ٿيا آهن، اديبن کي آئوٽ ليٽ مليو آهي ۽ جيسين اسان جي اديبن کي رستو ڪونهي ڪو ۽ پنهنجي جذبات جي اظهار ڪرڻ جو ڪو ابلاغ ڪونهي ڪو، تيسين ڪابه شئي نسري ڪو نه ٿي سگهي.
تنهنڪري، هتي هي ميلائون ملاکڙا سون آهن. اهي اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ ۾ هرسال ڇا، بلڪ سچل جي درگاهه تي روزانو ميلو هوندو هو، ۽ ويهن سالن جي خاموشيءَ ۽ سڪتي کان پوءِ غلام محمد صاحب (ڊي. سي) ۽ ٻين دوستن انهيءَ کي ٽوڙي وري نئين سر ڪيو آهي، پر بهرحال اهو ٺيڪ آ، ميلا ٺيڪ آهن، پر جيڪو دور توهان جي سامهون اچي رهيو آ، اهو فقط ميلن ملاکڙن جو ناهي، هڪڙو نهايت سنجيدي ذهن وارو دور اچي رهيو آ.
توهان کي ياد رکڻ کپي ته اسان جو نوجوان جيڪو اسان پيدا ڪيو آ. جيتوڻيڪ اسان ڳائي گيهه جي ايج (دور) جي پيداوار آهيون، پر اڄوڪو نوجوان ايٽمڪ ايج جي دور جي پيداوار آهي. اهو وڏو ذهين آهي، وڏو سمجهدار آهي، اسان کئون ڪيئي ڪوهه اڳتي آهي، هن جو فهم هن جي فراست، هن جي سوچ.
جيئن مانهنجي محبوب دوست مولانا قاسمي، وري چوندو ته حملو ٿو ڪري مان تي، جيئن اڄڪلهه پيشو اختيار ڪيو اٿن ته ٻه ڪلام مجيد جا ورق ڇپائي، ڪنهن ڊپٽي ڪمشنر کي سڏي، اهو ڏيکاري، وري ڇهه مهينا ڪڍي ٿا وڃن سيرت نمبر ڇپي. توڙي چار سال رسالو (مهراڻ) نه نڪري، پر سيرت نمبر ڇپي، ڪنهن وزير کي سڏي، اهو ڏيکاري، وري ٻارهن مهينا آرام ڪن. انهيءَ قسم جو زمانو قطعاً نه آهي. ماڻهو پڇن نه ٿا چون نه ٿا، اهي ٻيءِ شئي آهي، ليڪن ماڻهو سمجهن ٿا.
توهان جا هي مرڪز، ياد رکي ڇڏيو ته قومون نه حڪومتن تي مدار رکنديون آهي. ۽ نه جاين، عمارتن ۽ ٻين عظيم الشان تعميرن تي آبرو ۽ عزتمند ٿينديون آهن. قومون هميشہ فنڪارن، سائنسدانن، مفڪرن ۽ شاعرن جي آڌار تي دنيا ۾ عزت پائينديون آهن. مان کي ياد آهي، جنگ جي زماني ۾ جيڪا ٻي جنگ ٿي تڏهن هڪڙي ملڪ جڏهن ان ۾ جنگ شروع ڪئي، تڏهن پنهنجا سڄا فنڪار، پنهنجا سڄا شاعر ۽ سائنسدان ملڪ جي هڪ اهڙيءَ ڪنڊ کڻي وڃي محفوظ ڪيا، جاتي جڏهن صفا ملڪ تباهه ٿي وڃي، تڏهن اوستائين دشمن پهچي سگهي. هنن چيو ته ڀئي هي اسان ساڻ ڇاهي؟ هنن چيو ته بابا ماڻهو هر وقت ماءُ ڄڻي سگهي ٿي پئي، فنڪار ۽ اهل فن ۽ هنر ۽ شاعر ۽ فلاسافر اهي روز روز پيدا ڪو نه ٿيندا. توهان وٽ شاهه کنئون پوءِ ڪو ٻيو شاهه آيو آهي؟ سچل کان پوءِ ڪو ٻيو سچل پهتو آه؟ صدين ۾ ڪو هڪڙو ماڻهو پيدا ٿيندو آهي، جيڪو پيغام آڻيندو آهي ۽ قوم کي بيداري ڏيندو آهي، ۽ قوم کي هڪڙي دولت بخشي ڇڏيندو آهي. دائمي ۽ ابدي.
زمانو بيحد ڏکيو ٿو اچي. توهان کي ياد رکڻ کپي ته حڪومتن جي ذريعي انتظام ته امڪان آهي ته هلي سگهي ٿو، ليڪن مذهب قائم رهي نه ٿو سگهي، نه مذهب ڦهلجي سگهي ٿو. جيڪڏهن مذهب حڪومت جي ڏنڊي سان ڦهلجي سگهي ها ته (اڄ) دهليءَ ۾ يا هندوستان ۾ هندن جي ميجارٽي قلطعاً نه هجي ها. اٺ سؤ ورهيه هتي مسلمانن حڪومت ڪئي آ. مذهب يا انسانيت يا اوچو اخلاق ۽ انساني وحدت هنن صوفين ۽ بزرگن جي ذريعي آئي آهي ۽ انهن جي پيغام تي توهان قائم رهو.
صوفي سچل سرمست هو يا مست الست هو. ڪو انهيءَ سان واسطو ڪونهي. زمانو اهڙو ڏکيو اچڻ وارو آهي جو انهيءَ شئي کي ڪو ڪونه ليکيندو. تنهنڪري، هن جو جيڪو پيغام آهي، هن جيڪا دولت توهان کي ڏني آهي، جنهن بناءَ تي توهان اڄ اچي هت ڪٺا ٿيا آهيو، انهيءَ جي سلسلي ۾ توهان کي پورو پورو قدم اڳتي وڌائڻ کپي.
مان اڳي به توهان کي عرض ڪيو هو ته انهيءَ شئي جي لاءِ توهان وٽ اڪيڊمي جو هجڻ بيحد ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اهو بيحد مشڪل آهي. اسان وٽ ٻه ادارا آهن، ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي. بيحد مشڪل آ. ايڏو وڏو اسڪوپ آ، ايڏو وڏو ڪم آ، جو امڪان ڪونهي. مان کنئون هڪڙي دفعي هڪڙي وڏي بزرگ ۽ شفيق دوست خدابخشيندس. هاڻي مرحوم ٿي ويو آهي. پڇيو ته سنڌ تي اڃا، حسام الدين، گهڻو ڪم آهي؟ مان چيو، سائين. جيڪڏهن سؤ ماڻهو هجن ۽ سؤ ورهيه ڪم ڪندا رهن ته سورس مٽيريل فقط ڇپجي. سنڌ جو، انهيءَ جي لاءِ ناڪافي آهي! تنهنڪري انهيءَ منجهائون اندازو ڪيو ته ڪيڏو ڪم آهي. منهنجو عرض اهو آهي ته ايڏو وڏو اسڪوپ آهي، توهان وٽ ٻه ادارا ڪنهن به حالت ۾ ڪافي ٿي نه ٿا سگهن پيا. توهان کي هتي ”سچل اڪيڊمي“ ۽ خدا جي واسطي انهيءَ سان ”سرمست“ جو لقب نه ڏجو، ڇاڪاڻ ته سرمست جي به معنيٰ جي نڪا توهان کي خبر آهي ۽ نه انهيءَ جا جيڪي مفهوم آهن اهي توهان سمجهي سگهو ٿا. توهان سمجهو ٿا ته سرمستي هڪڙو خدا وٽ پهچڻ جو ذريعو آهي. قطعاً غلط آهي. سچل سرمست جو قائم رکڻ ۽ شاهه لطيف کي قائم رکڻ ۽ شاهه عنايت کي سنڀالڻ ايهو توهان جو، جيڪڏهن غيرتمند قوم آهيو ۽ زندهه آهيو ۽ جيئرا رهڻ ٿا چاهيو، ته انهن کي قائم رکو. ڇاڪاڻ ته اهي مرڪز آهن توهان جي زندگيءَ جا، توهان جي وحدت جا، توهان جي تاريخ جا. توهان فقط انهن ساڻ زندهه رهي سگهندؤ. انهن کان علاوه توهان ڪا شئي ڪونهيو.
تنهنڪري، منهنجا دوستو. مان اڳي به عرض ڪيو آهي ته اپر سنڌ صفا خالي آهي ۽ ڪم ڪرڻ جو ميدان تمام وسيع آهي. مان کي افسوس آهي، چوڻ جي لاءِ گهڻو مواد آهي، پر هاڻي اسان پوڙها ماڻهو، بئٽري ڊسچارج ٿي چڪي آهي چار ڪلاڪ ويهاري، توهان به ٿڪا آهيو، تنهنڪري مختصراً عرض ڪندو ٿو وڃان، سرسي عرض ڪندو ٿو وڃان. توهان کي انهن شين تي سوچڻ گهرجي، جڏهن توهان کي فرصت ملي.
سچل پنهنجي سر هڪڙو ماڻهو ڪونهي ڪو. سچل هڪڙو پيغام آ، جيڪو هتي سون شاعرن انهيءَ تي عمل ڪيو آ ۽ پنهنجو ڪلام چيو انهن سڀني تي توهان کي تحقيق ڪرڻ گهرجي. خود سچل جي سوانح تي اڃا تائين تحقيق ٿيل ڪانهي ڪا. مان کي ياد آهي چڱي طرح ته مرحوم گربخشاڻي جڏهن شاهه جو رسالو شايع ڪيو، جڏهن پهريون دفعو آرائش ۽ تزئين جي لحاظ سان آغا صوفي مرحوم، جيڪو هتان جي درگاهه جو ايترو ئي عقيدتمند، ايترو ئي عاشق ۽ ايترو ئي وارفتہ ۽ جان فدا هيو، جيئن اسان جو اڄ علي اڪبر درازي ڏسو ٿا پيا، انهيءَ ويچاري تمام سٺي نموني رسالو شايع ڪري ۽ هيءَ تسڪين ڏيڻ دل کي گهري ته گويا گربخشاڻيءَ جي مقابلي تي هن شايع ڪيو هو، سچل جو رسالو.
از اين قسم، جڏهن اسان شايع ڪيو هو مرحوم انصاريءَ جو رسالو، تڏهن مان کي ياد آهي ته هن مرزا قليچ بيگ جو يا ڪنهن جو رسالو بهترين ڪاتب کئون نقل ڪرائي، سهڻو جلد ٻڌرائي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ پاڻ ڀي ميمبر هيو، ۽ ظاهر آهي. جيئن ميمبر ميمبر جي پرده پوشي ڪري ٿو پيو اهو عيناً نقل آهي. جيئن اسان جي پهرين دوست نهايت خوبصورت ۽ نهايت فڪر انگيز ۽ مان کي واقعي خوشي ٿي آهي ته خاموشيءَ سان ڪيترو ڪم ٿي رهيو آهي. اهو اسان ڪن مجبورين جي هيٺ انصاريءَ جو شايع ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين هليو اچي ٿو پيو. اهو ڪو تحقيقي ڪونهي ڪو، نه انهيءَ کي مستند نسخو چئي سگهجي ٿو.
اها شئي بلڪل غلط آ ته سچل جا نسخا نه ٿا ملن. توهان ڳوليا ڪاٿي آهن؟ هن تر ۾ جيڪڏهن توهان قديم لئبرريون ڏسندو ته قطعاً توهان کي نسخا ملندا. جڏهن اسان جي گربخشاڻيءَ ڪم شروع ڪيو، تڏهن ٻه ٽي نسخا معلوم ٿي سگهيا هئس. ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جڏهن ڪم شروع ڪيو، جيڪو افسوس آهي مڪمل نه ٿي سگهيو، ته ڇٽيهه نسخا هن کي شاهه جا مليا هئا. ته توهان وٽ جڏهن ڪو ادارو ٺهي ٿو، توهان وٽ اهو مستقل آهي ۽ انهيءَ ۾ جان آهي ۽ انهيءَ ۾ ماڻهو فداڪار يعني ڪم ڪندڙ آهن، ته توهان کي ڪيترا نسخا هن تر منجهئون ملندا، ۽ انهن تي توهان ڪم ڪري سگهو ٿا. جان الله شاهه رضويءَ تي ڪم ڪونهي ٿيل. بيدل بيڪس تي ڪونهي. ٻڍڙي فقير تي ڪونهي. ٻڍڙي جي درگاهه مان وڃي ڏٺي آهي. سندس سجادهه نشين نهايت نازڪ نفيس، جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ڊيل وانگر، سڀ صحيح، ليڪن ٻڍڙي فقير جي درگاهه جيڪا آهي، سا ويران ۽ بيحد ضرورت آهي ته ان جي ديوان ۽ ان جي سوانح شايع ٿئي. يعني تعجب آهي ته ٻڍڙي فقير ۽ سندس والد جو نالو ملي ٿو پيو، پوٽو ۽ پڙپوٽو يا سندس ڏهٽا موجود آهن، ليڪن ڏاڏي جو ناهي. هاڻي اهي سڄيون شيون آهن.
شڪارپور جو شهر توهان وٽ بيحد تاريخي ۽ هن وقت مان کي معلوم آهي ته هن ۾ قيمتي ذخيرو ۽ نسخا ۽ فرامين تاريخ جا موجود آهن. روهڙيءَ جي شهر جو هر هڪ گهر ڀريل آهي تاريخي نسخن سان، ۽ تاريخي آثارن سان. اهي سڄيون شيون توهان جي ملڪيت آهن ۽ توهان جي عزت ۽ توهان جي ملڪ جو بقا ۽ قيام جيڪو آهي، اهو انهن شين تي آهي.
هن کان اڳتي دنيا اها نه ڏسندي ته سچل پنج وقت نماز پرهندو هو يا ڏهه وقت يا مورڳو پڙهندو ئي ڪونه هو، يا ڀنگ پيئندو هو يا چرس ڇڪيندو هو، يا عابد زاهد هو. انهيءَ شئي کي قطعاً تسليم نه ڪندي. زمانو اهڙو ڏکيو ۽ تيزيءَ ساڻ اچي رهيو آ. ايڏيءَ تيزي سان اچي رهيو آ. جو توهان تصور به نه ٿا ڪري سگهو. انهيءَ ايٽمڪ ايج ۾، انهيءَ ۾ جيڪڏهن ڪابه شئي توهان کي قائم رکي سگهندي ۽ آبرومند بڻائيندي ته اها فقط اها شئي آ، جيڪا بزرگ اوهان جا يا بحيثيت انهن جي جانشين جي پيدا ڪري ويا ۽ جا ڏيو ٿا اوهين ايندڙ نسل کي ائين نه ٿئي جو ايندڙ نسل جيڪو اسان جو ٿئي. توهان کان نهايت واضح ذهن آ ان جو ۽ ان کي هڪڙو نصب العين آهي اڳتئون اهو پڇاڙيءَ ۾ اسان تي لعنتون وجهي ۽ اسان تي چار قل به نه پڙهي! زندگي بيحد معمولي ۽ حقير آ، انهيءَ جي ڪابه قيمت ڪانهي ڪا. انهي کي قائم ۽ آبروءَ جهڙي رذيل شئي قائم رکڻ جي لاءِ ماڻهو در در جا جانا ڪري، وقت ضايع ڪري، قومي خزانو اڪارت ڪري، ۽ انهيءَ ڌوڪيبازيءَ کان ڪم وٺي. مان سمجهان ٿو انهيءَ کئون، جيئن اڳي منهن ڪارو ڪري گڏهه تي چاڙهي شهر ۾ ڦيرائيندا هئا، پنهنجو پاڻ کي ماڻهو سمجهي ۽ پنهنجي گناهن جي دامن ڀرپور ڏسي پاڻ کي ائين ڪري اهو ڌوڪو، اهو فريب، ممڪن آ ته ڪجهه وقت تائين مهلت ڪنهن کي ڏئي به سگهي. ليڪن وقت ايڏو گذرندو ٿو وڃي پيو، جو وقت ته توهان موٽائي ڪونه سگهندو نه؟ ۽ آخر توهان کي مرڻو آ. آبرو ڇا ٿيندي آ، پئسو ڇا ٿيندو آ، انهيءَ کي ٿڪ به ڪونه هڻي انهيءَ جي لاءِ ماڻهوءَ کي خدا ڪونه خلقيو آ، ڪنهن ڪم ۽ مقصد جي لاءِ خدا خلقيو آ.
تنهنڪري، منهنجا دوستو، هاڻ ڏسان ٿو ته ڪو ڪتاب جو جهلڪو ٿو ويٺو هڻي، ڪو پکو ٿو پاڻ کي ويٺو هڻي پگهر ۽ پسينو، بک به لڳي هوندي، جيڪي روزائت نه هوندا. خدا ڪري سڀني کي روزو هجي. پر، بهرحال مان هاڻي توهان سڀني کان اجازت ٿو وٺان پيو. ڳالهيون جڏهن يار گڏجن ٿا، دوست گڏجن ٿا ته گهڻيون ڪرڻ جون آهن. ليڪن هاڻي نه وقت آهي ۽ نه مان سمجهان ٿو مناسب آهي. مان چند معروضات اوهان جي آڏو رکيا آهن. يونيورسٽي توهان وٽ فعال هجڻ کپي. يونيورسٽيءَ ۾ مان نه ٿو ڏسان ته ڪوبه ڪم هتي ٿئي ٿو پيو. توهان انهيءَ کي فعال ڪيو. سچل اڪيڊمي ٺاهيو. يونيورسٽيءَ ۾ سچل جي چيئر رکو، جتي خود تحقيق ۽ تخليق ٿئي. انهيءَ سڄي پراجيڪٽ تي. ٻيو توهان کي مان صرف عرض هي ٿو ڪري ڇڏيان، خبر ناهي ته هيءَ درگاهه اوقاف جي حوالي آهي يا مالڪن جي حوالي آهي؟ حافظ شيرازي جو هڪڙو شعر آهي:

فقيہ مدرسہ وي مست بود و فتوي داد،
مي حرام ولي به ز مالِ اوقاف ست
(شراب حرام آهي پر اوقاف جي مال کئون وري به چڱي شيءِ آهي).

اوقاف جيڪا عقوبت اسان جي مڪليءَ جي تاريخ سان ڪئي آهي، خدا شاهد آهي ته انهيءَ تي جيڪڏهن ڪو ملڪ ۾، اهو داد فرياد، ڪو حاڪم هجي ته انهيءَ تي، انهن ماڻهن، اوقاف جي تجاوز ۽ ڏاڍ تي دانهنجي!
يعني جن قبرن تي ڪتبا هئا، انهن جي رپيئر ۽ انهن کي اسلامي رنگ ڏيڻ لاءِ ان جي اصلي، ۽ اهو ياد رکي ڇڏيو ته تاريخي جاين جي حقيقت مٽائڻ، اوريجنلٽي (اصلي) کي تباهه ڪرڻ، اهو تاريخي هاڃو آهي: هنن ان کي رنگ سائو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته حضور صه جن جي روضي جو رنگ سائو آهي، تنهنڪري هر وليءَ جي قبر سائي هجڻ کپي. بابا، هرون ڀرون توهان ڇو.
هڪڙي ڪنهن دوست چيو ته ڏنڊو پيو آ يار محمد جي مقبري تي. ڀائي ڏنڊو ته اڃا ڪنهن بهادريءَ جي نشاني آ، پيو آ. قلندر لعل شهباز جي سيوهڻ تي، هر عورت ۽ مرد وڃي ٿو ان کي چمي ڏي. اهو ڇاهي؟ ۽ انهيءَ نموني سان، اها سڄي غلط ڳالهه آهي. سڄيون تاريخان مٽائي ڇڏيون ٿئون، رنگ ڏئي ۽ انهن جي چوڌاري ڪٽهڙا ڪڍيا ٿئون، جيڪي اڳي نه ها. شاهجهاني مسجد حالانڪ شاهجهاني نه آ، پر بهرحال شاهجهاني آهي. انهيءَ جي رپيئر ڪرائڻ ۽ ان تي پنهنجي حسن خدمتي ڏيکارڻ لاءِ صفا قطعاً تباهه ڪري ڇڏيو اٿئون. هاڻي در به ڏسندؤ، ونگان به ڏسندؤ ليڪن ڪا شئي ڪانهي.
تنهنڪري، توهان کي مان هڪ عرض ڪري ٿو ڇڏيان ته مانهنجو تجربو اوقاف جيڪو حافظ جو شعر مان ڏسيو مانوَ ته شراب بيشڪ پيئو، ليڪن اوقاف جو مال نه کائو! اهو توهان اوقاف وارن کي ٻڌائي ڇڏيو.
سچل سرمست جي روضي تي ساخت مان مان ڀي سڄي دنيا ڏٺي آهي، اسلامي ۽ انهيءَ جي آرڪيٽيڪٽ جو مطالعو ڪيو اٿم، مانهنجو سبجيڪٽ ڀي آهي. اهڙي يعني خصوصي حيثيت رکي ٿي پئي تعمير ۾، ۽ هندن جي وڃڻ کئون پوءِ اها ڊهي خراب ٿيندي ۽ زبون ٿيندي پئي وڃي، انهيءَ جي رپيئر نه ٿي ٿئي. مان توهان کي عرض ڪندس ته توهان اڪيڊمي ٺاهيو، جڏهن وڻيو ٺاهيو، توهان مالڪ آهيو، مگر روضي جي نه ٺهڻ ڪري جيڪو نقصان پهچندو، انهيءَ جو اندازو آئندهه نسل اچي ڪري سگهي ٿو پيو. ممڪن آهي اسان کي نه ٿئي، ليڪن اوقاف جي ذريعي هن جي رپيئر ڪنهن حالت ۾ نه ٿيڻ کپي! ڇاڪاڻ جو اهو رهيل کهيل نور به هن جو وڃائي ڇڏيندو. تنهنڪري، آرڪالاجيءَ جي ذريعي يا ڪم از ڪم انهن جي سپرويزن ۾. هي روضو تعمير جي لحاظ کان، توهان سڄي سنڌ گهمو، پنهنجو مثال پاڻ آهي.
سڄيءَ شئي غلط آهي ته ڪوٽ ڏجي ميرن ٺهرايو يا رني ڪوٽ ميرن ٺهرايو. ميرن جنگ ڪهڙي ڪئي، جنهن جي لاءِ انهن اڏاوتن جي ضرورت هنن کي هئي؟ ڀائي، خيرپور ۾ فيض محل کان سواءِ مير سڄيءَ پنهنجيءَ حڪومت ۾ ڪا عمارت نه ٺهرائي سگهيا. حيدرآباد غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڪوٽ ۾ اچي ويٺا، ڀائي رني ڪوٽ کي، ڏجي ڪوٽ کي ٺهرائڻ جي هنن کي ڪهڙي ضرورت هئي؟
تنهنڪري، اهي سطحي مسئلا آهن ته سچل، سرمست هو يا الست هو، يا نماز پڙهي ٿئين يا نه اهي سطحي شيون هن، اهي مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ تي ڇڏي ڏيڻ کپن. ليڪن، بهرحال، هن جي رپيئر ۽ هن روضي جو تحفظ، اهو توهان کي سڀ کان اول ڪرائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته مان ڏسان ٿو پيو ڪرندو پيو وڃي.
باقي رهيو سوال اهو ته مولانا غلام مصطفيٰ، توهان کي معلوم آهي، ته هي اسان جو وڏو معتبر ۽ معزز، محترم اسان سڀني جي لاءِ آهي. مذهبن جي ۽ تاريخ جي لحاظ کان به اسان وٽ سند آهي. سندس قول اهو آهي، يا راءِ اها آهي، ته سچل جو انتقال هن مهيني ۾ ۽ هنن ڏينهن ۾ ڪونه ٿيو هو. تحقيق طلب اها ڳالهه آهي، تنهنڪري مان انهيءَ شئي کي اسان جي علي اڪبر درازيءَ تي ڇڏيان ٿو. يعني مولانا جو چوڻ اهو آهي ته سياري جي موسم هئي اها ممڪن آهي! يعني گرمي هجي يا سردي هجي، اسان جيسين غلام محمد صاحب يا تنوير صاحب آهن، تيسين حاضر پيا ٿينداسي. صحت جو ڪهڙو حال به هجي. پر اهي شيون، سڀ نقطا، سوچڻ ۽ تحقيق جي قابل آهن. انهن تي تحقيق ڪيو. ۽ ڄمڻ جي سلسلي ۾ به چون ٿا ته 25 ڊسمبر سچل جي آهي. پر اهي مسئلا اهڙا آهن، جن تي توهان کي توجهه ڏيڻ کپي، سوچڻ کپي. خدا شاهد آهي، مون کي مان سڄيءَ سنڌ ۾ ۽ ٻاهر ڦران ٿو، ۽ ڏسان ٿو پيو. توهان وٽ ماڻهو سوچيندڙ، لکندڙ، تحقيق ڪندڙ ڪلهه تنوير مان کي ببليو گرافي ڏيکاري آهي، جيڪا هتان جي توهان جي هڪڙي ماڻهو، ماستر ويچاري اڪيلي سر ويهي سچل تي ٺاهي آهي(1). مان سمجهان ٿو ته توهان جي ڪنهن اداري اهو ڪم نه ڪيو هوندو، جيڪو تنها واحد ماڻهو هتي ٻهراڙيءَ ۾ ويهي اهو ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح، توهان ڏٺو ته جنهن پهريون اهو مقالو پڙهيو هتي سائين، اوهان ته افضل آهيو. عرض ٻڌو، قاضي صاحب (علي اڪبر درازيءَ) توهان کان بغير هنن جو ڪم هلي نه سگهندو. قاضي صاحب، اهو ته هنن کي شامل ڪرڻو پوندو توهان کي. توهان جي عشق ۽ توهان جي جيڪا تحقيق ۽ توهان جي جيڪا خدمت ٿيل آهي، تنهنڪري توهان کي وسارڻ هنن جو جرم آهي، تنهن ڪري توهان مطمئن رهو، توهان کان سواءِ ڪو به ڪم نه هلي سگهندو.
منهنجي گذارش اها هئي ته توهان وٽ خام مواد جنهن کي را مٽيريل چئجي ٿو، اهو گهڻو آ. انهيءَ کي فقط ڊيولپ ڪرڻو، انهيءَ کي آئوٽ ليٽ ۽ انهيءَ منجهئون ڪم وٺڻ جي ڪا سوچ ۽ ترڪيب ڪريو.
باقي مان توهان جي مهمان نوازي ۽ توهان جي محنت ۽ توهان جو هتي گڏ ٿيڻ ۽ هن اجتماع، انهن سڀني جي لاءِ توهان جا لکين احسان ۽ ٿورا آهن. لفظن ۾ جن جي ڪابه گنجائش ڪانهي. خدا توهان سڀني کي سلامت رکي!

چار خط

[انساني زندگي توڙي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ جي مطالعي ۾ خط وڏي مدد ڪن ٿا. ليڪن اسان وٽ سنڌ ۾ هن موضوع تي اڃا توجهه نه ڏنو ويو آهي. هت راشدي صاحب مرحوم جا اهي چار خط ڏجن ٿا، جي پاڻ عمر جي آخري حصي ۾، هن ڪتاب جي مرتب (غلام محمد لاکو) ڏانهن لکيا هئائون. انهن خطن ۾ همعصر سنڌي ساهت بابت، اسان جي هن عالم جي سوچ سامهون اچي ٿي، ۽ پڻ سندن زندگيءَ جي آخري لمحن متعلق به مواد مهيا ٿئي ٿو]

خط نمبر 1

23 ڊسمبر 1980ع

عزيزم غلام محمد صاحب

بعد سلامن جي عرض ته اوهان جو محبت نامون ۽ ٻه ڪتاب پهتا. وڏي مهرباني، خدا اوهان کي سلامت رکي ۽ تاريخي ذوق اوهان جو ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهي. سنڌ کي اوهان جهڙن باذوق نوجوانن جي اشد ضرورت آهي. جن کي پنهنجي وطن ۽ وطن جي تاريخ سان اُنس ۽ لڳاءُ هجي.
آءُ ڪيتري وقت کان ناخوش رهان ٿو. صحت اطمينان بخش نه آهي. لکڻ پڙهڻ بند آهي. دعا ڪريو رب ڪريم توفيق عطا فرمائي. جيئن چند ڪم ذهن ۾ آهن، اهي پورا ڪريان.
”سنڌ صدين کان“ سرسري ڏٺو اٿم. انداز آهي ته ڪتاب بيحد مفيد ۽ منجهس استدلال جو اندازي بلڪل صحيح آهي. يقين آهي ته هي ڪتاب بيحد مفيد ٿيندو. پڙهي وڌيڪ پوءِ لکندس!
تصوير آءُ جلدي موڪلي ڏيندس. ڪو ڪم ڪار هجي ته بلا حجاب لکندا.والسلام.

خيرانديش

حسام الدين

_____________

خط نمبر 2

7 فيبروري 1981ع

عزيزم
آءُ چند ڏينهن ٻاهر يعني ڳوٺ ويل هيس. توهان جو خط پهتو. ڪتاب به مليو. ذخيرت الخوانين لاءِ هاڻي خط لکيو اٿم. جيئن ڪتاب پهتو خدمت ۾ موڪلي ڏيندس. تسليٰ فرمائيندا.
آريسر صاحب جو ڪتاب به موڪليو مهرباني. آريسر جي جذبات ڏسڻ کپي. جيڪي ماڻهو ملڪ ۽ قوم لاءِ سختيون سهن ٿا، انهن کي حق پهچي ٿو ته اسان جهڙن سهل پسندن جي غلطين تي تنبيهه ڪن.
اوهان ميدان ۾ هاڻي پير وڌو آهي. نوان آهيو، ڪنهن جي غصي ۽ ڪاوڙ تي دلگير نه ٿيندا. اڃا ته اڳتي الائي ڇا رکيو آهي. رستو اڙهانگو، سفر طويل ۽ دشوار. ڪم ڪندا هلو. ڪاڏنهن توجهه نه ڏيو. هڪ ڪن کان جيڪڏهن ٻڌو ته ٻئي کان ڪڍي ڇڏيو.

والسلام

حسام الدين

____________

خط نمبر 3

2 اپريل 1981ع

عزيزم
السلام عليڪم. ٻه ڪتاب ۽ مضمون پهتو. مضمون ”اردو“ ڏانهن تاڪيدن موڪلي ڇڏيو اٿم. اميد آهي ته شايع ٿي ويندو.
شاهه عنايت پڙهان ٿو. دلچسپ ڪتاب آهي. خاص طرح نقطئه نگاهه قابل ستايش ۽ صحيح آهي. جنهن لاءِ لکندڙ کيرون لهڻيون. ميرو ڌاڙيل پڙهي ڇڏيم. طارق اشرف جو پهريون ڪتاب پڙهيو اٿم. ختم ڪرڻ بعد ارمان ٿيو ته اسان جا رهبر جيڪڏهن ميرو ڌاڙيل جي ڪردار ۽ اصولن جا هجن ها ته، هن حالت تي اسان نه پهچون ها.
اصول، ڪردار، وفا، نباهه ۽ سانڃاهه جا مثالي نمونا هن ڪتاب ۾ موجود آهن. طارق اشرف وڏي خدمت ڪئي آهي. اهو ڪتاب ڇپي.
سر ۾ سانجهي وير پڙهي ڇڏيم. لکندڙ نهايت ئي ذهانت ۽ ديانت سان تاريخ مان نڪتا ڳولي مرتب ڪيا آهن.
آءُ سنڌ جي لکندڙن مان نا اميد نه آهيان. ذهني ڦيرو جنهن جا اسان متلاشي ۽ آرزومند هياسين سو اچي ويو آهي. اهو زندهه رهڻ جو نشان آهي.
ڊاڪٽر رياض الاسلام کي مضمون لاءِ چيو اٿم. عنقريب ڳولي ڏيندو ۽ آءُ اوهان ڏانهن موڪلي ڏيندس. اطمينان رکندا.
خدا اوهان کي خوش رکي ۽ علمي خدمت ۽ ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏئي.

حسام الدين راشدي

___________

خط نمبر 4

9جولاءِ 1981ع

عزيزم غلام محمد صاحب

خط پهتو. اهو ڪتاب پاڪستان جي پهرين يا ٻي حڪومت جي چوڻ تي لکيل ويو هو. سرسري ۽ نامڪمل آهي. ازان سواءِ جديد دور جنهن صورت ۾ شروع نه ٿيو هو، تنهنڪري اهو نظرانداز ٿيل آهي. تاهم ڪتاب مقبول ٿيو، يورپ ۾ ان مان استفادو ڪيو ويو ۽ روس ۾ ان جو ترجمو شايع ٿيو. ارادو هو ته انهيءَ ۾ اضافا ڪري جديد دور به شامل ڪري نئين سر ترتيب ڏيان. ليڪن اڄ تائين اها آس پوري ٿي نه سگهي ۽ نه اميد آهي. توهان ڀلي انهيءَ جو ترجمو ڪيو ۽ شايع ڪيو. بهرحال ڪتاب مفيد آهي. اميد ته اوهان بخيريت هوندا.

والسلام

حسام الدين راشدي

(1) ان وقت جو ڊي سي، خيرپور
(1) هي ببليو گرافي محمد علي حداد مرتب ڪئي، ۽ سال 1982ع ۾ ڇجي چڪي آهي.

پيش لفظ، مهاڳ

---

تعارف

[سيد اظهر گيلاني جي شاعريءَ جي ڪتاب ”سخن بي نظير“ تي لکيل تعارف. هي ڪتاب سال 1947ع ۾ ڇپيو]

”سخن بي نظير“ جي عنوان سان منهنجي عزيز دوست سيد اظهر گيلاني جي شعر و شاعري جو هي مختصر مجموعو سنڌي ادبيات ۾ هڪ گرانقدر اضافو آهي. غزل ۽ غزل جي دنيا جا جيڪي به لوازمه آهن سي سڀئي گيلاني صاحب جي ڪلام ۾ نهايت حسن ۽ خوبي سان موجود آهن. عشق عاشقي، هجر فراق، گل و بلبل، ساقي، مينا، الغرض هر اها شيءِ جنهن سان غزل جي دنيا آباد آهي، سا نهايت دلنشين پيرايه ۾ غزل اندر مهيا ڪئي وئي آهي. جذبات جي لحاظ سان سندس ڪلام نهايت زوردار آهي، مثلاً عاشقي جي زمانه“ جا چند شعر جذبات ۽ واقعات بلڪ واردات جي لحاظ سان ملاحظه ٿين.

ياد آ دل جي لڳي دل جو لڳائڻ ياد آ
ڪنهن جي پويان پاڻ کي مجنون بنائڻ ياد آ

ياد آئي دست بسته وصل لئه منهنجو چوڻ
ڏئي بهانو هڪ نه ٻيو تنهنجو نٽائڻ ياد آ

کلندي کلندي ڳالهه ٿوري تي رسي هڪدم اُٿڻ
منهنجو دامن مان جهلڻ تنهنجو ڇڏائڻ ياد آ

ڪين هڪ ٻي کي ڇڏينداسون چئي فرقان تي
تنهنجو مون کان، منهنجو توکان، هٿ رکائڻ ياد آ

-ثلاً؛صوير ماضي“ ۾ به جذبات ۽ واقعات جا دل کولي درياهه وهايا ويا آهن. قعات بلڪ واردات جي لحاظ سان ملاحظه ٿين.ي وئي آهي. آهي.

تون رٺين ٿي مون ٿي پرچايو، ٻئي ٻانهون ٻڌي
وقت تي منهنجو رسڻ تنهنجو منائڻ ياد آ

اهڙيءَ طرح ”تصوير ماضي“ ۾ به جذبات ۽ واقعات جا دل کولي درياهه وهايا ويا آهن. مثلاً:-

”ياد آهن ڏينهن“ لب تي هو تبسم موجزن
خار و خس ايندو نظر ۾ هو مثال لالـــه زار

”ياد آهن ڏينهن“ دل هئي رنج و غم کان بي خبر
وقت گذريو ٿي خوشي ۾ هو نه ڪوئي انتظار

الفاظن جي بندش ۽ چستيءَ جا به ڪٿي ڪٿي بهترين مثال پيش ڪيا ويا آهن. مثلاً:-

منهنجي غم ۾ ٿا مرن ”ساعت ۾ صد ها“ ڇا ڪريان
ڪنهن جي غمخواري ڪريان غمخوار ڪنهنجو ٿي رهان.

”ساعت ۾ صدها“ جي بندش نهايت بهترين آهي. اهڙيءَ طرح ڪٿي ڪٿي ته هڪ لفظ جي آڻڻ سبب سموري مصرع ۾ جان پئجي وئي آهي؛-

بعد مردن خاڪ کي يثرب رسائيندي ضرور
اهڙو ”خاطر خواهه“ آ مون کي صبا جو آسرو

”خاطر خواهه“ جي لفظ آڻن سبب سموري مصرع ۾ جان پئجي وئي آهي. شاعرانه خصوصيتن جي جيڪڏهن هر هڪ پهلوءَ تي ويهي ويچار ڪبو ته مختصر تعارف طويل ٿي ويندو، تنهنڪري آءُ انهيءَ معامله کي پڙهندڙن جي ذوق سليم ۽ خوش نظريءَ جي حوالي ڪندي فقط چند شعر اندازهه ڪرڻ لاءِ پيش ڪريان ٿو؛-

دل لڳائڻ سان مصبيت ٿي اچي
هڪ نه ٻي هر روز آفت ٿي اچي

وري ڪنهن سان نظرون لڙائڻ گهران ٿو
وري چوٽ نئين دل تي کائڻ گهران ٿو

----------

وري ڪنهن جي آمد ٻڌي پاڻ وٽ مان
اکيون راهه تي ٻئي، وڇائڻ گهران ٿو

------------

رهي رهندا رهائڻ سان گهڻو آخر وڃڻ وارا
رهڻ تي دل نه آ تن جي، نه ڪي آهن رهڻ وارا

--------

جدائي يار تنهنجي منهنجي، لئه جنسي قيامت آ
غضب آ، قهر آ، شامت آ، آفت آ، مصيبت آ

---------

اڱڻ منهنجي تي خود آيو، سندس ٿو ڀال ڀايان مان
ڪرم آ، مهرباني آ، نوازش آ، عنايت آ

--------

دل نه ڏيان ها ته ڇو هوند ٿيان ها بدنام
سڌ نه هئي ٿيندو خوش آغاز جو برتر انجام

مون مون کي يقين آهي ته سيد صاحب جو هي مجموعه سنڌي جديد ادب جي ترقيءَ لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو، ۽ آءُ ذاتي طرح هن ڪتاب کي سنڌي جديد ادب لاءِ مبارڪ فال سمجهان ٿو. اميد آهي ته سنڌ جا شاعر گيلاني صاحب وانگر فارسي ۽ اُردو ادب جي موجودهه رجحان کان متاثر ٿي ضرور پنهنجي ڪلام ۾ تبديليون آڻيندا. مثلاً هن ڪتاب ۾ ”گيت“ به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌي ادب ۾ نقش اول جي حيثيت رکن ٿا. غلطين کان هن ناتمام دنيا جي ڪابه شيءِ خالي نه آهي. ممڪن آهي ته هن ڪتاب ۾ به ڪي شاعرانه غلطيون رهجي ويون هجن. ليڪن هڪ ته سرسري مطالع سبب مون کي موقعو نه مليو جو آءُ انهيءَ تي به نگاهه ڪريان ۽ ٻيو بحيثيت دوست جي مون کي پنهنجي دوست جي ڪلام ۾ فقط خوبين وارو پهلو ئي ڏسڻو پيو. تنهنڪري آءُ نقد ۽ حرج، تنقيد ۽ تبصرهه، داد ۽ دهش لاءِ ٻين سخن فهم بزرگن لاءِ ميدان خالي ڇڏيان ٿو.


سيد حسام الدين راشدي
27 جولاءِ 1947ع
ڪراچي.

گذارش

[سنڌي ادبي بورڊ ”تاريخ سنڌ – ڪلهوڙا دور“ اردو ۾ 1958ع ۾ شايع ڪئي. هي علمي ۽ تحقيقي ڪتاب مولانا غلام رسول مهر لکيو هو. هي ”گذارش“ ان ڪتاب لاءِ لکي وئي. بعد ۾ بورڊ ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو 1963ع ۾ ڇاپيو]

سنڌ جي تاريخ گهڻو آڳاٽي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جا حد کان وڌيڪ دلچسپ به آهي ۽ نهايت اهم به؛ مگر اها اڄ تائين ڇڙوڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي پيل آهي. سنڌيءَ يا ڪنهن ٻيءَ زبان ۾ ڪوبه اهڙو ڪتاب نه لکيو ويو آهي، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو شروعاتي خاڪو ڪوٺي سگهجي. يعني جنهن مان هن ملڪ جا تاريخي ۽ تمدني حالات، زماني وار، هڪ هنڌ معلوم ٿي سگهن. انقلابي طوفان غالباً هن خطي کان زيادهه، پاڪ ۽ هند جي ڪنهن به ٻئي خطي تي ڪين گذريا آهن.
قومن ۾ زندگيءَ جي جذبن ۽ ولولن، کي تازي رکڻ، ۽ منجهن عملي جوش لاءِ نئين خون پيدا ڪرڻ جو سڀ کان اهم ذريعو قومي تاريخ آهي. قومي تاريخ جي ئي صفحن تي پنهنجن بزرگن جا اعليٰ ڪارناما، آئيندهه نسلن لاءِ هميشہ واسطي زندگيءَ جو سبق بنجن ٿا. انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم پنهنجي ماضيءَ کي بي نقاب ڏسي سگهي ٿي ۽ پنهنجي عروج ۽ زوال جي اسباب ۽ عوامل تي ٿڌي سيني سان غور ڪري، آئيندهه جا خدوخال درست ڪري سگهي ٿي. جنهن قوم وٽ پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ اکين آڏو نه هجي، ان لاءِ سمجهڻ گهرجي ته اها زندگيءَ جي ميدان ۾ عملي محرڪات جي هڪ نهايت ئي اهم وسيلي کان محروم آهي.
اها ئي اهم ضرورت هئي، جنهن کي سامهون رکندي سنڌي ادبي بورڊ، پنهنجي شروعاتي دور ۾ هڪ مفصل ۽ مستند تاريخ لکرائڻ جي رٿا تيار ڪرائي، ۽ هيءُ فيصلو ڪيو ويو هو ته هن خطي جي سموري تاريخ اٺن جلدن ۾ مرتب ڪرائي وڃي، يعني –

جلد پهريون جاگرافيائي تاريخ
جلد ٻيو اسلام کان اڳ وارو دور
جلد ٽيون عربن جو دور
جلد چوٿون سومرن ۽ سمن جو دور
جلد پنجون ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو دور
جلد ڇهون ڪلهوڙن جو دور
جلد ستون ٽالپرن جو دور ۽
جلد اٺون انگريزن جو دور

سنڌي ادبي بورڊ، چند اهل قلم حضرات منتخب ڪيا هئا، جي هن اهم ڪم کي بهتر کان بهتر طريقي سان سرانجام ڪري سگهيا ٿي، ۽ اهڙيءَ ريت مختلف دورن جي انهن ۾ ورهاست ڪئي وئي. جيئن ته هيءَ تاريخ ٽن زبانن ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو هو، يعني سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾، ته جيئن زيادهه کان زيادهه اصحاب تاريخ جي مطالعي مان مستفيد ٿي سگهن، انهنءَ لاءِ اهل قلم کي اختيار ڏنو ويو هو ته جنهن به زبان ۾ سندن مرضي هجي، ڪتاب مرتب ڪن ۽ باقي ٻن زبانن ۾ انهن جو ترجمو ڪرايو ويندو.
پهريون ۽ ٻيو جلد، مسيٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ(1) کي ڏنا ويا هئا. هن صاحب، آڪسفورڊ ۾ رهندي، انهيءَ ڪم جو پورائو ڪيو. هي ٻئي جلد مستقبل قريب ۽ انگريزي زبان ۾ شايع ٿيڻ وارا آهن، ۽ جلد ئي انهن جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو به شايع ڪرايو ويندو.
عربن جو دور مولانا سيد سليمان ندوي مرحوم جي حوالي ڪيو ويو هو. اڃا ابتدائي مرحلا طئه نه ٿيا هئا ته سيد صاحب موصوف عالم بقا ڏانهن اُسهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ حصو اڃا تائين ڪنهن ٻئي بزرگ کي نه ڏنو ويو آهي. سومرن ۽ سمن جي دور متعلق ضروري معلوماتي سرمايو ڪٺو ٿي نه سگهيو آهي، ان ڪري طئه ڪيو ويو آهي ته ان کي سڀني کان آخر ۾ يڪسوئيءَ سان مرتب ڪيو وڃي.
پنجين، ڇهين ۽ ستين جلدن مان پهريون منهنجي ۽ ٻيو ۽ ٽيون جلد مولانا غلام رسول مهر جي حوالي ڪيا ويا هئا. ارغونن ۽ ترخانن جو دور مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد شايع ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو. مغلن جو دور به مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي.
مولانا مهر سڀني کان اڳ ڪلهوڙن جي دور تي قلم کنيو. شروعات ۾ خيال هو ته هن دور جي باري ۾ به معلومات تمام گهٽ آهي، ان ڪري بورڊ هن دور متعلق چئن سون صفحن جو ڪتاب ڪافي سمجهيو هو. مگر جڏهن مولانا مختلف حالات جون ڪڙيون ملائي، وڌيڪ تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪئي، تڏهن ايترو مصالحو ڪٺو ٿي ويو جو ڪتاب هڪ هزار صفحن کان به وڌي ويو، ۽ انهيءَ ڪري ان کي ٻن جلدن ۾ ورهائڻو پيو.
هن وقت مولانا ٽالپورن جي دور تي لکي رهيو آهي، ۽ اندازو آهي ته هيءُ دور به ٻن جلدن تي ڦهلجي ويندو. انگريزي دور متعلق ڊاڪٽر ڊوآرٽ هڪ جلد تيار ڪيو آهي، جو انگريزن جي شروعاتي دور کان سنڌي جي فتح ٿيڻ تائين، سموري حالات تي مشتمل آهي. باقي حصي کي بعد ۾ ترتيب ڏيندو.
هن مجمل بيان مان سنڌي ادبي بورڊ جي هن رٿا جي ڪيفيت چڱيءَ ريت واضح ٿي سگهي ٿي. شروع ۾ اٺ جلد تجويز ڪيا ويا هئا، مگر هن وقت اندازو آهي ته سموري تاريخ غالباً تيرهن يا چوڏهن جلدن ۾ مڪمل ٿي ويندي.
جيڪي جلد ڇپجي رهيا آهن، انهن جو ترجمو به گڏوگڏ شروع ڪرايو ويو آهي. انهيءَ رٿا موجب ”تاريخ ڪلهوڙا“ جو هيءُ سنڌي ترجمو، ٻن جلدن جي صورت ۾ قارئين حضرات جي خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.
مولانا مهر وڏيءَ ڪوشش ۽ ڪاوش سان ڪلهوڙا دور جي سرگذشت مرتب ڪئي آهي، ۽ سراسر غير يقيني ذريعن مان ڇڙوڇڙ مواد کي ڪٺو ڪري، مختلف واقعات کي هڪ ڌاڳي ۾ پوئي، هڪ اهڙو سلسلي وارو داستان تيار ڪيو آهي، جو سڄي تصوير اکين اڳيان اچي وڃي ٿي. ڪلهوڙن جو دور، سنڌي قوم جي پُر عظمت جدوجهد، منتشرٿيل ملڪي اَجزا جي نئين سر ترتيب، ۽ همہ گير تعميري ڪارنامن جو اهڙو دستاويز آهي، جنهن جي اڪيلي هجڻ تي خراج تحسين ادا ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به شڪ شبهو نه هوندو.
خدا جو شڪر آهي جو هن دور جي سموري سرگذشت پنهنجي سمورين خصوصيتن سان مڪمل ٿي وئي، جنهن لاءِ سنڌ جا رهواسي جيترو به فخر ڪن، بلڪل بجا ڄاتو ويندو. ڪالهه تائين اسين جن پنهنجن بزرگن جي فقط نالي کان واقف هائسون، انهن جي ڪيل ڪارنامن جي عظمت جو اسان کي ڪو به احساس ڪونه هو، اهي اڄ پهريون دفعو پنهنجي ملڪي ۽ قومي روشن خدمتن سان گڏ اسان جي سامهان جلوهه گر ٿي رهيا آهن.
هن سلسلي ۾ مولانا کي ضروري حالات جي فراهميءَ ۽ تاريخ جي مختلف ڪڙين کي هڪ ٻئي سان ملائڻ ۾ جيڪي تڪليفون سامهون آيون، تن جو مون کي ۽ بورڊ کي پورو پورو احساس آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪتاب ملاحظه ڪندڙ حضرات انهيءَ جو احساس نه ڪري سگهن ۽ اسين به اهڙو احساس ڏيارڻ نه ٿا گهرون. اسان جي خواهش فقط هيءُ آهي ته قوم پنهنجي هن عظيم الشان ماضيءَ جي تاريخ مان همت ۽ عملي جوش جا نوان ولولا حاصل ڪري، زندگيءَ جي نئين ڪروٽ حاصل ڪري ۽ عزت ۽ عظمت جي جنهن تاج سان ان جي بزرگن جون پيشانيون مزين هيون، ان کي پنهنجو نصب العين بنائي، جدوجهد ۾ مصروف ٿي وڃي. ائين ٿيو ته اسين سمجهنداسين ته اسان جي زندگيءَ جو مقصد پورو ٿي چڪو. بورڊ جنهن ڪم جو ٻوجهه پنهنجي سر تي کنيو هو، اهو خداي برتر جي فضل ۽ ڪرم سان پنهنجي انجام تي پهچي ويو. اسان جي هن ناچيز ڪوشش جو اهو ئي صلو آهي جنهن کي اسين پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهون ٿا.
اسان هن ڪتاب کي جنهن پيماني تي ڪامل ۽ مڪمل بنائڻ جا خواهشمند هئاسون، افسوس جو ان ۾ پنهنجي آرزوئن مطابق ڪامياب ٿي نه سگهياسون – مثلاً تاريخي نقشا مرتب ڪرائي نه سگهياسون. تاريخي مقامات تائين سفر ڪرڻ لاءِ مؤلف کي سهوليتون ڏئي نه سگهياسون، ۽ انهيءَ ڪري هن تاريخي عمارت جو باب هڪ حد تائين تشنه رهجي ويو. انهيءَ کان سواءِ تاريخي مقامات تي جيڪو سير حاصل تعميري ۽ جاگرافيائي بحث هجڻ گهربو هو، اهو ٿي ڪين سگهيو. اسان وڏين ڪوششن سان تصويرن جو چڱو خاصو مجموعو فراهم ڪيو آهي. انهن تصويرن ۾ بيش بها تصوير ميان نور محمد ۽ ميان مرادياب جي آهي، جا حسن اتفاق سان راقم کي اُچ جي نادر ”گيلاني“ ڪتبخاني مان ملي وئي ۽ راقم محڪمه آثار قديمه جي مدد سان هن تصوير جو عڪس حاصل ڪيو. هيءَ تصوير دراصل رنگين هئي، پر افسوس آهي جو ڪن فني مجبورين سبب اسان ان کي رنگن ۾ ڇاپي نه سگهيا آهيون. ڪن تاريخي جاين جا فوٽا ان ڪري نه ڇپجي سگهيا جو وقت اندر نه مليا.
مون تي پنهنجي احباب و ڪرام جو شڪريو ادا ڪرڻ واجب آهي، جن مواد جي فراهميءَ ۾، منهنجي ۽ مولانا مهر جي مدد ڪرڻ فرمائي. محڪه آثار قديمه پاڪستان جو پڻ احسان مند آهيان، جنهن منهنجي ذاتي گذارش تي تصويرون مهيا ڪري ڏنيون.
آخر ۾، مولانا مهر جو دل جي خلوص سان شڪريو ادا ڪريان ٿو. هو سنڌي نه هو، مگر هڪ محقق ۽ مؤرخ جي حيثيت سان هن ڪتابن جي انبار کي ڦلهوري، هزارين صفحا هيٺ مٿي ڪري، ڪٿان هڪ سٽ، ڪٿان ٻه سٽون، ڪٿان اڌ صفحو ۽ ڪٿان هڪ صفحو فراهم ڪيو. اهڙيءَ ريت هن ملڪ جي جنهن کي پوريءَ طرح ڏسڻ جو به هن کي موقعو ملي نه سگهيو، تنهن جي تاريخ جي هڪ لازوال عمارت کڙي ڪئي. هن جي تحرير دلي همدرديءَ سان ٽمٽار آهي، ۽ ساڳئي وقت هن ڪنهن به موقعي تي حق ۽ انصاف جي تقاضائن کي نظرانداز نه ڪيو آهي، جنهن جي بغير ڪا به تاريخ، حقيقت ۾ تاريخ چوائڻ جي حقدار نه ٿي هجي. جيڪڏهن هو سنڌ ۾ ويهي هن ڪتاب کي مرتب ڪري ها، ۽ سمورا تاريخي مقامات نظر مان ڪڍي ها ته يقيناً هن ڪتاب جي زيب ۽ زينت جو اندازو ڪنهن ٻئي نموني جوهجي ها.
بهرحال، هن جيڪا محنت ڪئي آهي ۽ جنهن محبت ۽ انتهائي ڪوششن سان اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هيءُ حصو مرتب ڪيو آهي، ان لاءِ اسين سڀ ان جا شڪر گذار آهيون. آءُ ته خاص ڪري ان جو احسان مند آهيان، جو هن هي سڀ ڪجهه مون سان ذاتي محبت ۽ شفقت جي ڪري ڪيو، جا ويهن ٻاويهن سالن کان مون تي فرمائي رهيا آهن. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ کين صحت ۽ عافيت سان هميشہ سلامت رکي! آمين.

حسام الدين راشدي
ڪراچي
23 جولاءِ 1958ع

شاهه جو پيغام

[حافظ محمد احسن چنا جي ڪتاب ”شاهه جو پيغام“ لاءِ لکيل ٻه اکر. هي ڪتاب سال 1958ع ۾ شايع ٿيو]

سنڌ جا اديب ۽ سخنور، پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر، ڀٽائي گهوٽ کي، مدتن کان عقيدت جا نذرانه پيش ڪندا رهيا آهن، پر شاهه هڪ اهڙو بحر بي پايان آهي، جنهن ۾ جيتري غواصي ڪجي اها ٿوري. جنهن مان جيترا ماڻڪ موتي ڪڍجن اهي ڪم آهن. حياتيون گهرجن جو انهيءَ بستان جي چمن بندي ڪجي. زندگيون کپن جو انهيءَ باغ جا گل ۽ ٻوٽا پيا سينگارجن ۽ سنوارجن. ڀٽ جي ڀوتار، پنهنجي لافاني بيتن، بي مثل ڪافين ۽ قيامت تائين زندهه رهندڙ واين کي سنڌ جي عوامي قصن ۽ ڪهاڻين، داستانن ۽ روايتن جي بنيادن تي نڀايو آهي. انهن داستانن ۽ انهن ڪهاڻين، انهن روايتن ۽ انهن قصن کي ڪيترن اديبن، پنهنجي پنهنجي زور قلم سان وقت بوقت پي ساراهيو ۽ بيان ڪيو آهي. ڪن انهن جي تشريح ڪئي آَهي، ته ڪن انهن جون معنوي خوبيون ۽ خصوصيتون ويهي شمار ڪيون آهن ۽ ڪن انهن جي رمزن ۽ نڪتن جي ويهي واکاڻ ۽ اپٽار ڪئي آهي.
اهڙيءَ طرح هر قلم ڪار ۽ هر اديب، پنهنجي سمجهه ۽ خيال آهر ڪسر ڪا نه ڇڏي آهي.
منهنجي محترم محسن، حافظ محمد احسن، جنهن جي ادبي صلاحيتن جو آءُ هڪ مدت کان معترف، ۽ جنهن جي نعت گوئيءَ ۽ سخن سنجيءَ تي آءُ هڪ زماني کان مفتون آهيان، هڪ نئين ڍنگ ۽ هڪ انوکي رنگ سان شاهه سڳوري جي قصن ۽ ڪهاڻين کي، پنهنجي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي. هن صاحب، شاهه جي بيتن جون ڪڙيون ملائي، منتشر موتين کي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئي، سنڌ جي انهن مقبول عام داستانن جا اهي پهلو پيش ڪيا آهن، جن ۾ پريت جون پچارون، عشق ۽ محبت جون پڪارون ۽ سوز ۽ سڪ جون نازڪ رمزون رکيل آهن.
بيان ۽ اسلوب جي ندرت، زبان ۽ لفظن جي کيڏ ۽ قدرت، شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾، انهن گوشن کي ڪٿان جو کڻي وڃي ڪٿي پهچايو آهي!
مقتيٰ عبارت، حسين پيرايه بيان ۽ تجنيس حرفي سان سينگارجي سنوارجي، اهي داستان، سنڌي ادب جا اُهي شاهڪار بنجي پيا آهن، جن کي پڙهڻ سان ۽ اندر ۾ اورڻ سان دل کي راحت رسي ٿي ۽ روح، انهن جي اهڙين گهراين تي پهچڻ لاءِ وڌيڪ واجهائي ٿو ۽زيادهه واجهه وجهي ٿو. هن تي خود شاهه سائين، روح کي پهچائڻ ۽ رسائڻ گهري ٿو.
سنڌ جي مارئي، حب الوطنيءَ جو هڪ پاڪ مجمسو آهي. ساڻيهه جي سڪ، مارن سان بي پناهه محبت، وطن سان والهانه وابستگي، ملير، ملير جي مارن وٽ موٽي وڃڻ جي آرزو ۽ اميد، اهي مارئي جي امنگن جا سرچشما آهن.
حب الوطنيءَ جي انهن سڀني پاڪيزهه سرچشمن کي گڏي هڪ ئي هنڌ اهڙي انداز سان بيهارڻ، جو دل مان محب وطن مارئيءَ لاءِ محبت ۽ همدردي ۽ سنڌ جي هن عظيم ترين شاعر جي لاءِ اکٽ عقيدتمندي اٿلون کائڻ لڳي، هڪ اديب جو نه فقط قابل بلڪ انتهائي ڪمال آهي.
دريا جا ڊيڄاريندڙ ۽ من ڏاريندڙ دهڪا ۽ ڌڌڪا انهن سڀني کي هڪ ئي لڙهيءَ ۾ پوئي، محبت ۾ نينهن سان ڇلڪندڙ بيتن سان ڳنڍيندي احسن صاحب، سچ پچ نثر ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ عبارت ۾ اهڙو آهنگ پيدا ڪيو آهي، جو سوين ساز ۽ سرود، ان تان قربان آهن.
سسئيءَ جي سورن جا حال، نوريءَ جي نماڻائي ۽ نياز جا حال، سورٺ ۽ سرمنگتي جا دل سوز مڪالما ۽ راءِ ڏياچ جي سر جو دان، اهي اهڙيون شيون آهن، جي هڪ ئي هار جا مختلف ماڻڪ ۽ هڪ ئي سلسلي جا جدا موتي آهن.
شاهه جا اهي مڙئي عنوان ۽ بيان، پنهنجي مخصوص طرز نگارش سان نثر ۾ جوڙي انهن جي رونق ۽ تابناڪيءَ کي سنڌ جي هن ڪهنه مشق اديب ۽ اهل دل صاحب قلم، پڙهندڙن جي اڳيان اهڙيءَ طرح روشن ڪيو آهي، جو بي اختيار زبان مان تحسين ۽ آفرين نڪريو وڃي ٿي.
جهڙا آهن شاهه جا شاهڪار تهڙائي آهن احسن صاحب جي لفظن جا درشاهوار! جهڙو آهي شاهه جو نظم، اهڙو آهي احسن صاحب جو نثر! گويا، جهڙا آهن گل گلاب جا، اهڙا ئي کين ويس ڏنا ويا آهن.
سنڌ جي نثري ادب ۾، انهيءَ قسم جي مقفيٰ عبارت آرائي جا مثال تمام گهٽ آهن.
جنهن ڪاميابيءَ ڪامرانيءَ سان احسن صاحب انهيءَ سخت ۽ مشڪل طرزِ نگارش کي نڀاهي پار پيو آهي، ان لاءِ هو صاحب يقيناً مبارڪن جو مستحق آهي.
احسن صاحب جي قلم مان ڪئين دلپسند چيزون نڪتيون هونديون. پر سندس هيءَ ڪوشش جتي سنڌ جي ٻين اديبن کي انهيءَ قسم جي نثر نويسي صلائي عام جو سبب ٿي آهي، اتي احسن صاحب لاءِ به سنڌي ادب ۾ هڪ خاص ۽ منفرد مقام پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻي آهي.


سيد حسام الدين راشدي

ٻه اکر

[حڪيم محمد احسن جي ڪتاب ”پرين جي پار“ مطبوعه سال 1961ع لاءِ لکيل ٻه اکر]

حضرت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سنڌي زبان ۽ ادب جو عظيم محسن هو. سندس قلم سنڌيءَ جي جهوليءَ کي ايترن ماڻڪن ۽ موتين سان، اهڙن جوهرن ۽ جواهرن سان ڀرپور ڪري ڇڏيو، جو سندس بخشيل اَملهه ماڻڪ اڄ به پنهنجي آب تاب، چمڪ ۽ چانڊوڪيءَ سان سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي محفل ۾ جهرمر لايون ۽ رنگ رچايون بيٺا آهن. منهنجو محب دوست، حڪيم محمد احسن سنڌي ثقافت جي انهيءَ ئي مُرَبيءَ ۽ محسن جو فرزند رشيد آهي. فرزند رشيد هِنَ ڪري نه ته هُنَ پنهنجي والد جي طبي سجادي کي سينگاريو آهي، بلڪ رشيد ترين فرزند ارجمند هن ڪري ته هو سنڌي ادب جي خدمت گذاريءَ ۾ پڻ پنهنجي والد مرحوم ۽ مغفور جو صحيح جاءِ نشين ثابت ٿي رهيو آهي.
ايندڙ صفحن ۾ جيڪو ڪتاب پيش ڪيو وڃي ٿو سو بقول شاعر درحقيقت؛-

افسانه آن شبي کہ با يار گذشت

آهي، يعني مستعار زندگيءَ جي انهن چند راتين ۽ ڏينهن جي سرگذشت آهي، جيڪي حڪيم محمد احسن حج جي دوران ۾ مٺي مير مدنيءَ جي ملڪ ۾ گذاريا، جنهن پياري پيغمبر جي سيرت پاڪ تي حڪيم محمد احسن جي والد ”حيات النبي“ جهڙو دل وڻندڙ ڪتاب لکيو، جنهن جي سِٽ سٽ، جملي جملي، بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته اکر اکر مان محبت سَندو وَاس پيو اچي ۽ غشق وارو چَسُ ۽ رَسُ پيو حاصل ٿئي.
پرين جي پار، جي هيءَ ڪهاڻي هونءَ ئي پنهنجي ليکي لَکُ لهي، ليڪن لکندڙ جي لکڻيءَ، جملن جي جوڙجڪ، زبان جي سادگيءَ ۽ سهڻائيءَ، لفظن جي چونڊ ۽ بيهڪ ويتر منجهس جوڙ ۽ جنسار رکي ڇڏيو آهي. سفر جي تصوير لکندڙ اهڙيءَ ريت چِٽي آهي جو پڙهندڙ ائين پيو سمجهي، ڄڻ هو پاڻ به انهيءَ سونهاري سفر ۾ ساڻس هم سفر هو. سچل چوي ٿو:-

هوءَ جا ڪيچ وڻن مؤن، ٿي هِير اچي هاڻي،
تنهن، آرياڻي آڻي، ڄڻ مون سان اڄ ملائيو.

اهو ئي حال هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ٿئي ٿو، گويا پرهندڙ پاڻ پرين جو پار گهمي اچي ٿو. لکڻ جي قدرت ۽ لکڻ جو ڪمال اهو ئي آهي، جو لکندڙ پڙهندڙن کي به پاڻ سان گڏ کنيو هلي. اها وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي، جيڪا حڪيم محمد احسن هن ڪتاب ۾ حاصل ڪئي آهي.

حسام الدين راشدي
ڪراچي
30 مارچ 1961ع

پيش لفظ

[شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر تي پير حسام الدين راشدي تمام گهٽ لکيو، ليڪن جو ڪجهه لکيائين ان کي علمي حلقن ۾ وڏي وقعت حاصل ٿي. پير صاحب هي لکت مولانا دين محمد وفائي مرحوم جي ڪتاب ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ مطبع 1962ع ۾ پيش لفظ طور آيل آهي. ورندي سال 1963ع ۾ بمبئي جي رسالي ”ڪونج“ سنڌ نمبر ڪڍيو ۽ ساڳي تحرير ”شاه جي حڪمت“ عنوان سان ان ۾ به شايع ٿي. هن لکت مان ڪجهه ٽڪرا اي. جي. اتم پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه سچل سامي“ 1982ع ۾ پڻ شامل ڪيا آهن. ياد رهي ته اتم هي ڪتاب، راشدي صاحب جي نالي منسوب ڪيو آهي]

سوارهه دي بگذشتي و ماهنوز از شوق
نهادهه روءِ بخاک سم سمند تو ايم
نهال عمر، زباد اجل، فتادههه ازپائي
هنوز ما بهواي، قد بلند تو ايم

1949ع جا پويان پساهه هئا ۽ 1950ع جي اچڻ ۾ ڀانيان ڪا پهر پاڇي جي دير هئي. مولانا دين محمد وفائي مرحوم، سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيف تي هڪ ڪتاب پورو ڪري، ٻيو هٿ ۾ کڻي چڪو هو. ڳالهيون ته پيون هلنديون هيون پر اهو تريءَ تيل لائڻ نه ڏيندو هو ته ڪهڙو ڪتاب لکي چڪو آهي ۽ ڪهڙو رٿا هيٺ اٿس. جڏهن ملي تڏهن ڇڙو ايترو چوي، سو به هميشہ جي عادت مطابق مخصوص انداز ۾ وڏو ٽهڪ ڏيئي:

”ترس! پاڻهي هڪ ڏينهن ڏسندين.“

اهو ئي زمانو هو جو مولانا، نئين ڇاپي لاءِ ”الهام الباري“ جي تصحيح شروع ڪري ڏني هئي ۽ سنڌ جي قديم مشاهيرن تي پڻ هڪ جامع تذڪرو تيار ڪري رهيو هو. گويا اهي هئا چار علمي ڪم، جن مان ٻه معلوم ۽ ٻه نامعلوم.
لطف اللطيف – جنهن جو نالو پوءِ معلوم ٿيو، پريس ۾ هو. پهرين جز جو پروف مولانا پاڻ پڙهي چڪو هو(1). سنڌي مشاهيرن جي تذڪري جي تڪميل عنقريب ٿيڻ تي هئي. ”الهام الباري“ وفات کان اڳئين ڏينهن جي شام تي ثاني ڪندي سندس هٿ ۾ ڏٺم. باقي رهيو شاهه لطيف تي سندس ٻيو ڪتاب، انهيءَ جو هڪ نامڪمل فقرو سندس ڪَتُ مان نڪتل ئي هو جو قضا جي قلم جو وهڻ وهي ويو. يعني اجل جا چوبدار پرين سندي پار جو پروانو کڻي اچي مٿانئس بيٺا. مولانا سڀئي ڪم ڇڏي، بوڇڻ ڪلهي تي رکي، الله تو آهر چئي رب ڏانهن راهي ٿيو.

لڏي ويا ڇڏي، ڪاهي ڌڻ ڌراڙ
نڪا ڪوڪ ڪنڌين ۾، نڪا تڙ تنوار
ويچارا پنهوار، کِلندي رات کڻي ويا.

اتي ڀلا ڪنهن جي مجال هئي! ڪنهن دوست يار جي هلندي پڄندي هجي ها، ڪنهن جو هٿ پير هلي سهي ها، چَئُه اک جو ڪو چارو چلي ها ته هوند سندس دامن جا چار ئي پَلَو جهلي بيهون ها ليڪن:

دل شد مجاور، آنجاکه جامي
هذا فراقُ بيني و بينک

شاهه عبداللطيف رخه متعلق اهو پويون ڪتاب ”شاهه جو مطالعو“ جيڪو اڄ پورن يارهن سالن بعد مرحوم جو جوان سال جوان همت فرزند علي نواز وفائي، ايندڙ صفحن ۾ پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيو آهي. مون کي يقين آهي ته هر سنڌي ۽ لعل لطيف سان دلچسپي رکندڙ هي محب وطن، سنڌ جي انهيءَ پخته ڪار اهل قلم ۽ دانشمند مؤرخ جي هن آخري سوکڙيءَ ۽ پوئينءَ پيشڪش کي ساهه سان سانڍيندو.

لڏي ويا جي لوءِ، مون کي اُن کي جي پٽين وڃڻ پيو،
ڪو ڪو ڳُڻ قريب جو، من انگين اڙيو هوءِ،
هل ته پسون هوءِ، جي آهن ڍنگو ڍُهيل پرين جا.

جيئن هڪ مؤرخ جي تصنيف پنهنجي دور جي تصوير ٿئي ٿي، تيئن هڪ سچي ۽ صحيح شاعر جو ڪلام پڻ پنهنجي عهد جو آئينو ٿئي ٿو. فرق فقط هيترو آهي ته مؤرخ سوچي سمجهي، ٺهي ٺڪي، رٿي پهي ۽ گهڻو ڪري مصنوعي ۽ خارجي محرڪات جي تحت پنهنجي تاريخ کي تيار ڪري ٿو، ۽ شاعر سواءِ ڪنهن نسبت ۽ سبب خاص جي، سواءِ ڪنهن زور بار يا خارجي اثر ۽ اقتدار جي، پنهنجي ماحول جي سچيءَ پچيءَ هليءَ چليءَ کان، اٿي ويٺيءَ کان، ٿيندڙ حق يا ناحق کان، هلندڙ طور طريقي، دستور خواهه ريت رسم کان، محض پنهنجي دل جي گهُر تي ۽ محض پنهنجي ذاتي مشاهدي تي فطري طرح متاثر ٿي، ڪلام ۾ اُهي اُهي واقعات شعوري يا غير شعوري طرح آڻي ڇڏي ٿو، جو سندس سڄي عهد جي گويا سچي پچي تصوير چٽي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو مؤرخ جي لکڻيءَ تي ڏهه دفعا سوچ ڪرڻ لازمي ٿيو پوي ۽ شاعر جي ڪلام مان جيڪي تاريخي ۽ تمدني نڪتا هٿ اچن ٿا اهي گهڻو ڪري قابل قبول ٿيندا آهن. تنهن ڪري ئي جڏهن ڪنهن به خاص دور جي صحيح صورتحال لاءِ مواد ڏسڻو پوي ٿو، ان وقت نثري مجموعن سان گڏ نظم جو ذخيرو پڻ نظر مان ڪڍڻ لازمي، بلڪه از حد ضروري ٿيو پوي ٿو.
سونهاريءَ سنڌ جي سدا بهار شاعر، شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ٻارهينءَ صدي هجريءَ واريءَ سنڌ متعلق، تاريخي، تمدني ۽ جغرافيائي مواد ايترو گهڻو ملي ٿو، جو جيڪڏهن ان کي منجهانئس ويهي سوئجي ته هوند سنڌ جي انهن سَوَ ورهن جي تصوير گهڻيءَ حد تائين پنهنجي سچيءَ پچيءَ صورت ۾ اسان جي اڳيان اچي وڃي. ليڪن افسوس آهي جو انهيءَ قسم جي مواد کي شاهه جي رسالي سان گڏ ڪرڻ يا خصوصاً انهيءَ نقطه نگاهه سان رسالي کي ڏسي، ان مان مسالي ڪڍڻ جي ڪوشش اڃا تائين ڪنهن به سنڌيءَ ڪانه ڪئي آهي(1)، بلڪ شاهه جي زماني جو پس منظر پهريون دفعو جنهن ماڻهوءَ ڏنو، اهو مغربي عالم سورلي هو. جنهن به پنهنجي مواد ۽ خود شاهه جي ڪلام کي نه، بلڪ خارجي ذريعن کي اختيار ۽ استعمال ڪيو.
شاهه جي هم وطنن مان مرحوم مولانا دين محمد وفائي پهريون بزرگ آهي، جنهن خالص تاريخي ۽ تمدني نقطه نگاهه سان رسالي جو مطالعو ڪري، هڪ مستقل ڪتاب جو بنياد وڌو، جنهن جو نالو، مرحوم پاڻ ئي ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ رکي ويو. اهو خيال به، خدا بخشي، مرحوم کي غالباً انهيءَ ڪري آيو جو سندس ذهن ۽ فڪر، ٻئي تاريخي سانچي ۾ ٺهي تيار ٿيا هئا.
ڪتاب ۾ جيئن پڙهندڙ پاڻ ڏسندا، مولانا سڀ کان پهريان مختصر طرح ”شاهه جي سنڌ“ جو سياسي پس منظر آڻي ان ۾ شاهه جو جيڪي حصو آهي، ان کي ان جي ئي ڪلام مان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻه مُکُ ڳالهيون هي آهن.

1- ٻارهين صديءَ ۾ سياسي طرح سنڌ وڏي ڪوپ ۽ ڏاڍيءَ ڪشمڪش ۾ مبتلا هئي، مغلن جي غلاميءَ جو ڳچيءَ مان ڳٽ نڪتو ئي مس، هتان جي مقامي خاندان سنڌ جي سربراهي ڪندي آزادي ورتي ئي هئي جو مٿان اچي نادر نمودار ٿيو، ان کان اجل آجو ڪيو ته قنڌارن اچي مٿان ڪڙڪو ڪيو. هڪ دفعو نه بلڪل بار بار، گهران رسن تي سڌو سنڌ ۾ انهيءَ ڪري ته وڏن چيو:

جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو!

بهرحال، غيرن جي غلاميءَ ۽ ڌارين پي درپي ڏکوئيندڙ ڏاڍاين، شاهه جي ذهن کي اذيت پهچائي ۽ هن، انهيءَ هاڃي کان متاثر ٿي پنهنجي ڪلام ۾ مختلف پيراين ۽ پهلوئن سان ”ڏيرن جي ڏاڍ“ خلاف جهاد جوٽيو ۽ مسلسل غلاميءَ ۾ رهڻ سبب، وطن سان محبت ۽ پنهنجي گرد و پيش سان وفادار رهڻ جو احساس، جيڪو صدين کان ستل هو، ان کي جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڪوشش ڪيائين، جيئن سنڌين کي پنهنجي سماجي روايتن، ريتن ۽ رسمن سان پريت پيدا ٿئي ۽ غلامي سبب سنڌي سماج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ تي جيڪي ڌاريا ۽ مصنوعي اثر پيا هئا، انهن جا داغ ڌوئي اسان جي پوتيءَ ۽ پيراهن کي پاڪ ۽ صاف ڪري.

2- سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ مذهبي ڪشمڪش ۽ تعصب ڏاڍو گهڻو پيدا ٿي پيو هو، حضرت مخدوم محمد هاشم عليه رحمه جي سخت گير پاليسيءَ، سنڌ اندر عالم سڳورن جو هڪ اهڙو طبقو تيار ڪري ڇڏيو هو، جنهن تبليغ اسلام لاءِ گهڻي حد تائين تشدد آميز بلڪ غير اسلامي انداز اختيار ڪيا هئا، جيڪڏهن ڪنهن غير مسلم جي واتان الله، محمد ۽ رسول جو لفظ نڪرندو هو ته ورُ ڏئي ان کي حلقئه اسلام ۾ داخل فرمائي، يعني مروجه مخصوص محاوري مطابق ”مشرف به اسلام“ ڪري، پنهنجا ”تبليغي“ فرائض بجا آڻيندا هئا. انهيءَ جو لازمي نتيجو اهو نڪتو جو سندن طور ۽ طريقي ۽ انهيءَ لفظي ڦند ۽ ڦير غير مسلمانن کي ڏاڍو هول ۽ حراس ۾ وجهي ڇڏيو. اهي پاڪ نالا وٺڻ ته درڪنار ۽ بجاءِ خود رهيا، هنن پنهنجي چوٽيءَ ۽ ڌوتي جو خير ۽ تحفظ ان ۾ سمجهيو ته مرڳو اهي اکر اچارڻ ئي ڇڏي ڏين جن مان خطري جو امڪان هجي. چناچه ٻين لفظن سان گڏ رسو، چوڻ هنن انهيءَ ڪري ڇڏي ڏنو هو، جيئن دين جا مبلغ ان ۾ ”ل“ پنهنجي طرفان وجهي ”رسول“ بڻائي ڪو ممڻ نه مچائي وجهن. لسان الغيب حضرت حافظ جي چواڻيءَ ظاهر اکين کي اها خبر ڪانه هئي ته:

همہ کس طالب يا رَند، چہ هشيار وچہ مست
همہ جا خانہ عشق است، چہ مسجد چہ گشت
نا اميدم مکن از سابقه لطف ازل
توچه داني کہ پس پردهه، کہ خوبست وکہ زَشت
اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري هو جو اڍائي سون سالن (1)، جي مسلسل تسلط سبب ذهني طرح سنڌ ۾ تنزل ۽ پستي اچي چڪي هئي. آزاد ماحول ۾ دلين اندر جيڪا وسعت، قلب ۾ جيڪا ويڪرائي ۽ ڪشادگي ٿيندي آهي، فڪر ۽ نظم، علم خواهه عمل جا بلندي ۽ جز رسي، گهرائي ۽ گنڀيرتائي، حقيقت پسندي يا دور رسي ٿيندي آهي، سا سڀ ختم ٿي وئي هئي، تنهن ڪري رواداريءَ، برادريءَ پاڙيسرائيءَ يا هموطني ءَ جا جيڪي انساني ننگ خواهه اسلامي انگ، هڪ آزاد قوم ۾ ٿيڻ کپن، اهي سڀ هتان نڪري چڪا هئا، ۽ اهو سڄو خلم هو انهيءَ احساس ڪمتريءَ جو ٻاريل، جيڪا غلاميءَ جي ذلت ۽ پستيءَ جي پيداوار ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري غلام قوم جا افراد پنهنجي انهيءَ احساس کي مٽائڻ خاطر، هڪ غير فطري برتريءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي مصنوعي ريتون ۽ رستا پيدا ڪندا آهن. جن مان هڪ طريقو اهو پڻ آهي ته مذهبي فروعات تي خواه مخواهه زور ڏجي، مناظري بازي ڪري هڪ ٻئي مٿان سبقت ۽ برتري حاصل ڪجي، دين ۾ غير ضروري نمائش ڪري مذهب کان زيادهه پنهنجي ذاتي پاڪائي ۽ بزرگي جتائجي ۽ قطعي غير اسلامي طريقن جي وسيلي انسانن کي هڪ مذهب جي دائري مان زوريءَ گِهلي ٻئي مذهب ۾ داخل ڪري ان تي بگل باجا وڄائي، پنهنجي پدار کي آسودگي پهچائجي.
ملڪ اندر انهيءَ ڏڦيڙ وجهندڙ ۽ دلين جهڙي مٺي ۽ پياري دنيا ۾ ايتري ويڇي وجهندڙ پاليسيءَ، شاهه جهڙي صاف باطن صوفيءَ ۽ درد ڀري دل رکندڙ انسان کي سخت متاثر ڪيو. شاهه گهريو ٿي ته:

کفر کافر را و دين ديندار را
ذرهه دردِ دل عطار را

سو هن پنهنجي ڪلام اندر مکڻ، ماکيءَ ۽ مصريءَ جي انهيءَ حد تائين پالوٽ ڪري ڇڏي جو ترشيءَ، تلخيءَ، تنديءَ، ۽ تيزيءَ جو جيڪو ڊوز غير مسلمان پنهنجي هم وطن ڀائرن هٿان چکي چڪا هئا، اهو يڪلخت مٺ ۽ ميٺاج ۾ بدلجي ويو. ان جي شيرينيءَ سڀني کي ايتري قدر کنڊون ۽ کير پياري ڇڏيا، جو مولانا جي قول مطابق:
”هندن کي، جو ڪن اکرن اچارڻ ڪري مسلمان ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو سي به شاهه صاحب جي ڪلام کي پنهنجو سمجهي سنڌ ۽ سنڌ وارن کي پنهنجو سمجهڻ لڳا، ويدانت جي رنگ ۾ هندن واتان اسلام جون ڳالهيون چورايون ويون، جو هوند مذهبي ماڻهو سموري ڄمار مٿو کپائين ته به هڪ هندوءَ کان ان جو اقرار ڪرائي نه سگهن..... الله جي هيڪڙائي ۽ رسول جي رسالت جي قبوليت ۽ قرآن شريف جون آيتون شاهه صاحب، هندن جي واتان ان ريت چورائي ٿو، جيئن هڪ مسلمان چوي يا ان جو اقرار ڪري. هوڏانهن اهي اقرار جيڪڏهن شاهه جي زماني ۾ ڪڏهن مذهبي ماڻهوءَ جي اڳيان ڪو غير مسلمان ڪري ها ته جهٽ مٿس، مسلمان هجڻ جي فتويٰ ڏئي، کيس مجبور ڪيو وڃي ها ته اٿي اسان جي پَر ۾ گڏجي رهه...... صوفيانه رنگ ۾ سن جي هندن کي ان حد تائين پنهنجي ويجهو آندو، جو هو شاهه صاحب جي ٻوليءَ ۾ اهو سڀڪجهه چوڻ لڳا جو هڪ پڪو موحد مسلمان کليءَ دل سان چئي سگهي“(1).
انهيءَ مذهبي منافرت ۽ سختيءَ واريءَ پاليسيءَ مان شاهه کي سنڌي وحدت جي ٽٽڻ ۽ ملڪي آزاديءَ جي سلب ٿيڻ جو پڻ وڏي ۾ وڏو امڪان، بلڪ جائز خطرو آيو ٿي. کيس اهو ئي خيال هو ته انهيءَ ڦوٽ ۽ مذهب جي مصنوعي ڏڦيڙ مان افغاني حمله آورن، جن مغلن جي پڄاڻيءَ بعد ۽ نادر جي خونخواريءَ کان پوءِ هڪ نئينءَ بلا جي مهندارن اچي منهن ڪڍيو هو، تن جا پير پختا ٿيندا.
انهيءَ مذهبي ڇيڙ ڇاڙ جا وڏا مرڪز، انهيءَ زماني ۾، هونءَ ته گهڻا ئي هئا، ليڪن سڀني ۾ برک هو ٺٽو. جنهن تي صدين کان وٺي ڌارين جون هڪ ٻئي کان ڌار ڪندڙ پاليسيون اثرانداز هيون، ۽ ان کان پوءِ هئا مٽياري، هالا ۽ ملاڪاتيار جا شهر. اهي سڀئي مرڪز شاهه جي آس پاس هئا، اتي ٿيندڙ ڪارروايون رات ڏينهن ويٺو ڏسندو ۽ پسندو هو. ازان سواءِ ٺٽي ۾ جتي مخدوم محمد هاشم عليہ الرحمہ جو اسڪول قائم هو، جنهن مهراڻ جي اڻ کٽ موجن ۾ اڻ ڳاڻو لهرن هوندي به سنڌ کي عربي صحرا سمجهي، خدا ڄاڻي ڪهڙي خيال خاطر ”هاشمي ڪوزا“ ايجاد ڪيا هئا. اتي پڻ، شاهه جو گهڻو اچڻ وڃڻ هو. سندس ڪيترا دل گهريا دوست اتي موجود هئا، جن جون دليون نه فقط وسيع ۽ ويڪريون هيون، بلڪ آئيني وانگر اجريون ۽ کير جهڙيون صاف ۽ شفاف هيون، جن تي نڪو هو داغ ۽ نڪو هو ڌٻو. انهن جا قلب ايڏا ڪشادا هئا جيڏو ڪشادو آهي اسان جي مٺي محمد جو مذهب. انهيءَ شهر ۾ غيرن سان جيڪو سلوڪ هو سو ته هو ئي، پر خود اتي جي عالمن سڳورن جو، مذهبي فروعات تي پنهنجو پاڻ ۾ جيڪو جنگ و جدل ۽ مذهب جي آڙ ۾ ذاتي بغض ۽ عناد جو ٻارڻ ٻريل هو. جنهن اتان ٽڙي پکڙي سڄيءَ سنڌ جي فضا کي متعفن ڪري ڇڏيو هو، تنهن پڻ شاهه کي نه فقط وڌيڪ متاثر ڪيو بلڪ مجبور ڪيو ته انهيءَ سموري زهر لاءِ مٺ محبت، ساز سلوڪ جو ڪو موثر ترياق تيار ڪري.
هن ڪتاب جو مڪمل خاڪو، مولانا جي ذهن ۾ هو. ڇا لکي ها، ڇا منجهس آڻي ها، ڪهڙا ڪهڙا نڪتا بيان ڪري ها، مڪمل ڪرڻ تائين ڪهڙن عنوانن جو اضافو ڪري ها، ازان سواءِ نظرثاني ڪرڻ وقت ڪهڙيون گهٽ وڌايون ڪري ها؟ ان جي خبر هڪ ته رهي خود انهيءَ مرحوم کي، ٻي ڄاڻ رهي ڄاڻڻهار کي. پر جيتري قدر ۽ جيڪي ڪجهه لکي ڇڏي ويو آهي، اهو نه فقط پنهنجو مٽ پاڻ ۽ سنڌي ادب لاءِ هڪ غيبي نعمت آهي، ليڪن ان کان وڌ هيءُ ته! انهيءَ ڪتاب لکڻ سان موجوده ۽ آئنده لکندڙن لاءِ مولانا هڪ نئون رستو کولي ويو آهي ۽ هڪ نرالي شاهراهه ڏيکاري ويو آهي.
هن نامڪمل ڪتاب اندر، سياسي پس منظر کان پوءِ سنڌ جي رهڻي ڪهڻي، اقتصادي حالت، معيشت، واپار وڙي ۽ مال متاع، کيتي واڙي، اميري غريبي، سماجي زندگي، رسم ۽ رواج، قبيلا ۽ وٿاڻ، پکي پرنڀ، سپ بلائون، جهنگلي خواهه گهريلو جانور، مطلب ته، شاه جي ڪلام مان هر اها شيءِ مولانا پهرين پنجن فصلن منجهه آندي آهي، جنهن جو تعلق سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن سان هو. ڇهون فصل رسالي جي تدوين ۽ ان جي مخلف نسخن وغيرهه متعلق آهي. ستون فصل جيڪو نامڪمل رهجي ويو، سو آهي انهيءَ ڌارئي ڪلام تي جيڪو رسالي اندر گڏجي ويو آهي. انهيءَ ئي فصل ۾ ڪجهه اڳتي هلي هڪ فقرو اڃا لکي مس پورو ڪيو هئائين جو اوچتو اچي موت مٿانئس بيٺو! پو! نه ڇڙو ڪتاب ختم ٿي ويو پر! خود مصنف جي پنهنجي زندگيءَ جو صحيفو به پڄاڻيءَ تي اچي پهتو! يعني!

همين سو گئي، داستان کهتي کهتي.

حسام الدين راشدي
ڪراچي

5 آگسٽ 1961ع

_______

(1) انهي ڪتاب جو ديباچو وفات کان ڇهه ڏينهن اڳ يعني 5 اپريل 1950ع جو لکي پورو ڪيو هئائين.
(1) ممڪن آهي، انهيءَ ڏس ۾ ڪن صاحبن ڪي مختصر مقالا لکيا هجن. ڪن هندو صاحبن پڻ ڪنهن زماني ۾ ننڍا رسالا لکيا هئا پر انهن سڀني ۾ تحقيق جي بجاءِ تصور جو دخل زيادهه آهي.
(1)ارغونن کان وٺي مغلن تائين.
(1) ڏسو ڪتاب جو صفحو 70-72 (شاهه جي رسالي جو مطالعو). شاهه سائين جي انهيءَ دلڪش ادا ته سڀن جي دلين کي موهي رکيو ۽ اهو ئي سبب ٿيو جو مسلمانن، کان وڌ، شاهه جي ڪلام جا پارکو هندن منجهه پيدا ٿيا ۽ پيدا ٿيندا رهن ٿا. سرڳواسي ليلارام، ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر گربخشاڻي، لالچند امر ڏنو مل، ڀيرو مل مهر چند، ڪلياڻ آڏواڻي، رام پنجواڻي، فتح چند واسواڻي، پروفيسر جهمٽ مل ۽ ٻين سمورن هندو مشاهيرن جون خدمتون انهيءَ ڏس ۾ ڪير آهي جو وساري سگهي ٿو؟

حقيقت حال

[محمد جمن هالي جي شعري مجموعي ”سوز عشق“ تي لکيل حقيقت حال. هي ڪتاب 1963ع ۾ ڇپيو]

بت جو ڀريل، قد جو نه منڌرو نه ڊگهو، وچ ٿرو ڏاڍو ٺاهوڪو. رنگ جو پڪو پر دل جو بيحد نرم، سُنهاري ندارد، شهپرن جي ڇڙي ريک، جيڪا چپن مٿان لئي لاتيون بيٺي آهي. عمر جوانيءَ مان پار پَئي، اچي انهيءَ منزل تي پهتي آهي جتي، وارن ۾ پَريا پري کان پيار نظر اچن.
ترڪي ٽوپي سڄي ملڪ منجهان تَرڪُ ٿي وئي، ليڪن سندس مٿي تي اڃا به موجود. احمد موسيٰ جي مٺي در واري دڪان تان خريد ٿيل يا خدا ڄاڻي بابا مير محمد بلوچ جي ڇاپ مان ورتل، پر ڊبل شير گولي واري قيمتي ۽ ڪاري ڦندڻ سان. رنگ جي رتائين اهڙي لال. ڄڻ عاشقن جي رتوڇاڻ مان ڪنهن ويهي ڏاڍيءَ دلجمعيءَ سان رڱيو اٿس. بت تي صاف استري ٿيل پوشاڪ. پاپلن يا ٽوئل جي سفيد ڪالردار قميص، جنهن مٿان هلڪي رنگ جو شارٽ ڪوٽ، شلوار جهوڙيدار چُڻن سان بنهه ٺاهوڪي ۽ پيرن ۾ انگريز گرگابي.
پري کان لمندو لڏندو ايئن پيو ايندو، ڄڻ هاڻي پيالا پيون، پُر ٿيو ميخاني منجهان پيو اچي. منهن تي مشڪ ۽ مرڪ اهڙي مزيدار جو ڏسندي ئي، هيانءُ ٺري پوندو ۽ دل شاهدي پئي ڏيندي ته دولهه مڙس سان منهن ميل پئي ٿئي.

شادين مرادين تي سهرن ڳائيندي مايون چونديون آهن؛-

ڏند ادل جا، ماڻڪ موتي
او! اکڙن جوڙ بنايو!

سو سندس ڏند به جي ماڻڪ موتي نه تڏهن به، سپ جهڙا سفيد ۽ اهڙا هڪ ڪرا، جو ڪنهن محبوب جا هجن ها ته هوند، انهن جي واکاڻ مان شاعر ڍاپن ئي ڪونه ها. جڏهن ٽهڪ ڏئي کلندو ته گويا بادلن منجهان کوڻ تجلو ڏئي ورتو. اکيون چيريون، جن مان نيڪيءَ ۽ شرافت جو آب ۽ حجاب، صاف پيو بکي.
اهو آهي سروپا ميان محمد جمن هالي جو! جيڪو رهي ته ڪراچيءَ جي ڪنهن جهوني پراڻي محلي ۾ ٿو، پر وسي رسي ٿو سڄيءَ سنڌ جي دل ۾. ڌنڌا ٻه ڪندو آهي هڪ پنهنجي قوت گذر لاءِ ۽ ٻيو اهل دل جي روحاني غذا لاءِ. يعني گچ ۽ گاري جون ماڙيون ۽ محلات اميرن کي اڏي ڏيندو آهي ۽ شعر و سخن جي ڪاڪ محل جوڙيندو آهي، انهن آوارهه گرد انساني روحن لاءِ، جيڪي تائي تتيءَ جي تاب ۽ تپش کان درماندا ٿي، امن ۽ راحت خاطر وتندا آهن دلن جا وٿاڻ ۽ ڇانوهرا ڳوليندا.
ڪراچيءَ جي سنڌي شعر و سخن جي سڀا – اڄ جهڙي سخت سمي ۾ - جن چند پاڪ روحن جي سببان آباد ۽ شاد آهي، انهن منجهان هڪ محمد جمن هالو به آهي. جيڪو شريفاڻي گذر بسر جيتري رقم اوٽ رکي، باقي سڄي ڪمائي، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ خاطر وتندو آهي ”چانهه پاڻيءَ“ ۾ خرچ ڪندو.
تنهن ڏينهن پنهنجي خاص لکيڻيءَ لوڏ سان، مرڪندو ۽ مشڪندو اچي مون وٽ پهتو. پنهنجي ڪلام جو مجموعو ”سوزِ عشق“ هٿ ۾ ڏئي حڪم ڪيائين ته؛ ان لاءِ آءُ پنهنجي راءِ لکي ڏيان. حڪم نادري هو! جيتوڻيڪ مٿي کنهڻ جي واند ڪان هئي ليڪن جواب جي مجال ڪٿي؟ سندس مرڪ اڳيان نه فقط پاڻ هٿيار ٿيڪي ويٺس بلڪ، منهنجي مصروفيتن به ائين کڻي آڻ مڃي جهڙيءَ ريت محبوبن جي مهن مقابل عاشقن جا ڇهه ڇڄي پوندا آهن.
ڪتاب وٺي رکيم. اڄ صبح جو بينڀراڪي وير اٿڻ سان ئي من تي مونجهه ۽ دل تي اداسي محسوس ٿي. سامهون مولانا جاميءَ جو ديوان رکيو هو، چاهيم ته روح ٻيءَ وجهان، کڻي جو کوليان ته مرڳوئي جيءُ جهوريءَ پئجي ويو. شعر هو:-

رفتي و من، ملازمِ اين منزلم هنوز
ز آبِ مزه بکوي تو، پا در گلم هنوز

ٻيو شعر هو:-

اي گشته، دل ز تيغ جفائي تو ام دونيم!
بامن دو دل مباش، که من يک دلم هنوز

دلن جا معاملا ۽ مسئلا اور ٿين ٿا. اِها دنيا ئي الڳ آهي، جتان جي هلي چلي الڳ ته جتان جا رسم ۽ رواج جدا. سو دل کي جيڪا ٽيڪ ملي سا ته گهوري اُلٽو مٿان ڄڻ ٽڪر ٽٽي پيو. جامي ڇڏي جمن کنيم، خيال هو ته ان جو ديباچو لکي دوست جو انگل به پورو ڪريان ۽ پنهنجو روح به ٻيءَ وجهان. ليڪن واءِ ناڪامي.

بهر کجا که رسيديم، آسمان پيدا ست
ان ۾ به ساڳي ڳالهه سامهون پئي:-

اسين اُداسي آهيون جنهن جا
مُحبُ اُهو، ڪينءَ مٽيئون يار!

.... .... .... ....

ڪينَ وڃن سي دليون ٻي در
جانب جيڪي جهٽيون يار!

جلدي پنون اٿلايم. وري به ڳالهه اها ئي:-

محبت مون کي سيکاري يار!
محبت کان تو، منهن آهي موڙيو
دلبر دل کي ڌُتاري يار!

محبت کان تو، منهن آهي موڙيو

.... .... .... ....

دل کي دلاسا، يار ڏنا تو
غير کان ناتا، منهنجا ڇنا تو!
هر هنڌ آهي يار ثنا تو
ڀر ۾ مون کي بيهاري يار!

محبت کان تو، منهن آهي موڙيو

.... .... .... ....

اوکيون اکيون، يار اَڙائي
سوليءَ تي، منصور چڙهائي!
باب بِرههَ جا، پَلَ ۾ پڙهائي
ماڻن مان مُکي ماري يار!

محبت کان تو، منهن آهي موڙيو

اڄ ڪو صبح ئي اهڙو هو، نه ڄاڻ سندس پنهنجي فطرت جو به لڙيءَ رات کان وٺي ڪو احوال دگرگون هو. وڌيڪ ورقن اٿلائڻ جي پچر کڻي ڇڏيم. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته اڳتي ست ساري ڪونه سگهيس. اها ”حقيقت حال“ ٻڌي اٿم ته منهنجو دوست، مون کي معذور سمجهي معافي ڏيندو.

آزردهه دل، آزردهه کند انجمني را!

حسام الدين راشدي
ڪراچي

21 مئي 1963ع

ديباچو

[جناب غلام علي الانه ”عاجز“ جي شعري مجموعي ”ڪي پڙاڏا ڪي سڏ“ تي لکيل ديباچو. هي ڪتاب سال 1981ع ۾ ڇپيو]

جناب جي. اَلانا جي شخصيت ۽ وجود حيرت ۾ وجهندڙ آهي. آءُ سندس انساني خوبين جو انهيءَ دور کان معترف آهيان جڏهن پاڻ 1930ع ۾ انگريزي ۾ هفتيوار اخبار ڪڍي ”سنڌ جدائي“ واري يڌ ۾ سنڌ جي ماڻهن سان همدوش ٿي بيٺو. پاڻ انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ جي مسلمانن ۽ هتان جي انگريزي دان حلقه ۽ بحيثيت ليکڪ ۽ انگريزي نثر نويس جي نهايت مقبول ۽ هڪ خاص مقام جو مالڪ هو.
جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن تيئن سندس ذهانت، قومي احساس، ۽ طبيعت جي گوناگون وصفن تان پردو هٽندو ويو ۽ معاصرن لاءِ سندس ذات حيرت ۽ اچرج جو باعث بڻجي وئي. الانا احب هڪ ئي وقت، صحافي، سياسي رهنما، پارليامينٽري زندگيءَ جو ڄاڻو، ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر، آغا خان جو وزير، الغرض سنڌ اندر خواهه پوءِ پاڪستان ۾ ڪابه حيثيت ۽ عزت اهڙي ڪانه هئي جيڪا هن صاحب نه ماڻي. هن فضا مان جڏهن ٻاهر جو رخ ڪيائين، تڏهن وري ڏسندي ڏسندي بين الاقوامي ادارن ۽ ايوانن ۾ ڇائنجي ويو. دنيا جي امن و امان ۽ انساني حقن لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ ڪوشش، انهيءَ دور واريءَ سندس زندگيءَ جو درخشان ۽ يادگار باب آهي ۽ دنيا جي حلقن ۾ تسليم شدهه امر آهي.
انگريزي ادب سان سروڪار ته جوانيءَ کان ئي هيس ليڪن اسان کي تڏهن حيرت ٿي جڏهن مغرب ۽ دور مشرق جي ادبي حلقن، علمي ادارن ۽ موقر دانشگاهن سندس انگريزي نظم ۽ نثر جي قوت ۽ قلم جي زور کي تسليم ڪيو، ساراهيو ۽ کيس اعزاز ڏنا. اهو سڀ ڪجهه ڪو معمولي ڪارنامون نه آهي! اسان سنڌ جي رهاڪن ۽ پاڪستاني باشندن لاءِ سندس وجود ۽ سندس شخصيت واقعي افتخار جو سبب بڻجي پئي آهي.
مصنف جي حيثيت ۾ الانا صاحب جا ڪيئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جيڪي ادبي حيثيت سان نهايت ئي ممتاز مقام جا حامل آهن. ليڪن اهو سمورو ادبي ۽ علمي سرمايو انگريزي زبان ۾ آهي جنهن مان ممڪن آهي ته پنهنجي وطن جي ماڻهن پورو فائدو نه ورتو هجي. هن وقت الانا صاحب پنهنجي اباڻي زبان سنڌيءَ ڏانهن توجهه ڪندي پهريون ئي ڪتاب نظم ۾ مڪمل ڪيو آهي جيڪو آئندهه صفحن ۾ پڙهندڙن وٽ پيش ٿي رهيو آهي. مادري زبان هجڻ ڪري ان جو نثر شايد لکڻ سولو هجي، پر نظم سو به ڪلاسيڪي اصنافن ۾ چوڻ بيحد مشڪل ۽ تمام اوکو مسئلو آهي. ڪتاب کي ڏسي تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته ذهانت ۽ ڏات خداداد ٿئي ٿي. جنهن کي نصيب ٿئي، جنهن کي ملي! هر ڪنهن جي وس ۽ اختيار جي شيءِ نه آهي. قدرت ضروري نه آهي ته سڀ سان فياض هجي.
ڪي پڙاڏا ڪي سڏ، الانا صاحب جي سنڌي ادب ۾ سندس دسترس جو مظهر اسان جي سامهون آهي. هي ڪتاب ٽن حصن ۾ وراهيل آهي، پهرين حصي ۾ بيت، ٻئي ۾ ڪافيون ۽ آخري حصو آزاد نظم تي مشتمل آهي. پهريان ٻه حصا ظاهر آهي ته اسان جي ڪلاسيڪي صنفن ۾ آهن، جن جو مدار خاص ماحول، روايتن، سنڌي تهذيب ۽ تمدن تي ٿئي ٿو ۽ جنهن ۾ خصوصي استعارا، تشبيهون، ۽ محاڪات ڪتب اچن ٿا. ازان سواءِ تصوف جي چاشني به انهن صنفن جو لازمي جزو ٿئي ٿي. اِهو سڀ ڪجهه اُهو ماڻهو ڪاميابيءَ سان پنهنجي ڪلام ۾ آڻي سگهندو، جيڪو انهيءَ خاص عرفاني ماحول ۽ زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هوندو. الانا صاحب شهرن ۾ زندگي بسر ڪئي آهي. مغربي زبان ۽ ادب سان سندس سروڪار رهيو آهي. سندس ادبي مطالعو به بظاهر يورپي لٽريچر جو رهيو آهي. ليڪن حيرت ٿئي ٿي ته هن صاحب بيتن ۽ ڪافين ۾ انهن صنفن جي سڄي ساز و سامان کي ايڏيءَ قابليت ۽ ڪاميابيءَ سان ملحوظ رکيو آهي، جو يقين ٿئي ٿو ته هي اڪتسابي نه بلڪ وهبي ڪرشمو آهي. يعني:

اين سعادت بزور بازو نيست
تانه بخشند خداءِ بخشندهه!

الانا صاحب جي بيتن خواهه ڪافين ۾ اسلامي تعليمات، تصوف ۽ عرفاني رازن ۽ رمزن جا تمام گهرا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي سندس فڪر جي سلامتي، اسلاميات جي اونهي مطالعي ۽ مشاهدي جو پتو ڏئي رهيا آهن. سموري ڪتاب ۾ ڪو به عامي خيال ۽ بزاري تصور ڪو نه آيل آهي، جيڪو سندس فڪر جي پختگيءَ ۽ طبيعت جي سلامت رويءَ جو دليل آهي.

ڪلام ۾ بنيادي طرح حضرت شاهه لطيف سچل سرمست جا روح ڪارفرما نظر اچن ٿا. شاعر انهن ٻنهي بزرگن جي رنگ ۾ رتل آهي. سٽ سٽ جي رڳ ۽ ريشي ۾ انهن جو عرفان محسوس ٿئي ٿو. مثلاً شروع واري بيت ۾:

سرور تون ستار، اجها عالم آسرا
دائم قائم تون سدا، ڏيهن جا ڏاتار
مالڪ، خالق، خلق جا، مڙني جا مختيار
پرور پالڻهار، مهر ڪر مسڪين تي!

حضرت شاهه جو روح ٻولي رهيو آهي اهڙيءَ طرح هيٺين بيتن ۾ به واضح طرح شاهه جو رنگ موجود آهي:

تو ۾ اٿم آس
تن من آهه اداس

آدم اعليٰ تون ڪرين
مون کي ڪهڙي اون

آيتون الهامي آهين
هوامر الاهي آکين

تون پڙاڏو، تون سڏ
لاثاني! لافاني!

ويهــــــــه مَ وک وڌاءِ
تنهان پوءِ ملندياءِ


ٻانهيءَ تي ڪا ٻاجهه ڪر
سرهو ڪر سچا ڌڻي

رڪ بنائين سون
ڳڻي ڳڻيان ڳڻ ڪيترا

بيت ٻانهيءَ جو ٻولي
وايون وڻندڙ هي ٿيون

تون ڏيو تون روشني
والي! واحد تون وڏو!

رکــــــــــــــــج آسَ الله ۾
واڌائي وصال جي

-----

ڏکيو ٿيو سفر سُجهي
ساٿي نه جت سنگتي
ات جهليندو ڏاتار

حيات جي هُن پار
نه ڪو مددگار
ٻانهيءَ جو هٿ ٻاجهه سين
-----

نانءُ نينهن ڳنهن جي
ســــبـــــق پــــڙهــــــن نه ٻــــــيـــــو

-----

پـــنـــــڌ پـــــري مــــنــــزل ڏور
انــــــــدر نـــــــور ئــــــــي نـــــــور

نبري ڪا نه نينهن ريءَ
جي دلبر سارين دلي سان

-----

جــــهــــــوليءَ ۾ جــــهــــــــلـــيـــمُ
آئـــــــــــــون ته مــــــڱــــــــڻــــــــهــــار

جـــــيـــڪــــي ڏنــــو ڏاتــــــار
ڪوڙين ڪرم ڪريم جا

-----

جــــــــوڳــــــيــــــــئــــــــڙا جـــــــــــــــــاڳن
خــــــــوديءَ کــــــــــــــي کــــــــائــيــــن

پـــــيـــــا الله! اُچــــــــاريـــــــــن
سرجون صـــدائـــــون هـــڻـــن

-----

آديـــــــــســـــيــــــــن آديءَ اٿــــــــــــي
ســـــــڪ ســـــيــــــن ســـــاريــــائــــون

انـــــــــــــــــدر اوريـــــــــــائـــــــــون
پـــــــريــــن پـــــرور پانهنجو

------

گــــــــيــــــڙو ســــنـــــدن لــــــبـــــاس
ســـــــي جـــــوڳــــي پــــيــــا پــــــار

ڳــــــــلـــــــــي ڌاڳـــــــــن هــــــــــار
جن روح ۾ رب ريجهائيو

------

مٿين چند بيتن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شاهه جو ڪيتري قدر نه شاعر جي ذهن ۽ فڪر تي قبضو آهي. اهڙيءَ طرح ٻيو اثر آهي مٿس سچل سرمست جو، جنهن جا اهڃاڻ به ڪلام ۾ گهڻي حد تائين موجود آهن.

چوي ٿو:

ڇا مــــســــجـــــد؟ ڇـــــــا مــــنـــــدر؟
الــــــــــــــک وســــــــــــــي انــــــــــــــــدر

گــــرجــــــــا ٽــــــڪــــاڻـــــن ۾!
هر هنڌ حاضر حق ٿيو!

------

پــــــــــــاڻ کـــــــــــــــــي ســـــــــڃــــــــــاڻ
آئــــــــــون کـــــــــــڻ نـــــه ســـــــــــــاڻ

ورق ســـــــــڀ وســـــــــــــــار
اڃـــــا پــــنــــڌ پـــــري ٿـــيـــــو

------

آئون انسان! آئون امر!
آئون قطرو منجهه درياه

آئون جوت! آئون دانا
عابد، ساجد آهيان

------

دلبر ديرو دل ۾
پــــــــــــــــريــــــــــــنءَ پــــــــــــيـــــــــالـــــــــو

ٿــــيــــــــــو انــــــدر اجـــــــالــــــو
پياريو عشق عــمــيــق مــان

------

نــــســـل رنــــگ تــــــرڪ ڪـــــري
عــــشـــــق جـــــــــو چـــــــرخـــــــــو اڏ

مـــسجــــــد مــــــنــــــــدر ڇـــــــــڏ
ته پرين پسين پاڻ وٽ!

------

ڇا ذات ڇا ڪُذات
جن وسايو وهم

آدم مـــــــڙيـــــــو ئـــــــــــــي آدم
ســــي ئـــــي پـــهـچي پار پيا

------

پڙهيئي نمازون سدا
انـــــــــــــدر تـــــــــــــــــــــون اُجــــــــــــار

روزا رکـــــيــــــئــــي يـــــــــار
ته رڙهـي رســين رام کي!

الانا صاحب جي هن ڪتاب جو اول تا آخر اهو ئي رنگ آهي. ساڳي مستي ۽ موج ڪافين ۾ به آهي. بهرحال سندس هيءَ سوکڙي سنڌي ادب لاءِ املهه تحفو آهي ۽ جهڙيءَ طرح هُن صاحب انگريزي ادب ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪيو آهي. تهڙيءَ طرح سنڌي ادب جي تاريخ ۾ به هي ڪتاب پيش ڪري هن پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي. جنهن لاءِ کيس جَسُ ۽ مبارڪون هجن!
ڪتاب جي ترتيب، تصحيح ۽ پروف ريڊنگ، اسان جي نوجوان اديب ۽ شاعر جناب عنايت بلوچ صاحب نهايت سليقي ۽ خوش ذوقيءَ سان ڪئي آهي جنهن ڪتاب جي معنوي ۽ صوري حيثيت جو حسن دوبالا ڪري ڇڏيو آهي. جزاڪ الله.


حسام الدين راشدي
ڪراچي

13-1-1981

مهاڳ

عنايت بلوچ جي ڪتاب ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ تي لکيل مهاڳ. ڪتاب سال 1981ع ۾ شايع ٿيو1947ع ۾ برصغير جو ورهاڱو ٿيو، سنڌ پاڪستان ۾ آئي، ۽ لکن جي تعداد ۾ غير مسلم آبادي هتان لڏي هندوستان هلي وئي. انگريزن جي راڄ ۾ هندن کي هتي نه رڳو اقتصادي برتري حاصل هئي پر ادب، ڇپائي، صحافت ۽ ادبي توڙي سماجي تحريڪن ۾ به هو مسلمانن کان اڳتي هئا. جڏهن ملڪ نئون ٺهيو ته نئين مخلوق به اچي پهتي. هتي جا اصلوڪا رهاڪو انهيءَ انقلاب ۽ آباديءَ جي اُٿل پُٿل مان پيدا ٿيندڙ صورتحال، نتيجن جي اندازي ۽ اثرات کان نه آگاهه هئا ۽ تيار. سماج جو هر طريقو ۽ زندگيءَ جو هر شعبو متاثر ٿيو ۽ ڪيترن ئي سالن متحير رهيو. جتي لڏي ايندڙ آباديءَ کي مسئلن سان سابقو پيو اتي اصلوڪن رهاڪن کي به اڪيچار مشڪلاتن سان منهان منهن ٿيڻو پيو، جيڪو انقلاب يا وڏي ڦير ڦار جو قدرتي نتيجو ٿئي ٿو. انهيءَ سموري عمل جو ردِ عمل اسان جي زبان، ادب ۽ اديبن تي پيو جيڪو انهيءَ اوچتي آپدا لاءِ اڳواٽ تيار نه هئا تنهنڪري فوري طرح پاڻ سنڀالي نه سگهيا. مٿن اچرج، نااميدي ۽ نراسائيءَ جي ڪيفيت طاري ٿي وئي.
..........

ڪنهن انقلاب مان جتي نقصان پهچي سگهن ٿا اتي فائدن جي اميد به رکڻ کپي. انقلاب فقط نااميدي، مايوسي ۽ تباهيءَ جو نالو نه آهي بلڪ بيداري، جدوجهد ۽ سجاڳيءَ جو سنيهو به ٿي سگهي ٿو، يا کڻي چئجي ته هڪ جوڻ بدلائي الهوٽ ننڊ مان اٿي کڙي ٿيڻ ۽ نواڻ اچڻ جو پيغام به ٿئي ٿو، ۽ سنڌي ادب جي سلسلي ۾ ٿيو به ائين. نا اميدي ۽ بيوسيءَ جي سمنڊ مان آسري ۽ سجاڳيءَ جي هڪ اهڙي لهر اُڀري جنهن سنڌ جي ادبي دنيا کي سيراب ڪري ڇڏيو. ادب، فنونِ لطيفه ۽ آرٽ جي سڀني صنفن ۾ سجاڳي ۽ نواڻ جو دور (Renaissance) اچي ويو.

.......

سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف عليہ رحمة جي روايتن جو تسلسل توڙي جو ڪڏهن به ٽٽو نه هو ليڪن ٽالپورن جي صاحبيءَ ۾ شهرن اندر ”غزل“ جي شڪل ۾ هڪ ادبي شوشو شروع ٿيو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ذهن، فڪر، زندگيءَ ۽ روايتن جو حاصل ۽ حامل نه هو. غزل جي سڄي جوڙجڪ، ان جون سموريون تشبيهون، استعارا ۽ مال مواد فرضي ۽ اهڙيون هيون جيڪي سنڌ جي اکين نه ڪڏهن ڏ‎ٺيون ۽ نه ڪنن ڪڏهن ٻڌيون هيون. شهري شاعرن غزل چئي نه ڇڙو پنهنجو وقت ضايع ڪيو بلڪ سنڌ جي نازڪ ۽ صاف زبان ۾ گندگيءَ ۽ عفونت جا انبار ڪٺا ڪري ڇڏيا. اصل ۾ شهر جا شاعر پنهنجي تهذيب، تمدن، روايتن ۽ فڪري نزاڪتن کان يڪسر بيگانا ۽ هڪ اهڙي دنيا ۾ هروڀرو جاکوڙ ڪندا رهيا جنهن جو حاصل ڪجهه به نه هو، يعني سندن ”فرموادات“ ۽ ”ارشادات عاليه“ سنڌ ۾ نه مقبول ٿي سگهيا ۽ نه اهي اسان جي ادب ۽ ادبي تاريخ جو جزو بڻجي سگهيا. اهو هڪ نامعقول دور هو جيڪو ٽالپورن جي حڪومت کان شروع ٿيو ۽ انگريزن جي زوال واري زماني کان ٿورو اڳ پنهنجو موت مري ويو. افسوس فقط اهو آهي جو ڪاغذ ڪارا ٿيا ۽ وقت زيان ويو. اڄ نه انهن شاعرن جو ذخيرو قابِل قدر آهي ۽ نه اهي شاعر ڪنهن کي ياد ئي آهن.

.......

سنڌ کي پنهنجي تهذيب، پنهنجو تمدن ۽ پنهنجو فڪر آهي جنهن جي اظهار جا ادبي ذريعا به وٽس پنهنجا ۽ مخصوص آهن جن کي ڪافي ۽ ڏوهيڙو چئجي ٿو. انهن جا استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون پنهنجون ۽ نج ملڪي آهن. اهي، جيڪي هتان جو ماڻهو اکين سان ڏسي ٿو، جن سان صدين کان سندس سروڪار آهي ۽ پيڙهين کان سندس پيچ پيل آهي. مسلسل نظم جو به سنڌ کي پنهنجو نمونو آهي جنهن ۾ داستان ۽ پنهنجي تاريخ جا ڪارناما بيان ٿيل آهن. تنهن کان سواءِ سر ۽ ساز به پنهنجا ته تند ۽ تنوار به پنهنجي آهي. باوجود هن جي جو سنڌ تي صدين تائين ڌارين جي قبضي جي پيڙا رهي، غيرن جو تسلط ۽ تمدن قابض رهيو، ٻاهرين جون رسمون ۽ رواج حاڪماڻي ڏاڍَ ۽ ڏَڍَ تي نافذ رهيا، ليڪن سنڌ ۽ سنڌين جي پنهنجي فطرت ۽ فڪر تي نه اثر انداز ٿي سگهيا ۽ نه انهيءَ کي زائل ڪري سگهيا. سنڌ جي حُسن جي پرک پنهنجي، عشق جو معيار جدا، محبوب جو تصور مخصوص ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جذبن ۽ احساسن جو اظهار انتهائي نازڪ ۽ بازاري خواهه اوباش طرز کان پاڪ ۽ صاف ٿئي ٿو. سنڌي شعر ۾ ڪڏهن به عاميانه ۽ اخلاق کان ڪريل نه خيال هوندو ۽ نه تصور. ڳالهه توڙي جو مجاز کان شروع ٿيندي ليڪن انت وڃي حقيقي عشق سان ٿيندس.

.......

شهرن جي غلبي ۽ پنهنجي ادبي ورثي کان بيگانگيءَ سنڌي ادب تي جيڪو سڪتو طاهري ڪيو هو، هندن ۽ مسلمانن جي ڪجهه روشن خيال نوجوانن جي اک پٽڻ ۽ ڪوشش سان پاڪستان کان چند سال اڳ ٽٽڻ شروع ٿيو هو. انهن اديبن پنهنجي وڃايل روايت کي، جنهن جا مهندار شاهه سائين، سچل سرمست ۽ ٻيا ڪيترا ڪلاسيڪل شاعر هئا، وري نه فقط زندهه ڪرڻ جي ابتدا ڪئي بلڪ نئين زماني ۽ ايندڙ حالتن جو جائزو وٺي سنڌي شعر ۾ نواڻ پيدا ڪري، ان ۾ زندگي خواهه ملڪي ۽ سماجي ضروتن سان مطابقت پيدا ڪئي ۽ ان کي جاندار ۽ هڪ حقيقت جو روپ وٺرايو. ليڪن اڃا انهيءَ سجاڳيءَ جي ابتدا ئي هئي ته 1947ع وارو انقلاب آيو جنهن ۾ لڏپلاڻ هڪ دفعو وري ملڪ جي سڄي صورتحال سان گڏ ادبي ماحول تي به اثر ڪيو. نااميدي ۽ مايوسيءَ جو دور ٻيهر شروع ٿيو جيڪو هليو ته چند سال پر انهيءَ کان پوءِ هڪ غير معمولي ذهني ۽ فڪري انقلاب پيدا ٿيو. حقيقت ۾ اهو هڪ معجزو هو. ڪنهن کي به اميد نه هئي ته سنڌي شعر ۽ ادب انهيءَ بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ اُسري سگهندو، ليڪن آفرين آهي اسان جي نئين نسل جي جوان سال شاعرن ۽ اديبن کي جن نه فقط ڇڳل تندون وري گندي ورتيون پر پنهنجي سڄي ادب ۽ ثقافت کي نئين سر جوڙي حيرت ناڪ انقلاب آندو ۽ انهيءَ ورثي کي آسمان تائين پڄائي دنيا جي آبرومند زبانن جي بهترين ادب جي صف ۾ آڻي بيهاريو.

......

اهو سمورو انقلاب 30-32 سالن جي قليل مدت ۾ آندو ويو. هڪ فرد جو ارادو ۽ عزم به پنهنجي جاءِ تي اٽل ٿئي ٿو، پر جڏهن پوري قوم ڪو فيصلو ڪري ٿي ته پهاڙن کي به پنهنجي جاءِ تان هٽڻو پوي ٿو. اسان جي نئين نسل جي اٽل فيصلي به نا اميديءَ واريون حالتون ختم ڪري هڪ اهڙي دنيا پيدا ڪري ڇڏي جنهن تي زوال نه اچي سگهندو. هميشہ هميشہ لاءِ، انشاالله.
.......

هن وقت سنڌي ادب جي ڪا به اهڙي صنف نه آهي جنهن ۾ ترقي نه ٿي هجي يا نواڻ نه آئي هجي. انهيءَ سلسلي ۾ نه فقط پنهنجي پراڻين روايتن کي جياريو ۽ سنواريو ويو آهي پر سنڌي ادب ۾ خارجي اثرات ۽ رجحان به اهڙي انداز ۾ آندا ويا آهن جو اهي پنهنجا ٿا لڳن، جنهن لاءِ نوجوان نسل اسان سڀني جي مبارڪن جو مستحق آهي. هنن ٻن محاذن تي لڙائي لڙي ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪئي آهي: هڪ ته غزل لا يعني صنف جي پوئلڳن کي، جيڪي لڪير جا فقير بڻيا ”مهانڊا ۽ مهندار“ شاعر ٿيا ٿي وتيا، ادبي ميدان مان هڪالي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ ٻي يُڌ ادبي صنفن جي تاريخي روايت کي نئين سر زندهه ڪري ان کي اهڙي آبرومند مقام تي آندو جو اسان سڀني جو ڳاٽ اڄ اوچو ٿي ويو آهي. اها جدوجهد ۽ اها فتح، ڪامراني ۽ ڪاميابي هڪ لازوال تاريخي واقعو آهي جيڪو آئيندي جو مؤرخ نهايت فخر سان لکندو.
......

اڄ اسان جو ادب، اسان جو شعر، اسان جو افسانو، اسان جي تاريخ سڀ واقعاتي ۽ زندگيءَ جي روزاني روئداد سان وابستہ ۽ پيوست آهن. حادثن، نا اميدين، زندهه رهڻ جي ڪشمڪش ۽ مسئلن سان تصادم سڀني کي سجاڳ ڪري ڇڏيو ۽ اڄ نه فقط شهر پر ڳوٺ، وستيون ۽ واهڻ سڀ ادبي تحريڪ جا مرڪز ٿي ويا آهن. هر هنڌ هڪ ئي تند ۽ تار، هڪ ئي سر ۽ ساز آهي.
انهيءَ تحريڪ جي سلسلي ۾ جنهن کي اسان سنڌي ادب جو RENAISSANCE چئي سگهون ٿا، سوين ناميارا نالا اچن ٿا جن جو هتي ذڪر ڪرڻ هن ڪري ضروري نه آهي جو هر ادب دوست انهن کي سڃاڻي ۽ اهي هن وقت سج چنڊ وانگر سنڌ جي ادبي آسمان تي چمڪي رهيا آهن. مثلاً اسان جو نوجوان دوست ۽ نئين ٽهيءَ جو شاعر، عنايت بلوچ، جيڪو اڪتسابي نه بلڪ فطرتاً شاعر پيدا ٿيو آهي ۽ جنهن جي ڪلام جو مجموعو ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ پڙهندڙن جي هٿن ۾ اچي رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ مثالي حيثيت جو حامل آهي. سندس ڪلام مان پڙهندڙ اندازو ڪري سگهندا ته سنڌ جي جوان سال شاعرن ڪيتري جاندار شاعري ڪري سنڌ ۽ سنڌي ادب جي اوجهل ٿيل آبروءَ کي اوج تي پهچائي ڇڏيو آهي.

......

عنايت بلوچ وڻندڙ ۽ سٻاجهي سڀاءُ جو نهايت مهذب نوجوان آهي. ادب سان دلچسپي ۽ شاعري کيس پنهنجي گهراڻي مان ورثي طور ملي آهي. هن انهيءَ خانداني روايت کي قائم رکندي جيڪا شاعري ڪئي آهي، اها دنيا جي ڪلاسيڪي توڙي جديد ادب سان هم دوش ڏسي سگهجي ٿي.
.........

سندس شاعريءَ ۾ الهام ۽ روح شاهه لطيف سائينءَ مان ورتل آهي ليڪن هن قديم ۽ جديد جو نهايت لطيف امتزاج پيدا ڪري پنهنجي ذهانت ۽ فطري شاعر هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي.
عنايت بلوچ جي مزاج ۾ جيڪا ملائمت ۽ فطرت اندر جيڪا سٻاجهائي آهي، انهيءَ جو عڪس سندس شعر ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو. عنايت کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان، ملڪ جي هر هڪ شيءِ سان بيپناهه محبت آهي. استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون هن پنهنجي اوسي پاسي جون استعمال ڪري پنهنجي شعر کي مقامي ۽ ملڪي رنگ ۾ رچي ڇڏيو آهي، جيڪو هڪ ته فرضي ۽ غير فطري معلوم نه ٿو ٿئي، ٻيو ته انهيءَ سرمايي سندس شعر کي ملڪ جي لازوال ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي.
عنايت جو سمورو ڪلام ڪنهن نه ڪنهن تاثر جو نتيجو آهي. اهو ”شعر براءِ شعر“ نه پر ڪن حقيقتن، ڪن قلبي جذبن ۽ ڪن اکين ڏٺي ۽ فڪري محسوسات جو مظهر آهي. اهو ئي مکيه سبب آهي جو سندس شاعري لاءِ يعني لفظن جو انبار ۽ بي مقصد جملن جو ڍير نه بلڪ هڪ حقيقت ۽ زندگيءَ سان مطابقت رکندڙ ادبي گفت و شنيد آهي.
حسن ۽ عشق انسان جي فطرت جو هڪ اڻ ڇڄندڙ انگ آهي. جڏهن انهيءَ جو اظهار عنايت بلوچ ڪري ٿو ته ان ۾ به سنڌ جي تهذيب، معاشري جي قاعدن ۽ انهن خاص لفظن ۽ جملن کي آڻي ٿو جيڪي اسان جي پنهنجي ملڪيت آهن. سنڌ سندس وطن آهي جنهن سان محبت سندس ايمان جو جزو آهي. انهيءَ جذبي کي ”ويڙها وسن“ ۽ ”وطن ڏي سلام ۽ پيغام“ ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وقت سڄي دنيا جي انسانن سان جيڪو ابدي ناتو ۽ رشتو آهي. جيڪو اسان سنڌين جو نصب العين آهي. اهو به برابر سندس روح ۾ رچيل آهي جنهن جو اظهار هن ”مان انسان آهيان“ ۾ ڪيو آهي.
عنايت جي شاعري زندگي، واقعن ۽ سفر کان متاثر آهي. هي حساس شاعري جتي جتي ويو آهي ۽ جن واقعن سندس احساسن کي جهنجهوڙيو آهي انهن جو هن بي اختيار نظم ۾ اظهار ڪيو آهي. جيئن هڪ مصور ڪو منظر چٽي، اهڙيءَ طرح هن انهيءَ احساس کي نظم ۾ مجسم ڪيو آهي. ليڪن بنيادي طرح سندس شاعريءَ جو ماحصل مختلف صورتن ۾ مجموعي طرح اهو آهي جيڪو هن هيٺ نظم ۾ ٻڌايو آهي:

اَڄ آديسي اچڻا آهن
ڏيئا روشن رکڻا آهن

هوشو، هيمون، دُولَهه دودا
مانجهي مور نه مرڻا آهن

رات کُٽي ٿي، باکَ ڦُٽي ٿي
ڀاڳَ اسان جا ورڻا آهن
سانڊا هاڻي سوگهو آهين
توسان ليکا ڪرڻا آهن
ڪنهن جو ڏوهه نه آهي پيارا
پنهنجا ڪرڻا ڀرڻا آهن
ڇَپر نيٺ ته ڇيتيون ٿيندا
ٽَڪر آخر ٽرڻا آهن
شاهه جي ڌرتي، منهنجا توسان
لکيل مرڻا، پرڻا آهن

ڀايان ٿو ته اسان جي هن نوجوان شاعر جي ذهن ۾ انهيءَ وقت شاهه جو هي شعر تري آيو هو:

”جهونا ڳڙهه جُهرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾“

.........

آءُ هن شاعر لاءِ ٻيو ڇا چئي سگهان ٿو سواءِ هن دعا جي ته رب ڪريم سندس دل جون مرادون پوريون ڪري ۽ زندگيءَ جون ڪامرانيون کيس نصيب ٿين. سندس وجود سنڌ، سنڌي ادب ۽ سڄي انسان ذات لاءِ هڪ قيمتي وَٿَ آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندي.

حسام الدين راشدي
60 علي رضا هائوس،
الحمرا سوسائٽي
ڪراچي

15 جولاءِ 1981

انٽرويوز

---

خصوصي ملاقات

[ هي انٽرويو جناب عابد لغاري ”رهبر ڊائجسٽ“ سلسلي جي ڪتاب نمبر 9، ” مورتي ۽ لڙڪ“ ۾ شايد 1967ع ۾ ڇاپيو. هي مواد آزاد قاضي صاحب فراهم ڪيو]

ائڊريس معلوم هجڻ جي باوجود به اسان کي پير صاحب جي بنگلي ڳولڻ ۾ ڪافي دقت پيش آئي. آئون ته واقعي ڪراچي جو ايترو واقف نه هئس پر منهنجي ساٿي کي به بنگلو هٿ نه پيو اچي، جو پاڻ کي ڪراچي جو رهاڪو سڏائيندو آهي. جڏهن ڪافي ٿڪجي پياسين تڏهن منزل به اوچتو ئي اسان جي سامهون اچي ويئي، ائين پيو محسوس ٿئي ته قدرت رحم کائي اسان لاءِ فاصلو گهٽائي ڇڏيو آهي. نوڪر کي سڃاڻپ جو ڪارڊ ڏنم، هو اندر ويو ۽ ٿوري دير بعد واپس آيو، اسان کي پاڻ سان وٺي اچي هڪ ڪمري ۾ وهاريائين. ڪمرو ڇا هو، هڪ ڪتاب گهر هو، زمين کان ڇت تائين ڪتابن سان ڀريل هو. صرف دريون دروازا ئي رهيل هئا. سرسري طور تي معلوم ٿي ويو ته ڪافي کان زيادهه ناياب ڪتاب هت موجود آهن. وري پير صاحب جو خيال آيم ته اهي سڀ ڪتاب سندن ننڍڙي دماغ ۾ ڪيئن محفوظ هوندا. اڃا سوچي ئي رهيو هئس ته اوچتو پاسي وارو در کليو ۽ هڪ پورو پنو مگر بت ۾ ڀريل ماڻهو اسان جي سامهون اچي بيٺو. اڇن وارن ۽ مهانڊي جي خد و خال مان سندن عمر واقعي 50 سالن کان مٿي پي لڳي. مگر تندرست جان و جسم ڪري جوان پي لڳو.
رسمي عليڪ سليڪ ۽ تعارف بعد مقصد تي آيس. جڏهن پير صاحب منهنجي واتان انٽرويو جا لفظ ٻڌا تڏهن سفيد چشمي مان ٻه سنهڙيون ۽ ننڍڙيون مگر اونهيءَ نظر رکندڙ ۽ گهرو سوچيندڙ اکيون هاڻي منهنجو جائزو وٺڻ لاءِ جهات جهات ڪري رهيون هيون. راشدي صاحب ڇا اندازو لڳايو ان جي ته خبر خدا کي مگر ٻئي ڏينهن ڏهين بجي صبح جو ٽائيم ڏنائون ته پاڻ منهنجي هر آرزو پوري ڪندا. اٿندي هي شڪايت به ڪرڻ کان نه رهيس، جا سڄي واٽ منهنجو ذهن چٽي رهي هئي، ” آئون ضرور هي پڇندس ته اوهان کي مون هڪ سوال نامو موڪليو هو مگر اوهان ان جو مون کي ڪو به جواب نه ڏنو.“ جڏهن سبب معلوم ٿيم ته پنهنجي ئي پاڻي ۾ پنهنجو چهرو ڏسي رهيو هوس. جنهن تي ڪئين عيبن جا نشان عيان هيا – ”سوال اردو تان ڪاپي ڪيا هئم“.
ڪافي ڪوشش جي باوجود راشدي صاحب منهنجي گوڏي وٽ سلوار تي اهي رت جا نشان ڏسي ورتا جي سندن ئي ملاقات جي شوق ۾ ڪراچي جي ڊوڙندڙ زندگي جي بس تي چڙهندي گوڏو زخمي ٿيو هئم. هاڻي آئون ڪجهه شرم ۽ ڪجهه حجاب ۾ ڪنڌ نمائي ٻاهر نڪري آيس، جتي معلوم ٿيم ته سعيد يونس به منهنجي پويان هلندو منهنجي بيڪسي تي ڪجهه عجب ڪجهه رحم کائي پهچي ويو آهي.
ٻئي ڏينهن اڪيلو هن بحر مان ماڻڪ چونڊڻ لاءِ روانو ٿيس، مگر مليل ٽائيم کان اڌ ڪلاڪ کن ليٽ پهتس. راشدي صاحب جن به انهيءَ لاءِ باز پرس نه ڪئي، شايد انهيءَ ڪري جو کين ٽائيم جي پوري خبر نه پئجي سگهي يا جي ايم سيد جن جي موجودگيءَ ۾ کين اهو احساس ئي نه رهيو هو. مقصد ٻنهي لاءِ واضح هو. اجازت ملي ۽ مون اٿندي ئي هي سوال ڪيو ته_

”راشدي صاحب ! سنڌي ادب جي ترقي ۾ اها ڪهڙي شيءِ رڪاوٽ بنيل آهي جنهن ڪري ان جي رفتار نهايت ئي سست آهي؟“

”رڪاوٽ؟ رڪاوٽ ته ڪا به نه آهي، ادب پنهنجي پوري رفتار سان ترقي ڪري رهيو آهي. هڪ ڳالهه کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ٻوليءَ جي اصليت، جاذبيت، رواني ۽ روح البت ختم ٿيندو پيو وڃي. ان جو سبب زياده تر اخباري زبان آهي، جا سڌو سنئون اردو تان ترجمو ڪئي وڃي ٿي. لفظ، محاورا ۽ چوڻيون ڌاريون، بي جوڙ ۽ اڻ ٺهندڙ ۽ ٺهڪندڙ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. حالانڪه اسان وٽ انهن کان به افضل موجود آهن. اسان جا اديب ۽ شاعر پنهنجي مضمونن ۽ شعرن ۾ ٺيٺ سنڌي استعمال ڪن ٿا. مگر اخباري ٻوليءَ جو اثر وڌندو ٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته اخبارون گهڻي انداز ۾ پڙهيون وڃن ٿيون. اها صورتحال ادب ۽ زبان لاءِ گهاتڪ آهي ۽ انهيءَ ڪري سخت نقصان پهچي رهيو آهي. زبان کي ايترو خراب ڪيو ٿو وڃي جو بعد ۾ ان جو درست ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو. ڪاش اخبار نويس ڪاپي ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي دماغي صلاحيتن کان ڪم وٺن. جيتري تائين خبرن جو تعلق آهي اهي انگريزيءَ ۾ مهيا ٿين ٿيون. پوءِ انهن کي سنڌي ۽ اردو اخبارن جي سانچي ۾ ڍالڻ سخت هاڃيڪار آهي“. راشدي صاحب جي چشمي اندر ٻن چشمن ۾ درو انديشي، پيشاني تي لهرن جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ ائين پيو ٿئي ته پان هاڻي به ان منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

”اڪثر ائين چيو وڃي ٿو ته اوهان پهريائين اردو يا فارسي ۾ لکيو آهي، تنهن بعد ان کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ٿو وڃي. اهو ڪيتري قدر صحيح آهي؟“

” اهو بلڪل غلط آهي لغاري صاحب، مون جيڪي لکيو آهي سو سنڌيءَ ۾ ئي لکيو اٿم. ويهه ورهيه اخبار نويسي سنڌيءَ ۾ ڪئي اٿم. هزارين اخباري مضمون ۽ سوين مقالا سنڌي ۾ لکي چڪو آهيان. اگر ڪي چند ڪتاب اردو ۾ لکيا يا فارسي ۾ مرتب ڪيا اٿم ته انهيءَ ۾ به مقصديت شامل آهي. مقصد هو سنڌ ملڪ ۽ سنڌي ادب کي ٻين سان روشناس ڪرائڻ“.

” اوهان کي ڪهڙي شيءِ متاثر ڪيو جنهن ڪري اوهان ٻين طرفن کان منهن موڙي هن ادبي سلسلي کي اختيار ڪيو؟“

” ڪو به ڌنڌو ڪو نه هو. جنهن ڪري سواءِ ان جي ٻيو ڪجهه ڪري به نه ٿي سگهيس.“ هن جواب تي ڪمري ۾ ڪجهه ٽهڪن جو آواز اڀريو. سڀئي زور زور سان کلي رهيا هئاسين. آءُ سوچڻ لڳس ته نڪمي ماڻهو لاءِ اهو به بهتر. جڏهن مون کان به ڪو ڌنڌو نه پنو تڏهن ئي هن طرف رخ رکيو اٿم. ”ٻيو سڀ کان وڏو سبب علي محمد شاهه ( سندن وڏو ڀاءُ) جي صحبت ٿي جنهن انهيءَ طرف مائل ڪيو“.

جي ايم سيد، راشدي صاحب جن کي ٽوڪ جي انداز ۾ چيو _ ” ميرن لاءِ مشهور آهي ته جنهن به ماڻهو کي ڪو ڪم ڪندي ڏسندا هئا ته پاڻ به اهو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. سو اوهان سان به ساڳيو ئي معاملو آهي.“

” اوهان جي تعليم تعليمي ادارن ۾ ڪيتري رهي؟“ مون وقت جو خيال ڪندي جلدي سوال ڪيو.

”بلڪل نه“ راشدي صاحب فخريه انداز ۾ چيو ۽ آءُ سوچڻ لڳس ته ڇا سندن اهو مقصد آهي ته اگر تعليم اسڪولن ۾ پرائين ها ته خوام خواهه زندگيءَ جو ٽيون حصو ضايع ٿي وڃي ها. وري چوڻ لڳا ” منهنجي تعليم صرف مدرسن ۾ رهي، سا به ابتدائي. تنهن زماني ۾ تعليم لاءِ ٻه دستور هئا، هڪ ته نوڪرين لاءِ تعليم ڏني ويندي هئي ۽ ٻي زميندار يا مٿيون طبقو فقط ديني. (ٻي دستوري) تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن ملان وٽ يا ڪنهن مدرسي ۾ ڏياريندا هئا. مون کي به اها ئي نصيب ٿي. باقي ڪجهه پنهنجي محنت ۽ مطالعي مان پرايو اٿم.“

مطالعي جو لفظ ٻڌي مون وري به هڪ دفعو ڪمري ۾ غور سان مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهو سوچڻ تي مجبور ٿيس ته اگر واقعي راشدي صاحب جن تعليمي ادارن تي ڀاڙي ويهن ها ته پوءِ شايد ئي ايترو ڪجهه پرائي سگهن ها. جيترو هن وقت سرمايو موجود اٿن. اوچتو هڪ عجيب سوال ذهن تي اڀريو ، پڇيم _ ”اوهان کي پنهنجن تصنيفن مان ڪهڙي پسند آهي ۽ ڇو؟“

” آءُ جڏهن به ڪا تاليف ختم ڪندو آهيان ته ختم ڪرن بعد مون کي ان کان هڪ قسم جي نفرت ٿي ويندي آهي. ٻيو ته اهي منهنجا ڪتاب عام مطالعي جا نه هوندا آهن. ضرورت پوندي اٿم ته لازماً کولي ڏسندو آهيان. ڪتاب سڀئي گهڻو ڪري جواني جا لکيل آهن.“

هت هي ڳالهه قابل ذڪر آهي ته هر سوال جي جواب بعد جي ايم سيد به پنهنجي خيال آرائي ڪئي ٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ته هڪ چڱو موچارو مباحثو شروع ٿي ٿي ويو ۽ مون به هڪ پياسي وانگر پورن ٻارنهن طاقن سان متوجه ٿي ماڻڪ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. مگر افسوس هي ننڍڙو ذهن ايترو برداشت ڪرڻ کان قاصر ٿي رهيو. ان جو احساس ان وقت ٿي ٿيم جڏهن ٻاهر روڊ تي ٽريفڪ جي زوزٽ سان منهنجو ذهن به گاڏين کي پوئتي ڇڏيندو. نامعلوم منزل ڏانهن ڊوڙندو ٿي ويو. وري جڏهن اهو محسوس ٿي ڪيم ته آءُ هڪ ڪمري ۾ ٻن مدبرن جي سامهون ويٺل آهيان، تڏهن ان نامعلوم منزل تان هڪ بريڪ ۾ ذهن کي واپس اصلي حالت ۾ آندم ٿي. هاڻي به جي ايم سيد صاحب چئي رهيو هو.

”مرزا قليچ بيگ ۽ اوهان ۾ وڏو فرق آهي هن زياده تر ترجمو بلڪه هر قسم جي ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي. مگر اوهان خاص طرح سنڌ تي لکيو آهي ۽ تاريخ جا بنيادي ڪتاب ڇپايا اٿو. بهرحال شروعات ۽ پايو قليچ بيگ ئي پيدا ڪيو...“ ترجمو ڪرڻ به ته ڪو آسان ڪم نه آهي. سيد صاحب _“ راشدي صاحب مون ڏانهن نهاريندي چيو. جي ايم سيد جن کي وري مخاطب ٿيندي چيائين:

” منهنجي لکيل تاريخن مان هڪ راهه ۽ هڪ نظريو ملي ٿو تنهن ڪري لکندڙن اڳيان رستو صاف ٿيو پوي ٿو ته سنڌ جي تاريخ تي ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙي نقطه نگاهه سان لکڻ گهرجي سو سندن اڳيان واضح ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين سنڌ اندر جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن، تن ۾ ڪو نقطه نگاهه ڪو نه آهي. هر ڌارئي کي، جنهن به اچي قبضو ڪيو آهي ان کي اسان جي لکندڙن اکين تي رکيو آهي. در حقيقت تاريخ ۾ چور کي چور ۽ ساڌ کي ساڌ ڪرڻ گهرجي. تاريخ تڏهن سمجهه ۾ ايندي جڏهن هر هڪ جي عملن ۽ رويه جي تڪ تور ٿيل هوندي. مثلاً آءُ ارغونن ۽ ترخانن جو سنڌ تي قبضو غاصبانه سمجهان ٿو. اسان جي مورخن انهن کي به مسلمان سمجهي پنهنجي اکين تي رکيو آهي. حالانڪه اهي کانئن زياده سچا مسلمان هئا جن جي هٿان هنن سنڌ کسي.“

” راشدي صاحب _ ادب ڇا آهي؟ ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ ڪيترو تعلق آهي؟ ڇا هڪ اديب سياست کي اپنائي نه ٿو سگهي؟ هاڻي آءُ راشدي صاحب کان هڪ اهم سوال پڇي ويٺس. پاڻ ٿورو خاموش رهيا، ڪمري جو سرسري جائزو ورتائون. ڇت ڏانهن نهاريائون هاڻي آءُ اهو محسوس ڪرڻ لڳس ته لئبريري جا سڀ ڪتاب سندن ذهن تي ايندا ۽ ويندا رهن ٿا. هڪ هنڌ نظر ڄمائيندي چيائون، شايد اتي ئي ڪو پيل ڪتاب سندن رهنمائي ڪرڻ لڳو هو.

”هر اها شيءِ جا قلم مان نڪري ۽ دل و دماغ کي پسند اچي ان کي ادب چئجي ٿو.“

هن جواب تي علامه آءِ آءِ قاضي جي ادب متعلق وضاحت منهنجي ذهن تي تري آئي هن چيو هو: ” ادب معنيٰ آهي ريڙهيون پائڻ.“ ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪيترو تعلق آهي في الحال ته راشدي صاحب جي سلسله ڪلام اهو سوچڻ جو موقعو ئي نه ڏنو.

” تقريرون به ادب جو قسم آهن. سياست خود ادب آهي. هڪ ماڻهو جو هڪ ئي وقت ٻنهي ٽنهي شين سان وابسته رهڻ ئي مڪمل ادبي هجڻ جو ثبوت آهي. جنهن لاءِ اسان وٽ مولانا ظفر الله (ظفر علي خان؟) ڪاڪو ڄيٺمل پرسرام، عطاءُ الله شاهه بخاري ۽ ڊاڪٽر چئوٿرام جن اديب ۽ ساڳئي وقت سياسي رهنما پڻ هئا. اديب جو ڪم ئي آهي سياست جي رهنمائي ڪرڻ ، ور نه اهو اديب نه آهي جو سياست کان ڪناره ڪش رهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.“ راشدي صاحب جي هن وضاحتي بيان ٻڌڻ شرط منهنجي ذهن تي اهو گذريل مهيني جو ڪراچي ۾ ٿيل مباحثي وارو نقشو تري آيو جنهن ۾ مباحثي جو اختتام صدر صاحب جن هيٺـين لفظن سان ڪيو هو: ” اديب سياست ۾ بهرو نه وٺي.“ مون کي وري سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

” انقلاب فرانس روسي ۽ والٽير آندو“ جي ايم سيد، راشدي صاحب جي مدد ڪندي چيو ، منهنجي ذهن تي انقلاب فرانس جي پوري تاريخ ترڻ لڳي. پير صاحب جو بيان اڃا ختم نه ٿيو هو، چيائين:

” مولانا محمد علي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، علي محمد شاهه ( سندن وڏو ڀاءُ) جن پڻ اديب آهن. هن دور جو عظيم سياستدان چرچل پڻ وڏي ۾ وڏو اديب هو.“ ڪمري جي هڪ ڪنڊ ڏانهن نهاريندي شايد وري ڪو ٻيو ڪتاب ذهن تي اچي ويو هئس. چيائون:

” اقبال کي ڪنهن چيو ته سياست ۾ اوهين بيڪار رهيا آهيو. مگر اقبال جواب ڏنو _ اگر ائين نه هجي ها ته مان جيڪر پيغمبر هجان ها.“ سو اهو ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي ته اديب سياست کي پاسي تي رکي ڪا ادب جي خدمت ڪري. اگر ائين ڪندو ته ادب ۾ هڪ وڏو خال رهجي ويندو.“ هن پوئين جواب مون کي خود راشدي صاحب تي سوچڻ جو موقعو ڏنو. ڇاڪاڻ ته پاڻ خود سياست کان ڪناره ڪش رهيا آهن. مگر عين موقعي تي منهنجي لاءِ گلاس ۾ ڪوڪا ڪولا کڄي آئي. هڪ هڪ سرڪ ڀرڻ سان منهنجي ذهن مان سوڍا جي باٽل کلڻ سان جي بوڙيا نڪرندا آهن تن وانگر خيالات به منتشر ٿيندا ويا. ذهن خالي ٿيندو محسوس ڪيم. شايد راشدي صاحب جن جو پڻ اهو مقصد هو ته جيئن زياده قيمتي وقت ضايع ڪرڻ کان پرهيز ڪري، پر آءُ ته هي پهريون دفعو هڪ انٽرويو وٺڻ لاءِ نڪتو هوس. تنهنڪري ايترا ته سوال جمع ڪري آيو هئس جو ڀانيان ته راشدي صاحب پنهنجي پوري عمر جي ڊائري منهنجي آڏو بيان ڪري ۽ نتيجا ٻڌائي جيئن نئين نسل لاءِ اهي مشعل بنجي سگهن. ڪوڪا ڪولا ختم ڪيم ۽ منتشر خيالن کي جمع ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙو سوال پڇيم.

” اوهان ڪا تصنيف ڪري رهيا آهيو يا نه؟“

”سنڌي ادب جي تاريخ لکي رهيو آهيان. مڪلي نامو ڇپيو اٿم. حديقة الاوليا، پڻ هن سال جو آهي. پنهنجي زندگيءَ جي تجربات تي هڪ ڪتاب لکيو اٿم جو پڻ عنقريب پريس ۾ ڏيندس.“ خيالات موٽي پنهنجي ماڳ تي پهچي چڪا هئا. هاڻي هڪ اهم سوال ڏانهن راشدي صاحب جو توجهه ڇڪائيندي پڇيم.

” موجوده وقت ۾ سنڌي ادب ۾ جيڪو انتشار آهي ان جا اسباب ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪيئن دور ڪري سگهجن ٿا؟“

” ادب جا ٻه قسم آهن، هڪ ساقط ۽ جامد جيڪو تفريحي آهي. ٻيو متحرڪ ۽ زندگي بخش جيڪو واقعات کي بيان ڪري ٿو ۽ ماحول جي چڱاين ۽ براين کي آشڪار ڪري ٿو. 1930ع تائين زياده تر ادب فقط تفريحي آهي. ان جو ماحول ۽ عمل سان ڪو به تعلق نه هو. هو ته فقط دماغي عياشي هو. پر 1931ع کانپوءِ جيڪو ادب پيش ٿيو آهي ان ۾ هڪ پيغام آهي، ان ۾ مقصد به آهي ته منزل ڏانهن ڪشش پڻ، ۽ زنده ادب اهو ئي رهندو آهي جو ماڻهن جي هر عمل و فعل ۽ مقصد سان واسطو رکندڙ هوندو ...“ اڃا پير صاحب جو ڪلام پورو نه ٿيو هو ته جي ايم سيد ۽ سندن وچ ۾ هڪ چڱو موچارو مباحثو شروع ٿي ويو ۽ آءُ فقط اهو سوچيندو رهجي ويس ته اگر هر سوال تي هي حال رهيو ته پوءِ عابد جو خدا حافظ، اڄ ئي حيدرآباد پنجين بجي شام جو پهچڻو اٿم... اڃا سوچي ئي رهيو هوس ته ٻئي فريق شايد دم پٽڻ لاءِ خاموش ٿيا ئي مس ته مون ان مان فائدو وٺندي چيو:

”اڄ جي دور ۾ لاديني ، فحش ۽ عريان ادب جا رجحان وڌندا وڃن ٿا، جيڪي (اوهان جي چوڻ موجب) تفريحي ادب جي دور ۾ نه هئا. اهي مقصد ۽ منزل ڏانهن ڪيترو وٺي وڃي رهيا آهن؟“

” راشدي صاحب ڪجهه وقت ته خاموش فقط جي ايم سيد کي تڪيندو رهيو، پوءِ مون ڏانهن حيرت مان نهاريندي چيائين.

”لغاري صاحب ! خبر نه آهي ته توهان فحش ۽ عريان ادب ڇا کي ٿا چئو! ڊاڪٽريءَ ۾ ٻئي جنسون مخالف جنسن جا آپريشن ڪن ٿيون. پريڪٽيڪل ڪن ٿيون، انهن تي ڪنهن به قسم جي پابندي عائد ڪانهي. ٻئي طرف اگر معاشري جي ڪمزورين ۽ اوڻاين کي بي نقاب ڪجي ٿو ته توهان ان کي عريان ۽ فحش سڏيو ٿا. ڇا اها حقيقت نه هوندي آهي؟ حقيقت کي حقيقت ڪري لکڻ عريانيت ڪٿي آهي؟“ ٿورو ترسي وري چيائون: ”صوفين مجاز ۽ محبت جو دم ڀريو آهي، ڇا ان کي فحاشت ۾ آندو ويندو؟ منهنجي خيال مطابق ادب ۾ ڪا به عريانت ۽ فحاشت نه ٿيندي آهي“.

” انگاري ۾ منٽو تي انهيءَ ڪري ئي ڪيس هلايا ويا هئا مگر اڄ تائين انهن جي تصنيفن کي معاشري مان خارج نه ڪيو ويو آهي.“ جي ايم سيد صاحب جن راشدي صاحب جي راءِ سان اتفاق ڪندي چيو:

” بلڪل _ اهڙيءَ طرح عربي ادب جا شهپارا ۽ فارسي ادب جا ڪلاسيڪل ڪتاب پڻ اهڙين شين کان خالي نه آهن ڪيترا اهڙا ڪتاب درس ۾ داخل رهيا آهن جيڪي موجوده اصطلاح موجب فحاشت ۾ داخل ٿي سگهن ٿا.“ راشدي صاحب چيو.

” آزاد نظم متعلق اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“

” مون کي ته بلڪل ناپسند آهي، آزاد نظم نتيجو آهي ذهني افلاس ۽ دماغي سڃائيءَ جو، جڏهن به نثر يا نظم تي پورو پورو قبضو نه هوندو آهي تڏهن ئي آزاد نظم ۽ ادب لطيف تصنيف ٿيندو آهي.“

” آزاد نظم ۽ ادب لطيف اصل ۾ تصورات جي ڪنفيوزن جو نتيجو آهي. جهڙي طرح تجريدي آرٽ. جڏهن به خيالن ۾ انتشار هوندو آهي ۽ زبان ۽ لفظن جو فقدان هوندو آهي تڏهن ئي اهڙي شيءِ ايجاد ٿيندي آهي.“ جي ايم سيد جن لقمو ڏيندي چيو ”بلڪل ائين“، پير صاحب اتفاق ڪندي چيو.

” سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن اهي ڪيتري قدر وقت جون ضرورتون پوريون ڪري سگهيون آهن؟ هاڻي مون تاريخ متعلق سوال ڪيو، ڇاڪاڻ ته تاريخ ئي راشدي صاحب جو پسنديده موضوع رهيو آهي. پاڻ ان تي ڪافي مطالعو ڪيو اٿن ۽ ڪافي لکيو به اٿن.

” سنڌ اندر هن وقت تائين جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن سي در حقيقت پراڻي ڍنگ جون آهن. جن کي نه تاريخ چئي سگهجي ٿو ۽ نه اهي ضرورتن کي پورو منهن ڏئي سگهيون آهن“.

” سنڌي اردو گڏيل مشاعرن متعلق اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟“

” گڏيل مشاعري جي عياشي تڏهن ئي ڪار آمد ٿي سگهي ٿي جڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي زبان ۽ ڪلام جون خوبيون سمجهي سگهن.“

” راشدي صاحب ! اوهان مشاعري کي ادب لاءِ ڪيتري قدر فائديمند سمجهو ٿا؟“

” مشاعري جي مون وٽ اصل ۾ ڪا به اهميت ڪو نه آهي. ان مان ڪو به عملي فائدو ڪو نه ٿو پهچي. هندوستان اندر زوال واري دور ۾ مشاعرا پيدا ٿيا. هي ته وقت گذاري ۽ عياشي جو ذريعو آهن. مشاعرن سبب پاڻ شاعرن جي خود داريءَ، مقام ۽ حيثيت کي ڪاري ڌڪ لڳو آهي.“

وقت ڪافي گذري چڪو هو تنهن ڪري ٻين سوالن کي در گذر ڪري آخري سوال پڇيم.

” اردو زبان جي نزديڪ پوڻ ڪري سنڌي زبانکي ڪهڙو خطرو لاحق ٿي پيو آهي ۽ اهو ڪيئن دور ٿي سگهي ٿو؟“

” اردو زبان جي ويجهو اچڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو مفهوم ئي بدلجي ويو آهي. اصليت ان مان ختم ٿيندي وڃي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ وري اسان جون اخبارون آهن. جن لاءِ مٿي ٻڌائي چڪو آهيان، واحد علاج ڪو ٿي سگهي ٿو ته فقط ٻولي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، ورنه ٿوري عرصي بعد سنڌي سنڌي نه رهندي بلڪه اردو سنڌي ڪا نئين ٻولي ٺهي پوندي.“

هاڻي جي ايم سيد ۽ راشدي صاحب جن فرش کي بوٽن سان رهڙڻ شروع هو، جيئن اسين ڪاليج ۾ ڪو پيرڊ اٽينڊ نه ڪرڻ چاهيندا هئاسين ته ليڪچرر جي ايندي ئي ائين ڪرڻ شروع ڪندا هئاسين ۽ هو اشراف ٿوري مان گهڻو سمجهي فقط حاضري وٺي هليو ويندو هو. تنهنڪري آءُ به جلد موڪلائي ٻاهر نڪري آيس ۽ پنهنجو رستو ورتم.

پير حسام الدين راشديءَ کان انٽرويو

[ هي انٽرويو محترم خان محمد پنهور ” سنڌي پبليڪيشن“ ڄامشورو لاءِ ورتو ۽ ان کي اپريل 1973ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو. هي پرچو ”پير حسام الدين راشدي نمبر“ ڪري ڪڍيو ويو هو. هي انٽرويو متعدد ڀيرا ڇپجي چڪو آهي ]

سنڌ هڪ مردم خيز سرزمين آهي. هن وڏا وڏا سياستدان، عالم، شاعر، اديب، دانشور ۽ تاريخ نويس پيدا ڪيا آهن. پير حسام الدين راشدي تاريخ ۾ جيڪا مهارت ۽ حيثيت رکي ٿو، پاڪستان ۾ ان جي مقابلي جو ڪو ورلي هوندو ۽ سنڌ کي اهڙن سپوتن تي فخر آهي.
سنڌي پبليڪيشن جو چوٿون ڪتاب ” پير حسام الدين راشدي نمبر“ ڪڍڻ جو سوچي اسان پير صاحب سان ان جو اظهار ڪيوسين ۽ 8 مارچ تي شام جو ساڍي پنجين بجي وقت وٺي مقرر وقت تي پير مظفر ۽ مان، پير خليل کي ڪئميرا سميت ساڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ جمشيد روڊ تي پير صاحب جي بنگلي تي اچي سهڙياسون. راشدي صاحب ٻاهر دروازي تي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ وٺي وڃي پنهنجي لائبريريءَ ۾ وهاريو، جنهن ۾ ڪئين الماڙيون ڪتابن سان سٿيل پيون هيون، جا سندس لکڻ پڙهڻ جي آفيس پڻ آهي. سندس سمهڻ وارو ڪمرو پڻ ڀرسان آهي، جيڪو پڻ ڪتابن سان ڀريو پيو هو، درين تي خواهه کٽن جي چوڌاري ۽ وهاڻي سان گڏ ڪتاب ئي ڪتاب پيا هئا. لائبريريءَ ۾ ڪتاب الماڙين ۾ ترتيب سان پيا هئا. ليڪن ڪيٽا لاگ نه هئڻ ڪري راشدي صاحب ٻڌايو ته ضرورت وقت ڪتاب موجود هوندي به نه لڀندو آهي ۽ پوءِ خريد ڪرڻو پوندو آهي. پير صاحب جي لائبريري ۾، گهر ۾، خواهه ڳوٺ ۾ اٽڪل 40000 کن ڪتاب آهن، جن ۾ ٻه سئو کن قلمي نسخا پڻ آهن. اسان انٽرويو جو باقاعده سلسلو شروع ڪندي، سندن ابتدائي تعليم بابت پڇيو ته پاڻ چوڻ لڳو ته : ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ خانگي نموني مولوي صاحب وٽ ئي فارسي، عربي ۽ سنڌي پڙهياسون جا به اڌوري رهجي وئي، دستاربندي نه ٿي سگهي. اسان جي ڏاڏي پير شاهه خاص اسان ٻن ڀائرن علي محمد شاهه ۽ مون لاءِ ڳوٺ جي مسجد ۾ اهو مڪتب کولايو هو. ڏاڏو اسان جو وڏو عالم هو ۽ پنهنجو نصاب شروع ڪرايائين. جنهن ۾ انگريزي الف، ب ۽ فارسي جو سڌو طريقو شامل هئا، ۽ ان وقت علم دانش ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هو. نوڪريءَ جو خيال به نه هوندو هو ۽ نوڪريءَ کي عيب سمجهو ويندو هو. شهرن ۾ رهڻ جي بجاءِ ٻهراڙين ۾ رهڻ ۽ زمينداري ڪرڻ کي عزت وارو ، مهمان نواز ۽ معزز سمجهيو ويندو هو. تاريخ ۽ ادب جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ علم جو مقصد هو. علم روزگار جو ذريعو نه پر ذهن ۽ فڪر جي پرورش ۽ بلنديءَ لاءِ هو. ان کان علاوه اسان جو خاندان به علمي ۽ ادبي هو. اسان جو سلسلو پير پاڳاري صبغت الله شاهه سان آهي. جنهن کي ٻه پٽ علي محمد شاهه ۽ علي گوهر شاهه شاهه هئا. وڏو علي محمد شاهه هو، جنهن جوپٽ اسانجو ڏاڏو پير شاهه هو. علي محمد شاهه وڏي هئڻ جي باوجود پڳ نه ورتي ۽ ان جو توجهه علم، ادب، طب، علم حڪمت طرف هو ۽ ڏاڏو ۽ ٻيا سندس ڀائرن طرف توجهه رکندڙ هئا ۽ طب، علم، حڪمت تي ڪافي ڪتاب لکيا اٿن. علمي ادبي لکيل پڙهيل ماحول هئڻ ڪري انگريزي، اردو خواهه سنڌي سڀ اخبارون اينديون هيون. زميندار هئڻ ڪري عزت آبرو پڻ هئي ۽ والد صاحب وارا ڪجهه انگريز پرست هئا. ڀرسان نصرت اسٽيشن تي مان ۽ علي محمد شاهه اسٽيشن ماستر وٽ انگريزي پڙهڻ ويندا هئاسون. عربي فارسي اڳ ۾ ختم ڪئي هئيسون، ڇو ته مائٽ وڌيڪ ٻاهر نه موڪليندا هئا جو اڳتي پڙهي وڌ ۾ وڌ مختيارڪار ٿبو هو. ليڪن نوڪري ڪرڻ کي عيب سمجهو ويندو هو اسان جي ان وقت رهڻي ڪهڻي سٺي هوندي هئي ۽ نصرت اسٽيشن تان ٽن پئسن جو ڪارڊ لکي ولايت مان وي، پي ذريعي گهرو ضرورت جو سامان گهرائيندا هئاسون. ايمانداري هئي ذرو به ضايع نه ٿيندو هو.
صحافتي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ بابت پير صاحب چوڻ لڳو: پهرين علي محمد شاهه 23، 1922ع ڌاري ڪراچيءَ مان انگريزي اخبار سنڌ ٽائيمس ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1925ع ۾ مولانا آزاد جي اخبار جي نموني تي ” الراشد“ اخبار بهمڻ مان ڪڍندا هئاسون. مان ساڻس مدد ۾ هوندو هوس. منهنجي صحافتي زندگيءَ جو آغاز 1928ع کان ٿئي ٿو. هفتي وار سنڌ زميندار سکر مان نڪرندي هئي، جا خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي هئي. هن هڪ ڀيري سکر ويندي مون کي نصرت اسٽيشن تي ملڻ لاءِ چيو، جتي مان مليو مانس ته پوسٽ جي لفافي جي ڪاغذ جي ٽڪر تي مئنيجر ڏانهن لکي ڏنائين ته، حسام الدين کي 30 رپيا ماهوار پگهار سان سنڌ زميندار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو وڃي. مون کانئس سوال ڪيو ته توهان خوشحال گهراڻي سان تعلق رکو ٿا پوءِ به توهان جي زندگي ڪسمپرسيءَ ۾ ڇو گذري آهي؟ پاڻ چوڻ لڳو ته، اسان جا مائٽ انگريز پرست هئا ۽ اسان انگريزن ۽ هنن جي پاليسيءَ خلاف لکندا هئاسون ۽ پوءِ اسان ٻئي ڀائر باغي ٿي گهران نڪتاسون ۽ گهران ڪا به مدد نه ملندي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ مان ” صبح سنڌ“ اخبار ڪڍندا هئاسون. اخبار لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون جو تعاون ۽ مدد هوندي هئي ۽ اخبار تي ان وقت ڪو به خرچ نه هوندو هو. 14 آنه ڪاغذ جو ريم ملندو هو ۽ 400 رپين ۾ اسان سڄي پريس ” ستارهه سنڌ“ ٺاهي هئي. پوءِ ” الحزب“ اخبار ڪڍي هئيسين.
توهان جو سياست سان به ڪو تعلق رهيو؟ چوڻ لڳو ته منهنجو گهڻو لاڙو لکڻ پڙهڻ ڏانهن هو. ليڪن پس پرده سياست سان به علي محمد شاهه سان گڏ رهندو هوس. جناح صاحب هڪ دفعي مسلم ليگ ڪائونسل تي مون کي به ميمبر ڪري رکيو هو ۽ علي محمد شاهه جو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، ان سان باوجود نظرياتي اختلافن جي جو مان ترقي پسند ۽ قوم پرست آهيان ۽ هو رجعت پسند، ليڪن مان هن سان سياست ۾ ٻانهه ٻيلي ٿي رهيو آهيان. ون يونٽ ٺهڻ وقت به علي محمد راشدي صاحب سان توهان ساٿ ڏنو؟ حسام الدين شاهه چوڻ لڳو بلڪل نه، مون ان جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ان لاءِ هن کي چيم به، بهرحال باوجود متضاد طبيعتن هئڻ جي به اسان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ وڌيڪ پنهنجي ڏاڏي کان متاثر آهيان، جيڪو علم دوست هو، يورپي لباس پائيندو هو، انگريزي، عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو. سائين راشدي صاحب سان اسان جي ڪچهري مچي چڪي هئي ۽ اسان سندس زندگيءِ جي فلم ڏسي رهيا هئاسون ۽ ائين پيا محسوس ڪيون ته اسان به ساڻس گڏ هئاسون. پير خليل فوٽا وٺي رهيو هو ته ڇوڪرو چانهه کڻي آيو. بهرحال چانهه به اسان جي رهاڻ ۾ رڪاوٽ نه وڌي ۽ پير صاحب سلسلوڪلام جاري رکندي چيو ته 1937ع ۾ اسان جو والد صاحب فوت ٿي ويو، جنهن ڪري مون وري زمينداري سنڀالي ۽ علي محمد شاهه سياست، ليڪن ادب سان دلچسپي ۽ مطالع ۾ فرق نه آيو پاڻ وڌيو. ان زماني ۾ اسان کي سر غلام حسين وزارت ڏاڍو تنگ ڪيو 10 ، 15 ڪيس هوندا ئي هوندا هئا. پوءِ هڪ دفعي جي ايم سيد ۽ پير الاهي بخش چڪائي چڪ ۾ هڪ ڪانفرنس مان ٿي اچي رهيا هئا. واٽ تي اسان جي اسٽيشن تي والد صاحب جي تعزيت لاءِ لٿا. رات جو ڪچهري بعد پير الاهي بخش سمهي پيو ۽ جي ايم سيد، علي محمد شاهه ۽ مون بخاريءَ هيٺان ويهي ان لاءِ سوچيو. فيصلو ٿيو ته مارچ سيشن ۾ ڪٽ موشن آڻجي، پوءِ علي محمد شاهه ڪراچي هليو آيو ۽ ان نموني وزارت ڊاٺي وئي ۽ الهه بخش وزارت اقتدار ۾ آئي جيڪا انقلابي هئي، پير الاهي بخش جي وزير ٿيڻ بعد علي محمد شاهه ان سان سنڌ جو گشت ڪيو ۽ پهريون ڀيرو ماڻهن عملدارن ۽ ڪامورن کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون.
بهرحال اسان سياسي موضوع ڇڏي وري ڪجهه سندس ادبي زندگي طرف وڌي آياسون، لکڻ طرف دلچسپي ڪيئن ٿي؟ مون اٽڪل 30 ، 35 ڪتاب لکيا آهن ۽ منهنجي لکڻ جي شروعات اخبار نويسيءَ سان ٿي، ۽ هن وقت به مان ڪتابن جو مسودو اخبار وانگر سلپن تي لکندو آهيان پير صاحب ميز تي رکيل لکيل سلپون ڏيکاريندي چيو . فارسي سان وڌيڪ دلچسپي اٿم ۽ ان ۾ وڌيڪ لکيو اٿم، جو بنيادي ادب فارسيءَ ۾ آهي. اسان جي سنڌ جي تاريخ جا Sources books فارسي ۾ آهن ۽ منهنجا اردو، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين اٽڪل 30 ، 35 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه پنهنجي 50 ورهيه زندگيءَ جو مشاهدو پڻ لکيو اٿم، جنهن جو نالو ” جيئن ڏٺو آهي مون“ هو (1) پر جي ايم سيد جي ان نالي سان شايع ٿيل ڪتاب بعد انجو نالو بدلائي رکندس ۽ وقت اچڻ تي شايع ڪيو ويندو. جو ان ۾ ڪي تلخ حقيقتون پڻ بيان ڪيل آهن جي ڪن کي ناگوار به لڳن.

توهان ڪڏهن شعر به چيو؟ ها ڪنهن زماني ۾ شعر به چوندو هوس ۽ هڪ طويل نظم سهڻي ميهار تي لکي هئم، جا سنڌ زميندار ۾ ڇپي هئي، جنهن کي مرحوم ”مخلص“ پڻ داد ڏنو هو. پنهنجي استاد غلام سرور فقير (پروفيسر اياز قادريءَ جو پيءُ) جي فوت ٿيڻ تي پڻ هڪ مرثيو لکيو هئم، جو به تمام سٺو هو. هاڻي شعر پڙهندو آهيان ۽ ان سان دلچسپي آهي پر لکندو نه آهيان. سخن شناس آهيان. ان کان علاوه افسانه ۽ ناول لکڻ سان پڻ شوق هوندو هوم ۽ ڪجهه شايع به ٿيا هئا.

موجوده سنڌي ادب بابت توهان جو ڇا رايو آهي؟

موجوده سنڌي ادب بلڪل اميد افزا آهي، اڳي ادب ۾ ڪو مقصد نه هو، تقليدي ۽ روايتي هو. اڄڪلهه تفريحي، تعليمي ۽ مقصد سان آهي، بي مقصد نه آهي. اڳ بادشاهن جي رڳو ثنا خواني ٿيندي هئي، پر هاڻ ماڊرن نموني لکيو وڃي ٿو. افسانه، تاريخ خواهه شعر مقصديت سان ڀرپور آهي. سنڌي ادب سرڪاري سرپرستي نه هجڻ جي باوجود وڏي همت سان ترقي ڪئي آهي، ضرورت ان جي آهي ته سنڌي ادب ۽ اديبن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. تاريخ لکڻ لاءِ انهن کي همٿائڻ گهرجي ۽ سڀ کان اول تاريخ Source books هئڻ گهرجن مغلن کان وٺي ميرن تائين خط شايع ٿيڻ گهرجن، جن جي ڪافي تاريخي اهميت آهي. ليڪن هتي قصو ئي الٽو آهي. سنڌي ادبي بورڊ لاءِ پير صاحب چوڻ لڳو ته، ان تي اڻ پڙهيلن وڏيرن جو راڄ آهي، جن کي ڄاڻ بلڪل نه آهي. ان جو مثال ڏيندي هن چيو ته مون 20 ورهين کان محنت سان ٺٽي تي تحقيقات ڪري مقالو لکيو آهي، جنهن تي حڪومت ماسٽر پلان ٺاهيو آهي، جنهن ۾ تاريخي حدون ڄاڻايل آهن، ۽ اهو مقالو ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيو آهي. جنهن لاءِ بورڊ جي صاحبن چيو ته اهو اجايو آهي. ان ڪري مان هاڻي ايران جي ادارن ۽ سينٽرل ايشيا لاءِ لکان ٿو. ان کان علاوه ”مشائخ سيوستان“ آثار قديمه وارن طرفان ڇپجي رهيو آهي ۽ لکڻ کانسواءِ بچيل وقت ۾ مطالعو ڪندو آهيان ۽ شام جو ڪراچي جي بڪ اسٽالن تي ڪتاب جاچيندو آهيان، جن جو گهڻو ڪري قرضي هوندو آهيان ۽ هاڻي ته ڪتاب سنڀالڻ مون لاءِ مشڪل ٿي پيو آهي. هڪ ته
20000 _25000 هزار ڪتابن لاءِ جڳهه نه آهي. ٻيو ته مون وٽ ڪو عملو نه آهي، انڪري هاڻ لائبريري وڪڻڻ جي تاڙ ۾ آهيان.

سنڌ يونيورسٽي کي نه ٿا ڏيو؟

چوڻ لڳو ته آءُ پئسن تي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ڇو ته مون وڏي محنت ۽ جدوجهد سان ڪتاب گڏ ڪيا آهن ۽ هاڻ انهن جي وٺڻ لاءِ ڪو تيار ٿئي. يونيورسٽي جيڪڏهن وٺندي ته ان کي اوليت ڏني ويندي ۽ اهڙيءَ طرح جي ايم سيد ۽ سنڌ جي ٻين بزرگن جي ڪتابن جي حفاظت پڻ ڪئي وڃي ته بهتر. پنهنجي لائبريري لاءِ ٻڌايائين ته گذريل هنگامن ۾ ان تي پٿراءُ وغيره جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ليڪن حفاظتي انتظام چڱي هئڻ ڪري بچاءُ ٿي ويو. پير صاحب ٻڌايو ته منهنجن ڪتابن جو هن وقت ڪيٽالاگ به نه آهي، ٻه ٽي ڏينهن هڪ ٻه همراهه رکيم ليڪن اهي ڀڄي ويا، پر ڪجهه ڪتاب به کڻي وڃي رديءَ وارن گاڏن تي وڪيائون. هڪ ڪتاب پنجاب جي وزير خزانه حنيف رامي مون کي سوکڙي ڏنو هو، سو هنکي هڪ دوست فوٽ پاٿ وارن اسٽالن تان وٺي موڪليو هو.

سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ توهان جو ڇا رايو آهي.

راشدي صاحب جواب ڏنو ته مان اڄڪلهه جي سنڌي نوجوانن مان بلڪل مطمئن ۽ پر اميد آهيان. جي ايم سيد جي فڪر جيڪا جاڳرتا پيدا ڪئي آهي ۽ نوجوانن جي تحريڪ جنهن جو بنياد 4 مارچ کان پيو، ان نوجوانن ۾ انقلاب آندو آهي، ۽ اسان جا نوجوان دنيا جي ترقي يافته ملڪن کان ڪنهن به ڳالهه ۾ گهٽ نه آهن ۽ تمام ذهين آهن. پاڪستان ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ افسانه، ناول، مضمون خواهه شعر وڌيڪ فڪر انگيز صرف سنڌين جو ئي آهي ۽ مان پڙهندو آهيان ته منهنجو ايمان تازو ٿي ويندو آهي. مان يقين سان چوان ٿو ته پاڪستان ۾ با مقصد ادب صرف سنڌين جو آهي، بهرحال تڏهن به ترقي يافته ملڪن جي ادب جي لحاظ کان گهٽ آهي، اڃا محنت ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي. ان لاءِ پاڻ ۾ ٻڌي هجي ڇو ته اسان مصيبت ۾ آهيون. ذهني طرح آزاد نه آهيون، اڳ هندوستان اسان جا حق کسيا هئا ۽ هاڻي انهن جي جاءِ نشين ماڻهن، وڏن خواهه ننڍن، سرڪاري نيم سرڪاري ادارن ۾ سنڌين کي نوڪرين کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ اسان جا نوجوان دربدر، روزگار لاءِ پريشان آهن ۽ مجبورن مسعود نوراني ۽ لالا قادر جهڙا نوجوان حڪومت وٽ وڪامجن ٿا. پر جيڪڏهن آزاد شهرين وانگر باعزت روزگار ملي ته ائين نه ٿئي. سائين حسام الدين شاهه چوڻ لڳو ته ، اسان وٽ تمام وڏين صلاحيتن وارا ماڻهو هر ميدان تي موجود آهن ۽ هر فن ۾ سنڌي اڳتي آهن. اسان وٽ اي ڪي بروهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب دنيا جو بهترين ذهن رکندڙن مان آهن. علامه آءِ آءِ قاضي عالمن ۾، اردو لکندڙن ۾ علي محمد شاهه ۽ تاريخ ۾ مون جيتري کوجنا ڪنهن نه ڪئي آهي. سياستدانن ۾ جي ايم سيد آهي، جو ڪڏهن به وڪامي نه ٿو سگهي ۽ هاڻي سجاڳيءَ جو دور آهي. سڀڪو پنهنجي لاءِ سوچي پيو. پنجاب ۾ هاڻي سرائڪي وارا به پنهنجي ٻوليءِ لاءِ جدوجهد ۾ آهن. ڇو ته بهاول پور – ملتان جو سرائڪي ڳالهائيندڙ حصو، سرحد صوبي کان وڏو آهي. ان ڪري سنڌ جي نوجوانن کي به پنهنجي جدوجهد وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي، جو حڪومت تي آسرو رکڻو نه آهي، پر نوجوانن تي اهو بار آهي جيڪڏهن نوجوانن سستي ڪئي ته، سنڌ قيامت تائين ڪنڌ نه کڻندي، ۽ ڪڏهن به کين بخش نه ڪندي.

تاريخ سان توهان جي دلچسپي ڪيئن ٿي؟

ننڍي هوندي مذهبي تعليم هئڻ ڪري، اسلامي تاريخ پڙهڻ ڪري، تاريخ نويسيءَ سان دلچسپي ٿي ۽ 1930ع ۾ راجا ڏاهر خلاف مضمون لکيم.پاڻ چوڻ لڳو ته مسلمانن جي تاريخ خون سان ڀريل آهي عوام ته ڪا شيءِ نه رهيو آهي.صرف اسلام جي نالي کي استعمال ڪيو ويو آهي.احمد شاهه ابدالي، محمود غزنوي، بابر شاهجهان، جهانگير، عالمگير ، اسلام جي نالي ۾ ظلم ڪيا ۽ دهلي ملڪ جو تختگاهه رهي.پر اتي هاڻي به هندو گهڻا رهن ٿا. پير صاحب ان موقعي تي مڙئي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته اسلام جو ڪو به ٺيڪيدار نه آهي. اسان به خدا کي مڃون ٿا ۽ ان جي رسول ﷺ سان محبت آهي، پر هاڻي قصو ئي نرالو آهي. ۽ اهو ”منصور“ وارو آهي. راشدي صاحب موجوده تاريخ لکڻ بابت چوڻ لڳو ته، اڄڪلهه تاريخ بلڪل غلط لکي وڃي ٿي ۽ حقيقتن کي مسخ ڪيو وڃي ٿو. حاليه تاريخ ته آهي ئي ڪا نه ۽ هن وقت تاريخ اسلام جو نظريو رکي پوءِ لکن ٿا، حالانڪه تاريخ مسلمان نه ٿيندي آهي پر تاريخ تاريخ ٿيندي آهي ۽ تاريخ هن وقت سائنسي ۽ جديد طريقي موجب نه لکي وئي ته پوءِ سمجهه ۾ ئي نه ايندي.
پير صاحب جو اسان ڪافي وقت وٺي چڪا هئاسون. اٿڻ مهل پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي هليو، جتي لائبريري واري نموني ڪتاب درين تي سٿيا پيا هئا، وهاڻي جي ٻنهي پاسي ڪتاب پيا هئا. خصوصن شاهه جو رسالو ۽ مثنوي مولانا روم، جن کي پير صاحب دلچسپي سان پڙهندو آهي، اهي پيا هئا، ڪمري جا ڪجهه فوٽو وٺڻ بعد اسان سندس ٿورو مڃي ٻاهر نڪتاسين ۽ راشدي ”برادران“ جي پاڻ ۾ اتحاد ۽ هڪٻئي سان مددڪرڻ واري ڳالهه پير مظفر تي اهڙو اثر ڪيو جو چوڻ لڳو ته ” يار مان به اهڙي نموني وڏي ڀاءُ پير مظهر جي مدد ڪندس ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي رهندس.“


_________
(1) هيءُ ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جي نالي سان 1977ع ۾ ڇپيو آهي

اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ

[هي انٽرويو محترم ناصر مورائي ورتو ۽ ان کي رسالي ”برسات“ ڪراچي، ڊسمبر1974ع ۾ شايو ڪيو]

سنڌ جي ڌرتي سدا جوان ڌرتي آهي. زرخيزيءَ ۾ ان جو مٽ دنيا جو ڪو مشڪل خطو هوندو. هن ڌرتيءَ پنهنجي ان خوبصورتيءَ، حسن ۽ زرخيزيءَ جي ڪري جيترو ڌارين بگهڙڻ جا حملا سٺا آهن، اوترو دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ نه سٺا آهن. دراوڙ ڪال کان ويندي هن دور تائين هن ڌرتيءَ جي حسن کي لٽڻ لاءِ ڪيئن جارح حملي آور ٿيندا رهيا آهن هن ڌرتيءَ جنهن جي عظمت جا نشان موهن جو دڙو ۽ رني ڪوٽ آهن. پنهنجي سيني ۾ سوين سورمن، هزارين ڪوپن ۽ ڪونڌرن جي ڪوس جا داستان دٻالٽ ڪري رکيا آهن ۽ پنهنجي عظمت ۽ اعلان کي برقرار رکڻ لاءِ اڄ ڏينهن تائين اهڙا ڪونڌر ڄڻيندي ٿي رهي.
سنڌ جي موجوده ٻڪر ٻوساٽ واري دور ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ پير حسام الدين راشدي ئي واحد شخص آهي، جيڪو سنڌين جي تهذيب، ثقافت ۽ سنڌي ٻوليءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڌارين کان ٿيندڙ حملن جو مقابلو ڪري رهيو آهي.
اروڙ جي فرياد جيئن خاموش ۽ اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ سان واسيل پير حسام الدين راشديءَ وٽ بنا وقت مقرر ڪرڻ جي، چند سوال پني تي لکي ۽ هزارين سوال سيني ۾ سانڍي ٽيپ رڪارڊ ڪلهي ۾ لڙڪائي وڃي پهتس ته ”برسات“ جي پڙهندڙن سان پير حسام صاحب جي ملاقات ڪرايان. باريابي حاصل ڪرڻ جي ابتدائي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ ڪمري ۾ پير ڌريم ته پير صاحب هڪ وڏي ميز جي پٺيان ڪرسيءَ تي ويٺو هو. فرش کان ڇت تائين ڪاٺ جي طاقن تي ڪتاب سٿيا پيا هئا. چوطرف سانت ڇانيل هئي. سلام وارڻ کانپوءِ هڪ ٻئي جي خيريت معلوم ڪئي سون. مان پير صاحب جي شخصيت ۽ ڪمري جي وايو منڊل ۾ مبهوت هئس ته پير صاحب پڇيو: ” ابا، ڪر خبر ڪيئن آيو آهين؟ ان وقت مون محسوس ڪيو ته ڄڻ اروڙ جي صدين کان خاموش ماٿريءَ مان پڙاڏو اڀري رهيو آهي. مقصد بيان ڪيم ته ساڳئي وقت حجت به رکيم، ڇاڪاڻ جو پير صاحب بي انتها مصروف هو، متان ڪو انڪار ڪري وجهي، مون کي پنهنجي ارادي تي پختو محسوس ڪري پير صاحب کي ٻيو چاروئي نظر نه آيو، ان کان اڳ لکڻ ۾ مصروف هو، سو ڪاغذ پٽ سنڀالي پاسيرا رکي، مون ڏانهن متوجه ٿي فرمايائين : ها، چئه، ڇا ٿو پڇڻ چاهين؟ “ مون ان وچ ۾ ٽيپ رڪارڊر کي تيار ڪري رکيو هو. سوال ڪيم ته : ” پير صاحب توهان سنڌ جي قديم تاريخ کي سهيڙڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، سنڌين تي توهان جو اهو وڏو احسان آهي، ڇاڪاڻ جو تسلسل نه ٿو ملي ۽ جيڪي ڪجهه تاريخ ۾ موجود آهي اهو بگڙيل صورت ۾ آهي. توهان ان مسئلي تي روشني وجهندا؟“ پير صاحب جواب ۾ ٻڌايو ته:
هن وقت تائين جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن، انهن ۾ ڪو به خيال يا ڪو موڙ ڏنل ڪونهي. ان کانسواءِ انهن مان عام حالتن جي ڪا به خبر نه ٿي پوي. اهي فقط وڏن ماڻهن، عالمن، بزرگن ۽ شاعرن جون تاريخون آهن. عام ماڻهن جي ڪهڙي حالت هئي، انتظام ڪهڙو هو، اٿي ويٺي ڪهڙي هئي، مالي ۽ سماجي حالت ڇا هئي، نه فقط ان ڳالهه جي خبر نه ٿي پوي پر اها به ڄاڻ نه ٿي پوي ته سنڌ تي آيل ڌارين حڪومتن هتي ماڻهن سان ڪهڙا ڪلور ڪيا، يا فاتح مفتوح سان ڪهڙي نموني هليو، مرحوم مرزا قليچ بيگ توڙي محمد صديق ميمڻ جي دور تائين سنڌيءَ ۾ جيڪي تاريخون لکيون ويون، انهن ۾ ان شيءِ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي. مون ماڻهن جي عام زندگي ۽ فاتحن جي مفتوح سنڌين سان سلوڪ کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مطالع آيل مختلف ڪتابن مان ٽڪرا ڪڍي هڪ هنڌ گڏ ڪيا آهن.مثال طور اسان کي اها خبر نه هئي ته ارغونن ۽ ترخانن سنڌين تي ڪهڙا ظلم ڪيا. هاڻي اهي بلڪل وائکا آهن. انهن جي ظلمن ۽ ڏاڍ جا جيڪي به واقعا هئا اهي مون سمورا گڏ ڪري تاريخ ۾ ڏنا آهن. پڌرو آهي ته جيئن ته اهي فارسيءَ ۾ آهن، انڪري انهن جو سنڌي ۾ ترجمو ٿيڻ لازمي آهي. جيستائين سنڌ جي تاريخ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿيندو تيستائين عام ماڻهو ان کي سمجهي نه سگهندا. دهليءَ وارن مغلن جو دور هميشه ساراهيو ويو آهي، پر انهن جي زماني ۾ اتفاق سان ” مظهر شاهجهاني“ نالي فارسيءَ ۾ هڪ اهڙي تاريخ لکي وئي آهي، جنهن ۾ مغلن جي گورنرن ۽ خود مغل بادشاهن جيڪي سنڌين سان ظلم، ڏاڍيون ۽ بي انصافيون ڪيون آهن ۽ سنڌين جيڪي اذيتون سٺيون آهن. انهن جو نهايت اندوهناڪ ۽ دردناڪ نقشو چٽيو ويو آهي. اها تاريخ مغلن جي هڪ ڪاردار لکي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ ۾ مغلن جي ٿيل ڪوتاهين کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها مظهر شاهجهاني تاريخ جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ماڻهن جي آڏو اچي ته مون کي يقين آهي ته ان تاريخ پڙهڻ کانپوءِ ڪو به ماڻهو مغل حڪومتن جي ساراهه نه ڪندو. تاريخ ڪو مذهبي ڪتاب نه آهي، تاريخي واقعا الهامي نه آهن. مذهبي فريضو نه آهن. انهن کي سائنسي انداز سان پڙهڻ ۽ پرکڻ گهرجي. تاريخ هميشه پڙهڻ لاءِ آهي، تلاوت ڪرڻ لاءِ نه آهي، سنڌ جي تاريخ تي سڀ کان پهريون ڪتاب ”چچ نامو“ آهي، جيڪو فارسي ۾ لکيل آهي. اسلام کان اڳ جا جيڪي به سنڌ ۾ ڪتاب هئا سي سڀ مسلمانن جي انهن حملن ۾ تباهه ٿي ويا، جهڙي ريت مسلمانن ٻين هنڌن تي مفتوح ملڪن جا ڪتبخانه تباهه ڪيا آهن. سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو هو، جيڪو عربن جي حملن ۾ تباهه ٿي ويو ۽ پوءِ اها ” چچ نامو“ تاريخ لکي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيترا غلط ۽ هٿ گهڙيل واقعا ڏنا ويا آهن. مثال طور اهو چيو ويو آهي ته ڪراچيءَ جي ديبل بندر تي مسلمانن کي ڦريو ويو، زائفون لٽيون ويون ۽ قيد ڪيون ويون. اتان ڀڄي نڪتل ماڻهن وڃي حجاج بن يوسف کي ٻڌايو ته سنڌ جي ماڻهن مسافرن کي ڦريو آهي ۽ انهن توکي ”اغشني يا حجاج“ چئي مدد لاءِ پڪاريو آهي. تنهن تي حجاج، محمد بن قاسم کي سنڌ تي حملي لاءِ موڪليو. اهي ۽ ان قسم جا ماڻهو علامتون (Symbol) ٿي اچن ٿا. اها مسلمان مسافرن جي ڦر واري روايت بلڪل غلط آهي. سنڌ تي حملو، مسلمانن جي ڦر جي داد رسي ۽ ڦر جو مال واپس موٽائڻ لاءِ نه ڪيو ويو هو. ان روايت کي ٿوري دير لاءِ کڻي مڃجي ته اهو ڪيئن روا ٿي سگهي ٿو ته رستي ويندي ڪي چور ڪنهن کي ڦرين ته ان ملڪ تي حملو ڪيو وڃي ! ٻئي پاسي ان کان اڳ عربن سنڌ تي ڏهه ٻارهن حملا ڪيا، انهن جو ڪهڙو جواز هو؟
ظاهر آهي ته عربن جو ٻين ملڪن وانگي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو باقاعدي پروگرام هو، تاريخ ۾ ان حملي کي جائز ڪرڻ ۽ ملڪ گيري کي قاعدي اندر ڄاڻائڻ لاءِ اهو هڪ هٿ گهڙيو واقعو ٺاهيو ويو، جيڪو منطق ۾ بلڪل نه ٿو اچي. اهڙيءَ ريت ”چچ نامو“ تاريخ نه آهي، محض ڏند ڪٿائون آهن. جيڪا به حاڪم قوم ايندي آهي، اها پنهنجي غلط قدمن ۽ عملن جي جواز لاءِ تاريخون لکرائيندي آهي، جنهن ۾ هٿ گهڙيا واقعا درج ڪرائيندي آهي. اهڙي نموني سان اسان جي هر دور جي تاريخ کي بگاڙيو ويو آهي.
ٽيپ رڪارڊر پير صاحب جو آواز محفوظ ڪري رهيو هو ۽ مان سندس زبان مان نڪتل تاريخ جي شفاف جهرڻي جيان وهندڙ ڌارا جي لئه ۾ گم هوس. پير صاحب جيئن بيان پورو ڪري مون ڏانهن سوال ڪرڻ لاءِ نهاريو ته ڇرڪ ڀري پاڻ کي سنڀاليم ۽ آڏو رکيل ڪاڳر تي نظر ڌري ٻيو سوال ڪيم: ”سائين، سنڌ جي قديم تاريخ بگاڙڻ جا بنيادي ڪارڻ ڪهڙا آهن؟“ پير صاحب وراڻيو:
قديم دور کي ايندڙ دور يا حال، ماضيءَ کي بگاڙي، اهو ته سدائين رهيو آهي. ڪنهن به ملڪ جي ڪا به تاريخ صحيح ڪانه لکي وئي آهي. جنهن بادشاهه يا حاڪم تاريخ لکرائي آهي، يا جنهن دور ۾ لکي وئي آهي، انهي بادشاهه کي جائز ثابت ڪرڻ يا ان حاڪم جي حڪومت کي جائز ثابت ڪرڻ يا حاڪم جي حڪومت کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ گذريل بادشاهن يا حاڪمن جا گناهه لکبا ويندا آهن ته جيئن پڙهندڙ ائين سمجهن ته هيءُ بادشاهه يا حاڪم رحمت جو فرشتو آهي، باقي اڳين بادشاهن يا حاڪمن مصيبتون پي پيدا ڪيون آهن.
هندوستان ۾ جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن، اهي ٻن نوعيتن جون آهن، هڪڙيون تاريخون اهي آهن، جيڪي مغلن ۽ ٻين بادشاهن سرڪاري طور لکرايون، جيڪي ظاهر آهي ته يڪ طرفيون آهن.
ان کان پوءِ جڏهن انگريزن جي حڪومت آئي ته هتي گروهه پيدا ٿيا. هڪ هندن جو ته ٻيو مسلمانن جو. انهن گروهن پيدا ڪرڻ ۾ انگريزن جو پنهنجو مقصد به هو. ان دور ۾ جيڪي به تارخون لکيون ويون، انهن ۾ ڪي بت اهڙا بنايا ويا، جن جو مسلمان احترام ڪن ته ڪي بت اهڙا کڙا ڪيا ويا، جن کان هندو نفرت ڪن. انهن ۾ محمود غزنوي ۽ اورنگزيب عالمگير ۽ ڪي ٻيا بادشاهه سرفهرست آهن. اهي تاريخون تاريخي لحاظ کان نه جواب در جواب طور لکيل تاريخون آهن. مثال طور هندن کي چيڙائڻ لاءِ محمود غزنوي کي مسلمانن جو وڏو سورمو، غازي، هندن جو وڏو ڪٽر دشمن ۽ اسلام جي علامت ڪري لکيو ويو آهي. حالانڪ محمود غزنوي هندوستان تي جيڪي به ڪاهون ڪيون، اهي سڀ هن ذاتي ۽ دولت لٽڻ لاءِ ڪيون. اهي اسلام جي سربلندي يا مسلمانن جي ترقي ۽ فائدي لاءِ نه هيون. هندوستان تي حلا ڪري رڳو لٽ مار ۽ قتل غارتگري ڪئي ۽ سمورو لٽيل خزانو غزنيءَ کڻي ويو.
منصورهه جي حڪومت ظاهر آهي ته اسلامي علامت سمجهي ٿي وئي. اهو شهر اتان جا ماڻهو، انهن جي اٿڻي ويهڻي مطلب ته سڀ ڪجهه اسلامي نمونو هو، جنهن کي محمود غزنوي تباهه ڪيو. ڪنهن هندو راجا يا مڪاني بادشاهه نه ڪيو هو. هن ملتان سان به ساڳي ڪار ڪئي، تنهن ڪري اهڙي شخص کي اسلامي علامت يا اسلام جو علمبردار ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟
حقيقت ۾ هو هڪ عام غاصب ۽ ظالم بادشاهه هو، جنهن جو اسلام سان ڪو به واسطو نه هو. جيڪي به مسلمان بادشاهه ٿي گذريا آهن، تاريخ مان انهن جي ڪردار جو جيڪڏهن ايمانداريءَ سان تجزيو ڪبو ته انهن مان ڪوبه بادشاهه مسلمانيءَ جي نقطي تي يا اسلامي علامت بنجڻ تي پورو ڏسڻ ۾ نه ايندو. هي بادشاهه به ٻين قومن جي بادشاهن ۽ فاتحن جهڙا هئا.
مغل بادشاهن ۾ اڪبر جون ڪمزوريون معلوم آهن. جهانگير جون اخلاقي ڪمزوريون بيحد گهڻيون آهن. حالانڪ تاريخ ۾ هن کي عادل ڪري پيش ڪيو ويو آهي. پر سندس پنهنجي ڀائرن يا اولاد سان جيڪا روش هئي، ان جي ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي. پيءُ سان بغاوت ڪيائين. هڪ ايراني عورت تي عاشق ٿيو ته ان جي مڙس کي مارائي هن کي هٿ ڪيائين. شراب بي انتها پيئندو هو. آفيم به کائيندو هو. گهڻي شراب پيئڻ ۽ آفيم کائڻ ڪري سندس پويان ڏينهن مايوسي ۽ بي چيني ۾ گذريا ۽ Narves Breakdown ڪري موت ٿيس. ان کان پوءِ شاهجهان تخت تي ويٺو، تنهن به پنهنجا ڀائر مارايا. هاڻي اها ڪهڙي اسلامي خدمت هئي يا هندوستان ۾ شاهجهان جي انهن خوني ڪاررواين کان پوءِ اسلام جو ڪهڙو واڌارو ٿيو؟ ان کان سواءِ هو اخلاقي طور تي به تمام ڪمزور هو. اهو سڀ ڪجهه تاريخن ۾ موجود آهي. هاڻي جي تاريخ کي عقيدي سان پڙهبو ۽ لازمي طور اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته مغل بادشاهه فرشته سيرت هئا ته پوءِ ان جو ڪو علاج ڪونهي!
اورنگزيب تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڏن ڀائرن سان وڙهيو. داراشڪوهه ۽ ٻين ٻن ڀائرن کي مارايائين. پيءُ کي ڪاٺ ۾ وڌائين. وچئين ڀاءُ جون اکيون ڪڍرايائين، وڏي ڀاءُ کي قتل ڪرائي ان جو سر پيءُ ڏانهن بندي خاني ۾ موڪليائين. مطلب ته اورنگزيب تخت حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون خونريزيون ڪيون. ڪيترا دفعا سنڌ ۾ اچي وڙهيا. اها انگريزن جي ڪوشش هئي ته اورنگزيب کي اسلام جو علمبردار ڪري پيش ڪن ته جيئن هندو اورنگزيب کان ڇرڪن ۽ نفرت ڪن ۽ مسلمان هن کي سورمو ۽ اسلام جي علامت سمجهن. اورنگزيب جي ڪردار ڏسجي ته اخلاقي طور بيحد ڪمزور هو، شڪي ۽ بدمزاج هو. هن کي دکن جي چئن مسلمان رياستن کي ناس ڪرڻ لاءِ پنهنجي حياتيءَ جا پنجيوهه سال خرچ ڪيا. هاڻي سوال ٿو اٿي ته اونگزيب جنهن کي اسلام جو علمبردار سڏيو ٿو وڃي، دکن جي انهن چئن ئي رياستن کي ڇو ختم ڪيو؟ کيس گهرجي ها ته انهن مسلمان رياستن کي مستحڪم ڪري ها! پر ائين نه ڪيائين انهن مسلم رياستن سان ساندهه پنجويهه سال جنگيون جوٽيو ويٺو رهيو ۽ مئو به اتي ئي.
شاهجهان توڙي اورنگزيب جي زماني ۾ سنڌ ۾ شورشون هيون. سنڌي بهرحال ڌاين جي حڪومتن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهندا رهيا آهن. ارغونن سان مقابلا ڪيائون. پر سنڌين ۾ جيڪي ذاتي نفاق ۽ عداوتون هيون ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ناڪام به ٿيا آهن ۽ گهڻو ڪري سنڌين کي جيڪا شڪست آئي آهي اها سڌي سنئين وڙهڻ جي ڪري نه آئي آهي پر ڌارين جي سازش ڪري آئي آهي. مثلاً ڄامن جو پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ فيروز شاهه تغلق جو موقعي مان فائدو وٺي سنڌ تي حملو ڪرڻ. جنهن ۾ هن ڄامن کي شڪست ڪانه ڏني پر سازش ڪئي. جهانيان جهان گشت بخاريءَ کي دوکو ڏئي وچ ۾ آڻي ڄام کي صلح تي راضي ڪري پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. مغل، شاهه عنايت سان ويڙهه ۾ پڄي نه سگهيا. مغل گورنر وچ ۾ قرآن مجيد آڻي صلح ڪيو. پوءِ کيس ٺٽي ۾ آندو ويو ۽ قتل ڪيو ويو. هاڻي ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌين جڏهن به شڪست کاڌي آهي يا حڪومت وڃائي آهي ته هميشہ سازشن ۽ دوکن سان وڃائي آهي. باقي لڙائي جي ميدان ۾ سنڌين کي ڪڏهن به زير نه ڪيو ويو آهي.
ارغونن ڄام فيروز ۽ صلاح الدين کي ويڙهائي سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي. ارغونن سان درياهه خان وڙهندي شهيد ٿيو ته پوءِ به درياهه خان جا پٽ ۽ راجپوت ارغونن سان هر قدم، هر جاءِ تي مقابلا ڪندا رهيا. هاڻي اهي تاريخي حقيقتون هڪ پاسي آهن ته ٻئي پاسي تاريخن تي جيڪي ڪتاب، اسان ننڍي هوندي کان پڙهيا آهن، انهن ۾ ٻئي قسم جا تذڪرا ڪيل آهن. اهڙي ريت تاريخ کي بگاڙيو ويو آهي. اهو سڀ ان ڪري جو هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ لاءِ انگريزن اهڙيون تاريخون تيار ڪرايون، سنڌ ۾ جيڪي ابتدائي تاريخون لکرايون ويون، انهن ۾ ڪو به علم، قوميت، يا وطن سان محبت جو ڪو احوال نه ڏنو ويو آهي. اهي سڀ تاريخون انگريزن پنهنجي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ لکرايون آهن ۽ انهن ۾ انتهائي غلط مواد ڀريو ويو آهي ۽ افسوس آهي جو اسان جي ئي مؤرخن انهن تاريخن کي لکيو آهي. انهن ۾ يا ته هو اٻوجهه هئا يا لکڻ لاءِ مجبور هئا. هنن هر ٻاهرئين حاڪم کي ”ظل الله“ يعني خدا جو پاڇو لکيو آهي. پوءِ کڻي ان ٻاهرئين بادشاهه، سنڌ جي مسلمان بادشاهه کي قتل ڪيو هجي، جنهن لاءِ کيس ڪو به اسلامي جواز، نه ئي ڪو حق هو، ته به انهن حاڪمن جي ساراهه ڪئي اٿن. انهن کي ڌوئي ڇڏڻ گهرجي. انهن تاريخن سان ذهن صاف نه ٿيندو ۽ اسان جي تاريخ نئين زماني سان هلي نه سگهندي. ان ڪري ضروري آهي ته تاريخن کي نئين سر پڙهڻ گهرجي، نئين سر تدوين ڪرڻ گهرجي ۽ جتي جتي تسلسل ٽٽي پيو آهي، ان کي ڳنڍڻ گهرجي. جنهن لاءِ اسان وٽ تمام گهڻو مواد موجود آهي. فقط اسان کي ڪوشش وٺڻ گهرجي. پيسو گهرجي ۽ پنهنجي ادارن کي فعال ڪرڻ گهرجي.
پير صاحب سوال جو جواب ڏئي پورو ڪيو ۽ مان سوچي رهيو هوس ته: ”سنڌين کي ڪمتريءَ جي احساس ۾ مبتلا ڪندڙ انهن تاريخن کي بلڪل ڌوئي ڇڏڻ گهرجي، جنهن لاءِ سنڌ جي موجودهه نسل کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي آهي.....“ مون سوال ڪيو ته: سائين، سنڌ جي موجودهه تاريخ کي اصلي صورت ۾ رکڻ لاءِ ته جيئن آئيندي جا مؤرخ سنڌ جي هلندڙ دور جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪن، ڪهڙيون ڪوششون وٺڻ گهرجن؟ ”پير صاحب وراڻيو ته:
انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ، اسان جي هن وقت جيڪا تاريخ آهي، انهيءَ لاءِ هر ماڻهوءَ کي اخبارن جي ڪٽنگس، يا اڙدوا خبار ۾ سنڌين تي جيڪي حملا ٿي رهيا آهن، انهن جون ڪٽنگس گڏ ڪرڻ گهرجن، مون کي حيرت آهي ته اردو اخبارون اهي مطالبا ڪري رهيون آهن ته : ”نصابي ڪتابن مان دودي چنيسر جو احوال ڪڍي باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو احوال ڏيڻ گهرجي“ ڇا اسان جي سورمن، اسان جي مشاهيرن کي حق نه آهي ته اسان جي تاريخ ۾ لکيا وڃن؟ ڪراچيءَ جو مثال وٺو، جيڪا سنڌ پرڳڻي جو گادي هوندي به، ڪنهن به سورمي جو نالو رستن تي نه لکيو ويو آهي. سڀ ٻاهرين جا نالا لکيا ويا آهن. هڪڙو شاعر هو. ڄائو به هندوستان ۾ ته مئو به هندوستان ۾، سندس وفاداريون به هندوستان سان هيون ته به سائين ان جو نالو هڪ تمام وڏي ۽ مکيه رستي تي رکيو ويو آهي: ”جگر مراد آبادي روڊ !“ ته منهنجو چوڻ آهي ته هن وقت جي تاريخ تمام آسان آهي ڇاڪاڻ جو اها اسان جي اڳيان هلي رهي آهي. اسان تي جيڪي ناجائز حملا ڪيا ٿا وڃن ۽ جيڪي اسان جا حق ڦٻايا ويا آهن. انهن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ گهرجن.روزمره جي واقعن جي باري ۾ جيڪي اخبارن ۾ ڇپجندو رهي ٿو اهو محفوظ ڪرڻ گهرجي. اهو هر سنڌيءَ جو فرض آهي ۽ وقت ايندو جو انهن اخبارن جون ڪٽنگس ۽ ٽڪرا اسان جي تاريخ بنجندي. ان کان وڌيڪ ٻي تاريخ ٿي نه سگهندي. ڇاڪاڻ جو اسان جي انهن روزمره جي واقعن ۾ عجيب غريب شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. نوڪرين، واپار، زمين، قرضن ۽ شهرن ۾ سنڌين جي دخل هئڻ جي سلسلي ۾ اسان سنڌين تي جيڪي ملڪ دشمنيءَ جا الزام ڌريا ٿا وڃن. ايتري قدر جو هڪ مسلمان ڪنهن ڪافر تي جيڪي الزام هڻي، اهڙا الزام اسان تي هنيا ٿا وڃن، ان سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه مواد هٿ اچي اهو سڀ محفوظ ڪيو وڃي. جنهن مان اسان جي تاريخ جڙندي، سنڌين سان ناحق ٿي رهيو آهي. ڏاڍ ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ جو قوت هنن جي هٿ ۾ آهي. اخبارون هنن جون رهيون آهن ۽ اسان سنڌين کي پٺتي رکيو پيو وڃي. اسان موجوده تاريخ کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ ان جي روشنيءَ ۾ اسان ماضيءَ جي تاريخ کي پرکي سگهون ٿا ته جيڏو هن وقت اسان تي ٻاهرين طرفان ڏاڍ ٿي رهيو آهي. ايڏو ئي ماضيءَ ۾ ٻاهرين حاڪمن طرفان سنڌين تي ظلم ۽ ڏاڍ ٿيو هوندو. ان ڪري ماضي ۽ حال سنڌ جي تاريخ لاءِ بلڪل ڳنڍيل آهن. نا انصافين ۽ ڏاڍائين جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي. اڄ جيڪي ڪجهه سنڌين سان وهي واپري رهيو آهي،ا ن کي گڏ ڪري جيڪڏهن ڪو تاريخ لکي ته ان کي گذريل دورن ۾ ٻاهرين حڪمرانن جي سنڌين سان ڪيل هلت سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ان ڪري اسان کي اخبارون پڙهي اڇلائڻ نه گهرجن. اخبارن ۾ درج ٿيل اهي سموريون ڳالهيون ۽ واقعا ڪوري ڪاغذ تي رکڻ گهرجن. مثال طور سنڌي ٻوليءِ کي تسليم ڪرائڻ لاءِ جيڪا پندرنهن سالن کان هلچل ڪئي وئي آهي، اها ڪنهن کي به ياد نه هوندي. پر مون وٽ اخبارن جون ڪٽنگس آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته فقط اهو مواد سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ لاءِ ڪافي آهي.

مون پير صاحب کان سوال ڪيو:
سائين سنڌ جي سرزمين تي صوفين جي پرچار جو گهڻو اثر آهي. ان تصوف مان سنڌي قوم جي مجموعي سرت ۾ واڌارو ٿيو آهي يا نه _ توهان ان بابت ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟ پير صاحب وراڻيو:

سنڌ تي صوفين جو وڏو اثر آهي جيڪو نه فقط مسلمانن تي پر هندن تي به يڪسان آهي. توهان کي معلوم هوندو ته هندو مسلمان بزرگن ۽ صوفين جا مريد هئا. شآهه عنايت، شاهه لطيف، سچل، ٻڍڙي فقير، بيدل بيڪس، ڪنڊڙي وارن توڙيِ اڏيري لال جا هندو به مسلمانن وانگي مريد هئا. مطلب ته تصوف جي سلسلي سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن مان مذهبي ويڇوٽي کي هڪ طرف ته مذهبي ڪٽرپڻي کي ٻئي طرف ختم ڪري ڇڏيو آهي. هندن ۽ مسلمانن ۾ اقتصادي فرق برابر هو، جيڪو به سنڌي مسلمانن جي عملن جي ڪري هو. اسان ۾ جيڪا انساني همدردي آهي. انساني قدر آهن، دلين ۾ نرمائي، اکين ۾ حياءُ، شرم، پاڙي وارن سان مهر محبت جو سلوڪ ڪيو آهي، اهو سڀ ڪجهه اسان کي تصوف جي ڪري حاصل آهي. پر هاڻي جيئن حلوو وڌيڪ کائي وڃجي ۽ پوءِ بدهضمي پيدا ٿئي، تيئن جيڪڏهن اسان سئو سيڪڙو تصوف تي هلنداسين ته ظاهر آهي ته اسان کي تڪليفون پهچنديون. تصوف ۽ صوفين جي تعليم اسان سنڌين لاءِ ترياق ۽ اڪسير آهي. باقي جيڪو چيو وڃي ٿو ته اسان جي قوم جي سستي ۽ ڪاهلي صوفين جي اثر ڪري آهي. بلڪل غلط آهي. ان سستي ۽ ڪاهليءَ جا ٻيا ڪارڻ آهن. ان جو هڪ ڪارڻ سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ زمينداري سرشتو آهي. جنهن هيٺ زميندار سنڌ ۾ وچولو طبقو پيدا ڪرڻ نه ٿو ڏئي ته جيئن اهو وچولو طبقو ڪرسين تي ويهي سندن مقابلو نه ڪري. ان ۾ پاڪستان کان اڳ هندو ۽ پاڪستان کان پوءِ ٻاهرئين ڪاموري ملي، سنڌ جي زميندار جو ساٿ ڏنو آهي ۽ سرپرستي پي ڪئي آهي. ٻيو ڪارڻ اهو آهي ته هر دور ۾ سنڌ تي ڪا نه ڪا ڌارين طاقت رهندي آئي آهي، جنهن سنڌين کي اڳتي وڌڻ ۽ خوشحالي ماڻڻ کان محروم پي رکيو آهي. جيئن هلندڙ دور ۾ اسان کي چيو پيو وڃي ته توهان تي هندن جو قبضو هو ۽ انهن توهان کي غلام بنائي رکيو هو ۽ هاڻي توهان آزاد آهيو. اسين چئون ٿا ته اقتصادي طرح اسان اڃا به بدحال آهيون، جيئن هندن جي زماني ۾ هئاسين. ته جواب ۾ چيو پيو وڃي ته توهان ۾ اهليت ئي نه آهي. توهان سست ۽ ڪاهل آهيو، اڳتي وڌڻ جي ڪا به ڪوشش نه ٿا ڪريو. مان ٿو پڇان ته انهن هندوستان مان لڏي آيل مسلمانن تي به ساڳي طرح هندوءَ جي بالادستي هئي ۽ هتي اچي هو پاڻ کي اهل ۽ لياقت وارو پيا سڏائين ته پوءِ انهن هندوستان ۾ ڇو نه ٿي پنهنجي اهليت ۽ لياقت جا جوهر ڏيکاريا؟ ڳالهه پڌري آهي. اهي هندوستان مان لڏي آيل مسلمان اتي اسان وانگر اقتصادي بدحالي ۾ مبتلا هئا ۽ هتي اچي جوهر ڏيکاريا اٿن. اهڙي ريت سنڌين جي پوئتي پوڻ جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت سواءِ هڪ ڄڻي جي، ٻي پوري حڪومت ٻاهران ٺهي آئي هئي. ان ڪري هتي سنڌ ۾ هندن جون ڇڏيل نوڪريون، واپار ۽ ٻيون ملڪيتون هنن جي هٿ ۾ اچي ويون. اسان ساڳي بدحالي ۾ رهجي وياسين. اهڙي ريت سنڌين جي ترقيءَ جا پورا وسيلا ۽ رستا هنن روڪي ڇڏيا آهن ته پوءِ اسان موڳا ۽ سست نه ٿينداسين ته ٻيو ڇا ٿينداسين ! ان ۾ تصوف جو ڪو به ڏوهه نه آهي. هيءُ هندوستاني مسلمان هتي لکين ايڪڙ زمين، هر اداري ۾ نوڪرين ۽ هر هنڌ تي بنگلن جا ڌڻي ٿي ويٺا آهن. اسان کي خبر آهي ته هندوستان ۾ انهن وٽ ڪجهه به ڪو نه هو. اهو سڀ ڪجهه ڪوڙن ڪليمن جو ڪرشمو آهي. حڪومت سندن ئي هئي پوءِ ناني رڌڻ واري ڏوهٽا کائڻ وارا وارو حساب هو. حسام الدين کي هتي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لاءِ جاءِ ڪانهي ۽ هيءُ جيڪي هٿين خالي هئا، هٿين خالي آيا هئا، اهي پنج پنج، ڇهه ڇهه بنگلن جا مالڪ آهن. مطلب ته بئنڪن ۾ ، ميونسپالٽين ۾ سندن ماڻهو آهن. ريهبليٽيشن (آبادڪاري) کاتو سندن هٿ ۾ هو، سو وٺي کڻي پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن يارن يا ڳوٺ وارن کي ورسايو اٿن. جيڪي آساميون نڪرن ٿيون، اهي پاڻ ۾ ورهايو ويٺا آهن. سنڌين کي نه ڪا نوڪري ٿي ملي، نه قرض ٿو ملي ۽ نه ئي ڪو پلاٽ ٿو ملي جو جاءِ ٺهرائي سگهن. اخبارون هنن جون آهن ٿوري گهڻي ڳالهه تي وٺي ٿيون واءِ ويلا مچائين، ان ڪري هنن اسان کي منجهائي رکيو آهي. اسان سست نه آهيون. اسان جسماني توڙي دماغي لحاظ کان فقط پاڪستان ۾ نه پر هندوستان ۾ برک آهيون. توهان ڏسندئو ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اسان جا ذهين ماڻهو موجود آهن. لکندڙن ۾ به اسان هنن کان تمام مٿي آهيون. هنن وٽ لکندڙن به نه آهن، جيڪي سٺا لکندڙ آهن سي به پنجاب سان تعلق رکن ٿا. هنن ۾ ڪا به لياقت نه آهي. پوءِ اسان اقتصادي طور تي بدحال آهيون ته اهو سنئون سڌو حساب جو معاملو آهي ۽ اهو هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته اسان کي اڳتي وڌڻ نه ٿو ڏنو وڃي.

مون سوال ڪيو: ”پاڪستاني ثقافت بابت ڪراچي ٽيليويزن تي ٿيل مذاڪري ۾ توهان جيڪي ڪجهه چيو، ان جي خلاف اردو اخبارون باقاعدي لکي رهيون آهن. توهان مهرباني ڪري ان تي تفصيلي روشني وجهندا “ پير صاحب وراڻيو:

ادا ڳالهه هيءَ آهي ته انهن جو دماغ خراب ٿيو آهي. انهن جو نه مطالعو آهي نه سمجهه اٿن. هندوستان مان جيڪي اهي اسان جا ڀائر آيا آهن، اهي گهرن ٿا پيا ته جيڪي ڪجهه هنن وٽ هندوستان ۾ هو، اهو هتي ٿئي، ۽ ان جو نالو اسلام ، ان جو نالو پاڪستان ۽ ان جو نالو پاڪستاني ثقافت ٿئي. جيڪڏهن اسان کي اها صورت هتي اختيار ڪرڻي هئي ته پوءِ هندوستان کان جدا ٿيڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي! ظاهر آهي ته هتان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت، هندوستان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت کان بلڪل جدا آهي. پنجاب، سنڌ، سرحد ڳ ي لکي رهيون آهن۽ بلوچستان انهن سمورن پرڳڻن کي پنهنجون مخصوص ثقافتون، تاريخون ۽ روايتون آهن. پاڪستان کي وجود ۾ آئي مس ڇويهه ورهيه گذريا آهن. جيڪي سياسي خلفشار ۾ گذريا آهن ۽ هاڻي ويهي پاڪستاني ثقافت بابت مذاڪرا ڪرائڻ، منهنجي خيال ۾ وقت کان اڳي ۽ اجايو آهي. ڪا به ثقافت، تهذيب ۽ تمدن ويهن پنجويهن سالن اندر پيدا نه ٿيندي آهي. ثقافت ٺاهي نه ويندي آهي پر خود نسلن گذرڻ کانپوءِ غير شعوري طور پنهنجي صورت اختيار ڪندي آهي. مثال طور مون انگريزي لباس اوڍيو ته انگريز ڪو نه ٿي پوندس ! مان سمجهان ٿو ته هتي ڪنهن نئين ثقافت ٺاهڻ جو ڪو ضرور ناهي. هتي جي چئن ئي پرڳڻن جو مجموعو پاڪستان آهي ته پوءِ اسان جي سنڌي ثقافت به پاڪستاني ثقافت شمار ڪري سگهجي ٿي. هاڻي پاڪستاني ثقافت جو نعروبلند ڪرڻ ۾ سواءِ ان جي ته هندستاني ثقافت جي اسان جي چئن ئي پرڳڻن جي ثقافتن تي بالادستي قائم ٿئي، ٻيو ڪو مقصد نه آهي. فطرت جو قانون آهي ته جيڪڏهن ڪي ٻاهريان ماڻهو ايندا آهن ته انهن کي زماني جي رفتار سان هتي جي اصلوڪي ثقافت ۾ جذب ٿي وڃڻو پوندو آهي، مون کي تعجب لڳو ته هي ماڻهو ان شيءِ تي مذاڪرا ڪرائي قومي پيسي ۽ وقت جو زيان ڪرائي رهيا آهن. جنهن جو نه ئي ڪو وجود آهي، نه ئي وجود ۾ اچڻ جو ڪو امڪان آهي. هتي پنجين ثقافت پيدا ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. باقي جيڪو مغل ثقافت جو راڳ ڳايو پيو وڃي، اها ثقافت مون کي ته نظر ئي نه ٿي اچي. مغل ثقافت کي، اسلامي ثقافت ته درڪنار، انساني ثقافت به چئي نه ٿو سگهجي ۽ اهڙي مغل ثقافت جو اسان جي حالتن ۽ ڪيفيتن سان ڪو به ٺهراءُ ٿي نه ٿو سگهي. مغل فقط بادشاهه هئا. فرد هئا ۽ جيئن ته ڏاڍا بادشاهه هئا، ان ڪري انهن جو عوام سان ڪو به لاڳاپو نه هو. سندن اٿڻي ويهڻي فقط سندن تائين يعني، بادشاهن شهزادن ۽ اميرن تائين محدود هئي. هاڻي اسان جڏهن عوام جو نالو پيا ٿا وٺون ۽ مٿئين طبقي کي گڏي آڻي عوام سان شامل پيا ڪريون ۽ طبقاتي فرق مٽايون ٿا پيا ته پوءِ ان زبون ٿيل بادشاهي ثقافت جو راڳ ڇو! ان بادشاهي ثقافت ۾ ڪيتريون ئي بيهودگيون هيون. مثال طور واجد علي شاهه لکنو جي ثقافت! واجد علي شاهه جو هڪ بادشاهه هو. بيحد ڪمزور هن ۾ گهڻيون ئي اوڻايون ۽ عيب هئا. هن جي اها حالت هوندي هئي جو ٻه مهينا پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو، چي: بادشاهه کي حمل ٿيو آهي، سو هاڻي اسقاط ٿيندو. يا محمد شاهه رنگيلي جيڪي درٻار ۾ ميراثي گڏ ڪيا هئا ۽ هڪ نئين ثقافت جو مظاهرو ڪيو هئائين. هاڻي واجد علي شاهه جي لکنوءَ جي ثقافت، محمد شاهه رنگيلي جي ميراثن جي ثقافت ۽ مغلن جي راجپوت راڻين جي ثقافت، پاڪستاني ثقافت آهي؟ ڇا اسان اها پاڻ تي مڙهي سگهنداسين!

اها مغل ثقافت هڪ قسم جي مجهول، غير اسلامي ۽ غير انساني آهي ۽ منهنجي خيال ۾ موجوده حالتن ۾ اسان لاءِ زهر آهي. مغل انتهائي عياش، ظالم ۽ عوام جي دولتن مان عيش عشرت ڪندڙ هئا. انهن جو عوام سان ڪو به واسطو نه هو. پوءِ اهڙي ثقافت جو راڳ آلاپڻ، اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ هندوستاني ثقافت مڙهڻ جي ڪوشش کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. باقي رهيو اردو اخبارون، سي گهڻو ڪري بي سروپا ڳالهيون لکنديون آهن. انهن کي پنهنجو وڪرو وڌائڻ ۽ اردو دانن جي رت کي گرم رکڻ لاءِ ڪو نه ڪو شوشو ڇڏڻو پوندو آهي. سنسي خيزي ته انهن اخبارن جو ڌنڌو آهي. منهنجي خلاف ته اهي اخبارون زبان جي مسئلي کان وٺي لکنديون رهيون آهن ۽ مان انهن ڏي ڌيان نه ڏيندو آهيان. مان جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته تاريخ کي هڪ الهامي يا مذهبي ڪتاب جي حيثيت سان پڙهڻ نه گهرجي. ان کي هڪ تاريخ جي حثيت سان پڙهڻ گهرجي. مون مغل ثقافت لاءِ ”حرامي“ جو لفظ ڪتب نه آندو آهي. ان مذاڪري ۾ جڏهن اهو ذڪر نڪتو ته مغل تهذيب پاڪستان جي ثقافت ٿيڻ گهرجي ته مون کي سخت تعجب لڳو ته ڪاڏي مغل ڪاڏي اسان ! مغلن جو پاڪستان سان ڪهڙو واسطو؟ مغلن جو واسطو هندوستان سان هو. چيو ويو ته مغل اسلام جا اڳواڻ هئا. مون چيو ته بابر کي ڪهڙو ٿي حق پهتو جو ابراهيم لوڌيءَ تي حملو ڪري. بابر ته شرابي هو. خود لکيو اٿن ته هن هتي اچي شراب جا دنگ ڀڄارايا. ابراهيم لوڌي کائنس وڌيڪ پڪو مسلمان هو. شريف النفس هو. مسلمان بادشاهن کان ملڪ کسڻ ۽ انهن کي قتل ڪرڻ ته پري رهيو پر مغلن جيڪي هڪٻئي جون، ڀائرن ۽ اولاد جون خونريزون ڪيون. ان سان اسلام جي ڪهڙي خدمت ٿي؟

تاج محل کي حرامي چوڻ ته منهنجو ڪم نه آهي. ڇاڪاڻ جو اها هڪ بهترين عمارت آهي ۽ بحيثيت عمارت جي فنون لطيفه ۾ ان کي وڏو درجو حاصل آهي. پر مسئلو هو ته آيا اهڙي عمارت، هڪ عورت جي قبر تي اڏڻ جو اسان کي هتي پاڪستان ۾ حق پهچي ٿو يا نه ؟ اهو پيسو قومي ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ٿيڻ گهرجي. مون کي يقين آهي ته اسان جي قوم انهن عمارتن کي پنهنجي ثقافتي علامت ڪري ڪڏهن به قبول نه ڪندي. باقي مون اتي اهو چيو هو ته مغلن جيڪي هندو راڻيون پنهنجي حرمن ۾ شامل ڪيون هيون، انهن مان پيدا ٿيل اولاد کي توهان ڪهڙي شرعي حيثيت ڏيندا؟ ڇاڪاڻ جو هندو اهل ڪتاب نه آهن، انهن اسلام به نه قبوليو هو. انهن سان نڪاح جائز نه هو ته اهڙي حالت ۾ جيڪي مغل شهزادا ۽ بادشاهه هندو راڻين جي پيٽ مان پيدا ٿيا. انهن کي ڇا سڏيو ويندو؟

مان سمجهان ٿو ته هندو راڻين کي زوريءَ حرمن ۾ داخل ڪرڻ ڪري، مغلن ۾ جيڪي اسلام جا جزا هئڻ گهربا هئا. اهي منجهائن نڪري ويا. اڪبر بادشاهه تي ان جو وڏو اثر هو، جنهن اسلام ڇڏي نئون مذهب ” دين الاهي“ ٺاهيو. جهانگير جي ماءُ هندو هئي، ان ڪري جهانگير تي اثر ٿيو. هندو راڻين جي ڪري مغلن ۾ گڏيل سڏيل مذهبي جذبو پيدا ٿيو، جيڪو اسلامي جذبو بلڪل نه هو. درشن يا جڳهن ۾ جهروڪا ٺهرائڻ، سج ۽ پاڻي جي پوڄا ڪرڻ مغلن جي اٿڻي ويهڻي ۾ شامل آهن. جيڪو اسلام ۾ بلڪل ناجائز ۽ غير شرعي آهي. ان کانسواءِ انهن مغل بادشاهن جي اعمالن ۽ پرڪارن جي ڪري، باوجود چار سئو ورهيه هندوستان تي حڪومت هئڻ جي به مسلمان اقليت ۾ رهيا ۽ اڃا تائين اقليت ۾ آهن. هاڻي جن بادشاهن جي پرڪارن سان نه ته اسلام کي تقويت پهتي. نه ئي مسلمان وڌي سگهيا ته پوءِ انهن بادشاهن کي اسان ڪهڙي نموني سان اسلام جو علمبردار سڏي سگهون ٿا ! انهن جا اعمال توڙي ڪردار ڪنهن به صورت ۾ تقليد جي قابل نه آهن. منهنجو خيال آهي ته اسان جي مهاجر دوستن کي ”فسانه آزاد“ ۽ ”طلسم هوشربا“ جي ماحول مان نڪرڻ گهرجي. تاريخ ۽ تاريخي واقعن کي تورڻ گهرجي. تاريخ کي مذهب نه بنائڻ گهرجي. هر شيءِ جي تور تڪ ڪري پوءِ لکڻ گهرجي، جيڪي مسئلا آهن، اهي مون کي گاريون ڏيڻ سان، يا سنڌين کي گاريون ڏيڻ سان، يا اردو جي برتري ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت گهٽائڻ سان، يا سنڌي ثقافت کي تسليم نه ڪرڻ سان نبيرجي نه سگهندا. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي، جو اسان جا مهاجر دوست حقيقتن کي مڃڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا آهن. ٻيو ته هنن ۾ هن وقت نه ڪو مورخ آهي نه ڪو اديب ۽ عالم آهي. نه ڪو ڪتاب ٿو پڙهي نه ڪو ڪتاب خريد ٿو ڪري. هنن ۾ مطالعي جو شوق بنهه نه آهي. هو مست ٿيا پيا آهن. دولت ۽ ثروت ۾ ، هو فقط گاريون ڏئي ڄاڻن. مغل گڏيل هندوستان جا حاڪم هئا، سندن مٽ، مائٽ، پڦاٽ، ماسات ته ڪو نه هئا، پوءِ انهن بابت ڪنهن ڳالهه تي مون کي چڙ نه ٿي وٺي کين چڙ ڇو ٿي وٺي؟ مان سمجهان ٿو هو ته پنهنجي محدود علم ۽ ڄاڻ جي ڪري بلڪل معذور آهن.

مون سوال ڪيو ته: ”اردو جا اهي هٿ ٺوڪيا دانشور نه فقط توهان ۽ ٻين سنڌي سياستدانن ۽ دانشورن جي خلاف بدڪلامي ڪن ٿا پر روسي عالم پروفيسر گانڪو وسڪي تي به ڏاڍو ڪاوڙيل آهي، جنهن ” هسٽري آف پاڪستان“ ۽ ”پيپلس آف پاڪستان“ جهڙا ٻه شاندار ڪتاب لکيا آهن. توهان ڪجهه ان تي روشني وجهو؟“ پير صاحب جواب ۾ چيو ته:

ادا، اسان جا هيءُ جيڪي مهاجر دوست آهن، انهن جو هڪ ته علم محدود آهي ٻيو ته پاڪستان ۾ اچڻ کانپوءِ هنن پنهنجي چوڌاري هڪڙو دائرو ڪڍي ڇڏيو آهي ان جي اندر جيڪا شيءِ کين پسند آهي اها برحق آهي ۽ ان کانپوءِ ٻاهر جيڪو آواز آهي اهو ڏکيو ٿو لڳين. هنن پاڪستان کي شيشي جو گهر سمجهيو آهي، جنهن کي ڄڻ ڪو ٻاهريون پٿر يا ڪنڪر لڳندو ته ڀڄي پوندو يا ڪا هوا لڳي ته ڊهي پوندو. هنن پاڪستان کي نه ئي ڪو ملڪ سمجهيو آهي نه ئي ڪا مضبوط شيءِ سمجهي آهي.

علمي دنيا ۾ جيئن مان توهان کي ٻڌائي آيو آهيان ته تنقيد ۽ تبصرو برحق آهي ۽ ڪرڻ کپي. ان منجهان واقعن ۽ حالتن جي صحتيابي ٿئي ٿي. تنقيد ۽ تبصري کان باليٰ خدا جي ذات ۽ رسول ﷺ جي رسالت آهي. باقي دنيا جي سمورين شين تي تنقيد ۽ تبصرو ٿيڻ گهرجي. جيستائين اسان کي پنهنجي اوڻاين ٻڌڻ جي جرئت نه آهي تيستائين اسان پاڻ کي سڌاري نه سگهنداسين. پروفيسر گانڪو وسڪي، منهنجو ذاتي طرح به دوست آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته نون لکندڙن ۾ هن جو مرتبو چڱو آهي.

هتي جيڪي پاڪستان جون تاريخون لکيون ويون آهن. اهي تاريخون نه پر مسلم ليگ جا ٺهراءَ (Resolutions) آهن. پر ٻاهريان عالم هڪ بي طرفدار جي حيثيت سان واقعن کي ڏسن ويٺا. هو نه اسان جا محڪوم آهن، نه مائٽ آهن. اهي نه پاڪستاني آهن ۽ نه مسلمان آهن. مسلمان ۾ پاڪستاني مسلمان! ڇاڪاڻ جو هيءُ جيڪو پاڪستاني مسلمان آهي، ان جي نوعيت ۽ هيئت ٻين مسلمانن کان جدا آهي. جنهن سان نه اسلام ٺهڪي اچي ٿو نه ئي ٻين مسلمانن سان هن جو ڪو تعلق آهي. هيءُ خدا جي هڪ خاص مخلوق آهي، جنهن جي عمر آهي ستاويهه سال !

پروفيسر گانڪو وسڪيءَ اهي ٻئي ڪتاب هڪ بي طرفدار مورخ جي حيثيت سان لکيا آهن، جنهن ۾ سندس آڏو ڪا به مصلحت نه هئي ۽ نه ئي هن تي ڪا بندش هئي. کيس تاريخ جي واقعن ۽ نوشتن ۾ جيڪي ڪجهه ڏسڻ ۾ آيو آهي، اهو برملا لکي ڇڏيو اٿس. جيڪڏهن ان ۾ ڪا اسان جي اوڻائي بيان ڪيل آهي ته ان جي لکڻ جو کيس پورو حق آهي ۽ اسان کي وڏيءَ دل سان ان اوڻائيءَ کي پڙهڻ گهرجي ۽ پاڻ ۾ سڌارو آڻڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اها اوڻائي نه آهي ۽ هن بدنيتي سان لکيو آهي ته ان جو علمي جواب ڏيڻ گهرجي. باقي عالي صاحب جي نه ايڏي وڏي علمي حيثيت آهي نه ئي هو تاريخ ڄاڻي ٿو، نه ئي کيس ڪو ايڏو تاريخي شعور آهي. عالي صاحب، هن عالم ۽ مورخ کي ڪافر ۽ شيطان جا لقب ڏئي رهيو آهي ته ان مان سندس سفا مزاجي هڪ طرف ته پاڪستان جي رسوائي ٻئي طرف ٿئي ٿي. عالي صاحب جا اهي نوشتا باعث شرم آهن. اسان کي اهڙين ڳالهين کا پاسو ڪرڻ گهرجي. اهو عالي صاحب جو مسئلو آهي، اسان جو مسئلو ڪونهي.

پير صاحب کي ڏاڍي ناراضگي هئي. پر مون عرض ڪيو ته ” سائين ان ۾ اسان جو مسئلو ان ڪري آهي، جو انهن ڪتابن ۾ سنڌ ۽ سنڌين جو ذڪر ڪيل آهي“ پير صاحب وراڻيو:

سنڌ به ته آخر پاڪستان جو جزو آهي. پاڪستان جي تاريخ ڪير لکندو ته سنڌ جو ذڪر ضرور ايندو. ”پيپلس آف پاڪستان“ ڪير لکندو ته سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ پنجابين جو ذڪر ضرور ايندو. ان تي عالي صاحب کي مٺيان ڇو ٿي لڳي. ڳالهه صاف آهي ته جيڪي هنن جي لڪير تي نه هلن، يا هنن جي طبعيت تي نه پون يا جيڪي هنن جي غلط مقصدن ۽ نيتن جي آڏو اچن ٿا. اهي سڀ غلط ماڻهو ۽ پاڪستان جا دشمن، هي جيڪي هندوستان مان آيا، تن کي هيءُ ملڪ وڌيڪ پيارو آهي. جڏهن جو پاڪستان جي سرزمين اسان جي ملڪيت آهي، اسان سنڌي هتان جا اصلوڪا باشندا آهيون. هتي اسان جون پيڙهيون دفن ٿيل آهن. اهي ٿياسين غدار، ملڪ دشمن، ڪافر، ايجنٽ ، نه معلوم ڇا ڇا الزام آهن اسان تي ! هيءُ ٿيا محب وطن ! ان تي ويهي بحث ڪرڻ بيڪار آهي.انهن تي توجهه ئي نه ڏيو.

پير صاحب کي هاڻي وڌيڪ ڪاوڙ پي آئي. پر مون جو سندس دل پسند موضوع تاريخ تي سوال ڪيو ته ڏٺم ته پير صاحب جي ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي، ائين جيئن ڪو محبوب جو ذڪر ٻڌي خوش ٿئي. مون پڇيو ته : ” سائين، توهان جيئن مٿي ذڪر ڪيو آهي ته تاريخ تي جيڪي توهان ڪتاب ڇپيا آهن. اهي فارسيءَ ۾ آهن ۽ انهن کي سنڌي ترجمي ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ان ڏس ۾ توهان ڪهڙيون ڪوششون وٺي رهيا آهيو؟“ پير صاحب جواب ڏنو ته:

ادا منهنجي ڄمار هن وقت چوهٺ ورهيه آهي. جيڪي فارسي ماخذ آهن، انهن جي جيڪڏهن ڇپائڻ جي ڪوشش ڪريان ته منهنجي زندگي جا چند سال ته ڇڏيو ( مون وچ ۾ چيو ته الله توهان کي وڏي حياتي ڏي) اڃا پنجاهه سال گهرجن. منهنجو ڪم متن شايع ڪرڻ آهي. ان ۾ مون ٽي چار ڪتاب سنڌي ۾ لکيا آهن. مون تاريخ کي نئون موڙ ڏنو آهي. مونکان اهو ٿي نه سگهندو ته انهن ڪتابن جا ويهي سنڌي ۾ ترجما ڪريان. ان لاءِ ڪو ٻيو شخص تيار ٿئي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي کي انهن ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ گهرجن. اهي ٻئي ادارا ڪم ڪو نه ٿا ڪن. سست ٿي ويا آهن. سنڌ جي تاريخ تي ماخذ شآيع ڪرڻ ڪم نه آهي.اهو ته ٿيو بنياد وجهڻ ، ڪم اڃا ٻي شيءِ آهي. اسان جو فرض آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌ جي تاريخ تي الڳ شعبو قائم ڪرايون. سنڌ جي قديم تهذيب جيڪا پنج هزار ورهيه پراڻي آهي ۽ جيئن هر ملڪ کي پنهنجي تهذيبن تي فخر هوندو آهي، تيئن اسان کي به پنهنجي تهذيب تي فخر ڪرڻ گهرجي، ان ڪري بلڪل ابتدائي تعليم جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي قديم تهذيب، تاريخ ۽ ناليرين شخصيتن جا ذڪر اذڪار آڻڻ گهرجن ته جيئن سنڌي ٻار کي ننڍي هوندي کان پنهنجي تهذيب۽ تاريخ جي ڄاڻ حاصل ٿئي. پر ادا، اسين آهيون پرائي وس ! سنڌيءَ جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي چند نامور هستين جو ذڪر آيو آهي ته اردوءَ جي اخبارن ۽ لکندڙن محشر مچائي ڏنو آهي ۽ اسان جا صاحب قدرت ماڻهو معاملي جي تهه ۾ ڪو نه ٿا وڃن. فقط اخبارن کي ڏسي متاثر ٿا ٿين. هاڻي جي چند ماڻهن جي لکڻ تي اسان ڦاهيءَ جا سزا وار آهيون ته پاڻ هرتو ڪم ڪيئن ڪري سگهنداسين. اهو ته سرڪار ۽ سنڌين کي فيصلو ڪرڻو آهي.

باقي سنڌ جي تاريخ جا ترجما، سنڌ جي سلسلي وار تاريخ لکرائڻ، تاريخ، ثقافت ۽ علم جي ٻين ڪيترن ئي شاخن تي تحقيق ٿيل نه آهي، اها تحقيق ڪرائڻ، سنڌ جي قديم تاريخي جڳهن ۽ آثارن کي محفوظ ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي. ٻيو ته جيڪڏهن تاريخ کي سنڌيءَ ۾ نه آندو ويو ته ان جي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جي ڪيئن خبر پوندي. ڪيئن سرت ۽ جاڳرتا پيدا ٿيندي ۽ ڌارين جا سنڌي قوم تي ٿيل ظلم هن جي نگاهه ۾ ڪيئن ايندا. پنهنجي ۽ پرائي ۾ جيڪو شرافت ۽ همدرديءَ جو فرض آهي، ان جو هن کي ڪيئن احساس ٿيندو؟ ان ڪري تاريخ کي سنڌي ٻولي ۾ آندو وڃي، جيڪو اسان جي قومي زندگيءَ جو ثبوت ٿيندو. اسان کي هٿ وٺي پوئتي رکيو ويو آهي. گذريل ويهن سالن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڪا نه ڏني ويندي هئي. هاڻي اسان ڪوشش وٺي اهو ڪم ڪرايو آهي، جنهن ڪري غلام علي الانا ۽ ٻين ٻن ٽن کي سنڌي ۾ ڊگريون مليون آهن. ٻئي پاسي ساڳي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ٽيهن کان وڌيڪ شخصن کي اڙدو ۾ ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون ڏياريون آهن. ان ۾ جيڪي هن ٿيسس Thesis پيش ڪيون آهن. اهي هتي ڪراچي ۾ پيسن تي لکرايون ويون آهن. اڄ به اهي جيڪڏهن منهنجي سامهون اينديون ته مان نه ٿو سمجهان ته اهي ڪو تاريخي ۽ علمي ترازو تي پوريون لهي سگهنديون. مطلب ته اهو سڀ ڪجهه پنهنجن کي ورسائڻ آهي. اسان ورسائڻ ڪو نه ٿا گهرون، اسان ته حق ٿا گهرون ته جڏهن ته سنڌي زبان ۾ لکندڙ موجود آهن ته پوءِ ڇو نه تحقيق ڪرائي وڃي، اسان جي حڪومت کي انصاف کان ڪم وٺڻ گهرجي. هڪ قوم کي ائين قربان ڪرڻ ڪو ٺهي ٿو !“ پير صاحب خاموش ٿي مون ڏي نهارڻ لڳو.

اروڙ جو اهو خاموش فرياد آهي. مون کي يقين آهي ته سنڌ جو نئون نسل ان فرياد کان خاموشي ڦري وٺندو ۽ سنڌي قوم کي قربان ٿيڻ نه ڏيندو.

پير حسام الدين راشديءَ سان هڪ ڀرپور انٽرويو

[ هي انٽرويو خان محمد پنهور، شمشير الحيدري، نفيس احمد شيخ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، طارق عالم ابڙي ۽ محمد قاسم ماڪا ورتو. ۽ ماهوار ” نئون نياپو“ نومبر – ڊسمبر 1980ع ۾ شايع ٿيو. پير صاحب جو ڏنل هي طويل ترين انٽرويو، متعدد ڀيرا ڇپيو آهي ]

س:خانداني حالات کان واقف ڪريو.

ج:لڪياري سادات خاندان ٽڙي پکڙي ڪنگري پهتو، اتان ڀائرن کان جدا ٿي منهنجو ڏاڏو سيد پير شاهه لڏي، ڳوٺ بهمڻ ضلع لاڙڪاڻي ۾ آيو. آءُ ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ علي محمد شاهه ٻئي بهمڻ ۾ پيدا ٿياسون. ننڍپڻ بهمڻ ۾ ئي گذريو، پر ذهني پرورش تي حقيقت ۾ مختلف اثر هئا: ٻاهر جا، گهر جا، وڏن جا، ڪتابن جا، اٿي ويٺي جا، وغيره. ڪتابن يا درس مان ماڻهو ايترو نه ٿو پرائي، جيترو ڪتابن سان گڏ مجلس ۽ سٺي صحبت وغيره مان، انساني اصل سکيا تاريخ جي تشڪيل ڏيندڙ ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ئي ٿئي ٿي. ڪتابن مان علم ملي ٿو، پر ان سان پختگي نه ٿي پيدا ٿئي. جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته ”پڙهيو، پر ڪڙهيو ڪين.“ منهنجي سڄي پرورش چڱن ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ٿي آهي.

س:توهان جو خاندان اڃا تائين پير ڪري ٿو چورائي، پيري مريديءَ جي ان ماحول مان ڪيئن نڪتا؟

ج:اسان جو خاندان اصل ۾ ته پير آهي. اوائلي ڌنڌو ته ”نذر نياز“ وٺڻ هو. پير علي محمد شاهه وڏو هو. وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ خانداني روايتن موجب گاديءَ تي سندس حق هو، پر هن ننڍي ڀاءُ کي گاديءَ تي ويهاريو، ۽ پاڻ پڙهڻ وغيره ۾ مصروف رهيو. پاڻ پيريءَ جي ڌنڌي کي ڇڏي ڏنائين. علي محمد شاهه جي فرزند يعني اسان جي ڏاڏي پير شاهه به زمينداري ڪئي. ان جو فرزند حامد شاهه ٿيو. هن پڻ زمينداري ڪئي. ان جا پٽ اسان آهيون ۽ اسان به ڌنڌو زمينداري اختيار ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان جي شاخ مان پيري مريديءَ واري ڌنڌي جي پاڙ پٽجي وئي.

س:پير صاحبن ۽ زميندارن، ٻنهي جو سنڌ جي باري ۾ ڪردار ساڳيو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ اوهان جا ڇا خيال آهن ، ته اسان جو نسل ان چڪر مان ڪيئن نڪرندو؟

ج:مان انهن ٻنهي کي مردود ٿو سمجهان. هڪ خاص سازش جي ماتحت سنڌ جي ذهن کي منجهائي مصيبت ۾ آندو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ذهن آزاد هجي ها ته پوءِ انهن کي ڪو به ڪو نه ليکي ها. پير يا زميندار جي بقا تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن سنڌ جو ماڻهو منجهيل رهي ۽ معذور هجي ۽ سندس هٿ هر وقت ٽنگيل هجي، تنهنڪري هنن هميشه ڪوشش ڪري سنڌ جي ذهن کي مفلوج رکيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان اڄ ڏينهن تائين پيا لوڙيون ۽ سنڌ به ڏوجهرن ۾ آهي. سنڌ ۾ سڄي ذلت هنن جي پيدا ڪيل آهي.

س:اوهان هڪ سٺي علمي خاندان جي پس منظر سان،ا ڳتي باقاعده تعليم ڇو نه پرائي سگهيا؟

ج:اسان ٻئي ڀائر اسڪولي تعليم پرايون ها، ته اڄ بس ”سگا“ جا ميمبر هجون ها (ٽهڪڙو) اسڪولي ۽ غير اسڪولي تعليم جو مقصد اهو نه ٿيندو آهي. تعليم اها شيءِ آهي جنهن سان رچي ماڻهو تيار ٿئي.

س:ته به اها اوهان جي بزرگن کان ڪيئن سهو ٿي، جو زماني جو علم توهان کي نه ملي سگهيو؟

ج:اڳي تعليم ٻن قسمن جي هئي، هڪ محفلي مجلسي ۽ ڪتابي، جيڪا بزرگ ويهي پاڻ حافظ ۽ مثنوي جا شعر وغيره پڙهي ۽ ڪچهريون ڪندا هئا. ٻي تعليم هئي نوڪريءَ جي سلسلي ۾، نوڪريءَ جي سلسلي واري تعليم لاءِ مشهور اهو ٿيو ته ” بابا، ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو ته نوڪري ملي“ اسان کي ڇاڪاڻ ته نوڪريءَ جي ضرورت ڪا نه هئي. تنهنڪري به اسڪول ۾ ڪو نه وياسين ۽ اسڪول ۾ ان ڪري به نه وياسين، جو ڳوٺ جي پسگردائي ۾ ڪو اسڪول ڪو نه هو. اسان لاءِ ڏاڏي مرحوم مسجد ۾ مدرسو تيار ڪرايو هو، جنهن ۾ باقاعده تحصيل وارو مولوي صاحب هو، اسان ان مدرسي ۾ ئي پڙهياسين پر پڳ ٻڌڻ جي نوبت نه آئي. اسان ٻنهي ڀائرن جي رسمي تعليم ان ڳوٺاڻي مدرسي تائين محدود آهي. اڳتي جيڪي علم حاصل ڪيو سون سو پنهنجي شوق ۽ جفاڪشيءَ سان.

س:توهان کي خاص طور تي فارسي زبان ۾ درڪ آهي، ته ائين ڪونهي ڪو ته ” فارسي گهوڙي چاڙهسي“ واري نقطه نظر سان توهان کي ان طرف ڏانهن رغبت ٿي وئي هجي؟

ج:اسان جي ان وقت ۾ جيڪا ثقافت هئي، تنهن ۾ فارسي، عربي ۽ حڪمت اهي ٽي شيون لازمي هيون، حڪومت هن ڪري ضرورت هئي ته جيئن وڏن گهراڻن ۾ پردو هجڻ ڪري ماڻهو پنهنجي گهر وارن، نياڻين سياڻين جو علاج پاڻ ڪري سگهي يا عام خلق کي دوا درمل ڏئي سگهي. اهو به هڪ وڏي ۾ وڏو جذبو هوندو هو. باقي فارسي تهذيبي طور ۽ عربي مذهبي زبان طور سکي ويندي هئي.

س:حڪمت به اسلامي ڪري چوندا هئا، تنهنڪري خاص طور تي ان جو حصو لازمي هو؟

ج:نه، ان کي مان اسلامي نه ٿو سمجهان، حڪمت هڪ فن هو، جنهن وسيلي ماڻهو پنهنجي گهر وارن جي، پاڙي پنبي جي، ڳوٺ وارن جي مدد ڪري سگهيو پي.

س:عام طرح اهو ڏٺو ويو آهي ته جيڪو به عالم هوندو هو، گهڻو ڪري اهي نسخا گڏ ڪري، حڪمت سان رغبت ضرور رکندو هو.

ج:حڪمت نصاب جو لازمي جزو هئي ۽ ان جو سبب فقط پردو ۽ عام خلق جي خدمت هئي. اسلامي حڪمت ڪڏهن به نه هئي، بلڪل نه، ڪڏهن به يوناني طب کي ” اسلامي طب“ ڪو نه چيو ويو آهي، هميشه ” يوناني طب“ چيو ويو آهي.

س:يوناني طب ۾ سنڌ جو ڪيترو ڪردار آهي؟

ج:تمام گهڻو، سنڌ جو يوناني طب ۾ وڏو ۽ اهم حصو رهيو آهي، منهنجو هڪڙو مضمون” سنڌ ۾ طب“ جي موضوع تي لکيل آهي. ان موضوع تي ٻين به گهڻن ئي لکيو آهي. تازو هڪ مضمون پڙهيو اٿم. اهو هڪ بهترين مضمون آهي. جيڪڏهن مان پنهنجي زندگيءَ ۾ طب تي ڪو وڻندڙ مضمون پڙهيو آهي، ته اهو آهي، محمد خان ” مخمور“ جو لکيل مضمون، جو ايل ايم سي جي تازه ”لطيف“ ميگرين ۾ ڇپيو آهي.

س:سائين، عام طرح چون ٿا ته طب هتان سنڌ کان وئي آهي، مشرقي ملڪن ڏي، خاص طور تي......

ج:اصل ۾ سنڌ ۽ هند تهذيب جا ٻه قديم مرڪز هئا، جتي طب، فلسفو ۽ ٻيا گهڻا قديم علم هئا، طب به هتي ٿي هئي. بغداد جي عباسي خليفن۽ دمشق ۾ بني اميه خليفن کي جڏهن به ضرورت پي پئي آهي ته هتان سنڌ مان طبيب گهرايا اٿن، جن اتي وڃي سندن علاج ڪيو آهي.

س:اوهان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪهڙي نموني سان ڪئي، ۽ ان ۾ ڇا ڇا ڪيو؟

ج:اوهان کي ٻڌايو اٿم ته اسان جي زمينداري هئي، ان ڪري جيئن هڪ وڏيري جو بيڪار پٽ هڪ کٽ کان ٻي کٽ تائين سڄو وقت فضول ضايع ڪندو آهي. منهنجي پهرين زندگي به انهيءَ نموني سان گذري. پر ڇاڪاڻ ته اسان جي گهرن منجهه علم، شعر و شاعري، حافظ ، مثنوي، شاهه نامه وغيره جو چرچو هو ۽ هر شام جو ڏاڏي مرحوم جي علمي محفل لڳندي هئي. مون تي انهيءَ جو اثر پوندو رهيو. ٻيو ته پير علي محمد شاهه اخبار ڪڍي ”الراشد“ ۽ هن جو اخبار سان گهڻو مشغلو رهندو هو. اصل ۾ مون تي گهڻي ۾ گهڻو اثر علي محمد شاهه جو پيو. هن جي صحبت سبب اخبار نويسيءَ طرف بهمڻ ۾ ئي لاڙو پيدا ٿيو. اخبار ”الراشد“ اُتانئون ڪڍندا هئاسون. پوءِ مان ڀانيان ٿو ته 28، 1929ع ڌاري مان سکر ويس، علي محمد شاهه سان گڏجي سنڌ زميندار اخبار ۾، ۽ پوءِ سکر ۾ اخبار نويسي شروع ڪئي سين، توهان پارن اديبن ساڻ اٿي ويٺي شروع ٿي، ڳوٺاڻي زندگيءَ مان نڪري شهري ماحول ۾ رهائش ٿي.

س:”الراشد“ ڪڏهن جاري ڪيو؟

ج:مان ڀانيان ٿو ته 1925ع ڌاري يا 1926ع ڌاري جاري ٿي.

س:ان زماني ۾ جمعيت الشعرا جو گهڻو زور هو ۽ مشاعرا وغيره ٿيندا هئا ۽ شايد توهان به ڪنهن زماني ۾ شعر چوندا هئا؟

ج:جمعيت الشعرا جو نالو ان زماني ۾ نه هو، اهو بعد ۾ جڏهن حيدرآبادي اثر پيو، تڏهن نروار ٿيو. اسان واري زماني ۾، لاڙڪاڻي ۾ مشاعرو فقط ميان علي محمد قادري مرحوم وٽ ٿيندو هو. ”الحقيقت“ سندس اخبار هئي ۽ سندس اوطاق علم ادب جو مرڪز هئي. قادري هڪ سٺي علمي فئملي لاڙڪاڻي جي اديبن جي هوندي هئي، جن وٽان اخبار به نڪرندي هئي، مشاعرو به ٿيندو هو.

س:توهان انهن مشاعرن کان هٽي ڪري، ڪيئن ان ٺوس سبجيڪٽ (تاريخ ۽ تحقيق) طرف متوجه ٿيا؟

ج:مون شاعري پيشي طور اختيار ڪو نه ڪئي هئي. مان شعر به چيا ۽ اخبار نويسي به ڪئي پر ڇاڪاڻ ته ذوق هوندو هو تاريخي ڪتابن پڙهڻ جو، تنهنڪري لامحاله تاريخ ڏي به توجهه رهيو، بنيادي طرح سان مان افسانه نويس هئس. سنڌ زميندار اخبار ۽ ٻين اخبارن يا رسالن ۾ منهنجا افسانه شايع ٿيندا هئا.

س:ڀلا ان مسئلي ۾ هڪ ضمني سوال، ته توهان شاعري وغيره ڪئي. اها ” لوڻي ڦير لپاٽ“ واري ڳالهه ته ڪا نه هئي، جا بعد ۾ ڇڏي ڏنو؟

ج:مان سڄي زندگيءَ ۾ عشق نه ڪيو آهي. اها توهان کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏيان.

س:سائين، پوءِ اها ڪا اهڙي چڱي ڳالهه ته ڪو نه ٿي سمجهي وڃي ته عشق ئي نه ڪجي....

ج:عشق کان علاوه به انسان شريفانه زندگي بسر ڪري سگهي ٿو، مون تي توڙي جو گهڻا ونگ وڌا ويا پر خبر نه آهي ته الائي ڪهڙي سبب يا ٿي سگهي ٿو ته انفيريارٽي ڪامپليڪس جي ڪري مان عشق نه ڪري سگهيس.

س:ان وقت ۾ واهان جي شڪل صورت جيڪا هجڻ کپي، سو اوهان تي به اثر گهڻو پيو هوندو، پر انفيريارٽي ڪامپليڪس ڪيئن ٿيو؟

ج:مان سان معاشقا تمام گهڻا ٿيا، عورتن تي پيرن جو وڏو اثر هوندو هو ۽ اسان جو اچڻ وڃڻ به ماڻهن جي گهرن ۾ بي تحاشا ٿيندو هو ۽ نياڻين سياڻين کي ڏسڻ جو به موقعو ملندو هو، پر طبعيت ۾ ڪميڻپ ڪا نه هئي. نه ته شايد خرابي ڪري وجهان ها.

س:متان گهڻائيءَ جي ڪري، خاص چونڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي هجي؟

ج:چونڊ جو موقعو ئي ڪو نه آيو (ٽهڪڙو)

س:سائين ! ڪو شعر پنهنجو ياد اٿو؟

ج:شعر ته مون کي ياد ڪونهي ڪو. مون تي گهڻو اثر پيو، لاڙڪاڻي جي شاعرن جو، مرحوم حاجي محمود خادم منهنجو استاد هو. ان کان اصلاح وٺندو هوس. پر مون کي شعر گوئي مان مزو نه ايندو هو. ڇاڪاڻ ته تنهن زماني ۾ شاعري رڳو لفظن جو ڪرتب هوندو هو، ديوانن مان قافيا ۽ رديف ڪڍندا هئاسين. پوءِ انهن جي حساب سان مضمون جوڙبو هو. ان ڪري اهو طريقو مون کي نه وڻيو ، مزو نه آيو.

س:ان وقت جي ڪجهه شعري، ادبي، صحافتي ماحول بابت ڪجهه اسان کي ٻڌايو.

ج:اهو تمام سادو ماحول هوندو هو. اڄوڪا ڪمپليڪيشنس وغيره، تڏهن ڪو نه هوندا هئا ۽ نه وري اهڙيون پوليٽيڪل حالتون هيون. سڌي سنئين سياست هئي. زمينداري هئي، پيري مريدي هئي. ڪي چڱا مڙس هئا، جي هلائيندا هئا سارو ڪاروبار سياست جو. اخبارن ۾ ڪا به وڏي شيءِ ڪا نه هوندي هئي. جيئن اڄڪلهه آهي. فقط ”ڌيان طلب ڪليڪٽر صاحب“ ۽ ” ڌيان طلب ايس پي صاحب“ هوندو هو. اسان کي جڏهن پيسي جي ضرورت پوندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن صوبيدار جي خلاف پنهنجي اخبار ۾ ليک ڏئي ڇڏيندا هئاسين. اهو پيسا آڻي ڏيندو هو. ٻئي پرچي ۾ لکندا هئاسين ته جاچ ڪئي سين ۽ ڳالهه صحيح ثابت نه ٿي. تنهن ڪري اسان کي نهايت افسوس آهي، جو اها خبر ڇپجي وئي. مطلب فقط اهو هوندو هو ته پيسا ملن. قريب قريب ان قسم جي صحافت هئي ان زماني ۾.

س:سکر ۾ توهين ڪيترو وقت رهيو؟

ج:سکر ۾ 1928ع کان وٺي ويندي 1937ع تائين.

س:هن وقت سنڌ جي تاريخ تي ٿيل ڪم کان توهين مطمئن آهيو؟

ج:مطمئن ڪو به ماڻهو نه ٿي سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته انتها ڪنهن شيءِ جي به ڪانهي. تنهنڪري منهنجو ائين چوڻ ته مان مطمئن آهيان ان ڪم بابت، سو ائين ناهي. اڃا ته فقط ابتدا ئي ٿي آهي. سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪوشش کي شروعات يا آغاز چئي سگهون ٿا !

س:ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي ڪيتري قدر ڪم ٿيو آهي؟

ج:ٻين صوبن جي بيٽ ۾ اسان گهڻو خوش بخت آهيون. اسان وٽ تاريخ تمام گهڻي آهي. اسان وٽ شرافت آهي، اسان وٽ فضيلت آهي، اسان وٽ روايتون آهن، اسان وٽ ڪتاب گهڻا لکيا ويا آهن. اسان کي هڪڙي قسم جو فڪر آهي، تنهنڪري ٻين جو ته اسان سان مقابلو ڪرڻ ئي غلط آهي.

س:ان وقت ۽ اڄوڪي صحافت ۾ ڪهڙو فرق آهي،ا ن وقت صحافت هڪ مشن يا تحريڪ هئي؟

ج:اخبارون تحريڪ طور ته هلايون وينديون هيو، تحريڪ ان لحاظ سان ته برابر هئي ته ڪي ايڊيٽر خلافت تحريڪ سان هئا، ته ڪي ڪانگريس سان ۽ اخبارون بهرحال تحريڪن سان وابسته هونديون هيون. اڄ مثلن جنگ آهي يا ٻيون ڪي اخبارون آهن، ته اهي ذاتي يا واپاري نقطه نظر جون اخبارون آهن. اڳي ائين نه هو. مثلن زميندار اخبار لاهور جي قومي اخبار هئي. مولانا ظفر علي خان جي اخبار، ذاتي لکڻي چئجي ته هن ڪڍي، پر مقصد سڄو قومي هو ۽ ان منجهان هن خدا جي بندي ذاتي طرح ڪو به فائدو يا منفعت حاصل نه ڪئي ۽ نه وري ملڪيت يا بلڊنگون ئي ٺاهيائين. هاڻي صحافت شخصي ۽ ذاتي آهي. مثلن ڪيتريون اخبارون ڪن خاص ماڻهن جون آهن، اهي ملڪيتون شخصي ۽ ذاتي آهن ۽ انهن کي اهڙي نموني هلايو ٿو وڃي، جنهن مان قومي مقصد جي حاصلات گهٽ ۽ مالي منافعو مالڪن کي زياده ملي. اڳي اها شيءِ نه هئي. ”الوحيد“ جو هميشه سڃ تي سندرو رهيو، ڇڙو قومي درد ۾. ”زميندار“ لاهور لکين رپيا ڏنڊ ۾ ڏنا ۽ جڏهن مولانا فوت ٿيو، ته ڪا به شيءِ سندس گهر منجهان ڪا نه نڪتي، ساڳيو حال ٻين اخبار وارن جو هو.

س:ان وقت جي صحافين جا نالا ٻڌائيندا؟ ڪهڙيون اخبارون نڪرنديون هيون؟

ج:صحافين مان گهڻا نالا ته ياد ناهن پر اثر هڪڙو ته ”زميندار“ اخبار جو هوندو هو، مولانا ظفر علي خان جو اثر هو. ٻي سنجيده ۽ فڪر انگيز اخبار هئي ”انقلاب“ مولانا غلام رسول مهر جي. جنهن حقيقت ۾ فڪري مواد پيدا ڪيو. ان وقت هندوستان جي سياست تي لاهور جي انهن اخبارن جو هولڊ هوندو هو. هتي الوحيد هوندي هئي. سکر مان سنڌ زميندار نڪرندي هئي. مخلص جي اخبار ”مسلمان“ هوندي هئي يا ”الحق“ جي مقامي حيثيت هوندي هئي. الحق قديمي اخبار هئي. اها شايد 1990ع ۾ نڪتي هئي.

س:توهان وٽ پراڻين اخبارن مان ڪجهه فائيل وغيره آهن؟

ج:هڪ به ناهي (خان محمد پنهور ٻڌايو ته هو تازو ميرپور بٺوري ويو هو، جتي ”سنڌ زميندار“ ۽ ”ستاره سنڌ“ ۽ ٻيون ڪافي اخبارون هيون) هجي ڪو مالڪ، ڌڻي سائين سنڌ جو ته انهن کي هٿ ڪري.

س:سائين ! ڀانيو ٿا ته پراڻين اخبارن جا ذخيرا ڪٿي ڪٿي هوندا؟

ج:سنڌ ۾ ته اهو چئو ٿا ته ميرپور بٺوري ۾ آهن. ٻيو، مان ڀانيان ٿو ته جيڪب آباد جي ڪن گهراڻن ۾ شايد ملي وڃن، ٺل ۾ شايد هجن، ممڪن آهي ته اخبارن جي ڪجهه پراڻن شوقينن جي گهرن ۾ هجن، يا ٻي حالت ۾ ، منهنجو اندازو آهي ته انڊيا آفيس لنڊن ۾ ضروري هجڻ کپن. لائبرري آف ڪانگريس آمريڪا ۾ به انهن جي هجڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن مالڪ هوندو آهي. ڪنهن به شيءِ جو، ۽ پٺيان پوندو آهي، ته هر شيءِ ميسر ٿي سگهي ٿي. منهنجي پنهنجي زندگيءَ جو تجربو آهي، ته جڏهن به ڪو ارادو ڪيو اٿم ته هي ڪم ٿيڻ کپي، ته قدرت اسباب پيدا ڪري ڏنا آهن. فقط ارادو پڪو هجڻ کپي ۽ ان ۾ ايمان هجڻ کپي ته اسباب پاڻ مرادو پيدا ٿي وڃن ٿا پيا. عزم ۽ ارادي اڳيان سڀ شيءِ آسان آهي.

س:انڊيا آفيس لئبرريءَ ۾ توهان ويا آهيو، اتي سنڌ جي تاريخ، يا ادب جي باري ۾ مواد آهي؟

ج:تمام گهڻو مواد آهي. هڪ عرض ڪريان ته سنڌ هن لحاظ کان بي انتها خوش قسمت آهي ، جو جڏهن مسلمانن جو دور هو، تڏهن به سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکيا ويا، مثلن عربي ۾ لکيا ويا، فارسيءَ ۾ لکيا ويا ۽ جڏهن انگريزن جو وقت آيو ته انهن به سوين ڪتاب سنڌ تي لکيا. علاوه ڇپيل ڪتابن جي يعني جيڪي فائيل آهن. هاڻي فائيل ڪڍيا اٿن ۽ ڊسپلي ڪيا اٿن.ا نهن ۾ سڀ شيءِ موجود آهي. جيڪا انگريزن جي سو ورهيه حڪومت ۾ رهي آهي.

س:انگريزن جي حڪومت جو رڪارڊ ته اهڙي هنڌ محفوظ آ جو اسان کي بهرحال ڪڏهن به ملي سگهي ٿو، پر مسلمان جڏهن هتي آيا، تڏهن ان وقت اسان جي پهرين تاريخ آهي چچ نامو، ان کانسواءِ عربي زبان ۾ عربن جو ڪو ڪم ڪيل آهي يا نه؟

ج:عربن جو آهي: فتوح البلدان، جيهانيءَ جو ڪتاب گم آهي. پر بهرحال هڪ ٻه ڪتاب آهن. ۽ ٻيا مختلف ڪتاب آهن، جن ۾ سنڌ جا حوالا ملن ٿا.

س:سنڌ زميندار اخبار جي سلسلي ۾ توهين 1937ع تائين سکر ۾ رهيا....

ج:1936ع ۾ جڏهن بابو مرحوم فوت ٿيو ته اسان ”ستاره سنڌ“ بند ڪئي ۽ مان بهمڻ ۾ اچي زمينداري شروع ڪئي. اهڙيءَ طرح سکر مان پنهنجي مڏي پٽي اچي ڳوٺ رهياسين.

س:اهو 1936ع جو زمانو آهي، سنڌ جي بمبئي کان جدائي جو، ۽ پاڪستان جو خيال ان وقت هليو پي. ان سلسلي ۾ ” هان ٻڌائيندا ته پاڪستان تحريڪ ۾ اخبار جي ذريعي يا عملي ڪارڪنن جي حيثيت ۾ ڪو ڪم ڪار ڪيو هجيو؟

ج:عملي ڪارڪن جي حيثيت ۾ به گهڻو ڪجهه ٿي سگهيو.

س:جهنڊا ٻنڊا به کنيو؟

ج:ها جهنڊا، ٻنڊا تمام گهڻا کنيا سي، سکر ۾ مسجد منزل گاهه وارو فساد، هتي عيدگاهه ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ وارو جلسو، هندو مسلم فساد، انهن سڀني ۾ حصو ورتم. اهو فيصلو ته اڳتي هلي تاريخ کي ڪرڻو آهي ته اهو صحيح هيو يا غلط. هن وقت ڪا به ڳالهه يقين سان نه ٿي چئي سگهجي. بهرحال انهن واقعن جا ٻه اهم ڪردار جي ايم سيد ۽ علي محمد شاهه به رهيا آهن. هر مسئلي جي چڻنگ انهن ٻنهي ئي دکائي.

س:ٻئي پير صاحب، ٻئي سادات گهراڻو.

ج:بس پوءِ ڇا عرض ڪجي !......

س:سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ جو نتيجو سٺو نڪتو يا خراب نڪتو؟

ج:انهيءَ زماني ۾ انهيءَ لحاظ کان، جيئن هاڻي ٿا اسين سوچيو، ڪو نه سوچبو هو ته ملڪ جو ڪيستائين فائدو ٿيندو. ان وقت سوچ فقط شخصن ۽ طبقن جي مفاد تائين محدود هئي. سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪوشش ٿي، سا اصل ۾ وڏيرن ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته عوام ۽ غريب ماڻهو ته ڪنهن قطار ۾ شمار هيا ئي ڪين، تنهنڪري انهن جي لاءِ هو ڇو سوچين ها؟؟ توهان جيڪڏهن ان زماني جي بمبئي ليجسليٽو جي ميمبرن جي لسٽ ڏسندئو ته پنجهتر فيصد سيد هئا، انهيءَ جا ميمبر ۽ باقي وڏيرا هئا. انهن ڏٺو ته بمبئي ۾ ته سياسي طرح ٿاٻا ٿا کائين. انهن کي ڪو ليکي به نه ٿو. پوءِ هنن ڪوشش ڪئي ته بمبئيءَ کان سنڌ کي جدا ڪجي ته هتي پنهنجو ڪو بلو ٿئي. ٻيو ته ذهني طرح سان ان زماني ۾ ماڻهن جو پنهنجو احساس هو ته اهو ئي هيو، باقي رهيو سوال ته ان مان سنڌ کي فائدو پهتو ته اهو قدرتي امر هو، جو عمل ۾ آيو.

س:سائين ! توهان ٻاهرين ملڪن ۾ ڪافي رهيا آهيو، ته اسان جي هاڻوڪي ادب جي سلسلي ۾ ڪو امپريشن آهي؟ اسان جا ڪتاب، رسالا وغيره اتي پهچن ٿا وغيره.

ج:سنڌ جي موجوده ادب جو (جنهن کي توهان تخليقي ادب جو نالو ڏنو آهي) منهنجي راءِ بي مثال آهي. بهرحال ، جيڪو به تخليقي ادب توهان گذريل 20 ورهين دوران پيدا ڪيو آهي. خدا شاهد آهي ته دنيا جي بهترين ۾ بهترين ادبن جي صف ۾ اچي سگهي ٿو. ان جو سبب به اهو آهي ته توهان اڃا پيڙا ۾ آهيو، تنهنڪري اها ڪيفيت توهان جي ذهن ۾ هلي ٿي، تنهنڪري تخليقي ادب پيدا ٿين ٿا. اردو جو روايتي ادب ان ڪري بيجان آهي ته ان ۾ ڪو مقصد ڪونهي، تنهنڪري هنن ۾ ڪا شيءِ ئي ڪونهي. حقيقت ۾ ته توهان جي ادب کي جو توهان جي آکاڻين جو، افسانن جو، شعرن جو، مختلف زبانن ۾ يورپ ۾، ترجمو ٿي رهيو آهي، هاڻي به مان وٽ ڊاڪٽر شمل جو ڪتاب آيو آهي، جنهن ۾ سنڌي آکاڻين جو ترجمو ڪيو اٿئين، جرمن زبان ۾، زبان ته مان سمجهي نه ٿو سگهان پر مطلب اهو آهي ته توهان کي پنهنجي ادب جي متعلق، پنهنجي محنتن جي سلسلي ۾ ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ کپي. اها جدا ڳالهه آهي ته توهان وٽ وسيلا ڪو نه آهن، تنهنڪري ٻاهر ولايت وڃي نه ٿا سگهو، جو خبر پئيو ته توهن جي آبرو ۽ عزت ڪيتري آهي. ٻيو اسان لاءِ وڏي مصيبت شمشير ! هيءَ آهي، ته ذريعا جيڪي آهن ادب جي پکيڙ جا، اُهي ڪينهن ڪي، توهان وٽ رسالو ڪونهي. سڀ رسالا بند ٿي ويا آهن. ٻاهر ترجما ڪين ٿا ٿين پيا. مثلن طلوع رسالي جو نمبر ڪڍيئون، ته ان ۾ سڀ اردو وارن جا مضمون ۽ شعر وغيره هئا. حالانڪه مون کي خبر آهي ته لينن تي ۽ اهڙن ٻين موضوعن تي سنڌي اديبن تمام گهڻو لکيو آهي، پر ڇاڪاڻ ته انهن ويچارن جي رسائي ڪانهي، انهن جا ذريعا ڪينهن ۽ ڪجهه هو محبوب به آهن. (خبر ناهي ڇاهي؟) اڳتي اچي زوري زبردستي پنهنجي جاءِ بڻايائين، اها ڳالهه هنن ۾ ڪانهي ڪا، اها اسان لاءِ وڏي تڪليف آهي، جنهن ڪري نقصان ۾ آهيون.

س:اسان وٽ ڪي ادارا تمام مشهور آهن، جي ڪم ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ آهي. توهان پاڻ ان جا ڪافي وقت رڪن رهيا آهيو ۽ توهان جو تمام وڏو ڪردار آهي. ان جي باري ۾ ڪجهه.....

ج:سنڌي ادبي بورڊ جي باري ۾ مان جڏهن به گفتگو ڪندو آهيان ته منهنجا دوست ڪاوڙبا آهن. شايد خيال ٿيندو اٿن ته مان هن ڪري ٿو غصي جو اظهار ڪريان، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ ميمبر ناهيان. هڪڙي اسٽيج اها به ايندي آهي. جڏهن ميمبر ٿيڻ جي ضرورت ئي ڪا نه هوندي آهي. مان کي ميمبريءَ جي ضرورت ڪانهي ڪا، پر ڇاڪاڻ ته ادبي بورڊ اسان پاڻ ٺاهيو آهي، ان کي اسان پاڻ پاليو ۽ ان کي انهيءَ درجي تي آندوسي، جو مان سمجهان ٿو ته دنيا جا جيڪي وڏي ۾ وڏا آبرومند علمي ادارا آهن، انهن ۾ هن جو شمار ٿئي ٿو. ۽ هن جيڪي ڪم ڪيو آهي، سو پاڪستان ته ٺهيو، پر هندوستان ۾ به ڪنهن اداري نه ڪيو آهي. بيحد ٺوس ۽ وڏو با فضيلت ڪم ٿيل آهي. پر هاڻي ڏسون ٿا پيا ته ان ڪيل سڄيءَ محنت کي لوڙهيو پيو وڃي، تنهنڪري مان کي اعتراض ڪرڻ جو يا ان تي جوش ۾ اچڻ جو يا غصي ٿيڻ جو حق آهي،ڇاڪاڻ ته ان کي مان پنهنجو ادارو ٿو سمجهان، مان ان کي پاليو آهي. حقيقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي ٽن ڄڻن نپائي وڏو ڪيو آهي، هڪ محمد ابراهيم جويو، ٻيو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٽيون مان. ادبي بورڊ جي معنيٰ اهي ٽي ماڻهو آهن. ۽ جيڪي به ڪم توهان ڏسندئو هيل تائين، اهو سڄو هنن ٽن ماڻهن جو ڪيل آهي. هاڻي مان جڏهن به ڪٿي، ڪنهن جلسي ۾، يا گفتگو ۾ ڪجهه ٿو چوان ته منهنجا دوست چون ٿا هي اجايو ٿو چوي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ميمبر ناهي. بابا ! مان کي ميمبريءَ جي ضرورت ئي ڪانهي ڪا، تنهنڪري مان کي فقط افسوس ٿو ٿئي ته اسان محنت سان جڏهن هڪ شيءِ تيار ڪري راس ڪئي، ته ان جو زوال شروع ٿي ويو.

س:نه سڌرڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟

ج:نه سڌرڻ جا سبب هي آهن: بامقصد ماڻهو جيڪي هئا، سي مري ويا، ڪي هٽي ويا.

س:اهڙا ادارا اسان وٽ ٻيا به آهن، مثلن سنڌالاجي آهي،. ڀٽ شآهه ثقافتي مرڪزي ڪميٽي آهي. مهراڻ آرٽس ڪائونسل وغيره. جيڪي سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ هلن پيا. مثلن سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي اهڙا ڪافي ادارا آهن.

ج:سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي تمام سٺو ڪم ڪري ٿي پئي. ٻيو ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو مقصد ته اٿس. سنڌ الاجيءَ لاءِ منهنجي راءِ آهي ته ان ۾ ڪو به تحقيق جو ڪم ڪو نه ٿو ٿئي پيو. پر سنڌ الاجيءَ کي مان ان ڪري اهميت ڏيان ٿو پيو، جو هوءَ هن وقت هر شيءِ کي گڏ ڪندي رهي ٿي پئي. اها هن وقت بذات خود هڪ وڏي ۾ وڏي مهم ۽ وڏي ۾ وڏي خدمت آهي. اهو بنيادي ڪم آهي. سڀاڻي هڪڙو نسل پيدا ٿيندو، جيڪو انهيءَ مان فائدو وٺندو. الانا، منهنجود وست آهي، عزيز آهي، مان کي ڏاڍو پيارو آهي، پر مان ان کي چوندو آهيان ته ”مجاور“ آهي ۽ بهترين ”مجاور“ آهي. ”بيحد“ ايماندار مجاور، مجاور جو ايماندار هجڻ ۽ محنتي هجڻ خود هڪڙي قسم جي وڏي فضيلت ۽ سند آهي. جيڪا الانا ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو الانا تي اعتبار ڪندي، مان بنا لسٽ ٺاهڻ جي سون جي تعداد ۾ پنهنجا ڪتاب ڏانهنس موڪليندو رهان ٿو، ته جيئن سڌ الاجي جي لئبريريءَ ۾ سانڍي. الانا تمام گهڻو ڪم ڪري رهيو آهي.

س:توهان سنڌ الاجيءَ جي بانين منجهان آهيو. الانا صاحب ٻڌايو ته اهو نالو ئي توهان تجويز ڪيو هو. ته توهان جي ذهن ۾ ان وقت ڪهڙي ڳالهه هئي، جڏهن اهو ادارو قائم ڪري رهيا هئا.

ج:سنڌ الاجيءَ جي مفهوم جو دائرو تمام وسيع آهي. جيئن ايجپٽالاجي، انڊالاجي وغيره، اهي سرزمينون جيڪي قديم تهذيب جون مالڪ آهن، انهن جون اڪيڊميون انهن جي نالن سان منسوب ٿين ٿيون. اهي خود پنهنجي جاءِ تي جدا علم ٿين ٿا، جيئن ايجپٽالاجي يا مصريات پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل علم جي حيثيت رکي ٿو، تيئن سنڌ جو به علم آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي جڏهن اهو ادارو قائم ڪيو، تڏهن ان جو نالو رکيائين ”سنڌي اڪيڊمي“ مون چيو ته اهو نالو ته رسمي آهي. منهنجي ذهن ۾ ان اداري جو هڪ جامع تصور هو. ۽ مان ان جو نالو ”سنڌ الاجي“ تجويز ڪيو. پر ان زماني ۾ اسان ون يونٽ ۾ وڪوڙيل هئاسين، سنڌ تي هڪ قسم جو خوف ۽ ڊپ هو. ڪامورا شاهي کي ” سنڌالاجي“ نالي تي حيرت ٿيڻ لڳي ! مون چيو ته بابا ”سنڌالاجي“ نالو رکڻ سان ڪهڙو اڀ ڏري پوندو، حسن علي عبدالرحمان، وائيس چانسلر چيو ته اهو نالو متان خوفناڪ سمجهيو وڃي. مان چيو ته ” ڪو نه ٿيندو، دلجاءِ ڪيو“ ان مجلس ۾ ممتاز حسين مرحوم به موجود هو. ڇاڪاڻ ته هو پنجاب جو هو. مون سوچيو ته هن کان به پڇي وٺان. هو ته عالم ماڻهو هو. هن کي خبر هئي. هن چيو ” ٺيڪ آهي ، بلڪل ٺيڪ آهي، هن ۾ ڪهڙي قباحت آهي؟“ تنهن کانپوءِ ئي حسن علي جو ڀئو لٿو ۽ اهو نالو ”سنڌ الاجي “ ٿيو.

سنڌ الاجيءَ مان منهنجو مطلب اهو هو ته اهو حاوي هجي سنڌ جي هر موضوع ٿي، ان ۾ تاريخ هجي، ادب به هجي، لٽريچر به هجي، تهذيب به هجي. يعني هر شيءِ ان جي دائري ۾ هجي ”سنڌ صدين کان“ (Sindh throng Centuries) هڪ خالص علمي اجلاس نيڪ نيتي سان سڏايل هو، جنهن ۾ دنيا جا عالم ۽ محقق آيا ۽ نهايت ٺوس علمي مقالا پڙهيائون ۽ ان تي به جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ٿي سامعين کي معلوم آهي، اسان اڃا تائين ان ڪئي جا ڪيتا ويٺا ڏيون. يعني ماڻهو هتي پنهنجي تاريخ جي متعلق پاڪستان کان ٻاهران ڪي ماڻهو گهرائي ڪجهه ڪري نه ٿو سگهي ! اهو ڪٿي جو انصاف آهي؟ تنهن ڪري اڄ توهان شيون گڏ ڪندا وڃو، ممڪن آ ته سڀاڻي ڪي چڱا ڏينهن اچن، جيڪي ڪجهه دستياب آهي، ممڪن آهي ته سڀاڻي حاصل نه ٿئي، تنهنڪري انهن کي هن وقت هٿ ڪري محفوظ ڪرڻ تمام ضروري آهي.

س:سائين اها صحيح ڳالهه توهان ٻڌائي. ان موقعي تي آئون به هڪڙي ڳالهه ڪري، ڇڏيان ته جيئن توهان ڳالهه ڪئي ته جڏهن ”سنڌ ٿرو سينچريز“ جو جلسو ٿيو ته ان ۾ جيڪي تقريرون ٿيون. اُهي سڀ، مون ۽ خان محمد (جڏهن اسان نئين زندگي رسالي ۾ هئاسون) ترجمو ڪري هڪ هڪ نئين زندگيءَ ۾ شايع ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. ٻه ٽي تقريرون اسان شايع ڪيون، پر پوءِ اسان کي منع ڪري ڇڏيائون ته آئنده ان کي نه ڏيو، ان جي ضرورت ڪانهي. حالانڪه ماهرن ڪيون هيون اسٽيج تي، کلي عام، پاڪستان سرڪار جي سرپرستيءَ ۾.

ج:بابا، مون کي معلوم آهي ته ڪيڏو عذاب ٿيو هو ان اجلاس جي سلسلي ۾.

س:سنڌ ٿرو سينچريز جي سلسلي ۾ پڙهيل پيپرس اڃا شايع نه ٿي سگهيا آهن، اُهي اڄ ڪلهه ڪٿي آهن؟

ج:مان کي خبر ڪانهي نه ڪاٿي آهن.

س:ڪهڙي قسم جون اسان کي ننڍيون جماعتن يا ادارا ٺاهڻ کپن، ڪهڙي نموني ڪم ڪرڻ کپي، سنڌي لغت، سنڌي ادب تي، تاريخ تي، انهيءَ لاءِ اسان کي ڪي تجويزون ڏيو.

ج:تجويزون نه ٿينديون آهن. ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هر شيءِ پاڻ پيدا ٿيندي آهي. اسان جڏهن اهي ڪم شروع ڪيا، تڏهن ڪي به تجويزان ڪين هيون. بس پنهنجي ذهن ۾ جيڪي اينديون ويون، بسم الله ڪندا ڪم ڪندا وياسين. تجويزان نه ٿينديون آهن، تجويزون خود ذهن پيدا ڪندو آهي ۽ شوق ۽ اراد پيدا ڪندو آهي ۽ تجويز پنهنجو پاڻهي ٿي ويندي آهي.

منهنجو پنهنجو تجربو آهي ته سنڌ جو ماڻهو بي انتها ذهين ۽ فڪر وارو آهي. هو ڪڏهن به مري نه سگهندو. سنڌ کي پنهنجو هڪڙي قسم جو فلسفو آهي، پنهنجو تصوف اٿس، پنهنجو ادب اٿس، تنهنڪري هن کي ته هڪڙي افاديت آهي، جيڪا کيس ٻين جي ڀيٽ ۾ ممتاز ڪيو بيٺي آهي. سنڌ جو ماڻهو هڪڙي ڏينهن بيدار ٿيندو، ۽ اڳتي هلي سنڌ جو ماڻهو پاڪستان کي ليڊ ڪندو، سنڌ جو ماڻهو غير معمولي آهي. سنڌ جو ماڻهو ڇاهي، اهو هڪڙي قسم جو راز آهي، جيڪو اڃا تائين لڪل آهي.

س:”تخليقي ادب“ جي سلسلي ۾ جيئن توهان ڪتاب ” هو ڏوٿي هو ڏينهن“ لکيو آهي، ان قسم جو ڪو ٻيو ڪتاب توهان جي زير ويچار آهي، جنهن ۾ وڌيڪ ڪشادگيءَ ۾ کليءَ دل سان ڪي ڳالهيون ٻولهيون هجن؟

ج: حقيقت اها آهي ته اسان وارو ”تخليقي“ ڌنڌو ائين آهي، جيئن اوستن جو ڪم، حقيقت ۾ ته تخليقي ڪم توهان وارو آهي. مان قبول ٿو ڪريان ته 1960ع ۾ جڏهن مون اهو ڪتاب لکڻ شروع ڪيو، تڏهن مان 1958ع کان هارٽ اٽيڪ جو شڪار هوس ۽ زندگيءَ جو به يقين نه رهيو هو. ان وقت ايوب خان مرحوم جو مارشلا لڳو هو. مارشلا جو نئون دور هو ۽ ان جو به اثر هو. هارٽ اٽيڪ جي تڪليف تنهن کانسواءِ، خانبهادر کهڙو جيل ۾، فلاڻو جيل ۾، فلاڻو جيل ۾، هڪڙي قسم جو تڏا ويڙهه جو منظر هيو. هتي مون تي نروس بريڪ ڊائون ٿي. ڊاڪٽرن مون کي مشورو ڏنو ته ماحول بدلائڻ لاءِ ٻاهر هليو وڃان. ادا علي محمد ان وقت فلپين ۾ پاڪستان جو سفير هو، تنهن ڪري ٻاهر وڃي رهڻ ۽ علاج ڪرائڻ جي سهولت هئي. اتي ٽي سال کن مان رهيس. منهنجي نروسنيس جو سڄو زمانو اتي گذريو. ان وقت نه پڙهي سگهندو هوس ۽ نه ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ايندي هئي. لکندو هوس ته هٿ ڏڪندا هئا ۽ اهو يقين نه هو ته ڪو آءُ وطن واپس ٿيندس. جتي انسان جي ابتدائي زندگي گذري ٿي، اتي جون يادون تمام پياريون ٿين ٿيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو خط پهتو ته نواز علي نياز لاڙڪاڻي وارو گذاري ويو. مهراڻ جي ايڊيٽر سردار علي شاهه جا به خط پي پهتا ته اخبار جي سالنامه لاءِ مضمون موڪليان. نياز مرحوم تي مضمون لکڻ جي ابتدا ڪيم. ان وقت ڪتاب جو خيال ڪو نه هو، فقط مضمون جي رٿا هئي. هڪ تنهائي ۽ ٻيو وطن کان دوريءَ وطن جي ڳالهين جي بيان ڪرڻ لاءِ اُڀاريو. ماڻهو جنهن شيءِ جو گهڻو ذڪر ڪري ٿو ته پوءِ ان سان عشق ٿي پوي ٿو. پراڻيون يادون اينديون رهيون. مضمون شروع ڪيم، لکڻ جاري رهيو، تان جو ڪتاب لکجي ويو. جي نه اچان ها هيڏي، ته ٻيو جلد به لکجي وڃي ها، اهو ڪتاب ته مون اڌ ۾ ختم ڪيو آهي، جو به عشق جي هڪڙي بي انتها جذبي جي پيداوار آهي.

س: ان ڪري مون عرض ڪيو ته هن کان پوءِ به ان سلسلي ۾ ڪا وڌيڪ رٿابندي آهي توهان جي ذهن ۾؟

ج: نه، هاڻي ڪانهي ڪا. هاڻي مان لکي به نه ٿو سگهان. اڄ ڪلهه مون تي وري به هڪڙي قسم جي پريشانيءَ جو وقت آهي. ٽي چار مون آپريشن ڪرايا گلي جا، انهن منهنجي اعصابن تي سخت اثر ڪيو. هاڻي هٿ به ڏڪن ٿا، لکي نه ٿو سگهان. ڪم تمام گهڻو ڪرڻو آهي.

س: تحقيق لاءِ ڪي بنيادي هدايتون، توهان، تحقيق جي هڪ ماهر ۽ استاد جي حيثيت ۾ ڏيو، جيڪي پيش نظر رکجن.

ج: پنجاهه ورهيه تائين، پنجاهه ڄڻا چوويهه ڪلام ڪم ڪن ته به پورو نه ٿيندو. سنڌ تي ايترو گهڻو ڪم آهي ۽ اسان جيڪي ڪم ڪيو آهي، سو فقط تمهيد آهي، بنيادي ڪم ته اڃا اڳتي آهي، اڃا ته اسان جي تاريخ ڪانه لکي وئي آهي، جيڪو بنيادي ڪم آهي. اسان ته فقط ڪجهه سورس بڪ (ماخذ) شايع ڪيا آهن، تاريخ لکيل ڪانهي، لغت لکيل ڪانهي، وڏي ڳالهه ته اسان جي ادب جي تاريخ لکيل ڪانهي. منهنجي اها نيت هئي ته سنڌ جي ادبي تاريخ لکجي، ادبي تاريخ اڃا تائين ڪانه لکي وئي آهي. اسان وٽ ڪونه آهي. اها تاريخ، جنهن مان توهان کي خبر پوي ته شمشيرالحيدري جي پيدا ٿيڻ ۽ سندس ذهن ٺهڻ جا اسباب ڪهڙا آهن؟ اسان وٽ آهي ئي ڪانه. ادبي تاريخ ڪانهي، تمدني تاريخ ڪانهي. پوليٽيڪل تاريخ ڪانهي. اڃا ته خود سورس مٽيريل به ڪيترو رهيو پيو آهي. هڪڙو ڪتاب هاڻي اوچتو هٿ آيو، جيڪو مان ڇپارايان پيو، تاريخ معصوميءَ ۾ جن واقعن جا اشارا آهن، ان جا هن ۾ تفصيل بيان ڪيل آهن، ڪتاب جو نالو آهي ”نصرت نامہ ترخان“، جيڪو ٺٽي جي هڪ پوراني سادات جو لکيل آهي. اهو ڪتابرس بڪ (ماخذ) شايع ڪيا آهن، تاريخ لکيل ڪانهي، لغت لکيل ڪانهي، وڏي ڳالهه ته اسان جي ادب جي تاريخ لکيل ڪانهي. منهنجو هڪ دوست ايڊٽ ڪري رهيو آهي ۽ انشاءَ الله جلد شايع ڪنداسين. مطلب اهو آهي ته اڃا تائين بنيادي ڪتابن جي اشاعت به رهيل آهي.

س: پنهنجي جاءِ تي اهو صحيح آهي ته تاريخ اڃا تائين ڪانه لکي وئي آهي. آءُ وري به پنهنجو اهو عرض ورجائيندس ته اسان جي محقق لاءِ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ابتدائي ليڪچر توهان ڪهڙو ڏيندؤ؟

ج: طريقئه ڪار اهو آهي ته پهريون ته ذهن صاف هئڻ گهرجي. توهان جي ذهن ۾ جا غفونت ڀريل آهي، سان نڪرڻ کپي، مذهب جائز آهي پر هڪ حد تائين، ڇاڪاڻ ته هڪڙو نظام انسان جي زندگيءَ لاءِ ضروري آهي ۽ اهو مذهب آهي. مطلب اهو آهي ته پهريون ته توهان جو ذهن صاف هجڻ کپي ته اوهان آهيو ڇا؟ يعني شميرالحيدريءَ جي وابستگي ڇا سان آهي. ڪنهن سان هو لائل آهي؟ پهريون ته لائلٽي گهرجي، هڪڙو عقيدو گهرجي. پهريون توهان جو عقيدو صاف هئڻ گهرجي.

س: اوهان جي خيال ۾ اسان کي سنڌ جي تاريخ سهيڙڻ ۾ ڪهڙي شيءِ سان وفاداري ڏيکارڻ کپي، جيڪا بنيادي طور صحيح هجي؟

ج: وطن سان، ملڪ سان ۽ هن ملڪ جي ماڻهن سان.

س: سائين، آءُ هڪڙو گستاخي جهڙو سوال ڪريان ٿو. خدا توهان جي عمر وڏي ڪري، پر سوال ڪرڻ خاطر هڪڙي شيءِ، جيڪڏهن توهان جي دل ۾ اهو خيال اچي ته آءُ فقط اڄوڪو ڏينهن هيءَ گهڙي جيئرو آهيان، ۽ سڀاڻي آءُ ڪونه هوندس، ته اهڙي آخري موقعي تي توهان ڇا چوندءُ سنڌ جي ماڻهن کي.

ج: سنڌ! سنڌ!! تاريخ! تاريخ!!

سنڌ جي نوجوان تي سڄي مستقبل جو مدار آهي. جيڪڏهن گهرن تي سنڌ سنڌ رهي ۽ سنڌي رهن، ته ان جو وڪو ڏينهن هيءَ گهڙي جيئرو آهيان، ۽ سڀاڻي آءُ ڪونه هوندس، ته اهڙي آخري موقعي تي توهسنڌ جي نوجوانن تي مدار آهي. ان لاءِ سوچڻ کپي، ڪوشش ڪرڻ کپي ۽ تيار رکڻ کپي. نوجوان سنڌ لاءِ وڏي شيءِ آهي. سڄو مستقبل ئي انهن جو آهي ۽ کين ئي ڪم ڪرڻو آهي، اسان ته ختم ٿي چڪا آهيون.

س: توهان سنڌ جي موجودهه شاعرن ۽ اديبن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. هن وقت جي شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن مان توهان جي پنهنجيءَ پسند جا ڪهڙا آهن؟

ج: مان تعريف نه ڪئي آهي پر حقيقت بيان ڪئي آهي. اسان جا شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي پنهنجي طريقي سان پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ نهايت بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. مون کي ذاتي طرح ڪنهن جي زبان پسند ايندي آهي ته ڪنهن جو انداز، پر اها هڪ جدا شيءِ آهي. مثلاً مان آهيان ڪچي جو ماڻهو، تنهن ڪري مان کي نسيم احمد کرل جا محاورا ۽ لکڻ جو اسٽائل وغيرهه تمام گهڻو پسند آهي. اسان جي ماهتاب محبوب، هڪ خاص انداز سان معاشري جي خرابين جو بيان ڪري ٿي، يا نورالهديٰ شاهه آهي، اها هڪ خاص معاشري جي خرابين جو بيان ڪري ٿي، اسان جي معاشري جي ناسورن جي جڏهن جراحت ٿئي ٿي ته دل کي وڻي ٿي، ڇو ته اسان جي سڄي زندگيءَ جو مقصد اهو ئي رهيو آهي.

س: شاعرن ۾ سائين؟

ج: شاعرن ۾ چوندس ته مان کي شمشيرالحيدري پسند آهي..

(سائين آءُ ته ويٺو آهيان، توهان جي سامهون)

شاعريءَ ۾ توهين سڀ لک لهو. سڀ شاعر هڪ ٻئي کان وڌ آهيو. ڪنهن کي مان گهٽ چوان؟ هنن ويهن ورهين ۾ جيڪي شاعر پيدا ٿيا آهن، انهن جي شعر کي دوام حاصل آهي.

س: سائين، توهان گذريل پنجاهه سالن کان مسلسل لکندا رهو ٿا. توهان جي لکڻين جو طريقي ڪار يا ٽائيم ٽيبل، وقت مقرر آهي ۽ ڪهڙي نموني توهان لکندا رهيا آهيو؟

ج: منهنجي حالت ته هيءَ رهي آهي جو جڏهن لکڻ ويهندو هوس ته چوويهه ئي ڪلاڪ لکندو هوس. پورو ياد ناهي، شايد 1928ع کان جڏهن شروع ڪيو اٿم، لاڳيتو لکندو رهيو آهيان. منهنجو پويون ڪتاب آهي ”مير معصوم بکري“ جيڪو سال ٻه اڳ شايع ٿيو آهي. ان سڄي عرصي دوران، مان سمجهان ٿو ته اهو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن 15-20-25 صفحا نه لکندو هوس.

ٻيو توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجو ڪو به ڪتاب مڪمل طور لکجڻ کان پوءِ ڇپيو ناهي. مان ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح اخبار نويس آهيان، تنهن ڪري لکڻ جي سڄي ڪم لاءِ سلپن جو استعمال رهي ٿو. روزانه مواد سلپن تي لکجي، ۽ اهو پريس ۾ وڃي، شام جو لازمي طور ان جا پروف اچن، تنهن کان پوءِ ئي وڌيڪ مواد مان لکان. ته انهيءَ نموني مون سمورا ڪتاب لکيا آهن.

س: هن وقت توهان وٽ ڪي تصنيف تاليف هيٺ ڪتاب آهن؟

ج: عرض ڪيم ته ٽن چئن سالن کان وٺي منهنجي ذهن ۾ ٽي ڪم آهن: خدا موقعو ڏنو ته انهن کي پورو ڪندس. هڪڙو ڪتاب آهي ”تاريخ رشيدي“ منهنجي هڪڙي مرحوم دوست جي فرمائش آهي ته اهو ڪتاب مان ايڊٽ ڪري شايع ڪيان. خدا توفيق ڏئي، منهنجو اهو هڪڙو فرض آهي، جيڪو ادا ڪرڻو آهي.

س: ان ڪتاب تي ڪيترو ڪم ٿيو آهي ۽ ڪڏهن شايع ٿيڻ کپي؟

ج: ڪم اڃا شروع ڪونه ٿيو آهي. هن ڪتاب جا 5-10 نسخا، جيڪي دنيا جي مختلف هنڌن تي هئا، سي سڀ گڏ ڪري رکيا اٿم، ۽ انهيءَ کي فقط تصحيح ڪري متن تيار ڪرڻو آهي. ۽ اهو ڪم اڃا تائين ان ڪري شروع ڪري نه سگهيو آهيان، جو محنت تمام گهڻي آهي ۽ اها طاقت مان پاڻ ۾ نه ٿو سمجهان. مون نه ڪيو ته انشاءَ الله ڪو ٻيو ڪندو، ۽ بهرحال اهو ڪم منهنجي ذهن ۾ آهي.

ٻيو ڪم آهي ”پوراني سادات“. ٺٽي جا پوراني سيد سنڌ جو تمام وڏو علمي خاندان هو. نصرت نامہ ترخان، ان خاندان جي هڪ فرد لکيو آهي. ان سڄي خاندان جو تفصيلي احوال مون گڏ ڪيو آهي. ارادو اٿم ته اهو ڪتاب، جيئن مير معصوم جو لکيو اٿم، لکي پورو ڪيان، ڇاڪاڻ ته اهو منتشر آهي ۽ تمام قيمتي مواد آهي، جو جيڪڏهن گڏ ٿي وڃي ته سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب مڪمل ٿي وڃي. ان خاندان جي علمي اهميت اها آهي، جو ان جو واسطو سينٽرل ايشيا، خراسان ۽ هرات سان آهي. ٽئين ڪتاب لاءِ ارادو آهي ته ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ لکان.

س: توهان سچل جي ميلي تي تازو اها ڳالهه ڪئي هئي ته اڪبر جي ”دين الاهيءَ“ جو تصور خيرپور مان پيدا ٿيو هو.

ج: دين الاهي خيرپور منجهان ڪونه پيدا ٿيو هو. دين الاهيءَ جي پيٽرن (نهج) تي مولوي محمد صادق راڻيپور واري مير علي نواز کي خوش ڪرڻ ۽ اڪبر جي ڪڙي تي ڪري ڏيکارڻ لاءِ دين الاهي شروع ڪيو ۽ ان جو لٽريچر ۽ ڪتاب وغيرهه ڇپيا. مير صاحب کي به اڪبر بنايو هئائون. اتي مندر به ٺهرايائون. مسجد به. هاڻي تازو وڃي ڏٺم ته اهو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي. باليءَ وارو بنگلو به ڀڄي ڀري ويو آهي. پر بهرحال دين الاهيءَ جو پيٽرن خيرپور ۾ سوچيو ويو هو.

س: توهان فرمايو ته اڄ ڪلهه جا راڳيندڙ ساڳيون ساڳيون ڪافيون ڳائين ٿا ۽ اسان کي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته توهان وٽ ڪافي جي شاعر جو تمام وڏو ذخيرو آهي، توهان انهن جو ڪو انتخاب ڇپرايو.

ج: ڪيترا ڪم آءُ اڪيلي سر ڪري سگهان ٿو؟ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مان وٽ وڏو ذخيرو آهي، هن لحاظ سان ته منهنجو ڏاڏو به ڳائيندو هو (ڳائيندو هن لحاظ کان نه هو ته ڪو پيشه ور ڳائڻو هو. پر مطلب شوقيه ڳائيندو هو). بابو مرحوم بهترين ڳائيندڙ هو. منهنجو چاچو پير نورالحق شاهه سٺو ڳائيندو هو. ڪافيون ۽ بياض وغيرهه جو ذخيرو ان زماني کان اسان جي گهر ۾ تمام گهڻو هو ۽ اڃا تائين آهي. ڪيترا بياض گم ٿي ويا آهن، ۽ بهرحال ڪجهه آهن. اسان جي خاندان ۾ گهڻا شاعر ٿي گذريا آهن. جتي اهڙي ثقافتي فضا هوندي آهي، اُتي اهڙا علمي بياض به هوندا آهن.

اسان جي خاندان، يعني پير پاڳاري جي خاندان جي ڪافين جا جيڪي سر آهن، سي منفرد آهن. اُهي لوور سنڌ جي سرن کان مختلف آهن. مثلاً اپر سنڌ جا جيڪي سر آهن، سي جدا آهن، پر انهن ۾ به اسان جي خاندان جا سر البت مختلف به ۽ منفرد به آهن. تنهن ڪري ڪافين جو تصور، ڪافين جا سر وغيرهه اهي به هر هڪ درگاهه يا سلسلي جي لحاظ کان علحدهه علحدهه آهن. مثلاً ڪنڊڙيءَ وارن جو فڪر ئي الڳ آهي. رکيل شاهه جي سلسلي جي ڳائڻ جو اندازو به الڳ آهي. سچل جي ميلي تي تازو مون چيو هو ته شاهه لطيف پنهنجي فن ۽ فڪر جي لحاظ سان هڪ مخصوص شخصيت آهي، پر سچل جو باقاعدهه سلسلو آهي. يعني سچل کان شروع ڪندا ته ويندي فتح پور تائين پهچندا، پر شاهه جو سلسلو ائين ناهي. سچل جو پيغام، سلسلو وغيرهه طويل ۽ سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهي.

س: هينئر سنڌي راڳ انگريزي طريقي واري جي باري ۾ راءِ ڇا آهي؟

ج: آءُ خلاف آهيان، انگريزي راڳ جي ڪري ايراني ۽ افغاني راڳ به خراب ٿيو آهي. سينيمائن جي ڪري به راڳ خراب ٿيو آهي. تڏهن به سنڌي ۽ هندي راڳ شاندار آهي.

س: ان جو مطلب اهو نه آهي ته جديديت جي خلاف آهيو؟

ج: قومن جون ڪي روايتون ۽ مخصوص عادتون ٿينديون آهن. ان ۾ هر قسم جي اصليت ٿيندي آهي، جنهن ۾ جديديت شامل ڪندو ته اصليت به ويندي هلي. جيئن امداد حسينيءَ چيو ته هائڪو جپاني آهي، ان جو نالو مون ٽيڙو رکيو آهي. ليڪن جپاني معاشرو جدا آهي. جپان جي تهذيب جدا آهي. مارئي جپان ۾ نه ٿي اچي سگهي. آزاد نظم بلڪل غلط آهي. جن ايجاد ڪئي جهڙوڪ ن.م راشد وارن، اهي ختم ٿي ويا. اها هميشہ لاءِ نه آهي. پر اها ذهني انتشار جو نشان آهي. ساڳئي نموني تجريدي آرٽ (Abstract Art) آهي. اهي ٻئي شيون سمجهه لائق نه آهن.

س: ڀڳت جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟

ج: ڀڳت جو علمبردار ڀڳت ڪنور رام هو، جيڪو خود وڏو انسان دوست به هو. ان کان پوءِ ڀڳت ختم ٿي. فن جي لحاظ کان ان جو موت وڏو حادثو هو.

س: پراڻي زماني ۾ ناٽڪ منڊليون هيون، انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.

ج: ان وقت شهرن ۾ ناٽڪ ٿيندا هئا. ٻهراڙيءَ ۾ گهٽ ٿيندا هئا. شڪارپور ان جو مرڪز هو. آغا صوفيءَ وارا ناٽڪ رچائيندا هئا. پر انهن جو ٻهراڙين ۾ گهٽ اثر هوندو هو. مون پهريون ناٽڪ 1925ع ۾ ڏٺو. ڪراچيءَ واري ڪيپيٽل سينيما ۾، جتي ان وقت ٿيٽر هو.

س: توهان ڪڏهن باقاعدهه ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ رهيا؟

ج: بلڪل، ڪانگريس ۾ رهيس ۽ مسلم ليگ ۾ به. 1940ع ۾ قائداعظم خود مون کي مرڪزي ڪائونسل جو ميمبر، سنڌ جي چئن سيٽن ۾ نامزد ڪيو.

س: توهان سڀ کان اول ڪهڙي مقبري تي تحقيق ڪئي؟

ج: باوجود مسڪين هئڻ جي قدرت ايتري مهرباني ڪئي آهي، جو مشرق جي سڀني مشاهيرن جون قبرون ۽ مقبرا ڏٺا اٿم.

س: سير سفر جي لحاظ کان ڪٿي ويا آهيو؟

ج: مشرقي ملڪن کي ڪافي ڏٺو اٿم.

س: ادب ۾ فحاشيءَ جي باري ۾ راءِ؟

ج: اهو رڳو سنڌي ادب جو نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي. جنسيات منهنجي راءِ ۾ طبي مسئلو آهي. ٻاهرين دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو ته اسان تصور به نه ٿا ڪري سگهون. هاڻي ته ٻاهرين ملڪن ۾ اسڪولي سطح کان ٻارن کي جنسيات جي تعليم ڏني پئي وڃي.

س: سنڌي سماج ۾ ڪيتري حد مقرر ڪرڻ کپي؟

ج: هر قوم کي بنيادي حدون ٿين ٿيون. هڪ دائرو وڏيرن ۽ پيرن جو آهي. جنهن ۾ ٻاهران پرديداري آهي، پر جڏهن اها هٽي ٿي ته ان تي اعتراض ٿئي ٿو، جنهن کي فحش سڏين ٿا. حقيقت ۾ اها فحاشي نه آهي، پر حقيقت آهي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ، سٺو اثر ڪري ٿو. جيئن نورالهديٰ شاهه لکي ٿي. اهي حقيقتون آهن، پر ڪجهه احتياط ڪرڻ کپي. هڪ اهڙي شيءِ جنهن مان اثر وٺي عمل ڪجي. ٻيو اهو آهي، جنهن ۾ بغاوت ٿئي، ساڳي ڳالهه ٿوري ڌيمي نموني ڪرڻ سان ڪري سگهجي ٿي. اهو ردعمل آهي.

س: سنڌي ٻوليءَ جو ڪراچيءَ ۾ آئيندي جي باري ۾ ڪهڙو رايو آهي؟

ج: تمام سٺو آهي. جيڪڏهن سنڌي نالو آهي: سنڌ جي تاريخ جو، لباس جو، ٻوليءَ جو ته پوءِ اهو ڪم هتي بهتر آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي کان وڌيڪ شاگرد آهن.

س: ٻوليءَ سان جيڪو معاشي مسئلو منسلڪ آهي، ان لاءِ راءِ.

ج: اردو مان ڊپ نه ڪرڻ گهرجي. سربراهي سنڌي ٻوليءَ جي رهندي، سنڌ ڪلچر کي ڪو به خطرو نه آهي. اقتصادي طور تي ڪجهه ٿي سگهي ٿو، پر هاڻي مهاجرن تي اثر پيو آهي. هو خود سنڌيءَ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. توهان رڳو نعرن ۾ رهجي ويندؤ، ان ڪري نوجوانن کي گڏجي پنهنجي پنهنجي مسئلن تي سوچ ويچار ڪرڻ کپي. باقي خان محمد رڳو پيو علاج ڪرائيندو، اهو خيال توهان کي دماغ مان ڪڍي ڇڏڻ کپي ته سنڌ فقط توهان جي آهي، اهو غلط آهي. ان ڪري اردو وارن کي به پنهنجو ڪيو. انهن مان فائدو وٺڻ گهرجي. ويندي رئيس امروهوي کان به سنڌ لاءِ ڪم ڪرايو.

س: شاعري وقت توهان جو تصور؟

ج: ڪو به نه صرف خيالي تصور.

س: توهان جي شاعري محفوظ آهي؟

ج: نه افسانه اخبارن ۾ ڪجهه هجن. مضمون البته ڪجهه گڏ ٿيا آهن. جي سنڌ ثقافت کاتي طرفان ڇپجن پيا.

س: تنقيد جي باري ۾ راءِ؟

ج: تنقيد، انگريزي، جرمن وغيرهه مان سڌي طرح فائدو ڪونه ورتو ويو آهي. البته سنڌي ادبي سنگت جا ڪلاس به هڪ سٺي شيءِ آهي. جڏهن سنڌ يونيورسٽي سنڊيڪيٽ تي آءُ ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ جي زماني ۾ هوس، اسان فيصلو ڪيو ته دنيا جي بهترين استادن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ گهرائي نوجوان تيار ڪجن، انجنيئر گهرائي پليون ٺهرائي سگهجن ٿيون ته ٻاهرين استادن کان قوم جو ذهن ڇو نه تيار ڪرائجي؟ پر ان تي اعتراض ٿيو ته اسان جي نوڪرين تي اهي ”ٻاهريان“ قبضو ڪندا، پوءِ اهو خيال لاٿو ويو. حالانڪ هاڻي به آمريڪا توڙي ايران جهڙن ملڪن ۾ ٻاهرين ملڪن مان استاد گهرايا وڃن ٿا.

س: سنڌي شاعريءَ ۾ ڪهڙي صنف پسند آهي؟

ج: ڪافي ۽ ڏوهيڙو.

س: پسنديده شعرن جو ڪو بياض تيار ڪيو.

ج: ها. انهن مان پسنديده شعر هي آهن.

(1) انهن وهن وٽان لڏ، جنهن جو ناهه منهن ملير ڏي
اها ڇانگ ئي ڇڏ، جيڪا ڌڻ کان ڌار هلي.

(2) مينهن وسندي سومرا اڄ پڻ پور پيا
پکا پنهوارن جا سي مون ياد ڪيا
ڏٺي گهڻا ڏينهڙا مون ٿريچن ٿيا
وسري تا نه ويا، ڪا ساعت منهنجي ساهه کان.

س: ايران ۾ توهان جي ياد ۾ يادگار پٿر لڳايل آهن. اتان جي يونيورسٽين ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري به ڏني، اتي سنڌي ادب تي ڪم ٿيو آهي؟

ج: انهن جيڪو شناسي جو مظاهرو ڪيو ته کين نقصان پهتو. پنهنجي پسگردائي جي ملڪن مان فائدو نه ورتو. بلڪ يورپ جي اثر قبول ڪيو. نتيجي ۾ تهذيب کي نقصان پهتو.

س: تهذيب، فڪر ۽ علم لاءِ راءِ.

ج: علم، تهذيب ۽ فڪر محدود دائرن ۾ رهي حاصل نه ڪبو آهي. هر تهذيب ۾ خاميون ۽ خوبيون آهن. اسان جا ماڻهو ناني ويڙهو ٺاهي رهن ٿا. ان ڪري انهن جو ماحول به محدود رهي ٿو. چڱيون شيون حاصل نه ٿا ڪن. ان ڪري سڀن سان ملڻ ۽ سکڻ کپي. مون سير ۽ سفر ۾ هر قوم جي اٿڻ وهڻ ۽ گفتگو مان پرايو آهي.

پاڪستان ٺهڻ وقت انجمن ترقي اردو ٺهي ته مولوي عبدالحق سان سنگت هئي. اتي روزانو آل انڊيا ليول جي ايندڙ ماڻهن سان ملندو رهيس. ان کان علاوهه بين الااقوامي ادارن ۽ ملڪن جي ڏسڻ سان مون گهڻو پرايو. ايران، برصغير مان صرف ٻن ڄڻن کي اعزازي ڊگري ڏني. هڪ ڊاڪٽر تاراچند ۽ ٻيو آءُ هوس. دنيا مان صرف اٺ ڄڻا هئا. جيڪي ايرانالاجسٽ هئا. سنڌ يونيورسٽي ٺهراءُ پاس ڪيو ته مون کي ڊاڪٽوريٽ ڏجي پوءِ مصلحت سبب عمل نه ڪيو ويو.

س: ٻاهر دنيا ۾ سنڌ تي مواد ڪٿي آهي؟

ج: سڄي دنيا ۾ آهي. خاص ڪري انگلينڊ ۾ تمام گهڻو مواد آهي.

س: ميرپور بٺوري جي لئبريري ۾ سئو کن اخبارن جا فائيل آهن، اهي ڪيئن محفوظ ڪجن؟

ج: پيسا خرچ ڪيو. هر حالت ۾ ضرور وٺجي. پيسو ڪا شيءِ نه آهي اهي شيون قومن جو سرمايو آهن. اسان وٽ پيسي جي کوٽ نه آهي. رڳو همت جي ضرورت آهي. هر شيءِ لاءِ پيسو آهي، پر ڪتاب لاءِ نه آهي؟ ان ڪري اهي ذخيرا تباهه ٿي ويندا.

س: توهان جي تحقيق ۾ اردو زبان سنڌ جي پيداوار آهي.

ج: بلڪل صحيح آهي. حقيقت ۾ چيو وڃي ٿو ته اردو مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿي، مقامي ماڻهن ۾ زبانن جا ماڻهو گڏ اٿيا ويٺا ته اردو زبان ٺهي. اهو اصول قبول آهي ته پوءِ مسلمان پهرين هتي آيا. ٻيا ان جا پيچرا هتي ملن ٿا. جيئن سرائڪي زبان، اها اردو جي ابتدائي صورت آهي. گجراتي، اها صرف سنڌ، گجرات ۽ بهاول پور ۾ استعمال ٿي. پر ملڪيت ٻاهر جي ڀلي ٻاهر آهي.

س: فوٽو گرافي سان شوق ڪڏهن کان آهي؟

ج: ڇهن پيڙهين کان آهي. انهن کي محفوظ تڏهن ڪجي، جڏهن ڪو قومي ادارو هجي هزارين فوٽو آهن، ڪير سنڀالي؟ اهڙا فوٽو سنڌ جي ڪيترن بزرگن وٽ به آهن.

س: اهي شيون تباهه نه ٿينديون، سنڌالاجي کي ڇو نه ٿا ڏيو؟

ج: نه، اهي محفوظ آهن. مرڻ کان پوءِ هونئن ئي سنڌالاجي کي ملنديون.

س: توهان اهڙي وصيت ڪئي آهي؟

ج: ها، مون حسين شاهه راشديءَ کي چئي ڇڏيو آهي.

س: هيءَ وصيت سمجهڻ کپي؟

ج: ها، اها حسين شاهه کي خبر آهي. ڏاڏا پير شاهه جي نالي ڪارنر اتي ٺهرائي اٿئون. هينئر به جيڪي ڪم مان ڪتاب نڪرندا آهن، اهي سنڌالاجي کي موڪليندا آهيون، منهنجي دلچسپي سنڌالاجي سان آهي، ڇو ته اها سنڌ يونيورسٽيءَ سان شامل آهي. نيٺ ته درست ٿيندي، اهي ادارا نيٺ ته ٺهندا.

س: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز لاءِ راءِ؟

ج: گهڻي خبر نه آهي پر چڱو ادارو آهي.

س: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سنڌي ادبي سنگت!

ج: سگا کي ڪلارڪي ذهنيت جي بجاءِ آزاد ذهن جي ترتيب ڪرڻ گهرجي. هونئن سٺو ادارو آهي. چڱو ڪم ڪري ٿي. البته ڪامورڪي ذهنيت کان ٿورو خوف آهي. سنگت تمام سٺو ڪيو آهي. ان کي زور وٺرايو.

س: سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ، تاريخ تي ڪو ڪم ڪيو آهي. ان کي زور وٺرايو؟

ج: ڪراچي يونيورسٽي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. هڪ پروفيسر رئوف سنڌ جي ساهوران، ناگن، بلائن تي سڄي پگهار خرچ ڪري وڏي ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن کي سوچڻ کپي ته گذريل دور ۾ يونيورسٽي بند هئڻ ڪري ڪيترو هنن نقصان سٺو آهي. ان جو ازالو نه ٿو ٿي سگهي. اهو قومي سانحو آهي ان ڪري. هاڻي سنجيدهه ٿي پڙهڻ پروڙڻ، تحقيق، تخليق لاءِ ڪم ڪري، ان جو ازالو ڪرڻ گهرجي.

س: کاڌي ۾ پسنديده جون شيون؟

ج: کاڌي ۾ شوروو ۽ ماني وڻندي آهي. پر گوشت ۽ ڪباب به وڻندو آهي.

س: پوشاڪ؟

ج: انگريزي پوشاڪ. جڏهن به انگريزي پوشاڪ ۾ ڏسو ته سمجهو ته تندرست آهيان. جڏهن سلوار قميص پائيندو آهيان ته سستي محسوس ڪندو آهيان. لکڻ وقت به انگريزي لباس پائيندو آهيان.

سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو

[هي انٽرويو محترم امير بخش حمايتي ڪراچيءَ جي ماهنامہ ”اديون“ لاءِ ورتو ۽ ان کي آگسٽ – سيپٽمبر، 1981ع واري پرچي ۾ ڇاپيو. غالباً پير صاحب مرحوم جو هي ڪنهن رسالي لاءِ ڏنل آخري انٽرويو آهي]

س: اڄڪلهه جي تعليمي سرشتي مان توهان مطمئن آهيو؟

ج: نه نه، مطمئن ڇا مان سمجهان ٿو ته زندگي ضايع ڪرڻ آهي.

س: اسان جو نوجوان نسل چوي ٿو ته اسان کي وڏن جي ورثي کان اهو تعليمي سرشتو مليو آهي، ان ۾ اسان جو ڏوهه نه آهي.

ج: تعليم جيڪا اسان جي آهي، انهي جي تشيڪل ڪندڙن مان هڪڙو الزام انگريزن تي به آهي ڇا؟ پر انگريزن جي زماني جي پيداوار اسان آهيون. توهان ته انگريزن کان پوءِ ئي پيدا ٿيا. تنهن ڪري تعليم جو موجودهه سرشتو ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انگريزن، پنهنجي مقصدن خاطر تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي، پر ان دور جا استاد، تعليمي ماحول، گهرو ماحول ۽ آبهوا، موجودهه دور کان گهڻو بهتر هئا، ۽ ماڻهو فقط استاد وٽ نه پر گهر ۾ به تعليم وٺندو آهي. بزار ۾ وٺندو آهي، شهر ۾ وٺندو آهي، ڳوٺ ۾ وٺندو آهي، اٿي ويٺيءَ ۾ تعليم آهي، معنيٰ سڄي زندگي حقيقت ۾ تعليم آهي. تنهن ڪري اڳي جنهن زماني ۾ اسان پيدا ٿياسين، مان سمجهان ٿو ته سنڌ جا جيڪي ليڊر هئا، تن ڪو امتحان ته پاس ڪونه ڪيو هو.

س: سائين تاريخ جي وصف جي اسان کي صحيح خبر ڪانهي، پر تاريخ ۾ بادشاهه، امراءَ ۽ وزيرن جو ذڪر آهي. عوام جو ڪونهي!

ج: بلڪل صحيح آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اڄ تائين هن صديءَ ۾ يا ان کان اڳ جي عوام کي ڪابه اهميت حاصل نه هئي، مغرب جي اثر جو نتيجو آهي، جو عوام، Messes جنهن کي چيو وڃي ٿو، ان ۾ بيداري آئي آهي، نه ته عوام جي سلسلي ۾ نه تصور ڪندا هئا نه گفتگو ڪندا هئا. حقيقت ۾ عوام ڪا شيءِ ئي نه هو، ان ڪري عوام جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو. اهڙين حالتن ۾ جن کي اسان سخت حالتون چئون ٿا، پراڻي هڪڙي ڊراڪ ايجز Dark ages چئون ٿا، ظاهر آهي ان زماني ۾ ڪوبه ماڻهو لکي نه پي سگهيو يا چئي نه پي سگهيو يا ان قسم جي ڪا تحريڪ ٿي نه پي سگهي. مثلاً جيڪي به تحريڪون اسان وٽ پيدا ٿيون آهن، ۽ هر دور ۾ ماڻهو آيا آهن. انهن جدوجهدون ڪيون آهن. پر انهن جو ذڪر تاريخ ۾ ڪونهي. اهڙن ماڻهن کي سخت اذيتون ڏئي ماريو ويو آهي، جيئن دادوءَ جو بلاول، جنهن لاءِ مشهور آهي ته کيس گهاڻي ۾ پيڙهايو ويو هو يا دولهه دريا خان وغيرهه، حقيقت ۾ اهي هئا آزادي جي تحريڪن جا علمبردار، انهي قسم جا ڪيترائي ماڻهو رهيا آهن، جن کي تاريخ جاءِ ڪانه ڏني آهي.

س: سنڌ ۾ ماڻهن ڪيتريون ئي تحريڪون هلايون آهن، پر انهن تحريڪن کي غلط رنگ ڏنو ويو آهي، ڪٿي کين ڦورو ته ڪٿي ڌاڙيل ڪوٺيو ويو آهي.

ج: مان توهان کي ٻڌايو ته تاريخ حاڪمن پنهنجي مقصدن ۽ نظرين مطابق لکرائي. ان ۾ هو هنن ماڻهن کي ڪيئن جاءِ ڏيندا يا انهن جي عمل کي صاف ۽ واضح ڪوٺيندا.

س: ڇا، هاڻي ان جي تصحيح يا درستي ٿي آهي؟

ج: توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ اڃا ڪابه شيءِ نه ٿي آهي. اهو توهان غلط فهميءَ ۾ آهيو ته سنڌ جي تاريخ تي ڪو ڪم ٿيو آهي. اسان هن وقت جيڪي Source Books آهن انهن مان ڪجهه ڇپائي سگهيا آهيون، ۽ هاڻي Sources فقط اهي ئي آهن، ۽ انهن تي کوجنا ڪرڻ لاءِ اسان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ته هاڻي اسان جي سنڌ جي تاريخ يا پاڪستان جي ٻين صوبن جي تاريخ نه لکي وئي آهي جيئن يورپ ۾ ڪم ٿئي ٿو. مان فقط Source Books کي پنهنجي Notes سان شايع ڪري سگهيو آهيان ۽ انهن سڀني ڳالهين ڏانهن اشارا ڪيا اٿم، جن تي لکڻ گهرجي يا جيڪي ظلم ٿيا آهن، انهن ڏانهن مان فقط اشارا ڏنا آهن، تاريخ ڪانه لکي اٿم.

س: اسان وٽ Source Books (پير صاحب وچ ۾ ڪٽينڊي جواب ڏنو).

ج: Source Books توهان وٽ تمام چڱا آهن ۽ اڃا به ڪيترا ئي آهن، جن کي شايع ڪري سگهجي ٿو. انهن Source Books جي ڇپجڻ کان پوءِ، نوجوان لکندڙن جي هڪ جماعت هئڻ گهرجي، جن جا ذهن صاف ۽ واضح هجن، جن کي تاريخ لکڻ جي جديد طريقن جي ڄاڻ هجي ۽ کين يورپ مان تعليم مليل هجي. حقيقت ۾ اسان وٽ سنڌ ۾ ڪجهه ڪونهي، ڪو ڌڻي سائين ڪونهي، ڪو رهنما ڪونهي، ڪو صحيح سياسي ليڊر ڪونه رهيو آهي جنهن جي دل سڙي ۽ قوم لاءِ ڪم ڪري، اسان کي رهنما گهرجن. هاڻي توهان هندوستان جي قوم کي ڏسو، جتي سيد (سر سيد احمد خان) پيدا ٿيو، انهيءَ هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي ۽ پنهنجي سڄي زندگي ان لاءِ وقف ڪئي. هاڻي توهان ڏسو اهي سڀ عليڳڙهه جا پرهيل آهن، جيڪي پاڪستان ۾ آيا، سي سڀ اتان جي پيداوار آهن. حالانڪه مولوين چيو ته ديوبند ۾ مدرسو قائم ڪجي ۽ انگريزن سان ڪو تعلق نه رکجي پر سيد سيد ايندڙ وقت جو سوچي انگريزن سان ٺاهه ڪيو ۽ يونيورسٽي قائم ڪئي، جيتوڻيڪ ان ۾ سندس تمام گهڻي بدنامي به ٿي. پر هن دور انديشي کان ڪم ورتو ۽ جيڪڏهن سر سيد يونيورسٽي نه ٺاهي ۽ مسلمانن کي تعليم نه ڏياري ها ته جيڪر اڄ هندوستان جا مسلمان Red Indians وانگر هجن ها. جڏهن ته سنڌ ۾ فقط حسن علي آفندي اهڙو ليڊر پيدا ٿيو، جنهن مدرسو (سنڌ مدرسه) قائم ڪيو ۽ سنڌين ۾ ڪجهه تعليم آئي ۽ توهان جيڪي به ڪامورا ڏسو ٿا سي سڀ سنڌ مدرسي جي پيداوار آهن. هندن به جيڪا ترقي ڪئي، سا تعليم جي ڪري، ۽ هنن تعليمي ادارا قائم ڪيا، جتي يونيورسٽيءَ ۾ توهان پڙهو ٿا سا به هنن ئي قائم ڪئي. اسان جا سنڌي نهايت ئي محنتي ۽ ذهين آهن. اڄڪلهه جي دور ۾ به جيڪي جتي آهن، سي پنهنجي ميدان ۾ ماهر آهن. ذهن اسان وٽ بهترين آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻين کان سٺا آهن، پر ان ذهن کي استعمال ڪرڻ يا رستي تي لڳائڻ به ضروري آهي.

س: توهان جي ڳالهين ۽ خيالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ اوهان جي دل ۾ درد آهي! ته ڇا اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اوهان تاريخ بابت ڪا اڪيڊمي قائم ڪيو. جتي يورپ کان تعليم حاصل ڪري نوجوان اچي تحقيق ڪن ۽ انهن ۾ به جيڪي جتي آهن، سي پنهنجي ميدان ۾ ماهر آحن. و ٿا سا به هنن ئي قائم ڪئي. نڌين ۾ ڪجهه تعليم آئي ۽ توهان جيڪي به ڪامورا ڏ Source Books ۽ واضح اشارن تي ڪم ڪري، تاريخ مرتب ڪن.

ج: اڪيڊميون توهان وٽ موجود آهن. مثلاً سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي وغيرهه. نئين اڪيڊمي ٺاهڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي.

س: جيڪڏهن ڪو شاگرد يا اميدوار Line of Action متعين ڪري ٿو ته ان جي گهروارن پاران Resistance ضرور ڪئي ٿي وڃي. مثال اسان جو ڪو ڇورو فوج ۾ ٿو وڃي ته گهر وارا وڃڻ نه ٿا ڏين، يا ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو ته گهر جا ڀاتي روڄ ۽ راڙو شروع ٿا ڪن، ته ان صورت ۾ نوجوان ڇا ڪري؟

ج: مان توهان کي عرض ڪيو ته ان سلسلي ۾ گهر جو ماحول بيحد ضروري آهي، پر گهر جو ماحول به جيڪڏهن ٺيڪ ڪونهي ته جن نوجوانن تي اثر پوي ٿو، اهو ماحول ٺيڪ ڪرڻ به انهن نوجوانن جو ڪم آهي.

س: بنا ڪنهن سرپرستي جي يا بنا ڪنهن ڳالهه جي دماغ ۾ ويهڻ کان سواءِ ماڻهو ڪوبه ڪم نه ٿو ڪري سگهي، جيتر ڪنهن کي اهو ٻڌايو نه وڃي ته تون غلط ڪم ٿو ڪرين. ان وقت تائين هو پنهنجو پاڻ کي درست سمجهندو ۽ غلطيءَ جي نشاندهي ڪرڻ وڏن جو فرض آهي نه ڪي اسان جو؟

ج: مان سمجهان ٿو ته اڄ جو نوجوان وڌيڪ ذهين آهي ۽ هو پنهنجو نفعو يا نقصان ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر سمجهي سگهي ٿو.

س: سنڌي شاگرد ٻين شاگردن جي ڀيٽ ۾ ايترو آزاد ڪونهي، ٻين دوستن کي فقط پڙهائي ڪرڻي پوي ٿي. کين گهر جو ماحول به اهڙو ملي ٿو ۽ کين ٻيون سهولتون به حاصل آهن، پر سنڌي شاگرد کي هڪ ته پنهنجي طور تي پڙهائي ڪرڻي پوي ٿي، ٻيو ته کيس پنهنجي پڙهائي سان گڏ پنهنجي حقن لاءِ به وڙهڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻين شاگردن لاءِ سندن اڳواڻ ۽ سندن تنظيمون ڪم ڪن ٿيون، پر سنڌي شاگرد پنهنجي قومي حقن لاءِ پاڻ وڙهندو رهي ٿو، کيس سندن اڳواڻن بجاءِ هٿي ڏيڻ جي نقصان پهچايو آهي.

ج: ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ۽ توهان کي اهي ڏکيائيون آهن، توهان کي تعجب ٿيندو ته اسان بنا پڙهئي ۽ بنا امتحان ڏني، انهيءَ حد تائين لکڻ پڙهڻ ڪيئن سکيو. ان لاءِ مان عرض ڪيان ٿو ته اسان کي حالتون سازگار مليون، ان دور جا بزرگ حالتن کي سمجهي پنهنجي اولاد يا نوجوانن سان هلندا هئا، جنهن ماحول ۽ معاشري ۾ اسان پيدا ٿياسون، ان جون ضرورتون بلڪل مختلف هيون. ان زماني ۾ مثلاً اسان کي ڪا به نوڪري جي ضرورت ڪانه هئي، آمدني جي ضرورت ڪانه هئي ۽ جيڪي معاشي مسئلا اڄڪلهه آهن، سي ان دور ۾ ڪونه هئا، اڳي گوشت چئين آني سير ملندو هو ۽ هاڻي ڇويهين روپئي به نه ٿو ملي. اڳي اسان سير گوشت لاءِ چار آنا ۽ هاڻي توهان کي ڇويهه روپيه ڪرڻا پون ٿا، پر هاڻي انهن مشڪلاتن کي آڏو ڏسي ڇڏي نه ڏبو. سو اڄ يونيورسٽيءَ سطح تي به نوجوانن جي ذهني معيار کي رهنمائي ڏيڻ گهرجي. ڀيٽ ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪانهي. ڀيٽ ذهن جي معيار جي آهي. سنڌي نوجوانن جو ذهني معيار اهڙو ناهي. ڪراچي يونيورسٽي جي شاگرد کي اهو فڪر ئي ڪونهي ته کيس نوڪري نه ملندي يا ڪوٽا سسٽم ڪري پڙهيو ويندو. کيس ڪو به مسئلو ڪونهي. سندن استاد، وائيس چانسيلر ۽ ٻيو اسٽاف به ڀرپور مدد ڪري ٿو. ان ڪري سندن يونين جي چونڊن دوران نعرن کي سطحي چئي سگهون ٿا، جيڪي ووٽ وٺڻ لاءِ ڪن ٿا. منهنجي شڪايت اها آهي ته نوجوان نعرن ۾ ايترو غرق ٿي وڃي ٿو، جو تعليم کان منهن موڙي ڇڏي ٿو.

س: وچ ۾ واقعي هڪڙو عرصو اهڙو آيو هو، جو سنڌي نوجوان پنهنجي راهه تان ڀٽڪي ويو هو، پر هن هاڻي موٽ کاڌي آهي، پڙهائي ۾ به اڳتي وڌيو آهي. توهان ان لاءِ ڇا چوندا؟

ج: بهرحال، هاڻي توهان کي توجہ ڏيڻ گهرجي، پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ تي. جيڪڏهن توهان ٺهو ٿا ته سنڌ ٺهي پوندي. هر ماڻهو اهو سمجهي ته ڪل جو جز آهي، جڏهن ڪو ڪا شيءِ يا Contribution ڪري ٿو ته اها ملڪ لاءِ فائدي واري آهي. تنهنڪري هر ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪرڻ گهرجي. توهان کي مان ٻڌايان ته مان ايڏو پشيمان ٿيندو آهيان ته اسان جي نوجواني ائين گذري وئي، سستي ۽ بيڪاري ۾ جيڪو وقت گذري ويو اهو ائين هٿ نه ٿو اچي ۽ افسوس ٿئي ٿو ته ڪجهه نه ڪيوسين، توهان جو هيءَ وقت نهايت ئي غنيمت ۽ قيمتي آهي. هي دور نهايت ئي خراب آهي، تنهن ڪري توهان کي هڪ اونداهي مستقبل ۾ مقابلو ڪري پنهنجي راهه پيدا ڪرڻي آهي. پنهنجي لاءِ رستو ۽ آسانيون پيدا ڪرڻيون آهن. توهان ڏسو ٿا ته سرپرست به توهان جي مدد نه ٿا ڪن، حالتون به سازگار ڪونهن، وسيلا به توهان جا محدود آهن، تنهنڪري توهان کي پنهنجو رستو پيدا ڪرڻو آهي، توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي واٽ ڳولي لهڻي آهي، دل هاري وهڻو ناهي.

س: توهان مهرباني ڪري اسان کي ڪجهه نقطا اهڙا ٻڌايو جن کي هن اونداهي دور ۾ لائين آف ايڪشن وٺي اسان اڳتي وڌون.

ج: اها ڪا اهڙي ڳالهه ڪونهي، جنهن تي هينئر ڪجهه چئجي. پر مان اهو چوندس ته توهان کي پنهنجو پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ۽ ٺاهڻ ڏي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٻيو ته وسيع مطالعو ڪرڻ گهرجي. مختلف زبانون سکو ۽ وقت ضايع نه ڪيو ۽ تعليم جا جيڪي ڏهه پندرهن سال آهن، انهن تي توهان جي باقي زندگي جو دارومدار آهي. روز رات جو پنهنجي سڄي ڏينهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺو ته اڄ ڪهڙو ڪم اسان ڪيو، جيڪو ملڪ ۽ پنهنجي ذات لاءِ ضروري آهي. وقت جي قدر ڪرڻ جي بيحد ضرورت آهي، خاص طور تي سنڌين جو هڪ هڪ منٽ نهايت قيمتي آهي. اسان کي ايڏي فراغت ناهي ته اڄ ڪم نه ڪيو ته پرواهه نه آهي يا اسان جا ٻيا چار ويٺا آهن، جيڪي اسان کي ڪمائي آڻي ڏيندا، يا پنج پٽ پڙهيل آهن، هڪ نه پڙهيو ته پرواهه نه آهي، پر اسان جو هڪ هڪ منٽ اهم آهي، توهان جا ذهن صاف، اوچا ۽ سٺا آهن ۽ مطالعو توهان کي وڌيڪ قابل بنائي سگهي ٿو. ذهانت ايندي ۽ فائدو ٿيندو. جن حالتن ۾ اوهان آهيو، انهن حالتن ۾ اوهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اوهان کي ڇا ٿيڻو آهي؟ جن حالتن ۾ توهان آهيو، انهن ۾ توهان جو اولاد ايندو. هاڻي انهن جو مستقبل به اوهان کي ٺاهڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جو وقت ختم ٿي ويو آهي، جنهن مشڪلات ۾ توهان آهيو، هاڻي اڳيون وقت به ان کان به وڌيڪ ڏکيو ايندو ۽ کين وڌيڪ مشڪلاتون درپيش اينديون، تنهن ڪري انهن سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي توهان کي هلڻو آهي.

س: توهان فرمايو ته ڪو اهڙو ادارو هجي، جيڪو سنڌين جي رهنمائي ڪري، پر اسين ٿا سمجهون ته اهڙي ڪنهن اداري کي مشڪل سان هلڻ ڏنو وڃي!

ج: ڪنهن به اداري ٺاهڻ جي گهرج ڪانهي، پر جيڪڏهن ادارو فلاح ۽ بهبود لاءِ آهي، ۽ ان کي سياسي نعري بازي ۾ آندو نه وڃي ته ڪو سبب ناهي، جو ان اداري کي هلڻ نه ڏنو وڃي، پر اهو هلائيندو ڪير، ان لاءِ روپيه ڪٿان ايندا، ادارو هلائڻ ڪا معمولي ڳالهه ته نه آهي. مان توهان کي عرض ڪيو ته اوهان جتي به پنج سنڌي آهيو اهو هڪ ادارو آهي. غير رسمي طرح هت ويٺا آهيو، اهو هڪ ادارو آهي. هاڻي هر ماڻهو ادارو آهي، ٻه ماڻهو ادارا آهن، تنهنڪري جتي به ٻه ٽي ڄڻا گڏجي وهن، اهي فضول گفتگو بدران ڪم جون ۽ عملي ڳالهيون ڪن.

س: شاهه لطيف جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا جو عظيم شاعر آهي. ان ۾ ڪيتري قدر حقيقت ۽ ڪيتري قدر جذباتيت موجود آهي؟

ج: جيتري قدر سنڌي ٻولي جو تعلق آهي ته شاهه کان بهتر شاعر اسان وٽ پيدا نه ٿيو آهي ۽ جيڪي سندس خيال يا فلسفو سندس شعر ۾ بيان ڪيل آهي، سو عالمي آهي ۽ انسان ذات لاءِ آهي. باقي رهيو ته اهو وڌيڪ آهي يا گهٽ اهو مقابلو نه ٿيندو آهي. باقي ڏٺو ويندو آهي ته جنهن ماحول ۽ حالتن ۾ شاهه رهيو انهن کي هن ڪيئن نڀايو ته شاهه واقعي وڏو شاعر آهي. پر سڄو ڌيان شاهه تي ڏيڻ، اهي شيون بي وقتيون آهن.

س: محبت يا عشق انسان جي شخصيت جي تعبير ڪن ٿا، ان باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟

ج: عشق لاءِ ضروري ناهي ته عورت سان هئڻ گهرجي، يا جنسي هئڻ گهرجي. پر عشق جو مفهوم آهي، ڪنهن به شيءِ يا عمل سان لڳاءُ. مطلب عشق جو اهو آهي ته ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان دل وندرائيندو آهي، ڪو پڙهڻ سان ڪو گل سان، يا پاڻ کي تعمير ڪرڻ سان.

س: ائين نه ٿا چئي سگهون ته انسان سان عشق يا جنسي عشق هڪ وڏي مقام لاءِ بنياد آهي؟

ج: نه مان ائين نه ٿو سمجهان.

س: معنيٰ ليليٰ مجنون يا سسئي پنهون جا داستان عشق نه ٿيا.

ج: عشق نه ٿيا، پر انهن دنيا لاءِ ڇا ڪيو. مثلاً مجنون زندگي تباهه ڪئي ليليٰ پٺيان يا رانجهي هير لاءِ، پر هنن انسان ذات لاءِ ڇا ڪيو ۽ مان چوان ٿو ته عشق اهو هجي جنهن سان ڪنهن کي فائدو رسي.

س: موجودهه دور ۾ توهان ڪهڙي ٻاهرين ليکڪ کان متاثر آهيو، جنهن پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي؟

ج: موجودهه دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي اسان جا هندو ڀارت ۾ آهن، تن وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. سچل جو رسالو، شاهه جي رسالي جا ٻه ايڊيشن، قاضي قاضن جو ڪلام يا اهڙو ٻيو ڪلاسيڪل ڪم جيڪو سنڌ ۾ به نه ٿيو آهي. سو هو ويچارا ڪري رهيا آهن. غير سنڌين ۾ ڊاڪٽر اينمري شمل آهي، جنهن جرمن، ترڪي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ تمام گهڻو شاهه تي لکيو آهي ۽ افسانن (سنڌي) جي هڪ مجموعي کي جرمنيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

س: چيو وڃي ٿو ته هندوستان ۾ سنڌي ٻولي 25 سالن ۽ سنڌ ۾ 100 سالن ۾ ختم ٿي ويندي، ان جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟

ج: اهو ائين چوڻ غلط آهي، ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل خطري ۾ آهي ۽ جيڪو نئون نسل آهي، تنهن جا ڇا لاڙا آهن. في الحال جيڪي هينئر هندوستان ۾ سنڌي ادب لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، تن جون عمريون به پنجاهه سالن جي لڳ ڀڳت آهن ۽ 15 يا 20 سالن ۾ اهي ختم ٿي ويندا. ساڳي ريت سنڌ ۾ به هن وقت جيڪو خراب وقت سنڌي ٻولي تي آيو آهي، اهڙو برو وقت ان کان اڳ ڪڏهن به نه ايو آهي، حالانڪه عربي، فارسي ۽ انگريزي سنڌ جون سرڪاري زبانون رهيون آهن ۽ ان دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب ترقي ڪئي آهي. هن وقت جيڪي حالتون آهن، سي ان خيال کان وڌيڪ خطرناڪ آهن، جو جنهن دور ۾ عربي يا فارسي سنڌ جون سرڪاري زبانون هيون، ان وقت نه ريڊيو هو، نه اخبار هئي نه ٽيليويزن هئي، ذريعو فقط لکڻ پڙهڻ جو هو، ۽ ان جو اثر فقط هڪ محدود طبقي تي ٿي پي سگهيو، سڄي عوام تي نه. اڄ بي.بي.سي جي نشريات توهان کي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ٻڌائجن ٿيون ۽ هڪڙو ڳوٺاڻو ٻڪرار به ان کي اردو ۾ ٻڌي ٿو. هتي ريڊيو. ٽي. وي، اخبارون مطلب ته سڀ اردو ۾ آهن، ۽ ماڻهو مجبور ٿي اهو پڙهن ٿا، ۽ ڏسن ٿا ۽ اوهان جي گهرن ۾ به هروڀرو اردو ڳالهائي وڃي ٿي، ۽ اوهان جا ڪامورا پنهنجي گهرن ۾ اردو ڳالهائين ٿا، پنهنجي ٻارن کي اردو پڙهائين ٿا، اهو ذهن ۾ رکندي ته شايد ان سان سندن معيشت جا مسئلا حل ٿي ويندا يا فيشن طور تي به ڳالهائين ٿا، اهي سڀ اهڃاڻ ٻوليءَ لاءِ نقصان ڪار آهن. هندوستان ۾ جيڪڏهن سنڌي ٻولي کي خطرو آهي ته اهو ٿيڻو آهي، پر هتي سنڌ ۾ به جيڪڏهن اهي حالتون آهن ته سنڌي جو برقرار رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان کان علاوهه توهان جي سنڌي اخبارن جي ٻولي به بگڙجندي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان جا اخبار نويس اردو اخبارن يا ريڊئي تان خبرون وٺن ٿا، ۽ اردو جا لفظ ۽ فقرا سنڌي اخبارن ۾ خبر لکندي وقت استعمال ڪن ٿا، ۽ ريڊيو تان جيڪا سنڌي نشر ٿئي ٿي، سا به ذري گهٽ اردو آهي. هاڻي اها توهان جي ذميداري آهي ته ريڊئي ۽ ٽيليويزن تي ڪم ڪندڙ عملي جي سستي ۽ ڪم علمي خلاف آواز اٿاريو، توهان هلال پاڪستان يا عبرت پڙهو ته ڏسندا ته ان ۾ اردو جا تمام گهڻا لفظ استعمال ٿيل نظر ايندا. توهان جو نوجوان افسانه نگار افسانن جي ڪردارن جا جيڪي نالا لکي ٿو، سي سڀ ڌاريا آهن، توهان انهن تي زدور رکو ۽ کين شرم ڏياريو ته هو ائين ڪرڻ کان پاسو ڪن. اهو انهن جو ذاتي فعل آهي. انهن تي ڪا زبردستي زوري ڪانهي ته هو ائين ڪن ۽ اديب اها شيءِ شعوري طرح ڪونه ٿو ڪري، بلڪ اها غير شعوري ٿئي ٿي. توهان کي حقيقت ۾ تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن جي سڌاري لاءِ توجہ، پنهنجي تعليم، ملڪي ۽ قومي مسئلا، انهن سڀني ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي.

س: تاريخ جي حوالي سان مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته جڏهن به ڌارين سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته هو محڪوم ٿي ويا، ڪڏهن ائين ڪونه ٿيو ته هنن اڳرائي ڪندڙ کي ڀڄائي ڪڍيو هجي. عرب آيا، مغل آيا يا انگريز آيا. تن حڪومت ڪئي، پر عوام پاران ڪڏهن به Resistance نه ٿيو.

ج: عوام پاران هميشه Resistance ٿيو آهي، جڏهن فيروز تغلق حملو ڪيو ته عوام ۽ حڪومت کيس ڀڄائي ڪڍيو ۽ هو دهلي ويو ٻيو لشڪر وٺڻ. جڏهن هن موٽ کاڌي ته کيس ڪڇ جي رڻ جي رستي جي خبر ڪانه هئي، واٽ تي کيس هڪڙو واٽهڙو مليو، جنهن کان رستي جي پڇا ڪيائون، جنهن کيس اهڙو رستو ٻڌايو جو رڻ ۾ سڄو لشڪر تباهه ٿي ويو. فيروز تغلق جڏهن کانئس پڇيو ته تو اهو ائين ڇو ڪيو ته هن وراڻيو ته ”مان هونئن ته دشمن جو لشڪر تباهه نه ڪري پي سگهيس، پر منهنجو قومي فرض آهي ته توهان جي لشڪر کي تباهه ڪريان، هاڻي توهان ڀلي مون کي ماري ڇڏيو.“ اهو تاريخ جو فقط هڪڙو حوالو آهي. هاڻي اهو ذهن هڪ ماڻهو جو ڪو نه هو، بلڪ سڄي قوم جو هو، جنهن جي هن نمائندگي ڪئي. ان کان علاوه جڏهن مغل افغانستان کان آيا، تڏهن هنن کي سبي وٽ سنڌين شڪست ڏني. دولهه دريا خان جي قبر تي جيڪڏهن توهان ڏسندا ته ان تي لکيل اهي ”قنڌار ۽ هرات جي مغلن کي شڪست ڏيندڙ“. تاريخ لکي ٿي ته ان جنگ ۾ قنڌار ۽ هرات جي هر گهر ۾ ماتم هو، پر جڏهن مغلن ٻيهر حملو ڪيو آهي، تڏهن دولهه دريا خان شهيد ٿيو آهي. دولهه دريا خان جي پٽن، مخدوم بلاول، سيد حيدر سنائي ۽ ٻين گهڻن ئي Resist ڪيو آهي. مطلب ته ان وقت جي حالتن ۽ وسيلن مطابق Resist ڪيو اٿن، ڪاميابي ۽ ناڪامي اها ٻي شيءِ آهي. باقي ٻاهرين خلاف نفرت هميشہ رهي آهي، ڪڏهن خاموش طرح ته ڪڏهن ٻئي طرح. هر فاتح جيڪو ٻاهران آيو آهي. سو آخر موٽي ويو آهي. ڪو 100 سال کان پوءِ ته ڪو 50 سال کان پوءِ. تنهن کان پوءِ به جڏهن اسين پاڻ ۾ وڙهيا آهيون، تڏهن ٻئي ڪنهن ڌارئي کي همت يا جرئت ٿي آهي ته هو ڪاهه ڪري. افغانستان جي مغلن به اسان جي نااتفاقي جو فائدو ورتو آهي. توڙي هي نئين سياست جو قصو آهي. تنهن ۾ به اسان پاڻ ۾ وڙهي هروڀرو پاڻ تي مصيبتون آنديون، ۽ قوم هميشہ گهرو فساد سبب تباهه ٿيندي آهي يا ٻاهرين کي تڏهن ئي جرئت ٿيندي آهي، جڏهن گهر ۾ نااتفاقي هوندي آهي.

س: سنڌ جي اصلوڪي قوم ڪهڙي آهي؟

ج: گهڻن مڪاني ماڻهن فيشن طور ڌارين جا نالا يا ذاتيون رکيون. مثلاً بخاري يا فاروقي وغيرهه. ڪي ٿورا وڃي رهيا، جن اها ضرورت محسوس نه ڪئي يا کين پنهنجي قوم يا ملڪ سان محبت آهي. اهي سڀ سنڌي آهن، ۽ سيد بابت اوهان کي ٻڌايان ته سيد سڀ سيد ڪونهن، پر لڏپلاڻ هميشہ ٿيندي رهي آهي.

س: سنڌي نوجوانن مان ڪي پاڻ کي راجا ڏاهر جو اولاد ۽ ڪي محمد بن قاسم جو اولاد سڏين ٿا. ان سلسلي ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

ج: اهي ٻئي ڳالهيون بوگس آهن، فصول آهن. محمد بن قاسم سان نسبت ڏيڻ بي وقوفي آهي ۽ راجا ڏاهر جو اولاد ڪوٺائڻ به ڪا دانشمندي ڪانهي، ان جي ڪا گهرجي ڪانهي.

س: توهان جي لائبريري ۾ اٽڪل ڪيترا ڪتاب هوندا؟

ج: منهنجا 23 هزار ڪتابن جا جلد، جيڪي مان اسلام آباد يونيورسٽيءَ کي وڪرو ڪري ڏنا، جن جي سار سنڀال ڏکيو ڪم هو. انهن کي محفوظ رکڻ لاءِ سنڌ ۽ ڪراچي يونيورسٽي کي ڏيڻ جي ڪوشس ڪيم انهن نه ورتا. اسلام آباد جي يونيورسٽي، نئين پي کُلي، هنن منهنجو سڄو ڪتب خانو خريد ڪيو، پر جن ڪتابن جي مون کي گهرج آهي، سي اڄ به منهنجي ڪتبخاني ۾ موجود آهن.

س: اوهان اڄڪلهه ڇا تي تحقيق ڪري رهيا آهيو؟

ج: مان ٻن سالن کان بيماريءَ سبب ڪو ڪم نه ڪيو آهي. مير معصوم بکري منهنجو پويون ڪتاب آهي، هينئر به منهنجي ذهن ۾ ٽي چار شيون آهن، جن تي ٿورو ٿورو ڪم ڪري رهيو آهيان. ان کي مڪمل ڪري سگهان يا نه، چئي نه ٿو سگهان ۽ نه وري منهنجي گهر ۾ ڪو اهڙو فرد به آهي، جنهن کي ان سان دلچسپي هجي، اهو ئي سبب آهي، جو مون پنهنجا ڪتاب وڪڻي ڇڏيا.

س: سنڌي ادب بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟

ج: منهنجي آڏو دنيا جا سڀ ادب ته ڪونهن، پر جيتري قدر پڙهون ٿا ته مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو اديب جيڪڏهن ڏهه ويهه سال ساڳئي روش تي رهيو ته عجيب ذخيرو پيدا ٿي پوندو ۽ اسان وٽ هاڻي جيڪي افساني جي صورت ۾، نظم جي صورت ۾ شيون آهن، سي تمام قيمتي آهن.

س: سنڌي نوجوان، پراڻي سنڌي موسيقي بدران پاپ ميوزڪ ڏانهن وڌيڪ راغب آهي، توهان جي ان باري ۾ ڇا راءِ آهي؟

ج: بنيادي طرح سان هر قوم، هر ذهن کي پنهنجون روايتون ۽ پنهنجون گهرجون هونديون آهن. پاپ ميوزڪ مان نه ٻڌو آهي. پر پاپ ميوزڪ جنهن ملڪ ۾ ايجاد ٿيو آهي، سو ان ملڪ جي ذهني انتشار جي هڪ نشاني آهي. پاپ ميوزڪ ڪا ڪلاسيڪل ميوزڪ ڪانهي. ائين جيئن تجريدي آرٽ پيدا ڪيو ويو، جيڪو پڻ ذهني انتشار جو نمونو آهي. ساڳي ريت ميوزڪ ۾ اهي جيڪي تجربا ڪيا ويا آهن، سي باقي رهندڙ يا دائمي ڪونهن. پاپ ميوزڪ جو لهزي ضرور ايندو، پر ڪو بامقصد ڪونهي ۽ هر غير فطري شيءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي ۽ صدين کان جيڪا ثقافت يا شيءِ هلندي ٿي اچي سو ته پنهنجو ورثو آهي، ان کي ڇڏڻ ته ٺيڪ نه آهي.

س: اوهان جي هن وقت وڏي ۾ وڏي خواهش ڪهڙي آهي؟

ج: ايمانداريءَ سان جي پڇو ته وڏي ۾ وڏي خواهش اها آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي فرحت ۾، ۽ مطمئن ڏسڻ چاهيان ٿو.

س: سنڌ اندر جيڪي ادارا هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن، مثلاً سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي وغيرهه. انهن مان اوهان ڪنهن کان متاثر آهيو؟

ج: مان متاثر ڪنهن مان نه آهيان، متاثر ماڻهو ٿيندو آهي ڪم کان، ڪم ڪنهن جو اچي ئي ڪونه ٿو، متاثر ڪيئن ٿبو.

س: سائين آخر ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟

ج: سنڌ جي نوجوانن لاءِ توهان مون کان وڌيڪ سمجهو ٿا، اوهان سان جيڪا گفتگو ٿي آهي، تنهن مان پروڙ پوي ٿي ته اوهان کي پنهنجي نفعي ۽ نقصان جي خبر آهي، حالتن مطابق اوهان کي فيصلي ڪرڻ جي خبر آهي، ته ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي. پر بنيادي طرح وقت جي پائيندي، مطالعي ۽ مقصد سان، پنهنجي زمين سان محبت، پاڻ کي ٺاهڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ ۽ پاڻ کي اڪيلو سمجهڻ بنا هڪ وڏي شيءِ جو جزو سمجهڻ ۽ اهو خيال ڪرڻ ته توهان جي عمل جو نتيجو توهان تائين محدود نه رهندو، بلڪ ان جو سڄي سماج تي اثر پوندو. تنهن ڪري توهان کي ڪيئن هلڻ گهرجي. توهان تي ملڪ، زمين، قوم، قبيلي جا ڪهڙا فرض آهن، ان مطابق هلڻ گهرجي. نوجوان لاءِ بيحد ضروري آهي ته پڙهي ۽ مختلف زبانون سکي، اڄڪلهه عالمي برادري ايڏي وڌي وئي آهي، جو هڪ زبان سان ڪم ڪو نه ٿو هلي، تنهن ڪري عالمي زبانن ڏانهن ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. انگريزي، فرينچ، جرمن، عربي ۽ فارسي ضرور سکڻ گهرجي. فارسي زبان لاءِ ان ڪري وڌيڪ زور ڏيندس ته فارسيءَ ۾ ذهني مواد يا سنڌ بابت اوهان کي گهڻو مواد فارسيءَ ۾ ملندو. جيڪڏهن اوهان کي فارسي نه ايندي ته ذهني طرح سان اوهان جنهن عشق جي تلاش ۾ آهيو، ان لاءِ توهان کي مواد نه ملندو. اهو سڀ فارسيءَ ۾ آهي. انساني خيال جي نزاڪت اوهان کي فارسي ۾ ملندي. اوهان کي شوق جي لحاظ کان به ڪا زبان سکڻ گهرجي. اها نهايت ضروري آهي ۽ ڪتاب پڙهو.

*