لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر جي ٻولي

سنڌي ٻوليءَ جي جغرافيائي محاورن ۽ ٻولين جي مطالعي جي سلسلي جي ڪڙي ھيٺ ڇپايل ھي ڪتاب ڇھن بابن تي مشتمل آھي. پنجن بابن ۾ ٿر جي ڍاٽڪي، پارڪري، سوڍڪي ۽ ٿري محاورن کي سھيڙيو ويو آھي. ڇھين باب ۾ انھن خِطن جا پھاڪا، چوڻيون ۽ اصلاح ڏنا ويا آھن.

Title Cover of book ٿر جي ٻولي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  تحقيقي ڪتاب ”ٿر جي ٻولي“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جا مصنف ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ھدايت پريم آھن.
سنڌي ٻوليءَ جي جغرافيائي محاورن ۽ ٻولين جي مطالعي جي سلسلي جي ڪڙي ھيٺ ڇپايل ھي ڪتاب ڇھن بابن تي مشتمل آھي. پنجن بابن ۾ ٿر جي ڍاٽڪي، پارڪري، سوڍڪي ۽ ٿري محاورن کي سھيڙيو ويو آھي. ڇھين باب ۾ انھن خِطن جا پھاڪا، چوڻيون ۽ اصلاح ڏنا ويا آھن.
ھي ڪتاب 1994ع ۾ سنڌي لينگيوئيج  اٿارٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان ھتي شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي