تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر

ھن ڪتاب ۾ محمد جمن ڄامڙي مڊل ڪلاس جي اوسر، سنڌ ۾ تعليم جي اھميت، سنڌ ۾ بدانتظامي جي سببن، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اھميت، سنڌ جي زراعت، سنڌ جي سياسي ڪوتاھ نظري، قيادت جي فقدان، ڪراچيءَ جي اھميت، وفاق ۾ ملازمتن جي مسئلن، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي، سنڌ ۾ قدرتي وسيلن، سنڌ جي زمينن جي ڦرلٽ، سنڌ ۾ وڏيرا شاھي جي راڄ، سنڌي ڪاموري جي ڪردار، اسلام آباد ۾ سنڌي ملازمن جي مسئلن، ڪاپي ڪلچر ۽ تعليم جي فقدان، سنڌ ۾ فني تعليم جي اھميت، سميت کوڙ سارن مسئلن ۽ انھن جي حل تي لکيو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 92
  • 13
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڇاپو پهريون: 2019ع
ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر
ليکڪ: محمد جمن ڄامڙو
ڪمپوزر: عبدالله جروار
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي
ڇپائيندڙ: سنڌ ويزن، اسلام آباد
قيمت: 400 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ارپنا

هيءَ نماڻي ڪاوش ارپيان ٿو پنهنجي ”مرحوم“ والد
حاجي غلام جعفر ڄامڙو
جي نالي جيڪو مُنهنجي زندگي جي هر موڙ تي رهنمائي ۽ دعائن ۾ مون سان گڏ رهيو.

(محمد جمن ڄامڙو)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ليکڪ ۽ وفاقي سيڪريٽري جي عھدي تي رھندڙ ڪاموري محمد جمن ڄامڙي جو لکيل اھم ڪتاب ”سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر“ اوهان اڳيان پيش آهي.
ھن ڪتاب ۾ محمد جمن ڄامڙي مڊل ڪلاس جي اوسر، سنڌ ۾ تعليم جي اھميت، سنڌ ۾ بدانتظامي جي سببن، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اھميت، سنڌ جي زراعت، سنڌ جي سياسي ڪوتاھ نظري، قيادت جي فقدان، ڪراچيءَ جي اھميت، وفاق ۾ ملازمتن جي مسئلن، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي، سنڌ ۾ قدرتي وسيلن، سنڌ جي زمينن جي ڦرلٽ، سنڌ ۾ وڏيرا شاھي جي راڄ، سنڌي ڪاموري جي ڪردار، اسلام آباد ۾ سنڌي ملازمن جي مسئلن، ڪاپي ڪلچر ۽ تعليم جي فقدان، سنڌ ۾ فني تعليم جي اھميت، سميت کوڙ سارن مسئلن ۽ انھن جي حل تي لکيو آھي. ھو لکي ٿو:
”اهم سبب منھنجي حساب سان تہ اسانجو نوجوان معياري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪونہ ٿو ڪري جنھنڪري هو پاڻ کي ڪمزور، بيوس ۽ خود اعتماديءَ جي نہ هجڻ سبب پنھنجي والدين جي عزت نفس کي مجروح ڪندي استحصالي قوتن جي درن تي مجبور ڪري پيش ڪرڻ ۾ ڪوئي آر محسوس نٿا ڪن ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي مڊل ڪلاس جي اوسر کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو“.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ سنڌ ويزن، ڪراچيءَ پاران سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سنڌيڪا اڪيڊميءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون محمد جمن ڄامڙي صاحب جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پنهنجي پاران: سچ واقعي وڏو ڏوهاري آهي

الحمدلله !رب ڪائنات جون مون ناچيز مٿان هميشه کان وٺي خاص مهربانيون ۽ عنايتون جاري و ساري رهيون آهن. مان هڪ ڪڙميءَ جي گهر ۾ ڄائو ۽ نپنو آهيان. سپاهيءَ کان فيڊرل سيڪريٽري جي عهدي تائين الله سائين پنهنجي خاص ڪرم سان پهچايو آهي انهيءَ سان گڏ وگڏ منهنجي به ڏينهن رات محنت ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي لڳن به شامل آهي. زندگيءَ ۾ هر ڪاهڻ، گاهه لڻڻ، مال متاع چارڻ ۽ انهن جي ڇيڙن کي کڻي ٻاهر ڍير تي اڇلائي صفائي ڪرڻ، گهر ڀاتين جي جوتن کي پثارڪ ڀري موچيءَ کان ڳنڍرائڻ وغيره وارن مرحلن مان گذري پنهنجي محنت ۽ الله سائين جي ڪرم سان منزل تي رسيس. فوج ۾ سپاهي ٿي ڏينهن رات جو گرميءَ سرديءَ۾ مختلف علائقن۾ ڪم سرانجام ڏيڻ کان ڊپٽي ڪمشنر ۽ سيڪريٽري جي عهدي تائين مختلف حڪومتن جي ماتحت رهندي، جيڪي ڪجهه مون ڏٺو ۽ پسيو، انهيءَ آڌار تي ڪن دوستن جي هڪ سوال تي ته سنڌ جي حڪمراني ٻين صوبن جي مقابلي ۾ ايتري خراب ڇو آهي؟پوءِ جيڪو منهنجو حال هيو، اهو مان دوستن سان اوريو اٿم. گهڻن دوستن تمام گهڻو اصرار ڪيو ته انهن لکيل تجزين کي ڪتاب جي صورت۾آڻجي ته جيئن ايندڙ چاهي موجود نسل کي شايد منهنجي تجربن مان فائدو رسي. اهو ئي ذهن ۾ رکي هيءَ ڪتاب توهان جي هٿن تائين پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو ضروري ناهي ته نسورو سچ هجي، پر منهنجو يقين آهي ته سچ جي ڪافي ويجهو ضرور آهي. مان نه ڪنهن جي ڀر آهيان، نه وري ڪنهن جي مخالف. صرف ۽ صرف ڪوشش اها رهي آهي ته ڳالهه کي جيترو ٿي سگهي، اوترو حقيقت جي قريب رهي دوستن سان شيئر ڪجي. اها هڪ حقيقت آهي ته سچ وڏو ڏوهاري آهي، انهيءَ ڪوشش ۾ مان ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان اهو پڙهندڙ دوست بيان ڪندا.
لکڻ ۽ پڙهڻ جي قوت سان سماج جي پرک ڪري سگهجي ٿي. ترقي يافته سوسائٽي هميشه معياري معلومات جي بنياد تي اڳتي وڌي وڃي دنيا۾ پنهنجو سڪو قائم ڪيو آهي ۽ ڪنديون رهنديون. جيستائين اهي معياري تعليم فراهم ڪرڻ وارو سلسلو جاري و ساري رکنديون رهنديون. معياري تعليم هڪ مضبوط ڏاڪو هوندو آهي، جنهنڪري سوسائٽيءَ ۾ مڊل ڪلاس اڀرندو ۽ نشونما حاصل ڪندو آهي. ائين کڻي چئجي ته معياري تعليم مڊل ڪلاس جي اوسر لاءِ آڪسيجن جو ڪم ڪندي آهي.
افرادي قوت جي گهڻي هجڻ جي ڪري ڪنهن به سوسائٽي ترقي ناهي ڪئي، پر تاريخ شاهد آهي ته اهي گهڻائي جي باوجود به هميشه ٿورائي وارن جا غلام رهيا آهن. اهو صرف ۽ صرف معياري تعليم يافته هجڻ جي ڪري ٿيو آهي ۽ اڳتي به ائين ئي ٿيندو رهندو. جيڪڏهن اسان پنهنجي اندر جهاتي پائي ڏسون ته اسان جي آڏو سڀ ڪجهه عيان ٿي ويندو.
ڇا پاڪستان جي وجود ۾اچڻ وقت يا موجوده وقت سنڌ ۾ ٻاهران آيل افرادي قوت اسان کان گهڻي هئي يا آهي ؟. اسان سڀني جو تجزيو ۽ جواب يقينن نه ۾ ايندو. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن اسين ان وقت ۽ هينئر به گهڻائي ۾ آهيون پوءِ ڇو گهر کان بي گهر ۽ اڄ تائين پاڻ کي ڪمزور۽ مجبور ڇاجي ڪري ٿيا آهيون. ؟؟ يقينن اسان سڀني جي دماغ ۾ ڳالهه ايندي ته اهو صرف انهيءَ ڪري آهي، جو اسان وٽ ٿورائي ۾ايندڙ تعليم جي ميدان ۾ اسان کان اڳتي هئا ۽ جن اسان جي ان ڪمزوري جو ڀرپور فائدو وٺندي، اسان جي هر شيءِ تي فاتحاني انداز ۾ اسان جي هر شيءِ کي ٽوڙي موڙي اسان کي ڪمزور ڪري اسان جي هزارين سالن جي رسم، رواج ۽ ثقافت کي ڪاپاري ڌڪ هڻي پنهنجي خصيص ۽ بيڪار ڪوڙي ريت ۽ رسمن رواجن کي پنهنجي طابع ڪري ڇڏيو.
انهيءَ دوران اسان جو ڦٿڪڻ وغيره ضرور ٿيو پر ايترو جاندار ٿي نه سگهيو، جو اسان پنهنجي ثقافت کي بچائي يا اهو مقام اڄ سوڌو ڏياري ڪون سگهياسين . ڇوته اسان جي سياسي قيادت ڪڏهن به نه پي چاهيو ته سنڌي مڊل ڪلاس مضبوط ٿئي. هيءُ جيڪو اسان سال ۾ هڪ ٻه دفعا اجرڪ ٽوپي يا ڪو ٻيو ثقافت جي نالي سان پروگرام ڪندا آهيون، اهو ڇاهي ؟ يعني اسان ڪيترا مجبور ڪيا ويا آهيون جو ٿورائيءَ وارن کي ايلاز ۽ منٿون ٿا ڪريون ته يار اسان به ڪنڊ پاسي ۾ ويٺا آهيون ۽ هن ڌرتيءَ جا قديمي باشندا آهيون، ڪجهه اسان تي ڪهل ۽ رحم ڪريو.
اهو ڇاجي ڪري ائين آهي، جنهن جو صرف هڪ جواب آهي ته اسان سنڌين وٽ معياري تعليم ناهي، جنهن جي ڪري سنڌي قوم جو مڊل ڪلاس جڙي ڪون سگهيو آهي، جيڪو سنڌ جي مفادن جي حفاظت ڪرڻ جي اهل هجي. سنڌ جي عوام کي ماتحت رکڻ لاءِ اهو حربو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ اسان جي پنهنجي سياسي قيادت شروع ڪيو، جنهن تي اڄ تائين عمل جاري آهي ۽ اهو تيستائين هلندو رهندو، جيستائين اسان بحيثيت سنڌي قوم سجاڳ ٿي معياري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪون ڪنداسين. اسان کي انهيءَ لاءِ سڀ کان پهريان ڪاپي ڪلچر واري مرض کي دفن ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه اسان کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي ڪهڙي به سرڪار هجي، اها ڪڏهن به ڪاپي ختم ڪرڻ نه چاهيندي ڇو ته تعليم يافته ماڻهو انهن جي در جي چوئٺ تي ڌڪا ۽ ٿاٻا ته ڪون کائيندو. تعليم يافته هوندا ته سياسي قيادت جي ڪارڪردگي تي سواليه انداز ۾ ڳالهائيندا، تنهنڪري هو ايترا بيوقوف ناهن جو توهان کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻي ڪاپي جهڙي موضي مرض کي ختم ڪري پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو وهائي ڪڍن، پوءِ پيا پڇتاءَ ڪن ته اسان پنهنجي لاءِ ويل ڪري ڇڏيو.
اسان کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته محڪوم قوم کي حاڪم ٽولو ڪڏهن به معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪون ڪندو. سنڌ۾ هن وقت جيڪو ڪجهه وهي واپري پيو، انهيءَ ۾ گادينشين، پير، مير، ڀوتار ۽ ٻين قوتن سان گڏ اسان جو ڪمزور مڊل ڪلاس طبقو به انهن سان ڀاڱي ڀائيوار آهي. انهيءَ جا سبب ڪهڙا به ٿي سگهن ٿا، شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته نئون اڀرندڙ مڊل ڪلاس اڃا پاڻ کي مضبوط نٿو سمجهي جيڪو هڪ مضبوط قابض مافيا جي اڳيان سامهون اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. ٻيو اهم سبب منهنجي حساب سان ته اسانجو نوجوان معياري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪون ٿو ڪري جنهنڪري هو پاڻ کي ڪمزور، بيوس ۽ خود اعتماديءَ جي ن هجڻ سبب پنهنجي والدين جي عزت نفس کي مجروح ڪندي استحصالي قوتن جي درن تي مجبور ڪري پيش ڪرڻ ۾ ڪوئي آر محسوس نٿا ڪن ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي مڊل ڪلاس جي اوسر کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو.
مان نه ته ڪو ليکڪ آهيان نڪو اديب، تنهنڪري مون کي لکڻ جو ايترو ڏانءُ به ڪونه آهي. باقي جيڪو ڪجهه لکيو اٿم اهو صرف هڪ جذبي سان، ته شل اسان جو سنڌي نوجوان پاڻ تي ۽ سنڌ تي ڪهل ۽ رحم کائي معياري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعده طور تي جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪري پاڻ ۽ سنڌ کي آسودو ڪري سگهن. اسان جو نوجوان معياري تعليم حاصل ڪرڻ۾ ڪامياب ٿي ويو ته سنڌ سونهاريءَ کي ڪير به نقصان نٿو پهچائي سگهي ۽ جنهن ڏينهن سنڌ ۾ مڊل ڪلاس مضبوط ٿي ويندو ته پوءِ انشاءَ الله دنيا جي ڪابه طاقت سنڌ کي جوکو ڪون پهچائي سگهندي.
سنڌ جي بقا ۽ خوشحاليءَ جو سڄو دارومدار سنڌ جي نوجوانن پاران معياري تعليم حاصل ڪرڻ ۽ خودداري واري زندگي گذارڻ تي منحصر آهي.
منهنجي رب ڪائنات جي در دعا آهي ته اسان جو نوجوان معياري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي ۽ ڪاپي، سفارش کان پاسو ڪري پنهنجي عزت نفس کي مٿاهون ڪري خودداري واري زندگيءَ جي لاءِ جدوجهد ڪن. جيڪڏهن ڪنهن دوست جي دل آزاري ٿي هجي ته اڳواٽ معافي جو طلبگار آهيان.

محمد جمن ڄامڙو
اسلام آباد
12 جولاءِ 2019ع

پيش لفظ

محمد جمن ڄامڙو انهن شخصيتن ۾ هڪ آهي، جيڪي دنيا جي لحاظ کان ڪيترو به مقام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، پر پوءِ به هنن جي شخصيت ۾ هٺ، وڏائي، تڪبر، ارڏائي، ساڙ ،حسد ۽ ڪيني جهڙا منفي رويه پري کان به نظر نه ايندا. پاڻ هميشه ملنسار، کلمک، هڏڏوکي، سچا ۽ کرا انسان رهيا آهن.
جمن سائين، لڳاتار جستجو، جدوجهد ۽ جفاڪش جو هڪ زنده مثال آهن. پاڻ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ پئدا ٿيا، پاڻ هڪ عام رواجي ڳوٺاڻي وانگر هر ڪاٿا، جهار هڪلي، لابارا لاٿا، مال چاريو، ڏه واڙ ڪئي، پر ساڳئي وقت سرڪاري اسڪولن ۾ فرش تي ويهي الف، به پڙهي ۽ گرمين ۾ پيرين پنڌ وڃي گمبٽ جي اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي.
سندس چواڻي ته غربت ۽ مفلسي جي ڪري هن جا همعصر ترقي يا سٺي زندگي جا خواب به نه ڏسندا هئا. پر جمن سائين ان وقت به نه فقط اڳتي وڌڻ جا خواب ڏسندو هيو، پر انهن جي ساڀيان لاءِ ڀرپور جستجو به ڪندو رهندو هيو. پاڻ 1970ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ فوراً ايس وي ٽيچر سليڪشن ٿي وڃڻ کان بعد ٽريننگ لاءِ خيرپور هرروز ويندا هيا. ٽريننگ جي دوران فوج ۾ سپاهي ڀرتي ٿيا، 1971ع واري جنگي محاذ تي ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪئي. فوج جي سخت ٽريننگ ۽ ڊسيپلين، جنگي محاذ تي زندگي ۽ موت سان لڪ ڇپ کيڏڻ ڪري پاڻ هڪ بيخوف، بهادر ۽ انتها درجي جي ڊسيپلينر انسان ٿي اڳتي زندگي ۾ قدم رکيو.
پاڻ تقريباً چار سال فوج ۾ سپاهي ٿي رهيا، انکان پوء فارغ ٿي پاڪستان اسٽيل مل ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ڪئي، ان عرصي دوران اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ قائدِاعظم يونيورسٽي ۾ داخلا جو فارم ڀرايو، پر ساڳئي وقت PIA ۾ جونيئر آفيسر ٿيڻ لاءِ به درخواست موڪلي. پر ٿيو ائين جو جڏهن ٽيسٽ ۽ انٽرويو جا نتيجا آيا ته کين ساڳئي وقت يونيورسٽي ۾ داخلا به ملي ۽ پي آئي اي ۾ نوڪري جا ليٽر هڪ ئي وقت مليا. پر پاڻ نوڪري جي فائدن ۽ سهولتن کي پاسيرو ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏنائون ۽ ماسٽرز ڪرڻ خاطر يونيورسٽيء ۾ داخلا ورتائون.
يونيورسٽي مان ڊگري وٺڻ دوران CSS جي مقابلي جي امتحان جي تياري ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ پهرين ئي ڪوشش Attempt ۾ اهو امتحان پاس ڪري، سول سروس جي چوٽي واري گروپ DMG ۾ سليڪٽ ٿيا. اتان پوء سندن هڪ ڊگهو ڪيريئر شروع ٿيو، جنهن ۾ پاڻ مختلف جڳهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، صوبائي سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري جهڙن اهم عهدن تي فائز رهيا. جتان 2012ع جولاءِ ۾ رٽائرڊ ٿيا.
منهنجي جمن سائين سان هڪ ڇڊي دوستي سروس وارن ڏينهن ۾ به هئي، پر پنهنجي گهاٽائي تڏهن ٿي جڏهن اسان اسلام آباد جي ساڳئي سيڪٽر ۾ رهڻ شروع ڪيو. پوء ته پنهنجو اٿڻ ويهڻ، چانهه پارٽيون، ڊنر پارٽيون، شام جو واڪ مطلب ته هر روز جيستائين ڪنهن بهاني ملاقات نه ٿئي ته ڏينهن ڪونه گذرندو آهي..
اسلام آباد جي هن چوياري جا ٻه ٻيا محبتي ماڻهون، اڳوڻو سفير فيض کوسو ۽ انجنيئر مومن علي شاه آهن. اسان سڀني جي هفتي ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني هڪ ٻه گڏجاڻي ضرور ٿيندي رهندي آهي، ۽ جتي دنيا جهان جي ڳالهين سان گڏ هميشه اِهو سوال اٿندو رهندو آهي ته اسان پنهنجي ذاتي ۽ پيشيوراڻي زندگيء ۾ تمام نالو، ناڻو ۽ عزت ڪمائي ۽ هن وقت به هڪ آسائش واري پرسڪون زندگي گذاري رهيا آهيون، پر صرف اهو زندگيءَ جو مقصد هجڻ نه گهرجي. پر اسان کي گهرجي ته پنهنجي علم ۽ تجربي جي بنياد تي ڪجهه اهڙو ڪم ڪري وڃون، جيڪو اسان جو هن دنيا کان لاڏاڻي ڪرڻ کان پوء به ياد رکيو وڃي.
اسان سڀ دوست اهڙن محفلن دوران سنجيدگيء سان ويٺا ڪجهه ڪرڻ جا ڪجهه گس ۽ پيچرا واضح ڪندا هئاسين. ڪجهه دوستن جو خيال هيو ته سنڌ جي سياسيت تي غير سنجيده ۽ نااهل ماڻهن قبضو ڪيو آهي، ڇونه اسان جا ڪجهه ساٿي سياسي پارٽين ۾ شامل ٿي اتي ڪا تبديلي آڻين. پر گڏوگڏ اهو سوال اٿندو هئو ته پاڪستان جي ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياست ايتري ته بدبودار ٿي وئي آهي، ته جتي جيڪو به ان ۾ ويندو ته پاڻ به گندو ٿيندو ۽ ڪجهه خاص ڪنٽريبيوٽ به ڪري ڪونه سگهندو. تنهنڪري انهيءَ کان جيترو ونئون وڃجي ته ايترو بهتر. وري ڪجهه دوستن جو خيال هيو ته ڪو سماجي ڪم ڪجي، خاص طور تي تعليم جي ميدان ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارجي، جنهن سان اسان جي نئين نسل جي بهترين تعليم ۽ تربيت ٿئي، جيڪي اڳتي هلي پنهنجو نالو به روشن ڪن ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي اوسر ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ساڳئي وقت اها به تجويز ايندي هئي ته ڇونه پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا سهيڙي ڪتاب لکجن، جيئن ڪجهه پردي جي پٺيان لڪل حقيقتون به واضح ٿين، جن کي پڙهي ماڻهن ۾ ۽ خاص ڪري نوجوانن ۾ اتساه به پئدا ٿئي ۽ انهن جي رهنمائي به ٿئي.
ان تجويز تي مومن علي شاه ۽ فيض کوسي صاحب ته فوراً عمل ڪري هڪ ٻه ڪتاب لکي پڌرا ڪيا. پر جمن ڄامڙو سائين ۽ مون وٽ اڃان ڪتاب لکڻ جو نه ڪو ڏانءُ هيو نه وري ڪو خاص موضوع هيو، تنهنڪري خواهش جي باوجود به ٻه سٽون به لکي ڪونه سگهياسين.
انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌويزن تنظيم حادثاتي طور وجود ۾ آئي . ٿيو ائين جو آڪٽوبر 2016ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جو آئيني بل هڪ ووٽ تان سوبه عمر ڪوٽ جي سيد ظفر شاهه جي ووٽ تان رد ٿيو، جنهنڪري سنڌي ساڃاهه وندن ۾ واويلا مچي وئي. مختلف سڄاڻ حلقن ۾ ان تي شديد ردعمل پئدا ٿيو، اهو مطالبو پئدا ٿيو ته اهو بل ٻيهر پيش ٿئي ۽ ان جي پٺيان پوري سول سوساٽي جي طاقت بيهارجي ته جيئن اهڙو بل منظور ٿي وڃي.
پر جيئن ته سڀ دوست اسلام آباد کان پري هئا ۽ جيڪي اسلام آباد ۾ به موجود هئا، اُهي به سرڪاري نوڪري ڪري ظاهر ظهور اهڙو بل وري پيش ڪرائڻ ۾ ڪو به ڪردار ادا ڪري ڪونه پئي سگهيا. بلا آخر اها ذميداري اسان جي چوياري تي پئي ته اسان بل جي پيروي ڪيون ۽ ان لاءِ اسيمبلي ۽ سينٽ جي ميمبرن ۾ لابنگ ڪيون .اهو پهريون موقعو هيو، جو مون دوستن کي عملي ڪم ۾ سرگرم ٿيندي ڏٺو. اسان جي چوياري جا سڀ رڪن تمام گهڻو سرگرم هئا، پر جمن سائين سڀني کان ٻه هٿ مٿي هوندو هيو. جڏهن به هڪل ڪندا هئاسون ته هو جنهن حال ۾ هوندو هيو پر فورن لبيڪ چئي ٻاهر نڪري پوندو هيو. جنهن به سينيٽر يا MNA سان ملڻو هوندو هيو ته پاڻ ڪٿان به ٽيليفون نمبر هٿ ڪري انهن کان ٽائيم وٺي، اسان سڀني کي ساڻ ڪري وڃي پنهنجو موقف بيان ڪندو هيو. بلا آخر اهو بل ٻيهر پيش ٿيو، ان کي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي منظور ڪيو، ان تي سينيٽ جولاءِ 2017ع ۾ هڪ عوامي ٻڌڻي Public Hearing ڪرائي، جنهن ۾ پوري پاڪستان جي ٻولين جا ماهر ۽ سڀني سياسي جماعتن جا نمائندا شريڪ ٿيا. خود ظفر علي شاه جيڪو ف ليگ جو نمائندو هيو، اُهو به شريڪ ٿيو، جنهن علي الاعلان ڪيو ته اڄ کان پوء ٻوليء جي بل جي هو ۽ هن جي پارٽي مخالفت نه ڪندي. ساڳئي ڳالهه PTI جي نمائندي اعظم سواتي به ڪئي ۽ ٻين سياسي جماعتن جي نمائندن به ڪئي.
بهرحال، ٻوليء واري بل جي هلچل دوران سنڌ ويزن وجود ۾ آئي جنهن جا ٽي بنيادي مقصد طئي ٿيا ته اها هڪ غير سياسي تنظيم هوندي ۽ سوچڻ وراي مشين Think Tank، ۽ پريشر گروپ هوندي . اسان سڀ دوست ان جي بنياد وجهندڙن مان هئاسون. سڀني دوستن گڏجي مونکي ان تنظيم جو عبوري صدر مقرر ڪيو ۽ بعد ۾ اها تنظيم رجسٽرڊ ٿي ۽ ان ۾ باقاعده اليڪشن ٿي، جنهن ۾ مونکي ٻيهر صدر چونڊيو ويو ۽ جمن سائين ان جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.
سنڌ ويزن جي ٻين سرگرمين سان گڏ هڪ سوشل ميڊيا يعني فيس بوڪ گروپ به ٺاهيو ويو، جنهن ۾ هن وقت 76000 ميمبر آهن . هن گروپ تي ٻين شين سان گڏ اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ کي خاص اهميت ڏيڻ لڳاسين، تنهنڪري اسان پاڻ تي خود ساخته پابندي وڌيسين ته سنڌويزن تي جيڪڏهن ڪابه پوسٽ لکبي ته اها سنڌيء ۾ ئي هوندي.
ايئن منهنجو ۽ جمن سائين جو سنڌيء ۾ باقاعده لکڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ايئن لکندي لکندي جمن سائين، سنڌ جي غلط طرز حڪمراني تي قسطوار پنهنجا ويچار ونڊڻ شروع ڪيا ۽ ان موضوع تي هر روز هڪ قسط لکي گروپ تي رکندو هيو. ائين سندس لکڻين، علم ۽ تجربي جي واکاڻ ٿيڻ شروع ٿي ۽ دوستن کيس صلاح ڏني ته انهن سڀني قسطن کي سهيڙي هڪ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو ته جيئن اهو ذهني پورهيو محفوظ ٿي وڃي. سائين جن جي مهرباني جو دوستن جي مشوري تي عمل ڪيائين ۽ هي ڪتاب مرتب ڪري اوهان جي آڏو پيش ڪيو اٿائين، اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ هو ان ڪتاب مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
هي ڪتاب ادب جي ڪهڙي صنف تي پورو ٿو لهي، ۽ ان تي ادبي نقاد ڪهڙو تبصرو ڪندا، ان ڳالهه جي قطع نظر مان ايترو چوندس ته هن ڪتاب ۾ سنڌجي تاريخ جي تمام اهم پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ ان کي هڪ نئين پسمنظر ۾ پيش ڪيو آهي. مصنف جي تحقيق مطابق جيترو سنڌ سان هاڃو ڌارين ڪيو آهي، ان کان وڌيڪ اسان جي پنهنجي اشرافيه جو هٿ آهي. جڏهن برصغير جي تاريخ ۾ اٿل پٿل ٿئي پئي ۽ نئين تاريخ جُڙي پئي اُن وقت جيڪڏهن اسان وٽ دورانديش سياسي ۽ سماجي قيادت هجي ها ته يقيناً سنڌين ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙا نه لڳن ها ۽ اسان جي ٻولي، تهذيب، ثقافت ۽ سماجي قدرن جي اها لتاڙ نه ٿئي ها، جيڪا گذريل 73 سالن کان ٿي رهي آهي. پر وري به مصنف انگ اکر گڏ ڪري ثابت ڪيو آهي ته سڀني مشڪلاتن جي باوجود سنڌين پنهنجي قومي وجود، ٻولي ۽ ثقافت کي بچائي رکيو آهي ۽ اميد جو پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن اسان هڪٻئي جي ڄُنڊا پٽ کان پاسو ڪري، هڪ ٻئي تي اعتماد ڪري، مڙي مُٺ ٿي ظالم ۽ استحصالي قوتن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين ته پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪري وينداسين.
اسان جمن سائين جي ڪوشش ۽ ڪاوش کي ساراهيندي، اميد ڪيون ٿا ته پاڻ لکڻ جو سلسلو جاري رکن ۽ هر ٽماهي هڪ نڪور ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪن، ۽ پڙهندڙن ۾ اُتساه، اميد ۽ اعتماد پئدا ڪندا رهن.

علي مردان راهوجو
سابق سفارتڪار،
صدر، سنڌ ويزن اسلام آباد

سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر ۽ ان جا چئلينجز

اِها تمام خوشي جي ڳالهه آهي ته سائين محمد جمن ڄامڙي صاحب سنڌ جي هڪ اهڙي عنوان تي ڪتاب لکيو آهي، جنهن کي هر هڪ محسوس ڪيو، ڇو ته سنڌ پنهنجو رنگ تبديل ڪري رهي آهي ۽ ان جو پراڻو روپ هن وقت آخري پساهن ۾ آهي، پر نئون روپ ڏيڻ وارا مڊل ڪلاس جا ماڻهون پنهنجي رستي ۾ ڪافي مشڪلاتون محسوس ڪري رهيا آهن. ڄامڙي صاحب انهن مشڪلاتن جو حل بهترين طريقي سان سامهون آندو آهي ۽ اُن لاءِ هن کي مبارڪون ڏيان ٿو. هينئر مڊل ڪلاس جو زمانو آهي ۽ اسان جي چوڌاري هر جاءِ تي اُها شيءِ ٿي رهي آهي ۽ ڪٿي جاري آهي ته ڪٿي دير سوير جو سوال آهي، پنجاب کي وٺو اتي ڏاڍي تيزي سان اِها شي ٿي رهي آهي، ڪي پي ڪي ۾ به ٿي رهي آهي پر سنڌ ۾ ڇو نه؟ اُن جي سامهون گهڻا چئلينج آهن اُن ڪري اُن جي رفتار گهٽ آهي.
اسين اُن مڊل ڪلاس جي اوسر کي تڏهن مڪمل سمجهنداسين جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ سڀئي اُن ڪلاس جا نمائندا ويٺل نظر اچن، پر اِها ڳالهه تمام ڏکي نظر اچي ٿي، ڇو ته هڪ سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال آهي ٻيو ته اُن جا ماڻهون بهترين آهن ۽ ٽيون ته چوڌاري رهندڙ قومون ايئن ٿيڻ کان بريڪ لڳائي رهيون آهن، چوٿون سنڌ جو اڃا نقشو گهڻي حد تائين ڳوٺاڻو (Rural) آهي ۽ پنجون اِنوائرمينٽ ۾ ڀڃ ڊاه تمام گهڻي ٿي رهي آهي، اُن کان وڌيڪ اِها ڳالهه آهي ته اسانجا پنهنجا مٿئيان طبقا نٿا چاهين ته سنڌ جو مڊل ڪلاس پاڻ ڀرو ٿئي پر اها به حقيقت نه وسارڻ گهرجي ته اسين جاڳيائي دير سان آهيون يعني ڀُٽي صاحب کانپوءِ!! تنهنجي باوجود به هيئنر فقط 50 سالن جي ڳالهه آهي ۽ اهو طبقو مڪمل اختيار وارو ٿي ويندو.
ان سلسلي ۾ اِها ڳالهه به نيڪ روشن ڪيان ته اهڙي حالتن جون پاڙون ماضيءِ ۾ تمام گهري انداز ۾ کتل آهن جن جي ڪري سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي ٺهڻ ۾ ڏاڍيون رڪاوٽون پيش آيون. ڀُٽي صاحب کانپوءِ جيڪو مڊل ڪلاس ٺهڻ شروع ٿيو ان کي به گهڻيون ئي تڪليفون سهڻيون پيون، انهن مان جڏهن سنڌي آفيسر اسلام آباد ۾ آيا ته انهن کي پنهنجي سياستدانن ۽ وزيرن پنهنجو نه ڪيو، ۽ نه ئي انهن جي ڪا نگهباني ڪيائون، اُهي ويچارا پنهنجو دل جي سوجهري تي هلندا ۽ همت ڪندا رهيا، حقيقت ۾ ڄامڙي صاحب هڪ طريقي سان سڀئي سبجيڪٽ سامهون رکيا آهن ۽ هن جو مقصد فقط اِهو هئي محسوس ٿي رهيو آهي ته نون ايندڙ سنڌي نوجوانن جي سامهون هڪ سڄو نقشو پيش ڪيو وڃي، ڇو جو موجوده حالتون ان سڄي حقيقتن جو تسلسل ساڳيو آهي پاڻي جو مسئلو به ساڳيو آهي ۽ ڪاپي ڪلچر جو مسئلو به ساڳيو ئي آهي، سنڌ سان ٻه اکيائي به جاري آهي، ان سڄي راند ۾ سنڌ جو مڊل ڪلاس عوام شڪار ٿي رهيو آهي ۽ اُن جي اوسر کي ڌڪ لڳي رهيو آهي. آءٌ سائين ڄامڙي صاحب کي وڌ ۾ وڌ ”واڌايون“ ڏيان ٿو جنهن وقتائتو اهڙي چيز پيش ڪري هوشياري ڏياري آهي.
هينئر وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو مڊل ڪلاس ڄامڙي صاحب جي انهن پيش ڪيل حقيقتن کي سامهون رکي پاڻ کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري . اِهو ڪتاب پنهنجي جاءِ تي سڀ ڪجهه هڪ جاءِ تي (All in One) آهي.
هينئر مڊل ڪلاس کي گهرجي ته هن چٽا ڀيٽيءَ واري دور ۾ جنهن ۾ ڪمپيوٽر به آهي، ٽيليويزن به آهي۽ هر هڪ شيءِ جيان پنهنجو پاڻ کي محنت ڪري نروار ڪري، ڇو ته هن وقت اسان سنڌين کي تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي ته جيئن هٿ کان کسيل امڪانن (Initiatives)کي وري هٿ ۾ وٺي ۽ نه صرف سنڌ کي گهربل ترقي وٺرائي، پر ايندڙ وقت لاءِ پاڻ کي به تيار ڪري، ڇو ته آئنده لائحه عمل لاءِ به ماضي جي مواد جي ضرورت پيش ايندي آهي ۽ اُن لاءِ هي هڪ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. اهڙي مواد کي بهتر طريقي سان پيش ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪونهي، ان لاءِ ڪافي وقت ۽ ڄاڻ جي ضرورت پيش آئي هوندي، ان ڪري ان مواد مان علمي فائدو حاصل ڪرڻ هر هڪ سنڌي جي ضرورت آهي.

انجنيئر مومن علي شاهه
20 اپريل 2019
اسلام آباد

ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه، اچي بوءِ بهار جي

سماج بدبودار ٿيندا آهن. پر سماج جا سڀ ماڻهون بدبودار ڪون هوندا آهن. اجتماعي طور تي غلط سوچ سان، ڪڏهن ڪي اڪيلا فرد خاموشي سان جنگ ڪندا رهندا آهن. انساني تاريخ جي طويل سفر ۾ ڪيئي اهڃاڻ ملي سگهن ٿا، جن ۾ ڪيئي اڪيلا ڪردار، سماج کي سڦلائتيون ڳالهيون ٻُڌائي ويندا آهن، جن جو اظهار اُهي انسان، جڏهن ڪچي ڦڪي انداز ۾ ڪندا آهن، تڏهن اُهي لفظه انساني ڪائنات ۽ ان سماج جو وڏو سچ ٿي، سامهون ايندا آهن. سچ ڇا آهي ۽ ڪچ ڇا آهي، مان سمجهان ٿو اهو انسان اڃان تائين طئي ڪون ڪري سگهيو آهي. ڪيترن پيغمبرن، نبين جا پيغام آيا، ڪيترن فيلسوفن جا قبل مسيح کان وٺي اڄ تائين فلسفا آيا ۽ ڪيترن مفڪرن جا فڪر آيا، پر مان سمجهان ٿو، معاشرن، سماجن ۽ انساني سوسائٽين جي ڀڃ ڊاهه اڃان به جاري آهي. ساڻ گڏ انساني نفسيات يا فطرت جي انساني گهنڊ جو آواز ائين اچي رهيو آهي، ڄڻ اقبال چواڻي؛
یہ دنیا ابھی نا تمام ہے شاید،
کہ آ رہی ہے صدائے کُن فیکون۔

ڪُن فيکون جي اقبالي فلسفي کي يا ربي حُڪم کي اسان اقرار ڪري مڃئون ڀي سهي، پوء ڀي اهو سوال اهم ٿو رهي ته انسان جي خيال جو ڪو انت آهي يا جهد مسلسل ۽ ڪا ٿيوري آف ايواليوشن آهي، جنهن تحت فرد جي خيالن، تجربن ۽ تحريرن جي حوالي سان اڃان ڪي سچ سامهون اچڻا آهن. ڪي نوان جهان، ڪي نوان خيال، ڪي سوچون ۽ ڪي لوچون اڃان به اچڻيون آهن.
انساني ڪائنات کان وٺي، سڄي دنيا جي سماجن جو سفر ڀلي ڪريو، پر اسان سنڌين لاءِ پوء ڀي سنڌ جو سماج اهميت رکي ٿو. سچ پڇو جمن ڄامڙي سادن سودن لفظن ۾، پر پنهنجي پوري سچائي سان، هن کي بايوگرافي چئوس يا کريون ڳالهيون چئوس، يا فقيري انداز چئوس پر، هن جي لفظه لکيا آهن، اهي ايترا سچا آهن، جيترو اسان جي سنڌ جو سماج گندو ۽ گند آهي.
جمن سائين هن ڪٿا ۾ ڪٿي، هيڻو آهي، ڪٿي انصاف آهي، ڪٿي ڏاڍو آهي، ڪٿي گابو آهي، ته ڪٿي رڳو مڌم سُرن وارو اهڙو راڳ آهي، جٿي هو ايترو ڦهلجي وڃي ٿو جو هوء لڳندو آهي ته، سڄي سنڌ جو ساز ۽ آواز آهي. هو هر چيپٽر ۾ ائين لکي ٿو ڄڻ هو، هر فيلڊ جو جراح هجي.
جمن سائين نه صرف پنهجي تحرير جي حوالي سان، چير ڦاڙ ٿو ڪري پر، سرجري جا اهڙا ٽانڪا ڏيڻ جي ڪوشش ٿو ڪري،جنهن سان مريض ٺيڪ به ٿي وڃي. جمن ڄامڙو وقت جو نه صرف حڪيم آهي پر جراح ايڏو آهي جو هو ٻار سان ٻار آهي، پر جوان ۽ پوڙهي جو پيار به آهي. هو جس آهي گس آهي، پر پنهنجي سادي سودي لفظن ۽ نماڻي اظهار ۾ ايڏو سچ آهي، جو هن کي ڪچ قرار ڏيڻ جو وس ڪنهن وٽ مشڪل سان ملي. جمن جو محور هن ڪٿا ۾ گهڻو تڻو يا ذات آهي يا سنڌ جي ڪائنات آهي ياوري ايندڙ نسل لاءِ پيغام آهي.
سچ چئجي ته اسان جي پياري ليکڪ، الائي ڇو کوڙ ساريون سچ جي حوالي سان گوهيون هنيون آهن، ڇو هنيون آهن، انجو جواب ليکڪ کان وٺڻ گُهرجي ڇو جو، جنهن دور جي ڪٿا جمن سائين لکي آهي، ان جا گواهه اڃان تائين کوڙ سارا حال حيات آهن. جيڪي بهر حال سوال و جواب ڪري سگهن ٿا. ماڻهون وٽ وقت جو سچ ۽ ان جي اظهار جو موقعو هوندو آهي. اهو اظهار ڪيئين ٿو ڪري، اُنجي سچ ۽ ڪچ جو فيصلو ڪير ۽ ڪيئين ٿو ڪري، اهو اهم راز آهي ۽ جمن جي هن تحرير ۾ واضع طور يا اشارن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن، جيڪي شايد سنڌ ۽ هند جي حُدود کان گهڻون دور، پري تائين انساني سماج جا لاءِ اشارا آهن.


حبيب الله ڀٽو
ڪراچي

حڪمرانن کان سوال جي سگهه ڪرڻ وارو شعور ڪيئن پيدا ڪجي؟

اسان جي سنڌ شروع کان ننڍي کنڊ ۾ هميشه اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي تحريڪ کان اڳ ترڪي جي خلافت کي بچائڻ لاءِ خلافتِ تحريڪ جو آغاز سنڌ مان ٿيو ۽ الوحيد اخبار جاري ڪئي وئي، جيڪا ترڪيءَ جي سلطان سان يڪ جهتي قائم ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ مان سالن تائين شايع ٿيندي رهئي.
سنڌ سڀ کان پهريان پنهنجي چونڊيل اسيمبليءَ جي معرفت نئين مسلمانن جي ملڪ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو، جيڪو اسلامي دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ ٿي اُڀريو، ان نئين مملڪت پاڪستان کي قائدِ اعظم محمد علي جناح کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تائين ۽ وري محمد خان جوڻيجو کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو تائين قيادت به سنڌ ڏني، پر نظر اچي ٿو سنڌ جي هاڻوڪي قيادت ايترو وقت حڪومت ۾ رهڻ جي باوجود پنهنجا ذاتي ڀِڀَ ڀريا آهن پر سنڌ کي آثار قديمه بڻايو ويو آهي. اسانجا ترقي يافته شهر گندگيءَ جا ڍير، تعليم يافته نوجوان بيروزگار، صاف پاڻي پيئڻ جي اڻاٺ ۽ اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ دوائن جي اڻ هوند نظر اچي ٿي.
سوچڻ جي ڳالهه اِها آهي ته ٻيا صوبه خاص طور تي پنجاب ۽ خيبر پختون خواه اسان کان وڌيڪ ترقي يافته نظر اچن ٿا.
اُتان جا روڊ رستا، اسڪول ۽ اسپتالون ڏسڻ جهڙيون آهن ملتان جنهن لاءِ ماضيءَ ۾ شاعرن لکيو هيو ته گرد، گرما، گدا ۽ گورستان (گرمي، ڌوڙ، فقير ۽ قبرستان) آهي، اُهو به هاڻي يونيورسٽين، اسپتالن ۽ مارڪيٽن جو شهر آهي، ان سان گڏ بهاولپور، ديره غازي خان، راجن پور، تونسه، ميان والي به اسان جي سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، نوشهري، بدين، شڪارپور، کان سهڻا ۽ صاف سٿرا شهر آهن، باقي سيالڪوٽ گجرانوالا ۽ گجرات ته ائين ٿو لڳي ڄڻ يورپ جا ولايتي شهر آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ تيل ،گئس ۽ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا به آهن، ان جي باوجود هتي جي 60 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿي، ان جو سبب تلاش ڪرڻ لاءِ سائين محمد جمن ڄامڙي صاحب هي ڪتاب لکيو ۽ اسباب ٻڌايا ته اصل سبب اسان وٽ سوال جي سگهه رکڻ وارو مڊل ڪلاس اسري نه سگهيو آهي، جيڪو پنهنجي عوامي چونڊيل نمائندن MPA’S ۽ MNA’S ۽ سينيٽرن کان سوال ڪري پڇاڻو ڪري. اسان جي ليڊر شپ سرمائيدارن، ٺيڪيدارن ۽ زميندارن سردارن ۽ پيرن جي هٿ ۾ صدين کان وٺي اڃا تائين وڪوڙيل آهي.
اسان جو تعليم يافته طبقو به غلاميءَ واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهي، اسان جي سنڌي ڪامورن به پنهنجي علائقي جي اندر، اسڪول، اسپتالون، ۽ لائبريريون ڪونه ٺهرايون، البته پئٽرول پمپ، هوٽل ۽ ذاتي بنگلا تعمير ڪرايا جن مان مال ڪمائي سگهجي.
ڄامڙوصاحب هن ڪتاب ۾ سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي ۽ اِنتظامي تاريخ بيان ڪئي ۽ پاڻ سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ وڏن عهدن تي نوڪري ڪئي ۽ فوج جي سپاهي کان وٺي ضلعي انتظاميه ۽ وفاقي سيڪريٽري جي وڏن عهدن تي فائز رهيو، هن هڪ انتظامي عملدار جي حيثيت ۾ سنڌ کي جيئن ڏٺو ان جو هڪ منظر نامو هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي ۽ بي خوف ٿي لکيو آهي، اچو ته هاڻي هن ڪتاب جي تفصيلات کي پڙهون ۽ قوم جي نوجوانن اندر سوال ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪريون.

آغا نور محمد
چيف ڪوآرڊينيٽر
انڊس ڪاٽيج لائبريريز نيٽورڪ
اسلام آباد

بي باڪ لکاري: محمد جمن ڄامڙو

سائين محمد جمن ڄامڙو جي ڪتاب ”سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر“ جو مسودو منهنجي سامهون آهي، هن ڪتاب ۾ شامل 50 کان مٿي مضمونن ۾ جتي سنڌي سماج، ريتن رسمن، اٿڻي ويهڻي، سماجي بيمارين، ناانصافين، زور آورين، ڏاڍاين، پنهنجن توڙي پراون جي ادا ڪيل ڪردارن توڙي ماروئڙن جي سورن جي بلڪل ايمانداري ۽ سچائي سان اپٽار ڪئي وئي آهي، اتي ئي بنا ڪنهن مصلحت ۽ ڊپ ڊاءُ جي وڏي دليري سان سنڌ کي ههڙي قيامت جهڙي صورتحال ۾ پهچائيندڙ ڪردارن کي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بلڪل ننگو ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ هن وقت صرف ٻه طبقا آهن، هڪ امير ۽ ٻيو غريب، ٽيون طبقو جنهن کي مڊل ڪلاس چيو وڃي ٿو، اهو ته جهڙوڪر هن وقت وجود ئي نٿو رکي. سائين محمد جمن ڄامڙي هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ وچئين يعني مڊل ڪلاس واري طبقي جي اوسر نه ٿيڻ، وچئين طبقي کي پيڙهي کيس غريب طبقي ۾ شامل ڪرڻ، توڙي سنڌ مان ورهاڱي وقت يا ورهاڱي کان پوءِ انهيءَ طبقي کي مختلف حيلن بهانن سان سنڌ مان لڏائڻ وارن سمورن محرڪات جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ نه رڳو انهيءَ طبقي جو ذڪر ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪئي وئي آهي پر گڏوگڏ انهيءَ طبقي جي ٻيهر اوسر لاءِ گس ۽ پيچرا به ٻڌايا ويا آهن.
مون مٿي ذڪر ڪيو ته سائين محمد جمن ڄامڙي صاحب پنهنجي لکڻي کي روايتي مصلحتن جي ٽياس تي ڪٿي به نه ٽنگيو آهي، پر هن ته پنهنجن لکڻين ذريعي اهڙن سمورن ڪردارن کي وڏي دليري سان وائکو به ڪيو آهي، جن جو سنڌ کي موجوده ڪسمپرسي واري حالت ۾ پهچائڻ ۾ ذرو به ڪردار رهيو آهي، پوءِ انهن ۾ پير، مير، جاگيردار، ڀوتار، گادي نشين، سياستڪار، سر، خانبهادر ۽ ٻيا به ڇو نه هجن. هن پنهنجي لکڻي ذريعي سنڌ جي سرمائيدارن، پيرن، ميرن، جاگيردارن، ڀوتارن ۽ سياستدانن کي ڪيئن نه ڪميونسٽ اڳواڻ اسٽالن سان لاڳاپيل هڪ واقعي جو مثال ڏئي واضع ڪيو آهي. هو ”قومن جي ڪمال ۽ زوال جو تعلق تعليم سان آهي“ مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”اسٽالن هڪ ڀيري پولٽ بيورو جي گڏجاڻي ڪري رهيو هيو ته هن هڪ ڪڪڙ گهرايو، ۽ ان ڪڪڙ جي کنڀن کي هڪ هڪ ڪري پٽڻ شروع ڪيو، آخرڪار هن ڪڪڙ جا سڀ کنڀ پٽي ڇڏيا، ڪڪڙ جي اصل شڪل صورت يڪسر تبديل ٿي وئي. اسٽالن ڪڪڙ کي زمين تي ڦٽو ڪيو، ڪڪڙ زخمن ۾ چور پر مجبور ٿي نڪرڻ جي ڪئي. انهيءَ عمل دوران پولٽ بيورو جا ميمبر خاموش بيٺا پيا تماشو ڏسن. اسٽالن اناج جي داڻن مان هڪ داڻو زمين تي اڇليو، ڪڪڙ اهو داڻو چڳيو، پوءِ اسٽالن پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ اناج جا ڪجهه داڻا هٿ ۾ رکيا ۽ هلڻ شروع ڪيو، هلندي هلندي هڪ هڪ داڻو زمين تي اڇليندو ويو ۽ ڪڪڙ اهي داڻا چڳندو اسٽالن جي پٺيان پٺيان هلندو رهيو، جتي اسٽالن بيهي ڪڪڙ به اتي بيهي رهي.
اسٽالن پولٽ بيورو جي ميمبرن کي مخاطب ٿي چيو ”مون جيڪو عمل ڪڪڙ سان ڪيو آهي، اهيو ساڳيو عمل سامراجي قوتون غريب ملڪن سان ڪن ٿيون، پهريون هنن جي خام مال ۽ قدرتي وسيلن تي قبضو ڪري پوء انهن قومن ۽ رياستن کي مرڻ کان بچائڻ خاطر هڪ هڪ داڻو وجهن ٿا ته جيئن اهي انهن جي سهاري تي تڳن يا جيئن. اهڙيءَ طرح سنڌ جي سرمائيدارن يعني نوابن، سردارن، رئيسن، وڏيرن، پيرن، ميرن، خان بهادرن ۽ ديوانن سنڌي عام مسلمانن کي اسٽالن وانگر ڪڪڙ ڪري رکيو ته جيئن اهي ڪڪڙ انهن جي داڻن کي چڳن ۽ حياتيءَ جا ڏينهن گذارن. “
مٿين لکڻي ۾ ڪيڏي نه دليري سان سڀني ڪردارن کي وائکو ڪيو ويو آهي، اهڙي بي ڊپي ۽ بنا رک رکاءَ واري لکڻي ٻه ڏهاڪا اڳ دلير صحافي فقير محمد لاشاري ئي لکندو هو، وري هينئر سائين محمد جمن ڄامڙي صاحب جي اهڙي لکڻي پڙهڻ لاءِ ملي آهي. باقي ته اسان سڀ ڪيترين ئي مصلحتن جو شڪار آهيون. اهڙي صورتحال ۾ اسان وري جڏهن سنڌ جي آئيندي جي حوالي سان پنهنجن جي ڪردار جو جائزو وٺون ٿا ته اسان کي انهن ۾ به ڪاٿو نظر نٿو اچي، سنڌ جي بقا ۽ جياپو داءُ تي لڳل آهن، پر ان جا سڀئي ليڊر ويٺا پاڻ ۾ لڙايون لڙن، سياستدان ووٽ وٺڻ کان پوءِ عوام وٽ وڃڻ لاءِ تيار ناهي، استاد ويٺا پڙهائي جو ٻيڙو ٻوڙين، ڊاڪٽر اسپتالن کي ڪوس گهر بڻايون ويٺا آهن، پورهيت پيٽ گذر لاءِ پريشان آهي، مسڪين ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب پنهنجي معصوم ٻچڙن کي پالڻ جي سگهه نه ساري انهن ئي ٻچڙن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي هوڪا ڏيندا وتن، جڏهن ته ڪامورا تيستائين ڪو فائيل اڳتي وڌائڻ لاءِ قطعي تيار ناهن، جيستائين سندس کيسو گرم نه ٿئي، يعني سنڌ ۽ سنڌي عوام اڄ جنهن منزل تي پهتا آهن، تنهن ۾ صرف ڌارين جو ئي هٿ ناهي، پر اسان سڀ پاڻ به ان جا ذميوار آهيون.
اڳ۾ ته ائين چيو ويندو هو ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قندرائون جوکو“، پر هاڻي زمانو مٽجي ويو آهي، قنڌار کان ته جوکو آهي يا نه آهي اهو الڳ بحث آهي پر هاڻي پنهنجن جو ڪردار ڏسي انهيءَ ۾ ڪجهه هن طرح ترميم ڪرڻي پوندي ته ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي پنهنجن کان جوکو“. جنهن جو اظهار سائين محمد جمن ڄامڙي به پنهنجن لکڻين ذريعي ڪيو آهي. سندن لکڻي جو هيءُ انداز پڙهو:
”بدقسمتي سان سنڌ جي مسلمان عوام کي صفحي هستي تان مٽائڻ خاطر ڪوششن ۾ صرف ٻاهريان شامل ڪين هيا، پر ان تي عمل ڪرڻ لاءِ شروع کان وٺي پنهنجن اهم ڪردار ادا ڪيو. استحصالي قوتن انهي خاطر ڪنهن کي خانبهادر جو لقب ڏنو ته ڪنهن کي سر، پير، مير، نواب، رئيس ۽ ديوان وغيره وغيره جا خطاب ڏنا، ته جيئن هو پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ خاطر انهن کي استعمال ڪري ۽ پاڻ ميدان ۾ کيس نه اچڻو پوي. انهيءَ پاليسي تي هلندي انگريز سرڪار سنڌ ۾ ڪوبه سرڪاري اسڪول يا هيلٿ جو ادارو قائم ڪو نه ڪيو.
1936ع کان 1947ع ۾ جڏهن سنڌ حڪومت جون واڳون نج سنڌين جي هٿ ۾ هيون ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هيا. انهيءَ دوران 1939ع ۾ پنجاب گريٽر ٿل ڪئنال سنڌو ڌريا مان ڪڍي پنهنجي لکين ايڪڙ زمين لاءِ پهريون سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو، پر انوقت جي سنڌ سرڪار مجرماڻي غفلت ڪئي، جنهنجي جيتري مذمت ڪجي اها تمام گهٽ ٿيندي. هي ڏه يارنهن سال سنڌي عوام لاءِ نهايت اهم هيا، جيڪڏهن سنڌ جي قيادت چاهي ها، تعليم و تربيت تي خصوصي ڌيان ڏئي ها. انوقت جيڪي تعليمي ادارا هيا، انهن کي وڌيڪ مضبوط بنيادن تي بيهاري ۽ پوري سنڌ ۾ علم پکيڙڻ گهربو هيوته جيئن ايندڙ وقت ۾ سنڌي پنهنجي رسم ۽ ثقافت جو تحفظ ڪري سگهن. جيڪڏهن اسان جا ليڊر ٿوري به دورانديشي کان ڪم وٺن ها ۽ انهن يارنهن سالن ۾ صرف صوبائي اسيمبلي جا ميمبر پنهنجي پنهنجي علائقي ٻه يا ٽي ميٽرڪ پاس يا انکان ڪجهه هيٺ شاگردن کي سهولت ڏئي ڪراچي جي شهر ۾ پڙهائڻ ۽ آباد ڪرڻ جي لاءِ سهولت ڏين ها، جيڪر هڪ سال تقريباًسئو شاگرد اعليٰ تعليم جي زيور سان مالامال ٿي وڃن ها ۽ سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جو طبقو ٺهڻ شروع ٿي وڃي ها ۽ اهو مڊل ڪلاس سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ ۽ شهرن تي قابض ٿي وڃي ها. جيڪي شاگرد انهن يارهن سالن ۾ تيار ٿين ها، اهي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت چاهي انکان بعد جيڪي به سنڌ سان ويڌنون ٿيون، انهن جو مقابلو ڪرڻ وارا غازي هجن ها ۽ سنڌ جي اڄ جيڪا حالت آهي، اها ڪڏهن به ڪين ٿئي ها.“
مجموعي طور سائين محمد جمن ڄامڙي جو ڪتاب ”سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر“ سنڌ جي ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کان پوءِ سنڌ سان ٿيل سمورين ويڌنن ۽ وارتائن جي سربستي تاريخ آهي، هڪ اهڙي تاريخ جنهن ۾ نه ڪنهن جي اجائي ڀر ورتي وئي آهي، نه ئي وري ڪنهن کي اجايو بخش ڪيو ويو آهي. هن تاريخ ۾ سنڌ جي ڏوهاري سمورن ڪردارن کي وائکو به ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي نئين نسل کي اڳتي وڌڻ لاءِ همت ۽ حوصلو به ڏنو ويو آهي، نوجوان نسل کي نوان گس به ڏنا ويا آهن ته ڀاڙين لاءِ بند به ٻڌو ويو آهي، ههڙي شاندار، بي ڊپي ۽ بنا ڪنهن رک رکاءُ واري لکڻي لکڻ تي آئون سائين محمد جمن ڄامڙي کي مبارڪون ڏيان ٿو.

وهاب جروار
ڪراچي
10 جولاءِ 2019ع

منهنجي مطابق

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر، محترم محمد جمن ڄامڙي صاحب جي مختلف موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي. سائين ڄامڙو صاحب هڪ سنڌ دوست ۽ ساڃهه وند جي حيثيت ۾ مختلف وقتن تي ويچاريندو ۽ لکندو رهيو آهي ۽ انهن لکتن جو محور اهي واڪا ۽ ووءِ آهن جيڪي هو سنڌ جي موجوده نسلن تائين پڄائڻ گهري ٿو. جن موضوعن ۽ مسئلن تي ڄامڙي صاحب قلم کنيو آهي، انهن مسئلن تي سنڌ ۾ ايامن کان لکبو اچي ٿو، وڏا ۽ نوجوان اهي لکتون پڙهن ٿا، ٿڌا شوڪارا ڀري سنڌ ۽ سنڌين جي حالت تي بيحد افسوس ڪن ٿا ۽ پوءِ ڪتاب ٺپي بند ڪري رکي ڇڏين ٿا. هيڏي برباديءَ جي احوالن سان ڪو ردعمل جو طوفان اٿي، ڪو طلاطم پيدا ٿئي، ڪا زمين جاڳي پوي، ڪو انقلاب اٿلي پوي، پر ايئن ڪونه ٿو ٿئي. يا ته اسان جي غلاميءَ جا سنگهر بدترين آهن يا اسان جي لکتن ۾ زبور جو درد ڪونهي. يا اسان جون حالتن بدلائڻ لاءِ اسان جي مسيحائن جي نبض شناسي صحيح ڪونهي.
فرياد سنڌ کان وٺي هن ڪتاب تائين سوين سنڌي ڪتاب ههڙن موضوعن تي لکيل ملن ٿا، پر اسان جون حالتون جيئن پوءِ تيئن خراب. يا ته وري هينئن آهي جو اسان جي قوم جا سڀ ماڻهو پاڻ کي پنهنجي جاءِ تي مڪمل عقل جو اڪابر سمجهن ٿا ۽ ٻيا سب واڪا ۽ ووءِ هنن جي مٿان ئي مٿان گذري وڃن ٿا.
بهرحال ههڙا ڪتاب تاريخ جو هڪ رڪارڊ به آهن ۽ محمد جمن ڄامڙو جهڙا ماڻهو تاريخ جو اهو رڪارڊ ان آس تي محفوظ رکڻ گهرن ٿا ته هيءَ سنڌ جڏهن به پنهنجي ڊگهي ننڊ جو هڪ آرس ڀڃندي، انوقت جي نسلن لاءِ ههڙا ڪتاب منزل جي سفر واسطي سنگ ميل بڻبا.


نور احمد ميمڻ
سنڌيڪا اڪيڊمي

ڪتاب جو متن

---

سنڌ ۾ بدانتظامي ( Bad Governance) جا سبب

اڄ هڪ دوست اهم سوال پڇيو ته: سنڌ ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ ( Bad Governance) خراب حڪمراني جا سبب ڇا آهن؟ آيا انجا ذميوار صرف سياستدان آهن يا ڪامورا؟
مون کيس وراڻيو ته هي هڪ ڏسڻ ۾ ته تمام ننڍو ۽ هڪ سٽ وارو سوال آهي پر انهي جي لاءِ جواب ۾ ته الائي ڪيترا ڪتاب لکي سگهبا.
جيستائين اسين سنڌ جي گذريل ماحول ۽ حالات کي سامهون نه رکنداسين، تيستائين انهي جو صحيح جواب ڏئي ڪو نه سگهبو. منهنجي نقط نظر موجب انهي سموري حڪومت جي نظام کي سمجهڻ لاءِ سنڌ کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن حڪومتي دورن جو جائزو وٺڻو پوندو تنهن کان بعد ڪجهه نتيجو ظاهر ٿيندو.
1- پاڪستان ٺهڻ کان اڳ وارو دور
2- پاڪستان ٺهڻ کان پوء ون يونٽ جي ختم ٿيڻ تائين
3- 1971کان بعد جو دور..
جيڪڏهن اسين صرف پاڪستان کان ٺهڻ کان اڳ واري دور کي ڏسنداسين ته اسان جي سنڌ سونهاري ٻن طبقن ۾ ورهايل هئي، هڪ زراعت پيشو، جيڪو ٻهراڙي تي مشتمل هيو، ٻيو نوڪري ۽ ڌنڌو ڪندڙ، جيڪي شهري آبادي تي مشتمل هئي.
زراعت پيشي سان وابسته ماڻهون تعليم جي ميدان ۾ شهري علائقن کان تمام گهڻو پٺ تي هيا. ٿوري گهڻي تعليم جيڪا ٻهراڙي ۾ هئي سان ديني مڪتبن جي معرفت هئي پوء جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا سهولت ميسر ٿي وئي، ڪنهن ويجهي شهري علائقي ۾ تعليم حاصل ڪئي پر تعداد تمام ٿورو. ڇوته ٻهراڙي جي عوام کي مالي مشڪلاتون تمام گهڻيون هونديون هيون. ٻهراڙي جي عوام ۾ تعليم جي فقدان سبب دنيا جي لحاظ کان شعور گهٽ هيو پر زندگي پرسڪون هئي.
ٻيو شهري علائقي ۾ رهندڙ عوام تعليم ۽ ڌنڌي ڌاڙي سان لڳل هيا پر وري شهري علائقي ۾ رهائش پذير ٻن طبقن ۾ ورهايل هيا، يعني مسلم ۽ غير مسلم.
انگريز سرڪار جڏهن انڊين سول سروس ۾ برصغير جي ماڻهن کي مٿين نوڪرين ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن سروس ۾ ڪوٽه سسٽم مسلم ۽ نان مسلم جي بنياد تي شروع ڪيو. ظاهر آهي انهي لاءِ تعليم يافته ماڻهن جي ضرورت پئي، جنهن لاءِ سنڌ مان مسلمانن جي تعليم ايتري جامعه ڪانه هئي، جو پوري برصغير ۾ مقابلو ڪري سگهن. نتيجي ۾ سنڌي مسلمان پٺتي پئجي ويو ۽ جتي مسلمان تعليم جي لحاظ کان بهتر هيا، اها انهن پنهنجي حق ۾ ورتي ۽ نتيجي ۾ هندستان جي ٻين علائقن مان ڪامورا سنڌ ۾ آيا پر سنڌ جي غير مسلم آبادي ڪجهه نه ڪجهه اعلي سروسز ۾ آيا.
هتي اِهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ گوشگزار ڪجي ته انگريز سرڪار سنڌ ۾ ڪوبه هڪڙو تعليمي يا صحت جو ادارو قائم ڪونه ڪيو. سنڌ کان ٻاهر پنجاب، سرحد، يوپي، سي پي، بنگال مطلب ته سنڌ کانسواء پوري برصغير ۾ قائم ڪيا. سنڌ ۾ جيڪي به تعليمي يا صحت جا اِدارا قائم ٿيا، اُهي سڀ سنڌ جي مقامي سرندي وارن ۽ عوام دوستن قائم ڪيا جنهن ۾ مسلم ۽ غير مسلم شامل هيا.
پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ۾ سرڪاري اعلي عهدن تي سنڌي مسلمان ڪين هيا، جو هو پنهنجو ڪردارا ادا ڪري سگهن. ليڪن غير مسلم سنڌي طبقو وري به ڪجهه نه ڪجهه سرڪاري توڙي تجارت ۾ هيا پر اِهو وڏو نقصان سنڌ کي ان وقت پيو، جڏهن سنڌي هندو ۽ ڪجهه سک پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ شرط سنڌ مان لڏي هندستان ڏانهن هليا ويا پوء ڪجهه پنهنجي مرضيءَ سان ويا ته وري ڪجهه حالات جي ناموافق هجڻ جي ڪري. اهڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي جنهن جي ڪري سرندڙ ۽ لکيل پڙهيل هندو سنڌ مان نڪري ويا جنهن جي ڪري اسان سنڌ جي عوام کي پاڪستان جي وجود کان بعد گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پيو. سنڌ جي غير مسلم آبادي جو سنڌ کان لڏي وڃڻ سبب ۽ انهي جي ڇڏيل خال کي ڀرڻ لاءِ سنڌ جو سنڌي مسلمان اڃا تيار ٿيل ڪونه هيو، جنهن جو هڪ انتهائي منظم طريقي سان هندستان مان آيل پناهگيرن ناجائز فائدو ورتو ۽ اهي هتي اچي پاڻ کي فاتح سمجهڻ لڳا.

انگريزن جو سنڌين تي عدم اعتماد جا نتيجا

گڏيل هندستان ۾ سنڌ جي عوام کي خاص ڪري سنڌي مسلمان کي وڌيڪ ڏکيائي هئي، ڇوته سنڌ جي عوام کي انگريز سرڪار ڪڏهن به اعتبار واري نظر سان ڪونه ڏٺو، انهي جا سبب ڪهڙا هيا جنهن لاءِ يقيني طور تي ڪجهه به چئي يا لکي نٿو سگهجي، باقي زماني جي حالات مان ٿورو گهڻو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، باقي اِهو يقين سان چئي نٿو سگهجي ته ڇو ۽ ڇاجي ڪري انگريز بهادر سنڌين تي اعتبار نه پيو ڪري؟
منهنجو ذاتي خيال آهي ته موجوده پاڪستان جي چئن صوبن مان انگريز کي قبضي ڪرڻ لاءِ ٿوري گهڻي ڏکيائي ۽ مزاحمت سنڌ جي پرڳڻي مان ٿي هئي. پنجابي هميشه حملا آورن کي سهولتون ڏئي دهلي تائين پهچائيندا رهيا، تنهن ڪري پنجاب مان انگريزن کي ايتريون مشڪلاتون پيش نه آيون پر اُنجي برعڪس پنجاب جي مسلمان عوام انگريزن کي ڀليڪار ڪيو ۽ انهن هڪٻئي تي اعتبار ڪيو. پر سنڌ جي عوام سان انگريزن ويساهه گهاتي، ڊوه ۽ لڙائي ڪري سنڌي ڳالهائڻ وارن کان حڪومت کسي ۽ قبضي ۾ ڪئي، تنهنڪري سنڌي مسلمان ۽ انگريز سرڪار جو هڪٻئي تي اعتبار قائم ٿي نه سگهيو، نتيجي ۾ انگريز سرڪار پنجاب ۾ تعليمي ۽ صحت جا ادارا قائم ڪيا جنهن مان پنجاب جي عوام ڀرپور فائدو ورتو.
انهي سان گڏوگڏ پنجاب جا رهواسي انگريز جي اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ فوج ۾ شامل ٿي ويا ۽ سهولتون ورتيون، جڏهن ته سنڌ جي عوام تي اعتماد نه هجڻ سبب انگريزن سنڌي ماڻهن کي فوج ۾ شامل ڪين ڪيو.
هندستان جي ورهاڱي کان بعد جيڪي ماڻهون پاڪستان ۾ آيا اهي گهڻو ڪري مغلن وٽ دهلي جي دربار ۾ پنهنجيون خدمتون پيش ڪندا هيا ۽ وقت سان گڏ فائدا وٺندا رهيا. انگريز بادشاه جي اچڻ سان دهلي جي درٻار کان بي وفائي ڪري انگريز سرڪار سان وابسطه ٿيا ۽ انهن جي درٻار ۾ رسائي شروع ڪئي ۽ درٻار جي طور طريقن کان چڱي مهارت رکڻ جي ڪري انگريز سرڪار جا وفادار ۽ اعتماد وارا ٿي ويا. نتيجي ۾ باقي مسلمانن جي مقابلي ۾ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي نڪري ويا انڊين سول ۽ ملٽري سروس ۾ ڪافي تعداد ۾ اچي ويا.
ورهاڱي کان اڳ ۾ اهي دوست يعني يوپي ۽ سي پي وارا سنڌ سميت ٻين مسلمانن جي سروس ڪوٽا تي اچڻ لڳا، جنهن ڪري انهن وٽ سجاڳي جام اچي وئي ۽ حڪومت جي وهنوار جو مڪمل حصو رهيا، جنهنجو انهن هندستان جي ورهاڱي کان بعد نئين پاڪستان تي قبضي ڪرڻ ۽ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهو کيل کيڏيا جو اڄ تائين ان جا اثر موجود آهن.
انهيءَ سڄي ماحول ۾ سنڌ جو سنڌي مسلمان ڪٿي به ڪنهن اهم عهدي تي ڪونه اچي سگهيو، باقي انگريز سرڪار سنڌ جي حالتن کي مدنظر رکندي انصاف ۽ امن مهيا ڪيو، انهي سان گڏوگڏ سنڌ جي زراعت کي اڳتي آڻڻ لاءِ سنڌوندي تي ڪنٽرول ڪري ۽ آبپاشي لاءِ پاڻي مهيا ڪرڻ خاطر 1921ع ڌاري سکر بئراج تي ڪم شروع ڪرايو جيڪو 1932ع تي مڪمل ٿيو. جنهن سان سنڌ ۾ زرعي انقلاب آيو، پر گڏوگڏ سنڌ کان ٻاهرين صوبن جي ماڻهن کي زمينون الاٽ ڪري آباد ڪيو ويو، ڇوته جيڪي روينيو ڊپارٽمينٽ جا ڪامورا هيا، اهي سڀئي غير سنڌي هيا جن پنهنجن عزيزن کي زمينون الاٽ ڪري هر سهولت ڏني جنهن جا اڄ به سنڌ نتيجا ڀوڳي رهئي آهي
انگريز سرڪار سنڌ ۽ پنجاب جي گادي نشينن لاءِ ساڳيو سهولتڪارن وارو انداز هليا ۽ انهن جي اثر کي عوام مٿان مڙهڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو ۽ گادي نشينن به خوب انگريز سرڪار جي خدمت ڪئي عوام کي تعليم کان پري رکيو ۽ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ اهم رڪاوٽ رهيا، جو اڄ تائين انهن جي اثر هيٺ هلون پيا.

سنڌي هندُن ڌارين جي آمد کي روڪڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟

هڪ دوست اِهو سوال ڪيو ته: ڇا جي ڪري سنڌي هندن سنڌ جون زمينون جڏهن ٻاهرين کي الاٽ پئي ٿيون ته پنهنجي سنڌي مسلمان ڀائرن جي مدد يا رهنمائي ڇو نه ڪئي! جڏهن ته تعليم يافته ۽ سرڪار تائين رسائي به کين حاصل هئي؟
مون هن دوست کي ٻڌايو ته سنڌي هندو زراعت جي پيشي سان وابست ڪين هيا، انهن جي لاءِ زمين ڪنهنجي آهي يا ناهي انهن جو ڪم صرف زراعت جي پيداوار سان هيو، جنهن سان هنن جو واپار هلندو هيو، نڪي ملڪيت سان ته اُها ڪنهنجي آهي. جيئن ته شروع ۾ ٻڌايم ته سنڌ جي آبادي ٽن طبقن ۾ ورهايل آهي يعني هڪڙا زمين کيڙندڙ، ٻيا مالڪ يعني وڏيرو ۽ گادي نشين.۽ ٽيون وري شهري طبقو هيو جيڪي عموماً نوڪري ۽ واپار ڪرڻ وارا هيا.
سنڌي هندو گهڻي ڀاڱي نوڪري ۽ ڌنڌي وارا هيا، تنهن ڪري انهن انهيءَ ڳالهه ڏانهن توجه ڪونه ڏنو، ٻيو ته هو سرڪار جي مخالفت ڪرڻ کان گهٻرائيندا هيا ڇو ته سکر بئراج جي ڪمانڊ ۾ 1932ع کان پوءِ جيڪي زمينون خاص ڪري پنجاب جي انهن ماڻهن کي الاٽ ڪيون ويون جيڪي انگريز سرڪار جا وفادار هيا ۽ جن نئون مسلمانن مان فرقو (قادياني) تيار ڪيو هيو. انهن کي اتي آباد ڪيو ته جيئن اهي سنڌ ۾ امن سان رهن. ڇو ته سنڌي صدين کان وٺي امن ۽ شانتي سان رهڻ ۽ هڪٻئي جي عزت ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ وارا رهيا آهن.سنڌي مسلمان يا غيرمسلمان هڪٻئي سان گڏ رهڻ ۾ ڪڏهن به عار ڪين محسوس ڪندا هيا. مذهبي رواداري به سنڌ ۾ هڪ مثالي هئي ڪيترن جڳهن تي مسيت ۽ مندر جي ڀت سان ڀت گڏ هوندي هئي.
سکر بئراج جي ڪري سنڌ ۾ آسودگي زياده ٿي، پر انجو سڄو فائدو سنڌ جي زميندار، گادي نشين ۽ هندو واپاري ورتو، جڏهن ته زمين کيڙيندڙ هميشه انهن ٽنهي گروهن جو کاٽو پٽ ٿي رهيو ۽ کين زندگي جي هر آرائش کان مڪمل طور پري رکيو ويو.
ائين کڻي چئجي ته سنڌ ۾ هندستان جي ورهاڱي کان اڳم ٻه طبقا هوندا هيا، هڪڙا استحصال ڪرڻ وارا ته ٻيا اُهي جن جو استحصال ٿيندو هيو.
استحصالي ٽولي ۾ زميندار، گادي نشين ۽ ان سان گڏ مُلان ۽ سيٺ ۽ انهن ٽنهي جو پاڻ ۾ ايڪو رهيو، جنهنجو اثر اڄ تائين هلي پيو. عام سنڌي کي تعليم ۾ پٺتي رکڻ ۾ انهن جي اِيجنڊا بلڪل هڪ ۽ ساڳئي هئي. هو هميشه ائين چوندا هيا ته (ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌل ڀلو).
انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ته شروع ۾ ٽي ضلعه قائم ڪيا.
• ڪراچي
• حيدرآباد
• شڪارپور
• چوٿين خيرپور رياست واري حساب سان.
جڏهن ورهاڱو ٿيو ته سنڌ انتظامي طور هڪ رياست ۽ اٺن ضلعن تي مشتمل هئي. ڪراچي، حيدرآباد، ٿرپارڪر، نوابشاه، سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو ۽ خيرپور رياست جيڪا پوء 1956ع ۾ رياست ختم ڪري ضلعي جو درجو ڏنو ويو.
جيڪي به سنڌ ۾ گادي نشين ۽ زميندار هيا، انهن جي اها ڪوشش رهئي ته عام سنڌي تعليم کان پري ۽ سندن دَرَ جو ڳيجهو رهي.
سکر ۾ ڀرچونڊي پير، مهرن، لُنڊن، ڏهرن، چاچڙن ۽ ٻين زميندارن جي هوندي ڪوبه تعليمي ادارو يا صحت جو ڪو به ادارو ڪونهي. جيڪب آباد ۾ سومرا، کوسه، مزاري، سندراڻي، بجاراڻي، سرڪي ۽ ٻيا پر تعليم ۽ صحت جو ڪوبه ادارو ڪونه. لاڙڪاڻي ۾ ڀٽه، کهڙا، چانڊيه، جلباڻي، کهاوڙ، مگسي، مغيري ۽ ٻيا پر تعليم ۽ صحت جو ڪوبه ادارو ڪونه. دادو ۾ جتوئي،جوڻيجا، قلندر جا گادي نشين، جي ايم سيد، ملڪ سڪندر، پنهور ۽ ٻيا پر تعليم ۽ صحت جو ڪوبه ادارو ڪونه. حيدرآباد ۾ ڀٽائي جا گادي نشين، هالا جا گادي نشين، ٽالپر مير، نظاماڻي، چانگ، ڄاموٽ، سمان، قاضي ۽ ٻيا پر تعليم ۽ صحت جو ڪوبه ادارو ڪونه، ٿرپارڪر ۾ جيلاني گادي نشين، ٽالپر نواب، ارباب، راڻو چندرسنگه، جوڻيجا ۽ ٻيا پر تعليم ۽ صحت جو ادارو ڪونه. نواب شاه ۾ شاه، جتوئي، جلباڻي، جمالي، راڄپر، سيد ۽ ٻيا پر تعليم ۽ صحت جو ڪوبه ادارو ڪونه. خيرپور ۾ پاڳارا، ٻانڀڻ، وساڻ، راڻيپور ۽ گمبٽ جا پير پر ڪوئي تعليمي يا صحت جو ادارو ڪونه سواء ميرن جي طرفان ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۽ مراد هاءِ اسڪول گمبٽ قائم ڪرڻ جي.

انگريزن سنڌ کي تعليم کان محروم ڇو رکيو؟

سنڌ جيئن ته گڏيل هندستان جو هڪ اهم صوبو هيو، پر انگريز حاڪمن ۽ سنڌي عوام جو هڪٻئي تي اعتماد ٿي نه سگهيو. انهيءَ ڪري گورن جي سرڪار سنڌ پرڳڻي ۾ ڪوبه تعليمي يا صحت متعلق ادارو ڪين کوليو ان جي برعڪس موجوده پاڪستان جي مٿئين علائقن يعني پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اداره قائم ڪيا. جيئن
• ايڇيسين ڪاليج لاهور
• ايف سي ڪاليج لاهور
• گورنمينٽ ڪاليج لاهور
• ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج لاهور
• گورڊن ڪاليج راولپنڊي
• ايبٽ ڪاليج ايبٽ آباد
• ليڊي ريڊنگ هاسپيٽل پشاور
• مري، ملتان، فيصل آباد، سيالڪوٽ، وغيره وغيره
انجي برعڪس سنڌ ۾ هڪڙو به تعليم يا صحت جي شعبي ۾ ادارو قائم ڪونه ڪيو. جيئن مان اڳ ۾ بيان ڪري چڪو آهيان ته سنڌ جي ڪنهن به سرندي واري به انگريزن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ خاطر اُهي ڪم نه ڪيا، ڇوته انهي عمل ڪرڻ سان سندن اجاراداري ۽ قائم ڪيل هڪ هٽي ٽُٽُي پوڻ جو خطرو هيو، تنهن ڪري زميندار، گادي نشين ۽ انهن سان لاڳاپيل مُلان ۽ سنڌي سرندي وارا هندو اِهي ٽئي ڌُريون هڪ دائري ۾ هيا ته ڪيئن به ڪري عام مسلمان کي تعليم جي زيور کان پري رکڻو آهي، متان اُهي ڄٽ پڙهي سڀاڻي اسان جي سامهون ڳالهائڻ جهڙا ٿيندا ۽ ممڪن آهي ته ڊي سي جي درٻار هال ۾ ڪرسي اسان کان کسجي وڃي، تنهن ڪري اهي انهي ڳالهه تي اڄ تائين عمل پيرا آهن ۽ اسين اڄ به انهي گهاڻي مان مڪمل طور ڪين نڪتا آهيون. انهن ڌُرين وڏي مهارت سان اسان کي ڪاپي ڪلچر جهڙي موذي مرض ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي ته جيئن اسين تعليم يافته نه هجون، بلڪي ڊگري يافته هجون ته جيئن اسين روزگار جي هرمعاملي ۾ انهن جي جتي هيٺ رهون، تنهن ڪري سنڌ سرڪار ڪاپي ڪلچر ختم ڪرڻ لاءِ ڪوئي عملي قدم ناهي کڻندي پر جي سرڪار چاهي ته ڪاپي ڪلچر ڇهن مهينن ۾ ختم ٿي سگهي ٿي.
هاڻي اسان کي مجموعي طور تي اُنهي مرض مان جان ڇڏائڻ لاءِ سوچڻو آهي ته ڪاپي ڪلچر کي هميشه لاءِ ختم ڪري اڳتي وڌون. نه ته (ڪل پيران دا خير) اسان کي عملي طور ڪم ڪرڻو پوندو.
سنڌ ۾ جيڪي به تعليمي ادارا ٺهيا ۽ جنهن جي ڪري ٿوري گهڻي سڄاڳي آئي، جنهن ڪري اُهي اِدارا سنڌ جي ڪنهن به سرندي واري جي ڪوشش سان ڪو نه ٺهيا آهن.
1885ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام اٺ ايڪڙ زمين تي ٺاهيو ويو، انهي جو باني سائين حسن علي آفندي جيڪو حيدرآباد شهر ۾ آگسٽ 1830ع ۾ ڄائو ۽ محنت ڪري جيڪو ڪجهه هن ڪمايو. اُنهي مان اِهو تعليمي اِدارو جوڙيو، جيڪو 1943ع تائين صرف هاء اسڪول هيو پوء ڪاليج ٿيو ۽ 2012 ۾ يونيورسٽي بڻجي ويو. سندس قبر حيدرآباد شهر ۾ موجود آهي.
نورمحمد لاکير ڏوڪري تعلقي ضلع لاڙڪاڻي ۾ سيپٽمبر 1845ع ۾ پيدا ٿيو، وڪالت مان پيسا ڪمائي حيدرآباد ۾ نورمحمد هاء اسڪول جو بنياد رکيو جنهن شاگردن جي رهڻ لاءِ هاسٽل به تعمير ڪرائي.
نوشهروفيروز ۾ 1893ع سنڌ مدرسته الاسلام جو بنياد سيد الهندي شاه رکيو، جيڪو هيئنر سنڌ يونيورسٽي جو ڪيمپس ٿي ويو آهي.
1906ع ۾ مير علي نواز ناز خيرپور شهر ۾ 80 ايڪڙ زمين تي ناز هاء اسڪول جو بنياد رکيو.
سکر بئراج جي ٺهڻ شرط انگريز سرڪار کي خيال آيو ته هن سسٽم کي هلائڻ لاءِ انجنيئرن جي ضرورت پوندي، تنهنڪري ڪراچي جي هڪ سخي مرد نادر شاه اڊيلجي ڊنشا کي چيو جنهن ڪثير رقم ڏئي اين اي ڊي ڪاليج سائنس ۽ انجنيئرز جو 1921ع ۾ بنياد رکيو.
شڪارپور ته تعليم جي لحاظ کان سنڌ ۾ سڀني کان اڳڀري رهي. شڪارپور ۾ مڊل اسڪول 1844ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1873ع ۾ هاء اسڪول ٿيو 1933ع ۾ چيلاسنگهه اٺهتر هزار روپيه ۽ سيتل داس هڪ لک روپيه ڏئي ڪاليج جي تعمير ٽن لکن روپين سان مڪمل ڪئي.
1930ع ڌاران سنڌ ۾ ڪل 77 گريجوئيٽ هيا، جن مان 70 جو تعلق شڪارپور سان هيو.

شڪارپور ۽ ڪراچي، سنڌ جا اهم تعليمي ۽ ڪاروباري مرڪز

گڏيل هندستان جي پسمنظر ۾ جيڪڏهن ڏسبو ته تعليم جي لحاظ کان سنڌ جا ٻه شهر سڀ کان اڳ ۾ هيا، هڪ شڪارپور ٻيو ڪراچي. انگريزن جي ايامڪاري ۾ شڪارپور ۾ ڪراچي کان به اڳ ۾ انگريزي تعليم جو بنياد پيو. شڪارپور ۾ 1844ع کان انگريزي تعليم شروع ٿي، جڏهن ڪراچي 1855ع اين جي وي اسڪول شروع ٿيو. (نارائڻ جگنناٿ وئيدنيا) 1916ع هن اسڪول ۾ 477 شاگرد هيا جنهن مان 392 هندو شاگرد 66 پارسي شاگرد ۽ 12 مسلمان شاگرد ۽ ست يهودي شاگرد هيا .
1859ع ۾ ماما پارسي اسڪول اردشير هورموجي ماما، ٽن لکن روپين جي ڪثير رقم ڏئي اِن اسڪول جو بنياد وڌو.
بي وي ايس ماما گرلس هاء اسڪول 1918ع ۾ ڀائي وربانجي سوپاري والا ڪثير رقم ڏئي اسڪول ٺاهيو.
انگريز سرڪار 1857ع جي بغاوت يا جنگ آزادي کان بعد رومن ڪيٿلڪ چرچ کي اجازت ڏني ته ڪجهه مشنري اسڪول سنڌ ۾ کولي، جنهن مان پهريون مشنري اسڪول سينٽ پئٽرڪ ڪراچي جي نالي سان 1861ع ۾ کوليو ۽ ٻيو ڪراچي گرامراسڪول 1875ع ۾ کوليو ۽ٽيون جيننگز اسڪول ڪراچي کوليو ۽ چوٿون ڇوڪرين لاءِ جيزز ميري اسڪول ڪراچي، سينٽ ميري ڪنوينينٽ اسڪول حيدرآباد 1921ع ۾ ڇوڪرين لاءِ کوليو.
سينٽ سيويئراسڪول سکر 1881ع ۾ کوليو.
تعليم جي لحاظ کان عام سنڌي مسلمان پري رهيو، جنهن لاءِ سنڌ جي زميندار، گادي نشينن ۽ مُلن جو اهم ڪردار هيو. ڇوته زميندارن ۽ گادي نشينن کي اِهو خوف پيدا ٿيو ته جيڪڏهن عام سنڌي مسلمان ٻاهرين تعليم حاصل ڪري وٺندو ته هنن جو ذهن کُلي پوندو ۽ نتيجي ۾ اسانجي ٺاٺ باٺ واري زندگي ۽ گادي نشينن کي پنهنجي حرڪتن جي خبر هئي ته هو جيڪو ڦل گادي جو کائن پيا، اِها سڀ محنت انهن گذري ويل بزرگن جي آهي ۽ پاڻ عوام کي بيوقوف بڻائي مريدن کان ناجائز ڌن ۽ دولت پيا ڪمائن. گادي نشين عموماً ڪنهن نه ڪنهن ديني مدرسي جي سرپرستي ڪندا هيا ۽ مولوي حضرات کي به پنهنجو گذر سفر ڪرڻو هوندو هيو، تنهن ڪري مولوي حضرات عام سنڌي عوام کي بيوقوف بڻائڻ خاطر انهن گادي نشينن جي متعلق صاحب ڪرامت ۽ الله جي ولي هجڻ جا پيا نعرا ۽ قصيدا پڙهندا هيا ۽ مسڪين عوام جيڪو اڳ ۾ مسلمان به انهن بزرگن جي ڪري ٿيا هيا، تنهن ڪري ايندڙ نسل ۾ به موجوده گادي نشينن جي حق ۾ راه پيا هموار ڪندا هيا. زميندار کي به گادي نشينن جو پاسو وٺڻو پوندو هيو ته جيئن گادي نشينن سان ٻٽ رهي عوام کي بيوقوف ۽ جاهل رکجي تنهنڪري حد جو زميندار ۽ گادي نشين هميشه مولوي جي مٿان هٿ رکي پنهنجو اُلو سڌو ڪندا هيا ۽ مولوي صاحب هر جمعي نماز تي عام مسلمانن کي انگريزي تعليم کان پري رکڻ لاءِ دين اسلام کي استعمال ڪندا هيا ته جيئن توهان مسلمانن جو ايمان محفوظ رهي حالانڪ مولوي اسلام جي آڙ ۾ صرف گادي نشينن ۽ حد جي زميندار جا هٿ مضبوط ڪندو هيو.
اها ڳالهه هتي بيان ڪرڻ ضروري آهي ته انگريزن جي دور ۾ عام سنڌي مسلمان زميندار، گادي نشينن ۽ سيٺ هندو جي لاءِ فٽبال وانگر هيو. جيئن ٻه ٽيمون فٽبال کي پنهنجي پيرن سان پنهنجي ڪاميابي لاءِ ٺوڪرون هڻنديون آهن، اهڙي طرح اهي ٽئي استحصالي عام سنڌي مسلمان کي پنهنجي پنهنجي فائدي لاءِ ڪتب آڻيندا هيا ۽ ريفري جو ڪم انگريز سرڪار پاڻ ڪندي هئي ۽ ميچ بغير نتيجي ڊرا ٿي ويندي هئي ڇوته ريفري ڪڏهن به استحصالي ٽولي کي اِهو تاثر نه ڏياريندو هيو ته ڪو توهان مان مونکي هي وڌيڪ آهي.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهڙي حالت ۾ ان ٽولي جي وچ ۾ سرد جنگ ضرور هلندي رهندي هوندي، ته جيئن هو هن کان وڌيڪ انگريز سرڪار وٽ معتبر هجي. انهي پاور جي ڇڪتاڻ هوندي به انهن جو هن ڳالهه تي مڪمل اتفاق هيو ته عام مسلمان سنڌي ڪنهن به حالت ۾ تعليم حاصل نه ڪري پر جيڪڏهن ٿوري گهڻي تعليم حاصل ڪري ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سندس جيئڻ جنجال ڪجي ته جيئن ٻيو ڪوبه اهڙي سڌ يا جرئت نه ڪري سگهي. اِهوئي سبب آهي ته ڪڏهن به سنڌي زميندار، گادي نشين يا هندو سيٺ آخر ۾ دل کولي يا بي دليو ئي تعليمي ادارو قائم ڪو نه ڪيو، نڪي ڪا تعليم جي سهولت پيدا ڪئي.

جتي پاڻي اتي پاڻ خدا

زراعت جو واسطو پاڻي جي موجودگي تي آهي. چوندا آهن ته: جتي پاڻي اتي پاڻ خدا.
سنڌ جيئن ته هڪ زرعي پرڳڻو آهي، انهيءَ ڪري صدين کان آباد انسان ذات پنهنجي جياپي لاءِ هر قسم جا حربه استعمال ڪيا ۽ وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ انسان نون کان نوان طريقا ايجاد ڪيا. سنڌ جي زراعت قديم زماني کان نت نيون ايجادات ڪرڻ ۾ ٻين کان اڳي رهي آهي. چون ٿا ته بيل گاڏي جي ايجاد پهريون دفعو سنڌ ڪئي جنهن کان بعد صنعتي ميدان ۾ ترقي شروع ٿي.
سنڌ جي زراعت لاءِ پاڻي جو وسيلو شروع کان سنڌوندي رهي آهي، جيڪا اڄ تائين هلندي پئي اچي. 1858ع تائين سنڌو ڌرياء ۾ پاڻي بنا روڪ ٽوڪ جي سنڌ ڏانهن ايندو رهيو. تاريخ ۾ پهريون دفعو سنڌ کان مٿان يعني پنجاب 1859ع ڌاري دوآب ڪينال ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي دخل اندازي جي شروعات ڪئي. وري ٻيهر 1885 ۾ ٽي واه تعمير ڪرڻ جي شروعات ڪئي جيڪي 1901ع ۾ مڪمل ٿيا.
• سدنائي، لوئر چناب، لوئر جهلم.
• 1908ع ۾ پهاڙ پور ڪينال کوٽايو.
• 1915ع ۾جهلم اپر، چناب لوئر باري دوآب تعمير ڪيا.
جيئن ته اهي سڀ ڪينال اوڀرندي دريائن جي وهڪري تي هيا ۽ سنڌو ڌريا مان سڌا سنوان ڪين نڪتا پر انهن واهن جي ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ پاڻي گهٽبو ويو، پر جيئن ته سنڌ ۾ زراعت لاءِ ڪو جامع منصوبو ڪين ڪي جڙيو هيو، تنهنڪري انهي جا اثرات ايترا واضع ڪين ٿيا.
1919ع ۾ جڏهن پنجاب ٿل ڪينال ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ته وائسراءِ هند وٽ سنڌ احتجاج ڪيو ۽ نتيجي ۾ وائسراءِ هند پنجاب کي روڪي ڇڏيو. انهي دوران سکر بئراج جو منصوبو منظوري واري مرحلي ۾ پهتو ۽ منظور ٿي ويو. 1921ع کان ڪم جو آغاز ٿي 1932ع ۾ مڪمل ٿيو. پنجاب وري 1924ع ۾ ٿل ڪينال لاءِ وائسراءِ هند کي اپيل ڪئي جيڪا ٻيهر رد ڪئي وئي.
1939ع ۾ سنڌ سرڪار پنجاب جي خلاف وائسراء وٽ درخواست دائر ڪئي ته پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري ٿو، جنهن ڪري رائو ڪميشن جوڙي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي ڳالهه سچي نڪتي ۽ پنجاب تي روپيه ٻه ڪروڙ ڏنڊ پيو ته جيئن سنڌ گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج تعمير ڪرڻ لاءِ اها رقم استعمال ڪري. آخر ۾ 1945ع ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي پاڻي جي ورهاست جو فارمولو ٺهيو جنهن موجب سنڌو ڌريا جي پنجهتر سيڪڙو ۽ اڀرندي دريائن جو ڏه سيڪڙو پاڻي سنڌ جي زراعت لاءِ هوندو. سنڌو ڌريا جو پنجويه سيڪڙو ۽ نوي سيڪڙو اڀرندي واهن جو پاڻي پنجاب استعمال ڪندو.
آگسٽ 1947ع کان بعد چار ڌريا هندستان جي اندران اچن پيا جنهن ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته ٻئي ملڪ پاڻي جي تڪرار کي نبيرڻ لاءِ ٽربيونل ۾ ويندا. ٽربيونل جي تاريخ 31 مارچ 1948ع تائين مقرر ڪئي وئي. 31 مارچ تائين پاڪستان ٽربيونل ۾ ڪيس پيش ڪين ڪيو، نتيجي ۾ 01 اپريل 1948ع تي پاڻي بند ڪيو ويو. جيڪو اڳتي هلي انڊس واٽر ٽريٽي 1960ع جي شڪل ۾ 10 سيپٽمبر 1960ع تي ڪراچي ۾ معاهدي تي صحيحون ٿيون جنهن تحت هندستان پوڻا ٻه ڪروڙ ڊالر پاڪستان کي ڏنا ۽ ايترا پئسه پاڪستان دوست ملڪ مدد ۾ ڏنا ۽ ڍيڍ ڪروڙ ورلڊ بينڪ کان قرض ورتو جنهن پاڪستان سرڪار تربيلا ڊيم، منگلا ڊيم، چشما، جهلم لنڪ ڪينال، تونسه پنجند لنڪ ڪينال ٺهرايا ۽ جيڪي سڀ پنجاب ۾ ٺهيا، چشما جهلم لنڪ ۽ تونسه پنجند لنڪ ڪينال سنڌ جي پاڻي تي راتاهو يا ڌاڙو هڻي کڻي ويا. اهو ون يونٽ وارو زمانو هيو، جنهن ڪري سنڌ جي عوام جي ڪوبه ٻڌڻ وارو ڪونه هيو ۽ اهو 1945ع ۾ سنڌ پنجاب جي معاهدي جي خلاف هيو، جيڪو اڄ تائين هلي پيو.
1991ع ۾ ڪراچي ۾ صوبن جي لاءِ پاڻي جو فارمولو طئي ٿيو پر عمل اڄ تائين ڪنهن هڪ به معاهدي تي پنجاب ڪو نه ڪيو. 2005ع ۾ اي اين جي عباسي جي سربراهي ۾ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ ڪالاباغ کي هميشه لاءِ دفن ڪرڻ ۽ تربيلا ڊيم جي مٿان ڪنهن ڪئنال جي تعمير کان منع ڪيو پر اهو رينگٽ هيستائين ختم نه ٿيو آهي.
اسڪردو ڪچورا:
ڪٽزرا جي مقام تي رن آف رور ڊيم ٺاهڻ لاءِ صحيح قرار ڏنا ته جيئن ربيع فصل لاءِ سنڌ کي وقت تي ضرورت مطابق پاڻي ملي.
هن وقت سنڌ جو اهم مسئلو ربيع فصل پوکائي وقت پاڻي جي سخت کوٽ رهي ٿي ڇو تي ربيع هجي يا خريف جي مُند هاڻي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو ٻنهي مُندن ۾ رهي ٿو ۽ اُن کان علاوه ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڌريا خشڪ رهي ٿو جنهن سان سمنڊ لکين ايڪڙ زمين کائي اڳتي وڌي رهيو آهي.

سنڌ جي زراعت

سنڌ جا ماڻهون شروع کان وٺي زراعت جي پيشي سان وابسطه رهيا آهن ۽ زراعت لاءِ پاڻي جو واحد ذريعو سنڌو ڌرياء رهيو آهي. سنڌو ڌريا پاڪستان جي انتهائي اترئين علائقي يعني چين جي سرحد سان لڳو لڳ نڪري جبل جهاڳيندو اچي سنڌ جي سرزمين کي آبادي لاءِ پاڻي مهيا ڪري ٿو، جنهن ڪري اسين ان کي جيڪڏهن چئون ته سنڌوڌريا اسان سان ائين آهي جيئن جسم سان روح جو رشتو هجي. سنڌوڌريا اسان سنڌ وارن جي لاءِ شه رڳ وانگر آهي، تنهن ڪري ڪير به سنڌوڌريا تي ڪنهن به قسم جي رنڊڪ يا ڪو ٻيو منصوبو جوڙيندو آهي ته اسين بي اختيار ٿي سنڌوڌريا کي بچائڻ لاءِ گهران نڪري پوندا آهيون.
هن مختصر سٽن ۾ اهو ٻڌائڻ چاهيندس ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ بعد سنڌوڌريا سان ڪيئن، ڪٿي ۽ ڪهڙي نموني سان بي انصافيون ٿيون آهن. تربيلا ۽ غازي کان بعد سنڌوڌريا ۾ ڪابل ندي ڪنڊ اٽڪ واري جاء تي ملي ٿي ۽ سنڌو ڌريا ۾ پاڻ کي مڪمل ضم ڪري ڇڏي ٿي. اٽڪ کان بعد ڪالاباغ جو علائقو اچي ٿو انکان ٿورو هيٺ سنڌو ڌريا تي هٿ جي ٺاهيل رنڊڪ اچي ٿي، جنهن کي جناح بئراج جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جناح بئراج جو ڪم 1939ع ۾ ٿل ڪئنال جي معرفت ميانوالي ضلع جي 1900000 اڻويه لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان بعد.
جناح بئراج کان 56 ڪلوميٽر هيٺ چشمه جي مقام تي چشمه بئراج ديرا اسماعيل خان ۽ ميانوالي جي لاءِ 1967ع کان 1971ع تائين ٻه ڪئنال ٺاهيا ويا۽ انهي جاءِ تي چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺاهي ڌرياء جهلم جي زمينن کي آبادي لاءِ سنڌو ڌرياء جو پاڻي پهچايو ويو. چشمه بئراج چاليهه ڪروڙ جي رقم سان سنڌ تاس معاهدي جي مليل رقم مان ٺاهيو ويو.1958کان 60ع تائين تونسه بئراج ڊيرا غازي خان ۽ مظفرڳڙه جي 2351000 ٽيويهه لک ايڪونجاهه هزار ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ تيار ڪرائي وئي.
1970ع تونسه بئراج مان پنجند لنڪ ڪئينال بهاولپور ۽ رحيم يار خان جي 2000000 ويهه لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ تاس معاهدي جي آڙ ۾ تيار ڪيو ويو.
جيڪا چشمه بئراج ۽ تونسه بئراج پنجاب ۽ سنڌ جي 1945ع واري معاهدي جي خلاف ورزي هئي پر اهو دور ون يونٽ وارو هيو، جنهن دوران سنڌ جي عوام جي ٻڌڻ وارو ڪوبه ڪونه هيو. انڊس بيسن ٽريٽي جي لاءِ جيڪا ڪاميٽي جوڙي وئي هئي ان جو چيئرمين ۽ ڇهه ميمبر پنجاب جي علائقي جا هيا، سنڌ جي بئراج واري علائقي مان ڪنهن کي به ڪو نه رکيو ويو .
سنڌ ۾ سنڌو ڌريا تي گڊو جي مقام تي 1957ع کان62ع تائين گهوٽڪي فيڊر، بيگاري ۽ پٽ فيڊر 2900000 اڻٽيهه لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ ستيتاليهه ڪروڙ پنجاهه لک روپين سان تعمير ٿي.
1923-32 تائين سکر بئراج 7630000ڇاهتر لک ٽيهه هزار ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ تعمير ٿي. جيڪو پاڪستان جي ڪل ايريگشن سسٽم جو اڪيلو سکر بئراج 25 سيڪڙو آهي.
1955ع ۾ ڪوٽڙي بئراج تعمير ٿيو جتان ڦليلي، پنياري ۽ ڪلري بگهاڙ ڪئنال نڪرن ٿا.
هر دفعي سنڌ ۾ ربيع جي فصل جي پوکائي جي موسم ۾ پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ رهي ٿي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مرڪزي سرڪار جي معرفت يا سڌو سئنون پنجاب کان پوکائي لاءِ اوڌر تي منگلا ڊيم مان پاڻي لاءِ گهر ڪري ۽ پنجاب کي سنڌ جي ان عرض تي همدردان ۽ ڀائيچاري خاطر قبول ڪري وڏي ڀاءُ وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، انهي عمل سان اسان جو وطن عزير ۾ خوشحالي ايندي، جنهن مان اسان جو پيارو پاڪستان خوب ٻاهريون ناڻو ڪمائي سگهندو ۽ پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿيندي. پنجاب جي ان عمل ڪري سنڌ جي عوام کي پنجاب جي عوام لاءِ تمام سٺو تاثر پيدا ٿيندو ۽ صوبن جي وچم ڀائپي ۽ برادري وارو رشتو وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٿيندو.

سنڌ جي صوبائي خودمختياري

انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان بعد سنڌ صوبي کي انتظامي طور بمبئي پريزيڊنسي جي هيٺ 1843ع کان 1936ع تائين رکيو. سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان واپس پنهنجي اصل صوبائي حيثيت ڏيارڻ خاطر قائد اعظم جي پيش ڪيل چوڏانهن نقطن ۾ نائون نمبر نقطو مسلم ليگ جي گڏجاڻي ۾ مارچ 1929ع ۾ پيش ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ انڊين ايڪٽ 1935ع جي سيڪشن 40(3) جي تحت سنڌ پهرين اپريل 1936ع تي صوبي جو درجوماڻيو ۽ صدر مقام ڪراچي جو شهر منتخب ڪيو ويو، جيڪو پاڪستان جي وجود تائين سنڌ جي گادي جو هنڌ رهيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ شرط ڪراچي مرڪزي حڪومت جو پڻ گادي جو شهر رهيو، جيڪو ون يونٽ کان بعد ڪراچي سنڌ جي گادي جو شهر ٿي ويو جيڪو اڄ تائين آهي ۽ ان شاء الله هميشه رهندو.
سنڌ صوبي جي حيثيت اختيار ڪرڻ کان بعد سنڌ اسيمبلي جي قانونسازي لاءِ ست فيبروري 1937ع تي سٺ (60) سيٽن تي اليڪشن ڪرائي وئي، جنهنجو پهريون اجلاس موجوده سنڌ هاء ڪورٽ سنڌ جي بلڊنگ ۾ منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت ديوان بهادر هيرانند کيمچند ڪئي. جنهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي 22 ميمبرن سان وڏي پارٽي ٿي اُڀري. ٻئي نمبر تي سنڌ پيپلز پارٽي 4 ميمبرن، سنڌ آزاد پارٽي 3 ميمبر ۽ آزاد ميمبر 9 ڪل 38 ميمبر مسلمان باقي 22 غير مسلم سيٽن تي سنڌ هندو مهاسبا 11 ميمبر، ڪانگريس 8 ميمبر، آزاد ٻه ميمبر هڪ انڊين ليبر پارٽي ڪل سٺ (60) ميمبرن جي اسيمبلي جي چونڊ ٿي.سنڌ مسلم پيپلز پارٽي جو سربراه سر غلام حسين هدايت الله سنڌ جو پهريون وزيرِاعظم چونڊيو ويو، جيڪو اپريل 1937ع کان 23 مارچ 1938ع تائين رهيو، جنهن کان پوءِ خان بهادر الله بخش سومرو وزيرِاعظم منتخب ٿيو، اهڙي طرح مير بنده علي ٽالپر، الله بخش سومرو ۽ سر هدايت الله غلام حسين پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ تائين وڏا وزير رهيا.
اهڙي طرح پهريون اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ديوان ڀوج سنگه هڪ سال لاءِ رهيو انهي کان بعد سيد ميران محمد شاهه 1938ع کان 1948ع تائين رهيو.
سنڌ جي پهرين اسيمبلي جي انتخاب لاءِ سنڌ ۾ ڪل ووٽ ڏيڻ جي لائق صرف 639043 ڇه لک اوڻيتاليه هزار ٽيتاليه ووٽر هيا، جن 60 اسيمبلي ميمبرن جي چونڊ ڪئي.
سنڌ جي پهرين اسيمبلي ۾ چونڊجي آيل ميمبرن تي نظر ڦيرائبي ته توهان کي
• سردار 10
• خانبهادر 9
• سيد 7
• ٽالپر مير 5
• نواب ۽ مخدوم 6
فقط هڪ عوامي ماڻهون شيخ عبدالمجيد سنڌي هيو.

ممبئي اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي عدم نمائندگي

1843ع کان 1890ع تائين ممبئي ليجسليٽو اسيمبلي ۾ سنڌ کي ڪنهن طرح سان عوامي نمائندگي ڪانه ڏني وئي. اهو سمورو وقت صرف برٽش جي ڪامورن پئي هلايو. 1890ع ۾ منٽو رفارمز جي تحت ممبئي ليجسليٽو اسيمبلي ۾ صرف چار ميمبر سنڌ جي طرفان نمائندگي لاءِ رکيا ويا، جيڪي 1935ع تائين سنڌ جي نمائندگي ڪندا هيا. 1935ع جي انڊين ايڪٽ تحت سنڌ کي ممبئي پريزيڊينسي کان الڳ ڪري پهرين اپريل 1936ع تي صوبي جي حيثيت ڏني وئي جنهن کان بعد پهرين اليڪشن سنڌ اسيمبلي جي 1937ع ۾ ٿي. هن اليڪشن ۾ مسلم ليگ کي ڪابه ڪاميابي حاصل ڪانه ٿي.
سنڌ ۾ جيئن ته صدين کان امن ۽ ڀائيچاري وارو ماحول موجود رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي ممبئي پريزيڊنسي کان علحدگي ۾ مسلم ليگ جو اهم ڪردار هيو، تنهنجي باوجود سنڌ ۾ وجود وٺندڙ نئين پوليٽيڪل پارٽين به سنڌ جي روايتن کي برقرار رکندي مذهب کان مٿانهون ٿي ڀائيچاري ۽ رواداري جي بنياد تي سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون جنهن لاءِ هندو ۽ مسلم برادرين کي جس هجي.
سنڌ جي هندو آبادي به ڪانگريس کي سنڌ ۾ ڪا خاص پذيرائي ڪان بخشي، جنهنڪري اليڪشن ۾ ڪانگريس به پنهنجي جاء ٺاهي نه سگهي.
1938ع ۾ مسلم ليگ سنڌ ۾ قدم مضبوط ڪرڻ شروع ڪيا جڏهن جي ايم سيد، عبدالله هارون، محمد ايوب کهڙو ۽ ٻيا پارٽي ۾ شامل ٿيندا ويا ۽ 1946ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ کي زبردست ڪاميابي ٿي .
1938ع کان اڳم آل انڊيا مسلم ليگ کي صرف انهن صوبن ۾ حمايت حاصل هئي جتي مسلمان اقليت ۾ هيا ۽ اهو خوف هوندو هين ته جيڪڏهن هندستان آزاد ٿي ويو ته اسين مسلمان جيڪي تعداد ۾ هندن کان گهٽ آهيون اهو ٿي سگهي ٿو ته اسان سان ڏاڍائي وارو برتاءُ ڪيو وڃي، اُنهي خوف جي ڪري مسلم ليگ جي ڀرپور حمايت ڪرڻ انهن جي مجبوري هئي.
اهڙيءَ طرح جنهن صوبي ۾ مسلمانن جي گهڻائي هئي ۽ هندو تعداد ۾ گهٽ هيا انهن ڪانگريس جي سڀ کان وڌيڪ حمايت ڪئي سواءِ سنڌ صوبي جي، ڇوته سنڌ ۾ مذهبي بنيادن تي ڪنهن سان به ڪا ڏاڍائي ڪانه ٿيندي هئي تنهن ڪري هندو ۽ مسلم برادرين هڪٻئي سان گڏ گذارڻ ۾ وڌيڪ عافيت سمجهي.
1937ع کان 1943ع تائين سنڌ ۾ ڪئي اهم واقعا ٿيا، جيئن هندو مسلم آبادي ۾ سکر جي منزل گاه وارو واقعو تمام گهڻو افسوس ناڪ ٿيو، جنهن ۾ ڪافي جانيون زيان ٿي ويون ۽ هندن ۽ مسلمانن ۾ ڪجهه ويڇا وڌي ويا، جنهن ڪري ڪانگريس 1946ع واري اليڪشن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ 18 سيٽون کنيون ۽ اِها ٻئي نمبر تي وڏي پارٽي ٿي اڀري. انهي کان اڳ هندو مسلمان برادرين ۾ ايترا ويڇا ڪين هيا.
سنڌ ۾ ٻيو سڀ کان اهم حر تحريڪ هئي، جنهن ڪري سنڌ ۾ هنگامي حالات وارا قدم کنيا ويا. حر تحريڪ جو اصل روح سائين سورهيه بادشاه سيد صبغت الله شاه راشدي وارو هيو، جنهن جواصل مقصد هيو، ته سنڌ جيئن ته انگريزن جي قبضي ڪرڻ کان اڳ هڪ آزاد ملڪ هيو، تنهن ڪري هي وقت آهي ته اسين سنڌ کي انگريزن جي غلامي کان آزاد ڪرايون. چون ٿا ته قائد اعظم سورهيه بادشاه سيد صبغت الله شاه راشدي سان مليا ۽ کين مسلم ليگ جي حمايت لاءِ عرض ڪيو ته جيئن هندستان مان انگريز سرڪار کان آزادي حاصل ڪيون. سائين سورهيه بادشاه سيد صبغت الله شاه راشدي انگريز جي حڪمراني کان آزادي لاءِ تيار هيا پر شرط انهيءَ تي آزادي کان بعد سنڌ هڪ آزاد ملڪ جي صورت ۾ هجي، نڪي هندستان جي آزادي کان بعد ڪنهن ٻئي صورت ۾ تُرت ئي پير صاحب وٽ سنڌ مسلم ليگ جو ان وقت جو روح روان جي ايم سيد وفد وٺي آيو ته ”اوهين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.“
پير صاحب مُرڪي چيو، ”ڇالاءِ؟“
سيد صاحب چيو، ”هن لاءِ ته 1940ع جي قرارداد موجب وطن آزاد ڪرائجي.“
پير صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو، ”مسلم ليگ ۽ وطن آزاد ڪرائيندي؟ شاه صاحب مون ته اوهان کي وڏو سياستدان سمجهيو هو، پر شايد اوهين سياست جي اب ج د مان به واقف ڪونه آهيو!“
سيد صاحب پير صاحب سان بي تڪلف هو، هن مرڪي چيو: ”۽ اوهين شايد مختلف جيلن ۾ رهي، مختلف سياسي قيدين سان ملي، سڄي سياست ازبر ڪري ويا آهيو.“
”اسين سياست جي ازبريءَ جي دعويٰ ته ڪانه ٿا ڪريون، پر جيڪا جماعت سڀڪجهه انگريزن جي مشوري سان ڪري، جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا ۽ سيٺيون هجن، سابه ڪري آزاديءَ جي دعويٰ، ته پوءِ ته ڍاڪئون ئي پَڪو!“
شاه صاحب سنجيدو ٿي چيو: ”ڏسو، اسين ته اسيمبليءَ ۾ به تُرت پاڪستان جي آزاديءَ جو ٺهراءُ بحال ڪرائينداسون.“
پير صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو: ”بس اوهان ٺهراءُ بحال ڪرايو، ۽ انگريزن اوهان کي آزادي ڏيئي ڇڏي! شاه صاحب! ياد رکو، انگريز اول ته پاڪستان ڏيندا ئي ڪونه، پر جي هندو ٺاه تي نه آيا، ۽ ڪجهه ڏنائون کڻي، ته اهو پاڪستان اهڙو هوندو، جنهن جي واڳ ڪيترائي ورهيه ته وري به انگريز جي هٿ ۾ رهندي!“
سيد صاحب ٿورو جوش ۾ اچي چيو، ”اسان هن کي پنهنجي آزاد مُلڪ ۾ ڪوبه دخل رکڻ نه ڏينداسون.“
پير صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو، ”۽ اوهين هوندؤ ڪٿي؟ڇا ان وقت تائين به اها واڳ اوهان جي هٿن ۾ هوندي؟ شاه صاحب! ڀُليل آهيو، وڙهڻ لاءِ اوهين هوندؤ، ۽ فتح وقت واڳون انهن جي هٿن ۾ هونديون، جي انگريزن جا ازلي غلام هوندا؛ اوهان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو، بلڪ شڪ ناهي، جو جيل ۾ به رکيا وڃو! جيڪڏهن زندگي آهي ۽ اسان جي پيشنگوئي سچي نڪري، ته پوءِ ٻڌائجو ته سياست مان گهڻوڪيرٿوڄاڻي، اوهين يا اسين!“
”انشاءَالله تعاليٰ، اسين ته ”وطن يا ڪفن“ حاصل ڪنداسون؛ پر اوهين پيا ڏُکن ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا!“
شاه صاحب چُپ ٿي ويو، هو خاموشيءَ سان خدا حافظ ڪري پوئتي روانو ٿيو.
(ڪتاب سانگهڙ ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي)
بهرحال سائين سورهيه بادشاه سيد صبغت الله شاه راشدي کي 1943ع ۾ گرفتار ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڪيس هلائي راتو واه کيس ڦاسي تي چاڙهي سندس لاش کي گمنام جڳهه تي دفنايو ويو. جنهن جي اڄ تائين صحيح خبر ڪونه پئجي سگهي آهي ته سائين سورهيه بادشاه سيد صبغت الله شاه راشدي جي آخري آرامگاه ڪٿي آهي. انهي کان بعد سورهيه بادشاه سيد صبغت الله شاه راشدي جي فرزندن سائين شاه مردان شاه ۽ سائين نادر شاه کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي برطانيه موڪلي ڇڏيو.

سنڌ ۾ ذاتي مفادن جي سياست جا لاڙا

سنڌ جي سياست شروع ڏينهن کان شخصيتن جي اردگرد ڦرندي رهي آهي. سنڌ جا سياستدان ڪڏهن به سنڌ جي مفاد خاطر گڏ ٿي ڪو به اهڙو ايجنڊا ناهي ٺاهيو جو جيڪڏهن ڪابه هڪ پارٽي يا ٻه پارٽيون گڏجي سرڪار جو وهنوار هلائن ته سنڌ جي گڏيل مفاد کي ڪنهن به حالت ۾ ڪين مٽائين. پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ چاهي بعد هميشه شخصيتن پنهنجي پنهنجي مفاد خاطر اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون، جو جڏهن هن جي پارٽي اقتدار ۾ ناهي ته اهي پاليسيون اڌ ۾ رهجيون وڃن ۽ ايندڙ حڪومت انهن پروجيڪٽس يا پاليسي کي ختم ڪري نئين سر شروعات ڪنديون رهيون آهن، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ ٻين علائقن جي نسبت ڪابه اهڙي ترقي ناهي ٿي جو سنڌ مان غربت جو خاتمو ٿي سگهيو.
1938ع کان بعد جڏهن مسلم ليگ پنهنجون پاڙون کوڙڻ شروع ڪيون مس ته ٿوري عرصي کان بعد مسلم ليگ جي ليڊرن هڪٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ شروع ڪيون، جنهنجي ڪري سنڌ ۾ مسلم ليگ ۾ اندروني خاني وڏيون شخصيتون گروپن ۾ ورهائجڻ شروع ٿي ويون. ڇڪتاڻ جو سلسلو اڃان وڌيڪ انهي وقت نروار ٿيو جڏهن جي ايم سيد صوبائي صدر مسلم ليگ جي حيثيت ۾ جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان يوسف هارون کي هٽائي غلام حيدر شاه کي مقرر ڪيو ته پارٽي ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو. مسلم ليگ ۾ ٻه ڌڙا ٿي ويا، هڪڙا سيد گروپ سان ته ٻيا ميرن جي گروپ سان ۽ نتيجي ۾ سمورا ناميارا اڳواڻ جهڙوڪ محمد ايوب کهڙو، جي ايم سيد، غلام حسين هدايت الله، هاشم گزدر هڪٻئي جا مخالف بڻجي ويا.
اڳتي هلي وزيرِاعظم سنڌ غلام حسين هدايت الله قائد اعظم کي خط لکيو ته جي ايم سيد ۽ سندس حامي مون سان ڌوکو ڪندا، لحاظه مان بنا دير جي انهن مان جان ڇڏائڻ چاهيان ٿو بهر حال وزيرِاعظم سنڌ ۽ پارٽي صدر جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تمام گهڻي وڌي وئي، آخرڪار قائد اعظم جي مداخلت جي باوجود اهي اختلاف ختم ڪين ٿيا.
انهن حالتن ۾ جڏهن 1946ع ۾ چونڊون ٿيڻ واريون هيون ته سنڌ مسلم ليگ اندر ٽڪيٽون ورهائڻ لاءِ جي ايم سيد جي سربراهي ۾ ستن ميمبرن تي مشتمل پارلياماني بورڊ ٺاهيو ويو . پر بورڊ ۾ اڪثر ميمبر جي ايم سيد جي مخالفت ڪرڻ لڳا. اهو تڪرار هالا ۽ ميرپورخاص جي تڪن تي ٽڪيٽون ڏيڻ جي ڪري ٿيو.ساڳئي طرح مرڪزي پاليامينٽري بورڊ يوسف هارون کي ٽڪيٽ ڏني پر جي ايم سيد اها سيٽ پير علي محمد شاه راشدي کي ڏيڻ پيو چاهي. جڏهن صوبي اندر معاملا نبيرجي ڪين سگهيا ته سنڌ جي پارلياماني بورڊ کي ٽوڙي مرڪزي بورڊ جي حوالي ڪيو ويو پر اختلاف ختم ٿي نه سگهيا، آخرڪار جي ايم سيد مرڪزي بورڊ جي ڏنل ٽڪيٽن جي سامهون پنهنجا ماڻهون مخالفت ۾ بيهاريا ان مخالفت جي ڪري جي ايم سيد کي جنوري 2 جنوري 1946ع تي صدارت تان هٽائي هاشم گزدر کي صوبائي صدر مقرر ڪيو ويو ۽ اليڪشن جون ذميواريون ايوب کهڙو، يوسف هارون، غلام نبي پٺاڻ ۽ هاشم گذدر جي حوالي ڪيون ويون نتيجي ۾ مسلم ليگ کي مسلمانن جي 38 سيٽن مان 28 سيٽون سيد گروپ ۽ سومرو گروپ کي چار چار سيٽون مليون.
فيبروري 1946ع تي غلام حسين هدايت الله ٻيهر وزيرِاعظم سنڌ مقرر ٿيو

پاڪستان جو ٺهراءُ سنڌ سڀ کان اول

سنڌ اسيمبلي پهرئين اسيمبلي هئي، جنهن سڀ کان پهريان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪري پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي راه هموار ڪئي.
اسيمبليءَ جي گڏجاڻي 3 مارچ 1943ع تي اربع ڏينهن مانواري صدر مسٽر جي. فريز جي اڳواڻي هيٺ ٿي. اهڙي طرح ساڳئي ڏينهن يعني 3 مارچ 1943 تي پاڪستان ٺهراء سنڌ اسيمبلي منظور ڪيو جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
سائين جي ايم سيد، اسپيڪر جي اجازت سان ”پاڪستان ٺهراء“ پيش ڪندي چيو ته:
”هي ايوان سرڪار کي سفارش ڪري ٿو ته مانواري وائسراءِ جي معرفت هز ميجيسٽي جي سرڪار تائين هن صوبي جي مسلمانن جون خواهشون ۽ جذبا پهچايا وڃن، ته جيئن هندستان جا مسلمان هڪ جدا قوم آهن، جن جو پنهنجو مذهب، فلسفو، سماجي رسمون، ادب، روايتون، سياسي ۽ اقتصادي نظريا آهن ۽ جيڪي هندن کان بلڪل علحده آهن، تنهنڪري کين اِهو حق پهچي ٿو ته هڪ قوم ٿي رهن، جن جون پنهنجون آزاد قومي رياستون هجن، جتي اهي (مسلمان) اڪثريت ۾ آهن تنهنڪري، اهي پرزور اعلان ٿا ڪن ته کين اهڙو ڪوبه آئين قبول نه هوندو، جيڪو مسلمانن کي هڪ اهڙي مرڪزي حڪومت هيٺ رکي، جنهن تي ٻي قوم قابض هجي ۽ جيئن ته ايندڙ وقت ۾ کين پنهنجي اصولن مطابق آزادي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، تنهنڪري هنن لاءِ ضروري آهي ته سندن پنهنجون آزاد قومي رياستون هجن ۽ اهڙيءَ ريت جيڪڏهن هندستان جي مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت جي رعيت ڪري رکيو ويو ته ان جي نتيجي ۾ خوفناڪ ۽ ڏکائتن نتيجن واري گهرو جنگ يقينً آهي“
سنڌ جي سياستدانن کي هن وقت چٽي طرح خبر پئجي وئي ته هاڻي هندستان ٻن علحده آزاد رياستن ۾ ورهائبو. افسوس سان اِهو چوڻو ٿو پوي ته ان وقت جيڪي پاڪستان کي هڪ آزاد رياست لاءِ جدوجهد ۾ مشغول هيا، پر انهن ڪڏهن به پاڪستان جي وجود کان اڳ ايندڙ وقت لاءِ ڪنهن به قسم جي تياري ڪانه ڪئي جو ايندڙ وقت لاءِ هڪ مضبوط پروگرام ٺاهي سنڌ جي قومي وحدانيت، معاشي يا سماجي، رسم ۽ روايتن جي رکوالي ڪري سگهن.
جڏهن اسان جي سنڌ جي ليڊرن کي چڱي ريت خبر هئي ته تعليم جي ميدان ۾ اسين سنڌي مسلمان هندستان جي ٻين علائقن جي مسلمانن کان گهڻو پٺتي آهيون، تنهن هوندي به انهن ڏهن سالن ۾ سواء سنڌ جي سياستدانن وٽ پنهنجي پنهنجي پوزيشن کي مستحڪم ڪرڻ جي ٻيو ڪوبه ڪم نه هيو. جيڪڏهن سنڌ جا ڪرتا ڌرتا سنڌي سياستدان صرف سنڌي قوم کي تعليم جي راه تي هلائي نوڪريون ڏين ها ته جيڪر هيءَ پاڪستان جي وجود کان بعد وارو هاڃيو سنڌ ۽ سنڌ جي ماروئڙن سان ڪڏهن به ڪين ٿئي ها.
پنجاب پنهنجو پاڻ کي ان حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو هيو جنهن ڪري انهن سان اها ويڌن پيش ڪانه آئي، جيڪا اسين اڄ تائين پيا لوڙيون. انهي لاءِ مان پڙهندڙن تي ٿو ڇڏيان ته سنڌي مسلمان جو اصل دشمن ڪير آهي؟

قومن جي ڪمال ۽ زوال جو تعلق تعليم سان آهي

قومن جي ڪمال ۽ زوال جو گهرو تعلق تعليم ۽ تربيت جي هجڻ ۽ نه هجڻ سان رهيو آهي ۽ هميشه رهندو. شروع ۾ مسلمانن جو وڏين وڏين طاقتن کي زير ڪرڻ ۾ تعليم ۽ تربيت جو وڏو هٿ هيو. جڏهن مسلمانن انهي عمل ۾ ڪمزوري ڏيکاري، آهستي آهستي انهن لاءِ ڌرتي وڏي هوندي به تنگ ٿيڻ شروع ٿي وئي. جيڪا اسان سڀني جي سامهون بلڪل هڪ حقيقت بڻجي نروار ٿي بيٺي آهي.
هن وقت مسلمان دنيا ۾ ٻئي نمبر تي تعداد جي حساب سان آهن پر سندن وجود انهي ننڍي ۾ ننڍي قوم جي آڏو بي وس آهي. باوجود انهي جي ته قدرتي وسيلن ۾ مسلمان ملڪ باقي ٻين جي نسبت وڌيڪ آهن.
هن وقت يهودي مذهب سان منسلڪ ماڻهن جو تعداد 56 مسلمان ملڪن جي هڪ ملڪ جي برابر به ناهي، پر دنيا تي ڪنٽرول ڪن پيا. هن وقت دنيا جي طاقتور ملڪ آمريڪا تي يهودين جو مڪمل ڪنٽرول آهي، جيڪڏهن انهن جي آبادي جي تناسب کي ڏسو ته مشڪل سان آمريڪا جي آبادي جو ست سيڪڙو به ڪين ٿيندا. حلانڪه آمريڪا ۾ مسلمانن جو تناسب تقريبن ٻارهن کان تيرهن سيڪڙو آهي، پر مسلمان اتي پنهنجي کل لڪائڻ ۾ پورا آهن.
دنيا جي وڻج واپار تي تقريبن 20 ويهه سيڪڙو يهودين جو قبضو آهي. اِهو سڀ ڇا آهي، اِهو اعليٰ تعليم ۽ تربيت جو نتيجو. اسرائيل هڪ ننڍو ملڪ ۽ عربن جي وچ ۾ ناسور وانگر آهي، پوءِ به فلسطين جي گهڻي حصي تي ناجائز قابض بڻيو ويٺو آهي ۽ سڀ عرب مسلمان ملڪ انکان ڊڄن پيا. دنيا ۾ هر سال نوبل انعام ملن ٿا، جنهن مان تقريبن 80 اسي سيڪڙو نوبل انعام ماڻيندڙ يهودي آهن.
ننڍي کنڊ تي انگلستان قبضو ڪيو، جيڪو انگلستان ملڪ کان تقريبن اٺوڻ تي وڏو ملڪ هيو ۽ آخر ۾ جڏهن ننڍي کنڊ کي ٻن حصن ۾ ورهائي هتان هليو ويو ته وڃڻ وقت انگريزي قوم جا ماڻهون چار ۽ پنج هزار جي وچ ۾ هيا، پر پوء به انگريزن هندستان تي حڪومت ڪئي، امن امان قائم رکيو، ترقي جون نئون راهون کوليون ضلعي انتظاميه، انصاف ۽ پوليس، ريلوي ۽ آبپاشي جو بهترين نظام ڏنو.
انجي برعڪس سنڌ جا جاگيردار، نواب، سردار، رئيس، گادي نشين، پير، مير ۽ ديوان عام مسلمان سنڌي کي تعليم کان ڪوهين پري رکيو پر پاڻ تعليم ورتائون، انگريزن جا وفادار رهيا، سڀ سهولتون ورتيون، انهي لاءِ ته جيئن انهن جي وفاداري انگريز آقا سان برقرار رهي ۽ پاڻ کي هميشه حڪومت ۾ رهڻ لاءِ جاهل ۽ بيوقوف عوام کپي، جنهن لاءِ انهن انهي ڳالهه تي عمل ڪندي عبادت وانگر ان تي عمل ڪيو. حالانڪه اهي سڀ هڪٻئي جون ڄنگهون ڇڪيندا هيا، پر ان ڳالهه تي بلڪل متفق هيا ته عام مسلمان سنڌي کي تعليم کان پري رکڻو آهي نه ته انهن جي پوزيشن خطري ۾ پئجي ويندي.
اسٽالن هڪ ڀيري پولٽ بيورو جي گڏجاڻي ڪري رهيو هيو ته هن هڪ ڪڪڙ گهرايو ۽ ان ڪڪڙ جي کنڀن کي هڪ هڪ ڪري پٽڻ شروع ڪيو، آخرڪار ڪڪڙ جا سڀ کنڀ پٽي ڇڏيا، ڪڪڙ جي اصل شڪل صورت يڪسر تبديل ٿي وئي. اسٽالن ڪڪڙ کي زمين تي ڦٽو ڪيو، ڪڪڙ زخمن ۾ چور پر مجبور ٿي نڪرڻ جي ڪئي. انهي عمل دوران پولٽ بيورو جا ميمبر خاموش بيٺا پيا تماشو ڏسن. اسٽالن اناج جي داڻن مان هڪ داڻو زمين تي اڇليو، ڪڪڙ اهو داڻو چڳيو، پوءِ اسٽالن پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ اناج جا ڪجهه داڻا هٿ ۾ رکيا ۽ هلڻ شروع ڪيو ۽ هلندي هلندي هڪ هڪ داڻو زمين تي اڇليندو ويو ۽ ڪڪڙ اهي داڻا چڳندو اسٽالن جي پٺيان پٺيان هلندو رهيو، جتي اسٽالن بيهي ڪڪڙ به اتي بيهي رهي.
اسٽالن پولٽ بيورو جي ميمبرن کي مخاطب ٿي چيو ؛- مون جيڪو عمل ڪڪڙ سان ڪيو آهي، اهيو ساڳيو عمل سامراجي قوتون غريب ملڪن سان ڪن ٿيون، پهريون هنن جي خام مال ۽ قدرتي وسائل تي قبضو ڪري پوء انهن قومن ۽ رياستن کي مرڻ کان بچائڻ خاطر هڪ هڪ داڻو وجهن ٿا ته جيئن اهي انهن جي سهاري تي تڳن يا جيئن.اهڙيءَ طرح سنڌ جي سرمائيدارن يعني نوابن، سردارن، رئيسن، وڏيرن، پيرن، ميرن، خان بهادرن ۽ ديوانن سنڌي عام مسلمانن کي اسٽالن وانگر ڪڪڙ ڪري رکيو ته جيئن اهي ڪڪڙ انهن جي داڻن کي چڳن ۽ حياتيءَ جا ڏينهن گذارن.

سکر بئراج سنڌ ۾ زرعي انقلاب آندو

هٿان تون پئي ٿي ڪچو ڪيچن کي ڪرين

ورهاڱي کان اڳ ڏه سال سنڌ جي حڪومت نج سنڌ واسين تي مشتمل هئي، جنهن ۾ مسلمان ۽ هندو گڏ هيا. ۽ قرارداد لاهور کان بعد ست سال ۽ سنڌ اسيمبلي جي پاڪستان جي ٺهراءَ پاس ڪرڻ کانپوءِ به چئن سالن کان وڌيڪ حڪومت جي وهنوار تي قابض رهيا.
سنڌ ۾ زرعي انقلاب سکر بئراج جي مڪمل ٿيڻ سان شروع ٿيو، جنهن کان چار سال بعد سنڌ کي هڪ صوبي جي حيثيت ملي ۽ ممبئي پريزيڊينسي کان آجي ٿي، ۽ حڪومت جون واڳون هتان جي سرندي وارن جي حوالي ٿيون. سکر بئراج جي ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي زراعت جو دارومدار ڌرياء جي وهڪري تي هوندو هيو ته جيڪڏهن پاڻي گهڻو آيو ته ڌرياء کان ٻاهر ڍنڍون ڍورا ڀربا هيا، جتان مختلف طريقن سان پاڻي زمينن تائين پهچائي پوک ڪندا هيا، باقي وري ٻيا کوه هيا جنهن تي محدود ليول تائين پوک ٿيندي هئي.
سکر بئراج جي ٺهي راس ٿيڻ کان بعد سنڌ ۾ هڪ پائيدار نهري نظام وجود ۾ اچي ويو، جنهن جي ڪري زمينن تائين پاڻي پهچائڻ آسان ٿي ويو ۽ غير آباد زمينون آباد ٿيڻ لڳيون.
جيئن پاڻي جي نه هجڻ ڪري سنڌ جون زمينون غير آباد ۽ سرڪار جون هونديون هيون. تنهن ڪري وقت جي سرڪار اهي زمينون پنهنجي سهولتڪارن کي انعام بخشيندي هئي. جنهن مان سنڌ ۾ خان بهادر، نواب، سردار، رئيس، مير، پير، گادي نشين ۽ ديوان پنهجون وفاداريون انگريز سرڪار سان وابست رکندا هيا ۽ انهي بنياد تي باقي عوام جا اسٽالن وانگر کنڀ پٽي انهن کي جيئڻ لاءِ داڻو اڇلائي پنهنجو رعب تاب ڪندا هيا. انهيءَ جي ڪري اسيمبلي جا ميمبر ٿي پنهنجي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ڪندا رهندا هيا.
سنڌ جي انهن سامراجي قوتن کي خبر هئي ته جيڪڏهن عام سنڌي مسلمان پڙهندو ۽ زمين جو مالڪ ٿيندو ته انهن ڪڪڙن جا کنڀ واپس نڪري ايندا ۽ ڦڙڪڻ شروع ڪندا، انهيءَ ڪري ڄاڻي واڻي حڪومت جا ڪرتا ڌرتا هوندي به سنڌ جي تعليم کي بلڪل پٺتي رکيو . ٻيو جيڪو ظلم سنڌ ۽ سنڌي قوم سان اسان جا انوقت جا ليڊر ڪري ويا، جنهن جو اڄ تائين اسين سڀ سنڌي نتيجو لوڙيون پيا اهو هيو سنڌ جي زمين جي ملڪيت مقامي ماڻهن کي نه ڏيڻ . سکر بئراج جي ٺهڻ سان سنڌ جي تقريبن (80) اسي لک ايڪڙ زمين تائين باقائده پاڻي دستياب ٿي ويو ۽ شروع جي ڪجهه سالن ۾ صرف اٺاويه لک ايڪڙ زمين آبادي هيٺ اچي سگهي، باقي پنجاه لک ايڪڙ کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪا به پاليسي ڪين جوڙي. جنهن جي نتيجي ۾ اهي بئراج جون زمينون پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان بعد ۽ ون يونٽ جي دور ۾ اهي سڀ زمينون غير مقامي ماڻهن کي مفت ۾ ڏنيون ويون جنهن جي ڪري سنڌي آبادي جي تناسب ۾ خطرناڪ حد تائين نقصان پهچي ويو ۽ غربت جي شرح تمام گهڻي وڌندي پئي رهي.
جيڪڏهن 1937ع کان 1947ع تائين اسان جا ليڊر سکر بئراج جي زمين پنهنجي مقامي ماڻهن کي الاٽ ڪري ڏين ها ته هن وقت سنڌ ۾ سنڌين کان وڌيڪ آسودو ٻيو ڪوبه نه هجي ها. انهي سان گڏوگڏ ٻاهرين لوڌ هتي اچي اسان جي زمينن جا مالڪ ڪونه ٿين ها. انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌ ۾ جنهن تيزي سان اسين اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃون اِهو ڪڏهن به ڪو نه ٿئي ها..
انهي وقت جيڪڏهن سنڌ سرڪار مختلف کاتن ۾ نوڪريون پنهنجي لکيل پڙهيل ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ هنگامي بنياد تي جيڪڏهن تعليم تي ڌيان ڏئي ايندڙ وقت لاءِ سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ حڪمت عملي جوڙن ها ته جيڪا اسين اڄ سنڌ ۾ صورتحال پيا ڏسون، اها ڪڏهن به ڪين ٿئي ها.!
سنڌ تي هن وقت به انهن سنڌ جي ليڊرن جي حڪمت عملي ڪري انهن جي خاندان جي فردن جو هينئر به سنڌ تي حڪومت يا ظلم جاري ۽ ساري آهي ۽ اهو جاري رهندو، ڇو ته انهن جي اولاد پنهنجي پيءُ ڏاڏي واري پاليسي تي عبادت سمجهي عمل ڪن ٿا.
ڇا سنڌ جو عوام اهو نٿو سمجهي ته سندن تباهي جو ڪارڻ ڪاپي ڪلچر۽ سفارش آهي، ڇا ڪاپي ڪلچر ختم ڪرڻ ناممڪن آهي ؟ هرگز ناهي پوءِ ڇونه ٿي ختم ٿئي، اِن تي توهان سڀ سوچيو.

اسان جي اڳواڻن جو ڪوتاهه نظري

منهنجي دوست گلو کي ڪالهه ڪنهن دوست فون ڪري چيو ته
”سائين کي چئو ته پراڻين ڳالهين کي کولي نروار نه ڪري، ڇو ته هو اسان جا عظيم ليڊر هيا، انهن سنڌي قوم لاءِ تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون ۽ قوم کي سڃاڻپ ڏيڻ سان گڏ سجاڳ ڪري ويا آهن.“
پنهنجي دوست کي چيو ته ڀائو مان ڪابه ڳالهه پنهنجي طرفان نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪندس، باقي جيڪي اسان ڏٺو، ٻڌو، پڙهيو،عملن جيڪي شيون سامهون آهن ۽ جيڪو ڪجهه مون پروڙيو آهي، مان ته صرف انهن ڳالهين کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها به هڪ حقيقت آهي ته ڪوبه اهڙو ناهي جو هر شيءِ کان چڱي طرح واقف يا ڄاڻ رکندڙ هجي. اسين انسان جي حيثيت ۾ خطا جا پتلا آهيون ۽ خطائون به ٿينديون رهنديون.
مان رڳو ان سوال ڪندڙ دوست کان اهو عرض ڪندي پڇندس ته جيڪڏهن ڪو ماڻهون ان وقت طاقتور به هجي ۽ جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهي ۽ ڪري به سگهي، ۽ ڪنهن گروه يا جٿي جون ڄنگهون ٻانهون ٻڌي، زبان ڇڪي ڪڍي، انهن کي کوه ۾ بي سروسامان جي اڇلي، جڏهن اها به خبر اٿن ته هتي هڪڙا رهزن ۽ انسايت جا قاتل اتي ايندا. جڏهن اهي رهزن اتي پهچن ۽ هو پاڻ کي اڪيلو ۽ بي وس ڏسي ۽ پوء انهي گروه کي صلاحون ڏئي ۽ واڪا ڪري چوي ته هاڻي همت ڪيو ۽ منزل توهان جي قريب ٿيڻ واري آهي. مون غلطي ڪئي ۽ هنن رهزنن کي سمجهي ڪين سگهيس وغيره وغيره.
ٻيو ته 1936ع کان 1947ع تائين اها (20) هين صدي جي پهرين ۽ آخري طاقتور ۽ نج سنڌي مسلمانن ۽ هندن تي مشتمل حڪومت هئي. انهي دور ۾ زرعي انقلاب آڻڻ واري سکر بئراج ٺهي راس ٿي جنهن جي شروع ۾ 7630000 ڇاهتر لک ٽيه هزار ايڪڙ زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ دائمي پاڻي حاصل ٿيو، جنهن مان تقريبن 2800000 اٺاويه لک ايڪڙ زمين آبادي هيٺ اچي وئي، جيڪا قبولي زمين هئي باقي زمين غير آباد ۽ سرڪار جي ملڪيت هئي، جنهن کي هو آساني سان بي زمين هارين ۾ تقسيم ڪري پئي سگهيا ۽ سنڌي مسلمان کي پنهنجي پيرن تي بيهاري پئي سگهيا. شروع جي چئن سالن ۾ ته اسان جي انهن ليڊرن جي وس ۾ ڪين هئي پر جڏهن کان پاڻ ڏه سال سڀ ڪجهه ڪرڻ جي حالت ۾ هيا، حالانڪه انهن جي سامهون هيو ته انگريز سرڪار پنهنجي وفادار ٻاهرين کي ڪجهه بئراج جون زمينون ورهايون. بي زمين هارين ۾ زمين ورهائڻ لاءِ هي جامع رٿابندي ڪندي جيڪڏهن زمينون سنڌ جي حقدارن کي ڏين ها ته ڌاريا ڪڏهن به سنڌ ۾ ڪين اچي آباد ٿين ها، نڪي اسين اڄ آبادي جي لحاظ کان گهٽبا وڃون ها.
1926ع ۾ سنڌ ممبئي پبلڪ سروس ڪميشن جو وجود پيو. جيئن ته سنڌي عام مسلمان تعليم جي زيور کان محروم هيو، تنهنڪري انهي مان ڪجهه به حاصل ڪري ڪو نه سگهيو. گهٽ ۾ گهٽ 1936ع کان بعد انهن ڏهن سالن ۾ پنهنجي قوم سان جيڪڏهن سچا ۽ درد رکندڙ هيا، جيئن پوء پيا واڪا ڪن ته ڇا تعليم تي خاص ڌيان ڏئي ٻيو نه ته روينيو، پوليس، ايڪسائيز، هيلٿ، جڊيشري، تعليم ۽ ٻيا محڪما جيڪي هنن جي وس ۾ هيا، ڀرتي ڪري ٽريننگ ڏئي پوسٽ ڪن ها 1947ع ۾ يا انکان پوء آيل لوڌ جو مقابلو ڪري سگهجي ها ۽ اهي وڏا شهر اسان جي هٿان ڪڏهن به ڪين نڪري وڃن ها.
اها هڪ حقيقت آهي سنڌي عام مسلمان تعليم جي نه هجڻ جي ڪري صرف زراعت تي گذارو ڪندا هيا، تنهنڪري وڏن شهرن ۾ انهن کي رهڻ لاءِ ڪابه جڳهه ڪو نه هئي، پر جيڪڏهن سنڌ جا اهي گهڻگهرا ليڊر عام سنڌي مسلمانن کي تعليم ڏئي کين روزگار سان لڳائي ها ته انهن ڏهن سالن اندر چڱو خاصو سنڌي عوام وڏن شهرن ۾ نوڪري سانگي آباد ٿي سگهي ها.
جيڪڏهن سنڌ جا پيار ڪندڙ ۽ سنڌي قوم جا محسن جيئن 1947ع کان بعد پنهنجي زمين تي هندستان مان آيل مسلمانن تي رحم ڪري ڪالونيون ٺاهي پيا ڏين، اهڙيءَ طرح سنڌي مسلمانن کي به نوڪريون ۽ رهڻ خاطر ڪالونيون ۽ قرض ڏيڻ جو بندوبست ڪري پئي سگهيا.

سنڌ جي سياست تي زميندار طبقي جو مڪمل ڪنٽرول

سنڌ جي سياست تي شروع کان وٺي زميندارطبقي جو مڪمل ڪنٽرول رهيو آهي ۽ رهندو. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي شروعات اصل ۾ انگريز جي قبضي کان بعد شروع ٿي. انگريزن سنڌ ۾ جيڪو جديد آبپاشي نظام تعمير ڪيو. ان سنڌ جي معيشت ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. زراعت جي ترقي ۽ زمين جي آبادي سان پنجاب مان سنڌ اندر ڌارين جي آمد شروع ٿي. اڳ ۾ 1894ع جمڙائو ڪئنال ۽ انکان پوء 1932ع ۾ سکر بئراج جي اڏاوت خاص طور تي پنجاب جي زميندارن ۽ هارين جي سنڌ ۾ تيزي سان آمد شروع ٿي وئي. ڌاري آبادگاري اڄوڪي وقت ۾ سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو آهي. ان مسئلي جي شدت ان حد تائين پهتي آهي، جو سنڌي اصلوڪن رهواسين کي پنهنجي ڌرتئ تي ٿورائي ۾ بدلجڻ جو خوف ورائي ويو آهي. گذريل صدي کان جنهن رفتار سان سنڌ ۾ غير سنڌي ماڻهون آباد ٿيا آهن، اها هاڻي پنهنجي اوج تي پهچي چڪي آهي. ڌرتي ڌڻين جو اهو خوف بي بنياد ناهي. ان رفتار سان جيڪڏهن ايندڙ آبادي کي روڪيو نه ويو ته تقريبن ايندڙ ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ سنڌي سنڌ ۾ هڪ عددي ٿورائي بڻجي پنهنجي ڌرتئ تي مليل نالي ماترحق حاڪميت جو حق به وڃائي ويهندا.
مٿي بيان ڪيل حقيقت کي جيڪڏهن اسين تاريخي حالات ۽ واقعات تي غور ويچار ڪنداسين ته اسين سنڌ ۾ موجوده صورتحال جو آبادي ۽ وڏن شهرن کان نيڪالي جو واحد سبب انهي وقت يعني 1936ع کان 1947 جي دوران سياسي شخصيتن ۽ سنڌ تي حڪومت ڪندڙ پارٽي جيڪا نج سنڌين تي مشتمل هئي. انهن جي نالائقي، هٺ ڌرمي، ڪوتاه نظري، VISION کان خالي ۽ صرف ذاتي مفاد تائين محدود هئي. جيڪڏهن ان وقت جي ليڊرشپ ۾ ٿورو به شعور سنڌ ۽ سنڌي عوام سان سچائي هجي ها ته يقيناً اڄ اسين پنهنجي ديس ۾ خانه بدوش ۽ غربت جي آخري لڪير تائين ڪين پهچون ها
عام سنڌي جيئن ته زراعت جي پيشي سان منسلڪ هيا تنهنڪري اهي هميشه قدرت جي مهرباني هيٺ رهندا هئا. ڇو ته بئراج جي تعمير کان اڳ ڌرياء جا وهڪرا هوندا هيا، جيڪڏهن قدرت مهربان ٿئي ۽ بارشون وقت سِر ججهيون ٿيون ته پاڻي ايندو هيو ته فصل آباد ٿيندا هيا. انهيءَ ڪري زراعت جو سڌو سنئون واسطو قادر ڪريم جي مهرباني سان هو. جڏهن بئراج جڙي راس ٿي ته ڌارين جو اچڻ شروع ٿيو ۽ اسان جي ڪوتاه نظر انوقت جي ليڊرشپ مڪمل سنڌي دشمن جو مظاهرو ڪندي ڪڏهن ان ڌارين جي آبادڪاري يا زمينن جي ڏيڻ خلاف عملي ڪم نه ڪيو. جڏهن 1932ع کان 1947ع تائين سڀ ڪجهه پاڻ هيا، ڪنهن هڪ به سنڌي حقدار بي زمين هاري کي نه زمين الاٽ ڪئي نه ڌارين جي روڪ ٿام لاءِ ڪم ڪيو.
پاڪستان جي وجود کان بعد پاڻ وڻائڻ خاطر آيل ڌارين کي پنهنجي خرچ تي مفت ۾ ڪالونيون ٺهرائي عيشپا ڪيا، پر پنهنجي سنڌي عوام کي ڪنهن به قسم جي مهرباني ڪرڻ لاءِ انهن جو ضمير ڪو نه جاڳيو، اِن تي اسان سڀني کي سوچڻ گهرجي.

قيادت سنڀالڻ لاءِ سنڌ جي نوجوانن جي تياري ۽ تربيت جو فقدان

اُهي قومون هميشه زنده رهنديون آهن، جنهن ۾ ٽي جز هجن. (1) ايماندار ۽ دورانديش ليڊرشپ. (2) اديب، باشعور مڊل ڪلاس عوام ۽ (3) مزدور، هاري ۽ محنت ڪش عوام. اهي ٽئي جز قوم لاءِ ائين آهن جيئن انسان جي جياپي لاءِ هوا، باهه ۽ پاڻي. جيڪڏهن انهن ٽنهي شين مان ڪابه هڪ ناهي ته انسان جو جيئڻ جنجال ۽ قوم جو وجود مشڪل ته ڇا پر ناممڪن ٿي پوندو آهي.
بدقسمتي سان سنڌ جي مسلمان عوام کي صفحي هستي تان مٽائڻ خاطر سنڌي ماڻهن کي صرف هڪ ماڻهن جو گروه ڪري رکڻ لاءِ سڀ حربا هلايا ويا، جنهن ۾ صرف ٻاهريان شامل ڪين هيا، پر ان تي عمل ڪرڻ لاءِ شروع کان وٺي پنهنجن اهم ڪردار ادا ڪيو. استحصالي قوتن انهي خاطر ڪنهن کي خانبهادر جو لقب ڏنو ته ڪنهن کي سر، پير، مير، نواب، رئيس ۽ ديوان وغيره وغيره جا خطاب ڏنا، ته جيئن هو پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ خاطر انهن کي استعمال ڪري ۽ پاڻ ميدان ۾ کيس نه اچڻو پوي. انهيءَ پاليسي تي هلندي انگريز سرڪار سنڌ ۾ ڪوبه سرڪاري اسڪول يا هيلٿ جو ادارو قائم ڪو نه ڪيو.
1936ع کان 1947ع ۾ جڏهن سنڌ حڪومت جون واڳون نج سنڌين جي هٿ ۾ هيون ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هيا. انهيءَ دوران 1939ع پنجاب گريٽر ٿل ڪئنال سنڌو ڌريا مان ڪڍي پنهنجي لکين ايڪڙ زمين لاءِ پهريون سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو، پر انوقت جي سنڌ سرڪار مجرماني غفلت ڪئي، جنهنجي جيتري مذمت ڪجي اها تمام گهٽ ٿيندي. هي ڏه يارنهن سال سنڌي عوام لاءِ نهايت اهم هيا، جيڪڏهن سنڌ جي قيادت چاهي ها تعليم و تربيت تي خصوصي ڌيان ڏئي ها. انوقت جيڪي تعليمي ادارا هيا انهن کي وڌيڪ مضبوط بنيادن تي بيهاري ۽ پوري سنڌ ۾ علم پکيڙڻ گهربو هيوته جيئن ايندڙ وقت ۾ سنڌي پنهنجي رسم ۽ ثقافت جو تحفظ ڪري سگهن .
جيڪڏهن اسان جا ليڊر ٿوري به دورانديشي کان ڪم وٺن ها ۽ انهن يارنهن سالن ۾ صرف صوبائي اسيمبلي جا ميمبر پنهنجي پنهنجي علائقي ٻه يا ٽي ميٽرڪ پاس يا انکان ڪجهه هيٺ شاگردن کي سهولت ڏئي ڪراچي جي شهر ۾ پڙهائڻ ۽ آباد ڪرڻ جي لاءِ سهولت ڏين ها، جيڪر هڪ سال تقريباًسئو شاگرد اعليٰ تعليم جي زيور سان مالامال ٿي وڃن ها ۽ سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جو طبقو ٺهڻ شروع ٿي وڃي ها ۽ اهو مڊل ڪلاس سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ ۽ شهرن تي قابض ٿي وڃي ها. جيڪي شاگرد انهن يارهن سالن ۾ تيار ٿين ها، اهي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت چاهي انکان بعد جيڪي به سنڌ سان ويڌنون ٿيون، انهن جو مقابلو ڪرڻ وارا غازي هجن ها ۽ سنڌ جي اڄ جيڪا حالت آهي اها ڪڏهن به ڪين ٿئي ها.
پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ جيئن ته اسانجي ليڊرشپ ۾ اها دورانديشي واري صلاحيت ڪونه هئي، جو ايندڙ ڏکئي وقت جو ادراڪ ڪري ۽ ان لاءِ سنڌي قوم کي تيار ڪونه ڪري سگهي، پوءِ جڏهن ڌارين اچي سندن ڳچي ۾ هٿ وڌا ته پوء سنڌي قوم جي جياپي لاءِ هڏ ڏوکي ٿي بيٺا. سنڌ حڪومت خاص ڪري آخري پنج سال هڪ پريميئر (وزيرِاعظم) جي هيٺ رهي، تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ وقت جي سنڌي قيادت پنهنجي دل جي حضور سان سنڌي مسلمان سان اها روش رکي، جيڪا حضرت موسيٰ جي زماني ۾ بني اسرائيل قوم سان فرعون رکي هئي. فرعون ڪنهن فرد جو نالو ڪونه هيو پر اهو ان وقت هڪ لقب هيو، جيئن اسان وٽ جاگيردار، سردار، نواب، پير.مير وغيره وغيره . فرعون هميشه بني اسرائيل قوم کي غلام ۽ يرغمال بڻائي استحصال ڪيو، ساڳيو طريقو سنڌي مسلمان عوام سان جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح جاري ۽ ساري آهي ۽ رهندو ڇوته اڄ به اسين انهن خاندانن جي لپيٽ هيٺ آهيون.
اسان سڀني کي سوچڻ گهرجي ته اڳتي ڇا ٿيندو؟

سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي نه اُسرڻ جا سبب

قوم يا سوسائٽي جي اسرڻ ۽ ترقيءَ جو دارو مدار مڊل ڪلاس تي هوندو آهي. جيترو مڊل ڪلاس وڏو ۽ باشعور هوندو، اوترو اها قوم يا سوسائٽي اڳتي ترقي يافته ٿيندي. جيڪڏهن اسين پاڪستان کان اڳ واري سنڌ ڏانهن نظر ڦيرائي ڏسنداسين ته سنڌ ۾ ڪجهه نه ڪجهه مڊل ڪلاس جي آبادي وسندڙ هئي، جيڪا تمام گهڻي ڀاڱي هندو آبادي جي ماڻهن تي مشتمل هئي، سنڌي مسلمان مڊل ڪلاس ۾ ايترو ڪو نه هيو، جيڪو سنڌ جي ليول تي پنهنجو جوهر ڏيکاري سگهي. بدقسمتي سان هندستان جي ورهاڱي وقت سنڌ جو باشعور مڊل ڪلاس گهڻي ڀاڱي سنڌ کي ڇڏي هميشه جي لاءِ هندستان لڏي ويو ۽ انکان بعد به وقت جي حالتن کان بيزار ٿي ويندا رهيا. جنهنجي ڪري سنڌ کي هڪ وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ سنڌي مسلمان جو مڊل ڪلاس طبقو انهي ليول تي ڪونه رسيو هيو، جو انهي اچانڪ ڇڏيل خال کي ڀري سگهي.
مڊل ڪلاس جي اڀرڻ يا وڌڻ لاءِ هڪ ماحول درڪار هوندو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليم ۽ هنر جي ڄاڻ نهايت اهم هوندي آهي. جيئن ته عام سنڌي مسلمان تعليم جي زيور کان پري رکيو ويو هيو ۽ هنري تعليم جو سنڌ ۾ وڏو فقدان هيو. جنهن ڪري سنڌ ۾ مڊل ڪلاس مسلمانن ۾ اسري ڪين سگهيو، نتيجي ۾ سنڌ صرف سوسائٽي جي ٻن طبقن ۾ ورهايل هئي. هڪڙا حاڪم ته ٻيا محڪوم، ٽيون ۽ اهم طبقو بلڪل غائب. تنهنڪري اسين سنڌي آبادي کي قوم واري وصف ۾ نٿا آڻي سگهون. ان وقت اسين سنڌي صرف هڪ جٿو يا ماڻهن جو گروه هياسين. جيڪڏهن سولي سنڌي ۾ مان انجو مثال هڪ پيڊل سائيڪل سان تشبيهه ڏيان ته سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. جيئن پيڊل سائيڪل کي صرف ٻه پير هوندا آهن، تنهنڪري اها سائيڪل هميشه ڪنهن جي سهاري کان بغير نه بيهي سگهندي آهي، نڪي هلڻ جي قوت هوندي اٿس. افسوس ته اها سائيڪل جيڪا گهڻن هنڌن کان پنڪچر ٿيل هجي، اسين ته ماڳئي اهڙي سائيڪل وانگر هياسين . ڇو ته حاڪم يعني زميندار طبقو ڪڏهن به سنڌي آبادي کي انسان وانگر ڏسندو به ڪونه هو، تنهنڪري سنڌي سوسائٽي هڪ پنڪچر ٿيل سائيڪل مثل هئي.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌ جي سرزمين لڏ پلاڻ ڪري اچڻ وارن لاءِ سون جي کاڻ ثابت ٿي، سنڌي آبادي لاءِ وبال جان. ڇو ته سنڌ جي ان وقت جي ليڊرشپ سنڌي مسلمان آبادي کي هڪ قوم بڻجڻ ڪونه ڏنو نه وري مڊل ڪلاس اسرڻ لاءِ سازگار ماحول ڏنو . نتيجي طور هتي آيل اسان تي ڄڻ ته فاتح ٿي آيا، هر شيءِ تي قبضو ڪرڻ هنن جو حق ٿي ويو ۽ اسين اڳئي پنڪچر سائيڪل جي مثل هياسين، انهن جي رڪشائن جو مقابلو ڪرڻ جهڙا نه هياسين ته ڪٿي انهن جي يلغار کي منهن ڏئي ٿي سگهياسين .
جيڪڏهن پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ اسانجي سنڌي ليڊرشپ چاهي ها ته اسين سنڌي هڪ قوم ٿي انهي يلغار جو مڙس ماڻهون ٿي صرف مقابلو نه ڪيون ها پر اسان پنهنجيون رسمون، روايتون، ثقافت، ننڍن وڏن شهرن جو بچاءُ ڪري اڳتي ميدان ۾ اچون ها ۽ جيڪا اڄ صورتحال سنڌ ۾ آهي اهڙي ڪڏهن به ڪين هجي ها.هاڻي اسان کي سوچڻ گهرجي ته اِن لاءِ اڳتي ڇا ڪرڻ کپي.

پاڪستان کان پوءِ سنڌ جون سماجي، ثقافتي ۽ معاشي حالتون

تتي ٿڌي ڪاه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداه، پوء پير نه لهئين پرينءَ جو.

الحمدلله اڄ مان سنڌ ۾ خراب حڪمراني متعلق پهرين حصي جو جواب پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. مون پهريئن حصي جي جواب ۾ ڪوشش ڪئي 1947ع کان اڳ ۾ جيڪا سنڌ جي سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ ٻيون جيڪي حالتون هيون، انهن جو بغير ڪنهن جي ڌر ٿي جيڪو ڪجهه مون پڙهيو ۽ سمجهيو اهو دوستن جي اڳيان پيش ڪيو. اختلاف رکڻ هر دوست جو حق آهي، تنهنڪري مان اهو هرگز ڪونه چوندس ته مان صحيح آهيان. اهو ٿي نٿو سگهي ڇو ته هر هڪ جي سمجهه جي قوت مختلف هوندي آهي. مان پاڻ وڌيڪ پرائيندس جيڪڏهن ڪو دوست انهيءَ لاءِ پنهنجي ڄاڻ کي اسانجي معلومات لاءِ رکندو ته مان ٿورائتو ٿيندس. منهنجو مطلب صرف اهو آهي ته اسين گذريل وقت جي فيصلن جي ڪري جيڪو ڪجهه سنڌ تي اثر ٿيو آهي ان جي حل لاءِ ڪوشش ڪيون ۽ قوم جي سچن اڳواڻن جي واکاڻ ڪجي ته جيئن اڳتي لاءِ سنڌ کي اهڙي حالتن مان نڪرڻ لاءِ تيار ڪجي.
قومون هميشه مخلص ليڊر ۽ جان جي بازي لڳائڻ وارن ڪارڪنن جي ڪاوشن سان ڏکين مرحلن مان نڪري پار ٿينديون آهن. ڏکيا ۽ سکيا وقت سنڌ تي هميشه ايندا رهيا آهن پر الحمدلله سنڌ جي مضبوط سماجي جوڙجڪ ۽ ثقافت انهن مرحلن مان نڪري پنهنجي وجود کي برقرار رکيو ۽ انشاء الله اڳتي به رکندي.
سنڌ جي لاءِ سڀ کان ڏکيو وقت 1947ع کان شروع ٿيو، جڏهن اندازي کان وڌيڪ جيڪي پناهگير هتي سنڌ ڏانهن پيشقدمي ڪندي پهتا ۽ انهن تي رحم ڪندي سنڌ جي ثقافت تحت انهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ اسان جي وڏن انهن آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ اهو ڪجهه ڪيو. جيڪڏهن انهيءَ جو ڏهون حصو سنڌي قوم سان 1947ع کان اڳ ۾ ڪن ها ته اسين انهن جي مڪاريءَ، فريب، ڌوکيبازي نفرت وارن کان بچايل هجون ها جن اسانجي محب وطني کي ڪمزوري سمجهندي اسان جي خلاف هر حربو استعمال ڪيو ۽ اڄ تائين پيا ڪن، انهن جي هر چال جو مقابلو ڪري سگهون ها.
مختصراً ڇا ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟
1- جيڪي پناهگير آيا، اهي سنڌ جي عوام کان وڌيڪ پڙهيل، هوشيار ۽ چالاڪ هيا.
2- اُهي اچڻ سان نوڪرين تي قابض ٿي ويا ۽ ستر واري ڏهاڪي تائين قابض رهيا.
3- فوج پنجابي، پٺاڻن ۽ پناهگيرن تي مشتمل هئي، سنڌي سرائيڪي ۽ بلوچ فوج کان ٻاهر.
4- فوج ۽ سول بيوروڪريسي پاڻ ۾ ملي ويا ۽ هڪ طاقتور اسٽيبلشمينٽ ٺهي، جيڪي اڄ تائين هڪٻئي کي سپورٽ ڪن ٿا. جنهنجو سمورو نقصان سنڌي، سرائيڪي ۽ بلوچ کي ٿيو.
5- سنڌ جو لکيل پڙهيل طبقو (هندو) سنڌ مان نڪري هندستان هليو ويو ۽ هينئر به حالات جي ڪري سنڌ ڇڏيندا وڃن پيا.
6- سنڌي ليڊر خود غرض، هڪٻئي سان بغض ۽ سنڌي قوم سان سچائي جو فقدان.
7- انهن سڀني جزن کي جڏهن هڪ تصوير ۾ ڏسبو ته منهنجي جواب جو پهريون حصو ڪجهه سمجهه ۾ ايندو، باقي انهي جي وضاحت اڳتي ڪبي.

بچاءَ جو واحد ذريعو تعليم ۾ برتري

اڄ مان ڪوشش ڪندس ته مٿي بيان ڪيل ڇهن نڪتن مان پهرين ٻن نڪتن جي ٿوري گهڻي وضاحت ڪريان ته انهن ٻنهي عملن جوڪارڻ ڇا هيو؟
ان جو سنڌ ۽ سنڌي ماروئڙن تي ڪهڙو اثر ٿيو؟
اهيو اثر ڪيترو وقت هلندو رهيو؟
ان جا ذميوار ڪير ٿي سگهن ٿا.؟
جيڪي پناهگير سنڌ ۾ آيا، اهي هتان جي عوام کان تعليم جي ميدان ۾ اڳڀرو هيا، انهي سان گڏ چالاڪ ۽ هوشيار به هيا. انهي ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ته جيڪي پناهگير سنڌ ڏانهن آيا، اهي سنڌ جي باقي بچيل عوام کان تعليم ۾ وڌيڪ هيا ڇو ته انهن کي تعليم جي لاءِ سازگار ماحول ميسر هيو ۽ انهن جو اتي جي هندو اڪثريت سان مقابلو هيو ڇو ته هي اتي ٿورائي ۾ هيا، تنهنڪري اتي پنهنجو بچاء ڪرڻ هنن لاءِ هڪ واحد ذريعو تعليم هئي، جنهنجي ڪري هو اتي پاڻ کي محفوظ رکي ٿي سگهيا ۽ انهن کي سر سيد جي تعليمي ادارن جي ڪري تعليم جي اهميت جي مڪمل ڄاڻ هئي. عليڳڙه يونيورسٽي هنن جي قريب هئي، جيڪا مسلمانن کي خاص طور تعليم جي ميدان ۾ تيار ڪري رهي هئي ۽ جاگيردارن جو ايترو انهن جي زندگي جي وهنوار تي ڪو خاص قبضو ڪونه هيو. ڇو ته تعليم جي ڪري هو سجاڳ هيا.
سنڌ ۾ انجي برعڪس عام سنڌي مسلمانن لاءِ ايترا تعليمي ادارا موجود ڪين هيا، نڪي وري تعليم جي اهميت کان ايترو واقف هيا. انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌ جو زميندار طبقو پاڻ گهڻو ڪري تعليم يافته ڪو نه هيو، پر انگريز سرڪار انهن جا هٿ مضبوط ڪرڻ خاطر انهن کي وڏيون وڏيون جاگيرون ۽ سرداريون عطا ڪيون هيون ته جيئن هو پنهنجي علائقي ۾ انهن جا وفادار صوبيدار ٿي رهن ۽ اتي جي عوام کي پنهنجي قبضي هيٺ رکن. انهيءَ لاءِ انهن زميندارن ۾ چاهي اهي پير، مير، گادي نشين، نواب، سردار، رئيس، وڏيرا ۽ ديوان هيا انهن کي استعمال ڪيو. جنهن ڪري عام مسلمان سنڌي تعليم جي ميدان ۾ گهڻو پٺتي پئجي ويو.
جڏهن هندستان جي ورهاست ٿي ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو هندستان مان آيل پناهگيرن کي سنڌ صوبو هڪ سون جي کاڻ ٿي مليو، ڇو ته سنڌ مان لکيل پڙهيل نوڪري ۽ بزنس واروطبقو گهڻي ڀاڱي سنڌ کي ڇڏي هندستان ڏانهن هليوويو جنهن ڪري سنڌ کي هڪئي وقت ٻه ڪاپاري ڌڪ لڳا. هڪ ته اسانجو مڊل ڪلاس (سنڌي هندو) هندستان لڏي ويا، ٻيو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ ڪري نيون آساميون نڪتيون.
جيئن ته سنڌي انهي پوزيشن ۾ اڳئي ڪين هيا ته اسان پنهنجي سنڌي هندو جي ڇڏيل خال کي ڀري سگهون، مٿان وري نيون ٻيون نوڪريون نڪتيون، جنهن لاءِ سنڌ ۾ ماڻهون اڻلڀ ٿي ويا.
نتيجي ۾ اسان جي ڪمزوري جو آيل پناهگيرن ڀرپور فائدو ورتو انهن لاءِ اهي پناهگير 1954ع کان 1970ع تائين بغير ڪنهن روڪ ۽ وقفي جي پنهنجا وري پري جا عزيز و عقارب گهرائيندا رهيا، اهي سڀ نوڪريون پاڻ ۾ ورهائيندا رهيا.
انهي دوران ڪٿي به سنڌي سياستدان انهن جي انهيءَ عمل ۾ ڪابه رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪان ڪئي.
مٿان ڪجهه سالن کان پوءِ ون يونٽ وجود ۾ آيو.
ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا ۽ چِچَڙ به گهڻا، اسان سنڌ واسين سان به ائين ٿيو ويندي ستر واري ڏهاڪي تائين.
جيڪڏهن سنڌ جي قيادت ٿورو به شعور ۽ سنڌ جي خيرخواه ٿئي ها ته انهن يارهن سالن 36-1947ع تائين سنڌ جي عوام کي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي آڻي ايندڙ وقت جي لاءِ ايترا نوجوان تيار ڪري پئي سگهيا، جو جڏهن اسان جا هندو هتان ويا ته انهيءَ خال کي ڀرڻ ۽ پاڪستان جي نئين اسٽيبلشمينٽ جو حصو ٿي وڃن ها . سنڌ کي هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ جيڪا ڏکيائي پيش آئي، جنهن جي ڪري سنڌ جي تهذيب، ڪلچر، رسم ۽ رواج، ننڍن چاهي وڏن شهرن تي سنڌ جو ڪنٽرول ختم ٿيندو ويو، اهو ايترو شديد ڪين ٿئي ها.
روزبروز اڄ تائين دنيا جهان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آبادي سنڌ ۾ اچي پئي، جنهن جو اثر سنڌ جي اصلوڪي رهاڪن کي ٿورائي ۾ تبديل ٿيندي گهڻو وقت ڪين لڳندو . جيڪڏهن هينئر ڪو تڪڙو سنڌ سرڪار ان آبادي جي آمد کي روڪڻ لاءِ قدم نه کنيو ته ٿوري وقت کان بعد نالي ماتر جيڪا سنڌين جي حڪومت ايندي آهي، اها به شايد نه رهندي!

سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي هڪ طاقتور اداري جو سنڌي آباديءَ تي اثر

مٿي بيان ڪيل ڇهن نڪتن مان ٽئين ۽ چوٿين نڪتي جي باري ۾ ڪجهه وضاحت ڪريان ته ان جو سنڌ تي ڪيئن ۽ ڪهڙو اثر ٿيو ۽ انجا سبب جيڪي مان سمجهي سگهيو آهيان. اهي هتي رکان ٿو. جيڪڏهن ڪنهن دوست جي نظر ۾ ٻيا به ڪي سبب آهن ته ضرور شيئر ڪري.
فوج ۾ پنجابي، پٺاڻ ۽ پناهگير جي نمائندگي ۽ سنڌي ۽ بلوچ ۽ سرائيڪي انهي اداري مان شروع ۾ بلڪل آئوٽ پر (70) ستر واري ڏهاڪي کان بعد صورتحال بدلي آهي، جو سنڌي، سرائيڪي ۽ بلوچ وڃڻ شروع ٿي ويا آهن.
سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي جو پاڻ ۾ سهولت ڪاري ڪرڻ ۽ انهيءَ مان هڪ طاقتور اداري جو وجود ۾ اچڻ ۽ انهي جو سنڌ ۽ سنڌي آبادي تي اثر انداز ٿيڻ.
انگريز سرڪار پنهنجي ڪالونين جي انتظام هلائڻ لاءِ هڪ مضبوط فوج جو ادارو قائم ڪيو ته جيئن انجي وسيلي پنهنجي حڪومت کي مضبوط ۽ طاقتور رکي سگهي، انهي لاءِ برطانوي سرڪار سول ۽ ملٽري سروس جو بنياد رکيو ته جيئن جتي طاقت جو استعمال ڪرڻو پوي اتي فوج کي استعمال ڪجي . انهي سان گڏوگڏ روز مره جو رياستي وهنوار هلائڻ لاءِ سول انتظاميه جو هڪ جامع ۽ مضبوط ادارو قائم ڪيو.
برطانيه سرڪار جڏهن 1947ع ۾ هندستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي رواني ٿي ته ان وقت انگلستان جا اصل باشنده تقريبن چار کان پنج هزار کن به مشڪل هيا. اهو سمورو انتظام باقي هندستاني باشندن تي مشتمل سول ۽ فوجي افراد جي وسيلي هلايو.
جيئن مان اڳ مٿي ذڪر ڪيو هيو ته انگريز سرڪار کي فوج جي لاءِ وفادار ماڻهن جي ضرورت هئي، انهيءَ لاءِ پنجاب، سرحد (ڪي پي ڪي) خاص طور باقي هندستان جي مختلف علائقن مان ماڻهون فوج لاءِ منتخب ڪيا ۽ انهن کي ٽرينگ ڏئي پنهنجي ڪمان هيٺ رکي جتي انهن کي ضرورت هئي اتي استعمال ڪيو. سنڌي ۽ بلوچ کي انگريز بادشاه اهو چئي فوج ۾ ڪونه رکيو ته هڪ ته اُهي پنهنجي علائقي سان وڌيڪ محبت رکن ٿا ۽ ٻيو اِهو ته اُهي ٻئي قومون خوددار آهن، تنهنڪري اسان جي ڪم جا ناهن. انهيءَ ڪري فوج ۾ شامل ڪين ڪيو.اهو ساڳيو اصول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان بعد به ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو، جيڪو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، سنڌي ۽ بلوچ فوج ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن.
سول بيوروڪريسي ۾ خاص طور سنڌي مسلمان اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪين هيا، ڇو ته عام سنڌي مسلمان کي تعليم جي ميدان کان ڪوهين پري رکيو ويو هيو، جنهن ۾ ٻئي ڪنهنجو قصور ناهي پر انهي سازش ۾ پنهنجا سنڌي زميندار شريڪ هيا.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان بعد جيڪي مسلمان سول بيوروڪريسي مان پاڪستان لاءِ آيا، اهي آئي سي ايس مان 81 ايڪياسي افراد هيا، انهن ۾ صرف هڪ سنڌي مسلمان هيو، اي اين جي قاضي (A N G KAZI) آفتاب غلام نبي قاضي 1943ع جي بيچ جو جونيئر ترين آفيسر هيو، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت باقي (80) اسي افراد گهڻي ڀاڱي هندستان جي مختلف صوبن مان آيا. جيڪڏهن ٻيو ڪو سنڌي آئي سي ايس آفيسر هجي جيڪو مونکي هٿ اچي نه سگهيو ۽ ڪنهن کي ڄاڻ هجي ته انجو نالو ضرور شيئر ڪري.
شروع جي بيوروڪريسي ۾ گهڻائي پناهگيرن ۽ انهي کان بعد پنجابين جي هئي، تنهنڪري سول ۽ ملٽري جي آفيسرن پاڻ ۾ سهولت ڪاري اختيار ڪئي ته اهي ٻئي ڌريون ٻنهي جڳهن تي گڏ هيا. تنهنڪري انهن لا۽ هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ آسان هيو ۽ انهي سهڪار جي ڪري جيڪا سگهاري قوت وجود ۾ آئي، جيڪا سرڪار جي هر وهنوار تي اثرانداز ٿيڻ شروع ٿي، جيڪا هن وقت سڀني کان وڌيڪ طاقتور قوت جي روپ ۾ ملڪ تي حاوي ٿي چڪي آهي.
جيئن ته اهي سول ۽ ملٽري سهڪار ڪرڻ وارا پناهگير، پنجابي ۽ پٺاڻ هيا تنهنڪري انهن پنهنجي مفادن جو ڀرپور تحفظ ڪيو جنهنجو سڌو سنئون نقصان بلوچ ۽ سنڌيءَ جو ٿيو.

ڪراچي سنڌ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي

جيئن ته سول ۽ ملٽري سهڪار پنجابين. پٺاڻن ۽ پناهگيرن هڪٻئي جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪيو هو. تنهنڪري انهن ٽنهي قومن پنهنجا مفاد محفوظ ڪيا، باقي اوڀر پاڪستان، بلوچستان ۽ سنڌ جي نمائندگي نه هجڻ جي ڪري انهن جو ملڪي وهنوار ۾ ڪردار بلڪل نه هجڻ جي برابر هيو. انهي سهڪار جي زور تي ملڪ جي هر شعبي تي آهسته آهسته حاوي ٿيندا ويا ۽ پنهنجا مفاد مضبوط ڪندا ويا. انهيءَ سهڪار جو خاص ڪري سنڌ تي سڀ کان وڌيڪ ۽ ترت اثر ٿيندو ويو. مان رڳو هڪ مثال طور واقعو لکان ٿو، جيڪو مون ڪٿي پڙهيو پر ڪٿي پڙهيو ياد ناهي. هندستان جي ورهاڱي وقت برگيڊيئر ايوب خان انچارج هيو، پناهگيرن جي ڪيمپن جو، تنهن متعلق قائد اعظم کي سخت خراب شڪايتون مليون، جنهن تي قائد اعظم حڪم ڪيو ته هن کي نوڪريءَ مان ڊسمس ڪيو وڃي . سهڪار وارن ايوب خان کي اوڀر پاڪستان جو ڪمانڊر ڪري موڪليو، جڏهن جناح صاحب ڍاڪا ويو ۽ ايوب کي رسيپشن لائين ۾ ڏسي غصي ۾اچي ايوب خان کي چيائين ته تون اڃان نوڪري ۾ آهين. جناح صاحب جي ڪراچي واپسي کان اڳ ڊاڪٽرن جي ٽيم تيار ٿي، جنهن قائد اعظم کي پهچڻ شرط طبعي معائنو ڪري زوري کيس سنسان علائقي زيارت کڻي ويا، انهي لاءِ ته توهانجي صحت لاءِ ڪراچي جي آبهوا صحيح ناهي، جناح جي هڪ به نه ٻڌي وئي انجي مرضي خلاف کيس زيارت پهچايو ويو. انهي مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اها سهڪار واري قوت ڪيتري مضبوط ٿي وئي ۽ اڄ ته اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ڪرڻ جي کين قوت حاصل آهي.
انهيءَ سهڪار کان بعد سنڌ جو مرڪزي سرڪار سان ٽڪراءُ شروع ٿي ويو. هندستان کان آيل پناهگيرن کي سنڌ ۾ سيٽل ڪرڻ لاءِ زوري فيصلا ٿوپيا ويا ۽ سنڌ سرڪار جي اهميت بلڪل انهن لاءِ ختم ٿي وئي. ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري پاڪستان جو گادي وارو شهر بڻايو ويو، ۽ اهو سڀ ڪجهه قائد اعظم جي حياتيءَ ۾ ٿيو.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ سرڪار صوبائي سيڪريٽريٽ ٺاهڻ تي گهڻو ناڻو خرچ ڪيو هيو، جنهن تي حڪومت پاڪستان قبضو ڪيو ۽ ڪنهن به قسم جو معاوضو ڪين ڏنو. 1886ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ قائم ٿيو ۽ ٿوري عرصي ۾ هندستان جي چئن وڏن سامونڊي بندرگاهن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1920ع هوائي اڏي ۾ ڪافي وسعت آئي ۽ ڪراچي هوائي سفر لاءِ مرڪزي حيثيت وارو ڪردار ادا ڪرڻ لڳو. ان کان اڳ ڪراچي اترئين علائقن سان ريل رستي خاص ڪري 1890ع ۾ سکر لئنسڊائون پل ۽ 1900ع ۾ ڪوٽڙي واري پل ٺهڻ سان سنڌ پنجاب سان ڳنڍجي چڪو هيو. 1907ع تائين ريلوي جو نظام مڪمل ٿي چڪو هو. ائين زميني ۽ هوائي سفر جي سهولت ڪري ڪراچي سفر ۽ وڻج واپار جي لحاظ کان نهايت اهم شهر بڻجي چڪو هو.
ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته ورهاڱي وقت ڪراچي سنڌ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جيان هئي. مرڪزي سرڪار جو ڪراچي تي زوري والار ڪرڻ تي سنڌ حڪومت جو رد عمل فطري هيو، جنهن لاءِ ايوب کهڙي سخت مزاحمت ڪئي. قائد اعظم جي حياتيءَ ۾ صوبائي خودمختياري جي لتاڙ شروع ڪري 1940ع جي قرارداد پاڪستان جي پهرين خلاف ورزي سنڌ کان شروع ڪئي.1940ع واري ٺهراءُ ۾ پاڪستان جي هر يونٽ جي علاقائي سالميت جي ضمانت ڏني وئي هئي.
انهيءَ سڄي ڪارروائي ۾ مرڪزي سرڪار کي سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو . ڇوته اهو عمل ٽنهي ڌرين (پنجابي، پٺاڻ ۽ پناهگيرن) جي مفاد مطابق هيو، تنهنڪري انتي عمل ڪرڻ ۾ ڪابه دير ڪين ڪئي وئي.
درحقيقت پناهگيرن جي آبادڪاري جي مسئلي تي ايوب کهڙي ۽ لياقت علي جي وچم ٽڪراءُ ٿي چڪو هو جنهنڪري لياقت علي ڪراچي کي سڌو سنئون مرڪزي حڪومت هيٺ آڻي وزيراعظم طور انجي انتظامي معاملن کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ ٿي چاهيو. جنهن لاءِ ملڪي مفاد ڏيکاري سنڌ جي معاشي، تجارتي، صنعتي ،ثقافتي ۽ وڏي شهر ڪراچي تي قبضو ڪري سنڌ جي معيشت تي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو. اهيو انهيءَ ڪري ٿيو جو ملڪ جي جوڙيل نئين سول ۽ ملٽري سهڪار واري قوت ۾ سنڌي ۽ بلوچ جي نمائندگي بلڪل ڪين هئي، جنهن ڪري اهڙا فيصلاعمل ۾ آيا.

وفاقي حڪومت جي نوڪرين ۾ سنڌ جي ڪوٽا

هاڻي مان ڪوشش ڪندس ته ڪجهه وضاحت ۽تفصيل بيان ڪريان ته ڪهڙي نموني سان هندستان مان آيل پناهگيرن، پنجابي ۽ پٺاڻن ملي پنهنجي قبضي کي ملڪي معاملات تي مڪمل مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪهڙا طريقيڪار استعمال ڪيا. ملڪ جو وهنوار هلائڻ لاءِ هميشه سول بيوروڪريسي جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ رهندو. گورنمينٽ هميشه ڪمزور يا پٺتي پيل علائقن کي اڳتي آڻڻ لاءِ وس آهر سهولتون پيدا ڪري ڏيندي آهي ته جيئن اهي اڳتي اسري اچن. تيستائين انهن لاءِ سروس يا تعليم جي ادارن ۾ خصوصي رعايت ڏني ويندي آهي.جيئن اهي پٺتي پيل علائقا ترقي جي راه تي گامزن ٿين.
پاڪستان ۾ انجي ابتڙ پهرين سيپٽمبر 1948ع تي وزيراعظم لياقت علي سرڪاري نوڪرين لاءِ فارمولا ڏنو، جيڪو هن طر ح آهي:
• هندستان مان آيل پناهگيرن لاءِ 15
• پنجاب ۽ بهاولپور رياست 24
• اوڀر پاڪستان 42
• ڪراچي 02
• سنڌ، خيرپور رياست، سرحد، فاٽا ۽ بلوچستان 17
ان فارمولي تحت هندستان مان آيل پناهگيرن کي 17 سيڪڙو ڏنو ويو. ملڪ جي باني صوبي سنڌ کي پنجاب ۽ بنگال جيان الڳ ڪوٽا ڏيڻ جي بجاءِ ٻين ٻن صوبن ۽ قبائلي علائقن سان ملائي حصو ڏنو. سنڌ ۽ بلوچستان کي سرحد سان ملائي ڪوٽا ۾ سلهاڙڻ جو مقصد سرحد کي فائدو ڏيڻ هيو.
هڪ سال کان بعد وري ڪوٽا سسٽم ۾ ردوبدل ڪندي هن هيٺ ڏنل وچور مطابق سروس ڪوٽا ڪئي وئي:
• ميرٽ 20
• اوڀر پاڪستان 40
• پنجاپ ۽ بهاولپور 23
• سنڌ، خيرپور، سرحد، فاٽا ۽ بلوچستان 15
اهڙي طرح ميرٽ جون سڀ سيٽون سنئون سڌو پنجابي ۽ پناهگيرن لاءِ هيون، ڇو ته ملڪ جا باقي علائقا تعليمي سهولتن کان پٺتي هيا ۽ ٻين لاءِ اهو ممڪن ڪيئن هو ته ڪي ان ميرٽ مان حصو کڻندا. ان ڪوٽا کي 1956ع جي آئين ۾ آرٽيڪل 17 تحت 15 سالن تائين برقرار رکڻ لاءِ تحفظ ڏنو ويو.
1962ع واري آئين تحت آرٽيڪل 240 هيٺ 1972ع تائين ڏهه سالن تائين تحفظ ڏنو ويو.
سنڌ جي قيادت جيئن ته سنڌي نوجوانن کي ايندڙ وقت لاءِ تيار ڪين ڪيو هيو، تنهنڪري انهن جو رياستي وهنوار ۾ ڪوبه ڪردار ڪونه رهيو. جنهن لاءِ سنڌ جي ورهاڱي کان اڳ واري سنڌي قيادت قصور وار آهي ۽ جيتري انهي سنڌي قيادت جي مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.
بهرحال 1952ع ۾ اسيمبلي اندر پيش ڪيل بيوروڪريسي متعلق انگ اکر ثابت ڪن ٿا ته سنڌين جي حڪومت ۾ نمائندگي بلڪل نه هئڻ جي برابر هئي:
• غير پاڪستاني سيڪريٽري 2
• پنجابي سيڪريٽري 5
• اردو ڳالهائيندڙ سيڪريٽري 5
• پٺاڻ سيڪريٽري 1
• بنگالي ۽ سنڌي هڪ به ڪين
ڪل تيرهن سيڪريٽري هيا.
غير پاڪستاني جوائنٽ سيڪريٽري 2، پنجاب 7، اردو ڳالهائيندڙ 9، بنگالي هڪ، ڪل19.
ڊپٽي سيڪريٽري
غير پاڪستاني 5. پنجابي 28. اردو ڳالهائيندڙ 19. بنگالي 4. پٺاڻ 2 ۽ سنڌي هڪ. ڪل59
گرانڊ ٽوٽل 91 اعليٰ آفيسرن مان صرف هڪ سنڌي هو.

وفاق ۾ مُلازِمتن جو مسئلو

وزير اعظم لياقت علي جي نئين سروس فارمولا جي اچڻ کان بعد ويندي 1970ع تائين جيڪڏهن انگن اکرن کي ڏسبو ته سنڌ سان ايتري ته وڏي زيادتي ٿي آهي، جنهن جو بيان ڪرڻ مشڪل آهي. ٻيو وري اهو سڀ ڪجهه پنهنجي سنڌي قيادت جي دورانديشي جي نه هجڻ سبب ٿيو ڇو ته جيڪڏهن هندستان جي ورهاڱي کان اڳم تعليم جي ميدان ۾ ڪجهه عملي اقدام ڪن ها ته اها صورتحال ڪڏهن به ڪين ٿئي ها.
هڪ ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي 1973ع تائين سڄي سنڌ ۾ هڪ يونيورسٽي هئي ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي وئي. انهي ڪري سياسي ۽ سماجي اڻ برابري وارو ماحول انتهائي خطرناڪ حد تائين پهچي ويو هيو
• 1948 ڪل 19 سي ايس پي ٿيا، سنڌي ڪوئي ڪونه ٿيو.
• 1949 ڪل 21 بنگالي 9.
• 1950 ڪل 21 بنگالي 7
• 1951 ڪل 12 بنگالي 4
• 1952 ڪل 16 بنگالي 6
• 1953 ڪل 15 بنگالي 5
• 1954 ڪل 25 بنگالي 7
• 1955 ڪل 19 بنگالي 6
• 1956 ڪل 21 بنگالي 11
• 1957 ڪل 19 بنگالي 6
سنڌي آر اي آخوند.
• 1958 ڪل 23 بنگالي 10
اي ڪي لوڌي سنڌي.
• 1959ڪل 26 بنگالي 12
• 1960ڪل 24 بنگالي 8 .
سنڌي الله بخش سومرو
• 1961ڪل 23 بنگالي 11
• 1962ڪل 24 بنگالي 11
• 1963ڪل 27 بنگالي 9
• 1964ڪل 35 بنگالي 13.
سنڌي عبدالله ميمڻ.
• 1965ڪل 30 بنگالي 15.
سنڌي اي ڊبليو قاضي.
• 1966ڪل 29 بنگالي 13.
سنڌي محب الله شاه.
• 1967ڪل 20 بنگالي 13.
• 1968ڪل 20 بنگالي 10.
• 1969ڪل 20 بنگالي 12.
• 1970ڪل8.
• 1971ڪل7.
• 1972ڪل9.
ون يونٽ جي دوران ڪل 14 آرمڊ سروسز جا آفيسر سي ايس پي ۾ انڊڪٽ ڪيا ويا، انهن مان صرف ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي صاحب هڪ سنڌي هو.
1948کان 1972 تائين ڪل 513 سي ايس پي آفيسر ڪميشن جي معرفت ڪامياب ٿيا، انهن مان صرف 6 سنڌي سي ايس پي آفيسر هيا.
اهڙيءَ طرح 1960ع واري ڏهاڪي ۾ اعليٰ ترين فوجي عهدن تي سنڌي ۽ بلوچي هڪ به ڪين هيو:
• پنجابي 17.
• پٺاڻ 19.
• اردو ڳالهائيندڙ 11.
• بنگالي 01
ڪل48.
1973 تائين ڪلاس ون آفيسر جي سروسز ۾ مختلف قومن جي نمائندگي هن ريت هئي:
قوم تعداد پرسنٽيج
پنجابي 172748 49%
پٺاڻ 2878 12%
اردو ڳالهائيندڙ 107030 29%
سنڌي 902 5%
بلوچ
90 25%
ٻيا 3499 95%
1970ع ۾ سنڌ صوبي اندر ڪوٽا سسٽم شهري ۽ ٻهراڙي جي بنياد تي سنڌ جي گورنر، جنرل رخمان گل متعارف ڪرايو. ان ڪوٽا موجب صوبي اندر 60% نوڪريون ٻهراڙين لاءِ ۽ 40% ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي شهري علائقن لاءِ رکيون ويون. اڳتي هلي ڪوٽا سسٽم کي ڀٽو صاحب 1973 جي آئين ۾ تحفظ ڏنو.

ون يونٽ جو قيام ۽ سنڌ جي سياسي قيادت جو حال

ون يونٽ وارو دور يا انکان اڳ ورهاڱي کان بعد وارو دور سنڌين لاءِ بهتر ڪين هيو. ڇو ته ون يونٽ کان اڳ ۾ سنڌ جي سياسي قيادت صرف هڪٻئي کي خوار ۽ خراب ڪرڻ ۾ رڌل هئي، يا وري پنهنجي آقائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪندا هيا. انهيءَ ڪشمڪش جو سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۾ سنڌي عوام جو ٿيو. 1947ع کان 1955ع تائين سنڌي قيادت ڪوبه اهڙو عملي ڪم ڪين ڪيو، جنهن سان سنڌ جي ماروئڙن جي قسمت بهتر ٿئي ها. تعليم ۽ صحت جي ميدان کي ته بلڪل ائين وساري ڇڏيو هيو، جيئن سڄو ملڪ منصور لڳو پيو هجي. بي حسي ايتري جو ڪراچي کي عملن سنڌ کان ٻاهر سمجهي ڪري سڀ ڪجهه قبول ڪيو.
سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچيءَ کان ٻاهر ڪڍيو ويو، جيڪو هنن چپ چاپ ڪري ان تي خاموشي اختيار ڪئي ۽ عمل ڪندي ڪراچي کي نفسياتي طور پناهگيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻيو وڏو نقصان اهو ٿيو جو ڪراچي مرڪز جي حوالي ڪرڻ کان بعد سنڌ جي آمدني جو وڏو ذريعو هٿ مان نڪري ويو، انکان بعد به ڪراچيءَ جي تعليمي ۽ صحت جي ادارن جي بجٽ سنڌ گورنمينٽ جي ذمي ڪئي وئي هئي. جيڪڏهن ڪراچي سنڌ سرڪار هر لحاظ سان مرڪز جي حوالي ڪئي ته پوءِ تعليم ۽ صحت تي سنڌ سرڪار جي طرفان خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو جواز. انجي جاء تي جيڪڏهن تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ باقي سنڌ تي ڌيان ڏيڻ گهربو هيو ته جيئن سنڌ جي نوجوانن کي آئنده وقت لاءِ تيار ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ها.
جيڪڏهن 1947ع کان پوءِ وارا ست اٺ سال سنڌ جي حڪومت تعليم تي خرچ ۽ ڌيان ڏئي ها ته سنڌ پنجاه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ايترو باقي پاڪستان جي ٻين علائقن کان پٺتي ڪين هجي ها، جو 1972ع تائين رڳو چار پنج سي ايس پي پيدا ڪري سگهي . انهيءَ ڪري سنڌ ۽ سنڌي عوام کي وڏو نقصان ٿيو جو سنڌ جي سياسي قيادت صرف پنهنجي ڀلائي واري سوچ کان ٻاهر نڪري عام سنڌ جي باشندي لاءِ ڪجهه به ڪين سوچيو.
اها ڳالهه مونکي سمجهه ۾ نٿي اچي ته جيڪڏهن تعليم تي خرچ ڪراچي شهر ۾ سنڌ سرڪار پئي ڪري ته پوءِ سنڌي ۾ تعليم کي ڪراچي ۾ ڇو ڪين تحفظ ڏئي سگهيا، جنهن لاءِ مان دوستن کي عرض ڪندس ته انهي تي جيتري معلومات هجي هتي شيئر ڪن ته جيئن اسين سڀ ان مان فيض پرايون.
1955ع کان 1970ع واري عرصي ۾ جيڪو ون يونٽ وارو زمانو هيو، انهي دور ۾ سنڌ اندر اهم انتظامي عهدن تي جيڪي آفيسر مقرر ٿيا انهن ۾:
• اردو ڳالهائيندڙ 147
• پنجابي 88
• سنڌي 92
• پٺاڻ 9
انهيءَ دوران سنڌين کي اهم عهدن کان بلڪل پري رکيو ويو. انهيءَ دوران سنڌ ۾ ڊي آئي جي ڪل 20 پوسٽ ٿيا. جنهن مان:
• پنجابي 12
• اردو ڳالهائيندڙ 6
• رڳو ٻه سنڌي آفيسر
سنڌ ۾ ٽي ڊويزن يعني ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور هيا، انهي سڄي عرصي ۾ هڪ به سنڌي ڪمشنر پوسٽ ڪين ڪيو ويو. جڏهن ته اولهه پاڪستان ۾ صرف هڪ سيڪريٽري 1970ع ۾ پوسٽ ڪيو جڏهن ون يونٽ ختم ٿيڻ وارو هيو.
سنڌ حڪومت جيڪڏهن 1936ع کان وٺي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي معرفت انهن انتظامي پوسٽن جي سليڪشن ڪرائي ها ته انهي ون يونٽ جي دوران سڀ ته ڪين پر گهڻائي ۾ سنڌي آفيسر سنڌ ۾ هجن ها ۽ ون يونٽ جي ڪري ڪافي انتظامي عهدن تي هجڻ ڪري سنڌ جي مفادن جي حفاظت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هجن ها. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 1926ع ۾ سنڌ لاءِ وجود ۾ آئي هئي. ان وقت انجو نالو سنڌ ممبئي پبلڪ سروس ڪميشن نالو هيو.
اڄ تائين پاڪستان ۾ 25 چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيا آهن، جان صرف 2 هيٺيان سنڌي ٿيا آهن:
1- سجاد علي شاه 5 جون 1994ع کان 2 ڊسمبر 1997ع
2- عبدالحميد ڊوگر 3 نومبر 2007ع کان 21 مارچ 2009ع
اڄ تائين چيف آف آرمي اسٽاف 16 رهيا آهن، انهن مان بلوچي ۽ سنڌي هڪ به ڪين ٿيو.
اڄ تائين ايئر چيف مارشل 15 پوسٽ ٿيا، انهن مان هڪ به سنڌي يا بلوچ ڪون ٿيو آهي.
اڄ تائين 16 نيوي جا ايڊمرل ٿيا آهن، انهن مان هڪڙو به سنڌي ۽ بلوچ ناهي ٿيو.
انهن سڀني جي لسٽ ڪتاب جي آخري پيجن ۾ ڏنل آهي.

سنڌ ۾ تيل ۽ گيس جا وسيلا ۽ سنڌ کي فائدا

سنڌ جي قيادت جي بي رخي چوان يا بي حسي، جو اڄ تائين سنڌ پنهنجي معدني وسيلن جي حفاظت ڪري ڪين سگهي آهي، چاهي اهو ڪوئلو هجي يا تيل ۽ گيس يا ڪي ٻيا.
سنڌ اڄ تائين مرڪزي ادارن ۾ ڪوٽا تي عمل ڪرائي ڪين سگهي آهي. سنڌ جي قيادت مرڪزي ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز تي سنڌ کي نمائندگي ڏياري ناهي سگهي، جيڪي نهايت افسوسناڪ آهي.
انهيءَ ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته آرمڊفورسز ۾ ته ڪنهن به قسم جي حق جي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، ڇوته اتي انهن جو پنهنجو نظام آهي جتي مرڪزي سرڪار به ڪجهه نٿي ڪري سگهي. حالانڪ (80) اسي واري ڏهاڪي ۾ ايئر فورس ۾ واحد ۽ سينئر ترين سنڌي ايئر وائيس مارشل محمد عظيم دائودپوٽو هيو، جنهن کي ايئر مارشل جو پروموشن ڏئي کيس ايئر فورس جي ڪمانڊ ڪين ڏني وئي، پر انجي جونيئر کي ايئر مارشل پروموٽ ڪري کيس ڪمانڊ ڏني وئي. جڏهن ته محمد عظيم دائودپوٽو کي سينيئر هجڻ جي باوجود فور اسٽار جنرل جو رينڪ ڏئي پي آئي اي جو چيئرمين لڳايو ويو.
انهي کان علاوه مشرف جي دور ۾ مسٽر رياض شيخ سينئر ترين وائيس ايئرمارشل هيو، انکي سپرسيڊ ڪري انجي جونيئر کي ايئرمارشل پروموٽ ڪري ڪمانڊ ڏني وئي.ايئر فورس ۾ سنڌي هڪ فور اسٽار جنرل ۽ ٻيو ٿري اسٽار جنرل جي رينڪ تائين پهتا.
الحمدلله پاڪستان آرمي ۾ هن وقت ون اسٽار جنرل معنيٰ برگيڊيئرز جي رينڪ تائين ڪافي سنڌي پهچي ويا آهن، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي پر جيستائين ٿري اسٽار جنرل نٿا ٿين تيستائين سنڌ جي نمائندگي فورسز ۾ اڌوري. اميد ته اهو ڏينهن جلد ايندو ڇو ته اتي هينئر سوچ ۾ ڪجهه تبديلي ايندي. انهي کان مٿي ٽو اسٽار جنرل معنيٰ ميجر جنرل رينڪ تائين ڪين پهتا آهن پاڪستان آرمي چاهي پاڪ نيوي تائين ڪونه پهتا آهن.
سنڌ جي سياسي قيادت ٻيو نه ته پاڪستان آئين مطابق مرڪزي ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز تي سنڌ جا نمائندا رکرائي سگهي ٿي.
مثال او جي ڊي سي ايل سنڌ ۾ هينئر 25 مختلف فيلڊس تي ڪم ڪري پئي، جن مان 10 آئل فيلڊس ۽ گيس جي 15 فيلڊس تي. سنڌ مان تقريبن 72% گيس ۽ 64% تيل ملي ٿو، انهي جي انتظام هلائڻ لاءِ ڏهن ماڻهن تي مشتمل بورڊ آف ڊائريڪٽرز انتظام هلائڻ لاءِ مقرر ٿيل آهن:
• چيئرمين زاهد مظفر
• ميان اسد محئي الدين
• ڊاڪٽر اختر نظير
• اسڪندر محمد خان
• حامد فاروقي
• ميجر جنرل رٽائرد سهيل احمد خان
• ظفر مسعود
• اطهر حسين خان
• شير افگن خان
• زاهد مير.
انهن مٿين ميمبرن ۾ هڪڙو به سنڌي ميمبر ناهي. ڇو ان لاء ته سنڌ سرڪار ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ ان مسئلي کي نٿي اٿاري سگهيا، اهڙي طرح پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ، پي پي ايل، جو گهڻو آپريشن سنڌ ۾ آهي، هن وقت تقريبن هڪ ڊزن کن فيلڊس سنڌ اندر موجود آهن.
نون ڄڻن تي مشتمل بورڊ آف ڊائريڪٽرس آهن:
• سلمان اختر چيئرمين
• ميان اسد حئي الدين
• ابن حسن
• محمد ساجد فاروقي
• محمد طارق
• ثناء الله شاه ايم ڊي ۽ سي اي او
• آغا جان اختر
• ساجد محمود قاضي
• ڊاڪٽر تنوير احمد قريشي
ماڙي گيس ڪمپني جو گهوٽڪي ۾ وڏو سيٽ اپ آهي، پر انهيءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز تي هڪ به سنڌي ناهي.
انهي کان علاوه بينڪس، پيمرا، نيپرا، اوگرا وغيره وغيره تي سنڌ جي ڪا به نمائندگي ڪانهي. سنڌ سرڪار کي انهيءَ مسئلي تي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ زوردار قسم جو ڪيس ٺاهي پيش ڪرڻ گهرجي. ڇو ته پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي ٿئي پئي ۽ سنڌ جي مفاد کي سخت نقصان پيو رسي.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي سياستدانن جو ڪردار

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ شرط سنڌ تي مشڪلاتن ۽ مصيبتن ائين منهن ڪڍيو، جيئن سانوڻ جو وسڪارو، وڏڦڙو مينهن ۽ ڳڙا لڳاتار سنڌ تي وسندا رهيا، ويندي 30 جون 1970ع تائين جيستائين ون يونٽ جو بت پاش پاش نه ٿيو. انهي ۾ ٻين سان گڏ پنهنجن جو ان مشڪلاتن کي وڌائڻ ۽ پيدا ڪرڻ لاءِ اهم رول رهيو آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها تمام گهٽ آهي. پاڪستان جي وجود کان ويندي 1955ع تائين پنهنجي سنڌ جي سياسي قيادت صرف پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ۽ ٻئي لاءِ کڏون کوٽيندا رهيا.
جڏهن ون يونٽ جي لاءِ سنڌ اسيمبلي جي رضامندي جي مرڪزي سرڪار کي ضرورت پئي ته سنڌ جي سياسي قيادت هڪٻئي جون ڄنگهون جهلي اڳتي نڪرڻ جي جاکوڙ ۾ شروع ٿي ويا. جن ڪردارن پاڪستان کان بعد سنڌ جي لاءِ سٺو ڪردار ادا ڪيو، موقعي جي تلاش رهندي سنڌ لاءِ بدترين ڪردار ادا ڪيو. جنهن پاڪستان جي وجود کان بعد سنڌ لاءِ برو ڪردار ادا ڪيو، تنهن پنهنجا گناه ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي. پر وقت اچڻ تي سنڌ جي سياسي قيادت پنهنجي ذاتي مفادن خاطر اهوئي ڪردار ادا ڪيو جيڪو سندن شروع کان عام سنڌي عوام سان اڄ تائين ڪندا پيا اچن. اسيمبلي جي تمام وڏي انگ سان ووٽ ڏئي ون يونٽ جي راه هموار ڪئي. سنڌ اسيمبلي اهو ڪم 98 ووٽ جي مقابلي ۾ صرف 4 مخالف ووٽن سان قرارداد پاس ڪيو.
ون يونٽ جي وجود کان پوء جيڪي ملڪي وحدانيت جي نالي هيٺ سنڌ سان ڪلور ٿيا، جيڪڏهن انهن جو تفصيل لکجي ته اهو تمام ڊگهو سفر ٿيندو، مان صرف انهن مان ٻن جو ذڪر ڪريان ٿو، جنهن جو سنڌ تي قيامت تائين اثر رهندو. انهن ٻنهي موقعن تي سنڌ جي سياسي قيادت بلڪل اکيون ٻوٽي پنهنجي لاءِ مراعتون وصول ڪندي رهي.
اهي ٻئي آهن سنڌو ڌرياء تي پنجاب جو ڌاڙو هڻڻ.
1- تونسه بئراج
2- چشمه بئراج
اهي ٻئي بئراجون ون يونٽ واري دور ۾ ٺهيون، جن جو سنڌ جي معيشت تي تمام برو اثر پيو ۽ اهو دائمي اثر رهندو جنهن لاءِ سنڌ جي سياسي قيادت ڪنهن به قسم جي مزاحمت ڪان ڪئي ۽ انهي گناه کان ڪڏهن به پاڻ کي آجو نٿي ڪرائي سگهي.
1960ع جي سنڌو طاس ٺاه تحت جيڪا رقم هندستان ڏني يا دوست ملڪن ۽ ورلڊ بينڪ ڏني، جنهن مان تربيلا ۽ منگلا ڊيم ٺهيا. انهن پئسن مان وري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي هڻڻ لاءِ چشمه بئراج ۽ ان مان چشمه جهلم لنڪ ڪينال ڪڍي تقريبن چاليه لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا.
ٻيو تونسه بئراج وٽان پنجند لنڪ ڪينال بهاولپور ۽ رحيم يار خان جي ويه لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا. انهيءَ سموري معاهدي جي مليل رقم مان سنڌ جي لاءِ ڪابه پاڻي جي اسڪيم تيار ڪانه ڪئي. پر انهي مليل رقم کي سنڌ خلاف استعمال ڪيو ويو، انهي پوري عرصي ۾ سنڌ جا سياستدان اولھه پاڪستان اسيمبلي جا ميمبر رهيا انهن کي ڪڏهن سنڌ مخالف ۽ سنڌ جي معشيت کي تباه ڪندڙ اسڪيمن خلاف ڪنهن به قسم جي اسيمبلي جي فلور تي ڳالهه ڪرڻ جي توفيق ڪين ٿي.اسان سڀني کي سوچڻ گهرجي سنڌ تي ظلم گهڻو ڪنهن ڪيو .ٻاهران آيل پناهگيرن ياسنڌ جي سياسي قيادت يا ڪنهن ٽئين ؟

سنڌ جي زمينن جي ڦر لٽ

ون يونٽ جي وجود ۾ اچڻ شرط جيڪا ڦرلٽ سنڌ ۾ ٿي، تنهنجو بيان ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. ٻين معاملن کان علاوه جيڪڏهن صرف سنڌ جي زمين متعلق جيڪا ڦرلٽ ٿي، انجي ذڪر ڪرڻ سان لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، پر افسوس جو سواء هڪ اڌ هاري تحريڪ جي باقي سنڌ جي سياسي قيادت جي ان تي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي. سنڌ جي زمين ۽ شهري ملڪيت تي هندستان مان آيل پناهگيرن جون ڪاروايون اڃان جاري هيون ته ون يونٽ جي مرڪزي سرڪار يعني اوله پاڪستان جي سرڪاري مشينري سنڌ جي زمينن سان اچي ڪلور ڪرڻ شروع ڪيا. سنڌ جي زمين جيڪا گڊو بئراج تي اي ڪلاس واري هئي اها زمين پهريان آرمي آفيسرن کي ڏني وئي، جيڪا تقريبن اسي هزار ايڪڙ زمين جي قريب ٿيندي، انهي کان علاوه سرڪاري آفيسرن کي چاليهه هزار ايڪڙن جي ويجهو زمين ڏني وئي، جن مان سنڌي ڪل 10 آفيسر هيا جن کي ڪل 1460 ايڪڙ ملي باقي ڇٽيهه هزار ۽ ڪجهه ايڪڙ زمين پنجابين، پناهگيرن، پٺاڻن ۽ بلوچن کي ڏني وئي.
پنجابي 244 آفيسر 24903 ايڪڙ زمين، پٺاڻ 19 آفيسر 2684 ايڪڙ زمين، پناهگير 15 آفيسر 2240 ايڪڙ زمين، بلوچ 11 آفيسر 886 ايڪڙ زمين،اُهي بلوچ به هزاره افغان آهن، جيڪي جنرل موسيٰ جي قوم سان تعلق رکن ٿا. اها مٿي زمين ته صرف گڊو بئراج تي سول آفيسرن کي ڏني وئي . جيڪا زمين آرمي آفيسرن کي ملي تنهنجو ڪو ريڪارڊ ناهي، سواء انهي جي اها زمين فوجين کي ڏني وئي، باقي انهن جو اندروني معاملو آهي ته ڪنهن کي ملي.نه رڳو اهيو پر منگلا ڊيم جي متاثرين کي به گڊو بئراج تي 46900 ايڪڙ زمين ڏني وئي. ان کان علاوه اسلام آباد جي گادي جو هنڌ مقرر ڪرڻ لاءِ جيڪا اتان جي مقامي ماڻهن کان زمين جي معاوضي ڏيڻ کان علاوه گڊو بئراج جي 15867 ايڪڙ زمين ڏني وئي. سرڪاري خدمتن عيوض اعزاز حاصل ڪندڙن کي 12217 ايڪڙ زمين گڊو بئراج تي الاٽ ڪئي وئي. تربيلا ڊيم جي متاثرين لاءِ 30000 ٽيه هزار ايڪڙ زمين گڊو بئراج تي الاٽ ڪئي وئي.
ڪوٽڙي بئراج جيڪو 1955ع ۾ ٺهي راس ٿيو، سکر ۽ گڊو بئراج جي زمينن وانگر ڦرلٽ ڪئي وئي. انڌيرنگري اها جو 1958ع ۾ زمين نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي ان ۾ مرڪزي حڪومت ۽ فوج جا نمائندا شامل هيا، انهي ۾ سنڌ ڌرتي جو ڪوبه ماڻهون ڪين رکيو ويو.
ٽريڪٽر اسڪيم تحت 275000 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي جيڪا گهڻي ڀاڱي ملٽري ۽ سول بيوروڪريسي کي ملي. ڪوٽڙي بئراج جي ڏه لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين پنجاب ۽ چوٽيه هزار ايڪڙ زمين صوبه سرحد جي رهواسين کي ڏني وئي.
اچرج جي اها ڳالهه آهي ته انهيءَ سڄي ڦرلٽ ٿيندي سنڌ جي سياسي قيادت سواء سنڌ هاري تحريڪ ۽ پليجو عوامي تحريڪ جي ڪنهن سياسي سنڌي شخصيت جي طرفان ڪنهن به قسم جي مذمت يا مزاحمت نظر نٿي اچي، اها اسان سڀني کي سوچ جي دعوت ٿي ڏئي ته ڇاجي ڪري سنڌ جي سياسي قيادت انهي سنڌ جي ڳنڀير مسئلي تي خاموش رهي.
ڇا انهن کي سنڌ جا مفاد پيارا ڪين هيا، جو ايترو ظلم ڏسندي خاموش ويٺا رهيا. ڇا جيڪڏهن سنڌ سرڪار اهي زمينون سنڌ جي مقامي ماڻهن کي ڏين ها ته اهي سنڌ جون قيمتي زمينون ڌارين کي ڪين ملن ها، نڪي سنڌ جي اندر ٻاهران ايتري مخلوق اچي ها.جو اڄ اسين ڪجهه ڏهاڪن کان بعد ٿورائي ۾ تبديل ٿي وڃڻ جو خدشو پيدا ٿئي ها.توهان دوستن جو ڇا خيال آهي، جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي زمين جي الاٽمينٽ جي پاليسي ٺاهي ها ۽ زمين بي هارين سنڌ جي باشندن کي ڏئي ڇڏين ها ته اها سنڌ جي سون ورڳي زمين ڌارين جي هٿ چڙهي ها ۽ سنڌ خوشحال ڪين هجي ها ؟ الحمدلله سنڌ جي ان وقت جي قيادت جا اولاد اڄ به ساڳو طريقو سنڌ ۽ سنڌ جي رهواسين تي هلائي هر طرح سان قابض ويٺا آهن.

سنڌ ۾ وڏيرا شاهي جو راڄ

اڄ دوست پڇيو ته ڇا سبب آهي جو سنڌ ۾ وڏيرو طبقو سدا باغ و بهار آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ ان طبقي جي اها من مستي ۽ موج ناهي ؟
مون ورراڻيو ته ڀاءُ اها ڪا اڄ ڪلهه جي ڳالهه ناهي، انهي سسٽم جون پاڙون خاص ڪري گذريل ٻن صدين کان کُتل آهن، گذريل ٻن صدين کان اڳ ئي ان وڏيرڪي نظام کي مضبوط ڪرڻ جون سازشون شروع ٿيون. استحصالي قوتن چند وفادار ماڻهن کي پاڻ سان ملائي باقي علائقي تي حاڪميت ڪئي ۽ اهو نظام برطانيه واري راڄ ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو. پر هن ملڪ جو الميو آهي جو انگريز بادشاه ته هتان هليو ويو پر پنهنجا وفادار ادارا هتي ڇڏي ويو، جن ساڳئي اصول کي پنهنجي پاليسي جو اهم جز ڪري رکيو ۽ ان تي عبادت سمجهي ڪم به پيا ڪن.
انهي نظام کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ ۾ شروع کان مڊل ڪلاس مسلمانن کي اسرڻ ڪين ڏنو ويو. مڊل ڪلاس جي ختم ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته اها سوسائٽي تعليم جي زيور کان پري هجي ته جيئن ان ۾ سوچڻ جي قوت وجود ۾ نه اچي. ٻيو اِقتصادي يا معاشي طور انهن کي ڪمزور رکيو وڃي ته جيئن هو ڪڏهن به حد جي وڏيري جي مقابلي جي لاءِ تيار نه ٿي وڃي. سنڌ جي جاگيردار طبقي انهي پاليسي تي عمل ڪندي جڏهن سنڌ بمبئي پريزيڊنسي کان آزاد ٿي رياست جي صورت اختيار ڪئي ته سنڌي مسلمان ۾ مڊل ڪلاس جي پيدا ٿيڻ جي ڀَوَ ۾ تعليم تي ڪنهن به قسم جو ڌيان ڪين ڏنو. معاشي طور پنهنجي هيٺ رکڻ خاطر سکر بئراج جون زمينون بي زمين هارين کي الاٽ نه ڪيون ته متان اُهي سڀاڻي معاشي طور مضبوط ٿي اسان جي سامهون اچن. حالانڪه جيڪڏهن سنڌ سرڪار جيڪا نج سنڌين تي مشتمل هئي، جيڪو هاڻي سوچي نٿو سگهي ته ڪڏهن سنڌ تي نج سنڌي حڪومت ڪندا، چاهي ها ته سرڪاري پيل زمينون سنڌ جي بي زمين هارين ۾ تقسيم ڪن ها اڄ سنڌ پوري پاڪستان ۾ تمام گهڻي خوشحال هجي ها. سنڌ جون سون ورڳيون زمينون پاڪستان کان اڳ چاهي بعد ڌارين کي الاٽ ٿي مليون جنهن تي سنڌ جي جاگيردار ڪڏهن به مذمت يا مزاحمت ڪين ڪئي.
سنڌ ۾ مڊل ڪلاس طبقو ڀٽي صاحب جي پاليسين جي ڪري اسرڻ شروع ٿيو ۽ عوام ٻهراڙين مان نڪري آهستي آهستي شهرن جو رخ ڪرڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ اڳتي هلي مارشلا جو دور آيو جنهن ڪري ڪجهه رنڊڪون مڊل ڪلاس جي اسرڻ ۾ شروع ٿيون، پر ڀٽي صاحب جي پاليسي کي آئين ۾ محفوظ ڪيو ويو هيو، تنهنڪري مڊل ڪلاس وڌندو رهيو. ڳوٺاڻي ماحول مان نڪرڻ ڪري انهي طبقي تي جاگيردار جي گرفت ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ 1988ع جي اليڪشن ۾ انجو اثر ظهور پذير ٿيو، جو سنڌ جي طاقتور گادي نشينن ۽ جاگيردارن جو اليڪشن ۾ ضمانتون به ضبط ٿي ويون.
انهي جي باوجود اڄ به انهن جاگيردارن جا پٽ، پوٽا، ڀائٽيا، ڄاٽا ۽ خاندان جا ٻيا ميمبر سنڌ تي حاڪم بڻيا پيا آهن.
انهي جاگيردار يا ڀوتارڪي طبقي کي رياستي مشينري هيٺين طريقي سان زنده رکيو پئي اچي . حالانڪي اهو طبقو سنڌ جي عوام جي نفرت سبب ڪڏهن جو ختم ٿي چڪو آهي.
1. ملڪ جا وڏا سياستدان، اهم سرڪاري عهديدار سول چاهي ملٽري بيورو ڪريٽ باقاعده هر شڪار جي سيزن ۾ اچي اتي سنڌ جي وڏيرن وٽ رهن ٿا ۽ شڪار ۽ موج ميلا ڪن ٿا.
اهڙي طرح سڄي علائقي جي سرڪاري مشينري توڙي عام ماڻهو کي اهو واضع پيغام موڪليو وڃي ٿو ته اهي جاگيردار يا زميندار اصل طاقت جو سرچشمو آهن.
2. اليڪشن جو نظام اهڙي قسم جو جڙيل آهي، جنهن ۾ وڏا تڪ ۽ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ به وڏي رقم جي ضرورت پئي ٿي، انهي ڪري مڊل ڪلاس طبقي وٽ ايتري طاقت ناهي جو اليڪشن جي هڪ ڏينهن جو به خرچ برداشت ڪري سگهي. نتيجي طور اقتدار جي هر طبقي تي هميشه وڏيرو ڇانيل رهي ٿو، انهي سان گڏ اصل طاقت ڌڻين جا ٻانهن ٻڌا غلام ٿيڻ لاءِ هر وقت حاضر رهن ٿا.
3. رياستي ادارا، روينيو، پوليس ۽ ٻيا ادارن جا عملدار پنهنجي حد جي وڏيرن جي ماتحت رهيا هوندا آهن. جنهن ڪري عام ماڻهون مڊل ڪلاس جي پٺيان لڳڻ جي بجاء ڀوتارن جي در تي وڃڻ انهن جي مجبوري آهي.

سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر

جيئن ته سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي طبقي جي اوسر ڀٽي صاحب جي پاليسين ڪري اڃان شروع ٿئي ڪجهه سال مس گذريا هيا ته مٿان مارشلا ملڪ ۾ لاڳو ٿي وئي. جنهن ڪري سنڌ ۾ احساس محرومي وڌڻ شروع ٿي وئي. احساس محرومي جو سنڌ ۾ وڌڻ هڪ فطري عمل هيو، ڇو ته آرمي ۾ سنڌي ماڻهن جي نمائندگي اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪين هئي، تنهنڪري جيڪا سنڌين کي قومي ڌارا کان ٻاهر ڪڍڻ جي سبب بڻي. ٻيو سڀ کان وڏو الميو سنڌي عوام لاءِ اهيو ٿيو ته جيڪو سنڌين جي لاءِ قومي ڌارا ۾ پنهنجو قومي فرض نڀائڻ لاءِ اڳتي وڌيو پئي. انهي شخصيت کي بي دردي سان هڪ هٿ ٺوڪيل ڪورٽ جي فيصلي تحت تختدار تي چاڙهي ڇڏيو ۽ سنڌي عوام کي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان ۾ رهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسانجي ايجنڊا ۽ حڪم جي تابع ٿي رهڻو پوندو. سنڌ جي گهڻن وڏيرن انهي پيغام تي لبيڪ چئي ڪا خاص مزاحمت ڪان ڪئي. جڏهن سنڌ جو عوام ڀٽي صاحب لاءِ پتنگ وانگي جان ڏيڻ لاءِ حاظر هيو. جيئن ته سنڌ ۾ مڊل ڪلاس اڃا اسري رهيو هيو تنهنڪري اهڙي ڪابه گڏيل مزاحمت يا جدوجهد ڪري نه سگهيو، پر دل ۾ مارشلا لاءِ سخت نفرت ۽ سنڌ جي وڏيري طبقي مان مايوس ٿي ويو.
پهرين جولاء 1980ع تي آرمي سنڌ ريجمينٽ سينٽر حيدرآباد ۾ قائم ڪئي وئي ته جيئن نفسياتي طور سنڌين کي فوج ۾ آڻڻ لاءِ سنڌ جي نالي جو استعمال ڪيو، جنهن ڪري هن وقت سنڌي ايترا گهڻا ته ناهن ته به شمار ٿيڻ جيترا آهن، هن وقت تقريبن هڪ لک جي قريب سنڌي فوج ۾ ڊيوٽي ڪن پيا.
1983ع ۾ بحالي جمهوريت تحريڪ ۾ سنڌ جي عوام جيڪو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، تنهن ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي نوان طريقا ايجاد ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سڀ کان پهريان انهي انهن وڏيرن تي هٿ رکڻ شروع ڪيو، جن جو ڪنهن به طرح سان ڀٽي صاحب سان اختلاف هيا ۽ ڪچي جي علائقي تي انهن جي هلندي پڄندي هئي، ۽ ٻيو اهي جيڪي ننڍا وڏيرا هيا پر ٿوري گهڻي رساگيري به ڪندا هيا. انهي عمل جي ڪري سنڌ ۾ بدامني تيزي سان پکڙجڻ لڳي، جنهن ۾ ڌاڙيل جي ڀرجهلائي لاءِ حد جو ڪون ڪو اثر رسوخ وارو وڏيرو انهن کي ساٿي مليو، جنهن کي انهن ملڪي ادارن خوب استعمال ڪيو ۽ آهستي آهستي بدامني جي آڙ ۾ سڀ ڪجهه ٿيڻ لڳو جيڪو سڀني جي سامهون ٿي گذريو، جو عزت وارو پنهنجي پٽڪي بچائڻ ۾ پورو هيو.
ڌاڙيل فيڪٽر کي اڳيان رکي سنڌ جي ڪچي جي ٻيلن جي تباهي شروع ٿي، جيڪا هڪ سوچيل سمجهيل انداز سان ڪئي وئي. جو هن وقت اها ٻيلي کاتي واري زمين پنهنجي چاهيندڙن کي طاقتور ادارن ڏياري، جنهن ۾ ڪيترائي هنوقت لکين ايڪڙ زمين تي هميشه جي مالڪيت واري نموني سان آباد ٿي ويا آهن جن ۾ ڪيترائي گادينشين، ايم اين يز، ايم, پي ايز، تر جا اثررسوخ وارا شامل آهن.
ٻيلي کاتي جي زمين تي طاقتور شخصيتن جي قبضي ٿيڻ ڪري جهلي بند جي اندر باقائدي پڪي ڪنسٽرڪشن ٿي، جنهن ۾ روڊ ۽ پرائيويٽ بند ڏياري انهن اندر ٽيوب ويل ته ڪٿي غير پيچ پاڻي زوري وڏن واهن مان شاخون ڪڍي ڪچي واري زمينن کي ٻارهن مهينه فصل پوکڻ لاءِ پاڻي کڻن ٿا، جيڪا آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
انهيءَ جي ڪري سنڌ کي نهايت زياده نقصان پيو رسي. جيڪي سنڌ کي نقصان رسيا اهي هي آهن:
• بارشون گهٽ پون ٿيون.
• ماکي اڻلڀ ٿي وئي.
• ڪاٺ جي اڻاٺ.
ڍنڍون ۽ ڍورا ڌرياء جي پيٽ ۾ هوندا هيا اهي ختم ٿي ويا. انهي ڪري مڇي ختم ٿي ته لکين ميربحرن جا گهر بيروزگار ٿي ويا.خانگي بندن جي ڪري ڌرياء سنڌ جو پيٽ سوڙهو ٿي ويو، جنهنڪري پاڻي جي وهڪري تي برو اثر پيو جو ٿورو به پاڻي اتان گذري نٿو سگهي.
ڌرياء ۾ وڻن جي ڪري پاڻي لاءِ قدرتي هڪ رڪاوٽ هوندي هئي اها ختم ٿي وئي، جنهن ڪري وقت به وقت ڌرياء جو پاڻي ٻاهر نڪري پڪي تي نقصان ڪري ٿو. وڻن جي ڪري جهلي بند مضبوط هوندا هيا.
اهي سڀ انهي ڪري ڪيا پيا وڃن تي جيئن زميندار چونڊجي سگهن ۽ سنڌ جو عوام دائمي طور انهن علائقائي طاقتن جي اثر هيٺ رهي ۽ اهي سگهارين طاقتن وٽ هر وقت اشاري جي انتظار هيٺ رهن.

سنڌ جي ٻهراڙي ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر

ستر (70) واري ڏهاڪي خاص ڪري ڀٽي صاحب جي ڪيل سروس ريفارمز ۽ نيشنلائيزيشن آف بينڪ ۽ ٻيون ڪارپوريشنز جي ڪري سنڌ جي ٻهراڙي وارن ماڻهن کي شهر ۾ اچڻ ۽ مختلف هنڌن تي نوڪري ڪرڻ جو موقعو مهيا ٿيو، جنهنجي ڪري سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مڊل ڪلاس اڀرڻ شروع ٿيو. انهي کان اڳ اسان ٻهراڙي وارن جو ڳوٺ کان ٻاهر نڪرڻ هڪ وڏو مسئلو هوندو هيو. نيشنلائيزيشن کان اڳ سنڌ جي ٻهراڙي وارن لاءِ انهن پاڪستان جي وڏين ڪارپوريشنز جيڪي وڏن شهرن ۾ هونديون هيون، انهن ۾ نوڪري ملڻ جو ڪو به موقعو ڪين هيو. سنڌ جي ٻهراڙي وارا نه صرف ڳوٺن کان ٻاهر نڪتا پر پاسپورٽ جو ملڻ اڳ هڪ وڏو مسئلو هوندو هيو جيڪو ڀٽي صاحب عام ڪيو ته جيڪو به چاهي پاسپورٽ وٺي سگهي ٿو، انکان بعد سنڌ جي ٻهراڙي جا ماڻهون پاڪستان کان ٻاهر ڏيساور ملڪن ۾ بهتر روزگار جي سلسلي ۾ نڪرڻ شروع ٿيا جو اڄ الحمدلله دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿورا گهڻا سنڌي ڳالهائيندي نظر ايندا. انهي جي ڪري سنڌ جي ٻهراڙي ۾ به مڊل ڪلاس وڌڻ شروع ٿيو.
سنڌ جي ٻهراڙي ۾ مڊل ڪلاس جي پير پائڻ سان سنڌ جي وڏيري طبقي ۾ بيچيني وڌڻ شروع ٿي، ڇوته جيڪي نوڪري جي سانگي ڳوٺ کان وڏن شهرن ۾ ويا ته انهن جي مٿان ڪجهه نه ڪجهه شهري زندگي جو اثر ٿيڻ لڳو، جيڪي روايتي وڏيرڪي نظام سان تصادم واري ڪشمڪش واري صورتحال پيدا ڪئي، جيڪا پراڻي ۽ روايتي نظام کي قبول ڪين هئي. انهي نئين ٿيندڙ تبديلي کي انهن روايتي وڏيرن پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
ڀٽو صاحب هڪ تمام ذهين، غريبن جو هڏڏوکي ۽ پاور جو پياسو هيو. هر انسان ۾ خوبيون ۽ خاميون هونديون آهن، تنهنڪري ڀٽو صاحب به هڪ آخرڪار انسان ۽ جاگيردار گهراڻي جو فرد هيو، تنهن ڪري جتي غريب ۽ بي پهچ عوام لاءِ رستا کوليا ۽ تعليم عام ڪئي . جيئن سنڌ ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، نواب شاه ميڊيڪل ڪاليج ۽ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج خيرپور يونيورسٽي ڪيمپس، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام کولي ترقي جون راهون کوليون. الحمدلله ڀٽي صاحب جي پاليسين جي ڪري اسين گهڻا سنڌي سينئر پوزيشن تي پهتا آهيون ۽ هن وقت اسلام آباد ۾ 2017 جي آدمشماري مطابق 210614 ٻه لک ڏه هزار ڇه سئو چوڏنهن ماڻهون سنڌ مان هتي آباد ٿيا آهن، اهو سلسلو جاري رهندو. ان شاء الله.
انهي سان گڏوگڏ پنهنجي جاگيردار ڪلاس کي به هميشه جي لاءِ مضبوط ڪرڻ جي راه هموار ڪري ويو، جنهن اڳتي هلي سنڌ جي خراب حڪمراني ۽ وڏن خاندانن کي حاڪميت جو پروانو ڏئي ڇڏيو. اهو هيو سياسي بنياد تي گادينشينن،ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽرن ۽ ٻيا سياسي قريبي دوستن جي پٽن، ڀائٽين، ڀاڻيجن ۽ ڄاٽن کي ڊائريڪٽ زباني حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس، ايڪسائيز آفيسر، ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ۽ ٻيون اهڙيون وڏيون نوڪريون جيڪي صرف پبلڪ سروس ڪميشن جي دائري اختيار ۾ هيون، انهن کي اتان ڪڍي جنهن کي چاهيو انکي نوازيو ۽ ميرٽ جو قتل عام ڪري پنهنجي ڪلاس کي سرڪار وهنوار تي قابض ڪري ڇڏيو. ڀٽي صاحب جي انهي جاري ڪيل راه کي هر ايندڙ حڪومت هڪ وڏو سياسي حربو يا هٿيار ڪري استعمال ڪيو جيڪو اڄ تائين مختلف طريقن سان جاري و ساري آهي. انهي ڪري سنڌ جي حڪمراني ڪڏهن به ذاتي مفادن کان ٻاهر نڪري ڪين سگهي آهي، نڪي ايترو جلدي نڪرندي جيستائين اها راه رد نٿي ٿئي
اهي آفيسر جڏهن ۽ جٿي به چاهيندا، اها پوسٽ انهن جي انتظار ۾ هوندي هئي ڇوته انهن جو پي، چاچو، مامو ۽ سهرو منسٽر ،ايم اين اي، ايم پي اي، گادينشين يا سينيٽر هر دور ۾ هوندو آهي، تنهن ڪري هو صرف پنهجي پنهنجي خاندان کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل هوندا آهن. جيئن ته انهن جي پٺ ايتري مضبوط هوندي آهي جو وقت جي حڪومت به انهن جي آڏو لاچار رهندي آهي.
اسان سڀني جي سامهون ٿئي پيو جو محڪمي جو سيڪريٽري پنهنجي کاتي جي وزير کي ڪنهن به قسم جو سٺو جواب نٿو ڏئي ته اهو آفيسر عوام جو ڪم ڇو ۽ ڇاجي لاءِ ڀلائي جو ڪم ڪندو؟ يا ڪنهن سينيئر آفيسر کان ڇو ڊڄندو. اهڙي حالت ۾ پوري بيوروڪريسي تي خراب حڪمراني جو لعنتاڻو ڏيڻ صحيح ناهي باقي سياسي حالتن جي ڪري ٻيا به نظريه ضرورت تحت ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويا آهن، جيڪا نهايت افسوس ناڪ آهي. ڇو ته جيڪڏهن اهي دادلا آفيسر ۽ سياسي خاندان سان وابست هجڻ ڪري ڪم ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان انهن جي نوڪري تي ڪو به اثر ڪين ٿيندو، نڪي انهن جا پروموشن رڪندا .۽ نه وري ڪڏهن تحريڪ استحقاق جو خطرو.
سنڌ ۾ هن وقت ٽن قسمن جا آفيسر آهن:
هڪڙا سياسي خاندانن جا چشمه چراغ.
ٻيا شهري يا نيم شهري ۽ ٻهراڙي جي شاهوڪار خاندان سان واسطو رکندڙ.
ٽيان ٻهراڙي جي بي پهچ جي خاندان سان واسطو رکندڙ.
انهن جي لاءِ مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ان تي عوام جي ردعمل ٿيڻ جا طريقا ۽ سبب به مختلف آهن.

سنڌي ڪامورا ۽ سياستدان هڪ ئي خاندان

جيئن ته اسين چڱي طرح واقف آهيون ته سنڌ جي ڌرتي صدين کان آسودي ۽ ٻاهرين طاقتن جي نظرن ۾ رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ سونهاري جي سرزمين جي رهواسين کي وقفي وقفي کان ڪنهن نه ڪنهن ظالم جي ظلم مان گذرڻو پيو آهي. ماضي قريب ۾ اهي ارغون هجن يا افغان جي ڪنهن به حصي سان تعلق رکندڙ هجن . تاريخي طور تي سنڌ تي گهڻي ڀاڱي ڏاڍايون ۽ سرزمين تي چڙهايون اتر اولھه ۽ اولھه طرف کان ٿيون آهن .جنهن لاءِ سنڌ جا قربدار آخر اهو چوندا ويا ته جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارون جوکو.
اهي ظالم جڏهن هتي آيا، جيڪا ڦرلٽ ڪئي باقي ساليانو ڏن وٺڻ جي بهاني هتان هليا ويندا هيا، يا انهي بهاني جي آڙ ۾ اچي ٻيهر ڪاه ڪري ايندا هيا. واپس وڃڻ مهل پٺتي ڪنهن نه ڪنهن کي ڏن ڏيڻ لاءِ جوابدار ڪري واپس ويندا هيا. هنن انهي ڏن پٽ لاءِ وقت جو حاڪم قبيلن يا پرڳڻن کي ورائي ڪنهن جي مٿان اهو ڪم رکندا هيا ته جيئن اهو شخص اتان جي رهاڪن کان ڏن وٺي مٿي پهچائي، باقي سڀ انجي ملڪيت هوندي هئي ايئن ڪندي چڱا مڙس يا علائقي جا رئيس پيدا ٿيندا ويا.
جڏهن انگريز بادشاهه آيو ته ان به انهي سسٽم ڪجهه تبديليون ڪري جاري و ساري رکيو . جنهن جي ڪري سنڌ ۾ واضع طور سوسائٽي ٻن طبقن ۾ ورهائجي وئي، هڪڙا حاڪم ته ٻيا محڪوم جيڪو سلسلو ٿوري گهڻي وقت جي تقاضائن تحت ڦير گهير ڪري هلايو پيو وڃي ۽ هلندو رهندو، جيستائين سنڌي قوم تعليم جي زيور سان مالا مال ڪون ٿيندي. جيئن اڳ ذڪر ڪري چڪو آهيان ته سنڌ جو عوام گهڻي ڀاڱي زراعت جي پيشه سان رهيو آهي تنهنڪري ايتري سجاڳي اچي ڪين سگهي آهي، ڇو ته آبادي جو گهڻو حصو ٻهراڙي ۾ رهائش پذير آهي ۽ ڪجهه شهري علائقن ۾ رهي ٿو. ٻهراڙي ۾ معياري تعليم جي نه هجڻ ڪري اتي عوام ۾ ايتري سجاڳي ڪانهي بنسبت شهري آبادي جي، ڇو ته شهر ۾ تعليم جي سهولت سان گڏ نوڪري ۽ واپار وڻج جا موقعا ملن ٿا ۽ اهي هڪٻئي جي زندگي ۾ دخل گهٽ ڏين ٿا بنسبت ٻهراڙي جي، ڇو جو انهن وٽ ايترو شعور ناهي. انهي ڪري تر جي زميندار جو اثر رسوخ ٻهراڙي جي روزمره زندگي تي نمايان طور واضع آهي.
سنڌ تي گهڻي عرصي کان گادينشينن، زميندارن ۽ ديوانن جو طبقو وقت جي حاڪمن جو کاٽائو پٽ هئڻ جي ڪري غريب ۽ ٻهراڙي جي آبادي تي حاوي ۽ جابر رهيو آهي ۽ غريب ۽ ٻهراڙي جو عوام انهي حالتن اندر رهندي انهي نظام کي قبول ڪندي زندگي گذارڻ تي مجبور رهيو آهي.
انهي مٿئين پسمنظر کي ذهن ۾ رکندي جيڪڏهن اسين انهي ڳالهه جو تجزيو ڪنداسين ته انهن خاندانن جو جيڪڏهن ڪو چشمه چراغ سرڪاري آفيسر ٿي ڪم ڪندو آهي ته سڀ کان پهريان ان آفيسر جي توجه انهي مرڪزي نڪتي جي ارد گرد پئي گهمندي آهي، ته ڪيئن اسين پنهنجي ابي ڏاڏي جي شان و شوڪت کي وڌائي ٻهراڙي ۽ غريب عوام تي دائمي ڪنٽرول رکون. انهي لاءِ هو سڀ طاقت ۽ قوت جو استعمال ڪندو آهي ۽ غريب ٻهراڙي جو عوام پنهنجي لاءِ اهو اعزاز سمجهندو آهي جڏهن انهن گادينشينن ۽ زميندارن جو لخت جگر جڏهن سرڪاري عملدار ٿيندو آهي، کين صرف اڌ نالو وٺي هنن کي سڏ ڪندو آهي ته هو پنهنجي ڪپڙن ۾ ڪين ماپندو آهي. انکان وڌيڪ غريب ويچارو تڏهن وڌيڪ خوش ٿيندو آهي جڏهن ننڍو شهزادو اتان جي ماڻهن مان ڪنهن کي ڪتن ڇڪڻ ۽ شڪار تي انهن سان گڏ وڃڻ لاءِ چوندو آهي. انهي حالتن ۾ اسانجو گهڻو ڪري عوام انهن مان صرف ايتري اميد رکندو آهي ته شل اهي شهزادا ناراض نه ٿين، جنهن جي ڪري انهن خاندانن مان ٿيل سرڪاري عملدار هميشه پنهنجي خاندان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڀ طريقا استعمال ڪندا رهندا آهن. جنهن لاءِ هو بيجا سرڪاري استعمال ڪندا رهندا آهن، ڇو ته انهن جا چاچا، ماما ۽ ٻيا رشتيدار سرڪار جو حصو هوندا آهن، تنهنڪري مٿي تائين رسائي هوندي آهي جو انهن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش ڪين ايندي آهي.
انهي کان اڳ ان رئيس، زميندار يا گادينشين کي هميشه سرڪاري ڪاموري مان خوف هوندو هيو ته متان ناراض ٿئي، يا منهنجي خلاف مٿي اهڙي رپورٽ ڏئي جنهن ۾ هن جي حيثيت ۾ فرق اچي، تنهنڪري هو ڪجهه عوام جي معاملي ۾ احتياط ڪندو هيو پر جڏهن سندن اولاد سرڪاري مشينري جو اهم پرزو ٿي ويو ته هاڻي هن کي ڪنهن به قسم جو خوف خطرو ڪين ٿيندو آهي ۽ اليڪشن ۾ کٽڻ لا۽ سڀ طريقا استعمال ڪرڻ ۾ هو ڪنهنجو محتاج ۽ ٿورائتو ٿيڻو ڪون ٿو پويس. باقي غريب اهوئي عذاب ۾.
اهڙي حالت ۾ جڏهن سياسي قيادت جي اولاد سرڪاري مشينري جو اهم پرزو هوندي آهي ته اهي آفيسر سياسي تقاضائن مطابق گورنمينٽ جا نوڪر ٿيڻ بجاء ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا آهن ۽ رياست جون ڏنل جوبداريون هنن لاءِ اهميت جون حامل ڪين هونديون آهن، پر سرڪار جي خدمت هنن لاءِ اهم هوندي آهي، ڇو ته نوڪري ته انهن کي ڪنهن محنت جي ڪري ڪون ملي هوندي آهي، پر اها ان سرڪار جي طرفان سياسي رشوت طور مليل هوندي آهي تنهن ڪري رياست جون ڏنل جوابداريون عوام واسطي انهن لاءِ ڪا حيثيت نٿيون رکن. جنهن ڪري خراب حڪمراني جي شروعات اتان ٿئي ٿي جيڪا اڄڪله سنڌ ۾ پنهنجي جوڀن تي آهي.

سنڌ جو زميندار فقط پنهنجي خاندان لاءِ سوچي ٿو!

سنڌ ۾ زميندار طبقو هڪ ته اهو آهي جيڪو پاڪستان جي وجود کان اڳم هيو، ۽ جيڪو اڄ تائين هلي پيو، ڪجهه انهن مان گهٽجي ويا ڇو ته ملڪيت جي ورهاست در ورهاست سبب ايتري زمين انهن وٽ ناهي رهي. پوءِ به جيڪو اڄ به زميندار بچيو آهي پراڻن مان اهو صرف زمين جي جهجي هجڻ سبب ڪري ڪين پر اهو انهي ڪري جو هو سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان قابض رهيا ۽ پنهنجي ذاتي جائداد کي وڌائيندا رهيا، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري و ساري آهي.
سنڌ ۾ ٻيو زميندر طبقو اهو آهي جيڪو پاڪستان جي وجود اچڻ کان پوء تقريبن ٽن ڏهاڪن تائين اهي باقي عام عوام وانگر صرف پنهنجي مڇي ماني وارا هيا. اڄ کان تقريبن ٽي ڏهايون اڳ اهي ڪنهن نه ڪنهن وڏي ماڻهون جا واٺا ۽ موقعي جي تلاش ۾ هيا. 1985ع کان جيئن اليڪشن ٿي جيڪا غير جماعتي بنياد تي هئي، جنهن ۾ ڪجهه برادري سسٽم جي زور تي ۽ ڪجهه ٻي ڪنهنجي طاقت تي چونڊ کٽي آيا ۽ اڳتي هلي 1988ع اليڪشن تي سنڌ ۾ هڪ ته مارشلا خلاف نفرت هئي ۽ ٻي سنڌي عوام وڏن زميندارن مان مايوس هيا، جو هو ڀٽي صاحب جي شهادت جي موقعي تي خاموش يا ڪو خاص ڪردار ادا ڪين ڪيو هيو، تنهن ڪري سنڌ جي عوام انهي اليڪشن ۾ انهن وڏن وڏن برجن کي هڪ عام ماڻهون جي مقابلي ۾ هارائي پنهنجي مايوسي جو بدلو ورتو.
1988ع جي اليڪشن جي نتيجي ۾ جيڪي اڳ ڪجهه به ڪين هيا، پر هو ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سنيٽر چونڊجي ويا، انهن مان گهڻي ڀاڱي نون چونڊجي آيل پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ لاءِ هر اهي حربا استعمال ڪيا، جيڪي روايتي زميندارن به ڪڏهن اختيار ڪين ڪيا هيا. ٿوري عرصي اندر ڏسندي ڏسندي وڏا دک ٿي ويا. جيئن ته هو نوان نوان زميندار ۽ ملڪيت وارا ٿيا هيا، تنهنڪري انهن جي روش نرمي جي بجاء ڏاڍائي ۽ تڪبر واري ٿي وئي. ڇو ته انهن کي خطرو هوندو هيو ته متان ڪو پنهنجن مان يا پاڙيوارن مان سڀاڻ اسانجي سامهون ٿي بيهي، تنهن ڪري پنهنجي مطلب کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري ڇڏيندا هيا. جيئن سنڌي عام چوڻي آهي ته:
ڍو يا واڻيو جهلي يا مينهن، سنڌ ۾ 1988ع کان اڳ تقريبن پندرهن کان ويهه خاندان هيا جيڪي انکان پوء چاليھه کان پنجيتاليھه خاندان ٿي ويا آهن، جن جو سنڌ تي هر طرح قبضو ٿي ويو آهي. نون ٺهيل زميندارن جي پٽ، ڀائٽي، ڀاڻيجي،ڄاٽي ۽ قريبي عزير و دوست جي اولاد جڏهن انهن کي حڪومت طرفان سياسي بنيادن تي نوڪريون مليون پوء انهن جيڪي حڪمراني جا جوهر ڏيکاريا، اهي ته اصل زميندارن کي به مات ڏئي ويا. روايتي زميندار وٽ پاڻ يا انجي اولاد ۾ ڪجهه رک رکا واري ڳالهه هوندي آهي ۽ انهي تي عمل به ڪندا آهن پر نون زميندارن جي اولاد جو رويو عام عوام سان ڪڏهن به مهذب ڪون هوندو آهي، جڏهن ته اُهي ڀلائي وساري ويهندا آهن ته انهن جا جيڪي هينئر وڏا حاڪم ٿي ويا آهن ڪجهه عرصو اڳ ڍور ڍڳي جي چوري ۽ رساگيري ڪري هميشه حد جي ايس ايڇ او کان لڪندا ۽ تپيدار کان انهي ڪري لنوائيندا هيا جو ڍل جا پئسه کيسي ۾ ڪون هوندا هين.
پر هينئر هڪ سج ٻه پاڇا اڄ اهوئي حد جو ايس ايڇ او ۽ تپيدار سندن منشي ٿي پيا ڪم ڪن ڇو ته اڄ انهن جي اولاد مان ڪو ڊپٽي ڪمشنر يا ايس پي يا ڪو ٻيو سينيئر آفيسر آهي، تنهنڪري ٻنهي هٿن سان سرڪاري وسيلن کي ذاتي ملڪيت کي وڌائڻ لاءِ بغير ڪنهن خوف و خطري جي استعمال ڪرڻ لڳا. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ خاص ڪري گذريل ڏهاڪي کان وٺي خراب حڪمراني تمام وڏي اوج تي پهچي چڪي آهي، ڇو ته جيڪو 1988ع کان 1990ع ۽ 1994ع کان 1996ع تائين جيڪي جونيئر گريڊ ۾ ڀرتي ٿيا، اهي ڪافي سينيئر پوزيشن تي پهچي چڪا آهن ۽ هينئر تائين جاري و ساري آهي.
1988ع کان وٺي اڄ تائين سنڌ گورنمينٽ ۾ ڀرتيون اهي سڀ ميرٽ جي لتاڙ ڪري ٿيون، جيڪي صرف سياسي طور پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هيون. انهي ڪري سنڌ جي حڪمراني ۾ صرف پاڻ کي هرطرح سان مضبوط ڪرڻ وارو عمل زور سان هلڻ جي ڪري سنڌ جي عوام کي ڪنهن به ڀلائي واري نگاهه سان نٿو ڏٺو وڃي، نتيجي طور سنڌ جي عوام جي حالت بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي. ڀٽي صاحب جي عوام جي ڀلائي ۽ انکي نوازڻ واري پاليسي کي اڳتي هلي ذاتي مفاد کي ترجيع ڏئي سنڌ جي عوام کي بيدردي سان ڏاڍ ۽ مفلسي ڏانهن پيو ڃي.

شهيدن جي محبت ۾ قرض جي ادائگي

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان ويندي ستر واري ڏهاڪي تائين سنڌ جو هر طبقو ملڪي جوڙجڪ ۾ فعال ڪين هيو. پهريون دفعو ڀٽي صاحب جي ڪري سنڌي قوم قومي ڌاري ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿي. جيڪا اڄ تائين جاري و ساري آهي. ڀٽي صاحب جي پاليسي ڪري سنڌي عوام ڪکاوان گهر ڇڏي، پڪي اڏاوت واري ماحول ۾ پير پاتو. ڀٽي صاحب جي اها ڪوشش هئي ته ڪيئن به ڪري گهڻي ۾ گهڻا سنڌ ٻهراڙي جا لکيل پڙهيل ماڻهن کي شارٽ ڪٽ ذريعي ملڪي سطح تي آڻي ته جيئن انهن مان احساس ڪمتري وارو ماحول ختم ٿئي ۽ ان مان ٻاهر نڪري اچن. انهيءَ پاليسي جي پسمنظر ۾ ڀٽي صاحب عام ماڻهو تائين پهچڻ لاءِ وقفي وقفي سان مختلف هنڌن جا دورا ڪري کلي عام ڪچهري جي ذريعي عوام سان رابطي ۾ رهيو، گڏوگڏ اتي پهتل بيروزگار افرادن کان درخواستون وٺي ڪن کي اتي جو اتي حڪم صادر ڪندي مختلف عهدن تي عام جام نوڪريون ڏنيون. انهي سڄي پروسيس ۾ ڪنهن به قسم جو پارٽي جو خيال ڪين رکيو ته هي پ پ پ جو آهي يا ناهي وغيره وغيره، بلڪ صرف اهو مشن هو ته سنڌ مان بيروزگاري ختم ۽ قومي ڌاري ۾کڻي اچڻ هيو.
مومل کي مجاز، جا اکين ۾ الماس،
نه عام نه خاص، جيڪي آيا سي اڳي ويا.

اهڙي اصول تي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي.ڀٽي صاحب جي برعڪس شهيد راڻي سنڌ جي عوام ۾ نوڪريون جام ڏنيون، پر ڀٽي صاحب جي پاليسي جي ابتڙ يعني صرف پارٽي ليڊرن ۽ ورڪرن کي. پوءِ اهو طريقو پليسمينٽ بيورو جي معرفت يا پارٽي ليڊرن کان لسٽون ورتيون وينديون هيون. انهيءَ پاليسي جو محور صرف پ پ پ کي مضبوط ڪرڻ هيو، جنهن جي ڪري پ پ سنڌ ۾مضبوط ٿي باوجود مشڪل حالاتن جي. شهيد راڻي جي وقت نوڪريون پئسن تي وڪرو ٿيون پر گهٽ، اهي ڪنهن ليڊر ۽ ورڪر گڏجي پنهنجي ليول تي ڪيون، انهيءَ ۾ مرڪزي قيادت جو ڪوبه حصو پتي ڪين هيو. اهو عمل ڪنهن جو هيو ته صرف ذاتي نوعيت جو هيو.
ڊسمبر 2007ع کان بعد پ پ سنڌ ته ڇا پر پوري پاڪستان ۾ دفن ٿيندي زرداري گروپ تائين عملي طور وڃي پهتي. زرداري گروپ جي اها مجبوري آهي جو پ پ جي ڇاپ کان بغير ڪجهه به ڪين آهي، تنهن ڪري سنڌ پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ پ پ جو نعرو هڻڻ انهن جي اها مجبوري آهي، ڇو ته پ پ جي نالي ڪري سنڌي تان ڏينهن قيامت تائين شهيدن جو قرض اڳاڙڻو آهي جيڪو قرض کٽڻو ڪونهي.جيئن ٿڌ تئين وڌ، زرداري گروپ سنڌ چاهي جڏهن مرڪز ۾ هيا اهي سڀ نوڪريون منظم طريقي سان وڪرو ڪيون، سواء سنڌ جي هڪ ذات جي، باقي ڪنهن کي ڪين بخشيو. انهي کان علاوه ترقياتي ڪم به آڪشن ٿيا جنهن جي ڪري پوري سنڌ ۾ سواء هڪ ضلع جي ڪم صرف ڪاغذن تي مڪمل ٿيا، جيڪو هينئر تائين پوري آب و تاب سان هلي رهيو آهي. سنڌ جي نوڪرين، ترقياتي ڪمن ۽ سنڌ جي سون ورڳي زمين ۽ ٻيا وسائل بي دردي سان سنڌ جي مفادن خلاف ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيا.
سنڌ ۾ جڏهن به نوڪريون عوام کي ڪهڙي به طريقي سان مليون ته اهي صرف پ پ جي دور ۾ مليون آهن. پر ٽنهي وقتن تي نوڪري ڏيڻ جو طريقوڪار هڪٻئي جي مخالف رهيو. پهرين ٻنهي دور ۾ عوام جي ڀلائي جو عنصر موجود آهي، جڏهن ته ٽئين دور ۾ جيڪو يارهن سالن کان هلي پيو اهو پهرين ٻنهي دور کان ٽوٽل ابتڙ ۽ عوام جي کل لاهي وڪرو ڪرڻ وارو آهي. انهي ڪري سنڌ ۾ جيڪي نوان پاور سينٽر ٺهيا آهن، انهن سنڌ جي تباهي ڪري ڇڏي آهي.هينئر وقت اچي ويو آهي ته موجوده سنڌ جي حڪومت پنهنجي روش کي تبديل ڪري ۽ عوام لاءِ سوچي، نڪي سنڌي عوام جي شهيدن سان محبت کي ڪمزوري سمجهي پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪري. هاڻي عوام شايد شهيدن جي محبت ۾ حد کان وڌيڪ قرض ادا چڪو آهي.

سنڌي ڪامورن جو ڪردار

اڄ هڪ پراڻي دوست سوال پڇيو ته سنڌي ڪامورن مان اڪثر پنهنجا عزيز اقارب، ڳوٺ ۽ پاڙي وارا هميشه ناراض ڇو هوندا آهن؟ سوال تمام اهم هيو ۽ جواب ڏيڻ ايترو سولو هرگز ڪين آهي.
مون دوست کي جواب ۾ عرض ڪيو ته ڀاءُ اسان وٽ سنڌ ۾ سنڌي ڪامورن جا چار طبقا آهن ۽ چئني طبقن جي آفيسرن سان هڪجهڙو مسئلو ڪين هوندو آهي.
1. اُهي آفيسر جيڪي سياستدان جي خاندان سان واسطو رکندڙ هجن.
2. شهري آبادي جي لکيل پڙهيل طبقي سان واسطو رکندڙ
3. ٻهراڙي جا آفيسر جن جا ابا ڏاڏا سرڪاري نوڪري ۾ هيا، ان سان واسطو رکندڙ
4. ٻهراڙي جي عام خاندان ۽ گهٽ لکيل پڙهيل طبقي مان آفيسر.
هاڻي آفيسر ته چارئي طبقي وارا برابر ٿيا، پر هر هڪ سان مسئلو ساڳئي نوعيت جو ناهي.اسان وٽ ساڳيو آفيسر جيڪڏهن سياستدان جي خاندان مان آهي ته هن لاءِ ڪو به مسئلو ڪونهي نڪي تر جا ماڻهون انجي شڪايت ڪندا آهن، نڪي هو انهن سان ملي سگهن ٿا.
شهري آفيسر جو خاندان ۽ مٽ مائٽ سڀ لکيل پڙهيل ۽ آفيسن جي معاملات جي ڄاڻ رکن ٿا، انهي ڪري انهي جي اوڙي پاڙي وارو شڪايت ڪين ڪندو. ٽيون طبقي جي آفيسر کي پنهنجي وڏڙن جي اثر رسوخ ڪم اچي ٿو ۽ انهي تي اوڙي پاڙي وارا تمام گهٽ ناراض ٿيندا آهن، ڇو ته هو اڳم ڳوٺن کان ٻاهر رهيا ۽ پڙهيا.
چوٿون طبقي جي آفيسر سان سڀ مٽ مائٽ اوڙي پاڙي وارا ناراض هوندا آهن، ڇو ته هو انهن مان هيو جنهن جو قسمت ۽ محنت ساٿ ڏنو هو، پنهنجي قابليت ۽ الله جي رحمت سان آفيسر ٿي ويو.
ڇو ته هن جا مٽ مائٽ ۽ ڳوٺاڻا سڀ گهٽ تعليم يافته، آفيسن جي ماحول کان ناواقف، هنن جي پهچ جو معيار هڪدم بدلجي ويو، جيڪو هو پروڙي ڪين سگهندا آهن.اڳم هو جڏهن ته هڪ سپاهي کان ڊڄندا هيا، اتي هاڻي انهن کي حد جو مختيارڪار ۽ صوبيدار به عزت ڏيڻ شروع ڪن ٿا ته هنن جي کوپڙي ۾ هوا ڀرجي ويندي آهي. انهي سان گڏوگڏ انهن جي اولاد جيڪا صحيح طرح سان پڙهي ڪان صرف ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪئي، اهي وري وڏين نوڪرين جا خواب ڏسڻ شروع ڪندا آهن. وري مٿان عذاب اهو ته اوڙي پاڙي وارا ان کي غلط مشورا ڏيندا ۽ چوندن ته سائين توهانجي ٻارن کي پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت، توهانجو صاحب پنهنجو آهي صرف ڊگري حاصل ڪيو بس ڪافي آهي، بس پوء باقي صاحب جي هٿ ۾ سڀ ڪجهه آهي، توهان فڪرئي نه ڪيو صرف صاحب توهان سان سچو ٿئي.
هي ته ٿيو ماحول، جنهن ۾ اسان چارئي طبقي جا سنڌي آفيسر جيڪي پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ ڏسي ٿو ۽ انهن کي منهن ڏئي ٿو.هن وقت سڀ کان وڏو الميو اسان سنڌ وارن جو اهو آهي ته جڏهن سنڌي آفيسر سنڌ ۾ نوڪري ڪري ٿو ته ان کي ٻن اهڙين قومن سان واسطو پوي ٿو جيڪي هڪٻئي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ بي يقيني واري حالت ۾ رهن ٿا.
انهن ٻنهي مان هڪ تمام وڌيڪ پڙهيل ۽ منظم قوم ۽ ٻي وري گهٽ پڙهيل مٿان وري ڇڙوڇڙ ٿيل هر هڪ جو منهن پنهنجومٿان وري سون تي سهاڳ جو قانون جي حاڪميت ڪانهي، پوء جيڪو ڏاڍو سو گابو
No Rule of Law
Might is Right
انهيءَ حالت ۾ ڪمزور وڪٽ تي چوٿين طبقي وارو آفيسر هوندو آهي، جيڪڏهن مٿئين کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته، ماتحت طبقو بيزار، انهن حالتن ۾ سنڌي آفيسر پنهنجي عزت ۽ جان بچائڻ ۾ پورو هوندو آهي، ته وري مٿان پنهنجي ڳوٺ وارن جا ڪجهه جائز ته گهڻا ناجائز ڪم، جڏهن انهن جون اميدون جيڪي هو رکن ٿا نٿيون پوريون ٿي سگهن ته ناراضگيون ته ٿينديون، جيڪي صحيح هرگز نه هونديون آهن.
ٻهراڙي وارن ماڻهن جو وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن ڳوٺ لاءِ ڪو مجموعي فائدي وارو ڪم ڪيو ته اهو انهن جي لاءِ اهم ناهي. مثلاً روڊ رستا، پليون، اسڪول اسپتال وغيره وغيره، انهن سهولتن کي اهميت نه ڏيندا آهن سواء انهن ڪمن جنهن ۾ انهن جو ذاتي فائدو پوي
جيڪڏهن ڪنهنجا ڏه پٽ آهن، انهن مان جيڪڏهن ستن، اٺن کي نوڪريون وٺرائي ڏنيون ته به اهي ڪنهن به کاتي ۾ ناهن جيستائين باقي رهيل ٻن پٽن جي نوڪري جو بندوبست ڪري ڏين، نه ته ايئن پيا چوندا يار اسانجو ته ڪوئي ڪم نٿو ڪري، منهنجا ٻه پٽ لکيل پڙهيل ويٺا آهن، جيڪڏهن ڪو چوندس ته يار تنهنجا ته اڳم به ست اٺ پٽ نوڪري ۾ لڳرايا اٿس نه، يار اهي وري ڪهڙا وڏا آفيسر لڳرايا اٿئي، مڙئي اهي پنهنجو پيٽ گذر پيا ڪن مونکي ٿوروئي ڏيندا آهن.

سنڌي ڪامورو، وڏيرن جو منشي

ٻهراڙي جي آفيسر کي انهن پنهنجن ويجهن دوستن ۽ عزيزن کان پوء حد جي وڏي زميندار ۽ گادي نشين جي چالن ۽ شڪنجن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڇو ته اهي ٻئي ڪڏهن به دل سان انهي ڳالهه کي هرگز تسليم ڪين ڪندا آهن ته انهن جي راڄڌاني ۾ ڪو اهڙو پاور سينٽر جڙي، جيڪو انهن جي لاءِ خطرو ٿئي. تنهنڪري ظاهري طور تمام مٺن ٻولن سان آجيان ڪندا آهن ۽ ٻين جي سامهون انهي پاڙي واري آفيسر کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن هي آفيسر اسانجي طرفان مطمئن رهي ته اسين انجي آفيسر ٿيڻ تي دل سان خوش ٿيا آهيون. پوء هميشه ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ رهندا آهن ته جيئن اهڙي طرح هن جو ڪم لاهجي جو نانگ به مري لٺ به بچي. اهڙي قسم جا طريقا انهن روايتي زميندارن کان وڌيڪ نون ٺهيل زميندارن وٽ گهڻا هوندا آهن.
اهي زميندار اهڙي قسم جي ڪارروائي ڪندا آهن جو مجبورن ان آفيسر کي انهن جي اوطاق تي هيڻي حال ۾ وڃڻو پوي . جيڪڏهن انهن جي ڪنهن به چال ۾ نٿو ڦاسي ته پوء دوستي جو هٿ اڳيان ڪندا آهن ته جيئن هن جي ويجهو ٿي انجون ڪمزوريون هٿ ڪري پوء جيترو ٿي سگهي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
جيڪڏهن انهن سڀني حربن جي استعمال ڪرڻ کان پوء جڏهن هو ڪامياب ٿيندا ناهن ته پوء ڪوشش ڪري آفيسر جي ڪنهن ويجهي مائٽ سان دوستي جو هٿ وڌائيندا آهن، پوء انکي استعمال ڪري نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اها ڪوشش اهڙي نموني سان ڪندا جو انهن کي اِهو احساس هرگز ڪين ڏياريندا آهن ته ڪو هو انهن جي مائٽ جا مخالف آهن، پر انهن کي ڪنهن نه ڪنهن لالچ ۾ آڻي ڦاسائيندا آهن. چار ڏوڪڙ ۽ مفت جي سواري ملي ته ٻهراڙي وارو ماڻهو اها ڪون سوچ رکندو آهي ته هي ڇو اچانڪ مهربان ٿي ويو آهي.
هميشه تر جو زميندار ۽ گادي نشين صوبيدار ۽ تپيدار سان ٺاهي هلندا آهن. تنهنڪري حد جي ٿاڻيدار کي به ڏوهارين جا ساٿاري گهرجن ته جيئن ٿاڻي جي حد ۾ ڏوه ٿين ته هو پئسه ڪمائن، انهيءَ ڪري هر قسم جي ڏوه ڪرائڻ لاءِ انهن کي هر قسم جا ماڻهون گهرجن پوء عموماً آفيسر جي ڪنهن ويجهي عزيز جي معرفت گهڻو ڪري چرس ۽ ڀنگ هلائڻ لاءِ زميندار جي معرفت پوليس وارا سڀ سامان پاڻ مهيا ڪندا آهن ۽ مفت ۾ هلائڻ لاءِ ان کي پئسه ۽ پوليس تائين رسائي ملي ويندي آهي، پر انهيءَ سڄي معاملي ۾ آفيسر کي بلڪل ڪنهن به قسم جي خبر ڪان هوندي آهي پر رڪارڊ تي پوليس منشيات جي سرپرستي ڪرڻ واري لسٽ ۾ خاموشي سان ان آفيسر جو نالو درج ڪندو آهي پوء حد جو پوليس عملدار پنهنجي بچاء لاءِ ان آفيسر جو نالو کڻي پاڻ کي مجبور ڄاڻائيندو آهي.
اهڙين حالتن ۾ ٻهراڙي جي آفيسر کي وڌيڪ انهي جي پنهنجن ويجهن اڻپڙهيل يا گهٽ پڙهيل عزيزن جي ڪري گهڻو نقصان رسندو آهي. اهي هميشه ٻٽاڪ هڻي پنهنجي پر ۾ هو وڏو تير هڻندا آهن ته هنن جو مائٽ وڏي ٺٺ ۾ آهي ماڙيون، بنگلا، گاڏيون ۽ ٻيو شان آهي.
اهي انهي لاءِ چوندا آهن ته جيئن اوڙي پاڙي وارن تي اسان جو رعب ٿئي. پوء ڀلي آفيسر جي گهر سڄو مهينو دال تي گذارو پيو ڪري انهن جي ٻٽاڪ انهي آفيسر جي لاءِ وبال جان ٿي ويندي آهي. هاڻي جڏهن ڦونڊ ۾ اچي آفيسر جي گهر جا ڀاتي اها دعويٰ ڪن ته هن وٽ ايتري وڏي ملڪيت آهي ته اهو ضرور سچ هوندو.
جڏهن اهو آفيسر انهن کان پڇندو ته آهي ته چوندا ته سائين توهان کي ڪهڙي خبر اسين ٿا هتي رهون، هتان جي ماڻهن کي اسان ٿا ڄاڻون، جيڪڏهن اهو ڏيک هنن سان نه هلنداسين ته اوڙي پاڙي وارن ۾ اسان جي عزت گهٽ ٿي ويندي ۽ اسانجو ڪهڙو خرچ ٿو ٿئي يا ڪير اچي ڏسندو ته اسان وٽ آهن يا ناهن. جڏهن ته اهڙي قسم جي مشڪلات باقي مٿي ڄاڻايل ٽنهي طبقي جي آفيسرن سان درپيش ڪين ايندي آهي.

سنڌي ڪامورو سنڌ لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري! ڇو؟

سنڌ ۾ خاص ڪري اهو تاثر رهيو آهي ۽ رهندو ته سنڌي بيوروڪريٽ سنڌ جي لاءِ ڪجهه نٿو ڪري. خاص ڪري رٽائرڊ ٿيڻ کان پوء ڳالهيون ڪندا آهن جڏهن ته سروس ۾ هوندي عوام جا دشمن ۽ صرف پنهنجا مفاد پورا ڪندا آهن. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سٺا ۽ خراب انسان هر قوم ۾ هر ليول تي هر جڳه تي رهن ٿا پيا، ۽ ڏينهن قيامت تائين اهو سلسلو هلندو رهندو. تنهن ڪري مان انهي متعلق ڪا وڪالت ڪون ڪندس، باقي جيڪي ٿورا گهڻا حقائق منهنجي علم ۾ آهن ڪوشش ڪري هتي دوستن جي آڏو رکڻ جي ڪوشش ڪندس، انهي کان بعد پوء دوست جيڪو به فيصلو ڪن اهو بهتر هوندو. اهو به واضع ڪندو هلان ته اهو ضروري ناهي ته مان سڀ حقائق پيش ڪري سگهان، ڇو ته ڪيترائي اهڙا حقائق آهن جن جي مونکي ڪا به ڄاڻ ناهي، تنهنڪري دوستن کي عرض ڪندس ته جتي مان صحيح حقائق پيش نه ڪيان اتي منهنجي مدد ڪن ته جيئن منهنجي علم ۾ به اضافو ٿئي.
سڀ کان پهريان مان اهو واضع ڪندس ته رياست جي هلائڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ هميشه سياسي قيادت جو ڪم هوندو آهي. ان پاليسي تي عملدرآمد ڪرڻ بيوروڪريسي جو ڪم هوندو آهي.
1936ع کان اڄ تائين تقريباً پنجاه چيف سيڪريٽري سنڌ ۾ پوسٽ ٿيا آهن. جن ما ڪل ست چيف سيڪريٽري سنڌي پوسٽ ٿيا آهن. پهريون چيف سيڪريٽري سنڌي نومبر 1989ع ۾ پوسٽ ٿيو. انکان پوء ٻيو چيف سيڪريٽري 2002ع جولاء ۾ ٿيو. انکا اڳم ست انگريز، هڪ پٺاڻ، باقي پنجابي ۽ پناهگير. پر انهي سڄي وقت يعني 1936ع کان 1955ع ون يونٽ کان پوء اڄ تائين هميشه سنڌي چيف منسٽرز رهيا آهن.
پاليسيءَ تي عمل درآمد ڪرائڻ کاتي جي سيڪريٽري جي ذميواري هوندي آهي. 1990ع تائين سنڌ جي مختلف کاتن جا سيڪريٽري گهڻي ڀاڱي غير سنڌي هيا. انهي کان بعد توازن بهتر ٿيندو ويو ڇو ته 1973ع ۾ ڀٽي صاحب جي سروس ريفارمز جي ڪري سنڌي مرڪزي مشينري جي پرزن جو حصو ٿيڻ شروع ٿيا، جن (90) نوي واري ڏهاڪي ۾ گريڊ ويهين ۾ پير پائڻ شروع ڪيو ۽ آهستي آهستي سنڌ ۾ ڪمشنر، ڊي آء جي ۽ سيڪريٽري ٿيندا ويا، جيڪو اڄ تائين هلي پيو. انهي کان اڳ (80) اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌي آفيسر ڊپٽي ڪمشنر ۽ سپرينٽنڊنٽ آف پوليس جي عهدي تي اچڻ شروع ٿيا. 1973ع ۾ ڀٽي صاحب جي پاليسي تحت هينئر الحمدلله 2002ع کان پوء جيڪا پوک ڀٽي صاحب 1973ع ۾ پوکي، ان مان چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس جي پوسٽنگ لاءِ سنڌي آفيسر موجود آهن . اها جدا ڳالهه آهي جو بد قسمتي سان سنڌ جي انتظاميه خراب حڪمراني جي ڪري عوام لاءِ ڪا به سهولت مهيا نٿي ڪري، جنهن ۾ پاليسي جوڙيندڙن جي بي توجهي آهي نه ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪوتاهيون سول سرونٽس کان گهڻيون ٿيون آهن پر اهو انهي ڪري جو سياسي قيادت پنهنجي ذاتي مفاد کان علاوه ڪجهه ناهي سوچيو. گهڻا دوست اهو چوندا آهن بيوروڪريسي سڀ مرض جي پاڙ آهي ۽ سياستدان کي بيوقوف بڻائڻ انهن جي لاءِ ڪوئي ڏکيو ڪم ناهي. اها هر هڪ جي پنهنجي سوچ آهي، جنهن سان اتفاق ڪرڻ يا نه ڪرڻ هر ڪنهن کي حق آهي. مان انهن دوستن کان اهو عرض ڪندس ته سياستدان کي عوام ووٽ ڏئي اڳتي آڻي ٿو ۽ سياستدان ان ووٽ جي عيوض ڪجهه عوام سان ڀلائي جا واعدا ڪندو آهي ته جيڪڏهن توهان اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا ته اسين توهان جي سهولت لاءِ هي شيون ڪنداسين. سياستدان ووٽ جي وسيلي اقتدار جي ڪرسي تي ويهي ٿو، جيڪا هڪ عوام جي طرفان هڪ امانت هوندي آهي. ڪرسي تي ويهي هن جو فرض ٿيندو آهي ته عوام جي ڀلائي لاءِ پاليسي مرتب ڪري ۽ ان تي عمل ڪرائي . هاڻي جيڪڏهن سرڪاري ڪامورو اچي هن کي انهي ڪيل واعدي جي خلاف ورزي ڪرائي ۽ سياستدان کي پنهنجي مفاد لاءِ ٿو استعمال ڪري ته انهيءَ جو مطلب ته هو سياستدان ناهي، پر هڪ مفاد پرست آهي. ڇو ته سياستدان ڪيترو به گهٽ پڙهيل هجي پر هو ڪڏهن به عوام سان بيوفائي ڪين ڪندو، ڇو ته هن کي پنجن سالن کان بعد وري انهي عوام ڏانهن رجوع ڪرڻو آهي جنهن انکي اڳ ۾ ڪامياب يا ناڪام ڪرايو هوندو آهي.
ڪامورو ڪيترو به چالاڪ هجي، آخرڪار سياسي قيادت جي هيٺان هوندو آهي ۽ سياسي قيادت جي ڪيل فيصلن تي عمل ڪرڻ انجو فرض آهي. طاقت جو سرچشمو عوام آهي نڪي سرڪاري ڪامورو، اها علحده ڳالهه ته سنڌ ۾ سياسي قيادت پنهنجي گهر جي ڀاتين کي سرڪاري ڪامورو مقرر ڪيو آهي، جنهن ڪري بدقسمتي سان سنڌ ۾ جيڪا سياسي قيادت سياسي رشوت طور پنهنجي خاندان جا ٻار ڪامورا ڪرايا آهن اهي ڪامورا گهٽ پر سرڪار جو حصو وڌيڪ آهن. جنهن ڪري 1988ع کان بعد آهستي آهستي سرڪاري ڪامورو گهٽ پر خود سرڪار جو حصيدار وڌيڪ ٿي ويا آهن، هاڻي جتي پاليسي ٺاهيندڙ ۽ پاليسي تي عمل ڪندڙ هڪ خاندان جا فرد هجن ته اتي چڱائي جي اميد تمام گهٽ ٿيندي آهي.
مٿين ڳالهين جي باوجود اسان جي سنڌي سوسائٽي پنهنجا اصول گهڻي قدر وڃائي ويٺي آهي، تنهنڪري چڱي کي چڱو ۽ بري کي برو چوڻ بلڪل ختم ٿي ويو آهي. اڳ ڪوئي آفيسر يا ڪو ٻيو ڪو برائي وارو ڪم ڪندو هيو ته سڀڪو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندو هو ۽ برو سمجهندو هو، پر هينئر ته جيترو برو آهي اوترو وڌيڪ عزت وارو سمجهيو وڃي ٿو.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌي آفيسرن چاهي هيٺين ڪلاس جي سرڪاري عملدارن سنڌ جي خدمت گهٽ پر پنهنجي لاءِ وڌيڪ ڪيو آهي ۽ انهي لاءِ هو فرعون جهڙا ٿي ويندا آهن ۽ پنهنجي اصليت کي به ڀلائي ڇڏيندا آهن، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. اسانجي گهڻن ڪامورن سنڌ ۽ سنڌ واسين جي اها خدمت ڪان ڪئي، جيترو انهن مٿان اخلاقي ۽ قوميت جي حساب سان ڪرڻ گهربو هيو، جنهن ڪري هينئر سڀني رٽائرڊ چاهي حاضر سروس وارن کي هڪ ئي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي پر رٽائرڊ تي تنقيد وڌيڪ ڪئي وڃي ٿي. اسان جي دوستن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته رٽائرڊ ڪامورن مان ڪجهه نه ڪجهه سوسائٽي کي مليو آهي، سڀ ڀينگ ڪان ڪئي اٿن.
اصل ۾ سياسي قيادت جڏهن پنهنجي خاندان جي اولاد کي سياسي رشوت ۾ آفيسر ڪرايو، انهي کان بعد نوڪري جا معيار هڪدم تبديل ٿي ويا جيڪو هينئر پنهنجي عروج تي پهچي چڪو آهي پر اسانجي سوسائٽي ذهني طور مفلوج ۽ ڪمزور ٿي وئي آهي.

اسلام آباد ۾ سنڌي ملازمن جون مشڪلاتون

سنڌي آفيسر سنڌ کان ٻاهر خاص ڪري مرڪزي سرڪار جي دارالحڪومت يعني اسلام آباد ۾ مختلف مشڪلاتن جي مرحلي مان گذري ٿو. خاص ڪري ڳوٺ کان پري نئون ماحول، ٻين جي مقابلي ۾ ڪمزور، سنڌي سياسي قيادت جي لاپرواهي ۽ رهائش جون مشڪلاتون وغيره.
اُهي مٿيان چند اهم مسئلا هميشه سنڌ کان ايندڙ آفيسر چاهي گهٽ گريڊ جي سرڪاري ملازم جا تمام اهم ۽ خاص اهميت جا حامل رهن ٿا. سنڌ کان ايندڙ سرڪاري نوڪر انهن مٿين مسئلن ۾ آخري دم تائين وڪوڙيل رهي ٿو. نئين ماحول ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ ۾ ٿورو گهڻو وقت ضرور لڳندو آهي. پوء ڪن کي ٿورو گهٽ يا وڌ رهي ٿو پر هاڻي اهو معاملو ڪافي حد تائين بهتر ٿي ويو آهي، جو هينئر سنڌي تقريبن ڪنهن نه ڪنهن هنڌ توهان کي نظر ايندو آهي ۽ ڪجهه نه ڪجهه اُن جي رهنمائي ٿيو وڃي جنهن ڪري اسلام آباد جي ماحول ۾ ايڊجسٽ ٿيو وڃي.
ٻيو سڀ کان وڏو مسئلو اهو هوندو آهي، هتي سيڪريٽريٽ ۾ سنڌي آفيسر يا اسٽاف اٽي ۾ لوڻ برابر مس آهي، جنهن ڪري ڪافي مشڪلاتن مان گذرڻو پوي ٿو. سڀ کان پهريائين سنڌي آفيسر جي مٿان مختلف طرفن کان ڪجهه ظاهري ڪجهه ڳجهين ڪئمرائن جو منهن موڙيو ويندو آهي جو ان جي هر زندگي جي پهلو تي مڪمل نظر رکي ويندي آهي. اها ڳالهه ڍڪيل ڇپيل ناهي ته اسلام آباد جي آفيسر ۽ باقي عملدارن ۾ سڀ کان وڌيڪ گهڻائي پنجاب جي علائقي سان وابسطا هوندي آهي انهيءَ کان بعد پٺاڻ آفيسر ۽ سرڪاري ملازمن جي هوندي آهي. سنڌي ۽ بلوچي تمام ٿورا ۽ سندن اهميت بلڪل گهٽ هوندي آهي. انهيءَ جا سبب ڪيترائي هوندا پر مان صرف هتي هڪ پهلو جو ذڪر ٿو ڪيان ته مرڪزي سرڪار جي وهنوار هلائڻ لاءِ سنڌي ڪيترا هيا. توهان کي تعجب ٿيندو ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان ويندي ون يونٽ جي ختم ٿيڻ تائين يعني ٽيويھه سالن جي عرصي ۾ مرڪزي سيڪريٽري صرف هڪ سنڌي هيو يعني آفتاب غلام نبي قاضي (اي جي اين قاضي) اهو به 1969ع ۾ ٻاويھه سال بعد ٿيو.
ون يونٽ 70-1955ع جي دوران صرف هڪ سنڌي شير محمد بلوچ مغربي پاڪستان جو سيڪريٽري ٿيو، اهو به چند مهينا ون يونٽ جي ختم ٿيڻ کان اڳ۾۽ ٻه جوائنٽ سيڪريٽري (1) هڪ جي ڊي ميمڻ ۽ (2) ٻيو زيڊ اي چنه.
اڄ تائين مرڪزي سيڪريٽري ڪل تقريبن 800 اٺ سو ٿيا آهن، تقريبن پنجاهه ايڪونجاهه سنڌي ٿيا آهن. (70) ستر واري ڏهاڪي ۾ڀٽي صاحب ڪجهه ليٽرل انٽري جي ذريعي ڪيا جنهن شروع ۾هڪدم ڪجهه مرڪزي سيڪريٽري پوسٽ. انهن مان گهڻا ڀٽو صاحب ۽ بينظير صاحبه جي ٻنهي دورن ۾ٿيا. گذريل ٻاويهه (22) سالن ۾ يعني نوازشريف، جنرل مشرف، زرداري، نوازشريف ۽ عمران جي دور تقريبن ٻارهن مرڪزي سيڪريٽري ٿيا. 2008ع کان 2013ع جي عرصي دوران ڪل (6) ڇهه مرڪزي سيڪريٽري رکيا ويا.
(1) عبدالغفار سومرو(2) انيس الحسن موسوي (3) گل محمد رند (4) امتياز قاضي (5) محمد جمن ڄامڙو (6) منير قريشي
جڏهن ته انهي پنجن سالن جي دوران گهٽ ۾گهٽ پنجيتاليھه سنڌي آفيسر ان لائق هيا، جيڪي پروموشن جي سينيارٽي لسٽ ۾هيا. جڏهن ته ڀٽو صاحب ۽ بينظير صاحبه جي دور ۾سنڌي آفيسر پروموشن جي سينيارٽي ۾ به ڪون هيا تنهن جي باوجود انهن ٻنهي ايڪس ڪيڊر ۽ ليٽرل انٽري جي معرفت انوقت جي ڪوٽا مطابق سنڌي مرڪزي سيڪريٽري رکيا. جيڪڏهن اهو ڏسجي ته بينظير جا ٻئي دؤر گڏائي پنج سال دورانيو ڪون ٿو ٿئي. گذريل سٺ سالن ۾ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن (24) چوويهه ٿيا، جن مان صرف هڪ سنڌي اي جي اين قاضي 1986ع کان 1993ع تائين ٿيو.

اسلام آباد ۾ سنڌي ملازم ۽ سنڌ جي سياسي نمائندن جا رويه

مٿي بيان ڪيل حقيقتن کي سامهون رکندي اهيو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي نمائندگي جي نه هجڻ جو يقيناً ٻين فائدو ورتو، جنهن جو احساس اسان سڀني کي اڄ ڏينهن تائين ٿئي پيو. انهي جو سڄو فائدو غير سنڌين ورتو ۽ انهي مفت جي حاصل ڪيل شيءِ تان هٿ کڻڻ يقيناً ڏکيو هوندو آهي، اهو انساني نفسيات جو هڪ عنصر آهي، جنهن کان ڪوئي به انڪار نٿو ڪري سگهي. اهڙين حالتن ۾ سنڌ کان آيل ملازم ننڍو هجي چاهي وڏو هجي اُن جي لاءِ اسلام آباد ۾ ڪم ڪرڻ ۾ڪافي ڏکيايون هونديون آهن. سڪريٽريٽ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ ماحول هوندو آهي جيستائين ماحول سازگار ناهي، تيستائين ڪير به اطمينان سان ڪم ڪري نٿو سگهي. جڏهن به سنڌي سيڪريٽري پوسٽ ٿيندو آهي ته هن جي لاءِ ماحول انتهائي ناسازگار هوندو آهي، ٻين سڀني جي ڪوشش هوندي آهي ته ڪيئن به ڪري هن جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪجن ته جيئن صحيح معنيٰ ۾ ڪم ڪري نه سگهي. سڀ کان پهريان سپورٽنگ اسٽاف هن کي مرضي جو ڪين ڏيندا آهن. عمومن ايڊيشنل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري، سيڪشن آفيسر ويندي پٽيوالي تائين هن جي مرضي جو ڪين ڪي مٿان وري انهن جا پنهنجا هر معاملي ۾ انٽريسٽ، جنهن جو هو ڪنهن به حالت ۾انجو تحفظ ڪندا آهن ۽ انهي لاءِ هنن جي هڪ گڏيل چئين هوندي آهي، تنهنڪري هڪٻئي جي ڀرپور مدد ڪندا رهندا آهن.
سيڪريٽريٽ جي ورڪنگ هڪ منظم ۽ رولز جي تحت ٿيندي آهي، جنهنجو بنياد هميشه سيڪشن آفيسر هوندو آهي انکان بعد ڊپٽي سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري پوء سيڪريٽري، يعني سيڪريٽري تائين پهچڻ تائين ڪنهن به معاملي لاءِ هڪ واضع تصوير نڪري ايندي آهي جنهن ۾سيڪريٽري گهڻي ڦيرگهير نٿو ڪري سگهي، سواء انهي حالت جي جو گهٽ ۾گهٽ ٻه ٽيئر يعني جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سيڪشن آفيسر سيڪريٽري جي اعتماد وارا آهن، پوء انهي لاءِ جي ايس کي چئي ته هن طرح نوٽ ڏياري موڪل. جيڪا سهولت سنڌي آفيسر کي تمام گهٽ ميسر هوندي آهي. ٻاهر جي دنيا لاءِ سيڪريٽري سڀ ڪجهه هوندو آهي ۽ واقعي هوندا به آهن، جڏهن پٽيوالي کان ويندي وزير تائين هڪ زبان ۽ هڪٻئي جي اعتماد وارا هجن. باقي سنڌي سيڪريٽري جي لاءاڳيان پويان پاڻي وري مٿان پنهنجن دوستن، مٽن مائٽن، واقفڪارن ۽ سنڌ کان ڪهي اچڻ وارن جا مسئلا، جنهن لاءِ هو سچي ڳالهه ٻڌڻ يا اعتبار ڪرڻ لاءِ تيارئي ڪين هجن. سنڌ کان آيل ماڻهن جو به قصور ڪونهي ڇو ته ٻيو ته هتي انهن جي ٻڌي ڪون ۽ سنڌي آفيسر پنهنجي عزت بچائڻ ۾ پورو. ظاهر آهي ته سنڌ مان ايندڙ ماڻهون لاءِ سيڪريٽري وڏي ڳالهه ٿيو، مٿان وري انکي عزيز عقارب چوندس ته سيڪريٽري صاحب آهي رڳو هلو ڪرڻ جي دير اٿس، تنهنجي ڪم ڪو ايترو ڏکيو ناهي صرف صاحب سچو ٿئي.
اصل ۾سنڌ جو ماڻهون تمام سٻاجهڙو ٿئي ٿو، جڏهن غير سنڌين جا ڪم ٿيندي ڏسي ٿو ته ٻين جا ڪم رڪن ڪون ٿا ۽ پنهنجي سنڌي سيڪريٽري يا ڪو ٻيو آفيسر ايترو انهي لاءِ جاکوڙ نٿو ڪري تنهن ڪري ان کي ڏک ٿيندو آهي، پر اسلام آباد ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي آفيسرن جي بيوسي کان واقف ڪين هوندا آهن. اڪثر سنڌي آفيسر سنڌ جي آيل ماڻهون جي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر انهن جون به ڪي مجبوريون هونديون آهن، جنهن کان اڳتي هو وڃي نٿا سگهن، انهن مجبورين کي سنڌ کان آيل دوست سمجهڻ کان قاصر هوندا آهن، جنهن ڪري هميشه اهوئي تاثر ورتو ويندو آهي سنڌي آفيسر ڪنهن به طرح اسانجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪو تاثر گهڻي قدر غلط ۽ بي بنياد هوندو آهي. ڪجهه ڪيسن ۾ ائين به ٿئي ٿو ته سنڌي آفيسر صحيح رخ سان پيش ڪين ايندا آهن، پر انهن جو تعداد اسلام آباد ۾موجود آفيسرن جو گهٽ آهي. انهي ۾ڪو به شڪ ناهي ته هر قسم جا انسان موجود آهن.
سنڌي آفيسر کي جيڪا اسلام آباد جي ڪنهن به آفيس پاڪستان سيڪريٽريٽ هجي يا ڪا ٻي، جيڪا مشڪل اچي ٿي اها صرف سنڌ جي سياسي قيادت جي بي رخي واري برتاء جي ڪري آهي. ڀٽي صاحب ۽ بينظير صاحبه واري دور ۾ سنڌ جي ملازم جي ٿوري گهڻي مالڪي ٿيندي هئي پر گذريل ارڙهن اڻويهه سالن دوران ته بلڪل ناهي، جنهن ڪري سنڌي سياستدان جي هميشه ڪوشش هوندي آهي ته سنڌي آفيسر کي ڪنهن به قسم جي اهميت نه ڏئي، انهي جي جاء تي ٻين جي آڏو ڪٺل هوندا آهن. سنڌي سياستدان جڏهن اپوزيشن ۾ هوندو آهي ته ٿوري گهڻي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار هوندو آهي پر جڏهن حڪومت ۾هوندو آهي ته سنڌي مخلوق کي ڏسڻ به پسند ڪين ڪندا آهن. انهي جي مقابلي ۾جيڪڏهن پٺاڻن جي ڪنهن به ملازم سان ڪا به ٿوري زيادتي ٿي يا ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي، ته جڏهن اهو ننڍي کان ننڍو ملازم ڪنهن به پٺاڻ ايم اين اي يا سينيٽر ڏي ويندو آهي، پوء ان جي حد جو آهي يا نه پر اهو ان ملازم سان گڏ ويندو وڃي آفيسر سان ملندو، تيستائين واپس ڪين ٿيندو جيستائين انجو ڪم ٿئي نه .
سنڌ جي سياسي قيادت ڪڏهن سنڌي ملازم جي ڪنهن به طرح سان مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪين هوندي آهي، جنهن ڪري سنڌي آفيسر يا سنڌي ملازم اسلام آباد ۾رهي ڪري سنڌواسين جي صحيح خدمت نٿا ڪري سگهن.
سنڌ جي سياسي قيادت کي پنهنجي رويي ۾تبديلي آڻڻ گهرجي ۽ سنڌي ملازمن سان ويجهڙائپ قائم ڪرڻ گهرجي، جيئن پٺاڻ ڪن ٿا. اهي ناهن ڏسندا ته هي هنن جي تڪ جو آهي يا ناهي، مخالف پارٽي سان وابسطا آهي يا نه، هو صرف انهي ڳالهه ڏسندا آهن ته پٺاڻ آهي بس ڪافي آهي، پشتو ڳالهائي ٿو. سنڌ جي سياسي قيادت وٽ وڃو ته اڳ چوندو ته منهنجو ڪهڙو واسطو، هيڏي ڇو آيو آهين؟ وڃ پنهنجي ايم اين اي، ڏي.

مرڪزي ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ سنڌ جي نمائندگي

سنڌ جي سياسي قيادت تي اهم ذميواري ٿئي ٿي ته هو سنڌ ۽ سنڌواسين جي حقن جو تحفظ ڪن، بغير ڪنهن مت ڀيد جي. سنڌ جو چونڊيل نمائندو پوري علائقي جو هوندو آهي چاهي، ڪنهن ووٽ ڏنو چاهي ڪين ڏنو. انهيءَ اصول تي هلنداسين ته سنڌ جي ترقي ٿيندي ۽ سنڌ جو عوام خوشحال ٿيندو. جيڪڏهن انهي ڳالهه کي ٿورو دل سان هنڊائبو ته خبر پوندي ته ڇاجي ڪري پٺاڻ جي نمائندگي پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾وڌيڪ آهي، سنڌ جي نمائندگي کان. جڏهن ته سنڌ جي سياستدانن کي ڪيترائي ڀيرا موقعو مليو آهي مرڪز ۾حڪومت هلائڻ جو. انجي مقابلي سياسي لحاظ سان پٺاڻ کي ڪڏهن به موقعو ڪين مليو آهي ته حڪومت مرڪز تي هلائي سواءِ جنرل ايوب جي.
پٺاڻ جي نمائندگي جي هجڻ جو ڪارڻ صرف پٺاڻن جي سرڪاري ملازمن جي پٺڀرائي ڪرڻ آهي. مان ڇا پر جيڪو به اسلام آباد ۾ڪنهن ڪم سانگي آيو هوندو يا نوڪري جي دوران، ان اهو ضرور محسوس ڪيو هوندو ته پٺاڻ جي ڪنهن به ننڍي کان ننڍي ملازم سان ڪنهن به گروپ چاهي هو ڪيترو به مضبوط هجي، هن کي مجال ناهي جو پٺاڻ سان ڪا زيادتي ڪري. ڇو ته هتان جي سڀني عملدارن کي خبر آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به پٺاڻ سان ٿوري به زيادتي ٿي ته هن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو. اسلام آباد ۾ڪئي اهڙا اکين ڏٺا واقعه ٿيا آهن، جو هڪ پٽيوالي جي بدلي تي به پٺاڻن جي چونڊيل نمائندن جو جٿو اچي اتي پهچندو آهي هو تيستائين بس ڪري ڪين ويهندا آهن جيستائين انهن جو مقصد پورو نه ٿئي.
انهيءَ جي برعڪس جيڪڏهن ڪنهن سنڌي سان انتهائي زيادتي ڪرڻي پوندي اٿن ته بنا جهجهڪ جي ان سان ڪري ڇڏيندا آهن، ڇو ته هنن کي خبر آهي ته سنڌ جو ڪو به سياسي نمائندو سنڌي عملدار جي مدد ۾ڪڏهن به هلي ڪين ويندو. جيستائين سنڌ جي سياسي قيادت انهن پٺاڻن وارو طريقو استعمال ڪين ڪندي تيستائين سنڌ ۽ سنڌ جي رهواسين سان زيادتيون ٿينديون رهنديون. مرڪزي ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز تي به هميشه ٻه ٽي پٺاڻ هوندا آهن، ڇو ته انهن کي خبر آهي ته پٺاڻ هنن جي جان ڪين ڇڏيندا انجي مقابلي ۾سنڌ جي نمائندگي مرڪزي ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز تي بلڪل ڪين هوندي آهي. ڪجهه وقت اڳ او جي ڊي سي ايل جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز تي سنڌ جو نمائندو هيو، جيڪو
پ پ پ جو ايم اين اي هيو. اتان جي سينيئر آفيسرن ٻڌايو ته ان ڊائريڪٽر جي صرف اها ڪوشش رهي جيترا وڌيڪ ٺيڪا ڏياري ڪنهن پنهنجي ماڻهو کي، انهيءَ کان وڌيڪ هن پاليسي جي جوڙڻ يا انتي عمل ڪرڻ بابت ڪڏهن به هڪڙو حرف ڪين ڪڇيو.
اسانجي نمائندن جو هڪ نفسياتي معاملو اهو ڏٺو ويو آهي ته هميشه ڊڄندا آهن ته متان اسان تي اهو ليبل لڳي ته اسين سنڌين جو ڪم ٿا ڪيون ۽ تعصب ٿا ڪيون وغيره وغيره . هاڻي جيڪڏهن سنڌ جو نمائندو سنڌ ۽ سنڌواسين جي لاءِ آواز نه اٿاريندو ته ٻيا ڪير اچي اٿاريندا. اسان جي نمائندن کي فخر ڪرڻ گهرجي ته اسين پنهنجي صوبي جي خدمت ٿا ڪيون، جيڪو اسان جي مٿان فرض آهي پوء ڪير ٻيو ڇا به چوي انهيءَ جو هنن کي فڪر هر گز ڪين ڪرڻ گهرجي. ڇا پنجابي ۽ پٺاڻ پنهنجي صوبي ۽ صوبي جي رهواسين جي ڳالهه ڪون ٿا ڪن؟ اهي ڪن ٿا ته پوء سنڌ جي سياسي قيادت کي به بلڪل ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي نمائندي هجڻ جو قرض لاهڻ کپين.
اسان کي سنڌ جي سياسي نمائندن جي اها فلاسافي سمجهه ۾نٿي اچي ته جيڪڏهن پنجابي۽ پٺاڻ پنهنجي صوبي جي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪن ته اها ملڪي مفاد ۾آهي، جيڪڏهن اهڙي قسم جي سنڌ ۽ بلوچستان جو رهواسي اها ساڳئي ڳالهه صوبي ۽ صوبي جي عوام جي لاءِ ڪري ته اها تعصب ۽ ملڪ جي مفاد خلاف ٿيو وڃي. سنڌ جي سياسي قيادت کي انهي نفسياتي ماحول مان نڪري سنڌ ۽ سنڌ جي رهواسين جي حقن جي ڳالهه آئين ۽ قانون جي دائري ۾ڀرپور انداز ۾ڪرڻ کپي. جيستائين اسان جي سنڌ جي سياسي قيادت انهي نفسيات کان ٻاهر ڪين نڪرندي، تيستائين سنڌ ۽ سنڌي ملازمن کي پنهنجا جائز حق ڪين ملندا.
دنيا جو اصول آهي ته جيڪو مسئلو جنهن ليول کان شروع ٿيندو آهي ته انهي کي حل ڪرڻ لاءِ انکان وڌيڪ ليول وارو حل ڪندو آهي. سنڌين جو مسئلو پاڪستان جي ٺهڻ کان جلدئي ٿوري وقت ۾ڪنهن سياسي شخصيت جي ڪري وجود ۾آيو. انهيءَ سياسي شخصيت جي خيال کي مخالف ڌر ميڊيا جي زور تي اهڙو ته طوفان برپا ڪيو جو ٿوري ئي عرصي ۾پاڪستان ۾اهو تاثر ٿي ويو ته سنڌي ملڪ سان وفادار ناهن. اهو تاثر ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي تائين زورن تي رهيو، الحمدلله اها غلط ڪيل پروپيگنڊا آهستي آهستي پنهجي موت مرندي پئي وڃي. پر جيڪڏهن سنڌ جي سياسي قيادت انهي غلط ڳالهه کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور انداز ۾سياسي ميدان تان اچي ويڙهاند ڪري ته اهو غلط تاثر هميشه لاءِ جلد ختم ٿي سگهندو ۽ سنڌين کي قومي ڌاري ۾جيڪي رڪاوٽون آهن سڀ ختم ٿي وينديون.
اها ڪيڏي ته افسوس ناڪ ڳالهه آهي پاڪستان کي ٺاهڻ وارا سنڌي، باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح سنڌي، پاڪستان کي ايٽمي طاقت ٺاهڻ وارو ذوالفقار علي ڀٽو اهو سنڌي، ۽ پاڪستان کي ميزائيل ٽيڪنالوجي ڏيارڻ واري شهيد بي بي اها به سنڌي، پاڪستان جي ٺهڻ کان اڄ تائين سڀ کان وڌيڪ قرباني به سنڌين ڏني، تنهن جي باوجود به سنڌي تي سواليه نشان ڇو؟ جڏهن ته اها کليل حقيقت آهي ته سنڌي قوم هميشه ان سياسي پارٽي کي ووٽ ڏنو آهي جنهن جو منشور آئين پاڪستان جي عين مطابق ته ڇا پر پاڪستان هڪ مضبوط آئين ڏيڻ واري پارٽي به سنڌ جي جوڌي جوان جي آهي، انهي جي باوجود سنڌ جي سياسي قيادت سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ کان صرف انهي ڪري ڊڄي ٿي ته متان چون ته اسان صوبائيت ۽ نفرت جي ڳالهه ٿا ڪريون. انهي خول مان نڪرڻ گهرجي، مرڪزي سرڪاري ادارن کان جنهن جو ڪو به بنياد ناهي صرف غلط پروپيگينڊا ڪري سڄي سنڌ جي آبادي کي عزيز وطن جي لاءِ اها منفي سوچ رکي وئي.

سنڌ ۽ سنڌين جي پاڪستان ۾ حيثيت

اڄ تائين پاڪستان لاءِ جيتريون قربانيون سنڌ ڏنيون آهن اوتريون ٻئي ڪنهن به صوبي ناهن ڏنيون. انهيءَ جي باوجود سنڌي قوم کي اهو مقام ڇاجي ڪري ڇو ڪين مليو آهي ۽ انهي لاءِ ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي، جو اسين سڀ ملڪ عزيز ۾برابري جي بنياد تي آئين ۽ قانون مطابق هرڪوئي زندگي پرامن طور سان گذاري. اڄ پاڪستان جي اندر اها هم آهنگي ناهي جيتري پاڪستان جي ٺهڻ وقت هئي. انهي لاءِ پاڪستان جي چئني صوبن کي ويهي سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان جي وحدانيت ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جي آنچ نه اچي. پاڪستان کي هن وقت سخت ضرورت آهي ته ملڪ اندر رهندڙ سڀني صوبن جي سياسي قيادت کي پاڻ ۾ويهي جيڪي به مسئلا آهن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو لائحه عمل تيار ڪن.
اڄ تائين سنڌ جي ڪيل خدمتن ۽ قربانين کي حقيقي معنيٰ۾اهو مقام ناهي مليو جيڪو ملڻ گهرجي. انهيءَ لاءِ صرف سنڌ جي سياسي قيادت کي اهم رول ادا ڪرڻو پوندو، جيڪو اڄ تائين سنڌ جي سياسي قيادت ڪو به ٺوس قدم کڻڻ لاءِ ڪو گڏيل لائحيه عمل تيار ڪين ڪيو آهي. سنڌ جي سياسي قيادت کي جيترو ٿي سگهي اوترو انهي سلسلي ۾ترت قدم کڻي انهي لاءِ ڪو ٽاسڪ فورس يا اهڙي ڪاميٽي جوڙي جنهن ۾مختلف فڪر جا ماڻهون ويهي صرف هڪ ايجنڊا تي سوچ ويچار ڪن ته ڪيئن سنڌ ۽سنڌواسين لاءِ جيڪا غلط پروپئگينڊا ڪئي وئي هئي ۽ جنهن جي ڪري پاڪستان جي هر اداري انهي پروپئگينڊا جي بنياد تي هڪ منفي تاثر سنڌين ۽ بلوچن لاءِ قائم ڪيو. جنهن جو سنڌ جي رهواسين کي ڪافي نقصان رسيو آهي، جو اڄ سنڌ جي حقيقي وارثن جي اڃا تائين رياستي ادارن ۾رسائي ٿي ڪانه سگهي آهي، انهي کي ڪيئن ختم ڪجي.
الحمدلله اهو منفي تاثر ڪافي حد تائين گهٽيو ضرور آهي پر مڪمل ختم ناهي ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾اسان سڀني کي گهرجي ته انهي منفي سوچ جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ آرمڊ فورسز ۾هر ليول تي گهڻي ۾گهڻا سنڌي وڃن ته جيئن اڳتي هلي سنڌي وڏي تعداد ۾ملڪ جي هر اداري تائين رسائي ڪري سگهن . منهنجي خيال مطابق جيستائين سنڌي پاڪستان افواج ۾ٿري اسٽار جنرل رينڪ تائين نٿا پروموٽ ٿين، تيستائين انهي غلط ڪيل پروپئگنڊا جو سنڌين ۽ بلوچن تي اثر ڪنهن نه ڪنهن طرح رهندو.
انهي کان علاوه اسان جي سول سوسائٽيز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، انهي لاءِ مختلف جڳهن تي ورڪشاپ. سيمينارز، ڪانفرنسز ۽ ميڊيا کي انهي لاءِ استعمال تمام مفيد ٿيندو.اها هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان جي ٺاهڻ ۾سڀ کان وڏو ڪردار سنڌ جو رهيو آهي باني پاڪستان به سنڌي آهن.
سنڌ اسيمبلي پهرين اسيمبلي هئي جنهن پاڪستان جي گهر ڪئي.
سنڌ پنهنجي ڪک مان هڪ اهم شهر ڪراچي پاڪستان جي گادي لاءِ ڏنو جيڪو تيرهن سال 1960ع تائين رهيو.
1971ع ۾جڏهن اوڀر پاڪستان ڌار ٿي ويو انهي کي سنڀالي ۽ نئون 1973ع جو آئين ڏيڻ وارو به سنڌي. هندستان جي قبضي مان زمين ۽ قيدي واپس وٺي اچڻ وارو به سنڌي. مارشلا جي ڪري ملڪ جي وحدانيت کي خطرو ٿيو، چئني صوبن جي زنجير اها به سنڌي.
پاڪستان کي ائٽمي قوت ٺاهڻ وارو به سنڌي، پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏيارڻ واري به سنڌي. انهيءَ کان پوءِ به جيڪڏهن ملڪي ادارا سنڌين کي پوء به سوالي نظرن سان ڏسن ته انهئ لاءِ ملڪ جي هر اداري کي سنڌين جي لاءِ پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان کي ڪير به ميري اک سان ڪين ڏسي.

مارشلائن جا سنڌ تي اَثر

اڄ هڪ دوست پڇيو ته پاڪستان ۾مارشلائن جي ڪري سنڌ تي ڪهڙو اثر ٿيو ؟. اهو تمام ڏکيو سوال آهي، مان ان لائق ناهيان جو انهي تي ڪو خاص تبصرو ڪري سگهان، پر انهيءَ تي اهو ماڻهو ڪجهه چئي سگهي ٿو جنهن جي انهي متعلق چڱي خاصي ريسرچ ڪيل هجي. منهن جي ان متعلق ڪا خاص ريسرچ ڪانهي ٿيل، بحرحال جيڪو ڪجهه منهنجي سمجهه ۾اچي ٿو انهي لاءِ ٿورو عرض ڪيان ٿو انهي شرط تي ته جيڪڏهن ڪنهن کي انهي موضوع جي ڄاڻ هجي ته منهنجي رهنمائي ڪري. پاڪستان ۾پهرين مارشلا آڪٽوبر 1958ع تي صدر اسڪندر مرزا خط ذريعي جنرل ايوب کي سي ايم ايل اي مقرر ڪيو، ان ليٽر جي ڪاپي انيڪس ڪيان ٿو. مان اهو خط هتي انهي لاءِ شيئر ٿو ڪيان جو ڪجهه دوست چوندا آهن ته جنرل ايوب ڪين پئي چاهيو ته هو ملڪ جون واڳون سنڀالي پر هن کي ڏنيون ويون جنهن لاءِ انهي مٿي ذڪر ڪيل خط جو حوالو ڏيندا آهن. پر مان ان خط کي صحيح انهي ڪري ڪين ٿو سمجهان ڇوته انهي ۾ ڪوئي فائل ۽ ڊائري نمبر ناهي، باقي وَٱللَّهُ أَعْلَمُ دوست انهي خط کي ڏسي پاڻ جيڪو به انهي لاءِ راء رکن. انهي جي ٻن هفتن بعد جنرل ايوب صدر اسڪندر مرزا کي به چلتو ڪري پاڻ مرادو فيلڊ مارشل بڻجي ويهي رهيو. اهو دور ون يونٽ وارو هو ۽ سنڌين جي نمائندگي سرڪاري نوڪرين مرڪزي چاهي اولهه پاڪستان ۾ بلڪل اڻ لڀ هئي. تنهن ڪري جيڪي به فيصلا ٿيا، انهي ۾سنڌ جي نمائندگي نه هجڻ ڪري سڀئي فيصلا سنڌ جي مفاد خلاف ٿيا. انهي دور ۾گڊو ۽ ڪوٽڙي بيراجز وجود ۾آيون ۽ ٻنهي بئراجن جي سرڪاري زمينن کي بيدردي سان غير سنڌين ۽ سنڌ کان ٻاهر جي ماڻهن ۾تقسيم ڪيو ويو.
سنڌ جي معدني وسيلن تي قبضا ڪري ٻاهرين کي ڏنا ويا.
شهري علائقن ۾صنعتون لڳيون ۽ انهن ۾سنڌين کي ڪوئي جاب ڪين ڏنو ويو ۽ سڀ مزدور طبقو اترئين علائقي کان سنڌ ۾آيو ۽ آباد ٿيو.
جنرل ايوب جي دور ۾چشمه بئراج ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪينال ٺهيو.
تونسه بئراج ۽ پنجند لنڪ ڪينال ٺهيو. اهي ٻئي بيراجز ۽ لنڪ ڪينال 1945ع جي پنجاب ۽ سنڌ جي پاڻي جي معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي ٺاهيا ويا.ٻي مارشلا جيڪا 1977ع۾لڳي انهي جي سنڌ تي ته ڇا پر پوري ملڪ تي اثر پيو، پر خاص ڪري سنڌ تي تمام گهڻو برو اثر پيو.
ڪلاشنڪوف ۽ هيروئن سان گڏ مذهبي جنون وڌيو، جنهن جي ڪري دهشتگردي جو بنياد پيو. ڀٽي صاحب 1973ع جي سروس ريفارمز جي تحت پهريون دفعو سنڌين کي مرڪزي سرڪار جي نوڪرين ۾آئين پاڪستان جي تحت نوڪرين ۾ڪوٽا ملي ۽ سنڌ ۾باقاعده مڊل ڪلاس جو بنياد پوڻ شروع ٿيو. ڪجهه عرصي کي بعد مارشلا نافذ ٿي ويو جيئن ته سنڌين جي فوج ۾ايتري نمائندگي ڪان هئي، تنهنڪري سڄو معاملو هڪ طرفو ٿي هلڻ لڳو، جنهن جي ڪري سنڌين ۾احساس محرومي وري وڌڻ شروع ٿيو ۽ اڳتي هلي سنڌ جي سياسي ڪلچر ۾وڏي تبديلي اچي وئي. خاص ڪري شهري علائقن ۾جتي جميعت ۽ اسلامي جماعت جو ڳڙه هيو، اتي فاشسٽ تنظيم سياسي جماعت جي روپ ۾تيار ڪئي وئي، جنهن جي ڪري سنڌ جي پرامن شهري زندگي تباه ٿي وئي. انهي سان گڏ سنڌين ۽ پناهگيرين جي وچ۾خونريزي ٿي جيڪو نهايت افسوسناڪ ۽ سنڌ ۾نفرتن جو ٻج وڌيو.
سنڌ جي تعليمي ادارن ۾مٿان کان مداخلت وڌي وئي، جنهن جي ڪري سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾آتشي هٿيار ۽ فنڊز ڏنا ويا، جنهن ڪري تعليمي ادارن ۾تشدد جون ڪاروايون روز جو معمول بڻجي ويون. تعليمي ادارن ۾شاگردن جي بجاء منصوبي تحت نامي گرامي چور ۽ ڌاڙيل خاص ڪري بقادار شاه، صدورو شيخ ۽ ٻيا ڌاڙيل يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ رهڻ لڳا.
شاگردن ۾ ڌڙا بندي ڪري مسلح ڪيو ويو ۽ پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪندي سنڌ جي تعليم کي هڪ ٺهيل منصوبي تحت هميشه لاءِ تباه۽ برباد ڪيو ويو ۽ ڪاپي ڪلچر کي پروان چاڙهيو ويو. امن امان جي صورتحال جي آڙ ۾جهنگل ڪٽائي ٻيلا تباه ڪيا ويا.
انهي دور ۾چورن جي ساٿارين جي مدد ڪري ڌاڙيلن کي باقائدا منظم ڪيو ويو. اهي مٿيان سڀ ڪم طاقتور ڌرين سنڌ ۾ ايم آرڊي موومينٽ کان بعد ۾ڪيا ته جيئن هميشه جي لاءِ سنڌين کي قبضي ۾رکڻ لاءِ يا سيکت ڏيڻ جي خيال سان ڪيا ويا.

جنرل مشرف جي دور ۾ ايم ڪيو ايم ۽ وڏيرن جي بادشاهي

ٻي مارشلا يعني جنرل ضيا جي دور ۾انهن مٿين ڳالهين کان علاوه سنڌ ۾خاص ڪري وڏيرڪي نظام ۾وري نئين طرح سان طاقت پوڻ شروع ٿي وئي، پهريان 1979ع لوڪل گورنمينٽ سسٽم ۽ انهيءَ کان بعد غير سياسي بنياد تي 1985ع ۾جنرل اليڪشن جنهن ۾پهريون دفعو پارليامينٽ جي ميمبر کي ترقياتي اسڪيمن جي معرفت سرڪاري فنڊز الوڪيٽ ڪيا ويا. انهي دور ۾شهري ۽ ٻهراڙي علائقن جي ڇڪتاڻ شروع ٿي . سنڌ جي تعليمي ادارن جو تباهي ڏانهن سفر تيزي سان شروع ٿي ويو.
1999ع جي مارشلا ۾سنڌ جي شهري علائقن ۾ باقي رهيل ڪسر پوري ٿي وئي ۽ سنڌ کي بلڪل ڪمزور ڪري ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي روپ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي زبردستي هڪ تنظيم جي حوالي ڪيو ويو. حيدرآباد جيئن ته سنڌ جو هڪ تاريخي شهر آهي، تنهنڪري ارباب رحيم جي هٿان حيدرآباد سان تاريخي زيادتي ڪئي وئي، جنهن ۾حيدرآباد جا سڀ عضوا ڪٽي جنرل مشرف جي چوڻ تي انهي جي لاڏلن کي پليٽ ۾رکي ڏئي ڇڏيو.
ضلعي ناظم جي صورت ۾ وڏيرڪي نظام کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو جيڪو هينئر تائين هڪ مافيا جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي.
مختصر پاڪستان ۾جيڪي ٽئي مارشلائون آيون، تن مان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جو ٿيو.
سنڌ کي خاص ڪري 2008ع کان وٺي اڄ تائين جيڪو نقصان پهتو آهي، اهو اڄ تائين ٿيل سڀ زيادتيون هڪڙي پاسي، هن گذريل ڏهاڪي جون زيادتيون سنڌ سان انهن سڀني دورن کا ڪئي دفعا گهڻيون آهن. جنهن جي تفصيل لکڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب ڀرجي ويندا.
ضيا ۽ مشرف جن کي پالي وڏو ڪيو، انهن سان گڏجي جيڪا تباهي سنڌ جي ملڪيتن سان ٿي تنهن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل ترين آهي. پر انهي کان وڌيڪ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪري سنڌ کي حد کان وڌيڪ نقصان رسايو ويو آهي.
ڪرپشن جا نت نوان طريقا ڳولهي ڪڍيا ويا
نوڪرين ۾ ميرٽ جي ڀرپور طرح سان لتاڙ ڪئي وئي جيڪا اڃا جاري آهي.ترقياتي ڪم صرف ڪاغذن تائين مڪمل ٿيل ڏيکاريا وڃن ٿا جنهن سان سموري سنڌ واقعي موئن جو دڙو لڳي پئي.
سڀ کان وڏو ظلم جيڪو مارشلا حڪام شروع ڪيو، انهي کي وڏي جدت سان اڳتي وڌئيندا هلن پيا. يعني تعليم جي تباهي. قوم جي ترقي ۽ زوال جو دارو مدار هميشه تعليم تي هوندو آهي. مارشلا جي دور ۾تعليم کي تباه ڪرڻ لاءِ صرف يونيورسٽي تائين محدود رکيو، گذريل ڏهاڪي ۾ان تباهي ۾ترقي ڪندي پرائمري ليول تائين پهچائي ڇڏيو. ڪاپي ڪلچر کي انتهائي باقائدا طور تي منظم طرح سان سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري بورڊن جي چيئرمين ۽ ٻين پوسٽن تي اگهه مقرر ڪري خريد ۽ فروخت ڪيا ويا ۽ اڃا به جاري آهن.
هائوسنگ سوسائٽيز کي جيڪي لکين ايڪڙ زمينون ڏنيون آهن انهن ۾يقيناً سڀ ٻاهريان آباد ٿيندا ۽ ٿوري عرصي ۾سنڌي پنهنجي سرزمين تي ريڊانڊين وانگر ٿي ويندا. ڇو ته ٻهراڙي جي آبادگارن جي معيشت کي جنس جا اگه نه ڏئي تباه ڪيو ويو آهي اهي ته انهن هائوسنگ سوسائٽيز ۾رهڻ جوڳا ناهن ته سڀ ٻاهريان ايندا ۽ اچي آباد ٿيندا.
سنڌ جي سڄي سوسائٽي ذهني طور ڪرپٽ ٿي چڪي آهي.
هاڻي جيڪڏهن موجوده سرڪار کي سنڌ ۽ سنڌواسين تي ڪو رحم ڪرڻو آهي ته سڀ کان پهريان ڀرتيون ميرٽ تي ڪري، پوسٽنگ وغيره ڪنهن جي عمل دخل کان بغير ٿين ۽ پوري ٽينيور کان اڳ ڪنهن جي ٽرانسفر نه ٿيڻ گهرجي پوسٽنگ ۾سينارٽي جو لحاظ رکيو وڃي.
ترقياتي ڪمن جي مانيٽرنگ سخت ڪئي وڃي . جيڪو به سستي ۽ ڪوتاهي ڪري انهي تي سخت ايڪشن کنيو وڃي.آخر معياري تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ڪاپي ڪلچر کي ڪچليو وڃي.ضلعي انتظاميه کي پابند ڪري جنهنجي به حد ۾ ڪاپي ٿئي اتان جي ايس ايڇ او، مختيارڪار، اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پي، ڊي اي او ۽ اسڪول جنهن ۾سينٽر آهي اتي جي هيڊماسٽر کي گهٽ ۾گهٽ سال جيل جي سزا مقرر ڪري انهيءَ تي عمل ڪيو وڃي ته سنڌ جي تعليم جلد بهتر ٿي ويندو

وفاقي حڪومت جا سنڌي سيڪريٽري

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دوست چيو ته سنڌي ڪهڙا مرڪزي سيڪريٽري ٿيا آهن ۽ ڇا انهن جي نالن جي خبر ڏيندا؟
الحمدلله فضل الله قريشي صاحب جي مهرباني سان لسٽ ملي آهي ۽ توهانجي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
سنڌي مرڪزي سيڪريٽري پهريون 1969ع ۾ ٿيو، سندس نالو هيو. آفتاب غلام نبي قاضي، جنهن کي اي جي اين قاضي جي نالو سان سڏيو وڃي ٿو سندس تعلق ضلع دادو سان هيو.
1. اي جي اين قاضي دادو
2. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي دادو
3. جسٽس عبدالحي قريشي دادو
4. ڊاڪٽر متوڪل قاضي دادو
5. اقبال جوڻيجو دادو
6. منير قريشي دادو
7. نرگس گهلو دادو
8. مظفر حسين شڪارپور
9. شيخ شڪارپور
10. ڊاڪٽر اي قيو افغان شڪارپور
11. منظور مقصود شيخ شڪارپور
12. عثمان علي عيساڻي شڪارپور
13. سليم گل شيخ شڪارپور
14. رسول بخش بلوچ شڪارپور
15. عبدالوهاب شيخ حيدرآباد
16. ايم اي قاضي حيدرآباد
17. مظهرالحق صديقي دادو
18. نجم الدين شيخ حيدرآباد
19. ايم حسن ڀٽو لاڙڪاڻو
20. جميل احمد ڀٽو حيدرآباد
21. امتياز قاضي حيدرآباد
22. نويد ڪامران بلوچ حيدرآباد
23. محمد صديق ميمڻ حيدرآباد
24. بدرالدين زاهدي خيرپور ميرس
25. محب الله شاه خيرپور ميرس
26. شجاع شاه خيرپور ميرس
27. محمد جمن ڄامڙو خيرپور ميرس
28. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سانگهڙ
29. علي محمد شيخ جيڪب آباد
30. فضل الله قريشي سکر
31. جسٽس آغا رفيق شڪارپور
32. اسلم سنجراڻي سکر
33. انيس الحسن موسوي سکر
34. اعجاز علي خان شڪارپور
35. نظر محمد شيخ گهوٽڪي
36. محمد عالم بلوچ نواب شاهه
37. ڪي بي رند نواب شاهه
38. گل محمد رند نواب شاهه
39. نظر محمد مهر نواب شاهه
40. رفيق آخوند مٽياري
41. شهزادو شيخ لاڙڪاڻو
42. شريف بلوچ لاڙڪاڻو
43. عبدالغفار سومرو لاڙڪاڻو
44. پرويز جوڻيجو لاڙڪاڻو
45. محمد ايوب شيخ دادو
46. عبدالڪريم لوڌي شڪارپور
47. يونس ڌاڳا ڪراچي
48. اي ڊبليو قاضي ڪراچي
49. ممتاز شاهه دادو
50. اي جي اين اختر ڏيٿو حيدر آباد

ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جو نالو رهجي به ويو هجي. جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ياد اچي ته هتي نالو لکي.
سنڌ کي هينئرر اڳتي اچڻ لاءِ تعليم جي ميدان ۾اڳتي اچڻو پوندو، جيستائين معياري تعليم ڪين هوندي اوستائين سنڌ ڪنهن به شعبي ۾ترقي ڪري ڪين سگهندي . اسان وٽ الحمدلله انفراسٽرڪچر ڪافي حد تائين موجود آهي پر سياست جي ور چڙهڻ جي ڪري سنڌ جي عوام کي ڪو به فائدو ناهي. مان صرف هڪ ضلع جي ڳالهه مثال خاطر رکان ٿو، هن وقت خيرپور ضلعي۾پنج ڇه يونيورسٽيون قائم ٿيون آهن، جنهن ۾جنرل، ٽيڪنيڪل ۽ ميڊيڪل سان واسطو رکندڙ سڀئي سهولتون موجود آهن، ظاهر آهي ته انهن جون عمارتون به عاليشان ٺهنديون، ڪجهه ٺهيون به آهن. تعليم جي معيار جو ماپو خوبصورت عمارت ڪين هوندو آهي پر انهي عمارتن ۾جيڪا استاد جي قابليت هوندي آهي، جيڪا قوم کي اڳتي وٺي ترقي جون منزلون پار ڪرائيندي آهي.
اتفاق سان منهنجو انهن ادارن جي هڪ وائيس چانسلر سان ڳالهائڻ ٿيو، جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته اهي عمارتون صرف ڏسڻ، پارٽي جي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ ۽ عوام ۾نالو ڪمائڻ آهي ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾چونڊ کٽون. باقي سڀ خير.
توهان دوست اهو ٻڌايو ته جنهن تعليمي اداري جو وائيس چانسلر پنهنجي مرضي سان پٽيوالو به رکي نه سگهي ۽ لسٽ هڪ ايم اين اي صاحب موڪلي، جنهن تي اکيون ٻوٽي آرڊر ڪڍيا وڃن . ڇا اهو تعليمي ادارو سنڌ جي تعليم لاءِ ڪو ٻوٽو ٻاريندو. اتي ڪهڙي تعليم ملندي شاگردن کي جتي استادن جي ڀرتي لاءِ سياسي ماڻهون لسٽ موڪلين، ٻيو ته ڇڏيو پر شاگردن جي داخلا به سياسي ماڻهون ڏين.اسان کي انهي سفارشي ڪلچر مان نڪرڻو پوندو ورنه اڃان وڌيڪ تباه ٿينداسين.

ڪاپي ڪلچر ۽ تعليم جو فقدان

سنڌ جي لاءِ هن وقت تمام گهڻا مسئلا آهن پر منهنجي نظر ۾سڀ کان ڏکيو ۽ وڏو مسئلو آهي ڪاپي ڪلچر۽ تعليم جو فقدان. سنڌ جي ترقيءَ جو سارو دارومدار معياري تعليم و تربيت تي آهي. هاڻي اسان سڀني سنڌ جي گهڻگهرن کي ويهي انهي موضوع تي ڪو رستو ڳولڻو پوندو. الله سائين جو فرمان آهي ته مان ايستائين ڪنهن جي تقدير تبديل ڪين ڪندو آهيان، جيستائين ڪير پنهنجي تقدير کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوشش نٿو ڪري. دنيا ۾سڀ کان وڏو شفقت ۽ پيار ڪرڻ وارو رشتو صرف ماء جو هوندو آهي، اها به تيستائين ٻار جي کير يا خوراڪ لاءِ ڪجهه ڪون ڪندي آهي، جيستائين ٻار جي روئڻ وغيره جو آواز نٿو اچي. جيڪڏهن دنيا جو سڀ کان وڏو شفيق رشتو به پنهنجي لخت جگر کي تيستائين کير ۽ خوراڪ جو بندوبست نٿي ڪري، جيستائين انهي لاءِ ٻار طلب ۽ رڙ نٿو ڪري ته پوء اسين هيترا سارا جوان مڙس جيڪڏهن پنهنجي تقدير کي بدلائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪين ڪنداسين ته ڪهڙي طريقي سان اسين ترقي جون منزلون طئي ڪنداسين؟
اسين اڄ تائين صرف ٻئي تي تنقيد ڪرڻ ۾ محو هوندا آهيون، پر پاڻ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ڪون ٿيندا آهيون. اسان سڀني کي خبر آهي ته پاڪستان جي وجود ۾اچڻ کان ويندي 1973ع تائين سنڌي ماڻهون سرڪار جي مٿين نوڪرين ۾ڪون هيو. پاڪستان جي وجود کان ڏه سال بعد اسان جو پهريون سنڌي سي ايس پي ٿيو. هاڻي اهو ڪنهنجو قصور آهي، اسانجو پنهنجو قصور آهي ٻئي ڪنهن جو ڪونهي. ٺيڪ آهي لياقت علي سروس ۾ڪوٽا مقرر ڪئي، جنهن ۾پناهگيرن جو گهڻو حصو رکيو، سنڌ جو حصو به ته رکيل هيو پوء ٿوروئي کڻي پر هيو ته . سنڌي جي انٽري بند ته ڪون هئي ڪيل، صرف جيڪڏهن انوقت نقصان ٿيواهو انهي ڪري جو سنڌ جي سياسي قيادت پاڪستان کان اڳ چاهي بعد دورانديش ڪون هئي. پاڪستان جي اڳ واري سنڌ جي سياسي قيادت جيڪڏهن ٿوري به دورانديشي ڏيکاري ۽ تعليم تي زور ڏئي ها ته ايئن ڪون ٿئي ها.جيئن چوندا آهن ته:
”هڏ ڏهو ٿئي ڪان، پوء لک لعنت گوڏن تي“.
هاڻي ويهي جيڪڏهن انهن پراڻين ڳالهين کي ورجائي ويٺا روڄ راڙو ڪيون ته هڙ حاصل ڪين ٿيندي، تنهنڪري اسان کي هاڻي جوان مردي سان اڳتي جي لاءِ سوچڻو ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي جنهن جي لاءِ اسين هميشه ٻين جو شڪار رهيا آهيون. هاڻي اسانکي اهو طئه ڪرڻو آهي ته اڳتي ڪنهنجو ”شڪار ناهي ٿيڻوپر شڪاري ٿي شڪار ڪرڻو آهي“.
انهي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي اهو پڪو پهه ڪرڻو آهي ته اسان کي سنڌ جي رهواسين کي وڌ ۾وڌ معياري تعليم جي زيور سان مالامال ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ سڀ کان پهريان ڪاپي ڪلچر کي هميشه جي لاءِ دفن ڪرڻو آهي. جنهن لاءاسان سڀ سول سوسائٽيز، استاد، شاگرد، والدين ۽ تعليم کاتي جي عملدار کي هڪ پليٽفارم تي بيهي ڪم ڪرڻو آهي. انهي ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ سيمينار، ڪانفرنسز، ورڪشاپ ۽ ميڊيا کي ڀرپور انداز ۾استعمال ڪرڻو پوندو. اصل مقصد تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن استاد، شاگرد ۽ والدين کي اهو احساس ٿئي ته ڪاپي ڪلچر اسانجو دشمن آهي. اهو احساس تڏهن ٿيندو جڏهن انهن ٽنهي ڌرين کي پنهنجي فرض جو بار بار ۽ مختلف طريقن سان ياد دهانيون ڪرايون وڃن. انهن کي اهو احساس ٿئي ته اسين پٺتي انهيءَ ڪري آهيون جو تعليم تي اسان ڪوئي ڌيان نٿا ڏيون.مان هتي اهو واضع ڪرڻ چاهيان ٿو ته سرڪار انهي ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو به سهڪار هرگز ڪين ڪندي، ڇوته ڪاپي ڪلچر سرڪار جي مفاد ۾آهي ته جيئن سنڌ جو نئون ايندڙ نوجوان صرف ڊگري يافته هجي نڪي تعليم يافته. جيڪڏهن تعليم يافته هوندو ته لازمي طور باشعور به ٿيندو، تنهنڪري اها ڪڏهن به غلطي ڪين ڪندا، ڇو ته اها هنن کي وصيت ورثي ۾مليل آهي ته عوام کي تعليم يافته ناهي ڪرڻو، جنهن تي 1936ع کان اڄ تائين عمل ڪندا پيا اچن. انهي متعلق اسان سڀني کي سرجوڙي ويهڻو پوندو. توهان دوستن کي عرض آهي انهي لاءِ تجويزون ڏيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جا طريقا به ڏسيو ته جيئن سنڌ اڳتي وڌي. لاٽ ٻرندي هلي.

سنڌ ۾ فني تعليم جي ضرورت

سنڌ مان ڪاپي ڪلچر جيستائين ختم ڪين ٿيندو، تيستائين سنڌ ۾ معياري تعليم هڪ خواب هوندي.انهي کان بعد سنڌ ۾ موجوده تعليمي ادارن جي ٽيچنگ اسٽاف جي ٽريننگ ۽ِ ٽيچنگ طريقيڪار کي دنيا جي معيار مطابق آڻڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪورسز ۽ ريفريشر ڪورسز ڪرائي ضروري سکيا جو بندوبست ڪرڻ نهايت اهم آهي. ڇو ته جيستائن استاد قابل ۽ لائق نه هوندو، تيستائين معياري تعليم جو حصول ناممڪن آهي. انهيءَ ڪري اهو تمام ضروري آهي ته استادن جي سکيا لاءِ کين ڏيه ۽ پرڏيه ۾ تعليم جي سکيا وارن ادارن ۾ گاهي بگاهي موڪلڻ نهايت مفيد ٿيندو. شاگردن جي لاءِ نهايت ضروري آهي ته انهن جي پريڪٽيڪل ٽرينگ لاءِ مڪمل سازوسامان وٺي جديد ليبارٽريز جي ذريعي تيار ڪري ميدان ۾ آڻڻ لاءِ شاگردن جي ذهني نشونما لاءِ جديد طريقا استعمال ۾ آڻي سنڌ جي نئين جنريشن کي دنيا جي مقابلي لاءِ تيار ڪرڻو آهي ته جيئن ملڪ يا ٻاهر سنڌ جو نالو روشن ڪري دنيا ۾ صحيح مقام ٺاهڻ جا مواقع کين ميسر ٿين.
سنڌ کي هن وقت عام تعليم جي جاءِ تي معياري ٽيڪنيڪل ۽ انجنيئرنگ تعليم جي سخت ضرورت آهي. هن وقت دنيا ۾ هنرمند ماهرن جي تمام گهڻي اهميت آهي. الحمدلله سنڌ ۾ هن وقت وافر مقدار ۾ نوجوان آهن، صرف ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اسين پنهنجي نوجوان نسل جي لاءِ معياري قسم جا هنري ادارا قائم ڪري بهترين سکيا ڏئي کين ان لائق بڻايون جو جيڪڏهن هو چاهن ته پنهنجي وطن ۾ ڪو ڪاروبار ڪن، پاڻ به ڪمائن ۽ بيروزگار ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪن. يا پرڏيه وڃي پنهنجي زندگي جو نئون سفرشروع ڪري پنهنجي زندگي کي سکيو رکن ۽ گهر جي ڀاتين کي نون عالمي لاڙن مطابق تيار ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪن. انهي سان گڏوگڏ ملڪ جي لاءِ ٻاهريون ناڻو ڪمائن.
نئين دور جي تقاضن کي مدنظر رکندي هر اسڪول ۾ لائبريريون قائم ڪري شاگردن ۾ پڙهڻ جي عادت وجهي شاگردن کي تقريرون ڪرڻ جو فن سيکاري هڪٻئي سان مقابلا ڪرائي شاگردن جي لاءِ خوداعتمادي وارو ماحول تيار ڪري ملڪي ۽ غير ملڪي سطح تي مقابلي لاءِ تيار ڪرڻ استادن جي اولين ترجيع ۾ شامل هجي. سنڌ جا ماڻهو عمومن خوداعتمادي جي فقدان ۾ رهن ٿا انهي ڪري اسڪول جي تعليم سان گڏ تربيت جو خاص خيال رکڻ نهايت اهم ۽ ضروري آهي.
دنيا ۾ هن وقت پيراميڊيڪل اسٽاف جي تمام گهڻي اهميت آهي. سنڌ ۾ الحمدلله نوجوان طبقو جام آهي، اسانجي نوجوان ٽهيءَ کي گهرجي ته ميڊيڪل جي مختلف برانچن ۾ٽريننگ حاصل ڪري پنهنجي قوم جي خدمت سان گڏوگڏ پنهنجي لاءِ ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ روزگار جا موقعا تلاش ڪن.
مٿي ذڪر ڪيل تعليم جي مختلف شعبن ۾ترقي ڪرڻ لاءِ ضروري آهي سنڌ جي تعليم ۽ تربيتي ادارن کي بين الاقوامي ليول مطابق ٽريننگ ڏيڻ جون سهولتون فراهم ڪرڻ نهايت اهم آهن.
انهيءَ کان علاوه سنڌ جي تعليم خاص ڪري پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم تي خصوصي توجه جي سخت ضرورت آهي. استاد پرائمري چاهي سيڪنڊري جي لاءِ سروس ۾اچڻ کان بعد ريفريشر ڪورسز جي بلڪل اڻاٺ آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته ڪجهه وقفي کان بعد ۾سڀني استادن جي ٽرينگ ڪرائي پڙهائڻ جي نت نون طريقن کان روشناس ڪرايو وڃي ته جيئن شاگردن جي ذهني اوسر بهتر نموني سان ڪئي وڃي.
تعليمي ميدان جو اهم جزو آهي تربيت، جيڪو اڄڪله تقريباً نه هئڻ جي برابر آهي. اڳ جڏهن اسين اسڪول ۾پڙهندا هياسين ته استاد واقعي هڪ رول ماڊل هوندا هيا. جيڪڏهن ڪو استاد سگريٽ وغيره ڇڪيندو هو ته به اسان ڪڏهن استادن کي پاڻ سگريٽ ڇڪيندي ڪين ڏٺو، پر اڄ ڪله سڀ انجي ابتڙ پيو ٿئي ۽ ڪتاب جي سبقن ۾ به گهڻي قدر اهم جزو حقوق العباد تي مشتمل هوندو هو. جنهن ۾عين اسلام جي هدايتن مطابق سوسائٽي جي سڀني اخلاقي توڙي ادب جي طور طريقن ۽ سٺي انسان ٺهڻ لاءِ هڪ راه هموار ٿيندي هئي. انهن سبقن ۾نصيحت هوندي ته ڪيئن ننڍي وڏي جي عزت ڪجي ۽ ان ۾ سوسائٽي جي لاءِ ڪهڙا فائدا ٿيندا وغيره وغيره، انجي مقابلي ۾ اڄ ڪله شاگردن کي تعليم ڏيڻ جو مقصد صرف سٺي نوڪري ۽ بهتر خوشحال زندگي گذارڻ لاءِ آهي، جنهن ۾انسانيت جو اهم پهلو تمام گهٽ آهي، جنهن ڪري اڄ ڪله هرهڪ جو لاڙو صرف پنهنجي مفاد تائين محدود آهي ۽ حقوق العباد بلڪل غائب ٿي ويو آهي، جنهن ڪري اسانجي سوسائٽي ۾ ناشڪري ۽ خدمت کان پري رهڻ معمول ٿي ويو آهي.
دنيا جي ترقي يافته قومن جي ترقي جو راز اسلام جي ڏسيل حقوق العباد تي عمل ڪندي ٿيو آهي، جيڪو ورثو اسان مسلمانن ڦٽو ڪري پاڻ آجا ٿي ويا آهيون، نتيجي طور سوسائٽي زوال جو شڪار ٿي وئي آهي.

استادن ڏانهن کليل خط

هڪ مهربان دوست هيٺ ڏنل ”کليل خط استاد جي نالي“ موڪليو آهي . جيئن آيو آهي سڄو هيٺ دوستن لاءِ پيش ڪيان ٿو:

منهنجا محترم استاد.....
منهنجا محترم استاد ڀاءُ، توکي خبر آهي ته اسان جي سنڌ وطن جا ماڻهو ڪيڏا نه مسڪين ۽ پوئتي پيل آهن! توهان کي انهن جي ٻچن جو استاد بڻجڻ جو اعليٰ فرض سونپيل آهي. انهيءَ جي حيثيت سان توهان انهن جي ڪيڏي نه وڏي خدمت ڪري سگهو ٿا! اسان جا ماڻهو سادا آهن ۽ آسانيءَ سان ٺڳجي وڃن ٿا. اُنهن جا گهاوَ پراڻا ۽ ڏاڍا اونها آهن. هو ڏاڍي هڪ ننڍڙي ۽ ڪٺور دنيا ۾ رهن ٿا. ڇا، تون هنن جو ساٿي ۽ اڳواڻ نه ٿيندين؟
تون هنن جي مدد نه ڪندين، ته هو پنهنجن ٻچن جي سنڀال ڪن؟ اُنهن کي پڙهائي پختو ڪن؟ ته جيئن سندن پيڙهي ڪجهه وڌيڪ ڄاڻو ٿئي ۽ ڪجهه وڌيڪ سُکَ سان جِي سگهي! توکان جيڪڏهن انهيءَ ڏس ۾ ڪجهه ٿي سگهيو، ته پوءِ تون مون تي اعتبار ڪر ته تو سچ پچ پنهنجو فرض پورو ڪيو. جيڪڏهن تو ايئن پنهنجي فرض پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ته پوءِ توکي اهو به ڏسڻو پوندو ته اڳتي هلي، ان فيصلي تي متان ڪڏهن پڇتائين ۽ افسوس ڪرين! جي توکي ان تي ڪڏهن افسوس به ٿئي ۽ ويهي پڇتائين ته نيٺ به تون استاد ڇو بڻين، ته تنهنجو اهو اخلاقي فرض ٿيندو ته هڪ بيڪار، بي وفا ۽ بي دِليو استاد بڻيو، ان ڌنڌي سان ڇو چنبڙيو رهين، اُن کان خود تولاءِ هزارين ڀيرا بهتر ٿيندو ته عين انهيءَ گهڙي ان کي خير باد چئي، ڇڏي هليو وڃ، ۽ ستت ئي وڃي ٻيو ڪو ڌنڌو اختيار ڪر. بهرحال جيڪڏهن ڪنهن به سبب کان، تون ائين ڪري به نٿو سگهين، ته پاڻ کي توڙي ٻين کي اجايو ڳڻتيءَ ۾ نه وجهه ۽ پريشان نه ڪر.. جو پنهنجي ڪم سان نفرت ڪندو، ان کان نٽائيندو ۽ ڇرڪندو وتين ۽ ان کي بگاڙيندو ۽ خراب ڪندو رهين، ۽ پوءِ پنهنجي چوڌاريءَ هر شيءِ تي ڪاوڙيو ۽ هر ماڻهوءَ تي آڪڙيو پيو گهمين، ڄڻ ڏوهاري سڀ ٻيا آهن ۽ تون اڪيلو بي معيار ۽ بي ڏوهي آهين. ڇو ته تنهنجي هيءَ روش ۽ هيءَ هلت جو نمونو تنهنجي مسئلن جو هرگز ڪو حل نٿو ٿي سگهي. دراصل ڪم، ڪم ۽ فقط ڪم سان ئي تنهنجو ايمان تو ۾ موٽي ايندو ۽ انسان جي نيڪيءَ ۾ ۽ پنهنجي لاڳاپي جي دنيا ۾ ۽ اُن جي ساٿ سنگ ۾ تنهنجو ڀروسو وري جاڳندو، ۽ پوءِ ئي تون پاڻ کي سمجهي سگهندين ۽ پنهنجي وٿ سڃاڻيندين ۽ خود پنهنجي عزت نفس جو به توکي پوءِ صحيح مفهوم ذهن ۾ ويهندو. جڏهن تون ٻين کي ڀائيندين ۽ ٻين جي عزت ڪندين، تڏهن ئي ٻيا توکي ڀائيندا ۽ تنهنجي عزت ڪندا.
مٿيون ڳالهيون جيئن تنهنجي آڏو رکيون ويون آهن، انهن سان جيڪڏهن تون سهمت آهين، ته پوءِ تون، مهرباني ڪري، وڌيڪ هيٺين ڳالهين تي ويچار ڪر: پهرين ڳالهه ته تعليم جو واحد مقصد ۽ ڪارج هيءُ آهي ته اُن سان عام انسان کي سلامتي ۽ عافيت جو احساس، آزادي جو احساس ۽ عزت جو احساس ڏنو وڃي. ٻي ڳالهه ته اهي ئي خاص ٽي شيون آهن، جن جو غلط مفهوم ۽ خيال دنيا ۾ چوڌاريءَ هر قسم جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي خرابين ۽ مسئلن جي پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو. ٽين ڳالهه ته هڪ استاد، اڀرندڙ نسل کي سلامتي ۽ عافيت جو صحيح مفهوم، آزادي جو صحيح مفهوم ۽ عزت جو صحيح مفهوم سمجهائڻ ۽ سيکارڻ شروع ڪري، ان کان پهرين خود هن جي ذهن ۾ انهن ٽنهي قدرن جو هڪ بلڪل صحيح مفهوم موجود هجڻ گهرجي. چوٿين ڳالهه ته سلامتي ۽ عافيت جو مفهوم هڪ مهذب انسان کان تقاضا ڪري ٿو ته هو فقط پنهنجي سلامتي ۽ عافيت جي خيال بدران سڀني جي سلامتي ۽ عافيت جو خيال ڪري، ۽ هڪ نيڪ انسان کان ان جي تقاضا آهي ته پنهنجي سلامتي ۽ عافيت جي نموني لاءِ هو پاڻ کان وڌيڪ هوند وارن ڏانهن ڏسڻ بدران پاڻ کان گهٽ هوند وارن، پاڻ جهڙن انسان ڀائرن ڏانهن ڏسي. سلامتي ۽ عافيت جو اهڙو صحيح مفهوم ئي سنڌ ۾ هر استاد کي هن حقيقت جي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو ته قوم، بهرحال، خود سندس ڪافي چڱي سنڀال لهي رهئي آهي. سندس پنهنجي عوام جا لڳ ڀڳ 85 في صد ماڻهو هاري، مزدور ۽ عام ڪمي ڪاسبي ايتري هوند وارا نه آهن، جيتري هوند وارو هو پاڻ آهي. پنجين ڳالهه ته آزاديءَ جي صحيح مفهوم جو بنياد زندگي جي موجود درجي يا ذميواري ۽ ان سان لازم شرطن ۽ حدن جي تسليمي ۽ شعور تي ٻڌل هوندو آهي. ان صورتحال ۾زندگي جو وڌيڪ اوچو، وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ پختو درجو سامهون رکي، ان تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش سان ئي ان ليڪي يا حد مان ٻاهر نڪرڻ جي واڌو راهه حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ ايئن بهرحال پنهنجي لياقت کي وڌائڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. جيتري لياقت وڌندي اوتري صلاحيت وڌندي ۽ صلاحيت جي وڌڻ سان ئي اسان جي آڏو آزادي جي منظر ۾ حسناڪي ۽ افق ۾ وسعت رونما ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري فقط زيردستي انسان جي آزادي کي نه محدود ۽ نه هن کي اُن کان محروم ڪري ٿي ۽ انهيءَ ڪري اهڙي ڪنهن سبب کان ان کي لنوائي نٿو سگهجي. انساني معاملن جي انتظام ۽ ترتيب ۾، جي ٻي ڪا زيردستي نه ته به قاعدن جي زيردستي هر شيءِ لاءِ ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ اڻٽر آهي. ان خيال کان مسئلي جي بنيادي تور تڪ جي روشني ۾ خود ضابطگي ئي، زندگي جي سونپيل درجي ۽ ذميواري جي حوالي سان، ماڻهو لاءِ پنهنجي آزادي جي جائز حق جي واقفيت، حاصلات ۽ استعمال جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. ڇهين ڳالهه ته عزت جي صحيح مفهوم جي معنيٰ هي آهي، پاڻ سميت سڀني جي عزت گهربي يا وٺبي نه آهي، اها ملندي آهي ۽ اُها کَٽبي آهي، عزت جو انعام، جنهن ۾ عزت نفس جو شان به شامل آهي، ٻين جي ڀلائي ۽ خدمتگذاري جي امنگ ۽ عمل آهر ئي کٽبو ۽ ماڻبو آهي. عزت جي خيال کان، جا ڳالهه خاص شمار ۾ اچي ٿي، سا هيءَ آهي ته پرپٺ ماڻهو ڪيئن ڳائجي ٿو ۽ ڪيترو هن جو قدر ٿو ٿئي. خوشامد يا چاپلوسي، ٿئي يا ڪجي، عزت جو ماڻ نٿي ٿي سگهي. غلامانه نياز منديون ۽ قدمبوسيون ڪجن يا ٿين، عزت جو ماڻ نٿيون ٿي سگهن. جيڪو ماڻهو عزت نفس جو مالڪ آهي اُهو نه ڊڄندو، نه چاپلوسي ڪندو، ۽ نه ئي وري چاهيندو يا خوش ٿيندو ته ڪو کانئس ڊڄي يا سندس چاپلوسي ڪري. ماڻهوءَ جو ڪم ئي هن لاءِ عزت جو نشان ۽ سند آهي. انهيءَ ڪري عزت نفس وارو ماڻهو هميشه ايئن چاهيندو ته هو ڪم پٽاندر ئي ورتاءُ ڪري ۽ هن سان پڻ سندس ڪم پٽاندر ئي ورتاءُ ڪيو وڃي.
مٿين سڀني ڳالهين جو تت هيئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ استاد کي، جيڪڏهن هو استاد چوائڻ لائق آهي، هنن سڀني ڳالهين کان بچڻو آهي. يعني حرص کان، غير ذميداريءَ کان ۽ ڪم جي نٽ نٽاءَ کان، استاد جي حيثيت ۾ پنهنجي خودثنائي جي اهڙي مسلسل ۽ اعليٰ جهاد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ٽن منزلن واري هڪ ئي راهه آهي، جنهن کي سڃاڻڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ جنهن سان هلڻو آهي: خود تنقيد جي راهه، جيڪا خودشناسيءَ ڏانهن وڃي ٿي، جنهن سان خود اصلاح جي نئين ۽ نت نئين منزل روشن ٿئي ٿي. عزيز ڀاءُ! تون اها راهه وٺ، انهيءَ راهه سان، استاد جي حيثيت ۾، تنهنجي زندگيءَ ۽ تنهنجي ڪم جي ڪاميابيءَ لاءِ ٻئي ڪنهن شيءِ جي توکي گهرج ڪانه رهندي.
هاڻي ٻه اکر، استاد طور تنهنجي ڪم بابت، تون جڏهن پنهنجي اسڪول ۾ ڊيوٽيءَ تي چڙهندين، تڏهن تون ڏسندين ته ٻار ڪلاس روم ۾ تنهنجي انتظار ۾ ويٺا هوندا. توکي انهن ٻارن سان ۽ انهيءَ ڪلاس روم ۾ ڪم ڪرڻو آهي ۽ ڪامياب ٿيڻو آهي. اِهي اُهي ٻار آهن، جن جون مائرون ۽ جن جا پيئر پنهنجن گهرن ۾، ٻاهر کيتن، ڪارخانن ۽ دڪانن ۾ ۽ آفيسن ۾ ۽ ٻين جاين تي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن، ته زندهه رهڻ لاءِ ۽ زندگي ماڻڻ لاءِ توکي جن شين ۽ خدمتن جي گهرج آهي، ۽ جيڪي تون ڪم ۾ آڻين ٿو، اُهي شيون ۽ خدمتون هو پيدا ڪن ۽ تو لاءِ موجود رکن، انهن ئي ماڻهن پنهنجا ٻچا توکي سونپيا آهن، جن کي هو اٿاهه پيار ڪن ٿا، ته جيئن موٽ ۾، تون پنهنجي حصي جو بار کڻين ۽ سندن ٻچن جي سنڀال لهين ۽ انهن کي پاڙهي پختو ڪرين، جيڪو معاوضو، ماهوار پگهار جي صورت ۾، توکي ملي ٿو، اهو به انهن ماڻهن پاران توکي قوم ڏئي ٿي، ته جيئن تون ڪم جو پنهنجو حصو ادا ڪرين، جيئن هر ڪو ٻيو، ڇا هاري، ڇا ڪاريگر، ڇا دڪاندار، ڇا منشي، ڇا سپاهي، ڇا ڪو رستي تي، ڪارخاني ۾ يا هيٺ ڌرتيءَ اندر ڪنهن اونداهي کاڻ ۾، ڪم جو پنهنجو حصو ادا ڪري رهيو آهي، هيءَ ڪم جي باهمي حصي رسي انساني سطح تي قائم مهذب زندگي جو اصل روح آهي، ۽ جيئن ته هر ڪنهن جا ٻار آهن، جيڪي هو پڙهائيءَ لاءِ اسڪول موڪلي ٿو، انهيءَ ڪري سڀني جون اکيون تو ۾ ۽ تنهنجي ڪلاس ۾ کتل رهن ٿيون، ۽ اُهي هر گهڙيءَ خوف ۽ اميد ۾ تو ڏانهن کڄيل آهن ته، استاد طور، شل تون پنهنجي ڪم ۾ سرخرو ۽ ڪامياب رهين! اهو ئي سبب آهي، جو هر ڪو تعليم جي ڳالهه ٿو ڪري، ۽ ان جي ننڍين ننڍين ناڪامين تي راءِ زني ڪري ٿو. انهيءَ ڪري، سڀني ڌنڌن ۽ خدمتڪاريءَ جي ڪمن ۾ تعليم هڪ ئي ڌنڌو، هڪ ئي ڪم آهي، جيڪو هرگز ناڪام ٿيڻ نه کپي. توکي ياد رکڻ گهرجي ته مائٽ پنهنجا ٻار اسڪول ۾ مار کائڻ، وسارجڻ يا ڌڪاڻجڻ لاءِ ڪونه ٿا موڪلين، تون انهن جي استاد طور اتي انهن کي پڙهائڻ، پيار ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ لاءِ موجود آهين. هائو، ٻار کي مان ڏيڻو آهي، پيار ڪرڻو آهي، ۽ پڙهائڻو آهي، ته جيئن هو مٿي شروع ۾ بيان ڪيل زندگيءَ جا بنيادي قدر – عافيت، آزادي ۽ عزت- حاصل ڪري سگهي، جن جي حاصلات ئي تعليم جو اڪيلو ۽ سچو پچو مقصد آهي. ٻار جي معصوميت، ٻار جو تجسس ۽ ٻار جي مسرت، ٻار جي نرملتا، ٻار جي سونجهه ۽ ٻار جي خوشي – اچو ته اهي شيون اسين پنهنجن ٻارن کان وري سکون، جيڪي اسان جي آڏو تڏن تي، بينچن تي يا ڊيسڪن تي ويٺا آهن. اهو استاد، جنهن جي من ۾ مسرت آهي، تجسس آهي، معصوميت آهي، اُن استاد ڄڻ آڏو ويٺل پنهنجن شاگردن سان يڪدليءَ جي تار کي توڻي ئي ڇيڙي ۽ ملائي ڇڏيو آهي، ۽ علم ۽ جذبي جي من کان من تائين لهر جي رسائيءَ لاءِ گهربل ڪڙي ڄڻ اڳي ئي اُنهن سان ڳنڍي ڇڏي آهي، جيڪي کانئس ٻڌڻ لاءِ تيار، وٺڻ لاءِ تيار ۽ وٺي پنهنجي ڪرڻ لاءِ تيار هئا. جو ڪجهه به استاد طور وٽس کين آڇڻ لاءِ موجود هو.
باقي، توکي، پنهنجي سامهون ويٺل اُنهن جوان ذهنن جو هڪ سڄاڻ ۽ روشن ضمير استاد طور، جو ڪجهه ڪرڻو آهي، سو اول هيءُ ته توکي معلوم ڪرڻو ۽ سمجهڻو آهي ته توکي ڇا پڙهائڻو آهي، يعني ترت ئي اُنهن کي ڪهڙو سبق توکي ڏيڻو آهي، ۽ پڙهائيءَ جو سڄو ڪيترو ڪورس يا رستو توکي اُنهن سان پورو ڪرڻو آهي، ۽ ٻيو هيءُ ته اهو سڀڪجهه توکي ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪرڻو آهي. ان لاءِ جيڪڏهن تون هڪ تربيت ورتل استاد آهين، ته توکي اڳي ئي چڱي ڪجهه ڄاڻ هوندي، ۽ وڌيڪ تون ان لاءِ وقت بوقت، پنهنجي هيڊ ماستر کان ۽ پنهنجن وڌيڪ لائق ۽ تجربيڪار ساٿين کان پُڇي ۽ معلوم ڪري سگهين ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ ان لاءِ تون جنهن ڪلاس تي مقرر ڪيو ويو آهين، ان جي درسي ڪتابن ۽ پڻ ان لاءِ مقرر ٿيل ۽ لکت ۾ تو وٽ موجود نصاب جي مطالعي مان به تون معلوم ڪري سگهين ٿو. مختصر لفظن ۾ توکي ان ڪم لاءِ هيءَ ئي صلاح ڏيئي سگهجي ٿي ته ڪلاس ۾ پير رکڻ کان پهريائين، توکي جو ڪجهه پڙهائڻو آهي، ان جي پوري ڄاڻ ۽ اُن جي پڙهائيءَ لاءِ پوريءَ طرح پاڻ کي تيار رکڻ گهرجي. ڪلاس روم ۾ بلڪي سڄيءَ پنهنجيءَ تدريسي زندگيءَ ۾، استاد جي ڪاميابيءَ لاءِ ان کان بهتر ٻي ڪا فارمولا يا نسخو ٿي ئي نٿو سگهي. انهيءَ ڪري، پوري يقين ۽ خوداعتماديءَ سان تدريس جي راهه ۾ پنهنجو قدم اڳتي وڌاءِ، هڪ نيڪ طبع، خيرپسند ۽ خيرخواهه استاد جي حيثيت ۾، تنهنجي آڏو هڪ تمام سٺو ۽ ڏاڍو ڪارائتو جيون مارگ موجود آهي.

تحرير:
سائين محمد ابراهيم جويو

سنڌ ۾ هر ڪم پئسن تي

سنڌ جي موجوده نوڪرشاهي سوسائٽي جي وچولو طبقي جي اوسر ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. سنڌ جي خاص ڪري اڄ ڪلهه جي نوڪرشاهي لاءِ عوام کي تمام گهڻيون شڪايتون آهن ۽ اهي شڪايتون غير واجبي ناهن. انهيءَ نوڪرشاهي جي عوام الناس سان دشمن روين ۽ چالن جي سبب سنڌ ۾ هر سرڪاري نوڪر کي ڪرپٽ ۽ نالائق تصور ڪيو وڃي ٿو. عوام ۾ اهڙي قسم جي تصور ٺاهڻ ۾ سنڌ جي آفيسر چاهي عام ننڍي ملازم اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اُهي سڀ سرڪاري ملازم اُهي آهن، جن پئسن جي زور تي ملازمتون وٺي غريب حقدار نوجوان جي حق تلفي ڪئي آهي.
سنڌ ۾ اها ڍڪيل ڇپيل ڳالهه ناهي ته ڪهڙي طريقي سان سنڌ ۾ اسانجي نوجوانن کي ملازمتون ملن ٿيون ۽ ڪهڙي طرح پوسٽنگون ٿين ٿيون. مون ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ جي هڪ سينئر وڪيل مسٽر ذوالفقار احمد سان ملاقات ڪئي. ذوالفقار منهنجو ڪلاس فيلو به آهي ۽ اسان جا پاڻ ۾ تمام سٺا تعلقات آهن. مون سان گڏ هڪ ٻيو دوست جيڪو پڻ ڪلاس فيلو پروفيسر محمودالحق آهي. اسان ٻئي وڪيل صاحب جي گهر تي چانهه پاڻي تي مدعو ٿيل هياسين. وڪيل صاحب حجت ۾ مونکي چيو ته جمن توهان سنڌي ڪون سڌرندا، پوء چوڻ لڳو ته سنڌ جا نوجوان جن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان امتحان پاس ڪيو هيو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ مان انهن جو وڪيل هيم. چوڻ لڳو ته منهنجي آفيس ۾ تقريبن سٺ ستر ڄڻا آيا ۽ مون انهن کان ڪجهه عام رواجي سوال پڇيا ته مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو اهو معيار رهيو آهي جو سترهين گريڊ جي انتظاميه جي عهدن لاءِ سليڪٽ ڪيا آهن جن کي هڪ مئٽرڪ جي اسٽوڊنٽ جيتري اهليت ناهي. جڏهن مون انهن کي چيو ته گهٻرايو نه مان توهانجو وڪيل آهيان ۽ توهانجي لاءِ ڪيس تيار ڪري وڙهندس پر اِهو ته ٻڌايو ته ڇا سنڌ جي تعليم اهڙي تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي؟ مون انهن کي دلجاء ڏئي ٿورو وڌيڪ پڇيو ته ڇا توهان ڪاپي ڪري ڪميشن جو امتحان ۾ سليڪٽ ٿيا آهيو، يا ڪو ٻيو چڪر آهي؟ پهريان ته چوڻ لڳا ته نه سائين اسان ڪابه ڪاپي وغيره ناهي ڪئي. مون قلم رکي هنن کي چيو ته مان توهانجو وڪيل آهيان هميشه ڊاڪٽر ۽ وڪيل سان سچي ڳالهه ڪبي آهي ته جيئن ڪيس جو صحيح دفاع ڪري سگهجي. جيڪا به توهان جي حقيقت هوندي مان انکي توهان جي خلاف استعمال ڪون ڪندس، بلڪي مونکي ڪيس وڙهڻ ۾ مدد ملندي. تنهن کان بعد چوڻ لڳا ته سائين اسان رقم ڀري سيٽون خريد ڪيون آهن پوء ڪير ستر لک، اسي لک پيو چوي. مون انهن کان ورجائي چيو ته ڪلمو پڙهي سچ ٻڌايو تڏهن به انهن قسم کڻي ڳالهه ڪئي ته سائين اسان پئسه ڏئي سيٽون خريد ڪيون آهن. سواء ٽي چار هيا جن چيو ته اسان پئسه ڪون ڏنا آهن.
وڪيل صاحب چوڻ لڳو ته جمن اهي جڏهن آفيسر ميدان ۾ لهندا ته توهان سنڌين جي ته اهي کل لاهيندا. لازمي طور انهن ايتري رقم ڀري آهي جنهن کي ٽي چار سال ٿي ويا آهن. گهڻن جو چوڻ هيو ته ڪجهه گهر جو سامان وڪڻي پئسه ڏنا آهن ته ڪن قرض کڻي پئسه ڏنا آهن ته جڏهن اهي نوجوان ڪرسي تي ويهندا ته سڀ کان پهريان ته هو انهي رقم کي وصول ڪرڻ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندا ۽ عوام جي ڪهڙي خدمت ڪندا. مون چيو ته ڀائو جيڪا سنڌ ۾ خدمت ٿئي پئي انهي کي اسين ڏسون پيا. مون پنهنجي دل ۾ چيو ته انهن جي خدمت ڪري ته اسين سڀ سنڌي آفيسر هر ڪنهن جي نظر ۾ بي ايمان ڪرپٽ، انسان دشمن وغيره وغيره ليکجون ٿا.
هينئر جيڪي اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ پراسيڪيوشن انسپيڪٽر جي پوسٽ لاءِ جيڪا رقم ڏئي خريد ڪيون آهن جن لاءِ ڏيڍ ڪروڙ اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار هڪ ڪروڙ ۽ پراسيڪيوٽر انسپيڪٽر لاءِ پنجويه لک جا اگهه لکيل هيا.
ظاهر آهي ته جڏهن ڪير ڪروڙ روپيا ڀري پوسٽ خريد ٿو ڪري ته انجي لاءِ سڀ کان پهرين ترجيح عوام جي کل لاهي پئسه وصول ڪرڻ هوندي. انهن جي لاءِ عوام جي خدمت سان ڪهڙو واسطو، هو ته ان کي بزنس ڪري ڪم هلائيندو پوء جائز ۽ ناجائز انهي لاءِ ڪا به حيثيت نٿو رکي.
ٻه ٽي ڏينهن اڳ هڪ ارڙهين گريڊ جي رٽائرڊ آفيسر فون ڪري چيو ته ڪا منهنجي مدد ڪر، جو مونکي هڪ سرٽيفڪيٽ گهرجي ٿو جنهن جي آفيشل في هڪ سو روپيه آهي. بابو صاحب سان ڳالهايو ته چوي ٿو ته سرڪاري في هڪ سو آهي، جيڪا خزاني ۾ پياريو باقي اسان جي خرچي ڇه هزار روپيه روڪ آهي جيڪا توکي اڳواٽ ڏيڻي پوندي. مون چيو ته سائين سنڌ گورنمينٽ آهي تون شڪر ڪر توکان صرف ڇه هزار گهريا اٿن. مون چيو ڀائو مونکي پنهنجي زمين جو فارم ستون کپندو هيو، مون ڪنهن کي موڪليو ته مختيارڪار آفيس مان وٺي اچ. تپيدار ان دوست کي چيو ته توکي خبر آهي ٻه هزار ست ۾ شهيد بي بي جي ڪري ريڪارڊ سڙي ويو هيو، هينئر ريڪارڊ ٺهيو آهي، پنج هزار في ايڪڙ جي حساب سان پئسه اڳ ۾ رک، جيترا ايڪڙ زمين اوترا دفعا پنج پنج هزار روپيه ته پوء سڀاڻي اچي ستون فارم کڻي وڃ. همراه چيس ته سيڪريٽري صاحب آهي، چيائين ته اسان کي خبر آهي ڪنهن کي چوندو ڊي سي کي چوندو يا اي سي کي چوندو، پئسه ڏيندو ته فارم ستون ملندو نه ته مڙئي خير.
مون انکان بعد هڪ ڊاڪٽر دوست کي چيو ته يار اڄ ڪله اها حالت ٿي وئي آهي جو جائز ڪم جا به ناجائز وانگر پئسه وٺن ٿا ۽ وڏي واڪي سان ٿا وٺن ڪوئي شرم يا حياء ڪونهي. ڊاڪٽر صاحب چيو ته ڪمشنر منهنجو دوست آهي مان ڳالهائي پوء توکي ٻڌائيندس. ٻن ڏينهن کان بعد ڊاڪٽر صاحب واٽس اپ تي فارم ستون موڪلي ڏنو پر وڌيڪ ڪمشنر به تپيدار کي ڪجهه ڪون ڪري سگهيو. ڪمشنر صرف ستون فارم جي ڪاپي موڪلي ڏني.
ڪنهن دوست ٻڌايو ته سائين توهان ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪيو، توهان رهوٿا اسلام آباد ۾ هتي سنڌ ۾ هر پوسٽنگ لاءِ ٽينڊر ٿيندو آهي، سواءِ هڪ قبيلي جي ماڻهن لاء. مون اڄ ڪنهنجو انٽرويو پي ٻڌو جنهن پنهنجو قصو بيان پئي ڪيو اي سي سنجهوري تعلقه سانگهڙ ضلع جيڪو مان هيٺ لکان ٿو ته ڇا حالت ٿي وئي آهي سنڌ انتظاميه جي. ان همراه جي چوڻ مطابق ته اي سي صاحب چيو ته سائين قاسم آباد ۾ ڏيڍڪروڙ جو بنگلو وڪڻي پوسٽنگ خريد ڪئي آهي، مان ڪنهن جي چوڻ تي ڇو بغير پيئسن جي ڪم ڪيان.
جتي اهڙي قسم جي نوڪرشاهي هوندي اتي سوسائٽي جو وچولو طبقو وڌيڪ گهٽن جو شڪار ٿيندو ۽ وچولو طبقو سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ ويندو. سوسائٽي جو هيٺيو طبقو ته ويچارو اڳئي سورن ۾ آهي.
مان انهن دوستن جي راء سان متفق آهيان ته اڄ ڪله جي نوڪرشاهي سنڌ سرڪار جي سهڪار سان سنڌ ۾ غريب عوام جي زندنگي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏي آهي. جائز ڪم به پئسن کان بغير ڪون ٿو ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن آفيسر سان سنڌ ۾ ڳالهاء ته اهو چوي ٿو ته ادا مان ڇا ڪيان، اسان هتي هن ڪرسي تي ويهڻ لاءِ پئسه ڀري آيا آهيون اسان کي خيرات ۾ هي ڪرسي ڪان ملي آهي، جو اسان هر هڪ جا ڪم مفت ۾ ڪيون
مان ائين ڪون ٿو چوان ته ڪو اڳ سڀ آفيسر فرشته هيا پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن سان ڪو وهنوار ڪندو هيو ته ڳجهي طريقي سان ۽ پنهنجي عزت جو خيال رکندو هيو ۽ سرڪار ۽ سينئر آفيسر جو ڊپ هوندو هيو. پوسٽنگ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪان هوندي هئي. هينئر جڏهن کان سرڪاري ملازم جي ڀرتي ۽ٽرانسفر تي خريد و فرخت وارو ڌنڌو شروع ٿي ويو آهي ته حالت اها آهي ڪوئي سرڪاري ننڍو چاهي وڏي عهدي وارو ديناداستي کلم کلا جائز ڪم به ڪون ٿا ڪن، سواء پئسن جي.
اهڙي حالتن ۾ جتي ميرٽ جو قتل عام پئسي زور تي هجي ته اتي بي انصافي ۽ اقرباپروري سوسائٽي کي تباه ڪري ڇڏيندي آهي.
سنڌ سرڪار کي انهي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو الله دل ۾ رحم وجهي.

بيلٽ باڪس، اهم هٿيار

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

سنڌ جي ترقيءَ جو دارومدار سنڌ ۾ مڊل ڪلاس يا وچولو سوسائٽي جو طبقو جي اوسر تي رکي ٿو. مڊل ڪلاس جي اوسر لاءِ معياري تعليم جو هجڻ بي انتها ضروري آهي. انهي جو مطلب ته جيتري معياري تعليم هوندي اوتري سنڌ ترقي ڪندي. جيڪڏهن اسان گهڻو پٺتي تاريخ جي ورقن کي اٿلائڻ ۾ نه وڃون صرف 1936 کان اڄ تائين جي دوراني کي جاچي ڏسنداسين ته اسان کي صاف نظر ايندو ته پاڪستان جي وجود اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ٿورو گهڻو مڊل ڪلاس هيو، جيڪو هندستان لڏي ويو، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ تمام وڏو خال پيدا ٿيو. جنهن جو سڄو فائدو ٻاهران اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندڙن ورتو ۽ سنڌ جا مقامي ماڻهون قومي ڌاري کان ٻاهر ٿي ويا. سنڌ جي مقامي ماڻهن جو قومي ڌاري کان ٻاهر ٿي وڃڻ انهي ڪري ٿيو، جو سنڌ جي باشندن خاص ڪري سنڌي مسلمانن کي تعليم جي زيور کان محروم رکيوويو هيو. جنهن جو اثر پاڪستان جي وجود کان بعد ويندي ون يونٽ جي ختم ٿيڻ تائين تمام گهڻو واضع رهيو.1947 کان 1973 تائين سنڌ معاشي ۽ انتظامي طور مڪمل ڌارين جي ڪنٽرول هيٺ رهي جنهن جي ڪري سنڌ جي قدرتي وسائلن ۽ سنڌ جون زرعي زمينون خاص ڪري گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪمانڊ هيٺ آيل زمين جو گهڻو حصو سنڌ جي بي زمين هارين جي بجاء سنڌ کان ٻاهر جي ماڻهن کي مفت ۾ ڏنيون ويون ۽ ٻاهرين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو. انهيءَ کان علاوه سنڌو ڌرياء جي پاڻي تي داڙو هڻي چشمه بئراج ۽ تونسه بئراج ون يونٽ واري زماني ۾ ٺاهيا ويا. اهيو دائمي نقصان صرف انهي ڪري ٿيو جو سنڌ جي عوام کي تعليم جي ميدان کان ٻاهر رکيو ويو هيو، جنهن جي ڪري مڊل ڪلاس اڀري ڪون سگهيو. جيڪڏهن سنڌ ۾ مڊل ڪلاس پاڪستان جي وجود وقت هجي ها ته اهي جيڪي زيادتيون سنڌ جي سرزمين سان ٿيون، اهي ڪڏهن به ايتريون جامع نقصانده ڪين هجن ها.
سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر ڀٽو صاحب جي سروس رفارمس ۽ نيشنلائيزيشن آف اسڪول، بينڪ، ڪارپوريشنس اينڊ انڊسٽريز جي ڪري شروع ٿي، جيڪو عمل اڄ تائين جاري و ساري آهي. 1973 کان بعد سنڌ جو مقامي ماڻهو قومي ڌاري ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿيو، جنهن جي ڪري مڊل ڪلاس جي اوسر ٿيڻ لڳي. ڀٽي صاحب جي ڪري تعليم جا ادارا حيدرآباد ۽ ڪراچي کان ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيا، جيئن
• مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو
• شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور
• ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام
• چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو
• پيپلز ميڊيڪل ڪاليج فار گرلز نواب شاهه
• ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ڪاليجز وغيره .
انهن تعليمي ادارن مان جيتري توقع هئي اها حاصل ٿي ڪان سگهي، نتيجي ۾ سنڌ ۾ معياري تعليم جو فقدان پنهنجي جاء تي اڄ به برقرار آهي، فرق صرف اهو آهي ته اڳ ۾ تعليم جي لاءِ
انفراسٽرڪچر ڪون هيو ۽ موجوده وقت ۾ انفراسٽرڪچر موجود آهي پر تعليم ڪانهي. انهي جي باوجود به ٿورو گهڻو سنڌ ۾ مڊل ڪلاس انهن تعليمي ادران جي ڪري وجود ۾ آيو آهي جيڪو انتهائي ناڪافي ۽ لائق ناهي.
قومن جو اسرڻ صرف قدرتي وسائلن جي ڪري ڪون ٿيندو آهي پر معياري تعليم جي ڪري قومون عروج حاصل ڪنديون آهن. جيئن : جپان، هالينڊ وغيره
انهن ٻنهي ملڪن ۾ قدرتي وسائل انهن ملڪن جي ترقي جي مقابلي ۾ ڪجهه به ناهن. انهي جي مقابلي دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ آهن جن ۾ قدرتي وسائل تمام گهڻا آهن، پر ترقي يافته ناهن انهن ملڪن ۾ پاڪستان به هڪ ملڪ آهي. جيڪڏهن اسان صرف پاڪستان جي اندر ڏسون ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ قدرتي وسائل تمام گهڻا آهن بنسبت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي. جيئن ته سنڌ ۽ بلوچستان تعليم جي لحاظ کان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کان پٺتي آهن، تنهن ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي مقابلي ۾ ٻئي صوبه سنڌ ۽ بلوچستان جي قدرتي وسيلن جي ڪري وڌيڪ آسودا ٿي ويا آهن.
اها اسان سڀني کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جيڪو به ڪنهن ٻئي جي ملڪيت تي ڪنهن به طرح سان قابض ٿي ويندو آهي، انکي هميشه دل ۾ خوف رهندو آهي ته ڪڏهن به جوء جا جوڳي جاڳيا ته پوء هنن جو ناجائز قبضو گهڻو وقت هلي ڪون سگهندو. ڌاريا پنهنجي قبضي کي برقرار رکڻ لاءِ سڀ طريقا استعمال ڪرڻ ۾ دير ڪون ڪندا آهن. جنهن ۾ سڀ کان اهم هٿيار اهو هوندو آهي ته ڪنهن به طرح جوء جي جوڳين کي انهن ادارن جي اندر گهڙڻ ڪون ڇڏيندا آهن. جوء جي جوڳين کي روڪڻ لاءِ هزار طريقا استعمال ڪندا آهن، پر جيڪڏهن هڪ اڌ جوء جو جوڳي ان کلواڙي جي اندر ٽپي پيو ته انهن جي مجموعي ڪوشش هوندي آهي ته اندر جي رسائي کان اڳ هن کي ناڪام ۽ دلشڪستو ڪرڻ لاءِ مسائلن جا انبار هڻي ڇڏيندا آهن ته جيئن هو پاڻ ڀڄي نڪري وڃي ۽ انهي جي نڪري وڃڻ سبب اتي سڀني جوء جي جوڳين لاءِ من گهڙت ڳالهيون ٺاهي مٿين تائين اهڙي پڪچر پيش ڪندا آهن، جو هو اڳتي جوء جي جوڳين لاءِ هميشه جي لاءِ رستا روڪي ڇڏيندا آهن. جوء جو جوڳي انهي ڪري ڀڄڻ تي مجبور ٿيندو آهي جو سڀ جو سڀ اسٽاف گڏجي هن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندا آهن. پر جيڪڏهن ٿورا گهڻا ننڍي چاهي وچولي ليول تي ڪجهه اسٽاف پنهنجي علائقي جو هجي ته هو ايترو جلدي دلشڪستو ٿي ڪون ڀڄي وڃڻ واري ڪري.
جوء جو جوڳي اتي انهي ڪري به ڪامياب نٿو ٿئي جو اتي پٽيوالي کان ويندي چيف ايگزيڪٽو تائين هو قابض گروپ هڪ هوندو آهي ۽ انهن کي علائقي جي بااثر ماڻهون جو مڪمل ساٿ هوندو آهي. علائقي جو بااثر ماڻهون هميشه انهيءَ ڪوشش ۾ هوندو آهي ته سندس جي جوء جو ڪوئي به ماڻهون ان اداري ۾ داخل نه ٿئي جو سڀاڻ هو پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙو ٿي وڃي ۽ انجي علائقي ۾ مڊل ڪلاس وجود ۾ اچي جيڪو هن جي لاءِ خطري جو سبب ٿئي.
انهي مسئلي جو حل صرف ۽ صرف اهو آهي ته معياري قسم جا انجنيئر، ڊاڪٽر، سول سرونٽ، جج، وڪيل، جنرلسٽ، ميڊيا پرسن، ٽيڪنيشنس، ويلڊر، ڪرين آپريٽر،فٽر، ڊمپر ڊرائيور، پلمبر، اليڪٽريشن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻيو گهربل مين پاور وافر مقدار ۾ پيدا ڪيون ته جيئن هو پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ماهر ٿي مقابلي لاءِ اچن. جنهن وقت سنڌ ۾ اسان جي تعليمي ادارن مان اعليٰ معيار جا ماڻهون اچڻ شروع ٿي ويندا ته اسين پنهنجا وڃايل وسيلا واپس هٿ ڪري سگهنداسين ۽ انهي کان وڌيڪ اهم ته جيڪي هينئر نوان قدرتي ذخائر نڪرندا ويندا، انهن ۾ اسين ڪافي مقدار ۾ اچي سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڪتب آڻي سگهنداسين. جيترا سنڌ جا انجنيئر ٽيڪنيڪل اسٽاف انهن نون فيلڊ ۾ ويندو اوترو سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر تڪڙي ٿيندي. جيستائين سنڌ ۾ مڊل ڪلاس انهي پوزيشن ۾ نٿو اچي جو هو پنهنجو سنڌ ۾ ڪوئي مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي تيستائين سنڌ ترقي جي راه تي گامزن ڪون ٿي سگهندي.
جنهن ڏينهن سنڌ ۾ مڊل ڪلاس پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ايندو، ان وقت سنڌ جو حاڪم طبقو سنڌ جي مفاد ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪندو.
جيستائين منهنجو ذاتي تجربو ۽ مشاهدو آهي ته ڌارين کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ پنهنجي حاڪم طبقي (وڏيرو، گادينشين، مير، پير ۽ مذهبي اڳوڻن) ڏنو آهي. سنڌ ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين عوام جا نمائندا انهي طبقي مان ٿيندا اچن پيا. تنهن ڪري انهي طبقي جي ڪوشش اها رهي آهي جنهن ۾ اڄ تائين ڪامياب رهيا آهن ته معياري تعليم سنڌ ۾ نه هجي ڇو ته جيڪڏهن معياري تعليم سنڌ ۾ نه هوندي ته باشعور مڊل ڪلاس پيدا ڪون ٿيندو، نتيجي ۾ انهي طبقي جي پاور کي ڪوئي چئلينج ڪون ڪري سگهندو. تنهن ڪري اهو طبقو ڌارين جي ناجائز مدد ڪري انهن کان ذاتي فائدا وٺي سنڌ جي قدرتي وسيلن تي قابض ٿيڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
انهي حاڪم طبقي هن وقت سنڌ جي عوام کي تباه ڪرڻ لاءِ پنهنجا پٽ، ڀائيٽا، ڀاڻيجا، ڄاٽا ۽ ٻين نزديڪي ماڻهن کي انتظامي نوڪريون جيئن اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پي، فوڊ ڪنٽرولر، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر، سيڪشن آفيسر، ليبر آفيسر، تعليم وغيره وغيره سياسي بنياد تي رکرايا آهن. انهي ڪري انهي حاڪم طبقي جي پاڙ نهايت مضبوط ۽ سنڌ ۾ خراب حڪمراني چوٽ تي چڙهيل آهي.
سنڌ جي نئين ٽهي ۾ ڪجهه سڄاڳي آئي آهي، جيڪي ڀاري خرچ برداشت ڪري سنڌ کان ٻاهر پڙهڻ لاءِ وڃن ٿا.هن وقت به صرف اسلام آباد جي مختلف تعليمي ادارن ۾ هزارن جي تعداد سنڌ جا نوجوان تعليم جي پياس پوري ڪرڻ لاءِ پهتا آهن. منهنجو ذاتي ڪن دوستن سان رابطو ٿيو آهي ۽ مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته تعليم جي لاءِ ايترا وڏا ڪشالا ڪري گهر ٻار ڇڏي تيرهن چوڏهن سو ڪلوميٽر گهر کان پري ڪهي اچي پنهنجي منزل مقصود تائين پهچڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن سنڌ ۾ سنڌ سرڪار ڪجهه توجه تعليم تي ڏئي ته سنڌ جا مسڪين ماروئڙا وڏو خرچ برداشت ڪري اسلام آباد ۽ لاهور ڏانهن پنهنجا لخت جگر ڇو موڪلين. سنڌ ۾ تعليم جي اها حالت ڏسي سنڌ جا ماڻهون پنهنجي ٻارن کي ٻين صوبن ۾ موڪلن ٿا جنهن جي ڪري انهن کي ڪافي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو سنڌ سرڪار انهي ڪري تعليم ڏانهن متوجه نٿي ٿئي ته جيڪڏهن معياري تعليم جو سنڌ اندر بندوبست ڪبو ته سڀاڻ اهو طبقو سڄاڳ ٿي پوندو ۽ اسان جي غلامي مان نڪري ويندو.
سنڌ ۾ مڊل ڪلاس لاءِ سڀ کان وڏي رڪاوٽ سنڌ جو حاڪم طبقو آهي. سنڌ جو گادينشين، پير،مير،وڏيرو سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر کان ايترو خائف آهي جو هو ڌارئي جي غلامي کي قبول ڪرڻ لاءِ هميشه تيار هوندو آهي. انهي جي باوجود ڪجهه مڊل ڪلاس سنڌ ۾ اسرڻ شروع ٿي چڪو آهي . جنهنجو سڄو ڪريڊٽ ڀٽو صاحب ڏانهن وڃي ٿو. هن وقت مڊل ڪلاس سنڌ جو مرڪز جي نوڪرين ڪري ٿيو آهي ۽ وڌي پيو.. سنڌ ۾ گذريل پندرنهن ويهن سالن کان وٺي خاص ڪري سنڌ ۾ مڊل ڪلاس ڪون وڌي سگهيو آهي، ڇو جو نوڪريون انهن جي حصي ۾ آيون جن جا چاچا ماما سياسي ليڊر هيا يا وري پيئسو خرچ ڪري مله تي نوڪريون ورتيون، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جواسرڻ سنڌ جي اندر ڪمزور پئجي ويو.پر هاڻي اميد جاڳي آهي سنڌ جي ماڻهن خاص ڪري نوجوانن ۾ اهيو احساس پيدا ٿئي پيو ته معياري تعليم کان بغير اڳتي وڌڻ محال آهي.
الحمدلله سنڌ اندر پرائيويٽ اسڪولن جو ڄار وڇائبو وڃي پيو جنهنجي ڪري سنڌ ۾ معياري تعليم لاءِ راه هموار ٿيندي پئي وڃي. اميد ته سنڌ ۾ معياري تعليم جي اچڻ ڪري سنڌ ۾ مڊل ڪلاس وڌيڪ تيزي سان اڀرندو ۽ سنڌ جي لاءِ ترقي جون راهون کلنديون وينديون.
ماندي ٿئي نه مارئي تنهنجو الله به آهي،
سو ورهين جا دکڙا هڪ لحظي منجهه لاهي،
اهوئي الله آهي، جو ماڳ پهچائيندي مارئي.

دنيا ۾ حقيقي جمهوري نظام جوڙڻ ۾ ان کي صحيح رخ ۾ هلائڻ ۾ به وچولي طبقي جو وڏو ڪردار هوندو آهي..
علم سياست جي ماهر برائٽن مور Barrington Moore.، لکيو آهي:
'No bourgeoisie, no democracy'
توهان کي معلوم هوندو ته يورپ ۾ حقيقي جمهوري نظام، ارڙهين صدي جي صنعتي انقلاب کان پوءِ آيو، جڏهن وڏي پئماني ڪارخانه لڳا ۽ اتي ڏهاڙيدار مزدورن سان گڏ سفيد پوش تنخوادار طبقو به پئدا ٿيو، جن وٽ تعليم سان گڏ پنهنجي جمهوري ۽ آئيني حقن جي ڄاڻ هئي. هو حڪومتي نظام تي گهري نظر رکندا هئا ۽ جڏهن ڪو هنن جي حقن تي ڌاڙو لڳندو هئو يا ڪا حڪومت آئيني حدون اورانگهيندي هئي ته ان لاءِ آواز اٿاريندا هئا، ۽ جيڪڏهن ڪو هنن جي آواز تي ڌيان نه ڏيندو هئو ته ان کي ايندڙ اليڪشنن ۾ ٿڏي ڇڏيندا هئا.
اسان کي سنڌ ۾ هاڻي هڪ سچي، سجاڳ، قابل ۽ منظم مڊل ڪلاس جي سخت ضرورت آهي، جيڪو محنت ڪري پنهنجو مستقبل به روشن ڪري ۽ ساڳئي وقت حڪمرانن جي ڪڌن ڪرتوتن کي عوام جي سامهون وائکو ڪري ۽ پنهنجو پورو غصو ووٽن واري دٻي Ballot Box ۾ ڪڍي.
ائين ڪرڻ سان سنڌ ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي مالڪي اسين پاڻ ڪري سنڌ مان بيروزگاري کي ختم ڪري سنڌ ۽ اسانجو پيارو ملڪ پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهندو ۽ حڪمران طبقو چاهي ڪوئي ٻيو پنهنجي حد اندر رهندو ۽ انسانيت جي جيت ٿيندي.

انڊيڪس

آ
آبپاشي 39, 66, 74
آرمي سنڌ ريجمينٽ سينٽر حيدرآباد 112
آر اي آخوند 96
آغا جان اختر 103
آغا نور محمد 27
آفتاب غلام نبي قاضي 87, 156
آل انڊيا مسلم ليگ 58
آمريڪا 65
ا
ابن حسن 103
اجرڪ ٽوپي 11
اڊيلجي ڊنشا 45
ارباب 42
ارباب رحيم 153
اردشير هورموجي ماما 46
اسپتالون 26, 27
اسرائيل 65, 78
اسڪردو ڪچورا 51
اسڪندر محمد خان 102
اسلام آباد 13, 15, 17, 19, 21, 22, 27, 107, 116, 137, 138, 140, 141, 142, 143, 144, 176, 182
اسلامي جماعت 151
اسلم سنجراڻي 157
اسٽالن 29, 66, 67, 69
اسٽيبلشمينٽ 82, 85, 113
اطهر حسين خان 102
اعجاز علي خان 157
افغان 106, 118
اقبال جوڻيجو 156
الله بخش سومرو 56, 96
الوحيد اخبار 26
اليڪشن 18, 55, 57, 58, 62, 110, 111, 120, 121, 122, 153, 159
امتياز قاضي 138, 157
انيس الحسن موسوي 138, 157
انڊس بيسن ٽريٽي 53
انڊس واٽر ٽريٽي 50
انڊين سول سروس 36
انڊين ليبر پارٽي 56
او جي ڊي سي ايل 102, 145
اوگرا 103
اي اين جي عباسي 51
اي جي اين اختر ڏيٿو 158
اي جي اين قاضي 138, 156
اي ڊبليو قاضي 96, 158
ايبٽ ڪاليج ايبٽ آباد 43
ايڇيسين ڪاليج لاهور 43
ايڊيشنل سيڪريٽري 140, 141
ايريگشن سسٽم 53
ايف سي ڪاليج لاهور 43
ايگريڪلچر يونيورسٽي 179
ايم اي قاضي 157
ايم حسن ڀٽو 157
ايم ڪيو ايم 153
اين اي ڊي ڪاليج 45
اين جي وي 46
ائٽمي قوت 149
ايئر وائيس مارشل محمد عظيم دائودپوٽو 101
ب
بجاراڻي 42
بحالي جمهوريت تحريڪ 113
بدرالدين زاهدي 157
بدين 27
برائٽن مور 184
برگيڊيئر ايوب خان 89
بقادار شاه 152
بلوچ 82, 86, 87, 88, 91, 97, 100, 106
بمبئي پريزيڊنسي 55, 109
بنگال 36, 92
بي وي ايس ماما 46
بيگاري 53
بينڪس 103
بيوروڪريسي 82, 86, 87, 88, 92, 93, 107, 117, 133, 134
ٻ
ٻانڀڻ 42
ڀ
ڀائي وربانجي سوپاري 46
ڀرچونڊي پير 42
ڀٽائي جا گادي نشين 42
ڀٽه 42
ت
تربيلا ڊيم 51, 107
ترڪي 26
تعليم 10, 11, 12, 13, 15, 16, 26, 27, 29, 31, 35, 36, 39, 40, 41, 42, 43, 45, 46, 47, 48, 64, 65, 66, 69, 70, 72, 73, 77, 79, 83, 84, 85, 87, 92, 95, 98, 99, 109, 116, 119, 128, 152, 154, 155, 158, 159, 160, 161, 163, 164, 165, 167, 170, 174, 178, 179, 180, 182, 183, 184
تونسه 27, 51, 105
تونسه بئراج 53, 151, 179
تيل 27, 101, 102
ٽ
ٽاسڪ فورس 148
ٽالپر مير 42, 56
ٽالپر نواب 42
ٽربيونل 50
ٽي واه 49
ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ڪاليجز 179
ث
ثناء الله شاه ايم ڊي ۽ سي اي او 103

پ
پارسي شاگرد 46
پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ 103
پاڪستان سيڪريٽريٽ 142, 144
پاڳارا 42
پراسيڪيوشن انسپيڪٽر 175
پروپيگنڊا 146
پرويز جوڻيجو 158
پليسمينٽ بيورو 125
پنجاب گريٽر ٿل ڪئنال 77
پنجند لنڪ ڪينال 51, 105, 151
پنهور 42
پنياري 53
پهاڙ پور ڪينال 49
پوک 68, 134
پولٽ بيورو 29, 66, 67
پي پي ايل 103
پيپلز ميڊيڪل ڪاليج 179
پيمرا 103
پٽ فيڊر 53
ج
جتوئي 42
جسٽس آغا رفيق 157
جسٽس عبدالحي قريشي 156
جلباڻي 42
جمالي 42
جميعت 151
جميل احمد ڀٽو 157
جمڙائو ڪئنال 74
جناح بئراج 52, 53
جنرل رخمان گل 97
جنرل ضيا 153
جنرل مشرف 138, 153
جنرل موسيٰ 106
جهلم لنڪ ڪينال 51, 105, 151
جوائنٽ سيڪريٽري 94, 138, 140, 141
جوڻيجا 42
جي ايس 122, 141, 155
جي ايم سيد 42, 58, 59, 61, 62, 63
جي ڊي ميمڻ 138
جي. فريز 63
جيزز ميري اسڪول 46
جيڪب آباد 27, 41, 42, 157
جيلاني گادي نشين 42
جيننگز اسڪول 46
ڄ
ڄاموٽ 42
چ
چاچڙن 42
چانگ 42
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج 116, 179
چانڊيه 42
چرس ۽ ڀنگ 131
چشما 51, 53
چشمه بئراج 53, 105, 151, 179
چيئرمين زاهد مظفر 102
چيف سيڪريٽري 134
چيلاسنگهه 45
ح
حاجي غلام جعفر ڄامڙو 3
حامد فاروقي 102
حبيب الله ڀٽو 25
حر تحريڪ 58
حسن علي آفندي 44
حضرت موسيٰ 78
حقوق العباد 165
حيدرآباد 41, 42, 44, 47, 60, 97, 100, 153, 157, 179
خ
خان بهادر الله بخش سومرو 56
خيرپور رياست 41, 92
خيرپور يونيورسٽي ڪيمپس 116
د
دارالحڪومت 137
دهلي 38, 39
دوآب ڪينال 49
ديره غازي خان 27
ديوان ڀوج سنگه 56
ڏ
ڏهرن 42
ڏوڪري 44
ڊ
ڊاڪٽر اختر نظير 102
ڊاڪٽر اي قيو افغان 156
ڊاڪٽر ايس ايم قريشي 156
ڊاڪٽر تنوير احمد قريشي 103
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 157
ڊپٽي سيڪريٽري 94, 140, 141
ڍ
ڍل 122
ذ
ذوالفقار احمد 173
ر
رائو ڪميشن 50
راجن پور 27
راڄپر 42
راڻو چندرسنگه 42
راڻيپور 42
ربيع 51, 53
رسول بخش بلوچ 157
رفيق آخوند 158
رن آف رور ڊيم 51
رومن ڪيٿلڪ چرچ 46
ز
زاهد مير 102
زبور 33
زراعت 35, 39, 40, 49, 50, 52, 68, 73, 74, 75, 119
زرداري گروپ 125
زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام 116
زيارت 89
زيڊ اي چنه 138
س
ساجد محمود قاضي 103
سدنائي 49
سر غلام حسين هدايت الله 56
سر هدايت الله غلام حسين 56
سرائيڪي 82, 86
سرڪي 42
سروس ريفارمز 115, 134, 151
سفارش 13, 63, 70
سک 37, 166
سکر 27, 40, 41, 42, 45, 47, 50, 58, 68, 69, 72, 74, 90, 97, 110, 157
سکر بئراج 39, 53, 68
سلمان اختر چيئرمين 103
سليم گل شيخ 157
سمان 42
سندراڻي 42
سنڌ اسيمبلي 20, 55, 56, 57, 58, 63, 68, 104, 108, 149
سنڌ تاس معاهدي 53
سنڌ ممبئي پبلڪ سروس ڪميشن 72, 100
سنڌ ميڊيڪل ڪاليج 116
سنڌ هندو مهاسبا 56
سنڌ ويزن 17, 18, 19
سنڌوندي 39, 49
سنڌي سيڪريٽري 140, 141, 156
سومرا 42
سي ايم ايل اي 150
سي پي 36, 39
سيالڪوٽ 27, 43
سيتل داس 45
سيد 17, 42, 45, 56, 61, 62, 83
سيد صبغت الله شاه راشدي 58, 60
سيد ظفر شاهه 17
سيد ميران محمد شاهه 56
سيڪشن آفيسر 140, 141, 182
سينٽ پئٽرڪ 46
سينٽ سيويئراسڪول 47
سينٽ ميري ڪنوينينٽ 46
ش
شارٽ ڪٽ 124
شاه 15, 17, 42, 45, 60, 62, 100
شاه عبدالطيف يونيورسٽي 179
شاه مردان شاه 60
شجاع شاه 157
شريف بلوچ 158
شڪارپور 27, 41, 45, 46, 156, 157, 158
شهادت 121
شهزادو شيخ 158
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 26
شهيد راڻي 125
شيخ عبدالمجيد سنڌي 56
شير افگن خان 102
شير محمد بلوچ 138
ص
صدر اسڪندر مرزا 150
صدورو شيخ 152
صنعتي 49, 91, 184
ظ
ظفر مسعود 102
ع
عام ڪچهري 124
عبدالغفار سومرو 138, 158
عبدالڪريم لوڌي 158
عبدالله ميمڻ 96
عبدالله هارون 58
عبدالوهاب شيخ 157
عثمان علي عيساڻي 96, 156
علي محمد شيخ 157
علي مردان راهوجو 19
عليڳڙه يونيورسٽي 83
غ
غلام حسين هدايت الله 62
غلام حيدر شاه 61
ف
فرعون 78, 136
فضل الله قريشي 156, 157
فقير محمد لاشاري 30
فيض کوسو 15
فيلڊ مارشل 150
فٽبال 47
ڦ
ڦليلي 53
ق
قائدِ اعظم محمد علي جناح 26
قاضي 42, 87, 138, 139, 156
قلندر جا گادي نشين 42
قنڌارون جوکو 118
ڪ
ڪاپي ڪلچر 11, 21, 44, 70, 152, 154, 155, 160, 161, 163
ڪٽزرا 51
ڪراچي 25, 32, 41, 45, 46, 50, 51, 55, 77, 89, 90, 91, 92, 97, 98, 99, 100, 149, 153, 158, 179
ڪراچي پورٽ ٽرسٽ 90
ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج لاهور 43
ڪهي 141, 182
ڪوئلي 27
ڪوٽه سسٽم 36
ڪوٽڙي 50, 51, 53, 90, 107, 151
ڪوٽڙي بئراج 50, 51, 53, 107, 178
ڪي بي رند 157
ک
کهاوڙ 42
کهڙا 42
کوسه 42
گ
گئس 27
گجرات 27
گجرانوالا 27
گريٽر ٿل ڪئنال 31
گل محمد رند 138, 157
گمبٽ جا پير 42
گهوٽڪي فيڊر 53
گورنمينٽ ڪاليج لاهور 43
گورڊن ڪاليج راولپنڊي 43
گڊو بئراج 106, 107, 178
ل
لائبريريون 27, 164
لاڙڪاڻي 27, 42, 44
لُنڊن 42
لوئر جهلم 49
لوئر چناب 49
لئنسڊائون پل 90
لياقت علي 91, 92, 95, 161
ليٽرل انٽري 138, 139
ليڊي ريڊنگ هاسپيٽل پشاور 43
م
مارشلا 110, 112, 121, 149, 150, 151, 153, 154
ماروئڙن 28, 64, 83, 98
ماڙي گيس ڪمپني 103
محب الله شاه 96, 157
محمد ابراهيم جويو 172
محمد ايوب شيخ 158
محمد ايوب کهڙو 58, 62
محمد جمن ڄامڙو 3, 14, 28, 33, 138, 157
محمد ساجد فاروقي 103
محمد صديق ميمڻ 157
محمد طارق 103
محمد عالم بلوچ 157
محمد عثمان ڏيپلائي 60
مراد هاءِ اسڪول 42
مڇي 114, 121
مڊل ڪلاس 10, 11, 12, 13, 20, 21, 27, 28, 32, 33, 76, 77, 79, 80, 84, 109, 110, 111, 112, 115, 151, 178, 179, 181, 182, 183, 184
مزاري 42
مسيت 41
مسٽر رياض شيخ 101
مشنري اسڪول 46
مظفر حسين 156
مظهرالحق صديقي 157
مغلن 39
مغيري 42
مگسي 42
ملڪ سڪندر 42
ملٽري سروس 39, 86
ممبئي ليجسليٽو اسيمبلي 57
ممتاز شاهه 158
مندر 41
منظور مقصود شيخ 156
منگلا ڊيم 51, 54, 105, 107
منير قريشي 138, 156
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي 116, 179
مهرن 42
موئن جو دڙو 154
مومن علي شاهه 22
ميان اسد حئي الدين 103
ميان اسد محئي الدين 102
ميان والي 27
ميجر جنرل رٽائرد سهيل احمد خان 102
مير بنده علي ٽالپر 56
مير علي نواز ناز خيرپور 45
ميرٽ 93, 116, 123, 154, 155, 177
ن
نادر شاه 45, 60
نارائڻ جگنناٿ وئيدنيا 46
ناز هاءِ اسڪول 42
نانگ به مري لٺ به بچي 130
نجم الدين شيخ 157
نرگس گهلو 156
نظاماڻي 42
نظر محمد شيخ 157
نظر محمد مهر 157
نواب شاه ميڊيڪل ڪاليج 116
نورمحمد لاکير 44
نورمحمد هاء اسڪول 44
نوشهري 27
نويد ڪامران بلوچ 157
نيپرا 103
و
وائسراءِ هند 50
ورلڊ بينڪ 50, 105
وساڻ 42
ون يونٽ 35, 51, 53, 55, 69, 84, 96, 98, 99, 100, 104, 105, 106, 134, 138, 150, 178
وهاب جروار 32
ه
هائوسنگ سوسائٽيز 154
هاشم گزدر 62
هالا جا گادي نشين 42
هڪ سج ٻه پاڇا 122
هندستان 36, 37, 38, 39, 41, 43, 46, 50, 58, 59, 63, 64, 66, 73, 79, 82, 84, 85, 87, 89, 90, 92, 95, 105, 106, 149, 178
هندو 37, 40, 41, 44, 46, 47, 48, 57, 58, 59, 68, 79, 82, 83, 84, 85
هوائي اڏي 90
ي
يهودي 46, 65, 66
يوپي 36, 39
يوسف هارون 61, 62
يونس ڌاڳا 158ڌ
C
CSS 15
D
DMG 15
P
PIA 15

Annex VII

---

OFFICERS APPOINTED TO THE CSP

OFFICERS APPOINTED TO THE CSP ON THE BASIS OF A COMPETITIVE EXAMINATION CONDUCTED BY THE CENTRAL/FEDERAL PUBLIC SERVICE COMMISSION (NAMES IN ORDER OF MERIT)


1948 Batch
1. V.A. Jaffery
2. Mehdi Hasan
3. Abdul Qayyum
4. Mahmud Shah
5. A.R. Bashir
6. M.A. Haq
7. Aslam Abdullah Khan
8. Ghulam Yazdani Malik
9. S. Azam Ali
10. M. Nusrat Hasan
11. Shaukat Baksh Awan
12. A.O. Razi ur Rehman (East Pakistan)
13. Ali Hasan (East Pakistan)
14. Sajidul Bar Chaudhry (East Pakistan)
15. Zahuruddin Azari
16. Mumtaz Ahmed
17. M.A.K. Baig
18. Mahmud Ahmed Soofi
19. Azizullah Hasan


1949 Batch
1. Shafi ul Azam (East Pakistan)
2. Enver Adil
3. A.M.K. Mazari
4. Aftab A. Khan
5. Mukhtar Masud
6. Roedad Khan
7. I.A. Imtiazi
8. Darbar Ali Shah
9. A.K.M. Ahsan (East Pakistan)
10. Masrur Hasan Khan
11. M.H. Chaudhry (East Pakistan)
12. M. Karamat Ali (East Pakistan)
13. S. Munir Hussain
14. Al-Mamoon Sanaul Haq (East Pakistan)
15. Ahmed Fazal ur Rehman
16. M.H. Rizvi
17. Aslam Awais
18. Abdul Ahsan (East Pakistan)
19. Ruhul Quddus (East Pakistan)
20. A.K. Datta Chaudhry (East Pakistan)
21. A.K.M. Musa (East Pakistan)
1950 Batch
1. S.M. Qasim Rizvi
2. S. Mujtaba Hussain Zaidi
3. Mahboob Hasan
4. Iqbal Masud
5. Abid Hussain
6. S.M. Nasim
7. Allauddin Ahmed (East Pakistan)
8. Saeed Ahmed
9. Abdul Khair (East Pakistan)
10. Hafiz ur Rehman Malik (East Pakistan)
11. Rafiq Inayat Mirza
12. Abdul Majid Mufti
13. Kafil ud Din Mahmud (East Pakistan)
14. M. Masih uz Zaman (East Pakistan)
15. Burhan ud Din Ahmed (East Pakistan)
16. S.M. Usman
17. Wajih ud Din Ahmed
18. Iftikhar Ahmed Khan (East Pakistan)
19. M. Noor ul Islam
20. Abdul Latif Malik
21. S. Muhammad Hussain
1951 Batch
1. Mansoor Ziamur Rehman
2. Abdul Latif Anwar
3. Shafi ur Rehman
4. M.Z.A Temuri
5. Muhammad Muhsin
6. Muhammad Arif Siddique (East Pakistan)
7. Muhammad Shamsur Rehman (East Pakistan)
8. Malik ur Rehman (East Pakistan)
9. A. Kareem Iqbal (East Pakistan)
10. Mahmood Iqbal
11. Muhammad Aslam Bajwa
12. Ross Masud Hussain
1952 Batch
1. M. Zia ud Din Khan
2. Iqbal Hussain
3. Syed Munir Hussain
4. Hassan Nawab (East Pakistan)
5. A.Z Farooqui
6. M. Jamshed Raza ur Hashim (East Pakistan)
7. Wajid Ali Khan (East Pakistan)
8. Ishar ul Haq
9. Sheikh Akram Mahmud
10. S.M. Askari Kazmi
11. Fazal ur Rehman Khan
12. M. Masud Zaman
13. Masood Nabi Nur
14. S.M Wasim
15. Sabir Raza Karim (East Pakistan)
16. Muhammad Mad ul Islam (East Pakistan)
17. Muhammad Alauddin (East Pakistan)
1953 Batch
1. Muhammad Siddique Chaudhry
2. Zafar Iqbal
3. Saad Saeed Jan
4. Amjad Ahad Sheikh
5. Asif Rahim
6. Hahib ur Rehman (East Pakistan)
7. Javed Ahmed Mirza
8. Hilal ud Din Ahmed Chaudhry (East Pakistan)
9. Asad Ali Shah
10. Muhammad Abdul Bari
11. Karim ur Rahim
12. Mufteen Ahmed (East Pakistan)
13. Imran Shah
14. Amin Islam Chaudhry (East Pakistan)
15. Muhammad Syed Ali (East Pakistan)
1954 Batch
1. Muzaffar Ahmed Ashraf
2. Sami Qureshi
3. Akhlaq hussain
4. Hassan Zaheer
5. Syed Askari Taqvi
6. Jamil Ahmed
7. Nasrum-Minallah
8. Bilal Haider Zaidi
9. Faeeh Khan Bandial
10. Maqbool Ahmed Sheikh
11. Mustafa Husnain Zahid
12. Mahbub uz Zaman (East Pakistan)
13. Noor Muhammad (East Pakistan)
14. Muhammad Yousaf
15. Alamdar Raza
16. Muhammad Majeeb ul Haq (East Pakistan)
17. Walayat Ahmed
18. Qazi Jalal ud Din Ahmed (East Pakistan)
19. Masud ur Rauf
20. Qazi Muhammad Musharraf Hussain (East Pakistan)
21. Muhammad Pear Ali Nazir (East Pakistan)
22. Kawaja Muhammad Ahmed Samdani
23. Burhan Ali Abbas
24. Shahab ud Din Ahmed (East Pakistan)
25. Irshad Ahmed
1955 Batch
1. Muhammad Humayun Khan
2. Saeed Ahmed Qureshi
3. Sultan uz Zaman Khan (East Pakistan)
4. Aslam Iqbal
5. Muhammad Tariq Siddiqui
6. Zaheer ud Din Ahmed (East Pakistan)
7. Siraj Yousaf Khan
8. Mushtaq Ahmed Sethi
9. Awais Mustafa Qarni
10. Bashir Ahmed
11. Jameel ur Rehman Khan
12. Syed Khalid Mahmood
13. Muhammad Mansoor Karim
14. Aneesuddin Ahmed (East Pakistan)
15. Muhammad Ibrahim Khalil
16. Shoaib Sultan Khan
17. Syed Sohail Ahmed (East Pakistan)
18. Qazi Zakir Hussain (East Pakistan)
19. Abdul Hayet Fazal Kader Siddiqui (East Pakistan)
1956 Batch
1. Kazi Fazal ur Rehman (East Pakistan)
2. Salahuddin Ahmed (East Pakistan)
3. Abul Mal Abdul Muhish (East Pakistan)
4. Safdar Hussain
5. Muhammad Rafique
6. Muhammad Asad
7. Ahmed Rashid Siddiqui
8. Ghulam Rabbani (East Pakistan)
9. Syed Shahid Hussain
10. A.B.M Ghulam Mustafa (East Pakistan)
11. Muhammad Zaki Azam (East Pakistan)
12. Mujib ur Rehman Khan
13. A.S.H. Kadar Siddique (East Pakistan)
14. Khurshaid Anwar (East Pakistan)
15. Amir Yousaf Ali Khan
16. Muhammad Saeed uz Zaman (East Pakistan)
17. Sajjad Ahmed
18. Sajjad ul Hassan
19. K.G.M Latiful Bari (East Pakistan)
20. Saeed Ahmed
21. A.M. Anees uz Zaman (East Pakistan)
1957 Batch
1. A.Z.M Obaid Ullah Khan (East Pakistan)
2. Ahmed Sadiq
3. Rafiq Abdullah Akhund
4. Khan Zaman Durrani
5. Salahuddin Qureshi
6. Muhammad Humayun Ellahi
7. Muhammad Arshad Malik
8. Khalid Mahmud Chima
9. Imtiaz Ahmed Khan
10. Muhammad Anwar Zahid
11. Muhammad Khalil ur Rehman (East Pakistan)
12. Kunwar Idrees
13. Shahjahan Syed Karim
14. Syed Abdul Wasay Moini
15. Abdul Rab Chaudhry (East Pakistan)
16. Salim Abbas Jillani
17. Khorshid Alam (East Pakistan)
18. Muhammad Siddiq ur Rehman (East Pakistan)
19. M.S. Haque Chisti (East Pakistan)
1958 Batch
1. Headayat Ahmed (East Pakistan)
2. Muzaffar Ahmed
3. Misbah ul Islam (East Pakistan)
4. Mufti Musud ur Rehman
5. Mian Basharat Rasool
6. Fazal Elahi Malik
7. Muhammad Ali (East Pakistan)
8. A.F.M Lutfur Rahman Khan (East Pakistan)
9. M. Munir uz Zaman (East Pakistan)
10. Abdul Sattar
11. Muzaffar Qadir
12. Aziz ul Jalil (East Pakistan)
13. Parvez Ahmed Butt
14. A. Murshed (East Pakistan)
15. Humayun Faiz Rasul
16. Qazi Azhar Ali (East Pakistan)
17. A. K. M Kamal ud Din Chaudhry (East Pakistan)
18. Syed Muhammad Hasan
19. Hidayat Hussain
20. Abdul Karim Lodhi
21. Syed Sardar Ahmed
22. Syed Sarfraz Ali Shah
23. Muhammad Abdul Rashid
24. Atta ur Rehman Usman (East Pakistan)
1959 Batch
1. Muhammad Ameer uz Zaman (East Pakistan)
2. Mubashir Muhammad Khan
3. A. K. M. Hadayat ul Haq (East Pakistan)
4. Abdul Samad (East Pakistan)
5. Hamid Eusuf
6. Tarik Saeed Jaffery
7. Imtiaz Ahmed Sahibzada
8. Khalid Javed
9. Haroon ur Rashid (East Pakistan)
10. Muhammad Mashood Usmani
11. Jamil Haider Shah
12. Asif Ali Sheikh
13. Asif Fasihuddin Vardaq
14. Shaikh Maqsood Ali (East Pakistan)
15. Anwer Shamim Ahmed
16. Abul Faiz Muhammad Yahya (East Pakistan)
17. Shafi ul Alam (East Pakistan)
18. Abdus Salam
19. M. Ayub ur Rehman (East Pakistan)
20. Nurul Islam Khan (East Pakistan)
21. Khoondkar Mehboob-e-Rabbani (East Pakistan)
22. Mir Mustafeez ur Rehman (East Pakistan)
23. Ahmed Fariduddin (East Pakistan)
24. Tariq Khan
25. Savaik Rustom Poonegar
26. Agha Rafique Ahmed
1960 Batch
1. M. Mukammal ul Haq (East Pakistan)
2. Shahid Javed Burki
3. Muhammad Hamid
4. Akhtar Hassan Khan
5. Mubashir Lall Khan
6. Muhammad Lutfullah
7. Muhamad Zafar Ullah
8. Mazhar Rafi
9. Viqar Rustam Bakhshi
10. Abdul Muffazal Abdur Rahim (East Pakistan)
11. Saadat Hussain Khan
12. A.T.M Shams ul Haq (East Pakistan)
13. Syed Hasan Ahmed
14. Munzoor ul Hassan
15. Khondkar Asad ur Zaman (East Pakistan)
16. Enam Ahmed Chaudhry (East Pakistan)
17. Nasim uddin Ahmed (East Pakistan)
18. Nurun Nabi Chaudhry (East Pakistan)
19. Ekram Hussain (East Pakistan)
20. Ijaz Malik
21. Islam Bahadur
22. Muhammad Abu Syed
23. Ahad Jan
24. Allah Bakhsh Abdul Rasool Soomro
1961 Batch
1. Muhammad Ahmed
2. Javed Talar
3. Abdul Hameed
4. Abu Nasar Mohammad Easuf (East Pakistan)
5. Hosain Taufiq Imam (East Pakistan)
6. Haji Muhammad Akram
7. Javed Burki
8. Muhammad Nural Amin Khan (East Pakistan)
9. Javed Ahmed Qureshi
10. Muhammad Asafuddowlah (East Pakistan)
11. Taufiq Fehmi
12. Masud Ahmed (East Pakistan)
13. Syed Shamim Ahsan (East Pakistan)
14. Muhammad Ashiq Siddiqui
15. Muhammad Rafiqullah Chaudhry (East Pakistan)
16. Arshad Farooq
17. A.K.M Nurul Islam (East Pakistan)
18. Muhammad Nurul Quader Khan (East Pakistan)
19. Muhammad Sirajuddin (East Pakistan)
20. Rafique Hussain Agha
21. Mahbub Ahmed
22. Adnan Ahmed Ali
23. Jalaluddin Ahmed (East Pakistan)
1962 Batch
1. Muhammad Munwarul Islam (East Pakistan)
2. Muzaffar Muhmud Qureshi
3. Hamid Ahmed Qureshi
4. Anisuzzaman Khan (East Pakistan)
5. Farooq Ayub
6. Ahmed Maqsood Hameedee
7. Sarshar Ahmed Khan
8. Rashidul Hassan (East Pakistan)
9. Asad Parvez Shah
10. Mansur Ahmed (East Pakistan)
11. Manzurrul Kazim (East Pakistan)
12. Khalid Ahmed
13. Farid Rehman
14. Shamim Ahmed Khan
15. Aminul Islam (East Pakistan)
16. Rashidul Raza Faruqui (East Pakistan)
17. Abu Zafar Muhammad Nasiruddin (East Pakistan)
18. Javed Salim Khan
19. A.K.M Shamsul Haq Khan (East Pakistan)
20. Quazi Habibul Haque (East Pakistan)
21. Azimuddin Ahmed (East Pakistan)
22. Muhammad Azizul Haq (East Pakistan)
23. Muhammad Azam Khan
24. Muhammad Hasimur Rehman (East Pakistan)
1963 Batch
1. Khan Yusuf jamal
2. Fakhuruddin Ahmed (East Pakistan)
3. Tariq Muhammad Amin
4. Iqbal Mueen
5. Mohammad Parvez Masud
6. Ghulam Fariduddin Riaz
7. Ehsanul Haq
8. Saghir Asad Hassan
9. Firozuddin Ahmed
10. Muhammad Azhar
11. Akhtar Said
12. Syed Ahmed (East Pakistan)
13. Ataul Haq (East Pakistan)
14. Nazem Ahmed Choudhry (East Pakistan)
15. Razzaque Mohammad Ishaque
16. Zaheer Sajjad
17. Ahmed Abdur Rauf
18. Abu Hena (East Pakistan)
19. Muinuddin Ahmed
20. A.M Nurul Islam (East Pakistan)
21. Iftikharuddin
22. Muhammad Abdul Malik (East Pakistan)
23. Syed Abbas Hussain Shah
24. Nurududdin Ahmed Al Masud (East Pakistan)
25. Sajjad Hussain
26. Zafar Mahmud
27. Anisur Rehman (East Pakistan)
1964 Batch
1. Muhammad Khalid Shams (East Pakistan)
2. Ibrar Hussain
3. Mohammad Arif
4. Farooq Ahmed Khan Leghari
5. Inam ul Haq
6. Qazi Shamsul Alam (East Pakistan)
7. Choudhri Mueen Afzal
8. Shahid Hamid
9. Mohammad Afzal Kahuz
10. Shakeel Ahmed
11. Mian Tayyab Hasan
12. Hassan Raza Pasha
13. Quazi Mohammad Muneer ul Maula (East Pakistan)
14. A.R. Mirza Mohammad Azizul
15. Islam (East Pakistan)
16. Abu Yousaf Mufteh ur Rehman
17. Osrmany (East Pakistan)
18. Mohammad Amjad
19. A.Z.K Sherdil
20. Qudrat-e-Elahi Choudhary (East Pakistan)
21. Javed Altaf
22. Mohammad Lutfullahil Majid (East Pakistan)
23. Mohammad Kaleem
24. Muhammad Ali (East Pakistan)
25. Shamsher Ali Khan
26. Shahid Latif (East Pakistan)
27. Mushfequr Rehman (East Pakistan)
28. Abdullah J. Memon
29. Muhammad Zubair Kidwai
30. Sayed Ahmed Siddiqui
31. Muhammad Enamul Haq (East Pakistan)
32. Saifuddin Ahmed (East Pakistan)
33. Shaukat Ali Sheikh
34. Sultan Akbar Mohammad
35. Abul Hashem (East Pakistan)
1965 Batch
1. Mahiuddin Mahmood Hafiz (East Pakistan)
2. Abul Hassan Mohammad Abdul Hye (East Pakistan)
3. A.K.M Mashiur Rehman (East Pakistan)
4. Hafeezullah Ishaq
5. Syed Javed Iqbal Bukhari
6. Jiwan Khan
7. Fariduddin Ahmed
8. Syed Muhammad Hussain (East Pakistan)
9. Zafar Altaf
10. Mohammad Faizullah (East Pakistan)
11. Muhiuddin Khan Alamgir (East Pakistan)
12. Syed Shahid Hussain
13. Abu Shamim Mohammad Arif (East Pakistan)
14. Mohammad Abdul Rashid (East Pakistan)
15. Syed Abdus Samad (East Pakistan)
16. Tanwir Ahmed
17. Muhammad Abdul Hakim (East Pakistan)
18. Muhammad Zafarulah Khan
19. Muhammad Akhtar Ali (East Pakistan)
20. Syed Anwar Mahmud
21. Mohammad Haroonur Rashid (East Pakistan)
22. Mohammad Javed Masud
23. Muhammad Irshadul Haq (East Pakistan)
24. Tasneem Ahmed Siddiqui
25. A. Waheed Kazi
26. Mohammad Nazrul Islam (East Pakistan)
27. Muhammad Falul Hasan Yusuf (East Pakistan)
28. Ahmed Saleem Akbar
29. Syed Roshan Zameer
30. Nazar Abbas Siddiqui
1966 Batch
1. Muhammad Riyazul Haq
2. A.K.M. Jalaluddin (East Pakistan)
3. Tariq Saeed Haroon
4. Muhammad Farashuddin (East Pakistan)
5. Choudhary Muhammad Shafi Sami (East Pakistan)
6. Javed Akram
7. Nasim Waqar Ahmed
8. Anwar Kabit Sheikh
9. Imtiaz Javed
10. Imtiaz Masrur
11. Mohammad Iqbal
12. A.T.M Shamiul Hada (East Pakistan)
13. A.M.M Shawkat Ali (East Pakistan)
14. Sikandar Hayat Jamali
15. Muhammad Rafiul Karim (East Pakistan)
16. Muhammad Nisar ul Hamid
17. Chaudhry Muhammad Ashraf
18. Saleem Murtaza
19. Habibun Nabi Ashiq ur Rehman (East Pakistan)
20. Akbar S. Ahmed
21. Khalid Mahmud Ahmed
22. Abul Hasnat Mofaz Karim (East Pakistan)
23. Mohammad Mahe Alam (East Pakistan)
24. Syed Muhibullah Shah
25. Alamgir E. Chaudhry (East Pakistan)
26. Safiur Rehman (East Pakistan)
27. Abdullah Haroon Pasha (East Pakistan)
28. Belal Ahmed Khan
29. Muhammad Mokhlesur Rehman (East Pakistan)
1967 Batch
1. Shahid Saadullah (East Pakistan)
2. Mizanur Rehman (East Pakistan)
3. A.B.M Abdush Shakoor (East Pakistan)
4. Iqtidar Ahmed Chaudhri
5. Aminullah Chaudhry
6. Tariq Sultan
7. Saeedullah Jao
8. Abdullah
9. Shah Mohammad Farid (East Pakistan)
10. Ali Kazim
11. Mohammad Saeed Mehdi
12. Akbar Ali Khan (East Pakistan)
13. Khashruzzaman Choudhry (East Pakistan)
14. Mamun-ur-Rashid (East Pakistan)
15. Kazi Rakibuddin Ahmed (East Pakistan)
16. A.K. Shamsuddin (East Pakistan)
17. Abdul Hamid Choudhry (East Pakistan)
18. Wali-ul-Islam (East Pakistan)
19. Abdul Muyeed Choudhry (East Pakistan)
20. Syed Raziul Hayat (East Pakistan)
1968 Batch
1. Shahid Aziz Siddiqui
2. Naveed Asif
3. Salik Nazir Ahmed
4. Tasneem Noorani
5. Agha Ghazanfar
6. Shafqat Edhi Shah
7. Taufiq-e-Elahi Choudhry (East Pakistan)
8. Mirza Qamur Beg
9. Nawid Ahsan
10. Javed Musharraf
11. Yusuf Kamil
12. Iftikhar Hussain (East Pakistan)
13. M.M. Raza (East Pakistan)
14. Kamaluddin Siddiqui (East Pakistan)
15. Toufiq Ali (East Pakistan)
16. Ahbab Ahmed (East Pakistan)
17. Syed Marghub Murebal (East Pakistan)
18. Ziauddin Mohammad Choudhry (East Pakistan)
19. Ismail Rahim (East Pakistan)
20. K.M.E Ejazul Haq (East Pakistan)
1969 Batch
1. Ejaz Rahim
2. Iftikhar Ahmed Chaudhry (East Pakistan)
3. Asad Ali Shah
4. Sulaiman Salim
5. Mahboob Hussain Khan (East Pakistan)
6. Shahid Amjad
7. Hafeez Akhtar
8. Abdur Rashid Khan
9. Haroon Siddique
10. Khalid Aziz Khan
11. A.R.M Saiful Haq (East Pakistan)
12. Iqbal Sobhan (East Pakistan)
13. M. Akmal Hussain (East Pakistan)
14. Muhammad Abdul Manan (East Pakistan)
15. M. Choudhry Yusuf Ahmed (East Pakistan)
16. Mohammad Javed Ashraf Hussain (East Pakistan)
17. Ayub Quadri (East Pakistan)
18. Anisul Haq Choudhary (East Pakistan)
19. Saadat Hussain (East Pakistan)
20. Zaidi Sattar(East Pakistan)
1970 Batch
1. Tariq Farook
2. Zahid Hamid
3. Rustam Shah Mohammad
4. Hamid Rehman
5. Najam Hasan
6. Shahzad Hassan Parvez
7. Farooq Nazir Haroon
8. Anwar Saifullah Khan
1971 Batch
1. Mohammad Shakil Durrani
2. Ziaul Islam
3. Hussain Hamid
4. Mohammad Ayub
5. Khawaja Zaheer Ahmed
6. Javed Sadiq Malik
7. Syed Massud Alam Rizvi
1972 Batch
1. Arif Zulfikar
2. Kamran Rasool
3. Syed Jaleel Abbasi
4. Gulzar Khan
5. Khalid Saeed
6. Ghiasuddin
7. Ejaz Ahmed Qureshi
8. Tariq Javed Banuri
9. Kamran Aslam Khan



NOTES:
• Indicate those officers who were recurited on East Pakistan quota, and who chose to opt for Pakistan after the emergency of Bangladesh.
• Seniority in each batch fixed on the basis of Entry and Final Passining Out Examinations both conducted by FPSC.
• After 1970, no inductions were made from
East Pakistan.

CSP OFFICERS INDUCTED FROM THE ARMED FORCES

CSP OFFICERS INDUCTED FROM THE ARMED FORCES WITHOUT RECOURSE TO FPSC


1. Capt. U.A.G Isani
2. Capt. Iftikhar Ahmed Sahibzada
3. Lt. Cdr A.A. Naseem
4. Capt. Rahatullah Khan Jarral
5. Capt. Omar Khan Afridi
6. Capt. Jamshed Burki
7. Capt. Arshad Farid
8. Capt. Aftab Ahmed Khan
9. Capt. Raza Ali
10. Capt. Abdul Qayyum Khan
11. Capt. Khalid Ahmed
12. Capt. Ashraf Rashid Siddiui
13. Capt. Hayat Ullah Khan Sumbal
14. Capt. Syed Naseer Ahmed

President’s House, Karachi

President’s House,
Karachi.

7th October 1958.


My dear Sir Firoz,

After very careful searching of the heart I have come to the conclusion that the country cannot be sound unless I take fully responsibility and take over the administration. The Constitution of the 23rd March 1956 is not only unworkable but dangerous to the intergrity and solidarity of Pakistan. It we go on trying to work it we will have to say good bye to Pakistan.

As Head of State, therefore, I have decided to abrogate the Constitution, take over all powers, disolve the assemblies, the Parilament and the Central and Provincial Cabinets. My only regret is that this drastic revolutionary I have to take while you were Prime Minister. By the time you get this letter Martial Law will come into operation and General Ayub whom I have appointed as the Chief Marial Law Administrator will be in position.

For you personally I have great regard and will do all that is necessary for your personal happiness and well-being.

Yours sincerely,

Sd. Iskandar Mirza

Malik Firoz Khan Sahib,
Prime Minister’s House,
KARACHI.


(Contributed by: Malik Adnan Hayat Noon)

پاڪستان جي آرمڊ فورسز جي اعليٰ آفيسرن جو تفصيل

Chief of Naval Staff (Pakistan Navy)

 

Naval Commander In Chief (Pakistan Navy)

 
Chief of Air Staff (Pakistan Air Force)



Commander In chief (Pakistan Air Force)

 

Commander In chief (Pakistan Army)

 

Chief of Army Staff (Pakistan Army)


End